ڪتاب جو نالو: آچر جا احوال
مصنف: ادل سومرو
ڇپائيندڙ: پبلشر بابت ڄاڻ موجود ناهي
ڪيٽيگري: ٻاراڻو ادب
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 02 جنوري 2017 ع
پڙهيو ويو: 356 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 163 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
محترم ادل سومري ٻاراڻي ادب لاء سٺو ڪم ڪيو آهي، ٻارن لاءِ هڪ ئي ڪردار جي اٺ مختلف ڪهاڻين تي مشتمل آهي ڪتاب ”آچر جا احوال“ اوهان اڳيان حاضر آهي۔ رفيق سومرو مهاڳ ۾ لکي ٿو:
”ادل سومري جون هي ڪهاڻيون ٻارڙن کي وندرائيندڙ مواد سان ٽٻٽار آهن، جن ۾ سندن مسئلن ۽ مجبورين کي چٽيو ويو آهي. جن ۾ وڏن جو ٻارن سان بيپرواهيءَ وارو ورتاءُ بيان ڪيو ويو آهي. ٻارن کان سکڻ کان اڳ، ننڍڙي عمر ۾ ڪم وٺڻ واري لاڙي کي چٽيو ويو آهي. پڙهڻ جي عمر ۾ ڍور ڪاهڻ جي لاڙي کي ننديو ويو آهي.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • مهاڳ
  • ڪهاڻيون

  • ڦٽين جي فصل جي موڪل
  • ڍور ڪُلئي ڍَڪَ ۾
  • ڏياريءَ جو ڏڻُ
  • نانيءَ جي ناسَ، آچر جي آس
  • عيد اُٻهري آئي آ
  • اصل وڏو قصو چار درويش (باتصوير)
  • آيا اڱڻ عجيب
  • منڊي ڪُڪڙ جي ڪرامت

  • سنڌ سلامت پاران

    محترم ادل سومري ٻاراڻي ادب لاءِ سٺو ڪم ڪيو آهي، ٻارن لاءِ هڪ ئي ڪردار جي اٺ مختلف ڪهاڻين تي مشتمل ڪتاب ”آچر جا احوال“ اوهان اڳيان حاضر آهي۔ رفيق سومرو مهاڳ ۾ لکي ٿو:
    ”ادل سومري جون هي ڪهاڻيون ٻارڙن کي وندرائيندڙ مواد سان ٽٻٽار آهن، جن ۾ سندن مسئلن ۽ مجبورين کي چٽيو ويو آهي. جن ۾ وڏن جو ٻارن سان بيپرواهيءَ وارو ورتاءُ بيان ڪيو ويو آهي. ٻارن کان سکڻ کان اڳ، ننڍڙي عمر ۾ ڪم وٺڻ واري لاڙي کي چٽيو ويو آهي. پڙهڻ جي عمر ۾ ڍور ڪاهڻ جي لاڙي کي ننديو ويو آهي.“

    هن ڪتاب کي اِي بوڪ ايڊيشن ۾ محترم عبداللطيف انصاري پاران ڪمپوز ڪري سنڌي ادبي سنگت شاخ سٽي سکر جي ويب سائيٽ تي آندو ويو آهي۔ سندس ٿورائتا آهيون.


    محمد سليمان وساڻ
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام


    مهاڳ

    اها قوم خوشنصيب ليکي ويندي آهي، جنهن جي جھول ساهت ۽ فن، خاص طرح ٻاراڻي ادب سان ڀريل هوندي آهي. لوڪ گيت، لوڪ ڪهاڻيون ۽ قصا ڪنهن قوم جي ٻارن جي سجاڳيءَ ۽ علم لاءِ شوق جو ڪارڻ بڻبا آهن. جنهن قوم وٽ لوڪ گيت ۽ ڪهاڻيون نه آهن، ڄڻ انهن وٽ پنهنجو ماضي ناهي. ماضي؛ جنهن جي روشنيءَ ۾ ئي ڪا قوم پاڻ پرکي، ڀيٽ ڪري اڳتي وڌي سگھندي آهي. ماضيءَ سان ناتي جوڙڻ ۽ پنهنجي علمي، ادبي ۽ تهذيبي ورثي کي جيئرو رکڻ کانسواءِ اسان عام ماڻهوءَ جي جذبن جي اپٽار ۽ عڪاسي نٿا ڪري سگھون.
    آمريڪي قوم جو ئي کني مثال وٺو، سندس عمر رڳو ٻه سو ورهيه آهي، پر هتان جو ادب ۽ فن دنيان جي جھونين ٻولين سان مقابلو ڪندڙ آهي. هنن وٽ جتي جدت ۽ نوان تجربا آهن، اتي لوڪ ڪهاڻيون ۽ قصا به عام جام آهن. آفريقي نسل ۽ ريڊ انڊين به اڄُ تائين ان ڪري جيئرا آهن، جو هو لوڪ ورثي سان مالا مال آهن. روس، فرانس توڙي آمريڪا ۽ آفريڪا ۾ ٻار کي هوش سنڀاليندي ئي پنهنجي معيار ۽ پسند جا قصا ڪهاڻيون ميسر ٿي ملن ٿيون. اهو ننڍپڻ لکيل ۽ سڄاڻ قوم بڻجڻ جو ڪارڻ بڻجي ٿو روسي ادب هڪ ڀاڱي ٽيون حصو ٻاراڻي ادب سان ڀريل آهي. ٽالسٽاءِ کان وٺِي چيخوف تائين ٻارن لاءِ ڪهاڻيون لکيون آهن. هنن اهي هٿ ٺوڪيا معيار ٽوڙي ڇڏيا، ته وڏن ۽ ادب سان چاهه رکندڙن لاءِ لکجي ۽ ثابت ڪري ڏيکاريائون، ته ٻارن ۾ علم ۽ ادب لاءِ ضروري آهي، ته سندس مسئلن جي اپٽار ڪئي وڃي، سندس دلچسپيءَ جون ڳالهيون بيان ڪيون وڃن. اهو ئي سبب آهي، جو ٽالسٽاءِ جي لوڪ ڪهاڻين جا ڪردار پراڻا ڏند ڪٿا جا ڪردار هوندي به، هن دور جا ڪردار لڳندا آهن. فرينچ ادب پڻ ٻارن جي نفسيات سان ڀريو پيو آهي.
    ان ڏس ۾ سنڌي قوم پڻ اڳ کان اڳري آهي. اسانجو ادب ٻاراڻن ٻولن ۽ لوڪ ڪهاڻين سان سٿيل آهي. جيتوڻيڪ سنڌي ٻولن ۽ لوڪ ڪهاڻين سان سٿيل آهي. جيتوڻيڪ سنڌي ٻولي صدين تائين ڌارين ٻولين جي ظاهري حڪمرانيءَ هيٺ رهي آهي. اڄُ سڄاڻ ۽ حساس اديب زندگيءَ جي ٻين مسئلن سان گڏوگڏ ٻارن جي مسئلن کي به ساڳيءَ اهميت سان ڌيان ۾ رکيو آهي. ان جو چٽو مثال ادل سومري جا ٻاراڻا ٻول ۽ ڪهاڻيون آهن. جيڪي ٻارڙن کي وندرائيندڙ مواد سان ٽٻٽار آهن، جن ۾ سندن مسئلن ۽ مجبورين کي چٽيو ويو آهي. جن ۾ وڏن جو ٻارن سان بيپرواهيءَ وارو ورتاءُ بيان ڪيو ويو آهي. ٻارن کان سکڻ کان اڳ، ننڍڙي عمر ۾ ڪم وٺڻ واري لاڙي کي چٽيو ويو آهي. پڙهڻ جي عمر ۾ ڍور ڪاهڻ جي لاڙي کي ننديو ويو آهي. هنن ڪهاڻين ۾ وڏن ۽ نئين نسل کي پنهنجي نفرت ورثي ۾ ڏيڻ ڏيکاريو ويو آهي. پر آچر جو پڇڻ ته، رامچند جي ماءُ ته مونکان ڪڏهن به نفرت نه ڪئي آهي. هوءَ ته مونکي پنهنجن ٻچن جيان نراڙ تي چمي ڏيندي آهي! تي هو لاجواب ٿي وڃن ٿا. اها خاموشي سندن نفرت جي شڪست ۽ محبت جي سوڀ آهي اڄُ جو ٻار سجاڳ آهي. هو ڪنهن به قسم جي تعصب ۽ متڀيد جي ڌٻڻ ۾ ڦاسڻ لاءِ تيار ناهي. ادل جي هنن ڪهاڻين ۾ زندگيءَ جي هر وهنوار کي چٽيو ويو آهي. وڏيرن جي بيگار وٺڻ، اسڪول بند رکڻ، استاد جو رڳو وڏيري جي نينگر کي پڙهائڻ، صاحب (بيوروڪريسي) جو وڏيرڪي مفاد ۾ ڪم ڪرڻ، ملان جو ڏياري لفظ ٻڌي ڇرڪڻ ۽ سيرو ڏسي وات پاڻي ٿيڻ. ٻار جو روضي رکڻ تي ضد ڪرڻ ۽ ماءُ جو جواب ڏيڻ، ته ”اسان غريبن وٽ ٻارهوئي روزا آهن“ يا اڄُ جو ٻار (آچر) جڏهن قصن ۽ ٽوڻن رستي، جڏهن پنهنجي نانيءَ جو علاج ٿيندو ڏسي ٿو، ته هو نه رڳو پنهنجن وڏن جي بيعقليءَ تي کلي ٿو، پر ساڻن دليل بازي ڪري، کين، ٻڌائي ٿو، ته جي ائين ٿيندو هجي ها، ”ته مامي ملهار کي هوند سول اسپتال کڻائي ڪونه وڃن ها.“ آچر جو ڪردار هڪ چلولي ۽ ذهين ٻار جو ڪردار آهي. ادل ٻارن جي دلچسپيءَ واري عنصر کي ذهن ۾ رکيو آهي ۽ ان ڪردار رستي نهايت ئي ڏک ڀرا واقعا به کل ڀوڳ واري انداز ۾ بيان ڪيا آهن. ادل جي ڪهاڻين ۾ هڪ سلسلو آهي، جيڪو ڪٿي به ٽٽندو محسوس ڪونه ٿو ٿئي. اميد آهي، ته ادل اڳتي به ان ڪردار رستي ٻارن جي مسئلن تي لکندو رهندو ۽ هڪ نه هڪ ڏينهن آچر جو ڪردار ٻاراڻي ادب جو امر ڪر بڻجي ويندو.

