ڪتاب جو نالو: پيار جو ٽڪنڊو
مصنف: سهڪاري ناول / بيدل مسرور
ڇپائيندڙ: نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 12 مئي 2016 ع
پڙهيو ويو: 1022 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 553 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب “پيار جو ٽڪنڊو” سنڌي ٻولي جي نامياري ليکڪن گوبند مالهي، پوپٽي هيراننداڻي، ڪرشن کٽواڻي، ايشور چندر، وشنو ڀاٽيا، هريش واسواڻي، منو تولارام گدواڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، گنو سامتاڻي ۽ موهن ڪلپنا جو سهڪاري ناول آهي، جنهن جو سهڙيندڙ محترم بيدل مسرور بدوي صاحب آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپنا
  • مهاڳ
  • 1. پيار جو ٽڪنڊو : گوبند مالهي
  • 2. ٻڏندڙ سورج، افق جي روشني : پوپٽي هيراننداڻي
  • 3. اڇي روشني ست رنگ : ڪرشن کٽواڻي
  • 4. ٻيو دفعو : ايشور چندر
  • 5. بي انت راهن جو انت : وشنو ڀاٽيا
  • 6. ٻن قطبن جي وچ جي ڊوڙ : هريش واسواڻي
  • 7. پريم جو چوڪنڊو: منوتولا رام گدواڻي
  • 8. ٿيان يا نه ٿيان! : ڪيرت ٻاٻاڻي
  • 9. تلاش! : گنوسامتاڻي
  • 10. پاڻيءَ مٿي جهوپڙا! :موهن ڪلپنا
  • 11. پاڻيءَ مٿي جهوپڙا! : موهن ڪلپنا
  • ادبي پرک:، سلسلي جي ڊوڙ : گوپال ٺڪر
  • ناول جي ليکڪن جو تعارف

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (122) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب “پيار جو ٽڪنڊو” سنڌي ٻولي جي نامياري ليکڪن گوبند مالهي، پوپٽي هيراننداڻي، ڪرشن کٽواڻي، ايشور چندر، وشنو ڀاٽيا، هريش واسواڻي، منو تولارام گدواڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، گنو سامتاڻي ۽ موهن ڪلپنا جو سهڪاري ناول آهي، جنهن جو سهڙيندڙ محترم بيدل مسرور بدوي صاحب آهي.
    هي ناول نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ پاران ڇپايو ويو آهي. اسان ٿورائتا آهيون سائين بيدل مسرور جا جنهن هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    ارپنا

    هي سلسليوار سهڪاري ناول…
    ارپيان ٿو مان واري سرڳواسي هري موٽواڻي سنڌيءَ کي
    جنهن جي وڏي اڇا هئي، هن ناول کي ڇپائڻ جي
    ساڻ ساڻ هري موٽواڻيءَ جي سموي پريوار
    ۽ سندس همعصر ليڪکن کي.


    بيدل مسرور بدوي


    مهاڳ

    ادب سان وابستا جيڪي مون خواب لڌا آهن، انهن ۾ هن سهڪاري ناول يوجنا کي شايع ڪرڻ به شامل هو، جيڪو ماهوار “ڪونج” جي جنوري 1967ع کان مئي 1968ع تائين جي پرچن ۾ ڪهاڻين جي صورت ۾ ستل هو.
    ورهاڱي سان وابستا سنڌي ڪهاڻيون ۽ هن سهڪاري ناول واريون قسطون، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي گهر جي لئبرريءَ ۾ رکيل ڪتابن ۽ رسالن مان حفيظ شيخ جي ڪهاڻين ڳولهڻ دوران 1972ع ڌاري ڏٺيون ۽ ڪاپي ڪري رکيون هيون.
    هن سهڪاري ناول کي شايع ڪرڻ جو مون کي شوق ته وڏو هو، پر ٽي ويءَ جي نوڪريءَ ۾ اچي گهڻا ئي شوق، شب بخير چئي سمهي پيا هئا. ان هوندي به 1987ع دوارن دل کي دليل ڏئي، هن ناول کي شايع ڪرڻ جي اجازت متعلق مون هري موٽواڻيءَ کي خط لکيو، ۽ جيئن ته هن ناول جي پهرين قسط مون کي ڪانه ٿي لڌي، ته ان جي به موڪلڻ لاءِ مون کيس گذارش ڪئي.
    شابش هجيس، جو 29. 06. 1987ع تي جوابي خط به لکيائين:
    “ڊيئر، تنهنجو خط مليو، مان جڏهن سنڌ آيو هوس تڏهن توسان ۽ ڪن ٻين دوستن سان، جيڪي توسان گڏ ڪراچيءَ ۾ ساڳي ڊپارٽمينٽ ۾ هئا، ملڻ چاهيو هوم. حيدرآباد مان جيڪا لسٽ ٺاهي هليو هوم تنهن ۾ تنهنجو، سميع لنڊ ۽ علي بابا جو نالو به هو پر جڏهن اتي شام جو پهتاسين ته معلوم ٿيو آفيسون بند ٿي چڪيون هيون ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو 8 بجي ايئر پورٽ پهچڻو هو.
    تنهنجو پوئٽريءَ جو ڪتاب مليو هو، ڌيان سان پڙهيو هوم، لکمي کلاڻيءَ (رچنا) چيو ته چوين ته مان ان ڪتاب تي تنقيد لکان، ڪاپي کڻي ويو، پر پوءِ هو به ٿانيڪو نه رهيو آهي، اڄ ڪالهه آديپور وسائي اٿائين. سنڌ جي ڪتابن تي ريٽا شهاڻي لکڻ پسند ٿي ڪري، پاڻ به شاعره آهي، کيس تنهنجو ڪتاب موڪليندس.
    تازي پرچي ۾ “سروم دکم دکم” ۽ “دريءَ کان ٻاهر” تي لکيو اٿائين.
    تنهنجي چوڻ موجب مالهيءَ جي پهرين قسط (ناول يوجنا جي) موڪلي رهيو آهيان. هاڻي خيال ڪيو اٿم ته اهو ناول سنڌ ۾ ڇپرايان. نيو فيلڊ وارن لاءِ سڀ قسطون گڏ پيو ڪريان. منهنجو حال ڏس نه، مان ڇپائيندڙ ۽ مون وٽ ئي ڪونهن.
    سميع لنڊ ۽ علي بابا به گڏجئي ته ٻنهي کي منهنجا سلام ڏج، لکج.

    تنهنجو هري موٽواڻي سنڌي.

    هري موٽواڻي سان منهنجي ادبي سڃاڻپ سندس رسالن “ڪونج” ۽ “پرهه ڦٽي” جي ايڊيٽر ۽ هڪ ليکڪ واري ئي هئي، هو (هري نارائڻ سنگهه موٽواڻي) ڄائو ته سنڌ جي ساه سيباڻي ۽ عظيم شخصيتن واري شهر لاڙڪاڻي ۾ 30. 11. 1929ع تي هو، پر ورهاڱي وقت ٻين اصلوڪن سنڌين سان گڏ هن شخص به وڃي بمبئي وسائي. هري موٽواڻيءَ 1950- 51ع ڌاري هردوار ۾ ڪپڙي جو دڪان ۽ بمبئي ۾ مٺائيءَ جو دڪان به کوليو هو، “ڪونج” رسالو هن 1961ع کان شروع ڪيو.
    پڙهيل رڳو چار درجا سنڌي هو پر هند وڃي ڪيتريون آکاڻيون، ناول، لکيائين، آتم ڪٿا به لکي اٿائين.سندس سڄي ادبي پورهيي ۾ هن جو خاص ۽ وڏو ادبي ڪم رسالو “ڪونج” ۽ ان جا شخصيتي نمبر آهن، جيڪي هند ۾ رهندڙ سنڌي ليکڪن بابت نهايت تاريخي حيثيت رکن ٿا. شخصيت پرچن ۾ خود هريءَ متعلق ڪونج جو خاص نمبر ڊسمبر 2004ع ۾ شايع ٿيو. ڪونج ۾ ڇيپل ادب نه رڳو ڪهاڻين تي يا شعرن تي مشتمل هو پر ڪونج جي ڪريڊٽ تي اهي مشهور ناول به آهن جيڪي ڪونج ۾ قسطوار شايع ٿيندا هئا: آسانند مامتور جو “حليما”، گوبند مالهيءَ جو “پيار جي پياس”، چندو لعل جئسنگهاڻيءَ جا: “جنگ جا چوڏهن ڏينهن”، “اگني”، ۽ “هڪ اهم هڪ وهم” مشهور آهن.
    منهنجي ساڻس ملاقات ڪانه ٿي سگهي، پر جن به اديبن هن کي ويجهڙائيءَ کان ڏٺو هوندو انهن کي سندس رلڻي ملڻي، کلڻي ۽ خاص طور تي ڳالهائڻي طبيعت جي ڀلي ڀت خبر هوندي. سنڌ جا سفرناما به نهايت ڀلا لکيا اٿس، سندس ڇپيل ڪتابن جو تعداد اٽڪل چوڏهن آهي، جن ۾ ڪهاڻين جا پنج عدد مجموعا: “هڪ لهر” (11 ڪهاڻيون)، ڌرتي” (9 ڪهاڻيون)، “خوددار” (12 ڪهاڻيون)، “اڇا وار ڪارا ڀنور” (9 ڪهاڻيون)، “آزاد فضا ۾”؛ ۽ پنج ناول: “ابو”، “اجهو”، “پاڻيارا پکي”، “ٻاهر نڪرڻ جو رستو”، “ڪَوڙو سچ”، ناوليٽ: “ڀنگار” ناوليٽ؛ سفرناما: “جڙيل جن سان جند” ۽ “ماٽي منجهه مهي” ۽ آتم ڪٿا: “آخرين پنا”.
    سندس ڪهاڻي “خوددار” تي مهاراشٽر سنڌي ساهت پاران، ناول “اجهو” تي 1995ع ۾ ساهت اڪيڊميءَ پاران ۽ “ابو” ناول تي رامڪرشن جئه ديال هارمني پاران، سفرنامي: “ماٽي منجهه مهي”، تي پريه درشني اڪادمي پاران، انعام به مليا آهن. سندس خدمتن جي قدرشناسيءَ تي کيس گوبند مالهي ڪلچر اڪادمي ۽ پروفيسر رام پنجواڻي لٽرري ۽ ڪلچر سينٽر پاران انعام ۽ سنمان ڏنا ويا آهن. ارجن شاد چواڻيءَ: “هري سنڌي ساهت سان ائين جڪڙيل هو، جيئن محبوبا سان جڪڙيل هجبو آهي.” سندس 07. 05. 2006 تي ديهانت ٿيو.
    مان سمجهان ٿو ته هي سهڪاري ناول، سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون ۽ نرالو تخليقي ڪارنامو آهي، جنهن جا سڀئي ليکڪ نثر ۾ وڏي ناليوارا ۽ سنڌ توڙي هند جي پڙهندڙن جي تمام وڏي حلقي ۾ مقبول رهيا آهن: گوبند مالهي، پوپٽي هيراننداڻي، ڪرشن کٽواڻي، ايشور چندر، وشنو ڀاٽيه، هريش واسواڻي، منو تولارام گدواڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، گنو سامتاڻي ۽ موهن ڪلپنا.
    حالانڪ هن قسطوار ناول کي شايع ٿئي اٽڪل ستيتاليهه سال گذري ويا آهن، پر انهن سڄاڻ ليکڪن، انهن چند ڪردارن تي مشتمل ڪهاڻيءَ جي ڪئنواس تي پريم جا رنگ چٽڻ سان گڏ سنڌي جاتيءَ جي سماجي سياسي يا اخلاقي حالتن متعلق پنهنجي پنهنجي فڪري ۽ فلسفياڻي سوچ جا چٽ ڪجهه اهڙي انداز سان چٽيا آهن، جن ۾ سنڌ جي اڄوڪي دور جون به ڪيتريون ئي جهلڪيون اکين آڏو اچي ٿيون بيهن.

     پرش جتي اڏڻ نه چاهيندو آهي تتي ڇڏڻ به نه چاهيندو آهي.
     ماسترياڻي شاگرد جي پيار کان ٻن وديارٿين جو پيار وڌيڪ سڀاويڪ ۽ سهائيندڙ آهي.
    ڪهاڻي: پيار جو ٽڪنڊو: گوبند مالهي.
     سشيءَ چيو، “سياستدانن جو شاگردن سان ٿوروئي پيار رکيو آهي؟ هنن جو مطلب پنهنجي عهدي سان آهي، اسڪول ۽ ڪاليج به کين نينڍون ڏئي خوش رکي ويٺا آهن ۽ موٽ ۾ هو سندن ڪاروبار ۾ دخل ڏيئي کين جنتا کان ڇڏائي ويٺا آهن. تعليم جو ٿيو الهه واهي. نه بگاڙو وڃي سگهي، ۽ نه ويچارو سڌارو اچي سگهي.”
     گليءَ کلي چيو، “تنهن ڏينهن ٻڌم ته ڪامرس ڪاليج جي شاگردن پنهنجي سالياني اُتسوءَ ۾ ڊفينس منسٽر کي گهرايو هو. ڳالهه آهي ڪه کل آهي؟ ڪجا ڪامرس ڪجا ڊفينس!”
     ڪلان پنهنجيءَ ڄاڻ جو ثبوت پيش ڪندي چيو، “ڇو؟ ائين ته نه چؤ. واپار مان پئسا ڪمائبا تڏهن ته وڙهڻ لاءِ هٿيار ٺهندا؟ پر تعليمي سنسٿائن جي جشن ۾ شامل ٿي اچي تقريرون ڏجن. اهڙو رواج پنڊت جواهر لعل ئي شروع ڪيو هو. هو يونيورسٽين جي ڪنووڪشن تي ويندو هو ۽ شاگردن کي وڃي صلاحون ڏيندو هو.”
     “جواهر لعل نهروءَ جي ته ڳالهه ئي ٻي هئي. هو نه شاعر هو نه فيلسوف، پر سندس شخصيت شاعراڻي هئي ۽ سندس ويچار فيلسوفاڻا. هن جي تقرير تي هن جي شخصيت جي ئي ڇاپ پيل هوندي هئي. ان ڪري شاگردن کي هن وٽان ڪنهن نه ڪنهن قسم جو خزانو ملي ئي ويندو هو. ٻيو ته نهروءَ ۽ شاگرد جو رشتو صرف تقرير تائين محدود نه هو. تقرير کان اڳ ۽ پوءِ به شاگرد ۽ نهرو هڪ ٻئي کي ويجهو هئا، پر هنن وزيرن ۽ شاگردن جو پاڻ ۾ ڪو به سنٻنڌ ڪونهي. تقرير ختم ٿي، وزير گم ٿيو. پوءِ نه تو ڏٺي سهڻي نه مون ڏٺو ميهار.”
    ڪهاڻي: ٻڏندڙ سورج افق جي روشني: پوپٽي هيراننداڻي.
     “اڙي متان ڪنهن ماسترياڻيءَ جي ڦندي ۾ ڦاسين! ماسترياڻين جي ذات ئي عجيب اٿيئي. هو مڙسن کي به ائين هلائينديون آهن ڄڻ اهي به سندن شاگرد آهن ۽ هميشه گهڻ ڳالهائو. گهر ۾ ائين ڳالهائينديون ڄڻ ڪلاس ۾ پاڙهي رهيون آهن.”
     “ٽيوشن اهي ڏين جن ماستريءَ کي ڌنڌو ڪري سمجهيو هجي.
    ڪهاڻي: اڇي روشني ست رنگ: ڪرشن کٽواڻي.
     ته انسان جون اکيون جوت جون بُکيون ٿينديون آهن ۽ جي اها جوت يگن تائين جلندي رهي ته هوند انسان جي هڪ بک مٽجي وڃي…!”
     “۽ مان مڃيندو آهيان ته اکين جي بک کان وڌيڪ انسان جي پيٽ جي بک پر ٻل ٿيندي آهي ۽ انسان کي جي اناج گهربل انداز ۾ ملي وڃي ته…..”
     “ها…. پوءِ اهو اناج ڀلي آمريڪا يا روس يا آسٽريليا مان ايندو هجي…. ۽ اکين جي بک مٽائڻ لاءِ جوت جي نالي تي گهڻائي اليڪٽرڪ بلب ته آهن ئي..!”
    ڪهاڻي: ٻيو دفعو: ايشور چندر.
     زمين تي پيل چيز جو نصيب مٽيءَ ۾ ملي وڃڻو آهي.
     هي مرد سمجهن ڇا ٿا؟ خود ڀونئر ٿيندا وتندا ٻين پٺيان ڦرندا ۽ عورتون ستيون بڻجي هنن جي حق ۾ پوري زندگي گهارينديون؟
     زبان سان کڻي نه، اَکين سان اَکين معرفت دليون ته ڳالهائي سگهنديون آهن.
     “ها، روايتون بدلجنديون آهن.”
    ڪهاڻي: بي انت راهن جو انت: وشنو ڀاٽيا.
     زندگيءَ جو بنيادي طرح ڪو رنگ ڪو نه ٿيندو آهي.
     استري شاديءَ جي تلاش ۾ پيار شروع ڪندي آهي. ڪڏهن کيس ٻئي ڪو نه ملندا آهن، ڪڏهن شادي ملي ويندي آهي، پيار ڪو نه ملندو آهي
     ستنترتا لفظ استريءَ لاءِ فريب آهي. استريءَ جو وڪاس اڄ تائين ڪنهن ڪو نه چاهيو آهي. استريءَ جي سجاڳ عقل پرست عورت بڻجي وڃي ته پرش ان کان ڪنارو ڪري ويندو. ذهين ۾ ذهين مرد جي نگاهه عورت جي روپ ۽ جوانيءَ تي هوندي آهي.
     پر تنهنجي انهن ويچارن جي پٺيان استري سلڀ ايرکا جو هڳاءُ آهي. روپ ۽ جوانيءَ کان پوءِ به ڪجهه اهڙو رهجي ٿو وڃي، جنهن جي پرش کي ضرورت ٿئي ٿي، جيڪو هو نرليپ ڀاوَ سان ناريءَ وٽان چاهي ٿو.” ڇو اوهان شاديءَ کي اهڙي قيمتي چيز بڻايو آهي جنهن لاءِ هڪ استري کي ٻيءَ استريءَ کان ايرکا ڪرڻي پوي. ڇا اهو سچ نه آهي ته هيڏو اڳتي اچڻ کان پوءِ به استريءَ لاءِ هڪ ڇت ۽ چار ڀتين جي ڊيسينٽي وڃي باقي بچي آهي. جڏهن ڪ پرش جي زندگي خود به هڪ سهوليت ڀري دوستي آهي.”
    ڪهاڻي: ٻن قطبن جي وچ جي ڊوڙ: هريش واسواڻي.
     اهو درست آهي ته پهريون قدم پرش ٿو کڻي پر اهو ڪنهن سوچيو ئي ڪونهي ته ان کان اڳي جو مبهم ۽ ڇپيل قدم استري ٿي کڻي سو ڪيترو نه ٻلوان ۽ خطرناڪ ٿيندو آهي.
     جيڪڏهين ڪا ڇوڪري سهڻي نه به آهي ته ميهار ملندي سهڻي ٿيو وڃي.
     شاديءَ جو ٻنڌن به استريءَ لاءِ سماج کي تنهنڪري لازمي قرار ڏيڻو پيو جيئن اهو سنٻنڌ نرمل، پويتر، اِسٿر، سريشٺ، سنگم، سک، ميهه ۽ سورگي رهي. ڪي ڪنڊون نه ٺهن. وواهه سنسٿا اتينت اتم آهي، تڏهن اسان ۽ حيوان ۾ باقي فرق ئي ڪهڙو رهيو؟
     سماج لاءِ استري زندهه رهجي ويندي آهي پر پنهنجي لاءِ استري مري ويندي آهي. ليڪن اهڙين سٿيتن کي مٽائڻو آهي، ڇو ته انهن جا ڪارڻ ڪريتا ۽ ڪنيتا هوندا آهن. سماج نٿي چاهي ته خود مرد به ڀونر ٿيندا وتن ٻين پٺيان ڦرندا. پتني ورت کي به ايتريائي اهميت آهي جيتري پتي ورت کي.
     انسان کي صحيح سوچڻ کان صرف ڏک نه روڪيندو آهي، پر انتظار ۽ اوسيڙي ۾ به اها حالت وڃي ٿيندي آهي، ۽ سڀني کان وڌيڪ ته غصي جي حالت ۾.
    ڪهاڻي: پريم جو چوڪنڊو: منوتولا رام گدواڻي.
     من هڪ چنچل چيز آهي. هڪ سهارو وڃائڻ سان ٻئي سهاري کي پڪڙيندو آهي.
     ڪهاڻي: ٿيان يا نه ٿيان! ڪيرت ٻاٻاڻي.
     “اڄ پر، دان جو مطلب ڦري ويو آهي. دان ڏيو ته انسانن کي دشمن سڏي ماريون. دان ڏيو ته گهرن کي ناس ڪريون، ڪارخانا ختم ڪريون، دان ڏيو.”
     “هڪ ديش هو، سنڌو. منهنجي جنني جنم ڀومي. مون کان خون جو، سون جو دان گهريو ٿو وڃي، سنڌوءَ جي جل کي خون ۾ بدلڻ لاءِ.
    ڪهاڻي: تلاش! گنوسامتاڻي.
     هن صاحب ويد، اُپنشد، گيتا، مارڪس، نيتشي، سارتر سڀ پڙهيا آهن، مگر جيڪڏهين هن اهي سڀ پڙهيا آهن ته هو ان غلط نتيجي تي ڪيئن پهتو آهي؟ هر سٺي ۽ عقلمند ماڻهوءَ، مجبورين اچڻ تي فاقا ڪڍي به، شخصي مفاد پاسيرا رکي نور نچوئي حياتيءَ کي سمجهڻ ۽ سمجهي ان کي سهڻو بنائڻ لاءِ دنيا جي اڳيان پنهنجا آدرش رکيا آهن،
     پهرين انسان مٽيءَ کي ڳوهي پنهنجي سک لاءِ تهذيب جو نرماڻ ڪري ٿو ۽ پوءِ مٽي ان انسان کي ڳوهي ان تهذيب کي ڊاهي ٿي ڇڏي.
     فقير منڊڪائيندو هليو ۽ ڳائيندو هليو. ان طرح جيئن جديد ليکڪ زندگيءَ کي ڪا معنيٰ نه ڏيندا آهن ۽ پوءِ به لکندا رهندا آهن. هنن جو عقل ان طرح منڊڪ منڊي ڪندو آهي. عقل جي منڊڪ ۽ لکڻ ٻئي جاري هوندا آهن.
     انسان مشين ٺاهي آهي ۽ اها مشين سرمائيدار پاڻ وٽ رکي آهي. هو پنهنجي شخصي مفاد لاءِ اسان کي ان مشين جو پرزو بڻائي ويٺو آهي. اسان جي لڙائي مشين سان نه پر ان سرمائيداري سرشتي سان آهي.
     سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ترقيءَ جو وقت مٿان امپئڪٽ! جنهن جو شڪار آهي شهري ماڻهو.
     جي آدرش نه ملن ته وڇوڙو بهتر آهي.
     هينئر انقلابيءَ جو آدرشواد ختم ٿي ويو آهي. هينئر، نه ڪو گنو آهي، نه ڪو انقلاب ۽ جدوجهد آهي، نه ماڻهو آهن، نه انهن جو سک ۽ آسودگي آهي. هينئر گنو عاج جي مناري تي وڃي نااميديءَ جون بنسريون وڄائڻ لڳو آهي!
    ڪهاڻي: پاڻيءَ مٿي جهوپڙا: موهن ڪلپنا.
    هن سهڪاري ناول جي ادبي پرک جي سلسلي ۾ “گوپال ٺَڪُر” جو ليک، وڏي اهميت رکي ٿو، جنهن پنهنجي آلوچنا ۾ گهڻو ڪجهه کليل لکيو آهي. جو ماهوار “ڪونج” جي ڪهاڻي پرچي ۾ شايع ٿي هئي، جنهن جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي هري موٽواڻيءَ اسان جي مانواري ليکڪ شوڪت شوري صاحب جي هٿان موڪلي ڏني هئي، جنهن لاءِ مان شوڪت شوري صاحب جو ٿورائتو آهيان.
    جيئن ته هري موٽواڻيءَ جو به خيال ان آلوچنا کي هن ناول سان ئي گڏ شايع ڪرڻ جو هو، انڪري هيءَ آلوچنا هن ڪتاب ۾ تمام اهم سمجهي شامل ڪئي وئي آهي.
    حيرت آهي ته هي ناول جنوري 1967ع کان مئي 1968ع تائين قسطوار شايع ٿيندو رهيو آهي، پر نه ته ان جي ڪا خاص پذيرائي ٿي آهي، نه ئي سهڪاري ناول لکڻ جي ڪا ٻي ڪوشش ٿي آهي، وڏي ڳالهه ته هن هيڏي عرصي ۾ هي ناول ڪنهن ڪتابي صورت ۾ به شايع نه ڪرايو،
    هن سهڪاري ناول جي اشاعت جو سپنو گهڻن سالن کانپوءِ ساڀيا جي صورت وٺي اوهان جي هٿن ۾ آيو آهي. هاڻي جيئن ته ڪجهه سنڌي ليکڪن فيس بوڪ جي اچڻ سان سهڪاري شاعريءَ جو طريقو به ڳولهي ورتو آهي، مان سمجهان ٿو ته ساڳيءَ ريت انٽرنيٽ جي ذريعي سهڪاري ناول يا ناوليٽ جي سلسلي کي به جاري رکي سگهجي ٿو. بهرحال هن ريت ناول لکڻ جي ڪوشش وري وري ٿيڻ گهرجي.
    مون کي اميد آهي ته هن ناول جي شايع ٿيڻ سان، سنڌ توڙي هند جي سنڌي ليکڪن جي اندر ۾ وري هڪ نئون جذبو ضرور جاڳندو ۽ منجهن اهڙي قسم جي نرالي ناول لکڻ جو ساهس ضرور پيدا ٿيندو.

