ڪتاب جو نالو: توبن ڪهڙا ڇانورا
مصنف: اياز گل
ڇپائيندڙ: پبلشر بابت ڄاڻ موجود ناهي
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 1992
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 03 جنوري 2017 ع
پڙهيو ويو: 738 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 392 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
اياز گُل سنڌ جي انهن خوبصورت شاعرن مان هڪ آهي جن پنهنجي غزل سان ماڻهن کي موهيو آهي۔ سندس شاعريءَ جي هن ڪتاب ” تو بن ڪهڙا ڇانورا ” ۾ غزل، گيت، وايون، نظم، هائيڪا، ترايل ۽ ٽسٽا شامل آهن۔ ڪتاب جو مهاڳ محترم شيخ اياز جو لکيل آهي۔ شيخ اياز لکي ٿو:
”اياز گل جي شاعري پنهنجي ڌرتيءَ جي پيدائش آهي. اها فارسي بحر وزن جي مشاقيءَ تي نه ٿي تڳي. ان کي هڪ انوکي خوشبوءِ آهي، جا نم جي ٻور ۾ ٿيندي آهي ۽ ان کي هڪ الڳ رنگ آهي، جو پڪل پيرُن ۾ ٿيندو آهي. جي هن مشق قلم جاري رکي، ته ڪنهن وقت هن جي شاعري، فن جو اهي بلنديون ڇهندي، جا ڳالهه ٿورن شاعرن کي نصيب ٿيندي آهي. هو بنيادي طور تي غزل جو شاعر آهي، پر هن جو غزل پيوند ٿيل نه آهي، از خود هن ڌرتيءَ مان اسريو آهي.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • گذارش
  • منهنجا خواب : اياز گل
  • ڪوئي گل ڦٽو، منهنجي ٽاريءَ مان : شيخ اياز
  • غزل

  • چنڊ نه آهي ڇاهي تارا جاڳن ٿا
  • هر لمحو شمشان جيان آ
  • ڄار هو، ڄاڻ ۾ يار! ڦاسي وئين
  • ٻٽو غزل
  • هر زهر کي پي وئي آ زندگي
  • تنهنجا ڌرتي ڌراڙ جاڳيا هن
  • آئينو ٿو ڏسان ته گھائن ٿا
  • سوچ جو قتل عام آ، جيون
  • دانهن بڻائيندين ڪڏهن تون گھر گھر جي
  • چاهت کان انڪاري ماڻهو
  • ٽڪرا ٽڪرا ٿيو پيو آهيان
  • سار تنهنجي بهار وانگي آ
  • سج لٿو ته شهر ٻڏي ويو اوندهه ۾
  • وڻي وڃن ٿا چهرا ڪي دڳ ويندي ڀي
  • رات توڙي گھڻي انڌاري آ
  • امن ۽ آشتِيءَ جيان آهين، شاهه جي شاعريءَ جيان آهين
  • جيئري آ، جذبن جي ڳولا
  • تون ملينءَ ته مرڪ هاڻي ٿي وئي
  • ايئن هن لڙڪن لارون پيارا!
  • جنهن جي سامهون سرت ۽ ساڃهه ساٿ نه ڏيندي آهي
  • ياد جڏهن ڪي آيا نيڻ
  • ٿورو ڀي جي ٿئي وڇوڙو، من ۾ باهه ٻري
  • نيڻ پرينءَجا پيرا ڳولن
  • چلڪو تنهنجي چوليءَ جو
  • منو غزل
  • مون جي اکڙين ۾ خواب پوکيا هن
  • ويس اڇو تون پائي آئين، چانڊوڪي چورائي آئين
  • ڪيئن سک سمهجي، پاڻ تي تاڻي؟
  • دردن سان دوستي ڪر، راهن ۾ روشني ڪر
  • جنهنکي پنهنجو نه ڪنهن ڪيو هوندو
  • ماڻهپي کي ٿا لڄائن ماڻهو
  • ڇو بدلجي ٿي وڃي تون کن ۾
  • ڪهڙو چهرو سنڀارجي هاڻي
  • هل رڳو هنگاما آهن
  • تنهنجي مونتي نگاهه ٿي وئي آ
  • زندگي بهار جئن، پهرين پهرين پيار جئن
  • منهنجي سوچن تي نه ڌاڙو آهي
  • دردُ ڀاڪرَ ڀري به مرڪيو مون
  • وڇڙي ويل لڙڪن ۾، هر سپنو وهي ويو
  • حوصلو ڏي ته حادثن مان لنگهان
  • دل گھريا دوست به ساريا نه ٿين
  • ڪيڏا ناڪام ٿي ويا آهيون
  • چپ جي ديوار کي ڊهڻ گھرجي
  • عجيب مرحلا آهن اوهان کي چاهڻ جا
  • ماڻهو ته مريا آهن، پر سڏ وريا آهن
  • پنهنجي ڪائي به ڪم نه آئي آ
  • گل پو سوگوار ٿي ويو آن!
  • مونکي جيئرو ڏسڻ نه ٿو چاهي
  • ڀرپور نگاهن سان ڏسي ڀي نه سگھياسي
  • نيڻ نيڻن سان ملي، ايئن مرڪيا
  • خال ئي خال زندگي آهي
  • خوشيءَ ۾ ڪو مزو ناهي
  • سوچَ، لُڙڪ، وحشتون!
  • هر گھڙي هو گھائن ٿا
  • درد اسان جي هانوَ ڏي، هٿ وڌايو پئي
  • تو سواءِ عيد جو ڏهاڙو آ
  • آس رکُ نراسَ ۾، لاٽَ ڪا اُماسَ ۾
  • هيڻو ئي نشانو آ پٿر جو زمانو آ
  • عيدَ جي ڏينهن به دوري آهي
  • تنهنجون يادون! نه تون!
  • منهنجا دُک آهن ۽ مان
  • کاتا ٿي رکين هيڏا، جي منهنجي خطائن جا
  • ياريون رَسُ رهاڻيون پيارا!
  • وايون

  • تو تائين پهتا، منهنجي نيڻن جا
  • ڏات بنان جيئن ڏانءُ
  • گھُگھه جي گھيرن ۾
  • دَزَ چڙهي وئي آهي!
  • ساڀيا ۽ سپنن ۾!
  • ڀوڳيون يار اسان ٿا!
  • ڪيئن پوندا، ڪيئن پوندا يارَ!؟
  • بارودي هن ڊوڙَ ۾!
  • نفرت سندءِ نهار ۾!
  • دلبر! پنهنجي ديسَ ۾!
  • مُورک ناهيون ايترا!
  • لُڙڪَ سنڀالي رک تُون!
  • عشق اسان جو آرسي
  • سچل نالو سَچَ جو!
  • سانڍي رکجانءِ پيارَ کي!
  • جرڪيل جرڪيل جندڙي!
  • لاٽ جلائي لاٽ مان!
  • ناتو جوڙي نينهن سان!
  • ڪڻا ڪونهن ڪڻڪ جا!
  • نظم

  • دل جي ديس مان جلاوطن يادون
  • اسٽوڊنٽ ــ لائف
  • وڇوڙي جو پهريون نظم
  • خوشي
  • آخري رستو
  • هڪ مجبوري آ
  • سپنو ۽ ساڀيا
  • درخواست
  • اوسيئڙو
  • گونگو پيارُ
  • روشنيءَ جو سفر
  • ڊهندڙ ماڻهو
  • تئي جي پُٺ
  • جنم واڌايون
  • خود ڪشي
  • ياد پرينءَ جي
  • پاپُ
  • سنڌ
  • رُت بدل
  • نئين ڳالهه
  • گيت

  • سکڻا سکڻا ساھَ سنگيت
  • موٽي مُور نه اينداسي
  • کڻي اُجالو آءُ هلي آ!
  • سَوايُون، هائيڪا، ترائيل، ٽسٽا

  • سوايون
  • هائيڪا
  • ترائيل
  • ٽه سٽا

  • سنڌ سلامت پاران

    اياز گُل سنڌ جي انهن خوبصورت شاعرن مان هڪ آهي جن پنهنجي غزل سان ماڻهن کي موهيو آهي۔ سندس شاعريءَ جي هن ڪتاب ” تو بن ڪهڙا ڇانورا ” ۾ غزل، گيت، وايون، نظم، هائيڪا، ترايل ۽ ٽسٽا شامل آهن۔ ڪتاب جو مهاڳ محترم شيخ اياز جو لکيل آهي۔ شيخ اياز لکي ٿو:
    ”اياز گل جي شاعري پنهنجي ڌرتيءَ جي پيدائش آهي. اها فارسي بحر وزن جي مشاقيءَ تي نه ٿي تڳي. ان کي هڪ انوکي خوشبوءِ آهي، جا نم جي ٻور ۾ ٿيندي آهي ۽ ان کي هڪ الڳ رنگ آهي، جو پڪل پيرُن ۾ ٿيندو آهي. جي هن مشق قلم جاري رکي، ته ڪنهن وقت هن جي شاعري، فن جو اهي بلنديون ڇهندي، جا ڳالهه ٿورن شاعرن کي نصيب ٿيندي آهي. هو بنيادي طور تي غزل جو شاعر آهي، پر هن جو غزل پيوند ٿيل نه آهي، از خود هن ڌرتيءَ مان اسريو آهي.“
    هن ڪتاب کي اِي بوڪ ايڊيشن ۾ محترم عبداللطيف انصاري پاران ڪمپوز ڪري سنڌي ادبي سنگت شاخ سٽي سکر جي ويب سائيٽ تي آندو ويو آهي۔ سندن ٿورائتا آهيون جو سافٽ ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ موڪلين.

    محمد سليمان وساڻ
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام


    گذارش

    دوستو !

    اداري ، سنڌ ويب جي هميشه کان اها ڪوشش رهي آهي ته ، معياري سنڌي ادب کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سنڌين تائين پهچائجي ، جيئن اهي پنهنجي ڌرتيءَ جي خوشبوءِ کي هزارها ميل ڏور ويهي به محسوس ڪري سگھن. انهيءَ مشڪل پر ممڪن ڪم جو واحد حل اهو ئي هيو ته برقي ڪتاب (E-Book) جي ذريعي اهڙي مواد کي دوستن تائين پهچائجي.
    انهيءَ ڏس ۾ هينئر سنڌ جي تمام سٺي ۽ سلوڻي شاعر اياز گل جي شعرن تي مشتمل هڪ ڪتاب ”توبن ڪهڙا ڇانورا“ دوستن جي ڪمپيوٽر جي پردي آڏو موجود آهي.

    اوهان سڀني دوستن کي گذارش آهي ته هن سلسلي ۾ جيڪڏهن ڪي غلطيون ٿيون هجن ته مهرباني ڪري مطلع ڪرڻ فرمائيندا ته جيئن ٻئي دفعي اهي غلطيون دهرائيون نه وڃن.

    مهرباني

    اوهان جي مشوري جو منتظر
    عبداللطيف انصاري
    شمس آباد سکر سنڌ
    فون : 0333.7146119
    اي ميل: abdullateefansari@yahoo.com


    منهنجا خواب : اياز گل

    مها ڪوي شيخ اياز جي هڪ نظم جون ڪجھ سٽون آهن:

    ”حقيقت به گھوري، صداقت به گھوري
    ٻنهي جي اگر کولڻي آهي ڏوري
    فقط خواب کي ڏسُ!“

    ۽ مان خوابن کي ئي ڏسان ٿو، سال گذري ويا آهن، خواب ڏسڻ جو عمل جاري آهي. منهنجي شاعري، منهنجي خوابن جو ئي هڪ روپ آهي، اهي خواب جيڪي ڪڏهن چوريءَ اچي نيڻن ۾ رين بسيرو ڪندا آهن، ته ڪڏهن ڏينهن ڏٺي جو ڪنهن آنڌيءَ وانگر زوريءَ در کولي اکڙين ۾ گھڙي ايندا آهن. ڪوشش ڪئي اٿم ته خوابن جي انهن ٻنهي روپن جو لفظن ۽ احساسن جي خوبصورت گھر ۾ آڌر ڀاءُ ڪري سگھان، ۽ ها اهي خواب رڳو منهنجا نه آهن، جي انهن اوهان جي نيڻن جي چانئٺ چمي ۽ اوهان جي دل جو در کڙڪائي سگھيا ته اهي اوهان جا ٿي ويا ۽ مان ائين ئي لک لهي ورتا.
    ڪا وڏائي، ڪا دعوى، ڪو مقابلو ڪونهي، مان رڳو هڪ شاعر آهيان، منهنجي سڄي ڪمائي اها ئي آهي، جيڪا هن ۽ هن کان اڳ ۾ آيل چئن ڪتابن ۾ آيل آهي. جيڪا به آهي ۽ جيئن به آهي، منهنجي پنهنجي پورهئي جي آهي. ڪنهن کان هٿ ٽنگي ورتل ڪانهي. سائين شيخ اياز هن ڪتاب جو مهاڳ لکيو آهي ۽ سائينءَ تنوير عباسيءَ پڇاڙڪا لفظ ــ انهيءَ کي منهنجي شاعريءَ بابت سرٽيفيڪيٽ نه سمجھڻ گھرجي، اهو لاٽ مان لاٽ ٻرڻ وارو عمل آهي، محبت آهي... جيڪا منهنجي شاعريءَ جي نرڙ تي ماءَ جي چميءَ وانگر جرڪي رهي آهي ۽ مان ان محبت آڏو هٿ ٻڌي بيٺل آهيان. شال پنهنجي اڳين کان مليل امانت، پوين تائين پهچائي سگھان!

    ”ڏينهن ڏٺي جا سپنا“ کان اڄ تائين جي تخليقي سفر ۾ رچيل سموري شاعري ته ”تو بن ڪهڙا ڇانورا“ ۾ موجود آهي پر اها شاعري به هن مجموعي ۾ موجود آهي، جيڪا منهنجي شروعاتي دؤر جي آهي ۽ ڪن سببن جي ڪري هن کان اڳ وارن مجموعن ۾ اچڻ کان رهجي وئي آهي. ضرور ان ۾ ڪي ڪچايون ڦڪايون هونديون پر کيس، ”پنهنجوڪندي“ خوشي محسوس ڪريان ٿو.

    اياز گل
    18 مئي 1992ع
    ڀٽا روڊ، سکر سنڌ


    ڪوئي گل ڦٽو، منهنجي ٽاريءَ مان : شيخ اياز

    پنجاپيءَ جو عظيم شاعر ماڌو لال حسين هڪ مجلس ۾ ويٺو هو. اتي هڪ شخص ديوان ـ حافظ کوليو، ماڌو لال حسين هن کان پڇيو، ”هي ڪهڙو ڪتاب آهي؟“ ۽ پوءِ ديوان حافظ جا پنا اٿلايائين ته، حافظ جي هيٺِين سٽ تي نظر پيس؛

    چشمئه چشم مر سي بت خندان درياب
    برا ميد تو بخوش آب رواني دارد،

    (اي کلندڙ پيارا!، منهنجي اکين جي چشمي کي دريافت ڪر، جو تنهنجي آس ۾ وهي رهيو آهي.)

    ماڌو لال حسين، ديوان حافظ ڦٽي ڪري چيو، ”هن حافظ جي عمر ته پوڙهين رنن وانگر روئندي گذري آهي.“ ائين ئي اڳين اردو ۽ سنڌي غزل تي نظر وجھبي ته، اڪثر شاعر روئڻا نظر ايندا ۽ اقبال جي شاعريءَ کان اڳ، گھڻو ڪري نه رڳو اردو شاعري قنوطيت سان ڀري پئي آهي، پر ابراهيم خليل تائين سنڌي شاعري به لڪير جي فقير رهي آهي ۽ ان مان ٽاهه ٽاهه ڳوڙها ڳڙندا نظر اچن ٿا. گل جا ڪجھ غزل ۽ سانگيءَ جون ڪجھ سٽون ان مان ڪڍي ڇڏجن ته، ساري غزليه شاعري’سرن درياهه‘ ڪرڻ جهڙي آهي.

    دراصل غزل ڌاريءَ زمين تي اسريو هو. جو امير خسروءَ جي زماني ۾ هندستان جي ڌرتيءَ اپنايو هو. خسروءَ جي غزل ۾ جا پنهنجائپ هئي، سا اسان کي آرزو لکنويءَ جي غزل ۾ ملي ٿي. انهن جي وچ ۾ پارسي غزل جو چرچو هو. غالب جهڙي وڏي مفڪر شاعر به چيو؛

    فارسي بين تابه بيني، نقشهائي رنگ رنگ،
    مجمع اردو چه بيني، آن که بي رنگ من ست.

    (فارسي ڏس ته توکي منهنجا رنگ رنگ نقش نظر اچن، منهنجي اردو جي مجموعي کي ڇو ٿو ڏسين، اهو ته بيرنگ آهي!)

