ڪتاب جو نالو: سمنڊ جاڳي ٿو
مصنف: ادل سومرو
ڇپائيندڙ: پبلشر بابت ڄاڻ موجود ناهي
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 1994
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 01 جنوري 2017 ع
پڙهيو ويو: 466 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 255 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ادل سومرو سنڌ جي مقبول شاعرن مان ۽ حاضر دور جي چوٽيء جي شاعرن مان آهي۔ سندس شاعريء جو هي ڪتاب ”سمنڊ جاڳي ٿو“ سندس لازوال غزلن، گيتن، بيتن ۽ وائين تي مشتمل آهي۔ ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز لکيو آهي۔ شيخ اياز لکي ٿو:
”ادل سومرو شاعر جي حيثيت ۾ به نئين دؤر جي شاعريءَ تي پنهنجو اثر وجھي چُڪو آهي. هن وقت تائين به هن جيڪي ڪُجھُه لکيو آهي اُن کي نظر انداز نٿو ڪري سگھجي. سندس تخليقون سنڌي ادب ۾ سٺو اضافو آهن. جن ماڻهن ۾ ڏات جو ڏيئو ٻرندو آهي ته اهي ترقيءَ جي راهه ۾ ٿيڙ ٿاٻا گھٽ کائيندا آهن. ۽ تمام تيزيءَ سان منزلون طيءِ ڪندا ويندا آهن. ادل جي شاعري به ٿوري عرصي ۾ حيرت انگيز ترقي ڪري چُڪي آهي. مونکي اميد آهي ته جي هو پنهنجي ذوق شوق سان شاعري جي تخليق ۽ ٻئي ادب جو مطالعو انهيءَ ساڳئي رفتار سان جاري رکندو ته ڪو وقت اهڙو ايندو جو هو سنڌ جي وڏن شاعرن ۾ شمار ٿيندو.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • گذارش
  • مهاڳ : لهرون لهرون شاعري
  • بيت

  • جڳ هٿيارن جي ڇانوَ ۾
  • سڃ سڄي سڏڪو (ٿر جي ڏڪار کان مٿاثر ٿي لکيل)
  • انوکو آواز
  • آليون اکيون، مرڪ چپن تي
  • غزل

  • سونهن جا اجرن پکين ۾ ٿي رهي
  • ٻارڙا سڀ پاڻ ۾ خوش ٿي ڪُڏن
  • رستن تي ارمان پيا هن
  • ڏات جي مڙني ڏارن ۾
  • سڙيل گھر تي باک ڦُٽي آ
  • پنڇي ٽولي ساڳئي آهي
  • سرد جذبن ۾ ڇا رکيو آهي
  • تار تو ۾ مست سنڌو پيو وهي
  • ڄاڻ ته ڦهليو روشن واس
  • اڄُ ڇو جذبو ساڳيو ناهي!
  • اخبارون ڳالهائن ٿيون
  • شاهه هجان ها جيڪر آنءُ
  • جنهن کي سمجھي لوڪ تنهنجي ڪمتري
  • ڌرتيءَجا پوڄاري آهيون
  • ختم ٿي وڃي سا ڪهاڻي نه آهي
  • اسان کي سو سهڻا وساري نه ڇڏجو
  • بارودن کي ڳاري ٺاري
  • ڪيئن ڪيان مان توسان دوکو
  • گھڙيءَ لئه پنهنجو جوڀن پسائي
  • تنهنجا ڦهليل ٻانهون آهن
  • تنهنجي گھر جي ڀرسان آهيان
  • لفظن ۾ ٽهڪن جي خوشبو
  • ديس جي ڌرتي جڏهن آهي رُني
  • ديس جي ڌرتي جڏهن آهي رُني
  • چنڊ ستارا ڳائن ٿا
  • پيار وارو دورُ ٿو ڊوڙي پيو
  • لوڪ آڏو ڀل نه مونکي سار تون
  • منهنجو هي اندرُ ۽ سنڌُ
  • مون ٿي سمجھو سولي آهين
  • ڍنڍ اکڙين ۾ ٿيا، لُڙڪ تنهنجا ڪنول
  • ڪيڏا چرچا پيارن سان
  • گيت ـ نگر جو گسُ ٿي ڳولي
  • نظم

  • ڪئمپ، ڪرفيو ۽ چنڊ
  • دُکي ديس جي چانڊوڪي رات
  • هر ڏس ۾ هيڊاڻ آ ڇانيل
  • جوڀن رُت جا ڳاڙها خواب
  • شاعر گيت لکن ٿا
  • ٿڪل زندگي
  • ڌرتيءَ تي دوزخ
  • ڪڏهن نه کٽندڙ اوسيئڙو
  • هڪڙي ڪرڻي جي ڳولا
  • امن جا وٿاڻ ــ ڪُتُب خانا ۽ قبرستان
  • رانديڪا
  • نسخو
  • آدم جو اولاد
  • مايوسين کي موت به ايندو
  • رَتوڇاڻ راتِيُون
  • پٿر تي لکيل هڪ نظم
  • گيت گُناهگار نه هوندا آهن
  • شاعر
  • ڌرتيءَ تي گُلاب ته آخر ٽڙڻا آهن (هوشوءَ جي نالي)
  • سورج سامهون کوليءَ جو درُ
  • تنهنجي لاءِ آهن
  • بلڊ گُروپ
  • اُوندهه جي جھنگ ۾ گُم ٿيل روشني
  • وڇوڙي جو ڪارڻ
  • ملامت
  • بيماريون ۽ طبقا
  • وڇوڙي جي مند جي پهرين برسات
  • اباڻي شهر ۾ اجنبي
  • خوابن جو موت
  • اُداس موسمَ جو هڪ عڪسُ
  • ڏکن جي سرحد وٽ روڪيل خُوشيون
  • پاڙون
  • نيروليءَ جو خُواب
  • شاعر جي دُعا
  • گيت

  • ڪنهن جھڙالي شام جيان
  • هي شامون هي راتيون هي جھاتيون پرينءَ جون
  • سالن کان پيو سوچيان ويٺو
  • مونکي ياد ڪيو هوندءِ
  • آءٌ ويندس اُتي سونهن آهي جتي
  • ساڀيا، تون آهين پرين!
  • اسان جا ٻول ٻه ٽي او ڍول!
  • زندگي آ مختصر
  • ائين پري کان پرين!اوپرا ٿا لڳو
  • هائيڪا

  • سکر ــ روهڙيءَ جا هائيڪا
  • تصويرون ۽ احساس
  • وايون

  • آڱريون روشن هجن
  • شام لٿي آ شهر تي
  • سورَجُ اُڀري ٿو
  • ڌرتيءَ دانهن ڪَئي
  • ڪرفيو آهي شهر ۾
  • واٽ ڪهڙي وَٺُون
  • آءٌ اڪيلو بي ڊپو
  • توکي ڳولن ٿا
  • ٻارَ گھِٽيءَ ۾ کيڏن ٿا
  • رشيد ڀٽيءَ جي ياد ۾
  • ٿورو سوچڻُ گھرجي
  • دُونهان دُونهان زندگي
  • شهرَ ته ڏاڙهن ٿا
  • آجيان تُنهنجي ٿا ڪن
  • جي مان خُوابُ هُجان پل سڀئي ترسان تُنهنجي نيڻَن ۾
  • مُنهنجو ساههُ مُنجھي ٿو
  • ڦهليل منهنجي گھر ۾ اڄُ به خوشبوءِ جيان تُنهنجون ئي ڳالهيون
  • ڪير اُنهن کي روڪي
  • ڪهڙي تُنهنجي شاعِري
  • مُرڪي تو جي ڏٺو اُنهيءَ تحفي جو ڪوئي نانءٌ نه آهي
  • لهرُون ڳائِن ٿيون
  • اَسين ٻَرنداسين اَڃان
  • سوچي شيخ اياز ٿو
  • پَنڌُ نه شالَ کُٽي

  • سنڌ سلامت پاران

    ادل سومرو سنڌ جي مقبول شاعرن مان ۽ حاضر دور جي چوٽيء جي شاعرن مان آهي۔ سندس شاعريء جو هي ڪتاب ”سمنڊ جاڳي ٿو“ سندس لازوال غزلن، گيتن، بيتن ۽ وائين تي مشتمل آهي، جيڪو 1994ع ۾ ڇپيو۔ ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز لکيو آهي۔ شيخ اياز لکي ٿو:
    ”ادل سومرو شاعر جي حيثيت ۾ به نئين دؤر جي شاعريءَ تي پنهنجو اثر وجھي چُڪو آهي. هن وقت تائين به هن جيڪي ڪُجھُه لکيو آهي اُن کي نظر انداز نٿو ڪري سگھجي. سندس تخليقون سنڌي ادب ۾ سٺو اضافو آهن. جن ماڻهن ۾ ڏات جو ڏيئو ٻرندو آهي ته اهي ترقيءَ جي راهه ۾ ٿيڙ ٿاٻا گھٽ کائيندا آهن. ۽ تمام تيزيءَ سان منزلون طيءِ ڪندا ويندا آهن. ادل جي شاعري به ٿوري عرصي ۾ حيرت انگيز ترقي ڪري چُڪي آهي. مونکي اميد آهي ته جي هو پنهنجي ذوق شوق سان شاعري جي تخليق ۽ ٻئي ادب جو مطالعو انهيءَ ساڳئي رفتار سان جاري رکندو ته ڪو وقت اهڙو ايندو جو هو سنڌ جي وڏن شاعرن ۾ شمار ٿيندو.“
    هن ڪتاب کي اِي بوڪ ايڊيشن ۾ محترم عبداللطيف انصاري پاران ڪمپوز ڪري سنڌي ادبي سنگت شاخ سٽي سکر جي ويب سائيٽ تي آندو ويو آهي۔ سندن ٿورائتا آهيون جو سافٽ ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ موڪلين.


    محمد سليمان وساڻ
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام


    گذارش

    محترم دوستو ....!
    سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر سٽي کي اهو اعزاز حاصل آهي ته سنڏ جا نامور اديب هن شاخ سان لاڳاپيل آهن. اسان جي اها ڪوشش آهي ته سندن ليک اوهان بهترين پڙهندڙ دوستن کي وڌ کان وڌ پڙهائجن، جيئن اسان ۽ توهان ان مان بهترين راهه ڳولي پنهنجي دُکي ديس جي اَٻوجھه ماڻهن کي جيئڻ جو حقُ ڏياري سگھُون.
    دوستو، سکر، ادب جي لحاظ کان هڪ زرخيز شهر رهيو آهي، هي ننڍي کنڊَ جي عظيم شاعر شيخ اياز جو شهر آهي. هن ئي شهر جو هڪ بهترين شاعر ادل سومرو به آهي، جيڪو نه صرف شاعر بهترين آهي پر انسان پُڻُ. اها هڪ آزمودي ڳالهه آهي ته جيڪو به ادل سومري سان هڪ دفعو ملندو، سو وري وري ساڻس ملڻ جي تمنا ڪندو. هينئر سندس شروعاتي شاعريءَ جو بهترين ڪتاب نالي ”سمنڊ جاڳي ٿو“ اوهان جي آڏو انٽرنيٽ تي آڻيندي سچُ پچُ ته تمام گھڻي خوشي محسوس ٿي رهي آهي. اُميد آهي ته اوهان پڙهي پنهنجي راءِ ضرور ڏيندا ۽ وقت به وقت پنهنجن قيمتي مشورن سان نوازيندا رهندا ته جيئن اسان هن سلسلي کي اڃا به بهترين انداز ۾ اوهان دوستن آڏو پيش ڪري سگھون.

    مهرباني

    اوهان جي مشوري جو منتظر

    عبداللطيف انصاري
    شمس آباد سکر سنڌ
    فون : 0333.7146119 اي ميل ؛ abdullateefansari@yahoo.com


    مهاڳ : لهرون لهرون شاعري

    ادل سومرو نئين ٽهيءَ جو اهو شاعر آهي، جنهن فارسي ۽ اردو وزن کي لَتَ هڻي، شعري روايتن جا سمُورا زنجير ٽوڙي ڇڏيا آهن ۽ پنهنجو ترنم، پنهنجي اندر جي آواز مان اُڀاريو آهي. مون ته ديوان گُل، ديوان قاسم، ارمغان حامد، ديوان فاضل، ڪُليات گدا، ديوان بُلبل، ڪُليات سانگي، ديوان واصف، ڪُليات عزيز وغيره ننڍي هوندي پڙهي، انهن جي ٻوليءَ ۽ روايت پرستيءَ کان بغاوت ڪئي هئي. جڏهن اردوءَ ۾ فيض ۽ اين ـ ايم راشد جا ڪتاب ”نقش فريادي“ ۽ ”ماورا“ ڇپيا هئا ته اهي پنهنجي تازگي کڻي آيا هئا ۽ منهنجي، ڪَوي ٽئگور سان به وابستگي گھٽجي وئي هئي. اهو ڏسي مونکي عجب آيو ته هي ڌرتيءَ جو حصو جتي رنگا رنگ پکي پنهنجون ٻوليون ٻولين ٿا، جن ۾ ڪي پکي ڏيهي آهن ۽ ڪي سائبيريا تائين دُور تان اچن ٿا، اُنهن جو شاعريءَ ۾ ڪو ذڪر نه آهي. اردو غزل ۾ رُڳو ڇهن ستن پکين جا نالا ورتا ويا آهن. مثال طور بُلبل، قمر، زاغ و زغن، ڪُلاغ، شاهين، ڪرگس، ڪويل، پپيهو ۽ شايد هڪ ٻه نالا ٻيا هُجن. اُنهن مان بُلبل ته ايران ۾ ٿيندي آهي ۽ ڪويل ۽ پپيهي کان سواءِ باقي سڀ نالا به ايراني آهن. علامه اقبال، بلبل ودراجوسار لفظ ڪتب آندا آهن ۽ تتر کي دراج ڪوٺيو آهي. ڪويل ۽ پپيهي جا لفظ نه غالب ڪتب آندا آهن نه اقبال. ورهاڱي کان اڳ ملڪ جي جاگرافيءَ ڏانهنن ڪنهن شاعر ڪونه ڏٺو آهي ۽ شام اوڌ ۽ صبح بنارس روايتي طور ڪم آندا اٿائون. دليءَ جي شهر آشوب کان پوءِ مير تقي مير لکيو هو.

    دلي ڪه ايڪ شهر ٿا عالم ۾ انتخاب
    هم رهني والي هين اُسي اُجڙي ديار ڪي.

    هندي فارسي شاعريءَ، خسرو ۽ غالب کان سواءِ، پنهنجي ڌرتيءَ جو ذڪر خير ڪو ڪيو آهي. علي حزين جو هڪ شعر آهي:

    از بنارس نه روم مصبد عام ست اين جا
    هر برهمن پسري لڇمن ورام ست اين جا

    (مان بنارس ان ڪري نه ٿو ڇڏيان جو هتي عام عبادتگاهه آهي ۽ هر برهمڻ، ڄڻُ لڇمڻ ۽ رام جو پُٽ آهي.)

    گنگا جمنا، برهمپترا ۽ سنڌوءَ وغيره جي ديس ۾ دجله ۽ فرات جون ڳالهيون ٿينديون هيون. علامه اقبال بانگ درا ۽ هماليه تي نظم لکي جو پاسو ڦيرايو ته ايران جي ڪوهه وماند تي وڃي نڪتو. بنگال ۾ مون، فقط چمپا جا سترهن قسم ڏٺا ها، پر برصغير ۾ نرگس ۽ گل لاله سان تشبيهون ڏنيون وينديون هيون، جي گُل فقط ايران ۾ ٿيندا هئا. جتي سنڌ ۽ راجستان جهڙا صحرا ها، اُتي عرب جي صحراءِ نجد جو ذڪر ڪيو ويندو هو. ديومالائن جي ديس ۾ ليلى مجنون، شيرين فرهاد، وامق عذرا، رستم سهراب وغيره جا اجنبي قصا دُهرايا ويندا ها. رُڳو هڪ شعر اردوءَ ۾ پنجاب جي لوڪ ڪهاڻيءَ جي باري ۾ لکيو ويو هو ته اُهو بار بار دُهرائيندا ها. ڄڻُ ته پنجاب تي ڪو احسان ڪيو هيائون.

    سنايا رات ڪو قصا جو هير رانجھي کا
    تو اهل دل ڪو پنجابيون ني لوٽ ليا

    اهو سڀ انهيءَ جي باوجود ته پنجاب جي شهرن پنجابي ڇڏي اردو اپنائي هئي. اردوءَ جي شاعري ۾ محبوب کي اختر شيرانيءَ تائين مذڪر لکيو ويو. اختر شيراني جون عذرائون ۽ ليلائون به رت پوڻيون هونديون ۽ اهي هر نسواني جذبات کان عاري لڳنديون.

    اروشي ۽ شڪنتلا جي ديس ۾ عورت کي محبوبه چوڻُ، معيوب سمجھيو ويو. اُمرد پرستي عام هئي ۽ محبوب جو سراپا ڄڻُ پورو مغليه خانو هو. تير نظر، خنجر ابرو وغيره سان محبوب کي ائين شڪار ڪندا ها، جيئن مغليه شهزادا شڪار ڪندا ها. غالب جو شعر آهي.

    تم مجھي ڀول گئي هو تو پتا بتلادون
    تيري فتراڪ مين ڪوئي ڪبهي نخچير ڀي ٿا.

    (تون مون کي وساري ڇڏيو آهي ته توپي پتو ٻڌايان ٿو. ڇا تنهنجي خرزين ۾ ڪڏهن ڪوئي شڪار به هيو؟)

    ساري تهذيب جي عڪاسي ڌاري هئي ۽ ايران ، سمرقند، بخارا، افغانستان وغيره تان ورتي وئي هئي. محبوبن جا ڏند مُسيءَ سان ڪارا هوندا ها ۽ چَپَ پان سان ڳاڙها، ڄڻُ هنن ڏائڻن وانگر عاشقن جو خون پيتو هو. انهيءَ شاعريءَ جوتتبع اسان جي غزل گو شاعرن (گُل کان سواءِ) ۾ ملي ٿو. سڀئي ادبي سلهه جا مريض ها، جن هڪ سئو سال شاعرن کي انهيءَ وبا ۾ وچڙائي رکيو ۽ اڃا تائين اُنهن مان ڪي رتُ اوڳاڇيندا ٿا وتن، انهيءَ وچ ۾ ڌرتيءَ جا عظيم شاعر، ڀٽائي، سچل ۽ سامي ڄڻُ وسري ويا ها. اڳين غزل گو شاعرن ۾ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ مصرع سنڌي هوندو هو، جيئن ڪنهن ڪنڊيءَ جي منهن ۾ هڪ اڌ ڏند رهجي ويندو آهي، نه ته اڪثر شاعر ڀُڏا ها ۽ هنن اردُوءَ جا پان خور ڏند وجھرايا ها. اهڙِي شاعريءَ خلاف بيوس

    پهرين بغاوت ڪئي. آخر ان جي ساري عمارت اچي ڦهڪو ڪيو. اردو شاعري به موضوع جي حد تائين بدلجي وئي. ميراجي، فيض، راشد وغيره ان ۾ ڪافي انقلاب آندو. ٻوليءَ جي لحاظ کان ان جي فارسي آميزيءَ ۾ فرق نه آيو ۽ ساري جا ساري مصرع فارسي هوندا ها. آرزو لکنوي، عظمت الله، سيد مطلبي فريد آبادي، ميراجي، فراق گورکپوريءَ جن ٻوليءَ ۾ ڏيهي لفظ آندا. اُنهن ۾ ايترو جينيس ڪونه هو، جو زبان جو مزاج بدلائي سگھن. علامه اقبال جي ٻولي به غالب واري آهي. ان ڪري اردو شاعري ۾ اڄ تائين جمود آهي. سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ ۾ ڀرپور انقلاب آيو آهي ۽ ان ۾ اڌ صديءَ کان وڌيڪ وقت لڳي ويو آهي. اڄ سنڌ، هڪ ماکين جي ماناري وانگر آهي. جتي ڪيئي شاعر گُنگُنائي رهيا آهن. مون کي ٻارنهن تيرنهن ورهين جي عمر ۾ فارسي بحر وزن تي مڪمل دسترس هو. پوءِ مون ان ۾ ڪيئي تجربا ڪيا، جي بنهه سنڌي آهن. مون سنڌ جا ڪلاسيڪي اسلوب بيت ۽ وائي به وري جيئاريا آهن ۽ ٻي هر صنف سُخن تي (سواءِ ترائيل جي) لکيو آهي. اڄڪلهه جديد شاعر پنهنجو پاڻ تي ڪوبه زنجيرُ رکڻُ نه ٿا چاهين. انهن جون اکيون کُليل ۽ پير آزاد آهن. ادل سومرو انهن مان برکُ شاعر آهي. هن به ڪيترن صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، پر غزل، بيت، وايو، ٽيڙو ۽ نظم، آزاد نظم هن سُٺا لکيا آهن. جن مان ڪجھ شعر هي آهن.