    بيدل مسرور بدوي
    ڪراچي، سنڌ
    پهرين فيبروري 2014ع


    1. پيار جو ٽڪنڊو : گوبند مالهي

    ڪونج جنوري 1967ع
    ..........................

    “مان اندر اچي سگهان ٿو؟”
    هوءَ پلنگ تي اڌ پاسيري ليٽي آر سان سويٽر مڙهي رهي هئي. هن چوڻ چاهيو، “نه.”
    پر نگاهون مٿي ڪرڻ کانسواءِ چيائين، “جي مان چونديس، “نه”، ته نه ايندين؟”
    منوهر هڪ فلمي هيرو جيان دروازي وٽ بيٺو هو. ساڄو هٿ چيلهه تي هوس ۽ کاٻي سان در جو تاڪ پڪڙي بيٺو هو. ٻئي هٿ انداز سان هيٺ ڪيائين، ڪنڌ کي لوڏ سان موڙيائين ۽ ناٽڪي ڍنگ سان چيائين،
    “مان انڪار کي اِقرار سمجهڻ جو عادي بڻجي چڪو آهيان.” ۽ هو ڪمري اندر گهڙي وڌندو رهيو.
    هوءَ بي اختيار سڌي ٿي ويٺي. آر، سئيٽر ۽ اُن پاسيري رکي.
    “مان ويهي سگهان ٿو؟”
    جواب جي انتظار ڪرڻ کان اڳ ئي هو پلنگ تي ويهي ويو. هوءَ پٺيان سرڪي سوڙهي ٿي ويئي.
    “اڄ هيءُ حجاب ڇا جو آهي، سشي؟” هو ناٽڪي انداز سان هن ڏانهن نهارڻ لڳو.
    سشيءَ جي ڳلن تي سچ پچ حجاب جي سرخي ملجي ويئي.
    هوءَ سوچڻ لڳي، ‘ناري هر غير پرس کان حجاب ڪندي آهي. تون اڄ غير بڻجي ئي نه آيو آهين، بلڪل غير بڻجي ويو آهين.’
    پر زبان سان هڪ لفظ به نه چيائين.
    هن سشيءَ جي جهڪيل اکين تي نگاهون اٽڪائي، وات مچڪائي چيو،
    “سشي، مان توکي پائي رهندس.” هن اِهو جملو خبر نه آهي، ڪائون دفعو دهرايو هو.
    سشي دل ئي دل ۾ مرڪڻ کان پاڻ روڪي نه سگهي. ‘پائڻ جي حد تي پهچي، وڃائي وري پائڻ ڪٺن ئي نه، اڻ ٿيڻي آهي.’ وري به دل جي بات زبان تي نه آندائين.
    منوهر هيڏي ايندي سوچيندو آيو هو ته سشي کيس ويڻن جي تيرين سان پريشان ڪندي، سندس دل کي گهاءَ مٿان گهاءُ رسائيندي. پر سشيءَ جي خاموشيءَ کيس ششدر ڪري ڇڏيو، گلو گهٽي بي زبان ڪري وڌو. هن سشيءَ کي ڳالهارائڻ ٿي چاهيو. پر نه موضوع سجهيس، نه لفظ اُڪليس. اِن وچ ۾ نڙي ئي نه، چپ به خشڪ ٿي ويس.
    سشي هن جي ويجهو ويٺي به دور هلي ويئي هئي. ڪافي دور.
    ڪملا نهرو پارڪ ۾ هوءَ منوهر جو انتظار ڪري رهي هئي. بتيون ٻري چڪيون هيون. پارڪ جي چهل پهل گهٽبي گهٽبي ختم ٿي ويئي. هن جو منهن ئي نه، من پريشان، اڃا به وڌيڪ پريشان ٿي رهيو هو. پوءِ به هوءَ ويٺي هئي آس جو پلؤ پڪڙي. جڏهن پارڪ ۾ ڪو بني بشر نه رهيو، تڏهن هوءَ گهٻرائجي اُٿي کڙي ٿي. بس ۾ هن جو هردو ئي روئي نه رهيو هو، هن جي شڪل به روئڻهارڪي ٿي ويئي هئي.
    بس مان لهي ڊانوان ڊول من ۽ لڙکڙائيندڙ قدمن سان پنهنجي ڪالونيءَ ڏانهن وڌندي رهي. پل جي هيٺان لنگهي رهي هئي جو پٺيان ڄاڻل سڃاتل ٽهڪ جو آواز ڪن تي پيس. هن پل هيٺان انڌيري مان منهن ورائي ڏٺو. پل ڀرسان نيم انڌيري کي چيري منوهر ۽ نرملا ڪالونيءَ طرف اچي رهيا هئا.
    سشيءَ کان ڇرڪ ئي ته نڪري ويو! هوءَ پل جي ديوار سان لڳي بيٺي. گويا پاڻ ئي چور هئي ۽ سنديس ئي چوري پڪڙجڻ واري هئي…….
    منوهر ڄڀ سان چپ آلا ڪيا ۽ شرم پرچائڻ سانگي چيو، “اڄ ڇا چانهه جي پيالي به نه ملندي؟”
    سشيءَ خود هن جي ڀرسان اُٿي وڃڻ ٿي چاهيو. موقعو ميسر ٿيندو ڏسي، هوءَ بنا دير اُٿي کڙي ٿي ۽ رنڌڻي طرف وڌڻ لڳي.
    پٺيان بي اختيار منوهر چئي ويٺو، “ٽي ڪوپ ٺاهج.”
    “ٽي ڪوپ!”
    سشي رنڌڻي کان ٿورو اوڀرو بيهي رهي.
    هن ڪنڌ ڦيري منوهر ڏانهن ڏٺو ۽ هن کان ٽهڪ نڪري ويو.
    منوهر وائڙو ٿي ويو.
    هن چيو، “مان…… مان ٻه ڪوپ نه پيئندس.” پوءِ هڪ ئي ساه ۾ چيائين، “نرملا جي اچڻ جو وقت ٿيو آهي نه؟”
    سشيءَ جو منهن ڪاراٽجي ويو.
    منوهر هن جي منهن جو ڦريل رنگ ڏسي ئي ڏسي تنهن کان اڳ هوءَ منهن ڦيري رنڌڻي طرف وڌي ويئي.
    سنديس ئي گهر ۾، سنديس ئي سامهون پيار جون رنگوليون ٿيڻ واريون هيون!
    رنڌڻي ۾ پهچي هن هڪ ڪوپ جيترو پاڻي اسٽوو تي رکيو. پاڻي به ڪڙهي رهيو هو ۽ هن جي دل به ڪڙهي رهي هئي.
    ‘هو پاڻ کي آخر سمجهي ڇا ٿو؟ مونکي پارڪ ۾ اچڻ ۽ ترسڻ جو چئي نرملا کي سئنيما ڏيکارڻ وٺي وڃڻ جي گهاءُ رسائڻ مان هن جي دل نه ڍاپي جو منهنجي سامهون ئي منهنجي گهر ۾ هن سان پيار جتائي زخم تي لوڻ ٻرڪڻ ٿو چاهي؟
    هيءَ پرشن جي ذات!’
    يڪا يڪ رات پل هيٺ ٻڌل لفظ هن جي ڪنن ۾ ٻريا،
    “نمي! هفتي ۾ هڪ دفعو ضرور ڪا نه ڪا پڪچر گڏ ڏسنداسين.”
    ‘هو گڏ پڪچر ڏسندا، کلندا خوش ٿيندا، هٿ هٿ ۾ ڏيئي گهمندا ڦرندا ۽ مان؟ مان هن جو اوسيئڙو ڪڍنديس، روئنديس رڙنديس ۽ اُف نه ڪنديس. مٿان هنن کي چانهه پيارينديس، گڏجڻ مسجڻ جو موقعو ميسر ڪري ڏينديس.’
    سشي دل ئي دل ۾ پاڻ تي غصو ڪرڻ لڳي.
    ‘مان کين گڏجڻ مسجڻ ۽ گهرو پوڻ جو موقعو ميسر ڪري نه ڏيان ها ته ڇا مونکي هيءُ ڏينهن ڏسڻو پوي ها؟ پر… پر مونکي ڇا خبر هئي ته منهنجي ڏسندي ڏسندي منوهر نرملا ڏانهن ڇڪجي ويندو، خاص ڪري جڏهن هن پيار ئي نه جتايو هو، شادي ڪرڻ جو واعدو به ڪيو هو، هڪ دفعو ئي نه، الاهي دفعا……….
    هيءَ پرشن جي ذات…!! ‘
    هن چانهه ۾ کير وڌو، کنڊ وڌي مگر هن جي دل جي ڪڙاڻ، ڪڙاڻ ئي رهي… زهر جهڙي.
    “سشيلا دادي! مان اندر اچي سگهان ٿي؟”
    سشيءَ چوڻ چاهيو، “نه.” زبان سان “ها” به نه چيائين. چوڻ جي ضرورت به نه پيس.
    منوهر اُتساه سان چيو، “اچ، اچ نرملا.”
    رنڌڻي جي دريءَ مان سشيءَ ڏٺو. نرملا لڏندي لمندي منوهر طرف وڌي رهي هئي، چپن تي عجيب مرڪ کڻي ۽ اکين ۾ انوکي چمڪ ڀري.
    منوهر ڏسڻ ۾ نٿي آيس پر مرڪ ۽ چمڪ جو سنگم هن جي منهن تي به هوندو. هوءَ پڄري ويئي. پوءِ به چانهه جو ٻيو ڪوپ ڪاڙهڻ لاءِ رکيائين.
    “دادي ڪٿي آهي؟” نرملا جو آواز آيو.
    “ويهه. دادي رنڌڻي ۾ آهي.” منوهر جو آواز بلند ٿيو.
    وري ڪو آواز نه آيو.
    سشيءَ سوچيو،
    ‘پوءِ به ٻئي ڳالهائيندا ئي هوندا. زبان سان کڻي نه، اکين سان. ۽ اکين معرفت دليون بهتر ڳالهائي سگهنديون آهن.’ جلن سان ڪاراٽيل دل جي دونهين جي باوجود هن جي ڳلن تي هلڪي سرخي ڊوڙي آئي. شخصي آزمودي جي سمرتي ساڻ کڻي.
    اچانڪ هن جي ڪنن ۾ ٻنهي جي آوازن ۾ پڙاڏو ٿيو، “دادي.”
    هوءَ سچ پچ ٻنهي جي دادي رهي هئي. ماسترياڻي.
    اٺاويهن سالن جي منوهر کي سرڪاري نوڪري ڪندي بي اي پاس ڪرڻ جو ڪُڏ کنيو هو ۽ کنيائين هسٽري پاليٽڪس، ۽ اوچتو هن جو ڌيان سوشل اِسٽڊيز پاڙهيندڙ ايم اي پاس پاڙيسرياڻيءَ …. ماسترياڻيءَ ڏانهن کڄي ويو. ٽيوشن ڏيندي وٺندي ٻه هم عمر هڪ ٻئي کي پرجهڻ پروڙڻ ئي نه لڳا، پر ٻه دليون نئين سر جوان ٿي ويون ۽ ٻن سالن جي صحبت محبت ۾ بدلجي ويئي. اِن وچ ۾ ساڳيءَ ڪالونيءَ ۾ رهندڙ نرملا يارنهين درجي تائين پهتي. مڇي مانيءَ وارن مائٽن سال بچائڻ سانگي سنجهيئي هن کي ٽيوشن لاءِ سشيلا داديءَ وٽ موڪليو. ۽ … ۽ تفرقو ئي ڦري ويو!
    ڪوپن ۾ چانهن اوتيندي سشيلا پاڻ پرڀائڻ سانگي سوچڻ لڳي، ‘ماسترياڻي شاگرد جي پيار کان ٻن وديارٿين جو پيار وڌيڪ سڀاويڪ ۽ سهائيندڙ آهي.’
    پر نامراد دل کي ڪا تسڪين نه آئي.
    پڄرندڙ من ۽ ٻرندڙ تن سان هن ٻه ڪوپ آڻي هنن اڳيان رکيا.
    هو ٻئي پريشان ٿي هڪ ٻئي جو منهن تڪڻ بعد ڏانهس نهارڻ لڳا. منوهر ساهس سنڀالي چيو،
    “تون… تون پنهنجي لاءِ چانهه نه کڻي آئي آهين؟”
    “مان نه پيئنديس،” سشيلا نرملا جو انگريزي ڪتاب کڻندي چيو، “مونکي مٿي ۾ سور آهي.”
    مٿي جي سور لاهڻ لاءِ گهڻا چانهه پيئندا آهن. پنهنجو جواب ٻڌي سشيلا ششدر ٿي ويئي ۽ ڪتاب جا تڪڙا تڪڙا صفحا اُٿلائڻ لڳي.
    منوهر چور نگاهن سان نرملا ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ چانهن جو ڪوپ کڻي چپ چاپ پيئڻ لڳو.
    نرملا حيران ٿيڻ کان وڌيڪ هراسجي ويئي. هن جو هٿ چانهه ڏانهن نه وڌيو. بنڊ بڻجي ويٺي رهي. منوهر کي به همٿ نه ٿي جو چانهه پيئڻ لاءِ چويس.
    کائيندڙ ماٺ جي مهر وري به سشيلا ئي ٽوڙي. چيائين، “ڪالهه وارو انگريزي سبق تو چڱيءَ ريت سمجهيو؟”
    نرملا اکيون مٿي ڪري چيو، “هڪ حوالو نه سمجهيم.”
    سشيلا سبق اڳ ئي کوليو هو. ڪتاب هن ڏانهن وڌائي چيائين، “ڪهڙو؟”
    منوهر جا پت اِن وچ ۾ سنوان ٿي ويا هئا. چيائين، “پهريائين چانهه پيءُ پوءِ ٻڌائينس.”
    نرملا گويا ٻڌو ئي ڪونه هن حوالي واريءَ سٽ تي آڱر رکي.
    سشيلا جي دل زور سان ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي. جملو هئو: “ايوري ٿنگه اِز فيئر اِن لو ائنڊ وار”. پيار ۽ جنگ ۾ سڀ روا آهي.
    سشيلا چوڻ چاهيو، ‘اِهو جملو مونکان وڌيڪ منوهر سمجهائي سگهندء.’ پر چيائين:
    “چڱو، تون پهرين چانهه پي وٺ.”
    جملو منوهر به پڙهي ورتو هو. هن جي دل به زور زور سان دڪ دڪ ڪري رهي هئي. هن نرملا ڏانهن نهاريو. مگر هوءَ ٻالي ڀولي بڻجي چانهه پي رهي هئي.
    سشيءَ جي من ۾ آيو ته جئن گائيڊ مان طوطي جيان اِهو حوالو ياد ڪري ڪالهه ڪلاس ۾ وديارٿين کي ٻڌايو هئائين تئن اڄ به ساڳي رٽ لڳائي. پر الائي ڇو، من اِن ڳالهه تي محڪم نه رهيس. چيائين:
    “اڌ صحيح آهي. جنگ ۾ سڀ ڪجهه روا ٿي سگهي ٿو، پيار ۾ نه.”
    سشيءَ اِهو سڀ ڪجهه ڪتاب مان اکيون ڪڍڻ کان سواءِ ئي چيو.
    پوءِ به منوهر ائين سمجهيو ته هوءَ ساڻس مخاطب هئي. ڳالهه کي درسي سطح تي آڻڻ لاءِ چيائين، نرملا ڪاليج ۾ ٿوروئي آهي جو پنهنجو يا تنهنجو رايو لکي ايندي ته اڌ صحيح آهي، اڌ غلط.”
    سشيءَ ڀانءِ ته هن کي ٻڌوئي نه. چوندي رهي:
    “جنگ ڌڪار جي پيدائش آهي. ان ۾ سڀ ڪجهه روا آهي. پر پيار؟ اهو ته ڌڪار جو ضد آهي. تنهن کان سواءِ پيار اِنسان جو سٺي ۾ سٺو جذبو آهي. ان ۾ سڀ ڪجهه روا نه آهي. ٿيڻ به نه کپي.”
    سشي چپ ٿي ويئي. اکيون مٿي نه کنيائين. پوءِ به ڀانپي ورتائين ته منوهر ۽ نرملا جون نگاهون هڪ ٻئي سان مليون ۽ الڳ ٿي ويون.
    هن کي ائين لڳو ته سنديس سامهون جي جوابدارن موجود هئا تن مان هڪ معصوم هو ۽ هڪ گنهگار. گنهگار جو پرواني مان ڀنئرو بڻيو هو، جو هڪ گل کان پوءِ ٻئي گل مٿان ڦيرا پائڻ لڳو هو. ۽ ڇا اُتي بس ڪندو؟ ڪندو بس؟؟
    هن جي دماغ ۾ ساڳيو سوال گونجندو رهيو. جواب نه پائي، تهائين بلند ٿيندو ويو، ۽ هن پنهنجو مٿو ڦرندو محسوس ڪيو. هن سمورو ساهس جمع ڪري پاڻ سنڀاليو ۽ جهيڻي آواز ۾ گويا پاڻ سان ڳالهائيندي چيو، “نرملا، اڄ منهنجي طبيعت ٺيڪ نه آهي. تون وڃ. سڀاڻي ٻه ڪلاڪ ٽيوشن ڏينديسانءِ.”
    نرملا پنهنجيءَ داديءَ ڏانهن نهاريو. طبيعت جي ناسازي هن جي چهري مان بکي رهي هئي. هن منوهر ڏانهن به نه ڏٺو. پنهنجا ڪتاب سهيڙيائين ۽ سشيءَ جي هٿن ۾ ڍلو جهليل انگريزي ڪتاب کنيائين ۽ چپ چاپ ٻاهر وڃڻ لڳي.
    منوهر ڪجهه چوڻ چاهيو. پر لفظ گلي ۾ اٽڪي پيس. هو نرملا کي ٻاهر ويندو ڏسندو رهيو.
    هوءَ هلي ويئي، پوءِ به اکيون دروازي تي اٽڪيل رهيس.
    سشيءَ ڪرسيءَ جي پٺيءَ تي ڪنڌ لڙڪائي ڇڏيو هو. ڪنڌ مٿي ڪرڻ بنا چيائين، “تون به وڃي سگهين ٿو.”
    منوهر کان هلڪو ڇرڪ ڀرجي ويو. پوءِ پاڻ سنڀالي چيائين، “سشي، اڄ توکي ٿي ڇا ويو آهي؟”
    لهجي ۾ جا پنهنجپائي هئي، تنهن سشيءَ کي ويتر چڙ ڏياري. شوخ نوع ۾ چيائين، “پاڻ کان پڇ.”
    منوهر کي گويا پنهنجي قصور جو پهريون دفعو احساس ٿيو، سو به شايد نرملا جي عدم موجودگيءَ ۾، پر جلد پاڻ تي مڪمل قابو پائي چيائين،
    “آءِ ائم ساري. ڪالهه آفيس ۾ اوور ٽائيم ٿي پيو. مون کي سچ پچ ته ڏاڍو ڏک آهي.”
    سشيءَ منجهيل من ۽ پريشان دماغ سان به ٻه ڳالهيون پروڙيون: ‘پرش چالاڪيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي ۽ جتي اَڏڻ نه چاهيندو آهي تِتي ڇڏڻ به نه چاهيندو آهي.’
    دورانديش! هن جي ڪڙهندڙ من بڙ بڙايو.
    ‘دورانديش منهن جو موچڙو….’ ۽ زبان مان نڪتس، “تون هليو وڃ هتان!” وري چيائين، “مهرباني ڪري.”
    منوهر گويا ٻاڏايو، “اعتبار ڪر، سشي.”
    سشيءَ ۾ خبر نه آهي، ڪٿان سگهه آئي. ڌڙام سان اٿي کڙي ٿي. اکين مان ٽانڊا برسائيندي چيائين:
    “نه ويندين ته مان اوڙو پاڙو ميڙينديس.”
    منوهر سچ پچ ته ڊڄي ويو. هن سشيءَ کي رسندو، ڏمربو الاهي دفعا ڏٺو هو پر هن جو ههڙو ڀوائتو روپ هن اڳ ڪڏهن نه ڏٺو هو. ۽ هن جي من ۾ رتي ڀر شڪ نه رهيو ته هوءَ ڪا اوڙو پاڙو ميڙڻ کان گسندي. هو امالڪ اُٿي کڙو ٿيو ۽ ڪنڌ ڦيرڻ کانسواءِ ئي دروازي ڏانهن وڌيو.
    سشيءَ تکي آواز ۾ چيو، “وري هت ڪڏهن به نه اچجانء.”
    يڪا يڪ هن جي دماغ ۾ هڪ سوال نئين سر گهميو، ‘ڇا پيار ۾ سڀڪجهه روا ٿيڻ کپي؟’
    ۽ زبان سان هن چلايو، “نه، نه، نه…….”
    دماغ ۾ ڦريس، ‘ڪوڙ، حرفت ۽ ڪپت ڇا اِهي پيار جا انگ آهن؟’
    هن پيار بابت پڙهيو ۽ پاڙهيو نه معلوم ڪيترا دفعا هو پر آزمودو پهريون ئي هوس.
    ‘پهريون انگور ئي کٽو نڪتو هو.’ اُڀ گجڻ بعد برسڻ لڳو؛ سشيءَ جي اکين مان اشڪن جون ڌارائون وهي هليون. کٽي انگور مان ڦٽي نڪتل کاريون ڌارائون.
    “ڇو، اڄ نرملا ڪانه آئي آهي؟”
    اِهو هن جي ماءُ جو آواز هو. مندر مان موٽي ٿي ڏٺي.
    سشيءَ جي جيءَ ۾ آيو ته وڃي ماءُ سان لپٽان. هن جي ڇاتيءَ ۾ منهن لڪائي روئان، رڙان ۽…. ۽ هيانءُ هلڪو ڪريان. يڪا يڪ هن کي ياد آيو ته گذريل ٿورن سالن کان هوءَ ماءُ کان وڌيڪ سنديس پيءُ رهي هئي. اِستريءَ کان وڌيڪ پرش رهي هئي. ۽ پرش اڳيان نرٻلتا ڏيکارڻ اڄ سشيءَ کي هرگز منظور نه هو.
    هن پاڻ ئي پنهنجا آنسو اُگهيا. ماءُ ٻڇتيءَ ۾ هلي ويئي هئي، ٺاڪرن جي شيوا ڪرڻ لاءِ. سشي اوچي ڳاٽ رنڌڻي ۾ گهڙي ويئي. ماءُ ۽ پنهنجي ڪاڻ چانهه ٺاهڻ لاءِ……..
    *