    خسروءَ جون هي سٽون:

    سکهي پيا کو جو مين نه ديکهون،
    تو کيسي کاڻون،اندهيري رتيان؟
    يا
    صوه صورتين الاهي کس ملک بستيان هين،
    اب جن کي ديکهني کو آنکهين ترستيان هين.

    خسروءَ جهڙي شاعري، اردوءَ ۾ اڃا نائين ڪوئي نه ڪري سگھيو آهي. اردو ۽ سنڌي غزل، ٻنهي ۾ فارسي غزل جون روايتون، تشبيهون، استعارا وغيره بي دريغ استعمال ڪيا ويا آهن. ايتري قدر جو غزل پڙهي دل ڳائون مائون ٿيڻ لڳي ٿي.

    اياز گل، ادل سومرو ۽ انهن کان پوءِ واري نئين ٽهيءَ جا شاعر اعجاز منگي، وغيره ادب سان ڀرپور لڳاءُ رکن ٿا ۽ اڻٿڪ محنت سان لکي رهيا آهن. ننڍي عمر ۾ پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي هنن جو شعور ڪافي بختو ڪري ڇڏيو آهي. تاج جويو ۽ غلام حسين رنگريز انهن کان اڳين نسل جا شاعر آهن، جن به سنڌي ادب سان بيپناهه لڳن ڏيکاري آهي ۽ پنهنجو پاڻ ملهايو آهي.


    اياز گل جي شاعري پنهنجي ڌرتيءَ جي پيدائش آهي. اها فارسي بحر وزن جي مشاقيءَ تي نه ٿي تڳي. ان کي هڪ انوکي خوشبوءِ آهي، جا نم جي ٻور ۾ ٿيندي آهي ۽ ان کي هڪ الڳ رنگ آهي، جو پڪل پيرُن ۾ ٿيندو آهي. جي هن مشق قلم جاري رکي، ته ڪنهن وقت هن جي شاعري، فن جو اهي بلنديون ڇهندي، جا ڳالهه ٿورن شاعرن کي نصيب ٿيندي آهي. هو بنيادي طور تي غزل جو شاعر آهي، پر هن جو غزل پيوند ٿيل نه آهي، از خود هن ڌرتيءَ مان اسريو آهي.
    مثال طور هن جا هي شعر:


    سوچون ساريون هارايل سردارن جيان
    خواب پيا ها پيرن ۾ تلوارن جيان.

    رستا هونئن ته اوڻٽيهن جي انڌيارن جيان
    توڏي ايندي چانڊوڪيءَ جي چارن جيان.

    ڪيئن الاءِ ٿيندو آهي ماڻهن کان؟
    شعر رچڻ ۽ پيار ڪرڻ وانگارن جيان.

    *
    ٽائرن جا گھرا ليڪا، تيز رڙ!!
    روڊ تي چٿجي وئي آ زندگي.

    هر طرف جھنڊا ٿا ڦڙڪن موت جا،
    جڳ کان وسري وئي آ زندگي.

    *

    تنهنجا ڌرتي! ڌراڙ جاڳيا هن،
    پيچرا، پٽ ، پهاڙ جاڳيا هن.

    هڪ تکي چيٽ آهي آزادي!
    گھيڙ گھٽيون ۽ گھاڙَ جاڳيا هن.

    *
    روز ملندا رهون ته بهتر آ،
    فاصلا، فاصلا وڌائن ٿا.

    *

    حوصلو ڏي ته حادثن مان لنگهان،
    پيار منهنجا، مان آفتن مان لنگهان.

    منهنجو سارو وجود نيڻ ٿئي،
    تنهنجي لکيل جڏهن خطن مان لنگهان
    .
    *
    هڪ ئي نانوَ تي ڌڙڪو تيز ٿئي دل جو،
    مٽي، سرمو ٿيندي ناهي هر در جي.

    *
    هر ڪنهن دؤر ۾ ڄمندا آهن،
    باغي ۽ درٻاري ماڻهو.

    *

    روپ وٺي نئون آءُ وري روپا ڪولهي،
    ٿاريليون ۽ ٿر، ٻڏي ويو اوندهه ۾.

    *
    تنهنجي يادن سواءِ ذهن پرين!
    ڪرفيوءَ ۾ بزار وانگي آ.

    هر خوشي قرض ۾ هلي ٿي وڃي،
    ماستر جي پگھار وانگي آ.

    *
    ڪوئي ڪم ڪرڻ کان ٻاهر ناهين هونئن،
    ڳالهه سڄي هوندي آ جاني!، همت جي.

    جنهن ماڻهوءَ کي تنهنجو پيار مليو آهي،
    تنهن ماڻهوءَ کي ڪهڙي گھرجي دولت ٻي؟

    *
    منهنجي حالت آ وچَ ــ‎ اوڀر جي،
    تنهنجو شيوو تباهه ڪاري آ.

    اياز گل نئين ٽهيءَ جو منفرد شاعر آهي ۽ ننڍيءَ عمر ۾ ئي هن پنهنجي جاءِ والاري ڇڏي آهي. مان ان جي شاعري ۽ نئين ٽهيءَ جي شاعري ڏسي، ان نتيجي تي پهتو آهيان ته، اها نيٺ ڪنهن به بين الاقوامي معيار تي اچي ويندي.ان شاعريءَ ۾ جاگيرداري دؤر مان نڪري، صنعتي دؤر ۾ داخل

    ٿيڻ جا آثار ملن ٿا ۽ ان جون تشبيهون، محاڪات وغيره روايتي شاعريءَ کان مختلف آهن. انهن تي پنهنجي انفراديت جي ڇاپ آهي.

    روهڙيءَ واري بيدل فقير، فقط ٻه چڱا شعر لکيا ها ۽ انهن مان هڪ آهي؛

    اکران دي وچ جو ڪوئي اڙيا،
    عشق دي چاڙهي مول نه چڙهيا.

    اهو شعر آهي ته سرائيڪيءَ ۾، پر ان ۾ جا ڳالهه ڪئي وئي آهي، اها جديد شاعرن سان لڳي ٿي. هو اکرن ۾ اڙجي نه ٿا وڃن ۽ عشق جي چاڙهي چڙهندا ٿا وڃن. هنن جا ابتدائي مجموعا ڏسون ٿا تڏهن به ڪيترائي شعر دل ۾ کپي ٿا وڃن ۽ اڳين شاعرن وانگر ائين نه آهي ته سڄو ديوان ڇنڊي ڇاڻي بيهجي ته، رڳو هڪ يا ٻه سٽون ملن، جي دل ۾ اڪرجي وڃن. ساندهه مطالعو ۽ مشاهدو ئي شاعريءَ کي پنهنجي توڙ تي پهچائي ٿو. اهي زمانا گذري ويا، جڏهن ڪنهن استاد جي استاديءَ ۾ شاعر سڄيون عمريون جک ماريندا هئا ۽ بحر وزن جي گھرڙَ گھوٽ ڪندا ها.

    بمبئي ۾ مون هڪ نشست ۾، سڳن آهوجا کي چيو هو ته، ”هو پنهنجو شعر ٻڌائي.“ ان تي هن جواب ڏنو هو ته، ”مون وٽ بندي ڪانه آهي.“ ان تي مون هن کي چيو هو ته، ”جيسيتائين بندي اچي تيسيتائين تڪ بندي ٿي وڃي.“ ــ ’بندي‘ هن پنهنجي شعر جي بياض لاءِ چيو هو. سڳن کي مون اها ڳالهه مذاق ۾ چئي هئي ڇو ته هو منهنجو دوست هو، پر اها ڳالهه اڪثر ڪُهنه مشق شاعرن سان لڳي ٿي، ڇوته اهي تڪبندي ڪندا ها. دؤر جديد جا ڪيترائي نوان شاعر تڪ بندي ته ڪونه ڪن ٿا، پر جي اهي پنهنجي تخليق مان مطمئن ٿي ويا ۽ ساندهه لکندا ۽ تجربا نه ڪندا رهيا، ته انهن جي شاعري به تڪبنديءَ وانگر بي معنى ٿي ويندي.

    اياز گل ۽ ٻيا شاعر، هن وقت سڄاڻ شاعرن وانگر لکي رهيا آهن. ڪافي پڙهي رهيا آهن ۽ پنهنجي منفرد سوچ به رکن ٿا. سنڌي ادب هڪ خوبصورت شمعدان وانگر لڳي رهيو آهي، جنهن ۾ اياز گل انهن شمعن مان آهي، جيڪي وچ ۾ ٻري رهيون آهن. هو شمع به آهي ته پروانو به آهي ۽ پنهنجي چؤڌاري تخليق ٿيل ادب ۾ هن جي بيحد دلچسپي آهي. چڱو جو ان جي شاعري پڻ، ادل جي شاعري وانگر نعري بازي نه آهي، توڙي هن جي سياسي سوجھ ٻوجھ تکي آهي.

    زندگيءَ جا گونا گون تجربا، ۽ خاص ڪري شهري زندگيءَ جو، ديهاتي زندگيءَ تي اثر، هن جي شاعريءَ مان بکن ٿا، جڏهن اها شاعري پوري چوٽ تي پهتي، تڏهن سنڌي شاعريءَ تي پنهنجي ڇاپ ڇڏيندي. مون فقط هن جي غزلن مان مثال طور ٽڪرا ڏنا آهن، پر هن جي ٻي شاعري به جاندار آهي ۽ هن جي لباس وانگر نج سنڌي آهي.

    تنهنجو مايا ڏي جو لاڙو آهي،
    پنهنجي پيرن تي ڪهاڙو آهي.

    *
    سچ ڪاڻ ويڙهه ۾،
    هڪ به هزار جئن.

    *
    سارو شهر لتاڙي وو!
    آيس تنهنجي پاڙي وو!


    تنهنجي پويان نڪتو آهيان،
    سارا ٻيڙا ساڙي وو!

    *
    منهنجي سچ تي ڪروڌ ۽ هن جي،
    ڪوڙ تي واهه واهه! ٿي ويئي آهي.

    زندگي هر ستم تي خوش آهي،
    ٻن لڳن جو ڪو ٺاهه ٿي وئي آ.

    *
    سوچون ننگي پيرين آهن،
    ذهن تتل ڄڻ ٽاما آهن.

    جيون جي آکاڻيءَ ۾ ڏکُ،
    فل اسٽاپ ۽ ڪاما آهن.

    *
    ڇو بدلجي ٿي وڃين تون کن ۾؟
    ڪجھ ته ويساهه ڪجي ساجن ۾

    *
    تنهنجي پيرن ۾ هئي لڳل ميندي،
    منهنجي گھر جا ته ها کليل رستا.

    *
    دل جون ڳالهيون به ڪين ٿي سمجهين!
    ڪهڙي آخر ڪا فارسي آهي.

    *
    توکي گڏجي ته ڪين هلڻو آ،
    ڪهڙو توکي بيهارجي هاڻي.

    *
    سڄي حياتي ڀري پئي آ لڙڪن سان،
    ملو ته ذڪر ڪيو، هيل کلائڻ جا.

    هي ڪتاب مونوٽ مهاڳ لاءِ، گھڻو عرصو پيو رهيو هو ۽ پنهنجي گوناگون مصروفيتن ۽ بيماريءَ سبب، مان اياز گل جي فرمائش ان کان اڳ پوري نه ڪري سگھيس. هن جو نالو منهنجي نالي سان ائين وابستا آهي ڄڻ منهنجي شاعريءَ جي ٽاريءَ مان ڪو گل ڦٽو آهي. مونکي اميد آهي ته اڳتي هلي، اهو ڏسان ڏس کي پنهنجي سڳنڌ سان واسي ڇڏيندو ۽ مونکي هن جي نالي جي مماثلت ٿي بجا فخر ٿيندو.

    شيخ اياز

    19.07.1990
    27 ـ اي، پرنس ڪامپليڪس
    ويجھو ڪلفٽن برج ڪراچي سنڌ


    غزل

    چنڊ نه آهي ڇاهي تارا جاڳن ٿا

    چنڊ نه آهي ڇاهي تارا جاڳن ٿا
    بلب گھٽين جا رستا سارا جاڳن ٿا

    اوسيئڙي جي مند پيا! آئي آهي
    آسون، نيڻ، ڏيئا ۽ جارا جاڳن ٿا.

    قسمت جي ديويءَ کي ننڊ وٺي ويئي آ،
    جوڳيءَ جي ٿيلهيءَ ۾ ڍارا جاڳن ٿا.

    سنجها کان ئي ڌوڙ، ڌڌڙ کان آجا ٿي،
    چانڊوڪيءَ جي چاهه ۾ چارا جاڳن ٿا.

    تون ئي سمجھي ڪين سگھين ٿو اي مورک،
    خاموشيءَ ۾ ڪيڏا نعرا جاڳن ٿا.

    سالن کان طوفان ڪي روڪيون بيٺا هن،
    کاڄي ويا هن، پر ڪنارا جاڳن ٿا.

    ڦاٽل ڪپڙا ٿڏيون چلهيون، ڪيئن سمهن،
    جھوپي ٻاهران ڪيڏا پارا جاڳن ٿا.

    رات سندن نيڻن ۾ ڊاٻو ڪيو آ، پر
    ستا نه آهن ، سنڌڙيءَ وارا جاڳن ٿا.


    هر لمحو شمشان جيان آ

    هر لمحو شمشان جيان آ،
    جنگي ڪنهن اعلان جيان آ.

    هڪڙو سپنو رهجي ويئڙو،
    نيڻن ۾ سرطان جيان آ.

    هر الزام نرڙ تي منهنجي،
    سجدن جي نيشان جيان آ.

    تو وٽ هاڻي جوڀن پيارا،
    اعزازي مهمان جيان آ.

    اک ـ پڇڙ ۾ ڦاٿل ڳوڙهو،
    در تي ڄڻ دربان جيان آ،

    هيڏن چهرن ۾ هڪ چهرو،
    دردن جي درمان جيان آ.

    سانئڻ! تنهنجو هرڪو وعدو،
    سرڪاري اعلان جيان آ.

    عمر جي اونداهي ڪمري ۾،
    پيار ڪنهن روشندان جيان آ.

    سوچن جي ويڙهاند ذهن ۾،
    کرڙيءَ جي ميدان جيان آ.

    پيٽ بکئي لئه هڪڙي ماني،
    سرڳ جيان، ڀڳوان جيان آ.


    ڄار هو، ڄاڻ ۾ يار! ڦاسي وئين

    ڄار هو، ڄاڻ ۾ يار! ڦاسي وئين
    هائو تون پاڻ ۾ يار! ڦاسي وئين

    تون ته تلوار هئين ڪا تکي او پرين!
    وقت جي مياڻ ۾ يار! ڦاسي وئين

    ننڊ، سپنا، نهارون ئي وسري ويئه!
    ڪهڙي ڇڪتاڻ ۾ يار! ڦاسي وئين

    هيءَ حياتي ته ٿوري هئي پيار لئه،
    ڇو رتو ڇاڻ ۾ يار! ڦاسي وئين

    تو ڏيڻ ۽ ورهائڻ جو سوچيو نه بس
    آڻ ئي آڻ ۾ يار! ڦاسي وئين

    ڪيترو پئي لڳين منفرد ، مختلف!!
    تون به واکاڻ ۾ يار ڦاسي وئين

    ڳوٺ کي جو ڇڏي، شهر ڏي پنڌ پئين
    ڪيڏي مانڌاڻ ۾ يار! ڦاسي وئين.


    ٻٽو غزل

    سوچون ساريون هارايل سردارن جيان
    خواب پيا ها پيرن ۾، تلوارن جيان

    چَپَ اوهان جا پنهنجا لفظ پرايا هن
    يارو! آهيو ڊرامي جي ڪردارن جيان

    کلندا،رئندا، ٻڌندا، ڪجھ چوندا ڀي نيٺ
    ڇو سمجھو ٿا ماڻهن کي ديوارن جيان؟

    رستا هونئن ته اڻٽيهن جي انڌيارن جيان،
    توڏي ايندي چانڊوڪيءَ جي چارن جيان

    جيون جي هن موٽ سمان خاموشيءَ ۾
    تنهنجا نرمل نيڻ لڳن ٿا نعرن جيان

    دک جي ڪاري رات هئي چوڌاري ۽
    تنهنجا منهنجا لڙڪ ٿي ٽمڪيا تارن جيان

    ڪيئن الائي ٿيندو آهي ماڻهن کان؟
    شعر رچڻ ۽ پيار ڪرڻ وانگارن جيان!

    رات سڄي مان جاڳي ڏينهن ڪندو آهيان
    جڏهن به لڳندي آهين، دنيا وارن جيان.


