ڪتاب جو نالو: اسين مسافر پيار جا
مصنف: ادل سومرو
ڇپائيندڙ: پبلشر بابت ڄاڻ موجود ناهي
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال: 1991
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 05 جنوري 2017 ع
پڙهيو ويو: 530 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 220 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
“اسين مسافر پيار جا“ ادل سومري جو خاڪن، مقالن ۽ تاثرن تي لکيل ڪتاب آهي۔
ادل جي هن ڪتاب ۾ مقالن ۽ مضمونن سان گڏ، مختلف ليکڪن بابت، سندن تعلق جي بنياد تي، خاڪا/تاثر آهن. جيڪڏهن ٿورو غور مان پڙهبو ته اهي سندس زندگيءَ اولڙا پڻ پيش ڪن ٿا. سندس طبيعت وانگر، تحرير به يڪسان انداز واري نه آهي. ڪٿي شاعراڻو ڪمال آهي ته ڪٿي ادبي ساڃهه ڪٿي ٻاراڻي شرارت آهي ته ڪٿي نوجوانيءَ جي مستي ــ پر سمورين لکڻين ۾ هڪ ڳالهه هڪجهڙي آهي، ۽ اها آهي سچائي، صاف گوئيءَ ۽ جذباتي اظهار ـ پير حسام الدين راشديءَ کان اياز گُل ۽ رسول ميمڻ تائين، سڀني سان ادل جو پيار، سندس لکتن مان سانوڻيءَ جي مينهن جيان وسي رهيو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • مهاڳ : ڄاڻ جو تسلسل (ڪيلاش)
  • ساروڻيون سَوَ ساههَ ۾
  • دوستيءَ جي خوشبو
  • کٽمٺڙي جهڙو شاعر
  • چچريل زندگيءَ جا قافلا
  • ڳاءِ وري ڪجھه ڳاءِ بانورا
  • اسين نه رهياسين ته ڇا ٿيو!!!
  • ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا
  • ڪالهه قطارون جن
  • ڏيئا جليا ڳوٺ ۾
  • سمنڊ ڪنارو، لهندڙ سجُ
  • انفرادي اظهار جي ڳولا
  • سنڌيءَ ۾ ٻارن جون ڪهاڻيون
  • سنڌي ادبي سنگت : مختصر تعارف
  • سنڌي شاعريءَ ۾ عورتن جو حصو (مختصر جائزو)
  • بروهي، ڌاڙيل ۽ الله سائين
  • سڃن آڏو صدائون
  • ڪُڙم جو ويري
  • معزز مهمان
  • ادب ۽ ثقافت جا موسمي ادارا
  • اسين مسافر پيار جا

  • سنڌ سلامت پاران

    ادل سومري جو خاڪن، مقالن ۽ تاثرن تي لکيل ڪتاب ”اسين مسافر پيار جا“ بهترين نثر تي مبني ڪتاب آهي۔
    ادل جي هن ڪتاب ۾ مقالن ۽ مضمونن سان گڏ، مختلف ليکڪن بابت، سندن تعلق جي بنياد تي، خاڪا/تاثر آهن. جيڪڏهن ٿورو غور مان پڙهبو ته اهي سندس زندگيءَ اولڙا پڻ پيش ڪن ٿا. سندس طبيعت وانگر، تحرير به يڪسان انداز واري نه آهي. ڪٿي شاعراڻو ڪمال آهي ته ڪٿي ادبي ساڃهه ڪٿي ٻاراڻي شرارت آهي ته ڪٿي نوجوانيءَ جي مستي ــ پر سمورين لکڻين ۾ هڪ ڳالهه هڪجهڙي آهي، ۽ اها آهي سچائي، صاف گوئيءَ ۽ جذباتي اظهار ـ پير حسام الدين راشديءَ کان اياز گُل ۽ رسول ميمڻ تائين، سڀني سان ادل جو پيار، سندس لکتن مان سانوڻيءَ جي مينهن جيان وسي رهيو آهي.
    سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر سٽي پاران محترم عبداللطيف انصاري جي ڪاوشن سان اِي بوڪ جي صورت ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي۔

    محمد سليمان وساڻ
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام


    مهاڳ : ڄاڻ جو تسلسل (ڪيلاش)

    دنيا جي قديم ترين لکتن ۾ گھڻو ڪري ديوتائُن، ديوين ۽ پروهتن جا قصا آهن، پر ان جي باوجود به ڪجھه تختين تي اهڙا احساس ۽ جذبا ملن ٿا، جيڪي نج انساني سڀاءَ ۽ ورتاءَ جي عڪاسي ڪندڙ آهن. قديم سوميري تهذيب مان مليل تختين تان جيڪي لکتون اسان تائين پهتيون آهن، انهن جو مطالعو ٻڌائي ٿو ته ازل کان اڄ تائين انساني سوچ، فڪر ۽ مسئلن جو انداز هڪجهڙو رهيو آهي. اڄ کان چار هزار سال اڳ، ڪنهن انسان لکيو:

    ”منهنجي زال خدا جي عطا ڪيل نعمتن جو شڪر ادا ڪري رهي آهي: منهنجي ماءُ متبرڪ درياهه جي ڪناري (عبادت لاءِ) جھڪيل آهي، مونکي ماني ملڻ جي گھڻي اُميد ڪونهي.“

    [نائيجل ڊينس جو ڪيل، سوميري ڪتبي جو ترجمو]

    ساڳئي دؤر ۾ شاعريءَ سان گڏُ، مختلف قسم جون ٻيون به لکتون گھڻي تعداد ۾ مليون آهن. انهن مان هڪ تختيءَ تي ٻن شاگردن جي وچ ۾ هڪ ڳالهه ٻولهه تمام اهميت واري آهي. هڪ شاگرد جو نالو، ”اِنڪي من سِي“ ۽ ٻي جو نالو ”گرنِي شگ“ آهي. انهن مان هڪ پاڻ کي هوشيار ٿو سمجھي ۽ پنهنجي علم تي گھُمنڊ اٿس. جڏهن ته ٻيو، تعليمي رڪارڊ اعلى نه هوندي به سمجھدار آهي. هوسيار سمجھندڙ شاگرد، حقارت وچان ٻئي شاگرد کي چوي ٿو:


    ”او ڪوڙهه مغز، بيوقوف، اسڪول لاءِ مصيبت، ڄٽ، سوميري کان اڻ واقف! تنهنجا هٿ ڏاڍا بيڊولا آهن. اهي قلم ئي چڱيءَ طرح نه جھلي سگھندا ته لکندا ڪٿان؟ صورتخطي تنهنجي وسَ کان ٻاهر آهي، پوءِ به تون ٻٽاڪون ٿو هڻين ته تون منشي آهين.“

    ٻئي شاگرد جواب ڏنس:

    ”ڇا ٿي پيو جي مان تو جهڙو منشي نه آهيان؟! تون جيڪي دستاويز لکندو آهين، اهي بي معنى هوندا آهن. جيڪي خط لکندو آهين اهي ڪوبه سمجھي نه سگھندو آهي. جڏهن ايراضي ورهائڻ نڪرندو آهين ته منجھي پوندو آهين. زمين جي ماپ ڪرڻ نڪرندو آهين ته ماپڻي کڻڻ به ڪونه ايندي اٿئي. تون ته معمولي ڪلي به هٿ ۾ کڻڻ ڪونه ڄاڻين. توکي ڪجھه به نه ايندو آهي. جھيڙي وارن ۾ به توکي ٺاهه ڪرائڻ ڪونه اچي.هيڪاري منجھن نفرت وڌايو ڇڏين. تون تختي لکندڙ نااهل ماڻهن مان آهين. تون آهين ڪهڙي ڪم جو؟. اڙي! مان ته هرفن مولا آهيان. جڏهن ايراضي ملڻ جو ڪم ملي ته پوري ورهاست ڪريان. زمين ماپڻ لاءِ ڪو چوي ته، آءٌ ڄاڻان ٿو ته ماپڻي ڪٿان کڻجي ۽ ڪٿي رکڻي آهي. جھيڙي وارن ۾ خير ڪرائڻ جي مون کي ڀليءَ ڀتِ ڄاڻ آهي. مان ڄاڻان ٿو ته ڀائرن ۾ ٺاهه ڪيئن ٿيندو، ڇو ته مونکي انهن جي جذبات کي ٿڌي ڪرڻ جو فن ايندو آهي، پر تون ته سڀ کان سست منشي آهين. سڀ کان لاپرواهه انسان! تنهنجي ڪيل ضرب، غلطين جو توٻرو آهي. ايراضي ماپڻ ويهين ته ڊيگھه ۽ ويڪر هڪٻئي سان منجھائي ڇڏين، چورس، ٽڪنڊن، گولن ۽ ڇهڪنڊن ۾ توکي تميز ئي ڪونهي. او ٻٽاڪي، او داداگير! توکي پاڻ تي ايڏو گھُمنڊ ڇاجي ڪري آهي.؟“

    [سوميري لکت جو ترجمو]

    انکانپوءِ وري زبان جو ماهر، پنهنجي زبان جي مهارت، گرامر جي ڄاڻ، پيءُ ڏاڏي جي منشي هجڻ تي فخر ڪري عام نينگر کي ڌڪاري ٿو. اڄ کان چار هزار سال اڳ جو اهو مڪالمو اڄ تائين هليو آيو آهي. علم، ڄاڻ ۽ مُلپڻي واري ڪتابي ڄاڻَ تي گھُمنڊ ڪرڻ وارا ڪيترائي ماڻهو آهن، جيڪي نوجوانن کي، سندن سوچن کي،

    عمل کي ۽ تخليق کي رُڳو انڪري مڃتا ڪونه ٿا ڏين جو اهي باقاعدي استاديءَ بجاءِ، زندگيءَ کان سڌو سنئون سکن ٿا.

    ادل سومرو اسان جي دؤر جو اهڙوئي منشي آهي (اڳيئين دؤر ۾ ليکڪ کي منشي چئبو هو) جيڪو پيءُ ڏاڏي کان وٺي اديب نه آهي، نه ڪو علم جي گھُمنڊ سبب ٻٽاڪ هڻندڙ ۽ نه ئي ڪنهن کي هيچ چوندڙ خود ثنائي، هو فقط زندگيءَ جو علم رکندڙ آهي.

    ڪنهن به سڄاڻ ليکڪ لاءِ سندن ذهن ئي اصل ميراث ٿيندي آهي ۽ سماج ۾ ڦهليل زندگي ان جي ذهن کي جلا بخشيندڙ قُوت ـ ڄمڻ کان وٺي سوچ جو عمل شروع ٿي ويندو آهي ۽ زندگيءَ جا حادثا، ملاقاتون، وڇوڙا، مطلب ته هر گُذرندڙ پل، پنهنجو رنگ، خوشبو ۽ حسن جا عڪس، احساس وسيلي، ذهن جي اسٽور ۾ گڏ ڪندو ويندو آهي. جيئن ڀڳل چوڙيون باءِ اسڪوپ Biscope ۾ وڃي، هر ڦيري سان نئون نظارو ڏيکارينديون آهن، تيئن انساني واقعن ۾ اهي رنگ، خوشبو واقعا هڪٻئي ۾ ملي نوان نوان عڪس جوڙيندا آهن ۽ انساني سماج ۽ سوچ جا نوان رستا جوڙيندا آهن. جيڪي بظاهر هڪٻئي کان پري ۽ غير واسطيدار هوندي به پنهنجي انتها ۾ هڪ ٻئي سان ائين ڳُنڌيل هوندا آهن، جيئن ڪنهن نوجوان ڇوڪريءَ جا شونق مان ٺاهيل چوٽا.ـــــ

    ادل جي هن ڪتاب ۾ مقالن ۽ مضمونن سان گڏ، مختلف ليکڪن بابت، سندن تعلق جي بنياد تي، خاڪا/تاثر آهن. جيڪڏهن ٿورو غور مان پڙهبو ته اهي سندس زندگيءَ اولڙا پڻ پيش ڪن ٿا. سندس طبيعت وانگر، تحرير به يڪسان انداز واري نه آهي. ڪٿي شاعراڻو ڪمال آهي ته ڪٿي ادبي ساڃهه ڪٿي ٻاراڻي شرارت آهي ته ڪٿي نوجوانيءَ جي مستي ــ پر سمورين لکڻين ۾ هڪ ڳالهه هڪجهڙي آهي، ۽ اها آهي سچائي، صاف گوئيءَ ۽ جذباتي اظهار ـ پير حسام الدين راشديءَ کان اياز گُل ۽ رسول ميمڻ تائين، سڀني سان ادل جو پيار، سندس لکتن مان سانوڻيءَ جي مينهن جيان وسي رهيو آهي.

    اسان جي لوڪ ادب ۾ جيڪا فني خوبي آهي، سا اها ته ان ۾ ڪجھه ڪردارن جي حوالي سان انساني ذهن کي زندگيءَ جي مشڪلاتن ۽ مسئلن جي ڄاڻ ۽ ان ۾ پار پوڻ جا طريقا، اهڙي انداز سان ٻُڌايل آهن، جو ٻڌندڙ پاڻ کي بيوقوف به نٿو سمجھي ۽ نه ئي سڌي نصيحت کان ڪڪ ٿئي ٿو، بلڪ غير محسوس طريقي سان ذهن جون بند ڳڙکيون کُلنديون وڃن ٿيون ۽ صورتحال پاڻ مرادو، سمجهه ۽ عقل ۾ اضافو ڪري ڇڏي ٿي. ادل جي انداز تحرير ۾ به اها ساڳي خوبي آهي هو پنهنجي ڄاتل سُڃاتل ڪردارن جو پڙهندڙ سان تعارف به ڪرائي وڃي ٿو، ان شعبي متعلق ڄاڻ به ڏئي وڃي ٿو ۽ پڙهندڙ ڪڪ به نه ٿو ٿئي.

    سوميري ڪُتبن مان هڪ ڪتبي تي پيءُ جي پٽُ لاءِ دعا لکيل آهي. جنهن ۾ پڙهڻ کان پوءِ الائي ڇو ائين ٿو لڳي ڄڻ اسان جا روح صديون اڳ جوڙيا ويا آهن ۽ پُنر مان ملن جي چڪر ۾ اڄُ تائين جسم مٽائيندي، اچي اسان جي روپ ۾ نروار ٿيا آهن. جي فرق آهي ته صرف وقت جو، حالتن ۽ نالن جو، نه ته سوچ جو انداز ۽ رشتن جو لڳاءُ بنهه ساڳيو آهي.

    جيڪڏهن ڪو توسان جھيڙو ڪري ته، ان کان تنهنجو ديوتا نَنا توکي محفوظ رکي، جيڪڏهن ڪو توتي حملو ڪري ته ان کان تنهنجو ديوتا ننا توکي بچائي. توتي ديوتا جو راضپو رهي. تنهنجي انسانيت تنهنجو درجو بلند ڪري. تنهنجو سينو تنهنجو ڳاٽ (اوچو رهي). تون پنهنجي شهر جي دانشورن جو سربراهه بڻجين. من پسند جاين تي، تنهنجو شهر تنهنجو نالو وٺي. تنهنجو ديوتا توکي سٺي نالي سان سڏي. تنهنجي دوتا ننا جون مهربانيون توسان شامل حال رهن گُل ديويءَ جو فصل توتي نازل ٿئي.

    [سوميري ڪتبي جي پيءُ جي دعا جو ترجمو]

    هتي گھڻين ڳالهين لکڻ ۽ ورجاءَ کان بهتر آهي ته توهان پاڻ ادل جو ڪتاب پڙهو ۽ امين ٿي فيصلو ڪريو، ته سندس ڏات ۽ ڏانءُ ملي، ڪهڙي نه خوبصورت دنيا آباد ڪئي آهي. اهڙي دنيا جنهن کي ايندڙ دؤر جا لکندڙ ائين ئي ورجائيندا، جيئن اڄُ اسان سومير جي لکڻين کي ورجائي رهيا آهيون. ڇوته هر دؤر جي سچي لکت، پنهنجي دؤر جي زندگيءَ جو وههُ پي امرت اوڳاڇيندي آهي ۽ زمان و مڪان جي قيد کان آزاد ٿي ويندي اهي. ادل سومري جو هيءُ ڪتاب به انساني شعور جي هزارن سالن واري سفر جو تسلسل ئي آهي.

    ڪيلاش
    ڪوئينس روڊ سکر
    15 جنوري 1991.


    ساروڻيون سَوَ ساههَ ۾

    19 جنوري 1988ع جي هڪ سرد شام جو، مان ۽ شيخ اياز، سندس گھر ۾، سگريءَ تي هٿ سيڪيندي ڪچهري ڪري رهيا هئاسين ته اوچتو بجلي هلي وئي. اوندهه ۽ خاموشيءَ ۾ شيخ اياز جو ڳرو آواز گونجيو: ”ادل! مان مري وڃان ته هنن گھڙين جون يادگيريون لکجانءِ.“

    جنات بلڊنگ لڳ سندس گھر جي آسپاس، اڪثر شام جو ڪلاڪ ڏيڍ گڏجي پسار ڪندا هئاسي. ان دوران شيخ اياز پنهنجي يادُن جا ورق ورائيندو هو. شخصي زندگي ۽ ادب جي حوالي سان، تمام گھڻيون معلوماتي ۽ دلچسپ ڳالهيون ڪندو هو. هڪ ڀيري چيائين: ”مان انهيءَ موڙ تي پهتو آهيان، جتي ڪپڙي لٽي ۽ کائڻ پيئڻ جو شوق گھٽجي ويو آهي. ڪيترائي قيمتي ڪپڙا ۽ فلسوٽ پيا آهن، پر انهن کي پهرڻ جي طلب نه ٿي رهي. هاڻِ فقط هڪ ئي طلب رهي آهي ته باقي رهيل حياتيءَ جو هر هڪ پل شاعريءَ جي تخليق ۾ گُذاريان. هاڻِ لکڻ منهنجي لاءِ عبادت بڻجي ويو آهي جنهن ۾ مان دلي سُڪون محسوس ڪريان ٿو. مان چاهيان ٿو ته پنهنجي ادب کي هزارين نوان گيت ڏئي وڃان، جيڪي اڃان تخليق نه ٿيا آهن ۽ انهن ۾ سنڌ جي سڀني جاگرافيائي ڀاڱن کي اتان جي ٻوليءَ جي پس منظر ۾ سمايان.“

    منهنجي لاءِ اهو تمام گھڻي خوشيءَ جو ڪارڻ آهي جو شيخ اياز جا سوين گيت ۽ بيت، وايون ۽ نظم وغيره سڀ کان پهريان مون ٻُڌا آهن يا پڙهيا آهن. ڇو ته انهن جي تخليق کان پوءِ مُون ئي انهن کي اتاريو آهي يا شيخ اياز کان ٻُڌو آهي. شاعري اُتارڻ جي سلسلي ۾ مهينن جا مهينا روزانو شيخ اياز وٽ وڃڻ ٿعيو آهي. رات جو يا پرهه ڦٽيءَ جو تخليق ڪيل شاعري اڪثر ڪري، صُبح جو شيخ اياز ٻڌائيندو هو. مون شيخ اياز جا ڪتاب، ”رڻ تي رمجھم“، ”راج گھاٽ تي چنڊ“، ”بڙ جي ڇانوَ اڳي کان گھاٽي“، ”اڪن نيرا ڦُليا“، ”ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون“ ۽ ”جھُڙ نيڻان نه لهي“ سندس ڊائرين تان اتاري، پريس ڪاپيءَ طور فيئر ڪيا. انهيءَ ڪم ڪندي مون ڪڏهن به ٿڪاوٽ محسوس نه ڪئي، پر ائين سمجھندو هوس، ته مان ڪنهن پکيءَ جان، خوبصورت وادين، ڍنڍن، گُلن ٻوٽن ۽ آبشارن وٽان اُڏامندو، گُذري رهيو آهيان.

    شاعري اتارڻ دوران اڪثر وچ ۾ شيخ اياز ايندو هو. ڪڏهن مون لاءِ صوف کڻي ايندو هو ته ڪڏهن ڪولڊ ڊرنڪ. مانيءَ جي مهل ٿيندي هئي ته بُوئا (سندس بورچياڻي) کي سڏ ڪري، مون لاءِ ماني آڻڻ لاءِ چوندو هو. ڪچهري به ڪندو رهندو هو ته جيئن مسلسل لکڻ ڪري ٿڪ محسوس نه ڪيان. ڪتاب شايع ٿي ايندو ته پهريان اُن جي ڪاپي ڏيندو. جڏهن سندس شاعريءَ جو مجموعو، ”اڪن نيرا ڦليا“ شايع ٿي آيو ته ان تي لکي ڏنائين:

    ”پهرين ڪاپي ادل سومري لاءِ، جنهن جي تعاون کان سواءِ هن ڪتاب جي ڇپائيءَ ۾ دير پئجي وڃي ها.“

    ڪوبه ماڻهو شيخ اياز سان شخصي توڙي نظرياتي اختلاف رکي سگھي ٿو، ڇو ته انسان بهرحال انسان آهي ۽ انسانن جا هڪٻئي سان اختلاف رهندا آيا آهن. پر شيخ اياز جي ڏات اسان جي ادب جو اهو بي بها سرمايو آهي، جنهن جو هن وقت اندازو ڪرڻ مشڪل آهي. ڪوي شيخ اياز، ادب جي اڀَ تي، پنهنجن واين، بيتن ۽ نظمن جا هزارين ستارا چمڪايا آهن، جن جي جوت ڪڏهن جھَڪي ٿيڻي نه آهي، ان بيماريءَ جي حالت ۾ به راتين جون راتيون جاڳي اسان جي ادب جي ڦلواڙيءَ ۾ ڪوتائن جا اهڙا گُل ٽڙايا آهن، جن جي سرهاڻ سدائين رهندي. ادبي تاريخ ۾ اهڙو مثال مشڪل سان ملندو ته ڪنهن شاعر پرهه ڦٽيءَ کان اڳ پکين سان گڏ جاڳ، باک جهڙا بيت، وايون ۽ نظم تخليق ڪيا هجن. موٽ ۾ تنهنجا ناپاڪ هٿ، انهيءَ سرجڻهار کي ڀونڊي ڏيڻ لاءِ کڄن ٿا. حيف هُجئي او مورک! ڀلا سورج کي ڀونڊو ڏيڻ ڪهڙي معنى رکي ٿو؟

    (شيخ اياز ٻڌايو هو ته هڪ ڀيري هُو سکر ۾، گھنٽا گھر وٽ خريداري ڪري رهيو هو ته اتان هڪ نام نهاد شاگرد اڳواڻ ڪار ۾ گُذريو. اوچتو شيخ اياز جي مٿس نظر پئي ته هُن ڪار جي دريءَ مان کيس ڀونڊو ڏنو هو.)

    شيخ اياز کي مون ڪڏهن به جذباتي ٿيندي ڪونه ڏٺو آهي. هو پنهنجي مَٺَگھُرن لاءِ به نيڪ جذبا رکندڙ آهي، پنهنجي مخالفن کي پرپُٺ گھٽ وڌ ڳالهائڻ جي رسم اسان وٽ تمام پراڻي آهي، پر مون شيخ اياز کي انهيءَ معاملي ۾ ان جبل وانگر محسوس ڪيو آهي، جيڪو پنهنجي چؤڌاري طوفانن جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ، خاموش ۽ پروقار بيٺو هوندو آهي.

    شيخ اياز هونئن ته نهايت ڳنڀير شخصيت جو مالڪ آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن ڀوڳ چرچي واري موڊ ۾ به ايندو آهي. پراڻي سکر واري بازار ۾ هڪ ريڙهيءَ واري جي ڀرسان گُذري رهيا هئاسين. ريڙهيءَ تي گدرا رکيل هئا. شيخ اياز گدرن تي هٿ رکندي، ريڙهيءَ واري کان پڇيو: ”ڏي خبر، ڪيئن ٿو ڏئين گدرا؟“

    ”چئين روپئي ڪلو“ گدري واري وراڻيو.

    ”ڀلا مٺا به آهن يا نه؟“ شيخ اياز پڇيو.

    ”سائين اها خبر ته خدا کي ته، گدرا مٺا آهن يا ڦِڪا“ گدرن واري نماڻي انداز ۾ وراڻيو.

    شيخ اياز کيس کلندي چيو:

    ”چڱو ترس ڀلا ته مان خدا کان پُڇي، موٽي ٿو اچان.“

    اڀياس جا ستَ سمونڊ پار ڪندڙ ڪوي شيخ اياز، پنهنجي گفتگوءَ مان ڪڏهن ڪڏهن معصوم ٻار وانگر لڳندو آهي.

    شيخ اياز جي طبيعت ڪجھه ٺيڪ نه هُئي، مان به سندس گھر ويٺو هوس. منهنجي ڀرسان اچي چيائين، ”ادل! منهنجون اکيون ته ڏس، سائيون آهن ڇا؟ ڊاڪٽر چيو پئي ته متان سائيءَ جو اثر هجي.“

    مون شيخ اياز جي اکين ۾ نهاريو.

    الائي ڪيترن چهرن، ماڳن ۽ خوبصورت نظارن جو مشاهدو ڪيو هوندو انهن اکين، هزارين صفحن ۽ لکين لفظن کي ڏٺو هوندو انهن اکين، پوءِ به انهن ۾ ڪائي ٿڪاوٽ ڪانه هُئي.

    عقابي اکين جهڙيون اکيون، جيڪي ڪنهن خوبصورت منظر کي جھٽڻ لاءِ ڄڻ آتيون هُجن.

    شيخ اياز کي مون روئندي به ڏٺو آهي ته بي انتها کلندي به. رشِيد ڀٽيءَ جي وفات جو کيس گھڻو ڏک ٿيو هو. چيائين ته، هو پنهنجي والده جي وفات ۽ رشيد ڀٽيءَ جي لاڏاڻي تي گھڻي ۾ گھڻو رنو هو. مون کي ياد آهي رشيد ڀٽيءَ جي جنازي کڻڻ جو منظر، جڏهن شيخ اياز اوڇنگارون ڀري رُنو هو.

    هڪ موقعي تي شيخ اياز ايترو ته کليو هو جو کلندي کلندي سندس اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا ها. مون کي يقين نه پئي آيو ته ڳنڀير ۽ سنجيده طبيعت جو ماڻهو، ائين کلي به سگھي ٿو. اهو هڪ ڪتاب ۾ آيل جگر مراد آباديءَ جو ذڪر هو، جنهن کي بيان ڪندي، شيخ اياز کلندو رهيو. ڳالهه ڪجھه هيئن هُئي ته جگر مراد آبادي پنهنجي هڪ دوست وٽ مهمان ٿي ويو. رات جو ميزبان کيس هڪ ڌار ڪمري ۾ حقو ڏيئي پاڻ وڃي سُتو. جگر کي ننڊ نه ٿي آئي سو غزل ٺاهڻ شروع ڪيائين. حقي ڇڪڻ سان گڏ غزل جا شعر به جوڙيندو ٿي ويو. حقي جا اڱر ٺري ويا پر غزل اڃا مڪمل نه ٿيو هو. حقي کانسواءِ سندس ذهن ڪم نٿي ڪيو ۽ آڌيءَ رات ميزبان کي جاڳائڻ مناسب نٿي سمجھائين، سو ڪُڙتو لاهي، ان جا ٽڪر ڪري حقي ۾ ساڙيندو ويو. هُن غزل مڪمل ڪرڻ ٿي چاهيو، پر حقي کانسواءِ تخليق جو سفر ڏکيو هيو، سو شاعر سڳوري آخرڪار پنهنجو پاجامو لاٿو ۽ پاجامو ساڙيندي حقو ڇڪيو ۽ غزل ٺاهي مڪمل ڪيو. صبح جو ميزبان جڏهن شاعر کي جاڳائڻ لاءِ سندس ڪمبل مٿي کنيون ته همراهه ننگو ستو پيو هو.

    شيخ اياز، اهو ڪتابي واقعو ٻڌائيندو به ٿي ويو ته کل ۾ ٻڏندو به ٿي ويو. مون کيس ايترو کلندي ڪڏهن به ڪونه ڏٺو آهي.

    ڪراچيءَ ۾ ڪلفٽن واري فليٽ تي مان ۽ تاجل بيوس، شيخ اياز وٽ وياسي. کانئس طبيعت جو پڇيوسي. ڳالهين ڪندي استاد بخاريءَ جي بيماريءَ جو ذڪر نڪتو، جيڪو ان وقت جناح اسپتال جي پرائيويٽ وارڊ ۾ داخل هو. شيخ اياز (جيڪو خود ان وقت ناچاڪ هو) استاد بخاريءَ کان خير عافيت معلوم ڪرڻ جي خواهش ڏيکاري. شيخ اياز، تاجل ۽ مان جڏهن جناح اسپتال جي پرائيويٽ وارڊ ۾ پهتاسي ته خبر پئي ته استاد بخاري، ڪينٽونمينٽ اسٽيشن ڀرسان شاليمار هوٽل منتقل ٿي ويو آهي. وري ٽئي ڄڻا شاليمار هوٽل پهتاسين. اڌ ڪلاڪ اڳ استاد بخاري پنهنجي دوستن سان اتان سامان کڻي هليو ويو.

    شيخ اياز کي استاد بخاريءَ سان نه ملڻ جو افسوس ٿيو ۽ اسان کي چيائين ته جڏهن به اسان استاد بخاريءَ سان ملون ته کانئس، سندس پاران خيرعافيت ضرور پڇون. سوچيم ته شيخ اياز خود بيمار آهي، پر پنهنجي هڪ بيمار شعر ڀاءُ لاءِ ڪيئن نه همدرديءَ جا احساس رکي ٿوجو تڪليف ڪري کانئس پڇڻ لاءِ هليو.

    ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو آهي جو پسند جا شعر ۽ جملا وغيره ڊائري تي اتاري ڇڏبا آهن، جن جي هيٺان ليکڪن جو نالو لکڻ وسري ويندو آهي ۽ ڪجھه وقت گذرڻ بعد انهن شعرن ۽ جملن جي تخليقڪارن جي خبر نه پئجي سگھندي آهي. شيخ اياز چواڻي ته سندس نثري نظم جي مجموعن، ”پتڻ ٿو پور ڪري“ ۽ ”ٽڪرا ٽٽل صليب جا“ ۾ پندرهن کن نثري نظم ٻين ليکڪن جا به شامل ٿي ويا آهن، جيڪي سندس ڊائري تي اتاريل هئا ۽ سندس نثري نظمن سان گڏجي ويا هئا، پر انهن جي خبر ناهي ته اهي ڪهڙا آهن. اهڙيءَ ريت شيخ اياز وڌيڪ ٻڌايو ته فارسي شعر جي هڪ مصرع:

    کستي که کُشته نه شُد، از قبيله مانيست

    جو ترجمو پڻ سندس هڪ بيت جي مصرع ۾ هن ريت اچي ويو آهي:

    جيڪو ڪونه ڪٺو، سو نه اسان جي ڪُڙم مان.

    گھڻي مطالعي سبب، اتفاقاً غير ارادي طور، اڀياس هيٺ آيل ويچار، ڪڏهن ڪڏهن پني تي پکڙجي ويندا آهن. جيڪڏهن تخليقڪار کي، خيالن جي ان هڪجھڙائپ جي خبر پئجي ٿي وڃي ته ان کي لڪائڻ بدران ظاهر ڪرڻ وڌيڪ بهتر آهي ته جيئن مستقبل جي نقاد کي اهڙي اوڻائيءَ ظاهر ڪرڻ جو موقعو نه ملي.

    شيخ اياز جي گھريلو زندگي ۽ آفيس جي مصروفيتن جي ويجھي مشاهدي هئڻ ڪري، سمجھه ۾ نه ايندو هو ته هي شاعڳر ماڻهو مطالعي ۽ تخليق لاءِ ڪيئن ٿو ايترو وقت ڪڍي؟ صبح کان منجھند تائين مختلف ڪورٽن ۾ ڪيسن جي پيروي، منجھند جوٿورو آرام. وري شام کان آفيس ۾ اصيلن جي مسئلن جا داستان ٻڌڻ ۽ انهن کي مطمئن ڪرڻ. جڏهن مون کيس دوستن ۽ عقيدتمندن سان گھٽ ملڻ جي شڪايت ڪئي ته چيائين: جيڪڏهن ملڻ جُلڻ جو اهوسلسلو وڌائي ها ته هوند گھڻو وقت ان طرف سيڙجي وڃي ها ۽ هو پنهنجي تخليقي عمل کي ايترو وقت ڏئي نه سگھي ها. شيخ اياز جي انهيءَ روش جي ڪري ڪي ماڻهو کيس مغرور سمجھندا هوندا، پر سوچڻ گھُرجي ته جيڪڏهن اهڙو ماڻهو، جنهن جا سوين عقيدتمند هُجن، سماجي وهنوار ۾ ماڻهن سان ملاقاتن جو سلسلووڌائي ته شايد سندس گھڻو وقت ڪچهرين ۾ گُذري وڃي. ڇو ته سندس گھڻي کان گھڻا پڙهندڙ ساڻس ملڻ چاهيندا آهن. سندس پرستارن جا ڏانهنس ڪيترائي خط ايندا آهن، جن ۾ فوٽو موڪلڻ جي فرمائش سان گڏ، ساڻس ملڻ جي خواهش جو اظهار هوندو آهي.

    شيخ اياز پنهنجي ڪتاب، ”ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون“ ۾ سبطِ حسن جو ذڪر ڪندي هڪ هنڌ لکيو آهي ته اردو ٻوليءَ جا اديب سبطِ حسن جي ساٿ لاءِ سڪندا هئا. مان سمجھانٿو ته اسان وٽ ساڳي حيثيت شيخ اياز کي حاصل آهي.

    (پنهنجي همعصر ليکڪن/شاعرن وٽ نه سهي، پر ان کان پوءِ وارن شاعرن/ليکڪن وٽ شيخ اياز کي اهڙي حيثيت ضرور حاصل آهي).


    دوستيءَ جي خوشبو

    ننڊاکڙو ڏينهن
    ٿڪل ڦليليءَ جا ڪنارا
    تنهنجي گھر جا چارا
    ساهه ۾ تنهنجي خطن جي خوشبو،
    دوستيءَ جي خوشبو
    ان سمي تنهنجي تصور کان سواءِ
    سڀ سوچون سُڪل پنن جان
    ذهن وڻ مان ڇڻي ويل.

