ڪتاب جو نالو: معذرت سان (اختصاري ڪهاڻيون)
مصنف: علي رضا قاضي
ڇپائيندڙ: علي پبلشرس ۽ ڪمپيوٽرس ٺاروشاه
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 06 جنوري 2017 ع
پڙهيو ويو: 1330 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 283 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”معذرت سان“ ليکڪ، صحافي ۽ استاد علي رضا قاضيءَ جي مختصر ڪهاڻين جو پهريون مجموعو آهي.
ڊاڪٽر الطاف جوکيو لکي ٿو:
”هن ڪتاب جي ليکڪ مختصر مختصر قسم جي ڪهاڻين جي شروعات سوشل ميڊيا تي ڪئي ۽ ان کي شارٽ- شارٽ اسٽوريءَ جي نالي آهر ’مختصر- مختصر ڪهاڻي‘ ڪوٺيو؛ جنهن کي بعد ۾ مرڪب لفظ ۾ ورجاءَ سبب ’اختصاري ڪهاڻيءَ‘ جي اصطلاح جي راءِ ڏني وئي. مذڪوره اصطلاح ان نسبت ڪم آندو ويو جو اسان وٽ فليش ڪهاڻين لاءِ ڪو خاص نالو اڃا تجويز نه ٿي سگھيو آهي. هي اصطلاح پنهنجي نراليت سبب ڪنهن حد تي قبول ٿيڻ جوڳو آهي. اهڙي قسم جي جديد سنڌي ادب ۾ قاضي علي رضا جون ڪوششون ساراه جوڳيون آهن.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • معذرت سان
  • حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • ڪچا ڦڪا لفظ
  • پنهنجي پاران چار سٽون
  • پبلشر جي ڊيسڪ تان
  • ڪهاڻيون

  • زندگي ۽ ٺڳي
  • سوئر جو پٽ
  • واپار
  • ڪمائي جي سيزن
  • ڪرچيون ٿيل وجود
  • رمضان
  • سول سوسائٽي
  • معذرت سان
  • اونداهو چنڊ
  • ڪتي جي خودڪشي
  • هل من ناصر ينصرنا
  • ۽ پري اڏامي وئي
  • مائٽ ممو
  • حج جي بشارت
  • بِشني
  • ڪافر ڪير
  • ها! محبتون عجيب هونديون آهن
  • امر جليل جو ڪردار
  • جهومر
  • ٻيو ڌنڌو
  • وفاداري
  • گوشت ۽ هڏي
  • واهيات
  • بگهڙ
  • سجُ زمين تي
  • جيترو جلد ٿي سگهي مري وڃجي
  • ملڪيت جو تصور
  • جام ِشهادت
  • رهجي ويل دل
  • مدينه پئٽرول پمپ
  • ڪارو پاڻي يا موتيو
  • هن کي ناول جي هيرو سان پيار ٿي ويو
  • گهر
  • ڪاري چادر
  • انتظار
  • رشتو
  • مان ڪافر
  • ڪپڙا پيا پليت ٿين
  • نعرا يزيد جي خلاف لڳڻا هئا
  • پهريون نعرو
  • ڪافرن جا ٻار
  • اسان جي مسيت
  • نيڪ صلاح
  • اليڪشن ڪهاڻيون هو به سادو اسان به سادا!
  • ڌانڌلي!
  • حق حق_ جبل شاه نر
  • کير آ پير
  • سوئرن جو سماج
  • حسنِ ازل
  • زنده آهيان يا مرده
  • پالش
  • PG
  • هڪ درد ٻه ڪهاڻيون
  • جائو ڪُڪُڙُ
  • بليڪ اينڊ وائٽ ون
  • بليڪ اينڊ وائيٽ ٽو
  • ڇوري جو عشق
  • سڀ مولوي پٽ ٿي ويا آهيو
  • چرين کي ناهي ماربو
  • ٽيليوزن ڪهاڻيون
  • برف جي گولي
  • ڌنڌلو آسمان
  • ميڊيا
  • تعليم دوستي
  • ڳالهه سمجهه جي آهي
  • سائبر ڪرائم
  • ريپ ريپ ريپ
  • اڻڄاتل لاش
  • نيٺ مولويءَ ڳالهايو
  • جبلت
  • هارمونس
  • لائوڊ اسپيڪر
  • اوساري جهڙو درد
  • اعتراض
  • خواب
  • امام ضامن
  • شناختي ڪارڊ
  • ٻارهين ڪيفيت
  • ڏائڻ
  • ماستر رحيم جو قتل
  • اڍائي ڪلو پٽاٽا
  • آخري پنو

  • معذرت سان

    معذرت سان
    (اختصاري ڪهاڻيون)

    علي رضا قاضي

    علي پبلشرس ۽ ڪمپيوٽرس ٺاروشاه
    ضلع نوشهروفيروز، سنڌ
    2016ع


    ڊجيٽل ايڊيشن:

    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    حق ۽ واسطا

    علي پبلشرس ۽ ڪمپيوٽرس جو ٻيون ڪتاب

    ڪتاب جو نالو: معذرت سان (اختصاري ڪهاڻيون)
    ليکڪ: علي رضا قاضي
    ڪمپوزنگ: مدثر سهتو
    ٽائيٽل: امير قاضي
    سال: اپريل 2016ع
    قيمت: 160 روپيا

    حق ۽ واسطا:
    علي پبلشرس ۽ ڪمپيوٽرس ٺاروشاه، ضلعو نوشهروفيروز، سنڌ وٽ محفوظ هوندا

    رابطي لاءِ:
    مظفر علي سهتو 03003073684
    رياض حسين موريو 03003077682
    مدثر سهتو 03013606710


    ارپنا

    پنهنجي امڙ حضور خاتون جي نالي، جنهن ڪهاڻيون ٻڌائي وڏو ڪيو؛ منهنجي ماءُ، مان هن جي وجود جو حصو.
    ڊاڪٽر الطاف جوکئي جي نالي، منهنجو استاد، ‘استاد انسان کي زمين تان کڻي آسمان تائين پهچائيندا آهن.’
    شريڪ ِ حيات: ناديه قاضيءَ جي نالي، منهنجي ڪهاڻين جو روح


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (320) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”معذرت سان“ ليکڪ، صحافي ۽ استاد علي رضا قاضيءَ جي مختصر ڪهاڻين جو پهريون مجموعو آهي.
    ڊاڪٽر الطاف جوکيو لکي ٿو:

    ”هن ڪتاب جي ليکڪ مختصر مختصر قسم جي ڪهاڻين جي شروعات سوشل ميڊيا تي ڪئي ۽ ان کي شارٽ- شارٽ اسٽوريءَ جي نالي آهر ’مختصر- مختصر ڪهاڻي‘ ڪوٺيو؛ جنهن کي بعد ۾ مرڪب لفظ ۾ ورجاءَ سبب ’اختصاري ڪهاڻيءَ‘ جي اصطلاح جي راءِ ڏني وئي. مذڪوره اصطلاح ان نسبت ڪم آندو ويو جو اسان وٽ فليش ڪهاڻين لاءِ ڪو خاص نالو اڃا تجويز نه ٿي سگھيو آهي. هي اصطلاح پنهنجي نراليت سبب ڪنهن حد تي قبول ٿيڻ جوڳو آهي. اهڙي قسم جي جديد سنڌي ادب ۾ قاضي علي رضا جون ڪوششون ساراه جوڳيون آهن.“

    هي ڪتاب علي پبلشرس ۽ ڪمپيوٽرس، ٺاروشاه پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري علي رضا قاضيءَ جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ڪچا ڦڪا لفظ

    هي ڪهاڻين جو مجموعو ’معذرت سان‘انتهائي مختصر ڪهاڻين تي مشتمل ۽ علي رضا قاضي جي ڪاوشن جو نچوڙ آهي. علي رضا قاضي صحافت کان وٺي استادي پيشي سان وابسته هجڻ ڪارڻ ڪافي صنفن تي ڪم ڪيو، ليڪن ڪنهن هڪ صنف تي ملڪي حاصل ڪرڻ لاءِ کيس ضرورت پيش آئي ته ادبي کيتر ۾ ڪو نرالو رستو وٺجي. ان ڪارڻ هن همراه انتهائي مختصر ڪهاڻين جو هڪ سلسلو جاري ڪيو ۽ سوشل ميڊيا تي آڻڻ سان ڪافي داد ۽ تنقيدي رايا حاصل ڪندو رهيو. هن وقت هو اهڙي قسم جي ڪهاڻين ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي سگھيو آهي.
    دنيا ۾ ڪهاڻين جو سلسلو انسان جي زندگيءَ سان سلهاڙيل رهيو آهي. ايتري قدر جو انسان سمجهه حاصل ٿيڻ بعد ڪهاڻيءَ کي پنهنجو محبوب مشغلي ۾ رکندو آيو ۽ هن جو اٿڻ ويهڻ يا سمهڻ به ڪهاڻيءَ سان مشروط رهيو. هاڻي به ٻار جيستائين ڪا ڪهاڻي نه ٿو ٻڌي يا ڊرامي جي صورت ۾ نه ٿو ڏسي تيستائين سڪون جي ننڊ به ڪونه ٿو طلبي. ان تناظر ۾ ڏسجي ته ادب جي ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾ ڪهاڻي انساني زندگيءَ جي تمام ويجهو رهي آهي.
    مختلف دؤرن ۾ ڪهاڻيءَ جي جڙاوت جا مختلف رخ رهيا آهن، جن جي ڪردارن ۾ ڪڏهن جنّ ڀوت، پريون ديوَ ته ڪڏهن بادشاه فقير وغيره؛ ڪڏهن پکي پکڻ يا پسون ته ڪڏهن گھريلو يا خوفائتا جانور؛ ڪڏهن انساني زندگيءَ جا حالات واقعات يا جذبات. انهن ڪردارن ۽ حالتن تحت ڪهاڻيءَ جي ضمني صنفن ۾ اضافو ٿيندو ويو، جيئن: قصا، داستان، آکاڻي، ڳالهه، نيم تاريخي داستان، افسانو، ناول، شارٽ اسٽوري يا ڊرامو وغيره.
    هي دؤر ڪمپيوٽر- موبائيل ۽ گلوبل دنيا جو آهي جنهن ۾ ماڻهو واندو هوندي به پاڻ کي مصروف ٿو سمجهي؛ ان ڪارڻ پنهنجو پاڻ کي ڪنهن ڊيگھ واري معاملي ۾ ڦاسائڻ کان پاسو ڪرڻ لاءِ مختصر اسمن تي اڪتفا ڪندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو جديد دؤر جي نسبت ماڻهو فليش فڪشن جي وڌيڪ ويجهو ٿئي ٿو.
    فليش فڪشن ڪهاڻين جو هڪ اهڙو وڻ آهي جنهن جي ڇانوري ۾ شارٽ- شارٽ اسٽوري (1000 لفظن اندر)، مائيڪرو اسٽوري (300 لفظن تائين)، نينو فڪشن (55 لفظن اندر)، ڊريبل فڪشن (100 لفظن تائين)، ٽئيٽريچر فڪشن (23 لفظن تائين) وغيره اچي وڃن ٿا.
    اهڙي قسم جي ڪهاڻين کي دنيا جي مختلف ادبي سماجن ۾ پنهنجي سڃاڻپ خاطر الڳ نالن سان ورتو ويندو آهي جيئن: پوسٽ ڪارڊ اسٽوريز، پام سائيز اسٽوريز، سموڪ اسٽوريز وغيره.
    ائين به ناهي ته فليش فڪشن ڪو ڪهاڻيءَ جي لوازمات کان وانجهيل آهي. بلڪ، هن ۾ ڪهاڻيءَ جي اهم عنصرن: پلاٽ، ڪردار نگاري، منظر ڪشي، واقعات نگاري، زمان ۽ مڪان، ٻولي ۽ نقطه نظر سان پڄاڻيءَ جو خيال رکيو ويندو آهي.
    فارسي ادب ۾ شيخ سعدي، رومي ۽ ڪنهن حد تي فريدالدين عطار جي تحريرن ۾ اهڙي قسم جون ڪهاڻيون اچي ٿيو وڃن جن کي فارسي ادب ۾ ‘حڪايتون’ ڪوٺيو ٿو وڃي. هندستان جي قديم پالي ادب ۾ ’جٽاڪا آکاڻين‘ کي به فليش فڪشن ۾ ڳڻي سگهجي ٿو. ايسپ جون ڪهاڻيون به ساڳئي زمري ۾ آڻي سگهجي ٿو.
    سنڌي ادب ۾ به وتائي فقير جا ٽوٽڪا يا نقل نظير وغيره به اهڙي قسم جي هڪ لڙهيءَ ۾ اچي وڃن ٿا. ڏٺو وڃي ته پهاڪا يا چوڻيون به پنهنجي پس منظر تحت ان قسم جي ادب جو حصو آهن. ان اهڙي قسم جي ادب جو سڄو سارو مرڪز اختصار تي آهي. اهڙو اختصار ئي عام ماڻهن جي ڌيان کي پاڻ ڏانهن موهي وجھي ٿو. جديد دؤر جي گھرجن آهر هر ماڻهو اختصار کي ترجيح ڏئي ٿو؛ ان ڪارڻ ادب سرجيندڙ به ان ڏانهن مائل ٿي رهيا آهن. هاڻ، اهو لکندڙ تي آهي ته ڪنهن به ڪهاڻيءَ کي پنهنجي لوازمات آهر ڪيترو مختصر ۽ جاذب بنائي ٿو.
    هن ڪتاب جي ليکڪ اهڙي قسم جي ڪهاڻين جي شروعات سوشل ميڊيا تي ڪئي ۽ ان کي شارٽ- شارٽ اسٽوريءَ جي نالي آهر ’مختصر- مختصر ڪهاڻي‘ ڪوٺيو؛ جنهن کي بعد ۾ مرڪب لفظ ۾ ورجاءَ سبب ’اختصاري ڪهاڻيءَ‘ جي اصطلاح جي راءِ ڏني وئي. مذڪوره اصطلاح ان نسبت ڪم آندو ويو جو اسان وٽ فليش ڪهاڻين لاءِ ڪو خاص نالو اڃا تجويز نه ٿي سگھيو آهي. هي اصطلاح پنهنجي نراليت سبب ڪنهن حد تي قبول ٿيڻ جوڳو آهي. اهڙي قسم جي جديد سنڌي ادب ۾ قاضي علي رضا جون ڪوششون ساراه جوڳيون آهن. اهڙي پيار جي پورهئي لاءِ کيس جس هجي. وڌيڪ لاءِ کيس راءِ ڏجي ٿي ته اهڙي قسم جي ’فليش فڪشن‘ جي معاملي تي علمي تحقيق ڪري سنڌي علم و ادب جو ڳاٽ اوچو ڪري.

    سنڌ سلامت- ساه سلامت
    ڊاڪٽر الطاف جوکيو


    پنهنجي پاران چار سٽون

    معذرت سان………

    جيڪڏهن سماج بدبودار گٽر آهي ته اسان سڀ ڪيڙا.
    منهنجي ڪهاڻين تي ڪاوڙ نه ڪريو، پنهنجي آس پاس ڏسي وٺو.
    اگهاڙي ماڻهو وٽ گريبان جو تصور ناهي هوندو.
    توهان کي حق آهي ته آئيني کي گهروڙي ڀونڊو ڏيو.


    علي رضا قاضي


    پبلشر جي ڊيسڪ تان

    علي پبلشرس اينڊ ڪمپيوٽرس سينٽر ٺاروشاه مان ليکڪ علي رضا قاضي جو هي ٻيون ڪتاب ڇپجي پڌرو ڪندي دلي مسرت محسوس ڪري رهيو آهيان. ان کان اڳ ساهتيءَ جي تاريخي شهر ٺاروشاه تي هن جو دستاويزي ڪتاب ”ٺاروشاه 9 ڪلوميٽر“ سال 2012ع ۾ ڇپايوسين. توڻي جو ان ڪتاب جو مارڪيٽ تمام ننڍو مطلب ٺاروشاه ۽ ان جي ڀرپاسي تائين هو پر ڏسندي ڏسندي مڙئي ڪاپيون وڪامي ويون. ڪتاب جي بروقت وڪري سان اهو مفروضو به غلط ثابت ٿيو ته سنڌي ماڻهو ڪتاب نه ٿا پڙهن.
    سنڌي ماڻهو نه صرف ڪتاب پڙهن ٿا پر انهن کي هانءَ سان به هنڍائن ٿا، جنهن جي ڪري علي رضا صاحب جو فيس بوڪ تي پبلش ٿيندڙ ننڍڙيون ڪهاڻيون گڏ ڪري هن جي اجازت سان ”معذرت سان“ نالي ڪتاب ڇپرائي رهيا آهيون. ”معذرت سان“ ۾ آيل ڪهاڻين جو سنڌي ادب ۾ ڪهڙو مقام بيهندو اهو ته وقت بهتر فيصلو ڪندو، بس مان هتي هيءُ لکندس ته انهن مختصر ڪهاڻين ۾ وڏو سبق سمايل آهي!
    آخر ۾ دوستن کي گذارش ته ڪتاب خريد ڪن، نه صرف پاڻ پر پنهنجي دوستن کي به ڏانوءُ ڏين ته ڪتاب انسان جو بهترين ساٿي آهي ضرور خريد ڪريو. ڪتاب خريد ٿيندا ته اسان ۾ ٻين ڪتابن ڇپڻ جو اتساهه ٿيندو، جنهن جي معرفت ئي سنڌي ادب جي آبياري ٿي سگهي ٿي.
    ڪتاب جي ڇپرائڻ سلسلي ۾ ڊاڪٽر نصرت پروين سهتو صاحبه جون اڻ ڳڻيون مهربانيون، جنهن مالي مدد ڪئي. جيڪو ساٿ اسان جي لاءِ وڏي همٿ جو ڪارڻ رهيو، ساڳي وقت صحافي علي ڪامران سهتو صاحب جون محبتون جنهن پنهنجي قيمتي وقت سيڙائي پرنٽنگ جي سلسلي ۾ رهنمائي ڪئي. منهنجي دوستن، رياض حسين موريو صاحب ۽ برڪت علي اڄڻ صاحب منهنجا ٻانهن ٻيلي رهيا جن جو پڻ شڪريه ادا ڪريان ٿو.