    مٿئين غزل ۾، ساڳئي بحر وزن ۽ ساڳئي قافيي رديف وارن ٻن غزلن کي ڳنڍيو ويو آهي. ٻئي غزل موضوع، احساسن ۽ ڪيفيت جي حوالي سان الڳ الڳ آهن. هن غزل کي ٻٽي غزل جو نالو ڏنو اٿم.


    هر زهر کي پي وئي آ زندگي

    هر زهر کي پي وئي آ زندگي
    مس چٽي جيان ٿي وئي آ زندگي

    هوءَ جڏهن به موڪلائي گھر وئي
    ائين لڳو وڇڙي وئي آ زندگي

    منهنجي باري ۾ ڀي، تون ئي سوچ ڪجھ
    منهنجي تنهنجي ٿي وئي آ زندگي

    منهنجي ڀاڪر ۾ اچي سمهندي رهي
    رات ۾ گذري وئي آ زندگي

    تنهنجي مک تي مرڪ جا پوپٽ ڏسي
    منٽ ۾ پرچي وئي آ زندگي

    ٽائرن جا تيز ليڪا تيز رڙ!
    روڊ تي چٿجي وئي آ زندگي

    هر طرف جھنڊا ٿا ڦڙڪن موت جا
    جڳ کان وسري وئي آ زندگي

    ڪوڙ جي ڪارنهن، ڌماڪن، درد جي
    ڌوڙ ۾ لٽجي وئي آ زندگي


    تنهنجا ڌرتي ڌراڙ جاڳيا هن

    تنهنجا ڌرتي ڌراڙ جاڳيا هن،
    پيچرا، پٽ، پهاڙ جاڳيا هن

    جن جي جاڳڻ سان قوم جاڳي ڪين،
    سي جي جاڳيا ڀي، جاڙ جاڳيا هن

    ٿورڙو آ هليو جڏهن آ سچ
    ڪوڙ، دوکو ۽ ڊاڙ جاڳيا هن

    هڪ تکي چيٽ آهي آزادي!
    گھيڙ، گھٽيون ۽ گھاڙ جاڳيا هن

    ها رڳو ساٿ ٿو کپي تنهنجو
    حوصلا ڄڻ پهاڙ جاڳيا هن

    سنڌ منهنجا ڌڻي! سلامت رک
    چئني پاسن کان ساڙ جاڳيا هن

    ڪنهن ته مرهم جي آسري ۾ ’اياز‘!
    سال هن، دل جا ڦاڙ جاڳيا هن.


    آئينو ٿو ڏسان ته گھائن ٿا

    آئينو ٿو ڏسان ته گھائن ٿا
    لڙڪ اکين ۾ مسڪرائن ٿا

    هو ڪڏهن ائين مسڪرائن ٿا
    ٿر تي مينهن ڄڻ وسائن ٿا

    منهنجي جيون ۾ پيار پنهنجو هُو
    کير ۾ کنڊ جيان ملائن ٿا

    روز ملندا رهو ته بهتر آ
    فاصلا، فاصلا وڌائن ٿا

    مان ته خوش هان سندس وعدا
    کيس سامهون اچي لڄائن ٿا

    ان ماڻهوءَ جون هيڪلايون سوچ
    خواب ڀي جنهن کان موڪلائن ٿا

    منزلن جون ته مشڪلاتون ٺيڪ
    هاڻي رستا ڀي آزمائن ٿا

    راهه ۾ ٿا ملن، لنوائن ٿا
    دوست ڪيڏو نه آزمائن ٿا


    سوچ جو قتل عام آ، جيون

    سوچ جو قتل عام آ، جيون
    هڪڙو ابتو نظام آ، جيون

    جنهن کي آقا کي رولڻو آهي
    اهڙو باغي غلام آ، جيون

    ڊسڪو جي دور ۾ اسان جو ڄڻ
    عارفاڻو ڪلام آ، جيون

    جنهن کي سانڍڻ به مسئلو آهي
    پيارا! اهڙو انعام آ، جيون

    منهنجي نوڙت سان پيار ٿي ويو ٿس،
    آءٌ نوري ۽ ڄام آ، جيون

    پاڻ کي آ جتان جدا ٿيڻو،
    دوست! اهڙو مقام آ، جيون

    ڪنهين هيڻي جو پاڻ ڏاڍي کي
    چاپلوسي سلام آ، جيون


    دانهن بڻائيندين ڪڏهن تون گھر گھر جي

    دانهن بڻائيندين ڪڏهن تون گھر گھر جي
    مولا سائين! ماٺ اسان جي اندر جي

    سچ سان ويساهه گھاتي!!، سوچ جي سيني ۾
    هوريان هوريان نوڪ لهي ٿي خنجر جي

    ڪيڏا سک جا خواب، اکين ۾ ماڻهن جي
    ڪيئن ته حياتي گھارن ٿا پيا ٿوهر جي

    هڪ ئي نانوَ تي ڌڙڪو تيز ٿئي دل جو
    مٽي سرمو ٿيندي ناهين در در جي

    ڪمرا سڀ اوندهه جي ڌوڙ ۾ لٽجي ويل
    بتي ساري رات ٻري پئي پڌر جي

    ذرا ذرا ٿي ويندو ڪوڙ جو آئينو
    هڪڙي ٺوڪر کپندي آهي پٿر جي.


    چاهت کان انڪاري ماڻهو

    چاهت کان انڪاري ماڻهو
    جذبن تي بمباري ماڻهو

    سڀ تو جهڙا ٿي سگھندا ڪو؟
    دردن ۾ دلداري ماڻهو

    آءٌ اڳي جيان هيڪل وياڪل
    تنهنجي ها چؤڌاري ماڻهو

    ديس به وڪڻي ايندا آهن
    اهڙا ڀي واپاري ماڻهو

    دولت ۽ طاقت جا حامي
    ڌوڙ، مٽي ۽ واري ماڻهو

    هر ڪنهن دؤر ۾ ڄمندا آهن
    باغي ۽ درٻاري ماڻهو

    ڪهڙو سچ چئي سگھندا سي
    پاڻ ته هئون سرڪاري ماڻهو.


    ٽڪرا ٽڪرا ٿيو پيو آهيان

    ٽڪرا ٽڪرا ٿيو پيو آهيان
    پوءِ به پٿر کان پيو ٿو گھٻرايان

    مونکي معلوم آ، ته مان ڇاهيان
    تنهنجي جتيءَ ۾ پير ڪيئن پايان؟

    ائين ڀلا ڪيسيتائين ٿي سگهندو؟
    تون ته ڊاهيندو رهه ۽ مان ٺاهيان

    تنهنجي ميار کي پڄي نه سگھيس
    هونئن ته ڪاٿي نه مان پڳو آهيان!

    هر ماڻهوءَ سان ڪين نفرت آ!
    هر ماڻهوءَ کي ڪين ٿو چاهيان

    ذهن جي ننڍڙي رٺل ٻالڪ کي
    ياد جي ٽول سان ٿو پرچايان.


    سار تنهنجي بهار وانگي آ

    سار تنهنجي بهار وانگي آ
    بيقراري قرار وانگي آ

    هر گھڙي ڪرڻ جو رهي خطرو
    پيار، پهرين اڏار وانگي آ

    تنهنجي يادن سوا ذهن پرين!
    ڪرفيوءَ ۾ بزار وانگي آ

    هر خوشي قرض ۾ هلي ٿي وڃي
    ماستر جي پگهار وانگي آ

    سوَ سورن جي وچ ۾ دل منهنجي
    ڌڻ سان ڄڻ ڌنار وانگي آ

    هوءَ روئي پئي اسان بيزار
    زندگي لڌل ٻار وانگي آ

    هن جو ڀر ۾ اچي بيهڻ، مرڪڻ
    شهرتن جي خمار وانگي آ


    سج لٿو ته شهر ٻڏي ويو اوندهه ۾

    سج لٿو ته شهر ٻڏي ويو اوندهه ۾
    هر روشن منظر ٻڏي ويو اوندهه ۾

    ڇوڪر! تنهنجي پيار جون پٿر ٿيون اکڙيون
    اوسيئڙي ۾ در، ٻڏي ويو اوندهه ۾

    چنڊ ـ پرينءَ جي چهري تي ڪاوڙـ ڪڪريون
    دل جو ننڍڙو گھر، ٻڏي ويو اوندهه ۾

    وقت ڪڍي ڪجھ ايندڙ وقت جو الڪو ڪر
    تنهنجو سارو تر، ٻڏي ويو اوندهه ۾

    آزاديءَ جي ديپ جليا جي ذهنن ۾
    ساٿي! هر سنگھر، ٻڏي ويو اوندهه ۾

    روپ وٺي نئون آءُ وري روپا ڪولهي!
    ٿاريليون ۽ ٿر، ٻڏي ويو اوندهه ۾


    وڻي وڃن ٿا چهرا ڪي دڳ ويندي ڀي

    وڻي وڃن ٿا چهرا ڪي دڳ ويندي ڀي
    هر جذبي کي سگھبو ناهي نانءٌ ڏئي

    دلبر! هيڏا ڏانهن اوهان کان دور رهي
    گھر ڀي ڪين وڻي ٿو مونکي هاڻ سچي

    جنهن ماڻهوءَ کي تنهنجو پيار مليو آهي
    تنهن ماڻهوءَ کي ڪهڙي دولت گھرجي ٻي؟

    جنهن ۾ڪنهنجي ماٺ به موهي وجھندي آ
    حد نه هوندي آهي اهڙي چاهت جي

    ڪوئي ڪم ڪرڻ کان ٻاهر ناهي هونئن
    ڳالهه سڄي هوندي آ، جاني! همت جي

    ڪڏهن ڪڏهن ڪو ڏک روئاريندو ناهين
    ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ڀوڳ تي پئبو آ روئي.


    رات توڙي گھڻي انڌاري آ

    رات توڙي گھڻي انڌاري آ
    روشنين جي تلاش جاري آ

    جنهن تان هن جو اچڻ نه ٿيندو آ
    مان اها راهه ڀي نهاري آ

    سچ ڀي کيس ڪوڙ لڳندو آ
    هن اهڙي نگاهه ڌاري آ

    ٻن اکڙين جي بند خانن ۾
    چند سپنن جي ريزگاري آ

    منهنجي حالت آ وچ اوڀر جي
    تنهنجو شيوو تباهه ڪاري آ

    ٿوري ڪاوڙ ڪرڻ جي عادت ٿس
    ڇوڪري هونئن ته ڏاڍي پياري آ

    ڪوستم ڪيئن ٿو سهي چپ چاپ
    گل بيشڪ وڏو ڏوهاري آ


    امن ۽ آشتِيءَ جيان آهين، شاهه جي شاعريءَ جيان آهين

    امن ۽ آشتِيءَ جيان آهين
    شاهه جي شاعريءَ جيان آهين

    راهه ۾ روشنيءَ جيان آهين
    ڪنهن اڄاتل خوشيءَ جيان آهين

    توکي مان ڪيئن ٿو وساري سگھان؟
    گھر واريءَ گھٽِيءَ جيان آهين

    هونئن تون ڇٽُ، پر ڪڏهن شهرت!
    ديس سان دشمنيءَ جيان آهين

    عشق! تون آجپي جي ويڙهن ۾
    سوڀ جي خاطريءَ جيان آهين

    ڪوجي مقصد نه ٿي ته پوءِ جيون!
    ڄڻ ڇڳل ڪنهن جتيءَ جيان آهين

    سنڌ خاطر ملين ته موت اڙي!!
    تون به ڄڻ زندگيءَ جيان آهين


    جيئري آ، جذبن جي ڳولا

    جيئري آ، جذبن جي ڳولا
    لڙڪن ۾، ٽهڪن جي ڳولا

    ننڊ نگر کان ڏور وٺِي وئي
    نيڻن کي سپنن جي ڳولا

    ڪربل جي زخمن کي آهي
    واهر ۽ ٽاڪن جي ڳولا

    سچاين کي سگھه ڏئي ٿي
    سينن کي گھاون جي ڳولا

    جھوپن کي ڊاهي وجھندي آ
    مايا ۽ محلن جي ڳولا

    هي مزدور، ڪلارڪ، هاري
    جيون ۾ جيون جي ڳولا

    تنهنجي در تي آندو آهي
    چاهت کي چهڪن جي ڳولا

    تون درياهه ته آن پيارا! پر
    پياس کي آ سمنڊن جي ڳولا

    گل! هن جو گڏجڻ آهي ٿيو
    گونگي لئه لفظن جي ڳولا!!


    تون ملينءَ ته مرڪ هاڻي ٿي وئي

    تون ملينءَ ته مرڪ هاڻي ٿي وئي
    زندگي ٽهڪن ڪهاڻي ٿي وئي

    ڳوٺ ٻاهران ها ملياسي رات جو
    ڳالهه سا ڄڻ رات راڻي ٿي وئي

    تو هٿن ۾ هٿ وٺي مرڪي ڏٺو
    هر مصيبت لوڻُ پاڻي ٿي وئي

    مڌ وانگي آ، محبت جو نشو
    تيئن وڌي جيئن جيئن پراڻي ٿي وئي

    ٿورڙو جوڀن ڇا آيس، لوڪ لئه
    ڇوڪري ڄڻ ڳڙڌاڻي ٿي وئي

    رات نيڻن ۾ اڃا ته ننڊ آ
    ڪيئن سپنن جي پڄاڻي ٿي وئي؟

    دوستن جون مهربانيون بيشمار
    دوستي هاڻي ته ساڻِي ٿي وئي.


    ايئن هن لڙڪن لارون پيارا!

    ايئن هن لڙڪن لارون پيارا!
    اڀ تي ڪونج قطارون پيارا!

    توسان گڏجي هليون ويون هن
    منهنجون نيڻ نهارون پيارا!

    پيار جون پنهنجون هونديون آهن
    مندون ۽ مهڪارون پيارا!

    تنهنجا ڪيئي نالا خوشيون،
    هيرون ۽ هٻڪارون پيارا!

    ڪيڏيون چئن چپن جي وچ ۾
    دوريءَ جون ديوارون پيارا!

    تنهنجي لهجي تي ياد آيا
    ڀال،ا تير، ترارون پيارا!

    جيون پوءِ به جيتي ويندو
    توڙي هيڏون هارون پيارا!


    جنهن جي سامهون سرت ۽ ساڃهه ساٿ نه ڏيندي آهي

    جنهن جي سامهون سرت ۽ ساڃهه ساٿ نه ڏيندي آهي
    ڪائي ساڀيا ، سپني کان ڀي سهڻي ٿيندي آهي

    سونهن جڏهن ڪي عڪس اکين ۾ اوتيندي آهي
    ننڊ اسر جي ، هير ڏکڻ جي، وسري ويندي آهي

    ڪڏهن هنئين جي حالت، هوندي آهي ايئن، جيئن
    سڃ شهر ۾ آڌيءَ رات جو، ٽرين ڇڏيندي آهي

    مان هن کي ٿوريءَ جھٽ ۾ بيزار ڪري وجھندو آهيان
    هيءَ حياتي توسان ئي پر بور نه ٿيندي آهي

    رات ڪنهن بيواهه عورت وانگي، چنڊ شرابيءَ جيان!
    ياد ڪڙي ڪا اوجاڳن جا، ڪن ڀريندي آهي

    فون تي پڇندو آهي هڪڙو ياد ڪرڻ وارو:
    ”توکي ڀي او جيڏا! منهنجي ياد ڪا ايندي آهي؟“


    ياد جڏهن ڪي آيا نيڻ

    ياد جڏهن ڪي آيا نيڻ
    لڙڪن سان وهنجايا نيڻ

    اوسيئڙي ۾ پٿر ٿي ويا
    ڪين مگر پڇتايا نيڻ

    ڳوڙها، عڪس، اوجاڳا، سپنا
    ڪيڏا تو ورسايا نيڻ

    چپڙن جي سهڪار سان تنهنجا
    رات اسان پرچايا نيڻ

    پيار اوهان جي خوشبوءِ وانگي
    من، ذهن، مهڪايا نيڻ

    دل جي ٽاڪ منجھند ۾ تنهنجا
    ڪڪرن وانگي ڇايا نيڻ

    نرمل نيڻن واري ماڻهوءَ
    منهنجا ڪين اگهايا نيڻ

    پوءِ به اوکيءَ جاءِ اڙيا هن
    ڪيڏا مون سمجھايا نيڻ

    تنهنجن يادن جي رستن تان
    مشڪل ساڻ ورايا نيڻ


    ٿورو ڀي جي ٿئي وڇوڙو، من ۾ باهه ٻري

    ٿورو ڀي جي ٿئي وڇوڙو، من ۾ باهه ٻري
    وسڪاري کان پوءِ ڄڻ ماڻهو، ٿر کان رهي پري

    رات اوهان جي ياد اسان جي ذهن ۾ ايئن آئي
    ڪونڀٽ* کي جيئن بيٺو ٿوهر، ڀاڪر منجھ ڀري

    ٻيو ته ڇڏيو ڏس، اڪ به جهڙا گل ڦٽا آهن
    اهڙي رُت ۾ سري جي توبن، آخر ڪيئن سري؟

    اکڙين کي اوسيئڙو جنهن جو، سا ته نه آئي پر،
    پير، پير ۾ پائي آئي، ڪوتا رات ٺري

    ڀيڄ ڀنيءَ جو شاهه جي وائي، موهن** جو آواز
    ايئن لڳو پئي، ڳايو ويٺي ٿر جي ذري ذري

    ست رنگ چوليون، چلڪيل چهرا، ڳارهسري واري
    سنڌڙي! تنهنجو چاهه پئي ٿي، اکڙين منجھ ڀري


    * ڪونڀٽ ــــ ٿر جو وڻ جيڪو ٿوهر جي جھڳٽي وچ ۾ اڀري ايندو آهي
    ** موهن ــــ ٿر جو البيلو راڳي موهن ڀڳت


    نيڻ پرينءَجا پيرا ڳولن

    نيڻ پرينءَ جا پيرا ڳولن
    پنڇي جيئن آکيرا ڳولن

    منهنجي ڌرتيءَ وارا اڄ ڀي
    سانجھيءَ ويل سويرا ڳولن

    دانائن جي در جا ماڻهو
    ديوانن جا ديرا ڳولن!