    جيڪا هاريءَ جي هٿن مان ٿي ڦُٽي
    روشني سائي ٻنين ۾ ٿي رهي.

    بُک تي آهي سُتو جو آدمي
    زهر ان جي اڱڻ تي چاندني

    محبوبن جي آمد کان اڳ
    هُٻڪارون ڳالهائن ٿيون.

    هلندڙ بس مان ڳوٺ جو منظر
    بارَ جھُڳيون ۽ گدلو سينور.

    زندگي پياري ڪيائون ديس کان
    هاڻي ويٺا سنڌ لئه روئن سڪن.

    ڍورن ڍانچا رڻَ ۾، مٿان چمڪي چنڊُ
    ٿاريليءَ جو جنڊُ، اڃا ترسي ان لئه.

    تو جي نيڻ کنيا هن مُرڪي
    دل جي ٿر تي باکَ ڦُٽي آ.

    هُن کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪر
    چند ڳوڙهن ۾ ڇا رکيو آهي

    پلازا جي پيرن ۾ جھُڳيون
    هر فليٽ مان اک نهاري



    ڄڻُ ٿيا بيڪار ڪنهن پٿر جيان
    جن چپن جي ڀاڳَ ۾ ناهي چُمي

    ڪکائن گھرن ۾ جنم ڏينهن ڪهڙا
    جتي هر خوشي ٿي اچڻ کان لنوائي.


    منهنجو ساهه سمونڊ، لهرون لهرون تُون
    ڪڏهن نه ڀانيو مون، پري توکان پاڻ کي.

    ڦُٽن ڦُولن وانگيان، چميون چپن تي،
    جڏهن جوڀن کي، رنگ لڳي ٿو پيار جو.

    اوجاڳي اکين ۾، ٻاريو آهي مچُ
    ننڊ اسان وٽ اچُ، سپُنا کڻي سونهن جا.

    جسم جي اوندهه سڄي ويندي هلي
    ذهن ۾ هڪڙوئي ڏيئو ٻار تون.

    ادل سومرو ۽ اياز گُل، منهنجن انهن نوجوان دوستن مان آهن، جي سکر ۾ گھڻو ڪري، منهنجي گھر ۽ آفيس تي ڀيرو ڀريندا هئا ۽ انهن سان ادبي رهاڻيون ٿينديون رهنديون هيون. منهنجا ذري گھٽ هم عمر دوست، مرحوم رشِيد ڀٽي، تنوير عباسي، فتاح ملڪ جن به جڏهن ادبي ڪچهريون

    ڪندا هئا ته ادل سومرو ۽ اياز گُل به ڪنهن ڪنهن وقت انهن ۾ شريڪ ٿيندا هئا. اُن وقت هو ٻئي اُڀرندڙ شاعر هئا ۽ ٻئي لڳاتار اڻٿڪ محنت سان پنهنجيءَ شاعريءَ کي سنوارڻ جي ڪوشش ڪندا هُئا. ادل سومري سان ته منهنجي بيحد سِڪ آهي. ڇوته هو مُنهنجي گھر اچي ڏينهن جا ڏينهن منهنجا ڪتاب اُتاريندو هيو. انهيءَ ڪم ۾ ڪنهن وقت هن کي سارو سارو ڏينهن به گذري ويندو هو ۽ اسان ماني به گڏجي کائيندا هئاسين. شام جو پُراڻي سکر جي گھٽين ۾ هو ۽ مان گڏجي چڪر ڏيندا هئاسين ۽ ان وقت ائين لڳندو هيو ته گھٽين جي مٿان چنڊُ اسان جي گُفتگو دلچسپيءَ سان ٻڌي رهيو آهي. مان، ادل کي پوري دنيا جي ادب ۽ پنهنجي زندگيءَ جي تجربن ۽ مشاهدن بابت ڳالهيون ٻڌائيندو هوس.

    ادل سومري، جڏهن شاعريءَ جي شُروعات ڪئيته ان وقت ڪوبه چڱو شاعر ڪنهن استاد کان باقاعدي شعر جي تربيت نه وٺندو هو، پر پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي جي زور تي لکندو هو ۽ ادل سومري به ائين ڪيو. هن سنڌي ادبي سنگت کي پنهنجو اُستاد بڻايو ۽ اڄُ جيڪو هُن جي شاعريءَ ۾ رنگُ آهي ان ۾ ادبي سنگت جو به حصو آهي. ادل شخصي طور تي به نئين دؤر جي شاعرن ۽ ليکڪن تي ايترو اثر انداز ٿيو آهي، جو هن کي سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو آهي. شاعر جي حيثيت ۾ به هو نئين دؤر جي شاعريءَ تي پنهنجو اثر وجھي چُڪو آهي. هن وقت تائين به هن جيڪي ڪُجھُه لکيو آهي اُن کي نظر انداز نٿو ڪري سگھجي. سندس تخليقون سنڌي ادب ۾ سٺو اضافو آهن. جن ماڻهن ۾ ڏات جو ڏيئو ٻرندو آهي ته اهي ترقيءَ جي راهه ۾ ٿيڙ ٿاٻا گھٽ کائيندا آهن. ۽ تمام تيزيءَ سان منزلون طيءِ ڪندا ويندا آهن. ادل جي شاعري به ٿوري عرصي ۾ حيرت انگيز ترقي ڪري چُڪي آهي. مونکي اميد آهي ته جي هو پنهنجي ذوق شوق سان شاعري جي تخليق ۽ ٻئي ادب جو مطالعو


    انهيءَ ساڳئي رفتار سان جاري رکندو ته ڪو وقت اهڙو ايندو جو هو سنڌ جي وڏن شاعرن ۾ شمار ٿيندو.

    هي ڪتابُ مون وٽ ٻن سالن کان مُهاڳ لاءِ پيو آهي. ان وچ ۾ ادل سومري گھڻو ڪجھ لکيو آهي، جو اڳي کان به بهتر آهي. هن جا اڪثر آزاد نظم نهايت خوبصورت آهن. اُنهن ۾ بحر وزن جي پابندي نه آهي. اُهي فقط بحر وزن جي سرحدن کي ڇُهن ٿا، پر انهن ۾ نواڻ آهي، تازگي آهي، بيپناهه شعريت آهي ۽ جديد انگريزي شاعريءَ وانگر رڻَ ۾ رُلندڙ هرڻ وانگر خوبصورت آهن. اُن هرڻ جو خاص دڳُ نه هوندو آهي، پر جڏهن سج لٿي واٽڙين مان پاڻي پيئندو آهي ته ان جي تصوير ازل جي عڪس وانگر لڳندي آهي.


    مان ڄاڻان ٿو اڄ اوهان وٽ
    ريٽي رتُ جا سارا گُل
    بوٽن هيٺيان چچريا ويا هن
    ڪنهن به ڪنڊ ۾ ڪين ٿو پسجي
    پاريهر جو آکيرو ڪو
    چؤڏس آهي رتُ جي خوشبو
    کنڊر آهن ساريون وستيون
    ڊٺل جاين جي کنڊرن مان
    ٻار پيا ڳولن رانديڪا
    اسڪول اُجڙيل ۽ اسپتالون آهن آباد

    تنهنجا وطن پرست ڀائر
    جن، ڄائي ڄَمَ کان آهي ٻُڌو
    گولين جو آواز
    خوبصورت ڇوڪرين بدران
    رائفلون آهن جن جون محبوبائون
    ڏاڍ سان جوٽي جنگ بيٺا هن.
    ڏاڍ جو ڪوئي ڌرم نه ديس
    ڪابه نه ٻولي ۽ لولي
    ڏاڍ نه عربي يا ڪو عجمي
    ڏاڍُ ته آهي وحشي انڌو
    هيڻن کي هيسائي مارڻُ
    اُن جو ڌنڌو

    (نظم ” جوڀن رُتَ جا ڳاڙها خواب ” جو حصو)

    بابل تنهنجا پورهيت هٿ
    ڪيڏا کهرا ٿي ويا آهن
    تنهنجي هٿ جون هڙ ريکائون
    پٿر بڻجي ويون آهن.
    چهري منجھه لڪيرون ائين
    ڄڻُ ڪنهن ڳتيل شهر جا رستا
    اگھه پورهئي جا ڪيڏا سستا!

    تُنهنجون سارون سُندر سوچون
    ذهن، نگر ۾ ڊوڙي ڊوڙي
    هاڻ ته ٿڪجي پيئيون آهن
    وڏگھراڻي محبوبا جان
    ننڊ به توکان ڏُور وئي آ

    (نظم ” مايوسين کي موتُ به ايندو ” جو حصو)

    ڪيئي ڏيهي اغوا ٿي ويا
    گولين آڏو پُرزا ٿي ويا
    ڀنل اکين جا سڪا ٿي ويا
    ڊنل دلين جا دهڪا ٿي ويا
    بازارون ڀڙڀانگ سموريون
    اونداهيءَ جي چادر اوڙهي
    رات جي ناتر ناچ نچي ٿي
    چٻرن جا آواز اچن ٿا.

    ( نظم ” امن جا وٿاڻ، ڪتاب ۽ قبرستان “ جو حصو )

    اهڙا ٻيا به نظم آهن. جيئن ”هر ڏس ۾ هيڊاڻ آ ڇانيل“، ”ٿڪل زندگي“، ”ڌرتيءَ تي دوزخُ“، ”وڇوڙي جو ڪارڻ“، ”ڏُکن جي سرحد وٽ روڪيل خوشيون“، ”وڇوڙي جي مند جي پهرين برسات“، ”نيروليءَ جو خُوابُ“ ۽ ”پاڙون“ وغيره. اها ڪيفيت هن جي ٻي شاعريءَ ۾ به ڪٿي ڪٿي ملي

    ٿي. ادل سومري ۾ جو انسان آهي، ان ۾ قوميت به ڀرپور آهي ته بين الاقواميت به ڀرپور آهي. پوءِ به هن جي شاعري سياست سان واڳيل نه آهي ۽ اها آزادي به هن جي بحر وزن مان آزاديءَ وانگر آهي. اياز گُل وانگر ادل، شاعري ۾ اُنهيءَ دؤر جو آئينه دار آهي، جيڪا پنهنجا اسلوب ڳولي لهندي ، پنهنجا موضوع ڳولي لهندي، جن تي سنڌ جي مُهر مثبت هوندي پر پوءِ به انهن جي آفاقيت مجروح نه ٿيندي.

    شيخ اياز


    بيت

    جڳ هٿيارن جي ڇانوَ ۾

    آءٌ نه ڄاڻان ڪير؟ سڙي ويو بارود ۾
    مون وٽ سڀڪجھ ماڻهپو، جنهن ۾ ڦند نه ڦير
    هي لاشن جو ڍير، پنهنجو ڏوههُ پڇي پيو.

    گونگي هن جهان ۾، ٻولي ٿو هٿيار
    بارودي بازار ۾ آ، وڌي ويو واپار
    امن جو آثار، هر هنڌ مٽبو ٿو وڃي

    ڌماڪي ۾ ڌار، ڌَڙَ سِسيءَ کان ٿي ويا
    رانديڪا ۽ ٻار ڪوئلو ٿي ويا ڪار ۾.

    آهي وچ بازار ۾، رَتُ ائين هاريو،
    ڄڻ ڪنهن پٿاريو، اجرڪ آهي ايلفيءَ ۾.

    نفرتن جي ٻج مان ڦٽيا هن هٿيار
    هاڻي هر هنڌ ٿي هلي، گوليءَ ۾ گُفتار
    پئجي ويا ڏار، محبت جي ديوار ۾.

    ڀريل وچ بازار ۾، شعلو اڏاڻو
    مومل مُئي مچ ۾، رُلي ويو راڻو
    سُڏڪي، ٿي ساڻو، سج ٻڏي ويو سمنڊ ۾.

    ڪاري ڏامر روڊ تي، ٻانهون ڌڙ مٿا
    ڳِجھن جا جتا، لٿا لالو کيت ۾.

    ڪرفيوءَ منجھ پکيئڙا، اڏرن ٿا آڪاس
    ماڻهو بند گھرن ۾، اڻپوري هر آس
    رُڪ سندا راڪاس، رمندا وتن روڊ تي.


    ڪيڏي آهي اُداس، هيءَ ايلفيءَ جي شام
    دونهين ۾ گھٽجي ويو، سارو سُرهو واسُ
    ماڻهپي جو ماسُ، سڙي ٿو بارود ۾.


    بم جيئن بيروت ۾، لالُ تيئن لاکاٽُ،
    ساڳيو ستم ــ گھاٽُ، هر هنڌ آ حيوان جو.


    فلسطيني ڪيمپ ۾ بُکَ سندو راڪاسُ،
    کائي ماڻهوءَ ماسُ، ڪونه سُڃاڻي ڪنهن کي.


    بُک اڳيان بي معنى، آهي هر ناتو
    مُئل ماءُ جي ماسَ لئه، پُٽ به آ آتو
    ڪنهن ٿي ايءُ ڄاتو، ڌرتيءَ تي ٿيندو ائين.


    پاڇا پهتا ماڳ تي، پٺتي سڀُ انسان
    ٿڪجي پيا پنڌ ۾، اڻپورا ارمان
    خوابن جا مهمان، رات رهن ٿا هڪڙي.


    ورديءَ منجھ وري آ، موٽيو مدد خان
    لوهي گھوڙا ڊوڙيا، وستيون سَڀُ ويران
    ڌارين جو دهمان، اڄ به ساڳيو سنڌ ۾.


    ڪکاوان جھوپا، جن ۾ ڪجھ انسان،
    ويا اُڏائي تن کي، تاتاري طوفانَ
    رهيا ڪين نشان، ته هت به ڪوئي ڳوٺ هو.


    تاتارين تنبو، کوڙيا اڄُ ڪراڙ تي،
    ڪنول ڪوماڻا، هرطرف، بارودي بدبُو
    خوشي ۽ خوشبو، ٿي مهانگي ڏيهه ۾.



    ويري! تنهنجو وسُ آ، منهنجا خواب اُجاڙ
    سنگ نه منهنجا ساڙِ، هي جي نسريا پوک ۾.


    شام لٿي آ ڳوٺ تي، پر نه پکي آيا
    شايد ڦاسايا، مارين مڪر فريب سان.


    شام لٿي ا ڳوٺ تي، جليو ڪٿ نه ڏيئو
    پاتو ڪنهن نه ليئو، نه ئي ٻارن ٻوليو.


    روئندي رات کُٽي، لُڙڪَ سُڪا هر اک جا
    ڳاڙهي باک ڦُٽي، گوپانگن جا ڳوٺ ۾.


    گوليون گوپانگن کي، مسجد منجھ لڳيون
    حيوانن کڳيون، هنيون وڏيءَ هيج مان.


    سفر منجھ شهيد، ٿيا مسافر ڏيهه جا
    اڄُ به آهن يزيد، هٿيارن جي ڇانوَ ۾.


    زخمي بس جي شيشن تي، رتُ جي گلڪاري
    ساري سواري، گولين سان وئي گھائجي.

    ڌرتي تنهنجا گُل، بوٽن هيٺ لتاڙيا
    پرمل ۽ ٻاگھُلَ، ڪيئن پائينديون گجرا.


    مُند نه ڪائي موت جي، پِڙَ جو موت ڀلو
    هلندا هوت هلو، سونهن سڏي ٿي پاڻ کي.


    جيڪي اڄُ ٿيو، وري نه ٿيندو هيل
    ڌرتيءَ جا ڌاڙيل! ڏيهه سڃاتو توکي.


    سُک ۽ سُرهاڻ جُون گھُلن هوائُون
    گھوٽَ لهن لائُون، سدا پنهنجي سنڌ ۾.


    سڃ سڄي سڏڪو (ٿر جي ڏڪار کان مٿاثر ٿي لکيل)

    ٿوهر وانگي ٿر ۾، موت ڦُٽو آ ڄَڻُ
    سُڪي ويو سورن ۾، ٿاريليءَ جو ٿَڻُ
    وقت وڏو هڻ کڻ، ڏوٿين کي ڏنگي ويو.


    اکيون بڻجي اُڃَ، ڳولي ٿڪيون ٿر ۾
    ڳجھن ولر اُڀَ ۾، چؤڏس رائو رُڃ
    سونهن سموري سُڃ، ڀينگ وسي هر ڀٽَ تي.


    خوشيون ٿر ۾ ايئن، واريءَ تي ڄڻ نانوَ
    ڌڻ نه ڪوئي واٽ تي، وڻُ نه ڪائي ڇانوَ
    هيسيل سارا هانوَ، ڀٽن ڀر ڀوڳن پيا.


    ڀالوا جي ڀٽَ تي، لوليءَ لئه لاتيون،
    پاڻيءَ جي هڪ بوند لئه، اکيون سڀ آتيون
    بادل برساتيون، هاڻي پسجن خواب ۾.


    گوري! تنهنجي گج تي، سُورن جا سيبا
    چاهت جا چئبا، گيت نه اهڙيءَ مند ۾.


    *ڀڳت! تنهنجيءَ ڀونءِ تي، بُک پيئي ڀڙڪي
    سُک سمورا تنهنجا، راوڻُ ٿو رڙڪي
    دولت جي دڙڪي، تنهنجو ساهه سُڪائيو.


    جيسين ناهي جاڳ، ڀاڳ نه تيسين ڀَر ۾،
    موهن! تنهنجا راڳ، پٿر آهن پيٽ سان.


    دڙن منجھ دفن، ڀڳت! تنهنجا ڀاڳ
    ڪاش هي تنهنجو فنُ، ڀٽن کي ڀيلي سگھي.


    ڍورن ڍانچا رڻ ۾، مٿان چمڪي چنڊ،
    ٿاريليءَ جو جنڊ، اڃان ترسي اَنَ لئه.


    ٿر سمورو ٿرٿلومرڪ بنا هر مُک
    دونهين وانگر دُک، دُکي روز پکن ۾.