    مظفر علي سهتو/ ٺاروشاه


    ڪهاڻيون

    زندگي ۽ ٺڳي

    هوءَ ڪافي سالن کانپوءِ ملي، سندس سان گهاريل ڪجهه گهڙيون ذهن جي پردي تي تري آيون. ڪافي بدلجي وئي هئي. پر سندس مسڪرائڻ جي عادت ساڳي هئي. مرڪڻ مهل ڳٽي تي چگهه جو نشان ٺهي پوڻ ۽ ها هن جي اکين جي شرارت به نه مَٽي هئي.
    وڏي شهر جي وچولي هوٽل تي اڃا ويٺاسين ئي مس ته فقير ڦري آيو. “جوڙي سلامت بابا، الله جي دعا ڪجهه ونڊ ڪرايو……؟” “الله جي دعا” جملو ٻڌي ٽهڪن ۾ پئجي وئي! “فقيرَ! الله سائين به دعا ڪندو آهي ڇا!؟” ٽهڪن ۾ ئي فقير کان سوال پڇي ورتائين. فقير اوچتو سوال ٻڌي مٿي کي کنهڻ لڳو ۽ بنا خيرات وٺڻ جي رمندو رهيو.
    “ياد اٿئي، هڪ ڀيري توهان جي گهر آئي هئس، در تي هڪ ماڻهو آيو، جيڪو چئي پيو ته سندس ماءُ گذاري وئي آهي. ڪفن لاءِ پئسا ناهن!” فقير جي وڃڻ کانپوءِ هن ڳالهايو.
    “ها ياد آهي ۽ ها توکي اهو به ياد هوندو مان توکي ٻڌايو هو ته اهو شخص هر ڇهين مهيني ماءُ يا پيءُ کي ماري انهن جي ڪفن لاءِ چندو ڪرڻ نڪرندو آهي!” منهنجي اها ڳالهه ٻڌي ٻيهر ٽهڪن ۾ پئجي وئي.
    “ها بس ماڻهو اهڙا ئي فنڪار آهن.” هن ڳالهايو. “حيدرچوڪ وارو همراهه ياد هوندءِ جنهن مٽياري وڃڻ لاءِ 10 روپيا ڪرايو گهريو هو، مون چيو مانس ته پئسا کُليا ناهن، سو جو نوٽ آهي، جنهن تي ان همراهه چيو مونکي ڏي کُليا ڪري ڏيانءِ…!” مان هڪ ساروڻي هن کي ٻڌائي.
    “ها پوءِ توکي ياد هوندو اسان ايڏو ته کليا هئاسين جو پيٽ ۾ سور پئجي ويو هو…” “۽ پوءِ ڪافي دير هيٺ فوٽ پاٿ تي ويٺا رهياسين، پوءِ اهو شخص ککو وکو ٿي روانو ٿيو هو!” هن منهنجي ڳالهه کي مڪمل ڪيو ۽ ٽهڪن ۾ پئجي وئي. گهڻي کِلڻ ڪري هن جي اکين مان ڳوڙها وهي رهيا هئا. ڪجهه دير ۾ هن جا ٽهڪ بند ٿي ويا، پر لڙڪ جاري رهيا. مان سمجهي رهيو هئس ته اهي هاڻي خوشيءَ جا ڳوڙها ناهن.
    هوءَ ڪنڌ هيٺ ڪري کن پل ۾ سڏڪن ۾ پئجي وئي. منهنجي ڪافي اسرار کانپوءِ فقط ايترو ڳالهايائين ته “زندگي توسان ۽ مونسان به ته انهن ٺڳن وارو ڪم ڪري وئي! جنهن کي ته نه پڪڙي سگهياسين…!”
    “ها بس زندگي ٺڳي ئي ته آهي!” مان پنهنجي ڳلي مان زوريءَ آواز ڪڍيو. هوءَ هاڻي سڏڪن ۾ پئجي وئي ۽ مان ڪوشش جي باوجود هن کي پرچائي نه سگهيس!


    سوئر جو پٽ

    ڀريل فيصلي ۾ نوجوان وڏيري خانڻ جي ڪاوڙ ڏسڻ وٽان هئي. باگڙين جي تڪرار ۾ ريشما باگڙياڻي جي پٽ جو ڏوهه ثابت ئي نه ٿيو هو ته هن اڳ ۾ ئي سندس پٽ تي گارين جا ڌوڙيا لائي ڏنا. دنيا جهان جون سڀ گاريون ڏئي وڏيرو خانڻ ريشما ڏانهن منهن ڪري چوڻ لڳو:
    ”ريشي، تنهنجو پٽ ماڻهو جو ته اولاد ئي ناهي، ڪو سوئر جو پٽ آهي. لڳي ٿو تون ڪنهن مرونءَ سان سُتي هئينءَ……؟؟؟“
    ’سوئر جو پٽ… مرون سان سُتي هئينءَ…‘
    ريشما، گار ٻڌي پاڻ کي ٻوڙو محسوس ڪيو، هن جي نظر لانڍيءَ ۾ لڳل وڏيري خانڻ جي پيءُ مرحوم رئيس جانڻ جي تصوير تي ڄمي وئي………
    ”سوئر جو پٽ…… ها سوئر جو پٽ …… هوءَ چپن ۾ ڀڻڪي رهي.
    ٻئي طرف وڏيري خانڻ جي گارين جا سلسلا جاري هئا.


    واپار

    قادن: ادا علي مراد، مان 90 هزار کان وڌيڪ هڪ ٽڪو نه ڏيندس…
    علي مراد: ادا شابس اٿئي جو قدر ٿو ڪرين…نه ايئن نه ٿيندو!
    شاهن: چاچا علي مراد، 90 هزار به لک جا ڀائر آهن ۽ لک گهٽ ته ناهي…؟؟
    سومر: چاچا قادن ۽ ادا شاهن، منهنجي ڀيڻ ڳوٺ جو نڪ آهي، اصل لاٽ آهي لاٽ…توهان صفا گهٽ پئسا پيا ٻڌايو…!
    “بابا، ڀلا پنج هزار وڌيڪ ڏيون…” شاهن، قادن جي ڪن ۾ ڀڻڪيو.
    “نه هڪ روپيو به نه ڇوڪري منهنجي ڏٺل آهي، 50 هزار به نه لهي، بس تنهنجي ضد ڪري 90 هزار چيا آهن…” قادن،
    شاهن کي جهڻڪ ڏيندي ڳالهايو، جيڪو ٻين به ٻڌو.
    “قادن! ولوءَ وارن لک 20 هزار چيا هئا، رڳو تنهنجي سرِ جي ڪري لک چيم، نه ٿا ڏئي سگهو ته انڪار سمجهو…!!” علي مراد، فيصلو ٻڌايو.
    “اڙي ادا، وڙهو نه…نه لک نه 90 هزار بس 95 هزار…بس ڀائر ٿي وڃو…” وچ ۾ آيل دادن، ٻنهي ڌرين کي ٺاهي ڇڏيو.
    “مبارڪون…مبارڪون……مبارڪون”
    قادن، علي مراد کي پتاشو کارائيندي چيو. ‘مبارڪون’ چوڻ ۾ ويٺلن به هن جو ساٿ ڏنو.
    ……………………………………………………………
    ڀت جي اوٽ ۾ بيٺل، نوريءَ پنهنجي وارن تان هٿ هيٺ منهن تي آندو، اهو يقين ڪرڻ لاءِ ته هوءَ جانور آهي يا انسان…!؟ ان وچ ۾ هن جي ڳلن تان ٻه ڪوسا ڳوڙها، رئي کي ڇهندي هيٺ ڌرتيءَ جي ڌوڙ ۾ گم ٿي ويا…


    ڪمائي جي سيزن

    “ظهور پٽ! آرام جا ڏينهن ختم… هاڻي تياري ڪر
    جمن ٽيڪسي واري کي به ٻڌاءِ، لائوڊ اسپيڪر به ڪار ۾ سيٽ ڪرڻا آهن…
    …۽ ها تون به ڪارا مرچ کائي نڙي کي تکو ڪر…يڪو اعلان ڪرڻا اٿئي…
    ها، ٻيو ٻڌ! غريبن ۽ مسڪينن جي مدد بابت قرآن جون ڪجهه آيتون، ڪجهه حديثون ۽ شاه جا بيت به ياد ڪري وٺ……ماڻهو وڏا حرامي ٿي ويا آهن، غريبن جي مدد نه ٿا ڪرڻ چاهين……
    ٻيو ته هن ڀيري سامان کان وڌيڪ روڪ ڏوڪڙن جي اپيل ڪجان…
    …۽ ها وسري نه وڃئي، سون چاندي ڪنهن کان به ناهي وٺڻو…اڳئين ڀيري به پورا ٻه تولا سون ڪوڙ لڳي ويو هو…!
    ٻوڏون روز روز ته ناهن اينديون…سيزن آ سيزن ڪمائي وٺون…!!”
    ڪريم داد، هڪ ساهي ۾ پٽ ظهور کي مڪمل هدايتون ڏئي ويو


    ڪرچيون ٿيل وجود

    صائمه جي شاديءَ کي ڏهه سال ٿي ويا، ڏهه سال نه هئا ڄڻ ڏهه صديون هيون…
    ماءُ پيءَ ڪجهه سال اڳ گذاري ويس پر هن لاءِ ته ڏهه ورهيه اڳ ئي مري ويا هئا، جڏهن مرضيءَ سان گهران نڪتي هئي!
    ‘پيار جي شادي……’ جملي تي سوچيندي عجيب ڪشمش ۾ مبتلا ٿي ويندي هئي!!
    ياد آيس سهاڳ رات، جڏهن صادق ويجهو اچي “جان او جانو” چيو هئس ته حيرت مان هن ڏانهن ڏٺو هئائين.
    “ڏس صادق! هاڻي مان تنهنجي زال آهيان، تون منهنجو مڙس… جان جانو جي خوابن مان نڪري اچ…۽ ها مونکي خبر آهي ته ڪجهه دير ۾ تون مونسان ڪهڙو حشر ڪندين…!!؟” ڳالهه سوچيندي چپن تي مسڪراهٽ تري آيس.
    محبت پويان ڀڄڻ ڪري گهڻو ڪجهه وڃائي چڪي هئي
    موبائيل ميسيج ۾ آيل ايني مورو جو قول ياد اچي ويس: “رشتا ٽٽڻ سان مرد فوٽبال جيان گول ڦري ڌڪ ساٽي ويندو آهي، عورت شيشي جيان ڪرچيون ٿيو وڃي!” قول ياد ايندي گهڙيءَ لاءِ اکيون ٻوٽجي ويس!
    اکيون بند ئي هئس ته ڪلهي تي پتڪڙي هٿ جو ڇهاءُ ٿيس، ساجد، هن جو ننڍو پٽ بيٺو هو.
    “جي منهنجا ٻچا!”
    “امي او امي! اڄ پڦيءَ ماريو ۽ چئي پئي هل ڀاڄوڪڙ جا ڦر…
    امي! ڀاڄوڪڙ ڇا ٿيندي آهي…!؟”
    پٽ واتان ‘ڀاڄوڪڙ’ جو لفظ ٻڌي، پاڻ کي شيشي جو ٿانءُ محسوس ڪيائين…جنهن جون ڪرچيون سڄي ڪمري ۾ پکڙيل هيون.


    رمضان

    اربو موچيءَ جي ننڍڙي ڌيءُ آمنه پنهنجا ننڍڙا پر تيز قدم کڻي پنهنجي بابا وٽ پهچي وئي. هن جي اکين ۾ تجسس هو، ڪجهه سوال هئا جيڪي پنهنجي بابا کان پڇڻ ٿي گهريا.
    هن جو بابا ٿڪل هو. هاڻي ئي ته گهر آيو هو پر ننڍڙي پتڪڙي نينگريءَ کي سوال جي جواب ڄاڻڻ جي ڏاڍي تڪڙ هئي. سندس پيءُ جيئن ئي منهن ڌوئي کٽ تي ويٺو ته آمنه سوال پڇي ورتو.
    “او بابا منهنجا مٺڙا بابا! ٻاهر هڪ ماڻهو ٻئي کي چئي پيو سڀاڻي رمضان آهي، روزا رکنداسين.” نينگريءَ ساهي پٽي سوال جاري رکيو. “بابا، هيءُ رمضان ته ماڻهو جو نالو هوندو آهي پوءِ روزا……… منهنجا مٺا بابا، مونکي ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي. ڀلا تون سمجهاءِ!؟”
    اربوءَ پنهنجي معصوم ڌيءُ جي معصوم سوال تي هن جي معصوم اکين ۾ نهاري آسمان ڏانهن منهن ڪري هڪ ٿڌو ساهه کنيو. هن کي سمجهه ۾ نه اچي رهيو هو ته ڪهڙن لفظن سان ڌيءُ جي معصوم سوال جو جواب ڏئي!
    گهڙي کن سانت ۾ رهي، ڳالهائڻ لڳو: “منهنجي امان، رمضان هڪ مهيني جو نالو آهي، جنهن ۾ اسان روزا رکندا آهيون. روزن ۾ ڪجهه به کائبو پئبو ناهي ۽ ها……” اربوءَ کان ڳالهه پوري نه ٿي، سانت ڇائنجي وئي.
    “ڀلا پوءِ بابا! اسان جي گهر ۾ هر مهينو رمضان ۽ هر ڏينهن روزو ڇو هوندو آهي!!”
    ڌيءُ جي ڳالهه ٻڌي اربو موچيءَ کان ڇرڪ نڪري ويو. هو ڪلهي تي پيل پراڻو ميرو رومال کڻي پنهنجو ڌوتل منهن اگهڻ لڳو، جنهن ۾ لڙڪ به شامل هئا.


    سول سوسائٽي

    منهنجو وڏو ڀاءُ سول سوسائٽي جو سرگرم ميمبر آهي. خاص ڪري ملڪ ۾ جڏهن به قتلام ٿئي ته سنگت طرفان مقتولن جي ياد ۾ ‘ميڻ بتيون روشن پروگرام’ جو بندوبست هن جي حوالي هوندو آهي!
    ڪراچي ۾ ٿيل ڪوس تي به هو چپ نه رهيو، مونکي پئسا ڏيندي چيائين ته “بازار مان ميڻ بتيون وٺي اچُ” ان کان اڳ چپن ۾ ڪجهه ڀڻڪندي، آڱرين تي ڳڻپ کانپوِءِ ڳالهيائين “پوريون پنجاھ… نه گهٽ نه وڌ…” مان سمجهي ويس ته پنجاھ ماڻهو مري ويا آهن ان ڪري اوتري تعداد ۾ ميڻ بتيون گهرائي پيو.
    اهو اتفاق چئجي يا ٻيو ڪجهه، مان ڀل ۾ هڪ سو ميڻ بتيون وٺي آيس! وڌيڪ ڏسي پهريائين ته ڪاوڙيو پوءِ مسڪرائيندي باقي وڌيل 50 ميڻ بتيون مونڏانهن وڌائيندي چيائين،
    “هي وٺ هٿيڪيون ڪر، جلدئي ڪم اينديون…!!”


    معذرت سان

    ڀوتار! توهان جو نياپو پهتو پر ٻن سالن کانپوءِ منهنجي مرحوم بابا جي تعزيت لاءِ اچڻ جي زحمت نه ڪريو!
    بابا نهايت سڪون سان خدا ڏانهن روانو ٿيو هو، هاڻي هو سيد قنبر شاه مقام ۾ ننڊ ڪري پيو…توهان کي هن جي آرام ۾ خلل وجهڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي…
    مهرباني ڪري منهنجي والد صاحب جو روحاني ۽ منهنجو ذهني_جسماني سڪون برباد نه ڪريو!
    معذرت سان، توهان جي تعزيت جي هاڻي ضرورت ناهي…

    فقط
    توهان جي تڪ جو ووٽر


    اونداهو چنڊ

    ماريه مسيح پنهنجي معصوم ٻارن سان گڏ مڙس جوزف جو لاش سڃاڻي نه سگهي!
    مرده خاني ۾ پيل سوڪيل لاش، جوزف مسيح جوئي هو. جوزف، جيڪو مقدس اوراقن ساڙڻ جي الزام ۾ زنده جلايو ويو، انصاف جي تقاضا پوري ڪئي وئي.
    اها ڳالهه جيڪا عام ماڻهن لاءِ واقعو ۽ جوزف جي خاندان لاءِ سانحو هئي، شام جو ٿي؛ جڏهن ڪالوني جي گند جي ڍير تان اڌ سڙيل مقدس اوراق هٿ آيا.
    پوليس پهري هيٺ جوزف جو سڙيل لاش گهر آندو ويو. لاش گهر جي اڱڻ تي رکي ماريه ڪنڌ مٿي ڪري آسمان ڏي نهاريو. آسمان روئي رهيو هو، سڀ تارا هن جا ڳوڙها هئا.
    هن اٿي پاڻي جي ٽانڪيءَ مان هٿ ڌوئڻ جي ڪوشش ڪئي، ايئن لڳس ته پاڻي ڳالهائيندو هجي. “ڏس مان ڏاڍو ٿڌو آهيان، مون سان جوزف کي نه وهنجارجان.”
    سڙيل گهر جي ڪنڊ ۾ پيل ڏيئي جي روشني مڌم ٿيڻ لڳي، ڄڻ هو چوندو هجي “هن دنيا کي مان وڌيڪ روشن نه ٿو رکڻ چاهيان.”
    ماريه پاڻ کي جوزف جي ويجهو آندو، هن کي ڪجهه آواز ٻڌڻ ۾ آيا، ڄڻ جوزف ڳالهائيندو هجي، پر ايئن نه هو. هن پاڻ سنڀاليو، ڳرن قدمن سان هلڻ لڳي. گهر جي هر ڪنڊ ڄڻ هن کي ٿيلها ڏيندي هجي. هوءَ ٿورو هلي پنهنجو توازن سنڀالي نه سگهي. هن جا گوڏا زمين سان ٽڪرائڻ ۾ صديون درڪار ٿي ويون………
    سوڳوار گهر جي مٿان چنڊ روشني نه پر اوندهه اڇلائڻ لڳو، ڪتا هن کي ڏسي روڙون ڪرڻ لڳا هو به روڙن ۾ انهن جو ساٿ ڏيڻ لڳو.
    سڄي ڪالونيءَ ۾ سوڳ جي لهر هئي. ارشد بوڪ اسٽور واري کي اها خبر پوندي بخار ٿي ويو. هن جو دماغ هيروشيما ۽ ناگاساڪي بڻجي ويو. سوال، ائٽم بم ٿي وسڻ لڳا ته هن ردي جا ڪتاب جن ۾ اسلاميات جون گائيڊون ۽ نوٽس به شامل هئا، احتياط سان ساڙي گند جي ڍير تي اڇلايا هئا پوءِ ڪجهه سڙڻ کان ڪيئن بچي ويا!؟


    ڪتي جي خودڪشي

    هن جو شمار به شهر جي لوسي ڪتن منجهان ئي هو. ڪجهه ڏينهن اڳ شهر ۾ ايندڙ ڌارين ڪتن جي حملي ۾ سخت زخمي ٿي پيو هو. ڪنڌ ۾ چڪ لڳڻ ڪري اتي گهاءُ ڪجهه سجيهه هئس، ويتر اتي ڪيڙا ٿيڻ ڪري ڏاڍي اذيت ۾ ورتل هو.
    اهڙي حالت ڏسي هن خودڪشيءَ جو فيصلو ڪيو. پاڻ مارڻ ايترو آسان ته ناهي……!! پر پوءِ به هو ان نتيجي تي پهچي ويو ته وڌيڪ جيئرو نه رهي سگهندو. هر گهڙي هن لاءِ تڪليفن ۾ واڌارو آڻيندي.
    خودڪشي ڪيئن ڪجي…؟؟ ان لاءِ هن سولو طريقو ڳولي ورتو، صبح کان شهر جي ميونسپل ڪاميٽيءَ جي چوڌاري چڪر لڳائڻ شروع ڪيا. هن کي آس هئي ته ميونسپل ڪاميٽي وارن وٽ ڪتن مارڻ جو زهر هوندو آهي، هن جي حالت ڏسي يقينن سندس اڳيان مانيءَ ۾ ملائي اڇلائيندا، هو خوشي خوشي اها ماني کائيندو ۽ پوءِ سڀ تڪليفون هڪ لحظي ۾ لهي وينديون………پر هن کي اهو ڏسي مايوسي ۽ حيراني ٿي ته ميونسپل ڪاميٽيءَ جي چوڌاري 4 چڪر ڪاٽڻ کانپوءِ به هن جو ڪنهن نوٽيس نه ورتو آهي!!!
    آخر هو ٿڪجي ڪاميٽي گيٽ تي بيهي رهيو ته من ڪو هن جو زخم ڏسي، ڇتو سمجهي مارڻ جي ڪوشش ڪري. هن جي اميد تڏهن ختم ٿي جڏهن هن ميونسپل آفيسر کي هڪ ڀنگياڻيءَ سان ڳالهائيندي ڏٺو. آفيسر ڀنگياڻي جي ڇاتيءَ کي تڪيندي سرٻاٽن ۾ چئي رهيو هو “تو واري مڙس کي ڍڪڻي ۾ ڍڪ پائي ٻڏي مرڻ گهرجي، ڪتن مارڻ لاءِ ايندڙ زهر کپائي به تنهنجي خاندان جي پوري ڪيان ٿو پر تنهنجي مڙس جا اعتراض ۽ غيرت ختم نه ٿي ٿئي……!!”
    ڪتو، وڌيڪ گفتگو نه ٻڌي سگهيو، البته “ڍڪڻي ...ڍڪ ۽ مرڻ....” واري ڳالهه هن کي سمجهه ۾ اچي وئي، جسم ۾ ڦڙتي اچي وييس……ڪنڌ ڍاري تيز وکون کڻندو شهر جي مين رستي ڏانهن رخ ڪيائين جتي ڪافي وقت کان ‘ڍڪڻيءَ جي ڍڪ’ کان وڌيڪ پاڻي بيٺل هو…