    درد ائين ٿا ڳولن مونکي
    ماري ڄڻ ٿا ڳيرا ڳولن

    ڪيڏو اڳتي نڪري ويو آن!
    توکي تنهنجا پيرا ڳولن

    سنڌڙي سورج آهي جنهن کي
    سَوَ سَوَ گھور انڌيرا ڳولن


    چلڪو تنهنجي چوليءَ جو

    چلڪو تنهنجي چوليءَ جو
    ڏينهن هيو ڄڻ هوليءَ جو

    جنهن کي لڳندي ،سو انسان
    ديس، نه مذهب گوليءَ جو

    ڪير جھلي ها واءُ جو جھوٽو
    در ٽپي ويو کوليءَ جو

    واريءَ گھرڙو ڊاهي وئي پر
    ڇيهه ويو ٿي ڇوليءَ جو

    هيکل ٿي هارائي ويندين
    ٿي وڃ پيارا! ٽوليءَ جو

    تاريخن ۾ کتو پيو آ
    جھنڊو منهنجيءَ ٻوليءَ جو

    ڀاڪر بدلي ڀاڪر وجھبو
    گولي بدلو گوليءَ جو


    منو غزل

    نينهن نيڻن ۾ ۽ تنهنجا چارا هجن
    سڀ لڦون پير جون ڄڻ ستارا هجن

    نيڻ وچ سير ۾، ٻوڙ ٻوڙان ۽ چپ!
    ڄڻ ڪنارا هجن

    چهڪ چانڊوڪيون، ٽهڪ، اونداهيون
    گڏ گذارا هجن

    پيار وارا جتي به هجن يا خدا!
    سوڀيارا هجن

    زندگيءَ جي هٿن ۾ ڏئي هٿ هلون
    پهر پيارا هجن

    لفظ بارود ٿي ٿا سگھن دوستؤ!
    جي هو نعرا هجن


    سنڌ وارؤ ڪڏهن سرد ٿيڻو نه ٿَوَ
    توڙي پارا هجن

    منهنجي ڌرتي ڪڏهن هيکلي نه ٿئي
    ڀل ته هيڻا سهي پر سهارا هجن


    (هن غزل ۾ نئون تجربو ڪندي، مطلع کي عام غزل جيان رکيو ويو آهي، باقي هر بند جي ٻي سٽ ، اڌ ڪري وائيءَ جي وراڻيءَ وانگر رکي ويئي آهي، غزل جي بند ۾ جيئن ته چئن بدران ٽي پد آهن، تنهنڪري ان کي مني غزل جو نالو ڏنو اٿم.)


    مون جي اکڙين ۾ خواب پوکيا هن

    مون جي اکڙين ۾ خواب پوکيا هن
    رڃ ۾ ڄڻ گلاب پوکيا هن

    توکان سڀ ڏک کسي وٺڻ جا خيال
    من ۾ بيحساب پوکيا هن

    سونهن لئه، سچ لئه، محبت لئه
    وقت ڪيڏا عتاب پوکيا هن

    هر فصل ۾ ٿا وڃن مٽجي هو
    چهري چهري نقاب پوکيا هن

    پوءِ به پڪ آ گناهه ئي لڻندس
    توڙي هيڏا ثواب پوکيا هن

    ڪجھ عمل ڏي به سوچ او ڏاها!
    تو ته خالي خطاب پوکيا هن

    نيٺ تنهنجي سوال کي رسندا
    سنڌ! مون جي جواب پوکيا هن


    ويس اڇو تون پائي آئين، چانڊوڪي چورائي آئين

    ويس اڇو تون پائي آئين
    چانڊوڪي چورائي آئين

    نيڻ اڃان ڀي آلا تنهنجا
    ڪنهن کي تون پرچائين آئين

    رستي تي نڪتين ۽ پويان
    ڪيڏا نيڻ لڳائي آئين

    سچ جيان او سهڻا سپرين!
    ڪوڙ سڀئي شرمائي آئين

    سونهن نگر ۾ عشق اسانجاٰ!
    سارا لفظ کپائي آئين

    پيار شهر مان ٿڪجي موٽين
    سوچون ڀي سهڪائي آئين

    درد او! توکي شابس آهي
    ڪيڏو ساٿ نڀائي آئين!


    ڪيئن سک سمهجي، پاڻ تي تاڻي؟

    ڪيئن سک سمهجي، پاڻ تي تاڻي؟
    ياد، ڦاٽل رلهيءَ جيان آ هاڻي

    ڪوڙ، جنهنکي سڃاڻون تون ۽ مان
    شال تنهنکي وڃي شهر ڄاڻي

    نفرتون ڪن ٿيون آپگھات تڏهن
    پيار ٿو پيار کي جڏهن ماڻي

    هر خوشي ٿي لڳي پرائو گھر
    درد ڪاٿي ڇڏي ويو آڻي

    اهڙي اوندهه جو ديس ـ رستو گم!
    سج ٿي پئهُ ڪوي! انهيءَ ٽاڻي

    سال ٿيا هڪڙو گلبدن سپنو
    نيڻ ـ راهن جي ڌوڙ ٿو ڇاڻي


    دردن سان دوستي ڪر، راهن ۾ روشني ڪر

    دردن سان دوستي ڪر
    راهن ۾ روشني ڪر

    مون ساڻ دوستيءَ ۾
    ايڏي نه دشمني ڪر

    هن سان ملڻ جو سوچي
    سرهاڻ زندگي ڪر

    او سونهن! منهنجي دل تي
    اچ وار آخري ڪر

    هن سان گذار پنهنجي
    ڀاڳن تي شاعري ڪر

    سنڌ جو ڪرين ٿو سودو
    تنهنکان ته خودڪشي ڪر

    ٿورو تون جاڳ ۽ پوءِ
    جيئڻ جي خاطري ڪر!


    جنهنکي پنهنجو نه ڪنهن ڪيو هوندو

    جنهنکي پنهنجو نه ڪنهن ڪيو هوندو
    خالي گلدان جيان پيو هوندو

    توسان گڏجڻ اچي سگھيو ناهين
    ڪيڏو مجبور ٿي ويو هوندو

    ڇا روئڻ جو سبب ٻڌايان دوست!؟
    اک ۾ ڪک ڪو پيو هوندو

    توکي مونکي ئي پرک ڪرڻي آ
    پاڻ کي ڪنهن برو چيو هوندو

    پنهنجون ڳالهيون عجيب ڳالهيون هن
    پنهنجي منهن پڪ تو کليو هوندو

    هڪ هنڌ تي اچي پڄاڻي آ
    پيار توڙي جي اڻميو هوندو


    ماڻهپي کي ٿا لڄائن ماڻهو

    ماڻهپي کي ٿا لڄائن ماڻهو
    پوءِ به ماڻهو ٿا سڏائن ماڻهو

    دل ته جوڙن ئي نه ٿا هڪڙي ڀي
    ڪيڏا بنگلا ٿا اڏائن ماڻهو

    اوترا ئي ته خسيس آهن هي
    پاڻ جيڏو ٿا پڏائن ماڻهو

    توکي نالي جي مٽڻ تي حيرت!
    روز چهرا ٿا مٽائن ماڻهو

    مک هر راز کي کولي وجھندو
    لڙڪ توڙي جي لڪائن ماڻهو


    ڇو بدلجي ٿي وڃي تون کن ۾

    ڇو بدلجي ٿي وڃي تون کن ۾
    ڪجھ ته ويساهه ڪجي ساجن ۾

    درد آهن جو کٽڻ جا ناهن
    دوست! گھاريون ٿا پيا موجن ۾

    تنهنجي باري ۾ غلط ڳالهه ٻڌي
    باهه ڪائي ٿي لڳي ڄڻ تن ۾

    جڳ وارن کان ڊڄڻ ڇا جو آ؟
    ڪا برائي ته ڪين آ من ۾

    تنهنجي ناتي ته جيئون ٿا جاني!
    ڪهڙي آهي خوشي ٻي جيون ۾؟

    قربتون، فاصلا ۽ تنهنجي ياد
    رنگ ڪيڏا ڀرن پيون فن ۾

    گل! سدا سوچ ۾ رهين گم سم
    ايڏو سنجيدو ٿي نه جوڀن ۾


    ڪهڙو چهرو سنڀارجي هاڻي

    ڪهڙو چهرو سنڀارجي هاڻي
    ڪهڙو قصو وسارجي هاڻي

    هن سان گڏجي گهڻو گذاريوسي
    هن کان وڇڙي گذارجي هاڻي

    ٽهڪ جيڪي هئا ورهائي ڇڏيا
    ڪهڙو ڪنهن کي روئارجي هاڻي

    تارا ٽمڪن سدائين نيڻن ۾
    توکي هر پل ٿو سارجي هاڻي

    پاڻ ئي پنهنجو درد ڄاڻون ٿا
    پاڻ کي ئي پڪارجي هاڻي

    هن ڏي ڇا، هن جي گھر ڏي ئي ڪڏهن
    حڪم ناهي، نهارجي هاڻي

    توکي گڏجي ته ڪين هلڻو آ؟
    ڪهڙو توکي بيهارجي هاڻي

    منهنجي پويان لڳيون اچن يادون
    ڪيئن تن کي ڌتارجي هاڻي


    هل رڳو هنگاما آهن

    هل رڳو هنگاما آهن
    ماڻهو سچ پچ ڊراما آهن

    جيون ۾ پرچاوَ نه ايڏا
    جيڏا يار رساما آهن

    هڪ ڀي خواب سلامت ناهي
    نيڻ ته ناهن کاما آهن

    سوچون ننگي پيرين آهن
    ذهن تتل ڄڻ ٽاما آهن

    جيون جي آکاڻيءَ ۾ ڏک
    فل اسٽاپ ۽ ڪاما آهن

    شاعر جا دنيا جي نالي
    شعر محبت ناما آهن


    تنهنجي مونتي نگاهه ٿي وئي آ

    تنهنجي مونتي نگاهه ٿي وئي آ
    آفتن کان پناهه ٿي وئي آ

    کيس سڀ کان وتان لڪائيندو
    مرڪ ڄڻ ڪو گناهه ٿي وئي آ

    منهنجي سچ تي ڪروڌ ۽ هن جي
    ڪوڙ تي واهه واهه ٿي وئي آ

    زندگي هر ستم تي خوش آهي
    ٻن ٺڳن جو ڪو ٺاهه ٿي وئي آ

    ڪجھ ڪرڻ جو جي حوصلو جاڳيو
    راهه مان ئي ڪا راهه ٿي وئي آ

    ٻن ننڍڙين اکين جي چاهت ڏس
    هڪڙو ساگر اٿاهه ٿي وئي آ


    زندگي بهار جئن، پهرين پهرين پيار جئن

    زندگي بهار جئن
    پهرين پهرين پيار جئن

    دوستي زماني جي
    موسمي بخار جئن

    تو سواءِ هر گھڙي
    ڪنڌ تي ترار جئن

    پيار ٿا ڏين ماڻهو
    وياج تي اڌار جئن

    زندگيءَ مان نڪري ويو
    سک ۽ قرار جئن

    ظلم، شوق آ ڪن جو
    سير ۽ شڪار جئن

    بي سبب حياتيءَ جي
    جيت به آ هار جئن

    سچ ڪاڻ ويڙهه ۾
    هڪ ڀي هزار جئن


    منهنجي سوچن تي نه ڌاڙو آهي

    منهنجي سوچن تي نه ڌاڙو آهي
    اهڙو خالي نه ڏهاڙو آهي

    تنهنجو مايا ڏي جو لاڙو آهي
    پنهنجي پيرن تي ڪهاڙو آهي

    ٻاهران ڪيڏو ڍڪيل آ، ماڻهو!
    اندران ڪيڏو اگھاڙو آهي!

    پيار جنهن تي کڄن ٿا پٿر
    هي انهيءَ شخص جو پاڙو آهي

    تهنجي شعرن ۾ ڪٿان سوز اچي
    جنهن جو اندر ئي ٻاڙو آهي


    دردُ ڀاڪرَ ڀري به مرڪيو مون

    دردُ ڀاڪرَ ڀري به مرڪيو مون
    ٽهڪ ڏئي سک مگر نه پاتو مون

    هر دفعي هڪ نئون تجربو هو
    ڪاوڙياسون، جڏهن ۽ پرتاسون

    منهنجي چاهت جي ثابتي آهن
    ڊائري، خط، فون ۽ تارون

    زندگي دوست! آهي واچوڙو
    پاڻ ڄڻ ڪک پن جيان آهيون

    تنهنجو هر ڏينهن آ ڏياريءَ جيان
    ۽ انڌيرا اسانجون ميراثون

    ڪوڙ ڪيڏا وڏا ٿي ڳالهائين!
    زور سچ تي هيس ننڍي لاڪون

    اڄ جي سنڌ جو لکو اتهاس
    ڊپ، زخمي بدن، ٻسيون ٻانهون


    وڇڙي ويل لڙڪن ۾، هر سپنو وهي ويو

    وڇڙي ويل لڙڪن ۾، هر سپنو وهي ويو
    سوچيان ويٺو هاڻي، تنهنجو چهرو ڪيئن هيو؟

    ”هوءَ هلي وئي، اسان ته توکان ڌار نه ٿينديون سي“
    ڀاڪي پائي مونکي، تنهنجي يادن رات چيو

    خط لکيئه، پوءِ فون ڪيئه اڄ پاڻ هلي آئينءَ
    وسريل ماڻهو ڪيئن الائجي توکي ياد پيو؟

    ڪير ونڊيندءِ، روز وڃين ٿو درد وڌائيندو
    پنهنجي پاڻ کي معاف ڪري ڇڏ، هاڻي يار ٺهيو!

    او منهنجيون خوشيون! او منهنجي نيڻن جا سپنؤ!
    مونکي آخر پاڻ کان ايڏو ڇو ٿا دور ڪيو!