    اهو جنوري 1975ع جو هڪ ڌُنڌلو ۽ ميرانجھڙو صبح هو. ماحول تي هلڪو ڪوهيڙو ڇانيل هو ۽ سج جي ڪرڻن ۾ ايتري سگھه ڪانه هُئي، جو هو سموري جوت پکيڙي، ٿڌ ۾ پنهنجي گرميءَ جو احساس ڏياري سگھن. هوا ماڻهن جي چهرن تي خشڪيءَ جي ڇٽڪار ڪري رهي هُئي. ان سمي پهريون ڀيرو ٽنڊي ٺوڙهي جو تصور کڻي، مان ڦليلي پار وڃي رهيو هوس. رستي ۾ ٽنڊي ٺوڙهي جي گھٽين ۽ رستن جا خاڪا، منهنجي ذهن جي پردي تي لهندا ۽ ڊهندا ٿي ويا ته ڪڏهن مرزا قليچ بيگ جي تصوير جي پٺيان نصير مرزا جو ڌنڌلو ۽ پري کان نظر ايندڙ عڪس ٿي اڀريو. هونئن ته ٽنڊي ٺوڙهي جي اهميت ۽ سڃاڻپ مرزا قليچ بيگ جي حوالي سان آهي، جنهن هر موضوع تي 450 کان به وڌيڪ ڪتاب لکي، سنڌي ٻوليءَ جي ادبي خزاني ۾ بي بها اضافو آندو. پر ان وقت منهنجي دل ۾ ٽنڊي ٺوڙهي جي اهميت مرزا قليچ بيگ جي خاندان جي هڪ نوجوان شاعر نصير مرزا سبب هئي، جنهن ڏانهن آءٌ پهريون ڀيرو وڃي رهيو هوس.
    ٽنڊي ٺوڙهي جون گهٽيون مون کي اداس اداس ۽ خالي لڳي رهيون هيون. شايد موسم جو اثر هو يا مان سوير پهتو هوس. امام بارگاهه جي اڱڻ ۾ نم جا سڪل پن، گهرن مٿاهن اُڀا منگهه ۽ علَمَ، خالي اوطاقن جي پڌر ۾ پکين جون لاتيون ۽ هوا جو آواز، حاويلين جا وڏا لوهي درـ مون کي هر شئي پروقار لڳي، گهرن جون ديوارن ڄڻ مون کان پڇي رهيون هيون ته: ”توکي ڪنهن جي ڳولا آهي.“ مان جڏهن حاويليءَ جو ٻاهريون وڏو لوهي در ٽپي نصير جي گهر جي در تي پهتس ته ڪجهه دير ائين ئي ويڳاڻي مسافر جان بيٺو رهيس، ڄڻ مون کان واٽ وڃائجي وئي هجي. مون کي اها به سُڌ نه رهي ته دروازو کَڙڪايم يا نه. ائين ئي سوچ لهرن ۾ پئي لُڙهيس ته هڪڙو مُرڪندڙ ۽ ٻهڪندڙ چهرو ظاهر ٿيو. هو وڌي اچي مون سان، منهنجو نالو کڻي مليو، ڄڻ اڳ ۾ ئي سڃاڻپ هجي ۽ موٽ ۾ منهنجي زبان اُچاريو: ”نصير مرزا.“
    حياتي هيڪل ۽ ويران برپٽ هجي ها، جيڪڏهن ان ۾ چاهت جي روشنيءَ جا ترورا ۽ سڪ جي سُرهاڻ سمايل نه هجي ها. ڪو به انسان پنهنجي وجود جي وڻڪار ۾ ڪيترو به سرهو ڇو نه هجي، پر ٻين جي ساٿ ۽ سهڪار کانسواءِ هو هيڪلائپ جي اُداس ٻيٽ تي اڪيلو رهجي ويندو. ويجهڙائپ، محبت يا دوستيءَ جا جذبا اهڙا احساس آهن، جن کي ڪنهن مٿان مڙهي نٿو سگهجي نه وري انهن احساسن کي زندگيءَ جي اڻکٽ راهه تي اُس جو احساس ڏياري، مايا جي ڇانو هيٺ آڻي، خريد ڪري سگهجي ٿو. انهن نازڪ ناتن جوڙڻ ۽ انهن جي بقا لاءِ انسان کي اندر جي ارڏائپ ڇڏي، خلوص، نيڪ نيتي ۽ نئڙت واري راهه اختيار ڪرڻي پوي ٿي، ڇو ته اهي ناتا هڪ ڏينهن ۾ نه پر سالن جي ساٿ ۽ سڪ سبب جُڙندا آهن.
    نصير ۽ مان هڪ ئي منزل جا پانڌيئڙا آهيون. ڏات جي ڏيهه ۾ ليکڪن جي قافلي سان گڏ اسان جو سفر جاري آهي. اسان جي دوستيءَ جي شروعات به ان ئي حوالي سان ٿي. هونئن ته اسين سڀ ليکڪ، اديب يا شاعر هڪ ئي برادريءَ وانگر آهيون ۽ سڀ هڪ ٻئي کي سڃاڻون. پر ويجهڙائپ يا محبت واري دوستي هر هڪ سان ته ٿي نٿي سگهي نه، ۽ اهو ضروري ناهي ته هڪ ئي گهٽيءَ ۾ رهندڙ سڀ پاڻ ۾ دوست هجن.
    اسان هڪ ٻئي جي شاعري پڙهندا هئا سين، پر 1974ع ۾ نصير مون ڏانهن هڪ غير معمولي خط لکي دوستيءَ جي ابتدا ڪئي ۽ پوءِ اهو سلسلو جاري رهيو ۽ اسان هڪ ٻئي ڏانهن ايترا ته خط لکياسين جو شايد ئي ڪن سنڌي ليکڪن هڪٻئي ڏانهن لکيا هجن، نصير مرزا جا خط عام رواجي ۽ رسمي نه پر جذبن ۽ احساسن سان ڀرپور ادبي ٻوليءَ ۾ لکيل آهن. مان انهن خطن کي پنهنجو قيمتي سرمايو سمجهندو آهيان ڇو ته اهي اسان جي دوستيءَ جي ميراث آهن، ۽ دوستي به اهڙي جو ڀائرن کان به وڌيڪ.
    نصير مرزا خط ۾ لکيو هو ته: ”مون پنهنجي امڙ، سڀني ڀينرن ڀائرن کي ٻُڌائي ڇڏيو آهي ته اسان جي خاندان ۾ هڪ وڌيڪ فرد جو اضافو ٿيو آهي ۽ اهو آهي منهنجو ڀاءُ ادل سومرو“
    نوڪريءَ دوران مان حيدرآباد ۾ ٻه سال رهيس، اهي ٻه سال نصير مرزا سان گڏ گذريا، پوءِ هن جي سموري حياتي منهنجي آڏو لکيل ڪتاب وانگر هئي، جيترو هو مون کي خطن ۾ پُرخلوص ۽ سچو لڳو اوترو ئي هو عام زندگيءَ ۾ صاف ۽ کرو نظر آيو.
    دوستن لاءِ هن جي پيار جي ڪا سرحد ناهي، هو پنهنجي هر خوشيءَ ۾ ٻين کي ڀاڱي ڀائيوار ڪري ٿو، پنهنجي ٻارن جي شاعريءَ جي مجموعي ”ڌرتيءَ جا تارا“ ۾ لکي ٿو:
    جيون ۾ جڏهن به ٿوريون گهڻيون خوشيون پلئه پيون، وچن ٿو ڪريان، ته اهي دل جي لاڪر ۾ لڪائي رکڻ بجاءِ، ننڍڙن پيارن پيارن ٻارن ۾ شين وانگي ورهائي ڏيندس“.
    اسان ڪڏهن ڪاوڙبا هئاسين ۽ وري پنهنجو پاڻ پرچي ويندا هئاسين، پر پرچڻ ۾ اڳواٽ نصير ئي ڪندو هو، ڪاوڙ سبب جيڪڏهن مان نه ملندو هومانس ته، انهن دوستن جي ٿاڪن تي اڳ وٺي اچي ويهي رهندو هو جتي منهنجو وڃڻ ٿيندو هو، ان سمي هو مون کي معصوم ٻار جان نظر ايندو هو.
    هو اهڙن ماڻهن منجهان آهي، جيڪي پاڻ کي تڪليف ۾ رکي ٻين کي فائدو رسائيندا آهن، ٻين جا ڏک پنهنجي پاسي سيري موٽ ۾ کين مرڪون ۽ ٽهڪ بخشيندا آهن، هر ماڻهوءَ جي مرڪي آجيان ڪرڻ ۽ مان ڏيڻ نصير جي فطرت ۾ شامل آهي. مون ڪڏهن هن جي چهري تي بيزاريءَ جون ريکائون نه ڏٺيون، انسان آهي، ٿي سگهي ٿو ڪڏهن اهڙيون حالتون پيدا ٿيون هجن، پر هن ڪڏهن به پنهنجي بيزاريءَ جو اثر ٻين تي مڙهڻ نه چاهيو آهي. اهوئي سبب آهي جو هن سان عقيدت ۽ محبت ڪرڻ وارن جو تعداد گهڻو آهي. حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن تي جنهن پروڊيوسر ڏانهن وڌ کان وڌ ماڻهو ايندا آهن، اهو آهي نصير مرزا، ريڊيو تي جڏهن وڃ ته سندس آفيس دوستن ۽ فنڪارن سان ڀريل، اهوئي سبب آهي جو دوست چوندا آهن ته زماني جي مونجهارن ۽ اوچتين ذهني پريشانين کان ڇوٽڪاري لاءِ نصير مرزا سان ملاقات ضروري آهي، ڇو ته سندس ڪچهري ۾ آٿت ۽ همدرديءَ ملڻ سان گڏ همت ۽ حوصلي وڌڻ جا جذبا وڌن ٿا.
    ننڍ پڻ ۾ وڪٽوريا گاڏيءَ ۾ اسڪول ويندڙ، پنهنجي اوطاق جي باغيچي ۾ هرڻن ۽ مورن سان رانديون ڪندڙ نصير مرزا، ڏاڍي لاڏ ڪوڏ سان پليو، هن جڏهن مئٽرڪ پاس ڪئي ته ادب جي مطالعي سبب کيس شاعريءَ جي هوا لڳي وئي، ۽ هن سدائين خوش رهندڙ، پنهنجو تخلص ”شاد“ اختيار ڪري شاعري شروع ڪئي، ادب جي گهڻي اڀياس ۽ شاعريءَ سندس من ملول ڪري ڇڏيو، هن جي اندر جا احساس ۽ جذبا بيدار ٿيا ۽ سندس دل تي دکن جا پاڇا لڙي آيا ۽ هن کي محسوس ٿيو ته هن دُکي دنيا ۾ ”شاد“ ڪو به ڪونهي، ظاهري طرح پکين جان خوش ٿيندڙ ”شاد“ دل ۾ ديپڪ جان دُکندا رهندا آهن، پوءِ هن ”شاد“ تخلص کان پاڻ کي آجو ڪيو، ۽ نصير شاد مرزا مان نصير مرزاٿي ويو.
    نصير کي نظم ۽ نثر، ٻنهي تي سُٺي مهارت حاصل آهي، سندس نثر مان به شاعريءَ جو واس پيو ايندو. هن جا هيل تائين ڪتاب شايع ٿيل آهن: ” خوشبوءِ جي سنگ سنگ“ (شاعريءَ جو مجموعو) ”سفر من اندر“ (سفرنامو) ۽ ٻارن لاءِ شاعريءَ جو ڪتاب ”ڌرتيءَ جا تارا“ سندس ٽيئي ڪتاب سنڌي ادبي سنگت ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جا انعام يافته آهن. پنهنجي ٽهيءَ مان گهڻي شهرت ۽ مڃتا حاصل ڪرڻ جي باوجود نصير وٽ اهائي نئڙت ۽ نياز مندي آهي. هن ڪڏهن پنهنجي تخليقن کي پڏايو ناهي، ڇو ته سندس خيال ۾ شهرت هوائي بلبل جيان آهي، جيڪا موسمن وانگر ايندي ويندي رهندي آهي. پنهنجي تخليق بابت هو لکي ٿو ته: ”ڪلاڪار لاءِ اهو بنهه ضروري ڪونهي ته هو جيڪي ڪجهه تخليقق ڪري پڙهندڙ کي ان جو تفسير به ٻڌائي (۽ خواب جي ڪا به ساڀيا ٿي سگهي ٿي) چوڻ ۽ نه چوڻ جي وچ ۾ هڪ کاهي هوندي آهي ۽ مان هن سمي ان ۾ آهيان. لفظن جا رٻڙ ڇڪڻ کان اڳ مان اوهان جي روشن ۽ سجل اکين کي پڙهائڻ چاهيان ٿو ته ڪوتا مون تي مٿان ڪين لٿي آهي، نه مان ڪوتا مان مڙهيو ويو آهيان، ڪو به عمل دراصل رد عمل سبب ظاهر ٿيندو آهي ۽ مون کي به وهم آهي ته منهنجي جيون ۾ به ڪٿي، ڪنهن نه ڪنهن جاءِ تي ڪو حادثو ٿيو ضرور آهي، جنهن مون کي لفظ ڪمپوز ڪرڻ جو ڏانءُ ڏنو. منهنجي ڪوتا، منهنجي خواهش ۽ خوابن جي ساڀيا بجاءِ ان جو اداس عڪس آهي، ڪنهن نظرئي جي کُلي پرچار بجاءِ احساس ۽ جذبن جو هلڪو ڦلڪو اولڙو آهي.“
    دوستن سان قرب ڪندڙ، هي شاعر پنهنجي مسلڪ سان به جذباتي طرح محبت ڪري ٿو، ڪن معاملن ۽ اسان لڪ کان ڪم وٺندا آهيون. پر نصير بنهه پڌرو آهي، محرم ۾ پنهنجي خاندان وانگر ڪارو ويس ڪندو، ماتم ۽ مجلسن ۾ موجود رهندو، نصير، پيار جي معاملي ۾ ڪڏهن سپنن جا ڪاڪ محل ڪو نه جوڙيا، نه وري ڪنهن خيالي محبوبه جي تصور ۾ هن پاڻ کي اداس ۽ ويراڳي بڻايو آهي. عام زندگيءَ ۾ جيئن هو هر بناوٽ کان دور آهي، تيئن پيار جي معاملي ۾ به سچو ۽ صاف آهي. هو چاهي ها ته پنهنجي شهرت ۽ عزت مان فائدووٺي، ڪيترين کي پنهنجو جملن جي ڄار ۾ ڦاسائي ها. هو ان کي دوکو ٿو سمجهي ته هر خوبصورت چهري سان محبت جو اظهار ڪجي، هو محبت ۾ شرڪ جو قائل ناهي، هن يونيورسٽيءَ ۾ جنهن ڪلاس فيلو ڇوڪريءَ سان محبت ڪئي، ان کي شاعراڻن جملن ۾ منجهائڻ بدران، سنئون سڌو چئي ڏنائين ته:” مان توهان سان شادي ڪرڻ چاهيان ٿو“ ڇوڪريءَ جي رضامنديءَ کان پوءِ نصير ڇوڪريءَ جي پيءُ نصير کي اهو چئي سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته ”توهان شيعا آهيون“ اهو ٻُڌي نصير مرزا خاموشيءَ سان هليو آيو.
    شاعريءَ ۾ لفظن جي تُڪبندي کي نه پر فڪر ۽ خيالن کي اهميت هوندي آهي، نصير وٽ به سوچ ۽ خيالن جي خوبصورتي آهي، نوان احساس ۽ نيون تشبيهون سندس شاعريءَ جو بنياد آهن. هن جو هر نظم منفرد آهي، سندس شاعري پڙهڻ سان ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ اسان اهڙي نگر ۾ اچي نڪتا آهيون، جتي آبشارن جو آواز، گلن جي سرهاڻ ۾ پکين جو لاتيون، گهاٽا وڻ، گلن سان واسيل پيچرا ۽ ٻيا اهڙا خوبصورت منظر هجن، هو لفظن سان پورٽريٽ ٺاهي ٿو، اهڙو پورٽريٽ هن پنهنجي امڙ جو به ٺاهيو آهي، جنهن کي ڪو به مصور رنگن ۾ اُڀاري نٿو سگهي.“

    جهوني ڪنهن بڙ جي وڻ جان
    سرير آهي
    ماءُ مٺيءَ جو.
    چوڙين بنا ٻُٽيون ٻانهون
    ڄڻ سنسان جزيري ڏي
    ويندڙ راهون
    وارن جو ويڙهوٽو ڄڻ
    چانديءَ جي تارين جو
    پنڇيءَ بن آکيرو
    سدا ملوڪ ۽ وڻندڙ چهرو
    هاڻي آ ڄڻ
    ننڍي کنڊ جو ڦاٽل نقشو.

    حياتيءَ جو سفر اڻکٽ ۽ ٿڪائيندڙ آهي، سڀئي انسان پنهنجي خوابن جي ساڀيا لاءِ آس جا ديپ باري، انڌيري راهن جا مسافر آهن.
    اهڙن احساسن کي هڪ شاعر هن طرح محسوس ڪري ۽ لکي سگهي ٿو.

    سر تي ڪو به نه سورج ڪرڻو
    چوڏس آ انڌڪار
    ڇانءَ نه ڪائي سفر ڏهر ۾
    ماڳ پرانهون پار
    ڇاتيون کولي وهندڙ دريا
    وچ ۾ ڄڻ ديوار
    پوءِ به هوا جيئن سفر ۾ آهي
    سارو هي سنسار.

    نصير، نازڪ احساسن ۽ جذبن جو شاعر آهي، سندس نظم ”خوشبوءِ جي سنگ سنگ“ هميشه ياد رهندڙ نظم آهي، ان ۾ هڪ وڇوڙي ڀوڳيل دل جي ڪيفيت کي اهڙو ته اثرائتو بيان ڪيو آهي جو پڙهندڙ ان کي پنهنجي ڪيفيت محسوس ٿو ڪري.

    آءٌ شيلف جي ڪُنڊ ۾ رکيل
    آهيان اهڙو ڪتاب
    جنهن کي تو کان سواءِ
    ڪنهن به کولي پڙهيو ڪو نه آ
    هيڏي وشال ڌرتيءَ تي
    منهنجو ڪو ڀي نه آ
    آءٌ جيون جو تنها مسافر آهيان.

    شاعريءَ ۾ جيڪڏهن اعلى خيالن کي اثرائتي انداز ۾ بيان ڪبو ته اُهي پڙهندڙن کي ضرور متوجه ڪندا، ان سلسلي ۾ ٻين فني خوبين سان گڏ جيڪڏهن لفظن ۾ موسيقي يا ترنم هوندو ته اهي دل تي وڌيڪ اثر انداز ٿيندا. نصير جي ٻين ڪيترن نظمن سان گڏ سندس نظم ”الوداع“ ۾ موسيقيءَ جو تاثر وڌيڪ اُڀري ٿو.

    سونهن سرهاڻ کي
    پنهنجي مهراڻ کي
    گهر کي گهاٽ کي ماڳ جي لاٽ کي
    تند کي سڳنڌ کي صبح جي ڌنڌ کي
    شفق جي رنگ کي چاهه کي چنگ کي
    الوداع الوداع.

    نصير جو نثر به نهايت ئي اثرائتو آهي، هو نثر ۾ خوبصورت تشبيهون استعمال ڪرڻ ۾ مهارت رکي ٿو، سندس سفر نامو ”سفر من اندر“ نثر جو هڪ اعلى ڪتاب آهي، انهيءَ سفر نامي جي پهرين صفحن ۾ حيدرآباد کان لاهور ريل رستي وڃڻ جو ذڪر ڪجهه هن طرح ڪري ٿو، جڏهن ريل سنڌ ٽپي پنجاب جي حدن ۾ داخل ٿئي ٿي:
    ”ريل ڄڻ اونداهين سرنگهه منجهان ڊوڙي رهي آهي، اچانڪ ڌڏڪي تي ڪچيءَ ننڊ مان جاڳي پيو هوس، ريل جي ڦيٿن هيٺيان سنڌ جو نقشو کسڪي چڪو هو ۽ جادوگر رستن تي ڊوڙندي، ريل مُٺيون ڀيڙي لاهور ڏانهن وڌي رهي هئي.“
    نصير مرزا جي تخليق جو سفر اڃان جاري آهي، هن شاعريءَ توڙي نثر ۾ پنهنجو نانءُ ڪڍيو آهي. ٻارن لاءِ ڪيل سندس شاعري به ٻارن ۾ ڪافي مقبول آهي، سندس اهي سڀ محنتون ۽ محبتون هن جي ذاتي ملڪيت نه پر اسان جو سرمايو آهن، لکن ماڻهن جي هجوم ۾ هو منفرد آهي، هن جي هڪ ڌار سڃاڻپ آهي، اسين سندس فن ۽ فڪر تي فخر ڪيون ٿا ته هو اسان جي ٻاجهاري ٻوليءَ جي ادب کي وڌائڻ ۾ مصروف آهي. شال سندس سوچ شاداب هجي ۽ ان ۾ محبت جا گل ڦُٽن ۽ اهو ائين ئي اسان لئه ليک لکي ۽ انهيءَ سفر ۾ ڪڏهن به ٿڪجي نه.
    جيئن ته هو آيو ئي روشني ڦهلائڻ آ، اُن ڪري سندس سوچ ۾ به سچائيءَ جي سرهاڻ سمايل آهي هن جي اهائي آس آهي ته:

    گهگهه ۾ گهاٽ تي
    ديپ ٿي پيو ٻران
    شال ٻرندو رهان،
    چوڪ چؤواٽي تي
    سچ سوريءَ ٽنگيل
    وقت تلوار جان
    ڄڀ مٿان لڙڪيل
    سچ پوءِ ڀي آهي
    پٽ ۾ پکڙيل.
    سچ جي راهه ۾
    جي مان وڙهندي مران
    شال مرندو رهان.

    (اڱارو 14 جولاءِ 1987ع تي بيدل بيڪس آرٽس ڪائونسل پاران روهڙيءَ ۾ نصير مرزا سان ملهايل شام جو موقعي تي پڙهيل.“)


    کٽمٺڙي جهڙو شاعر

    جڏهن نومبر جي نائين تاريخ تائين، گُل تي نَوَ سٽون به نه لکي سگھيس ته کيس چيم: ”مان اڃان تائين توتي مضمون لکڻ جي شروعات به نه ڪري سگھيو آهيان.“ ته موٽ ۾ کٽمٺڙو کاٻي پاسي رکندي وراڻيائين، ”مان ڪو گھوڙو آهيان ڇا، جو مون تي مضمون ٿو لکين!“
    مون هن ڏانهن غور سان نهاريو، هُو اُن وقت واقعي مون کي گھوڙو لڳي رهيو هو. پهرين سوچيم ته هن تي، گھوڙي تي مضمون لکڻ واري انداز ۾ مضمون لکندس، پر پوءِ دل جي چوڻ تي، پنهنجي قلم تي سوچ کي سواري ڪري، ڪاڳر جي ميدان تي ڪنهن به طرف ڊوڙڻ لاءِ ڇڏي ڏنم.
    اياز گُل نيڪ طبيعت جو مالڪ ۽ سٺي شاعريءَ جو خالق آهي. کٽمٺڙا کائڻ سندس پسند مو مشغلو آهي. هميشه کيسا ڀريون پيو هلندو. ايتري قدر جو، جڏهن ليڪچراريءَ جي انٽرويوءَ لاءِ ڪميشن آڏو پيش ٿيو ته سندس وات ۾ کٽمٺڙو هو. گھڻن کٽمٺڙن کائڻ جي ڪري سندس لهجي ۾ به ميٺاج سمايل آهي. بلڊپريشر گھٽ هئڻ سبب، کيس ڪاوڙ به قسمت سانگي ايندي آهي، پر جي ايندي اٿس ته اها ڪاري ڪاوڙ هوندي آهي. اهڙي طرح هو ڪاوڙ جا هفتا به ملهائيندو آهي. هو ڪاوڙبو به تمام معمولي ڳالهين تي آهي، جن ڏانهن هوند ڪنهن جو به ڌيان نه وڃي. مثال طور چوندو ته مان فلاڻي جاءِ تي آيس، تُون ٻين دوستن سان ويٺو هئين، پر مون سان اوپرن وانگر ملئين، يا فلاڻي گڏجاڻيءَ ۾ منهنجي ڀر مان اٿي ٻي جاءِ تي ڇو وڃين ويٺئين، وغيره. ان مان سندس حساس طبيعت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ٻين سان سندس ڪاوڙ ڪيتري دير قائم رهندي آهي، ان جا پورا انگ اکر ڪونهن، باقي کيس اعتراف آهي ته مونسان ڪاوڙ ڪرڻ کان پوءِ، هُو اها ڪڏهن به برقرار رکي نه سگھيو آهي. اسان پاڻ ۾ ڪيترا ڀيرا ڪاوڙيا هونداسين، پر هر ڀيري هڪٻئي لاءِ طلب وڌي اهي. گڏ گھاريل سالن جي انهيءَ ساٿ ۾، اسان ٻنهي مان، ڪنهن به جڏهن سڪَ سڳي ۾ ڇڪ محسوس ڪئي آهي ته انهيءَ کي ڍَر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
    ادب جي اڱڻ ۾ بانبڙن پائڻ کان وٺي ڊوڙڻ تائين (هيل تائين) سندس سارو سفر منهنجي اڳيان آهي.گلن جهڙا ٻارڙا جون گڏجاڻيون، سنڌي ادبي سنگت جا ميڙ هجن يا ادبي شامون، هر جاءِ تي گڏ رهيا سي. اهو سمورو تعلق ادب جي حوالي سان هو. تعلق به اهرو جو ڏينهن ۾ چار پنج ڀيرا نه ملون ته ماني هضم نه ٿئي. انهيءَ ويجھڙائپ جو هڪ سبب اهو به آهي جو جن جي ذات منهنجي نالي ۾ سمايل آهي، يعني مان ادل ۽ هُو دَلُ (ذات جو)
    هتي سندس ذات جي حوالي سان هڪ تاريخي واقعي جو ذڪر به ڪندس، جنهن جو اڻسڌيءَ طرح، گُل جي شاعر هئڻ واري پسمنظر سان تعلق مون زوريءَ ڳنڍيو آهي. مغلياڻيءَ جي چيچ ۽ شاهه جي هٿ واري ڳالهه تان مُغل شاهه لطيف تي باهُڙيا هئا ۽ سڱُ ڏيڻ کان انڪار ڪندي في الحال لطيف کي لوڏن ۾ وڌو هئائون. مجازي محبت جي چوٽ جُدا ۽ ڪوٽڙيءَ مان ٽپڙ ٻڌرائڻ جو ڌڪُ ڌار، سو لطيف سائينءَ کي مغلن ٻنهي پاسن کان سُور ڏئي ڇڏيا. ان وچ ۾ اياز گُل جا مائٽ دَلَ، مردن جي غيرحاضريءَ جو فائدو وٺي، مغلياڻين کي ڦري لٽي، ڀينگو ڪري ويا. شاهه لطيف ان سلسلي ۾ مغلن جي مدد ڪرڻ پئي چاهي، پر هنن اها آڇَ ٺُڪرائي، شاهه صاحب کي ڪاوڙائي هيئن چوڻ تي مجبور ڪيو ته:

    بيگ تنهنجي بيگڙي، ڪوٽڙيءَ مان ڪانَ
    اٿم آس الله ۾، دَلَ مارينئي مانَ.

    لطيف سائينءَ جي بددعا اثر ڏيکاريو، مرزا بيگ ساٿين سميت، اياز گُل جي مائٽن هٿان مارجي ويو ۽ مائين مغلياڻي ڀٽائيءَ کان معافي وٺي کيس مطلوبه سيده بيگم پرڻائي ڏني. جي دَلَ، داداگيري نه ڪن ها ته هوند مغلن جي ڪنڌ مان ڪلو نه نڪري ها ۽ شاهه کي مطلوبه محبت نه ملي ها، يعني اهو اڻسڌيءَ طرح دَل برادريءَ جو لطيف سائينءَ سان سهڪار ٿيو. موٽ ۾ ڀٽائيءَ جي دعا به دَلَ برادريءَ کي ٿوري گھڻي ضرور لڳي آهي جو شاعرن ۽ اديبن جا ڌَڻَ نه سهي، پر ٻه ٽي ان ذات ۾ ڀلا شاعر ۽ اديب پيدا ٿيا آهن. جن مان ٻه نالا چڱا مشهور ٿيا آهن، هڪ دَل عبدالحئي راهي امروٽي ۽ ٻيو دل اياز گُل امروٽي. دل عبدالحئي راهي ته دبئي وڃن کانپوءِ راهه بدلائي في الحال ادب جي دنيا مان ڪک پن ٿي ويو آهي، باقي اسان وارو هي ڍولڻ، پنهنجو پراڻو سينيما اسڪوپ نالو سُسائي، ادب جي اسڪرين تي پنهنجن غزلن ۽ گيتن جا سلائيڊ ڏيکاري رهيو آهي. منهنجي ذاتي خيال ۾ هن جي شاعر ٿيڻ ۾ لطيف سائينءَ جي انهيءَ آڳاٽي دُعا جو ڪجهه نه ڪجهه حصو ضرور هوندو، پر هيءُ همراهه سيد جي دُعا سان فقط شاعر ٿيڻ واري حد تائين راضي ناهي، پر سيدن مان اڃا وڌيڪ ٻاجھَه ۽ ڪرم نوازيءَ جو طالب آهي.

    دَل جي دُعا، شل قادر ڪري قبُول.

    هُونئن گُل شاعر ته تمام ڀلو آهي، پر هن ۾ ڪجھه غير شاعراڻا لڇڻ به موجود آهن، جيڪي اسان شاعرن ۾ اڪثر ڪري اڻلڀ هوندا آهن. مثال ترتيب، يعني ڪتابن ۽ سامانن کي ڍنگ سان ٺاهي رکڻ ۾، هي چڱين ڀلين سگھڙ زالن کان گوءِ کڻي ويندو. هن جي ڪمري جي هر شيءِ ترتيب سان رکيل نظر ايندي. ڪتاب هجن يا ڪپڙا، رسيدون هجن يا رومال، اڳٺ کان انڊرويئر تائين سندس هر شيءِ سليقي سان رکيل هوندي. جيڪا هڪ غير شاعراڻي خاصيت آهي.
    ڪتابن کي جُلد ڪرائڻ، خطن کي فائيلن ۾ محفوظ رکڻ ۽ ٻين اهڙن ڪمن ۾ پاڻ کي مصروف رکيون پيو ايندو. ترتيب ۾ رڪارڊ رکڻ واري عادت کان مجبور ٿي، وچ ۾ هن ڏٺل فلمن جون سئنيما واريون ٽڪيٽون ۽ هوٽل ۾ پيتل چانهين جا بل به سانڍڻ شروع ڪيا هئا، پر دوستن جي ٽوڪڻ تي هاڻي ٽڪيٽون ۽ بل سنڀالي نه رکندو آهي.
    انکانسواءِ ڪتابن وانگر هي نَون ڪٽڪ نوٽن کي به سنڀالي رکڻ جو شوقين آهي. جيڪڏهن ڀرسان ويٺو هوندو ته جھٽ ڏيئي منهنجي کيسي مان ڪڙڪ نوٽ ڪڍي، ان جي جاءِ تي پراڻا نوٽ رکندو. يعني نوان ڪڙڪ نوٽ جمع ڪرڻ سندس هابي آهي. عام طور اسان اديبن ۽ شاعرن وٽ ڏوڪڙ جٽاءُ نه ڪندا آهن، يعني سُتت ئي هٿن مان ترڪي ۽ کيسي مان کسڪي ويندا آهن. ائين کڻي چئجي ته سدائين سُڃائيءَ سان سنگت هوندي آهي. پر هيءُ همراههُ پئسن کي پُٽن وانگر پاليندو آهي. هن وٽ پهچي نوٽن جا پَر ڪٽجي ويندا آهن.
    گُل سائي ڀاڄيءَ کان ائين ڀڄي، جيئن جيرام ٽهي ڳائي گوشت کان، ان ڪري کيس سنگت ۾ ”گوشت خور گُل“ جي نالي سان به ياد ڪيو ويندو آهي. گوشت خور گُل جون هونئن ته ڪيتريون ئي حرڪتون آهن پر في الحال سندس هڪ يادگار حرڪت ياد اچي ٿي. اها ڳالهه ته سڀ مڃيندا ته عورت هر دؤر ۾ مردن لاءِ ڪشش جو سبب رهي آهي. ادب ۾ به عورت کي وڌيڪ اهميت حاصل آهي، ان جو مونکي به ذاتي تجربو آهي، جو شروع ۾ منهنجون به ڪچيون ڦڪيون لکڻيون، عورت جي نقلي نالن سان ايڊيٽرن خوشيءَ سان ٺاهي ٺُڪي شايع ڪيون هيون.
    هن يار به شاهده بلوچ جي ڪوڙي نالي سان، قلمي دوستيءَ جي ڪشش ڏياري ڪيترن ئي قربدارن کي ڇتو ڪيو هو. آخرڪار معاملو ان حد تائين وڌيو جو همراهه اچي ڀٽا روڊ تي نڪتا ۽ مائي سڳوريءَ جو پڇائيندا پئي وتيا. انهيءَ صورتحال گُل کي سست ڪري وڌو ۽ آئيندي ان قسم جي حرڪت کان توبهه تائب ٿيو.
    هن جي ذاتي زندگيءَ جي حوالي سان ٿورو گھڻو لکڻ کانپوءِ اها زيادتي ٿيندي، جيڪڏهن مان هن موقعي تي هُن جي شاعريءَ تي ڪجھه فليش نه هڻندس. ائين ناهي ته ڪو گُل جي شاعري خامين کان خالي آهي، پر ههڙي خوبصورت ٿڌڙي شام تي مان گُل جي گرم گرم غزلن ۽ نرم نرم نظمن تي نقاد واري نظر نه پر، هڪ پرستار واري پيار ڀري نماڻي نظر وجھندس. ادب ۾ هونئن به کري تنقيد جي کوٽ آهي. ڇوته اهو پورهيو هڪ محنت طلب آهي ۽ ٻيو ان ۾ نيت جو نيڪ هجڻ ضرور آهي. خير محنت ته کڻي اسان ڪري وينداسين پر اسان جي نيتن تي اعتبار ڪونهي. اندر جي اوٻر ڪڍڻ ۾ اسان وڌا آڙيڪاپ آهيون. جيئن ڪجھه نقاد ان قسم جي منافقي ڪن ٿا، تيئن ڪجھه ليکڪن ۾ به صحيح تنقيد برداشت ڪرڻ جي توفيق ڪونهي. ان ڪري يار ويس ماڻهو تنقيد جي گُر کي استعمال ڪرڻ کان لنوائين ٿا. ڇو ته محنت کان علاوه ان ۾ سماجي وهنوار واري گراف ۾ ناراضگيءَ، واري لڪير جي مٿي وڌڻ جو انديشو آهي. جيئن ته مان ڪو فُل ٽائيم نقاد وغيره ناهيان ڇو ته هر نقاد وٽ ڌار ڌار ماپا ۽ فريم هوندا آهن. هُو چاهيندا آهن ته فلاڻي ڪي فلاڻي ليکڪ کي هيئن لکڻ گھرجي يا وري ليکڪ کي اڳواٽ تيار ڪيل فريم ۾ فٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. انڪري مان پنهنجي دوست جي شاعريءَ کي ڪنهن به ڪسوٽيءَ تي پرکڻ بجاءِ، سنئون سڌو جيئن محسوس ڪيو آهي، ان جو مٿاڇرو ذڪر ڪندس. هونئن به شامون تخليقڪار جي تخليقن جو اعتراف هونديون آهن، جن مو مقصد ان جي فن جي لڪيل خوبين کي اجاگر ڪري، وڌيڪ ماڻهن تائين متعارف ڪرائڻ آهي.
    گُل جي شاعريءَ جو مکيه گُڻ، ٻولي ۽ لهجي جي سادگي آهي. هن جي سموري شاعريءَ ۾ خوبصورت عڪس، ڳوڙها ويچار، اندر جا احساس ۽ جذبا، عام فهم ۽ مروج لفظن ۾ بيان ٿيل آهن. جيتوڻيڪ ان جي شاعريءَ جو ڳچ حصو ذات جي ڏک جي حوالي سان آهي، پر ائين هرگز ڪونهي ته هن حياتيءَ جي ٻين حصن ڏانهن ڌيان نه ڏنو آهي. ڌرتيءَ جي محبت، روشن آئيندي جي اميد، همت سان مسئلن کي منهن ڏيڻ جِهڙن ويچارن سان گڏُ، هن جي شاعريءَ ۾ سونهن ۽ سچائيءَ جو هر رنگ موجود آهي. هو هر سچي شاعر جيان پوري انسانيت سان محبت ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته:

    جيڪي انسانيت سان پيار ڪن ٿا
    تن جون ئي زندگيون سجايون هِن.

    اهڙِي طرح هو پوري دنيا کي محبت جي ڀيٽا ڏئي ٿو:

    شاعر جا دنيا جي نالي
    شعر محبت ناما آهن.

    انسانيت سان محبت جو سلسلو پنهنجي ڌرتيءَ جي پيار کان شروع ٿئي ٿو. مٽيءَ جي محبت، ڌن دولت ۽ زماني جي عارضِ اعزازن کان گھڻو مٿي آهي.

    سنڌ ساڻ ڀيٽجن ڪهڙيون ڪهڙيون عظمتون
    پيار جي ملي پوي ڇا ڪنداسين دولتون.

    اُصول پسند، وفا شعار ۽ زمين پرست
    اسانجون دوست برابر گھڻيون خطائون هن.

    سنڌڙي تنهنجو سُنهن ته توکي
    سپُنن ۾ ڀي ساريو آهي.

    توسان پيار ڪندڙ ڇا ڄاڻي
    سرڪاري تمغن جون ڳالهيون.

    هن پنهنجا ڏک سُک، ڌرتيءَ سان لاڳاپيا آهن، تنهنڪري ڌرتيءَ جو هر ڏُک هن جو پنهنجو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڌرتيءَ جي درد تي هن جي ڏات تڙپي ٿي:

    ياد ڪري دُک ڌرتيءَ جا
    شعر رُنا ها منهنجا رات.

    هو ڏات کي پنهنجي ذاتي ملڪيت نه پر ڌرتيءَ ۽ ان جي انسانيت جي امانت ٿو سمجھي. ان ڪري هن جي شاعريءَ جو عمل، وقت جي وندر بجاءِ هڪ اهم مقصد لاءِ آهي.

    هي جو ڪجھه آءٌ لکان ٿو، ڪنهن تي ڪو احسان نه آ،
    ڌرتيءَ جو ڪو قرض آ جيڪو آءٌ چڪائڻ چاهيان ٿو.

    زماني سازي ۽ عام سماجي سوچ کي پاسيرو رکي، ڏات جي حوالي سان ڏسجي ته هيءُ ڌرتيءَ جو سڀ کان سگھارو فرد آهي، ڇو ته هي قلم تي قدرت رکي ٿو. جيئن نپوليئن چيو هو ته:

    (دنيا ۾ ٻه طاقتون آهن، تلوار ۽ قلم ۽ آخر ۾ هميشه تلوار تي قلم سوڀارو ٿيو آهي.)

    ان مان قلم جي اهميت جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو.

    گُل به پنهنجي قلم جي قوت کي صحيح رُخ ۾ استعمال ڪيو آهي. هُن اجاين ۽ بيسود خيالن جي ورجاءَ کان بچندي، پنهنجي ڏات وسيلي هيٺين پيڙهيل طبقي جي محنتي دُکي انسانن کي جيئڻ جو اتساهه ڏياريندي، انهن جي روشن آئيندي جي آس ڪئي آهي:

    هَر هٿوڙا، زخمي هٿَ
    منزل ماڻيندا ڏسجو.

    هڪ پُر اميد انسان جي حيثيت ۾ هُن وٽ دنيا جو ڪوبه عمل ڏکيو ناهي ۽ هر خواب جي ساڀيا ممڪن ٿي سگھي ٿي پر ڳالهه آهي بيداريءَ جي:

    هر ڪم سولو ٿي پوندو جي،
    دل جاڳي دل وارا جاڳن.

    اُميد جا گُل به ڏکن جي ٻوٽي مان ڦٽن ٿا. جيڪڏهن ڏک نه هجي ها ته سُک جو تصور نه اڀري ها ۽ اونداهيءَ ۾ ئي روشنيءَ لاءِ تڙپ پيدا ٿئي ٿي. جيئن تنوير عباسيءَ چيو آهي ته:

    درد پيغمبر،
    جنهن جو معجزو آهي سجاڳي.

    اهڙي شاعر وٽ تخليق جو درد ضرور آهي. ڇوته اثرائتي لکڻي درد مان ئي جنم وٺي ٿي ۽ اهڙي طلب گُل به ڪئي آهي.

    لُڙڪ اکين جا وڃن ٿا سُڪندا
    ڪ نوان درد پرائڻ گھرجن.

    تخليق جو درد يا سماجي حالتن جو هاڃو ۽ اهڙا ڪيترائي ڏک حياتيءَ سان لاڳاپيل هوندي به اها پياري ٿي لڳي، هڪ شاعر کي، شاعر جيڪو اسان جي جذبن جو به ترجمان آهي:

    زندگي توڙي جي عذاب ڪوئي
    ناهي پوءِ به سندس جواب ڪوئي.

    هڪ پُر اُميد تخليقڪار جيئن جي جاکوڙ ۾ ڪڏهن به مايوس نه ٿيندو آهي. هن وٽ انسانن لاءِ آٿت جا جذبا ۽ همت جا حوصلا هوندا آهن ۽ هو حالتن مان بيزار انسانن کي سيني سان لائي چوندو آهي:

    هيءَ ڊگھي رات سهي، کُٽندي ضرور
    درد نه رهندا ۽ دانهون ساڳيون.

    رات توڙي گھڻي انڌاري آ
    روشنين جي تلاش جاري آ.

    ڪڪريون ٿر ڏي به وينديون دوستو!
    بارشون آخر ته ٿينديون دوستو!.

    ڏک اسان جي ڏيهه ۾
    ڏينهن ٻه ٽي مهمان.