    * موهن ڀڳت

    واريءَ مٿان وڄُ سان، وري ٿئي وسڪار
    ڌوئي ڪولهڻ وار، ڪڍي چيڙهه چڳن مان.


    ٿڪل ٿري ٿر ۾، ڀؤنرن جان ڀٽڪن
    اُڀُ اُگھاڙو آگمين، ڪٿان گُل ڦٽن
    اکيون روز ڏسن، سپنا سانوڻ مينهن جا.


    پٺيون پنهوارن جون، ڀڳل بتيلا
    ڏُٻرا ڏوٿيئرن جا، ڇَنن ڀَر ڇيلا
    مٺيءَ ۾ ميلا، ٿيا ڏکن جا پاڻ ۾.


    جيڏا ٿوهر ٿر ۾، تيڏا آهن ڏُک
    مٽيءَ هاڻا مُکَ، داني لئه درماندا ٿيا.


    اُڃ اُهائي رُڃ ۾، سُڪل سارو ٿَرُ،
    ڪٿان ڪوبه ڪڪرُ، اُڀريون ناهي اُڀ ۾


    وسڪاري جي آس تي، ولرَ ويڳاڻا
    مورن مانڊاڻا، ڪونهن ڪارونجھر تي.


    اڄُ به آگم آسري، آهي اُڃارو ٿرُ
    ڏاٽو، ڪوڏر، هرُ، ڪٽجي ويا ڪنڊ ۾.


    ننگي نيري اُڀَ تي، آگم جي اُڀرن
    ٻيهر ٿرِ ٻُرن، گيت جھُڙاليءَ رُتَ جا.


    ساوڻُ رُتَ ۾ مورُ، نچي نچي ماندا ٿيا
    ڪارونجھر تي شور،پر نه ٿيا وسڪار جا.


    پرين منهنجا پنڌَ ۾، بادل پَئه برسي!
    تنهنجي لئه ترسي، نيڻَ ٿڪا هن ٿر ۾.


    رات لٿي آ رُڃَ ۾، سُڃ سڄي سُڏڪو
    ڪارونجھر تان ڪو، سڏي ٿو سارنگ کي.


    مينهن هُجي محبوب، مان روئي پرچايان
    مٿان برسايان، ٿرين جي هر ٿاڪَ تي.


    آگم! اچين شال، وڄُن ساڻُ وري،
    پوي ٿرُ ٺري، مونجھارن جو موتُ ٿئي.


    انوکو آواز

    سچل يا منصور، ٻئي ساڳيو پنڌُ
    محبت ۾ منظور، عاشقن اڏي ڪئي.


    قاضي ڪُڏيا ڪالهه، سچُ ڪري سنگسارُ
    ساڳيو آ وهنوارُ، اڄُ به سچوءَ ديس ۾.


    فتوى جي ڦرهيءَ تي، اوندهه سڀُ اکر
    آخوندن آکر، اڇليا مٿان عشق جي.


    قاضين قبوليا، دينُ ڏئي دينارَ
    ڌُوڙ انهيءَ دستارَ، جيڪا مٿي تن جي.


    سچل ڏني سگھه، سچ کي ساڻيهه ۾
    هونئن ته ٿوري اگهه، ويا وڪامي ڪيترا.


    هرڪا سٽَ سچل جي، اُگھاڙي تلوار
    ڪڙڪي جا چؤڌار، سدا ڪُوڙن ڪنڌَ تي.


    قاضي ڪانڊيرا، سچل گُلُ گُلاب
    پڙهڻُ آهي ثواب، سڀڪا سِٽَ سچُوءَ جي.


    آليون اکيون، مرڪ چپن تي

    شامون سانوڻ رُتَ جون، سنڌوءَ ڪنارا
    بادل وسڪارا، چؤڏس مهڪَ گُلاب جي.


    ڪينجھر تي پرڀات، ڪنول، بتيلا ننڊ ۾
    رهاڻين ۾ رات، توسان گذري جاڳندي.


    تنهنجي مُرڪ ـ تلاءَ جو، ڳوليندي چارو
    اڃا اُڃارو، هرڻُ منهنجي چاهه هو.


    ڪيڏو تنهنجي ويجھڙو، پوءِ به ساڳي اُڃ
    روح نسورو رُڃ، توکان جي دُوري ٿئي.


    توکان دوري رڻُ، تو سنگ گھاٽي ڇانوَ
    تو سيکاريا ڏانوَ، مونکي پيار ڪرڻ جا.


    منهنجو ساههُ سمونڊ، لهرون لهرون تون
    ڪڏهن نه ڀانيو مون، پري توکان پاڻ کي.



    ڀنل پکين وانگيان، پاڻ ٻئي ، برسات
    وڻن هيٺان رات، گُذري پيارَ پناهه ۾.


    ٻرندڙ جبل جيئن، ڪڏهن ڪڏهن تون
    تڏهن وسي مون، توکي آهي ٿڌو ڪيو.


    ڦُٽن ڦولن وانگيان، چُميون چپن تي
    جڏهن جوڀن کي، رنگ لڳي ٿو پيار جو.


    مانجھاندڙين جي ڇانوَ ۾، سُتل هئينءَ تون
    ڀرسان تنهنجي مون، خواب اُڻيا پئي ڪيترا.


    دُک ڀلا هن ديس جا، ٻاهريون خوشيون ٻن
    پري تان پنهنجن، مُرڪ نه سونهين مُکَ تي.


    جيڪو پوکي پيار، تنهن وٽ آ سُرهاڻ
    اندر اُلا آڳ جا، لفظن منجھه ٿڌاڻ
    اکين ۾ آلاڻ، پوءِ به مُرڪ چپن تي.


    جيسين رهندي ساهه ۾، ساجن تنهنجي سارَ
    کڙندا کٽڻهار، تيسين تنهنجي پيار جا.


    نفرتن جي شهر ۾، جيڪو ونڊي پيارُ
    اڄڪلهه جو اوتارُ، سوئي سڏجي ٿو سگھي.


    اجرڪ مان اکيون، جڏهن ڏسن ٿيون
    ڄڻُ ته پياسي پٽ تي، بوندون وسن ٿيون
    مُکڙيون کلن ٿيون، جھُومي ٽاري من جي.


    ڇولي ڇولي ڇڪَ، سڪ سامائي ساههَ ۾
    ڏٺو ٻڌي ٽڪ، سمنڊ ڪناري سانوريءَ.


    ڪرفيوءَ جي وقفي ۾، ملياسين تون مان
    رهجي ويا ڪيترا، اندر ۾ اُڌما
    ڌار ٿيس توکان سائرن جي آواز ۾.


    ڪرفيوءَ جي وقفي ۾، مونسان ملينءَ تون
    جذبا پنهنجي جيءَ جا، ويهي اورياسون
    ڳالهيون کوڙَ هيون، وقت نه پنهنجي وَسَ ۾.


    مُرڪن جا هر موڙَ تي، روڪيل هن رستا
    سُور مڙئي سستا، دل وارن لئه ديس ۾.


    اسين مسافر پيار جا، دل اسانجو ديس
    پنهنجي لئه پرديسُ، رُسڻُ آهي پرينءَ جو.


    آءٌ اهوئي اوپرو، تنهنجي ڄاڻَ سُڃاڻَ
    مندن ساڻُ مٽائيا، ماڻهن محبت ماڻَ
    اُلفت جا اُهڃاڻَ، سارا مٽبا ٿا وڃن.


    جنهنجي مُرڪ مٿان، گھورين پنهنجا گيتَ
    اڄُ اُنهيءَ ميت، تانءُ، پڇيو آ مون کان.


    جن جن واٽن تي، پنڌ گھُمياسين گَڏُ
    هاڻِ انهن تي سڏُ، گونجي ٿو پيو تنهنجو.


    ڪار جي شيشي مان، هٿُ لوڏيو هو تو!!
    ڪين رهيو آ پاڻ ۾، هاڻي ڪو رشتو
    پوءِ پرين تو ڇو؟ درُ کڙڪايو دل جو.


    منُ سندم ويران، چهرو پوءِ به شهر آ
    دُک ٿيا حيران، منهنجا ٽهڪ ٻُڌي ڪري.


    لُڙڪ اکين ۾ منهنجي، هٿن ۾ گُلدستا
    تنهنجا ئي رستا، ڏسان سارا ڏينهن ٿو.


    اکيون تنهنجي آجيان، هرپل ڪنديون دوست!
    ڪيئن ٿو آءٌ ٿيان، مُنڪر تنهنجي مانَ جو.


    اوجاڳي اکين ۾، ٻاريو آهي مَچُ
    ننڊ اسان وٽ اچُ، سپنا کڻي سونهن جا.


    رُني ڏينهن ٿيا، ملُ ته وسن مينهن
    مونگي تنهنجي نينهن، ٻيهر ڳوهي جوڙيو.


    جنهن به راهه مٿان، تنهنجا پير پون
    منهنجا گيت هجن، وکريل اُنهيءَ واٽَ تي.



    هُجومن ۾ هيڪلو، توبن آهيان آنءٌ
    وٺان تنهنجو نانءٌ، ساههَ سندم سُرهاڻ ٿئي.


    رُساما پرچاوَ، پنهنجا ٿين پاڻ ۾
    توکان ملن گھاوَ، تون ئي ڀرين سي اچي.


    جڏهن به تو مونڏانهن، مُرڪي نهاريو
    مون آ وساريو، تنهنجي ڏنلَ ڏُک کي.


    لُڙڪ وڇوڙي لاءِ مون، جيڪي بچايا
    سڀئي وسايا، تنهنجي هڪ جملي پرين!


    غزل

    سونهن جا اجرن پکين ۾ ٿي رهي

    سونهن جا اجرن پکين ۾ ٿي رهي
    شاعرن جي سا دلين ۾ ٿي رهي

    تنهنجي گذرڻ بعد ڀي ڪيئي پهر
    تنهنجي خوشبو ڄڻ گھٽين ۾ ٿي رهي

    ناهي شاوَرَ ۾ اُها منهنجا پرين!
    ڳالهه جا مينهن جي ڪڻين ۾ ٿي رهي

    الوداع توکي چوڻ کان پوءِ سدا
    مند سانوڻ جي اکين ۾ ٿي رهي

    جيڪا هاريءَ جي هٿن مان ٿي ڦٽي
    روشني سائي ٻنين ۾ ٿي رهي

    هر نظر اخبار واري ٻار جي
    چونڪ جي ڳاڙهين بتين ۾ ٿي رهي

    ڇا سيارو، ڇا بهارون بس فقط
    درد جي موسم جھُڳين ۾ ٿي رهي


    ٻارڙا سڀ پاڻ ۾ خوش ٿي ڪُڏن

    ٻارڙا سڀ پاڻ ۾ خوش ٿي ڪُڏن
    هر گھٽيءَ جون رونقون قائم هجن

    ڪين سي ناتا سُڃاڻي ٿيون سگھن
    جن اکين تي عڪس نوٽن جا ٺهن

    زندگي پياري ڪيائون ديس کان
    هاڻي ويٺا سنڌ لئه روئن سڪن

    ديس ڌاران ڪا سُڃاڻپ ناهي دوست!
    ڀل هجين بامبي ۾ تون مالڪ لکن

    گھر اباڻو، ماءُ پيءُ ٻُڍڙا اڪيلا!
    پُٽ سڀئي پنهنجن گھرن ۾ ٿا رهن

    سُونهن جي ساڃهه اکين مان آ وئي
    سڀُ ٿا پاڇن پٺيان سهڪن ڊُڪن

    هَرَ جي سُهڻي قلم سان سُک سندا
    ڌرتي! توتي گيت ٿا هاري لکن.


    رستن تي ارمان پيا هن

    رستن تي ارمان پيا هن
    زخمي سڀ ارمان پيا هن

    گھر سمورا ويا ٻهاري
    جارن ۾ قرآن پيا هن

    ديس ڌڻين جا چؤواٽي تي
    وڪري لئه سامان پيا هن

    دل کان ويندي ديول تائين
    اوڌر تي ايمان پيا هن

    ڪنول جهڙين داسين آڏو
    پٿر جا ڀڳوان پيا هن

    مٺڙي مرڪ جي پاڇي ۾
    دوکا ۽ دهمان پيا هن

    آهي هتي سُرهاڻ تي بندش
    خالي سڀ گلدان پيا هن


    ڏات جي مڙني ڏارن ۾

    ڏات جي مڙني ڏارن ۾
    گُل ڦٽي پيا ٽارن ۾

    نيڻ اُجھاميا واٽن تي
    ڏيئا ٻرن ٿا جارن ۾

    پرينءَ ملڻ جا گذريا پل
    راشن جي ته قطارن ۾

    دُک دلين جا پڌرا ٿيا
    چهرن جي آثارن ۾

    نينهن ڪيو سارو نروار
    گُونگن ڪالهه اشارن ۾


    سڙيل گھر تي باک ڦُٽي آ

    سڙيل گھر تي باک ڦُٽي آ
    درد شهر تي باک ڦُٽي آ

    ناتر جھومي نيٺ ٿڪي آ
    ڪارونجھر تي باک ڦُٽي آ

    ٿاريليءَ جو گجُ ٿو مرڪي
    ڏهر ڏهر تي باک ڦُٽي آ

    سپني مان سندرتا جاڳي
    پيار نگر تي باک ڦُٽي آ

    پاڻياريءَ جي پهچڻ سان ئي
    ڀوڏيسر تي باک ڦُٽي آ

    دُک جي رات لڙي آ ٿريا!
    هر ٿوهر تي باک ڦُٽي آ

    پکي، بتيلا، سنڌو، سانوڻ
    لهر لهر تي باک ڦُٽي آ

    توجي نيڻ کنيا هن مرڪي
    دل جي ٿر تي باک ڦُٽي آ


    پنڇي ٽولي ساڳئي آهي

    پنڇي ٽولي ساڳئي آهي
    سامهون گولي ساڳئي آهي

    ڪنهن به ديس ۾ گونجي پر
    دانهن جي ٻولي ساڳئي آهي

    شاعر ۽ ساگر جي سيني
    ڇُلندڙ ڇولي ساڳئي آهي

    تنهنجي در تان پيار پنڻ لئه
    جھلي مون جھولي ساڳئي آهي

    اڄُ به تنهنجي او پاڻياري!
    چڪ ۾ چولي ساڳئي آهي


    سرد جذبن ۾ ڇا رکيو آهي

    سرد جذبن ۾ ڇا رکيو آهي
    پنڊ پهڻن ۾ ڇا رکيو آهي

    تون جي ناهين ته پوءِ نهارين ڇو؟
    سُڃ رستن ۾ ڇا رکيو آهي

    ساٿ تنهنجو رهيو نه واعدو ڪو
    هاڻي سپنن ۾ ڇا رکيو آهي

    مون ته دل جي اکين جي ڳالهه ڪئي
    تنهنجي نيڻن ۾ ڇا رکيو آهي

    هن کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪر
    چند ڳوڙهن ۾ ڇا رکيو آهي

    هر ڪو ماڻهو هتي وڃي وکري
    بند شهرن ۾ ڇا رکيو آهي

    ڪوئي تحفو ڏيڻ ضروري آ
    خالي رشتن ۾ ڇا رکيو آهي

    لوڪ ناڻي جي ڳالهه ٿو سمجھي
    تنهنجي شعرن ۾ ڇا رکيو آهي!


    تار تو ۾ مست سنڌو پيو وهي

    تار تو ۾ مست سنڌو پيو وهي
    سنڌ! تنهنجي سونهن شل قائم رهي

    ڪو تصور ٿو ڪيان دلڪش جڏهن
    عڪس منهنجي ذهن ۾ تنهنجو ٺهي

    ماڳ مارن جا ڀلي مرڪن سدا
    ڏک سڀني جا ويٺي ڌرتي سهي

    مان اڪيلو ٿر جي سانجھي تنهنجي ياد
    سامهون ٿوهر جي پٺيان ٿو سج لهي

    منهنجي سپنن ۾ سمايل سنڌ آ
    ڪين منهنجي خواب جو ڪو گھر ڊهي


    ڄاڻ ته ڦهليو روشن واس

    ڄاڻ ته ڦهليو روشن واس
    هاڻ نه رهندي رات اُماس

    ڏيهه ڏکايل ۾ اوسائين!
    مرڪ نه آئي ڪنهن کي راس

    ڳوٺ جي ڪنهن شمشان جيان
    شاعر جي دل آهي اُداس

    فوٽ پاٿ تي شڪنتلا کي
    ڏسي روئي ها ڪاليداس

    ڌرتيءَ کان وڌ سچ نه ڪوئي
    نظرن جو دوکو آڪاس

    ايندڙ ۾ سَوَ آسون آهن
    ويندڙ جو ڪهڙو وشواس

    نيٺ ته ڊهندو هي دستور
    ڪوبه نه رهندو ڪنهن جو داس

    ڪيڏا ڀي طوفان اچن پر
    نينهن نه ٿيندو آهي نراس


    اڄُ ڇو جذبو ساڳيو ناهي!

    اڄُ ڇو جذبو ساڳيو ناهي!
    تنهنجو چهرو ساڳيو ناهي

    لفظن کي ڄڻُ لوڻُ لڳل آ
    تنهنجو لهجو ساڳيو ناهي

    توکي ڀي اڄُ ڪين وڻون ٿا
    ڀاڳ به پنهنجو ساڳيو ناهي

    تنهنجو گھرُ ڇو ڪين ٿو لڀجي
    يا هي رستو ساڳيو ناهي؟

    تنهنجو نانءٌ چپن تي آ پر
    دل جو دهڪو ساڳيو ناهي

    هاڻ ڪجي ويساهه به ڪنهن تي
    منهنجو پاڇو ساڳيو ناهي


    اخبارون ڳالهائن ٿيون

    اخبارون ڳالهائن ٿيون
    ديوارون ڳالهائن ٿيون

    نفرن جا آڙاهه اکين ۾
    تلوارون ڳالهائن ٿيون

    پنهنجي اگھَ ٻڌائڻ خاطر
    دستارون ڳالهائن ٿيون

    عوامي آواز تي بندش
    درٻارون ڳالهائن ٿيون

    محبوبن جي آمد کان اڳ
    هُٻڪارون ڳالهائن ٿيون


    شاهه هجان ها جيڪر آنءُ

    شاهه هجان ها جيڪر آنءُ
    گڏ لکجي ها توسان نانءُ

    سندءِ سونهن ڪيو آ سوگھو
    هرڻ هٺيڪلو پنهنجو هانءُ

    توکي ڏسندي گيت رچيم
    هونءَ ته مون ۾ ڏات نه ڏانءُ

    سورج هيٺان پاڻ رهياسين
    جڳَ والاري ساري ڇانءُ

    پيار جو هڪڙو سڪو چاهي
    منهنجي من جو خالي ٿانءُ


    جنهن کي سمجھي لوڪ تنهنجي ڪمتري

    جنهن کي سمجھي لوڪ تنهنجي ڪمتري
    ڪر نه تون اختيار اهڙي عاجزي

    ويس گيڙوءَ ۾ هتي آهي غزل
    سنڌ ۾ سونهين نه چوغو فارسي

    جنهن ۾ ناهين زندگيءَ جي جستجو
    ڪهڙي ڪم جي آهي اهڙي شاعري

    وئي وکيري وقت جي هلڪي هوا
    پيار تنهنجو ڀي هيو ڄڻُ ڪاغذي

    تنهنجو ئي چهرو نظر مون کي اچي
    مان نهاريان ٿو جڏهن به آرسي

    مان ٻڍائپ ۾ به توکي چاهيندس
    ناههِ توسان پيار منهنجو عارضي

    ”ييس سر“ جو راڳ پيو آلاپجي
    دفترن ۾ ٿي فنا وئي زندگي.