    حوصلو ڏي ته حادثن مان لنگهان

    حوصلو ڏي ته حادثن مان لنگهان
    پيار منهنجا! مان آفتن مان لنگهان

    منهنجو سارو وجود نيڻ ٿئي
    تنهنجي لکيل جڏهن خطن مان لنگهان

    رات، يادون سندءِ ۽ مان جاني!
    ڄڻ ته هوليءَ جي ٿو رنگن مان لنگهان

    مون تي جي مهربان ٿي پئين تون!
    مان به خوشين جي ڪجھ حدن مان لنگهان

    توکان وسري ويس ته خير، مگر
    موت جي ڄڻ ته ٿو هٿن مان لنگهان

    دوستي ٿي جڏهن کان دنيا سان
    روز ٿو تجربن ڪڙن مان لنگهان

    ڇو ڀلا مان رهان انڌيرن ۾
    سج هٿن ۾ کڻان، چنڊن مان لنگهان


    دل گھريا دوست به ساريا نه ٿين

    دل گھريا دوست به ساريا نه ٿين
    هيلوڪا درد وسريا نه ٿين

    ري سڏئي ئي ٿا رهن ايندا هو
    درد دل ۾ ته وهاريا نه ٿين

    تنهنجو ئي نانءُ سدائين ياد رهي
    شل نوان نانوَ اچاريا نه ٿين

    ياد آئين ته اکيون ڀرجي ويون
    شعر ڪاغذ تي اچاريا نه ٿين

    سک وڇڙن ڪڏهن ڀي نه جيڪر
    پنهنجا پيارا ئي جي ڌاريا نه ٿين

    آءٌ مجبور، مسئلا توکي
    قول ڪنهن کان به ته پاريا نه ٿين


    ڪيڏا ناڪام ٿي ويا آهيون

    ڪيڏا ناڪام ٿي ويا آهيون
    صبح مان شام ٿي ويا آهيون

    تنهنجي دل تان لهي اسان سائين!
    هاڻي گمنام ٿي ويا آهيون

    هر ڪو ماڻهو ائين ٿو دور رهي
    ڄڻ ته الزام ٿي ويا آهيون

    تون، مان مرڪي مليا هئاسين بس
    مفت بدنام ٿي ويا آهيون

    سونهن، سچ ۽ سڳنڌ جا جڳ ۾
    پاڻَ پيغام ٿي ويا آهيون


    چپ جي ديوار کي ڊهڻ گھرجي

    چپ جي ديوار کي ڊهڻ گھرجي
    ڪجھ ٻڌڻ گھرجي، ڪجھ چوڻ گھرجي

    پيار اهڃاڻ آهي جيون جو
    ڪنهن نه ڪنهن سان ڪڏهن ڪرڻ گھرجي

    هن جي مرضي ته هو رهي يا وڃي
    هن کي پر وڃڻ کان جھلڻ گھرجي

    جڳ وارن جي لڄا بيشڪ ڪر
    ڪڏهن ڪڏهن ته به ملڻ گھرجي

    پنهنجي منهن روئجي ڀلي پر پو
    هن سان ملجي ته پوءِ کلڻ گھرجي

    هڪٻئي تي رهي نه جي ويساهه
    دوستي اهڙي پوءِ ٽٽڻ گھرجي

    ڪوبه رستو نه ٻيو سجھي جڏهن
    پنهنجي گھر ڏانهن تڏهن وڃڻ گھرجي

    ڌوڙ ئي ڌوڙ ٿي ويو جيون
    هاڻي بس ماڳ کي ملڻ گھرجي


    عجيب مرحلا آهن اوهان کي چاهڻ جا

    عجيب مرحلا آهن اوهان کي چاهڻ جا
    گھڙِيءَ گھڙِيءَ جا جتن هن اسان کي ڊاهڻ جا

    ڏئي هو درد ٿو چاهي ته مرڪندو ئي رهان
    نوان ئي ڍنگ سکيو آهي آزمائڻ جا

    اداس توکي ڪرڻ ڪين ٿو گھران بس مان
    ائين ته مسئلا آهن نه ڪي لڪائڻ جا

    اسان ته ساهه کان ويجھو ٿيڻ ٿي چاهيو دوست!
    اوهان کي خيال هئا فاصلا وڌائڻ جا

    سڄي حياتي ڀري پئي آهي لڙڪن سان
    ملو ته ذڪر ڪيو هيل ڪي کلائڻ جا

    وساري سگھجي اوهان کي، ائين ڪو ٿي سگهندو
    اوهان به يار! ڀلا آهيو ڪي ڀلائڻ جا؟


    ماڻهو ته مريا آهن، پر سڏ وريا آهن

    ماڻهو ته مريا آهن
    پر سڏ وريا آهن

    ڪجھ تاءُ ته ٿيندو ئي
    جي جھنگ ٻريا آهن

    ڪجھ ڦٽ وري اڊڙيا
    ڪجھ گھاوَ ڀريا آهن

    تون ساٿ ڏنو منهنجو
    سڀ ڳٽ ڳريا آهن

    هڪ عشق، ٻيو آزادي!
    جذبا ئي چريا آهن

    تو ڏوهه ڪيا تن جا
    مون ڏنڊ ڀريا آهن

    ائين لڙڪ، جيئن ڍنڍ ۾
    ٻه هنج تريا آهن

    سنڌ ۾ ئي اچي سائيءَ
    ڇو پير ڌريا آهن؟


    پنهنجي ڪائي به ڪم نه آئي آ

    پنهنجي ڪائي به ڪم نه آئي آ
    هر گھڙي دوست آزمائي آ

    ڀاڳ جا در کلي پيا آهن
    جي ڪڏهن هوءَ مسڪرائي آ

    منهنجي رسوائين جي هرڪا ڳالهه
    منهنجي دوستن ئي هلائي آ

    هاڻي مونکي يقين ٿي ويو آ
    تو بنان زندگي اجائي آ

    ٿورڙو سوچجو جڏهن ڏک ڏيو
    مون اوهان ڏي خوشي وڌائي آ

    مونکي هن سان جا ڳالهه ڪرڻي هئي
    هوءَ هلي وئي ته ياد آئي آ


    گل پو سوگوار ٿي ويو آن!

    گل پو سوگوار ٿي ويو آن!
    پاڻ تي پاڻ بار ٿي ويو آن!

    هن جي هر ڳالهه ٿو ڪرين دل ۾
    تون به بلڪل ئي ٻار ٿي ويو آن!

    جنهن کان وڇڙڻ کي موت ڀانئيُه پئي
    اڄ اُنهيءَ کان ڌار ٿي ويو آن!

    پنهنجي ڏوهن کي ڪو ڏسي ئي نه ٿو
    مان ئي بس گُناهَگار ٿي ويو هان!

    منهنجي چاهت ۾ ڀي يقين نه ٿي
    ڪيڏو بي اعتبار ٿي ويو آن!

    پن ڇڻ جون سموريون منهنجون مندون
    تون ته هر پل بهار ٿي ويو آن!


    مونکي جيئرو ڏسڻ نه ٿو چاهي

    مونکي جيئرو ڏسڻ نه ٿو چاهي
    منهنجو من بس کلڻ نٿو چاهي

    ساري جڳ تي وسي پيو بادل
    منهنجي گھر تي وسڻ نٿو چاهي

    فون تي آخري سندس جملو:
    ”مون سان هاڻي ملڻ نه ٿو چاهي“

    هن کي آخر ته ماڳ رسڻو آ
    هيءَ گاڏي ڇڏڻ نه ٿو چاهي

    جي هو ڪم کان هليو ويو آهي
    زندگيءَ کان وڃڻ نه ٿو چاهي

    پنهنجي هر ڳالهه ٿو مڃائي هو
    منهنجو ڪجھ ڀي مڃڻ نه ٿو چاهي

    درد مون وٽ ڇڏي ويو آهي
    مون کان سڀ ڪجھ کسڻ نه ٿو چاهي


    ڀرپور نگاهن سان ڏسي ڀي نه سگھياسي

    ڀرپور نگاهن سان ڏسي ڀي نه سگھياسي
    هڪ درد کڻي دوست! اوهان ساڻ ملياسي

    ڪيڏا نه اداڪار وڃون پاڻ پيا ٿيندا
    دل ۾ ته رناسي پئي، ٻاهر ته کلياسي

    سڀ ٽهڪ، سڀئي گيت، زماني جي پلوَ ۾
    سڀ لڙڪ، سڀئي گھاوَ، اسان جھولَ جھلياسي

    جو شخص ملي ٿو سو ڀري زهرُ اکين ۾
    ايئين ٿو لڳي شهر تي ئي ڄڻ بار ٿياسي

    هن کان ته جوابن جون تقاضائون ئي بيڪار
    پنهنجن ئي سوالن ۾ ته وچڙي ها ويا سي

    اڄ نانءُ ڏنو ان به خزائن جو اسانکي
    جنهن لاءِ بهارن جو ڪو پيغام هياسي.


    نيڻ نيڻن سان ملي، ايئن مرڪيا

    نيڻ نيڻن سان ملي، ايئن مرڪيا
    ٻه رٺل ڄڻ ته پاڻ ۾ پرچيا

    تارا تارا، هو ذهن جو آڳُر
    تنهنجي يادن جا ڪيئي چنڊ چڙهيا

    شهر دل جو سڄو ٿيو خوشبوءِ
    ٽهڪ تنهنجا گلن جي مثل ٽڙيا

    ساڀيائون کسي وٺو ڀل جي
    ڪين سگھندؤ کسي مگر سپنا

    تنهنجي نيڻن کان معتبر ناهِن
    ڪنهن مقدس ڪتاب جا صفحا

    تنهنجي پيرن ۾ هئي لڳل ميندي
    منهنجي گھر جا ته ها کليل رستا

    روشني جھيڻي جھيڻي ٿيندي وڃي
    ۽ وڌندا وڃن پيا پاڇا.


    خال ئي خال زندگي آهي

    خال ئي خال زندگي آهي
    بس اڌاري ئي هر خوشي آهي

    مستقل درد هَن، اداسيون هَن
    پيار تنهنجو به عارضي آهي

    تنهنجي هوندي آ جيئڻ جو احساس
    هونئن هر ڏينهن خودڪشي آهي

    گھاوَ ڏئي، پاڻ ڀي ٿو روئي ڏي
    هيءَ نرالي ئي دشمني آهي

    ذهن جون سڀ ڳليون پيون جرڪن
    تنهنجي يادن جي روشني آهي

    دل جون ڳالهيون به ڪين ٿو سمجھين
    ڪهڙي آخر ڪا فارسي آهي؟

    دوست! مونکي ڇڏي نه وڃ هيکل
    صرف توسان ته دوستي آهي


    خوشيءَ ۾ ڪو مزو ناهي

    خوشيءَ ۾ ڪو مزو ناهي
    اُداسيءَ جو قسم آهي

    ائين مونکي هو چاهي ٿو
    جيئن ڪو بارُ ٿو لاهي

    نَديءَ ۾ ناوَ ڪاغذَ جي
    حياتي ٻيو ڀلا ڇاهي؟

    گھڙي ڀي زندگي چئبي
    ڪوئي ڪنهن کي اگر چاهي

    زماني کي ڇا ٺاهيندو
    جو پنهنجو گهرُ نٿو ٺاهي!


    سوچَ، لُڙڪ، وحشتون!

    سوچَ، لُڙڪ، وحشتون!
    عشق جون علامتون

    ڪيرُ ٿو ڏئي ائين؟
    اڻ گھـــــــــــريون مُحبتون

    پيارُ جي ملي پوي
    ڇا ڪــــــــــــــنداسين دولتون

    ســــــــــــــــــڪَ، پيارُ سامهان
    ڀورَ ڀــــــــــــــــــــــورَ نفرتون

    تو جيها ته ٿيون اول
    پو ڪـــــــــــــنداسي حُجتون

    ٿيون صفا ڀڃي ڇڏن
    آدميءَ کـــــــــــــي حالتون

    ظلمتن کي ڇا ڪندا
    يانَ ۽ مذمـــــــــــــــــتون؟

    سنڌ ساڻ ڀـــــــــــــيٽجن
    ڪهڙيون ڪهڙيون عظمتون؟

    خواب ـ گُل، خوشبئون
    حادثا ـ حقيــــــــــــــــقتون.


    هر گھڙي هو گھائن ٿا

    هر گھڙي هو گھائن ٿا
    دوستيون نڀائن ٿا

    ڊَپُ ٿو ٿئي هاڻي
    هٿُ جي ملائن ٿا

    ڦوڪَ سان ڳهيلا ڪي
    بلبَ کي وِسائن ٿا

    زندگي جھُڪي ٿي هُو
    نيڻَ جي جھُڪائن ٿا

    مُرڪي ڪي مٺا ماڻهو
    حادثا وڌائن ٿا

    سِجُ ڀي چڙهيو ناهي
    ديپُ ڀي اُجهائن ٿا

    گُلَ ۽ گُلابي رنگُ
    ڌيانَ کي ڇڪائن ٿا.


    درد اسان جي هانوَ ڏي، هٿ وڌايو پئي

    درد اسان جي هانوَ ڏي، هٿ وڌايو پئي
    پاڻ ٻئي خاموش هياسي، ڳوڙهن ڳالهايو پئي

    تنهنجن اکڙين هوريان هوريان ائين ڪيو سوگهو
    ڄڻ ڪنهن مارِيءَ ڄار ۾، پنڇي ڦاسايو پئي

    هڪڙو ڏاڍو پيارو منظر، رات ڏٺو هو مون
    اکِ ڀڳي ٿي تارن ۽ چنڊ لڄايو پئي

    سنڌ جي سورن جون ڳالهيون پئي فنڪشن ۾ هليون
    دل ئي دل ۾ ڪيڏن ماڻهن ۽ شرمايو پئي!

    تنهن وٽ تنهنجن يادن جا سَوَ سورجَ هوندا پڪ
    راتِ جي پهرين پهر ۾ ئي جنهن ديپ اجھايو پئي


    تو سواءِ عيد جو ڏهاڙو آ

    تو سواءِ عيد جو ڏهاڙو آ
    جان! ڄڻ ڪنڌ تي ڪهاڙو آ

    لُڙڪ، يادون، هي دردَ، اوسيئڙو
    محبتن جي شهر هو ڀاڙو آ

    تنهنجون راهون سندم ئي رهون هَن
    پنهنجو ساڳيو ئي نيٺ پاڙو آ

    هڪ کان منهن ڦيريو ته ٻيو سامهون
    دوستَ! هر دردُ ڄڻُ ته جاڙو آ

    مُرڪ مون کان ويو ڦُري آهي
    يارَ! تنهنجو رُسڻ به ڌاڙو آ

    تون ڀلي کيس سُکَ ـ وستي چَئهُ
    هيءَ ڌرتي ته روڄُ راڙو آ

    سچ جو سلسلو رهيو جاري
    ڪڏهن تاڙي ته ڪڏهن تاڙو آ


    آس رکُ نراسَ ۾، لاٽَ ڪا اُماسَ ۾

    آس رکُ نراسَ ۾
    لاٽَ ڪا اُماسَ ۾

    هي ڌماڪا چؤطرف
    امن ڀي هراس ۾

    رَتُ، رکَ راڙوئي
    آ رُڳو اتهاس ۾

    پي ويس زهر سڄو
    شڪ پوءِ ڀي پِياس ۾!

    پيارُ آهي مسئلو
    مِڊل ئي ڪلاسَ ۾

    مشڪلون ته سينديون هَن
    دوستَ! رھُ حواسَ ۾


    هيڻو ئي نشانو آ پٿر جو زمانو آ

    هيڻو ئي نشانو آ
    پٿر جو زمانو آ

    چئبس ته: آ مجبوري
    چوندي ته: بهانو آ

    هن پيار جي سودي ۾
    جيون ته بيانو آ

    ڪجھ ٽهڪ، لُڙڪَ، يادون
    مون وٽ به خزانو آ

    مُرڪڻ تي سزا ملندي
    نئون حُڪم روانو آ

    هن لاءِ سندم نالو
    بڻجي ويو طعنو آ


    عيدَ جي ڏينهن به دوري آهي

    عيدَ جي ڏينهن به دوري آهي
    ڪيڏي نه مجبوري آهي

    ڪهڙي نئين تمنا ڪرڻي؟
    پهرين ئي اڻپوري آهي

    آدمَ جو اولادُ ته آهيان
    سيد ڪوءِ ضروري آهي؟

    جذبا پنهنجا راڄَ ـ دروهي
    پل پل ڪائي سُوري آهي

    دوستَ! اڌوري جيون وانگي
    هرڪا آسَ اڌوري آهي

    ڇا جي ڪپڙا گندا آهن!!؟
    دل جو شهر کٿوري آهي


    تنهنجون يادون! نه تون!

    تنهنجون يادون! نه تون!
    جاني ڙي! ڪيئن جيون؟

    دوستَ! وڌنديون وڃن
    تو سواءِ وحشتون

    جي نه مُرڪي سگھون
    آءُ روئي پئون

    پاڻ لئه آهي بس
    تنهنجو مُرڪڻ خوشيون

    گھُنڊَ پائي ملون
    تنهنکان وڇڙي وڃون

    چُپِ، چَپَ هن ته ڇا؟
    چُپِ ناهن اکيون

    پنهنجو هر پل اُماس
    تو سدا چوڏهيون

    پاڻ پرچيل هُجون
    جڳَ کي باهه ڏيون

    ڪجھ نه ڏسجي پيو
    تيز ڪيو روشنيون

    نيٺ مرجھائبيون
    گُل ٿي مُکڙيون


    منهنجا دُک آهن ۽ مان

    منهنجا دُک آهن ۽ مان
    گھاريون پيا ٿا سالن کان

    تنهنکي ڪيئن دوکو ڏينديس؟
    جنهن کي پنهنجو ٿو سمجھان

    دولتَ جن لئه سڀ ڪجھ آ
    اهڙن ماڻهن مان ناهيان

    توکي سڀڪجھ ڏيان پنهنجو
    توکان تنهنجا دردَ وٺان

    پاندُ سلامت ناهين ڪو
    ڇا سان تنهنجا لُڙڪ اگھان؟

    دنيا ڇو ٿي وچَ ۾ پئي؟
    هُو ڄاڻي يا مان ڄاڻا

    پڇتائيندينءَ هڪ ڏينهن تون
    چئين ٿي: ”توکي ڇڏي وڃا.“


    کاتا ٿي رکين هيڏا، جي منهنجي خطائن جا

    کاتا ٿي رکين هيڏا، جي منهنجي خطائن جا
    دَر بند رکيا ٿي ڇو، پوءِ جان! سزائن جا؟

    گھر ناهين جي مونکي ته، اچرج ٿو ڪرين ڇاجو؟
    گھرَ هوندا ڪٿي آهن؟ خوشبوءِ جا، هوائُن جا!