    رفيق سومرو
    25 جولاءِ 1978ع


    ڪهاڻيون

    ڦٽين جي فصل جي موڪل

    اسان جو اسڪول، ڳوٺ کان سڏ پنڌ تي آهي.

    زوري تعليم سبب اسين سڀيئي ڳوٺ جا ڇوڪرا، صبح جو سوير اٿي، اسڪول جو گَسُ وٺندا آهيون، نه ته مائٽن جي مرضي آهي ته اسين پڙهڻ بجاءِ سندن ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊايون.

    آءٌ اڃا سُتو ئي پيو هوس ته امڙ جي سڏن تي جاڳ ٿي. جلدي ڏندڻ پاڻي ڪري، لسيءَ سان جوئر جي ماني کائي ڪتابن جي ڪپڙي واري ڳوٿري ساڻ ڪري، اسڪول ڏانهن روانو ٿيس.

    مان روز شاهن ۽ رامچند سان گڏجي اسڪول ويندو آهيان، هو منهنجا هم ڪلاسي دوست آهن. رامچند جي گھر پهتس ته هو منهنجي ئي انتظار ۾ ويٺو هو، پوءِ شاهن کي به گھران سڏي، ٽيئي اسڪول ڏانهن روانا ٿياسين. ساوڪ وارا پيچرا لتاڙيندا، پکين جون مٺيون مٺيون لاتون ٻڌندا، ڀر واري ناري مان ڪُم ۽ لوڙهه کائيندا، ڪنولن جا هار ٺاهيندا، وي اسڪول رسياسين. اسڪول جو گھنڊ اڃا ڪونه لڳو هو، تنهنڪري ڇوڪرا ڪتاب کنيون اسڪول جي آڏو هيڏانهن هوڏانهن گھمي ڦري رهيا هئا. اوچتو پريان استاد امام بخش عباسي ظاهر ٿيو، سڀئي ڇوڪرا وڌي کيس واري واري تي پيرين پئي ملڻ لڳا. استاد امام بخش پنهنجي کيسي مان چاٻي ڪڍي، اسڪول جي ڪٽيل ڪلف ۾ گھمائي اسڪول جو درُ کوليو، سڀني ڇوڪرن پنهنجا پنهنجا ڪتاب وڃي ڪلاس ۾ رکيا. اسڪول جو گھنڊُ وڳو، سڀُ شاگرد اسڪول آڏو قطارون ٺاهي بيٺا. قرآن شريف جي تلاوت کان پوءِ، ”ڌڻيءَ جي و ڏائي“ بيتُ پڙهيو ويو. پوءِ سڀُ شاگرد واري واري سان وڃي پنهنجين جاين تي ويٺا.

    اسان جي اسڪول ۾ فقط هڪڙي و ڏي ڪوٺي آهي، جنهن ۾ پهرين کان پنجين درجي جا شاگرد گڏجي ويهندا آهن. سڀني شاگردن جو هڪڙوئي استاد آهي. اسڪول ۾ ڪجھه ڀڳل ٽٽل بينچون ۽ باقي هيٺ زمين تي تڏا وڇايل آهن. تڏن تي پهرين کان ٽئين درجي جا شاگرد، باقي ڀڳل ٽٽل بينچن تي چوٿين ۽ پنجين درجي جا شاگرد ويهندا آهن. اسڪول جي ڇت ۾ پراڻا اڏوهي ورتل شهتير لڳل جن ۾ چمڙا چنبڙيل هوندا آهن. اسڪول جي ڪچين ڏريل ڀتين جي ڏرن ۾ پکين جا آکيرا جوڙيل آهن. سڀني شاگردن لاءِ ڪلاس ۾ هڪڙو ئي بورڊ رکيل آهي.، جنهن کي سالن کان رنگ ناهي لڳو. استاد امام بخش لاءِ هڪڙي چيڪاٽ ڪندڙ ڪرسي ۽ چئن مختلف پاون واري ميز آهي.

    ڪلاس ۾ ٻاڪر ڪُٽو متل هو. ڪلاس ڄڻ ٻڪرين جي واڙ، جنهن ۾ سنها ٿلها ٻيڪٽ ٿي پيا. هرڪو پنهنجا پنهنجا سبق وڏي آواز سان پڙهي رهيو هو. اسان گذريل ويهن ڏينهن کان ساڳيو ئي سبق پئي پڙهياسين. اوچتو استاد امام بخش پنهنجو ڪارو ٽاريءَ جو ڏنڊو، ڪمزور ميز تي وهائي ڪڍيو. ڪلاس ۾ ماٺ ڇانئجي وئي. استاد ميز جي ڀڳل خاني مان ميرو ڦاٽل حاضريءَ جو ڪتاب ڪڍي حاضري ڀرڻ شروع ڪئي. حاضري ڀري پنهنجي چيڪاٽ ڪندڙ ڪرسي ڪلاس جي گوڙ مان ٻاهر ڪڍرائي، وڃي وڻ هيٺان ويهي رهيو. ڪلاس ۾ وري گھڻو گوڙ شروع ٿي ويو. انهن گڏيل آوازن ۾، اسان به پنهنجو گذريل ويهن ڏينهن وارو ساڳيو سبق پڙهڻ لڳاسين:

    سستيءَ مان ڇا هڙ حاصل
    قدم وڌائي اڳتي هل.

    اوچتو، استاد امام بخش اندر ڪلاس ۾ آيو ۽ رڙ ڪيائين، ”خاموش“. سڀ شاگرد ماٺ ٿي ويا. پوءِ اسان پنجين درجي وارن کان واري واري سان معنى سميت بيت پڙهائڻ لڳو. پنهونءَ نظم جي پهرين ٻن سٽن جي معنى ڪندي چيو: ”سستيءَ مان ڪجھه ڪين ورندو، اسان کي هميشه اڳتي وڌڻ گھرجي....... پر سائين اسان ته تمام گھڻي سستي ڪئي آهي، جو گذريل ويهن ڏينهن کان ساڳيو ئي سبق پيو هلندو اچي.“

    ”بس ڪر نالائق“ استاد کيس ڇڙٻ ڏيندي چيو نظ۾ اڳتي لکيل ڪونهي ته:

    گذري جيڪو وقت ويو
    هاڻ انهيءَ تي هٿ نه مل

    ”ويل وقت تي پڇتائڻ نه گھرجي بيوقوف“

    استاد جي دٻ کان پوءِ، پنهون هيسجي ماٺ ڪري ويهي رهيو. ٻيا شاگرد واري واري سان سبق پڙهڻ لڳا. رامچند نظم پڙهندي هنن سٽن جي معنى ڪرڻ لڳو:

    چنڊ تي پهتو آ انسان
    محنت جو سڀ آهي ڦل

    ”محنت سبب ئي انسان چنڊ تي پهچي و يو آهي................... سائين! اسان ڀلا چنڊ تي ڪڏهن پهچنداسين؟“

    رامچند استاد ک ان سوال ڪندي پڇيو.

    ”جڏهن پڻهين پرتابُ، سونيون جليبيون تريندي“ استاد ٽوڪ ڪندي وراڻيو: ”اڙي ڇوڪرا! جيڪي همراهه چنڊ تي وڃي پهتا آهن اهي ڪي ڄڻ، توهان جهڙي هن ڀڳل ٽٽل زبون اسڪول ۾ پڙهيا هوندا! توهان چنڊ تي پهچڻ ته ٺهيو پر هن ڌرتيءَ تي ئي سک ۽ سلامتيءَ سان گھڙيون گھاري وڃو ته به وڏي ڳالهه آهي“

    رامچند خاموشيءَ سان ويهي رهيو.
    استاد، اسان پنجين درجي وارن سڀني شاگردن جو سبق ٻڌي، سليٽ تي لکڻ لاءِ چئي، وري وڃي ٻاهر ڪرسي تي ويهي رهيو.

    اسڪول جي ڪوٺي وري ٻڪرين جي و اڙ بڻجي ويئي. ڪجھه دير رکي استاد رسيس جو گھنڊُ هڻايو.