    ڌرتيءَجا پوڄاري آهيون

    ڌرتيءَجا پوڄاري آهيون
    پاڻ سڀئي ڏوهاري آهيون

    سنگھرن ۾ ڪيئن قيد ڪندين!
    خوشبو جان چؤڌاري آهيون

    حاڪم جي هر ڳالهه قبولي
    ڪين ٿيا درٻار آهيون

    محبت ئي مسجود اسان جو
    سونهن سندا ساٿاري آهيون

    مايوسيءَ جي مند ۾ پنهنجي
    ديسين لئه دلداري آهيون

    ٿر مٿان ٿڌڪار ڪندڙ ئي
    سارنگ سان سهڪاري آهيون

    ديس مٺي جي نقشي تي ڄَڻُ
    موهيندڙ گلڪاري آهيون

    امن پسند انسانن جي لئه
    ڪين بڻيا آزاري آهيون

    ڦورُو ٽولن لاءِ سدائين
    آڳ، مٿان آنڌاري آهيون

    ڌارين کي هيءَ ڌرتي پنهنجي
    آڇڻ کان انڪاري آهيون


    ختم ٿي وڃي سا ڪهاڻي نه آهي

    ختم ٿي وڃي سا ڪهاڻي نه آهي
    ڪٿي پيار جي ڪا پُڄاڻي نه آهي

    اڃا آس جو واس آهي ذهن ۾
    اڃا دل جي ڏياٽي اُجھاڻي نه آهي

    ڪيڏا درد طوفان بڻجي اچن ٿا
    تڏهن به اکين ۾ ڪو پاڻي نه آهي

    محبت سان آهي جبل تي جھڙالو
    ڪائي ڪونج تنها اُڏاڻي نه آهي

    جذبي سان سرجيل سچي گيت جي، ٿي
    ڪڏهن ڪائي مصرع پراڻي نه آهي


    اسان کي سو سهڻا وساري نه ڇڏجو

    اسان کي سو سهڻا وساري نه ڇڏجو
    ڏئي پيار دل مان ڌڪاري نه ڇڏجو

    اوهان پنهنجي گھر جي ڪشادي پڌر تان
    پرين جي پکين کي اُڏاري نه ڇڏجو

    جڏهن قرب جي ڪا وڃو ناوَ ڪاهي
    خُدارا اسان کي ڪناري نه ڇڏجو

    کلڻ جي ته عادت اوهان ئي وڌي آ
    روئي پاڻ مونکي روئاري نه ڇڏجو

    اوهان مرڪ پنهنجيءَ سان خوشبو پکيڙي
    نهاري، جياري پوءِ ماري نه ڇڏجو

    ڪنهن پل اوهان کي ملي وقت مٺڙا
    اڪيلو ائين ئي گذاري نه ڇڏجو


    بارودن کي ڳاري ٺاري

    بارودن کي ڳاري ٺاري
    ڌرتيءَ تي ڇڏ گُل پٿاري

    سياست جي ست رنگي دنيا
    ڪهڙا ڪهڙا روپ ٿي ڌاري

    ميرن ڪپڙن وارا ماڻهو!
    ڪير ٿو تولئه ڪار بيهاري

    کليل دريءَ مان چنڊ نهاري
    روئندڙ ٻالڪ ماءُ سمهاري

    پلازا ڪي پيرن ۾ جھڳيون
    هر فليٽ مان اک نهاري

    جيون ـ ٻيڙي طوفانن مان
    اُڪري ويندي سونهن سهاري

    دل، سرڪاري پلاٽُ ته ناهي!
    گھڙيءَ ۾ ويندي جو والاري

    سڄي حياتي ساٿُ ڏنو ٿئون
    هاڻي دُکن کي ڪير ڌڪاري

    اڳين ڪرسين تان سادا ماڻهو
    معزز ماڻهن ڇڏيا اُٿاري

    اڳُ ٿيندا ها اوسيئڙا پر
    ڪير ٿو هاڻي هيڪل گهاري

    تون ته وئينءَ پر بند اکين ۾
    وئي آهين سَوَ خواب وساري.


    ڪيئن ڪيان مان توسان دوکو

    ڪيئن ڪيان مان توسان دوکو
    تولئه ناهي چاههُ رهيو ڪو

    دل آهي ديوار مٽيءَ جي
    وڏو ڦڙو ٿيو پيارُ پروڪو

    ماڙين منجھ ٿا ٽهڪ ٽڙن
    جھُوپي ۾ رهجي ويو سڏڪو

    پنهنجي رتُ جي بوتل وڪڻي
    ڌيءَ لئه آندو مون رانديڪو

    دردن جو هي ناهي نماءُ
    ڪين کپي همدردي لوڪو.


    گھڙيءَ لئه پنهنجو جوڀن پسائي

    گھڙيءَ لئه پنهنجو جوڀن پسائي
    ويو منهنجي نيڻن جا ڏيئا اُجهائي

    سڄي ڳوٺ وارن جو ڳالهيون ڪيون سي
    مگر ڪين پنهنجون سگھياسين ٻڌائي

    وڏي شهر جو شوق ڪيڏو هو توکي!
    اجايو اچي پاڻ ويٺين وڃائي

    سڀئي دوست پنهنجا سنجيده ويا ٿي
    نه مرڪي ٿو ڪوئي، نٿو ڪو کلائي

    بارش جا ايندڙ ڏکن جي گھڙين لئه
    اسان ٽهڪ ٿورا رکيا هن بچائي

    سڀن نانءَ پنهنجي پرين جا کنيا پر
    اسان سنڌ! ويٺا سين تنهنجو سڏائي

    ڪکائن جھُڳين ۾ جنم ـ ڏينهن ڪهڙا!
    جتي هر خوشي ٿي اچڻ کان لنوائي


    تنهنجا ڦهليل ٻانهون آهن

    تنهنجا ڦهليل ٻانهون آهن
    منهنجون روڪيل راهون آهن

    رات، سيارو، وڻ ويڳاڻا
    ڪوهيڙي جون ڪاهون آهن

    ڪچين درن جي دروازن ڏانهن
    کڄندڙ کوڙ نگاهون آهن

    هن ڌرتيءَ جون ڪيئي نياڻيون
    ظلم ڪيون بيواهون آهن

    شهر سڄي جا ماڻهو گونگا
    ديوارن جون دانهون آهن

    شاعر! تنهنجا گيت دُکايل
    اکر اکر ۾ آهون آهن.


    تنهنجي گھر جي ڀرسان آهيان

    تنهنجي گھر جي ڀرسان آهيان
    ڄڻُ مندر جي ڀرسان آهيان

    ڏيههُ ڏکن جو ڏوري هاڻي
    مرڪ ـ شهر جي ڀرسان آهيان

    ڪنڊن جهڙا لفظ چوي ٿي
    ڄڻُ ٿوهر جي ڀرسان آهيان

    جذبا ۽ احساس نه ڪوئي
    هڪ پٿر جي ڀرسان آهيان

    نفرت جون اورانگھي راهون
    نينهن نگر جي ڀرسان آهيان

    ڪيڏو تاءُ اکين ۾ تنهنجي
    ڄڻُ خنجر جي ڀرسان آهيان

    سمنڊُ اکين ۾ اُڃ چپن تي
    لهر لهر جي ڀرسان آهيان


    لفظن ۾ ٽهڪن جي خوشبو

    لفظن ۾ ٽهڪن جي خوشبو
    ساهن ۾ سُڏڪن جي خوشبو

    ”رات راڻيءَ“ کان وڌ هوندي آ
    پيارن ۽ پنهنجن جي خوشبو

    شاعر کي آ ننڊ اچي وئي
    جاڳي ٿي گيتن جي خوشبو

    منهنجي ڊائريءَ ۾ آ ڦهليل
    تنهنجي ئي لفظن جي خوشبو

    رات وساري ويئي آهي
    نيڻن ۾ سپنن جي خوشبو

    راڳيءَ جي آواز پکيڙي
    محفل ۾ دردن جي خوشبو

    مُرڪي ڪيئن لڪائي سگھندينءَ!
    چهري مان لُڙڪن جي خوشبو.


    ديس جي ڌرتي جڏهن آهي رُني

    ديس جي ڌرتي جڏهن آهي رُني
    ڪين پوندا هِن تڏهن شاعر سُمهي

    هٿ لڪيرن ۾ ڪڏهن ڀُلجي نه پَئهُ
    سگھه سان هر آس هت آهي پُني

    تنهنجي پاڙي ۾ مليو مونکي سُڪون
    هر گھٽي مون شهر جي آهي گھمي

    قافلو ڪڪرن سندو رمندو رهيو
    راتِ، تارن جي ڍڪي آئي چُني

    ڄڻُ ٿيا بيڪار ڪنهن پٿر جيان
    جن چون جي ڀاڳَ ۾ ناهي چمي.


    ديس جي ڌرتي جڏهن آهي رُني

    ديس جي ڌرتي جڏهن آهي رُني
    ڪين پوندا هِن تڏهن شاعر سُمهي

    هٿ لڪيرن ۾ ڪڏهن ڀُلجي نه پَئهُ
    سگھه سان هر آس هت آهي پُني

    تنهنجي پاڙي ۾ مليو مونکي سُڪون
    هر گھٽي مون شهر جي آهي گھمي

    قافلو ڪڪرن سندو رمندو رهيو
    راتِ، تارن جي ڍڪي آئي چُني

    ڄڻُ ٿيا بيڪار ڪنهن پٿر جيان
    جن چون جي ڀاڳَ ۾ ناهي چمي.


    چنڊ ستارا ڳائن ٿا

    چنڊ ستارا ڳائن ٿا
    ڌرتيءَ وارا ڳائن ٿا

    پرين! اوهانجي نيڻن جا
    ڄڻُ ته اشارا ڳائن ٿا

    لهرن تي ٻيڙي ٿي جھومي
    سڀُ ڪنارا ڳائن ٿا

    تنهنجون ادائون، مست هوائون
    ڪونگو ٽارا ڳائن ٿا

    جن تان گذري تون وئي آن
    سارا چارا ڳائن ٿا

    بادل جهڙا سُپرين تولئه
    مورَ اُڃارا ڳائن ٿا


    پيار وارو دورُ ٿو ڊوڙي پيو

    پيار وارو دورُ ٿو ڊوڙي پيو
    ڄڻُ ته من ۾ مورُ ٿو ڊوڙي پيو

    تنهنجي چپڙن جو چورايان رنگُ مان
    ذهن ۾ هڪ چور ٿو ڊوڙي پيو

    سگھَ سان ئي خواب کي ساڀيا ملي
    هر گھٽيءَ ۾ زورُ ٿو ڊوڙي پيو

    چيٽَ سهڻا ڪيئن نه ٿا ڇُرجي وڃن
    اجرڪن تي پورُ ٿو ڊوڙي پيو

    ماٺ ناهي زندگيءَ جي شهر ۾
    هر طرف هڪ شورُ ٿو ڊوڙي پيو


    لوڪ آڏو ڀل نه مونکي سار تون

    لوڪ آڏو ڀل نه مونکي سار تون
    نانءُ منهنجو دل ۾ ئي اُچار تون

    هر اکر ۾ باهه ٿِي ڀڙڪي پئي
    برف بڻجي لفظ منهنجا ٺار تون

    هيکلائي ٿي پئي جن کي ڏنگي
    ڪي گھڙيون تن سان به گڏجي گھار تون

    ڪين رکُ تون دوستي مونسان ڀلي
    پر نه دشمن جو رويو ڌار تون

    جسم جي اوندهه سڄي ويندي هلي
    ذهن ۾ هڪڙو ئي ڏيئو ٻار تون.


    منهنجو هي اندرُ ۽ سنڌُ

    منهنجو هي اندرُ ۽ سنڌُ
    ڄڻُ هڪڙو مندرُ ۽ سنڌُ

    سوچن ويٺا پاڻ ۾ ٽيئي
    ساڌ ٻيلو، سکرُ ۽ سنڌُ

    تنهنجي اکين ۾ آءٌ ڏسان ٿو
    ٿاريلو منظر ۽ سنڌُ

    مون لئه ٻئي مقدس آهن
    دلبر تنهنجو درُ ۽ سنڌُ

    آهي سدائين ذهن ۾ تنهنجي
    يادُن جو لشڪر ۽ سنڌ

    روئي ٿو پيو گوبند مالهي
    ساري پنهنجو گھر ۽ سنڌ

    سامهون آهن هڪٻئي جي
    دشمن جو خنجر ۽ سنڌ


    مون ٿي سمجھو سولي آهين

    مون ٿي سمجھو سولي آهين
    سائنڻ! تون ته پرولي آهين

    منهنجو پيار بتيلي وانگر
    سامونڊي تون ڇولي آهين

    ويساهن ۾ ڦاسي جندڙي!
    پنهنجن کان ئي رولي آهين

    تنهنجا لفظ صحيفن جهڙا
    محبوبن جي ٻولي آهين

    ڪاڇي جهڙي جيون ۾ تون
    آئي بڻجي هولي آهين

    ڪڏهن نه خالي ٿيندينءَ تون
    ڀٽ ڌڻيءَ جي جهولي آهين.


    ڍنڍ اکڙين ۾ ٿيا، لُڙڪ تنهنجا ڪنول

    ڍنڍ اکڙين ۾ ٿيا، لُڙڪ تنهنجا ڪنول
    مان ڏسان ٿو ڪنول ۽ لکان ٿو غزل

    وار پنهنجا هوا ۾ تو ڇوڙي ڇڏيا
    سمنڊ ڇولين ۾ ڄڻُ ڪا اچي وئي اٿل

    ننڊ منهنجي اکين کان رُسي ٿي وڃي
    تنهنجون يادون اچن روز آڌيءَ مهل

    جڏهن کان پرين تو آ ناتو ڇنو
    تڏهن کان سڀئي خواب آهن رُٺل

    مان ڳائڻ به چاهيان نه ڳائي سگهان
    تارَ دل جي تنبوري جي آهي ٽٽل.


    ڪيڏا چرچا پيارن سان

    ڪيڏا چرچا پيارن سان
    ڪن ٿا کوُهه اڃارن سان

    سي ئي پل سجايا پنهنجا
    گذريا جي تو پارن سان

    پيار نه آهي حاصل ٿيندو
    تعويذن ۽ ڍارن سان

    جن کان رُسي چنڊُ ويو آ
    ڳالهيون ڪن ٿا تارن سان

    منهنجو روح سدائين ريجھو
    خوشبو، گيتن، ٻارن سان

    هاريءَ جھول اُهائي خالي
    ڀاڳ ويا ڀوتارن سان

    راتيون جاڳي ڏيئا اورن
    دل جا قصا جارن سان

    درياهه وچ ۾ تنهنجي ٻيڙي
    پنهنجا پنڌ ڪنارن سان

    عيبن هار هلي ڪيئن سگھندا
    تو جهڙن اوتارن سان


    گيت ـ نگر جو گسُ ٿي ڳولي

    گيت ـ نگر جو گسُ ٿي ڳولي
    پين اُڃاري مسُ ٿي ڳولي

    واهڻ جي هڪ سادي نينگر
    مير ڍنڍ ۾ عڪس ٿي ڳولي

    تنهنجي اکين ۾ چاهت منهنجي
    گم ٿيل هڪڙو شخص ٿي ڳولي

    موت کان اڳ ۾ هيسيل هرڻي
    شينهن اکين ۾ ترس ٿي ڳولي

    ايڪسيڊنٽ ۾ پيرَ وڃائي
    ناتر ننڊ ۾ رقصُ ٿي ڳولي


    نظم

    ڪئمپ، ڪرفيو ۽ چنڊ

    ڪئمپ ۾ ڪوئي ٻارُ ٿو روئي
    ڦاٽل بينرُ ڦڙڪي ٿو پيو
    رتُ ۾ وهنتل ڪوئي سپنو
    ننڊ نگر ۾ ڦتڪي ٿو پيو

    محبوبن جي اوسيئڙن جا
    سارا درد سُمهي پيا آهن
    دل ڌرتيءَ تي ديس دُکيءَ جا
    ڪيئي گهاوَ ڦُٽي پيا آهن

    رهبر سارا روز اسان ڏي
    اخباري ٿا بيان اُماڻن
    روٽيءَ بدران هاڻ اسان کي
    پاروٿا ڪجه گيت ٿا آڇن

    مُرڪ رُسي وئي چهرن کان آ
    شهر ۾ ساڳيو ڊپُ وسي ٿو
    ڪرفيوءَ جي راتين ۾ هاڻ
    چنڊ به دهشتگرد لڳي ٿو


    دُکي ديس جي چانڊوڪي رات

    ڳوٺ منهنجي مٿان، رات ڏاڍو رُني
    چنڊ شاهد هيو، ڪيئن لٿي هئي چُني
    ڀيڻ منهنجي ڀري، ڇرڪُ جاڳي پئي
    ڄڻ ته ماري ڏسي، ڪائي هرڻي ڊني
    ڪين دونهون صبح جو جهڳين مان اُٿيو
    باهه دل ۾ هئي، ڪنهن نه چاڙهي ڪُني
    واهُرو سڀ سُتا، ڪنهن نه سڏڪا ٻڌا
    پاڻ کي اُن سَمي، دُک هئي آٿت ڏني
    پيار تولئه سدا، دل ۾ ڌرتي رهي
    توسان ناتو سچو، ڪير سگهندو ڇني


    هر ڏس ۾ هيڊاڻ آ ڇانيل

    سائڻ!

    توکي ياد هوندو
    هڪ ڀيري تو گينڊي جا گُل چُمندي چيو هو،
    ”هيڊا ڦول وڻن ٿا مون کي
    هيڊو رنگ پسند آ منهنجي“
    اُن ڏينهن کانپوءِ
    مون او سائڻ!
    پنهنجي ڪمري جي ديوارن جو
    هيڊو رنگ ڪرايو هو
    هيڊا پردا ٽنگرايا ها
    هيڊي ٽيبل، هيڊي چادر
    هيڊا گُل هيڊو گُلدان.

    پوءِ مون کي آس لڳائي هئي:
    هڪ ڏينهن ايندو هن ڪمري ۾
    تو جهڙو مٺڙو مهمان.
    ڪڏهن نه ٿيو پر تنهنجو اچڻ
    دوري ۽ مجبوري ٿي.
    اڄ هلي آ او سائڻ!
    هر ڏس ۾ هيڊاڻ آ ڇانيل
    هيڊو رنگ پسند آ تنهنجي!

    منهنجي ڪمري جي هر شيءِ
    هيڊي آهي،
    تنهنجي ياد ۾ تڙپي تڙپي
    آءٌ به هيڊو ٿي ويو آهيان.


    جوڀن رُت جا ڳاڙها خواب

    منهنجي ڀيڻ شهيد سوڍي
    ثناءَ مهدالي!