    هل من ناصر ينصرنا

    ڏهين محرم جو مرڪزي جلوس گهٽي مان گذري رهيو هو. ماستر هريام گهر جي اڱڻ تي مومنن پاران ‘ياحسين’ جون صدائون ٻڌي رهيو. سائنڻ سڪينه جي نوحي تي ڌيءُ ڪامنا ياد اچي ويس.
    ڪامنا، جيڪا سال اڳ گهران ڀڃي وئي…!؟ ڀڄائي وئي…!؟ يا اغوا ڪئي وئي……365 ڏينهن گذرڻ باوجود هو اها مام حل نه ڪري سگهيو!!
    ابن زياد جي درٻار جهڙي ڪورٽ ۾ سال اڳ ڪامنا کي آخري ڀيرو ڏٺو هئائين، هرڻي جيان هراسيل ڪامنا نماڻين اکين سان هن ڏانهن ڏسي ڪجهه ڳالهائن چاهيو “بابا او بابا…!” ان کان اڳ جو هوءَ ڪجهه چئي، هڪ ملعون شمر جهڙو هن کي جهرڪيءَ جيان جهٽي پري کڻي ويو. هن کي ياد آيو ته اهي سڀ مولوي جيڪي سڄو ڏينهن هڪ ٻئي کي ڪافر چوندي نه ٿڪبا هئا. هن معاملي تي ڪيئن نه هڪ ٿي ويا هئا!! ۽ هو “هل من ناصر ينصرنا” جي مصداق اڪيلو هو.
    گهٽيءَ ۾ سينه زني جو آواز وڌي ويو. نوحه خوان “هاءِ سڪينه هاءِ سڪينه…” جو ورد ڪرڻ لڳو.سينه زني جو آواز هن کي فائرنگ لڳو. جڏهن ڪورٽ مان فيصلي اچڻ کانپوءِ مجاهدن خوشيءَ ۾ ڌوڙيا لائي ڏنا هئا.
    هريام اکيون ٻوٽي ڇڏيون…نوحي جي هر لفظ تي هو پنهنجي ذهن ۾ ڪردار ٺاهيندو رهيو. حرمله، شمر، ابن زياد، ابن سعد، خولي ، حارث بن نوفل…سڀ ڪردار سندس شهر ۾ مسلمان مجاهدن جي صورت ۾ موجود هئا.
    هن کي پاڙي جي اسڪول جو ماستر به ياد اچي ويو. جنهن 14 سالن جي ڪامنا کي سرٽيفيڪيٽ ذريعي 18 سالن جو ثابت ڪيو هو…“يزيد تي لعنت” ……نعرو ٻڌي هن جو ڌيان موٽي آيو. کن پل ۾ هو ٻيهر ماضي ۾ هليو ويو. جڏهن ڪامنا 4 سالن جي هئي. هر عاشور جي ڏينهن پاڻ ۽ ڌيءُ کي ڪارا ڪپڙا پائي، گهٽي مان گذرندڙ ماتمي جلوس کي دير تائين ڏسندو هو. تڏهن به ننڍڙي بيبي سڪينه جو مصائب ٻڌي هو زار وقطار روئندو هو…
    …۽ اڄ به هن جي ڳلن تان ڳوڙهن جون بوندون بس نه ڪري رهيون هيو. اوچتو هن هڪ پتڪڙو هٿ پنهنجي ڀڳل ڳلن تي محسوس ڪيو. هن کي لڳو ڄڻ ڪامنا موٽي آئي هجي. بي اختيار وات مان لفظ نڪري ويس “ڪامن……ا…” پر اها ڪامنا نه هئي سندس آخري ڌيءُ انجلي هئي. جيڪا حيرت ۾ پيءُ ڏانهن ڏسي پڇي رهي هئي، “بابا!، تون ڇو ٿو روئين…؟”
    “ڪجهه به نه…بس ڪجهه به نه” چوندي ماستر هريام پنهنجي ڳلن تان ڳوڙها اگهي ڇڏيا.


    ۽ پري اڏامي وئي

    اصل نالو سومل……… ماءُ، پيءُ ۽ پنجن ڀائرن جي دادلي ڀيڻ.
    سڄي گهر جا ڀاتي هن تان گهور پيا ويندا هئا. پڻس ته نالو ئي پري رکي ڇڏيو هئس. هر وقت گهر ۾ ’پري…پري‘ جا آواز پيا گوجنبا هئا.
    پري جي ڀائرن کي پاڙي جو موچي ڇوڪرو نه وڻندو هو، جنهن لاءِ هنن محسوس ڪيو ته سندن گهر جا گهڻا چڪر لڳائي ٿو، انهيءَ جي باوجود هو، موچين جي ڇوڪري کي روڪي نه پيا سگهن. آخر ته سرڪاري گهٽي هئي ڪير ڪنهن کي ڀلا ڪيئن روڪي؟؟
    جنوري جو اهو قاتل صبح، جنهن ۾ پاري قدرت جا سڀ رنگ ڄمائي سفيد ڪري ڇڏيا هئا؛ پريءَ جي ماءُ ننڊ مان جاڳي، هن کي پري کٽ تي ستل نظر نه آئي، گهر ۾ هيڏي هوڏي گهڻو ڳوليائين، هن کي پري نظر نه آئي ششدر ٿي وئي. جنوري جي ڇتي سيءَ ۾ هن پنهنجي دماغ ۾ جون جي نٽهڻ اس محسوس ڪئي. ڀڄندي سهڪندي پري جي پيءُ جي بستر تي پهتي.
    ’پريءَ جا پيءُ، ’پريءَ جا پيءُ، اٿ ڏس، پري ڪيڏانهن وئي!؟
    ماءُ جي رڙين تي پريءَ جا ڀائر به ننڊ مان جاڳي پيا. مردن پاڻ کي سنڀاليو…… سڄي گهر ۾ پريءَ جي تلاش ٿي پر پري ڪونه هئي…ڀائرن ۽ پيءُ جي دادلي پري…اڏامي وئي هئي. خبر ناهي الائي ڪنهن سان؟
    پر اهو هن لاءِ ڪوه ڪاف جو شهزادو ئي هوندو……… خير ڪيئن به هو……پري اڏامي وئي!


    مائٽ ممو

    مائٽ مموءَ کي الائي ڇا ٿي ويو هو جو هن اوچتو ئي پنڻ شروع ڪيو! مموءَ جي پنڻ ڪري بچاءَ بند جي ٻنهي پاسن ۾ آباد اسان جي برادري ۾ ڪاوڙ ۽ حيرت هئي!!
    ڀلا ڇو نه هجي، اسان ڪچي پڪي جا بادشاه هئاسين. وڏا ڏاميچ به اسان جي تر ۾ ڏوهه ڪرڻ کان اڳ اسان جي آنڪي ڀريندا هئا، ڪنهن ٻئي برادري واري کي مجال هئي هو اک کڻي اسان ڏانهن ڏسي. ڀرواري شهر ۾ وڃي اتي ڏاڍ مڙسي ڏيکاري ۽ پوءِ فقط اهو ٻڌائڻ ته اسان فلاڻا آهيون ئي ڪافي هو. انهيءَ ئي شهر ۾ مموءَ پنڻ شروع ڪيو جنهن جي ڪري اسان جي برادري تي حيف اچي رهيو هو. مون سميت برادري جي ڪافي ماڻهن مائٽ کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو پنڻ بند ڪري پر مائٽ هو جو مڙڻ جو نالوئي نه پيو وٺي.
    ممو، منهنجو مائٽ ۽ پاڙيسري به هو، مونکي هن بابت ڄاڻ هئي ته وقت جو ڀلوڙ رازو هو پر پيريءَ جي ڪري ڪير به هن کي ڪم نه ڏيندو هو. ماڻهن جو خيال هو ته هاڻ هن جي ڪم ۾ ڦڙتي نه رهي آهي. پنجن ڌيئرن ۽ ننڍي پٽ جي پيٽ جو دوزخ ڀرڻ لاءِ هن گهڻائي جتن ڪيا هئا.
    مائٽ مموءَ جي پنڻ جو مامرو برادريءَ ۾ سنجيده رخ اختيار ڪري رهيو هو. آخر اسان فيصلو ڪري سچي مرشد ڏي نياپو ڪيو ته هو اچي مائٽ کي سمجهائي ته پنڻ بند ڪري.
    مرشد سائين، جنهن کي هونءَ به ساليانو ڏن وٺڻ لاءِ اچڻو هو سو نياپي ملڻ کانپوءِ ترت پهچي ويو. شام ڌاري برادري جا معزز وڏيري گامڻ جي اوطاق تي گڏ ٿيڻ شروع ٿيا، جتي مرشد جي ديدار، ڏن ڀرڻ سان گڏ مائٽ مموءَ جو معاملو به نبيرڻو هو.
    مرشد ممو ڏي نهاري هن کي چوڻ لڳو ”ممن بابا، ڇو ٿو پنين، ڇو پيو برادري وارن جو منهن ڪارو ڪرائين…؟
    مائٽ ممو جيڪو اچڻ کانپوءِ خاموش ئي ويٺو هو مرشد جي سوال تي هن جون اکيون ڪروڌ ۾ ڀرجي ويون، پنهنجي مخصوص لهجي ۾ چوڻ:
    “مرشد سائين! پنو ته توهان به ٿا، مان ڪڏهن توهان کي چيو، هر سال مسڪين ماڻهن کان ڏن وٺڻ پنڻ ناهي ته ڀلا ڇاهي؟”
    مائٽ مموءَ جو جواب ٻڌي، ڪچهري ۾ ڪجهه دير لاءِ سانت ڇائنجي وئي، مرشد جون اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون پر چپ رهيو. وڏيرو گامڻ اٿي بيٺو هڪل ڪري چيائين: “بي پيرا، مروان، ڪميڻا بيغيرت توکي شرم نه آيو مرشد کي اهڙا لفظ ڳالهائيندي، اٿ نڪر منهنجي اوطاق مان نه مٿي ۾ ڌوڙ وجهندو سانءَ…”
    انهيءِ ڏينهن، انهيءَ گهڙي کانپوءَ ڪنهن به مائٽ مموءَ کي نه ڏٺو. برادري وارن جو خيال آهي ته مموءَ مرشد جي توهين ڪئي هئي، انهيءَ ڪري هن کي سائين جا جن ڪوه ڪاف ڏانهن کڻي ويا. برادري وارا سمجهندا آهن ته مان انهن سڀني کان وڌيڪ پڙهيل آهيان، منهنجو به اهو ساڳيو خيال آهي ته مائٽ مموءَ کي سچي مرشد جا جن کڻي ويا هوندا.


    حج جي بشارت

    يوسف حجم، منهنجو جگري يار، جاني دوست، ڀاءَ ۽ منهنجي ٻچن جو چاچو.
    يوسف جو لاش ڳوٺ ٻاهران رئيس جي ٻنيءَ مان انتهائي خراب حالت ۾ مليو. مارڻ کان پوءِ جسم جي بيحرمتي ڪئي وئي هئي. هن جو نڪ، ڪنَ، چپ وڍي اکيون ڪڍيون ويون هيون.
    يوسف کي ايڏي بيدردي سان ڪنهن ۽ ڇو ماريو؟ سوالَ ذهن جي تاڪن کي وڄائڻ لڳا. جوابَ خاموشيءَ ۽ گهگهه اونداهي ۾ ترورن کانسواءِ ڪجهه به نه هئا.
    ڪافي ڀيرا يوسف مونسان ڪچهري ڪندي ان وقت چپ ٿي ويندو هو، جڏهن رئيس ان جي حويلي ۽ رئيس جي سهڻي ڇوڪري سسئي جو ذڪر نڪرندو هو.
    ها البته ڪجهه ڏينهن اڳ هن مونسان مرڪندي ڳالهه ڪئي هئي ته پير جڙيل شاه هن کي حج جي بشارت ٻڌائي آهي، هو هاڻي جلد حج تي روانو ٿيندو!
    يوسف جون اهي ڳالهيون سوچي خيالن ۾ گم هئس ته منهنجي ننڍڙي پٽ عباس پڇيو،
    “بابا! چاچا يوسف کي ڇا ٿيو آهي، هو ڪاڏي ويو…؟”
    پٽ جي سوال تي منهنجي اکين جا بند ڀڄي پيا، اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳس، عباس کي ويجهو ڪري ڀاڪر پائي گلوگير لهجي ۾ چيو مانس:
    “بابا، تنهنجو چاچو حج تي هليو ويو.”


    بِشني

    ڪَريم عرف ڪَرو منهنجو ڪلاس فيلو هو. پنجين درجي تائين هڪ ئي بينچ تي گڏ ويهي پڙهياسين. اڳتي هلي هو بشني ٿي ويو ۽ مان ماستر……
    ڪجهه ڏينهن اڳ پوليس ٻڌي ويس ڏاڍو مارينس. طبيعت پڇڻ ويو مانس. هميشه جيان مسڪرائيندي مليو ۽ اکين ۾ ڪئي سوال هئس. انهيءَ کان پهريائين جو پاڻ سوال ڪري؛ پڇي ورتو مانس ته: بشنگيري جو ڌنڌو ڪڏهن کان شروع ڪيائين…؟؟ وراڻيائين “جڏهن کان انسانن لباس ۾ کيسا لڳرايا تڏهن کان مان بشني آهيان!!” هن جو جواب ٻڌي ٻئي ٽهڪن ۾ پئجي وياسين.
    چيو مانس: “يار ڪرو، هاڻي گهڻو ٿيو، ڇڏ انهيءَ واهيات ڪرت کي…” جواب عجيب هئس “تون ماستري ڇڏي سگهندي جو مونکي بشنگيري ڇڏڻ جو چئين ٿو……؟؟؟”
    “پر يار، توکي ماستري ۽ بشنگيري ۾ ڪو فرق محسوس نه ٿو ٿئي!؟” مون هن کان آڏو سوال ڪيو. “نه ڪو به فرق ناهي سڀ ڌنڌا هڪ جهڙا هوندا آهن!!” پنهنجو چٽو موقف بيان ڪيائين…
    “پر ڀائو، توکي ماڻهو سٺي نظر سان نه ٿا ڏسن!!” مون چيو.
    “……۽ توکي منهنجو مطلب ماسترن کي، پوليس وارن کي، ڪلارڪن کي……۽……۽……کي ماڻهو چڱي نظر سان ڏسندا آهن…!!؟؟”
    مان هن کي وڌيڪ ڪجهه نه چئي سگهيس، موڪلائي وڃڻ لڳس ته چيائين: “ماستر! منهنجا به ڪجهه سوال آهن، ڀلا انهن جو جواب ته ڏيندو وڃ؟؟” “نه مون کي اسڪول پهچڻو آهي، ٻئي دفعي…” مان هلندي جواب ڏنومانس.
    ڪجهه عرصي کانپوءِ خبر پئي ته پنجاب ويندڙ هڪ ٽرين ۾ کيسو ڪٽيندي پڪڙجي پيو. مسافرن سخت مارڪٽ کانپوءِ هن کي هلندڙ گاڏيءَ مان هيٺ ڪيرائي ڇڏيو. سخت ڌڪ لڳڻ سبب مري ويو.
    اسان هن جو لاش کڻائڻ لاءِ سکر پهتاسين جتي جي اسپتال ۾ لاش رکيل هو. مان ۽ هن جي ماءُ سڃاڻپ لاءِ مرده خاني ۾ وياسين.
    شناخت ٿي اهو ڪَرو جو ئي لاش هو. هميشه جيان مسڪرائيندڙ چهرو، کليل اکيون جن ۾ سدا وانگي انيڪ سوال؛ جن جا جواب اسان وٽ ناهن هوندا.


    ڪافر ڪير

    رات جو وقت هو. هر پاسي خاموشيءَ جو پهرو………
    رکي رکي ڪجهه ساعتن ۾ ‘الله اڪبر’ جا دٻيل نعرا ٻڌڻ ۾ ٿي آيا.
    بند ڪمري ۾ وڊيو ڪئمرا جي فليش لائٽ ڏينهن جو ماحول پيدا ڪري رهي هئي. ڪمري جو هر منظر رڪارڊ ٿي رهيو هو.
    ڪجهه دير ۾ ‘الله اڪبر’ جا نعرا ٻيهر شروع ٿي ويا. مخالف فرقي جو اهو پنجون همراهه هو جنهن کي هڪ ٽيبل تي سمهاري ڪٺو پئي ويو.
    20 سالن جي ويجهو نوجوان الله اڪبر جو ورد ڪندي تيزي سان ستل همراهه جي ڳلي تي ڇري وهائي رهيو هو. هن جي نرڙ تي گهنج اچي ويا، وات ڀڪوڙجي ويس، محسوس ٿيو ته هن ڀيري هن کي خلاف توقع وڌيڪ زور ڏيڻو پيو آهي.
    اها حالت ڏسي وڊيو ڀريندڙ همراهه رڙ ڪري چيس “مجاهد ڇا ٿيو، خير ته آهي!؟”
    “خير ڪهڙو، مولوي صاحب کي چيو به هئم ته 8 ڪافرن کي ڪهڻ لاءِ گهٽ ۾ گھٽ ٻه ڇريون هجن، هن هڪ ڇريءَ ته هٿ ۾ سور ڪري ڇڏيو آهي. اڃا پوئتي ٽي خنزير آهن، ڪيئن ڪم ٿيندو؟؟”
    نوجوان ڳالهائيندي پنهنجي پيشانيءَ تان ڪٺل جو رت به صاف ڪري ورتو.
    گفتگوءَ هلندي ڪمري جو ڪڙو کڙڪيو، ٽيون همراهه جيڪو تازي ڪٺل شخص جي منڍي وارن مان پڪڙي پوز هڻي، مخالف فرقي بابت بيان رڪارڊ ڪرائي رهيو هو سو منڍيءَ کي هيٺ اڇلائي دروازو کولڻ لاءِ روانو ٿيو.
    دروازي تي آيل نوجوان اشاري سان پڇا ڪئي، جنهن تي سامهون بيٺل همراهه پنجن آڱرين کي گڏائي جوابي اشارو ڪيو. ان دوران ئي نوجوان ڳالهايو.
    “مولانا صاحب چئي ٿو باقي ڪافرن کي سڀاڻي واصل جهنم ڪجو، اچو جماعت تيار آهي، فجر جي نماز پڙهي وٺون.”