    2. ٻڏندڙ سورج، افق جي روشني : پوپٽي هيراننداڻي

    ڪونج فيبروري 1967ع
    ..............................

    سشيلا ڇوڪرين کي انگريزيءَ ۾ مضمون لکڻ لاءِ ڏنو. مضمون جي وشيه هئي If I were a boy (مان جيڪر ڇوڪرو هجان ها) مضمون لاءِ ٻه فرجا (Periods) مقرر ٿيل هئا.
    هونئن سشيلا پهرين پاڻ مضمون جي وشيه تي بحث ڇيڙيندي هئي. ڇوڪرين کان ڪي ننڍا وڏا سوال، ۽ هوءَ کين مضمون جي پئرگراف شروع ڪرڻ جي طرز به ٻڌائيندي هئي. پوءِ ٻئي پيريڊ ۾ ئي ڇوڪريون مضمون لکڻ شروع ڪنديون هيون. پر اڄ سشيلا شاگردياڻنين کي سڌو ئي چيو ته “مضمون لکو؛ ڏسان ڇا ٿيون لکو.”
    پاڻ مٿي ڊيز (Dice) تي پيل ڪريسيءَ تي ويهي سامهون کليل دريءَ مان نهارڻ لڳي. دريءَ مان ته ڪجهه به نظر ڪو نه ٿي آيو. صرف هڪ مڪان جي ڀت هئي اتي. پر سشيلا جي من روپي ڪُنَ ۾ ويچار تيزيءَ سان ڦري رهيا هئا. سندس اکيون سامهون نهاري رهيون هيون مگر سندس من پٺيان ڏسي رهيو هو.
    آرتوار جو ڏينهن هو. منوهر کيس هئنگنگ گارڊن (Hanging Garden) وٺي آيو هو. “ناز ريسٽارنٽ” جي پهرئينءَ ماڙ تي ڪنڊ ۾ پيل ميز جي چوڌاري پيل ڪرسين مان ٻن تي ويهي ڪافي پي رهيا هئا. اوچتو منوهر گنڀير ٿي چيو، “توکي پيو سڏي.”
    سشيءَ پٺيان نهاريندي پڇيو، “ڪير؟”
    اتي ڪنهن کي نه ڏسي هن سوالي نگاهه سان منوهر ڏانهن نهاريو.
    منوهر مشڪي هٿ سان اشارو ڪندي چيو، “هيءُ.”
    سامهون هڪ ڊگهو وڻ هو. ان جون ٽاريون لڏي رهيون هيون.
    اڳيان پٺيان……… اڳيان پٺيان…..
    منوهر انهن جيان پنهنجي ٻانهن لوڏيندي چيو، “هيءُ وڻ ٻانهون لوڏي هٿ جي اشاري سان توکي پيو سڏي چوي: هيڏي آءُ………. هلي آءُ………. هيڏي آءُ…….. هلي آءُ…….. پر تون مونکي ڇڏي وٽس متان وڃين!”
    سشيلا جي من مان خوشيءَ جي هڪ لهر اٿي ۽ سندس چهري تي چمڪندڙ مشڪ بڻجي ويهي رهي.
    اتان اٿي هو ٻئي باغ ۾ آيا ۽ اچي لان تي ويٺا. سندن پٺيان ۽ پاسي کان گلن سان ڇانيل ٻوٽن جون قطارون هيون.
    هڪ ڀونئر گل تان اٿي سشيءَ جي ويجهو آيو ۽ پوءِ دور اڏامي ويو.
    منوهر پنهنجو وات سشيءَ جي ڏائي ڪن جي ويجهو آندو ۽ اکيون بند ڪري، ڪنڌ ڦيرائي، ڀونئر جي گونجار جو نقل ڪندي ڳائڻ لڳو،
    “تون………..اون………تون……اون…..” ائين ڪندي سندس چپ سشيءَ جي ڪن کي ڇهي ويا.
    سشيءَ جي من ۾ پيار جو هڳاءُ ڀرجي آيو. سندس اکين ۾ خمار هو ۽ ساري شرير ۾ هڪ عجيب جهرجهري ڦهلجي رهي هيس. هن پنهنجو سر منوهر جي ڪلهي تي رکي ڇڏيو. منوهر سندس چيلهه جي چوڌاري ٻانهن ورائي. سشيءَ ڀانيو ته سرڳ هيٺ لهي آيو آهي………
    اڳيان ئي بينچ تي ساوتري ويٺي هئي. هوءَ ڇوڪري هئي ۽ ڇوڪرو بڻجڻ جي تمنا ڪڏهن به ڪونه ڪئي هئائين. ڪاپيءَ تي اڌ سٽ لکي هوءَ هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳي. پنهنجي داديءَ جي منهن تي رنگين پڙدا لهندا چڙهندا ڏسي، هوءَ ڏاڍي دلچسپيءَ سان هن جي چهري کي ڏسي رهي هئي. سشيلا کي پنهنجو پاڻ سان مرڪندو ڏسي، هن ڀرسان ويٺل ڪملا کي ٺونٺ هنئي. ڪملا اڌ صفحو لکي چڪي هئي. وڌيڪ ڇا لکبو، سو کيس سجهوئي نه پئي. اکين ئي اکين ۾ ساوتريءَ جي ڳالهه سمجهي هوءَ به سشيلا ڏانهن نهارڻ لڳي. پوءِ ٻئي گڏجي کلڻ لڳيون.
    اوچتو سشيلا سامهون نهاريو. ڪملا ۽ ساوتريءَ کي کلندو ڏسي، هن پاڻ سنڀاليو. ڪلهن تان ساڙهيءَ جو پلئهُ ورائي هوءَ سڌي ٿي ويٺي.
    ٻيءَ کن ۾ کيس ياد آيو ته مان ماسترياڻي آهيان.
    هن ساوتريءَ ڏانهن گهور ڪري نهاريو. پر سندس اکين مان غصو ته ٽپڪيو ئي ڪين. ڪملا ٻي ڇوڪريءَ تان ڏسي هڪ سٽ وڌيڪ لکي ورتي پر ساوتريءَ پنهنجي ڪاپيءَ ۾ صرف هڪ ننڍڙو ليڪو رهڙيو.
    سشيلا ڊيز تان هيٺ لٿي ۽ ڪلاس ۾ چڪر ڏيڻ لڳي. هر هڪ بينچ وٽ هڪ ٻه سيڪنڊ ترسي هوءَ دريءَ وٽ اچي بيٺي ۽ هيٺ نهارڻ لڳي. هيٺ، بس اسٽاپ وٽ هڪ ڇوڪرو ڇوڪري هڪ ٻئي جو هٿ پڪڙي، لوڏائي رهيا هئا. ڇوڪرو ڇوڪريءَ جي منهن ۾ نهاري ڪجهه چئي رهيو هو ۽ ڇوڪري هر گهڙيءَ ڪنڌ پٺيان اڇلي ٽهڪ ڏيئي رهي هئي.
    سشيلا سوچي رهي هئي ته ‘ڪاليجي جيون ۾ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ڪيئن نه البيلا مستانا ٿي پيا گهمن کلن! جڏهن مان ڪاليج پڙهندي هيس تڏهن منهنجي ساهيڙي راڌڪا ۽ هو ڪارو ارجن ڪيئن نه پاڻ ۾ پيا گڏجندا ۽ گهمندا هئا! راڌڪا ته هن پٺيان جنسي چري هئي. شام جو ارجن سان پڪچر تي وڃڻو هوندو هوس ته صبح کان وٺي سندس اکين مان رس ٽپڪڻ لڳندي هئي! ۽ هوءَ سندري؟ چوندا ڪاري ڪوئل هئس پر سندس ڳائڻ پٺيان هرڪو مست هو. ڇا ته ڳرائي هوندي هيس! پر موهن کي ڏسندي ئي ڪهڙي نه چلولي ٿي پوندي هئي! ڳالهه ٻڌڻ کان اڳ ئي پيئي کلندي هئي.’
    ‘هڪ ڏينهن ڪلاس سان گڏ جُهو تي پڪنڪ ڪرڻ ويئون هيوسين. سڀ سمنڊ جي ڪناري تي ليڊر گيم (Leader Game) ڪري رهيا هئا. مون کي اچي اڃ ستايو. سو لنگهي ويس Palm Grove هوٽيل ۾ هال جي ڪنڊ ۾ پيل سوفا تي سندري ۽ موهن ويٺا هئا. ٻئي هڪ ٻئي ۾ اهڙا گم هئا جو مونکي ڏٺائون به ڪين!
    گهر موٽيس منهنجي اڳيان هر گهڙيءَ اهو ئي نظارو پئي ڦريو! ان وقت مان پاڻ کي ڪهڙي نه اڪيلي اڪيلي محسوس ڪرڻ لڳيس! ‘
    ‘هو چريو ساجناڻي منهنجي پٺيان پيو ڦرندو هو. پر منهنجي دل تي ڪنهن مرداني شخصيت جو پاڇوئي ڪين پيو! ‘
    ‘هاڻي ته منوهر جي کلڻ ڳالهائڻ، اچڻ وڃڻ، اٿڻ ويهڻ، سڀ جا منهنجيءَ دل ڄڻ فوٽا کينچي ورتا آهن. صرف فوٽا ئي هجن ها ته به ٺيڪ، هنجي ته هر هڪ ادا منهنجي دل تي اڪرجي ويئي آهي. الائي هاڻي ڇا ٿيندو؟’
    سشيءَ جي چهري تي اداسي پنهنجا پر پکيڙي ويهي رهي. هوءَ دريءَ واري جاري تي ٺونٺ رکي ڳٽي تي هٿ رکي ڏنگي ٿي بيهي رهي. ساوتري وري به ڏانهس نهاري ڪملا جي ڪلهي کي ڇهي، ڪنڌ لوڏي چيو،
    “تَه ته ……. ته ته…….. ويچاري اسان جي دادي!”
    رسيس ملي. سشي ڪرسيءَ تي ويهي پنهنجو ڪنڌ ڪرسيءَ جي پٺيءَ تي رکيو ۽ اکيون بند ڪري ڇڏيائين. گلي اچي سندس ڀرسا ويٺي: “ائي، تنهنجي اها نمو آهي نه؟ تنهنکي نه ٿي چوين ته اسڪول جي فنڪشن تي ڊانس ڪري؟”
    سشي پنهنجي اندر ۾ ئي گهمي رهي هئي. هن سوال ٻڌو ئي ڪين. گليءَ کيس ٿيلهو ڏنو. “اڙي، مائي! هيئن ڪنڌ ڇو لڙڪايو اٿيئي؟ ڪهڙي خيال ۾ گم آهين؟ اسڪول ۾ پئي وسين يا اسپتال ۾؟”
    “نڪو اسڪول ۾ نه ئي وري اسپتال ۾. هيءَ ته ڪنهن جي من ۾ وسي رهي آهي.”
    ڪلان جي ان چرچي جو مطلب سڀني ڪو نه سمجهيو پر ٽهڪ سڀني گڏجي ڏنو. گليءَ کي سشيءَ تي تاءُ آيو. هن ڳالهه بدلائڻ لاءِ سشيءَ کي ڌونڌاڙيندي چيو، “ٻڌين ٿي ڙي! پنهنجي نرملا کي چؤُ ته هڪ Solo Dance تيار ڪري وٺي. ماستر کان سکندي ته آهي ئي، هونئن سندس مائٽ مڃيندا ئي ڪين. تنهنجي چوڻ کي ڏسي مڃي ويندا.”
    ڪلان وچ ۾ ڍيڪ ڏنو. “پر خبر اٿيئي ته فنڪشن تي ايڊيوڪيشن منسٽر ڪو نه ٿو اچي؟ ان ڪري ائگريڪلچر منسٽر چتروال کي عرض ڪيو اٿن.”
    “چتروال اچي يا ٻڪروال. فرق ڪهڙو پوندو؟ وزير پاڻ ٿورو ئي ٿو ڳالهائي؟ جيڪي سندس سيڪريٽري لکي ڏيندو سو ئي اچي ٻوليندو. پنهنجو ڪم اسم پيش ڪرڻ سان ڪين؟” گليءَ گوڏي تي هٿ رکي سمرٽن لاءِ سشيءَ ڏانهن نهاريو.
    سشيءَ چيو، “سياستدانن جو شاگردن سان ٿوروئي پيار رکيو آهي؟ هنن جو مطلب پنهنجي عهدي سان آهي اسڪول ۽ ڪاليج به کين نينڍون ڏئي خوش رکي ويٺا آهن ۽ موٽ ۾ هو سندن ڪاروبار ۾ دخل ڏيئي کين جنتا کان ڇڏائي ويٺا آهن. تعليم جو ٿيو الهه واهي. نه بگاڙو وڃي سگهي ۽ نه ويچارو سڌارو اچي سگهي.”
    گليءَ کلي چيو، “تنهن ڏينهن ٻڌم ته ڪامرس ڪاليج جي شاگردن پنهنجي سالياني اُتسوءَ ۾ ڊفينس منسٽر کي گهرايو هو. ڳالهه آهي ڪ کل آهي؟ ڪجا ڪامرس ڪجا ڊفينس!”
    ڪلان پنهنجيءَ ڄاڻ جو ثبوت پيش ڪندي چيو، “ڇو؟ ائين ته نه چؤ. واپار مان پئسا ڪمائبا تڏهن ته وڙهڻ لاءِ هٿيار ٺهندا؟ پر تعليمي سنسٿائن جي جشن ۾ شامل ٿي اچي تقريرون ڏجن. اهڙو رواج پنڊت جواهر لعل ئي شروع ڪيو هو. هو يونيورسٽين جي ڪنووڪشن تي ويندو هو ۽ شاگردن کي وڃي صلاحون ڏيندو هو.”
    “جواهر لعل نهروءَ جي ته ڳالهه ئي ٻي هئي. هو نه شاعر هو نه فيلسوف، پر سندس شخصيت شاعراڻي هئي ۽ سندس ويچار فيلسوفاڻا، هن جي تقرير تي هن جي شخصيت جي ئي ڇاپ پيل هوندي هئي. ان ڪري شاگردن کي هن وٽان ڪنهن نه ڪنهن قسم جو خزانو ملي ئي ويندو هو. ٻيو ته نهروءَ ۽ شاگرد جو رشتو صرف تقرير تائين محدود نه هو. تقرير کان اڳ ۽ پوءِ به شاگرد ۽ نهرو هڪ ٻئي کي ويجهو هئا پر هنن وزيرن ۽ شاگردن جو پاڻ ۾ ڪو به سنٻنڌ ڪونهي. تقرير ختم ٿي، وزير گم ٿيو. پوءِ نه تو ڏٺي سهڻي نه مون ڏٺو ميهار.”
    گليءَ سشيءَ جي پٺيءَ تي ڌڪ هنيو، “سشيءَ جي ٻچي! بحث کي هميشه گنڀيرتا ڏانهن گهلي وڃين! اڙي ميهار جي سکي! منهنجي سوال جو جواب ڏنئهُ؟”
    ڪلان معنيٰ ڀري مرڪ مرڪندي چيو، “نمو ڊانس ڄاڻي اها ڳالهه شايد وڻيس ئي نه ٿي. ڇا ڪري ويچاري؟ اچي جواهر لعل کي جهليو اٿس.”
    سشيءَ ۽ گليءَ جون نگاهون ازخود ملي ويون. گليءَ ڪلان کي ڌماڪائيندڙ نوع ۾ چيو، “ڇوڪري! نهروءَ لاءِ ائين ڳالهائبو آهي؟ زبان جي ڪئنچي اهڙي گهرگهلي ڇو ٿي پئي اٿيئي ڙي؟”