    ڪالهه ڏسي اخبار ۾ تنهنجي
    پرهه ڦٽيءَ جهڙي تصوير
    نيڻ جُهڙالا ٿي ويا منهنجا.
    دل جي بي نانءُ جذبي سان
    مون تنهنجي تصوير چمي هئي
    هي سڀ آخر ڇو ٿو لکان مان؟
    ڪهڙو توسان ناتو آهي
    منهنجو دوست چوي ٿو گُلِ:
    ”ڇڏ عجمن ۽ عربن جون ڳالهيون“
    پر ڇو نه ڪيان مان تنهنجي ڳالهه
    تو کان ڌار ته ناهيان مان
    تنهنجي ڌرتيءَ جي دل
    منهنجي ڌرتيءَ سان گڏ ڌڙڪي ٿي
    تنهنجي منهنجي دانهن جي ٻولي
    ساڳئي آهي.

    مان ڄاڻان ٿو اڄُ اوهان وٽ
    ريٽي رتُ جا سارا گُل
    بوٽن هيٺيان چچريا ويا هن
    ڪنهن به ڪنڊ ۾ ڪين ٿو پسجي

    پاريهر جو آکيرو ڪو.
    چؤڏس آهي رتُ جي خوشبو
    کنڊر آهن ساريون وستيون
    ڊٺل جاين جي کنڊرن مان
    ٻار پيا ڳولن رانديڪا
    اسڪول اُجڙيل ۽ اسپتالون آهن آباد.
    تُنهنجا وطن پرست ڀائر
    جن ڄائي ڄم کان آهه ٻُڌو
    گولين جو آواز
    خوبصورت ڇوڪرين بدران
    رائفلون آهن جن جون محبوبائون
    ڏاڍ سان جوٽي جنگ بيٺا آهن.
    ڏاڍ جو ڪوئي ڌرم نه ديس
    ڪا به نه ٻولي ۽ لولي.
    ڏاڍ نه عربي يا ڪو عجمي
    ڏاڍ ته آهي وحشي انڌو
    هيڻن کي هيسائي مارڻ
    اُن جو ڌنڌو.

    منهنجي ڀيڻ ثناءَ مهدالي!!

    تو کنڊر کنڊر خوابن کي
    ساڀيائن جي سونهن ڏني
    جوڀن رُت ۾



    جڏهن ڪنواريون ڇوڪريون
    پنهنجن خوبصورت آدرشن جا
    ريشمي سپنا اُڻينديون آهن

    اُن وقت انڌيرن ۾ تو
    ڌرتيءَ جي آزاديءَ جا
    روشن روشن خواب ڏٺا.
    تن خوابن کي سچ ڪرڻ لئه
    جان وطن تان واري تو
    روشن راهه ڏيکاري تو


    * ثناءَ مهدالي: 16 سالن جي خوبصورت لبناني ڇوڪري، جنهن بم رکيل ڪار هلائيندي، اسرائيلي فوجي گاڏين کي ٽڪر هنيو، جنهن ۾ 50 اسرائيلي فوجي مري ويا ۽ هن عظيم نياڻيءَ شهادت ماڻي.


    شاعر گيت لکن ٿا

    ڌرتيءَ تي رتُ ڇاڻ
    ايڏي آ ڇو ٿي؟
    ڏاها سڀ سوچن ٿا

    ”هر هنڌ آ انسان“
    پستڪ يا پوٿي
    ساڌو ائين چون ٿا

    ڪهڙي ڪارڻ ٿيا هن
    ڏکيا هي ڏوٿي؟
    ٿر جا ٿاڪ پڇن ٿا

    اسان مٽي پيار جي ڳوڙهن سان ڳوٿي
    شاعر گيت لکن ٿا


    ٿڪل زندگي

    ڏينهن پهريون مهيني جو ۽ ماڻهن جو هجوم
    بينڪ ۾ بيهڻ جي نٿي جاءِ ملي.
    ڏڪندڙ هٿن ۾ ڪاڳر جهليو
    لٺ جي سهاري
    پينشن وٺندڙن جي قطار ۾
    سڀ کان آخر ۾ بيٺو آهي هڪ پوڙهو.

    جنهن جي چهري جون ريکائون
    ڄڻ ته آهن ٿڪل زندگيءَ جون ويران واٽون.
    سندس ڪمزور ۽ ڪچو گهر
    ٿورڙي برسات تي جنهن جي ڇت،
    ڪنهن بيواهه جي اکين جان
    ٽمڻ لڳندي آهي.

    هڪڙي پوڙهي زال
    چار نياڻيون سامايل
    مهيني جا سمورا ڏينهن
    تن وٽ ڏک ٿو مهمان ٿئي.

    زندگي
    هيڪلائپ جو اُداس ٻيٽُ
    ڏڍُ نه آٿت
    نه ئي ٻه ٻول همدرديءَ جا
    ماٺ ئي ماٺ

    موت جهڙي ماٺ
    ڊگھو سفر، ٿڪل سرير
    بيوسيءَ جو بارُ
    زندگي ڄڻُ ته آهي موت جو ئي انتظار.


    ڌرتيءَ تي دوزخ

    تون جڏهن به
    گندي پاڻيءَ جي دُٻن ڪپَ تي
    جوڙيل ڪوجھن جھُوپن ڀرسان
    اچي لنگھين ٿو،
    ٿُڪ اڇلين ٿو.
    ڌڪار مان تون ناسن تي رومال رکين ٿو
    ڪرڀ منجھان مُنهن ۾ سونڊ وجھي
    پوءِ چوين ٿو:
    ”هي گندا ۽ جھريل جھُوپا
    سندر سماج جي چهري تي
    ڪارنهن جو ڄڻُ ٽڪو آهن
    ۽ رهواسي
    هيچ نيچ ۽ جاهل آهن.“

    اُنهن جھُوپن ۾ رهندڙ ماڻهن
    ڪنهن جي جوت اُجھائي ناهي
    ڪنهن جي دل رنجائي ناهي
    ڪنهن جي لَڄَ کڻائي ناهين
    انهن ويچارن سادن ماڻهن
    جيڪو ٽاڻو ٽاريو آهي
    گوندر منجھه گذاريو آهي.
    غربت جي ان ڏوهه ۾ هو
    ڏيهاڙي پوءِ سُور سهن ٿا
    ماٺ رهن ٿا

    روز جيئن ٿا روز مرن ٿا.
    ساري ڏينهن جا ڏنڀ سهن ٿا
    رات جو اُڀَ ۾ تارا ڏسندي
    هي واچارا سادا ماڻهو
    ليڙون ليڙون جھول جھلن ٿا
    ڪوبه تارو ڪين ڪري ٿو
    چنڊ ڪري ٿو تن تي چٿرون
    تارا ٽهه ٽهه ٽهڪ ڏين ٿا.
    ۽ پوءِ
    دوزخ جهڙي ڌرتيءَ تي
    ساڳيو ڏک جو ڏينهنُ تپي ٿو
    سُورن جو سِجُ اُڀري ٿو.


    ڪڏهن نه کٽندڙ اوسيئڙو

    تنهنجي گھر جي دروازي تي
    مان سالن تائين بيٺو رهيس
    انتظار جون اکيون
    وقت جا ڪانگ ڪڍي ويا
    ميڻ جهڙا سپنا
    آهستي آهستي ڳرندا رهيا.

    ۽ جڏهن تون
    پنهنجي گھر کان ٻاهر نڪتينءَ
    منهنجي وجود ۾ گُل ٽڙي پيا
    ٽاري ٽاري جُھومڻ لڳي
    تو، مون تي اوپري نهار ڪئي
    (ڄَڻُ ته نه سُڃاڻيندي هجين)
    ۽ وري گھر هلي وئينءَ.

    مان سوچيان ٿو
    تنهنجي در تي بيٺي بيٺي
    مان وڻ بڻجي ويندس
    ۽ هڪ ڏينهن تنهنجا ٻارڙا
    منهنجي ڇانوَ ۾ رانديون ڪندا.


    هڪڙي ڪرڻي جي ڳولا

    منهنجا گيت
    اُميدن جي اونداهين جھنگ ۾
    هڪڙي ڪرڻي جي ڳولا ۾ آهن
    هلندي هلندي
    ٿڪجي پيا آهن
    ڦٽجي پيا آهن
    پوءِ به انهن جو سفر جاري آهي
    ڌرتيءَ تي سُکَ ۽ سُرهاڻِ جو سَفر.

    منهنجي ديس جا اڳواڻ
    پرڏيهي مهمانن سان شڪار ڪري
    پنهنجن نعرن سان گڏُ
    سُتا پيا آهن،
    هڪٻئي جي عيبن جي اشتهار طور
    اخبارن ۾ اُنهن جا بيان
    جاڳي رهيا آهن.

    منهنجا گيت
    اُنهن آڏو
    ڪنهن بيروزگار نوجوانن جي
    درخواست وانگر آهن
    پڙهڻ بنا ئي جنهن تي
    هڪ بي معنى نوٽ چنبڙائي ڇڏجي.
    منهنجا گيت انڌا ناهن
    ڇوته اُهي

    ديس واسين جي ٿڌن جسمن تي
    قاتلن جي وحشي چنبن جا نشان
    سُڃاڻي سگھن ٿا
    ۽ ڌرتيءَ جي ٻارَ کي
    روشن راهه تي اُماڻي سگھن ٿا.


    امن جا وٿاڻ ــ ڪُتُب خانا ۽ قبرستان

    پٿر جو ڄڻُ دؤر آهي
    هرڪو ماڻهو هٿيارن سان
    آهي بڻيو شهزور.

    انسانيت جي اک ۾ آهن
    ٽُنبيل ڳاڙهيون تتل سيخون
    هر هيڻو ويڳاڻو آهي
    جو ڪجھه آهي ناڻو آهي
    دولت جي دروازي تي
    عزت عظمت ٻانهي آهي.

    ٻارُ علامت آهي امن جي
    معصومن جي مُرڪ سُتل آ
    ڌرتيءَ جا ڌاڙيل ٿا جاڳن
    ٻيلي ۾ گوليءَ جي ٻولي.
    ڪيئي ڏيهي اغوا ٿي ويا
    گولين آڏو پرزا ٿي ويا
    ڀنل اکين جا سپنا ٿي ويا
    ڊنل دل جا دهڪا ٿي ويا.
    بازارون ڀڙڀانگ سمُوريون
    اونداهيءَ جي چادر اوڙهي
    رات جي ناتر ناچ نچي ٿي
    چٻرن جا آواز اچن ٿا
    ڏورانهين شمشان ۾ ڪنهن

    امن جون اوڇنگارون آهن.
    طاقت جي طُوفان جي آڏو
    امن ته آهي
    ڪکن پنن جو آکيرو
    امن علامت آهي ڳيرو
    ماري آهي موت جو پاڇو
    هر ڏَسَ ۾ مارين جا مارا
    وشال نيري اُڀَ تي
    ولر ڳِجھُن جا لامارا،
    ماڻهو ماڻهو موت جي مورت
    آشائون انگاس ٽنگيل
    جذبا ڪُٺل رتوڇاڻ
    سُک جا سارا ڀينگا ڀاڻَ.
    ڪُتُب خانا ۽ قبرستان
    امن جا آهن هاڻ وٿاڻ
    ماٺ جي اهڙي منڊَ ۾
    اخبارون ڳالهائن ٿيون
    ديوارون ڳالهائن ٿيون

    امن پکيءَ جي کنڀَ اڃان ڀي کوهيل هن
    ائٽم جي اولاد اڳي کان اڳري آ.


    رانديڪا

    ڪنهن ڪڪر جي ڇانوَ نه ٿر ۾
    ڏيئن وانگر ڏُکَ ٻَرن ٿا
    ڏهر ڏهر ۾
    واريءَ جا وسڪار چؤڌاري
    واءُ ۾ آ بُک جو پڙلاءُ
    مُئل ڍورن جا ڍانچا پکڙيل
    اُڀ ۾ اُڏرن وَلُر ڳِجھُن جا.

    پکن جي ڀرسان
    مٽيءَ هاڻا ٻارَ بُکايل
    عجب منجھان ٿا ڏسن پيا
    چاٻيءَ ۽ سيلن تي هلندڙ
    سهڻا سهڻا رانديڪا
    رانديڪا جي روٽي ناهن.

    (*”ٻانهن ٻيلي“ نالي تنظيم 14 هزار رانديڪا ٿري ٻارن ۾ ورهاياــ هڪ خبر)


    نسخو

    ڪي ڏينهن ٿيا شاعري ڇڏي
    سُونهن لئه ڪائي ڪشش ناهي رهي
    درد لئه بند ٿي ويون دل جُون دريوُن
    ادب جون ڳالهيون لڳن ٿيون اوپريون
    ڪين ٿو پڙهيو ٿئي ڪوئي ڪتاب.
    ڏينهن ٿيا جو هانوَ تي سٽ ڪا ناهي هُري
    پوِ به آهيان ڇو الائيجي
    ادب جي ايوان ۾ مشهور مان!

    ها فقط آهي ائين جو
    ڪنهن ڊنر يا لنچ تي
    مُک شاعرن ۽ نقادن کي ڪڏهن
    ڪين مون آهي وساريو.


    آدم جو اولاد

    اسان کان نه ڇرڪو اوهان جا ئي آهيون
    نڪو ماڳ آهي نه منزل اسان جي
    ٻُڌڻ ۾ اچي ٿو ته انسان آهيون،
    اسان جو دنيا ۾ اچڻ جو آ مقصد
    اوهان جي درن تي ڳڀي لئه صدائُون
    اسان جون هي سکڻيون صدائون ۽ دانهون
    اوهان جي درن تي ائين پيئيون گُونجن
    جيئن ڪنهن خاموش بيابان ۾
    بارڊر جي لوهي ڪنڊن منجھه ڪوئي
    پکي پنهنجو هڪ پَرُ ڦاسائي لٽڪي
    ڏاڍي درد مان ڪي ڪري ڪُوڪراٽيون.
    سندس ڪُوڪراٽيون بيابان ۾
    پڙاڏا پڙاڏا ٿيو ٿيون وڃن
    اهي ئي پڙاڏا پوءِ واپس وريو،
    پکيءَ جي ڪنن ساڻُ ٽڪرائجن
    ائين ئي اسان جون هي جھيڻيُون صدائُون
    بنگلن اوهان جي ۽ اوچين پُختين
    سُهڻين ڀتين ساڻُ ٽڪرائجي
    واپس اسان ڏي وريو ٿيو اچن.
    اوهان ئي وري پوءِ آڏو اسان جي
    ڌرمن جا دستُور ساڳيا پکيڙي
    جڏهن جوشَ مان هيءُ هوڪو هڻو ٿا:
    ”اسين سَڀُ آدم جي اولاد آهيون“
    تڏهن پوءِ اسان کي ائين ٿو لڳي ڄَڻُ

    اوهان جنهن آدم جي اولاد آهيو
    اُهو هو ڪو آدم سُکيو ۽ سَتابو
    وٽس جامُ ڏوڪڙ ها بنگلا ۽ ڪارون
    اُنهيءَ آدم جي ڪنڌَ ۾
    لڳل هو ڪِلو ڪو
    اوهين بي رحم آدم جو اولاد آهيو
    اسين جنهن آدم جو اولاد آهيون
    اهو هو ڪو آدم سُڃيو ۽ بُکيو
    لُولو ۽ لنگڙو، اکين کان انڌو
    بيوس ۽ مجبور لاچار هو ڪو
    پنهنجي پيٽ خاطر
    هُو شايد سڄو ڏينهن
    گھر گھر جي دَرَ تي ڏيندو صَدا هو.


    مايوسين کي موت به ايندو

    بابل! تُنهنجا پورهيت هَٿَ
    ڪيڏا کُهرا ٿي ويا آهن
    تُنهنجي هٿن جون هَڙَ ريکائون
    پٿر بڻجي ويئيون آهن.
    چهري منجھه لڪيرون ايئن
    ڄَڻُ ڪنهن ڳُتيل شهر جا رستا
    اگھه پورهئي جا ڪيڏا سستا!
    تُنهنجون ساريون سُندر سوچون
    ذهن نگر ۾ ڊوڙي ڊوڙي
    هاڻِ ٿڪجي پيئيون آهن.
    وڏ ـ گھراڻي محبوبا جان
    ننڊ به توکان دُور وئي آ
    خوابن لئه ترسن ٿيون اکيون.
    ماڙين ڀرسان پنهنجي جھوپي جان
    تُنهنجو ڪنڌُ جھڪي ويو آهي
    سوچَ جو سَرُ سُڪي ويو آهي
    پورهئي جي پئسي مان ڪڏهن
    پڪيون جايون جڙنديون ناهن.
    بابل! هتي ائين ڇو آهي؟
    پنهنجون ڀينر مائُر ساريون
    ويم گھرن کان ڪوهين ڏُور
    هيڊا ٻار ڄڻڻ کان اڳ ۾
    پاڻ مري ڇو وينديون آهن..!
    ائين ڇو آهي؟

    راڄ پنهنجي جا سارا روڳي
    شفاخانن جي دروازن تي
    ڪوسو ڪوسو رَتُ اوڳاڇي
    ڪُٺل پکيءَ جيان ڦتڪي ڦتڪي
    نيٺ برف ٿي ويندا آهن.
    ويڄَن وٽ آ وقتُ مهانگو
    پنهنجو رَتُ سهانگو آهي
    بابل! هتڙي ايئن ٿيندو آ
    مسڪينن جي مڙهه لئه ڪوئي
    ڪانڌي بڻجڻ ڪونه ايندو آ
    دنيا جا دستُور سگھارا
    پنهنجُون سوچُون سکڻيون هيڻيون.
    پر او بابل!!
    ائين سدائين ناهي رهڻو
    خنجر بڻجي پنهنجا خُواب
    ساڀيائن جا سينا چيري
    نيٺ ته جَڳَ ۾ جرڪي پوندا
    مايوسين کي موت به ايندو
    آخر اهڙو ڏينهن به ٿيندو.


    رَتوڇاڻ راتِيُون

    اُتر واءُ اُن رات اڪيلي نه آئي
    وڇوڙي جون وايون کڻي ساڻ آئي
    حياتيءَ جي هيڪل ۽ ويران بن ۾
    ڀريا ڇرڪ پنهنجي پنهوارن پکن ۾
    هوائُن جا هيسيل خزان رُوپ چهرا
    سڪل چَپَ جن ۾ سڀئي لفظ سُڏڪا
    اکين وٽ ڏورا نه ننڊون نه سپنا
    نڪي تيل سُرما ساڳيا وار اڻڀا
    نه آٿت دلاسو، اٺئي پهر اُلڪا
    نه جوڀن جواني، ويراني ويراني
    انهن جي سڄي رات روئڻ ۾ گذري.
    سوين سڏ سُڏڪا، هوائُن ۾ گونجيا
    پَن پن پُڪاريو، ٿيا واڪا وڻن ۾
    بگھڙن اُلاراي ڪيا وات ڳاڙها
    ڪاهي ڪالهه بيوس ۽ هيسيل ڌڻن ۾.
    اُنهن ئي رتو ڇاڻ راتين جون ڳالهيون
    ڪنهن ڀي ڪيون ڪين ڀلجي ڪڏهن
    قلم جا ڌڻي ۽ علم جا اڪابر
    مجازي محبت جي خوابن ۾ گُم ها
    جي جاڳيا ته غزلن ۽ گيتن ۾ ساڳيون
    پريءَ جي خمارن اشارن جون ڳالهيون
    ڌرتيءَ تي ساڳيون رتوڇاڻ راتيون.