    سڀئي شاگرد ڪلاسن مان نڪري ٽڙي پکڙي رانديون ڪرڻ لڳا. مان، شاهن ۽ رامچند، ٽيئي ڄڻا گڏجي، ناري ڏانهن ڪنول پٽڻ وياسين. موٽي آياسين ته رسيس بند ٿيڻ جو گھنڊ لڳي چڪو هو. ٻاهر استاد امام بخش وڏيري جي ڪمدار ڪرڙ سان ڪچهري پئي ڪئي.

    ٿوري دير کان پوءِ ڪمدار استاد کان موڪلايو ۽ استاد ڪلاس ۾ آيو. اسين سڀيئي اٿي بيٺاسين. استاد ويهڻ جو چئي، ڳالهائڻ شروع ڪيو، اسين خاموشيءَ سان ٻڌڻ لڳاسين.

    ”ٻارو! جيئن ته اوهان کي اڳ ۾ ئي خبر آهي، ته هر فصل جي لهڻ تي اسان جي اسڪول کي ڪجھه ڏينهن موڪل ٿيندي آهي. هاڻ ڦٽين جي فصل جون تياريون آهن. پاڻ واري وڏيري وڌل خان نياپو اماڻيو آهي ته فصل ڳاهڻ تائين اسڪول کي بند رکيو وڃي، سو هينئر اوهان سڀني کي موڪل آهي، ڀلي گھر وڃو، فصل جي چونڊي مهل اوهان کي گھرايو ويندو.“

    استاد جي تقرير کانپوءِ گھنڊ وڳو. سڀ شاگرد ڪتاب سنڀالي اسڪول کان ٻاهر نڪرڻ لڳا. ڪي ٻار ٺينگ ٽپا ڏئي رهيا هئا ته ڪي وري اداس نظر پئي آيا. استاد امام بخش عباسيءَ وڏيري وڌوءَ جي اوطاق جي گسُ ورتو ته اسين ڪجھه دوست وري، ”ڦٽين جي فصل جو گيتُ“ ڳائيندا، پنهنجن گھرن ڏانهن رمندا رهياسين:


    ڦٽين جو فصل لٿو
    اسڪول کي تالو لڳو

    علم جو جھنڊو ڀڳو
    ٻهراڙيءَ جو ٻار ڍڳو

    وڏيري جو و يلُ متو
    ماستر جو ڏينهن تتو

    وڏيري جو پٽُ پڙهي
    هاريءَ جو پٽُ ڪڙهي

    وڏيري جو ٿيو ڀلو
    هلو ٻارو گھر هلو

    ڦٽين جو فصل لٿو
    اسڪول کي تالو لڳو.


    ڍور ڪُلئي ڍَڪَ ۾

    اڃان ڏينهن ڪين تتو هجي. آءٌ ڍورن کي چاريندي، جھونگاري رهيو هوس: ”اسين ماروئڙا مال چاريون اَلا“.

    اوچتو پريان ايندڙ ڦٽ ڦٽ تي منهنجو ڌيان اوڏانهن کڄي ويو. هڪڙو اڇين لٽي همراهه ڪاري عينڪ پايون ڦٽ ڦٽ تي اڏار ڪيون پئي آيو. اسڪول جي ڀرسان نم جي ڇانوَ ۾ ڦٽ ڦٽ اچي بيٺي. دل ۾ چيم پڪ اسڪول جو صاحب آهي. ڦٽ ڦٽ تي ويٺل صاحب عينڪ لاٿي، پوءِ اسڪول ڏانهن ڏسي، هيڏانهن هوڏانهن نهاريو. آڱر جي اشاري سان مون کي سڏُ ڪيائين. مون ويجھو وڃي سلام ڪري کيس هٿُ ڏنو.

    ”نينگر! نالو ڇا اٿئي“ پيار مان پڇيائين.

    ”سائين! منهنجو نالو آچر ۽ پيءُ جو نالو سومر آهي“ ادب سان وراڻيم. اسڪول ڏانهن اشارو ڪندي چيائين: ”هي اسڪول......................“

    اڌ ۾ چيم: ”ها سائين هي اسڪول، سارين جي رونبي جي موڪل ۽ ڪڻڪ جي لاباري جي موڪل وانگر هاڻي ڦٽين جي فصل جي موڪل سبب گذريل ٻن مهينن کان بند آهي.“

    ”پڙهندو آهين؟“

    ”پڙهندو هوس، پر جڏهن کان اسڪول کي تالو لڳو آهي، تڏهن کان آءُ ڍور چاريندو آهيان ۽ منهنجو دوست ڇاهن ڇولا وڪڻندو آهي.“

    صاحب جي نرڙ ۾ گھُنج پئجي ويا. رومال سان نرڙ تان پگھر اگھندي چيائين: ”ماستر کي سُڃاڻين............. ڪٿي هوندو؟“

    ”سائين ڪجھه ترسو، ڍور پيا پرائي پوک ۾ گھڙن، ورائي اچان.“

    مون ڊڪ هنئين ۽ ڍور ورائي موٽي آيس. سهڪندي صاحب کي چيم: ”سائين! اسان وارو ماستر صاحب ته وڏيري وڌوءَ جي پيو منشيگيري ڪري، پڙهائيندو آهي ڇڙو وڏيري جي پُٽ کي. اسان کي سو ياد ڪندو آهي، تڏهن، جڏهن وڏيري جي پوک جا لابارا لهن. صبح کان سانجھيءَ تائين پيا بيگر وهندا آهيون.“

    صاحب جي منهن تي ڪاوڙ جا چاپڙ چڙهيل ڏسي سوچيم: ”اڄ مڙئي استاد امام بخش عباسيءَ جو آخري ڏينهن آ.“ صاحب چيو: ”پُٽ مونکي وڏيري جي اوطاق تي وٺي هلندين“ چيم: ”سائين اکين تي، پر پُٺيان ڍور ويندا پرائي پوک ۾ گھڙي سو ٿيندي مصيبت.“

    پر صاحب جي گھڻن ايلازن آڏو شرمندو ٿي پيس. صاحب مون کي ڦٽ ڦٽ تي پويان ويهڻ لاءِ چيو. پهريون ڀيرو ڦٽ ڦٽ تي چڙهيو هوس، ڏاڍو مزو آيو. صاحب کي واٽ ٻڌائيندي وڃي وڏيري جي اوطاق تي رسايم.

    اوطاق تي مجلس متل هئي. وڏيرو جنڊيءَ جي کٽ تي ۽ ڪجھه همراهه هيٺ پَٽَ تي ويٺا هئا، کٽ جي ڀڪ ۾ اسان وارو استاد امام بخش عباسي، ڪرسيءَ تي ويٺو ڪجھه لکي رهيو هو. ڦٽ ڦٽ جي آواز تي سڀني جون اکيون اچي اسان ۾ کتيون. هڙئي همراهه اٿي بيٺا، صاحب پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي. ماستر ۽ وڏيرو ٻئي وڌي اچي صاحب سان مليا، واري واري سان سڀني صاحب کي هٿُ ڏنو. صاحب کٽ تي سيٽجي ويٺو. وڏيري جي رڙ پئجي وئي، ”اڙي وارو ڪيو ڪُڪڙ ڪهو......... فلاڻي فلاڻي شيءَ وٺي اچو“ اصل وٺ پڪڙ ٿي وئي. ٻه همراهه وڌي اچي صاحب کي زور ڏيڻ لڳا.

    مون ڀڄڻ جي ڪئي ته استاد جو هٿ ٻانهن ۾ پئجي ويو. ”ڪاڏي ڙي ڇورا؟“

    ”سائين هُت ڍور ڇڏي آيو آهيان...........................“

    ”ڍور جا پُٽ ويهي رههُ، ڪم ڪار ڪراءِ ڏسين نه ٿو ته صاحب آيو آ.“

    ”پر سائين! ڍور................“

    ”بڪ نه ڪر“ سائينءَ چماٽ اولاريندي چيو ”وڃ همراهن کي ڪم ۾ مدد ڪراءِ...............“ ”اوڇٽا! هي ڇوڪر اچئي ٿو، هن کي ڪم ڪار ڏس.“

    پوءِ ته اچي ڦاٿس. هي ڪم، هو ڪم، اصل بيک نڪري وئي. رکي رکي ڍورن جو خيال. الائي ڪيئن ٿا هوندا، پوک پرائي ڀيلي ڇڏي هوندائون. پوک وارن به پادر پسائي رکيا هوندا.

    دل ۾ ته ڏاڍو ٿي پٽيم ماستر کي، صاحب تي به ڏاڍا خار ٿي چڙهيا، پر ڇا ٿي ڪري سگھيس، ماٺ رهيس.

    ڪڪڙ، قورما، الائي ڇاڇا ڦاٽي ۽ بوتلون ڏوگھي سام ڌاري صاحب موڪلايو. موڪلائڻ مهل وڏيري ٻه ٽي نيرا نوٽ، صاحب کي ڏيندي چيو: ”هي سائين اوهان جي چانهه پاڻي.“

    صاحب مُرڪندي ڦٽ ڦٽ تي چڙهيو. ڦٽ ڦٽ دونهون ڇڏيندي اکين کان اوجھل ٿي وئي. آءٌ پٺتيمال ڏانهن ڊوڙيس. واٽ تي خبر پئي ته پوک وارن ڪُلئي ڍور ڍَڪ ۾ بند ڪرايا آهن.