    هو فقط آٿت ۽ آسري تي روشن آئيندي جا خوبصورت خواب نه ٿو ڏيکاري، پر ان لاءِ عمل جو اصول به ٻڌائي ٿو. ڇو ته الماريءَ ۾ رکيل ڪتاب ۽ ان ۾ بند ٿيل خواب، حياتيءَ کي سنوارڻ جو سبب نه ٿا بڻجن، پر ان لاءِ جلڻو ۽ پچڻو پوي ٿو، جيئن شيخ اياز چيو آهي:

    آءُ ڪڙهائيءَ ڪڙهه، آءُ ته پرکيون پاڻ کي
    هونئن ته پيو پڙهه، پڙهڻ مان ڇا ٿو وري.

    اهڙي ريت اياز گل به پنهنجي محبوبه کي عمل جي دنيا ۾ اچڻ لاءِ چوي ٿو:

    اچُ ڪجھه عمل جي دنيا ۾ مٺي!
    ڪيسين رهندينءَ تون دُعائن ۾ گُم.

    فڪر جي لحاظ کان گل وٽ، جتي پشم جهڙا نازڪ جذبا آهن، اتي رُڪ جهڙيون سگھاريون سوچون به آهن. جيئن فڪري طور تي هُن وٽ وِيچارن جي ورائٽي آهي، تيئن فني لحاظ کان به هن وٽ مختلف رنگ آهن. هُن جي شاعريءَ ۾ استعمال ٿيل مترنم ٻولي، تشبيهون ۽ ڪيترائي خوبصورت عڪس، هن جي فني خوبين کي اجاگر ڪن ٿا. شاعري به خيالن جي موسيقي آهي، جيڪا اسان تائين لفظن جي وسيلي پهچي ٿي ۽ اهڙا مترنم لفظ گُل جي شاعريءَ ۾ به آهن:

    کيت ۾ سنگ پچن، رنگ رچن انگ نچن.

    اهڙيءَ طرح پرينءَ کان ڌار گھاريل اُداس گھڙي، گُل کي ڪنهن بيوه جي اجڙيل سينڌ سمان لڳي ٿي. جيڪا هڪ سهڻي تشبيهه آهي.

    توسواءِ هرگھڙي پرين آهي،
    ڪنهن بيوه جي سينڌ جيان اجڙيل.

    گُل جي شاعريءَ ۾ ڏنل عڪس ايترا ته خوبصورت ۽ چٽا آهن جو پڙهندڙ انهن ۾ پاڻکي گُم ٿيل محسوس ڪندو. ٿَر جي واري، ٿريلين جي چهرن ۽ چولين جي انڊلٺ رنگن سان تصوير ٺاهيندي هو پنهنجي ڌرتيءَ سان مهبت جو اظهار ڪري ٿو:

    ست رنگ چوليون چلڪيل چهرا، ڳاڙهسري واري
    سنڌڙي تنهنجو چاهه پئي ٿي اکڙين منجھه ڀري.

    ڪنهن اداس اسٽيشن تي محبوب جي جدائيءَ جو عڪس، نگاهن کان ڏُور ٿيندڙ ٽرين، جنهن سان گڏ عاشق جي اکين جي روشني به هلي ويئي آهي.

    منهنجي نظر هلي وئي آ تنهنجي گاڏيءَ سان
    انڌن وانگر اسٽيشن تي بيٺو آهيان مان.

    گھر کان ڏُور، هيکلائپ، رات جو پويون پهرُ ۽ جھيڻو چنڊ اهڙي ڳنڀير ڪيفيت ۾ هواجو آٿتُ ڏيڻ ان سمي جو پورٽريٽ گُل لفظن جي بُرش سان هيئن پينٽ ڪيو آهي:

    رات جو پويون پهرُ، مان هيس ۽ چنڊ ٿڪل
    هوا ڳراٽڙي پائي چيو اُٿي گھر هلُ.

    اهڙا ڪيترائي خوبصور عڪس گُل جي مجموعن ۾ آهن. هُن ٻارن لاءِ به لکيو آهي ته يارن لاءِ به. سبني صنفن ۾ پنهنجي فڪر جو اظهار ڪندي هن غزل لکڻ ۾ پنهنجا گوهر وڌيڪ ظاهر ڪيا آهن. جنهن ڪري کيس غزلن جو بادشاهه نه سهي، پر غزل جو گولو چئي سگهجي ٿو. غزل جي راڻيءَ جو لقب ڪنهن شاعره لاءِ مخصوص آهي، جيڪا اڃا ظاهر نه ٿي آهي. بهرحال ”راڳ جي راڻيءَ“ جو خطاب جاري ٿيڻ کان پوءِ ”غزل جي راڻيءَ“ جي اعزاز جو به جلد اعلان ٿيڻ گھرجي.
    غزل جو گولو اهو خوشنصيب شاعر آهي جنهن جي ڪتابن جا مُهاڳ سنڌ جي ٻن بک ڏاهن، ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ محمد ابراهيم جويي صاحب جن لکيا آهن. انکانسواءِ هيءُ انهن شاعرن مان هڪ آهي جن جي شاعريءَ جي وڻ تي شهرت جا شِڪرا جلد اچي ويٺا آهن.

    شال گُل جي فن جا فانوس
    سندس سوچ جي تيل سان
    ادب جي ايوان ۾
    پنهنجي حصي جي جوت پکيڙيندا رهن
    هن سان ههڙيون خوبصورت شامون
    سدائين پيو ملهائجن
    پر هن جي فن ۽ فڪر جي
    ڪڏهن به شام نه ٿئي.

    (5 ڊسمبر 1986ع تي سنڌي ادبي سنگت پنوعاقل پاران اياز گل سان ملهايل شام جي موقعي تي پڙهيل.)


    چچريل زندگيءَ جا قافلا

    جشن مهراڻ جي سنڌي مشاعري جون تياريون زور شور سان جاري هيون. رشيد ڀٽي صاحب به سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان ڏاڍو مصروف ٿي نظر آيو. اسين نوجوان به سندس سنهي سُڪي ڪم ۾ ساڻس ٻانهن ٻيلي هئاسين. جشن جا ڪجھه دعوت ناما مليا ته مون اهي ويجھي دوستن ۾ ورهائڻ شروع ڪيا.
    ٿلهن شِيشن واري عينڪ پائيندڙ هڪ دوست ڪريم بخش قاسميءَ مون کي ٻڌايو ته، مون واري دوست غلام نبي عر گُل جي سؤٽ غُلام رسول، ڇپر ئي ڇپر ۾ گھڻيون ڪهاڻيون لکيون آهن، پر اڃا تائين سندس ڪهاڻيون ڇپيون ناهن، جڏهن ته کيس ڇپجڻ جو تمام گھڻو شوق آهي. هن مون کي چيو ته ڪڏهن مان ساڻس ملي سندس ڪهاڻيون ڏسان ۽ کيس ان سلسلي ۾ صلاح مشورو ڏيان.
    مون ان وقت تائين رسول ميمڻ کي فقط پري کان ڏٺو هو. هاءِ اسڪول پڙهڻ دوران به ڪڏهن ويجھو وڃي ساڻس ملاقات ڪونه ٿي هئي. ان ۾ سندس اڪيلائي پسند طبيعت جو به هٿُ هيو. هو هميشه چپ چاپ اڪيلو اڪيلو پنهنجي منهن گھمندي يا بيٺل نظر ايندو هو.
    ڪريم بخش قاسميءَ جڏهن ٻڌايو ته هو ڪهاڻيون وغيره لکندو آهي ۽ ڪتابن سان ڪافي دلچسپي اٿس، ته منهنجي دل ۾ ساڻس ملڻ جو چاهه وڌيو. سو جشن مهراڻ جي ڪارڊ کي بهانو بڻائي، سندس گھر جي دروازي تي وڃي پهتس. ٿوري دير کانپوءِ ڄاتل سڃاتل ڳنڀير شخصيت وارو نوجوان رسول ميمڻ سامهون هو. جنهن سان آءٌ پهريون ڀيرو ڳالهائي رهيو هوس. هو به مون کي نالي کان اڳ ۾ ئي سڃاڻيندو هو ۽ ٻڌايائين ته سوجھري ۾ شايع ٿيل منهنجي مزاحيه ڪهاڻي پڙهي اٿائين. بهرحال اها اسان جي پهرين ۽ مختصر ملاقات هُئي ۽ مون کيس مشاعري ۾ اچڻ لاءِ گھڻو زور ڀريو ۽ هن اچڻ جو پڪو واعدو ڪيو.
    رسول ميمڻ جي ڳنڀير ماٺيڻي شخصيت تي سوچيندي آءٌ کيس ماضيءَ جي ڌنڌلن عڪسن ۾ ڳولڻ لڳس.
    اسين هاءِ اسڪول جي ميدان تي سٽَ ڪُٽ راند کيڏندي، کينهونءَ سان هڪٻئي کي سٽي رهيا آهيون. ڌوڙ اڏامي هڪٻئي کي ڀڀوت بڻائي ڇڏيو آهي. اوچتو اسان جون کينهون، سامهون سرنهن جي وڻ تي بيٺل هڪ ڊگھي ڇوڪر جي ڀرسان وڃي ڪري ٿو. هو ڊگھو ڇوڪر ننڍيون ننڍيون وکون کڻندو، حوض جي ڀرسان پشم جي وڻ ڏانهن هليو ٿو وڃي.
    موڪل جو گھنڊُ وڳو آهي. اسين هنبوڇيون هڻندا، هڪٻئي سان ڀوڳ چرچا ڪندا، گھرن ڏانهن وڃي رهيا آهيون. بئريج روڊ تي محمد بخش ڀٽيءَ جي محمدي بوڪ اسٽال وٽ ڪجھه دير ترسي ڪتاب ڏسون ٿا. اُتي روڊ جي پرئين پاسي، فوٽ پاٿ تان اهوئي اڪيلو اداس ڊگھو ڇوڪر ويندي نظر اچي ٿو.
    هڪ ڏينهن منهنجي دوست غلام نبي عرف گُل، جيڪو اسان سڀني ۾ تمام ٽڻڪ ۽ شرارتي هوندو هو، مونکي جنن پرين واري فلم گُل بڪاولي ڏيکارڻ جي قربائتي ڪوٺ ڏني. آءٌ پروگرام موجب سندس گھر ويس. غلام نبي گُل، گھر جي ٻاهران تمام گھڻو هُل ڪيون، پاڙي جي ڇوڪرن سان اکر مورت کيڏي رهيو هو ۽ آهستا آهستا پنهنجا پئسا هارائي رهيو هو. اوچتو اهو ئي اداس ڇوڪر اتي نظر آيو، هو هميشه جيان چپ چاپ ٻين سڀني ڇوڪرن کان پرڀرو پنهنجي دنيا ۾ گُم هيو. جڏهن غلام نبي عرف گُل پنهنجا سمورا پئسا هارائي تريون ڇنڊي ڪاوڙ مان اٿيو ته مون کي گُل بڪاولي وارو پروگرام گڙٻڙ ۾ نظر آيو. پر گُل هٿ جي صفائي ڏيکاريندي، اوطاق ۾ ستل پنهنجي ڏاڏي جي ڪوٽ مان ڪجھه ڏوڪڙ کسڪائي آيو ۽ اسين ٻئي گل بڪاولي ڏسڻ لاءِ روانا ٿيا سين.
    مون هلندي غلام نبي عرف گُل کان اڪيلي اداس ڇوڪر بابت پڇندي چيو، ”گُل! اهو ڊگھو ڇوڪر جيڪو تنهنجي گھر وٽ بيٺو هو، ڪير آهي؟“
    ”اهو ڙي! منهنجو سؤٽ اٿئي.“ غلام نبي گُل وراڻيو.
    ان ڏينهن مونکي ان ڊگھي اڪيلي اداس ڇوڪري جي نالي جي خبر پئي هئي. غلام رسول، سڀني کان الڳ پنهنجي دنيا ۾ گُم.
    ماضيءَ قريب جا اهي ڌنڌلا عڪس وڌيڪ ڌنڌلا ٿي ويا.
    ماضيءَ جو اهو ئي اداس اڪيلو ڇوڪر رسول ميمڻ اڄ مشاعري ۾ شريڪ ٿيڻ آيو.
    جشن مهراڻ جو مشاعرو شروع ٿئي ٿو.
    صدارت جي ڪرسيءَ تي شيخ اياز ويٺو آهي ۽ خاص مهمان آهي پير حسام الدين شاهه راشدي. رسول ميمڻ مائيڪ تي اچي پنهنجا بيت پڙهڻ شروع ڪري ٿو. ادبي دنيا جي اسٽيج تي اچي اهو ان جو پهريون قدم هو. سندس بيتن جي ٻولي ۽ اڻت ڏسي اعتبار نه ٿي آيو ته اهي بيت هڪ نئين شاعر جا آهن. رسول ميمڻ جڏهن بيت پڙهي پورا ڪري ٿو ته پير حسام الدين شاهه راشدي کيس پاڻ ڏانهن سڏي، کانئس اهي بيت وٺي پاڻ پڙهڻ لڳي ٿو.
    اهو ئي اڪيلو اداس رسول ميمڻ، پوءِ اسان جي ساٿ ۾ شامل ٿي ويو. هو سنگت جي هر ميڙ ۾ ايندو هو ۽ ڪجهه نه ڪجھه پڙهندو هو. انهن ئي ميڙن، رسول ميمڻ کي لکڻ لاءِ اتساهه ڏياريو. جنهن جو اعتراف هن پاڻ به پنهنجي ڪتاب، ”اُوشا جي آشا“ جي مهاڳ ۾ ڪيو آهي. فتاح ملڪ جي پراڻي آفيس ۾ ڪچهريون ٿينديون هيون. ڪهاڻيون ۽ شاعريءَ جا ديوان ڪڇن ۾ کڻي، سج لٿي مهل اسين چرچ واري لاهي لتاڙي وڃي فتاح ملڪ جي آفيس ۾ رسندا هئاسين. ڪڏهن فتاح صاحب جي نه هئڻ ڪري نشاط ريسٽورنٽ ۾ به ويهي پنهنجي ٻاڙ ساريندا هئاسين. پوءِ واري سنگت جي ميڙ رشيد ڀٽي صاحب جي اوطاق تي ٿيڻ لڳا. رسول ميمڻ اتي به ايندو هو. انهن ميڙن ۾ رسول ميمڻ جڏهن به ڪهاڻي يا شعر پڙهندو هو. تڏهن سندس آواز ۾ عجيب قسم جي تبديلي اچي ويندي هئي ۽ ائين محسوس ٿيندو هو ته اهو آواز ريگستان مان پڙاڏا ٿيو پيو اچي. اداس اڪيلي ڇوڪر جي اندر ۾ ٻرندڙ جبل هو، جنهن جا لاوا ڄڻ ته انهن ساعتن جي اوسيئڙي ۾ هئا. ماضي قريب جي انهن ميڙن کي ياد ڪندي هاڻ ائين ٿو محسوس ٿئي ته اسين سڀُ پوڙها ٿي ويا آهيون ۽ پراڻين يادن کي ساري ٿڌا شوڪارا ڀري رهيا آهيون.
    انهن ساروڻين کي سارڻ جو مطلب اهو ڪونهي ته اسانجن دوستن هاڻي لکڻ ڇڏي ڏنو آهي، پر اهي قربائتيون محفلون جنهن ۾ سڀ پنهنجون پنهنجون لکڻيون پڙهندا هئاسون، هاڻي نٿيون ٿين.
    هونئن نه ته مان به مڙئي لکندو ۽ ڇپجندو پيو اچان. حبيب بروهي به ڇپر ۾ سنڌيءَ سان گڏُ بروهڪي، اردو، پنجابي ۽ انگريزي شاعريءَ جون کنڌيون ڀريندو پيو اچي ۽ جڏهن به واجد پاسو ڏنس ته مجموعي جي مهورت تي سڀ پاڻ ۾ گڏ هونداسين.
    اهڙيءَ طرح ڪڇونءَ رفتار ڪهاڻيڪار رفيق سومرو به سال کن اڳ هڪ اڌ ڪهاڻِي لکي، پنهنجي ادبي جياپي جو ثبوت ڏيندو پيو اچي.
    اسان جو ڪروڌي دوست مُبن مڱريو هڪ سٺو پڙهندڙ ضرور آهي، پر اڄ تائين تمام گھڻين ڪوششن جي باوجود ليکڪ بڻجي نه سگھيو آهي. ان ۾ سندس کجيءَ جي ٿُڙ جهڙي کهري طبعيت ۽ ڇڙواڳ ذهن جو به هٿ آهي. هڪ ڀيري ڪهاڻي لکيائين، جيڪا وري پسند نه اچڻ تي انڊس هوٽل جي تنور ۾ اڇلي ڇڏيائين.
    اياز گُل جو ته ڌنڌو ئي ڄڻ شاعري ڪرڻ آهي. نه نوڪريءَ جو اونو نه لولي جي ڳڻتي. کٽمٺڙا کائيندو وتي ۽ غزل ٺاهيندو وتي.
    اهڙي طرح شفن مڱريو وري هنگامي حالتن مثلاً مشاعري وغيره جي اوچتي ڪوٺ تي ڪڏهن ڪڏهن ڪو غزلڙو ڦهڪائي رکندو آهي نه ته وري بس. ان ڪري هڪ ليکڪ طور پاڻ کي اڃا تائين مڃائي نه سگھيو آهي.
    جيتوڻيڪ اهو شروعاتي جوش هينئر نه رهيو آهي، پر پوءِ به رسول ميمڻ مسلسل لکندو اچي. هن شاعريءَ سان گڏ ڪهاڻيون به لکيون آهن.
    ”چچريل زندگيءَ جا قافلا“ ۾ ڏنل ڪهاڻيون رسول ميمڻ جي اڳين مجموعن وارن ڪهاڻين جي اسٽائيل کان مختلف آهن. هي به انهيءَ ساڳئي شروعاتي دؤر جون ڪهاڻيون آهن، پر لکڻ جي نموني ۽ موضوع مختلف هئڻ ڪري اڳين مجموعن ۾ شامل ٿي نه سگھيون.
    مون غلام رسول ميمڻ جون ڪهاڻيون ڪيترا ڀيرا پڙهيون آهن، ان ڪري نه ته هو منهنجو دوست آهي پر ان ڪري ته هو منهنجي پسند جو ليکڪ آهي. هو مونکي شاعري توڙي ڪهاڻين ۾ فن جي بلندين تي نظر آيو آهي. واڌو واکاڻ کان پرهيز ڪندي فقط ايترو چوندس ته هن جي تخليق ۾ محسوس ڪرائڻ جي سگھه تمام گھڻي آهي. رسول ميمڻ جي ڪهاڻين جي مختلف پهلوئن تي گھڻو ڪجھه لکي سگھجي ٿو، موقعي مهل جي نزاڪت کان، آءٌ فقط هن جي چند ڪهاڻين ۾ استعمال ٿيندڙ ڪجھه تشبيهن جو ذڪر ڪندس.
    ”بارش کان پوءِ“ ڪهاڻيءَ ۾ مينهن جي هڪ جھلڪ هينئن ٿو پيش ڪري:
    ”هر طرف پاڻيءَ مان لهندڙ ۽ ڦاٽندڙ ڦوٽڙا هئا، ائين ٿي لڳو ڄڻ پوري ڌرتيءَ کي ماتا نڪتي هجي ۽ اها عذاب کان داهيندي هُجي.“
    ساڳئي ڪهاڻيءَ ۾ اڳتي هلي، برسات ۾ جاءِ ڪرڻ ۽ ان جي هيٺان ماڻهن جي دٻجي وڃڻ کي لفظن جو هي روپ ٿو ڏئي:
    ”ڇت هيٺ جھُڪندي ويئي، پوءِ اوڏڪين ڀتين هڪ ٿلهي سوڙ جيان، انهن جي وجود کي مينهن کا بچائي ورتو.“
    ”شينهن جو ٻچو“ ڪهاڻيءَ ۾ جنگ جي وايو منڊل ۾ سج جي لهڻ کي هڪ سٽ ۾ نهايت خوبصورتيءَ سان پيش ڪيو اٿائين:
    ”سج کي تيرُ لڳو ۽ اولهه ۾ وڃي ڪريو.“
    ڪهاڻي ”سڪون ڪٿي آهي“ جون هي سٽون ڄڻ ته هڪ ننڍڙو نظم آهي:

    ”اوبُک!
    تُون ڪڏهن به ختم نه ٿيندڙ
    گھنڊُ آهين
    جيڪو دنيا جي ديول تي
    هميشه لڏندو رهندو.“

    اهو فقط رسول ميمڻ جي ڪهاڻين جو فقط هڪ پهلو هو. اهڙيءَ ريت سندس شاعري به نهايت پختي ۽ سحر انگيز آهي. سندس ڪي ڪي عڪس ته ڪڏهن به وسرڻ جهڙا ڪين آهن. ٿر ۾ سج لهڻ جو عڪس ڏسو:

    ”ٿوهر پويان سجُ
    لهندي لهندي ٿر ۾،
    ڄڻ اوندهه جو ٻجُ.“

    اهڙي نڪور تشبيهه شايد ئي اکين مان گذري هُجي، سندس واين ۾ به فني توڙي فڪري لحاظ کان تمام گھڻي گھرائپ آهي. مثال طور سندس ٻن واين جا بند پيش ڪجن ٿا:

    ”لڳهه اچي ليٽيا
    واءُ وڇايا وار
    ڏيئا ڏيئا ڏار
    وڻن تي وڄ ڪري.“

    اڏي آڏو اچي کُٽي ويا
    پيرا تنهنجا پانڌي
    نيري جل تي ناوَ هلي!
    ڪنول بڻيا هن ڪانڌي.

    مواد کان سواءِ واين جي انهن بند ۾ تجنيس حرفِيءَ جي خوبيءَ سميت بي انتها رواني آهي. سندس هڪ نظم جي بند ۾ ڏنل ويچار پڙهو:

    ٿي، ڌرتيءَ تان ائين چنڊُ ڏٺو
    جيئن سانوڻ ۾ ڪنهن مورُ ڪٺو
    يا وسڪاري ۾ وري پيو هو
    روئندي ڪنهن جو يارُ رُٺو.

    ان کان سواءِ رسول ميمڻ ڳورهي فڪر وارا آزاد نظم به رچيا آهن، جيڪي سندس وسيع اڀياس جو دليل آهن.
    اسين سڀُ سکر جا نوجوان ليکڪ هڪ ئي پاڙي ۾ پيا رهون ۽ انهن سڀني کي اڀارڻ ۽ همٿائڻ ۾ رشيد ڀٽي صاحب ۽ فتاح ملڪ جن تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. رشيد ڀٽيءَ جو آستانو، اسان نئين ٽَهيءَ جو ڄڻ مرڪز رهيو آهي ۽ اهو مرڪز هڪ قسم جي ادبي جاگرافي پڻ آهي.هن وقت ان جي اوڀر ۾ رسول ميمڻ ته اولهه ۾ رسول بروهي، اتر ۾ ادل سومرو ته ڏکڻ ۾ اياز گُل رهن ٿا. شال انهيءَ جاگرافيءَ ۾ اڃا به ڦهلاءُ اچي. اسان جا سڀئي ساٿي ائين ئي پنهنجي پنهنجي ڏات ڏيئي کي روشن رکندا، نفرت جي انڌيرن سان اٽڪندا، پيار جا ڦول ورهائيندا اڳتي اڳتي وڌندا رهن.

    هر رات ۾ انڌيرن ۾ ٽم ٽم ٻرن ڏيئا
    ڇرڪن ٿا سوين چٻرا اوڀر
    جي امارن کان.

    (پهرين جنوري 1982ع تي رسول ميمڻ جي چوٿين ڪتاب، ”چچريل زندگيءَ جا قافلا“ جي مهورت جي موقعي تي پڙهيل.)


    ڳاءِ وري ڪجھه ڳاءِ بانورا

    مون لاءِ
    ان کان وڌيڪ پراسرار
    ٻي ڪائي ڳالهه نه آهي
    ته ڪوئل ڪوڪي ڇو ٿي
    ۽ املتاس جي وڻ تان
    آڪاس ۾ ڇا ٿي ڏسي.

    (شيخ اياز ــ ٽڪڙا ٽٽل صليبَ جا).

    ڪوئل جي ڪوڪ هجي يا ڪو مڌر آلاپ، انساني من کي ضرور موهي ٿو، ۽ ان انسان جي انسان هجڻ ۾ شڪُ ڪري سگھجي ٿو، جنهن جي من تي سنگيت جي لهرن جو اثر نٿو ٿئي. ڇو ته راڳ ازل کان انساني من ۾ سمايل آهي ۽ راڳ جي لفظي معنى ئي آهي موج يا روح جو ريلو. سورنهن سال اڳ زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو مون تي راڳ جي جادوءَ جو اثر ٿيو هو. سکر ۾ 1974ع جي چوٿين مارچ جي شام جو جڏهن ڀرت ڀريل پهراڻ ۽ جرڪندڙ سنڌي ٽوپيءَ واري هڪ خوبصورت نوجوان راڳي پنهنجي سُريلي ۽ منفرد آواز ۾ شيخ اياز جون وايون ۽ نظم ڳاتا ته ٻڌندڙ ڄڻ ته پنڊ پهڻ ٿي ويا ها. اهو آواز ۽ انداز منهنجي لاءِ بنهه نرالو ۽ منفرد هيو، ڇو ته اڳ مون ڪنهن به راڳيءَ کي انهيءَ ڍنگ سان اهڙا نرالا ٻول ڳائيندي نه ٻڌو هو. من جي ماٺار ۾ هڪ هلچل پيدا ٿي وئي ۽ مان پري کان اسٽيج تي پنهنجن سُرن جي سُرهاڻ پکيڙيندڙ انهيءَ راڳيءَ لاءِ من ۽ اکين ۾ عقيدت جا عڪس اتاري بيٺو هوس. ماڻهو ان دل واري فنڪار کي ”بيدل“ جي نالي سان سڏي رهيا ها. هزارين نگاهون مٿس کُٿل هيون ۽ هو پنهنجي عقيدتمندن جي ميڙ ۾ ٻهڪي رهيو هو. هن جي اکين مان خوشيءَ ۽ فخر جا گڏيل اولڙا بکي رهيا ها.
    انهيءَ شام کان ٻه سال پوءِ، اسين ڏهه پندرهن نوجوان سيٺارجا ريلوي اسٽيشن تي ريل جي انتظار ۾ بيٺا هئاسي. سڀني جي اکين مان راتوڪو اوجاڳو ليئا پائي رهيو هو. لطيف جي ڏينهن جي سلسلي ۾ موسيقيءَ جي محفل رات گھڻي دير تائين هلي رهي هئي. هر ڪنهن جلدي گھر وڃي ٿَڪُ ٿي ڀڃڻ چاهيو. هڪ پٿرن سان ڀريل مال گاڏي(Goods Train) آئي، سڀ ان تي چڙهي ويٺاسي. کليل گاڏن واري هلندڙ گاڏي مان چؤڏسائن مان فطرت جا سڀ منظر پڌرا هئا. پٿرن تي ڪچهري جاري هئي ۽ نوجوان راڳي جھونگاري رهيو هيو. ڪنهن دوست مونکي نالو وٺي سڏيو ته راڳيءَ جھونگارڻ بند ڪري پڇيو، ”ڪهڙو آهي ادل سومرو؟“.
    راڳيءَ واتان پنهنجو نالو ٻڌي منهنجي چهري تي خوشيءَ جو رنگ ڦهلجي ويو. اسان وڏي پاٻوهه مان هڪ ٻئي سان ملياسون. اها هئي اسان جي پهرين سڃاڻپ. تن ڏينهن ۾ ادب ۾ نئين نئين شروعات هئي ۽ ڪجھه رسالن ۾ منهنجون لکڻيون شايع ٿيون هيون ۽ اهو حوالو وافيت جو سبب بڻيو. منهنجي لاءِ اهو گھڻي خوشيءَ جو ڪارڻ هو جو هڪ منفرد فنڪار مون کي سڃاڻي رهيو هو.
    ان کان پوءِ اسان جون وقت بوقت ملاقاتون ٿيندون رهيون. هڪ ڀيري حيدرآباد جي رستن تي تنها گھمندي ملي ويو. ڪجھه دير گھُمي ڦري بيدل مونکي رفيق ڪاڇيلي جي اوطاق تي وٺي آيو، جتي هو ترسيل هو. مون کي محسوس ٿيو ته بيدل جي من ۾ ڪو مانڌاڻ متل هو ۽ اهڙا ڪجھه آثار سندس چهري تي به ظاهر هئا ۽ پوءِ هارمونيم کڻِي هُن درديلا آلاپ شروع ڪيا ته سندس اندر جي لڪل ڪيفيت پڌري ٿي پئي. اتيئي مون پهريون ڀيرو هن کان نصير مرزا جو نظم ”خوشبوءِ جي سنگ سنگ“ ٻڌو. جهڙا هُئا ٻول، تهڙي ئي بيدل بيهاري هئي ڪمپوزيشن. منهنجي خيال ۾ اهو پهريون سنڌي آزاد نظم آهي جنهن کي ڪنهن فنڪار اهڙي منفرد ۽ ڀرپور انداز ۾ ڳايو آهي. ان وقت واقعي بيدل جي حالت رولاڪ بادل جيان هئي ۽ نصير جي نظم هن جي اندر جي احساسن جي صحيح ترجماني ٿي ڪئي. امداد حسينيءَ جي اها راءِ ته بيدل تي ڪي گيت يا نظم زوريءَ مڙهيا ويا آهن، منهنجي خيال ۾ غلط آهي، ڇو ته مان سمجھان ٿو ته بيدل ڪڏهن به پروفيشنل ٿي نه آلاپيو آهي نه ئي وري هُن ڪو گيت يا غزل پنهنجي مرضِيءَ کان سواءِ ڳايو آهي.

     مان ڏوهي هان مان ڏوهي، (شيخ اياز)
     وڃو ڪويليو وڃو (شيخ اياز)
     اوهان کي هٿ ۾ هٿ ڏئي هلڻ وارا
     هر موڙ تي دوست ملندا ئي رهندا (امداد)
     چوي ڪير ٿو، تون ڪجھه نه ڪر (شمشير)

    سڀُ بيدل جا من پسند ٻول آهن، جن کي هُن پنهنجي ڀرپور فن ۽ دل جي گھرائيءَ سان ڳايو آهي. بيدل ”پهرين آڪٽوبر جي تان“ جي عنوان سان سيمفوني رچي آهي، جيڪا ڀيروي ٺاٺ جي راڳ مالڪوس ۾ ترتيب ڏني اٿائين. هندو موسيقيءَ ۾ راڳن کي تمثيلي طرح ديوتائون سڏيو ويو آهي ۽ انهن راڳڻين کي مجسم (Personify) ڪري هر هڪ جي دلڪش تصوير سندس مضمون موافق ڪڍي اٿائون. مالڪوس جو روپ هن ريت آهي:
    ”هڪ سگھارو جون، مُنهن مان رتُ پيو ڇڻيس. اکيون نشي ۾ مخمور اٿس. هٿ ۾ لٺ اٿس، لباس سندس نيلو آهي ۽ ڳچيءَ ۾ موتين جي مالا پيل اٿس.*“
    ۽ مونکي اهو ئي روپ بيدل جو محسوس ٿيندو آهي. هن سنگيت جي اؤسر لاءِ ”وائسز گروپ“ جي نالي سان سنگيت جي سامين جو هڪ سٿُ تيار ڪيو آهي:

    سامين ساز سنوان ڪيا، تندُ وڄائي تار.
    (شاهه ــ سُر رامڪلي)

    وائسز گروپ، سنڌي موسيقيءَ جي دنيا ۾ نوجوان راڳين جي هڪ منفرد ۽ نرالي تنظيم آهي، جنهن موسيقيءَ جي قديم روايتن سان تعلق رکندي، فن جي دنيا ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرايا آهن. ترقي پسند ليکڪن جي انجمن جي گولڊن جوبلي ڪانگرنس جي شروعات ۾ وائسز گروپ جي ساٿين بيدل جي اڳواڻيءَ ۾ جڏهن شيخ اياز جو اردو نظم:
    ميري ديده ورو ميري دانشورو!
    ڳاتو ته ميڙ تي ماٺار ۽ منَ منَ ۾ مانڌاڻ مچي ويو. داد ۽ تحسين جو اظهار سڀني ٻڌندڙن جي اکين مان ظاهر هو.

    قديم سنڌ ـ ڀيرومل، صفحو 321
    ڪن فيڪون
    شاعر موسيقار مُصور
    سڀ ۾ ساڳيو جوشُ جُنون

    اهڙا ڪي چند مثال موجود آهن جو جوش ۽ جنون جا احساس ۽ ڏات جا ايترا شعبا ڪنهن هڪ فنڪار ۾ موجود هجن. جڏهن ڪنهن وجود ۾ فن جي اهڙي انڊلٺ ٺهي ٿي ته ان جي اهميت ۽ قدرداني جت ڪٿ ٿئي ٿي. ڏات جي مختلف شعبن سان وانجهيل بيدل پنهنجي ڪهاڻيءَ جي مجموعي، ”ڀوڳنا جو سفر“ جي مُهڙ ۾ پاڻ بابت لکي ٿو:
    ”لکڻ پڙهڻ، ڏسڻ ٻڌڻ، ڪرڻ ۽ مڃڻ نه مڃڻ جهڙيون مشغوليون منجهان خود انسان پاڻ به عجب عجب ڪردارن جو ويس ڌاريندو آهي. اهڙي طرح مون به ويس ڌاريا آهن، ڪهاڻيڪار، ڪوي، راڳي ۽ مصور جا. جيڪي سڀئي گڏجي منهنجي شخصي وجود کي مڪمل بڻائن ٿا ۽ منهنجي شخصيت جا عڪس ٿي اڀرن ٿا.“
    اهڙي گھڻ پاسائين شخصيت هئڻ ڪري بيدل جا عيقدتمند به گھڻا آهن. ڪي راڳ جي حوالي سان ته ڪي ڪهاڻيءَ ۽ شاعريءَ جي حوالي سان بيدل کي چاهين ٿا. ڏات جي مختلف شعبن ۾ سندس تخليق جو سفر جاري آهي ۽ آس آهي ته انهيءَ جذبي سان هو سنگيت جي سُرن، شاعريءَ ۽ ڪهاڻيءَ جي هُٻڪارن سان اسان جي ادبي ۽ ثقافتي دنيا کي واسيندو رهندو. بيدل، مها ڪوي شيخ اياز جو به من پسند راڳي آهي. شيخ اياز جي اها خواهش آهي ته بيدل سنگيت جو سفر ان ئي اتساهه سان جاري رکندو اچي. ان ڪري ئي کيس چوي ٿو ته:

    ڳاءِ وري ڪجھه ڳاءِ بانورا!
    ڳاءِ وري ڪجھه ڳاءِ.
    امرتُ رس ڇلڪاءِ بانوارا!
    ڳاءِ وري ڪجھه ڳاءِ.
    سجُ ٽٻي ڏي ان کان اڳ ۾
    رنگ نوان برساءِ بانورا!
    ڳاءِ وري ڪجھه ڳاءِ.
    پويان پَل پُڪارون آهن
    تن کي تون لنواءِ بانورا!
    ڳاءِ وري ڪجھه ڳاءِ.
    ڳاءِ وري ڪجھه ڳاءِ بانورا!
    ڳاءِ وري ڪجھه ڳاءِ.

    (16 نومبر 1989ع تي موري ۾ بيدل مسرور سان ملهايل شام جي موقعي تي پڙهيل.)


    اسين نه رهياسين ته ڇا ٿيو!!!