    پٿر تي لکيل هڪ نظم

    هر نئين ڏينهن جو سجُ
    اسان جي گھرن جي اڱڻن ۾
    شهيدن جي گلابُ چهرن تي اُڀري ٿو.
    اسان جن مائرن ۽ ڀينرن جا اڻکٽ سُڏڪا
    وائلن جي سُرن جيان
    اسان جي وُجود جي ڀُرندڙ ڪمرن ۾
    ٻُرندا رهن ٿا،
    ۽ هُو
    صحافي ۽ فوٽوگرافر ساڻُ ڪري
    اسان جي ”پٿر“ تي اچن ٿا
    ۽ همدرديءَ جي لفظن جا چند سڪا
    اسان جي جھولين ۾ اُڇلي هليا وڃن ٿا..!


    گيت گُناهگار نه هوندا آهن

    تون، اهو ڇو ٿو چاهين ته
    سَڀُ ماڻهو تو وانگر سوچين.
    ذهني آزادي
    هر انسان جو حق آهي.

    تون پنهنجي مخصوص فڪر جا اسٽيڪر
    ماڻهن جي ذهنن تي چنبڙائي نٿو سگھين.
    هر سچي فنڪار وانگر
    هن جي سوچَ به آزاد آهي،
    هُو تُنهنجي پرچار جي
    پٽي پڙهڻ کان انڪار ڪري ٿو.

    تون ڀلي ناراض ٿي
    هُن جي راهن ۾ ڪنڊا ۽ پٿر
    پکيڙي ڇڏ.

    تو اُهو سڀڪُجھه ڪري سگھين ٿو
    پر اهو تنهنجي وس ۾ ناهي
    ته تون هُن جي گيتن کي
    گناهگار بڻائي
    چپن تي آڻڻ کان روڪين.

    ڇوته گيت آزاد پکين جان هوندا آهن
    جيڪي ننڍڙي ذهن جي سوچ کان گھڻو مٿي

    اُڏامندا آهن
    ۽ مُحبتي دلين جي
    آکيرن ۾ رهندا آهن.


    شاعر

    شاعر ڄڻُ ته شڪاري آهن
    ڪَوتائن جي هرڻين پويان
    قلمَ کڻي پيا ڊوڙن ٿا
    جتي به شُهرت ڇانوَ ڏسن ٿا
    اُتي ئي گوڏا کوڙن ٿا

    شاعر ڄَڻُ درٻاري آهن
    سڀني آڏو ڪنڌُ جھُڪائڻ
    دوها ڏئي دينار وٺن ٿا
    حرمسراءِ جي دروازي جي
    دَزَ چُمي پوءِ شعر لکن ٿا

    شاعر ڄڻُ دلداري آهن
    انسانن جا لُڙڪ اُگھن ٿا
    رابيلَن جي مُرڪ ڏين ٿا
    مايوسِين جي اونداهين ۾
    روشن روشن گيت چون ٿا.


    ڌرتيءَ تي گُلاب ته آخر ٽڙڻا آهن (هوشوءَ جي نالي)

    ڌرتيءَ تي بس ٻه ٽولا آهن
    هڪ هابيلي، ٻيو قابيلي
    هابيلي هُٻڪار ڪري ٿو
    قابيلي ڪنڊا ٿو پوکي

    قابيلي ٽولي جا قاتل
    ٿُوهر ڪنڊا کڻي هٿن ۾
    خوشبوءَ جي ڳولا ۾ آهن.
    رهزن، خوني، استحصالي
    هن ٽولي جا ساٿي آهن.

    سنڌ ۾ سارا قابيلي
    درٻارن جا پاليل ماڻهو
    رُتبي کي محفوظ رکڻ لئه
    خوشامد جي سَنَدَ وٺڻ لئه
    موهن جي دڙي کان دُٻي تائين
    ڌُر بڻيا هن ڌارين جي
    انگريزن ۽ آرين جي
    دُبي جنگ ۾ گوري سان
    پنهنجي ديس جو ٺوڙهو آهي.

    سچُ ڪيو سنگسارُ ويو آ
    حق جا هوڪا پوءِ به هر ڪنهن
    ٻوليءَ منجھه ٻُريا آهن.

    سنڌ هُجي يا سينتياگو
    سچُ سدائين سينو تاڻي
    ڪُوڙ جي سامهون آيو آهي
    توڙي رتوڇاڻُ ٿيو آ
    آڻ مڃيندي ڪين جھُڪيو آ.

    هٿيارن بارودن سامهون
    هابيلي ٽوليءَ جو هوشو
    ڌرتيءَ خاطر ويڙهه ۾ وڙهندي
    گجندي گجندي ڳاڙهو ٿي ويو
    مظلومن جو نعرو ٿي ويو
    مٽيءَ جي تاريخ لکي ويو.

    سنڌوءَ جي سُرهاڻ جي دشمن
    قابيلي ٽولي جي نيپئر
    دُٻي جي ميدان ۾ مرڪي
    ڪارو ڪارو گُلاب ٽوڙيو هو
    ۽ قانون جوڙيو هو:
    ”آزاديءَ جا گُل نه ڪوئي پوکيندو“
    پر هُو گورو مت جو ٿورو

    ڪين اهو ڄاڻي هو سگھيو
    آزاديءَ جي خوشبو هرهنڌ
    سگھيو نه آهي قيد ڪري ڪو.

    ڪوبه قابيلي، قوت سان ڀَلُ
    هٿيارن سان هيسائي
    يا مالهي سارا مارائي
    پر ڌرتيءَ تي گُلاب ته آخر ٽڙڻا هن
    ڌرتيءَ تي گُلاب ته آخر ٽڙڻا هن

    * غلام محمد ٺوڙهو، جنهن دُٻي جي جنگ ۾ غداري ڪري، مير شير محمد جي بارود کي باهه ڏني هئي


    سورج سامهون کوليءَ جو درُ

    کوليءَ منجھ اڪيلو قيدي
    پير ڪڙين سان ڪري ڪچهريون
    ديوارن سان دل وندرائي
    ڪنهن پل ڀُلجي ڪين پُڪاري
    ڪين نهاري سورج ڏانهن
    سيني ۾ جذبن جون ڇوليون.
    بانديءَ جي ڪاوڙ کي پرکي
    هڪ ڏينهن سُورج جوش ۾ آيو
    ڪرڻو ڪرڻو دوزخ ٿي پيو
    لوههَ سمورا ويا پگھرجي
    ٽُٽيون سموريون مالهائون
    گُل سمورا ويا پکڙجي.
    خالي کوليون
    نيري اُڀَ جي هيٺان ڏور
    اڇن اڇن پکين جون ٽوليون.


    تنهنجي لاءِ آهن

    هي ٻيڙين قطارون ۽ آڙين اُڏامون
    هي سنڌوءَ ڪنارا، تُنهنجي لاءِ آهن

    سڀئي وڻ تنهنجا، سڄي ڇانوَ تولئه
    هي رستا، هي چارا تُنهنجي لاءِ آهن

    اُتر ۾ ٿا گُونجنيا ٿر ۾ ٻُرن ٿا
    سچا گيت سارا، تُنهنجي لاءِ آهن

    درازن جي ڌرتي، ڀٽائيءَ جا ڀاڻا
    هي منڇر نظارا، تُنهنجي لاءِ آهن

    بکرُ ساڌٻيلو، سڀئي آستانا
    هي مندر مُنارا، تُنهنجي لاءِ آهن

    ڇڏي ديس پنهنجو وڃين ڇو ٿي وينا!
    اکين نير ـ نارا، تُنهنجي لاءِ آهن.

    * ڀين وينا شرنگيءَ جي سنڌ اچڻ تي


    بلڊ گُروپ

    ڄؤرن اسان جي شهر ۾
    بلڊ بينڪ قائم ڪئي آهي،
    جتان منهنجي زخمي ڀاءُ لاءِ
    رتُ ڏيڻ کان
    اهو چئي انڪار ڪيو وڃي ٿو ته
    منهنجي ڀاءُ جو بلڊ گُروپ
    ”دراوڙُ گُروپ“ آهي.


    اُوندهه جي جھنگ ۾ گُم ٿيل روشني

    اڄ ائين ئي اوچتو
    ورهين جي وڇوڙي کان پوءِ
    مون وري توکي ڏٺو
    روڊ جي هڪ طرف
    تون اڪيلي ۽ اُداس
    ٻئي طرف دل ۾ خوشين جا خزانا کڻي
    توسان ملڻ لئه آءٌ اُٻهرو
    وچ ۾ ڊوڙندڙ موٽرن جو سلسلو.
    موٽرن جا سلسلا
    وڌندا رهيا، وڌندا رهيا
    اُن کان اڳ جو
    موٽرن جا سلسلا ٽُٽن،
    آءٌ اچي توسان مِلان
    تون هڪ بس ۾ چڙهي
    وئينءَ هلي
    اکين آڏو اوندهه نچڻ لڳي
    ۽ آءٌ روڊ جي ٻئي طرف
    بيوس بڻجي
    ٽٽل دل مان ڪريل
    خوشين جا وکريل موتي
    روڊ تان ميڙيندو رهيس.


    وڇوڙي جو ڪارڻ

    ننڍي هوندي هڪ ڏينهن بابي
    آڻي ڏنو هو کينهوڙو
    هُوءَ ۽ مان پوءِ
    پاڙي جي باغيچي ۾
    کينوئڙي سان ڪُڏندا ها سين.
    جڏهن کان هُن کي
    پنهنجا ٿيا ها کينهوڙا
    اُن کان پوءِ هُوءَ مونسان
    وري نه آئي راند ڪُڏڻ.


    ملامت

    ڪوبه مُورک
    پنهنجي ڌرتيءَ سان
    محبت جو ناتو ٽوڙي
    ٻاهرين جي ٻوليءَ
    ۽ ڪلچر تي ڪُڏي
    تنهن کي حيف هجي.
    ڪنهن به غلام ديس جو شاعر
    پنهنجي دُکايل ڌرتيءَ جي
    پيڙيل انسانن جي
    مسئلن کان مُنهن موڙي
    سرڪاري سڏ تي
    اسٽيج تي اچي
    وقت جي حاڪم کي ساراهي
    سندس ڪَوتا
    نچڻيءَ جو رُوپ ڌاري
    ناڻي آڏو نچي
    تنهن کي حيف هجي.


    بيماريون ۽ طبقا

    بيمارين جون هيڊيون ڏائڻيون
    انجيڪشن جي هٿيارن
    ڪيپسولن جي بمن جي ڊپ کان
    شيشي جي گھرن مان
    هراسجي ڀڄي ويون.

    بيمارين جون ڀوائتيون ڏائڻيون
    گندي پاڻيءَ جي دُٻن ڀرسان
    ڪکاون گھرن جي رهواسين کي
    پنهنجي خوفناڪ چنبن ۾ ڀيڪوڙي
    ٻرندڙ اکيون واٽن تي وڇائي
    موت جو اوسيئڙو ڪرڻ لڳيون.


    وڇوڙي جي مند جي پهرين برسات

    واهيري جي ويلَ
    جڏهن قبرستان جون رولاڪ هَوائُون
    سرنهن جي سُڪل پنن سان
    راند پئي رهيون.
    تڏهن مان توکان جُدا ٿي
    ڪنڌ هيٺ ڪيون
    قبرن وچ مان اُداس اُداس ۽ ويڳاڻو
    پنهنجي آکيري ڏانهن موٽي رهيو هوس.
    وڇوڙي جي هن درد شهر ۾
    ڪير ٿو ڄاڻي ڪهڙي ٽاڻي
    ڪنهن کان وڇڙي ويندو ڪير؟
    ڪنهن کان وڇڙي ڀينرون مائُرون
    ڪنهن وڇڙيا ميت
    سارا نغما نوحا ڄڻُ
    سُڏڪا سُر سنگيتَ.


    اباڻي شهر ۾ اجنبي

    سالن پڄاڻا اباڻي شهر جا
    ڏسي رندَ رستا
    ٿيا خُوابَ پورا
    خوشيءَ جي اکين مان ڪريل چند ڳوڙها
    مٽيءَ ۾ ملي ويا،

    ڌرتيءَ سُڃاتو منهنجو نينهن ناتو
    اُهائي گھٽي جنهن ۾
    ننڍپڻُ جو تون ۽ مان
    گڏجي ڪُڏياسي
    رُناسي کِلياسي
    رُسڻ ۽ ٺهڻ جا سوين سانگ ٿيا ها،
    مگر اَڄُ اُتي ڪجھه به ناهي رهيو.

    اُهو گھر جنهن ۾ ٿيو هو جنمُ
    ۽ ماتا جي جنهن ۾ ملي هُئي مُحبت
    اُهو گھر ته اڄُ به ساڳيو ئي آهي
    مگر منهنجو ناهي.

    دل ۾ اهائي هئي آس مونکي
    ته پنهنجي اباڻي گھر جي اَڱڻَ ۾
    گھڙي پل ويهي
    ننڍپڻ جي يادن کي واپس ورائي
    ٻه ٽي لُڙڪ لاڙي
    هليو پوءِ ويندس.
    مگر گھر جي درَ کي لڳل لوهي تالي
    مُرڪي ڪئي ڄَڻُ ته مون تي ٺٺولي
    ۽ منهنجي اکين جا
    ٿيا عڪس ڌنڌلا
    گھٽيءَ منجھه مُونکي سُڃاتو نه ڪنهن
    اباڻي شهر جا سڀئي گَسَ ڌاريا.


    خوابن جو موت

    حياتيءَ جي ميوزيم ۾
    موت جو پُراڻو ڀوائتو بُت رکيل آهي.
    ڪو وڌيڪ جيئڻ چاهي به ته
    جي نه سگھي.

    مرڻ کان اڳ ۾،
    مرڻ کان پوءِ، ڪا آس ڪري
    سابه پوري ٿي نه سگھي.
    جيئڻ، وههُ پيئڻ
    مرڻُ، وري نه ورڻُ
    اوچتو ئي اوچتو
    موتُ، هوتَ جو روپ وٺي آيو،
    ثميره سدا سُهاڳڻ بڻجي
    اُن جي پٺيان وئي هلي.

    ڪلراڻي قبرستان ۾
    هڪ قبر
    جنهن جي ڀرسان ڪوبه گُل
    اُڀرڻ چاهي به ته اُڀري نه سگھي.

    قبر جو ڪتبو
    جنهن ۾ ڀٽائيءَ جو رسالو ته پري
    رسالي جو ٽائيٽل ڪَور به کُتل ناهي.

    الطاف
    پيارَ پکيئڙو هو.
    موتَ جو ظالم بازُ
    جھَٽَ ۾ ويو جنهن کي جھٽي.

    اکيون
    جيڪي، ڪنهن ٻئي کي
    روشني ڏيڻ کان اڳ ئي
    اُجھامي ويون
    چچريل جسم
    جيڪو ڊائيسيڪشن هال ۾
    رکڻ چاهجي
    ته به نه رکي سگھجي.

    مولائي شيدائي
    (موت جو جنهن پئي ڪيو اوسيئڙو)
    مولائيءَ مرڻ کان اڳ چيو هو:
    ”منهنجو مڙهه بکر ۾ پورجو“
    ولين ۽ پيرن جي بکر ۾
    مولائيءَ جهڙي مولائيءَ جي قبر!!
    اهو ناممڪن ٿي پيو
    پيرن ۽ مجاورن
    مولائيءَ جي مڙهه کي
    بکر ۾ پورڻ نه ڏنو.
    (مولائيءَ جي آس به مولائي)
    مولائي
    جنهن جو ڪوبه شيدائي ناهي
    سڀئي خواهشون
    وصيعتون، نصيحتون
    مٽيءَ جي ڍير هيٺان
    دٻجي گھُٽجي ويون آهن
    رُڳو رهجي ويون آهن
    اخبارن جون خبرون
    ۽ قبرون.

    * ثميره زرين، وصيت ڪئي هُئي ته مُئي پڄاڻان، هُن جي قبر چؤڌاري گُل پوکيا وڃن ۽ ڪتبي جي جاءِ تي شاهه جو رسالو رکيو وڃي.

    الطاف عباسيءَ، جيئري ئي پنهنجون اکيون ۽ جسم ايل. ايم. سي اسپتال لاءِ مُئي کان پوءِ عطيي طور لکي ڏنيون هيون.

    مولائي شيدائيءَ جي خواهش هئي ته مرڻ کانپوءِ کيس بکر ۾ دفنايو وڃي.

    افسوس جو ٽنهي ليکڪن جون مرڻ کان پوءِ جون، اهي معمولي خواهشون به پوريون ٿي نه سگھيون.


    اُداس موسمَ جو هڪ عڪسُ

    توکي اُداس ۽ وکريل ڏسي
    هانوَ هچڪي ڏني
    نه چاهيندي به مُرڪندي توکي ڏٺم
    تنهنجي اکين ۾ روڪيل لُڙڪ ڏسي
    مُرڪ ويئي هلي
    نه چاهيندي به هٻڪندي توکان پُڇيم:
    مونکي ڏسي تون آن پرين!
    ڇو اُداس ڇو نراس.
    تو فقط مونکي ڏٺو
    ڪجهه نه ڪڇيو
    تُنهنجي حالت هُئي ائين
    ڄَڻُ سرءُ جي مند ۾
    اُداس وڻ جي
    ڪنهن اُگھاڙي شاخ تي ويٺل
    تنها پکي.


    ڏکن جي سرحد وٽ روڪيل خُوشيون

    موت جي ڳوٺ ۾
    پنهنجو گھر آ مٺا
    اکڻ ۾ بيٺل
    سُک ـ وڻ جي لامَ تان
    ڏکن جي پکين کي اُڏاري ڇڏيون.
    لُڙڪ اکين ۾ ايندي به رُڪجي وڃڻ.
    اچُ ته مرڪي مِلون
    ٽهڪ ڏيئي کِلون
    ڪير ڄاڻي ته ڪنهن پل
    وڃون ٿي جُدا.


    پاڙون

    ڪنڌيءَ تي بيٺل هڪڙو وڻُ
    جنهن جو نينهن نديءَ سان هو.
    واءُ ۾ وڻ جي لام لڙي ٿي
    لڙي نديءَ جا چَپَ چُميا ٿي
    هڪ ڏينهن وڻ جي
    دل ٿي چاهي
    نديءَ جي من ۾ جھاتي پائي
    ڏسي ته ڇاهي
    آس انهيءَ ۾ جھُڪي پيو هو
    سڪ سموري سيني سانڍي
    لهر لهر ۾ لُڙهي ويو هو.
    پر مان هڪڙو
    سُڃَ ۾ اُڀريل ٻوٽو آهيان
    جڏهن جڏهن به واءُ گھُلي ٿي
    منهنجا ڪومل چپڙا
    سُڪل ٺوٺ ڌرتيءَ سان
    وڃي لڳن ٿا
    ڌرتيءَ جي دل ڌڙڪي ٿي
    منهنجي پيار جون پاڙُون ان ۾
    پُختيون آهن
    جيڪي ڪڏهن به ٽُٽڻيون ناهن.