    مالڪن پنهنجا ڍور ته ڏنڊ ڏئي ڇڏايا، پر وري ٻيهر ڍور مونکي چارڻ لاءِ نه ڏنائون. آءٌ هينئر رُلندو آهيان ۽ ڳوٺ جي ڇاهي ڇاڻيندو آهيان. اسڪول کي لڳل تالي جيان منهنجي قسمت کي به تالو لڳي ويو آهي.


    ڏياريءَ جو ڏڻُ

    ڳوٺ وارن جا ڍور هاڻي شيرل شيديءَ جو پُٽُ چڀڙ چارينديندو آهي. آءٌ ٻه ٽي ڏينهن واندو گھمندو رهيس. پر بابي جي چوڻ تي هاڻي ساڻس ٻيلي ۾ ڪاٺيون ڪرڻ ويندو آهيان.

    اڄُ ڏياري آهي، تنهنڪري ڪاٺيون ڪرڻ نه ويندس. رات رامچند مونکي ٻڌايو هو ته سڀاڻي ڏياري آهي. چيو هئائين ته: ”تون منهنجي گھر اچجانءِ، پاڻ اٽي جا ڏيئا ۽ ڏياريءَ جي مٺائي تيار ڪنداسون. شام جو ڦٽاڪا ۽ سوسڙيون ساڙينداسون.“ رامچند مونسان گڏ پنجون درجو استاد امام بخش عباسيءَ وٽ پڙهندو هو. پر جڏهن کان اسڪول کي ڦٽين جي فصل جي موڪل سبب تالو لڳو آهي تڏهن کان رامچند پنهنجي پيءُ پرتاب راءِ جي مٺائيءَ جي دوڪان تي ريوڙيون، نقل ۽ ترن جا بوڻينڊا تيار ڪندو آهي.

    ”آچر او آچر............. هل ته هلئون ڪاٺين تي.“

    بابي پريان هڪل ڪئي.

    ”بابا! اڄُ ڪاٺين تي ڪين هلندس، پيٽ ۾ سُور آهيم.“ مون مڪر ڪري کٽ تي پاسو ورائيندي وراڻيو، بابو جڏهن هليو ويو. تڏهن مون کٽ تان ٽپُ ڏئي، لانڍيءَ کان ٻاهر ڊُڪ هنئي. پوئتان نانيءَ امڙ جو آواز آيو، ”ڇورا پيٽ جي سُور هوندي ڪيڏانهن پيو وڃين،“

    مون لنوائي ڇڏيو ۽ سڌو اچي رامچند جي گھر اچي ساهي پٽيم، رامچند جو پيءُ جليبيون تري رهيو هو، رامچند اٽي جا ڏيئا پئي ٺاهيا ته سندس ڀيڻ لڇمي ترن جا لڏو تيار ڪري رهي هئي، سامهون رڌڻي ۾ رامچند جي ماءُ پاپڙ سيڪي رهي هئي. رامچند سميت سڀني گھر جي ڀاتين مونکي کيڪاريو. آءٌ رامچند سان ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊرائڻ لڳس.

    ”پُٽ آچر“ رامچند جي ماءُ رڌڻي مان ڳالهايو، ”نيرن تن ڪين ڪئي هوندءِ.“

    ”نه جيجي“ مون وراڻيو. پوءِ هن مونکي سڏ ڪيو ۽ ٻه ڦلڪا ۽ سيري جي وٽي کائڻ لاءِ ڏنائين.

    شام تائين اسان نچندا ٽپندا ۽ ڪم ڪار ڪندا رهياسين. گھر ۾ مُرڪن جو ميڙو متل هجي. سج لٿي گھر ۾ لغڙين جون جھنڊيون هڻي، اگر بتيون ۽ اٽي جا ڏيئا ڀتين تي ٻاري واندا ٿياسين. رامچند جي ماءُ مونکي نئون وڳو پائڻ لاءِ ڏنو. ڳوٺ ۾ هندن جا ٻه چڱا گھر آهن. رات جون ڏياٽيون ٻري ويون. ميدانن ۾ ڦٽاڪن ۽ سوسڙين جا ٺڪاوَ ٿي ويا.

    آءٌ ڏاڍو نچيس، ٽپيس ۽ خوش ٿيس گھڻي دير تائين چڻگائي تيليون، ڦٽاڪا ۽ سوسڙيون ساڙيندا رهيا سين. گھر ڏانهن موٽندي مهل، رامچند جي ماءُ مون کي هڪ ڇٻي مٺائيءَ جي ڀري ڏني. آءٌ گھر ڏانهن وريس، واٽ تي ملان مجيد پخال جيڏي پيٽ کي لوڏا ڏيندو، ٿالهه مانين جو مٿي تي کنيون پئي آيو. مونکي ڏسندي پڇيائين: ”ڇورا آچر! ايڏو تڪڙو ڪٿان پيو اچين؟“

    ”توکي خبر ناهي ڇا.......... اڄ ڏياري آهي، آءٌ رامچند جن وٽان ڏياري ملهائي موٽيو آهيان.“

    ”لا حول ولا قوة........ ڏياري ڪافرن جي ڏياري، تون مسلمان جي پُٽ ملهائي توبهه توبهه.“

    ”رامچند ڪافر ناهي ملان!، هو ته منهنجو دوست آهي ۽ هي ڏس هن مٺائي به ڏني آهي.“

    مٺائي ڏسي ملان جي منهن ۾ پاڻي اچي ويو. مون ڳجھه مٺائي ملان ڏانهن وڌائيندي چيو: ”اچي تون به وات مٺو ڪر“ ملان بنان ڪنهن هٻڪ ۽ چون چوان جي مٺائي وٺي ٿالهه ۾ رکي ڇڏي ۽ تڪڙو تڪڙو هليو ويو. آءٌ گھر آيس ته ابو، امڙ ۽ ناني جن منهنجي واٽ نهاري رهيا هئا.

    ”ايتري دير ڪاڏي ويو هئين ڙي آچر“ بابي کهرائيءَ مان پڇيو.

    ”رامچند جي گھر ڏياري ملهائڻ.“

    ”ڪافرن جي ڏياريءَ ۾ تنهنجو ڪهڙو ڪم هو؟“ امڙ ڪاوڙ مان چيو. ”رامچند ڪافر ناهي امان! هو ته منهنجو سنگتي آهي. رامچند جن جيڪڏهن ڪافر آهن ته پوءِ هن جي ماءُ مونکي پيار مان ڀاڪر پائي، منهنجو نرِڙ ڇو چمندي آهي“

    ابو ۽ امڙ ٻئي ماٺ ٿي ويا.

    مون مٺائيءَ جي ڇٻي، ٿوڻيءَ جي انگهيءَ ۾ اٽڪائي ڇڏي ۽ کٽ تي ساڻو ٿي سمهي رهيس، ٿڪاوٽ جي ڪري جلدي ننڊ اچي وئي.


    نانيءَ جي ناسَ، آچر جي آس

    آءٌ رات جو نانيءَ پوڙهيءَ کي زور ڏيندو آهيان. جڏهن ناني ننڊ جي گھيرٽ ۾ گُم ٿي ويندي آهي، تڏهن آءٌ پنهنجي کٽ تي اچي ڪرندو آهيان. جنهن رات اسان جي لانڍيءَ آڏو ڳوٺ جا ڇوڪر راند رهندا آهن، تنهن رات آءُ نانيءَ کي زور نه ڏيندو آهيان ۽ ناني ڪُنجهندي سڏيندي رهندي آهي.

    تنهن رات منهنجو دوست شاهن ۽ آءٌ پير گلاب شاهه غازي تان مبن مـڱرئي جي پُٽ جي سک جو ڀتُ کائي، ٻروچن جي ٻنيءَ ۾ مٽيءَ جي دڙي تي اچي ويٺاسين. شاهن چيو: ”سڀاڻي شهر هلنداسين، مونکي چڻا وٺڻا آهن، ۽ شهر به گھمي اينداسين.“

    ”ڀائو آءٌ ته و يندس ڪاٺين تي“ کيس مجبوري ڏيکاريندي چيم: ”ٻيو ته شهر جو ڀاڙو به ڪينهي.“

    آخرڪار آءٌ شاهن سان شهر هلڻ لاءِ راضي ٿيس ۽ هن منهنجي ڀاڙي ڀرڻ جو بار کنيو.