    ها! محبتون عجيب هونديون آهن

    هي محبتون به عجيب هونديون آهن!! چڱن ڀلن جا ڳاٽ جهڪايو ڇڏن. ڀلا ڪير پيو ڄاڻي ته شاهو جيڪو لنڊيون لتاڙيندو هو، ظالم هو، وحشي درندو هو، بي رحم چور هو، جنهن کي ڪڏهن به ڀاڳئي تي رحم نه آيو سو ساران جي پيار ۾ ائين ميڻ ٿيندو جو سڄو تر حيران رهجي ويندو!؟
    شاهوءَ، ساران جي چوڻ تي چوري ڪرڻ بند ڪري ڇڏي، هن ڏوهه ڪرڻ ڇڏيا ته پويان سڀ ڪيس به ڪر کڻي اٿي پيا ڪهڙو ڏينهن هو، جنهن تي هن کي ٿاڻي جي ياترا نه ٿي ڪرڻي پئي!
    هو ڪڏهوڪو سينٽرل جيل جي هوا به کائي ها پر ڀلو ٿئي وڏيري مراد جو جيڪو هر ڀيري هن کي انهيءَ آسري تي آزاد ڪرائيندو هو ته هڪ نه هڪ ڏينهن وري شاهو سندس حڪم جو غلام ٿي ٻيهر تر تپائيندو. توڻي جو شاهو نپٽ اڻپڙهيل هو پر هن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي هئي ته جڏهن هو ڪا رات خالي نه ڇڏيندو هو تڏهن ته پوليس هن ۾ هٿ نه وڌا، هاڻي جڏهن شرافت جي زندگي گذارڻ چاهي ٿو پوءِ پوليس جو ايڏو قهر ڇو؟
    هڪ ڏينهن صوبيدار دلاور ايڏو ته ماريس جو مٿي مان نڪرندڙ رت هن جي پيرن کي ڀڄائڻ لڳو، هن پيرن ڏانهن ڏٺو اکين ۾ ڳوڙها تري آيس. صوبيدار، روئندو ڏسي ٽوڪ ڪيس “جهل دٻ”…
    شاهوءَ جون اکيون بند ٿي ويون، تصور ۾ ساران اچي ويس. اهو منظر اکين اڳيان تري آيس جڏهن ساران چئي رهي هئس “شاهن، منهنجي سينڌ جو قسم کڻ ته هاڻي چوري نه ڪندين.” ڪجهه دير ۾ هن اکيون کوليون کن پل لاءِ صوبيدار سان نظرون ملايائين پوءِ هيٺ ڪنڌ ڪري ڇڏيائين.
    شاهوءَ ڏاڍيون مارون کاڌيون، هن گهڻوئي تشدد برداشت ڪيو پر اهو ڏينهن هن لاءِ قيامت جو ڏينهن هو جڏهن صبح جو خبر پيس ته ساران جي شادي ٿي وئي. ‘ساران جي شادي’ اهو جملو هن جي مٿان هٿوڙا وسائڻ لڳو، پاڻ سوال پاڻ ئي جواب ٿي ويو، زندگيءَ ۾ ڪڏهن ٻئي تي ته رحم نه آيو هئس پر ان ڏينهن پاڻ تي رحم اچي ويس.
    پورا ٻه ڏينهن زندگي ۽ موت جي ڪشمش ۾ گذارڻ کانپوءِ فيصلو ڪيائين ته هو هڪ ڀيرو ساران سان ملندو ۽ معلوم ڪندو ته هن ايڏي وڏي بي وفائي ڇو ڪئي؟
    آخر ٽين رات هن پنهنجا ڦٽي ڪيل چوراڻا ڪپڙا ٻيهر پاتا، وَرَ ۾ پستول ۽ هٿ ۾ ڪهاڙي کڻي انهيءَ ڳوٺ ڏينهن روانو ٿيو جتي ساران جي شادي ٿي هئي. تڪڙيون وکون کڻندو ڪجهه دير ۾ ئي ڳوٺ ۽ ان گهر ٻاهران پهچي ويو. اڌ رات پنهنجو سفر مڪمل ڪري چڪي هئي. هن ڪهاڙيءَ سان ڀت ۾ پيرن ڦٻائڻ جا نشان ٺاهيا، آهستي بنا ڪنهن آواز ڪرڻ جي ڀت تان هيٺ گهر جي اڱڻ تي نظر ڪيائين، گهر جي آڳند ۾ هڪ شخص کٽ تي ستل باقي سڀ هن جي پاسن ۾ ويٺل هئا. گهري خاموشي هئي…………
    ڪجهه ساعتن اندر هن جي ڪنن سان هڪ عورت جو آواز ٽڪرايو“او امان ساران تو هي ڇا ڪيو……!؟”
    آواز ٻڌڻ کانپوءِ شاهوءَ جا ٻڌڻ، ڏسڻ، ڇهڻ سميت سڀ حواس ختم ٿي ويا، بس هڪ ڀت ٻي ڀت سان ڀاڪر پائي سڏڪن ۾ هئي.


    امر جليل جو ڪردار

    اهو جمع جو ڀلارو ڏينهن هو. شهر جي چونڪ تي موجود جامع مسجد جي منارن ۾ لڳل لائوڊ اسپيڪرن مان مولوي صاحب جو ڪڙڪيدار آواز ۾ خطبو جاري هو، گهڻو ڪري موضوع ’جهاد‘ هو، ڇو جو مولوي بار بار هي جملا ورجائي رهيو هو ”هر ظالم جي خلاف جهاد، اسان جو فرض آهي.“
    اوچتوئي ڪجهه هٿياربند منهنجي دوست سرمد کي وارن مان گهليندا وچ چونڪ تي مسجد جي مين گيٽ سامهون اچي ويا.
    مان جلد ئي اهي ماڻهو سڃاڻي ورتا، ڀوتار جو پٽ عمران جيڪو ڪجهه ڏينهن اڳ يونيورسٽي مان ڊگري وٺي آيو هو. منهنجي هن سان ادبي حوالي سان سڃاڻپ هئي، هو امر جليل جو مداح هو.
    ڪمدار سکيو ۽ ڪجهه واٺا، هو بيدردي سان سرمد کي ماري رهيا هئا. گوڙ جي ڪري مسجد ۾ خطبو ٻڌندڙ ڪجهه ماڻهو به ٻاهر نڪري آيا، اهو ڏسي مولوي صاحب به مسجد جي گيٽ تي اچي بيٺو.
    مونکي سمجهه ۾ نه اچي رهيو هو ته هي ماڻهو آَخر سرمد کي ڇو ماري رهيا آهن؟ بس ايتري سا ڄاڻ هئي ته ڪجهه ڏينهن اڳ سرمد پنهنجي سنگت ۾ وڏيرڪي نظام خلاف سو ڳالهايو هو.
    سرمد جو منهن ۽ مٿو رت سان ڳاڙها هئا، ڪمدار ۽ واٺا مسلسل هن کي لٺيون هڻي رهيا هئا. انهيءَ وچ ۾ عمران ور مان پسٽل ڪڍيو ۽ زوردار آواز ۾ سرمد کي چوڻ لڳو ”نه هي دنيا امر جليل جي ڪا ڪهاڻي آهي ۽ نه ئي تون ان جو ڪردار……… جو چونڪ تي بيهي سچ……“
    هن پنهنجي ڳالهه مڪمل ئي نه ڪئي هڪ ٺڪاءُ ٿيو، جنهن کانپوءِ سانت ڇائنجي وئي. سرمد جو خون مسجد جي مک دروازي تي هڪ ننڍي دٻي جي صورت اختيار ڪري ورتي.


    جهومر

    ڪلهي تي ڪپڙي جو ميرو پاچڪو کڻي، ننڍڙو صابو وڏي شهر جي وڏي گند جي ڍير تي هر روز جيان پنهنجي روزي ڳولي رهيو هو.
    اوچتو هن جي نظر ڪنهن شيءِ تي پئي هن جي چپن تي مرڪ پکڙجي وئي. هو پنهنجي دوستن اڪو، سادو ۽ ڪامو جيڪي به سندس جيان روزيءَ جي تلاش ۾ هئا کان نظرون بچائيندو، ان شيءِ جي مٿان پهچي خاموشيءَ سان کڻي پاچڪي بدران پاسي واري کيسي ۾ وجهي پنهنجي ڪم ۾ مصروف ٿي ويو. هن کي شام تائين انهيءَ ڍير تي رهي رزق جي ڳولا ڪرڻي هئي پر اڄ هن جي کيسي ۾ خاص شيءِ هئي جنهن لاءِ هن بار بار کيسي کي اها پڪ ڪرڻ لاءِ ته ڪٿي گم ته نه ٿي وئي آهي، هٿ پئي لاتو.
    آخر هن جو انتظار پورو ٿيو. شام کان ڪجهه وقت اڳ گهر پهتو. هن جي خوشي ڏسڻ وٽان هئي. هو ماءُ جي ڀرسان آيو، هڪ هٿ کيسي ۾ وجهي ٻئي هٿ سان ماءَ جي ڪلهي تي رکي چوڻ لڳو. ”امان! ڏس مان تولاءِ ڇا آندو آهي……؟“ ماڻس تجسس سان هن جي اکين ۾ نهار ڪئي. صابو ڪجهه گهڙين لاءِ چپ ٿي ويو ڄڻ هو ڪا ڳالهه ياد ڪندو هجي. ٻئي پل هن وري ڳالهائڻ شروع ڪيو، ”امان، جڏهن بابو گذاري ويو هو ته هن جي ڪفن لاءِ اسان وٽ پئسا نه هئا. پوءِ تو مٿي جو جهومر کپايو هو، هي ڏس مان ساڳيو جهمومر لڌو آهي……
    هو اها ڳالهه يڪ ساهي ڪري ويو، ماءُ پنهنجي پٽ جي اکين ۾ بي انتها خوشي ۽ ڪاميابي ڏٺي. هن صابوءَ کي ويجهو ڪري سيني سان لڳائي ورتو. هن جي اکين جا نار وهي نڪتا، ڪجهه گرم لڙڪا صابو جي ڳلن کي به پُسائي رهيا هئا.


    ٻيو ڌنڌو

    ڳالهين ڳالهين ۾ هن مونکان پڇي ورتو، “ڀلا سرڪاري ملازمت مان رٽائرمنٽ کانپوءِ ڇا ڪرڻ جو سوچيو اٿئي؟”
    مان بنا هٻڪي پـﮬـرين ساهه ۾ وراڻيو “پيري مرشدي جو ڌنڌو، سڀ کان آسان ۽ منافع بخش آهي.” ٻئي ساهه ۾ چيو مانس “استاد آهيان، نيم فلسفو، مذهب ۽ نفسيات پڙهي آهي، سنڌي ماڻهن کي خوب بيوقوف ڪري ……”
    “پر…” هن منهنجي ڳالهه اڌ مان ڪٽي. “تون ته ڪاري رنگ جو آهين، ۽ ڄاڻين ٿو ته سنڌ جا ڪامياب پير، ڪاري رنگ جا ناهن هوندا، انهيءَ ڪري ته هنن جي منهن مان سدائين نور پيو ٽمندو آهي.”
    “ٻڌ!” هن وڌيڪ ڳالهايو “سنڌ جا ماڻهو ڪپڙي جي ڪاري رنگ سان ته محبت ڪندا آهن، انسان جي ڪاري چمڙي سان نه، مرشد ٿيڻ جا خواب ڇڏي وڃي ٻئي ڪنهن ڌنڌي لاءِ سوچ.”


    وفاداري

    خادم، گهر جي اڱڻ تي کٽولو تي ويهي، پنهنجي سوٽ ڪريم ۽ ڀيڻ هاجران جي باري ۾ سوچي رهيو هو ته آخر هنن ائين ڇو ڪيو؟ هنن جي گهران ڀڄڻ جو سبب جيڪڏهن شادي هو ته هنن ڪريم کي هاجران جو سڱ ڏيڻ کان ڪڏهن انڪار ڪيو هو؟؟
    اهو سوچي ڪريم جون اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون، جيڪي باهه جا اُلاءَ اوڳاڇي رهيون هيون.
    ڪريم، هُن جو سوٽ، جيڪو ٻالڪپڻ ۾ ئي يتيم ٿيڻ کانپوءِ سندن گهر پلجي جوان ٿيو. هو، هن جي ڀائرن جيان ئي ته هو.
    خادم جي پيءُ ڀلا پنهنجي اولاد ۽ ڪريم ۾ ڪڏهن فرق ڪيو هو؟؟؟
    “نمڪ حرام، ڀڙوو، سوئر جو پٽ، حرامي، ڪتو……” خادم جي زبان مان بي اختيار گاريون نڪتيون. هو گهڙيءَ لاءِ چپ ٿي ويو.
    ‘ڪتو’ چوڻ تي هن کي ڪجهه سال اڳ پاڻ سان ٿيل هڪ وارتا ياد اچي وئي. جڏهن ڀرواري ڪاليج ۾ داخلا ٿيڻ کانپوءِ پهريون ڏينهن خاڪي پينٽ ۽ اڇي قميص پائي ڪاليج مان پڙهي موٽي آيو ته سندس ئي پاليل ڪتي لباس تي ڀلجي هن جي مٿان جُهل ڪئي، حملو ايترو ته اچانڪ هو جو خادم پاڻ سنڀالي نه سگهيو، هيٺ ڪري پيو. انهيءَ دوران ڪتي هن جي پينٽ ۾ ٻه ٽي وات هنيا پر ڪجهه ئي دير ۾ خادم جي رڙين تي ڪتو پري ٿي بيهي رهيو. اها سندس لاءِ عجب جهڙي ڳالهه هئي ته ڪتو سندس کان ڪجهه قدم پري هيٺ ڪنڌ هيٺ ڪيون بيٺو آهي!!!!
    خادم سمجهي ويو ته ڪتي، لباس جي ڀل ۾ هن تي حملو ڪيو آهي ۽ سڃاڻڻ کانپوءِ شرمندو آهي. ٿوري دير ۾ هو اٿي بيٺو، انهيءَ جي وچ ۾ گهر جا ٻيا ڀاتي به پهچي ويا، جن ڪتي کي مارڻ جو ارادو ڪيو پر ڪتو ڀڄڻ جي بجاءِ پنهنجي جاءِ تي ساڪن بيٺو رهيو. هن مائٽن کي روڪيو ته ڪتي کي نه مارين ڇاڪاڻ ته هُن ڀلجي اهو ڪيو آهي.
    اهو ڏينهن گذريو، شام ٿي رات ٿي، صبح ٿيو. هن کي گهر ۾ ڪتو نظر نه آيو ۽ پوءِ اهو ڪتو ڳوٺ ۾ به ڪنهن نه ڏٺو!
    خادم، اها ڳالهه سوچي پنهنجي منهن ڳالهائڻ لڳو ”ڪريم… ڪتو… ڪريم……ڪريم… ڪتو……ڪتو… ڪتو……“
    ڳالهائڻ دوران هن پنهنجي ڪلهي ٿي هڪ پتڪڙو هٿ محسوس ڪيو، جيڪو هن جي پٽ جو هو جيڪو چئي رهيو هو.
    ”بابا! اسان کي ڪتو ڌاري ڏي نه……!“


    گوشت ۽ هڏي

    غلام قادر کي ننڍي هوندي گوشت کائيندي نڙيءَ ۾ هڏي ڦاسي پئي هئي. سخت تڪليف آيس، آپريشن ڪرائڻو پيس. مهينن تائين ٺيڪ طرح نه کائي سگهندو هو؛ هر وقت الٽي ۽ آتن جي ڪفيت هوندي هئس.
    هڪ شام ڌاري اندر ويٺل وحشيءَ کي سڪون ڏيڻ لاءِ شانو ڀڙوي جي ماڙيءَ تي ويو. شانو هميشه جيان گرم جوشيءَ سان آجيان ڪيس پر معذرت به ته اڄ مال ناهي. هن جي زور ڀرڻ تي ته ڪجهه بندوبست ڪر هيٺ پنهنجي گهر هليو ويو. ڪجهه دير ۾ موٽيو ته 16 يا 17 سالن جي ڇوڪري ساڻ هئس.
    ايندي ئي چيائين، “صاحب، ڌيءُ آهي، توهان کي انڪار نه ٿو ڪري سگهان…” اڳتي وڌي ڇوڪري جي رئي کي ڇاتي تان هٽائي اشاري سان ٻيهر ڳالهايائين “صاحب، نجو گوشت آ، ٺپ هڏي ناهي، کائيندي ته ياد ڪندين!”
    شانو جي ڳالهه ٻڌي غلام قادر کي نڙي ۾ سور محسوس ٿيو. ڄڻ هڏي ٻيهر هن جي ڳلي ۾ اٽڪي پئي هجي. آت اچڻ شروع ۽ طبيعت خراب ٿي ويس. خبر ناهي ڪهڙي طرح ماڙيءَ جي ڏاڪڻ تان لهي گهر پهتو.


    واهيات

    ڪار ڊرائيو ڪندي هن جو پير بي اختيار بريڪ تي اچي ويو، گاڏي آهستي ٿي وئي، سندس نظر ڀيلڻ عورت جي ڇاتيءَ تي ڄمي وئي جيڪا پنهنجي ابهم ٻار کي ٿڃ پياري رهي هئي.
    ٻي ساعت ۾ هن انهيءَ نوجوان کي به ڏسي ورتو جيڪو سندس ڀر ۾ ويٺل زال کي گهوري رهيو هو. هاڻي هن جو پير بريڪ کان هٽي اڪسيليٽر تي آيو. اهو چئي ڪار جي اسپيڊ وڌائي ڇڏيائين ته ”ماڻهو وڏا واهيات آهن……!!“


    بگهڙ

    سڄو ڏينهن گذري ويو………ها سڄو ڏينهن گذري ويو.
    چڪلي تي ويٺل طوائف پنهنجي معصوم ڌيءُ کي بگهڙ بابت نه سمجهائي سگهي!!!!
    بگهڙ ڏسڻ ۾ ڪيئن هوندو آهي؟
    بگهڙ ڪيئن حملو ڪري، جانورن ۽ انسانن جا آنڊا ڪڍندو آهي؟
    بگهڙ ڪهڙي طرح انساني خون پئندو آهي؟
    بگهڙ ڪيئن ماس ۽ هڏن کي ڏاٺن هيٺيان ڏئي ڪرٽو ڪندو آهي؟
    ………پر شام ٿي وئي. هوءَ پنهنجي معصوم ڌيءُ کي مطمئن نه ڪري سگهي. آخر ۾ سوالن هٿان هارجي چپ ٿي وئي……گهڙي کن لاءِ هن جون اکيون بند ٿي ويون. هن جي تصور ۾ بگهڙ ڦري آيو. ٻي ساعت ۾ ڪنهن لت هڻي در کوليو……اهو شخص هن جو دلال هو. حاڪماڻي لهجي ۾ چيائينس “تيار ٿي ويهه سيٺ فون ڪئي آ ڄاڻ گاڏي توکي کڻڻ آئي.”
    هن جون اکيون ٻيهر بند ٿي ويون. تصور ۾ هاڻي هڪ نه پر گهڻا بگهڙ اچي ويس.