    نيروليءَ جو خُواب

    منهنجو پيءَ نيرولي آهي
    هُن جو ٺاهيل ڪوئي اجرڪُ
    شايد اوهان جي گھر به هُجي.
    ڪُن ۾ اجرڪ ٻوڙيندي
    هُن جا کهرا هَٿَ پڪا نيرا ٿي ويا آهن.
    اُن لئه ڪيئي ڄاتل ماڻهو
    هُن سان هٿ ملائڻ وقت ٿورو ڄڻُ گھٻرائن ٿا.
    ساڪوڙيل ڪپڙي تي جڏهن
    ڇينڀن سان هُو ڇُرَ ڪري ٿو
    ڪپڙي کي ڪو نانءُ ملي ٿو.
    موٽ ۾ ٿڪل نيڻن لئه
    هڪڙي خُواب جي گھُر ڪري ٿو
    نيروليءَ جو خواب به نيرو.
    ڏک به ڇينڀن وانگر آهن
    جيڪي هُن جي جيون ۾ آخر تائين رهڻا آهن
    پوءِ به هو مايوس نه آهي
    اجرڪ جي ڦُلڙيءَ وانگر
    هُن جي ڌُنڌُلن خوابن ۾
    آس جون اڇيون ڦُلڙيون آهن.


    شاعر جي دُعا

    هر دُکي انسان جو درمان ڪر
    اسپتالون سڀُ خُدا ويران ڪر

    کنڊرن ۾ خواب سڀُ دٻجي ويا
    ڪين سائين! زندگي لُبنان ڪر

    باهه ڪا بغداد ۾ ڀڙڪي نه شل
    آڳ کان آجو سڄو ايران ڪر

    رهزنن ۽ ظالمن کي سگھَه ڏيئي
    مُرڪ جي ڌرتي نه تون شمشان ڪر

    زندگي بارُود جو بڻجي نه بَکُ
    تون تباهه هر ائٽمي شيطان ڪر

    ڏُک هت گھاريو گھڻو آ هاڻِ ڪو
    سُک جو هن ديس ۾ سامانُ ڪر


    گيت

    پيار سلامت آهي جي
    رُسي رُسي پيا ٺهندا سين
    جيسين جيئرا رهنداسين.

    آس نگر ۾ تون مان ساجن!
    ساڳيا سپنا ڏسندا سين
    جيسين جيئرا رهنداسين.

    ڇانوَ ۾ رهندو ساٿ اسانجو
    اُس ۾ گڏجي هلنداسين
    جيسين جيئرا رهنداسين.

    هڪٻئي کان جي وڇڙي وڃبو
    ڪٿي ته ڳولي لهندا سين
    جيسين جيئرا رهنداسين.

    کوڙ ميارون دل ۾ هونديون
    سامهون ڪجھ نه ڪڇنداسين
    جيسين جيئرا رهنداسين.


    ڪنهن جھڙالي شام جيان

    ڪنهن جھڙالي شام جيان
    مان سندءِ ڪو گيت آن
    ڳاءِ مون کي ڳاءِ تون
    آهين منهنجي لاءِ تون.

    سُونهن سان ناراضگي
    هيکلي هيءَ زندگي
    ايتري ڇو بيرُخي
    پاڻ کي سمجھاءِ تون
    آهين منهنجي لاءِ تون

    جت هوائُون ٿيون گھُلن
    خوابَ پينگھن ۾ لُڏن
    اُن گُلابي ماڳ تي
    جوڙ پنهنجي جاءِ تون
    آهين منهنجي لاءِ تون

    دُکَ دلبر جان اچن
    نيڻ جي ڀرجي وڃن
    اُن سَمي سنگيت کي
    پنهنجي سيني لاءِ تون
    ڳاءِ مونکي ڳاءِ تون
    آهين منهنجي لاءِ تون


    هي شامون هي راتيون هي جھاتيون پرينءَ جون

    هي شامون
    هي راتيون
    هي جھاتيون پرينءَ جون
    سدائين رهن.
    سدائين رهن.

    ڪين ڪوئي به تنها گُذاري گھڙيون
    روز ميلا مچن
    مُرڪي پيارا ملن.
    ٿوري جيون ۾ ڇالئه انڌيرا هُجن
    چنڊ تارا کلن
    خواب سارا نچن.
    پيار جي ديس ۾ سُونهن سُرهاڻ آ
    گيت ٻرندا رهن
    رنگ رچندا رهن
    سدائين رهن.

    هي شامون
    هي راتيون
    هي جھاتيون پرينءَ جون

    سدائين رهن.
    سدائين رهن.


    سالن کان پيو سوچيان ويٺو

    سالن کان پيو سوچيان ويٺو

    گيت لکان مان اهڙو
    تُنهنجي چهري جهڙو.

    هڪڙي ماڳ تي پاڻ ملياسين
    لُڙڪ لڪائي خُوب کلياسين
    مون کي هاڻي ياد نه آهي

    شهر هُيو سو ڪهڙو؟

    مون نه قبُولي تنهنجي جُدائي
    ٿي وئينءَ تون به پاڻ پرائي
    ريتن جي ڇولين آ ڊاهيو

    پيار جو واريءَ گھرڙو.

    تُنهنجون يادون منهنجي مايا
    ڏينهن تتي ۾ تڌڙي ڇايا
    توکي ساري وياڪل رهندو

    شاعر تنها هڪڙو
    گيت لکان مان اهڙو
    تنهنجي چهري جهڙو

    سالن کان پيو سوچيان ويٺو.


    مونکي ياد ڪيو هوندءِ

    ڪنهن شام جو دردَ ڀريو
    ڪو گيت ٻڌو هوندَءِ
    مونکي ياد ڪيو هوندءِ

    هٿُ، هٿَ ۾ ڏئي ٻئي سان
    هُن کي جي ڏٺو هوندءِ
    مونکي ياد ڪيو هوندءِ

    تُنهنجو ئي تحفو هُن
    واپس جي ڏنو هوندءِ
    مونکي ياد ڪيو هوندءِ

    ڪنهن دوست پڇيو توکان
    منهنجو جي پتو هوندءِ
    مونکي ياد ڪيو هوندءِ

    ڪنهن پارڪ ۾ تنها
    ڪو گُل ڇِنو هوندءِ
    مونکي ياد ڪيو هوندءِ


    آءٌ ويندس اُتي سونهن آهي جتي

    آءٌ ويندس اُتي
    سونهن آهي جتي
    پيار جي پار کان
    ڪيئن رهان پوئتي.

    مان اڪيلو سهي
    سجُ ويو آ لهي
    پوءِ به ويندس ڪَهي
    چاهُه آهي جتي
    ڪين رهندُس هتي.

    ياد ڳالهيون اچن
    نيڻ برسي پون
    عڪس ڌُنڌلا ٺهن
    ڪير سپُنا ڏسي
    ڏات پيئي ڏُکي.

    دل ۾ حسرت ٻري
    تون به آهين پري
    روز آهون ڀري
    مان دُکان ٿو هتي
    آهين ساجن ڪٿي؟


    ساڀيا، تون آهين پرين!

    زندگيءَ جي رات ۾
    مان ته ڪوئي خوابُ آهيان
    ساڀيا، تون آهين پرين!

    منهنجي جيون ۾ خوشي
    پيار، خوشبُو، روشني
    ۽ هوا، تون آهين پرين!

    جا نظارن کي ملي
    ۽ بهارن کي ملي
    سُونهن سا، تون آهين پرين!

    مُنهنجي هر هڪ ڏينهن جي
    ۽ نڪوري نينهن جي
    ابتدا، تون آهين پرين!


    اسان جا ٻول ٻه ٽي او ڍول!

    اسان جا ٻول
    ٻه ٽي او ڍول!
    ٻُڌي پوءِ چانگي چڙهه تون.

    نرمل نرمل نينهن اسانجو
    رات اسان جي ڏينهن اسانجو
    جت ڪٿ پنهنجي پيار جا پاڇا

    روحَ اسان جا رولَ

    نيڻ ته منهنجا تولئه ترسن
    تو بن ساوڻ مينهن جان برسن
    آهي منهنجي سُونهن جا سائين!

    جندڙي توتان گھولَ

    تون جي آهين آءٌ به آهيان
    توبن آءٌ ڪجھهُ ڀي ناهيان
    تنهنجي وڃڻ سان منهنجا مٺڙا!

    هينئڙي ۾ آ هولَ
    اسان جا ٻولَ
    ٻه ٽي او ڍولَ

    ٻُڌي پوءِ چانگي چڙهه تون.


    * ٽيليويزن تان نشر ٿيل (1976ع ۾) منهنجو پهريون گيت...(ادل سومرو)


    زندگي آ مختصر

    زندگي آ مختصر
    نفرتن جي جاءِ تي
    پيار جو اظهار ڪر
    هر گھڙي هر بار ڪر

    هر گھٽي هر جاءِ تون
    روشني ڦهلاءِ تون
    زندگيءَ ۾ رنگ ڀَر
    سُونهن سان سهڪار ڪر
    پيار جو اظهار ڪر.

    ٻول مٺڙا ٻولِ تون
    روحَ رستا کولِ تون
    سوچ کي سُرهاڻ ڏي
    ذهن ۾ هُٻڪار ڪر
    پيار جو اظهار ڪر.

    آدميءَ کي مانُ ڏي
    دردَ جو درمانُ ڏي
    دشمنن سان ڀي ڪڏهن
    ڪين تون آزار ڪر
    پيار جو اظهار ڪر.


    ائين پري کان پرين!اوپرا ٿا لڳو

    ڏُور بيٺا ڏسو

    ڪجھه ته ويجھو اچو
    ائين پري کان پرين!

    اوپرا ٿا لڳو

    مُند هُٻڪار جي
    سُونهن سينگار جي
    واءُ وسڪار جي
    اهڙي مند ۾ اوهين
    پوءِ به تنها پسو.
    لات پنڇي لَنون
    ڪين هيڪل رهن
    ٿي قطارون وڃن
    پر اسان کان اوهين
    ڌار ڇو ٿا رهو.
    زندگيءَ جو سفر
    توڙي آ مختصر
    پر بنا همسفر
    آهي ڏاڍو ڏکيو
    هاڻي گڏجي هلو.
    ائين پري کان پرين!
    اوپرا ٿا لڳو.


    هائيڪا

    سکر ــ روهڙيءَ جا هائيڪا

    مسجد منزل گاهُه
    سامهون ساڌ ٻيلو ۽
    وچ ۾ هي درياهُه

    o
    ٻيڙي، شام، مُهاڻي
    تريل پلي جي خوشبو
    آ، چؤڏس اُڏاڻي

    o
    جي بي منگھارام
    بسڪوٽن جي فيڪٽري
    هاڻِ لکيل بس نامُ

    o
    معصوم شاهه مينارُ
    سِرون ڪوٽَ اروڙ جون
    درديلو ديدارُ

    o
    سکر، اونهارو
    ٽانڊا سڀئي روڊ
    ڄَرَ جو وسڪارو


    o
    هي لب مهراڻ
    پوپٽَ، گُلَ ۽ ڦوهارا
    چؤڌاري سُرهاڻ

    o
    ساڌٻيلي جي شام
    سنڌوءَ جي لهرن مٿان
    پکين جي اُڏام

    o
    ڪالهه ويڙهانديون
    اڄُ کرڙيءَ ميدان ۾
    ٻارَ رهن رانديون

    o
    جھيڙن واري جُوءِ
    بکر ۾ بارود جي
    اڃان تائين بُوءِ

    o
    سُرمئي سانجھيءَ ويل
    پاڻيءَ پاڇا پُل جا
    مٿان گُذري ريل


    o
    ماضيءَ جي للڪار
    آهي اڄُ به اروڙ ۾
    مينديءَ جي مهڪار

    o
    پوڙهو پُڄاري
    ڪالڪان جي مندر ۾
    ڦيري ٻُهاري

    o
    هيمون ڪالاڻي!
    جيل ٻُڌائي تُنهنجي
    اڄُ به آکاڻي

    o
    سنڌوءِ جي سانجھي
    ٿڪلَ سجَ جو عڪس آ
    مڪڙيءَ سان مانجھي

    o
    روهڙيءَ جون راتيون
    پاڻيءَ مٿان روشني
    جوڀن جون جھاتيون


    تصويرون ۽ احساس

    شاهه سائينءَ جي سِٽَ
    اوندهه جي گھڙي تي ڄَڻُ
    چانڊوڪيءَ جا چِٽَ

    o
    ڳاڙهي ڳل تي ترُ
    ريٽي پڙ ۾ آ پيو
    ڄڻُ سوڍي جو سِرُ

    o
    روڊ مٿان ڦيرو
    وئگن سان ٽڪرائجي
    ڦٽجي پيو ڳيرو

    o
    جوڀن جون ٻوليون
    ڪينجھر ۽ ڪلفٽن تي
    حُسن جون ڇوليون

    o
    اسُر جو ويلو
    لهرن جي ڏسُ موج تي
    جھُومي بتيلو

    o
    پيٽ جو آ سوال
    طوطو، لفافا، ماڻهو
    قسمت جو احوال

    o
    عورتون ۽ ٻارَ
    سرڪاري نڪلي آڏو
    ٿانوَن جي قطار

    o
    اکيون اُماڙيون
    شڪاريءِ جي شام آ
    اڱرن تي آڙيون

    o
    ڀڳو جو گلدان
    وکري ڪريا پٽَ تي
    ٿي گُلَ پريشان

    o
    بادل ڪيو رقصُ
    شيشي تي بُونديون پيون
    ڌُنڌلو ٿيو عڪسُ



    o
    تلڪ چاڙهيءَ تي
    هالن جو هڪ پيرسن
    ڳولي ٿو پُٽَ کي

    o
    ناتو نٿو ٽوڙي
    بس پُراڻيءَ جي پُٺيان
    دونهون ٿو ڊوڙي

    o
    پوڙهو پروفيسر
    ڪاري بورڊ آڏو ٿو
    اوڳاڇي ليڪچر

    o
    هُو ٽائر جلن ٿا
    مَڇريل ماڻهن پُٺيان
    فوجي ڊُڪن ٿا

    o
    صَدا پينوءَ جي
    بند گھرن سان ٽڪرجي
    گھايل ٿي موٽي



    o
    ڪڪريون روئن ٿيون
    ۽ پوءِ ساري ڳوٺ ۾
    کُنڀيون کلن ٿيون

    o
    سياري جي شامَ
    ڳليون سُڃيون ڳوٺ جون
    چُلهن وٽ هَشامَ

    o
    ڇٽيءَ سان پوڙهو
    تيز مٿان برسات آ
    رستو پڻُ سوڙهو

    o
    ڏسُ موتَ جو منظرُ
    بازَ جي چنبن ۾ آ
    هڪ اُجرو ڪبوتر

    o
    واٽ سڄي سُنسان
    مُسافر جي لاش تي
    ڳِجھُن جو گھمسان



    o
    دلبر جو درشن
    دونهاٽيل ڪمري ۾ ڄَڻُ
    مون لئه آڪسيجن

    o
    هُو سَوَڙ ۾ سوڙها
    کٽ هيٺان مُرڪن پيا
    جُتين جا جوڙا

    o
    اکيون آتشدانَ
    خواب ڄَڻُ بڻجي آيا
    برفاني طوفان

    o
    ساجنُ ساريندي
    ناريءَ لُڙڪ اکين ۾
    ڦٽيون چونڊيندي

    o
    ماڻهو ننڊ ۾ ها
    اڱڻَ ۾ اڌرات جو
    جاڳيا ٿي پاڇا



    o
    خاموشيءَ جو سازُ
    رات، اڪيلو ڪمرو ۽
    تِڏ جو آواز

    o
    ٽُڪي ٽُڪي انبڙي
    کانڀاڻيءَ جي ڊَپَ کان
    طوطو ويو اُڏري

    o
    ڪان ڪان سارو گانءُ
    بجليءَ جي تارن ۾ هو
    لٽڪيل هڪڙو ڪانءُ

    o
    اڻکٽ اوسيئڙو
    ڄار وِڇائي ٿو تڪي
    ڪيڏو ڪوريئڙو

    o
    ٻارَ ته ها شيطانَ
    پوءِ به ڳلن، ماءُ جي
    مٺين جا نشانَ



    o
    نينگر جو سُڏڪو
    موٽر هيٺيان روڊ تي
    ڀڳو رانديڪو

    o
    سجُ ۽ سيارو
    نيل ڪنول اُجرو مگر
    پٻڻ تي پارو

    o
    نڪو ڊَپُ نه ڇرڪُ
    سنگُ چُڳي ويهي رهيو
    اوڙي مٿان جھرڪُ

    o
    سڪ سندءِ سانوَل
    چپن تي اُڀري پيا
    چُمينِ ڪيئي گُلَ

    o
    جوڀن جي ڇولي
    انڊلٺ جهڙا خواب ڄڻُ
    هر ڏسَ ۾ هولي



    o
    درد دُکايو دردُ
    سپنا سارا رکَ ها
    اکين ۾ بارودُ

    o
    جيون ڏينهن پُنا
    ڪالهه مصور موت تي
    سارا رنگ رُنا

    o
    لوڪ سڄوئي ڄارُ
    اک اک آهيڙِي لڳي
    جوڀن ڄڻُ ته شڪارُ

    o
    گوندر سارو گھيرُ
    کٽي کاري ڇاڻَ جا
    ڌوئن ويٺا ميرُ

    o
    جھُوني جھونگاريو
    آڻي آبُ اکين ۾
    ماضيءَ کي ساريو



    o
    مُرڪن موڙيو مُکُ
    ڏيئن جيئن جلندو رهيو
    ڏيئاريءَ تي ڏُکُ

    o
    گوليون ۽ ڌاڙيل
    ڳڻتي ساري ڳوٺ جي
    ڪنهن جو وارو هيلَ

    o
    ڪونهي سارَ سنڀارَ
    لاوارث هي سنڌ جا
    تاريخي آثار

    o
    روپا ماڙيءَ رات
    دودو سُتل ننڊ ۾
    ڏُور اڃان پرڀات

    o
    دولت جا تفسيرَ
    ڊائيننگ هال ۾ بُکئي
    ٻالڪ جي تصويرَ



    o
    ناري ۾ گجگوڙُ
    کنڊر کنڊرَ ۾ سُڏڪو
    رُنو راتِ اروڙ

    o
    ٿرَ ۾ تنهنجي ياد
    واري ٿي وڻڪار وئي
    ننگر ننگر آباد

    o
    اکيون ڄڻُ اوڙاهه
    ٻُڏا ڪيئي خواب ۽
    حُسن بي پرواهه

    o
    رُسي وئينءَ تون
    پوءِ به کلندي زندگي
    گھاري آهي مون

    o
    ننڍرو مان ڏيئو
    تيز هوائن جهڙو
    تُنهنجو روَيو



    o
    ڌُڌِڙ ڌڻُ، ڌنار
    سانجھي لٿي ڳوٺ تي
    کتريءَ جو شاهڪارُ

    o
    اڱر جان اوڀر
    اونهاري جي اک ۾
    سارين جو اوٻَرُ

    o
    پينُو سُتل آ
    ڀرسان اُن جي ڪشتي ۾
    سِڪا جاڳن ٿا

    o
    گھر ۾ ڪو ناهي
    ٽيبل تي هڪ پاروٿو
    صُوف رکيو آهي

    o
    نَرس جي ڀرسان
    گَپَ منجھان وئي گذري
    موٽر تيزيءَ سان



    o
    بند نه ٿيو ٿيٽر
    بجليءَ جي اک پورڻ سان
    جاڳيو جنريٽر

    o
    جھُڪي اچن ٿيون
    لهرون پيرَ پهاڙَ جا
    چُمي موٽنِ ٿيون

    o
    هي ڪنڊيءَ جو وَڻُ
    سُتل ڇوڪر ڇانوَ ۾
    ڀرسان ٿڪيل ڌَڻُ

    o
    ڀڳل ٽُٽَل ڪينگريون
    مٿن تي ٻهڙا کڻي
    کوههَ اچن ٿيون نينگريون

    o
    آهي رات ٺري
    پوڙهي جي مٿي تي
    ڪاٺين جي ڀري



    o
    سانت جو سُڏڪو
    ڳالهائي اُن ويل پيو
    قبر جو ڪتبو

    o
    اُڏري ٿو جھٽ پٽ
    ڊوڙي ٿڪا ٻارڙا
    پڪڙيو نه پوپٽ

    o
    مينهن وسي ٿو
    شيشي جي دريءَ وٽان
    ٻالڪُ ڏسي ٿو

    o
    ڇرڪيا سارا ڌَڻَ
    تيز لڳو طُوفان جو
    ڪريا ٿڪل وڻ

    o
    اونداهي اوجھڙ
    ٻيلي جي ماٺار ۾
    ڪُهاڙي جي رڙِ

    o

    o
    سُندري هئي سُتل
    سيرانديءَ کان جاڳيا پئي
    ڳاڙها پيلا گُلَ

    o
    بادل ٿا گُذرن
    رنگ برنگي اُڀ ۾
    لغڙ ٿا اُڏرن

    o
    ڦيٿن هيٺ ڦسيا
    هلندڙ وئن منجھان
    جيڪي انبَ ڪريا

    o
    گُلَ ٺهي پيا ها
    ٻارَ ڪڍيا ديوار تي
    ڪوئلي سان ليڪا

    o
    رلي سبي ٿي
    ۽ ڪا ساري ڳالهڙي
    پوڙهي روئي ٿي

    o

    o
    ننڊ آ شاعر کي
    ڪاغذ جي بستري تي
    پين پئي جاڳي

    o
    ٻولي پئي ٻاٽَ
    ٿڪل سانجھي ٿَرَ جي
    واري ساري واٽَ

    o
    ڪاتبُ لکي ڇا؟
    اوندهه هر هڪ لفظ آ
    تُنهنجي نانوَ سِوا

    o
    سائرن وڄن ٿا
    ڦاسي گھاٽ جي ڇانوَ ۾
    قيدي سُتل آ!

    o
    چانڊوڪيءَ جا چَپَ
    هيرَ هاري وئي تن مٿان
    خوشبوءَ جي لَپَ


    وايون

    آڱريون روشن هجن

    تندُ ڪائي جي ڇُهن
    سُونهن جا ٿا سُر ڦُٽن
    آڱريون روشن هجن

    زندگيءَ جي رات ۾
    باک جون واين لکن
    آڱريون روشن هجن

    پٿرن جي پيٽ مان
    مورتيون سُهڻيون ڦُٽن
    آڱريون روشن هجن

    ماڻهپي جي گھاوَ تي
    پيار جي مرهم رکن
    آڱريون روشن هجن

    سچَ جي ساڃاهه لئه
    ڪُوڙ پيئيون کَڄَن
    آڱريون روشن هُجن.