    ٻئي ڏينهن منهنجي گھڻي ميڙ منٿ ۽ امڙ جي ايلازن کان پوءِ بابي شهر وڃڻ جي موڪل ڏني ۽ پاڻ ڪاٺين تي هليو ويو. شاهن به سنبري مون وٽ آيو. گھر کان نڪرڻ مهل نانيءَ سڏ ڪيو: ”ابا آچر! شهر پيو وڃين ته ڀلائي ڪري مون لاءِ ناس ورتيون اچجانءِ شهر ۾ ناس سٺي ٿي ملي........ هان اچي هي سوا روپيو“ نانيءَ پوتيءَ جي پلوَ مان پئسه ڇوڙيندي چيو: ”ابا! ناس ڀوري ۽ خوشبوءِ واري وٺي اچجانءِ“ نانيءَ کان سوا روپيو وٺي، شاهن ۽ مان بس ۾ سوار ٿي اچي شهر رسياسين. اڳ چاچي شاهنواز سان شهر آيو هوس، گھڻن ڏينهن کان پوءِ شهر پهچي، منهنجا وائيسر ڦري ويا. شاهن نه هجي ها ته وڃائجي وڃان ها. ماڻهن جا هشام، ڪارين جا ڪٽڪ، هيڏانهن کان هوڏانهن پئي ڦريا، مارڪيٽ ۾ ڀاڄين ۽ ميون جا ميڙ هجن. مان ۽ شاهن اَن بازار ۾ اچي پهتاسين. چانورن، چڻن، دالين ۽ اَنن جا انبار هجن. شاهن چڻا وٺي کڻي هڙ ٻڌي. کيس چيم: ”ناس ڪٿان ملندي شاهن!“ ”شاهي بازار مان“

    اهن مونکي شاهي بازار ڏانهن وٺي هلڻ لڳو. هڪ دوڪان تي ٻارن جو گھڻو ميڙ بيٺو هو. دوڪاندار انهن کي ڪتاب پئي ڏنا. شاهن کي چيم، ”شاهن! هو ڏس سامهون، ڪتابن جي دوڪان تي ڪتاب پيا ورهائجن، هل ته پاڻ به هلي وٺون“

    اسين ٻئي دوڪان وٽ پهتاسين، ”چاچا! اسان کي به هڪ ڪتاب ڏي ني.“

    شاهن دوڪاندار کي چيو، دوڪان تي بيٺل ٻيا ڇوڪرا اسان کي گھورڻ لڳا، ”ڏي ڏيڍ روپيو ته ڏيانءِ ڪتابُ.“ دوڪاندار وراڻيو. ”پئسن سان پيو ڏين ڇا؟......... مون سمجھيو ته مفت پيو ملي، تڏهن هيترا ڇوڪرا اچي مڙيا آهن.“

    ”مفت ۾ به ڪو ڪتاب ملندو آهي ڇا؟......“ سڀ ڇوڪر کلڻ لڳا. ”ڪتاب ڏاڍو سٺو اٿوَ ادا........ هر مهيني ايندو آهي“ هڪ ڇوڪر ڪتاب ڏيکاريندي چيو، ”ٻارڙن جون سٺيون آکاڻيون ۽ بيت لکيل اٿس“

    مون ڪتاب ڏانهن نهاريو ڪتاب جي مٿان هڪ ننڍڙي ٻالڪ جي وڻندڙ مورت هئي، مٿان ڪجھه لکيل هو پڙهيم، لکيل هو:

    ”گُلن جهڙا ٻارڙا“.

    شاهن کي چيم: ”شاهن! ڪتاب تي هي ٻالڪ جو فوٽو، هوبهو ڄڻ ماسي مهراب جي پُٽ پنهون. شاهن! ڪتاب ضرور وٺون، ڏاڍو سٺو آهي، مونکي ڏاڍو ٿو وڻي.“

    مون چار آنا شاهن کان اڌارا وٺي، نانيءَ جي سوا روپئي ۾ ملائي، ڏيڍ روپيو دوڪاندار کي ڏنو. کانئس ڪتاب وٺي پنا اٿلائڻ لڳس. شاهن چيو: ”پر آچر............ هاڻي نانيءَ جي ناس!“ ڪتاب جي خوشيءَ م نانيءَ جي ناس جو خيال ئي لهي ويو. مون لنوائي ڇڏيو ۽ اچي ڳوٺ واري بس ۾ چڙهياسون. ساري واٽ بس ۾ ڪتاب ڏسندو آيس. سٺا سٺا فوٽو ۽ آکاڻيون.

    جڏهن گھر پهتس ته نانيءَ پڇيو: ”ابا آچر! اندءِ منهنجي ناس“ ”ناناس.... ناس“ پهريون ته هٻڪيس پر اٽڪل سمجھه ۾ آئي.

    ”ناني! تو وارو سوا روپيو.......... تو وارو سوا روپيو ني شهر ۾ ڪري پيو.“ ”اَئي ابا............. آءٌ ته هاڻي مٺس“ ناني ويچاري ماٺ ٿي وئي. آءٌ ويهي رسالي مان ڪهاڻيون پڙهڻ لڳس.


    عيد اُٻهري آئي آ

    شيخن جي ويڙهي وٽ، مٽيءَ جي دڙي تي، رمضان شريف جو چنڊ ڏسي مون ۽ شاهن گھر ڏانهن ڊُڪ هنئين.

    امڙ کي چيم: ”امان پهريون روزو آءٌ به رکندُس.“

    ”نه ابا! تون اڃان ننڍڙو آهين.“

    ”هو ملان مجيد جو پُٽ آهي ني مهراب، آهي گھڻو! مون کان ته ننڍو آهي، پر هو به رات روزو رکندو“ مون صفائي پيش ڪندي هوڏ ڪئي، ”آءٌ پهريون روزو رکندُس.“
    ”اي ابا! غريبن وٽ سدائين روزا هوندا آهن، هڪ ويلو کائين ته هڪ نه.... ڪهڙيون پيو ڳالهيون ڪرين.“
    ”ناني تون ته پئي اجايون ڳالهيون ڪرين“ کيس وراڻيم. گھر وارن جون ڳالهيون ٻڌي آخر مان ماٺ ٿي ويس.

    امڙ ۽ نانيءَ جن مونکي روزو نه رکايو، ڏاڍو ڏُک ٿيو.
    صبح جون ڪاٺيون ڪندي دل نه لڳي. جهڙي تهڙي ڀري ٺاهي بابي سان گڏ اچي، ملان مجيد جي هٽ تي ڦٽي ڪيم.
    مسجد جي ڀڪ ۾ ملان مجيد جو هٽُ آهي. اسان ڪاٺيون ڪري، اچي ملان مجيد کي ڏيندا آهيون. هُو ٻن ڀرين جا اٺَ روپيه ڏيندو آهي. گھر جو سيڌو سامان کانئس ئي وٺندا آهيون. ملان مجيد سڄو ڏينهن هٽُ هلائيندو آهي، فقط نماز جي وقت مسجد ۾ وڃي نماز پڙهائيندو آهي ۽ رات جو لولا اوڳاڙيندو آهي. هر سال حج به ضرور ڪندو آهي.

    شام جو روزي کولڻ مهل ملان مجيد پنهنجي پٽ مهراب کي ڏاڍا هار پارايا، پوءِ سندس فوٽو اخبار ۾ به ڇپرايو.

    روزن جي پڇاڙيءَ ۾ هر ڪنهن عيد جي ڪپڙن جي تياري پئي ڪئي. رات جو بابي کي چيم: ”عيد لاءِ ٺهرائي ڏي نه ڪپڙا بابا!“ بابو ڪُڇي جهڙي ڀتِ.

    ”هان بابا!ـــــ وٺي ڏي نه بابا!“

    ”پٽ ڪپڙن لاءِ پئسه ڪٿان اچن، جڏهن ته پيٽ لاءِ به پورا ڪينهن.“

    بابي مايوسيءَ مان وراڻيو.

    ”ملان مجيد کان ئي اڌارا پئسه وٺي، آچر کي عيد جو وڳو ٺهرائي ڏي.“ امڙ ابي کي صلاح ڏني.

    ٻئي ڏينهن جڏهن بابي، ملان مجيد کان ڪجھه پئسه اڌارا گھريا ته ملان مڇرجي پيو، چئي: ”اڙي ميان! هڪڙي اوڌر اڳيئي اٿَوَ، ٻي ڪٿان ملندوَ، نه بابا......... آءٌ اهڙو جڏو ڪم ڪين ڪندسُ. مونکي پاڻ حج لاءِ پئسي جي سخت ضرورت آهي.“

    بابو مايوس ٿي ويو، آءٌ گھر اچي روئي ويٺس. آخري جمعي تي امڙ به ڳڙ ڀت چاڙهي وڏن کي ختمو ڏياريو. هڪ ٿالهي ڀري آءٌ مسجد ڏانهن به کڻي ويس. ملان مجيد ڳڙ ڀت ڏسي، منهن ۾ سونڊ وڌو، ملان سٺا سٺا طعام گھر ٿي اماڻيا، باقي سادا سودا طعام ويو ٿي جماعتين ۾ ورهائيندو.

    وقت گذرندي ويرم ئي نه ٿي. عيد اٻهري اچي وئي............ عيد آئي پر اسان لاءِ نه، منهنجي دوست شاهن ۽ مونکي عيد ڏينهن نوان ڪپڙا پهريل ڪين هئا. اسان جي گھر ۾ سئين بدران دال جو ڪنو چڙهيو هو. ڳوٺ جا ماڻهو، ڪي شهر، ناٽڪ ڏسڻ ٿي ويا، ته ڪي پيرن جي پڙ تي رڇ ڪتي جي ويڙهه ۽ ملهه ڏسڻ وڃي رهيا هئا، پر شاهن ۽ مان ڇولن جي ڇٻي کنيون، لارين جي اسٽان تي وڪڻڻ لاءِ وڃي رهيا هئاسين.