    سجُ زمين تي

    ماستر الهبچائي جي زندگيءَ ۾ ننڍڙيون قيامتون تڏهن کان ئي شروع ٿي ويون هيون جڏهن رٽائر ٿي گهر پهتو هو. پنج جوان نياڻيون ۽ ننڍڙو پٽ، هاڻي گذر ڪيئن ٿيندو؟ اهو سوچي هن کي سج ڪجهه ڪانا هيٺ لهندي محسوس ٿيندو هو.
    پينشن جا ڪاغذ ٺهرائڻ اڪائونٽس آفيس ويو ته ڪلارڪ جي جملي ”چاچا، تون ته سرڪاري ڪاغذن ۾ مئل آهين…!؟“ پيرن هيٺيان زمين ڪڍي ڇڏيس، هن ڪوبه جواب نه ڏنو، بس چپن ۾ ڀڻڪيو ”ها مان مري ويو آهيان!“ اهو سوچي مذهبي حڪم کي رد ڪيائين ته ”ٻچن جي تڪليف کان دوزخ جي اذيت وڌيڪ نه هوندي، مان رشوت ڏئي ڪم ڪرائيندس!“
    حقيقي قيامت تڏهن برپا ٿي جڏهن پاڙيسريءَ در کڙڪائي ٻڌايس ته سندس ڌيءُ شگفته، رڪشا ڊرائيور سان رنگ رليون ملهائيندي پڪڙجي ٿاڻي تي ويٺي آهي.
    شگفته، سندس وڏي نياڻي، جنهن کي اهو سوچي خانگي اسڪول ۾ نوڪري جي اجازت ڏني هئائين ته چلهه جي باهه ٻارڻ ۽ پيٽ جي اجهائڻ ۾ مدد ملندي!!
    استاد الهبچايو، ننڍڙي پٽ محسن سان ٿاڻي تي پهتو. ان ڏينهن ٿاڻو، ٿيٽر جو ڏيک ڏئي رهيو هو. هو ڳرن قدمن سان صوبيدار جي آفيس ۾ داخل ٿيو. ان ڪمري ۾ ئي شگفته ڪنڌ جهڪايو ويٺي هئي. ڌيءُ کي ڏسي هن جو ڪنڌ به جهڪي ويو. اکين مان ڳوڙها لارون ڪري وهڻ لڳس.
    صوبيدار کي هن تي رحم اچي ويو. جيئن بگهڙ کي رڍ تي ڪهل اچي وڃي. هن جي ڀرسان آيو. “بابا، رو نه پنهنجي ڌيءُ کي وٺي وڃ…پر ڪنهن به ريت صحافين کي روڪ ته خبر نه هلي نه ته منهنجي لاءِ مسئلو ٿي ويندو!” صوبيدار هن جي ڪلهي تي هٿ رکي ڳالهايو.
    پيرسن استاد، نراس اکين سان اتي ئي موجود صحافين جي اڳواڻ ڏي ڏٺو، جيڪو شگفته جون تصويرن ڪڍي رهيو هو. هن ٿڪل انداز ۾ وک کنئي. صحافي هن کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏسي اٿي هن جي ڀرسان آيو. ”چاچا، صوبيدار صاحب توهان کي ڇڏي ٿو ته اسان به ظالم ناهيون…… بس في اخبار هڪ هزار روپيا ڏيو…۽ شهر ۾ چاليهه نمائندا آهن…“
    ڳالهه ٻڌي هن تيز روشني محسوس ڪئي هن جون اکيون بند ٿي ويون. ايئن لڳس ته سج ڪجهه ڪانا نه پر پاڻ زمين تي لهي آيو هو.


    جيترو جلد ٿي سگهي مري وڃجي

    زاهد پٽيوالو، اڄ سوزوڪي پڪ اپ مان ڪري مري ويو…
    هن ڄاڻي واڻي پاڻ کي ڪيرايو…؟؟ يا اڻڄائي ۾ ڪري پيو يا ڪنهن ڌڪو ڏنس… بس هو مري ويو… جيڪو به ٿيو چڱو ٿيو!!
    چئن سالن کان نوڪري تي هجڻ ۽ پگهار نه ملڻ به ته هن جو مرڻ ئي هو!
    ڪجهه ڏينهن اڳ به مان هن جو مرڻ ڏٺو هو جڏهن پرنسپال هن کي ڇڙٻيندي چيو ”مان پڻهين جو نوڪر ناهيان جو روز روز توکي ڪرائي جا پئسا ڏيان!“
    انهيءَ کان اڳ به دوڪان واري هن کي سندس ننڍڙي ڌيءُ جا سامهون اهو چئي قتل ڪيو هو ته ”پهرين اڳيون حساب چُڪتو ڪر پوءِ ٻيو سامان“ دوڪاندار ڪاوڙ ۾ اچي هن جي معصوم ڌيءُ جي هٿ مان ٽافي به کسي ورتي هئي…
    ها، کير وارو، سبزي وارو، اٽي جي مشين وارو به ته روز هن کي ماريندا ئي هئا.
    زاهد ٻن سالن ۾ لاتعداد ڀيرا مئو ۽ جيئرو ٿيو!
    هڪ ڀيرو هن جي اکين ۾ آلاڻ ۽ چهري تي اداسائي ڏسي پڇيم: ”زاهد، خير ته آهي؟“
    هڪدم جواب ڏنائين، ”سائين، ننڍڙي پٽ انگور وٺي اچڻ جو چيو آهي، مون وٽ پئسا ناهن!“ ”هي وٺ پئسا“ هن ڏانهن سوَ جو نوٽ وڌائيندي چيم…”نه سائين مونکي پئسا نه کپن، بس مان مرڻ ٿو چاهيان…!“ هن جي نڙي مان سڏڪي جهڙو آواز نڪتو ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري مونکان پري هليو ويو.
    اڄ هو واقعي به مري ويو. هن جو آواز منهنجي ڪنن ۾ گونجي پيو ”بس مان مرڻ ٿو چاهيان…!”
    مان اکيون ٻوٽي، هٿ جي تري نرڙ تي ۽ ٺونٺ ٽيبل تي رکي فريڊرڪ نٽشي جي انهيءَ قول تي سوچڻ شروع ڪيان ٿو…
    ”بهتر آهي انسان هن دنيا ۾ نه اچي ها، جي آيو آهي ته جيترو جلد ٿي سگهي مري وڃي، انهي ۾ ئي سندس ڀلائي آهي!“


    ملڪيت جو تصور

    محفل عروج تي هئي، فنڪار پوري رڌم سان “جڏهن ٿا پيئون پيئون، تڏهن ٿا جيئون جيئون….” جا آلاپ ڪري رهيو هو.
    وڏي صوفي صاحب مدهوشي۾نچندي ڪجهه ڇوڪرن کي چميون ڏئي ورتيون. هاڻي هن جي نظر سامهون ويٺل فقير جي گلمان تي هئي.
    ڪنڌ کي ڦيري ڏئي هڪ پل ۾ اتي پهچي ويو. جيئن ئي چپ اڳتي وڌايائين ته فقير هٿ جي تري سيني تي ڏئي اهو چئي روڪيس ته:
    “نه وڏا فقير سائين نه…هتي خرچ ٿيل آهي… هيڏي نه……”


    جام ِشهادت

    مولوي صاحب جنت جي ماکيءَ ۽ کير جي چشمن جو ذڪر ڪندي شهادت جو بيان ڪيو. سامعين جي لڱن ۾ سياندڙا پئجي ويا.
    ”مجاهدو! هڪ ڪافر کي جهنم رسيد ڪندڙ کي 70 حورون ملنديون“ سامهون ويٺلن جي جسم ۾ ڦرڪڻي اچي وئي. هو ذهني طور مرڻ مارڻ لاءِ ٿي ويا.
    بيان پورو ٿيو………
    مولوي صاحب گارڊن سان بلٽ پروف گاڏيءَ ۾ چڙهي روانو ٿي ويو.


    رهجي ويل دل

    ماتمي جلوس ۾ شامل عمران جي نظر جڏهن گهٽيءَ جي ڪنڊ ۾ ويٺل مُلي فتح محمد تي پئي ته بي اختيار چپن ۾ ڀڻڪيو “لک لعنت…شمر جا پٽ…”
    قافلو وڌيو…هن نظر ڦيرائي، اکين ۾ چمڪ اچي ويس. سامهون ڪوٺي تي بيٺل ڪارن ڪپڙن سان ڇوڪري ڏسي، گهڙي کن سينه زني بند ڪري ڇڏيائين. دل جو ڌڙڪڻ تيز ٿي ويس……
    جلوس ‘ياحسين’ جي صدائن سان اڳتي وڌندو رهيو. هو به جلوس سان گڏ هو پر دل پوئين گهٽي ۾ ڇڏي آيو هو.


    مدينه پئٽرول پمپ

    ضلع جي سڄاڻ صحافيءَ واپڊا جي انجنئير سان پورو ڪلاڪ ماڻهن سان ٿيندڙ زيادتين ۽ بجلي جي مسئلن بابت ڳالهايو.
    هو انجنئير صاحب کي قائل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو ته واپڊا سان لاڳاپيل مامرن ۾ آفيسرن ۽ عملي جو ڏوهه آهي.
    موڪلائڻ وقت صاحب ٽيبل تي پيل هڪ پرچي صحافي حوالي ڪئي جنهن تي ‘مدينه پئٽرول پمپ’ لکيل هو.


    ڪارو پاڻي يا موتيو

    منظر پهريون:.

    “اهو ڪيئن ممڪن آهي ته سالن تائين محنت اسان ڪئي، هاڻي حافظن جي دستاربندي ڪنهن ٻئي مدرسي ۾ ٿيندي!؟” وڏي مولوي صاحب جون پاڻ سان ڳالهائيندي ڪاوڙ ۾ مُٺيون ڀڪوڙجي ويون، ڏند ڪرٽڻ لڳو،گڦ ڳڙي آيس. اکيون ٻوٽي بنا وهاڻي جي کٽ تي سمهي پيو.

    منظر ٻيون:.
    ربڏني کي ٻنيءَ ۾ هر ڪاهيندي رت ۽ ڪجهه اڳتي ٻن ڇوڪرن جا لاش نظر آيا. ڪو بيدرديءَ سان ڪهي اڇلائي ويو هو. سڃاڻپ کانپوءِ خبر پئي ته لاش قرآن جي حافظ ڀائرن جا آهن جن جي ڪجهه ڏينهن ۾ دستاربندي ٿيڻي هئي.

    منظر ٽيون:.
    لاش گهر آندا ويا. ٻه معصوم، ٻه ڀائر، ٻه قرآن جا حافظ. سڄي پاڙي ۾ ڪهرام برپا ٿي ويو، پر ماءُ نه رُني،،، بس هڪ سوال ڪندي رهي ته پٽن جي دستاربندي ڪيڏي مهل آهي!؟ غسل وڪفن کانپوءِ جسم اڱڻ تي رکيا ويا. ماسيون موڙ کڻي آيون،“موڙ ڇو پڳون آڻيو منهنجي پٽن لاءِ…؟” ماءُ، ننڍي پٽ جي نرڙ تي چمي ڏيندي. ٻئي هٿ سان وڏي پٽ جي وارن کي سنوارڻ لڳي.

    منظر چوٿون:.
    ان ڏينهن آسمان ڪارو هو ۽ سج ڳاڙهو، يا آسمان ڳاڙهو ۽ سج ڪارو……يا اسان جي اکين ۾ ڪارو پاڻي يا موتيو ڦٽي پيو هو. ڪابه خبر نه پئجي سگهي.


    هن کي ناول جي هيرو سان پيار ٿي ويو

    ٽالسٽاءِ جو ناول ‘وار اينڊ پيس’ پڙهندي هن کي ناول جي ‘هيرو’ سان پيار ٿي ويو…
    پوءِ هڪ برسات جي رات پنهنجو سڀ ڪجهه ان کي ڏئي ڇڏيائين…
    آڌي رات جو جاڳڻ کانپوءِ سڄي ڀنل هئي…
    ڀنل ڪپڙن مان پگهر جي بوءِ سان ڪجهه ساعتن لاءِ اکيون بند ٿي ويس. عجيب سرور، جنهن کي ڪجهه نالو نه پئي ڏئي سگهي…
    بند نيڻن سان مسڪراهٽ سڄي جسم ۾ پکڙجي ويس…
    هن پنهنجي آڱرين جا پور هڪ ٻئي سان ملايا، ٻئي ٻانهون مٿي ڪري آرس ڀڳو…
    ترت ئي ننڊ جي آغوش ۾ هلي وئي.


    گهر

    علي محمد جا ڏکيا ڏينهن گذري ويا، جڏهن کان هن پنهنجي گهر کان ڪجهه ڏور شاهي رستي تي رب جو گهر مسيت اڏائڻ جو فيصلو ڪيو هو.
    پورا 5 سال گذري ويا، ‘مسجد زير تعمير آهي، چندو کپي.’ جو بورڊ به پراڻو ٿي ويو پر ان جي وچ ۾ علي محمد جو ڪچو گهر پڪو ٿي ويو.


    ڪاري چادر

    ستين محرم جو صبح هو، سج ڪافي چڙهي آيو. رات دير تائين وزم پيئڻ جي ڪري ڪريم داد مولائي ۽ سنگت کي ننڊ مان اٿڻ ۾ دير ٿي وئي هئي. ڪريم داد ڇرڪ ڀري اٿيو، “يا علي حيدر حيدر، دم مست قلندر” جا نعرا هڻي، باقي سنگت کي به ننڊ مان جاڳايائين. پاڻ غازي جي علم کي ڪلهو ڏئي ڪاري چادر جو هڪ پاند هٿ ۾ کڻي اڳيان ٿيو. هن جي زبان تي “مولا حسين جو نياز…بابا” ورجاءُ جاري ٿيو.
    چادر جون باقي ٽي ڪنڊون سنگت جي هٿ ۾ هيون، جيڪي به ساٿ ڏئي رهيا هئا ۽ سندن رخ شهر ڏانهن هو.


    انتظار

    ملو غلام رسول گهر جي اڱڻ تي کٽ تي ويهي الائي ڪهڙين سوچن ۾ گم هو. اوچتو زال جي دانهن تي ڌيان اوڏانهن ڇڪجي ويس. “گلو، ڇا پيو سوچين؟” “ ڪجهه نه ڪجهه نه…” ملي غلام رسول عرف گلوءَ پريشانيءَ مان جواب ڏنو. “پوءِ به ٻڌاءِ…؟” جوڻس ڳالهه ورجائي. “ڏسين ٿي ڇهون مهينو ٿيڻ تي آهي، نڪي ڪپڙا نڪي بوٽ مليا آهن، عزرائيل الائي ڪهڙي ملڪ هليو ويو آهي…” گلوءَ ڳنڀير لهجي ۾ جواب ڏنو.


    رشتو

    ڏينهن سومر؛ پير خانڻ سائين، ڪريما کي هٿ ۾ جهلي، اهو چئي ڪمري جو دروازو ٻيڪڙيو ته ڏس تون پنهنجي ڌيءُ کتيجا لاءِ پريشان نه ٿي، سمجهه اها منهنجي به ڌيءُ آهي.
    ڏينهن جمع؛ کتيجا، پير خانڻ سائين جي ڀاڪر ۾ هئي. هن ڇوڪريءَ جي ڪن ۾ سرٻاٽ ڪيا. “ منهنجي سهڻي! تون ڀلا پنهنجي ماءُ ڪريما لاءِ ايڏو پريشان ڇو آهين، هوءَ منهنجي به ته ڄڻ ماءُ ئي آهي.”


    مان ڪافر

    “مولا علي يهوديءَ جي باغ ۾ مزدوري ڪندو هو…ڳوڻيون کڻڻ سبب پٺيءَ تي نشان هئا…
    سوال ٿيو: “مولا! سادگيءَ جو سبب؟”
    جواب مليو: “امير ڏسي سبق حاصل ڪن، غريب ڏسي شرمنده نه ٿين.”
    فرمايائون “اي منهنجا الله! اسان تنهنجي ان ورهاست تي راضي آهيون جو اسان کي علم ۽ دشمنن کي دولت ڏنئي.”
    خليفته المسليمن فرمايو “حاڪم کي اهڙي جڳهه ۾ رهڻ گهرجي، جيڪا هن جي رعايا جي گهٽ مان گهٽ ڪمائي واري فرد جي هجي!”
    مولوي صاحب تقرير ڪندو رهيو، مان ڪائنات جي عظيم هستي جي سحر ۾ گرفتار ٿي خطاب ٻڌندو رهيس…مجمع مان نعرو بلند ٿيو
    “علي ڪي طرز ِ زندگي، منافقت ڪي موت هئي.”
    اوچتو، اميرالمومنين جو روضو ذهن ۾ آيو، اربين ڊالرز جي لاڳت سان تعمير ٿيل جڳهه…پاڻ حيات هئا ته هڪ ننڍي ڪچي گهر ۾ رهندا هئا، وصال بعد هيءُ ڇا ٿيو…!؟؟
    ياعلي ياعلي ياعلي……منهنجو ذهن ۾ اهڙا سوال ڇو ٿا اچن…
    ڪٿي مان ڪافر ته نه ٿي ويو آهيان!؟


    ڪپڙا پيا پليت ٿين

    بس بيهاري چڙهڻ کانپوءِ هن مسافرن کي ڪنڌ هيٺ ڪرڻ جو حڪم ڏنو. نائين ايم ايم پسٽل سان ڪجهه ماڻهن کي ئي مٿي ۾ گوليون هڻي رڪجي ويو!! چهري تي اضطراب جي ڪيفيت ڇائنجي ويس!
    “مجاهد، ڇا ٿيو، ڇو رڪجي وئين…!؟” پويان همراهه هڪل ڪري پڇيس. ڪجهه نه بس ڪافرن جي رت سان ڪپڙا پيا پليت ٿين!” هن ٻيهر فائر ڪندي قدري سڪون سان جواب ڏنو.


    نعرا يزيد جي خلاف لڳڻا هئا

    مومنن جو قافلو ‘ياحسين’ جون صدائون هڻندو، وڏيري چنگيز خان جي اوطاق تي پهتو، جتي لنگر ونياز جو بندوبست ٿيل هو. مومن، تر جي مشهور ظالم وڏيري جو نياز کائڻ کانپوءِ يزيد تي لعنتون وجهندا سليمان وياجي جي پڙ تي پهتا جتي به نياز تيار هو، اتي به يزيد جي خلاف ئي نعرا لڳڻا هئا.


    پهريون نعرو

    هيءَ تڏهن جي ڳالهه آهي جڏهن ڳوٺ ۾ بجلي تمام گهٽ ويندي هئي. ڪجهه اٻوجهه ماڻهن ڪرنٽ جي ڊپ کان گهر ۾ بجلي نه لڳرائي هئي، عاشق لاهوتي به انهن مان هڪ هو.
    اونهاري ۾ جڏهن رات جو بجلي ڪلاڪ کن وڃي ايندي هئي ته سڄي ڳوٺ ۾ هوڪريا ۽ نعرا لڳي ويندا هئا. مزيدار ڳالهه ته سڀ کان پهريون نعرو لاهوتي جي گهر مان ئي بلند ٿيندو هو ”حيدر حيدر…“


    ڪافرن جا ٻار

    “چيو مانءِ ته انهن ڪافرن جي ڪافر ٻارن سان نه کيڏندو ڪر…”
    پيءُ پٽ سان ڪاوڙ ۾ ڳالهايو
    “پر بابا، ڏاڏي امان ته چيو هو ته ڪافرن جا قد وڏا ۽ انهن کي مٿي تي سڱ هوندا آهن…!”
    “بڪواس بند ڪر ماءُ جا……بس وري تون مونکي انهن سان نظر نه اچجانءِ…”


    اسان جي مسيت

    “بغل ڪوُڙَ جا پٽ توکي جهليو آهي نه ته اسان جي مسيت ۾ نه ايندو ڪر…”
    مُلي ڪريم بخش، ڪاوڙ ۾ چپ ڀڪوڙيندي ساجن حجم کي دٻائيندي ڳالهايو.
    “پر منهنجو ڏوهه…!؟ ساجن ڏڪندي وراڻايو.
    “محرم ۾ پٽڪو…نيازن پويان لڏو…رمضان ۾ وري اسان تي چٽي…بس چيو مان ئي ته نه ايندو ڪري…جي وري مسيت ۾ نظر آئين ته مٿي ۾ ڌوڙ وجهندو سانءِ…!”


    نيڪ صلاح

    “بس منهنجو ڪارو منهن جو ننڊ اچي وئي، مسيت جو خيال نه ڪري سگهيس...الائي ڪيڏي مهل آيا، رات رهي فجر جي نماز پڙهي روانا ٿيا!”
    وڏيري جي اوطاق ۾ ڳوٺ جي چوڪيدار رمضان ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته رات تبليغي ملا مسيت ۾ رهي ويا آهن.
    وڏيرا! اهڙي ڳالهه آهي ته مسجد ڌوئڻ سان ڪم نه هلندو، هڪ ته رمونءَ مٿان ڏنڊ رکو، ٻيو مسجد جون سرون پٽرائي، نئون فرش هڻايو…”
    پيش امام خدابخش، وڏيري کي فيصلائتي صلاح ڏني.