    ننڍپڻ ۾ جڏهن جاگيراڻي محلي جي پرائمري اسڪول ڏانهن پڙهڻ ويندو هوس ته هُو اڪثر اُس جي تڙڪي وٽ ڪرسيءَ تي ويٺل نظر ايندو هو. عجيب پُراسرار محسوس ٿيندڙ ان شخص کي مان غور سان ڏسندو هوس، جنهن لاءِ سڄي اسڪول جي ٻارن ۾ هُليل هو ته اهو دهريو ۽ ڪافر آهي. مون کي ان وقت انهن لفظن جي معنى ۽ مفهوم جي ڪابه خبر ڪانه هئي، بس منهنجي ڪچڙي ذهن تي اهو تاثر ويٺل هو ته اهي دهريا ۽ ڪافر عجيب ۽ مختلف مخلوق ٿين ٿا، جن سان اسان جو ڪوبه واسطو ڪونهي. انڪري مان ڊڄي ڊڄي هُن جي ڀرسان لگھندو هوس ته متان مون کي به ڪافر نه ڪري ڇڏي. انهيءَ کي گھڻو ڪري ڪتاب هٿن ۾ هوندا هئا، اسڪول جي بنهه لڳ پنهنجي آفيس ۾ جيڪڏهن ويٺو هوندو هوته لکڻ پڙهڻ ۾ مصروف نظر ايندو هو. هڪ ڏينهن هُن پنهنجي آفيس جي ٻاهران تمام گھڻا ماڻهو گڏ ڪيا ها. پنهنجي هٿن سان وڏن وڏن ڪارڊن تي الائجي ڇا لکندو، سڀني کي ڏيندو ٿي ويو ۽ اهي ماڻهو جوش مان ٻانهون اڀيون ڪري، ڪارڊ کڻي، قطارون ٺاهي نعرا هڻندا شهر طرف روانا ٿيندا پئي ويا. مونکي ان وقت ڪارڊ تي لکيل جملن ۽ نعرن جو ڪوبه مطلب سمجھه ۾ نه ٿي آيو. مون اتي بيٺل ڪجھه ڇوڪرن کان پڇيو ته هي ائين ڇو ٿا ڪن، پر ان جو جواب به منهنجي سمجھه کان مٿي هو. ان ڪري اها ڳالهه ڪيترائي ڏينهن منهنجي ننڍڙي ذهن ۾ ڦرڻيءَ وانگر ڦرندي رهي ته آخرڪار هو چاهي ڇاٿو، جو هُن ايترا ماڻهو پاڙي ۾ گوڙ ڪرڻ لاءِ گڏُ ڪيا ها؟
    اوچتو ڪافر گُم ٿي ويو. گھڻا ڏينهن گُذري ويا جو پاڙي ۾ نظر نه آيو، سو همڪلاسي ڇوڪرن کان پڇيم ته ”ڪافر ڪاڏي ويو آهي؟“ هنن جواب ڏنو ته: ”هو هڪ ٻئي وڏي ڪافر سان هندستان ملڻ ويو آهي.“ ان وقت فقط اهو سمجھه ۾ آيو هو ته هندستان ڪو وڏو ملڪ آهي، جنهن جو هُو سئر ڪرڻ ويو آهي. اُستاد عبدالله جمعي جي خطبي ۾ ٻڌائيندو هو ته: ”ڪافر کي الله تعالى گھڻي دولت ڏيندو آهي ۽ مؤمن کي تڪليفون ڏئي امتحان وٺندو آهي.“ سو پڪ ٿي ته هو پنهنجي دولت کپائڻ هندستان ويو آهي. ڪجھه ڏينهن کان پوءِ خبر پئي ته هو هندستان کان موٽي آيو آهي ۽ پاڻ سان ڪجھه بتَ آندا اٿائين جن جي هو عبادت ڪندو آهي. مون اڳ ۾ بت ڪڏهن به نه ڏٺا ها، سو انهن کي ڏسڻ جي اندر ۾ آس جاڳي. جيئن ته ان جا ڪيترائي مٽ مائٽ ڇوڪرا اسڪول ۾ پڙهندا ها، ان ڪري هڪ ڏينهن انهن سان گڏجي مان هن جي گھر بتَ ڏسڻ ويس. ان وقت هو پاڻ گھر ۾ موجود نه هو تنهنڪري اسين بي ڊپا ٿي سندس ڪمري ۾ وياسين. سڄي ڪمري ۾ چئني پاسن کان ڪتابن جون الماڙيون هيون. ۽ هڪ جاءِ تي ٻه ٽي بتَ به رکيل ها. مان انهن ننڍين مورتين کي چڱي دير تائين غور سان ڏسندو رهيو هوس پر ڳالهه منهنجي سوچ کان مٿي هئي.
    عيد جي ڏينهن جڏهن نوان ڪپڙا پائي بابا سان گڏجي جاگيراڻي محلي ۾ استاد محمد عارف واري مسجد ۾ عيد نماز پڙهڻ لاءِ ويس ته مون کي ان وقت گھڻي حيرت ٿي، جڏهن ڏٺم ته هو به عيد نماز پڙهڻ لاءِ ويٺو هو. ان وقت استاد جا لفظ ياد آيا ته: ”ڪافر نماز نه پڙهندا آهن نه ئي الله تعالى کي مڃيندا آهن.“
    پنجون درجو پاس ڪري مون هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي. جيئن ته محلو ساڳيو هو، انڪري وقت به وقت هو مونکي نظر ايندو هو، خاموش پنهنجي دنيا ۾ گُم. اٺين درجي کان منهنجو ادب ڏانهن لاڙو ٿيو. سائين ممتاز علي مغل صاحب جي نصيحت تي عمل ڪندي ڏيهاڙي معصوم شاهه لائبريري ويندو هوس. جيئن اڀياس جي رفتار وڌندي وئي تيئن مون پنهنجي ذهن ۾ تبديلي محسوس ڪئي. مئٽرڪ تائين مون کي لڳو ته منهنجي ذهن جي اونداهين ڪمري ۾ آهستي آهستي روشندان کلي رهيو آهي. انٽر تائين ذهن جي ڪمري ۾ چڱي روشني ڦهلجي چڪي هُئي. ان وچ ۾ شاعري ۽ ڪهاڻيون لکڻ لڳو هوس. جڏهن سنڌي ادبي سنگت جي ڪلاسن ۾ آيس ته مؤمن ـ ڪافر جون سموريون حقيقتون ظاهر ٿي پيون. اهو ڪافر هاڻي هڪ مانائتي ليکڪ رشيد ڀٽيءَ جي روپ ۾ منهنجي سامهون هو. مونکي خبر پئجي وئي ته سچ ڇا آهي ۽ ڪوڙ ڇا آهي!. مونکي محسوس ٿيو ته منهنجو ذهن جيڪو اڳ ۾ سوڙهو اونداهو ڪمرو هو، هاڻي ڪشادو ميدان ٿي پيو آهي.
    سائين فتاح ملڪ جي آفيس ۾ سنڌي ادبي سنگت جي اجلاسن ۾ ڀَٽي صاحب سان ملاقات ٿيندي هئي. هو نوجوانن جي لکڻين تي سُٺي نموني ڳالهائيندو هو ۽ صلاحون ڏيندو هو. پاڙيسري هجڻ جي ناتي گھڻو ڪري روز گڏجڻ ٿيندو هو. ائين ئي ڀَٽي صاحب جي شخصيت واضع ٿيندي وئي.

    چند ستارا راهون آهن،
    منهنجون عبادتگاهون آهن.
    تُون ته چوين ٿو ملحد آهيان،
    ڪائنات جو چپو چپو.
    مون لئه مسجد وانگر آهي،
    ۽ ماڻهوءَ جي دل مون لئه آ
    جامع مسجد وانگر.
    ڪلهه کان مان ۽ فيض انهيءَ ۾،
    پهرين صف ۾ آهيون.
    ساڳي صف ۾،
    بُلي شاهه، ڀٽائيءَ پارا.
    ڪيئي ملحد آهن
    ڪيئي ملحد آهن.

    (شيخ اياز)

    ”اسان تي الزام آندا،“ جڳ جيئڻ جا، وانگر تنگ نظر ۽ تعصبي ماڻهنجون فتوائون بي معنى آهن. سائين جمال ابڙي جي لفظن ۾ ته: ”روزا اسين رکون، نماز ۽ تهجد اسين پڙهون، خدا جو خوف دل ۾ سدائين، پوءِ به اسين ڪافر سڏجون.“

    سچل سائينءَ چواڻي:

    ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي
    مان جوئي آهيان سوئي آهيان.

    رشيد ڀٽيءَ جو جنم 20 آگسٽ 1933ع تي سکر جي علمي ادبي گھراڻي ۾ ٿيو. سندس والد مولوي عبدالحميد ڀٽي پنهنجي دؤر ۾ ناميارو عالم، اديب ۽ صحافي هو. پنهنجي والد جي ڪري، رشيد ڀٽيءَ کي ننڍپڻ کان ئي نامور علمن ۽ اديبن جي صحبت حاصل رهي، جنهن ڪري سندس تربيت ۽ سوچ ۾ پختگي ننڍپڻ کان ئي شروع ٿي.
    نوجوانيءَ واري دؤر ۾ ڪراچيءَ ۾ پڙهائيءَ دوران، هڪ انگريزي اخبار ۾ ڪمپازيٽري ڪري کيس خرچي حاصل ڪندو هو، جنهن ڪري هن ۾ شروع کان ئي خودداريءَ جو مادو پيدا ٿيو. اهڙي ريت هن آخر تائين پنهنجي پيرن تي بيهي محنت ڪري کائڻ جي روايت برقرار رکي. کاڌي کان ڪپڙي لٽي تائين، سادگي پسند رهيو. شخصيت ۾ اجائي ٺاهه ٺوهه ۽ نماءَ جو مخالف هوندو هو. دوستن جو پيارو ۽ بيرونق ڪچهرين ۾ ٽهڪن جي رنگيني پکيڙيندڙ. علمي ادبي، سماجي ڪمن ڪارين ۾ اڳڀرو ته لکڻ ۾ به تيز. ناول، ڪهاڻيون، ترجما، شاعري، جيل جون ڊائريون، ڪالم، مهاڳ، خاڪا ۽ مقالا وغيره، هر موضوع تي لکڻ جي ڀرپور صلاحيت جو مالڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو خالق. وقت کي اجايو وڃائڻ بدران ڪنهن نه ڪنهن عمل ۾سجايو ڪندڙ. ڪُتبخانن کان بنديخانن تائين سندس پيرن جا نشان پکيڙيل. عام زندگيءَ ۾ خاموش خاموش محسوس ٿيندڙ پر دوستن جي ڪچهرين جو مرڪز هوندو هو.
    سنڌي ادبي سنگت، ادبي سوسائٽي سنڌ مسلم ڪاليج، پاڪستان رائيٽرس گلڊ، شاهه عبداللطيف فائونڊيشن، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۽ ٻين علمي ادارن ۽ تنظيمن جو ميمبر ۽ عهديدار رهيو. علمي ۽ ادبي سرگرمين ۾ حصي وٺڻ ڪري سندس وڪالت وارو پيشو گھڻو متاثر ٿيندو هو. اهوئي سبب آهي جو هو وڪالت جي حوالي سان گھڻي شهرت حاصل ڪري نه سگھيو. پڇاڙيءَ ۾ ڪجھه سالن کان آغا بدرالدين دُراني لاڪاليج ۾ قانون جو آنرري پروفيسر هو. صحافين ۾ به ڀٽي صاحب پٺتي نه هو. هُُ روزانه الوحيد ڪراچي ۽ روزانه نئين سنڌ ڪراچيءَ جو ايڊيٽر ۽ روزانه هلال پاڪستان جو ايڊيٽر به رهيو. سندس مستقل ڪالم، روزانه هلال پاڪستان ڪراچي، هفتيوار صبح سنڌ ڪراچي، هفتيوار برسات ڪراچي ۽ ماهوار سوجھرو ڪراچي ۾ شايع ٿيندا هئا.

    سندس ڇپيل ۽ اڻڇپيل ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي:

    1. آدرشي ڪهاڻيون. ڪهاڻي پبليڪيشن بمبئي 1962ع.
    2. گھڙي گھڙي هڪ گھاءُ (ڪهاڻيون) پاڪستان رائٽرس گلڊ.
    3. دنيا جا عظيم افسانا (ترجمو) سنڌي ادبي بورڊ 1958ع.
    4. آڏي ڍال مَ ڍار. (ترتيب) پاڪستان رائٽرس گلڊ سکر 1966ع .
    5. رياست ۽ آزادي (ترجمو) سنڌي ادبي بورڊ 1966ع.
    6. عاشق زهر پياڪ (ناٽڪ) مهراڻ پبلشر سکر 1968ع.
    7. ڪميونسٽ پڌرنامو (ترجمو) عوامي ڪتاب گھر 1975ع.
    8. سچ جو فلسفو (تجزيو) عظمت ادبي اڪيڊمي حيدرآباد 1985ع.
    9. پاڪستان جا پراڻا شهرـ سنڌي ادبي بورڊ 1981ع.
    10. پاپ ۽ پيڙا (ناول ـ ترجمو) اڻ ڇپيل.
    11. باغي (شاعري ـ ترجمو) اڻ ڇپيل.
    12. چتر ليکا (ترجمو) زندگي پبليڪيشن حيدرآباد.
    13. سياري جي رات (طنزيه ڪهاڻيون) شهباز پبليڪيشن حيدرآباد 1985ع.
    14. اوڀاريون لهواريون (ڪالم تقريرون) سنڌي ادبي اڪيڊمي حيدرآباد 1985ع.
    15. ديس سُتا دل وارا جاڳيا (ڪهاڻيون) سنڌي ادبي اڪيڊمي حيدرآباد 1986ع.
    16. جڏهن جھوڪ جھُريو (ترجمو) عظمت ادبي اڪيڊمي حيدرآباد 1985ع.
    17. ويرن جي وسندي (ناول ـ ترجمو) عظمت ادبي اڪيڊمي حيدرآباد 1986ع.
    18. سنڌ ۽ هند جي ادبي شخصيتن جي خطن جي چونڊ (ترتيب هيٺ).
    19. ادبي تنقيدي مضمونن جو مجموعو (ترتيب هيٺ).
    20. تقريرن جو مجموعو (ترتيب هيٺ).
    21. اخباري ڪالمن مان چونڊ (ترتيب هيٺ).
    22. ورهاڱي کانپوءِ سنڌ ۾ ادبي هلچل جي تاريخ (زير تصنيف).
    23. ڪليمن جارو جي برف (ڪهاڻيون ـ ترجمو) اڻپورو.
    24. گُڊارٿ (ناول ـ ترجمو) اڻپورو.
    25. شاهه عبداللطيف آف ڀٽ (ترجمو) اڻپورو.
    26. اسين لوچون لوهه ۾ (جيل جي ڊائري) پريس ۾. سنڌي ادبي اڪيڊمي حيدرآباد.
    27. تضاد بابت (ترجمو) عظمت ادبي اڪيڊمي حيدرآباد 1986ع.

    مختلف ٻولين جي ڄاڻ رکندڙ، سنڌي ٻوليءَ جو، ناميارو اديب رشيد ڀٽي، نثر جي ايترن ڪتابن جي تخليق ۽ ترجمي ڪرڻ کان سواءِ شاعريءَ ۾ به دلچسپي رکندو هو. سندس مزاحيه شاعري گھڻي مقبول آهي، جيڪا اڪثر ڪري مشهور گيتن ۽ غزلن جي پيروڊي طور جوڙيل آهي. جنهن ۾ وزن بحر به ساڳيو ئي رکيو اٿائين. خاص طور تي مشهور شاعر نياز همايوني جي گيت:

    تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول،
    مون وٽ روپ نڪو ٻهروپ الا.

    جي پيروڊي، ڀٽي صاحب هن ريت ڪئي آهي:

    تنهنجي دنيا سُرخي سينڊل
    مون وٽ سُوٽ نه ڪو فُلسوٽ الا.

    اهڙيءَ طرح هڪ ٻيو مزاحيه شعر آهي؛

    وري ياد آيا بهانا اوهان جا
    هي ڏاڏا اوهان جا هي نانا اوهان جا

    اسان جي ته دنيا آ ٺيڙهي پڊعيدن
    هي لنڊن هي پيرس ويانا اوهان جا.

    ڀٽي صاحب پنڌ ڪرڻ جو ڪوڏيو هو. جنهن لاءِ پنڌ گھمڻ جا فائدا ٻڌائيندو هو ۽ روز، چڱي مفاصلي تائين ڇنڌ ويندو هو. هڪ ڀيري مان، سائين فتاح ملڪ ۽ ڀَٽي صاحب، سچل جي عرس جي موقع تي درازن وڃي رهيا هئاسين. راڻيپور پهچي ڀَٽي صاحب چيو ته: ”هتان سچل جي درگاهه تائين پنڌ هلنداسين. گھمڻ سان ورزش به ٿي ويندي.“ سو راڻيپور کان پنڌ شروع ڪيوسين. واٽ تي ڀَٽي صاحب جي ڪيترن ئي دوستن گاڏيون روڪي گڏ هلڻ جي صلاح ڪئي. جيئن ته ڀَٽي صاحب کي پنڌ ڪرڻو هو سو ڳالهه ٺاهي سڀني کي چيائين: ”يار مون سچل جي درگاهه تي باس باسي هُئي ته عرس جي موقعي تي راڻيپور کان پيرين پيادي درازن تائين ايندس، سو توهان هلو مون کي پنڌ پڄڻو آهي.“
    حاضر دماغ هو ان ڪري پنهنجي هر ڳالهه کي وزن ڏياري ويندو هو. وري جڏهن سچل سائينءَ جي درگاهه تي پهتاسين ته اتي اديبن ۽ شاعرن کي هڪ وڏو ڪمرو ڏنو هئائون جنهن ۾ گلم وڇايل هو ۽ فقط هڪ کٽ پيل هئي. ٻيا سڀُ هيٺ گلم تي ويهي رهيا ۽ سائين غلام محمد گراميءَ کي مٿي کٽ تي ويهاريائون. اتان لنگھندڙ ماڻهن لاءِ اهو منظر ڌيان ڇڪائيندڙ هو ته هڪ بزرگ کٽَ تي ويٺو آهي ۽ ٻيا سڀُ هيٺ ويٺا آهن. دروازي جي ڀرسان ڀَٽي صاحب ۽ نياز همايوني صاحب جن ويٺا ها. هڪ همراهه کان رهيو نه ٿيو، سو در وٽ ويٺل ڀَٽِي صاحب کان پڇيائين:
    ”ڀائو! ڪر خبر، اهو کٽَ تي ويٺل ڪير بزرگ آ..؟“
    ڀَٽي صاحب ٺهه پَهه وراڻيس: ”بابا! اهو اسان سڀني جو مرشد سڳورو آهي.“ اهو ٻڌي همراهه بوٽ لاهي، نهايت عقيدت سان ٻانهون ٻڌي گرامي صاحب کي پيرن تي هٿ رکي وڃي مليو.
    ان کان پوءِ اتان قطارون ٻڌجي ويون. هڪڙا ويا ته ٻيا آيا پئي. گرامي صاهب اچي پريشان ٿيو. ماڻهن کي گھڻوئي چيائين ته: ”بابا مان پير مرشد ناهيان.“ پر هو نه ٿي مُڙيا ۽ ان کي مرشد جي انڪساري ٿي سمجھيائون.
    خوش مزاجيءَ وارو انداز ڀٽي صاحب جو پڇاڙيءَ تائين رهيو. پڇاڙيءَ ۾ جيتوڻيڪ گھڻو ڪمزور ٿي ويو هو، پر ان هيڻائيءَ جو احساس سندس شخصيت تي ڇانيل نه رهيو. پاڻ کي هردم خوش رکڻ جي ڪوشش ڪندو. پنهنجي بيماري ان جي علاج، ليبارٽري ٽيسٽن ۽ دوائن وغيره جي ڄاڻ هيس ۽ ڊاڪٽرن سان اڪثر ڪري دوائن ۽ بيمارين جي حوالي سان بحث ڪندو هو. جڏهن به مان جاگيراڻي محلي مان گذرندو هوس ته سلام جي موٽ ۾ ڪونه ڪو اهڙو جملو چوندو هو جو خود به خود گھڙي پل ساڻس ڪچهري ڪرڻ تي دل چوندي هئي. رک رکاءَ وارو ماڻهو نه هو. جيڪي چوڻو هوندو هوس سڀني کي منهن تي چئي ڏيندو هو. جنهنڪري ڪيترائي ماڻهو سندس مان ناخوش به هئا. انسان هو ۽ انسانن سان اختلاف به ٿي سگھن ٿا، پر سندس ادبي پورهئي کان سندس مخالف به انڪار نه ڪري سگھندا.
    سائين شيخ اياز جي اڻڇپيل شاعريءَ جي مجموعي ”ڀٽ جي ڇانوَ اڳي کان گھاٽي“ ۾ ڪيترن نظمن جو تاثر نمايان آهي. هڪ نظم جو مفهوم ڪجھه هينئن به آهي ته ”ٽيبل تي هي اڻپورا نظم ائين پيا هوندا ۽ مان هن دنيا کي ڇڏي ڏور هليو ويندس.“ ڀٽي صاحب ائين ڏهاڙي مختلف ادارن پاران مليل ٽن ڪتابن جا ترجما ڪندو هو. ڪتابن جي خوشبو سان واسيل سندس اهي اڻپورا ترجما ائين پيا آهن، ڄڻ هينئر ڪجھه دير لاءِ ڀٽي صاحب ٻاهر وي هجي ۽ موٽي اچي رهيل ڪم پورو ڪندو.
    موت برابر مهڻو ناهي، پر ائين اوچتو وڇوڙو ايذائيندڙ آهي. دوست يار سڀ انتظار ۾ ها ته اجھو ٿو ڀَٽي صاحب علاج لاءِ ٻاهر وڃي، پر هو اهڙي پار هليو ويو، جيڏانهن وڃڻ جي واٽ آهي پر ورڻ جو ڪو گسُ ڪونهي. جاگيراڻي پاڙي ۾ حميد سنڌي، پروانو ڀٽي، غلام رباني ۽ مرغوب بخاري جن هونئن به اڪثر ايندا رهندا هئا ۽ ڀَٽي صاحب سان وڏيون ڪچهريون ڪري وڏا ٽهڪ ڏيندا هئا، پر 16فيبروري جي ملاقات ٻئي رنگ جي هئي. سڀني کي کلائڻ وارو خاموش ابدي ننڊ ۾ ستو پيو هو ۽ سندس چؤڌاري ساڻس گڏُ کلڻ وارا اوڇنگارون ڏئي روئي رهيا هئا. شيخ اياز، فتاح ملڪ، تنوير عباسي ۽ محبوب شيخ جن ته سڏڪن ۾ پئجي ويا هئا. ڀَٽي صاحب ڄڻ ان سمي کين کلندو چئي رهيو هجي:

    ”سنڌڙي رهي..
    اسان نه رهيا سون ته ڇا ٿيو......!!!!“


    ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا

    ڌرتيءَ تي انسان جو سفر روزِ اول کان جاري آهي. جن ماڻهن جو سفر فقط پنهنجي ذات جي سنوار سُڌار تائين محدود رهيو، انهن جي قدمن جا نشان وقت جي طوفانن ڊاهي ڇڏيا ۽ انهن جا نانوَ حالتن جي هوائن ۾ ائين وکري ويا جيئن سامونڊي وير ۾ ڪناري تي ٻارن جا جوڙيل واريءَ گھرڙا. پر زندگيءَ جي رڻ پٽ ۾ ڪي اهڙا آواز به هوندا آهن، جن جي صدا ڪڏهن به جھَڪي نه ٿيندي آهي. جن ماڻهن جون حياتون مايا جي موههَ ۽ دنياوي ڊوههَ جي دائري ۾ ڦرنديون آهن انهن جي دلين ۾ سدائين ”موت“ جو ڊپُ سمايل هوندو آهي.
    هُونئن ته هر انسان جي حياتيءَ جي ميوزيم ۾ موت جو ڀوائتو بُت رکيل آهي، پر روشن ضمير آزاد انسانن لاءِ موت بي معنى هوندو آهي، ڇو ته اهڙن انسانن جي حياتي انسانيت لاءِ ڇپر ۽ ڇانوَ هوندي آهي، ان ڪري انهن جا نانوَ، هر هانوَ ۾ هُرندا آهن ۽ موت انهن جي شهرت ۽ عظمت جي عڪس کي ڌنڌلو ڪري نه سگھندو آهي؛

    جنهن آزاد گذاريو آهي
    تنهن لاءِ موت ته ڪا شيءِ ناهي.
    وک وک تي پنجوڙ ڏسي
    شينهن ڪڏهن گجگوڙ ڇڏي آ؟
    ڪنهن به عقابي چنبي ڀَوَ ۾
    آکيري جي اوٽ وتي آ؟
    ڏَرِ جو ڏَڍُ گدڙ لئه آهي
    جھِرڪي جھڙپ ڏسي ڏرندي آ
    جنهن آزاد گذاريو آهي
    تنهن لئه موت ته ڪا شي ناهي.

    (شيخ اياز)

    پير حسام الدين راشدي به اهڙن روشن ضمير آزاد انسانن مان هڪ هو، جنهن سموري حياتي علم ادب جي عشق ۽ پيار جي پرچار ۾ گُذاري.

    اسان نوجوان ادب دوستن يا ليکڪن کي، اڪثر ڪري محقق، تاريخدان ۽ لسانيات جا ماهر، پنهنجي تحقيق وانگر خشڪ ۽ محسوس ٿيندا آهن. انهن جي اوپرائپ، کُهرائپ سبب ائين لڳندو آهي ڄڻ هُنن ۽ اسان جي وچ ۾ ورهين جي وٿي هُجي.
    جشنِ مهراڻ75ع جي سلسلي ۾ سکر ۾ هڪ وڏي مشاعري جو اهتمام ٿيو هو، جنهن ۾ خاص مهمان پير حسام الدين راشدي هو. مون ان وقت محسوس ڪيو ته شايد رشِيد ڀٽيءَ جن مڙئي سنگت نڀائي آهي نه ته حسام الدين راشديءَ جو شاعريءَ سان ڪهڙو واسطو. جڏهن مشاعرو شروع ٿيو ته راشدي صاحب هر هڪ نوجوان شاعر کي نه فقط غور سان ٻڌو پئي پر داد به ڏنو پئي. اسان جي شاعر دوست رسول ميمڻ جي بيتن کان هو ايترو ته متاثر ٿيو جو کانئس اهي بيت وٺي ٻيهر پاڻ جھونگارڻ لڳو. وري جڏهن ساڻس ڪچهري ٿي ته هو نهايت سٻاجھو، کلمُک ۽ نوجوان محسوس ٿيو ۽ اها به خبر پئي ته راشدي صاحب پاڻ به ڪنهن وقت فدائي الراشديءَ جي نالي سان شاعري ۽ افسانه وغيره لکندو هو. ”الزليخا“ جي نالي سان هڪ ناول به لکيو هئائين. ان ملاقات ۽ معلومات کان پوءِ مونکي محققن بابت پنهنجي راءِ تبديل ڪرڻي پئي. ڪراچيءَ ۾ ڪيترن ميڙن، ادبي شامن، ڪتابن جي مهورتن جي موقعن تي راشدي صاحب کي ٻڌڻ جو موقعو مليو. سندس شخصيت ۽ ڏاهپ جا هر مڪتبه فڪر جا ماڻهو قدردان ڏٺم. هو مونکي هميشه تازو توانو ۽ نوجوان محسوس ٿيو. رشيد ڀٽيءَ لکيو آهي ته پير صاحب هڪ دفعي نجي محفل ۾ چيو هو ته: ”نوجوان ۽ نئين نسل سان ڪچهري ڪري مان پاڻ کي نوجوان محسوس ڪندو آهيان ۽ ايمان تازو ٿي ويندو اٿم ڇو ته منهنجي زندگيءَ جو سرمايو منهنجون تخليقون، منهنجي لائبريري ۽ سنڌ جو نئون نسل آهي.“
    انهيءَ ڳالهه ۾ بلڪل صداقت آهي. پير صاحب جڏهن اسان جي نوجوان تاريخدان ۽ محقق غلام محمد لاکي جا مقالا پڙهيا ته سندس مڃتا لاءِ هُن جي ماڻ ۾ مانيءَ جو اهتمام ڪري ساڻس ڪچهري ڪئي ۽ سندس محنت کي ساراهيو. سندس هر دلعزيز شخصيت جي ڇانوَ دُور دُور تائين ڦهليل هئي. هن علم دوست انسان، جنهن جي سمهڻ جو ڪمرو به ڪتابن سان سٿيل هوندو هو، جا دروازا هميشه سڀني لاءِ کليل هوندا هئا. الحمرا سوسائٽيءَ جو ”علي رضا“ هائوس هجي يا جمشيد روڊ وارو ”بيت الضياء“، سندس اڱڻ، مهمانن جي آجيان لاءِ هميشه ڪشادو هوندو هو.
    مولائي شيدائيءَ جو تحقيقي ڪمُ، قلمي نسخا ۽ پير راشديءَ جو ڪم ڏسي اعتبار نه ايندو آهي ته ايترين سماجي مصروفيتن جي باوجود هنن اهڙو محنت طلب ڪم ڪيو هوندو. انهن جي ڀيٽ ۾ اسان نوجوانن جو اهو حال آهي جو ڪجھه شعر لکي ائين ٿا سمجھون ته سنڌي ادب تي ڄڻ وڏا وڙ ڪيا آهن. پنهنجي سستي ۽ گھٽ محنت واري حالت ڏسي لڳندو آهي، اسان جا اهي بزرگ ڄڻ ته ڪي مشيني ماڻهو هئا جن ايترو سارو علمي پورهيو ڪيو آهي. اها ڪنهن کي خبر هوندي ته ننڍڙو ڏنل شاهه جنهن جون ڄمڻ سان اکيون ڄڻ ته نه هجڻ جي برابر هيون. جنهن لاءِ سندس ڏاڏي کي نجومي دوست کي اهو چوڻو پيو ته: ”غلام محمد، کڻ هن کي، ڪوڙا نجومي تو ته چيو ٿي ته هيءُ ڏاڍو خوشنصيب ٻار ٿيندو ۽ وڏو نالو ڪڍندو، پر هن کي ته اکيون ئي ڪونهن نالو ڌوڙ ڪڍندو.“ سو وڏو ٿي پنهنجي ڏات ۽ ڏاهپ جي روشني ڏورانهن ڏيهَن تائين ڦهلائيندو. جيڪو بنا ڪنهن تعليم سندَ جي اهڙا علمي ڪارناما انجام ڏيندو جو جت ڪٿ سندس مڃتا ٿيندي، جيڪو ويهن ورهين جي عمر ۾ اخبارن جا ايڊيٽوريل لکندو ۽ روايتي خوشامدي واري صحافت جي سيني تي مُڱَ ڏريندو.
    ننڍپڻ جو ذڪر ڪندي پير علي محمد راشدي لکي ٿو ته: ”هڪ ڏينهن حسام الدين راند ڪندي، ڪمري ۾ اچي منهنجي ڪتابن سان کڙاند (حرڪت) ڪرڻ لڳو، مون کيس دڙڪو ڏيندي چيو، اڙي ڄٽ تون منهنجي ڪتابن کي هٿُ نه لاءِ، هُن مون ڏانهن ڏٺو ۽ هيئن چوندو هليو ويو ته آءٌ ڄٽ آهيان، چڱو ادا....“
    منهنجي خيال ۾ پير علي محمد راشديءَ کي ڏنل پنجن لفظن جو اهو جواب ڄڻ هڪ چيلينج هيو ته، ”مان توکي ثابت ڪري ڏيکاريندس ته مان ڄٽ نه آهيان.“ ۽ حسام الدين واقعي ثابت ڪري ڏيکاريو ته هو ڏاهپ ۽ ڏات جو نه فقط ڌڻي هو پر پنهنجي ڀاءُ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ محنتي به هو. 1951ع ۾ خيرپور جي هڪ علمي ميڙ ۾ صدارتي تقرير ڪندي، برصغير جي وڏي تاريخدان ۽ محقق سيد سُليمان ندويءَ پير حسام کي ”مؤرخ سنڌ“ سڏيو هو. حڪيم سعيد لکي ٿو ته: ”پير حسام الدين هڪ عظيم انسان هو. پير ته هُو رڳو نالي جو هو پر هزارن پيرن کان برتر ۽ بزرگ هو.“
    اخبار ”المنار“ جي پريس اسان جي پاڙي ۾ آهي، جنهن جو پير صاحب ڪڏهن ايڊيٽر هيو. ليوڪس پارڪ جي سامهون نارائڻ داس موٽرن واري جي بلڊنگ جو اهو مسواڙي ڪمرو اڄ به آهي، جنهن ۾ پَٽَ تي سمهندي، ۽ ساڌ ٻيلي جي مندر مان پرشاد وٺي گُذارو ڪندي، راشدي صاحب پنهنجي ڀاءُ سان سنڌي صحافت جي خدمت ڪئي. جنرل لائبريري اڄ به آهي جتي ڪڏهن مولائي شيدائي، مولانا دين محمد وفائي ۽ پير حسام الدين ۽ علي محمد راشدي جن مطالعي سان گڏ علمي ادبي رهاڻيون ڪندا هئا. انهن هنڌن وٽان گذرندي پنهنجن بزرگن جون يادگيريون ذهن تي تري اينديون آهن. سکر جي گھٽين ۽ رستن تي ڦهليل پير حسام الدين راشديءَ جي قدمن جا نشان اڄُ ڪوبه ڏسي نه ٿو سگھي پر ادب دوست ماڻهن جي دلين تي هن جي لاءِ محبت ۽ احترام جي جذبن جا گُل سدائين ٽڙيل هوندا.
    جهڙي ريت هومر جي مرڻ کانپوءِ يونان جي مختلف شهرن جي ماڻهن دعوى ڪئي ته هومر سندن شهر جو رهواسي هو. تهڙي ريت پير حسام الدين راشديءَ جي وفات کانپوءِ ايراني چون ٿا ته حسام اسان جو هو، اردو اديب چون ٿا ته حسام الدين اسان جو هو. سنڌي چون ٿا ته هو اسان جو هو. اها آهي انسان جي عظمت. انسان هليو ويندو آهي پر سندس پوکيل محبتن جي ٻُوٽن جي خوشبو سدائين قائم رهندي آهي:

    مٽيءَ منجھه ملي ڪي ماڻهو ڇڏي وڃن ٿا واس
    جن جي سار ۾ سالن تائين سارو لوڪ اداس.

    اڀ ادب تي اڏندي وڇڙي ڳالهه قطاران ڪونج،
    اڄ به انهيءَ جي ڪرڪي جي آ، روههَ روههَ ۾ گونج.

    هو جو ڪالهه هليو ويو آهي ڏاهو ڪيڏو ڏور
    تنهن جون سارون روز پچارون پل پل تنهنجو پور.

    ڏات ڏاهپ جي آڏو آ موت به خود مئل.
    جسم حوالي قبرن جي پر علم ته آهي اٽل.

    مڪلي نامو آهه اسان وٽ مڪليءَ تي آ هُو،
    ڦهليل هُن جي ڏاهپ جي آ نگر نگر خوشبو.

    ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون پڙهندا، ماڻهو هُن کانپوءِ
    جھرجھنگ هن جون يادون رهنديون لُڇندي هن لئه لوءِ.

    هن ڌرتيءَ جو دانشور آ صديءَ صديءَ جو سچُ
    علم ادب ۽ محبت وارو مچندو رهندو مَچُ

    جڳ ۾ جيڪو بڻبو سڀ لئه ٿڌڙِي ٿڌڙِي ڇانءُ
    من من جي ڪاڳر تي لکيل سوئي رهندو نانءُ.


    ڪالهه قطارون جن

    جمعي جي ڏينهن شام جو سڀئي دوست، سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر جي ڪچهريءَ لاءِ گڏ ٿيا هجون. هر ڪنهن منٽ بوڪ تي پنهنجو نالو لکي صحيح ڪئي، سنگت جي مقرر وقت کان اڌ ڪلاڪ کن وڌيڪ گذري ويو هو، سڀني چيو ته سنگت جي ڪاروائي شروع ڪئي وڃي.
    ”ڪجھه دير ترسو، متا ولي دائودپوٽو پهچي وڃي.“
    اها سٽ منهنجي زبان تي ايندي ايندي رُڪجي وئي.

    تنهن ڏينهن اسان کان رُسي ويو هو، چيو هئائين، ”سنگت جي ڪچهرين ۾ شريڪ ٿيڻ نه ايندس.“ وري اسان سڀئي کيس پرچائي وٺي آيا هئاسون. هاڻ به ته اسان کان رُسي ويو آهي، سنگت جي ماهوار چندي جي رسيد به سندس نالي ڪٽي رکي آهي. ڪڏهن کانئس سنگت جو چندو به وٺي ايندا سون ته کيس پرچائي به اينداسون. هو ايڏو ضدي به ته ڪين آهي، سندس ڪجھه شعر ٻُڌنداسون ته پاڻي ٿي پوندو.

    سڀني دوستن جي راءِ سان وليءَ سان شام ملهائڻ جو پروگرام رٿيو هوسي. اخبارن ۾ خبر به شايع ٿي وئي، خميس 19 جولاءِ 1979ع تي ساڻس پريس ڪلب سکر ۾ شام ملهائڻ جون تياريون ٿي رهيون هيون. ڪيترن دوستن کي اڳواٽ زباني ڪوٺ به ڏئي ڇڏي هئي. پروفيسر شير محمد بلوچ کي به اڳواٽ خاص مهمان جي حيثيت ۾ شرڪت لاءِ چئي ڇڏيوسي. رسول ميمڻ پلاسٽڪ ڪوٽيڊ ڪارڊ مونکي دعوت نامن ڇپرائڻ لاءِ ڏنا.

    پوءِ دعوت ناما ڇو ڪين ڇپيا. آخر ڪهڙو سبب هو؟
    ائين پروگرام ڪجھه ڏينهن پوئتي هليو ويو.

    ادبي شام جي ٻيهر تاريخ مقرر ڪرڻ لاءِ ولي وٽ صلاح مشوري لاءِ ويس ته وراڻيائين ته: ”ڪهڙي به تاريخ رکو يار!........ ڀلا تڪڙ ڪهڙي آهي. رمضان ۾ رکو يا غيد کانپوءِ، جڏهن مرضي توهان جي.“
    پر وليءَ اهو ڪين ٻڌايو ته کيس ڪو ڳجهو دعوتنامو پهريائين ملي چڪو هو، سو اسان کان لنوائڻ لاءِ پئي ائين چيائين ته: ”جڏهن مرضي توهان جي.“
    وليءَ سان شام ملهائڻ لاءِ اسانجي پهرين رٿيل تاريخ کان هڪ ڏينهن پوءِ، ملڪ الموت ولي کي فرشتن جي ادبي سنگت پاران، ساڻس طويل شام ملهائڻ لاءِ اوچتو وٺي هليو ويو جو اسين سڀيئي آسري ۽ اوسيئڙي ۾ ئي رهجي وياسين.
    اها اسان سڀني جي هارَ هُئي.
    ولي دائودپوٽو ڌنڌي ڌاڙيءَ وارو ماڻهو هو، تنهنڪري کيس واند جمعي واري ڏينهن ٿيندي هُئي. هر جمعي تي سندس اهو معمول هو ته شام جو سڀ کان پهريائين ڪيئن به ڪري سنڌي ادبي سنگت جي ڪچهريءَ ۾ شريڪ ٿيندو. جيڪڏهن اتفاق سان جمعي ڏينهن، ڪنهن ڪم سانگي، ڀرپاسي واري ڳوٺ يا شهر ۾ ويو ته اتان واپسيءَ تي وري به سنگت کي منهن ضرور ڏيکاريندو.
    ولي سنگت جي ڪچهريءَ ۾ شريڪ ٿئي ۽ ڪجھه نه پڙهي، کوڙوئي نه ٿو لڳي. هر ميڙ ۾ ٻه ٽي شعر ضرور پڙهندو. پوءِ ٿيندي هيس شعرن تي تنقيد. چوندو هو،”مون تي ڀرپور تنقيد ڪريو. جيئن منهنجي اصلاح ٿئي.“ پر سائين اسان جي عمر کان هن جي ادبي عمر وڌيڪ، سو شعر اهڙا جو سون وانگر جڙي ٺاهي کڻي ايندو. سندس شعرن ۾ پختگيءَ سان گڏُ، لفظن جي موسيقيءَ جو بيپناهه وهڪرو ــ ڪوشش ڪري نج سنڌي لفظ استعمال ڪندو. دوهن، گيتن، غزلن ۽ بيتن سان گڏُ، نيون صنفون، آزاد نظم، ترائيل، ۽ ٽيڙو وغيره به مير ۾ پڙهڻ لاءِ کڻي ايندو. سنگت جو ادبي ميڙ ختم ٿيندو ته پوءِ چانهه جو دور هلندو. پوءِ سموري سنگت ڪڏهن انڊس هوٽل ۾ ته ڪڏهن عوامي هوٽل ۾ ـ ڪچهري هلندي، وليءَ کي پنهنجي شاعريءَ جي مجموعي ڇپائڻ جو فڪر لڳندو. پوءِ شفن خرچ جو تفصيل لکندو، ٽائيٽل تي هيترو، ڪاغذ تي هيترو، ڪُل خرچ ٿيو ٽي هزار روپيا. ولي ڪجھه دير سوچي وري چوندو.