    گهنڊ لڳو. سڀ ٽڙي پکڙي پنهنجي پنهنجي ڪلاسن ڏانهن هلڻ لڳيون. گليءَ سشيءَ جي تمام ويجهو لنگهندي ڀڻڪندي چيو، “نموءَ کير ۾ مک وڌي آهي ڇا؟”
    سشيءَ ڪو جواب ڪو نه ڏنو. صرف هڪ لنبو ساهه کنيائين.
    گليءَ ڏانهنس هڪ همدرد نگاهه اڇلي هلي وئي.
    سشيءَ کي فري پيرڊ هيو. هوءَ وري به خيالن جي دنيا ۾ کوهجي وئي.
    ‘پريم ائين آهي جهڙو پارو. سندس ترل چمڪ ڪهڙي نه موهيندڙ آهي! پر هڪ وار جي هارجي پيو ته پوءِ ميڙي گڏ ڪرڻ ئي مشڪل! ته ڇا منهنجو پيار سچ پچ هارجي پيو آهي؟’ سشيءَ جون اکيون آليون هيون.
    ‘منو مونکي ڪيترو نه چاهيندو هو! هو مونکي پيار ڪندو هو ته مان جيئري هيس، نه ٿو ڪري ته منهنجي زندگي ختم ٿي ويئي. اهي کن، جن ۾ پيار ڀريل هو، گذري ويا! پر زندگي ته کن جي ئي ٺهيل آهي! ۽ هر هڪ پل پنهنجو پاڻ ۾ سميٽيل هڪ زندگي آهي. هڪ زندگيءَ جو خاتمو اچي ٿو ته ٻيءَ زندگيءَ جو جنم ٿئي ٿو. ڪالهه واري زندگي خوشيءَ جي اوجلتا کڻي چمڪي رهي هئي ۽ سڀان جي زندگي غم جي دونهي سان ڪاراٽيل بڻجندي. ائين ڄمڻ کان مرڻ تائين جيڪو مفاصلو آهي، ان کي طئه ڪندي اسين گهڻيئي زندگيون جيئون ٿا ۽ گهڻيئي موت مرون ٿا.’
    اسڪول مان موٽندي نرملا بس اسٽاپ وٽ بيٺي هئي. سندس ساهيڙي اُشا رستو ڪراس ڪري رهي هئي ۽ هيءَ ان ڏانهن ئي نهاري رهي هئي.
    “اس ۾ هميشه ڪاري عينڪ پائڻ گهرجي….” آواز ٻڌي نرملا وائڙي ٿي وئي.
    منوهر سندس ڀرسان اچي بيٺو. “ائين ڪرڻ سان اکين جو بچاءُ به ٿيندو آهي ته سونهن به وڌي ٻيڻي ٿيندي آهي.”
    نرملا جي منهن تي خوشيءَ گاڏڙ حياءُ هلي آيو. هن منوهر ڏانهن پيار سان ڏٺو ۽ چيو، “جيڪا سهڻي نه هجي سا ڇا ڪري ڀلا؟”
    “ائين ته ڪا به ڇوڪري سهڻي ناهي. جڏهن ميهار مليس تڏهن ته سهڻي ٿئي.”
    نرملا جو من نچڻ لڳو. هوءَ من ئي من ۾ گنگنائڻ لڳي، “لڙهندي وڃان لڙ لهرن ۾…..”
    منوهر ڏانهس نهاري مشڪي رهيو هو. نرملا چيو، “اڄ آفيس ۾ ڪو نه ويو آهين؟”
    “ويو آهيان پر هينئر لنچ ٽائيم آهي.”
    “ته ڇا لنچ (Lunch) کائڻ بدران چڪر لڳائيندو آهين؟”
    “لڳائيندو ناهيان پر هينئر لڳايان ٿو.”
    نرملا پنهنجي ساڄي هٿ سان وارن کي ٿورو لساڙيو ۽ ڏائي سان وارن مان هڪ چڳ ڪڍي ان سان کيلڻ لڳي. هن کي ارمان ٿي رهيو هو ته ‘اڄ گلابي ڊريس ڇو نه پائي آيس؟ ان ۾ ڪهڙي نه سٺي لڳان ها! ٻاهر ڪڍيم به، پر پوءِ الائي ڇو، اندر رکي ڇڏيم.’ هن وري چنيءَ جو هڪ پلئهُ جهليو ۽ هڪ هٿ سان ان جي ڪنڊ پڪڙي ٻئي سان ان کي آڱرين تي ويڙهڻ لڳي.
    منوهر هن ڏانهن مٿي کان پيرن تائين نهاريو. پوءِ سندس ڪلهي تي هٿ رکي پڇيائين، “تنهنجي دادي گهر ويئي؟”
    “الائي، مون ڏٺو ڪين.” نرملا ائين ته چئي وئي پر پوءِ پڇتايائين، “ناحق ائين چيم، چوانس ها، ها ويئي هلي.”
    “اڇا! ڀلا جڏهن تو کيس ڏٺو تڏهن ڪيئن ٿو لڳي، خوش خوش يا اداس اداس؟”
    نرملا منجهي پيئي، ‘اسان جي گڏجڻ سان داديءَ جي حاضريءَ يا غير حاضريءَ جو واسطو آهي، ڪين هن جي اداسي ۽ خوشيءَ جو به ان سان ڪو تعلق آهي؟’
    هوءَ جيستائين سوچي ڪو جواب ڏئي تيستائين منوهر “چڱو” چئي هليو ويو.
    نرملا جي اکين ۾ جيڪا پيار جي لهر اٿي هئي، سا موٽي ويئي. ‘صرف هڪ ٻه سوال ئي پڇڻ آيو هو؟ ۽ سو به داديءَ جي باري ۾؟’ هاڻي منجهند جي اس ڄڻ ته کيس کائڻ پئي آئي. بس لاءِ ترسيل ماڻهن جي قطار به نهايت لنبي ٿي ويئي هئي. نرملا اوٻاسيون ڏيڻ لڳي.
    شام جو نرملا سويل ئي آئي هئي. سشي به هن لاءِ ترسي ئي ويٺي هئي. ميز ڏانهن هلندي ئي هن نرملا جي ڪاپي کنئي. ڪاپي کولي کيس سوال ڏيکاري چيائين، “هن جو جواب لک، ته مان ڏسان”
    نرملا ڪنڌ هيٺ ڪري لکڻ شروع ڪيو. سشي کيس چتائي ڏسڻ لڳي:
    “نمُو! منوءَ سان ڪهڙي پڪچر ڏسي آئينءَ؟”
    نرملا وسي ٿي ويئي.
    سشيءَ ڄاڻي واڻي پنهنجو منهن ڪتاب ۾وجهي ڇڏيو هو.
    نرملا ڏانهنس ڊپ ۽ شڪ واري نگاهه سان ڏسندي چيو، “هان؟”
    سشيلا منهن تي اٻوجهائي پکيڙي مٿي نهاريو ۽ هڪ دفعو اکيون ڇڀيندي، همٿائيندڙ مشڪ مشڪندي چيائين: “ڪهڙي پڪچر ڏٺئه؟”
    نرملا هٻڪندي چيو، “ممتا توهان کي ڪنهن ٻڌايو؟ منوهر؟”
    سشيءَ ڪنڌ مٿي کڻڻ بنان ئي چيو: “ڇو ڀائي؟ پڪچر ڏسڻ ۾ ڪهڙي چوري آهي؟ تون ٻڌائين يا هو ڳالهه ته ساڳي آهي.”
    “مونکي ڏاڍي وڻي. جيڪر ٻيو دفعو به ڏسان.”
    “اڇا؟” چئي سشيءَ سندس ڪاپيءَ ۾ نهاري، هن جي لکيل هڪ لفظ جي هِجي سڌاري.
    پڪچر سٺي هئي يا خراب، ان ڳالهه ۾ ته سشيءَ جي ڪائي دلچسپي نه هئي. منوهر کيس گڏجڻ لاءِ چئي نرملا سان گڏ پڪچر ڏسڻ هليو ويو هو، ان پيڙا پهچائيندڙ ڳالهه جي سڻس هوندي به سشيءَ وري به نموءَ جي واتان اهو ڪؤڙو سچ ٻڌڻ ٿي چاهيو. جيئن امتحان ۾ ڪنهن ٻالڪ جو حساب غلط ٿي پوندو آهي ۽ هو پوءِ ڪلپنا ڪرڻ لڳندو آهي ته شل جادو ٿي پوي ۽ منهنجو حساب صحيح نڪري پوي، تيئن سشي به اڻ وڻندڙ سچ کي قبول ڪرڻ کان هٽڪندي اها ڪلپنا ڪرڻ لڳي ته شل اهو سچ ڪُوڙ ٿي پوي!
    يا شايد انسان جي سوکيم، هن کي دک جي ڪؤڙاڻ چکڻ جي چاهنا ٿيندي آهي، ائين جيئن ڪن ڪن ماڻهن جي ذائقي کي ڪريلي يا موريءَ جي سواد وٺڻ جي خواهش ٿيندي آهي.
    سشي پنهنجي خيالن جي وهڪري کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر هر هر سندس نگاهون دروازي ڏانهن کڄي ٿي ويئون.
    ‘متان اچي؟’
    ‘برابر مون ئي کيس چئي ڏنو ته وري نه اچج پر منهنجو منو ايتري ۾ اهڙو پرائو ٿي ويندو جو مون کي پرچائڻ به نه ايندو؟’ آس نه هوندي به هڪ پاڳل اميد کيس هر هڪ آهٽ تي سچيت ڪري ٿي ڇڏيو. در تي کڙڪو ٿيو. سشي ٽپ ڏيئي اٿي. کير وارو ٻه رپيا اڌارا وٺڻ آيو هو. پئسا ڏيئي سشيءَ ڪاپيءَ تي ڪجهه لکيو. پينسل جو گورو ڀڄي پيو! سشي ميز تي رکيل ڇريءَ سان پينسل گهڙڻ لڳي.
    هوءَ پنهنجوپاڻ سان خفي ٿي رهي هئي پر پاڻ تي ضابطو رکي چيائين: “نمو! اڄ اچ ته نئون سبق شروع ڪريون!” نرملا جي اڳيان انيڪ ڳالهين جا ڌاڳا هئا. انهن کي اڻي ٺيڪ جڳهه تي وهاري ڪينءَ پڙهي! ٻانهون مٿي کڻي ڪر موڙيندي، آڱرين مان ٺڪاءَ ڪڍيائين ۽ چيائين:
    “بس دادي! مان ٿڪجي پيئي آهيان، سڀاڻي پڙهنديس، سڀاڻي پڪ گهڻو گهڻو پڙهنديس.”
    نرملا هلي ويئي.
    سج جا ڪرڻا وڌيڪ ڊگها ٿي رهيا هئا، پر سشيءَ جي من ۾ اوندهه هلي آئي هئي! هوءَ گهٻرائجي ويئي. جهڙو تهڙو چوٽو ڪري. ڪُنجي پاسي واريءَ کي ڏيئي هوءَ ٻاهر آئي، ۽ اچي بس ۾ چڙهي. ڪنڊيڪٽر سندس ڀر ۾ آيو، ته پئسا ڏيندي هن چيو: “چوپائي……. نه، ان کان به ٿورو اڳتي……..چڱو، ميرين ڊرائيور جي ڏي.”
    بس مان لهي هوءَ پنڌ ڪرڻ لڳي. ناريمن پائنٽ کان ڪجهه اڳيان، ٿلهي تي ويهي رهي. من جي ٻوساٽ ڄڻ سندس ستيا ئي ڪڍي ڇڏي هئي.
    سامهون واري بلڊنگ جي شيشي جي در درين تي سج جا سونهري ڪرڻا پئجي رهيا هيا. سڄو مڪان ٻهڪي رهيو هو. ڄڻ خواب ۾ ڏٺل راجمڪاريءَ جو سونو محل هو. گهڙيءَ پل ۾ آسمان جو رنگ مٽجي ڳاڙهو ٿي ويو! اولهه دشا ڳاڙهي ساڙهي پهري، سوني پينگهي تي ڪرمچي رنگ جي پلش جي چادر وجهي ان ۾ سج کي جهولائي رهي هئي.
    سج هيٺ گسڪڻ لڳو. هيٺ سمندر جون لهرون هيون ۽ مٿي آڪاش ۾ سونيون روپيون ليڪون! سشي وسمئه جي عالم ۾ کوهجي ويئي!
    اوچتو ڪنهن کيس مخاطب ٿي چيو؛ “معاف ڪجو اوهين مونکي سڃاڻو ٿا؟”
    سشيلا جي زبان مان حيرت ڀريو آواز نڪتو، “اڙي گنا گلو تون؟ ڪٿان اچي ٽيڪيو آهين؟ هيڏو وڏو ڪڏهن ٿئين ڙي؟”
    “۽ تون؟ دل ۾ دڪ دڪ ٿي رهي هئي…. متان ڪا بمبئيءَ جي ميم هجي؟… ڳالهايان ته ٿو پر ٽڪڻ تي پراڻي سينڊل جي ڪاٺ جي کڙي نه اچي ٺڪاءُ ڪري! پر من پپيهڙو ٻولي رهيو هو ته آهي پڪ اسان جي تتري!” سشيءَ کي سچ پچ پراڻو سينڊل پيو هو. هوءَ سنڀري ته گهران نڪتي ئي ڪو نه هئي. پر گني جي ائين چوڻ تي کيس بنهه لڄ ڪانه آئي.
    گني جو گهر به شهدادپوري پاڙي ۾ ئي هو، سشيءَ جي گهر جي لڳو لڳ. سشي چئن سالن جي هئي پر اڃا ٻاتي هئي. گني ماءُ کان ضد ڪري بيهه جي ڪچري گهرندي هئي،
    “مون ٿي تتري ٿپي…. تتري ٿپي…..” وڏي ٿي چوٿين درجي تائين اچي پهتي پر گني ماءُ کيس “تتري” ئي سڏيندي هئي!
    “تتري”! چئي سشي سمنڊ جي اڳيان وڌندڙ ڇولين جي مستيءَ سان ڀريل هڪ کليل ٽهڪ ڏنو.
    “تو به ڪمال ڪيو آهي! ههڙو سنهڙو سڪل ڪوڪلو هئين، هاڻي ته صوفي ٻير بڻجي پيو آهين!”
    “اڇا!” ٻئي چلولن ٻارن جيان ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳا.
    اوندهه ڦهلجڻ لڳي هئي. پر جتي سج ٽٻي ڏني هئي اتي اڃا روشنيءَ جو شعاع ڦٽي رهيو هو.
    سشيءَ کي ياد آيو…… ٻئي ننڍڙا هئاسين. انڊلٺ نڪتي هئي.
    گني چيو، “هل ته ڏسون ته انڊلٺ جون پڇڙيون ڪٿي آهن؟” هٿ هٿ ۾ ڏيئي ٻئي هلندا وياسين.
    اوندهه اچي ٿي… مان روئڻ لڳيس… گنو پرچائڻ لڳو،
    “چري! روئڻي! اوندهه ڪٿي آهي؟ سامهون ڏس، روشني ڪانهي؟ او ………. هتي!”
    *


    3. اڇي روشني ست رنگ : ڪرشن کٽواڻي

    ڪونج مارچ 1967ع
    ..........................