    سڀ ديپ ـ اُجھيل راهون، خاموشي ۽ چوڌاري
    سڌ، پير چمي موٽيا، پنهنجن ئي صدائن جا

    ها دوستَ! اسان جي ته، نالي سان ڳنڍيل آهن
    ڪجھ پيار ڪرن جا ۽، ڪجھ ڏوهه وفائُن جا

    بارودَ بُکون، باهيون، هر ظلم، جبر، وحشت!
    ڌرتيءَ تي لکين ٿورا، ڌرتيءَ جي خدائن جا.


    ياريون رَسُ رهاڻيون پيارا!

    ياريون رَسُ رهاڻيون پيارا!
    ساريون قرب ـ ڪهاڻيون پيارا!

    هر هر ياد اچن جي تنهنجي
    ڪاٿئون ڳوڙها آڻيون پيارا!

    تنهنجو پيارُ، ڪتابَ هي ڪمرو
    پنهنجي دنيا ڄاڻون پيارا!

    توکان، مونکان اهم نه آهن
    هي راجا، هي راڻيون پيارا!

    پيار جي راهَه اڙانگي ايڏي
    سوچون ٿيون هن ساڻيون پيارا!

    تنهنجا ٽهڪ سنڀالي رکنديون
    يادون ڳوڙهن ـ هاڻيون پيارا!

    خولَ مٿان هڪ خول نئون آ
    چهرا ڪيئن سَڃاڻيون پيارا!

    آءُ ته لڙڪ اُگهان مان تنهنجا
    آءُ ته مرڪون ماڻيون پيارا!


    وايون

    تو تائين پهتا، منهنجي نيڻن جا

    تو تائين پهتا، منهنجي نيڻن جا
    سارا ٿڪ لهي ويا!

    تنهنجو نانءٌ لکي ڏٺم، منهنجي هٿڙن جا
    سارا ٿڪ لهي ويا!

    تون جي آئين شهر ۾، سڀني رستن جا
    سارا ٿڪ لهي ويا!

    ساڀيائن جي ديسَ ۾، ساڻن سپنن جا
    سارا ٿڪ لهي ويا!

    هڪڙي ڀاڪُرَ ساڻ ئي، وسريَل واعدن جا
    سارا ٿڪ لهي ويا!

    تنهنجي چنريءَ ۾ اچي، راڻي رنگن جا
    سارا ٿڪ لهي ويا!

    تو تائين پهتا، منهنجي نيڻن جا
    سارا ٿڪ لهي ويا!


    ڏات بنان جيئن ڏانءُ

    ڏات بنان جيئن ڏانءُ
    ڄڻ ڪو خالي ٿانءُ

    ڌرتيءَ تي هيءَ زندگي!

    هر گوليءَ ۾ ڳولي ٿي
    پنهنجو گُم ٿيل نانءُ
    ڌرتيءَ تي هيءَ زندگي!

    سوچي پيئي: ”پهچندس
    آخر ڪاٿي آءٌ؟“
    ڌرتيءَ تي هيءَ زندگي!

    پيڙائن جي پنڌ ۾
    هارايل ڪو هانءُ
    ڌرتيءَ تي هيءَ زندگي!

    ڏات بنان جيئن ڏانءُ
    ڄڻ ڪو خالي ٿانءُ
    ڌرتيءَ تي هيءَ زندگي!


    گھُگھه جي گھيرن ۾

    گھُگھه جي گھيرن ۾
    گھور انڌيرن ۾
    ڏيئا ٻاريان ٿو!

    پنڇي راهه نه ڀُلجن
    مان آکيرن ۾
    ڏيئا ٻاريان ٿو!

    اُجرن گيتن جا پيو
    اندر ميرَن ۾
    ڏيئا ٻاريان ٿو!

    ڏياريءَ جي ڏينهن تي
    پرينءَ پيرن ۾
    ڏيئا ٻاريان ٿو!

    گھُگھه جي گھيرن ۾
    گھور انڌيرن ۾
    ڏيئا ٻاريان ٿو!


    دَزَ چڙهي وئي آهي!

    ياد ـ ڪتابن تي
    سارن خوابن تي
    دَزَ چڙهي وئي آهي!

    تو آڏو چُپ چاپ مان
    هَڙَ جوابن تي
    دَزَ چڙهي وئي آهي!

    گونگي، ٻوڙي ديس ۾
    گيت ـ گُلابن تي
    دَزَ چڙهي وئي آهي!

    چمڪن پيا هٿيار ۽
    قلمَ ڪتابن تي
    دَزَ چڙهي وئي آهي!

    ياد ـ ڪتابن تي
    سارن خوابن تي
    دَزَ چڙهي وئي آهي!


    ساڀيا ۽ سپنن ۾!

    ڪيڏيون وڇوٽيون!؟
    ساڀيا ۽ سپنن ۾!

    ڏاڍي چوٽ ڏيئي ويون
    تنهنجون ٻه چوٽيون
    ساڀيا ۽ سپنن ۾!

    سوچُون لهرون سمنڊ جون
    آيون ۽ موٽيون
    ساڀيا ۽ سپنن ۾!

    جانب! جياپي جون
    جنگيون ٿا جوٽيون
    ساڀيا ۽ سپنن ۾!

    دَٻجي ويئي ياد جي
    قبرون ڇا کوٽيون؟
    ساڀيا ۽ سپنن ۾!

    ڪيڏيون وڇوٽيون!؟
    ساڀيا ۽ سپنن ۾!


    ڀوڳيون يار اسان ٿا!

    توکي ۽ تنهنجي
    يادُن کي ڇاهي؟
    ڀوڳيون يار اسان ٿا!

    ننڊون ئي ويندا کسي
    سپُنن کي ڇاهي؟
    ڀوڳيون يار اسان ٿا!

    پِٿون پيرَ ويا ٿي
    رستن کي ڇاهي؟
    ڀوڳيون يار اسان ٿا!

    توڙي تيز ترار جيان
    لفظن کي ڇاهي؟
    ڀوڳيون يار اسان ٿا!

    چنڊُ گھرن ٿا راند لئه
    ٻارن کي ڇاهي؟
    ڀوڳيون يار اسان ٿا!


    ڪيئن پوندا، ڪيئن پوندا يارَ!؟

    ڪيئن پوندا، ڪيئن پوندا يارَ!؟
    سنگھرَ سوچُن تي!

    ڀاڳيا منهنجيءَ ڀونِءِ جا
    هيڻا يا هالارَ؟
    سنگھرَ سوچُن تي!

    ڌرتيءَ وارا پيا ٿين
    ڇو ڌرتيءَ کان ڌار؟
    سنگھرَ سوچُن تي!

    ڪڏهن ٿيندي ڏيهه ۾
    مرڪن جي مهڪار
    سنگھرَ سوچُن تي!

    ماروئڙن جي ماٺ ۾
    لڪل ڪا للڪار؟
    سنگھرَ سوچُن تي!

    ڪيئن پوندا، ڪيئن پوندا يار!؟
    سنگھرَ سوچُن تي!


    بارودي هن ڊوڙَ ۾!

    جذبا ڪيئن بچندءِ؟
    لاشا ئي ملندءِ
    بارودي هن ڊوڙَ ۾!

    ماڻهو! توتي ماڻهپو
    ٽهڪ ڏئي کلندءِ
    بارودي هن ڊوڙَ ۾!

    بَم هي تنهنجي ٻارَ کان
    مُرڪون کسيندءِ
    بارودي هن ڊوڙَ ۾!

    مورک! سوچيو ٿي ڪڏهن
    لُڙڪ رُڳو ملندءِ
    بارودي هن ڊوڙَ ۾!

    دل ۾ لکين وحشتون
    خنجر جيان لهندءِ
    بارودي هن ڊوڙَ ۾!

    ٽامي جا ٽڪڙا ڏيئي
    پيار کسي ويندءِ
    بارودي هن ڊوڙَ ۾!

    جذبا ڪيئن بچندءِ
    لاشا ئي ملندئي
    بارودي هن ڊوڙَ ۾!


    نفرت سندءِ نهار ۾!

    وِکري وينداسي
    هاڻِ نه جيئنداسي
    نفرت سندءِ نهار ۾!

    تيز هوائون، حالتون
    جيٺ اُجھامياسي
    نفرت سندءِ نهار ۾!

    ساھُ هئين تون ساههَ ۾
    توکان وسرياسي
    نفرت سندءِ نهار ۾!

    ڪيئن حياتي گذرندي؟
    بس گِهلينداسي
    نفرت سندءِ نهار ۾!

    واندَ ملي ته دل جا
    گھاوَ ڳڻينداسي
    نفرت سندءِ نهار ۾!

    ڪنهن ڄاتو ٿي گل مان
    پٿر ٿيندا سي
    نفرت سندءِ نهار ۾!

    وکري وينداسي
    هاڻِ نه جيئنداسي
    نفرت سندءِ نهار ۾!


    دلبر! پنهنجي ديسَ ۾!

    آئي جاڳرتا
    دلبر! پنهنجي ديسَ ۾!

    سدا رهيا پيارُ ۽
    سچُ سندم سرتا
    دلبر! پنهنجي ديسَ ۾!

    ڪانئر ڪاڻ جو موت آ
    مون لئه اَمرتا
    دلبر! پنهنجي ديسَ ۾!

    جنمَيئي ڪاٿان جيءَ ۾
    ايڏي ڪانئرتا؟!!
    دلبر! پنهنجي ديسَ ۾!

    جُوءِ جي لاءِ جيئن جي
    ماڻن سڦلتا
    دلبر! پنهنجي ديسَ ۾!

    آئي جاڳرتا
    دلبر! پنهنجي ديسَ ۾!


    مُورک ناهيون ايترا!

    پٿر ڏسنداسي
    هيرا چوندا سي
    مُورک ناهيون ايترا!

    ڦَٽين لُوڻُ جي ٻُرڪبو
    مُرڪي پوندا سي
    مُورک ناهيون ايترا!

    ٿوري ڏُک ملڻ تي
    هِيڻا ٿينداسي
    مُورک ناهيون ايترا!

    انڌين اکين ۾ پيا
    خوابَ ٽنگينداسي
    مُورک ناهيون ايترا!

    هر جذبي هر سوچ جو
    اَگُھ ڪٿينداسي
    مُورک ناهيون ايترا!

    پٿر ڏسنداسي
    هِيرا چوندا سي
    مُورک ناهيون ايترا!


    لُڙڪَ سنڀالي رک تُون!

    ڇاٿي ڪڏهن اَلاءِ
    اوکيءَ سوکيءَ لاءِ
    لُڙڪَ سنڀالي رک تُون!

    ساري دنيا دانهن آ
    تنهن ۾ ٽهڪَ ورهاءِ
    لُڙڪَ سنڀالي رک تُون!

    ٿورو ٿورو خرچُ ڪر
    وڇڙڻ ويلي تاءِ
    لُڙڪَ سنڀالي رک تُون!

    خواب کڻي وڃ پنهنجا
    موھُ سندم موٽاءِ
    لُڙڪَ سنڀالي رک تُون!

    ڏينهن ٿيڻ کان اڳ ئي
    ڏيئا ڪين وساءِ!
    لُڙڪَ سنڀالي رک تُون!

    ڇاٿي ڪڏهن اَلاءِ
    اوکيءَ سوکيءَ لاءِ
    لُڙڪَ سنڀالي رک تُون!


    عشق اسان جو آرسي

    عشق اسان جو آرسي
    پٿر لوڪُ سڄو!

    جڏهن ڀي مان سچ سان
    آهي لڇَ ڳنڍي
    پٿر لوڪُ سڄو!

    جاڳندي جو خواب آ
    تنهنجي منهنجي زندگي
    پٿر لوڪُ سڄو!

    دردَ پرائيندي پرين
    مون سان واٽَ رکي
    پٿر لوڪُ سڄو!

    ڪين لڪائي سگھبي
    خوشبوءِ ۽ خوشي
    پٿر لوڪُ سڄو!

    عشق اسان جو آرسي
    پٿر لوڪُ سڄو!


    سچل نالو سَچَ جو!

    سچ جو نانءُ سچل
    سچل نالو سَچَ جو!

    سچائيءَ جي مُکَ تي
    هر دم رنگ ـ رتل
    سچل نالو سَچَ جو!

    چهرا جاڳن چؤطرف
    ڦاسي گھاٽُ سُتل
    سچل نالو سَچَ جو!

    ذهن سمورا ٿي ويا
    ڇاکئون ڪُوڙھ ـ وتل؟
    سچل نالو سَچَ جو!

    مايوسين جي مند ۾
    جذبا رنگ ـ رتل!!
    سچل نالو سَچَ جو!

    گھر کان ايڏو ڏور
    مٿان ڏينهن تتل
    سچل نالو سَچَ جو!

    ڌرتي هر ڪنهن دؤر ۾
    ڳولي ڪوءِ سچل
    سچل نالو سَچَ جو!


    سانڍي رکجانءِ پيارَ کي!

    کسجي ويندي اوچتو
    آهي هر خوشبو
    سانڍي رکجانءِ پيارَ کي!

    گھڙيءَ ۾ ٿاٿي وڃن
    مِرون ڙِ! ماڻهو
    سانڍي رکجانءِ پيارَ کي!

    رات رُنس پئي آءٌ ۽
    مُرڪيا ٿي ٽيڙو
    سانڍي رکجانءِ پيارَ کي!

    رهندو ڇا؟ کسجي ويئي
    ڪويل کان ڪُو! ڪُو!!
    سانڍي رکجانءِ پيارَ کي!

    کسجي ويندي اوچتو
    آهي هر خوشبو
    سانڍي رکجانءِ پيارَ کي!


    جرڪيل جرڪيل جندڙي!

    اَندرُ کارو کُوھ
    جرڪيل جرڪيل جندڙي!

    ٻاهر مرڪون منهن تي
    روئي رڙي روحُ
    جرڪيل جرڪيل جندڙي!

    پِي ويا پيئندڙ پاڻ ئي
    اکڙين راھ ڪَڪُوھُ
    جرڪيل جرڪيل جندڙي!

    اڀري ايندو سج سمان
    جوڀنُ پنهنجو ڦوھُ
    جرڪيل جرڪيل جندڙي!

    اندَرُ کارو کُوھُ
    جرڪيل جرڪيل جندڙي!


    لاٽ جلائي لاٽ مان!

    روشن ڪيو راهون
    لاٽ جلائي لاٽ مان!

    ڪيسين ڪارونڀار جون
    سورجَ تي ڪاهُون؟
    لاٽ جلائي لاٽ مان!

    سورهيه ڪارڻ سوڀَ جون
    ٻاڪرنِ ٻانهُون
    لاٽ جلائي لاٽ مان!

    ٻڌي ٻڌجن ڪيتريون؟
    ديس سڄو دانهون
    لاٽَ جلائي لاٽَ مان!

    روشن ڪيو راهُون
    لاٽ جلائي لاٽ مان!


    ناتو جوڙي نينهن سان!

    ورتو سين ويراڳُ
    ناتو جوڙي نينهن سان!

    عشقُ ڪيو سي عشقَ سان
    پاڻَ بڻائي ڀاڳُ
    ناتو جوڙي نينهن سان!

    سُڏڪي سڏئي سونهن ٿي
    عشق! اسانجا جاڳُ
    ناتو جوڙي نينهن سان!

    جي مان سوچيان سچَ سواءِ
    ڏئي وڃُ ڏاتِ! ڏُهاڳ
    ناتو جوڙي نينهن سان!

    ورتو سين ويراڳُ
    ناتو جوڙي نينهن سان!


    ڪڻا ڪونهن ڪڻڪ جا!

    ڇوريءَ ڇڳل ڇَڄُ
    ڪڻا ڪونهن ڪڻڪ جا!

    چتان چاهيان، وستيون واهڻ
    ڌرتي! تنهنجي ڌَڄُ
    ڪڻا ڪونهن ڪڻڪ جا!