    ”ڪجھه صفحا گھٽايونس ٿا يار! ڀلا هاڻي خرچ گھڻو ايندو؟“

    پوءِ ائين ولي خرچ کي ٿوري ڪرڻ لاءِ ويندو صفحن کي گھٽائيندو، تان ته مجموعو وڃي 80 صفحن تي بيهندو. پوءِ ولي ٿيندو مطمئن ته هاڻي خرچ گھٽ آهي. سو ايندڙ هفتي وڃان ٿو ڪراچيءَ ٽائيٽل ڇپرائڻ. پوءِ ائين هر هفتي سنبرندي، همراهه بنا سنبرڻ جي اهڙي پار هليو ويو جو هاڻ کڻي سندس شاعريءَ جا ڏهه مجموعا ڇپرايون ته فقط ڏسڻ لاءِ به نه ايندو ته ڪهڙا مجموعا ڇپرايا اٿَوَ. سندس شاعريءَ جا ٽي مجموعا بلڪل تيار پيا هئا، ”جي ٿي سليان سُور“، ”گھر گھر گونجن گيت اسان جا“ ۽ ”پن پن ۾ پڙلاءُ.“ پوين ٻن مجموعن جا ٽائيٽل گھڻو اڳ مونکان ٺهرائي رکيا هيائين. هر جمعي تي وتندو هو اهي ٽائيٽل گھُمائيندو، ڪو يار دوست گڏيس ته ڏيکاري چوندو: ”بس ايندڙ مهيني مجموعا ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي ويندا.“

    اها ئي سندس وڏي ۾ وڏي خواهش هُئي.

    سنڌي ادبي سنگت جي دوستن کان موڪلائي پوءِ نياز هوٽل تي هم عمر جھونن دوستن سان ويٺو ڪچهريون ڪندو. نياز هوٽل بند ٿيو ته وري اڪثر منير هوٽل تي ويندو هو. وفات واري رات به ٻارهين وڳي تائين منير هوٽل تي ويٺو هو. پوءِ اتان اٿي به گھُمندو ڦرندو رهيو. ڀيڄ ڀنيءَ جو 4 وڳي ڌاري پاڙي وارن کيس، سندس گھر جي ٻاهران دڪيءَ تي ويٺل ڏٺو.

    رات ساري بيقراري، انتظاريءَ ۾ ولي،
    چنڊ ۽ معصوم تارن جو نه دم نڪري وڃي.

    ولي اٽڪلي ۽ ٽڪو پنجو ڪندڙ شاعر ڪين هو، صاف دل هيو. هن ڪنهن جي سرٽيفڪيٽ ذريعي ادب ۾ نامور ٿيڻ جي هرگز ڪوشش ڪانه ڪئي. نه ئي هن، ڪنهن ايڊيٽر جي سهاري وٺڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو ته جيئن هو کيس، رسالي ۾ نمايان ڪري شايع ڪري.

    هن پنهنجي فن رستي اڳتي وڌڻ جي جستجو ڪئي، ڇو ته هن وٽ صلاحيتون هيون. هن نه پئي چاهيو ته پوئين دروازي کان ادبي ايوان ۾ داخل ٿئي ۽ ٻين جون منڍيون لاهي پاڻ کي قداور محسوس ڪرائي.

    آءٌ آهيان ڳُجھه سڄڻ جو، آءٌ آهيان فلسفو،
    قافلي جي اڳ ۾ آهيان، ڪاروان کان پوءِ پوءِ.

    هن سڌي رستي کان پنهنجي فن جي ذريعي عوام آڏو پيش ٿيڻ ٿي چاهيو پر ادبي داداگيرن کيس ٿڏي، اڃا به پوئتي ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي. هن جي فن کي رد ڪرڻ لاءِ، مٿائنس رجعت پرستيءَ جا الزام مڙهيا ويا. کيس ادبي ميڙن ۾ شريڪ ٿيڻ کان محرم رکيو ويندو هو، پر هو مايوس ڪڏهن ڪونه ٿيو. پنهنجو فڪر کنيون هڪ سچي فنڪار جان اڳتي وڌندو رهيو. عام زندگيءَ ۾ جهڙي ريت هو پنهنجي پورهئي سان سچو هو تهڙيءَ طرح ادبي دنيا ۾ لکڻ جي عمل ۾ هو ڪڏهن ڍَرو نه رهيو.

    هو سنڌي ٻوليءَ جو اهو برک شاعر هو، جنهن مرندي گھڙيءَ تائين لکيو.
    سندس شمار صرافه بازار جي ماهر سونارن ۾ ٿيندو هو.

    اسين جڏهن به صرافه بازار مان لنگھندا هئاسين ته سندس دوڪان وٽان تکا تکا گُذري ويندا هئاسين ته جيئن متا وليءَ جي نظر نه پوي ۽ اسان کي سڏي پنهنجو تازو ڪلام نه ٻڌائي. مرهيات جي اها عادت هوندي هئي ته جڏهن به ڪو ادب دوست واقفڪار سندس دوڪان آڏو گذرندو هو ته کيس سڏي پاڻ وٽ ويهاري چانھه به پياريندو ته تازو ڪلام به ٻڌائيندو. ڪڏهن اسان کي ڪنڊ پاسا ڏيندي ڏسي وٺندو هو ته پري کان رڙ ڪندو: ”سڃاڻانوَ ٿو! لنوائي ڀڳا ٿا وڃو.“
    پوءِ اسان کيس پرچائڻ تي، نه سائين اهڙِي ڪا ڳالهه ڪانهي، توهين ڪم ۾ رڌل هئا، اهو سوچيوسين ته اوهان کي ڪهڙو اچي سيڙائجي. ”اهي ڪم ته مرندي تائين ڪين ڇڏيندا....... ڀلا اٿَوَ گيت غزل ته ٻُڌايو.“
    هاڻي اسان کي هجي ڪو پنهنجو شعر ياد ته ٻڌايون. لاچار هڪ اڌ ٽيڙو کيس ٻڌائيندا سين. پوءِ موٽ ۾ ولي جي درجن کن شعرن ٻڌڻ لاءِ تيار ٿي وينداسين. پوءِ چانهه به پئي پيئبي ته وليءَ جا شعر به پيا ٻڌبا. جڏهن ٻُڌي ٻڌي بور ٿينداسين ته پوءِ ذڪر ڪنداسين مصريءَ جو. (مصريءَ تي مرهيات چڙندو هو.) پوءِ ولي به اسان مان بيزار ٿي شعرن جو ديوان بند ڪندو.
    ڪالهه جڏهن صرافه بازار مان گُذرڻ ٿيو ته وليءَ جي دوڪان جي ويجھو پهچڻ کان اڳ مان لنوائي رستي جي پرَينءَ ڀَر ٽپي ويس ته متان ولي دائودپوٽو ڏسي وٺي ۽ سندس شعر نه ٻڌڻا پون، سوچيم ته ڄاڻ پويان وليءَ جو سڏٿيو، پر سندس سڏ ڪونه ٿيو. مون پٺ ورائي وليءَ جي دوڪان ڏانهن نهاريو، اتي ولي نه پر، سندس وڏو پُٽ ڪم ۾ رڌل نظر آيو.
    هڪ دفعو وري غور سان دوڪان ڏانهن نهاريم.
    مونکي دائودپوٽو نظر آيو، هميشه جان مصروف.
    تمام گھڻي جذبي سان ڪم پي ڪيائين.
    پنهنجي ۽ پنهنجي اولاد جي پيٽ خاطر.
    پنهنجي اولاد جي روشن آئيندي لاءِ.

    اوچتو منهنجي ذهن تي ولي جي هيءَ سٽ ياد آئي؛

    ”مُون ۾ منهنجو پيءُ
    ويٺو ٿو وايون ڪري.“


    ڏيئا جليا ڳوٺ ۾

    ادب ۽ آرٽ جو سفر به انساني حياتيءَ جي تجربن سان گڏ اڳتي وڌندڙ ۽ مسلسل آهي. صحتمند ۽ تعميري قدر، بدلجندڙ حالتن ۾ به زنده رهندا ايندا آهن. جڏهن ته فرسوده روايتي رجحان وقت جي پيرن هيٺان لتاڙجي، فنا ٿي ويندا آهن. انساني سوچ سدائين ڦُلاربي رهي آهي. نيون کوجنائون، نوان نظريا، نوان فڪر ظاهر ٿيندا رهيا آهن. سُڄاڻ سرجڻهارن پنهنجيءَ سوچ جي ڦهلاءَ جا نوان گَسَ ۽ پيچرا پئي ڳوليا آهن، جنهنڪري سوچ جو سفر، سينواريل تلاءَ بڻجڻ بجاءِ، ڇوليون هڻندڙ، تيز وهندڙ واهه وانگر اڳتي وڌندو رهيو آهي.
    هڪڙي دور ۾ سنڌي شاعري، روايتي غزل جي فرسوده ڄار ۾ جڪڙيل هئي، پيرمُغان، رقيب روسياهه، دشت صحرا ۽ ٻين فارسي لفظن استعارن ۽ تشبيهن تي گھُمنڊ ڪري، وڏي ٺاههَ ٺُوهه سان شاعريءَ کي سجائي، محفلن ۽ درٻارن جي رونق بڻايو ويو. ڪلاسيڪي عوامي صنفن کي جهالت جي علامت سڏي حقارت سان ٺُڪرايو پئي ويو.
    نيٺ اهڙو واءُ به وريو جو سجاڳ ذهنن، فارسي چوغو ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيو. اجائي بناوت وارو سطحي سوچ جو دؤر پورو ٿيو ۽ ترقيءَ سان لاڳاپي وارو سُونهن ۽ سادگيءَ جو دورو شروع ٿيو.
    جهڙي ريت انگريزي شاعريءَ ۾ ورڊسورٿ، سيموئل ڪالرج ۽ سندن ساٿين، انگريزي شاعريءَ مان يوناني ۽ لاطيني ثقافت جي اثرن کي ختم ڪرڻ لاءَ Elaboration يعني ٺاههَ ٺُوههَ واري تحريڪ جي منڊ کي ٽوڙي، شاعريءَ ۾ Simplification سونهن ۽ سادگيءَ جي لاڙن کي اڀارڻ لاءِ رومانوي تحريڪ کي زور وٺرايو، تيئن اسان جي ٻوليءَ جي سُڄاڻ شاعرن به اظهار جا نوان وسيلا اختيار ڪري، فارسي ڪلچر کان متاثر ٿيل اجاين روايتي قدرن جو انت آندو. اهڙي طرح بيٺل پاڻيءَ ۾ هلچل پيدا ٿي، اظهار جون نيون راهون کليون ۽ ٻاهريون جديد صنفون متعارف ٿيون. گھڻيءَ مخالفت جي باوجود، آزاد نظم جي صنف، نوجوان شاعرن ۾ مقبول ٿيندي وئي ۽ اهو سلسلو، بيقافيه نظم ۽ نثري نظم کان ٿيندو، تجريدي نظم تائين اچي پهتو آهي.
    جذبن ۽ احساسن کي، ڪهڙي به روپ ۾ بيان ڪري سگھجي ٿو. ڪنهن صنف جون پيچيده ضرورتون جيڪڏهن فڪر جي راههَ ۾ رُڪاوٽ بڻجن ٿيون ته ان کي اختيار ڪرڻ اجايو آهي ڇو ته هر صنف ۾ جذبن جو اظهار ڪرڻ، ڪنهن وڏائيءَ جو اهڃاڻ ناهي.
    رُبائي، قطعي، سانيٽ ۽ ترائيل جي ڀيٽ ۾ جديد شاعريءَ ۾ هائيڪوجي صنف وڌيڪ مقبوليت حاصل ڪئي آهي. اختصارُ هن صنف جي مقبوليت جو مکيه ڪارڻ آهي. اڄُ جي تيز رفتار دؤر ۾ رهندڙ شاعر سانيٽ جي چوڏهن سٽُن ۾ پنهنجي خيال کي منجھائڻ بدران، مختصر لفظن ۾ وڏي ڳالهه ڪرڻ ٿو چاهي ۽ هائيڪو ان سلسلي ۾ هن لاءِ وڌيڪ سبب بڻجي ٿو.
    اجتماعي طور لکيل جپان جي طويل مطلع ڪلاسيڪي صنف ”هائيڪائي“ جي مخالفت ڪندي شيڪيءَ Sheiki انهيءَ طويل نظم جي ٽن سٽن واري مطلع ”هوڪو“ کي سچو ادب سڏي هن صنف جي خودمختياريءَ جو اعلان ڪيو. فطرت جي سڌي سنئين تجربي مان تخليق ٿيل هن صنف کي ڏيڍ ٽنگو بيت سڏيو، جيئن شاهه لطيف جي بيت جي ٽن پدن مان هائيڪو يا ٽيڙوءَ جو روپ هن ريت بيهندو:

    ”جان جيئين تان جَلُ
    ڪانهي جاءِ جلڻ ري
    تتيءَ ٿڌيءَ هَلُ.“

    ائين کڻي چئجي ته هيءَ صنف اسان وٽ اڳ ۾ ئي ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ موجود هئي. اسان وٽ ڪجھه مروج ٻول به هائيڪي جي موضوع سان اختلاف جي باوجود هيءَ صنف تيزيءَ سان مقبول ٿيندي وئي ۽ اڄ نوجوان ليکڪن جي هيءَ پسنديده صنف آهي.
    موضوع توڙي هيئت جي لحاظ کان هيءَ صنف خود پنهنجي ڌرتيءَ تي اختلافي مسئلو رهيو آهي. هيڪي گودو Hekigodo رُڪنن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪندي آزاد هائيڪي جو رواج وڌو، پر هو هائڪي مان موسم جي عنصر، خارج ڪرڻ جو حامي نههو. سيسينسوئي Seisensui ته موسم جي علامت کي به هائيڪو جي وسعت ۾ رُڪاوٽ سمجھيو هُن هائيڪو کي هڪ علامتي نظم سڏيو.
    اسان وٽ نارائڻ شيام ۽ تنوير عباسي، جديد هائيڪو جا اڳواڻ شاعر آهن، جن هن صنف جي گھُربل ضرورتن کي پورو ڪندي ڏيهي عڪسن وارا خوبصورت هائيڪو رچيا آهن. شيخ اياز وري هن صنف جو سنڌيءَ ۾ پهريون مجموعو آڻي، ان کي وڌيڪ مقبوليت ڏني. تڏهن به مجموعي طور اسان وٽ هائيڪو کي جيئن جو تيئن قبول نه ڪيو ويو. شيخ اياز چيو آهي ته: ”مسئلن جي ديس ۾، تصور جي عياشيءَ لاءِ ڪنهن به اهل دل شاعر وٽ گنجائش ناهي“. امداد حسينيءَ ٽسٽي يا ٽيڙوءَ جو نالو ڏئي، موضوع جي اعتبار کان هن صنف ۾ داخلي توڙي خارجي ڪيفيتن جي اظهار لاءِ وڌيڪ گنجائش پيدا ڪئي. اهو ئي سبب آهي جو موضوع جي فرق سبب ٽيڙو ۽ هائيڪو اسان وٽ ٻه ڌار ڌار صنفون ليکيون وڃن ٿيون.
    طارق عالم جي سڃاڻپ هونئن ته سندس نثري تخليقن جي حوالي سان وڌيڪ آهي، پر هن جي من ۾ اصل کان هڪ ڪوي موجود آهي، جيڪو ڪڏهن ڪڏهن موج مستيءَ ۾ اچي ڪوتائن جا موتي پکيڙي ٿو. سندس ناولٽ ”رهجي ويل منظر“ پڙهڻ سان اهو محسوس ٿئي ٿو ته اهو ڪنهن شاعر جو تخليق ٿيل آهي. انهيءَ ناولٽ ۾ بيان ڪيل منظر نگاري ۾ ڪٿي ڪٿي هائيڪو جو تاثر به ملي ٿو. ”مورن اوچا ڳاٽ“ جي تخليق به انهيءَ ڪويءَ جي ڀرپور احساسن ۽ جذبن جي اٿل جو هڪ روپ آهي.
    طارق عالم جنهن تيزيءَ سان هي هائيڪو ۽ ٽسٽا رچي، مجموعي جي صورت ۾ شايع ڪرايا آهن، تنهن مان هن صنف سان، سندس گھڻي لڳاءَ جي خبر پوي ٿي. هُن ”مورن اوچا ڳاٽ“ وسيلي هائيڪو جي ڀرپور آجيان ڪئي آهي.
    طارق جي هائيڪن ۾ فطرت سان تعلقُ، ڪنهن واقعي ڏانهن اشاري ۽ انهيءَ واقعي جي مسلسل هجڻ جا اشارا ملن ٿا، گھاڙيٽي جي حساب سان ماترائن جي گھٽ وڌائيءَ جي باوجود، جذبا ۽ احساس مشاهدي ۽ تخيل جي سگھه ۽ هُن جي جمالياتي پروڙ سڀني شين تي حاوي آهي.

    گھري ٿيندڙ شام
    لُڏي پئي ديوار تي
    چنبيليءَ جي لام

    دريءَ مان درشن
    لئمپ جي ڌنڌلي روشني
    عورت اڌ روشن

    رات هُئي سنسان
    چانڊوڪيءَ ۾ روشن هو
    مسجد جو دالان

    امبر تارن ۾
    ڏيئا جليا ڳوٺ جا
    ڪچن جارن ۾..

    اهڙا ڪيترا خوبصورت عڪس طارق جي هائيڪن ۾ پسي سگھجن ٿا ۽ پڙهندڙ انهن منظرن کي پنهنجي اکين جي بنهه ويجھو محسوس ڪري ٿو لفظن جي انهن پورٽريٽس سان گڏ، طارق، اهڙن منظرن کي به سٽن ۾ محفوظ ڪيو آهي، جن مان پنهنجي ڌرتيءَ جي حالتن جي عڪاسي ٿئي ٿي ۽ اهي تصويرون اسان جي تاريخي امانت آهن.

    رستا سڀ ويران
    ڏهاڳڻ جي سينڌ جان
    ڪرفيو جي دوران

    ٻالڪ خوف وچان
    هيٺ ڏٺو فوجي ڏانهن
    کُليل کڙڪيءَ مان

    طارق جو من به سندس هائيڪن وانگر اجرو ۽ خوبصورت آهي. دوستن کي تمام گھڻو قرب ڏيندڙ ۽ هر حال ۾ خوش گذاريندڙ. مان جڏهن حيدرآباد هيس، تن ڏينهن طارق مون کي آواره بادل وانگر لڳندو هو، وقت جي ڪائي پرواهه نه. ملندو ته فل ڪمپني ڪندو، ”طارق! فلاڻي هنڌ هلڻو آهي“، ”هلو“ انڪار صفا نه، ٿيٽر، هوٽل، هاسٽل، ڪچهريون، حيدرآباد جون هوائون، ڪُول ڪارنر. خوابن جهڙا پَل هئا اهي رستا، جن تي ڪڏهن راتين جي ٿڌڙين هوائن ۾ طارق جا زندگيءَ سان ڀرپور ٽهڪ گونجندا هئا، اڄُ طارق جا هائيڪو به انهن واٽن تي وڃڻ کان گھٻرائن ٿا.

    اڃان منگھه ساڳيا، اهيئي هوائون
    مگر سُڃ رستا، نه دلبر ادائون.

    هاڻي اهي منظر ياد ڪري نيڻ جھڙالا ٿي وڃن ٿا. ”مورن اوچا ڳاٽ“ جي مهاڳ ۾ نصير مرزا هڪ هنڌ لکيو آهي ته. جپاني هائيڪي جي هڪ دلچسپ ٽيڪنڪ مطابق، واقعي کي ابتو ڪري بيان ڪيو ويندو آهي. ان طرح آخري سٽ تائين شعر جو مفهوم ظاهر نٿو ٿئي ۽ آخري سٽ تي اوچتو سڄي ڳالهه سمجھه ۾ اچيو وڃي. بعد ۾ نصير مرزا ان حوالي سان، طارق جي هڪ هائيڪي جي آخري سٽ، شروعات ۾ آڻي ان جي تاثر ۾ واڌارو آندو آهي.
    مجموعو پڙهندي مون کي به اهڙو ئي هڪ خوبصورت هائيڪو نظر آيو آهي، جنهن ۾ پڻ ساڳي گنجائش موجود هئي.

    وڄايون تاڙيون
    ٻارن، مُهاڻن جي
    اڏاميون آڙيون.

    منهنجي خيال ۾ اهو هائيڪو جيڪڏهن هن طرح لکجي ته وڌيڪ تاثر ڇڏيندو.

    اڏاميون آڙيون
    مهاڻن جي ٻارڙن
    وڄايون تاڙيون.

    جپان ۾ ڪيوشيءَ Kyoshi جيڪو بنيادي طرح افسانه نگار هو، هائيڪي کي زندهه رکڻ ۽ ان جي بنيادي هيئيت برقرار رکڻ، لاءِ پنهنجي اخبار Cukoo ذريعي ڪوششون ورتيون. تيئن طارق به سنڌيءَ ۾ هائيڪو جي اؤسر ۽ ان جي ڦهلاءَ لاءِ، ”مورن اوچا ڳاٽ“ ذريعي هڪ بنيادي ڪم ڪيو آهي. ”پن ڇڻ پڄاڻان“ کانپوءِ هي مجموعو نون شاعرن کي هائيڪو ڏانهن متوجهه ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.
    باشوءَ لکيو آهي ته: ”جيڪو ٽن کان پنجن تائين هائيڪو پنهنجي حياتيءَ ۾ تخليق ڪري ٿو، اهو هائيڪو جو شاعر آهي ۽ جيڪو ڏهن تائين هائيڪو رچي ٿو اهو هائيڪو جو استاد آهي.“
    انهيءَ حساب سان اسان وٽ هائيڪو جا ڪيترائي استاد ليکبا. جيڪڏهن ڏهن هائيڪن جي تخليقڪار کي استاد سڏجي ٿو ته پوءِ طارق عالم کي هائيڪو جو، ”استادن جو استاد“ سڏبو. شال مورن جي اوچن ڳاٽن وانگر طارق جي تخليقن جو ڳاٽ به سدائين اوچو رهي ۽ هو زندگيءَ جو پل هر حال ۾، ائين ئي مُرڪندي مُرڪندي گذاري. مان هن لاءِ پنهنجن جذبن جو اظهار هن ٽيڙوءَ ۾ ڪيان ٿو.

    هائيڪو ۽ هالار
    رضيه طارق گھر ۾
    هميشه هٻڪار.

    (طارق جي هائڪن/ٽيڙن جي مجموعي ”مورن اوچا ڳاٽ“ جي مهورت واري تقريب ۾ تاريخ 2سيپٽمبر 1990ع تي پڙهيل)


    سمنڊ ڪنارو، لهندڙ سجُ

    (عبدالغفار تبسم جي شعري مجموعي ”شفق وارا ڇانورا“ جو مهاڳ)

    غفار تبسم جي شاعري رسالن ۽ ڪتابن ۾ ڇپي گھٽ، پر ريڊيو ۽ ٽي ويءَ تي نشر وڌيڪ ٿي آهي. سندس رچنائن جو رسالن ۾ نه ڇپجڻ جو ڪارڻ ڪوبه ٿي سگھي ٿو، پر نه ڇپجڻ جي ڪري هن تخليقي عمل ۾ ڍرائپ ڪانه ڪئي. اهو ئي سبب آهي جو تمام گھٽ عرصي ۾ سندس شاعريءَ جو ٻيو مجموعو اسان جي هٿن ۾ آهي.

    جڏهن تبسم جو پهريون شعري مجموعو ”گلن جهڙا ڳل“ مارڪيٽ ۾ آيو هو، تڏهن ڪيترن ادب دوستن کي اهو چوندي ٻڌم ته منجھس ڪجھه شعر فحش آهن. جڏهن مون اهو مجموعو پڙهيو ته مون کي ان ۾ فحش قسم جي ڪابه شيءِ نظر ڪين آئي، پر ڪن هنڌن تي جذبن ۽ احساسن جو اظهار تمام بيباڪيءَ سان کليل نموني ٿيل هو.

    ڪنهن به پيار جي گيت تي
    فحاشيءَ جو الزام ائين اهي
    جيئن انارڪليءَ جو موت.... (شيخ اياز)

    تبسم پيار جو شاعر آهي. هن جي سموري شاعريءَ جو موضوع عاشقاڻو آهي. هُن جي ٻولي بنهه سادي ۽ وڻندڙ آهي. جمالياتي رنگ جي گھٽتائيءَ جي باوجود به سندس جذبا اثرائتا آهن ۽ هو پنهنجا اهي جذبا ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾ غزل ۾ وڌيڪ آسانيءَ ۽ خوبصورتيءَ سان بيان ڪري ٿو. وڇوڙو، ميلاپ، آسون، اميدون، اوسيئڙو، ميارون، رسڻ پرچڻ ۽ ٻيا اهڙي قسم جا ويچار هن تجربن جي Risk کڻڻ بجاءِ اڳ ۾ ئي مقبول ۽ مروج گھاڙيٽن ۾ ڪاميابيءَ سان پيش ڪيا آهن.

    سڀني شاعرن پنهنجي محبوب جي سونهن جي ساراهه مختلف تشبيهن ۽ استعارن وسيلي ڌار ڌار نموني ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ تبسم جو انداز به نرالو آهي. هن پنهنجي پرينءَ کي سج يا چنڊ چوڻ بجاءِ انهن گرهن جي احتجاج ذريعي پنهنجي محبوب جي مهانتا مڃرائي آهي:

    ”چنڊ ماڻهو موڪليا ۽ سج جا آيا سفير
    احتجاج آندو اٿئون، تنهنجي مٺا چانڊاڻ تي.“

    شاعر مايوسين جا منڪر هوندا آهن. هنن جي تخليقن ۾ حياتيءَ سان پيار ڪرڻ جا ويچار سمايل هوندا آهن ۽ پيار ئي هڪ اهڙو سگھارو سهارو آهي، جنهن جي آڌار تي ماڻهو جبل جهڙو جيون مُرڪي مُرڪي گھاريو وڃي. مشهور اقتصادي ماهر ۽ مفڪر جي ـ ايس مل، جڏهن حياتيءَ مان بيزار ٿي، خودڪشيءَ جي ارادي سان گھران سنبري نڪتو ته اتفاق سان سندسن هٿ ۾ ان ويل ورڊسورٿ جي شاعريءَ جو مجموعو هو. پنهنجو بوريت کي هٽائڻ ۽ خودڪشيءَ لاءِ اڳ ۾ سوچيل ماڳ تي جلدي رسڻ لاءِ هُو واٽ تي ورڊسورٿ جي شاعريءَ جو مطالعو ڪندو پئي ويو. ورڊسورٿ جي شاعريءَ جان مل جي بيزار دل تي ايترو گھرو اثر ڪيو جو هن کي حياتيءَ سان پيار ٿيڻ لڳو. اهڙي طرح هو خودڪشيءَ جو ارادو بدلائي گھر موٽي ويو.

    سچن جذبن واري شاعري جيون جي اڙانگي سفر ۾ جاکوڙ لاءِ اتساهه ڏياري ٿي. تبسم جي شاعري به اسان جي من کي سونهن ۽ پيار جي وايو منڊل ڏانهن ڇڪيو وڃي، جتي پهچي حياتيءَ جي اهميت جو احساس ٿئي ٿو. هن جي خيال ۾ جيون ڪيترو به ڊگھو ڇونه هجي، پر آسن اميدن جي ڊگھي فهرست اڳيان بنهه مختصر آهي.

    هر ڪا آس پڄي ويندي پر
    ناڪافي آ ننڍڙو جيون.

    تبسم، جيون جو هر پل مرڪي مرڪي گھارڻ جو حامي آهي، ڇوته ڏکين گھڙين ۾ فقط ماتم ڪرڻ مسئلن جو حل ڪونهي.

    ڪيڏو ڀي درد هجئي پر تون هميشه لب تي
    مون کي استاد چيو هو ته تبسم رکجانءِ.

    دونهن ـ نگر جي هُل هشام کان دور واهيري جي ويل، پرين جڏهن سمنڊ ڪناري، ٿڌڙي هير ۾ پنهنجا وار وکيري، ڪنهن ديوار تي ويهي افق ۾ ٻڏندڙ سج ڏانهن نهاريندو هوندو ته ڇا ان سمي کيس ڪو ياد ايندو. اهو احساس هڪ پيار ڪندڙ آدرشي من جو:

    ڪلفٽن جي ڀت تي ويهي شام جو تون
    ڏٺيون هونديون سج لهڻ واريون گھڙيون
    تڏهن ياد توکي مان آيو ته هوندس.

    جڏهن ميلاپ جي مارڳ تي پابنديون ۽ پهرا هجن، پيار جا پوپٽ وڇوڙن جي واچوڙن ۾ وکرجي وڃن، تڏهن محبوب سڪ ـ سڳي سان ڇڪجي، سپني ۾ هليو اچي ۽ يادن جا ورق وريو پون ـ يادون، جيڪي وڇوڙي ۾ ڏڍ ڏينديون آهن.

    ڪلهه رات ڪوسپني ۾ آيو
    يادن ڪو ورق اٿلايو هو.

    جدائي ۽ رُسامي واريون ڪيفيتون پيار جو لازمي عنصر آهن.

    (اهو سچ آهي ته وڇوڙو عذاب ڏيندڙ آهي ۽ پيار ۾ وڇوڙي جو نه هئڻ به گھائيندڙ آهي..... ”ملٽن“)

    ۽ تبسم به پيار ۾ رسڻ پرچڻ واري اها لذت ماڻڻ جو قائل آهي:

    ڪو مزو ناھ الفت ۾
    رسڻ پرچڻ اگر نه هوندو.

    تبسم، اداڪاريءَ کان شاعريءَ تائين هڪ باصلاحيت فنڪار آهي. وٽس مبالغي جهڙي ڪابه شيءَ ڪونهي. هُو پنهنجا ويچار نهايت عام فهم ۽ سادي ٻوليءَ ۾ بيان ڪري ٿو. ڪٿي ڪٿي سندس جذبا عاشقاڻي احساس جي بلندين تائين پهچي ٿا وڃن، جتي معنى ۽ مفهوم انڊلٺ روپ اختيار ڪريو ڇڏين. اهڙي حالت ۾ هرڪو پنهنجي ذهني صلاحيت ۽ پهچ موجب ان جو مفهوم ڪڍي سگھي ٿو.

    منهنجي رڳ رڳ مان ٿو جرڪي جمال ۽ جلوو
    منهنجي وجود ۾ داخل ٿي پيو خدا آهي.

    (ڪلاڪار لاءِ اهو بنهه ضروري ڪونهي ته هو جيڪي ڪجھه تخليق ڪري، پڙهندڙ کي ان جو تفسير به ٻڌائي ۽ خواب جي ڪابه ساڀيا ٿي سگھي ٿي.. نصير مرزا.)

    تبسم مواد سان گڏوگڏ فني خوبين ڏانهن به ڪافي ڌيان ڏنو آهي. هن جي ڪيترن ئي سٽن ۾ لهرن واري رواني آهي.

    تنهنجي آئي، ڪنڌ جھڪائي، مند به هاءِ ٿي شرمائي
    گھور گھٽائون ڀي گھونگھٽ پائي، گھنڊ ورائي ٿي گذري.

    هتي هم قافيه لفظ (آئي، جھڪائي، شرمائي، پائي، ورائي) هڪ قسم جي موسيقي پيدا ڪن ٿا. آخر ۾ تبسم لاءِ فقط هڪڙي ڳالهه ته هو جديد غزل جي گھرجن کي سمجھندي، نج سنڌي گيڙو ويس غزل جي تخليقي عمل واسطي، فارسي ترڪيبن ۽ لفطن کان پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ مون کي پڪ آهي ته هو ان ڏس ۾ ضرور ڪامياب ويندو.


    انفرادي اظهار جي ڳولا

    دنيا جي ٻين سڌريل ٻولين جي ادب وانگر، سنڌي ادب به وقت به وقت تبديل ٿيندڙ حالتن، واقعن ۽ لاڙن جا اثر قبول ڪيا آهن ۽ اهڙو رنگ اسان جي ٻوليءَ جي نثر ۽ نظم جي صنفن ۾ موجود آهي. شاعريءَ ۾ تجربن جي وسعت جو فائدو وٺندي، اسان جن شاعرن، اظهار جي نون طريقن جي ڳولا پئي ڪئي آهي. هر نئين دؤر جو شاعر، يڪسانيت کي ٽوڙڻ لاءِ تجربن کي ترجيح ڏئي ٿو. هو پنهنجي تجربيگاهه ۾ نون استعارن گھڙڻ ۽ پراڻن لفظن کي نئين معنائن ڏيڻ جا تجربا ڪري ٿو. انهن تجربن ۾ ڪڏهن لفط هن جو ساٿُ نه ڏيندا آهن. ۽ اهو تجرباتي اظهار مبهم ٿي پوندو آهي.
    اسانجن شاعرن، ڪن حالتن ۾، صنفن جي پيچيدگين کي فڪري راهه ۾ رڪاوٽ سمجھندي، آزاد نظم ۽ نثري نظم ۾ پنهنجن ويچارن ظاهر ڪرڻ کي اوليت ڏني آهي. ان سلسلي ۾ ڪجھه شاعرن پنهنجي لاءِ ته اظهار جي اهڙي سهوليت ورتي، پر انهن پنهنجو فڪر اهڙن ڳوڙهن لفظن، استعارن ۽ ترڪيبن ۾ ظاهر ڪيو، جنهن جي مفهوم تائين، پڙهندڙن جي رسائي نهايت ڏکي ٿي پئي، جنهن ڪري سهل پسنديءَ جو فائدو شاعر ته ورتو، پر پڙهندڙن لاءِ ساڳيون رُڪاوٽون رهيون. هونئن ته شعر ۾ بنيادي حيثيت خيال کي آهي. پر اثرائتي فڪر يا خيال کي بيان ڪرڻ واري وسيلي جو به فني لحاظ کان معياري هجڻ ضروري آهي، ته جيئن خيال (Content) ۽ هيئت (Form) ۾ هم آهنگي پيدا ٿي سگھي.
    سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر محترم ملڪ نديم جو ڪتاب، ”تجريدي نظم“ نئين نالي سان، پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائيندڙ ڪتاب آهي. ڪتاب جي اڀياس سان خبر پوي ٿي ته هيئت جي لحاظ کان اها ڪا نئين صنف ناهي، پر ان ۾ شامل سڀئي نثري نظم آهن. انهن نثري نظمن ۾ مفهوم جي لحاظ کان ڪي بنهه واصح نظم آهن. ڪن ۾ استعاراتي ته ڪن ۾ علامتي رنگ آهن. ۽ ڪي تجريدي نظم آهن. تجريدي نظمن ۾ استعمال ٿيل علامتون، مبهم ۽ اڻچٽيون آهن. جن جي مفهوم کي تخليقڪار جي تشريح کانپوءِ ئي سمجھي سگھجي ٿو. انهيءَ اعتبار کان هن ڪتاب کي سادي مفهوم وارن نظمن، علامتي، استعاراتي ۽ تجريدي نظمن جو مجموعو چئي سگھجي ٿو. جيڪي گھاڙيٽي جي حساب سان نثري نظم آهن. نامياري شاعر شيخ اياز جا، نثري نظمن جا مجموعا، ”پتڻ ٿو پور ڪري“ ۽ ”ٽڪرا ٽٽل صليب جا“ شايع ٿي چڪا آهن. ان کانسواءِ ٻين جديد شاعرن جا به اهڙا مجموعا شايع ٿيا آهن. مختلف تشبيهن، استعارن ۽ علامتن سان سينگاريل، شيخ اياز جي اهڙن نظمن جو مفهوم واضح ۽ چٽو آهي. هن پنهنجي هڪ بلند خيال کي سادين سٽن جي هن نثري نظم ۾ ڪيئن نه سمايو آهي:

    جڏهن آسمان ۾ پکي نه هوندا
    ڌرتيءَ تي شاعر نه رهندا!
    ته قيامت ٿيندي.

    ملڪ نديم جي هن ڪتاب ۾ اهڙا اثرائتا نظم به شامل آهن، جن ۾ ٻولي سادي آهي ۽ محسوس ٿئي ٿو ته اهي نظم شاعر جي ذهن مان ڄڻ ڦُٽي نڪتا هجن ۽ شاعر شعوري طرح انهن کي ڳجھي بڻائڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي آهي.