    اصل وڏو قصو چار درويش (باتصوير)

    تنهن رات اتر اوت ڏني. هڪ هئي ٿڌ گھڻي، وري جو مٿيان وسيو مينهن، پوءِ ته اسان جي لانڍي به ٽمڻ لڳي لانڍيءَ جي ٽمڻ ڪري باهه جو ٻاريل مچُ به ماٺو ٿيندو ويو ۽ اسين سڀ ڀاتي سيءَ ۾ ٿڙڪڻ لڳاسين. ناني ڪُراڙيءَ جي ته کاڏي به کڙڪڻ لڳي. ڀنڀرڪي جو برسات بند ٿي. لانڍيءَ ٽمڻ ڇڏيو ته اسان جي نڪن ٽمڻ شروع ڪيو. ناني ويچاري ته تپ ۾ وٺجي وئي. صبح جو بابو اڪيلو ڪاٺيون ڪرڻ ٻيلي هليو ويو. مون ملان مجيد جي هٽ تان ٿڌ ۽ بخار جون گوريون آڻي نانيءَ کي ڦڪايون؛ پر انهن ڪوبه اثر ڪونه ڪيو. نانيءَ ماني به ڪين کاڌي. آءٌ ۽ امڙ اداس ٿي وياسين. ٿوري دير کان پوءِ رامچند ڊڪندو آيو.

    ”آچر او آچر.......... جلدي سنبر. بابي سان گڏجي مائي ليسوڙيءَ جي ميلي تي هلون، توکي ته خبر آهي نه ته اڄُ ڀرڪڻ ۾ مائي ليسوڙيءَ جو ميلو آهي.“

    ”نه دوست! مان مائي ليسوڙيءَ جي ميلي تي هلي ڪونه سگھندُس.“ کيس وراڻيم.

    ”ڇو ڇا ڳالهه آهي؟......... ڇو نه ٿو هلين ميلي تي؟ پئسن جو فڪر نه ڪر بابو اسان سان گڏُ هوندو ني.“

    ”نانيءَ کي بخار آهي ان ڪري مان نه هلي سگھندُس،“

    ”هان............... نانيءَ کي ڇا ٿيو؟“ ائين چئي رامچند نانيءَ جي کٽ ڏانهن ڊوڙيو، نانيءَ سان ڳالهايائين، پر نانيءَ موٽ ۾ بخار سبب کيس ڪو جواب ڪونه ڏنو. امڙ رامچند کي کيڪاريندي چيو:

    ”آچر جو پيءُ ويو آ ڪاٺين تي، امان به بيمار آهي سو پُٽَ! آچر توسان مائي ليسوڙيءَ جي ميلي تي هلي ڪونه سگھندو. باقي توهان ڀرڪڻ ميلو ڏسڻ وڃو ئي اٿا ته پوءِ آچر جي مامي جي گھر به ضرور وڃي کيس نياپو ڏجو ته آچر جي ناني سخت بيمار آهي، تنهنڪري جلدي ا چو.“

    رامچند مامي جن کي نياپي پهچائڻ جو واعدو ڪري هليو ويو. آءٌ ٻاهر گھمڻ ڦرڻ به ڪين ويس ۽ نانيءَ جي سار سنڀال ۾ ويٺو رهيس. ٽپهريءَ ڌاري بابو گھر جو ڪجھه سيڌو سامان وٺي موٽيو. نانيءَ جي طبيعت وڌيڪ نازڪ ٿيندي پئي وئي.

    مون بابي کي چيو، ”ڇو نه نانيءَ جو شهر هلي ڪنهن ڊاڪٽر کان علاج ڪرائجي.“

    بابي ڪوبه جواب نه ڏنو، ماٺ رهيو سج لٿي مهل، مامو مهراب هڪڙو ڪتاب ڪڇ ۾ کنيون اچي پهتو. نانيءَ سان ڳالهايائين. پر موٽ ۾ نانيءَ کيس ڪوبه جواب ڪونه ڏنو.

    مامو مهراب ڀرڪڻ ۾ ماستر آهي. جڏهن به اسان وٽ ايندو آهي ته مون کان اسڪولي ڪمن بابت سوال ضرور ڪندو آهي. هن ڀيري مامون، نانيءَ جي ناچاڪيءَ سبب غمگين هو ۽ مونکان ڪوبه سوال ڪونه پڇيائين. مون ويجھو وڃي مامي مهراب کان پڇيو: ”هي ڇاجو ڪتاب آندو اَٿَوَ مامان!“

    ”هي اصل وڏو قصو چار درويش باتصوير آهي.“ مامي وراڻيو. ”منهنجي لاءِ سوکڙيءَ طور آندو اٿئي نه مامان. تنهنجي وڏي مهرباني مان واندڪائيءَ ۾ اهو قصو ويٺو پڙهندس.“

    ”نه ڙي آچر چريا نه، اهو قصو تنهنجي لاءِ ڪونه آندو اٿم“ مامي ڪاوڙ ڪندي چيو! ”وڏن بزرگن ۽ پيرن فقيرن جو چوڻ آهي ته مريضن کي جيڪڏهن قصو چار درويش پڙهي ٻڌائبو ته هو صحتياب ٿي ويندو، انهيءَ ڪري هي امڙ ڪراڙيءَ لاءِ آندو اٿم، ته جيئن هو قصو ٻڌي ته چاڪ ٿئي.“

    ”قصي ٻڌڻ سان نانيءَ چاڪ ٿي ويندي، واهه مامان واهه، قصن ٻڌڻ سان جيڪڏهن ماڻهو چاڪ ٿين ها ته پوءِ سڀني جي گھرن ۾ اهو ڪتاب پيو هجي ها.“

    ”توکي خبر نه آهي اٻوجھه آچر! تون ماٺ ڪري ويهي رههُ.“

    ”ڀلا ملهار جو بيمار ٿيو هو، تنهن کي شهر وڏيءَ اسپتال ڇو کڻائي ويا هئا؟“

    ” چپ ڪري ويهي رههُ آچر مٿو نه کاءُ“ مامي ناراض ٿيندي چيو.

    مان مامي کان ڪتاب وٺي ان ۾ ڇاپيل مورتيون ڏسڻ لڳس. هڪ جاءِ تي هڪ شهزادو هڪ خوبصورت مائيءَ کي نهاري رهيو هو. وري ٻي هنڌ هڪ نوجوان هٿ ۾ ترار کنيون هڪ ڍڳيءَ تي چڙهيو ويٺو هو. هڪڙي هنڌ ملڪه گھوڙي سميت پاڻيءَ ۾ ٻڏي رهي هئي مطلب ته ڪتاب مزيدار ٿي ڏٺو. رات جي مانيءَ کان پوءِ مامي وضو ڪري نانيءَ جي سيرانديءَ کان ويهي، بسم الله ڪري وڏي آواز سان قصو پڙهڻ شروع ڪيو. نانيءَ ويچاريءَ بخار سبب ڪجھه نٿي ڪڇيو. مان، امان ۽ بابو، ٽيئي ڄڻا خاموشيءَ سان قصو ٻڌي رهياسين. آهستي آهستي مونکي ننڊ اچي وئي، خبر ناهي ته رات ڪيتري دير تائين مامون قصو پڙهندو رهيو.

    صبح جو بابو ڪاٺين تي به ڪونه ويو. ناني ويچاري اکيون پوريون پئي هئي ۽ ڪجهه به نه ٿي ڳالهايائين، مونکي نانيءَ جي ان حالت تي ڏاڍو ڏک ٿيو هو.

    مامي مهراب نيرن ڪري وري قصو اڳتي پڙهڻ شروع ڪيو:

    ”ٽئين درويش جو سير: ٽيون درويش گوڏو کوڙي پنهنجي سير جو بيان هيٺين ريت شروع ڪرڻ لڳو“

    مامي مهراب اڃا اهي سٽون پڙهيون مس ته ايتري ۾ نانيءَ جو هڪ گوڏو اڀو ٿي ويو ۽ نانيءَ هڏڪيون ڏيڻ شروع ڪيون، مامي ٿوري دير قصو بند ڪري، اسان ڏانهن نهارڻ لڳو، اسان جي چهرن تي ڏک ۽ مايوسيءَ جا پاڇولا هئا. مامون وري وڏي آواز سان قصو پڙهڻ لڳو. ڪجھه دير کان پوءِ مامي جڏهن هي سٽون پڙهيون:

    ”اکيون پٽي جان ڏٺم ته، نه اهو پريو مڙس نظر آيو نه هرڻ! فقط مان کٽ تي اڪيلو سمهيو پيو آهيان.“

    ته اوچتو نانيءَ پنهنجون اکيون پٽيون پر هوءَ هڪ ٽڪ ٻڌي فقط لانڍيءَ جي ڇت ۾ نهاري رهي هئي. مامي مهراب ڪتاب تان نظرون هٽائي، نانيءَ جي منهن تي کپائي ڇڏيون. نانيءَ پنهنجون اکيون پوري ڇڏيون. مامي مهراب وڏي آواز سان قصو اڳتي پڙهڻ شروع ڪيو. قصو نعمان سوداگر ۽ فرنگ شهزاديءَ جو هاڻ شروع ٿيو هو. مان مامي جي ڀرسان وڃي ويٺس ۽ ڪتاب کي ڏسندو رهيس. هاڻي مامون حبشين جي فوج جي حملي بابت پڙهي رهيو هو. مورت ۾ هڪ جوان پڃري ۾ اٽڪيو پيو هو، ڀرسان هڪ حبشي تلوار هٿ ۾ کنيون بيٺو هو.