    ان ڏينهن سشيءَ جي گهران موٽڻ بعد منوهر جي دماغي ۽ دلي ڪشمڪش عجيب هئي. پهرين کيس غصو لڳو هو. سشيءَ کي سندس هيتري بيعزتي ڪرڻ جو ڪهڙو اڌڪار هو. منوهر جي دل پنهنجي آهي، هو ڪنهن کي به ڏيئي سگهي ٿو. سشي ڪير آهي جا سندس هيءُ حق ڇني. ۽ هوءَ آهي به ڇا؟ هڪ ننڍي اسڪول ۾ رواجي ماسترياڻي، جا ٽيوشن ڏيئي آمدنيءَ کي خرچ تائين رٻڙ جيان ڇڪڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. کيس ياد پيو ته سندس هڪ دوست جنهن کي سندس رومانس جي سڻس پيئي هئي، هڪ ڏينهن چرچي ۽ ساڀيا کي گڏيندي چيو هو:
    “اڙي متان ڪنهن ماسترياڻيءَ جي ڦندي ۾ ڦاسين! ماسترياڻين جي ذات ئي عجيب اٿيئي. هو مڙسن کي به ائين هلائينديون آهن ڄڻ اهي به سندن شاگرد آهن ۽ هميشه گهڻ ڳالهائو. گهر ۾ ائين ڳالهائينديون ڄڻ ڪلاس ۾ پاڙهي رهيون آهن.”
    منوهر ڳالهه چرچي ۾ اڏائڻ چاهي هئي، پر سندس دوست گنڀير هو. هو پنهنجي آزمودي مان چئي رهيو هو. گهٽ ۾ گهٽ هن ائين چيو،
    “دنيا ۾ سڀ انسان هڪجهڙا نه ٿيندا آهن. اهڙا قاعدا قانون جڙ شين سان لڳائي سگهبا آهن، نه جيئرن انسان سان” منوهر کلندي چيو هو. پر سندس اندر ۾ ڄڻ ڪنهن چهنڊڙي پائي پڇيو هو، ‘جو تنهنجو دوست چئي رهيو هو سو ڪنهن حد تائين درست نه آهي؟’
    ‘منهنجي سشي اهڙي نه آهي.’ منوهر پنهنجي من ۾ ڪئين دفعا دهرايو هو ۽ هلندڙ ٽرين ۾ دريءَ ڀرسان ويٺي، دريءَ مان ٻاهر نهاريندي. ماضيءَ جي گهٽنائن بابت سوچيندي، سشيءَ جا ڪئين روپ سندس دل جي اکين سامهون آيا.
    ٽيوشن جي پهرين ڏينهن ۾ سشي هچڪندي هئي، شرمائبي هئي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته هوءَ ڊڄي به ويندي هئي. سشيءَ جي منهن ۾ احساس جا ڪجهه لڪل، ڪجهه ظاهر طرح طرح جا اهي جذبا ڏسي منوهر دل ئي دل ۾ مرڪندو هو ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيندو هو ۽ سچ ته شاگرد ۽ ماستر جو ناتو ته نه هو هنن ٻن وچ ۾ بي اي جي ڪتابن ۾ ڪيترا اهڙا حوالا ايندا هئا جن ۾ استري پرش جي آدي سنٻنڌ جا پيار ۽ ڪشش جا کليل ذڪر ايندا هئا. اتفاق سان سندن آڱريون ملنديون هيون، يا گوڏا ٽڪربا هئا ته ٻئي سچيت ٿي ويندا هئا. سشيءَ جي اکين ۾ گهٻراهٽ ۽ هيڻائي جاڳندي هئي. پر جيئن هفتا مهينن ۾ بدلجڻ لڳا تيئن سشيءَ جي هچڪ به گم ٿيڻ لڳي.
    ان بعد جڏهن ميز هيٺان سندن گوڏا ٽڪرجندا هئا، يا ساڳيءَ ڪتاب کي جهليندي سندن آڱريون گڏجنديون هيون ته ڪير به سرڪي پري ٿي ويهڻ جي ڪوشش نه ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ٻئي چور نگاهن سان هڪ ٻئي ڏي نهاريندا هئا.
    منوهر کي اها سشي ڏاڍي وڻندي هئي. جڏهن چوري پڪڙ جي پوڻ تي سندس لوندڙين هيٺان ڳل ڳاڙها ٿي ويندا هئا يا سندس چپ ڦڙڪڻ لڳندا هئا.
    نه، سشي عام رواجي ماسترياڻين جيان نه آهي، منجهس ڪجهه آهي جو عام رواجي استرين ۾ نه هوندو آهي.
    اهو ڇا آهي؟
    پر ڪجهه آهي.
    ۽ اهو ئي سبب هو جنهن ڪارڻ جڏهن سشيءَ هن کي هلي وڃڻ لاءِ چيو هو ته هو ڪڇي به نه سگهيو هو.
    ۽ نمو، نرملا؟ نه هن بابت هو نه سوچيندو. هوءَ اهڙي نه آهي جنهن بابت سوچجي. هنن ٻن استرين ۾ هن عورت جا ٻه روپ ڏٺا هئا. هڪ گنڀير، سنجيده، فهميدو؛ ٻيو چلولو، سدا نچندڙ، بيپرواهه ۽ مرد جي سڀاءُ اهڙو عجيب آهي جو ڪڏهن هو عورت جي گنڀير روپ کي پيار ڪرڻ چاهيندو آهي ته ڪڏهين سندس چلولي روپ کي!
    شايد اهو ئي سبب هو جو سدا سشيءَ جو گنڀير ۽ ماٺيڻو روپ ڏسندي ڏسندي اوچتو جڏهن هن نرملا جو چنچل ۽ سدا اڇل کائيندڙ روپ ڏٺو هو ته هو پاڻ سنڀالي نه سگهيو هو. اهو روپ برساتي صبح جيان کيس نئون لڳو هو، وڻندڙ لڳو هو ۽ اڻڄاڻائيءَ ۾ هو اوڏانهن ڇڪجندو ويو هو. جتي سشيءَ جي ويجهو پهچڻ ۾ کيس ڪي مهينا لڳا هئا، ۽ ان بعد هوءَ هڪ پرولي هئي اتي نمو ڪن ڏينهن ۾ سندس ويجهو اچي ويئي هئي، ڄڻ ٻالپڻ کان ساڻس گڏ رهي هئي.
    منوهر کي اها سانجهي ياد پيئي جڏهين هو تڪڙو تڪڙو بس اسٽئنڊ ڏانهن وڃي رهيو هو. ان ڏينهن هن سشيءَ کي ڪملا نهرو پارڪ ۾ گڏجڻ جو وقت ڏنو هو ۽ کيس اڳئي دير ٿي ويئي هئي. اوچتو هن نرملا کي ڀر واريءَ گهٽيءَ مان نڪرندو ڏٺو. نرملا سندس ويجهو پهچي اکين ۾ شرارت ڀري کلي چيو:
    “ايڏو تڪڙو ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو.”
    “ڪيڏانهن نه” منوهر پاڻ ڇڏائڻ جي خيال کان چيو.
    “ته پوءِ منهنجو هڪ ننڍو عرض قبول پوندو؟”
    “چئو نرملا.” منوهر بيهي چيو.
    “بِهي ڇو رهيا. هلندي به ته ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون…. ٻڌو گهڻن ڏينهن کان ڪا پڪچر ڪانه ڏٺي آهي. اڄ دل کي کڄي بيٺي آهي. ڇا داسيءَ تي اها مهر ٿي سگهي ٿي؟” نموءَ ڪجهه ناٽڪي ڍنگ ۾ چيو.
    منوهر چيو: “نمو پر…..”
    نرملا منوهر کي ڪٽيندي چيو:
    “مون ناولن ۾ پڙهيو آهي مڙدن جي پر پنهنجي Superiority ڏيکارڻ لاءِ هوندي آهي، سچ ته ان ۾ ڪا به معنيٰ نه هوندي آهي. ٻڌايو ته توهان جي ڪهڙي پڪچر ڏٺل آهي. ڏسو بس به اچي ويئي.”
    هو بس اسٽئنڊ جي ويجهو پهتا هئا ۽ نرملا منوهر جي ها نه ٻڌڻ کان اڳ ئي بس ڏانهن ڊڪڻ لڳي هئي.
    بس ۾ ٻنهي جا هٿ مليا هئا ۽ ٻنهي هڪ ٻئي جي اکين ڏي گهوري نهاريو هو. سينيما جي اوندهه ۾ نرملا پنهنجو ڪلهو منوهر جي ڇاتيءَ سان لڳائي ڇڏيو هو ۽ وچ وچ ۾ هوءَ چرچا ڪري رهي هئي. انٽرويل ۾ هوءَ ڪڏهن پنهنجي پيالي مان آئيس ڪريم کائي رهي هئي،، ڪڏهن منوهر جي پيالي مان. هڪ ٻه دفعو هن منوهر کي پنهنجي پيالي مان پنهنجي چمچي سان آئيسڪريم کارائي.
    هوءَ ائين هلي رهي هئي ڄڻ پيتل هئي.
    ‘پيار جو پهريون نشو’ منوهر سوچيو ۽ هن فخر محسوس ڪيو جو هو هن ننڍڙيءَ ڇوڪريءَ ۾ پنهنجي لاءِ پيار جاڳائي سگهيو هو.
    موٽندي نمو پنهنجو هٿ ۽ پنهنجن بدن جو سڄو بوجو منوهر مٿان اڇلي ڇڏيو هو. ڄڻ هوءَ بنا آسري هلي ڪانه ٿي سگهي ۽ هوءَ هر هر کلي ٽهڪ ڏيئي رهي هئي. ڄڻ ننڍڙي ٻار کي دل گهريو رانديڪو مليو هو.
    رات جو گهر پهچي منوهر پاڻ کي هنڌ تي اڇلي ڏنو هو. هو ان رات بيحد خوش هو. سانجهيءَ جون يادگيريون کيس ڪتڪتايون ڪري رهيون هيون. هن سشيءَ سان گڏ به ڪي سانجهيون اڪيليون گهاريون هيون، پر ڪڏهن به هن پاڻ کي اهڙو هلڪو، اهڙو کلمک ڪونه محسوس ڪيو هو. هن ڪيئن نه نرملا کي هر ڳالهه ۾ وڌاءُ ڪري ٻڌايو هو. پگهار سئو رپيا وڌيڪ ٻڌائي هئائين. ٻين به سڀني ڳالهين ۾ وڌاءُ ڪيو هئائين، ۽ بيوقوف نرملا سڀ تي وشواس ڪندي ويئي هئي. سشيءَ اڳيان ائين نپٽا ڪوڙ ڳالهائڻ جي ڇا کيس همت ٿئي ها!
    ۽ جڏهن سشيءَ بي عزتو ڪري کيس گهر مان ڪڍيو هو ته هو رستي تي غصي ۾ سوچيندو آيو هو ته هو وري سشيءَ جي گهر نه ويندو. هو سشيءَ کي ائين وساري ڇڏيندو ڄڻ سشي سندس زندگيءَ ۾ ڪڏهين آئي ئي ڪو نه هئي. هو زندگيءَ ۾ اڳتي وڌي ويندو، پٺيان نه نهاريندو، ڪنهن کي ياد نه ڪندو. پر گهر تائين پهچڻ سان ئي سندس غصو دک ۾ بدلجي ويو هو. هن محسوس ڪيو ته هو سشيءَ تي ناراض نه هو پر ناراض هو پاڻ تي هو…
    گنو ٽپ ڏيئي ڀت تي سشيءَ جي پاسي ۾ ٿي ويٺو. ٻئي سمنڊ ڏانهن نهارڻ لڳا. ڇوليون اٿيون ٿي، وري سمهيون ٿي، اٿيون ٿي، وري سمهيون ٿي. افق بيحد سندر هو. ڄڻ ننڍڙي ڳاڙهي ڳٽول ڇوڪري ميرانجهڙي رنگ جو فراق پائي سامهون بيٺي هئي. اوچتو گني سان گڏجڻ ڪري سشيءَ جو من بيحد هلڪو ٿي ويو هو. هوءَ لهرن ڏانهن نهاري رهي هئي. سندس منهن تي مرڪ هئي. گلابي روشني سندس ڳلن تي ليٽيل هئي ۽ سندس اکين ۾ چمڪ هئي. گنو ڪڏهين افق ڏانهن ته ڪڏهين سشيءَ ڏانهن نهاري رهيو هو.
    اوچتو سشيءَ بي مطلب ٽهڪ ڏنو. سندس من ان وقت ايترو ته هلڪو هو جو هوءَ ڇويهن سالن جي جوابدار عورت بدران سورنهن سالن جي الهڙ ڇوڪري لڳي رهي هئي. ٻالپڻ وارو نالو تتري ٻڌي سندس ٻالپڻ ڄڻ موٽي آئي هئي. هن گني ڏي نهارڻ بنا، پنهنجي ٽنگن کي لوڏيندي چيو،
    “ٻڌاءِ گنا، اڄ ڪالهه ڇا پيو ڪرين؟ ڪٿي رهندو آهين؟ هيترا سال ڪٿي هئين؟ مون ته سمجهيو هو توکي تتري نالو ڪڏهين جو وسري ويو هوندو ۽ سچ پڇين ته مان ان نالي کي وساري ويٺي هئس.”
    سشيءَ سمجهيو هو گنو ٽهڪ ڏيندو. گاهي به گاهي ٽهڪ ڏيڻ جي عادت گني ۾ ننڍي هوندي هئي، يا اڳلي جو هٿ پڪڙيندو هو، يا اڳلي جي ڪلهي تي هٿ رکندو هو، پر گني اهڙو ڪجهه به نه ڪيو. گنڀير منهن سان هو افق ڏانهن نهاريندو رهيو. پوءِ هن سشيءَ ڏانهن نهاريندي سڏ ڪيو،
    “تتري”
    سشيءَ مڙي گني ڏانهن نهاريو ۽ عجب ۾ پئجي ويئي. گني جي منهن تي ايترا ته ڀاوَ هئا جو سشي سمجهي نه سگهي ته ڪهڙو ڀاوءَ وڌيڪ پر ٻل هو.
    “ڇو.”
    “ڪجهه به نه.” گني ڄڻ جذبات کي دٻائيندي چيو: “سوچيم ڇا انسان ماضيءَ ڏانهن موٽي وڃي سگهي ٿو! پر نه، اهو ممڪن نه آهي، اهو به ممڪن نه آهي ته انسان ماضيءَ جي يادگيرين تي جي سگهي. انسان کي روز کاڌو کپي نه، انڪري انسان کي محنت به روز ڪرڻي پوندي آهي.”
    “مون ڪجهه به نه سمجهيو.” سشيءَ روسامي ڀريل آواز ۾ چيو.
    “سمجهڻ جي ڪا ڳالهه به ڪو نه هئي.” گني کلي چيو، “ڪڏهين ڪڏهين من جي مطلب ڳالهيون به چوڻ چاهيندو آهي.”
    ٻئي ڪجهه دير سانت هئا.
    گني چيو: “تو مون بابت سوال پڇيو… سشي زندگي مون لاءِ تمام ڪٺور بڻجي پيئي هئي. ان ڪٺورتا منهنجي سڀاءَ کي اهڙو رکو بڻائي ڇڏيو هو جو ڪڏهين ڪڏهين مان پاڻ کان ڊڄڻ لڳندو هوس… ڀاڀي بيمار هئي ان ڪري اسين توهان سنئون سنڌ ڇڏي نه سگهياسين. ان بعد هڪ ڏينهن گونڊن اسان جو گهر لٽيو. پوري ڏهين ڏينهن ڀاڀيءَ جو مرتيو ٿيو. مان هندستان ۾ آيس ته خالي هٿين ۽ اڪيلو. ان وقت منهنجي عمر تيرهن، چوڏهن سال مس هئي. ۽ ڪنهن به مٽ مائٽ جو مون مٿان هٿ نه هو… اڪيلو، بنا اجهي، بنا پئسي.”
    وري سانت ٿي ويئي.
    لهرن جو آواز هو. افق ميرانجهڙو ٿي ويو هو. لهرون ڪاريون ٿيڻ لڳيون.
    “پر سشي ڏڪر ۾ زمين ۾ چيرون برابر پونديون آهن. زمين سڪي پٿر بڻجي پوندي آهي، پر جڏهين بونديون ڪرنديون آهن ته وري سلا اڀرندا آهن، وري ساوڪ ٿيندي آهي. منهنجي زندگيءَ ۾ به هاڻ تبديلي آئي آهي. اڳئين سال فلاسافيءَ ۾ P.H.D ڪيم هاڻ هت هڪ ڪاليج ۾ پاڙهيندو آهيان.” هو ڪجهه دير سانت رهيو… “بمبئي ۾ رستن کانسواءِ ڪنهن کي سڃاڻان ڪو نه اڄ توسان گڏجي ڏاڍي خوشي ٿي.”
    سشيءَ منهن ڦيرڻ بنا ٽيڏين نگاهن سان گني طرف نهاريو. پوءِ دور نهاري ڪجهه سوچڻ لڳي.
    “۽ تون ٻڌاءِ تتري، تون اڄ ڪلهه ڇا پيئي ڪرين؟”
    سشيءَ هاڻ کليو ڪو نه پر گنڀير نوع ۾ چيائين: “هڪ اسڪول ۾ ماسترياڻي آهيان.”
    “ڇا پاس ڪيهءِ؟”
    “ايم اي.”
    “اڃا شادي ڪو نه ڪئي اٿيئي؟”
    سشيءَ مرڪيو پر گنڀير بڻجي مختصر جواب ڏنائين: “نه.”
    ٻئي ڪجهه دير سانت رهيا.
    گنڀير وايو منڊل کي بدلائڻ لاءِ سشيءَ کلندي چيو: “۽ توکي گهڻا ٻار آهن؟”
    “جيترا توکي” گني هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو. “تتري شادي ڪرڻ فرصت کپي… ۽ هن زندگيءَ ۾ اڃا فرصت آئي ئي ڪانهي.”
    شاديءَ بابت ڳالهائيندي اوچتو سشيءَ کي منوهر ياد آيو ۽ سندس منهن تي اداس ريکائون ڦهلجڻ لڳيون. هوءَ هت پنهنجو دل لهرن سان ونڊڻ آئي هئي، پر لهرون هيون جي پنهنجيءَ ۾ ئي پوريون هيون ۽ سشي جا چلولي بڻجي پئي هئي وري گنڀير نظر اچڻ لڳي.
    سترهن سالن جي ڇوڪريءَ مان ڦري هوءَ وري ستاويهن سالن جي عورت بڻجي پيئي. هن دل ۾ ٿورو درد محسوس ڪيو ڄڻ کيس دل جي تڪليف ٿيندڙ هئي.