    تو شام، ملڻ جو واعدو ڪيو آهي
    شام تائين ته مان پوڙهو ٿي ويندس!
    پڇتاءَ جو
    پرچاءَ جو
    تنهنجي اک جو ڳوڙهو ٿي ويندس
    رات تائين ته
    منهنجي محبت جي رتُ سان
    هر عاشق جي اڱڻ جا
    رابيل رڱجي ويندا.
    جوڀن جي جادوءَ سان
    سج کي لهڻ نه ڏي
    پريت جي پيغمبريءَ سان
    سانجھيءَ کي اچڻ نه ڏي
    سانجھيءَ کي اچڻ نه ڏي. (نظم نمبر 31)

    هن نظم ۾ پيار جي لطيف احساسن کي نهايت فنڪارانه انداز سان بيان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هڪ سٺي نظم جون سڀئي خوبيون موجود آهن. بلاشڪ اهڙي شاعري ملڪ نديم جهڙي ڀلي شاعر کي سونهين ٿي.
    اهڙي ئي معيار جي ٻئي نظم ۾ جذبصي جي تمام گھڻي شدت موجود آهي. ان نظم ۾ اظهار جو انداز ڪجھه تيز آهي. پر ڀرپور تاثر ڇڏيندڙ آهي. نظم جو عنوانُ آهي، ”سنڌي سميتا پاٽيل جي نالي“:

    سميتا پاٽيل جي ياري هُئي
    اندرا گانڌيءَ سان
    هتان جي هر سميتا پاٽيل جي وجود تي
    وڪوڙيل آهي وَل وڇُن جي،
    جنهن جي رابيل جهڙي رُوح تي
    وسندو آهي روزانو
    پگھريل رُڪ جو مينهن
    جنرل وارڊ ۾ داخل اداڪارا ڏي
    هتي ڪابه اندرا گانڌي
    مزاجَ پُرسيءَ لاءِ نه ايندي آهي.
    ويتر سنڌي ٿيڻ ڄڻ
    گار آهي جوءِ جي
    ايوانن کي حويلين کي
    ڪوٽن کي، محلن کي. (نظم نمبر 55)

    ظاهري طرح گُل ورهائيندڙ، پر نفرتن کي ڦهلائيندڙ هڪ منافق ڪردار کي ملڪ نديم، مختصر لفظن ۾ هيئن ظاهر ڪيو آهي:

    اڱڻ اڱڻ ۾
    اڱر پوکي
    کيسي ۾ هيڊا وڇون سانڍي
    اندر ڪُتي کي Kiss ڪري
    ٻاهر پاڙي ۾ گُل ورهائين ٿو. (نظم نمبر32)

    سرڪاري عنايتون ۽ رعايتون حاصل ڪندڙ اديبن ۾ مقصد خاطر تڪليف سهڻ جي ڪيتري توفيق ٿي سگهي ٿي؟

    هي بڙ جا وڻ
    يا ڪانڊيرن جا ڌڻ
    فٽاز ۾ گُل کائين ٿا.
    پوءِ ڪيئن کائيندا
    ريگستان جي واري
    رُڪَ رڙڪڻ ته وڏي ڳالهه آهي. (نظم نمبر 47)

    مٿين نظمن ۾ اظهار جي وهڪري سان گڏ، انهن ۾ استعمال ٿيل ترڪيبون، استعارا ۽ علامتون جيئن: ”پريت جي پيغمبري“. ”رابيل جهڙو روح“، ”وڇن جي ول“ ۽ ”اندر جو ڪُتو“ بنهه نيون آهن ۽ آخري نظم ۾ سينيئر اديبن لاءِ ”بڙ جو وڻ“ ۽ نون اديبن لاءِ ”ڪانڊيرن جا ڌڻ“ به نوان استعارا آهن. انهن نظمن کان سواءِ ”تو چيو آ ايندس مان“، ”ٽي وي اسٽيشن“، ”مُنهنجي ديس جون اسپتالون“ ۽ ”ڪپهه جا هٿ آهن“، ملڪ نديم جا نهايت اثرائتا ۽ جذبي جي شدت سان ڀرپور نظم آهن. جن ۾ استعمال ٿيل لفظ ۽ استعارا مبهم ناهن ۽ هڪ عام پڙهندڙ انهن نظمن ۾ بيان ٿيل فڪري سطح تائين پهچي سگھي ٿو. اهي نظم جديد شاعريءَ ۾ هڪ خاص جاءِ والارين ٿا. اهڙن نظمن واري حصي ۾ چند نظم اهڙا به آهن، جن ۾ خيالن جو ڳانڍاپو، (Association Of Ideas) ناهي. اتي ملڪ نديم حقيقت ۾ فينٽسيءَ کي پاڻ ۾ ملائڻ وارو اسلوب اختيار ڪيو آهي. مثال طور 25 نمبر نظم جو پهريون حصو:

    منهنجو علاج نه ٿي سگھيو
    کيسي جا سڀئي پئسا کُٽي ويا
    پوءِ پيار جي اينٽي بايوٽڪ سان
    نفرتن جا سڀئي زخم ڇٽي ويا.


    اهو نهنجي جاءِ تي هڪ مڪمل نظم آهي، جنهن ۾ ٿورن لفظن ۾ هڪ اثرائتو خيال به سمايل آهي ته ”پيار جي اينٽي بايوٽڪ“ واري بنهه نئين ترڪيب به ڏنل آهي. پر انهيءَ نظم جو حصو جيڪو پنهنجي جاءِ تي ڌار معنى رکي ٿو، ان نظم سان ڄڻ زوريءَ ڳنڍيو ويو آهي:

    ڪمپيوٽر شراب پي
    ان رات ڏاڍو کلي ٿو
    جنهن رات منهنجي ڳوٺ مٿان
    بم ڪري ٿو.

    ملڪ نديم جي هن ڪتاب ۾، انهن نظمن کان سواءِ، منجھيل يا مُبهم علامتون ۽ استعارن وارا نظم به آهن جن کي تجريدي نظم (Abstract Poem) جو نالو ڏنو ويو آهي. انهن نظمن ۾ ڏنل استعارا ۽ علامتون، شعوري طور تي گھڙيل ۽ مبهم آهن، جو انهن جو مفهوم فقط شاعر ئي ڄاڻي ٿو ۽ هڪ عام پڙهندڙ، لفظن جي ظاهري جوڙجڪ تي فقط مسڪرائي سگھي ٿو. انهن لفظن جي مبهم ۽ پيچيده هئڻ جو اعتراف، شاعر پاڻ به ڪتاب جي شروعاتي صفحن ۾ هن ريت ڪري ٿو: ”مون کي عالمي ادب جي مطالعي کان بغير اهڙي قسم جي مبهم، اڻ چٽ ۽ سخت علامتي نظمن لکڻ جو ڏانءُ 1986ع کان پاڻ مرادو اچي ويو هو. جڏهن ته شروعات ۾، مان پاڻ اهڙو نطم نه سمجھي سگھندو هوس.“
    جيستائين علامتي شاعريءَ جو سوال آهي ته، اسان جي ڪلاسيڪي توڙي جديد شاعرن جي شعرن ۾ اهڙو رنگ موجود آهي. شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ ته علامت نگاريءَ جون بي انتها رنگينيون آهن:

    • سيوا ڪر سمونڊ جي، جت جرُ وهي ٿو جال
    (سريراڳُ)
    • پتنگ چائين پاڻ کي، ته اچي آڳ اجھاءِ.
    (يمن ڪلياڻ)
    • بُرو هو ڀنڀور، آرياڻيءَ اجاريو.
    (حُسيني)

    انهن مصرعن ۾ ڏنل علامتون: ”سمونڊ“، ”پتنگ“، ”آڳ“، ”ڀنڀور“، ”آرياڻي“، منجھيل يا پيچيده ناهن. اهڙي طرح اسان جي نمائندن جديد شاعرن شيخ اياز، تنوير، شمشير، فتاح ملڪ، امداد، استاد وغيره جي شاعريءَ ۾ ڏنل علامتون، استعارا ۽ تشبيهون وغيره وضاحت طلب ناهن ۽ پڙهندڙ انهن جي مفهوم کي بنا ڪنهن مدد جي سمجھي سگھي ٿو. شيخ اياز جو هڪڳ بيت آهي ته:

    پائي مڻيا ڪانچ جا، ڇوري ڇاتيءَ تي
    هيٺان هيرن کي، ڇاجي لاءِ لڪائين.

    هن جمالياتي عڪس واري بيت ۾ هير جو استعارو ڪيترو نه واضح آهي، ملڪ نديم جا علامتي نظم سندس ئي لفطن ۾ ته اڻ چٽا ۽ مبهم آهن. فرانس ۾ علامتي تحريڪ جي علمبردار شاعره مئلارمي (Mallarme) اهڙي قسم جي شاعريءَ جي بچاءَ ۾ لکيو آهي ته:

    ”نظم هڪ معمي وانگر آهي
    جنهن کي هر ماڻهو پاڻ حل ڪري.“

    مئلارميءَ جي اها سٽ، ڄڻ ملڪ نديم جي انهن تجريدي نظمن لاءِ آهي، جن مان ڪجھه هي آهن:

    کجيءَ جو وڻُ
    ٻن ميري کارڪن تي
    رسيل نارنگي خريدي
    ڪنن ۾ مڇون اٽڪائي
    گولڊ ليف جو سگريٽ پيو ڇڪي. (نظم نمبر 8)


    دل چيو هو
    تنهنجي پاڇي کي پادر هڻان
    اي نلڪا
    اي لغڙ! (نظم نمبر 27)

    شيشي جا ڄمون ۽ پيڙا
    چانديءَ جي پليٽ ۾ ڏسي
    گدڙ جي گگَ وهي ٿي. (نظم نمبر 40)

    تتل ڏامرَ سان تڙُ ڪري
    ڳيرو گيتُ ٻڌائڻ هليو آ
    فرج ۾ سمهيل واڱڻن کي. (نظم نمبر 44)

    انهن يا اهڙن ٻين لفظن ۾ استعمال ٿيندڙ ترڪيبون ۽ استعارا واقعي ڪنهن معمي کان گھٽ ناهن. ڏينهون ڏينهن جڏهن ماڻهن جو رجحان سادگيءَ ڏانهن وڃي رهيو آهي ته اهڙي مبهم مفهوم کي سمجھڻ لاءِ مشڪل ئي ڪنهن وٽ وقت هجي. هڪ سڄاڻ ۽ ترقي پسند شاعر، جڏهن اهڙي شاعري ڪندو ته لازمي آهي ته ان لاءِ ڪونه ڪو جواز يا سبب ضرور گھڙيندو، ۽ اهڙن جوازن ۾ معاشرتي روايتن جي رڪاوٽ ۽ رياستي ادارن جو ڊپ وغيره به ٿي سگھي ٿو. هن ڪتاب لاءِ ستين نمبر صفحي تي ڄاڻايل آهي ته اهو ڪتب مارشل لا جي گھُٽيل ماحول ۾ لکيل آهي. جڏهن ته انهن مُنجھيل تجريدي نظمن ۾ ڪوبه بغاوتي اظهار سمايل ڪونهي، جنهن سبب رياستي ادارن جي ڪاوڙجڻ جو امڪان هجي، پر ان جي ابتڙ، اهڙا خيال ٻين نظمن ۾ واضح طور ڪيا ويا آهن، جيئن نظم نمبر پنجين جون ڪجھه سٽون آهن:

    ”مونکي ڳوٺ ۾ ڳائيندو ڏسي
    چريو ٿي پيو آهي
    اهو رٻڙ جو جنرل
    جنهن ان رات
    منهنجي جسم جي سجي کاڌي هئي.“

    اهڙو پڌرو اظهار ”سنڌ جي سميٽا پاٽيل جي نالي“ نظم ۾ به ٿيل آهي.

    تجريدي مصوري يورب ۾ بي معنى نه ٿي سمجهي وڃي. اها مصوري، بگڙيل ۽ ٽڙيل پکڙيل شڪلين ذريعي هڪ مبهم اظهار جو نالو آهي. اهڙين شڪلين جو، جيڪو مفهوم تخليقڪار جي ذهن ۾ هوندو آهي، سو ضروري نه آهي ته ڏسندڙ جي ذهن ۾ به اهو ئي پيدا ٿئي. ائين به ٿيندو آهي ته انهن تجريدي تخليقن بابت جيڪو خيال، ڏسندڙن جي ذهن ۾ اڀرندو آهي، اهو خيال تخليقڪار جي ذهن ۾ ئي نه هوندو آهي. انسائيڪلوپيڊيا آف برٽينيڪا ۾ تجريدي مصوريءَ جي سمجھاڻي طور لکيل سٽن مان ڪجھه هي آهن:

    “Deliberately avoiding the use, or conceding the identity of any recognizable from of reality, abstract art is a complete rejection of subject, a total reliance on aesthetic elements.”

    يعني ڪنهن به مڃيل حقيقت جي سڃاڻپ کي پوشيده رکڻ ۽ ان جي استعمال کان ڄاڻي واڻي لنوائڻ، هن ۾ سبجيڪٽ رد ٿئي ٿو پر سڄو مدار جمالياتي عنصر تي آهي. انهيءَ تجريدي مصوريءَ مان اثر وٺندي، يورپ جي شاعرن مُبهم علامتن ۽ استعارن وارا نظم لکيا آهن. ملڪ نديم، تجريدي شاعريءَ ۾ خيالن جو اظهار ڪرڻ جي باوجود تجريدي مصور تي ڪاوڙجي ٿو ۽ چئي ٿو:

    عورت جو جسم ڪُتي جو
    منهن زائفاڻو ٺاهي
    ماءُ کي ڏيکارڻ کان اڳ ۾
    اي رٻڙ جا آرٽسٽ
    لئٽرين ۾ لنچ ڪري
    تو پاڻ کي
    پيشاب ۽ پُونءِ جي کوهه ۾
    ڇونه دفن ڪيو. (نظم نمبر 56)

    ڇا عورت هر حال ۾ مقدس آهي؟
    ڇا هو انسان ۾ موجود بديءَ جي جبلتن کان خالي آهي ۽ برائيءَ جو ڪوبه تصور ان سان لاڳو نه ٿو ڪري سگھجي؟!

    1885ع ۾ حقيقت نگاري (Realism) جي ضد ۾ علامت نگاريءَ (Symbolism) جي تحريڪ شروع ٿي، جنهن جا فرانسسي شاعري بودليئر، مئلارمي ۽ برطانوي شاعر پيٽر ۽ وائلڊ وغيره اڳواڻ هئا. ان شاعريءَ جا ننڍي کنڊ جي شاعريءَ تي به اثر پيا. اردوءَ ۾ ميراجي ان تحريڪ جو باني هو. انهن سڀني شاعرن علامتن جا نوان تجربا ڪيا. اسين شاعري ۾ نون تجربن جي مخالفت نه ٿا ڪريون ڇو ته تجربن ماسن ئي واٽون لهنديون آهن. پر ساڳئي شيءَ کي نئين نالي ڏيڻ سان اهو نئون تجربو ڪونه سڏبو. صحتمند تجربن جو پڙهندڙن کي به فائدو ملي ٿو ته اهڙن لاڀائتن تجربن جي وسيلي تخليقڪارُ پنهنجي انفراديت به رکي سگھي ٿو. پر انهيءَ جي ابتڙ ڄاڻي واڻي گھڙيل ۽ مبهم لفطن ۽ علامتن، واري شاعريءَ ۾ عوام جي ڪهڙي شرڪت ٿي سگهندي؟
    ملڪ نديم، پنهنجي سموريءَ شاعريءَ ۾ ٻين ادبي ڪاوشن جي حوالي سان ادبي حلقن ۾ پنهنجي هڪ ڌار حيثيت رکي ٿو. هُن جي مڪتبه فڪر ۾ مقصد کي اوليت حاصل آهي. هُن جي عام شاعريءَ ۾ هيٺين طبقي جي محرومين، اهنجن ۽ مسئلن جي اپٽار آهي. ڌرتيءَ ۽ عوام سان واڳيل اهڙو شاعر، جيڪو عوامي ٻوليءَ ۾ پڌري اظهار جو حامي هُجي، جڏهن مغربي تجريدي ذهنن جي پوئواريءَ ۾ خيالن جي عياشي ڪندو ته ان جا پڙهندڙ مايوس ضرور ٿيندا. هُن کي خبر آهي ته هُو جنهن ٻوليءَ جو شاعر آهي، ان جي عوام وٽ شاعري فقط وندر يا تفريح نه پر هڪ سگھه آهي. ان ڪري، هڪ سڄاڻُ شاعر جي حيثيت ۾ هن جي، پنهنجي ٻوليءَ جي موتيءَ جهڙن لفظن کي اجايو خرچ ڪرڻ نه گھرجي...

    اکرن کي ائين خرچ نه ڪر
    اکرن مان ڪي سٽون جڙن ٿيون
    سٽَ سٽَ مان ڪي گيت ٿا گونجن
    گيتن ۾ ئي
    دل جا سانڍيل، سُورَ سوين ڪي سڏڪن ٿا
    جيءَ جا ڪيئي بند جھروڪا کُلي پون ٿا،
    هن شاعر کي چئُه!

    (لڇمڻ ڪومل)

    (سنڌي ادبي سنگت پاران محترم ملڪ نديم جي ڪتاب ”تجريدي نظم“ تي 11جنوري 1990ع تي ڪوٺايل ورڪشاپ ۾ پڙهيل.)


    سنڌيءَ ۾ ٻارن جون ڪهاڻيون

    سنڌي ٻولي قدامت جي لحاظ کان ننڍي کنڊ جي قديم ٻولين مان هڪ آهي. هن ٻوليءَ ۾ ٻڌايل ڪهاڻيون ۽ ڳاتل گيت صدين جي سينن ۾ ڦهليل آهن، جنهنڪري اهڙا هزارين گيت ۽ قصا هوندا، جيڪي تاريخ جي صفحن ۾ محفوظ ٿيڻ بجاءِ وقت جي حالتن جي هوائن ۾ پکڙجي گُم ٿي و يا هوندا. سنڌيءَ ۾ نظم جي شروعات ته 14صديءَ عيسويءَ ۾ ٿي، پر نثر ۾ ان جي ابتدا ارڙهين صديءَ جي وچ ڌاري ٿي. موجوده ادبي تاريخ موجب، سنڌيءَ ۾ ڇپيل پهرين نثري آکاڻِي، منشي اڌارام ٿانورداس جي: ”آکاڻي راءِ ڏياچ ۽ سورٺ جي“ آهي. جيڪا 1849ع ۾ شايع ٿيل، ڪئپٽن اسئٽڪ جي سنڌي گرامر ۾ ضميمي طور ڏنل آهي. اها ڪهاڻي ديوناگري لپيءَ ۾ آهي، ڇوته موجوده عربي لپيءَ جي شروعات 1863ع کان ٿي. انهيءَ ضميمي ۾ ٻيون به گمنام ليکڪن جون ڪهاڻيون هيون، جن مان هڪ ڪهاڻي: ”شهزادي املهه ماڻڪ ۽ شهزادي حسين پريءَ جي آکاڻي“ هئي، جيڪا بعد ۾ 1934ع ڌاري ديوان ڏيارام عربي ـ سنڌي لپيءَ ۾، سنڌو مخزن ۾ ڇپائي هئي. منهنجي خيال ۾ ان آکاڻيءَ ٻارن جي ادب ۾ شمار ڪري سگھجي ٿو. ان کان پوءِ غلام حسين قريشيءَ جي ”ڀنڀي زميندار جي ڳالهه“ (1854ع) ۾ ميران محمد شاهه اول جي ”سڌاتوري ۽ ڪڌاتوري جي ڳالهه“ (1855ع) سنڌيءَ جون اوائلي آکاڻيون هيون. سنڌيءَ ۾ ٻارن جي ڪهاڻين جي اؤسر جي جائزي پيش ڪرڻ لاءِ مون ان کي چئن دورن ۾ ورهايو آهي.

    پهريون دؤر

    هن حصي ۾ ٻارن جي اهڙين ڪهاڻين جو ذڪر ايندو، جيڪي اڻويهين صديءَ تائين شايع ٿيون. پروفيسر منگھارام ملڪاڻيءَ پنهنجي سنڌي نثر جي تاريخ ۾ ميران محمد شاهه اول جي 1861ع ۾ شايع ٿيل ڪتاب ”مفيد الصبيان“ کي سنڌيءَ ۾ ٻارن جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ڄاڻايو آهي. هنديءَ تان ورتل انهيءَ ڪتاب ۾ ٻارن لاءِ نصيحت ڀريون ۽ وندرائيندڙ ڪهاڻيون ڏنل هيون.

    1854ع ۾ منشي ننديرام ميراڻيءَ، ايجوڪيشنل انسپيڪٽر مسٽر ايلس جي شرڪت سان مشهور ”ايسپ جون آکاڻيون“ انگريزيءَ تان ترجمو ڪيون. 1860ع ۾ منشي اڌارام سنسڪرت تان ورتل ”طوطي نامو“ جو ترجمو فارسي ٻوليءَ تان ڪيو. هن ڪتاب ۾ ”الف ليلى“ وانگر نهايت دلچسپ ۽ نصيحت واريون آکاڻيون ڏنل هيون. 1864ع ڌاري ديوان ڪيولرام سلامتراءِ دلچسپيءَ ۽ دانائيءَ سان ڀريل ڪهاڻين جو ڪتاب ”سوکڙي“ نالي سان لکيو، جيڪو تعليم کاتي جي رڪاوٽن سبب، سندس ڪتاب ”گل شڪر“ وانگر ڪافي عرصي کان پوءِ 1905ع ڌاري ڇپيو. هن دؤر جي ليکڪن مان گھڻي جس لائق نالو آهي ديوان ڪوڙيمل چندن مل جو، جنهن 1891ع ۾ ٻارن لاءِ سڀ کان پهرين اصلوڪين ڪهاڻين جو مجموعو ”ٻاراڻيون آکاڻيون“ جي نالي سان شايع ڪرايو. انهيءَ دؤر ۾ ڪهاڻين جو ٻيو جھونو ڪتاب هو: ”واندڪائيءَ جي وندر“ جنهن ۾ لوڪو مل پنواڻيءَ جو ٻارن لاءِ روحاني ۽ ڪراماتي ڪهاڻيون ڏنل هيون. ان کان سواءِ 1895ع ۾ روچي رام گجو مل جون لکيل اخلاقي ڪهاڻيون ”عجيب نڪتا“ جي نالي سان شايع ٿيو. هن دؤر ۾ ٻارن لاءِ درسي ڪتابن سان گڏ ٻين موضوعن تي به ڪافي ڪتاب شايع ٿيا. عربي لپيءَ ٿيڻ کان پوءِ هن دؤر جي عالمن ۽ اديبن سنڌيءَ ٻولي جي ادب کي ترقي وٺرئڻ لاءِ بنيادي ڪم ڪيو، جنهن ڪري اڳتي هلي ادب جي مختلف شعبن جي اؤسر سان گڏ ٻارن جي ادب لاءِ پڻ راهه هموار ٿي.

    ٻيو دؤر

    ويهين صديءَ جي شروعات ۾ به ڪيترن عالمن ۽ اديبن ٻارن جي اهميت کي محسوس ڪندي انهن لاءِ مختلف موضوعن تي دلچسپ ۽ نصيحت ڀريا ڪتابڙا شايع ڪرايا. پرمانند ميوارام 1912ع ۾ ”دل بهار“ نالي سان وندرائيندڙ ڪهاڻين ۽ ٽوٽڪن جو ڪتاب لکيو. 1915ع ڌاري نانڪرام ڌرمداس ٻارن لاءِ اخلاقي ڪهاڻيون ”ڌرمراءِ جي وهي“ ۽ ”جيوت جو جسُ“ لکيون، جن ۾ ٻارن جي اخلاقي گڻن بيدار ڪرڻ جو احساس سمايل هو. ان سلسلي ۾ ڏيئومل محبوبراءِ پڻ 1921ع ۾ ”اخلاقي تعليم“ جي نالي سان هڪ ڪتابڙو شايع ڪرايو، جنهن ۾ نهايت آسان ٻوليءَ ۾ اخلاقي آکاڻيون ڏنل هيون. ٻارن جي ادب جي شعبي جو، اهو انهيءَ دؤر جو هڪ اهم ڪتاب هو. اها حقيقت آهي ته صرف تبليغي ۽ نصيحت واري انداز سبب ٻار نفسياتي دٻاءَ جو شڪار ٿين ٿا، ان ڪري اهو ضروري آهي ته انهن لاءِ لکيل مواد ۾ اهڙو رنگ اختيار ڪجي، جيئن ٻارن جي ان ۾ دلچسپي پيدا ٿئي. ان سلسلي ۾ ”سندر ساهتيه منڊل“ وارن جون ڪوششيون نهايت ساراهه لائق آهن، جو انهن پنهنجي ادارا پاران ڪيترن ئي موضوعن تي ٻارن لاءِ تمام ڪارائتا ڪتاب شايع ڪيا. هن اداري ٻارن لاءِ وندرائيندڙ ڪتاب به شايع ڪيا، جن مان ويرومل جو ”موجي آکاڻيون“ (1928ع)، نانڪرام ڌرمداس جو ”کل ۽ خوشي“ (1932ع) ۾ ميلارام مگنترام جو ”چرچن جي چهر“ (1933ع) خاص ذڪر لائق ڪتاب آهن. ساڳئي موضوع تي 1922ع ۾ مرزا قليچ بيگ پڻ ٻارن لاءِ هڪ ڪتاب ”ٻارن جي وندر يا پروليون“ لکيون. ”سندر ساهتيه منڊل“ پاران ٻارن لاءِ شايع ٿيندڙ ڪتاب جي ليکڪن ۾ نمايان نالو ميلارام منگترام جو آهي، جنهن صاحب سهڻي ۽ سادي ٻوليءَ ۾ ٻارن لاءِ نهايت مفيد ڪتاب لکيا، جن کي سندر ساهتيه منڊل پاران تصويرن سان سينگاري شايع ڪيو ويو. سندسن ڪتابن مان ”انصاف جون آکاڻيون“، ”اخلاقي دنيا“، ”پارس“، ”گل گاڏي“. ”ڦلواڙي“، ”اڏند کٽولي“ ۽ ”پرستان“ ٻارن لاءِ ان دؤر جا اهم ڪتاب هئا. ”سندر ساهتيه منڊل“ وارن جو اهو اشاعتي سلسلو 1925ع کان 1947ع تائين هلندو آيو. آخر ۾ هن اداري پاران ٻارن جي ادب جي واڌاري لاءِ ”گل ڦل“ نالي رسالو جاري ڪيو. 1946ع ۾ نارائڻ داس ڀمڀاڻيءَ جو ”ٻارن لاءِ آکاڻيون“ جي نالي سان هڪ باتصوير ڪتاب شايع ٿيو، جنهن ۾ ٻارن لاءِ دلچسپ آکاڻيون ڏنل هيون. ساڳئي سال ايم ـ آرـ مائيداساڻيءَ، ”ٻچي رمضان“ جي نالي سان ٻارن لاءِ ڪهاڻين جو ڪتاب انگريزي تان ترجمو ڪري ڇپايو هو. جيتوڻيڪ اهو ڪتاب ترجمو هو پر مترجم ڪوشش ڪري ان ۾ ديسي ماحول ڏنو هو. ڀڳوان سکراڻي جو ”لال پري“ ۽ ٻارن جي ٻين آکاڻين جو ڪتاب ”منوهر ساهتيه مندر“ پڌرو ڪيو هو. 1925ع کان 1940ع تائين هندوستان جي ٻولين مان ترجمي ڪرڻ جو رجحان وڌيو. ان ڏس ۾ اردو، هندي، بنگالي، گُجراتي ۽ مرهٽي وغيره مان سوين ڪهاڻيون سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيون، جن مانڪجھه حصو ٻارن جي ڪهاڻين جو هو. 1922ع ۾ ڄيٺمل پرسرام ”نئين سنڌي لائبريري ۽ سستو عمدو ساهت مالا“ شروع ڪيو، جنهن پاران 100 کان مٿي ڪتاب، شايع ٿيا. مرزا قليچ بيگ جا ترجمو ڪيل ”لبا خان درزي ۽ خليفو ڪهنگ“، ”نيلو پکي“، ”ٻه جاڙا ڀائر“، ”طلسمي گُڏي“، ”ٽي ديوَ يا راڪاس“، ”ستن شهزادن جي ڪهاڻي“، انهيءَ اداري پاران شايع ٿيا. 1944ع ۾ شيوڪ ڀوڄراج ”دادا“ جي ادارت ۾ ٻارن لاءِ ”گلستان“ نالي سرالو جاري ٿيو، جنهن ۾ ٻارن لاءِ دلچسپ ۽ ڪارائتيون ڪهاڻيون شايع ٿيون. مجموعي طور تي هن دؤر ۾ نه صرف ٻارن جي نفسيات کي آڏو رکندي ڪهاڻيون لکيون ويون پر ڪتابن ۾ ڪشش پيدا ڪرڻ لاءِ انهن کي مورتن سان پڻ سينگاريو ويو ان ريت انهيءَ دؤر ۾ ٻارن لاءِ معياري ڪتابن جي اشاعت جي ابتدا ٿي.

    ٽيون دؤر

    هن حصي ۾ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ 1970ع تائين ٻارن جي ادب جي شعبي ۾ تخليق ٿيندڙ ڪهاڻين جو ذڪر ايندو.

    پاڪستان کان اڳ جنهن جذبي ۽ رفتار سان ٻاراڻي ادب جي ترقيءَ لاءِ ڪوششون ورتيون ويون، اهي جيڪڏهن جاري هجن ها ته هن وقت سنڌيءَ ۾ ٻارن جو ادب گھڻيءَ بلندي تي هجي ها. ”سندر ساهتيه منڊل“ يا اهڙن ٻين ادبي ۽ اشاعتي ادارن ٻارن جي ادب کي زور وٺرائڻ لاءِ جنهن رفتار سان ڪم جي شروعات ڪئي، اهو عمل پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پوئتي پئجي ويو. ڇوته نه صرف اهي اشاعتي ادارا بند ٿي ويو پر ٻارن لاءِ لکندڙ ناميارا ليکڪ پڻ لڏي ويا، جنهن ڪري شروعاتي دؤر ۾ ٻارن جي ادب سميت، مجموعي سنڌي ادب جي اؤسر ڪانه ٿي سگھي. بعد ۾ اسان جي عالمن ۾ اديبن فرض ۽ جوابداريون نباهيندي، ڏات ۽ ڏاهپ مان پنهنجي ٻوليءَ جي ڦٽل ڦلواڙيءَ ۾ نئين سر سُرهاڻ ڦهلائڻ جا جتن ڪيا. فلشن ادب ٽنڊو محمد خان، اداره گلستان حيدرآباد، ٻارن جي ٻاري بدين، ٻارن جي ادب جي اشاعت جي سلسلي ۾ نمايان ڪم ڪيو. انهن ادارن کان علاوه، آر ايڇ احمد اينڊ برادرس حيدرآباد، امين ڪتاب گھر حيدرآباد ۽ آر ايم فتح اينڊ برادرس حيدرآباد واري به ٻارن لاءِ ڪهاڻين جا ڪجھه ڪتاب شايع ڪرايا. هن عرصي ۾ ٻارن لاءِ ديومالائي ۽ طلسماتي ڪهاڻين جو تعدا وڌيڪ رهيو ۽ نفسياتي طور تي ٻارن جي توجهه به اهڙين ڪهاڻين ڏانهن وڌيڪ رهي ٿي. انهيءَ موضوع تي حاجي حقير ابن مڱڻ جا ”جادوءَ جي گڏي“ ۽ ”جادوءَ جي منڊي“، شوق سنڌيءَ جو ”ڪرامتي تخت“ بلاول پرديسيءَ جو ”جادوءَ جو گلاب“ حسام سومري جو ”جادوءَ جي پينگھه“ فدا سرهيو جو ”غيبي خزانو“ قاضي صابر مصطفى جو ”گُل گُلاب پري“ گُل محمد آزاد صوفيءَ جو ”الله دين ۽ ان جو ڪرامتي ڏيئو“ محمد بخش جوهر جو ”جادوءَ جو پنکو“ نذير حسين ڀٽيءَ جا ”جادوءَ جو صوف“ ۽ ”خوفناڪ جزيرو“ ذڪر لائق ڪتابڙا آهن.
    طلسماتي ڪهاڻين جي ڪتابن کان سواءِ کل ڀوڳ ۽ عام دلچسپيءَ وارين ڪهاڻين جا ڪافي ڪتاب شايع ٿيا، جن مان بهاري ايڇ ڇاٻڙيا جو ”سرلا ۽ ست ڄامڙا“ پير محمد عالم صديقيءَ جو ”ٺڳن جو استاد“ حاجي حقير ابن مڱڻ جو ”ڀولڙي راڻِي“، محمد الياس همغم جوکيو جو ”ڦلوءَ جي شادي“، محمد بخش جوهر جو ”بيوقورن جو بادشاهه“ نمايان ڪتاب آهن.
    ٻارن کي سائنسي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ نذير حسين ڀٽِيءَ ٻارن لاءِ سائنسي ڪهاڻين جا ڪتابڙا به لکيا، جن ۾ ”چنڊ ۽ راڪيٽ“، ”خطرناڪ بم“ ۽ ”دنيا جو پهريون راڪيٽ“ شامل آهن. ٻارن کي ڪهاڻيءَ جي روپ ۾ تاريخي معلومات ڏيڻ لاءِ غازي ابن اڳڻ ٻارن لاءِ ”دودو چنيسر“ جي نالي سان ڪتابڙو لکيو. ان کان سواءِ احسان احمد بدويءَ جو ڪتاب ”وڻندڙ آکاڻيون“، محمد سومار شيخ جا ”کپرو چور“ ۽ ”ماءُ جي قرباني“ ۽ اياز پاٽوليءَ جا ڪتاب ”اميد جا ڪرڻا“، ”بخت سان ڪنهن جي ريس“، ”ڇٽيهه لکڻو“، ”رات جي راڻي“ ٻارن جي ڪهاڻين جا چڱا ڪتاب آهن. هن عرصي ۾ مقبول ڀٽيءَ جو نالو به ذڪر لائق آهي، جنهن ٻارن لاءِ ڪهاڻين جا چڱا ڪتاب ڇپرايا. سلسليوار ڪهاڻِي ”حليم حرڪتي“ لکي جيڪا ٻارن ۾ ڪافي مقبول ٿي. ڪهاڻي پبليڪيشن حيدرآباد پاران شمس الدين سومري، بشير ڀٽيءَ، صبغت الله ميمڻ ۽ نظير ڀٽيءَ جا ٻارن جي آکاڻين جا 16 ڪتاب مورتن سان گڏ سينگارجي شايع ٿيا. بخاري پبليڪيشن کاهي ۽ گلزار سيريز حيدرآباد وارن به وس آهر ٻارن جي ڪهاڻين جا چڱا ڪتاب شايع ڪرايا. پرواني سيوهاڻِيءَ نه صرف ٻارن لاءِِ ڪهاڻيون ۽ ڊراما لکيا پر عملي طور ڪوششون وٺي، ٻارن جي ادب جي اشاعت ۾ پهريون ڀيرو صلاحيتون استعمال ڪيون آهن. هن جي ڪهاڻين جي ڪتابن مان ”انڌي فقيرياڻِي“، ”سهڻي صلاح“ ۽ ”تماشو“ ذڪر لائق آهن. آگم پبليڪيشن ايجنسي حيدرآباد، ٻارن جي ادب جي ترقي لاءِ ”ٻالڪ ڪتاب لڙي“ جي نالي سان هڪ سلسلو جاري ڪيو. هن اداري نظم ۽ نثر ۾ ٻارن لاءِ سستا ۽ سٺا ڪتاب ڇپرايا. ڪهاڻيءَ جي ڪتابن ۾ اڪبر جسڪاڻيءَ جا ”رمون پيٽي“ ۽ ”بتين واري ناني“، ادل سومري جو ”جيتن جي ڪانفرنس“، رضيه صديقيءَ جو ”پديءَ جو ٻڪر“، شمس الدين سومري جو ”ماسي کتو“، الاهي بخش ٻانڀڻ جو ”ڪانون جي ڪاهه“ ۽ ج.ع. منگھاڻي جو ”پتنگ پويان ڊوڙ“ هن اداري جا يادگار ڪتاب آهن.
    تصويري ڪهاڻين جي سلسلي ۾ قربان جعفري جو ڪتاب ”ٽي سپاهي“ ٻارن کي موهيندڙ ڪتاب آهي. ان کان سواءِ ”نيشنل فائونڊيشن“ وارن به ”چڻگون“ ۽ ڪجھه ٻيا ڪتاب ان سلسلي ۾ تصويرن سان سينگاري شايع ڪيا. سنڌالاجيءَ پاران شايع ٿيل ”پرڏيهي ڪهاڻيون“ ۽ سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپيل گوهر ممتاز قاضي جو ڪتاب ”ڀولڙي جي ڀُل“ ۽ ٻيون ڪهاڻيون ٻارن جي ادب جا معياري ڪتاب آهن. علي مرتضى ڌاريجي ٻارن کي سائنسي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ ”سيل جي آتم ڪهاڻي“، ”مغز جي آتم ڪهاڻي“ ۽ ”هٿ جي آتم ڪهاڻي“ تحرير ڪئي آهي. اعجاز عرساڻيءَ ماهوار گل ڦل ۾ قسطوار ”گڏهه جي آتم ڪهاڻي“ لکي. ان کان سواءِ جن نون ليکڪن جا ٻارن جي ڪهاڻين جا ڪتاب شايع ٿا تن ۾ نظير شوري جو ”پاڇي پٺيان ڊوڙ“، منظور بيدار جو ”بک بڇڙو ٽول“ عبدالرحمان جتوئيءَ جا ”عقلمند صوبيدار“ ۽ ”سياڻو ڪانءُ“ ۽ اشرف زمان جو ”پکين جي دنيا ۾ انقلاب“ ذڪر لائق ڪتاب آهن.
    جن نوجوان ليکڪن ٻارن لاءِ پرڏيهي ڪهاڻيون ترجمو ڪري ڇپرايون تن ۾ غلام محمد لاکي، محمود مغل ۽ سليم سهتي جا نالا نمايان آهن. اهڙا ليکڪ جن جا هن عرصي ۾ ٻارن لاءِ ڪهاڻين جا مجموعا ته شايع نه ٿيا پر انهن ٻارن لاءِ تمام گھڻيون ڪهاڻيون تحرير ڪيون آهن، تن ۾ نثار بزمي، فيروزه سما، امام راشدي، زاهده گوپانگ، ثريا سوز ڏيپلائي، ابن لائق سومرو، مقصود گل شامل آهن. سنڌي ادبي بورڊ ٻارن لاءِ لوڪ ڪهاڻين جو جلد پنجون، مراد علي مرزا جو ترجمو ڪيل ڪتاب ”ٻارن جون آکاڻيون“ شايع ڪرائڻ سان گڏ، مرزا قليچ بيگ جا ترجمو ڪيل 12 کن ٻارن لاءِ ڪهاڻين جا ڪتابڙا ٻيهر شايع ڪرايا. اداري پاران جاري ٿيندڙ ٻارن جي رسالي ”گُل ڦُل“ ۾ ڪجھه ليکڪن جون ٻارن لاءِ اصلوڪيون ڪهاڻيون ۽ ترجما شايع ٿا. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ان عرصي ۾ ٻارن لاءِ ڪهاڻين جو ڪوبه ڪتاب شايع نه ڪرايو.