    اليڪشن ڪهاڻيون هو به سادو اسان به سادا!

    بدبودار گهٽين، ٽٽل کنڊر بڻيل روڊن، ويران اسپتالن ۽ برباد اسڪولن ڀرسان گذرندي وڏي گاڏيءَ ۾ ويٺل ڀوتار گذريل اليڪشن مهم جيان هر ايندڙ ويندڙ کان ووٽ گهرندي……ساڳيون ڳالهيون…ساڳيا واعدا… ساڳيا نعرا… ساڳيا اعلان…ڪندو رهيو.
    ……۽ پوءِ اسان به ساڳي طرح اعتبار ڪندا رهياسين!
    تو بھی سادا ہے، کبھی چال بدلتا ہی نہیں
    ہم بھی سادا ہیں اسی چال میں آجاتے ہیں.


    ڌانڌلي!

    پير بخش به ڀاءُ خدابخش جيان وڏيري جو خاص ماڻهو هو پر هن ڀيري هن دل ۾ وڏيري سامهون بيٺل ڳوٺ جي نوجوان ضمير کي ووٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو.
    اها ڳالهه تاڪيد سان خدا بخش کي ٻڌايائين ته هو ضمير کي ووٽ ڏيندو پر ڪنهن کي خبر نه پوي.
    اليڪشن ڏهاڙي پير بخش اندر جي ضمير کي مطمئن ڪرڻ لاءِ نوجوان اميدوار ضمير کي ووٽ ڏيڻ پولنگ ڏانهن روانو ٿيو…
    پولنگ آفيسر ووٽر لسٽ ۾ جوهه وجهندي ڦڪي مرڪ سان پير بخش کي ٻڌايو ته “توهان جو ووٽ ته ٿي ويو آهي!”
    پير بخش جنگ هارايل سپاهي جيان پولنگ جي ميدان ۾ مان ٻاهر نڪتو…بس هن کي پولنگ آفيسر جي ڦڪي مرڪ ۽ سامهون بيٺل ڀاءُ خدابخش جي اکين ۾ فتح جي چمڪ سمجهه ۾ نه آئي……!!


    حق حق_ جبل شاه نر

    ڇاڪاڻ ته سڄو الزام هن مٿان ئي هو ته، ڦنڊي آ، ٻانجهه آ، سنڍ آ، مطلب ٻار پيدا ڪرڻ جي صلاحيت ناهيس، جنهن ڪري ڪجهه ٻيا لقب مڪار، ميسوڻي، نڀاڳي به مليس…
    …ته پوءِ بندوبست به ته هن کي ئي ڪرڻو هو.
    جبل شاه مست جي درگاه تي ٽي راتيون گذارڻ جو خيال به سندس کي آيو.
    ماشآالله! هاڻي هوءَ ٽي مهينا پورا ڪري چوٿين ۾ داخل ٿئي پئي.
    باقي رهيو ڌيءُ يا پٽ جو معاملو ته سائين جبل شاه مست ويٺو آهي نه…!
    حق حق__جبل شاه نر__ڏي ڦنڊين کي ڦر


    کير آ پير

    سياري جي شروعات ۾ جبل تان ميدان ۾ لهندڙ خانه بدوش قبيلي، ڳوٺ وارن کي اهو چئي موٽائي ڇڏيو ته “کير آ پير، اسان ناهيون کپائيندا…!”
    جڏهن ته ساڳي ڳوٺ ٻاهران ان آسري تي وڌيڪ ٽي ڏينهن رهڻ جو ارادو به ڪيائون ته اڌ عمر کاڌل بي اولاد وڏيرو مجن خان سندن نئين سامايل ننگري شانل کي شاديءَ لاءِ ضرور خريد ڪندو!


    سوئرن جو سماج

    ٽيليوزن تي موڊگرل کي تعليمي اداري ۾ ڏسي يار محمد جو پارو چڙهي ويو.
    “ٿڪ لعنت هجي اهڙن ماڻهن تي، هي انسانن نه پر سوئرن جو سماج آهي، ان کان ته ڀلو آهي چڪلا کولي هلائن…!” يار محمد جي گارين ۽ ڪاوڙ کي فل اسٽاپ نه هو.
    ڪجهه دير ۾ ئي اسڪرين تي ماڊل جا ٻيا فائيل فوٽو به هلڻ لڳا…
    يار محمد جي نظر ان تصوير تي فوڪس ٿي جنهن ۾ ڇوڪريءَ جي ڇاتيءَ جو مٿيون حصو نظر پئي آيو.
    هن پنهنجي جسم ۽ روح ۾ تبديلي محسوس ڪئي…گهڙيءَ لاءِ چپ ٿي ويو! ڪاوڙ به ختم ٿي وئي هئي!!
    کن پل ئي سهي، گهوري هن ڏانهن ڏسندو رهيو! ڇو جو سوئرن جو سماج…۽ لاتعداد چڪلا هن جي اندر کلي چڪا هئا!


    حسنِ ازل

    هو پاڻ ۾ دوست هئا، سنڌ جي ورثي، قديم ماڳ رني ڪوٽ جو سير ڪرڻ آيا هئا. قلعي تي پهچڻ کانپوءِ هنن جون اکيون هن عظيم اڏاوت جي سحر ۾ گرفتار ٿي ويون.
    هڪ چيو ته هي قلعو سنڌ ۾ عربن جي گورنر عمران بن موسى برمڪي اڏايو هو. ٻئي دوست ڳالهه سان اختلاف ڪندي اڏاوت کي فارس جي ساساني دور جو ڄاڻايو. ان وچ ۾ يونان جي ڳالهه نڪتي ته مير ڪرم علي ٽالپر جو ذڪر به ٿيو……
    ڪوٽ جي هر پٿر جي ساک ڀريندي نه پئي ڍاپيا. هو هاڻي مڪمل طور انساني هٿ جي ڪمال ڪاريگريءَ جي جادو ۾ دم به خود هئا…
    انهيءَ دوران هڪ جي نظر سامهون بيٺل انگريز عورت تي پئي جنهن ٻئي کي اوڏانهن اشارو ڪيو. اهڙي طرح چارئي جوهه ٻڌي انگريزياڻي ڏي ڏسندا رهيا.
    هاڻي هنن جو خيال ڪوٽ ڏانهن نه پر ان خوبصورت عورت ڏانهن هو جيڪا عجب بيپرواهي سان ڪوٽ جي ڀتين تي هرڻي جيان ڇالَ ڏئي رهي هئي.
    آيا ته تاريخي ماڳ جو سير ڪرڻ هئا پر حسنِ ازل ۾ اهڙو ته جڪڙجي ويا جو اتهاس جا ڪيترائي دور هنن اڳيان گذري ويا ۽ هو اتي جو اتي بيٺا رهيا.


    زنده آهيان يا مرده

    جڏهن کان پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ هلندڙ ايمبولنسون پڪڙيون آهن، هر وين ۾ ويهڻ کانپوءِ خيال اچي ٿو ڪٿي هيءَ ايمبولنس ته ناهي!؟
    ان وچ ۾ پاڻ کي هٿ لائي اها به پڪ ڪري وٺان ٿو ته مان زنده آهيان يا مرده……!!!


    پالش

    وڏي شهر ۾ وڌي ڌماڪي کانپوءِ ماءُ ڳڻتين ۾ ڳوهجي رهي هئي. هن کي پنهنجي اکين جي ٺار جو انتظار هو. ننڍڙو طاهر، جيڪو صبح جو ٿالهه ۾ چڻا کڻي کپائڻ نڪتو هو.
    ڪجهه ساعتن ۾ طاهر در کولي، پير گهليندو گهر ۾ داخل ٿيو.
    “امان، هي ڏس مونکي بوٽ لڌو آهي!” طاهرَ خوشي ۾ ماءُ کي ٻڌايو.
    ماءُ هن جي پيرن ۾ پاتل وڏي ناسي بوٽ ڏي نهايو، جنهن جي مٿان رت ائين لڳل هو، ڄڻ ڪنهن ان کي پالش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هجي پر نه ڪري سگهيو هجي.


    PG

    خودڪش ڌماڪي کانپوءِ هن جي نظر ٽي وي اسڪرين تي ڄمي وئي. PG لکيل اسڪرين تي هن هڪ شخص جي منڍي ڇت واري پکي ۾ لڙڪيل ڏٺي
    کيسي مان سگريٽ ڪڍي، ماچيس جي تيلي دکائي، اڃا سگريٽ جي منهن تي آڻڻ وارو هو ته محسوس ٿيس جيئن تيلي جي باهه سگريٽ سان لڳندي، هو ڦاٽي پوندو، هن سسي به ڇت ۾ ٽنگجي ويندي.
    هن هڪ جهٽڪي سان تيلي کي اجهايو، خالي سگريٽ وات ۾ وجهي ٻيهر ٽي وي ڏسڻ لڳو.


    هڪ درد ٻه ڪهاڻيون

    01_

    “صاحب، ڪجهه ٿڃ منهنجي بکايل ٻچي لاءِ بچائجان…!”
    هوءَ جيڪا پهرين ماءُ پوءِ عورت پر زماني جي نظر ۾ رنڊي هئي، تنهن التجا واري انداز ۾ هن کي چيو
    هو جيڪو پهرين بگهڙ هو، پوءِ مرد پر زماني جي نظر ۾ رئيس…
    ……پر بگهڙ، ماءُ جي هڪ التجا به نه ٻڌي…
    نه ڪي مرد عورت جي ڳالهه تي ڌيان ڌريو…
    بس رئيس، رنڊي جي جسم کي ڇيڇاڙيندو رهيو…
    ٻئي پاسي ماءُ جو ابهم ٻار…بک کان ڪيهاٽ ڪري روئندو رهيو!

    02_

    “صاحب، او صاحب! ٿوري ٿڃ منهنجي بکايل ٻچڙي لاءِ بچائجان…!”
    هوءَ رنڊي جيڪا ماءُ به هئي تنهن ٻئي ٻانهون ڪلهن تي رکي ڇاتي لڪائيندي، صاحب کي دردمندانه التجا ڪئي…
    صاحب، هڪ نظر ڪمري جو فرش تي ستل ابهم ڏانهن ڏسي، هٿن سان عورت جون ٻانهون هيٺ ڪيون ۽ ڪرت ۾ لڳي ويو…
    پڪ سان هو ان ٻارڙي کان وڌيڪ بکيو هو…!!


    جائو ڪُڪُڙُ

    هو ڀوتار جو جائو ڪڪڙ هو. نالي جي خبر تڏهن پئي هئس جڏهن ڪمدار هن جي پٺيءَ تي هٿ لائيندي “واه پٽ جاوا” چيو هو.
    جائي ڪيتريون ميلون وڙهيون ۽ کٽيون هيون الائي ڇو لڳس ته اڄوڪي ميل حياتي جي آخري آهي؟ جيڪو سوچي کن پل لاءِ اکيون ٻوٽجي ويس!
    هڪ نظر چوطرف دائري ۾ بيٺل ماڻهن ڏانهن ڪئي. دُرهڙي سان ڪنڌ کي ڌوڻيائين، ڇو جوهڪ گهڙيءَ لاءِ تماشائي هن کي ڪڪڙ نظر آيا! هن مقابلي ۾ لٿل کي به سڃاڻي ورتو، جيڪو ڦُليو هو.
    پڙَ ۾ هڪ ساعت هن ڦلئي ڏانهن تڪيو. ڦلئي اڳرائي ڪندي هن ڏانهن جُهل ڪئي. هن به پر کنڊيڙي حملي لاءِ تياري ورتي. اهو سڀ ڪجهه ايترو ته جلد ٿيو جو هن کي ان ڳالهه جو احساس به نه ٿيو ته ڦلئي جي کڙهه هن جي پيٽ ۾ سوراخ ڪري وئي آهي.
    پاڻ سنڀاليائين ساڄي ڄنگهه مٿي کڻي پر کولي پنهنجي ڀرپور طاقت سان مخالف جي مٿي ۾ وهائي ڪڍي. ڌڪ ايترو ته زوردار هو ڦلئي جي مٿي مان رت توتوريون ڪري وهڻ لڳو. ان وچ ۾ هڪ سيخ سندس اک ۾ به لڳي وئي. هو ڪاڻو ۽ بي ساهو ٿي پيو هو. پر هن فيصلو ڪري ورتو ته رت جي آخري ڦڙي تائين وڙهندو. اڄ رئيس جو سڄو قرض لاهي ڇڏيندو جيڪو بادامن، پستن جي صورت کائيندو رهيو هو. هڪ ڳالهه جيڪا هن کي پريشان ڪري رهي هئي ته ميل ۾ بيٺل ماڻهو هن کي ڪنهن وقت ڪڪڙ ڇو نظر پئي آيا!؟
    ڪڪڙ…جاوا، ڦليا، پيلا، هيرا
    انهيءَ ويچار ۾ ئي هو ته ڦلئي جي سڄي، ڪنڌ مان آرپار ٿي ويس، هو ڦيري کائي ڌرتيءَ تي ڪري پيو. هن کي اڃا هوش هو. پڙ ۾ هڪ پاسي خاموشي ته ٻي ٻانهين ۾ هوڪريا هئا.
    “ٿڪ ٿئي…”هوڪرن ۾ هن ڀوتار جو آواز ٻڌي ورتو. اهڙو جملو هو جو مٿي ۾ لڳل خوني کڙهه جو درد گهٽ ٿي ويس، پر اهي لفظ سيني کي چيريندي ڪٿي غائب ٿي ويا.
    بچيل هڪ اک سان ٻيهر ان ٻانهين ڏانهن ڏٺو جتي وڏيرو ۽ سندس ڇاڙتا بيٺا هئا. رئيس کانسواءِ باقي سڀ هن کي ڪڪڙ لڳا.…… رئيس جا پاليل ڪڪڙ……ان کان اڳ جو فيصلي تي پهچي ته هن دنيا ۾ اميرن کانسواءِ سڀ انسان هن جيان ڪڪڙ ئي هوندا آهن، جيڪي ڪڏهن ويڙهائڻ ته ڪڏهن کائڻ جي ڪم اچن ٿا، ڪنڌ ڍارجي ويس.


    بليڪ اينڊ وائٽ ون

    سول اسپتال ڪراچيءَ جي آڳر تي اڇي ڪانچ قميص سان ڏاڙهي وارو نوجوان ويجهو آيو. نرم گفتار ۾ چيائين ته “سر منهنجي ننڍڙي ڌيءُ ڪوما ۾ آهي، پريشان آَهيان. گهر ڪال ڪرڻ چاهيان ٿو، مهرباني ڪري فون ڏيو.”
    بنا هٻڪ فون سندس کي ڏنم پرڀرو ٿي ڪجهه منٽ ڳالهائڻ کانپوءِ دعائون ڏيندي روانو ٿي ويو.
    ٻئي ڏينهن تي وري ڳولي لڌائين “سر عرض آهي، گهران پئسا کڻي اچڻا آهن…ڀاڙو ناهي…بس هڪ سو روپيا ڏيڻ جي عنايت ڪندا…مان موٽي توهان کي واپس ڪندس.” مان ٻيهر بنا هٻڪ نوجوان کي پئسا ڏنا. ان ڏينهن هو نه موٽيو…
    ڇهن مهينن کانپوءِ اسپتال وڃڻ ٿيو. “سر منهنجي ننڍڙي ڌيءُ ڪوما ۾ آهي…” جي آواز تي پوئتي نهاريم ته ساڳيو نوجوان ڪنهن ٻئي سان مخاطب هو.


    بليڪ اينڊ وائيٽ ٽو

    سو سيڪڙو پڪ هئي ته همراه ٺڳ آهي. ڪيئن ممڪن آهي ته موري کان دادو جو 30 روپيا ڀاڙو هن وٽ نه هجي!؟
    پوءِ به هن جي چهري کي ڏسي رحم اچي ويو. سو جو نوٽ ڪڍي ڏنو مانس؛ نه وٺڻ چاهيائين، چوڻ لڳو هن کي فقط 30 روپين جي ضرورت آهي. ٻڌايو مانس ته کُليا ناهن، جنهن کانپوءِ پئسا ورتائين پر ڪجهه دير ۾ ئي موٽيو.
    ستر روپيا مونڏانهن واڌائيندي چيائين، “سائين مونکي 30 روپين جي ئي ضرورت آهي.” مان پئسا ورتا مانس، ان وچ ۾ منهنجو نالو ۽ موبائيل نمبر پڇي ورتائين.
    ڪجهه ڏينهن کانپوءِ فون آئي، “هلو… السلام عليڪم، سائين مان غلام شبير پيو ڳالهايان…سائين مان موري ۾ آهيان، توهان جي امانت 30 روپيا مون وٽ آهن. ائڊريس ٻڌايو ته پهچائي وڃان.”


    ڇوري جو عشق

    ڳوٺ ۾ ڪوڙل جي عشق جي پچار شدت اختيار ڪري وئي. جتي ماستر وريام جو ڳڀرو پٽ اتي هي عاشق جيوڙو پهچي ٿي ويو. هن محبوب جي ديدار جو ڪو موقعو وڃائڻ نه ٿي چاهيو.
    آخر ماستر جي زال دانهن کڻي ڪوڙي جي ماءُ وٽ پهتي. تدارڪ جو دلاسو مليس. شام ڌاري جيئن ئي ڪوڙو گهر پهتو ته ماڻس هڪل ڪري چيس
    ”ڇورا ٿڪ ئي کوڙ ٿئي، پيءُ جي قبر لڄائي اٿئي، ڇوري سان عشق ڪندي شرم نه ٿو اچئي؟“
    ڪوڙو، گهڙي لاءِ ته وائڙو ٿي ويو ته هن جي محبت جي خبر ماءُ کي ڪيئن پئي!! خير پاڻ سنڀالي ورتائين اطمينان سان جواب ڏنائين ته
    “امان! مان مجبور آهيان، تو ڪڏهن ڇوري سان عشق ڪيو هجي ته احساس به ٿئي!!!”


    سڀ مولوي پٽ ٿي ويا آهيو

    ڳوٺ ۾ بهادر کي بخار لٿي ٻيون ڏينهن هو. طبيعت ۾ چڙ هئس. ويتر ڪُڪَڙ ڪاوڙائي وڌس. ڀرسان بيهي هر هر ٻانگون ڏيڻ تي بهادر تپي باهه ٿي ويو.
    ڪڪڙ کي گهڻو ئي ڪڙڪڙ ڪيائين پر ڪڪڙ هن کان پري وڃي وري واپس اچي ٻانگ ٿي ڏني. آخر حوصلو جواب ڏئي ويس. ڀرسان پيل سِر جو اڌ کڻي اهو چئي ڪڪڙ کي پٺيءَ تي وهائي ڪڍيائين ته ”سڀ مولوي پٽ ٿي ويا آهيو!!“


    چرين کي ناهي ماربو

    ڳوٺ ۾ انور جي چريائپ به عجيب هئي. ڳوٺاڻن کان پئسا گهرڻ، جيڪو نه ڏئي انهيءَ کي گاريون ڏيڻ.
    هڪ ڏينهن دادلي ڀاڄيءَ واري کان گاريون برداشت نه ٿيون. انوءَ جيئن گاريون شروع ڪيون ته دادلي سونٽي کنئي. هڪ ٻه ڌڪ پنيءَ ۾ لڳڻ ڪري انو چريو ڀڄي پري بيهي رهيو. اتان بيهي دادلي کي ڀونڊا ڏئي چوڻ لڳو:
    “چرين کي ايڏو ماربو آهي……!؟”


    ٽيليوزن ڪهاڻيون

    01_

    ٽيليوزن تي سيرت النبي جي پروگرام ۾ ميزبان پرڪشش شخصيت جو مالڪ هو. هن جي گفتگو به ٻڌڻ وٽان هئي. وقفي ۾ زربرق ڪڙتا به مٽائي رهيو هو.
    موصوف ڪافي وقت پاڻ ڪريمن جي سادگيءَ تي ڳالهايو. هن ٻڌايو “رسول الله پنهنجي سادن ڪپڙن جي ڦاٽڻ صورت رفو ڪندا هئا.” سامعين سبحان الله سان گڏ يارسول الله جو نعرو بلند ڪيو.
    حاضرين جو داد ڏسي، ميزبان جي ڪڙتي ۾ لڳل سونهري بٽڻن سان گڏ سندس اکيون به چمڪڻ لڳيون!