    “تون ڇا سوچي رهي آهين، تتري؟”
    سشيءَ ڇرڪ ڀريو. گني جي لفظن ۾ نرمائي هئي، پيار هو ۽ سشي مڙي ڪجهه دير پاسي ۾ ويٺل مرد ڏانهن نهاريندي رهي. هوءَ سانت هئي، ڪجهه سوچي رهي هئي ۽ هن هڪ نشچو ڪري ورتو. هن سوچيو ته ‘اگر منوهر ٻي ساهيڙي ڪري سگهي ٿو ته ڇا مان ٻيو دوست ڪري نه ٿي سگهان؟’ هن سهج سڀاؤ سان چيو:
    “گنل اسان جي گهر هلندين؟ ممي توکي گڏجي ڏاڍو خوش ٿيندي.”
    ڪجهه دير بعد ٻئي بس اسٽاپ وٽ بيٺا هئا.
    ناريمن پائنٽ کان بس اسٽاپ تائين ايندي صرف سشي ئي ڳالهائيندي آئي هئي. وچ وچ ۾ گنو صرف ڪي سوال پڇي رهيو هو. بس اسٽاپ تي ٻئي سانت هئا ۽ جڏهن بس جي مٿئين ڊيڪ تي ٻئي گڏ اچي ويٺا ته بس گهڻي خالي هئي. بس جي هلڻ جو لوڏو آيو. بس جي هڪ طرف سمنڊ ۽ رات جي اونداهي هئي، ٻئي طرف شهر ۽ هزارين بتيون هيون. ٻئي ڪجهه دير سانت هئا. گني ڳري آواز ۾ چيو:
    “سشي هڪ ڳالهه چوان، دل ۾ ته نه ڪندينءَ؟”
    “چئه.” سشيءَ ساڄو هٿ مٿي ڪري اڏامندڙ وارن کي ٺاهيو ۽ وري هٿ هيٺ ڪري گوڏن تي رکي ڇڏيائين.
    “هيءَ تنهنجي مرده دلي هن کي نه آئڙي، توکي پنج ڇهه سال ماستري ڪندي ٿيا آهن، پر تو ڪڏهن به اڳتي وڌڻ جي ڪوشش نه ڪئي…… ڇا تون ڪڏهين پنهنجي آئيندي بابت به نه سوچيندي آهين؟”
    “تنهنجو مطلب مون نه سمجهيو.” سشيءَ تمام جهيڻي آواز ۾ چيو.
    گنو سشي طرف نه پر سمنڊ طرف نهاري رهيو هو. هوڄڻ پنهنجو پاڻ سان ڳالهائي رهيو هو: “مثال طور تون M.A بعد P.H.D ڪري سگهين ها. اسڪول ۾ پاڙهڻ ڇڏي ڪنهن ڪاليج ۾ پاڙهڻ لڳين ها. راهه ته ڪڏهن کٽندي ڪانهي ۽ زندگيءَ ۾ انيڪ راهون آهن ۽ سڀ راهون بي انت آهن.”
    سشي اڌ ڦاٽل وات سان گني طرف نهاريندي رهي. اها سندس ننڍي هوندي کان عادت هئي. جڏهن به هوءَ اهڙي ڳالهه ٻڌندي هئي، جنهن تي کيس وشواس نه ڄمندو هو ته سندس چپ کليل رهجي ويندا هئا. تڏهين گنو سندس ڪلهي تي ڌڪ هڻي چوندو هو:
    “اڙي پڳلي، وات ۾ مڱ پئجي ويهءِ ڇا؟.”
    هاڻ به گني اهي ڦاٽل چپ ڏٺا ته سندس منهن تي هلڪي مرڪ تري آئي. شايد کيس ٻالپڻ جي ياد آئي. پر هن سشيءَ جي ڪلهي تي ڌڪ نه هنيو. مرڪندي چيائين:
    “سشي، انسان بدلجندي به ڇا بدلجي نه سگهندو آهي.”
    سشيءَ ٽهڪ ڏيئي چيو: “ڇا فيلسوفيءَ ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ بعد تون پرولين ۾ئي ڳالهائيندو آهين!”
    “خير ڇڏ ان ڳالهه کي، مون کي پهرين جواب ڏي. تون اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڇو نه ڪئي. هيئن موٿلو ٿي وهڻ ۾ ڇا اڃا به توکي مزو ايندو آهي.”
    هيءَ پڇاڙيءَ واري سٽ گني کي چوڻ جو ڪو خيال ڪو نه هو. پر کيس ان وقت ياد آيو ته ننڍي هوندي راند ۾ جڏهين سشي رسندي هئي ته هڪ هنڌ ويهي رهندي هئي، پوءِ کيس اتان ڪير به اٿاري نه سگهندو هو.
    پر سشيءَ کليو ڪو نه. هن گنڀير نوع ۾ چيو:
    “سڀ ڳالهيون سڀني لاءِ ممڪن نه ٿينديون آهن.”
    گني کلي چيو: “تو ڪوشش ئي ڪٿي ڪئي جو ممڪن ناممڪن جون ڳالهيون ڪري رهي آهين.”
    سشيءَ کي جوانيءَ ۾ پهريون دفعو ياد آيو ته سندس ٻالپڻ سچ پچ ڪيتري آنند ۽ مزي ۾ گذري هئي ۽ جوانيءَ ۾ سدا هوءَ پنهنجي زندگيءَ ۾ خال محسوس ڪندي آئي هئي. ڄڻ تازي ٻوٽي کي پورو ڀاڻ نه ملندو هجي ۽ اهو ڌيري ڌيري سُڪندو وڃي. منوهر جي سندس زندگيءَ ۾ اچڻ سان کيس نئين طاقت ملي هئي ۽ کيس انڀؤ ٿيڻ لڳو هو ته سندس هيڻو من طاقت پائي رهيو آهي. ليڪن نرملا جي ميدان ۾ اچڻ سان سندس اندر ۾ جا باهه ٻري تنهن جو تهءُ هوءَ سهاري نه سگهي. هوءَ هيڻي بڻجي پيئي. ڊرپوڪ بڻجي راند جي ميدان تي هوءَ شرط پڄائڻ کان ڪؤ کائڻ لڳي ۽ اڄ گنو، سندس ٻالپڻ جو ساٿي چئي رهيو هو:
    “اٿ، اٿي ڊڪ پاءِ” تو ۾ به اها لياقت آهي جنهن جي توکي پروڙ نه آهي.”
    سشي سانت ۾ گني ڏانهن نهاريندي رهي ۽ گنو اتساهه ۾ ڳالهائيندو رهيو. هو ايستائين ڳالهائيندو رهيو جيستائين هو گهر پهتا.
    ان بعد به روز نه ته هر ٻئي ٽئين ڏينهن گنو سشيءَ جي گهر ايندو هو. سشي P.H.D جي Thesis لاءِ Synopsis لکڻ شروع ڪيا هئا. سندس ميز تي ڪتاب پکڙيا پيا هوندا هئا. رات جو دير تائين ٽيبل ليمپ ٻرندو رهندو هو. اسڪول مان وئڪيشن هئي ۽ ٽيوشن ڏيڻ به هن ڇڏي ڏني هئي. گني هڪ ڏينهن چيو هو:
    “ٽيوشن اهي ڏين جن ماستريءَ کي ڌنڌو ڪري سمجهيو هجي. تون سڄي عمر ماستري ٿوروئي ڪندينءَ.”
    سچ ته گني سشيءَ جي زندگيءَ کي معنيٰ ڏني. سست سست محسوس ڪندڙ سشي، ٿوريءَ گهڻيءَ هار تي نراس ٿي ويندڙ سشي، هاڻ چست ۽ همت واري بڻي هئي. هڪ منٽ به اجايو ويندو ڏسي سندس من چلائي اٿندو هو. ڪتاب پڙهڻ، نوٽس وٺڻ، ڪڏهين ڪڏهين گني سان گڏ ٻين پروفيسرن وٽ صلاح لاءِ وڃڻ يا رات جو دير تائين ويهي گني سان بحث ڪرڻ، سشيءَ جي ماءُ چانهه ٺاهي ايندي هئي ۽ گنو چانهه پيئندي ڳالهيون شروع ڪندو هو. ڳالهين ۾ ٻئي ايترو مشغول ٿي ويندا هئا جو اوچتو گنو سلسلو ٽوڙي عجب ۾ چوندو هو:
    “پر سشي، تنهنجي چانهه ته ٺري ويئي.”
    سشي پيالي کي هٿ لائي ڏسندي هئي، چانهه سچ پچ پاڻي جيان ٿڌي هوندي هئي ۽ هوءَ ڀريل پيالو ئي وڃي رنڌڻي ۾ رکي ايندي هئي.
    رات جو دير سان جڏهن سشي گني کي دروازي تائين ڇڏڻ ايندي هئي، ته اوندهه ۾ جڏهين هوءَ گني ڏانهن نهاريندي هئي ته کيس ائين لڳندو هو ته ڪنهن دور ديس جو رهواسي سندس سامهون بيٺو آهي، جو ويجهو هوندي به اجنبي آهي. گنو مرڪندو هو، هوءَ عجب مان هن ڏانهن نهاريندي هئي. گنو ڪجهه دير تاڪيد ڪري اوندهه ۾ گم ٿي ويندو هو.
    سشي ڄڻ ننڊ ۾ هلندي اندر ايندي هئي ۽ وري ڪتابن سان پاڻ گهيري ڇڏيندي هئي.
    هڪ ڏينهن صبوح جو سويل ئي اچي ڪنهن دروازو کڙڪايو. سشيءَ ئي در کوليو. منوهر جي ننڍي ڀيڻ چمپا بيٺي هئي.
    سشيءَ کي عجب لڳو. پوءِ تڪڙ ۾چيائين: “اچ، اچ اندر اچ.”
    “دادا بي اي ۾ پاس ٿيا آهن، هنن توهان لاءِ مٺائي موڪلي آهي.”
    چمپا ميز تي مٺائيءَ جو پيڪيٽ رکيو.
    “ويهه چمپا.”
    سشي رنڌڻي مان چمپا لاءِ چانهه کڻي آئي ۽ سامهون ڪرسيءَ تي ويهي رهي.
    “دادا چيو ٿي ته هو توهان جي ڪري ئي پاس ٿيا آهن، ۽ هو هاڻ ايم اي لاءِ فارم ڀرڻ ٿا چاهين.”
    ۽ سشي سوچيندي رهي ڇا سچ پچ هؤ ماضيءَ کي ايترو پري ڇڏي آئي آهي. ڪيتريون پراڻيون ڳالهيون لڳن ٿيون اهي، جڏهن هوءَ ۽ منوهر گڏجي پڙهندا هئا. منوهر سان اکيون ملائڻ سندس اکيون سڪنديون هيون، پر تڏهين به جڏهن چمپا موڪلائڻ لڳي ته سشي چئي ويٺي:
    ”ڪڏهين ڪڏهين ايندي ڪجانءِ چمپا.”
    واپس ڪمري ۾ اچي سشيءَ مٺائيءَ جي پئڪيٽ ڏانهن نهاريو. من ئي من ۾چيائين:
    “ڇا تو کان وسري ويو منوهر ته مونکي مٺي شيءَ نه وڻندي آهي؟”
    هوءَ ميز تي وڃي ويٺي ۽ اڌورا ورتل نوٽس پورا ڪرڻ لڳي.
    سشيءَ ماءُ جو آواز ٻڌو.
    “سشي هيءَ سڪو ميوو ڪنهن موڪليو آهي.” سشيءَ ماءُ پئڪيٽ کوليو هو.
    “منوهر پاس ٿيڻ جي مٺائي موڪلي آهي.”
    “پر هي مٺائي ته نه آهي… اوهه… مون سمجهيو، توکي کارا کاڄا ڏاڍا وڻندا آهن نه… پر تو ته هي پئڪيٽ به نه کوليو آهي.”
    سشي وڌيڪ پڙهي نه سگهي. هوءَ اٿي وڃي دريءَ وٺ بيٺي ۽ دور دور آڪاس ڏانهن نهارڻ لڳي جتي ٻه پکي اڏامي رهيا هئا، آڪاس ۾ تري رهيا هئا.
    شام جو وقت آرتوار جو ڏينهن، منوهر سوچي رهيو هو آرتوار جو ڏينهن سٺو، پر آرتوار جي شام خراب ڪيڏانهن نڪري وڃڻ جي لاءِ من بي چئن هوندو آهي، پر ڪيڏانهن وڃجي اهو فيصلو ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي. هو سنڀري تيار ٿي ويٺو هو پر اڃا فيصلو ڪري نه سگهيو هو ته ڪيڏانهن وڃي. اوچتو هن ٻاهرئين دروازي وٽ نرملا کي بيٺل ڏٺو. سدائين پنجابي ڊريس يا فراڪ پائيندڙ نرملا اڄ ساڙهيءَ ۾ ٻه ٽي سال وڏي لڳي رهي هئي. منوهر هڪدم فيصلو ڪري نه سگهيو ته هو نرملا کي اندر اچڻ جي نينڍ ڏئي يا پاڻ ٻاهر نڪري اچي. پر نرملا ۾ ذري به هچڪ نه هئي. هوءَ مرڪي رهي هئي ۽ اکين جي اشاري سان منوهر کي ٻاهر سڏ ڪيائين. منوهر ٻاهر نڪتو ته نرملا چيو:
    “ڏاڍو سٺو، توهان تيار ويٺا آهيو، اڄ ڪالهه ته ڏسڻ کان به مهانگا ٿي پيا آهن. سڏ ڪري منهن موڙي نٽائي وڃڻ ته ڪير مردن کان سکي. هلو ٿورو پنڌ ڪري اچون.”
    منوهر ڏٺو نرملا چڱو سينگار ڪيو هو. خوبصورت ته هوءَ هئي ئي، مٿان وري چپن تي هلڪي لپسٽڪ، وار پٺيان چوٽيءَ ۾ ٻڌل ۽ اکين ۾ هميشه واري مستي. پهريون دفعو منوهر محسوس ڪيو ته نرملا ڇوڪري نه پر عورت هئي.
    “توهان ته مون کي پاس ٿيڻ جون واڌايون به نه ڏنيون” گڏ هلندي نرملا چيو.
    “آفيس جي ڪمن ۾ اهڙو ڦاٿل هوس، نمو……….”
    نرملا ڄڻ کيس ٻڌو ئي ڪو نه: “مان پورو مهينو ناسڪ ناناڻي ويئي هئس. اڃا ٽيون ڏينهن آئي آهيان. توهان کي ته شايد اها به خبر نه هوندي.”
    “چمپا ٻڌايو هو.”
    “هلو پڪچر تي هلون. پاس ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ مان توهان کي پڪچر ٿي ڏيکاريان توهان ته ڪا نه ڏيکاري.”
    منوهر جي من ۾ آيو ته ڪنهن ڪم جو بهانو ڪري انڪار ڪري، پر انڪار ڪرڻ جي منجهس همت نه هئي.
    ڪنهن سمي هن سوچيو هو، ‘نرملا هڪ ٻالي ڀولي چلولي ڇوڪر آهي جنهن جي اڳيان ڪوڙ ۽ سچ کي ائين ڦيرائي سگهبو جيئن هڪ بال کي ٻن هٿن ۾ نچائجي’، پر اڄ منوهر ڄاتو نرملا اهڙي ٻالي ڀولي نه آهي.
    “ڪهڙي پڪچر تي هلندينءَ.” منوهر بيهي نرملا طرف نهاري چيو.
    “بيهو نه، هلندي به سوچي سگهجي ٿو.”
    ٻئي بس اسٽئنڊ تي اچي بيٺا.
    منوهر ان ڏينهن پهريون دفعو کليءَ روشنيءَ ۾ نرملا کي چڱيءَ طرح ڏٺو. هنن ٻن ٽن مهينن ۾ هوءَ چڱو بدلجي ويئي هئي.
    سندس آواز اڳي کان وڌيڪ گهرو ۽ لرزش ڀريو هو. منجهس پاڻ ۾ وشواس به اڳ کان وڌيڪ هو.
    “هيءَ پڪچر مان صرف پاس ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ ڪو نه ڏيکاري رهي آهيان. مون هڪ ٻي به فتح حاصل ڪئي آهي ان جي خوشيءَ ۾ پڻ.”
    “ڪهڙي جيت؟”
    “ڪالهه گهر ۾ مهاڀارت ٿيو هو. مميءَ ۽ ڊيڊيءَ جي مرضي نه آهي ته مان ڪاليج پڙهان، ان بدران هنن منهنجي لاءِ هڪ ڇوڪرو ڳولهي رکيو هو. سٺي آڪهه جو ۽ سيڪريٽريٽ ۾ ڪلارڪ، پڪي نوڪري، پر مون سندن سڀني اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو.”
    جنهن انداز ۽ جنهن نموني نرملا هيءَ ڳالهه ڪئي تنهن کي ٻڌي منوهر کلي ڏنو. هن ڇوڪريءَ ۾ ٻيا گڻ هجن يا نه پر هڪڙو گڻ ضرور آهي ته اڳلي جو ڪوماڻيل منهن ۾ خوشي ڀري ڇڏي.
    منوهر کلي نرملا جي اڏامندڙ وارن کي ٺاهيندي چيو: “جيت تنهنجي نه ته ٻئي ڪنهن جي ٿيندي….”
    نرملا مرڪيو ۽ هن هيٺئين چپ کي هلڪو چڪ پاتو. هن لڪل نگاهن سان ڇپر مٿي ڪري منوهر ڏانهن نهاريو ۽ دل ئي دل ۾ پاڻ کان پڇيائين: ‘منوهر ساڀيا ۾ چئي رهيو آهي يا ٺٺولي ڪري رهيو آهي’، پر کيس ڪو به پڪو جواب نه مليو ۽ هن ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو.
    منوهر کلي چيو: “سانت ڇو ٿي ويئينءَ نمو؟”
    نمو ڪجهه سوچي رهي هئي. کيس اها بيعزتي ياد پيئي جا سندس بس اسٽئنڊ تي منوهر ڪئي هئي. سندس من ۾ ڪنهن بغاوت ڪئي. هن بس اسٽئنڊ تي منوهر سان گڏجي بيهڻ ڄڻ پنهنجي هار سمجهي.
    “اڄ ٽئڪسيءَ ۾ هلنداسين.” هن هڪ عجيب آواز ۾ چيو ۽ منوهر جي جواب پائڻ کان اڳ هڪ ٽئڪسيءَ واري کي اشارو ڪري ٽئڪسيءَ ڏانهن هلڻ لڳي.
    منوهر به نرملا جي پٺيان هلڻ لڳو.
    *