    ڪارن ڪڪرن واٽ وڪوڙي
    اوندهه آهي اڄُ
    ڪڻا ڪونهن ڪڻڪ جا!

    آزاديءَ ـ آواز اندر جا!
    واڄَٽ وانگي وَڄُ
    ڪڻا ڪونهن ڪڻڪ جا!

    ڇوريءَ ڇڳل ڇَڄُ
    ڪڻا ڪونهن ڪڻڪ جا!


    نظم

    دل جي ديس مان جلاوطن يادون

    اهي به ڏينهن هئا :

    روز روز ملبو هو
    ۽ ڳالهه ڇا به هجي
    ٽهڪ ڏئي کلبو هو
    چَپن تي پنهنجون، پرايون، هزار آکاڻيون
    ادب تي، آرٽ تي، فلمن تي ۽ ڪتابن تي
    طويل بحث، رُساما، عجب عجب ڳالهيون!
    ۽ وچَ وچَ ۾ اکڙين جون پنهنجون شيطانيون
    عجب نشي ۾ ٿي گُذريا، هي ڏينهن ۽ راتيون
    نه پنهنجو هوش، نه دُنيا جي ڪا خبر پرواھَ

    ۽ هي به ڏينهن ٿيا :

    ٿا ڪڏهن ڪڏهن گڏجئون
    ملون ته ايئن جو ست ڪوٽَ اوپرائپَ جا
    ڪنهن جوڪ (Joke) تي به رُڳي مُرڪَ، سا به زوريءَ جي
    نه مان ئي ساڳيو اُهو ۽ نه تون اُها ساڳي
    اکيون اُهي ئي مگر، هاڻي تِن ۾ ويرانِيون!
    پرائي ديس ۾ ڪنهن اَجنَبيءَ جون حيرانِيون!

    ٻه چار جُملا، لڳن ٽيپ ٿيلَ زبانن تي :
    ”اوهان جي ڪيئن آ طبيعت،


    ڪٿي ۽ ڪيئن آهيو؟
    لکو ٿا؟
    لکڻ به شايد ڇڏي ڏنَوَ هڻي!
    گھڻن ڏينهن کان اَوهانجو نه ڪُجهه پڙهيو آهي.
    ڏِسو ته ڪيڏي نه آهي خراب موسمَ اڄُ
    هَوا ۾ ڪيڏي نه آهي مٽي!
    بس زڪام، کنگھ، بُخار!!

    ۽ وچ ۾ وري خاموش چانهه جو وقفو :
    جي ڪوپَ ڏيندي ٿئي آڱرين جو ٿورو ڇهاءُ
    تڪڙ ۾ هَٿُ ڇڪڻ، سوري (Sorry) ٿورڙو پڇتاءُ
    نگاهون هيٺ، رُڳو ماٺِ، ماٺِ ڀي هڪ گھاءُ!

    عذابُ ماٺ جو جنهن پل وڌي وڃي حد کان
    ”چڱو، هلان ٿو!“ رُڪجڻ
    اجائي آس، اِجھو موٽَ ۾ ڪوئي چوندو :

    ”اڃا ته ويهُه، اڃا وقت ئي ٿيو ڇاهي؟
    جڏهن به ايندس، ائين تڪڙ ئي ڪيون ايندين!
    مگر جواب ۾:
    ”پوءِ چکو ــ وري اَچجو!“
    ٻُڌي، نڙيءَ ۾ ڪائي شيءِ اَٽڪندي ڀاسي
    ۽ تيز تيز قدم، ڌوڙ ڌوڙ راهُن تي.

    اهي به ڏينهن ٿيا!
    ها، اِهي به ڏينهن ٿيا!!


    اسٽوڊنٽ ــ لائف

    ڪاري رنگَ سان ٿڦيلَ هڪ ديوارَ تي
    چار مطالبا ۽ بس:


    ”.......... جا رسٽيڪيشن آرڊر واپس وٺو“
    ” ساٿي .......... جي گرفتاريءَ جا وارنٽَ رَدِ ڪيو“
    ” محترم .......... کي آزاد ڪيو“ ۽
    ” شهيد .......... جي قاتلن کي گرفتار ڪيو“

    آخري مطالبو!!


    وڇوڙي جو پهريون نظم

    تون وئي آن ته ائين ڀاسي ٿو

    چوڏسائن ۾ ڌُوڙِ اُڏري ٿي
    وقتَ جا پيرَ ڄڻ ته وڍجي ويا
    هر گھڙي سالَ وانگي گُذري ٿي

    ڪنهن به گُلَ ۾ سُڳنڌ ناهي رهي
    بس اُڀا تيز صرف ڪنڊا هَن
    آڱرين ۾ ٿا جيڪي لهندا وڃن
    ٽيپ تان ڪوبه خوبصورت گيتُ
    صرف هڪ شورُ ٿو لڳي هاڻي
    دردَ کي عُمر ٿي آ ، ساماڻي!

    پاڻَ کي پاڻُ اوپرو ٿو لڳي
    ٽهڪَ تي روڄَ جو گُمان ٿو ٿئي
    ڄَڻُ ڏِسڻ ۾ ڀڳل لڳان ٿو مان
    آئيني کي مُئل لڳان ٿو مان

    تون وئي آن، ته ائين ڀاسي ٿو!
    تون وئي آن، ته ائين ڀاسي ٿو!


    خوشي

    ڪنهن چيو هو ته :
    ”هوءَ هتان لنگھندي“

    ۽ انهيءَ موڙَ تي مان
    ڪيترا سالَ بيٺو رهيس
    جو سڄو انتظار بڻجي ويس
    ٻئي اکيون، ديپَ هُنَ جي راهُن جا
    ۽ خيال جون سڀُ مُندون
    هُن جون

    ڪالَهه پر، هُوءَ جڏهن هِتان گُذري
    اوپرائپَ هيس نگاهُن ۾
    هڪ گھڙي ڀي نه ترسي
    مُنهنجي لاءِ ـــ
    ”مان ته توکي نه ٿي سُڃاڻان!“
    چئي،
    سڀُ مُندون، سڀُ خيالَ
    مون کان کسي
    هُوءَ هوا وانگي آئي
    گُذري وئي!


    آخري رستو

    هاڻي موٽڻَ جو ڪٿي آ، امڪان؟
    سارو جيونُ ته داوَ تي آهي
    هر ٽهڪُ، لُڙڪ جي آ نانءِ ٿي ويو
    دردَ ـ درياههُ آهي اُٿلي پيو
    سارا رستا وڃائي آيا سي
    سارا ٻيڙا جَلائي آياسي
    آڳ آهي اڳيان
    پُٺيان پاڻي
    ۽ هاڻي!!

    جيتَ ملندي ته ڀلا چئبا ڀاڳَ
    هارَ هرڪا به اکين تي آهي
    آءُ ته پوءِ تنهن کان اڳي
    ڪُوڙ جو ڌُوڙ مُنهَن ۾ پائي وڃي
    (پنهنجي ئي)
    رات هر سُونهَن کي ڳڙڪائي وڃي
    (سِجَ سُوڌي) رات ڪاريءَ جي اکيُن منجھ
    کُپائي اکيون
    ساري سگھ ميڙي سهيڙي اُن سان
    جھيڙي ڏيون، وِڙهندا رهون
    وڌندا رهون، مُنهنجي جان!

    هاڻي موٽَڻَ جو ڪِٿي آ اِمڪان؟


    هڪ مجبوري آ

    جڏهن به سکَ جي هر شاهراھَ
    بند ٿي وَئي
    ۽ روڳ ـ رستي تي ٿِڙندو رهيس ۽
    ٿڏبو رهيس!
    نه ڪوئي سڏُ ٿيو، هٿُ وڌيو
    نه ٽيڪ ملي،
    رُڳو اهوئي ٿيو، مونتي ٽهڪ ڏيئي وڏا
    هوا کِلي آهي، رستي جي
    ۽ اڌ سُڪل ڦٽن تي هي
    روز رُهنڊَ نئين
    سڀيئي رستا منجھيلَ
    خواب خواب راھَ سنئين

    ٽهڪَ جي نانءَ کان نا آشنا هي چَپَ منهنجا
    بسنت ـ رنگَ کان ۽ اوپريون نگاهون هي
    ڪنهن هڪ نهارَ لئه
    سالن کان منتظر اکڙيون
    جنين جي ڀاڳَ ۾ لِکبيون رهيون ٿي مايوسيون
    نه ڪنهن جي پيارَ جو امرتُ، نه جيئڻ لئه اُتساھ

    لڳي ته ساھُ، هرهڪ ساھُ
    آهي پويون پساھُ!!

    تڏهن جن دل جي انڌيرن گھٽين کي روشن ڪيو
    ۽ ماءُ جيان وجھي ڀاڪُر چُميو نرڙُ منهنجو
    انهن جن منهنجي خيالن جا ديپَ ٻاري ڇڏيا
    ۽ وارَ سوچَ جا پاٻوھَ مان سنواري ڇڏيا
    جنين حياتي ڏنِي منهنجي
    مُئل لفظن کي
    ۽ گھاوَ گھاوَ اُميدن جي ڪئي مسيحائي!
    انهن جي هوندي حياتيءَ مان گُم تنهائي.

    پوءِ هاڻِ عرصي پُڄاڻان
    جي مُرڪَ، مُرڪي آ
    سدا جي ننڊَ وساريلَ اکين کي خوابَ مليا
    سُکن آ ڪنڌُ ورائي ڏٺو، ڏِسي ۽ کليا
    ۽ دل جي باغ ۾ ڪجھ رنگَ رنگَ ڦولَ ٽِڙِيا
    ته هاڻي ڪيئن ڪري ٿو سگھان ۽ ڪيئن ڪيان؟
    پراڻا دوست ڇڏيان؟!
    ائين ڪِٿي ڪري ٿو سگھان!!
    ٻه ٽي جي سُکَ مليا هَن ته پوءِ
    هاڻي مان

    ”دُکن کي ڪيئن چوان؟ڍ
    دوستَ منهنجو دَرُ نه ٽَپو!!“


    سپنو ۽ ساڀيا

    چوندي هئينءَ :
    ”ڏُکَ سُکَ ته ايندا رهندا هَن
    ٿوريءَ ٿوريءَ ڳالهه تي گھٻرائبو ناهي
    روئَڻَ سان ڪهڙو مسئلو حل ٿيندو؟
    دل وڏي ڪر
    ٺيڪ ٿي ويندو سَڀُ ڪجھ ئي.“

    ۽ رات جڏهن ڊاڪٽر ڏسي ويو آهي :
    ”مسٽَر!
    تنهنجي دل وڏي ٿي وئي آهي.“

    ته روئين ڇو ٿي؟
    گھٻرائي ڇوٿي؟


    درخواست

    مُنهنجي سانئڻ!
    سچ چوانءِ
    ڪاوڙ ۾ تون بلڪل
    سُهڻي لڳندي ناهين!
    اُهي ٻيا ڪي چهرا هوندا
    جن تي ڪاوڙ ٺهندي آهي
    تُنهنجو ڇهرو تن مان ناهي
    تون ته سدائين
    کِلندي / ٽڙندي
    ٺَهندي آهين / وڻندي آهين
    تُنهنجي ڳلن ۾ ٽهڪَ ڏيڻ تي
    جيڪي چُگههَ پون ٿا
    تن ۾ منهنجا خيال پيا
    ٻُڏن تَرن ٿا، تَرن ٻُڏن ٿا
    تڏهن ته سانئڻ!
    تو جهڙا ڪي سهڻا سهڻا
    شعرَ جُڙن ٿا
    مُنهنجي سانئِڻ!
    سچُ چوانءِ؟
    ڪاوڙ ۾ تون بلڪل ئي
    سهڻي لڳندي ناهين
    تون ته سدائين کلندي ڪَر،
    ٽهڪَ ڏَئي پئي ٽِڙندي ڪر!


    اوسيئڙو

    مان اُنهيءَ ڏينهن جي
    اوسيئَڙي ۾ آهيان سانئِڻ!
    شهرَ تنهنجي جا، جَڏَهن سَڀُ ماڻهُو
    گُلَ هٿن مان رَکي
    پَٿَر کڻندا
    جن جي اکڙُين جي جڳهه چهري تي
    هوندا ڄَڻُ ڪي ٻه سجايَلَ ٽانڊا
    جن مان اُلري ڪي اُلا نفرتَ جا
    مُنهنجي جذبن کي ڪندا
    رَکَ، ساڙي.

    مان اُنهيءَ ڏينهن جي اوسيئڙي ۾
    آهيان سانئِڻ!
    تُنهنجي گھر جيان، تُنهنجي دل جا
    مون تي، سڀُ دروازا جڏهن بند ٿيندا
    مون تي هڪ اوپري نگاھَ وجھي
    راھَ ۾ گڏجي تون گُذري ويندينءَ
    ۽ اُنهيءَ پل ئي، اُنهيءَ راھَ مٿان
    مان سندم پيارَ ۽ ويساھَ جا
    وِکريل موتي
    ميڙيندي ميڙيندي
    راھَ جي ڌُوڙ ۾ گُم ٿي ويندس
    مان اُنهيءَ ڏينهن جي اوسيئڙي ۾
    آهيان سانئڻ!


    گونگو پيارُ

    ”ٻَهگُڻ وانگي ٻهڪي شالَ
    مُکڙين وانگي مهڪي شال“
    جنهن لاءِ جھولَ جھليندو آهين

    ڏينهن سڄو ۽ رات سڄي پيو
    جنهن بابت سوچيندو آهين
    جنهن جو چهرو چريا ماڻهو
    تارن ۾ ڳوليندو آهين
    اَک ۾ اُن جي ڪَکُ پوڻ تي
    پاڳل بڻجي ويندو آهين
    ساري گھَر جي اکِ بچائي
    موتِين کي روليندو آهين
    روزُ ملڻ جا پيو بَهانا
    ڇاڇا يارَ گھَڙيندو آهين؟

    روزُ پيو سوچيندو آهين:
    ”اڄُ اُنهيءَ جي آڏو ايندس
    پيار جا گُلَ سمورا سوئي
    لفظن جا ڪي موتي ميڙي
    ان جي قدمن ۾ هاريندُس
    دل ۾ ڪائي ڳالهه نه رَکندُس

    ساري ساري سُورَ سَليندُس“
    سِڪَ سنڀالي سيني ۾
    پَڌرو پيار ڪرڻَ جو سوچي
    پوءِ ڇو منهنجا دوستَ! جڏهن
    هُن جي سامهون ايندو آهين
    پِنڊ ـ پَهَڻُ ٿي ويندو آهين
    واھَ! عجب تون ماڻهو آهين
    حيرتَ جهڙو ماڻهو آهين!!


    روشنيءَ جو سفر

    ڳالهه سولي نه آ
    ڳالهه سولي نه آ

    مُورکَن جي شهرَ منجھ ڏاهو ٿيڻُ

    وِھُ پيئڻُ!

    تيز طوفانَ سان دِيپَ جو اَٽڪجڻُ

    پوءِ به جلندو رهڻُ!

    راتِ کان ڏينهن ڏي روشِنيءَ جو سفرُ

    ڳالهه سولي نه آ

    ڪُجھ پَهر ڏُک ڏِسڻو ته پوندو ضرور
    بند اونداهي ڪمري مان نڪري جڏهن
    صاف روشن فضا ۾ ٿو اَچجي تڏهن
    تِرورا تِرورا ڇانئجي ٿا وڃن
    ڪُجھ پلڪ ڪُجھ ڏِسڻَ ۾ اچي ئي نه ٿو
    روشني ڄَڻُ ڪنڊن جيان چُڀَڻَ ٿي لڳي
    سوجھري سونَ جهڙي کي پَڌرو پسڻُ

    خوش ٿيڻُ!

    ڳالهه سولي نه آ

    ڳالهه سولي نه آ


    ڊهندڙ ماڻهو

    صديُن کان وڄي پيو ساڳيو سازُ
    سازُ بيڪار، بي سُرو آوازُ

    زندگي آهي ڏاندَ گاڏيءَ جيان
    ۽ ڏُکن جو مٿانسِ بارُ سٿيل
    پاڻُ، بيمار ڏُٻري ڏاندَ جيان
    نڪَ ۾ بيوسيءَ جي نٿَ پيل
    زندگانيءَ جي ڏاند گاڏيءَ ۾
    ڄائي ڄَمَ کان ڍُڪايلَ آهيون اسين
    ڪنهن اڻڄاتي ماڳ طرف
    دردَ جي ڊاٻَ ۾
    گھلبا، ڪِرندا ۽ ڊهندا
    هلندا هلون
    ۽ گهلجَڻ سان ٿو پيدا ٿئي

    سازُ بيڪار، بي سُرو آوازُ.