    02_

    پورهيت خميسي، ٻارن جي فرمائش تي پٺاڻ کان قسطن تي ٽيليوزن ته وٺي ڇڏي پر مبارڪ مهيني ۾ شام جو افطاري پروگرامن ۾ قسمين قسمين کاڌا…۽ پوءِ معصوم ٻارن جا سوال “بابا، هي ڇا آهي؟ هي ڪهڙو ميوو آهي؟ بابا، هيءَ شيءِ ڪٿان ملندي…؟ هن کي سوچڻ تي مجبور ڪيو ته ڇونه ٽي وي واپس ڪجي…!


    برف جي گولي

    هاشم کان اڄ ضبط نه ٿيو، تڪڙ ۾ کٽ تان لـﮬـي قميص پاتائين الماڙي مان پستول ڪڍي ور ۾ وجهي اهو چئي دروازي ڏانـﮬـن وڌيو ته ’اڄ انـﮬـي ڳنڍي واري سوئر جي ڦر کي جيئرو نه ڇڏيندس. هن کي گول ڳنڍي واري تي ڪافي ڏينـﮬـن کان ڏاڍي ڪاوڙ هئي.
    هاشم، ڀرواري ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ ماستر هو. ڊيوٽي ڪري منجهند ڌاري گهر پـﮬـچي، ماني کائي سمهڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته ڳنڍي وارو گهٽي ۾ گهنٽي وڄائڻ شروع ڪندو هو. ڪچي ننڊ مان جاڳڻ کانپوءِ هو ٻيهر سمهي نه سگهندو هو، نتيجي طور سندس طبيعت ۾ چڙ ۽ اجائي ڪاوڙ پيدا ٿي ويندي هئي. ڪافي ڀيرا هن سوچيوهو ته ڳنڍي واري کي گاريون ڏيندو، جيڪڏهن هُن ٿوري به مزاحمت ڪئي ته اتي ئي پستول جا فائر ڪري خون ۾ ڳاڙهو ڪندس! هاشم، پنـﮬـنجي تصور ۾ ڳنڍي واري جو رت برف تي پوندي به ڏٺو هو، شربت جي بدران برف تي رت، ڳنڍي واري جو ڳاڙهو ۽ گرم رت……جيليِءَ جـﮬـڙو……
    هو اڃا اها ڳالهه سوچيندو ئي هو ته هن جي اندر جو آدمي جاڳي پوندو هو، “هاشم! شرم ڪر استاد آهين ٻارن کي صبر ۽ شڪر جو درس ڏين ٿو، توکي انهي غريب پورهيت جو ٿورو به احساس نه آهي، جيڪو ٽاڪ منجهند جو پنـﮬـنجي ٻچن جي روزيءَ لاءِ در در تي وڃي گهنٽي وڄائي ٿو، آواز ٻڌي ٻار گڏ ٿي هن کان ڳنڍو خريد ڪن ٿا، انـﮬـن ڏوڪڙن مان ئي ته هن جي گهر جي چلهه ٻرندي هوندي. ڪيئن نه هن جا ٻچا شام جو پنـﮬـنجي بابا جي راهه تڪيندا هوندا!! توکي هن لاءِ ڪوبه احساس نه آهي؟”
    اهو سوچي هو پنـﮬـنجي ٻارن تي هڪ نظر وجهي ڪمري جي ڇت ڏانـﮬـن تڪڻ لڳندو هو. هن جي سيني ۾ ڳنڍي واري لاءِ همدرديءَ جا جذبا غالب پئجي ويندا هئا، پر اها ننڊ هئي جيڪا هن جي اکين کان ڪوهين ڏور هلي ويندي هئي. ڪجهه دير ۾ ئي هن جي سوچ پلٽو کائيندي هئي، ’پر انهيءَ ۾ منـﮬـنجو ڪهڙو ڏوهه آهي؟‘ هاشم اهي سڀ ڳالهيون سوچي پاڻ کان سوال ڪندو هو. ڳنڍي واري جي معاملي تي هن پاڻ سان جنگ جوٽي ڇڏي هئي………۽ اڄ انهي جنگ ۾ هاشم جو شيطان، هاشم جي رحمان مٿان حاوي ٿي ويو. هن پستول ور ۾ وجهي دووازي ڏانـﮬـن اهو چئي ڊوڙ پاتي ’اڄ نه ڇڏيندس انهي سوئر جي پٽ، حرامي ڪتي کي‘ در کان ٻاهر نڪرندي هن جي نظر ڳنڍي واري تي پئي، قدبت ۾ هلڪو، ميرا ڪپڙا پاتل، سانورو رنگ، پيرن ۾ ڇڳل جُتي پاتل پنـﮬـنجي ڌن ۾ رندي کي برف تي رهڙي رهيو هو. ٻار جيڪي هن جا گراهڪ هئا، سندس چوڦير ميڙ ڪيون بيٺا هئا. “توکي شرم نه ٿو اچي، تو اسان جي ننڊ حرام ڪري ڇڏي آهي، بيغيرت جا پٽ…” هاشم لفظ ‘بيغيرت’ تي زور ڏئي اهو سوچي چپ ڪئي ته جئين ئي ڳنڍي وارو ڪا اڳري ورندي ڏيندو تيئن ئي هو ور مان پستول ڪڍي فائر ڪندو.
    هاشم کي ڪاوڙ ۾ گار ڏيندي ڏسي، ڳنڍي واري جي چهري تي خوف جو تاثر ظاهر نه ٿيو. هن اطمينان سان برف تان رندو هٽائي هاشم ڏي منـﮬـن ڪري ٻئي هٿ ٻڌي چيو “سائين! ڪاوڙ نه ڪيو، مان وري هن گهٽيءَ ۾ نه ايندس!” ڳنڍي واري جو جواب ٻڌي هاشم اڳتي وڌڻ بند ڪري ڇڏيو هن کي محسوس ٿيو ته ڳنڍي واري جي ٻڌل ٻانـﮬـن ۾ برف جو پستول هو. جنـﮬـن مان نڪتل برف جي گولي هن جي سيني جي آرپار ٿي وئي آهي. برف هن جي جسم مان رت ٿي نڪري پئي. هو ڪجهه وقت برف لڳو بيٺو رهيو. ٿوري دير ۾ هن پنـﮬـنجو منـﮬـن پنـﮬـنجي دروازي ڏانـﮬـن ڪيو. برف جهڙن پيرن سان پاڻ کي گهلي در تائين آندائين جتي سندس زال ۽ ٻارن جا ڪيترائي برف جهڙا سوال ڪنن ۾ گونجي رهيا هئا “ڇا ٿيو، ڇا ٿيو خير ته آهي……؟؟”


    ڌنڌلو آسمان

    لطيف سائين جي روضي ۾ داخل ٿي زيارت کانپوءِ مان هن کي روڪي ورتو، “ٻڌ روشني…!” (هن جو نالو روشن آراء آهي پر مان هن کي روشني سڏيندو آهيان) “هنهههو” هن ڪنڌ جي اشاري سان وراڻيو، “موڊ ڪيئن اٿئي؟” پڇيو مانس “اداس آهيان…!!” “ڪامريڊ ۽ ڀٽائي وارو لطيفو ياد اٿئي” “نه ياد ناهي…تون ٻڌاءِ” منهنجي ڳالهه کان پوءِ جواب ڏنائين. “هو ڪامريڊ جيڪو ڀٽ ڌڻي جي روضي اڳيان زور زور سان بيت پڙهي رهيو هو ‘جاڳ ڀٽائي گهوٽ، توکي سنڌڙي تي سڏڙا ڪري’ ۽ پوءِ روضي مان هڪ ڀونڊو نمودار ٿيو ۽ ڪامريڊ کي هڪل ڪري چيائين ته جي سڀ ڪجهه مونکي ئي ڪرڻو آهي ته تون مانيون ڀڃڻ تي آهين ڇا؟” منهنجي ڳالهه ٻڌي ٽهڪن ۾ پئجي وئي، هن جا ٽهڪ اڇا ڪبوتر ٿي ڀٽائي سرڪار جي اڱڻ ۾ اڏامڻ لڳا. هن ڪک تي هٿ رکي چيو “علي، مونکي پيٽ ۾ سور پئجي ويو آهي، توکي چيو اٿم ته اهڙا لطيفا نه ٻڌائيندو ڪر…” هن منهنجو هٿ جو سهارو وٺي، اڱڻ جي هڪ ڪنڊ ۾ ويهندي چيو.
    اسان ٻئي پلٿي هڻي ويهي رهياسين. هوءَ اڃا کلي رهي هئي.
    “ورونڪا رٿ چيو اسان وٽ زندگيءَ ۾ ڪڏهن کلڻ ۽ روئڻ کانسواءِ ڪوبه آپشن ناهي هوندو.” مون هڪ قول ٻڌايو. روشنيءَ جو کلڻ ڪجهه گهٽ ٿيو. “هڪ ٻيو قول آهي ته توهان جا ٽهڪ رڙيون ڪري روئڻ هوندو آهي.” اها ڳالهه ٻڌي هن مونڏانهن نهاريو، سندس اکيون ٽهڪن جي ڪري ڳوڙهن سان ڀريل هيون.
    “ڇڏ انهن قولن کي مونکي ڳوٺ جي ڪا ڳالهه ٻڌاءِ…؟؟” ها…بس هڪڙو قول، آسڪروائلڊ چيو هو ته مزاق واري انداز ۾ کلندي ماڻهن کي سچ ٻڌايو نه ته هو توهان کي قتل ڪري ڇڏيندا.” مان هڪ ٻيو قول به هن جي نه چاهيندي ٻڌائي ويس. “اڙي ڇڏ ڀلا انهن قولن کي، ڳوٺ جي ڪا مزاحيه ڳالهه ٻڌاءِ.” روشنيءَ بيزاري واري لهجي ۾ ڳالهايو. ڳوٺ جي ڳالهه هيءَ آهي ته چاچي وريام پنهنجي ڌيءُ ڪونج کي رئيس جي ڪمدار بچل کي لک 20 هزارن ۾ کپائي ڇڏيو، ڪالهه ڪونج جي شادي هئي…!” “اها مزاحيه ڳالهه آهي…!؟” هن جي منهن تان مرڪ غائب ٿي وئي، اکيون ڳاڙهيون ٿي ويس، ڪڻڪ جي سنگن جهڙا ڀرون پاڻ ۾ ملي ويا، نرڙ تي ڪاوڙ جا گهنج اڀري آيس. “توکي اها ڳالهه مزاق ٿي لڳي؟؟” ڪاوڙ ۾ مونکي چيائين. “ها ها…اها مزاق ئي آهي، 21هين صدي ۾ سنڌ ۾ ڇوڪرين جو ٻڪرين جيان وڪرو مزاق ئي ته آهي.” منهنجي تيز آواز ۾ ڳالهائڻ تي هوءَ هيسجي وئي، خاموش ٿي وئي. چپ اسان ٻنهي جي وچ ۾ چين جي ڀت بڻجي بيهي رهي. فقط ڳوڙها هئا جيڪي اسان ٻنهي جي اکين مان جاري هئا. مان مٿي ڪنڌ کڻي آسمان ڏي ڏٺو، اکين ۾ نيرن جي ڪري مونکي آڪاس ڌنڌلو نظر آيو، اتي هاڻي ڪي به اڇا ڪبوتر نه هئا!


    ميڊيا

    ٻار: بابا! هيءُ جو ٽي وي تي ماڻهو ۽ رسا ڏيکارين ٿا اهو ڇاهي؟
    پيءُ: پٽ، اهڙا سوال نه پڇبا آهن. بس سمجهه ته اها به هڪ راند آهي ۽ تون وڃي راند کيڏ شاباس…
    ٻار: ها بابا، پر کٽ مان واڏڻ ڪڍي ڏي مونکي به ساڳي راند کيڏڻي آهي.


    تعليم دوستي

    پروفيسر صاحب اسٽاف روم ۾ ٻين پرفيسرن سان دنيا جهان جي موضوعن تي گفتگو ڪندو رهيو. تعليم جي تباهي جي ڳالهه نڪتي ته وڌيڪ جذبات ۾ اچي ويو. فل اسٽاپ کانسواءِ ڳالهائڻ لڳو…………جڏهن ته………
    اسٽاف روم کان ٻاهر بيٺل ڪجهه شاگرد سائين جو انتظار ڪندا رهيا. اصل ۾ هو پروفيسر کي ٻڌائڻ آيا هئا ته سندس ڪلاس آهي.


    ڳالهه سمجهه جي آهي

    مرچو ڌي جي شادي ڪرائيندو ته کائيندو ڇا؟
    بازار مان لنگهندي مرچوءَ، ڪامريڊ ڪهاڙي جو گفتو ٻڌي ورتو. ڏاڍي ڪاوڙ آيس، دل ۾ خيال ڪيائين ته ڪامريڊ سان جهيڙو ڪري پر گهر تائين پهچندي هن کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي. اچڻ شرط فتوءَ وارن ڏي نياپو ڪيائين ته “رشتي لاءِ اچڻ جي ڪابه ضرورت ناهي…!!”


    سائبر ڪرائم

    نازيه سان دوستي کانپوءِ سهيل جو موبائيل تي سنگتياڻين جو انگ چار ٿي ويو، هن ‘لو’ نالي هڪ گروپ ٺاهي ورتو. چئني سان هڪ ئي وقت ساڳي قسم جا ميسج، ساڳيا سوال، ساڳيا جواب… جانو…جان جا قديم ۽ جديد لفظ.
    هوڏانهن نازيه به پنهنجي موبائيل ميسيج گروپ ۾ سهيل کي شامل ڪري ڇڏيو.


    ريپ ريپ ريپ

    اسپتال داخل، زخمي، ريپ ٿيل نينگريءَ کان صوبيدار جاچ شروع ڪئي سوال ڪجهه هن ريت هئا.
    “توسان اهو ڪم ڪڏهن ٿيو ۽ ڪيئن ٿيو…؟
    تون اوڏي مهل ڇا پئي ڪرين…؟
    ڪنهن ٻئي اهو منظر ڏٺو…؟
    ڪيڏي مهل بيهوش ٿيئن…؟”
    ان دوران نينگري جي ماءُ پوليسوارن توڻي اتي بيٺل مردن جي اکين ۾ وحشت ڏسي ورتي.
    ڪجهه ساعتون چپ رهڻ کانپوءِ هٿ ٻڌي نماڻي انداز ۾ ڳالهيائين،
    “سائين، منهنجي ڌيءُ سان ڪجهه به ناهي ٿيو…بس خدا جي واسطي اسان کي معاف ڪريو…”
    “پوڙهي خاموش… ڊرامو نه ڪر.” صوبيدار، نينگريءَ جي ماءُ کي دڙڪو ڏئي چپ ڪرايو ۽ ذهني ريپ، منهنجو مطلب سوالن جو سلسلو ٻيهر شروع ڪيو.


    اڻڄاتل لاش

    نئين سال جي پهرين صبح تي ڳالهه هُلي وئي ته شهر جي ٻاهران اڻڄاتل ماڻهو جو چچريل، گولين سان پروڻ ٿيل لاش مليو آهي. سَوَن جي انگ ۾ شهري گڏ ٿي ويا، لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي…!؟
    ڪجهه دير کانپوءِ هڪ پراسرار قسم جي ماڻهوءَ رڙ ڪئي ته اهو چچريل لاش، سال 2015 جو آهي. رات آسمان ڏانهن اڏري واپس پئي ويو ته نئين سال جي آمد ۾ ٿيل خوشيءَ جي فائرنگ ۾ مارجي ويو.
    اها ڳالهه ٻڌائڻ وارو پراسرار شخص ڪير هو؟ پنهنجي وچ تي هجڻ باوجود شهري ان کي به سڃاڻي نه سگهيا.


    نيٺ مولويءَ ڳالهايو

    پشاور سانحي کي ڪيترائي ڏينهن گذري ويا. مولوي صاحب نه جمع جي خطبي ۾ ان تي ڳالهايو نه ڪڏهن پنهنجي خانگي ڪچهري ۾ ان وحشناڪ واقعي تي مذمت جا ٻه لفظ چيا…!! جڏهن به معصوم ٻارن جي دردناڪ قتل جي ڳالهه نڪتي ته مولوي صاحب موضوع بدلائي ڇڏيو!
    اڄ صبح گهٽي ۾ مليو، همراه جي چهري تي تبسم هو. محسوس ٿيو ته خوش آهي. مونکي بيهاري چيائين،
    “ماستر ٻڌو آ ته جن همراهن پشاور ۾ ٻارن کي ماريو هو انهن جا طوهر ٿيل نه هئا!!”


    جبلت

    ٽي وي ڊرامي ۾ اداڪار شهمير خان، ڌيءُ جو ڪردار ادا ڪندڙ مسرت کي ڀاڪر ته پاتو پر پنهنجي اندر پيءُ محسوس نه ڪيائين!
    منظر ڪٽ ٿيڻ بعد لاشعوري طور وارن ۾ آڱريون گهمائيندي اکيون بند ۽ ڪنڌ هيٺ ٿي ويس! جسم مان عجيب بوءِ محسوس ڪيائين، جنهن لاءِ فرق نه ڪري سگهيو ته اها خوشبوءِ آهي يا بدبوءِ…


    هارمونس

    مشتاق کي الائي ڪهڙو خيال آيو جو فيس بوڪ تي سهڻي ڇوڪري جي تصوير هڻي فيڪ اڪائونٽ کولي هلائڻ لڳو!
    عجيب سرورن ۾ هو. اهڙو مزو جنهن کي ڪنهن شيءِ سان ڀيٽي نه سگهجي. ان دوران جسم ۾ تبديلي به محسوس ٿيس! هڪ ڀيرو هڪ همراهه سان چيٽنگ ۾ پيرن کي حرڪت ڏيڻ چاهيائين ته ڳرا لڳس! “پائون ڀاري” اردو جو اصطلاح ياد ايندي مسڪرائڻ لڳو.