    4. ٻيو دفعو : ايشور چندر

    ڪونج اپريل 1967ع
    .........................

    ٽئڪسيءَ ۾ ويهڻ بعد ڪجهه دير لاءِ ٻنهي ڪجهه ڪو نه ڳالهيو. ڳچ وقت بعد نرملا چيو:
    “منو چپ ڇو آهين؟……. ڪجهه ڳالهاءِ نه……”
    “ڇا ڳالهايان؟”
    “ڪجهه به…….! جيڪي توکي وڻي……!”
    پر منوهر وري به چپ رهيو. تڏهن ڪو نه ڪو سلسلو جوڙڻ جي خيال کان نرملا چيو،
    “سشي داديءَ جا ڪهڙا حال آهن؟”
    “خبر ناهي………!”
    “خبر ناهي؟……. منو تون شهر ۾ آهين يا جهنگ ۾؟…. سچ ٻڌاءِ!…….. توکي سڀ خبر هوندي………”
    “ڇا جي؟”
    “ته……… ته……….، نه منو! توکي ضرور خبر هوندي.”
    عجب مان منوءَ هڪ دفعو نرملا ڏانهن نهاريو. منوهر جي ان نهار مان نرملا کي لڳو ته هن جيڪي ڪجهه منوهر کي ٻڌائڻ چاهيو ٿي، تنهن جي شايد منوهر کي سچ پچ ڄاڻ ڪا نه هئي، ان ڪري ٿورو آهستي راز ڀرئي آواز ۾ نرملا چيو، “ناسڪ مان اچڻ بعد ڪالهه پهريون دفعو مان سشي داديءَ وٽ ويئي هئس…”
    “…. پوءِ به مون کان پڇي رهي آهين ته سندس ڪهڙا حال آهن؟”
    “اهو ته ائين ئي کڻي پڇيو هوم،” ساعت رکي نرملا وري چيو،
    “ٻڌو اٿم، اڄ ڪالهه سشي داديءَ جا ڪنهن سان افيئر پيا هلن.”
    “ڪنهن سان؟” نرملا ڏٺو ته اهي لفظ چوندي منوهر جي چهري ۾، آواز ۾ ڪو به فرق نه آيو هو. نرملا وري چيو، “….. ڪو ننڍپڻ جو ساٿي اٿس شايد چون ٿا، سشي اڄڪلهه ڪافي ڪافي دير تائين ان سان گڏ گهمندي رهندي آهي.”
    “هون!” منوهر هون ائين ڪئي، ڄڻ ان ڳالهه سان سندس ڪو خاص واسطو ڪو نه هئو. ڪجهه دير لاءِ وري ٻئي چپ ٿي ويا.
    ٿوري دير بعد منوهر چيو، “نمو! تو پنهنجن مائٽن جي مرضي ڇو نه رکي؟”
    “مرضي!…… منو! تون اهو سوچ ته منهنجي زندگيءَ تي ٻئي ڪنهن جو ڪهڙو حق آهي. ٺيڪ آهي….. ‘فرض’ جهڙو هڪڙو چست ۽ سهڻو ‘لفظ’ هنن سماج وارن کي ملي ويو آهي ۽ هميشه انهن ‘فرض’ لفظ کي Exploit پئي ڪيو آهي…..!”
    منوهر ٿورو بور ٿيڻ لڳو، اِن ڪري چيائين،
    “نمو! مونکي لڳي ٿو ته مهيني ٻن ۾ تون ڪافي بدلجي ويئي آهين. شايد سڀاءَ جي لحاظ کان به! اڳي تون اهڙيون ڳالهيون ڪو نه ڪندي هئيئن!”
    ان ڳالهه جو نرملا ڪو به جواب ڪو نه ڏنو.
    ڪجهه دير بعد نرملا وري چوڻ شروع ڪيو،
    “منو! اڄ مان هڪڙو مزيدار تجربو ڪرڻ ٿي چاهيان….!”
    “ڪهڙو؟”
    پنهنجي پرس مان ٻه لالي پاپس ڪڍي نرملا چيو،
    “منو! تون هيءَ لالي پاپ ڪجهه دير چوسڻ بعد منهنجي چپن تي گهماءِ مان به ائين ئي ٿي ڪريان….. ۽ پوءِ مان احساس کي ڀوڳڻ ٿي چاهيان، مان ڏسڻ ٿي چاهيان ته ائين ڪرڻ کان پوءِ هڪ ٻئي جي چپن جي مٺاس ۾ ڪهڙو مزو ٿو اچي!”
    منوهر کي اهو سڀ عجيب عجيب لڳو. پر تڏهن به هن ائين ڪيو.
    ڪجهه دير بعد نرملا چيو، “توکي ڪيئن لڳو؟”
    منوهر چيو، “منهنجي منهن ۾ لپ اسٽڪ جو عجيب عجيب سواد ڦهلجي ويو آهي.”
    تڏهن هلڪو ٽهڪ ڏئي نرملا چيو، “…….. ۽ منهنجي منهن ۾ تماڪ جي بدبوءِ ڦهلجي ويئي آهي…… منو! تون سگريٽ ڇڪيندو آهين ڇا؟ مون ته توکي ڪڏهن ڇڪيندي ڪو نه ڏٺو آهي.”
    “ها! ڪڏهن ڪڏهن ڇڪيندو آهيان…. پرسشيءَ جي سامهون ڪڏهن به نه ڇڪيو اٿم.”
    “ڇو، سشيءَ کان ڊڄين ٿو؟”
    “نه، ڊڄڻ جهڙي ڪا ڳالهه ڪانهي. پر سشيءَ جي سامهون ايندي ڪڏهن ڪڏهن، مان هن جي اڳيان پنهنجو پاڻ کي “شاگرد” محسوس ڪرڻ لڳندو هوس ۽ تڏهن پنهنجو پاڻ کي مان هڪ کوکلي آدرش جي آڪٽوپس ۾ جڪڙيل محسوس ڪندو هوس…. هاڻي ته خير ائين ڪونهي…. ڊئم اٽ!……. هاڻي نمو! ڪڏهن ڪڏهن مان سوچيندو آهيان ته سماج ڪهڙا نه عجيب عجيب ٻنڌن جوڙيا آهن ۽ انهن مٿان آدرشن جو ليبل لڳائي ‘هئنڊل وٿ ڪيئر’ جهڙي وارننگ ڏيئي ڇڏي آهي.”
    تڏهن نرملا چيو، “منو! مان سمجهان ٿي، اڄ پڪچر جو پروگرام ڪئنسل ڪيو وڃي. هل، ڪنهن پارڪ ۾ ڪجهه دير گڏ گذاريون. اڄوڪي شام مان ائين ئي وڃائڻ نه ٿي چاهيان.”
    ۽ پوءِ هن ڊرائيور کي ٽئڪسي روڪڻ لاءِ چيو.
    پارڪ ۾ بينچ تي وهندي نرملا چيو، “منو! توکي هڪ ڳالهه ٻڌايا. پر قسم کاءُ، ڪنهن کي نه ٻڌائيندين…!”
    “ٻڌاءِ….!”
    “ڪالهه مان سشي داديءَ جي گهر ويئي هيس….. پاس ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ تو کيس ڪجهه موڪليو هو ڇا؟”
    “ها!”
    “ڇا موڪليو هئس؟”
    “نمڪين کاڄا!”
    “هون!” ۽ هڪ هلڪو ٽهڪ ڏيئي نرملا چيو، “پر سشي داديءَ اهي اڃا ڪو نه کاڌا آهن!”
    “ڇو؟”
    “منو! مون کي لڳي ٿو ته سشي دادي اڄڪلهه ڪجهه ڪجهه ائبنارمل ٿيندي ٿي وڃي. چيائين پئي مان اهي کاڄا رکي ڇڏينديس، تيستائين، جيستائين انهن ۾ ڪي ڪينئا (سرا) نه پيا آهن….. ۽ پوءِ جڏهن اهڙي حالت ايندي، تڏهن هوءَ هڪ هڪ کاڄو کڻي، ان مان هڪ هڪ ڪينئو ڪڍي ماريندي.”
    “هون!” منوهر به هڪ هلڪو طنزيه ٽهڪ ڏنو ۽ چيائين،
    “اهو ٻيو ڪجهه ڪونهي. اڪيلائپ جو احساس ۽ ان سان ودروهه آهي.”
    “پر منو! هوءَ اڪيلي ڪٿي آهي؟ ساڻس هو سندس ننڍپڻ جو ساٿ گنو جو وٽس ايندو ويندو آهي.”
    “خير، ڊئم ديم، نمو! ڪنهن ٻئي ٽاپڪ تي ڳالهاءِ. سشي، سشي، سشي، مان هميشه ئي سشيءَ بابت سوچڻ ۽ ڳالهائڻ پسند نه ٿو ڪريان… آءِ وانٽ سم ٿنگ نيو….. مونکي حياتيءَ ۾ ڪجهه ‘نئون’ کپي، ڪجهه ‘نئون’…”
    تڏهن نرملا چيو، “چڱو ڀلا! ٻڌاءِ ڪهڙي ٽاپڪ تي ڳالهايون.”
    “ڪهڙي تي به!… چڱو اهو ٻڌاءِ، ناسڪ ۾ ڪهڙو خاص شغل هو تنهنجو؟”
    تڏهن خوشيءَ مان اڇل کائي نرملا چيو، “اهو منو! تو سٺي ياد ڏياري… منو! اتي به شام ڏاڍي وڻندڙ ٿيندي آهي. مان اتي روز نديءَ ڪناري هلي ويندي هئس. اتي زالن ۾ مون هڪ عجيب ڳالهه ڏٺي. هو پپر جي پننن تي ڏيئا ٻاري پاڻيءَ ۾ وهائي ڇڏينديون آهن… توکي ڇا ٻڌايان منو! پاڻيءَ ۾ پپر جي پنن تي ترندڙ اهي ڏيئا انگلش پڪچرس جي سامونڊي لڙاين جو احساس ڪرائيندا آهن. ۽ تڏهن منو! مان چاهيندي هئس ته ڪاش اهي ڏيئا ورهين يگن تائين جلندا رهن.. مون، ياد ناهي ڪٿي پڙهيو هو، منو! ته انسان جون اکيون جوت جون بُکيون ٿينديون آهن ۽ جي اها جوت يگن تائين جلندي رهي ته هوند انسان جي هڪ بک مٽجي وڃي…!”
    تڏهن ڳالهه کي مذاق ۾ اڏائيندي هڪ ٽهڪ ڏيئي منوهر چيو،
    “۽ مان مڃيندو آهيان ته اکين جي بک کان وڌيڪ انسان جي پيٽ جي بک پر ٻل ٿيندي آهي ۽ انسان کي جي اناج گهربل انداز ۾ ملي وڃي ته…..”
    نرملا مذاق سمجهي ويئي. ان ڪري پاڻ به مذاقي انداز ۾ چيائين،
    “ها…. پوءِ اهو اناج ڀلي آمريڪا يا روس يا آسٽريليا مان ايندو هجي…. ۽ اکين جي بک مٽائڻ لاءِ جوت جي نالي تي گهڻائي اليڪٽرڪ بلب ته آهن ئي..!”
    ٻئي ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳا.
    ٿوري دير لاءِ ٻئي چپ رهيا. ان بعد منوهر چيو، “نمو! اٿي، هاڻي هلون!”
    “ڇو؟”
    “دير ٿي ويئي آهي… ۽ مون کي اڃا ڪنهن ٻئي هنڌ به وڃڻو آهي. ڪو خاص ڪم اٿم.”
    هڪ ٽهڪ ڏيئي نرملا چيو، “اوهه منو! يُو سِلي! پرشن جي جا حالت شاديءَ کان پوءِ ٿيندي آهي، سا حالت تنهنجي هينئر ئي ٿي ويئي آهي. هن عمر ۾ تو ۽ مون جهڙن کي ڪو ‘ٻيو ڪم’ هئڻ ئي نه کپي. بس پاڻ ۾ گڏجڻ ۽……….!”
    تڏهن ڦڪو مرڪي منوهر چيو، “مان ڪوشش ڪندس، جيئن پاڻ کي اهڙين حالتن سان ٺهڪائي سگهان…. چڱو، اٿي هلون!”
    هڪ عجيب ادا سان نرملا چيو، “اوهه نو! تون پاڻ پنهنجن هٿن سان مون کي اٿار….!”
    نرملا جي ننگين ٻانهن ۾ هٿن جون آڱريون کپائي منوهر کيس پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو. هلندي هلندي منوهر چيو، “نمو! سِليوِليس بلائوز ۾ تنهنجون ٻانهون ڏاڍيون سٺيون ٿيون لڳن. تون هميشه ائين رهندي ڪر. سچ ته نمو! اسپنچ جهڙيون تنهنجون اگهاڙيون ڀرپور ٻانهون ڏسي ڪڏهن ڪڏهن منهنجي دل ٿيندي آهي ته تنهنجي ٻانهن ۾ چڪ پائي تنهنجي ڀرپور ٻانهن جو ماس ڪڍي کائي وڃان.”
    اکيون پوري، چپ گول ڪري نرملا چيو، “ڀلي کاءُ! جڏهن ميهار سهڻيءَ لاءِ پنهنجي سرير جو ٽڪرو قربان ڪري سگهي ٿو ته سهڻي به پنهنجي ٻانهن جو ماس ڏيئي سگهي ٿي….”
    جواب ڏيڻ بدران هن نرملا جي ڪمر ۾ ٻانهن وڌي. کيس لڳو ته نرملا جي ڪمر ڪافي گرم هئي.
    نرملا کان موڪلائي، منوهر سڌو سشيءَ جي گهر آيو. دروازو کليل هو. هن ڏٺو ته سشي چپ چاپ ويٺي هئي. ڪجهه ڪتاب سندس ڀر ۾ رکيا هئا ۽ پاڻ اکيون ٻوٽي وات سان ننهن ڪٽي رهي هئي.
    سشيءَ جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ منوهر چيو، “مان اندر اچي سگهان ٿو؟”
    سشيءَ کان هلڪو ڇرڪ نڪري ويو. اکيون کولي هن دروازي ڏانهن نهاريو. منوهر کي اتي بيٺل ڏسي کنَ… ٻِن لاءِ هوءَ ٽٻيءَ ۾ پئجي ويئي. هن سوچيو ته منوهر اندر اچڻ لاءِ صرف پڇيو آهي، پر هو بنا اجازت جي اندر هليو ئي ايندو. پر منوهر اتي بيٺو رهيو. تڏهن سشيءَ سهج ڀاءَ سان چيو، “اچ، اچ، اندر اچ!”
    منوهر اندر وڃي چپ چاپ ڪرسيءَ تي ويهي رهيو.
    سشيءَ ئي پڇيو، “ڪٿان پيو اچين؟”
    “نرملا گڏ هئي، گهمڻ نڪتا هئاسين، کانئس موڪلائي سڌو تو وٽ هليو آيو آهيان.”
    اداس لهجي ۾ سشيءَ چيو، “مونکي اڄ ڪيئن ياد ڪيو اٿيئي؟”
    “اڳئين دفعي تو مون کي اوڙي پاڙي ميڙڻ جي ڌمڪي ڏيئي ڪڍي ڇڏيو هو. اڄ مان پاڻ کي ان جي لائق بڻائي آيو آهيان ته اهڙيءَ ڪنهن به حالت جو مان مقابلو ڪري سگهندس.”
    ڦڪو مرڪي تڏهن سشيءَ چيو، “…….. مان اهڙي ٻاراڻي ڪرڻ واري ناهيان، هاڻي مان پنهنجو پاڻ ۾ ايڏي همت رکان ٿي ته جي مان چاهيان ته توکي پنهنجي هٿن سان ڌڪو ڏيئي ٻاهر ڪڍي سگهان ٿي. پر افسوس.. مان ائين به نه ڪنديس. مهمان ۽ ميزبان جي ڪن روايتن ۾ اڃا منهنجو وشواس آهي.”
    جواب ڏيڻ بدران منوهر چپ چاپ سشيءَ جي اداس چهري ڏانهن نهارڻ لڳو.
    تڏهن وري سشيءَ چيو، “ها ٻڌاءِ! ڪيئن آيو آهين؟”
    “….صرف توکان اهو پڇڻ، ته پاس ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ موڪليل منهنجا نمڪين کاڄا تو ڇو نه کاڌا آهن؟”
    ٿوري دير لاءِ سشيءَ منوهر جي اکين ۾ نهاريو ۽ پوءِ چيائين، “منهنجي مرضي…..!”
    “تنهنجي معنيٰ تو کي اهو سٺو ٿو لڳي ته پيار مان موڪليل ڪنهن جي سوکڙيءَ جو تون اپمان ڪرين… ۽ پوءِ تون شايد ان فلسفي سان به سهمت ٿي وڃين ته جنگ ۽ پيار ۾ سڀ روا آهي………!”
    “پيار………… پيار……… پيار……… ڇا جو پيار؟ ڪنهن جو پيار؟ ڪنهن سان پيار؟…… ۽ سڀ کان پهرين ڳالهه ‘ڇا’ پيار؟ پيار جهڙو جي سو ڪالڊ (So Called) لفظ آهي… ته پيار مون توسان ڪڏهن نه ڪيو آهي… تون اهو ڇو ٿو ڀلجين ته تون منهنجو شاگرد ٿي رهيو آهين…. ۽ هڪ شاگرد کي ان حد تائين نه پهچڻ کپي. ڊونٽ مِس بِهيو! ڊونٽ بي سِلي!”
    ساعت رکي سشي ڄڻ سهڪندي چيو، “اڄ ٻيو دفعو هڪ غير پرش جي حيثيت ۾ پنهنجي من ۾ ڪا پنهنجائپ جي ڀاونا، ڪو پنهنجائپ جو حق کڻي تون مون وٽ آيو آهين… ۽ هاڻي ڪڏهن ڪڏهن مان سوچيندي آهيان ته شاديءَ جي تنهنجن ڪوڙن واعدن کي مان ڇو سچ سمجهي ويٺس!”
    ساڌارڻ لهجي ۾ منوهر چيو، “مون منو وگيان ۾ ڪٿي پڙهيو آهي ته جنهن انسان جي من ۾ ودروهه جي ڪا ڀاونا هوندي آهي ۽ جنهن سان هو ودروهه ڪرڻ چاهيندو آهي، اهو جي سامهون نه هوندو آهي ته ڪي شخص پنهنجا ننهن وات سان ڪٽي، من جي ان ودروهه کي ٿڌو ڪندا آهن… ۽ اڄ جڏهن مان آيس تڏهن تون شايد مون بابت ئي ڪجهه سوچي وات سان ننهن ڪٽي رهي هئيئن!”
    تڏهن هڪ طنزيه ٽهڪ ڏيئي سشيءَ چيو، “ائين تون پنهنجو پاڻ کي غير واجبي اهميت ڏيئي رهيو آهي. تون هروڀرو ايڏي اهميت جي لائق ناهين….!”
    “منهنجي وجود لاءِ اها اهميت ڇا گهٽ آهي ته منهنجن موڪليل کاڄن ۾ ڪينئان پئجي وڃڻ جي لنبي عرصي تائين تون انتظار ڪندينءَ ۽ جيستائين تون اهو انتظار ڪندي رهندينءَ، تيستائين سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح مان تنهنجي ذهن ۾ هوندس!”
    تڏهن ڪاوڙ مان اٿندي سشيءَ چيو، “جيڪڏهن اهو سڀ تنهنجي اهم کي خوش ٿو ڪري ته مان تنهنجي ان اهم کي چوٽ به هڻي سگهان ٿي.”
    ۽ ڪاوڙ مان مٺيون ڀيڪوڙيندي تڪڙي تڪڙي هوءَ ٻئي ڪمري ۾ وئي ۽ کاڄن جو باڪس منوهر جي سامهون ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏيائين، کاڄا سڀ زمين تي ڦهلجي ويا.
    هلڪو سهڪندي سشيءَ چيو، “…..۽ هاڻي مون کي لنبي عرصي تائين ڪنهن به ڳالهه جو انتظار ڪرڻو نه پوندو!…..!”
    منوهر چپ چاپ سڀ ڏسندو رهيو. سشي ڄڻ ٿڪجي ڦان ٿي ڪرسيءَ تي ويهي رهي. منوهر چتائي سشيءَ ڏانهن نهاريو. ڏٺائين، سشيءَ جي اکين ۾ ڪجهه ڳوڙها تري آيا هئا.
    ٿڌي آواز ۾ منوهر چيو، “پوءِ هاڻي؟”
    “هاڻي تون هتان هليو وڃ!”
    “ايتري ۾ تون ‘مهمان ۽ ميزبان’ جي روايت ڀلجي وئيئن؟”
    “ها، ائين ئي روايتون بدلجنديون آهن.”
    ڪرسيءَ تان اٿندي منوهر چيو،”وري ڪڏهن اچي سگهان ٿو؟”
    “نه..!”
    “ڪڏهن به نه؟”
    “چيم نه! نه، نه، نه!!”
    آهستي آهستي منوهر دروازي ڏانهن وڃڻ لڳو، ويندي ويندي زمين تي ڪريل کاڄن تي سندس پير پئجي ويو. ڪجهه کاڄا ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويا. ويندي ويندي هڪ دفعو وري منوهر کاڄن ۾ چتائي نهاريو. کيس لڳو ته جي اڃا به ڪجهه ڏينهن هو سشيءَ وٽ نه اچي ها، ته پڪ ئي پڪ کاڄن ۾ ڪينئان (سرا) پئجي وڃن… ۽ پوءِ شايد کيس وري هن طرح سشيءَ وٽان بي عزتو ٿي نه نڪرڻو پوي ها.
    …….. ۽ چانئٺ تائين ايندي ايندي کيس لڳو ته سشي سڏڪا ڀري روئي رهي هئي.
    *