    چوٿون دؤر

    1970ع کان پوءِ سنڌي ادب جي مجموعي صورتحال ۾ ڪافي تبديليون آيون. ادب ۾ نئين سوچ ۽ جاڳرتا جي لهر اڀري. ڪافي ڪتابي سلسلا ۽ رسالا جاري ٿيا، جن جي معرفت نثر ۽ نظم جي شعبن ۾ ڪيترائي نوان نالا ظاهر ٿا. ٻارن جي ادب ۾ شاعريءَ واري ڀاڱي ۾ وڏن ليکڪن ڪجھه نه ڪجھه ڏنو، پر نثر ۾ ڪنهن به نامياري ليکڪ ٻارن لاءِ نه لکيو. ان سلسلي ۾ وري به نوجوان ليکڪن پاڻ ملهايو، جن نثر توڙي نظم ۾ ٻارن لاءِ ساراهه لائق ڪم ڪيو. سينيئر ليکڪن مان دادا سنڌيءَ ٻارن لاءِ ”سنڌ جون تاريخي ڪهاڻيون“ جي نالي ڪتاب لکيو. مراد علي مرزا ٻارن لاءِ پرڏيهي ڪهاڻيون ترجمو ڪيون، الطاف شيخ جو ”ڏاهي جھرڪي ۽ ٻيون ڪهاڻيون“ جي نالي سان ٻارن لاءِ ترجمو ٿيل ڪهاڻين جو ڪتاب شايع ٿيو پر هن صاحب ٻارن جي ادب ۾ دلچسپي وٺندي ٻارن لاءِ ٻين تفريحي ۽ اصلاحي ڪهاڻين سان گڏ، سائنسي ڪهاڻيون، جهڙوڪ ”چنڊ تي جاسوسي“ ۽ ”بهادر احسان“ وغيره به تحرير ڪيون، جيڪي ٻارن جي ماهوار رسالي گُل ڦُل ۾ شايع ٿيون. ڊاڪٽر دُرمحمد پٺاڻ ”ڇيلڙي وارو شهزادو“ ۽ ٻارن لاءِ ٻيون ڪهاڻيون تحرير ڪيون. وري به انهن ليکڪن کي جَسُ هجي جو انهن ٻارن لاءِ اصلوڪيون ڪهاڻيون يا پرڏيهي چونڊ ڪهاڻين جو ترجمو ڪري ٻارن جي ادب ۾ ڪجھه نه ڪجھه واڌارو آندو. اسان جا سينيئر ليکڪ جيڪڏهن اها جوابداري محسوس ڪندي ڪجهه وقت ٻارن لاءِ وقف ڪن ته هوند اسان جي ٻارن جو ادب وڌيڪ ترقي ڪري سگھي.
    نوجوان ليکڪن مان اڪبر جسڪاڻيءَ جو نالو اهم آهي. جنهن ٻارن لاءِ نهايت وڻندڙ ۽ اثرائتيون ڪهاڻيون لکيون آهن. ”رمون پيٽي“ ۽ ”بتين واري ناني“ هن جا ٻارن لاءِ بهترين ڪتاب آهن. انکانسواءِ هن ماهوار گُل ڦُل معرفت ٻارن جي مجموعي ادب کي گھڻو زور وٺرايو آهي. ظفرعباسيءَ ٻارن لاءِ ڪهاڻين جي ڪتاب ”تارا تارن هيٺ“ لکڻ کان سواءِ ٻين ڪهاڻين سان گڏ طنزيه ۽ اصلاحي ڪهاڻيون لکيون آهن. ممتاز عباسيءَ، دريا خان دلگير، آصف مٺياڻوي، ناز سنائي، حفيظ ڪنڀر، عابد مظهر، قاضي آصف، اڪرام ساگر، نور گھلو، رخسانه ناز سومرو، شمس النساءِ عباسي، محمد امين بلوچ، پريل دايو ۽ الطاف سومري جا نالا ذڪر لائق آهن.
    سنڌيءَ ۾ ٻارن جي ڪهاڻين جي انهيءَ جائزي مان اهو واضح ٿئي ٿو، ته ٻارن لاءِ طلسماتي ۽ جادوئي ڪهاڻين جو ڳاڻيٽو سائنسي ۽ ٻين سماجي موضوعن جي ڀيٽ ۾ گھٽ آهي. ان کان سواءِ پاڪستان کان اڳ جيڪو ٻارن جي ادب لاءِ ڪم ٿيو هو، اهو وچ واري عرصي ۾ ڄڻ ڍرو پئجي ويو، پر 1970ع کان پوءِ ان ڏس ۾ چڱي ترقي ٿي آهي. انهيءَ ترقيءَ ۾ انهن خانگي ۽ انفرادي ادارن ۽ پبليڪيشن جو هٿ آهي، جيڪي ڪجھه ڪتاب شايع ڪري، مالي وسيلن جي کوٽ سبب بند ٿي ويون. جڏهن ته اسان جن سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادبي ادارن سنڌي ادبي بورد ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي وغيره ان سلسلي ۾ ڪو ذڪر لائق ڪم نه ڪيو آهي. جيڪڏهن اسان جا ناميارا ليکڪ، ٻارن جي ادب کي اهميت ڏيندي، ان جي تخليق ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيندا ۽ ڪجھه مستحڪم اشاعتي ادارا اڳتي ايندا ته پوءِ اسين بجا طور پنهنجي ٻارن جي ادب تي فخر محسوس ڪنداسين...


    سنڌي ادبي سنگت : مختصر تعارف

    جهڙي ريت سماجي سرشتي ۾ تنظيم جي اهميت ۽ افاديت آهي، تيئن ادب جي اؤسر ۽ ڦهلاءَ ۾ به تنظيم اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. ”سنڌي ادبي سنگت“، سنڌي اديبن جي اها اڪيلي اثرائتي تنظيم آهي، جنهن نه صرف سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي ترقيءَ ۾ حصو ورتو آهي پر سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت جي بچاءَ لاءِ عملي جدوجهد پڻ ڪئي آهي. هونئن ته جميعت شعراءِ سنڌ، بزم طالب المولى، پاڪستان رائٽرس گلڊ، سنڌي ادبي انجمن ۽ ٻين ڪيترن ئي بزمن جي پليٽ فارم تان سنڌي ليکڪن پنهنجي جذبن ۽ احساسن جو اظهار پئي ڪيو آهي، پر ترقي پسند ۽ روشن خياليءَ جي لحاظ کان ڪابه تنظيم ”سنڌي ادبي سنگت“ سان برابري ڪري نه سگھي آهي. اهو ئي سبب آهي جو ”سنڌي ادبي سنگت“ جو مقام سندس ڪارڪردگيءَ جي لحاظ کان ڏينهون ڏينهن بلند ٿي رهيو آهي.
    ”سنڌي ادبي سنگت“ جي پهري شاخ جو بنياد پاڪستان ٺهڻ کان ڪجھه مهينا اڳ (يعني 1947ع جي وچ ڌاري) ڪراچيءَ ۾ پيو. جنهن جا بنيادي ڪارڪن هئا: گوبند مالهي، ڪيرت ٻاٻاڻي، شيخ حفيظ، جمال ابڙو، شيخ اياز، نورالدين سرڪي، شيخ راز ۽ احسان بدوي. گوبند مالهيءَ کي سنگت جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. سنگت جي انهيءَ شاخ قائم ڪرڻ کان اڳ، 1946ع ۾ پروفيسر گربخشاڻي جي سربراهيءَ ۾، ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ ”سنڌي ادبي سرڪل“ قائم ٿي هئي. جنهن ۾ انهن اديبن کان علاوه نارائڻ شيام، ارجن شاد، سندري اتم چنداڻي ۽ روشن مغل حصو وٺندا هئا. ورهاڱي کان پوءِ ٿيندڙ لڏپلاڻ ۽ فسادن جي ڪري ادبي سرگرميون متاثر ٿيون.
    هندوستان ۾ ”انجمن ترقي پسند مصنفين“ تنظيم کان متاثر ٿي سنڌي ليکڪن سنڌ ۾ انهيءَ نالي سان سنڌي ادبين ۽ شاعرن جي جماعت قائم ڪئي، جنهن ۾ ”سنڌي ادبي سرڪل“ جي ساٿين کان سواءِ اتم، محمد ابراهيم جويو ۽ سوڀوگيانچنداڻي جن شامل ٿيا. 1954ع ۾ پاڪستان سرڪار پاران ڪميونسٽ پارٽيءَ تي بندش هڻڻ کان پوءِ ”انجمن ترقي پسند مصنفين“جي سرگرمين کي پڻ روڪيو ويو. انهيءَ صورتحال ۾ سنڌي ليکڪن ”سنگت“ جون نئين سر گڏجاڻيون شروع ڪري ڏنيون. اهڙي قسم جا ميڙ احسان بدوي ۽ نورالدين سرڪيءَ جي هاسٽلن وارن ڪمرن، واقع جناح ڪورٽس ۽ ميٺارام هاسٽل کانسواءِ اياز قادريءَ جي جاءِ تي ٿيڻ لڳا. اهڙي ريت ورهاڱي کان پوءِ سنگت جي پهرين شاخ سکر ۾ ساڳئي سال يعني 1954ع ۾ رشيد ڀٽِيءَ قائم ڪئي ۽ هُو ئي ان جو پهريون سيڪريٽري ٿيو. سنگت جي شروعاتي ميڙ ۾ مولائي شيدائي، شيخ اياز، رشيد ڀٽي، قادربخش ميمڻ، ولي دائودپوٽو، جامي معصومي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. حيدرآباد ۾ جميعت الشعراءِ سنڌ کان ڌار ٿيل شاعرن ۽ اديبن جي هڪ تنظيم ”سنڌي ادبي انجمن“ جي نالي سان هئي، جنهن ۾ مولانا غلام محمد گرامي، محمد عثمان ڏيپلائي، تنوير عباسي، شمشيرالحيدري، ابن حيات پنهور، ع.ق شيخ، مصطفى قريشي، بيگم زينت چنا، مقبول ڀٽي، مراد علي مرزا ۽ ٻيا شامل هئا. 1954ع جي آخر ڌاري رشيد ڀٽيءَ جي ذاتي ڪوششن سان انهن دوستن، ”سنڌي ادبي انجمن“ ختم ڪري ان جي جاءِ تي ”سنڌي ادبي سنگت“ قائم ڪئي، جنهن جو سيڪريٽري مقبول ڀٽي ٿيو. انهن ٽن شاخن، ڪراچي، سکر ۽ حيدرآباد جي قائم ٿيڻ کان پوءِ سنگت جي مقبوليت وڌندي ويئي ۽ 1956ع تائين، جيڪب آباد، نوابشاهه، خيرپور، شڪارپور، لاڙڪاڻي، ٽنڊي محمد خان، جھمپير ۽ مير پور بٺوري ۾ سنگت جون شاخون ڪم ڪرڻ لڳيون.
    سنگت جي مقبوليت کي ڏسندي، جميعت الشعراءِ سنڌ وارن، اپريل 1956ع ۾ ٿيندڙ پنهنجي 18 ”سنڌي ادبي ڪانفرنس“ ۾ ترقي پسند ليکڪن کي انفرادي ڪوٺ ڏيڻ سان گڏ سنگت کي جماعت جي حيثيت سان ميڙ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. انهيءَ موقعي تي گڏ ٿيل سنگت جي سڄاڻ ساٿين، سنگت جي مرڪزي تنظيم واسطي هڪ ڪميٽي قائم ڪئي، جنهن جو ميڙ 5 جولاءِ 1956ع تي حيدرآباد ۾ ٿيو. انهيءَ ميڙ ۾ 7 آڪٽوبر 1956ع تي ”آل سنڌ سنگت ڪنوينشن“ ڪراچيءَ ۾ منعقد ڪرڻ جو فيصلو ٿيو. اهو سنگت جي تاريخ جو نهايت يادگار ڏينهن هو، جو انهيءَ ڪنوينشن جي پهرين اجلاس ۾ (جنهن جي صدار ع.ق ـ شيخ ڪئي) جوڙجڪ منظور ڪرڻ کان پوءِ، مرڪزي سنگت جون چونڊون ٿيون ۽ اياز قادري ذاتي مصروفيتن سبب استعيفا ڏئي ويو، جنهنڪري جوائنٽ سيڪريٽري شمشيرالحيدري اهو عهدو سنڀاليو. شمشيرالحيدريءَ کان پوءِ اياز قادري ذاتي مصروفيتن سبب استعيفا ڏئي ويو، جنهنڪري جوائنٽ سيڪريٽري شمشيرالحيدري اهو عهدو سنڀاليو. شمشيرالحيدريءَ کان پوءِ ترتيب وار تنوير عباسي، رشيد ڀٽي، تاج بلوچ، تاج جويو ۽ غلام حسين رنگريز سنگت جا مرڪزي سيڪريٽري جنرل رهيا. تازو 1990ع وارين چونڊن ۾ تاج جويو ٻيهر سنگت جو سيڪريٽري جنرل چوندجي آيو آهي.
    سنگت جي رجسٽريشن 1965ع ۾ ڪرائي وئي ۽ 24جنوري 1990ع تي سکر ۾ شيخ اياز جي صدارت هيٺ ٿيل سنگت جي ڪنوينشن ۾ دستور جي ترميم، پيٽي قاعدن ۽ پڌرنامي سان گڏ، سنگت لاءِ موجوده موني گرام جي منظوري ڏني وئي. سنگت، پنهنجي قيام کان وٺي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي اؤسر ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي، سو ادب جي تاريخ ۾ سدائين يادگار رهندو. هن وقت افساني، شاعريءَ، تحقيق وغيره جي حوالي سان جيڪي اهم ۽ مشهور نالا آهن، انهن مان گھڻن جي تربيت سنگت جي پليٽ فارم تان ئي ٿي آهي. سنگت نه صرف ادب جي آبياري ڪئي آهي، پر سنڌ جي سياسي، ثقافتي ۽ سماجي مامرن ۾ به وقت به وقت حق جو آواز بلند ڪيو آهي. 1954ع ۾ جڏهن ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڊيڪيٽ فيصلو ڪيو ته ٽن سالن کان پوءِ ڪراچي يونيورسٽِيءَ ۾ سنڌي ميڊيم آف انسٽرڪشن (Sindhi Medium Of Instruction) ۽ سنڌي ميڊيم آف ائنسرنگ پيپر (Sindhi Medium Of Answering Paper) جي حيثيت ختم ڪئي ويندي ۽ صرف سنڌي شاگردن لاءِ مادري زبان جي مضمون طور پاڙهي ويندي. انهيءَ سوال تي پهريون احتجاجي بيان ۽ ٺهراءُ سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جاري ڪيو هو. سنڌي ٻوليءَ کي آئين ۾ سرڪاري ٻولي مڃائڻ واسطي، 1975ع ۾ سنگت حيدرآباد پاران دستخطي مهم شروع ڪئي وئي. سڄيءَ سنڌ ۾ انهيءَ هلچل سبب سجاڳي پيدا ٿي. سنڌي اخبارن انهيءَ تحريڪ جو پرچار ڪيو. سڄي پاڪستان مان دانشورن اديبن، استادن، تعليمدانن، سماجي ڪارڪنن وغيره کان اٽڪل 50هزار صحيون، سنگت جي ڇاپيل فارمن تي ورتيون ويون. انهيءَ قسم جو رڪارڊ هن وقت سنڌالاجي ۾ محفوظ آهي.
    1968ع جي پڇاڙيءَ ۾ جنوري 1969ع ۾، جي ايم سيد، شيخ اياز، حيدربخش جتوئي، رسول بخش پليجي ۽ غلام محمد لغاري وغيره جي گرفتاريءَ ۽ سنڌي ڪتابن تي بندش خلاف، سنگت حيدرآباد جي اديبن 144 قلم جي ڀڃڪڙي ڪندي احتجاجي جلوس ڪڍيو، جنهن جي اڳواڻي بيگم زينت چنا، زرينه بلوچ ۽ ڊاڪٽر قمر تنوير عباسيءَ ڪئي. اهڙو ئي هڪ احتجاجي جلوس سکر ۾ رشيد ڀٽيءَ جي آفيس وٽان، مولائي شيدائي ۽ عبدالڪريم گدائيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ نڪتو. ان کان سواءِ سنگت جي پليٽ فارم تان سنڌي شامون ۽ لطيف ۽ سچل جا ڏينهن ملهائي سنڌي ماڻهن ۾ ڌرتيءَ ۽ ٻوليءَ سان محبت وارن جذبن ۽ قومي شعور کي بيدار ڪيو ويو. ”سنڌي ادبي سنگت“ هڪ خالص ادبي جماعت آهي، جنهن جا متا ۽ مقصد هي آهن:

    1. سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽ ثقافت جي بقا ۽ بهبوديءَ لاءِ هر ڪا ڪوشش وٺڻ.
    2. سنڌي اديبن، شاعرن ۽ سنڌي ٻوليءَ سان قرب رکندڙن کي وقت به وقت گڏ ڪرڻ.
    3. پراڻي سنڌي ادب کي ٻيهر ڇپائي پڌرو ڪرڻ.
    4. سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جي ٻين ادبي جماعتن سان ناتا قائم ڪرڻ.
    5. سنڌ جي بزرگ هستين، شاعرن ۽ اديبن جون ورسيون ملهائڻ.
    6. سنڌ جي جدا جدا شهرن ۽ ڳوٺن ۾ سنڌي لائبريريون قائم ڪرڻ.
    7. سنڌ جي جدا جدا شهرن، ڳوٺن ۽ بستين ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخن قائم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ.

    سنڌي ادبي سنگت جي قائم ٿيڻ کان وٺي هيل تائين جي سفر ۾ اسان جي بزرگ اديبن توڙي نوجوان ليکڪن جون محنتون ۽ محبتون شامل آهن. 1947ع ۾ لڳايل اهو ٻوٽو، اڄ هڪ سگھاري گھاٽي وڻ جي صورت ۾ موجود آهي. جيئن اسان جن بزرگن مختلف دؤرن ۽ حالتن ۾ ان جي آبياري پئي ڪئي آهي، تيئن اسان سڀني جو به فرض آهي ته اسين ان جي بچاءَ ۽ ڦهلاءَ لاءِ متحد ٿي ڪم ڪريون. ذاتي رنجش ۽ سياسي وابستگين کي پاسيرو رکي، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقيءَ لاءِ گڏجي ڪوشش ڪريون، ڇوته سنگت اسان اديبن ۽ ادب دوستن جو اجتماعي محاذ آهي. انفرادي طرح اسين ڪجھه به نه آهيون. سنگت اسان جي سڃاڻپ آهي ۽ انهيءَ گھاٽي وڻ جي ڇانوَ هيٺيان اسان سڀ هڪجهڙا آهيون.

    مددي ڪتاب

    • تاج جويو ـــ سنڌي ادبي سنگت مقالو. ماهوار نئين زندگي آڪٽوبر 1968ع.
    • رشيد ڀٽي ـــ سنڌي ادبي سنگت جا 22سال. مقالو (1947ع کان 1970ع تائين). سنڌ سنگت ــ ڪتاب 27ع ڊسمبر 1985ع.
    • رشيد ڀٽي ـــ (خط، انٽرويو، تقريرون ــ ليکڪ شيخ اياز) مُهاڳ. نيوفيلڊس پبليڪيشن جولاءِ 1987ع.


    سنڌي شاعريءَ ۾ عورتن جو حصو (مختصر جائزو)

    سنڌي سماج ۾ عورت گھڻو وقت ذهني غلاميءَ جو شڪار رهي اهي ۽ هيل تائين رهندي پئي اچي. خاص طور تي جتي تعليم جي روشني نه پهتي آهي يا ان کي ڦهلڻ نه ڏنو ويو آهي، انهن هنڌن تي مرد پنهنجي شخصيت کي مهان ثابت ڪندي، عورت کي هڪ وکر جي حيثيت ڏني آهي، جتي آخري فيصلو فقط مرد جي وَسَ ۾ هوندو آهي. اهڙين حالتن ۾ عورت جي سماجي شعور جي وهڪري آڏو ڄڻ پابندين جا بند ٻڌجي ويا. تعليم ۽ فڪر جي راهه ۾ ايترين رڪاوٽن جي باوجود به اسان جي سماج جي عورت، مايوس ۽ بي همت ٿي ويهي ڪانه رهي ، پر هوءَ انهن غلط روايتن کي ٽوڙڻ واري عمل ۾ هميشه اڳڀري رهي آهي.
    سماجي شعور ۽ سجاڳي پيدا ڪرڻ ۾ ادب اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. ادب جا سرجڻهار، معاشري جا اهي حساس فرد هوندا آهن، جن جو ذهني پورهيو عوام کي سچ جي سڃاڻ ڏيڻ سان گڏ، انهن ۾ حياتيءَ سان پيار ڪرڻ ۽ مسئلن سان منهن ڏيڻ جي سگھه پيدا ڪري ٿو. سنڌي ادب جي تقريباً سڀني شاخن جي اؤسر ۾ عورتن ڀرپور حصو ورتو آهي. سومرن جي دؤر جي شاعره مرکان شيخڻ، جنهن جي ڪلام جو مجموعو مرحوم محمد سومار شيخ جو ترتيب ڏنل آهي، سنڌي زبان جي پهرين شاعره هئي. هن جو ڪلام جو نمونو گنان جهڙو آهي، جنهن ۾ ڌڻِي تعالى جي وڏائي ۽ واکاڻ بيان ٿيل آهي.
    جديد سنڌي ادب ۾ عورت ليکڪائن کي اڀارڻ ۽ متعارف ڪرائڻ ۾ محترمه بيگم زينت عبدالله چنا جي 1957ع ۾ جاري ڪيل ”مارئي“ رسالي ۽ محترمه خديجه خانم دائود پوٽو جي ماهنامي ”اديون“ 1940ع کان اهم ڪردار ادا ڪيو. 1970ع کان ماهوار سوجھرو به انهيءَ ڏس ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون. انهيءَ دؤر ۾ جيتوڻيڪ ڪيترين عورتن جي شاعري شايع ٿي، پر انهن جو ان صنف سان گھڻو نڀاءُ ٿي نه سگھيو، جنهنڪري اهڙا نالا اهستي آهستي پڙهندڙن کان وسرندا ويا. 1965ع کان 1970ع واري دؤر ۾ شاعريءَ جي شعبي ۾، نور شاهين، سحر امداد ۽ ثريا سوز ڏيپلائيءَ جا نالا نمايان طور اڀري آيا ۽ بعد ۾ انهيءَ سٿَ ۾ اضافو ٿيندو ويو.
    نور شاهين، پنهنجي شاعريءَ جي مجموعي ”رسُ مَ رُسڻ گھوريو“ وسيلي پنهنجن احساسن کي پڙهندڙن تائين پهچايو. سندس غزل ۾ روايتي رومانوي خيال ڏنل آهن. موجوده دؤر ۾ سندس ڪلام ادبي رسالن ۾ گھٽ شايع ٿئي ٿو:

    آس وئي هر ڪا کڄي
    ٿي نه مگر ڪا به سڄي
    ختم ٿي ”شاهين“ چُڙي.

    ثريا سوز ڏيپلائي ڪهاڻين لکڻ سان گڏ شاعري به ڪري ٿي. هن شاعريءَ ۾ تجربن ڪرڻ بجاءِ روايتي رستو اختيار ڪيو آهي، پر پوءِ به سندس شاعري وقت ۽ حالتن مطابق ٺهڪندڙ آهي:

    جي راهن ۾ آهي انڌيرو ته ڇا ٿيو
    اسين داغ دل جا جلائي ڏسون.

    سحر امداد جديد سنڌي شاعريءَ جي سرواڻ آهي. هن جي شاعريءَ جو هڪ منفرد انداز آهي. فن يا اسلوب جي لحاظ کان هُن اڳ ۾ مروج روايتن کي ٽوڙي سنڌي شاعريءَ کي نوان لاڙا ڏنا آهن. ان ڪري کيس شاعريءَ ۾ هڪ اهم مقام حاصل آهي. سندس شاعريءَ ۾ مشيني ماحول جا عڪس نظر اچن ٿا. نظم ”اوسيئڙو“ ۾ هن اوسيئڙي جي احساس کي هن طرح بيان ڪيو آهي.

    پل پل ڪوڪن جيان
    ماس ۾
    ٽنبجي رهيو آهي.

    شمشاد مرزا پنهنجي شاعريءَ جي مجموعي ”سنڌو تنهنجا سڏَ“ معرفت متعارف ٿي. سندسن ڪلام ۾ سادا احساس ۽ ڪومل جذبا عام فهم ٻوليءَ ۾ بيان ٿيل آهن. انهيءَ مجموعي کان پوءِ سندس شاعري رسالن ۾ شايع نه ٿي آهي.

    مان ئي مومل مان ئي آس
    مان ئي ديول مان ئي داس
    مان ئي تنهنجو گيتُ.

    سلطانه وقاصيءَ جي شاعري، نازڪ ۽ لطيف احساسن جي شاعري آهي. هُن وٽ شعر جي گھاڙيٽي کان اون جي فڪر جي وڌيڪ اهميت آهي. سندس ڪوتائن جو مجموعو ”دونهاٽيل درشن“ جي نالي سان شايع ٿيل آهي. سندسن شاعريءَ ۾ اداسيءَ جو رنگ هر جاءِ ڦهليل آهي. پنهنجي نظم ”ڳوڙها ڳڙيا ڳُجھه ۾“ چوي ٿي ته:

    مونکي هت نه اچڻ گھربو هو
    هي ڄاتل سڃاتل چهرا
    هي روشنيون هي رستا
    مون کي پاڳل ڪري ڇڏيندا.

    منور سلطانه هونئن ته گھڻي وقت کان لکي پئي پر سندس پڙهندڙن سان سڃاڻپ شاعريءَ جي مجموعي ”ڳولا“ کان پوءِ چڱي ريت ٿي. سندس شعر ۾ هڪ حساس شاعره/عورت جي احساسن جا اولڙا نظر اچن ٿا:

    مان ڪجھه هتي لکڻ چاهيان پئي
    پاڻ کي به ڪجھه وندرايان پئي
    دنيا کي به ڪجھه سمجھايان پئي.

    سوسن مرزا جي شاعري رسالن ۾ گھٽ شايع ٿي رهي آهي. ٻارن لاءِ لکيل سندسن شاعريءَ جو مجموعو ”سڀان جا ٻيجل“ جي نالي سان ڇپيل آهي. هن جي شاعريءَ ۾ ڳنڀير احساس ۽ اداسيءَ جي ڪيفيت جو اثرائتو اظهار ٿيل آهي.

    دل ديول جي ديوار سان
    ڇو ٿي سر ٽڪرائين
    پنهنجو پاڻ گنوائين
    ڳهيلي! مُور نه ايندئي ميتُ.

    نورالهدى شاهه جو نالو ڪهاڻي ۽ ڊرامي جي حوالي سان گھڻو مشهور آهي. هوءَ انهن ليکڪن مان آهي، جن ٿوري عرصي اندر پنهنجي تخليق جي مڃتا ڪرائي آهي. شاعريءَ ۾ هن آزاد نظم/نظماڻي نثر ۾ پنهنجي نڪور خيالن کي نهايت فنائتي نمونت ۾ بيباڪيءَ سان لکيو آهي:

    ٻه ليڪا ڪڍي، صليب ٺاهي
    پنهنجو پاڻ ٽنگي ڇڏيان
    جي ڏک سڀئي لکي نه سگھان.

    مريم مجيديءَ جي شاعريءَ ۾ فڪر جي گھرائيءَ کان سواءِ فن جي جيڪا پختگي آهي اها موجوده ليکڪائن ۾ بنهه گھٽ نظر اچي ٿي. مٽيءَ جي خوشبوءِ سان واسيل سندس شاعريءَ جي ٻولي ۽ لهجو نج آهي. سندس شاعريءَ جي مجموعي ”سروم دُکم دُکم“ ۾ ڌرتيءَ جو هر عڪس موجود آهي. چٽو ۽ خوبصورت عڪس:

    پَٽَ تي ڪوبه نه پيرو پنهنجو
    ڪيڏو ماڳ ڏکيرو پنهنجو

    شبنم موتي ۽ ثريا سنڌي، سنڌي شاعريءَ جا مشهور نالا آهن. هُنن تمام گھٽ عرصي ۾ چڱي شهرت حاصل ڪئي. 1973ع کان 1977ع تائين هنن جي شاعري تقريباً سڀني رسالن ۾ شايع ٿي. شبنم موتيءَ جي ڀيٽ ۾ ثريا سنڌيءَ جي شاعري وڌيڪ اونهي ۽ پختي آهي. هنن ٻنهي جي شاعريءَ ۾ موضوعن جي کوٽِ ناهي. هيٺ ڌار ڌار سندن شاعريءَ جون ڪجھه مصرعون ڏجن ٿيون.

    سازن جي ساگر ۾ ٻوڙي
    دل دريا ۾ ڪنڪر اڇلي
    پيار جون ڇوليون ڪو ڇُلڪائي
    ڪوئي جوڳي بين وڄائي.
    (شبنم موتي)

    ميت اسان جا گيت اڏاڻا
    ڏهر ڏهر تي لهر لهر ۾
    ڳولن توکي نيڻ نماڻا
    آس ٽُٽي پئي بين ڀڄي پئي
    دل جا سارا ديپ اجھاڻا
    (ثريا سنڌي)

    ج.ع منگھاڻيءَ جي شاعري اڪثر ڪري رسالن ۾ شايع ٿيندي رهي ٿي. سندس خيالن ۾ روايتي انداز سان گڏ جدت به آهي. سندس ٻولي پختي ۽ مترنم آهي:

    سانجھي ايندي وينديون راتيون
    باک ڦُٽيءَ جو رمجھم رمجھم
    وسنديون خوشين جون برساتيون.
    جيءُ به مرڪي جھول جھليندو.

    نذير ناز، ڪهاڻين جي ڀيٽ ۾ شاعري گھٽ لکي آهي. شاعريءَ ۾ اڪثر ڪري هن غزل ۾ پنهنجا خيال بيان ڪيا آهن. سندس غزل نهايت سادا ۽ ڊگھي بحر ۾ هوندا آهن.

    هن ڌرتيءَ تي ڪي ڪي مَنَ کي وڻندا آهن ماڻهو
    سي ئي سُونهن جي وستيءَ ۾ رهندا آهن ماڻهو.

    پشپا ولڀ آزاد نظم/نظماڻي نثر جي صنف جو هڪ اهم نالو آهي. هن جي شاعريءَ ۾ ڏنل ويچار نهايت ڳنڀير، اثرائتا ۽ مَن کي ڇُهندڙ آهن. سندس شاعريءَ جي مجموعي، ”دريءَ کان ٻاهر“ ۾ حساس جذبا ۽ وڻندڙ عڪس، خوبصورت لفظن ۽ تشبيهن سان بيان ڪيل آهن:

    پراڻا خواب، جي ڪڏهن حسين هئا
    ميرن ڪپڙن جيان
    ڪلين ۾ ٽنگيا پيا آهن.

    مٿي ذڪر ڪيل شاعرائن کان علاوه شاعري کيتر جي عورتن واري حصي ۾ شاني، رحمت زبيده ميتلو ۽ تهمينه مفتيءَ جا نالا جيتوڻيڪ نوان آهن، پر هُنن جيڪا ٿوري گھڻي شاعري ڪئي آهي اها فني توڙي فڪري لحاظ کان نهايت پختي آهي. انکانسواءِ انهيءَ عرصي ۾ ڪجھه ٻيون شاعرائون به اڀريون آهن، جن مان شهناز ميمڻ، ايس ـ نسرين، مڻيا، زڪيه ميمڻ، زينت بروهي، عذرا جبين ميمڻ، بلقيس عارباڻي، امرتا بيدل، پروين شيخ، سلمى سومرو، رشيده قطب، شازيا رسول، شميم ميمڻ، تسنيم يعقوب، مهر پروين، روشن تبسم ميمڻ، ”تبسم“عروج قاضي، فوزيه قاضي ۽ زيب نظاماڻي قابل ذڪر آهن. عورت شاعرائن جي هڪ خاص ڳالهه رهي آهي ته اهي پنهنجي ماڻيل شهرت کي برقرار رکي نه سگھيون آهن.


    بروهي، ڌاڙيل ۽ الله سائين

    علي احمد بروهي صاحب جا عوام آڏو ظاهري طور ٽي پڌرا روپ آهن. مقرر ليکڪ ۽ صحافي دنيا ۾ ڪالم نگار (هونئن ته خدا بهتر ٿو ڄاڻي ته سندس اصل روپ ڪيترا آهن.) اديبن جي برادريءَ ۾ اهڙا ٿوري تعداد ۾ ماڻهو آهن جن کي زبان ۽ زال، او معاف ڪندا، زبان ۽ قلم تي هڪ جيترو ڪنٽرول هجي، يعني لکڻ سان گڏ ٻولڻ جي فن جا به گُرو هجن. بروهي صاحب نه صرف قلم سان ڪُتر ڪري ڄاڻي پر زبان سان زخمي به ڪري سگھي ٿو. تقرير ۾ هُو عوام ۾ مقبول، طنز مزاح وارو طريقو اختيار ڪندو آهي. ڇو ته انهيءَ طريقي سان ئي ماڻهو ننڍي وات هوندي، وڏي ڳالهه ڪري سگھي ٿو. سنجيدگيءَ سان چيل فقط هڪڙي سٽ، ڪنهن کي به بتال ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي، پر کل ڀوڳ ۽ چرچي واري انداز ۾، جي ڪنهن جو پٽڪو به لهي وڃي ته في الحال کيس پتو ئي ڪونه پوندو، جيسين وڃي همراهه گھر سنڀالي، ڀائو بروهي اسٽيج تي اچي فقط کلائي نٿو (کلائيندا ته ميلن ۾ مسخرا به گھڻو آهن) پر سندس لفظن ۾ تمام گھري طنز هوندي آهي، سماج تي ۽ ان جي ناسوري ڪردارن تي. سندسن لفظ ڇُرين وانگر ۽ خنجرن جو ڪم ڪندا آهن. (طنز مزاح جي سلسلي ۾ سنڌي ادب کي هن وقت بروهين جي ڀلي جوڙي مليل آهي: علي احمد بروهي ۽ حليم بروهي).
    علي احمد بروهي وقت ۽ موقعي مهل سان ڳالهه ڪري ڄاڻي. ڪهڙي به محفل ڇو نه هُجي، هُو ان جي مزاج موجب رنگ ڀرڻ جو ڄاڻو آهي. اونهاري جي سخت گرميءَ ۽ رمضان شريف ۾ ٿيندڙ سچل سرمست جي عُرس تي تقرير ڪندي بروهي صاحب تجويز ڏيندي چيو هو: ”سچل سائينءَ جي ڪلام ۾ جيڪو ولولو ۽ جوش آهي، اهو سندس عرس جي موقعي تي نظر نٿو اچي. هن سخت گرميءَ ۾ ماڻهن جا وات اَل ڪانوَ وانگر پٽيا پيا آهن. تقرير ڪندڙ کي به خشڪي ته ٻڌندڙن ۾ بيزاري. سو منهنجي صلاح آهي ته سچل سائينءَ جو عرس ٿڌڙن ڏينهن ۾ رکيو وڃي ته جيئن ماڻهو ان ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪري سگھن، ڇو ته مستن جي عُرس لاءِ ڪا تاريخ نه هوندي آهي اهي سڄو سال ملهائي سگھجن ٿا“.
    وزير اعلى جي موجودگيءَ ۾ ويٺل ڪامورن جي خشڪ چهرن (جن مان اهو تاثر ٿي مليو ته ڄڻ انهن به روزو رکيو آهي) ڏانهن اشارو ڪندي چيو هئائين: ”افسوس جو مقام آهي جو اسان جي ڏاڏي (آدم) کي بهشت مان ڌڪا ڏئي ڪڍيو ويو ۽ ويچاري جو ڏوهه صرف اهو هو جو هن ڇڙو ڪڻڪ جو داڻو کاڌو هو، ڪو هنداڻو وغيره ڪونه کاڌو جو پيس ايتري سزا ڏني وئي. ۽ اسان آهيون جو جتان اسان جي ڏاڏي کي زوريءَ نيڪالي ڏني وئي، اوڏانهن وڃڻ لاءِ آتا آهيون!“
    تن ڏينهن ۾ ساري سنڌ ۾ ماڻهن جي اغوا جو سلسلو زور هيو. (سلسلو اڃان به جاري آهي) بروهي صاحب پنهنجي تقرير کي اڳتي وڌائيندي چيو هو ته: ”حضرت موسى عليه السلام، الله سائينءَ سان طور سينا جبل تي ڪچهري ڪرڻ ويندو هو. جيڪڏهن هن دؤر ۾ اسان وٽ الله سائين ڪنهن جبل يا ڪوٽ ڏجيءَ جي ٽڪريءَ تي لهي اچي ته ڌاڙيل ان کي به اغوا ڪري وڃن“.
    ظاهر آهي ته اهڙي قسم جي ڳالهه علي احمد بروهي ئي ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن ساڳئي ڳالهه محمد علي حداد ڪري ها ته پهريون ته فقير تي هڻن ها ڪُفر جي فتوى ۽ پوءِ کيس چاڙهن ها ٽڪٽڪيءَ تي. ڇو ته علي احمد بروهي جيڪا ڳالهه چوندو آهي ته ان جي بچاءَ ۾ بارود به رکندو آهي. جيڪڏهن ان ڳالهه تي ڪو مُلان مڇرجي ها ته، بچاءَ ۾ بروهي صاحب وٽ نماز ۽ تهجد پڙهڻ جي سندَ آهي.
    تقرير کانسواءِ لکڻ ۾ به بروهي صاحب جو ساڳيو انداز آهي. اهڙو رنگ سندس ڪهاڻين، خاڪن ۽ مضمونن ۾ نظر اچي ٿو. سئنيما اسڪوپ نالي واري سندس ڪهاڻي ”عثمان حجم جو روزو رکڻ ۽ ٽپهريءَ ڌاري ٺڪاءُ ڏئي ڀڄڻُ.“ ۾ عثمان حجم کي جڏهن روزي سبب، بک کان بيزاري ٿئي ٿي ته هُو چئي ٿو:

    ”ٽن ڪلاڪن جي فلم ۾ به وقفو هوندو آهي پر اهو ناحق آهي جو سڄي ڏينهن جي روزي ۾ ڪوبه وقفو ناهي“

    ”ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا“ سنڌ جي نامور توڙي گمنام انسانن جي تاريخ آهي، جن زندگيءَ جي مختلف شُعبن ۾ دُکي انسانيت لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي. پنجاهه سالن کان ٿرين جي خدمت ڪندڙ، ڊرئگور، ناني ڪوڙي، حاجي ٻڪرار، شانتي امان، مظفر صديقي کي هونئن ڪير سڃاڻي!. بروهي صاحب جسُ لهڻي جو هن انسان دوست ۽ سٻاجھن انسانن کي متعارف ڪرايو. مان سمجھان ٿو ته اهو ڪتاب سندس ڇوٽڪاري لاءِ ڪافي آهي. هُو ٻيو ڪتاب لکي نه لکي، ادبي تاريخ ۾ سندس جياپي لاءِ اهو هڪڙو ئي ڪتاب ڪافي آهي.
    سنڌي صحافت جي معيار جي ته اسان سڀني کي خبر آهي. خبرن جا سرا پڙهي خبر نه پوندي آهي ته اخبار ڪهڙي ٻوليءَ جي آهي! ايڪڙ ٻيڪڙ اخبارن کان سواءِ اڪثر کٽل کاتو آهن ۽ روز پيا انهن جا ايڊيٽر مٽبا آهن. بروهي صاحب چواڻي ته، ”کٽل اخبار کي صحافي ائين ڇڏي ويندا آهن جيئن ٻڏندڙ جهاز کي ڪوئا.“ ساڳيو حال اخبار ۾ ڇپجندڙ ڪالمن جو آهي. صحافتي دنيا ۾ چئن ماڻهن پنهنجي اثرائتي لکڻين سبب پڙهندڙن کي مجبور ڪيو ته هون سندن ڪالم پڙهن، اهي آهن، رشيد ڀٽي، امر جليل، نور عباسي ۽ علي احمد بروهي. انهن سڀني جي ڪلمن جي بنيادي خوبي اها آهي ته انهن ۾ ڀرپور طنز مزاح هوندو آهي ۽ ڀوڳ چرچي ۾ وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪري ويندا آهن. علي احمد بروهي پنهنجن ٻين روپن وانگر صحافتي روپ ۾ هڪ ڪامياب ڪالم نگار آهي.
    ڪنهن دوست چيو ته: ”ڪهڙو ڳالهه آهي جو اڄڪلهه جي نوجوانن ليکڪن ۾ علي احمد بروهيءَ جهڙي بيباڪي ناهي“. ان جو سبب آهي. توهان بروهي صاحب کي ڏسو، اچي قبر ڪنڌيءَ تي پهتو آهي. وڏيون وڏيون نوڪريون به ڪيائين، دنيا جا سئر سفر، مُجرا محفلون، مطلب ته سڀ موجون ماڻيائين. اولاد ۽ انهن جو خوشيون به پوريون ٿيون. باقي ڇا بچيو. سندس گھرواري ته کانئس گھڻي وقت کان تنگ آهي (اهڙو اظهار هن تقريرن ۽ لکڻين ۾ ڪيو آهي) پر هاڻي ته مائٽ مٽ ۽ دوست يار به کانئس بيزار. ان حالت ۾ ماڻهو ڇونه جيل جيل ڪندو. ڇو ته اها پڪ آهي ته جيل ۾ اي ڪلاس نه ته ٻي ڪلاس ته ملي ئي ملي. پر سرڪاري سڳوري به سياڻي آهي، ڪٿي ته هنن جھونن کي هٿ لائي، جو اهي جھونا ٻاهر لهن لک ته اندر وري اٺَ لک. وري جي اهڙو ماڻهو مري پئي جيل ۾ ته ساري انتظاميه ويل ۾. سو في الحال اسان ۾ اهڙي توفيق ناهي جو علي احمد بروهيءَ جي اَهل ڪري سگهون ۽ اياز گُل چواڻي ته:

    ڪهڙو سچ چئي سگھنداسي
    پاڻ ته هئون سرڪاري ماڻهو.