    جڏهن مامون هي سٽون پڙهي رهيو هو:

    ”منهنجو اهو ڪم آهي ته هر ماههَ جي پهرين جمع تي انهيءَ تابوت کي انهن ٻن ماڻهن کان کڻائي انهيءَ شهر ۾ ان شهزاديءَ جو ماتم ڪندو آهيان.“ ته اوچتو نانيءَ کي هڪ وڏي هڏڪي آئي.

    مامي قصو پڙهڻ بند ڪيو، سڀئي نانيءَ جي کٽ مٿان ڦري وياسين. بابي نانيءَ کي چوريو پوريو، نانيءَ ساهه کڻڻ بند ڪري ڇڏيو ۽ سندس ڪنڌ هڪڙي پاسي ڍرڪي ويو.

    ٿوري دير کان پوءِ اسان جو ماتم شروع ٿي ويو.


    آيا اڱڻ عجيب

    اڄ نانيءَ ڪراڙيءَ جو چاليهو هو.

    نانيءَ کي ختمي ڏيارڻ لاءِ ، بابو سوير ئي اڌارو سڌارو سيڌو سامان وٺي آيو هو. بابي جي مرضي هئي ته ختمي جي لاءِ پلو به چاڙهجي، پر امڙ کيس سمجھائيندي چيو ته ناني ڪراڙي هڪ اڳيئي جھور، ويتر سندس نظر به ڪجھه گھٽ، سو ختمي ۾ جيڪڏهن کيس پلو اماڻينداسين ته ويچاريءَ کي ڪنڊن جي ڪري کائڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي. بابي کي امڙ جي ڳالهه دل سان لڳي سو پلي وٺڻ جو ارادو ڦيرائي وڃي گوشت وٺي آيو.

    مون امڙ کي ويجھو وڃي چيو، ”امڙ اهو ڀلا ڪيئن! ختمو ڦاٽي ملان، ۽ ڪجھه کائون اسان، پر پوءِ به سڄو سارو کاڌو وڃي پڄندو نانيءَ کي.....“

    ”آچر تون ته صفا ڪو چريو آهين........... اهي ختما ته اصل کان ٿيندا پيا اچن. ختما ڏياري ويچارن مٽن مائٽن جي سار لهڻ ضروري آهي.“

    امڙ مونکي ڳالهه سمجھائي نه سگھي.

    ٽپهريءَ ڌاري، امڙ ختمي جي رڌ پچاءَ جون تياريون شروع ڪري ڏنيون. بابو سويل ئي ملان مجيد کي ختمي لاءِ چئي آيو هو.

    مان امڙ ۽ بابو، ڪم ڪار ۾ رڌل هئاسين ته اوچتو اسان جي لوڙهي ٻاهران ماڻهن جي گڏيل آوازن سان گڏ ڪُتن جي ڀونڪ شورع ٿي وئي. اسان جو ڌيان اوڏانهن کڄي ويو. ويرم ئي ڪانه گذري جو ڪاري الفي پاتل هڪ قداور شهپري همراهه پنهنجن ٻن ٻالڪن ۽ ٻن ڪُتن سميت اسان جي لوڙهي ۾ گھڙي آيو. پهريائين ته مون ڪونه سڃاتو، پر ويجھي اچڻ تي سڃاتم هي اسان وارو مرشد مجن شاهه مستانو هو.

    امڙ ۽ ابو ڏاڍي عقيدت سان وڌي وڃي مرشد کي پيرين پئي مليا.

    ”مرشد سائين ڀلي آيا جيءُ آيا. الله سائينءَ جا لک احسان جو اڄ اسان ڏي مٺي مرشد کي مهر ڪري موڪليو اٿائين.“ بابي مرشد جي ٻنهي خادمن کان ٻئي ڪتا وٺي پريان پڌر ۾ وڃي ٻڌي ڇڏيا. امڙ اندران ڀلو هنڌ جھٽ پٽ ۾ کڻي اچي، گھر جي سٺي ۾ سٺي کٽ تي مرشد کي وڇائي ڏنو، مرشد جا ٻئي ٻالڪا هيٺ تڏي تي ويهي رهيا. بابو مرشد جي پيرن کان ويهي کيس زور ڏيڻ لڳو ته امڙ وري پکو لوڏڻ لڳي. مون کي وري بيٺل ڏسي امڙ سڏ ڪيو.

    ”آچر، اچي مل نه سائينءَ سان.“

    مون مرشد کي پيرين پئي هٿ ڏنو. مرشد مونکي ڀرسان ويهاري مٿي تي پنهنجو بي ڊولو هٿ ڦيرائڻ لڳو. مرشد جي ڀرسان ويهندي منهنجو ساهه ٿي منجھيو، سندس وات ۾ ڏاڍي ڌپ هئي. تنهنڪري آءٌ لنوائي سندس کٽ وٽان ڀڄي ويس. ٿوري دير کانپوءِ مرشد جي چوڻ تي بابو ڀنگ وٺي آيو، سندس ٻالڪن ڀنگ گھوٽي، پوءِ ٽيئي ڄڻا ڀنگ پيئندا ساڻا ٿيندا ڪرندا ويا.

    چلهه وٽ وڃي مون امڙ کي چيو، ”امڙ تون ته چري آهين، مرشد نيڪيءَ جي واٽ ڏسيندو آهي، اسان وارو مرشد ته ڀنگ ٿو پيئي. اسان کي به سندس پيروري ڪرڻ گھرجي ۽ ڀنگ پيئڻ گھرجي“

    امڙ ڪاوڙجندي چيو، ”اڙي چرياڻ توکي خبر ناهي، مٿو نه کاءُ..“

    مون وري امڙ کي تپائيندي چيو، ”امڙ تون چوندي آهين ته، مرشد قيامت ڏينهن پل صراط پار ڪرائيندو. پر پاڻ واري مرشد جا افعال اهڙا آهن جو مونکي ڀَؤ آهي ته ڪٿي هو پاڻ ئي ٿاٻڙجي پل صراط تان ڪري نه پوي.“

    امڙ مون کي پٺيءَ واري ڏوئي وهائي ڪڍي، آءٌ ڀڄي ويس.

    مرشد سڳورو ۽ سندس ٻئي ٻالڪا، ننڊ ۾ بيهوش ٿيا پيا ها. سندس وات پٽيل هئا جن تي هر گھڙيءَ مکيون پئي ويٺيون ۽ بابي پکي سان مکين کي ٿي اڏاريو. سانجھيءَ ويل امڙ به ماني تيار ڪري ڇڏي. اوچتو مرشد سڳورو ۽ سندس ٻئي ٻالڪا ننڊ مان بک بک ڪري اٿيا. مرشد جي رڙ پئجي وئي.

    ”اڙي! وارو ڪر سومر! بُک تپايو آهي، سگھو کڻي اچ ماني.“

    امڙ چيو: ”ختمو مرشد کان ئي ٿا ڏياريون“

    مجن شاهه مستانو، اڌ پنڪيءَ ۾ ختمو ڏئي، جنبجي ويو مانيءَ کي، ٽيئي ڄڻا مانيءَ کا ائين چنبڙي ويا جو مانيءَ مان هٿ ڪڍڻ تي روح نه پئي ٿين. ماني هئي پوري ساري، سو مرشد ۽ ان جي ٻنهي ٻالڪن گھڙيءَ ۾ سموري ماني کپائي ڇڏي، ديڳڙِي اگھڻ کان پوءِ به ٽيئي ڄڻا ماني ماني ڪرڻ لڳا.

    ابو، امڙ ۽ مان ٽيئي ڄڻا بک تي ويٺا رهياسين. ٿوري دير کان پوءِ ويڙهي ٻاهران ملان مجيد جو سڏ ٿيو. ملان مجيد کي بابي سڄي ماجرا ٻڌائي ٽاري ڇڏيو. ملان مجيد وڦلندو بابي کي گھٽ وڌ ڳالهائيندو موٽي ويو.