    لائوڊ اسپيڪر

    بيمار ڪامريڊ لطيف جي گهر ويجهو عظيم عاليشان مذهبي اجتماع جاري هو. پهرئين، ٻئين ۽ ٽئين جوڙ جا مولوي ڳلو ڦاڙي رڙين جي انداز ۾ سامعين سميت سڄي شهر کي ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.
    ڪامريڊ کي انهن جون ڳالهيون سمجهه ۾ نه پئي آيون. هڪ ئي وقت ڪيترن ئي لائوڊ اسپيڪرن مان آواز اچڻ ڪري ائين پئي لڳو ته مولوي، ڪامريڊ سان گڏ کٽ تي ويهي هن جي ڪنن ۾ رڙيون ڪري رهيا هئا!
    ايڏي شور ۾ ڪامريڊ کي لائوڊ اسپيڪر جو ايجاد ڪندڙ گراهم بيل ياد اچي ويو، جنهن کي جنسي گاريون ڏيڻ لڳو ته هن اهڙي واهيات شيءِ ڇو ايجاد ڪئي!؟
    وڏي گوڙ ۽ رڙين ڪري لطيف کي ننڊ نه پئي آئي. ٻئي طرف جلسي ۾ وڏي مولوي جي تقرير شروع ٿي. اهو چئين وڳي رات جو وقت هو. ڪامريڊ کي ننڊ اچي وئي!
    ان رات جي صبح تي ڪامريڊ جي گهران روڄ راڙي جا آواز بلند ٿيا. “سبحان الله مرشد وڏي جي تقرير ۾ ڪيڏو اثر هو جو سڄي عمر ڪفر جون ڳالهيون ڪندڙ لطيف جي دل کي به ميڻ ڪري ڇڏيائين! عظيم عبادت جي رات هو خدا کي پرتو…سبحان تنهنجي قدرت…إنا لله وإنا إليه راجعون
    ” گهٽي جي موڙ تي هڪ دوڪاندار پنهنجي گراهڪ کي ٻڌائي رهيو هو.


    اوساري جهڙو درد

    جاويد مڱڻهار، ڪاڄ ۾ واڄو ڪندي خوشيءَ جي فائرنگ ۾ انڌي گوليءَ جو نشانو بڻجي ويو.
    گولي، ڪک ۾ لڳي پيٽ ۾ غائب ٿي وئي. فائر کان اڳ ئي هن سماعت ختم ٿي چڪي هئي. هڪ ڪلاڪ تائين سير پيل ڍور جيان تڙپندو رهيو. ڀت وارا ڀڄي ويا، اهي ڇو ڀڳا، ڪاڏي ويا!؟ بس پاڻ ايترو سو ڄاڻون ٿا ته همٿ ڪري زخمي جاويد کي ٻيو نه ڀرواري شهر جي اسپتال تائين پهچائڻ گهرجي ها. جتي هن جي بچڻ جي اميد هئي. ڀلا اميد نه به هئي ته ڪوشش ڪرڻ گهرجي ها. ها ڪابه ڪوشش نه ٿي مقتول جي ڀاءُ ۽ سوٽ لاش کي رڪشا ۾ ڪٻڙو سمهاري گهر آندو!
    پر هي ڇا، قاتل لاش جي گهر پهچڻ کان اڳ قرآن ميڙ سان معافيءَ لاءِ پهچي ويا! “خون معاف ڪندس پر جوان پٽ جو لاش ته دفن ڪرڻ ڏيو!؟” مقتول جوان جي پيءُ فقير علي نواز ڳالهايو. فقير جي آواز ۾ اوساري جهڙو درد هو. ايئن لڳو ماتمي جلوس ۾ هو ‘ڍنڍ’ جي وڄت ڪندو هجي.
    “واويلا واويلا ياحسين يا حسين” جون صدائون ستن آسمانن تائين پهچڻ لڳيون…وري اچانڪ موت جهڙي خاموشي…اهڙي چپ جنهن ۾ اسان فقير جي دل جي ڌڙڪڻ جو آواز به ٻڌي سگهون پيا!
    ……۽ ها ٽئين ڏينهن تي جڏهن جاويد جي بٺيءَ جي مٽي به نه سڪي هئي ته تر جي سردار جي حڪم تي خون جو جرڳو ٿيو. جاويد جي رت، اکين، گردن، پيرن، ڪنن، وارن، ٻانهن، ٽنگن، ننهن ۽ هٿن سميت سڄي جسم جي بها 12 لک مقرر ڪئي وئي.
    “فقير، پئسا ٿورا ته ناهن!؟” سردار صاحب، فقير علي نواز سان مخاطب ٿيو. فقير کي ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو. هو پنهنجا سڀ حواس جوان پٽ جي ساميءَ ۾ ڇڏي آيو هو. “ نه سائين گنج مولا جو…” جاويد جي وڏي ڀاءُ صادق، سردار کي جواب ڏنو.
    جرڳو پورو ٿيو. فقير علي نواز کي سهارو ڏئي گهر آندو ويو. هن جاويد جي ماءُ تي هڪ نظر وڌي ۽ اڳتي وڌي ڀت تي ٽنگيل شهنائي لاهي چپن تي رکي هڪ وڏ ساهه کڻي ڪجهه وڄائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر نه وڄائي سگهيو. هن ٻيهر ڪوشش ڪئي پر ناڪام ويو! هن کي محسوس ٿيو ته جوان پٽ جي لاش سان گڏ فن به دفن ڪري آيو آهي!


    اعتراض

    “بابا قاسم، نياڻين کي شهر ۾ ايئن اڪيلو ناهي ڇڏبو، پوءِ مقصد کڻي علم ڇو نه هجي…!” سردار صاحب نفيس ۽ نرم لهجي ۾ پنهنجي راڄ واري قاسم سان هن جي ڌيءُ عائشه بابت ڳالهايو، جيڪا ڪجهه ڏينهن اڳ وڏي شهر ۾ تعليم حاصل ڪرڻ وئي هئي.
    “سردار صاحب! توهان جي نياڻي لنڊن ۾ گورن وٽ پڙهي پئي، اسان غريبن ڪڏهن اعتراض ڪيو…!؟” قاسم، جواب ۾ سوال ڪيو لهجي ۾ سختي واضع نظر آئي. ائين محسوس ٿيو ته قاسم جواب تيار ڪري آيو هو.
    “خير آ، بابلا خير آ…ڀلا جيئن تنهنجي مرضي…ڪاوڙ نه ڪر” ڀريل اوطاق ۾ قاسم جي آڏي ورندي تي سردار صاحب مسڪرائيندي ڳالهايو.
    ……پر ڪچهري ۾ ويٺلن سردار جي مشڪڻ پويان اهو بگهڙ ڏسي ورتو، جنهن شام ڌاري عائشه جي پيءُ کي چيري ڦاڙي ماري ڇڏيو.


    خواب

    هوءَ سندر خوابن جهڙي اربيلي من موهڻي نينگري. جيڪا پنهنجي بابا جي سبزيءَ جي ٺيلهي سان گڏ اسان جي پاڙي ۾ ان اميد سان ايندي هئي ته هن جي اسان جي پاڙي ۾ موٽرسائيڪل (ڊريم سي ڊي) جي لاٽري رکيل آهي ۽ هڪ ڏينهن ان موٽرسائيڪل تي پنهنجي بابا سان گڏ چڙهي رواني ٿيندي؛ سا گذريل ڏينهن پنهنجا سڀ خواب کڻي جنت الفردوس ڏانهن رواني ٿي وئي.


    امام ضامن

    ڪوئٽه ڀرسان زائرين جي بس تي خودڪش حملي ۾ پوڙهي هزاره عورت جو اڪيلو جوان پٽ به مارجي ويو هو. حادثي کانپوءِ ڪجهه منٽن اندر واردات جي جاءِ تي پهتل ٻڍڙيءَ کي پٽ جو لاش ڪيترن ئي ٽڪرن ۾ ته ملي ويو پر پوءِ به نه ڄاڻ هن کي ڇا جي تلاش هئي…!؟
    آخر هڪ پوليس عملدار عورت جي ويجهو اچي نرمائي سان هن کان پڇيو: “امان! اڃا ڇا پئي ڳولين؟”
    “پٽ جي ٻانهن ۾ ٻڌل امان ضامن” ٻڍڙيءَ اطمينان سان جواب ڏئي ڳولا جاري رکي.


    شناختي ڪارڊ

    خيبر پختون خواه کان ايندڙ بس سنڌ جي حدن ۾ داخل ٿيڻ واري هئي. پهرين پوليس چيڪ پوسٽ جي ويجهو اچڻ کان ٿورو اڳ ڪنڊيڪٽر اٿي بيهي چوڻ لڳو: “ جن وٽ شناختي ڪارڊ ناهن، اهي پنجاهه روپيا ڪڍي رکن!”
    پوليس عملدار بس ۾ چڙهيو ئي ڪونه ته ڪنڊيڪٽر هڪ هٿ سان هن کي اڍائي سو ڏيندي چيو ته “صاحب، پنجن ڄڻن وٽ ڪارڊ ناهن!” ٻئي هٿ سان در کي وڄائيندي چوڻ لڳو “استاد ڊبل اي، ڪراچي پهچڻو آهي دير پئي ٿئي.”


    ٻارهين ڪيفيت

    هوءَ سياڻي آهي يا اياڻي فيصلو نه ڪري سگهيو آهيان!؟ تعلق کي ڪجهه مهينا ٿيا آهن پر صدين جي سڃاڻپ لڳي ٿي. “چيو مانس، تون مون کي ڏينهن ۾ ساڍا پنج چڪر سياڻي ۽ ساڍا پنج ڀيرا اياڻي لڳندي آهين!” ڳالهه ٻڌي عجب ۾ پئجي وئي پڇيائين “اهو وري ڪيئن!؟” اهو ائين جو نفسيات مطابق انسان تي 24 ڪلاڪن ۾ يارهن مختلف ڪيفيتون طاري ٿينديون آهن. اڌ ڏينهن چري ته اڌ ڏينهن سياڻي لڳندي آهين!”
    منهنجو اندازو هو ته ڳالهه ٻڌي هميشه جيان ٽهڪن پئجي ويندي پر سندس چهري تي سنجيدگي اڀري آئي ۽ منهنجي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيائين: “ها بلڪل، جيئن سچل چيو هو “ڪڏهن من ماڪوڙي، ڪڏهن، ڪيهر شينهن”…” “ها منهنجي برائڊي مرفي” چيو مانس. “ڪير آهي اها برائڊي مرفي!؟” معصوم انداز سان سوال ڪيائين.
    “آمريڪي عورت ورجينا ٽيگهه، جنهن تي هيپاٽڪ ريگريشن جي ٽيڪنيڪ استعمال ڪئي وئي، ته هن ٻڌيو ته هوءَ اڳئين جنم ۾ آئرلينڊ جي رهواسڻ هئي. سندس نالو برائڊي مرفي هو.” ٻڌايو مانس.
    “اڇا! وڏي ڳالهه آهي!” هن منهنجي ڳالهه ڪٽيندي حيرت جو اظهار ڪيو. “اهو به ته ورجينا 1995ع ۾ گذاري وئي. ان وچ ۾ هن جيڪي به ڳالهيون ڪيون، انهن، ثابت ڪيو ته ورجينا جو اهو پنر جنم هو، اڳين زندگيءَ ۾ هوءَ برائڊي مرفي هئي!” هن کي مڪمل ڳالهه ٻڌايم.
    “پوءِ ته مان واقعي تنهنجي برائڊي مرفي آهيان، اڳين جنم ۾ منهنجو نالو ڪجهه ٻيو هو ۽ تنهنجو ڪجهه ٻيو ۽ پاڻ گڏ هئاسين.” هن منهنجي اکين ۾ جهاتي پائيندي ڳالهايو. “پر مونکي ڏاڍو ڊپ ٿو ٿئي!” “ڇو ڇو!؟” مان هن جي هٿ کي سوگهو ڪري پڇيو. هوءَ ڏڪي رهي هئي ڏڪندي چيائين “اسان اڳئين جنم ۾ به هڪ ٻئي کان جدا ٿي وياسين، هن حياتيءَ ۾ به ساڳيو ڪم نه ٿئي.” “نه ائين نه ٿيندو…قدرت اسان سان ايڏو ڪلور نه ڪندي.” مون هن کي سمجهايو، منهنجي سمجهائڻ باوجود هن جي اکين مان لڙڪ لارون ڪري وهڻ لڳا. سندس مٿان ڪنبڻي طاري ٿي وئي. اها هن جي ڪهڙي ڪيفيت هئي، مان سمجهي نه سگهيس، شايد ٻارهين ڪيفيت!؟


    ڏائڻ

    سياري جي آمد ۽ ڦٽن جي چونڊ جي موسم هئي. هر سال جيان، چورن تر ۾ مم جي اچڻ ۽ ڏائڻ جو چراخ تي چڙهي گشت جا افواهه پکيڙي ڇڏيا هئا. ڳوٺاڻا دهشت ۾ ورتل هئا.
    مان انهن ڳالهين تي آساني سان يقين ڪرڻ وارو نه هئس، پر ادا پيارل جي ڳالهه کي ڪوڙ چوڻ به منهنجي وس ۾ نه هو. جنهن مسجد ۾ ٻڌايو ته هن سفيد ڪپڙن ۾ هڪ پراسرار عورت مولوي صاحب جي گهر ٻاهران ڏٺي آهي. جيڪا يقينن ڏائڻ ئي هئي!
    ادا پيارل جي تصديق کانپوءِ ڏينهن رات ڊپ جي زندگي گذري رهي هئي. چوڪيءَ لاءِ نوجوانن جا ڪجهه ٽولا ٺاهيا ويا، جيڪي واري سان ڳوٺ ۾ چوڪي ڏيڻ لڳا. هڪ رات اٽڪل چئين وڳي، ڳوٺ ۾ ڪتن جي باهوڙ سان گڏ چوڪيدارن جي هڪلن جا آواز شروع ٿي ويا. انهن آوازن جي وچ ۾ هڪ ٻيو آواز به شامل هو. انساني آواز هو يا ڪنهن جانور جو مان فرق نه ڪري سگهيس!
    ڳوٺ وارن سان گڏ مان به جلدئي ان جاءِ تي پهچي ويس، جتان آواز اچي رهيا هئا. هڪ پاسي چوڪيدار بيٺا هئا، جڏهن ته ڪجهه فاصلي تي هڪ عورت جو لاش پيو هو. چهرو ڏنڊن سان مسخ ٿيل، ڪپڙا رت سان مڪمل ڳاڙها…ڪير به سڃاڻپ نه ڪري سگهيو! بس هر ماڻهو جي زبان تي اها ڳالهه هئي ته “ڏائڻ کي ماريو ويو آهي!” ڪجهه دير ۾ وڏيرو به اچي ويو. جنهن جي چوڻ تي عورت جي لاش کي خاموشيءَ سان مقام ۾ کڏ کوٽي پوريو ويو؛ جيئن پوليس جي ڪاررائي کان بچي سگهجي.
    ٻئي ڏينهن اسان ٻيپهري جي نماز تي گڏ ٿياسين. خلاف توقع مولوي صاحب دير سان آيو. هن جون اکيون سڄيل هيون، سمجهي سگهجي پيو ته هن کي گهڻو اوجاڳو آهي يا رنو اٿائين……
    شام ڌاري ادا پيارل سان مولوي صاحب جي گهر ڀرسان گذر ٿيو. هن جي گهر مان ڪوبه آواز ٻڌڻ ۾ نه آيو، موت جهڙي خاموشي، جنهن ۾ اسان هڪ ٻئي جي ساهن جو آواز به ٻڌي سگهون پيا! ها صرف ٻڌي سگهون پيا……سمجهي نه پيا سگهون.
    ها! اسان اڃا تائين گهڻيون ڳالهيون نه سمجهي سگهيا آهيون!؟


    ماستر رحيم جو قتل

    ماستر رحيم جي مارجڻ کي هڪ سال پورو ٿي ويو. پوليس کي نه هن جي قاتل جي خبر پئجي سگهي نه قتل جو سبب معلوم ٿي سگهيو.، بس هن جو موت هڪ مام بڻجي ويو.
    بظاهر ته چوري جي واردات هئي، جنهن ۾ ماستر مزاحمت ڪندي مارجي ويو هو، پر اها ڳالهه ايتري سادي به نه هئي. جو جلدي يقين ڪجي!
    ماستر جي قتل بابت سوچيندي مونکي چاچي انب جي ڳالهه ياد اچي وئي. “بابا! قتل ٻنين ۽ ونين تان ٿيندا آهن!” رحيم وٽ ٻني ته نه هئي، ها هن جي وني ضرور هئي.
    شبانه…ڳوٺ جي حسين عورت. جنهن جي حسن تي راڄ عاشق هئا. انهن عاشقن ۾ نبو به شامل هو. تر جو وڏو ڪاٽڪو، جنهن جي دهشت سڄي علائقي ۾ پکڙيل هئي. ……پر نبو، رحيم کي ڇو ماريندو!؟ اهڙي ڳالهه هجي ها ته شبانه، مڙس جي پهرين ٻارهي کان اڳ نبوءَ سان شادي ڇو ڪري ها!؟
    بس ڇڏيو ماستر رحيم جي قتل کي، پوليس ئي قاتل نه پڪڙي سگهي ته اسان پنهنجو مٿو ڇو کپايون!


    اڍائي ڪلو پٽاٽا

    هوءَ ڳرن قدمن سان گهر ڏانهن موٽي رهي هئي. مسجد ڀرسان گذرندي هن جو ڌيان مولوي صاحب جي تقرير ڏانهن هليو ويو. جنهن ۾ هو رزق ۽ رزاق جو ذڪر ڪري رهيو هو پر هن خيال گهر جي اڻپوري راشن، ڀاڄي، ببلوءَ جي اسڪول جي فيس، چنٽوءَ جي ڪن جي دوا ۽ مني جي ڪپڙن ۾ وڪوڙيل هو!
    سوچن جا حملا ڊرون وانگي وڌي رهيا هئا. هلندي ڪافي ڀيرا ٿاٻا به کاڌائين! پر هر ڀيري پاڻ کي ڪرڻ کان بچائي ورتائين! هن جي اڳين منزل شهر جو آخري اسٽاپ هو، جتي اميد هئس ته ڪو خريدار ضرور ملي ويندو. تڪڙيون وکون کڻندي آخر اسٽاپ تي پهچي وئي. معمول مطابق اسٽاپ تي ماڻهن جي پيهه هئي!
    هوءَ خاموشيءَ سان هڪ پاسي ٿي بيهي رهي. ماڻهو هن جي ڀرسان گذري رهيا هئا. جن مان ڪافي هن ڏانهن تڪي به رهيا هئا. هوءَ پنهنجي تجربي آهر هنن کي اکين جي اشاري سان سڏڻ لڳي! پر سامهون موٽ نه ملي رهي هئس!
    ڪافي دير انتظار کانپوءِ ٻيهر مايوسي جي ور وڪڙن ۾ ڦاسي پئي. سوچون وري حملو ڪرڻ لڳيون. انهيءَ دوران روڊ جي سامهون ويٺل ڀاڄي وارو هن جي ويجهو آيو. هن هڪ خاص اشارو ڀاڄيءَ واري کي به ڪيو. ڀاڄي واري، هاڪار جي انداز ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ۽ هٿ جي اشاري سان اگهه معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
    جواب ۾ عورت پنجن آڱرين کي گڏائي اشارو ڪيو. اشارو ڏسي ڀاڄي واري ناپسند ۽ ناڪار واري انداز ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ فيصلائتي نموني ٻه آڱريون گڏائي هن کي ڏيکاريائين!
    هاڻي ٻنهي جي وچ ۾ سودو طئي ڪرڻ لاءِ ڏي وٺ ٿيڻ لڳي. سبزي وارو ڪنهن به ريت ٻه سو کان مٿي ڏيڻ لاءِ تيار نه هو، جڏهن ته هوءَ ٿڪل هئي، سندس برداشت جواب ڏئي رهي هئي. آخر هن فيصلو ڪري ورتو. سبزي واري جي ويجهو آئي، خشڪ نڙيءَ ۽ سڪل چپن مان زوري آواز ڪڍيائين: “بس نه ڪي منهنجا پنج سو نه ڪي تنهنجا ٻه سو، مونکي اڍائي ڪلو پٽاٽا ڏي، پوءِ جيئن تنهنجي مرضي!”

    نوٽ: هي اختصاري ڪهاڻي تڏهن جي لکيل آهي، جڏهن پٽاٽا سو روپين کان وڌيڪ ڪلو جي حساب سان وڪامي رهيا هئا.


    آخري پنو


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 345411
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 142651
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