    شام لٿي آ شهر تي

    رتُ ساڙائي نڪتا
    ملين مان مزدور
    شام لٿي آ شهر تي

    جاڳيا بلب گھٽين ۾
    اوندهه جاناسور
    شام لٿي آ شهر تي

    انڊلٺ شاپنگ سينٽر
    گھائي سڀڪا گھُورَ
    شام لٿي آ شهر تي

    فائيو اسٽار هوٽل ۾
    هر ڪا پاسي حُورَ
    شام لٿي آ شهر تي


    سورَجُ اُڀري ٿو

    جڏهن به تون مُرڪين
    تُنهنجي چهري مان
    سورَجُ اُڀري ٿو

    ساجن! تُنهنجي گھرَ جي
    سڀني کڙڪين مان
    سورَجُ اُڀري ٿو

    رسالي ـ لطيف جي
    هر هڪ صفحي تان
    سورَجُ اُڀري ٿو

    منهنجيءَ ننڊَ ۾ ڄڻُ
    تُنهنجي سپُني جان
    سورَجُ اُڀري ٿو


    ڌرتيءَ دانهن ڪَئي

    انساني آوازُ نه ڪِٿِ
    ٻولي ٿو هٿيارُ
    ڌرتيءَ دانهن ڪَئي.

    آهي ماڻهوءَ مُکَ تي
    وحشت جو آثار
    ڌرتيءَ دانهن ڪَئي.

    ويو گولين جو بَکُ ٿي
    ويندي ڪو ٻَڪرارُ
    ڌرتيءَ دانهن ڪَئي.

    جڏهن مُئو ڪو بُک مان
    ٻاڪاريندي ٻارُ
    ڌرتيءَ دانهن ڪَئي.


    ڪرفيو آهي شهر ۾

    توسان ڪيئن ملان
    ائين مان ناهيان
    ڪرفيو آهي شهر ۾.

    فون به ناهين جو پرين!
    توسان ڳالهايان
    ڪرفيو آهي شهر ۾.

    سالگرهه جو تحفو ڪيئن!
    توکي پهچايان
    ڪرفيو آهي شهر ۾.

    ڄڻُ مان ته ڪو پکيئڙو
    پڃري ۾ آهيان
    ڪرفيو آهي شهر ۾.

    چنڊُ چڙهي ته اُن کان
    تُنهنجو پُڇايان
    ڪرفيو آهي شهر ۾.


    واٽ ڪهڙي وَٺُون

    سُونهن کولي ڇڏيون
    چاندنيءَ ۾ چَڳُون
    واٽ ڪهڙي وَٺُون.

    شهر ڄڻُ ڪو جسم
    سارا رستا رَڳُون
    واٽ ڪهڙي وَٺُون.

    ڪو سهارو نه آ
    پيارَ تُنهنجي تڳون
    واٽ ڪهڙي وَٺُون.

    اڄُ اوهان کي پرين!
    اوپرا ٿا لڳون
    واٽ ڪهڙي وَٺُون.


    آءٌ اڪيلو بي ڊپو

    سامهون آ لشڪر
    آءٌ اڪيلو بي ڊپو.

    نفرتن جي شهر ۾
    پيار بڻيو رهبر
    آءٌ اڪيلو بي ڊپو.

    چؤڏس بوءِ بارود جي
    ماتم جو منظر
    آءٌ اڪيلو بي ڊپو.

    طبقاتي سماج ۾
    دلبر ٿيو پٿر
    آءٌ اڪيلو بي ڊپو.

    وِڄُ وراڪا، واءُ
    ڪکن پنن جو گھرُ
    آءٌ اڪيلو بي ڊپو.


    توکي ڳولن ٿا

    وکَ وکَ ورديءَ سان
    پوڙها پهريدارَ
    توکي ڳولن ٿا.

    تُنهنجا اُگرا بيان
    پڙهي منجھه اخبار
    توکي ڳولن ٿا.

    مُنهن لڪائي پنهنجا
    کڻي هو هٿيارَ
    توکي ڳولن ٿا.

    آڌيءَ تُنهنجي گھرَ جي
    اورانگھي ديوارَ
    توکي ڳولن ٿا.


    ٻارَ گھِٽيءَ ۾ کيڏن ٿا

    گولين جي آواز کان
    بڻجي بي پرواههَ
    ٻارَ گھِٽيءَ ۾ کيڏن ٿا.

    مانديُون گھرن مائُرون
    درن اٽڪيل ساههَ
    ٻارَ گھِٽيءَ ۾ کيڏن ٿا.

    رڪشا واري جون رڙيون
    روڪيل آهي راههَ
    ٻارَ گھِٽيءَ ۾ کيڏن ٿا.

    لڳو بالُ دريءَ کي
    شيشن جي ڀَڃُ ڊاههَ
    ٻارَ گھِٽيءَ ۾ کيڏن ٿا.


    رشيد ڀٽيءَ جي ياد ۾

    آهي ”المُنار“ ۾
    ٽهڪن جي گُونجارَ
    ڄڻُ ته هُو آهي هُتي.

    رکيل اڃان، ميز تي
    عينڪ ۽ اخبار
    ڄڻُ ته هُو آهي هُتي.

    ڪُتبُ خاني ۾ سندس
    ڏاهپ جي هُٻڪارَ
    ڄڻُ ته هُو آهي هُتي.

    ڪري سندس ڳالهڙيون
    مُرڪن ويٺا يارَ
    ڄڻُ ته هُو آهي هُتي.

    ڪڏهن وسرن ڪينڪي
    سچا سرجَڻهارَ
    ڄڻُ ته هُو آهي هُتي.


    * المنار ــ رشيد ڀٽيءَ جي پريس


    ٿورو سوچڻُ گھرجي

    مُرڪي تون درٻار مان
    تمغا هن ورتا
    ٿورو سوچڻُ گھرجي.

    سُرهاڻ جي دُشمنن کي
    آڇين ٿو گُلدستا!
    ٿورو سوچڻُ گھرجي.

    شهر جي هر شيءَ کان
    گيت ٿيا سستا !
    ٿورو سوچڻُ گھرجي.

    ماڳُ محبت وارو ساڳيو
    ڌار ڇڙا رستا
    ٿورو سوچڻُ گھرجي.

    اَڄُ به نادر شاهه سان
    پنهنجا هن پرتا
    ٿورو سوچڻُ گھرجي.


    دُونهان دُونهان زندگي

    هوٽل، هُلَ هَشامَ
    دُونهان دُونهان زندگي.

    لارين پويان ڊوڙندي
    شهر ۾ ٿي وئي شام
    دُونهان دُونهان زندگي.

    انسانن جي سمنڊ ۾
    ڄاتل ڀي گُمنام
    دُونهان دُونهان زندگي.

    ڪيڏا فڪر، فلسفا!
    منجھيل سڀُ نظامَ
    دُونهان دُونهان زندگي.


    شهرَ ته ڏاڙهن ٿا

    ڇالئه ماٺ رهن
    ڳوٺ به ڳالهائن
    شهرَ ته ڏاڙهن ٿا.

    ماڻهو، ماڻُهوءَ ڊپَ کان
    رستا بدلائن
    شهرَ ته ڏاڙهن ٿا.

    گونجارا مسيت جا
    دهشت ڦهلائن
    شهرَ ته ڏاڙهن ٿا.

    ڳوٺاڻا بازار ۾
    اچي پڇتائن
    شهرَ ته ڏاڙهن ٿا.

    پاڻَ ڏُکارا آدمي
    ڪنهن کي پرچائن
    شهرَ ته ڏاڙهن ٿا.


    آجيان تُنهنجي ٿا ڪن

    ٻيڙيءَ ۾ ويٺل سانوري!
    ڍنڍَ جا اُجلا ڪنولَ
    آجيان تُنهنجي ٿا ڪن.

    تُنهنجي پيرن ۾ جھُڪي
    گيت منهنجا ۽ غزل
    آجيان تُنهنجي ٿا ڪن.

    اُجاڙَ دل جا ديسَ جا
    گھرَ، رستا سڀُ ڊنلَ
    آجيان تُنهنجي ٿا ڪن.

    ڦُول سڀُ گُلدان جا
    تنهنجي جاڳڻ جي مهلَ
    آجيان تُنهنجي ٿا ڪن.

    هي ستارا چنڊَ کان
    توڙي جو آهن ڊنلَ
    آجيان تُنهنجي ٿا ڪن.

    پکين جيئن وايون
    اُڏري ڄڻُ آيون
    دِل جي ڌَرتيءَ تي.

    وڇوڙي جي وڻ مان
    ڦُٽيون تنهايون
    دِل جي ڌَرتيءَ تي.

    عشق ڪري ٿو اوچتو
    اچي اڳرايون
    دِل جي ڌَرتيءَ تي.

    يادون بڻجي ڪڪريون
    سدائين ڇانئيون
    دِل جي ڌَرتيءَ تي.

    وري مُسافر درد جا
    جوڙن ٿا جايون
    دِل جي ڌَرتيءَ تي.

    تنهنجي نانوَ کَڻڻ سان
    ڦهليون سُرهايون
    دِل جي ڌَرتيءَ تي.

    اکين ڏٺو پرين کي
    وڳيون شرنايون
    دِل جي ڌَرتيءَ تي.


    جي مان خُوابُ هُجان پل سڀئي ترسان تُنهنجي نيڻَن ۾

    جي مان خُوابُ هُجان
    پل سڀئي ترسان
    تُنهنجي نيڻَن ۾.

    روح جي رستن کان
    آءٌ وڃي ڀُلجان
    تُنهنجي نيڻَن ۾.

    آئي آهي او پرين!
    ايڏي جوتِ ڪٿان
    تُنهنجي نيڻَن ۾.

    دل چوي ٿي مان سدا
    پنهنجو عڪس ڏسان
    تُنهنجي نيڻَن ۾.

    پاڻ بچائي لوڪ کان
    اچي آءٌ لڪان
    تُنهنجي نيڻَن ۾.


    مُنهنجو ساههُ مُنجھي ٿو

    اي چنبيلي! مون کي ڏي
    اڃان به آڪسيجن
    مُنهنجو ساههُ مُنجھي ٿو.

    پرين جڏهن ناراض ٿي
    مون ڏي نيڻ کڻن
    مُنهنجو ساههُ مُنجھي ٿو.

    گھُٽيو آ اظهار جي
    لفظن جي ڪنڊن
    مُنهنجو ساههُ مُنجھي ٿو.

    پنهنجا ئي اڻڄاڻ ٿي
    مون کان نانءُ پُڇَن
    مُنهنجو ساههُ مُنجھي ٿو.

    دُونهاٽيل هن شهر جي
    روليو آ رستن
    مُنهنجو ساههُ مُنجھي ٿو.


    ڦهليل منهنجي گھر ۾ اڄُ به خوشبوءِ جيان تُنهنجون ئي ڳالهيون

    ڦهليل منهنجي گھر ۾
    اڄُ به خوشبوءِ جيان
    تُنهنجون ئي ڳالهيون.

    اڪيلائيءَ ۾ ڪيان
    پنهنجي پاڇي سان
    تُنهنجون ئي ڳالهيون.

    تُنهنجي سامهون ويهي مان
    توکي روز ٻُڌان
    تُنهنجون ئي ڳالهيون.

    لفظ ترارُون ٿي ويا
    توکي ڪيئن چوان
    تُنهنجون ئي ڳالهيون.

    ڪوبه ڪتاب کوليان
    ويٺو ڄڻُ ته پڙهان
    تُنهنجون ئي ڳالهيون.


    ڪير اُنهن کي روڪي

    اُٿل کاڌي سمنڊ جان
    جاڳرتا جذبن
    ڪير اُنهن کي روڪي.

    آزاديءَ جا ننڊَ ۾
    سپُنا ٿا سُڏڪن
    ڪير اُنهن کي روڪي.

    بينر، نعرا، زندگي
    جھنڊا ٿا ڦڙڪن
    ڪير اُنهن کي روڪي.

    اکيون ڳوڙها گئس جي
    دُونهين منجھه دُکن
    ڪير اُنهن کي روڪي.

    ڌرتيءَ جي ايمان کي
    سڀڪُجهه ٿا سمجھن
    ڪير اُنهن کي روڪي.


    * (چوٿين مارچ جي ياد ۾)


    ڪهڙي تُنهنجي شاعِري

    چار ڳالهيون ساڳيون
    ٻه تشبيهون، قافيا
    ڪهڙي تُنهنجي شاعِري!

    پيار جي سنسارَ جا
    پار تو ناهن ڏسيا
    ڪهڙي تُنهنجي شاعِري!

    ڪنهن به سٽَ ۾ ڪين ڪي
    درد جا ڏيئا جليا
    ڪهڙي تُنهنجي شاعِري!

    ڪين ڪي به نظم آهن
    ديس کي تو ارپيا
    ڪهڙي تُنهنجي شاعِري!

    ڪنهن دُکيءَ جو آسرو
    لفظ تُنهنجا ڪين ٿيا
    ڪهڙي تُنهنجي شاعِري!


    مُرڪي تو جي ڏٺو اُنهيءَ تحفي جو ڪوئي نانءٌ نه آهي

    مُرڪي تو جي ڏٺو
    اُنهيءَ تحفي جو
    ڪوئي نانءٌ نه آهي.

    روحن جي ميلاپ ۾
    پنهنجي رشتي جو
    ڪوئي نانءٌ نه آهي.

    پيار ۾ جو گُذريو
    هر هڪ لمحي جو
    ڪوئي نانءٌ نه آهي.

    منهنجو گھرُ آهي جتي
    انهيءَ رستي جو
    ڪوئي نانءٌ نه آهي.

    ساجن! تُنهنجي يادِ ۾
    اُڀريل سُڏڪي جو
    ڪوئي نانءٌ نه آهي.


    لهرُون ڳائِن ٿيون

    بتيلا جُهومن پيا
    مستيءَ ۾ مانجھي
    لهرُون ڳائِن ٿيون.

    سڙهن کي نوچي پئي
    اُٻهري آنڌي
    لهرُون ڳائِن ٿيون.

    ٿڪل پکي اُڀ ۾
    سهڪي ٿي سانجھي
    لهرُون ڳائِن ٿيون.

    ساگر جي سيني تي
    چانڊوڪي چاندي
    لهرُون ڳائِن ٿيون.


    اَسين ٻَرنداسين اَڃان

    متان سمجھو ساٿيو
    ويا اُجھامي
    اَسين ٻَرنداسين اَڃان.

    اوهان جي هر سٽَ جان
    سچل، او سامي؟
    اَسين ٻَرنداسين اَڃان.

    آهن دُکي ديس جا
    هيڻا سڀُ حامي
    اَسين ٻَرنداسين اَڃان.

    ڌرتي تنهنجي پيارَ ۾
    پچي ۽ کامي
    اَسين ٻَرنداسين اَڃان.


    سوچي شيخ اياز ٿو

    دل جي دُکي وارڊَ جي
    هڪڙي ڪمري ۾
    سوچي شيخ اياز ٿو.

    هي ماڻهن جو پيارُ ۽
    ڪنڊا رستي ۾
    سوچي شيخ اياز ٿو.

    يادون چمڪن ٿيون اڃان
    دل جي شيشي ۾
    سوچي شيخ اياز ٿو.

    ڌرتي! ڪيڏي سگھه آ
    تُنهنجي رشتي ۾
    سوچي شيخ اياز ٿو.

    ڊوڙيو اچن ڪَوِتائون
    ڪيئن ته سپُني ۾
    سوچي شيخ اياز ٿو.

    ڇا، هي وينديون رونقون
    هڪڙي جھٽڪي ۾!
    سوچي شيخ اياز ٿو.

    جيون! ڪيڏي کوٽ
    تنهنجي واعدي ۾
    سوچي شيخ اياز ٿو.

    * (شيخ اياز جي اسپتال ۾ داخلا وقت)


    پَنڌُ نه شالَ کُٽي

    توکي ڏسندو ئي رهان
    منهنجي نيڻن جو
    پَنڌُ نه شالَ کُٽي.

    جن ۾ تُنهنجي روشني
    اُنهن سپُنن جو
    پَنڌُ نه شالَ کُٽي.

    ساجن جي ساراههَ ۾
    مُنهنجي لفظن جو
    پَنڌُ نه شالَ کُٽي.

    منهنجي جيون ۾ هلندي
    خوشبو، رنگن جو
    پَنڌُ نه شالَ کُٽي.

    پيار واري شهر جي
    سڀني رستن جو
    پَنڌُ نه شالَ کُٽي.

    جاڳرتا جي واٽَ تي
    مُنهنجي گيتن جو
    پَنڌُ نه شالَ کُٽي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 340628
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 140655
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