    سومهڻيءَ مهل، مرشد سڳوري پنڪيءَ مان سجاڳ ٿي بابي کي حڪم فرمايو: ”ابا سومر، ڀلا ڪراءِ ڪو ڪلياڻ. راضي ڪر مرشد کي ته رب به ٿيئي راضي. کڻي اچ نظرانو ته وڌئي خزانو.“

    ابو ۽ امڙ مرشد جي ڳالهه سمجھي ويا. امڙ ڀڳل لوهي پيٽيءَ مان هڪ هڙ کڻي آئي، ان هڙ ۾ هڪ ننڍڙي هڙ هئي، جنهن ۾ ڪجھه نوٽ ٻڌل هئا، امڙ مرشد کي نوٽ ڏيندي چيو، ”مرشد سڳورا هي اسان غريبن پاران پنجاهه رپيا اٿوَ. بُک ڏک ۾ اوهان جي امانت سانڍيندا آيا آهيون، اوڌر کڻي کاڌوسي، پر اوهان جي امانت کي هٿ نه لاٿوسي.“

    ”مرشد پئسا وٺندي چيو: ”پنجاهه روپيا ڇڙا............ اڙي مائي بختاور پنجاهه روپيا ته منهنجن ٻن ڪتن جي ٻن ڏينهن جو خرچ آهي. هيڏي مهانگائيءَ ۾ پنجاهه روپيه مرشد لاءِ ته ڪونه ٿا ٺهن.“

    بابي آزي ڪندي کيس وراڻيو؛ ”سائين اوهان کي سُڌ آهي ته هيل ڪيترو ڏڪار پيو آهي. روزگار گھٽ، غربت وڌيڪ، مسڪين ماڻهو آخر ڪٿان پورت ڪن. توهانجي رحم جي نگاهه هجي.“

    ”پر سومر تو کي ته خبر آهي ته اسين آهيون سيلاني فقير، ٻارهين مهيني هڪ ٻه ڀيرو مس اچون، پنجاهه روپين مان ڇا هڙ حاصل ٿيندو.“

    ائين چئي مرشد ڪاوڙ مان ليٽي پيو. بابو کيس زور ڏيڻ لڳو، امڙ پنجاهه روپيا مرشد جي وهاڻي هيٺان ڏئي ڇڏيا.

    گھڻي دير جاڳڻ کانپوءِ مون کي ننڊ اچي وئي. باک ڦٽيءَ جو، ابي ۽ امڙ جي آواز تي جاڳ ٿي هئي، اکيون مهٽي سامهون نهاريم ابو ۽ امڙ مرشد جي کٽ وٽ بيٺا ها. مرشد نظر نه ٿي آيو. کٽ تي وڇايل هنڌُ به گُم هو، مرشد جا ٻه ڪتا ۽ ٻالڪا به غائب هئا.

    ”امان او امان! مرشد سڳور ڪاڏي ويو،“ مون پريان امان کان پڇيو.

    ”مرشد سڳورو ڪاوڙجي بنا موڪلائڻ جي هليو ويو ۽ هنڌ به کڻي ويو“ بابي وراڻيو.

    ”هنڌ به کڻي ويو؟ “ مون تعجب کائيندي چيو، ”ڏاڍو ڪو بکيو مرشد آ اسانجو..“

    امڙ وراڻيو، ”اڙي چنڊا آچر! ائين نه چئو. مرشد سڳورو اسان جي هنڌ کڻي ويو آهي ته ڇا ٿيو، اسان جو هنڌ وري حضور ۾ هوندو“

    آءُ تعجب ۾ امڙ ڏانهن نهاريندو رهيس.


    منڊي ڪُڪڙ جي ڪرامت

    شام جو شاهن، مان ۽ ٻيا ڇوڪرا، ونجهوٽي راند پئي کيڏياسين ته رامچند ڊوڙندو آيو. اچي ٻڌايائين ته استاد امام بخش عباسيءَ چيو آهي ته سڀاڻي اسڪول کلندو، تنهنڪري سڀئي شاگرد سڀاڻي اسڪول ضرور اچن. اسان سڀني راند ڦٽائي پنهنجن گھرن ڏانهن ڊُڪ هنئين. مون گھر اچي ڪتابن جي ڳولها ڪئي. سليٽ ۽ ٻه ڪتاب گُم ٿي ويا هئا، جيڪي ڪين لڌا.

    صبح ننڊ مان سويل جاڳ ٿي. راتوڪا چانور ڏڌ سان کائي، شاهن ۽ رامچند سان گڏ اسڪول ڏانهن روانو ٿيس. استاد امام بخش حاضري ڀري ٻڌايو ته: ”ايندڙ ڇنڇر تي توهان جا امتحان ٿيندا سو تياريون شروع ڪيو.“

    محرم وچ ۾ سوال ڪندي چيو: ”سائين اسين جيڪي ڪجھه پڙهياسين، سو ويو ڦٽين جي فصل جي موڪل ۾ وسري، پوءِ امتحان ڪيئن ڏيئي سگھنداسين.“

    ”اڙي بيوقوف ڇوڪرا ! پهريان امتحان ڪيئن پاس ڪيا هُيوَ، هي به امتحان ائين ٿيندو، گھٻرائڻ جي ضرورت ناهي، گذريل سال وانگر هاڻي به ڪڪڙيون ۽ ڇيلا سرسُ پهچائجو. جيڪو ڇوڪرو هٿين خالي ايندو سو سمجھو ناپاس آ.“

    اسين سڀئي ڳالهه کي سمجھي ويا سين .

    امتحان جي ڏينهن تائين، استاد امام بخش عباسي ويو ٿي، ڇيلا، ڪڪڙيون ۽ آنا گڏ ڪندو. ڪن ڇوڪرن روڪڙ پئسا به ڏنا. رامچند پنهنجي پيءُ جي دوڪان تان پنج سير مٺائي آندي. جيئندي جت جي ٻنهي پُٽن ٻه ڇيلا آندا، ڪمال ڪوريءَ جو پُٽ قادن پيءُ جي آڏاڻي تان ٻه بوڇڻ کڻي آيو.

    آءُ گھر اچي منجھي پيس ته آخر استاد کي ڪهڙِي شيءَ پهچايان. امتحان ۾ پاس به ٿيڻو هو. بابي کان پئسن جي گھُر ڪيم، پر بابي وٽ هجن پئسا ته ڏي، گھر ۾ فقط هڪ منڊي ڪڪڙ هئي، جيڪا چئن ڏينهن کان آري تي ويٺل هئي. امڙ جھليو ته آري تان ڪڪڙ اٿارڻ گناهه آهي. آءٌ مايوس ٿي ويس.

    امتحان رات ننڊ ڪين آئي. صبح جو کٽ تي ليٽيندي سوچيندو رهيس. ڏندڻ پاڻي ڪري ڏڌ جو وٽو پي، امڙ کان اک بچائي، آري تان منڊي ڪڪڙ اٿاري، کڻي اسڪول ڏانهن ڊُڪ هنئي. اسڪول پهچي، ڪڪڙ استاد جي حوالي ڪري، سنگتين سان گڏ بئنچ تي ويهي رهيس. اڄ اسڪول ۾ رونق هئي. سڀني ٻارن اڇا اجرا ڪپڙا پهريا هئا۽ سندن منهن ٻهڪيا پئي. استاد امام بخش سڀني شاگردن جي حاضري ڀري، نمبر وار وهاري پاڻ ڪلاس ۾ چڪر ڏيڻ لڳو. ٿوري دير کان پوءِ ڦٽ ڦٽ تي صاحب آيو. استاد امام بخش ۽ صاحب ٿوري دير ڪلاس ۾ ڳالهائي ٻولهائي ٻاهر نڪتا. استاد موٽي اچي سڀني شاگردن کي چيو: ”بس بابا، توهان سڀ هاڻي گھر وڃو، سڀاڻي اچجو ته توهانکي امتحان جي خبر ٻڌائبي.“

    ”پر سائين، صاحب ته اسان کان ڪجهه ڪين پڇيو آهي، اهو امتحان ڪيئن ٿيو.“

    وچ ۾ هڪ ڇوڪر ڳالهايو.

    ”اڙي بس ڪر نالائق، ٻڌءِ نه ته امتحان ٿي ويو، وڃو ۽ وري سڀاڻي اچجو.“ استاد ڇڙٻ ڏيندي چيو. اسين سڀئي اسڪول کان ٻاهر نڪرڻ لڳاسين.

    استاد امام بخش عباسي ۽ صاحب جن، وڏيري جي اوطاق ڏانهن روانا ٿي ويا، جِتي کائڻ پيئڻ جو انتظام ٿيل هو.

    ٻئي ڏينهن اسڪول آياسين، استاد سڀني کي امتحان جي خبر ٻڌائي. پنجين درجي وارن کي امتحان جي خبر ٻڌائيندي استاد چيو: ”جانڻ ۽ خانڻ کان سواءِ ٻيا سڀ ڇوڪرا پاس آهن.“

    سڀ ڇوڪرا تاڙيون وڄائڻ لڳا. خانڻ ۽ جانڻ ٻئي سڏڪا ڀري روئڻ لڳا. مونکي ياد آيو، جانڻ ۽ خانڻ ڪابه سوکڙي استاد عباسيءَ لاءِ ڪانه آندي هئي. استاد اسان پنجين وارن کي انگريزي اسڪول ۾ داخلا جون سندون ڏنيون. اسين سنَدون وٺي گھرن ڏانهن وڃڻ لڳاسين. ڳوٺ ۾ سرڪار، انگريزي اسڪول کولڻ جي منظوري ڏني هئي، پر وڏيري وڌل، ڪوشش ڪري اها منظوري رد ڪرائي ڇڏي. مان ۽ شاهن سوچي رهيا هئاسين ته اسين غريبن جا ٻار انگريزي پڙهڻ لاءِ روز شهر ڪيئن وڃي سگھندا سين، جڏهن ته روز خرچي به نه ٿي ملي سگھي. اسين ڳوٺ ڏانهن ڊوڙندا، گيت ڳائيندا وڃي رهيا هئاسين. اسان جي پويان ڌُوڙ جا ڪڪر ٺهندا پئي ويا.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 343818
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 141632
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