    سڃن آڏو صدائون

    سکر کان حيدرآباد، رشيد ڀٽيءَ سان گڏ سفر ڪري رهيا هئاسين. شاهه لطيف ڪيمپس مان ملڪ نديم ۽ سندس دوست به ساڳئي وئگن ۾ اسان سان همسفر ٿيا. رشيد ڀٽي ، ڀوڳن چرچن ڪرڻ ۾ به مشهور هو. اڪثر دوست چوندا هئا ته ”جتي رشيد ڀٽي آهي اتي ٽهڪ ئي ٽهڪ آهن.“
    ساڳئي وئگن ۾ ڪاري ويس ۽ رنگ برنگي چتين واري ٽوپيءَ سان، هڪ قلندر جو ملنگ به ويٺل هو. پيٽرول پمپ وٽ وئگن بيٺي ته هڪ فقير، ٻين جي ڀيٽ ۾، ڀٽِي صاحب جي شهپرن کان وڌيڪ متاثر ٿي، خيرات گھُرڻ لئه، دريءَ کان ڦري آيو:

    ”وهي وڃ بابا، اڄُ ڪو ڌڻيءَ جي ڏني مان“

    معمول مطابق ڀٽِي صاحب کي موقعي جي مناسبت سان، سٽَ سُجھي آئي:

    ”ڀڄي وڃُ بابا! اسان وٽ اڳ ۾ ئي هڪ فقير ويٺو آهي“

    رشيد ڀٽيءَ جي انهيءَ جملي تي، وئگن ۾ ويٺل قلندر جي ملنگ جون اکيون وڌيڪ ڳاڙهيون ٿي ويون، هُن ڀٽي صاحب ڏانهن ڪاوڙ مان ڏسندي چيو:

    ”فقير کي ته اصل ڏئي ڏئي ٿڪجي پيو آن“

    پوءِ پاسي واري کيسي مان، رُپئي جو نوٽ ڪڍي، خيرات گھُرندڙ فقير کي ڏيندي چيائين: ”اچي بابا! قلندر جي ڪشتي مان وٺُ، باقي سڃن آڏو صدائن ڪرڻ مان ڪجهه ڪين ورندءِ“.


    ڪُڙم جو ويري

    سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ڀرسان سيڪريٽريت جي بلاڪن ۾ چاچي صديق جي ”المهراڻ“ ڪينٽين آهي. ڪينٽين جي بناوٽ پوري ساري آهي، پر چاچي صديق جي تيار ڪيل ماني ايتري ته لذيذ هوندي آهي جو سيڪريٽريٽ جا ملازم ڪينٽين ۾ پنهنجون آڱريون چٽيندي نظر ايندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو 2 وڳي کانپوءِ چاچي صديق جي خالي ديڳڙن جو آواز پري کان پيو ٻڌبو آهي. چاچي صديق جي گراهڪن جي لسٽ ۾ نامياري ليکڪ حليم بروهيءَ جو نالو به هنگامي گراهڪن طور شامل آهي.
    حليم بروهي، وڪيل جي حيثيت ۾، اڪثر ڪري شنواين تي، هاءِ ڪورٽ ۾ ايندو رهندو آهي. عدالت ۾ دليل بازيءَ واري تقرير ڪرڻ کانپوءِ، بُک جڏهن حليم بروهيءَ تي حملو ڪندي آهي ته هو چاچي صديق جي ”المهراڻ“ ڪينٽين تي اچي ٽُٽندو آهي. ڪينٽين ۾ گھڙڻ شرط وڪيلڪو ڪارو ڪوٽ، ڪُرسيءَ کي پارائي، باٿ روڳم مان منهن هٿ ڌوئي، تازو توانو ٿي، اچي بالم بڻجي ويهندو:
    ”چاچا! اڄُ مانيءَ ۾ ڇا آهي؟“
    ”اڄُ سائين، مٽن چاپ، مڇي ۽ سبزي آهي.“
    ”هڪ مٽن مصالحو کڻي آ، پر جلدي.“
    پوءِ ماني کائي حليم بروهي گُم ٿي ويندو.
    هڪ ڏينهن ڪجھه دير سان پهتو. بُک به کيس ڏاڍي لڳي هُجي. معمول مطابق ڪارو ڪوٽ ڪرسيءَ کي پارائي، باٿ روم ۾ گھڙي ويو. باٿ روم مان ٿي ٺهي جُڙي اچي ويٺو.
    ”چاچا! مانيءَ ۾ ڇا آهي؟“
    ”اڄُ ته سائين“ چاچي صديق ٿوري دير رُڪندي وراڻيو.
    ”اڄُ ته سائين فقط دال وڃي بچي آهي“
    دال جي نالي ٻڌڻ سان حليم بروهيءَ جي چهري جو رنگ ڦري ويو.
    ”مان پاڻ حليم....... کانوان دال، ناممڪن(Impossible) ائين هرگز نه ٿيندو. ڪُڙ م جو ويري ڪڏهن ڪونه بڻبو بابا!“
    ائين چئي حليم بروهي تڪڙو تڪڙو ”المهراڻ“ ڪينٽين مان نڪري ويو.


    معزز مهمان

    شاهه عبداللطيف ادبي سوسائٽي ڪراچيءَ پاران ڪوٺايل ساهت سال 1981ع ادبي سيمينار جي هڪ اجلاس شروع ٿيڻ ٿورو اڳ، فلسوٽ ۽ ٽاءِ ۾ بند هڪ ورڪر، پهرين قطار ۾ رکيل صوفن جو جائزو وٺي رهيو هو. ان قسم جا فُلسوٽي ورڪر، اڪثر ڪري اهڙن موقعن تي بيج هڻي، ڪارن مان لهندڙ ماڻهن جي آجيان ڪندا آهن ۽ عورتن وارين ڪرسين وٽ چڪر هڻندي نظر ايندا آهن. اهو فلسوٽي ورڪر صوفن وٽان لنگھندو، اچي سرويچ سجاوليءَ سامهون بيهي رهيو، جيڪو ان وقت پهرين قطار جي هڪ صوفي تي اجرڪ ويڙهيون، بيپرواهه بڻيو ويٺو هو. ان فلسوٽِيءَ ڪرڙين اکين سان سرويچ سجاوليءَ ڏانهن نهاريندي، رُکي لهجي ۾ چيو:

    ”چاچا! ان صوفي تان اٿي، وڃي پٺيان ويهي رههُ“

    ”ڇو ڀلا، اسان هنن صوفن تي ويهي نه ٿا سگھيون ڇا“ سرويچ وراڻيو. ”چاچا! هي صوفا معزز مهمانن لاءِ آهن، تون پوئتي وڃي ويههُ.“ فلسوٽيءَ ٻيو وارُ ڪيو.

    سرويچ سجاولي انهيءَ ورڪر کي گھورڻ لڳو، ڄڻ ته اکين ئي اکين ۾ کانئس معزز مهمان جي وصف پڇندو هجي.

    انهيءَ دوران، اسان اتي ويٺل ڪجھه دوستن، انهيءَ فلسوٽيءَ تي ڦٽڪار ڪئي. هُو سوڙهي ٽاءِ کي ٺيڪ ڪندو، لنوائي هليو ويو.


    ادب ۽ ثقافت جا موسمي ادارا

    اسان وٽ ڪجھه اهڙا به موسمي، ادبي ۽ نيم ثقافتي ادارا هوندا آهن جيڪي رات جو قائم ٿيندا آهن ۽ صبح جو انهن جو ڪو پتو ڪونه پوندو آهي. ڪجھه سال اڳ ”ڪينجھر اڪيڊمي“ جي نالي سان هڪ ادارو وجود ۾ آيو، جنهن سال 1982ع ۾ شايع ٿيل، مختلف شعبن جي ڪتابن تي انعامن جو اعلان ڪيو. هن اداري نئين روايت اها قائم ڪئي جو بجاءِ ليکڪن ۽ ادارن کان ڪتابن گھرائڻ جي، پاڻ بازار مان ڪتاب خريد ڪري، ججن جي پئنل کان راءِ وٺي، سفرنامي، افسانوي ادب، ٻارن جي ادب ۽ سائنسي ادب وغيره جي شعبن جي ڪتابن تي، انعام ڏيڻ جو اخبارن ۾ اعلان ڪيو. انعام ڏيڻ جي تقريب، خاص مهمان، صدارت، موسيقيءَ جي محفل جا تفصيل اخبارن ۾ اچي ويا. ٻارن جي ادب جي سلسلي ۾ منهنجي ڪتاب، ”پتلين جو تماشو“ کي انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو هيو. ڪينجهر اڪيڊميءَ جا همراهه آيا، ڪارڊ ڏئي ويا. دوستن سميت شرڪت ڪرڻ جي پارت ڪري ويا. فنڪشن کان هڪ ڏينهن اڳ، ڪينجھر اڪيڊميءَ جي هڪ عهديدار فنڪشن ۾ شرڪت ڪرڻ جي يادگيري ڏياري. جڏهن مقرر تاريخ تي اسان ڪجھه دوست، ڪارڊ ۾ ڄاڻايل هنڌ اولڊ ڪيمپس، گاڏي کاتي پهتاسين ته اتي مڙئي خير هو، تقريب جا ڪي به آثار ڪونه هئا. اهو ڏينهن، وري ڪينجھر اڪيڊميءَ جو نالو ٻڌڻ ۾ ڪونه آيو. پوءِ خبر پئي ته همراهه گڏ ڪيل چندي تي مڇرجي پيا ۽ تنظيم ئي ختم ٿي وئي. اهڙي قسم جو اعلان، ينگ رائٽرس گلڊ پاران به ٻارن جي عالمي سال 1979ع ۾ ٿيو هو، پر اهي دوست به اعلان ڪري گُم ٿي ويا. مقصد لکڻ جو اهو آهي ته جيڪڏهن اوهان ڪنهن پروگرام تي عمل ڪرڻ جي لائق ناهيو ته اخبارن ۾ اعلان ڪري، عوام کي بيوقوف ڇوٿا بڻايو؟ ليکڪ اوهان جي انعامن جي آسري تي ته ڪونه لکي رهيا آهن. انهن ج نالن کي چندي وصول ڪرڻ لاءِ ڇو ٿا استعمال ڪريو؟


    اسين مسافر پيار جا

    سنڌي ادبي سنگت سکر جي هفتيوار ميڙ ۾ جڏهن پهريون ڀيرو شيخ اياز، منهنجي وائيءَ جي دُرستگي ڪئي هئي، تڏهن ائين محسوس ٿيو هو، ڄڻ ڦلواڙيءَ سان محبت ڪندڙ ڪنهن مالهيءَ هڪ ننڍڙي ٻوٽي جي آبياري ڪئي هجي. تڏهن فتاح ملڪ جي والس روڊ واري آفيس ۾ سنگت جا مير ٿيندا هئا. اسان سڀ دوست، رسول ميمڻ، اياز گل، رفيق سومرو، شفن ۽ ٻيا گھڻي سڪ سان سنگت جي ميڙ ۾ شريڪ ٿيندا هئاسين. جتي فتاح ملڪ، رشيد ڀٽي ۽ ڪڏهن ڪڏهن شيخ اياز جن اسان کي پنهنجي راين وسيلي اڳتي وڌڻ جو اتساهه ڏياريندا هئا. جنهنڪري هر ميڙ ۾ ڪانه ڪا لکڻي ضرور پڙهندا هئاسين.
    اڄ چوڏهن سالن جي ادبي سفر کان پوءِ به مان سنڌي ادبي سنگت جي تربيت گاهه جو ساڳيوئي شاگرد آهيان. ادب جي حوالي سان هن وقت جيڪا به منهنجي سڃاڻپ آهي، سا سنڌي ادبي سنگت ڪئي آهي. مو نه ڪنهن کان سکيا جو سڳو ٻڌرايو نه ئي وري انفرادي طرح ڪنهن کي ادب جو استاد بڻايم. ان سلسلي ۾ منهنجو سڀڪجھه سنڌي ادبي سنگت هئي ۽ آهي. زندگي جي ڳپل سفر ڪرڻ کانپوءِ به مان پاڻ کي اڃا تائين اهو ئي ٻار تصور ڪريان ٿو. جيڪو معمولي نفرت ڪرڻ تي ڪاوڙجي وڃي ۽ ٿوري پيار ڏيڻ تي پرچي پوي، ڇو ته منهنجي اندر جو ٻار اڃان زندهه آهي.

    ڪيڏو پيارو هو ننڍپڻ
    ڪوئي خواب ڏٺوسي ڄڻُ
    ڳالهه ڳالهه تي روز رُسڻ
    پيارُ ڏيڻ تي پرچي پوڻ
    ڪير پرايو ڪير سڄڻُ
    سڀني کي پنهنجو سمجھڻُ.

    هن وقت ننڍپڻ جي ساروڻين جا ڌنڌلا عڪس ذهن جي پردي تي ڊهن ۽ ٺهن ٿا. اسان جو پرائمري اسڪول سئنيما جي ڀرسان هوندو هو، سئنيما ٻاهران آرٽسٽ فلم جا پوسٽر ٺاهيندا هئا. رسيس ۾ مان بيٺو انهن کي پوسٽر ٺاهيندو ڏسندو هوس. پهريان خاڪو ٺاهي، مٿان برش سان رنگ ڀريندا هئا ته هو بهو مسرت نذير يا صبيحه جي تصوير اڀري ايندي هئي. مون کي اهو ڪم ڏاڍو وڻندو هو. سوچيندو هوس ته وڏو ٿي اهڙو آرٽسٽ ٿيندس ۽ سئنيما جا پوسٽر ٺاهيندس. مونکي اهي آرٽسٽ عام ماڻهن کان منفرد لڳندا هئا، جن جي فن کي ماڻهن جا ولر حيرت مان بيهي ڏسندا هئا.
    پنهنجي ٻالڪپڻ جي ان خواهش جي تسڪين لاءِ گھر ۾ سِرُن ۽ ڪاٺ جي تختن سان هڪ سئنيما ٺاهي هيم. پوءِ هر هفتي نئين فلم جا، پينسل سان پوسٽر ٺاهي هڻندو هوس. اهي ڪارٽون نما اسڪيچ هوندا هئا، جن ۾ هيروئن کي تاج پاتل هوندو هو ۽ هيرو ۽ ولن پاڻ ۾ تلوار بازي وڙهندي ڏيکاريل هوندا هئا. پاڙي ۾ دروازن ۽ ديوارن تي به ڪوئلي سان آءٌ ابتا اسڪيچ ٺاهيندو هوس. هاءِ اسڪول ۾ پڙهائيءَ دوران به اها دلچسپي قائم رهي. رف ڪاپيءَ جي هر ٻئي صفحي تي ڪارٽون يا اسڪيچ ٺهيل هوندو هو. همڪلاسي دوستن کي ڪاپي تي سندن نالا ڪئليگرافي ڪري ڏيندو هوس.
    اٺين درجي ۾ نهايت ئي ٻاجھاري طبيعت جي مالڪ ۽ همدرد استاد سائين ممتاز علي مغل صاحب جي نصيحت تي عمل ڪندي معصوم شاهه لائبريري وڃڻ شروع ڪيم. اتي دلچسپ باتصوير رسالن ۽ ڪتابن ڏسڻ ۽ پڙهڻ جو پهريون ڀيرو موقعو مليو. ڪتابن جي دنيا سان اها ڏيٺ مونکي گھڻي وڻي ۽ اسڪيچ ٺاهڻ وارو ذوق ٿڌو ٿي ويو. لائبريريءَ ۾ ادبي بورڊ جا شايع ڪرايل لوڪ ڪهاڻين جا ست ئي جُلد پڙهي پورا ڪيم. خيالي دنيا جي انهن ڪهاڻين کانپوءِ هڪ ڏينهن رسالي ۾ امر جليل جي ڪهاڻي ”لهندڙ سجُ جي لام“ پڙهيم ته مونکي گھڻي حيرت ٿي، ڇو ته ان ڪهاڻيءَ ۾ لوڪ ڪهاڻين واري اوپري ماحول بجاءِ منهنجي چؤڌاري وسندڙ ڪردارن ۽ ماڳن جو ذڪر ٿيل هو. خاص ڳالهه ته امر جليل جي ان ڪهاڻيءَ ۾ سکر شهر جي ٽاور ۽ بئريج روڊ جو به ذڪر ٿيل هو انڪري مونکي وڌيڪ تجسس ٿيو ۽ اتان منهنجي دلچسپي لوڪ ڪهاڻين کان هٽي افسانن ڏانهن وڌي. انهن افسانن جي گھڻي مطالعي جو اثر اهو ٿيو جو امر جليل وار انداز ۾ پنهنجي همڪلاسي دوستن ۽ پاڙيسري ڪردارن تي ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيم. معصوم شاهه لائبريري کان علاوه، پاڙي ۾ قائم ٿيل ”اداره سنڌي ساهت“ جي لائبريري مان به ان دور ۾ گھڻائي ڪتاب پڙهڻ لاءِ مليا ۽ ائين ادب ـ نگر جون راهون منهنجي آڏو واضح ٿينديون ويون. مون ڪهاڻين لکڻ سان گڏ شاعري به شروع ڪري ڏني.
    ننڍپڻ ۾ ماءُ جي هميشه جي وڇوڙي سبب، هر عورت کي مان پنهنجي ماءُ سمجھندو هوس. دل جي هڪ ڪنڊ ۾ ماءُ جي محبت کان خالي رهي، انڪري مامتا جي محبت کان محرومي منهنجي حياتيءَ تي حاوي رهي. مونکي ياد پوي ٿو ته مون پهريون نظم ماءُ بابت ئي لکيو هو. وقت ۽ مطالعي شاعريءَ ۾ پختگي آندي، پر مون ڪڏهن به فاعلاتن جي ڦرهيءَ تي ڪو شعر ڪونه لکيو. هڪ شاعر جي صلاح تي مون پندرهن ڏينهن کن فاعلاتن فاعلاتن جو ورد ڪيو. مونکي لڳو ته ڄڻُ مان طوطو ٿي ويو هجان ۽ منهنجي ذهن تي ڪجھه سانچا ٺهي ويا آهن. اندر مان اڀريل هر خوبصورت سٽ، انهن سانچن ۾ فٽ ٿيڻ کان اڳ پنهنجا عُضوا ڦٽرائي ٿي ويهي ۽ ان جو سڄو تاثر مارجي ٿو وڃي. اهڙي طرح اندر جي اها ئي اڃَ رهجي ٿي وڃي. شاعريءَ جي انهيءَ واٽ تي مخصوص گھاڙيٽن ۾ ساڳيائي خيال ڌار ڌار قافين ۽ رديفن ۾ بند ڪري بيان ڪيا وڃن ٿا. انهيءَ طريقي سان اندر جا سچا احساس فائلاتن جي ڦيٿي هيٺيان اچي مري وڃن ٿا ۽ فقط قافيا ۽ رديف زندهه رهن ٿا. جيڪڏهن شاعري فقط ڊکاڻڪيءَ جو نالو آهي ته انهيءَ حساب سان مون ۾ ايتري ڪاريگري آهي جو مان پنهنجي قافين جي ڪارخاني مان هڪ ڏينهن ۾ ويهن کان مٿي غزل ۽ وايون جوڙي سگھان ٿو. پر ڇا اهي ڪوٽا جي حساب سان تيار ڪيل ڪوتائون پڙهندڙن جي من کي موهي ۽ ذهن ۾ هلچل پيدا ڪري سگھنديون؟ هرگز نه. سچا جذبا ۽ احساس اهي آهن جيڪي ذهن مان ائين ڦٽن، جيئن ڌرتيءَ مان سَلا ڦُٽندا آهن. مشهور شاعر جان ڪيٽسر به لکيو آهي ته:

    "If Poetry comes not as naturally as the leaves to a tree it had better not come at all"

    (Keats=Dic=of quot=p.no 219)

    ”جيڪڏهن شاعريءَ جي تخليق فطري طور تي ائين نٿي ٿئي جيئن وڻ ۾ پن ڦُٽندا آهن، ته بهتر هو ته اها نه لکجي ها.“
    (ڪيٽس)

    اهڙي ريت شيخ اياز به ائين ئي لکيو آهي ته:

    ”شاعريءَ ۾ ڪوشش جي منتها اها آهي ته بنا ڪوشش جي لکي وڃي.“

    سوچ ساگر ۾ جڏهن طوفان ايندو آهي تڏهن فڪر جون ڇوليون اٿنديون آهن ۽ اهڙي طرح اثرائتيون لکڻيون جنم وٺنديون آهن. دل جي دروازي کي جڏهن خيال اچي کڙڪائيندا آهن، تڏهن اجرا گيت ت خليق ٿيندا آهن. حيدرآباد ۾ نوڪري دوران مان هڪ ڊاڪٽر دوست جي فليٽ ۾ ڄامشوري جي ايل ـ ايم سي اسپتال مٿان رهندو هوس. رات جي مانيءَ کان پوءِ مان اڪثر پنهنجي دوست وٽ ٻارڙن جي وارڊ ۾ ويندو هوس. ٻين وارڊن جي ڀيٽ ۾ مون کي ٻارڙن جو وارد وڌيڪ اُداس محسوس ٿيندو هو. بيمار هيڊا ٻار ۽ دُکي ويڳاڻيون مائرون، جن جون اکيون اوجاڳي سبب رُڃ جان لڳنديون هيون. وارڊ مان هڪ رات ٿوري دير لاءِ بجلي هلي وئي ته ٻارڙن جي روئڻ جا آواز اچڻ لڳا. اتي منهنجي ذهن ۾ هڪ خيال ڦُٽو ته: انسان فطري طرح اوندهه کان نفرت ۽ روشنيءَ سان محبت ڪري ٿو. اوندهه وحشت جي علامت آهي ۽ پيار روشني آهي. انهيءَ احساس منهنجي ننڊ ڦٽائي ڇڏي ۽ مون ان رات ”انسان جو ابتدائي احتجاج“ نظم تخليق ڪيو هو، جنهن جي لاءِ مون اڳواٽ ڪا به ذهني ڪوشش ڪانه ڪئي هئي. اهڙي طرح اسپتالن جي ڏکوئيندڙ حالتن کان متاثر ٿي هڪ شعر به لکيو هوم ته:

    هر دُکي انسان جو درمان ڪر
    اسپتالون سڀ خدا ويران ڪر.

    ڪڏهن ڪڏهن ڪي واقعا يا حالتون ايترو ته متاثر ڪنديون آهن جو من ماندو ۽ ذهن پريشان ٿي ويندو آهي. اهڙين حالتن ۾ اندر مان احساس لاوَن جي صورت ۾ پني تي پکيڙجي ويندا آهن. هڪ ڏينهن اخبار ۾ لبناني ڇوڪري ثناءَ مهدي جي تصوير ڏٺم جنهن جي هيٺان لکيل هو: ”لبنان جي عظيم نياڻي جنهن بم رکيل ڪار سان اسرائيلي فوجي گاڏين کي ٽڪر هڻي، 50 يهودين کي ماري پاڻ شهادت جو رتبو ماڻيو.“ مونکي ان نياڻيءَ جي جذبي تي ايتري ته اندر ۾ اٿل آئي جو اکين مان پنهنجو پاڻ لڙڪ ڪري پيا ۽ هڪ نظم تخليق ٿيو، جنهن جو عنوان آهي: ”جوڀن رُت جا ڳاڙها خواب“. اڪثر پڙهندڙ شعر پڙهڻ کان پوءِ ان ۾ بيان ٿيل وارتا کي شاعر جي داخلي معاملن جو حصو سمجھندا آهن، ته اهو سڀ شاعر جي ذاتي ڪيفيت جو عڪس آهي. جڏهن ته ذاتي احساسن سان گڏ سماجي حالتن جا اولڙا ۽ تخليق پڻ ان تخليق جو حصو هوندا آهن. اهو ضروري ناهي ته هر ليکڪ فقط پنهنجي جذبن کي لفظن جو روپ ڏئي ٿو، پر سماج ۾ ٿيندڙ نا انصافين، ٻين کي ملندڙ ڏکن ۽ محبتن جي مايوسين کي پڻ پنهنجو دک سمجھي، انهن جي احساسن کي پنهنجا لفظ ڏئي ٿو. مون کي هڪ طرفي ناڪام محبت جي، هڪ سچي واقعي جي خبر آهي، جنهن ۾ محبوبه جي پسنديده رنگ هئڻ سبب هڪ عاشق نوجوان پنهنجي ڪمري ۾ هيڊاڻ ٿو ڦهلائي ڇڏي ۽ آخرڪار بيماريءَ سبب پاڻ به هيڊو ٿي وڃي ٿو. اها ڪيفيت هڪ طرفو پيار ڪندڙ نوجوان جي آهي، پر هو اُن کي لفظن جو روپ ڏئي نٿو سگھي. ڇو ته هر پيار ڪندڙ شاعر ٿي نٿو سگھي، پر هر شاعر پيار ڪندڙ هوندو آهي. مون هڪ طرفي محبت جي ان احساس کي، پنهنجي نظم ”هر ڏس ۾ هيڊاڻ آ ڇانيل“ ۾ اهڙي ريت بيان ڪيو آهي، ڄڻ اهو سڀ ڪجھه مونسان ٿيو آهي.
    شاعريءَ جي ديوي ڪنهن دور ۾ فقط درٻار جي داسي هئي. ان دور جا شاعر اشرفين جي آسري تي قصيدا لکي درٻارين جي دل وندرائيندا هئا، پر اڄُ شاعري فقط شُغل، وندر يا تفريح نه آهي، پر هڪ اهڙي سگھه آهي جيڪا ذهنن ۾ تبديلي آڻي ٿي، جيڪا نفرتن جي اوندهه ۾ محبتن جون مشعلون روشن ڪري ٿي. سماجي، ثقافتي ۽ سياسي مونجهارن جو شڪار ٿيل قومن جا شاعر، ڏکين حالتن ۾ قوم جي رهبري ڪندا آهن. هو پنهنجي سوچ جو رُخ ذاتي ڏک بدران، اجتماعي اهنجن طرف موڙي ڇڏيندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو شاعريءَ جي پنجويهن مجموعن جو خالق، لبنان ۾ رهندڙ شامي شاعر نذار قباني چوي ٿو ته:

    Our Poems have gone sour
    Women's hair, nights, curtains and sofas
    Have gone sour,
    Everything has gone sour
    My grieved country!
    In a flash
    You changed me from a poet
    Who wrote love poems
    To a poet who wrie with a knife

    (Modern Poetry From Arab World)

    اسان جا شعر کٽا ٿي ويا آهن
    عورتن جا وار، خوابن ڀريون راتيون
    پردا ۽ صوفا
    سڀ اڻوڻندڙ ٿي ويا آهن
    هي شيءَ بي مزا ٿي وئي آهي.
    اي منهنجا دُکي ديس!
    تنهنجي محبت جي روشنيءَ
    مونکي مجازي محبت جا گيت لکڻ واري شاعري بدران
    اهڙو شاعر بڻايو آهي
    جيڪو پنهنجا جگيت
    لکي ٿو هٿيارن سان...

    هر قوم جو پنهنجو مزاج ٿئي ٿو. جديديت ۽ تجريديت جي نالي ۾ اهڙيون شيون نه لکيون وڃن، جن جا پير ڌرتيءَ کان ڪٽجي خلا ۾ وکري وڃن. ادب جو ناتو ڪنهن نه ڪنهن طرح پنهنجي ڪلاسڪ سان ضرور هئڻ گھرجي. ڇو ته ان ريت ئي اسين پنهنجي منفرد سڃاڻپ ڪرائي سگھنداسين. دنيان جي مختلف ٻولين جي ادب جو مطالعو، ذهن کي نوان خيال ۽ لاڙا ڏئي ٿو ليڪن ٻاهريان رجحان هتان جي پڙهندڙ جي مزاج جي ابتڙ زوريءَ مڙهي نٿا سگھجن. هونئن ته هر ليکڪ جي مزاج تي منحصر آهي ته هو سياست جي صدري پائي يا نه. پر منهنجي ذاتي خيال ۾ (جيڪو غلط به ٿي سگھي ٿو) ليکڪ سياسي شعور ضرور رکي، پر ان کي پنهنجي قميص جي کيسي تي ڪنهن سياسي جماعت جو بيج لڳائڻ نه گھرجي، ڇو ته ائين ڪرڻ سان ان جي سوچ جون سرحدون محدود ٿي وينديون. ذهني حد بندين ۾ هن جي تخليق اڳواٽ گھڙيل لڪير تي سفر ڪندي، جنهنڪري هُن جي احساسن ۽ جذبن جون پتيون ٿي وينديون. جيڪو هڪ تخليق ڪار لاءِ هاڃيڪار آهي. باقي انسانيت جي بنيادي قدرن جو بچاءُ ڪرڻ، انسان دوستي ۽ ڌرتي جي محبت کي دل ۾ جاءِ ڏيڻ ۽ سونهن ۽ سچ جو ساٿ ڏيڻ، هر ليکڪ جو بنيادي فرض هئڻ گھرجي.
    هونئن ته گھڻن ئي شاعرن جي شاعريءَ مونکي موهيو آهي، پر جنهن شاعر جي شاعريءَ مونکي اڪيلائپ ۾ رئاريو آهي، اهو آهي شاهه عبداللطيف ڀٽائي. هيڪلائپ ۾ سُر مارئي جي مطالعي کان پوءِ ڪيترائي ڀيرا سُڏڪا ڀرايا آهن. اهو سڀڪجھه دلي ڪيفيت تي به مدار رکي ٿو. ڪڏهن ته ڪنهن وڏي حادثي تي اکين مان لڙڪ نه لڙندو آهي ته ڪڏهن وري ٿوري ڳالهه تي اکين جا بند ڀڄي پوندا آهن. الطاف عباسي جي اوچتي وڇوڙي جي جڏهن خبر پئي هئي ته مان ڪجھه گھڙين لئه پهڻ ضرور ٿيس، پر اکين مان ڳوڙهو نه ڳڙيو. ائين لڳو ته اها خبر ڪوڙي هئي. پر ڪجھه ڏينهن کان پوءِ ريڊيو تي الطاف عباسيءَ جو گيت:

    آهي تنهنجي تات اوسائين
    آهي تنهنجي تات
    سانجھي يا پرڀات اوسائين!

    زيب النساءِ جي آواز ۾ ٻڌم ته اکين مان پنهنجو پاڻ نير وهڻ لڳا. اها ڳالهه دلي ڪيفيت جي حوالي سان ڪيم. الطاف عباسي، ثميره زرين ۽ مولائي شيدائي هڪٻئي پٺيان اسان کي ڇڏي ويا. ٽنهي جي جدائيءَ ۾ هڪ ڳالهه يڪسان هئي ته ٽنهي جيئري جيڪي وصيتون ۽ مئي پڄاڻان جون تمنائون ڪيون هيون، سي پوريون ٿي نه سگھيون. الطاف پنهنجي اکين جي عطيي جو اعلان ڪيو هو، پر افسوس جو حياتيءَ جي ان موڙ تي هڪ شاعر جون اکيون ٻئي کي روشني بخشڻ کان اڳ اوسيئڙي ۾ ئي اجھامي ويون. اسين سڀ بيوس هئاسين. ثميره جي اها خواهش هئي ته سندس قبر ۾ سرُن بدران سهڻن جلدن وارا ڪتاب ۽ ڪتبي جي جاءِ تي شاهه جو رسالو رکيو وڃي ۽ قبر جي چؤڌاري پيلا گُل پوکيا وڃن. سندس اها پوري ٿيڻ جوڳي خواهش به پوري نه ڪئي وئي. جڏهن ته مشهور اردو شاعر ن. م راشد کي سندس مائٽن، مسلمان هوندي به سندس وصيت موجب مرڻ کانپوءِ باهه ۾ ساڙيو هيو. اهڙي طرح مولائي شيدائيءَ جي معمولي خواهش ته مرڻ کان پوءِ کيس بکر ۾ دفنايو وڃي، به پوري ٿي نه سگھي. ڇو ته مولائي پنهنجي تخلص وانگر ئي مولائي هو، ڪو پيرُ يا ڪامورو ڪونه هو جو سندس مڙهه کي بکر ۾ دفنائڻ جي اجازت ڏني وڃي ها. مون انهن ٽنهي ليکڪن جي خواهشن جي حوالي سان هڪ نظم لکيو هو. اسانجي ليکڪن کي جيئري ڪهڙي اهميت ملي ٿي جو مُئي کان پوءِ سندسن وصيتن جو قدر ڪيو وڃي. ڪنهن ليکڪ جي صلاحيتن جي مڃتا طور وڌ ۾ وڌ هڪ اڌ شام ٻه ٽي مقالا.... اها آهي شهرت جي آخري حد جيتوڻيڪ شهرت هڪ ننڍڙي ڪڪريءَ جيان آهي، جنهن جي ڇانوَ سدائين ناهي رهڻي، پر تڏهن به هر فنڪار يا سرجڻهار جي دل جي ڪنهنڪنڊ ۾ اها ڳالهه ضرور ويٺل هوندي آهي ته سندس رن جي ٿوري گھڻي قدرداني، سندس جيئري ٿئي پر ائين ٿيندو بنهه گھٽ آهي. پنهنجين لکڻين ۾ آبشارن، گلن پوپٽن، ندين جهڙن خيالن کي، ريشم جهڙي نرم ٻوليءَ ۾ بيان ڪندڙ جڳ مشهور ليکڪ جبران خليل جبران نيويارڪ جي ڪنهن گمنام گھٽيءَ ۾ تنگدستي واري حالت ۾ گذاريندو هو، پر ڏات مٿانس ڇانوَ نه ڪئي. هومر لاءِ، جيئري يونان جون سڀ گھٽيون سوڙهيون هيون، پر هن جي لاش جي آجيان لاءِ هر دل جا دروازا کُلي پيا ها. ان ڪري اهو ضروري ناهي ته هر تخليقڪار جي مڃتا سندس جيئري ٿئي.
    مان ادب ۾ چٽاڀيٽيءَ ۽ درجا بنديءَ جو قائل ناهيان. اسين سڀ هڪ ئي قافلي جا مسافر آهيون. ان ۾ ڪي اڳان اهن ته ڪي پٺيان. اسان سڀني جا چهرا سفر جي مٽيءَ ۾ ڍڪجي هڪجهڙا ٿي ويا آهن. اسان جي قدمن جي چال ڌار ڌار سهي پر اسان جي منزل هڪ آهي. سونهن ۽ سچ جي سفيرن جي ان قافلي جي، مان آخري قطار جو پانڌيئڙو آهيان. شال انهيءَ واٽ تي هلندو رهان، هوريان هوريان ئي سهي، پر مان ان سٿ ۾ رهڻ ٿو چاهيان، ڇو ته ان کان ڌار منهنجي ڪابه سڃاڻپ ڪانهي.
    مون جيڪي ڪجھه لکيو آهي ان جي ڪڏهن به ڪا دعوى نه ڪئي آهي. منهنجي لاءِ اهو ئي وڏو خوشي جو ڪارڻ آهي ته مان ٿوري گھڻي لکڻ جي حوال سان ليکڪن جي سٿَ ۾ شامل آهيان.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 468
    ڪتابن جو مشاهدو: 399868
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 161586
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