    تئي جي پُٺ

    مان اڄُ تاريخ لکان ٿو!
    ”شهرَ سڄي ۾ ڪيڏو سُک آ
    ڪيڏو آهي سُڪون
    همت جي ڪا کوٽ نه آهي
    ڪنهن به دل ۾ خوفُ نه آهي
    ٻڪري، شينهُن ٿا، هڪڙي گھاٽَ اُڃَ اُجھائِن
    اَڻ هوندن کي هوندي وارا سيني لائن
    ڪنهن به پيٽَ سان هاڻي ٻڌَل ڪو پَهَڻُ نه آهي
    ڪنهن به اَکِ مان لُڙڪن جو ڪو وَهَڻُ نه آهي
    ڪُوڙ هيو جو، تنهن کي ڦاهي چاڙهيو ويو
    سچايُن سان آهي واعدو پاڙيو ويو
    سچُ رهي ٿو، سَرهو هاڻي سوڀَ کٽي
    دوکي ۽ دولاب جي آهي پاڙَ پٽِي
    شهرَ سندم جو ڏينهن ۾ آ نالو ٿيو
    شهرُ امُن جو آهي ڄڻُ حوالو ٿيو
    هر ڪنهن گھَر ۾ سُک ۽ چين جو ديپُ ٻري

    اهڙو بهتر حالُ ڏسي ٿو هانءُ ٺَري.“

    مون اڄُ جي تاريخ لکي آ
    ڪيڏي منهنجي ديدَ تکِي آ
    پر سُڀان جا سڀ ئي لوڪو!
    ڄاڻي وٺجو
    مون جيڪي ڀي اَڄُ لکيو آ
    ڪُوڙ لکيو آ!
    ننهَن کان چوٽيءَ تائين ڪُوڙ
    سڀ ڪجھ ان جي اُبتَڙ آهي!


    جنم واڌايون

    صرف هڪ جملو چوڻ چاهيان ٿو
    ڪي گھڻيون ڳالهيون ته ناهن چوڻيون
    درد ۽ دوست!
    اداسين جو ذڪر ڪرڻو نه آ
    ڪي ميارون، نه شڪايت ڪائي
    توسان ڪرڻي آ، نه ٻُڌڻي آهي
    تنهنجو هٿ به نه ٿو چاهيان پڪڙڻ
    نه سندءِ خيال ٿو چاهيان جڪڙڻ

    مان اڪيلائيءَ جي درياھ اندر
    ٿو وڃان ٻڏندو مگر پوءِ ڀي
    تنهنجي ڳالهين جو سهارو ته نٿو
    توکان گھران!
    تون مگر ايڏو پري، ايڏو پري
    ڇو آهين؟
    منهنجو هڪ جملو به ڇو ڪين
    ٻڌڻ ٿي چاهين؟
    ڪي گھڻيون ڳالهيون ته ناهن چوڻيون
    صرف هڪ جملو ته چوڻو آهي :
    ”جنم ــ ڏينهن جون مبارڪون توکي!“


    خود ڪشي

    پنهنجي گيتن جيان
    پنهنجي غزلن جيان
    جنهن کي چاهيو هئم،
    هو جو لڙڪن ڀريل زندگيءَ ۾ هيو
    ٽڙيل ٽهڪ ڪو
    سڏ هو منهنجو، جيڪو پڙاڏو هيو
    آس هو جيڪو ۽ ڄڻ دلاسو هيو
    پنهنجي سپنن کي جنهن سان
    سجايو هئم
    جنهن کي ڳايو هئم
    پنهنجي گيتن جيان
    پنهنجي غزلن جيان
    حالتُن اڄ ائين آهي ٽوڙي ڇڏيو
    منهنجي سوچن جي ڌارا کي موڙي ڇڏيو
    جو انهيءَ کي به دل تان وساري ڇڏيم
    پاڻ کي پاڻ ئي ڄڻ ته ماري ڇڏيم!


    ياد پرينءَ جي

    ياد جيئن جيئن پرين! تنهنجي ايندي وئي
    درد جي هر گھڙي دور ٿيندي وئي

    هر طرف روشني، ساز، سُرهاڻ آ
    منهنجو من موج ۾ ڄڻ ته مهراڻ آ
    جنهن ۾ احساس مٺڙا ڇڏيندي وئي
    ياد جيئن جيئن پرين! تنهنجي ايندي وئي

    توکي ساري مان سُپرين سُتس جنهن پلڪ
    ڏينهن جا ڏک وسري ويا تنهن پلڪ
    منهنجي خوابن ۾ خوشبو ڀريندي وئي
    ياد جيئن جيئن پرين! تنهنجي ايندي وئي

    توسوا زندگي ڄڻ مٺو زهر هئي
    دل ڊٺَل شهر جو ڪوئي کنڊَر هئي
    قرب جا ڪوٽ ان تي اڏيندي وئي
    ياد جيئن جيئن پرين! تنهنجي ايندي وئي

    ياد جيئن جيئن پرين! تنهنجي ايندي وئي
    دردَ جي هر گھڙي دُور ٿيندي وئي


    پاپُ

    پاڻ ته پاپ ڪيو ئي آهي
    ڇونه ڀلا سنگسار ٿيون؟
    يا مرڪي مرڪي زهر پيو
    ۽ مري جيون!

    ڪنهن سان قول قرار ڪيو سي
    ڄڻ دنيا تي وارُ ڪيو سي
    پيارُ ڪيوسي، پاپُ ڪيو سي
    پاپُ ڪيوسي؟!

    ڌرتيءَ سان جي نينهن نڀائي
    ان سان جيڪو ناتو آهي
    ڪين ڇنوسي، يا حق پنهنجو
    کسي کنيوسي، پاپ ڪيوسي؟
    پاپُ ڪيوسي؟!

    نينهن کي گيتن ۾ ڳاتوسي
    ڏينهن کي گيتن ۾ ڳاتو سي
    رات کي هر دم رات چيو سي
    پاپُ ڪيوسي، پاپُ ڪيوسي؟!

    پاڻ ته پاپُ ڪيو ئي آهي
    ڇونه ڀلا سنگسار ٿيون؟
    يا مرڪي مرڪي زهر پيون
    ۽ مري جيون!


    سنڌ

    سنڌ اوچي آ
    سنڌ اوچي آ

    هن سورج چند ستارن کان
    هر منظر کان مهڪارن کان
    درياهن کان، وڻڪارن کان
    ۽ سانوڻ ــ مند بهارن کان

    سنڌ اوچي آ
    سنڌ اوچي آ

    هر ڪرسيءَ، قلم، ڪتابن کان
    سڀ مستين، ڪيفَ، حجابن کان
    ها ڳلڙن، گُل گُلابن کان
    ۽ تنهنجي منهنجي خوابن کان

    سنڌ اوچي آ
    سنڌ اوچي آ

    تو پارن کان مون پارن کان
    ها ٻنيءَ، ونيءَ ۽ ٻارن کان
    هر جانيءَ ، جان ۽ يارن کان
    ۽ هن جي گھر جي چارن کان

    سنڌ اوچي آ
    سنڌ اوچي آ


    رُت بدل

    هلڪو هلڪو رات ساري
    مينهن وٺو
    وڻ، جايون ڌوپجي اُجرا ٿيا
    چنڊ جيان چمڪي پيا
    صبح سان ڪنهن چيو پئي :
    ”مند بدلي آ، بهاريون ٿي ويون“

    سوچيو مون :
    ”پر اڃا ڀي،
    من ماڻهن جا پرين!
    ڌوپجي ۽ ڪين اُجرا ٿي سگھيا
    ساڳي ڪارنهن قلب تي قائم رهي
    ڪُوڙ جي ڪوٽن جون ڪنگريون“
    ڪر کنيو بيٺيون رهيون
    سي مٿانهينءَ کان ٽٽي
    پٽ ڪاٿي هن پيون؟
    پوءِ چوين ٿو ڪيئن تون!
    رُت بدلي آ، بهاريون ٿي ويون.“

    رُت بدلي ڪين آهي!
    رُت بدلي ڪين آهي!!


    نئين ڳالهه

    اسان تي جي الزام آهي ته ڇاهي؟
    اها ڪا نئين ڳالهه ناهي او پيارا!

    سدا سچ کي ڪچُ ڄاتو ويو آ
    سدا ڪوڙ جو گيت ڳاتو ويو آ
    هتي قرب آهي ڌڪاريو ويو ۽
    سدا لوڀ سان نينهن لاتو ويو آ
    هتي روپُ بدلڻ نئين ڳالهه ناهي
    اسان تي جي الزام آهي ته ڇاهي؟
    اها ڪا نئين ڳالهه ناهي او پيارا!

    خيالن تي پهرا لڳايا وڃن ٿا
    جي جاڳن ٿا جذبا دٻايا وڃن ٿا
    ڦٽن تي لپون لوڻ ٻرڪيو وڃي ٿو
    هتي روز گھايل ئي گھايا وڃن ٿا
    نڪا سونهن آهي نه سُرهاڻ آهي
    اسان تي جي الزام آهي ته ڇاهي؟
    اها ڪا نئين ڳالهه ناهي او پيارا!

    اسان سور سارا هي سهندا اچون ٿا
    سنڌوءَ وانگي اڳتي ئي وڌندا رهون ٿا
    هي الزام سارا ۽ ڳالهيون اجايون
    ٻڌي سڀ زماني جون کلندا رهون ٿا
    ڀلا ڪيرُ آهي، اسان کي جو ڊاهي؟
    اسان تي جي الزام آهي ته ڇاهي؟
    اها ڪا نئين ڳالهه ناهي او پيارا!


    گيت

    سکڻا سکڻا ساھَ سنگيت

    سکڻا سکڻا ساھَ سنگيت
    ميت بنان هَن ڪهڙا گيت؟

    ڳل تي چمڪن لُڙڪن لارُون
    منُ وياڪل ڦارون ڦارون

    ناهي پريتم، ناهي پريت
    ميتَ بنان هَن ڪهڙا گيت؟

    پيار وٺي جن پيار ڏنو
    نينهن جو ناتو ڪين ڇنو

    ڌارَ ڪيا سي جڳ جي ريتَ
    ميتَ بنان هَن ڪهڙا گيت؟

    جن جي خاطر گيت چياسي
    درد به پائي، مرڪي پياسي

    هاڻي ڪاٿي اهڙا ميتَ!
    ميتَ بنان هَن ڪهڙا گيت؟

    سکڻا سکڻا ساھَ سنگيت
    ميت بنان هَن ڪهڙا گيت؟


    موٽي مُور نه اينداسي

    وستي هيءَ ڇڏينداسي
    موٽي مُور نه اينداسي

    پيار تي جت ڪو پهرو ناهي
    ڪُوماڻيل ڪو چهرو ناهي
    ڏيهه انهيءَ ڏي ويندا سي
    موٽي مُور نه اينداسي

    پاڻ رهاڪو درد ـ شهر جا
    ديپ اُجھاڻل پوئين پهر جا
    سُک ڇا، ڪنهن کي ڏيندا سي
    موٽي مُور نه اينداسي

    ياد پراڻيون يادون اينديون
    اکيون اڃايل ڀرجي وينديون
    جڏهن اڪيلا ٿينداسي
    وستي هيءَ ڇڏيندا سي
    موٽي مُور نه اينداسي

    وستي هيءَ ڇڏينداسين
    موٽي مُور نه اينداسين.


    کڻي اُجالو آءُ هلي آ!

    دل جا ديپ اُجھاڻا راڻا!
    کڻي اُجالو آءُ هلي آ!

    گُل من جا ڪُومائي پيئي
    سيني سُور سمائي پيئي
    يادُون جي جا آڳ جلي آ
    کڻي اُجالو آءَ هلي آ!

    جيءُ جذبن جو لاشو آهي
    پيڙائن جو پاڇو آهي
    من جي اُجڙيل ڳلي ڳلي آ
    کڻي اُجاو آءُ هلي آ!

    اوسيئڙي ۾ اکڙيون ساڳيون
    ڪَرَ موڙي هن آسون جاڳيون
    اَچُ مِلُ، هيءَ ئي مندَ ڀلي آ
    کڻي اُجالو آءُ هلي آءٌ!

    دل جا ديپ اُجھاڻا راڻا
    کڻي اُجالو آءُ هلي آ!


    سَوايُون، هائيڪا، ترائيل، ٽسٽا

    سوايون

    ڪو نئون خواب ٿي لڳي مونکي
    زندگي ٿي وري ٺڳي مونکي


    ڳالهه ڪائي به ڪڙي لهجي جي
    منهن تي آ، چماٽ وانگي لڳي


    اختلافن ۽ حادثن کان مان
    ڪيستائين ڀلا بچي ٿو سگھان؟


    ماڻهو جيڪي قرار چاهن ٿا
    زندگيءَ کان فرار چاهن ٿا


    ڪي نوان ئي عذاب آڻيندي
    ننڊ ايندي ته خواب آڻيندي


    وقتُ، دردن جو قافلو هڪڙو
    آس، سُکَ جا سراب آڻيندي


    پنهنجو پاڇو به پاڻ کان آ پري
    ڪيڏيون مشڪل اسانجون راهون هن!


    درد دل سان ڇڏياسين ويڙهي ائين
    ڪنڌ ۾ ڄڻ پرينءَ جون ٻانهون هن


    هائيڪا

    جو ڀن ياد پيو
    ٻڍڙيءَ کان سئيءَ ۾
    ڌاڳو نه ٿي پيو


    نلڪي تي ميڙا
    واري تي وهنجن پيا
    ٻارَ ڏئي گيڙا


    ماءُ، پيءُ ستل ها
    ٽاڪ منجھند جو ٻارڙا
    لوڊو ٿي کيڏيا


    آفيس مان ايندو
    ”ٿڪجي پئي هونديءَ تون؟“
    چمي ڏئي چوندو


    آيو نتيجو
    نانءُ ڏسي اخبار ۾
    کلي، روئي پيو

    پيار ۾ اهڙو ساءُ
    ڪيئن نه وڌي وڃي ٿو
    ٻانهن جو ڦهلاءُ


    سانت ٻڏل ڪمرو
    گونجيو تنهن ۾ اوچيو
    شاعر جو سڏڪو


    ماءُ ڏنس دڙڪا
    چِٻَ ڪڍيا ٿي ٻارڙي
    ڀريندي سڏڪا

    گارِ وئي نڪري
    ٽي ـ ويءَ تي ڊرامو هلندي
    فني خرابي

    ڇت جيڏي ڇوري
    رڙ ڪيائين زور سان
    ڏسندي ئي ڪرڙي


    ترائيل

    1.

    سدائين مرڪ جا قصا ڪيا اٿئي پيارا!
    ڪڏهن ته لڙڪ جا خاموش داستان به ٻڌُ
    سموري شهر ۾ وکريا پيا اٿئي پيارا
    سدائين مُرڪ جا قصا ڪيا اٿئي پيارا

    سورَ جا لفظ ٻڌا ۽ چيا اٿئي پيارا!
    ڪڏهن ته ڪپيل زبانن جا ڪي بيان به ٻڌ
    سدائين مرڪ جا قصا ڪيا اٿئي پيارا!
    ڪڏهن ته لڙڪ جا خاموش داستان به ٻڌُ

    2.

    اڄ تون مون کي ڳول نه مٺڙا!
    مان پاڻُ وڃائڻ چاهيان ٿو
    پنهنجي هستي رول نه مٺڙا!
    اڄ تون مونکي ڳول نه مٺڙا!

    ڀيد پراڻا کول نه مٺڙا!
    هر ڳالهه ڀلائڻ چاهيان ٿو!
    اڄ تون مون کي ڳول نه مٺڙا!
    مان پاڻُ وڃائڻ چاهيان ٿو


    ٽه سٽا

    جيئن چچريل ڪو سينو آهي
    هر غاصب جو چهرو هن ۾
    سنڌڙيءَ ڄڻ آئينو آهي


    موت جي ڪيڏي ڀرتي آهي
    پنهنجي پاڇي کان ڇرڪان ٿو
    ڇاهيءَ منهنجي ڌرتي آهي


    نفرت جنهن جي ٻولي آهي
    منهنجي هٿ ۾ گل سندءِ لئه
    هن جي گن ۾ گولي آهي

    جيڪر ساڃهه ڌاريون ها
    اهڙا ماڻهو آڻڻ کان ته
    پاڻ کي پاڻ ئي ماريون ها


    ٺاههَ جڙن جا ٺاههَ ٽُٽَن
    حيدرآباد جي رستن تان
    اجرڪ وارا روز کٽن


    هيءُ انهن جو ئي پاڙو آهي
    ڪالهه لٽيون جن شهر ٺٽي جو
    اڄُ ڪراچيءَ تي ڌاڙو آهي


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 464
    ڪتابن جو مشاهدو: 373074
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 151964
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