    5. بي انت راهن جو انت : وشنو ڀاٽيا

    سڏڪن ۽ آنسن جي چڪ، ٻه ترڪندڙ پير، ٻه اَکيون اَڀمان ڀريون. هڪ چهرو، تناءُ……….، جو ڪڏهن به نٿو پگهرجي. چهرو، جنهن ۾ پنهنجهائيءَ جو ڪو به ڀاو ڪونهي. پنهنجي، پرائي. پرائي پنهنجي.
    مٽيءَ ۾ پکڙيل نمڪين کاڄا. کاڄن ۾ جيت. نه، کاڄا نه خود جيت. عجيب عجيب، ……. ٽٽل دل جا پرتيڪ، اَڇو اَڇو بي ڊولو هر کن وڌندڙ کاڄي جو آڪار ڪيئيرن جيان تعداد ۾ وڌندا ٿا رهن. تنهنجو پريم هڪ نمڪين کاڄر آهي جو ڌتڪارجي زمين تي پيو آهي. صبح تائين اُن ۾ ضرور ڪينئان پئجي ويندا. ڪينئان نه پئجي ويندا، ته خود ڪيئان ٿي ويندا. ڇو جو زمين تي پيل چيز جو نصيب مٽيءَ ۾ ملي وڃڻو آهي، زمين تي پيل کاڄن جو نصيب ڪچرو ٿي ٻهارجي وڃڻو آهي.
    اِهو سڀ تنهنجي اَهم کي خوش ٿو ڪري، ته مان تنهنجو اِهو اَهم کاڄن جيان زمين تي اُڇلي، ڪينئن جي، ڪچري جي حوالي ڪري سگهان ٿو.
    ڇيهون ڇيهون!
    هي کاڄا منهنجي دل جا ٽڪرا آهن.
    ڏسين نٿو اُهي زمين تي ڦهلجي پکڙجي ويا آهن.
    اِهي منهنجي بوٽ جي هيٺان چيڀاٽجي ويندا. چوٽ اَچڻ تي هو ضرور چلائڻ چاهيندا.
    پر ڪيئن چلائيندا؟ بي زبان جو ٿيا! بي زبان جي ڪهڙي زبان؟
    ها، اِئين روايتون بدلجنديون آهن. مهمان ۽ ميزبان جون، پريمي ۽ پريمڪا جون، …….. ۽ دماغ جون،
    وري ڪڏهن اَچي سگهان ٿو؟ نه، نه، نه، نه، نه، نه، نه، نه، نه، نه، سيڪڙن ۾ لنبي ٿيندڙ، نه.
    ها، ٻڌاءِ ڪئَن آيو آهين؟
    نٿي ڄاڻين تنهنجو پيار مونکي هيستائين گهيلي آيو آهي؟
    …. پيار……. پيار……. پيار…… ڇا جو پيار؟
    ڪنهن جو پيار؟ ڪنهن سان پيار؟
    ۽ سڀ کان پهرين ڳالهه “ڇا” پيار؟ پيار جهڙو جيڪڏهن ڪو سو ڪالڊ لفظ آهي… ته پيار مون توسان ڪڏهن به نه ڪيو آهي… تون شاگرد ۽ مان ماسترياڻي… ڪوڙا وعدا، سچ سمجهيل…
    ڇو؟…
    اِئين تون پنهنجو پاڻ کي غير واجبي اَهميت ڏيئي رهيو آهين. تون هروڀرو ايڏي اَهميت جي لائق ناهين.
    تنهنجي نظرن ۾ کڄي مان “مان” ٿي ويو آهيان.
    تنهنجي نظرن ۾ کڄي مان “مان” ٿي ويئي آهيان.
    تنهنجي نظرن ۾ اَچي مان “تون” ٿي ويو آهيان.
    تنهنجي نظرن ۾ اَچي مان “تون” ٿي ويئي آهيان.
    مون کي ڪئن ياد ڪيو اَٿيئي؟
    هڪ وسريل باب پڇي ٿو.
    هڪ مئل باب پڇيو!
    ياد نه ڪر……
    نه ته مان اوڙو پاڙو ميڙي ڌڪي ڪڍنديسانءِ. ڇا سمجهيئه؟
    تلخ چهرو. ڊونٽ مس بيهيو! ڊونٽ بي سلي!
    اَڙي هوڏانهن ڏسين ٿي؟
    ڇا؟
    ڪجهه به نظر نٿو اَچيئي؟
    ها، ٻه عڪس آهن.
    گهوري ڏس!
    ها، هڪ عورت آهي، هڪ مرد آهي.
    پر تنهنجون نگاهون اتي ڪئن پهتيون؟
    فئملي روم جو کهرو شيشو. ٻه عڪس.
    ڇا آهي اُتي؟
    اِهو نارمل آهي.
    ڊونٽ بي سلي!
    ٻه چپ+ ٻه چپ= هڪ سواد، جنهن ۾ نه لپسٽڪ آهي، نه تماڪ.
    ڊونٽ مس بيهيو!
    ٽو، ايڪسپريس اي لو، از مس بيهيوير؟
    نو!
    دين ، ڪم آن! ماءِ هني! ماءِ لو! ليٽ يس…
    ٻاهر ڏسن ٿو؟
    بيئر رس جون ٽنگون آهن.
    هو اَسان کي ڏسي رهيا آهن.
    تو کي سمجهڻ کپي، هنن جي ٽنگن ۾ اَکيون ڪونهن.
    هي…… هي …… هي……
    غلط چيم؟
    ٻه چپ ۽ ٻه چپ، ڳل ۽ چپ، ڪنڌ ۽ چپ، نمڪين ڪنڌ، ڄڻ کاڄو چوسي رهيو آهيان…
    مون کي کاڄا ياد ٿا اَچن… ته اهي وڃي کاءُ!
    بلائوز ڏانهن رڙهندڙ هٿ.
    ڊونٽ بي سلي! ڊونٽ مس بيهيو!
    اوهه!…. اُف!…… اُف! هي ته رواجي ڳالهيون آهن.
    مان اِنهن تي هريل ناهيان.
    اِهو ته “سڀاءُ” آهي، سڀاويڪ آهي.
    اِهو اَسڀاويڪ آهي، “اَ وهنوار” آهي.
    پوءِ به هٿ اَڳيان وڌي ٿو…..
    سي، سي، سي……. هٿ ڇڪي ٻاهر ڪڍيو ٿو وڃي.
    هڪ شاگرد اِيترو وڌي آيو ۽ هڪ ماسترياڻي…….
    نارمل ڪورس…. اِنٽر ڪورس، سرير جو سرير ۾ سمائڻ….
    شادي کانپوء………اَڳ، نه، نه، نه بلڪل نه.
    ڀارتي ناريءَ جي لڄ…. حياءُ….. شرم.
    ڀارتي ناري ئي، رنڊي نه؟ ڇا سمجهيئهَ؟ رنڊي توکي ڪٿي به ملندي، ڪڏهن به ملندي. ها، اُها ضرور تنهنجي واسنا کي ٿڌو ڪندي. مان نه ڪنديسانءِ. ٽرمس ۽ ڪنڊيشن ڪليئر آهن. اِهو سڀ شاديءَ کان اَڳ نه. ڪس ۾ پويترتا آهي، ڇهائن ۾ پاڪيزگي ٿي سگهي ٿي.
    انٽرڪورس عورت ۽ مرد ۾ هڪ محدود – مقرر ٻنڌن کانپوءِ ئي ٿيندو آهي.
    اِنٽر ڪورس مرد ۽ رنڊي جو به هڪ محدود – مقرر ٻنڌن ۾ ٿيندو آهي….
    ٻئي جي ڪري، هوءَ پنهنجو سرير کوليندي آهي، هو پنهنجي واسنا.
    پر واسنا ۾ به هڪ “ڪامنا” هوندي آهي. پنهنجي لاءِ “ڪامنا”. جيڪڏهين مون ڪامنا ڪئي، ته ڪهڙي اربع خطا ڪئي؟
    چيم، ته هر ڪامنا لاءِ “وقت” ٿيندو آهي. هي “وقت” اُن ڪامنا لاءِ ڪونهي، ڪونهي، ڪونهي، ڪونهي – ڇا سمجهيئه؟
    توکي پيو سڏي.
    ڪير؟
    ناريل جو ڊگهو وڻ
    ناريل جو ڊگهو وڻ ڄڻ هڪ گلن جو ٻوٽو بڻجي ٿو وڃي.
    گل! جنهن تي ڀونئر جي گنجار– تون —- اون —— تون —– اون،
    ڪن کي ڇهندڙ- چپ. چيلهه ۾ پيل ٻانهن. ڪمر جون نرمايون. هي گداز سرير.
    ڪتابن ۾ ايندڙ عورت ۽ مرد جي آدي سنٻنڌن جا بيان، کليا ذڪر، بي پردي- رشتا.
    اِتفاق سان ملندڙ آڱريون- ٽڪرائجندڙ گوڏا.
    چور نگاهون- ملن ٿيون آڱريون، ته ملن. ٽڪرائجن ٿا گوڏا، ته ٽڪرائجن. ڇو ته ٽڪرائجن؟ پيار اظهار به نه پائي؟ اهو پنهنجو ماڌيم به نه ڳولهي؟
    پهريون دفعو!
    تون هليو وڃ هتان مهرباني ڪري.
    اعتبار ڪر، سشي!
    نه ويندين ته اوڙو پاڙو ميڙينديس.
    ………………..
    وري هتي ڪڏهن به نه اَچجانءَ.
    ٻيون دفعو!
    نمڪين کاڄا تو ڇو نه کاڌا؟
    منهنجي مرضي!……..
    پيار مان موڪليل سوکڙيءَ جو اپمان. ڇا جنگ ۽ پيار ۾ سڀ روا آهي؟
    پيار……….. پيار…………… پيار……… ڇا جو پيار؟
    ……………..
    منهنجو وجود ۽ لنبي عرصي جو اِنتظار.
    هي وٺ زمين تي هاريل تنهنجو وجود ۽ منهنجو ختم ٿيندڙ اِنتظار. باءِ، باءِ، باءِ، باءِ، باءِ……
    گڊ باءِ به نه؟
    گڊ ڇا رهيو آهي؟
    تنهنجو هتان هلي وڃڻ. وري ڪڏهن به، ڪڏهن به نه اَچڻ. متان پنهنجو منهن ڏيکاريو اَٿئي. ڏيکاريندين، ته منهن تي اپمان جي ڪارنهن هڻنديسانءَ.
    اَڙي، متان ڪنهن ماسترياڻيءَ جي ڦندي ۾ ڦاسين. ماسترياڻين جي ذات ئي عجيب اَٿئي. اُهي مڙسن کي به ائين هلائينديون آهن، ڄڻ اُهي سندن شاگرد آهن ۽ هميشه گهڻ ڳالهائو. گهر ۾ به ائين ڳالهائينديون، ڄڻ ڪلاس ۾ پاڙهي رهيون آهن.
    پڇاڙيون سبق ياد ڪر ڪڪا!
    چئو دادي؟
    “وري هتي ڪڏهن به نه اَچجانء.” ڪڏهن به نه؟ نه، نه،….. ايندين ته مون وٽ تو لاءِ اَپمان آهي، اَپما. اُن جي….. آهي. جلڻ چاهين، ته هليو اَچج.
    اِها تون آهين، سشي؟ سڀ کان پهرين تون سشي! منهنجي نه، هينئر ته منهنجي ناهين. غير، بلڪل غير مان ڪهڙي پنهنجائي کڻي تو وٽ آيو هئس ۽ تو ڌڪاري ڪڍيو.
    مون سامهون بند دروازو آهي. مان کڙڪايان ٿو کٽ، کٽ، کٽ نٿو کلي. بند، بند، بند.
    ڪئن کلندو هي دروازو؟ جنهن ٻن زندگين جو ورهاڱو ڪيو آهي. جنهن منهنجي راهه کي بند ڪيو آهي.
    ۽ نمو، نمي، نرملا؟ چلولي، سدا نچندڙ، بي پرواهه، چنچل، اڇل کائيندڙ، برساتي صبح جيان، ڇڪيندڙ، ڄڻ ٻالپڻ مليو هو کيس.
    ذهن ۾ ڪملا نهرو پارڪ ۽ اُن کان وڌي چٽي سشي. سشي.
    تڪڙا تڪڙا قدم، بس اِسٽئنڊ ڏانهن وڌندڙ.
    ايترو تڪڙو ڪيڏانهن وڃي رهيو آهين
    ڪيڏانهن نه.
    ته منهنجو ننڍو عرض قبول پوندو.
    چئه؟
    ڪا پڪچر نه ڏٺي اٿم. مهر ٿيندي.
    نمو پر…
    ڏس بس اَچي ويئي.
    بس ۾ ٻه هٿ مليا. سئنيما جي اونده، ڇاتيءَ تي ڪلهو. موٽندي، ٻنهن جو سڄو بوجو ۽ هٿ. اُن جي “هئڻ” جو اَحساس ڀوڳڻ.
    فرق ٻن سانجهين جو، هڪڙيون ڀاري، ڪٺور، نه مڙندڙ. ٻيون، هلڪيون، کل ڀريو، چنچل ۽ هاڻي هلڪيون، کل ڀريون، چنچل.
    هو سشي وٽ نه ويندو. هو ان کي ائين وساري ڇڏيندو، ڄڻ هوءَ ڪڏهن سندس زندگيءَ ۾ ئي نه آئي هئي.
    اِن ۾ ڪهڙي جيت آهي؟
    جيت. وڏي جيت آهي.
    ڪالهه گهر ۾ مهاڀارت ٿيو هو. ممي ڊئڊي جي مرضي ناهين ته مان ڪاليج پڙهان. اِن بدران هنن مون لاءِ هڪ ڇوڪرو ڳولهيو آهي. سٺي آڪهه جو ۽ سيڪريٽريٽ ۾ ڪلارڪ پڪي نوڪري. پر مون سڀني جي اُميدن تي پاڻ ڦيري ڇڏيو.
    ڪوماڻيل منهن ۾ ڀرجندڙ خوشي، اِهو منهن منوهر جو هو.
    سانت ڇو ٿيئن، نمو؟
    اَڄ ٽئڪسي ۾ هلنداسين.
    بس جي رفتار به ڪا رفتار آهي؟ ڏهن اسٽاپن تي بيهندي. ماڻهو اوتيندي، ماڻهو ڍوئيندي. بيهندي هلندي. هلندي بيهندي. رفتار…. گڏهه گاڏي ائين هلندي آهي، جئن بيسٽ جي بس. اِن ڪري بس کي سلام.
    ۽ ٽئڪسي ۾ رفتار آهي، زندگيءَ جي رفتار.
    منو چپ ڇو آهين؟ ڪجهه ڳالهاءِ نه!
    ڇا ڳالهايان؟
    ………..
    نمو، تو پنهنجي مائٽن جي مرضي ڇو نه رکي؟
    مون فرض لفظ کي ايڪسپلائيٽ ڪرڻ نٿي چاهيو. مون فرض جو حق ماڻڻ … ڏيڻ نٿي چاهيو.
    برو نه لڳو کين؟
    اَهم ڪنهن جي هئڻ جي پهرين نشاني آهي!
    مزيدار تجربو!
    لالي پاپ کي چوسيندڙ چپ. سواد لپسٽڪ جو، سواد تماڪ جو.
    جڏهن هڪ ٻئي کي چمنداسين ته اِهي ٻئي سواد ملي هڪ عجيب سواد جو سرجڻ ڪندا. ڪندا نه؟
    هل ڪنهن پارڪ ۾ گڏ ويهون!
    پر منو! هوءَ اَڪيلي ڪٿي آهي؟..، هاڻي سندس ننڍپڻ جو ساٿي گنو جو هن وٽ ايندو ويندو آهي.
    خير، ڊئم ديم.. نمو! ڪنهن ٻي ٽاپڪ تي ڳالهاءِ. سشي، سشي، سشي. مان هميشه سشي بابت سوچڻ ۽ ڳالهائڻ پسند نٿو ڪريان…. آءِ وانٽ سم ٿنگ “نيو” مون کي حياتي ۾ ڪجهه نئون کپي، نئون!…
    هيءَ وٺ منهنجي ڪمر، ڪافي گرم اَٿئي. آهي نه؟
    جهڳٽن ۾ لهي آيل اوندهه.
    سريرن ۾ ڇهاءُ
    پارڪ مان ويندڙ ماڻهو.
    چپ ۽ چپ. ڪلهي کي ڇهندڙ آڱريون. گهرا پوندڙ سرير. دوريءَ کي مٽائيندڙ لپسٽڪ ڌوپجي ويئي آهي… ڇو جو “چمين” جو اَحساس رنگ جيان چپن تي چڙهي ويو آهي.
    ڪجهه آهٽ قدمن جي ويجهو پوندڙ…
    سشي ٿي سگهي ٿي. ڀلي هجي پرواهه ناهي.
    سشي ناهي، هڪ جوڙو پاڻ ۾ گم … وڃي پيو… وڃي.
    هو هڪ ٻئي کان اَلڳ ٿين ٿا.
    اِقرار ۾ دٻجندڙ هٿ وري سڀاڻي ملنداسين. ملنداسين نه؟
    سشيءَ وٽان مليل اَپمان جي چماٽ. چماٽ
    نموءَ وٽان مليل پيار جو ڇهاءُ. ڇهاءُ.
    چماٽ، درد ڏئي ٿي، پيڙا ڏئي ٿي، ويدنا ڏئي ٿي. ڇهاءُ اننت اَحساس جو اَحساس.
    فيصلو ڪرڻو ئي پوندو.
    ڪر فيصلو!
    سشي تون منهنجي ناهين، ناهين. ۽ نمو، تون فقط منهنجي آهين، منهنجي
    ۽ هو نموءَ اڳيان پنهنجي رٿ رکندو.
    ***
    ماءُ چيو، “ڌيءَ سشي! منوهر ۽ منوءَ جي شادي تي نه وينديئن؟”
    سشيءَ هٿ مٿي ڏانهن وڌائيندي چيو، “ممي! مٿي ۾ سور اَٿم.”
    ماءُ وڌيڪ رڙهي آئي. “بام هڻ! گولي گاءُ!”
    “پاڻيهي کائينديس.”
    ماءُ هٽي ويئي. ڪٿا تي هلي ويئي.
    سشيءَ خالي اَکين سان ٻاهر ڏٺو. زمين تي ٿوري اُس بچيل هئي سج بلڊنگن سان ٽڪرائجي ٽٽي ويو هو. سج جا ٽڪرا آهستي آهستي گم ٿيندا ٿي ويا.
    هن جو پريم به ته ائين ٽٽو هو.
    پريم؟……. ڇا جو پريم؟……. ڪنهن سان پريم؟……. ڇا پريم؟…..
    هوءَ اُٿي وڌندڙ انڌيرو هن جي ذهن ۾ … اُس جا چند ٽڪرا ئي ٻاهر هئا. ڪجهه دير ۾ اُهي به نه رهندا.
    ڪٻٽ کويائين، “چندو” جي مٺائي جي خالي پيتيءَ ۾ ڪجهه چيزون اَنيڪ سلپون.
    1- ماءِ سويٽ هارٽ! اَڄ ميٽرو تي ڇهين بجي ضرور اَچج: فقط تنهنجو ئي منوهر.
    2- ماءِ لو! فائونٽين تي – 5:30 جو اِينديئن نه؟ فقط منوهر.
    3- ڪملا نهرو پارڪ تي ضرور اَچج ڊارلنگ سشي، تنهنجو منوهر.
    4- ماءِ ڪُوئين! اِينديئن نه. لبرٽي تي، فلم اَٿئي، منوهر.
    اِهي ۽ اِن طرح جون اَنيڪ سلپون، جيڪي اَنيڪ شامن جون شاهد آهن، منوهر جي ننڍي ۾ ننڍي چيز سشيءَ وٽ سلامت رکي آهي، گهڻا ئي ڀيرا هن جي دل ٿي هئي ته اُهي ڦاڙي ڇڏي، پر پوءِ سوچيندي آهي، ڦاڙينديس ته دل کي اَجائي چوٽ ايندي، سلپس، سئنيما ٽڪيٽن جا اَڌ ٽڪرا، بس جون ٽڪيٽون، چيوگم جي پني، ڪئڊبري جو ليبل، نمڪين کاڄن جا خالي پڙا، ربينون، ڪانٽا، رومال. ڪو وقت هو جڏهن هوءَ اِهي سڀ چيزون پنهنجي پرس ۾ رکندي هئي. هڪ ڀيرو پرس منوهر جي هٿ لڳو. سشي کانئس کسڻ جي ڪوشش ڪئي، منوهر پرس کولي چڪو هو، چئي رهيو هو، “ڏسان ته سهين اَندر ڪهڙو خزانو آهي؟”
    ڏسي هو دير تائين ٽهڪ ڏيندو کلندو رهيو.
    هوءَ سسي ويئي.
    “اِها ڪهڙي مئڊنيس آهي؟”
    “منهنجي مرضي.”
    “ٻار آهين ڇا، بيبي؟”
    “تنهنجو تنهن ۾ ڇا وڃي؟”
    “ڦٽي ڪري ڇڏ!”
    “منهنجي مرضي.”
    “مڃڻو پوندو. تون پاڻ سان هڪ ميوزم کڻي گهمندي آهين!”
    هينئر سشيءَ مشڪيو. جوڙيو، “اِتهاسڪ يادگار.”
    ها، ميوزم ئي، يادگار ئي. جنهن اتساهه سان جمع ڪيو هئائين … جلائيندي … ڪٿي آهي ماچيس؟ هي رهيو اونداهو رنڌڻو… شمشان گهاٽ!
    هن ڍير ٺاهيو.
    ڪان، ڪان، ڪان، ڪان، سرپٽ، سرپٽ اُڏامندڙ ڪانءُ ۽ کنڀ ڦڙ ڦڙائيندڙ لامارا هڻندڙ ڳجهون.
    دير تائين ماچيس هٿ ۾ پڪڙي بيٺي رهي. ڇا ڪريان؟ جلايان، يا نه جلايان؟
    جلاءِ، جلاءِ، جلاءِ. منوهر جون اِهي نشانيون به جلائي ڇڏ. جئن اُهي ياد بڻجي نه ڏنگين!
    مان جلائينديس!؟
    جلاءِ!
    ڍير کي باهه وڪوڙڻ ٿي لڳي. اٿندڙ چڻگون. جلندڙ ٽڪرا. جلڻ کان بچڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن اڏامندڙ. سشيءَ جو انهن کي ڳٿر کان پڪڙي وري باهه جي حوالي ڪرڻ.
    هڪ باهه ٻاهر آهي، ڍير تي. ٻي باهه اَندر ۾ آهي، سشي جي. اتي سمرتين جو ڍير آهي. اهي نٿيون جلن.
    ڪهڙي سمرتي جلائي، ڪهڙي جلائي؟ ڪاغذ لاءِ باهه آهي، اهي جلي رک ٿي ويندا.
    ليڪن ذهن ۾ حق ڄمائي ويٺل سمرتيون ڇا جلي سگهنديون؟
    ڪارا پوندڙ ڪاغذ، رک ٿيندڙ. آخر باهه جا چند اَلا. هوءَ رک کڻي ڪچري جي بالٽيءَ جي حوالي ڪرڻ لڳي.
    ها، اِن طرح سان ئي هن نمڪين کاڄا زمين تان کڻي ڪچري جي بالٽيءَ ۾ اڇلايا هئا. تڏهن هوءَ اَندر ئي اَندر ۾ ايترو ته رني هئي، جو هن جي پيڙا آنسو بڻجي ويئي هئي، منوهر جو ٻيو دفعو اپمان ڪندي هن کي لڳو هو، ته هن جيڪو ڪجهه ڪيو، سٺو نه ڪيو. هن جي دل ٿي هئي ته ويندڙ منوهر کي واپس سڏيان. کانئس معافي گهران. ليڪن اُن وقت هوءَ اپمان جي آگ ۾ جلي رهي هئي. هي مرد سمجهن ڇا ٿا؟ خود ڀونئر ٿيندا وتندا ٻين پٺيان ڦرندا ۽ عورتون ستيون بڻجي هنن جي حق ۾ پوري زندگي گهارينديون؟ اَصل نه، سندس اَهم کيس روڪيو هو. منوهر جيڪڏهن نموءَ اڳيان هن جي وجود کي ڪنهن ليکي ۾ نٿو آڻي، ته هوءَ پنهنجي وجود کي ائين گهايل ٿيندو نه ڏسندي. هوءَ به منوهر کي ڌڪاري هن جي اَهم کي چوٽ رسائي سگهي ٿي. مان ڪا جهڙي تهڙي آهيان! وڃي ٿو، وڃڻ ڏينس. پيار هوندو، پاڻيهي هلي ايندو. مون کي خبر هئي، هو نموءَ پٺيان چريو آهي.
    سٺو ٿيو، اَسان جو سنٻنڌ اِتي ئي ٽٽو. سڀاڻي اَسين ڪري شادي ڪريون به ها. پوءِ به هن کي هر وقت نمو ئي ياد رهي ها. ۽ مان سڄي زندگي حسد جي، اوشواس جي آگ ۾ جلندي رهان ها. تنهن کان بهتر ٿيو جو مون فيصلو ڪري ورتو.
    هاڻ مان منوهر کان آزاد آهيان، هو مون کان آزاد آهي. ڀلي هو نرملا کي اپنائي… مونکي اپنائي ۽ نرملا کي به اپنائي اِهو منهنجي سهڻ کان ٻاهر آهي. سڄي زندگيءَ جي جلن کان هينئر ڪجهه ڏينهن جلنديس زخم سڪي ويندا. پراڻي کل لهي ويندي. نئين چمڙي هلي ايندي. نه ته هر روز جا زخم ۽ لاعلاج! تڙڦڻ، تڙڦڻ، تڙڦڻ
    جو ٿيو، سٺو ئي ٿيو.
    سشي اَڄ به وساري نٿي سگهي.
    ڪملا نهرو پارڪ ۾ هوءَ اِنتظار ڪري رهي آهي. بتيون ٻري چڪيون آهن. پارڪ ۾ چهل قدمي گهٽبي گهٽبي ختم ٿي ويئي آهي. دور مرين لائينس ۽ اونداهو عربي سمنڊ. جڳهين جو سمنڊ، اُنهن جي وچ مان وهندڙ گهٽيون ۽ سڙڪون. جنهن ۾ ماڻهو پاڻيءَ جيان تري رهيا آهن. اُنهن جا ڪارا ڪارا آڪار اکين ۾ جهولن ٿا. ليڪن هن جو من پريشان آهي، اَڃا به وڌيڪ پريشان ٿي رهيو آهي. پوءِ به هوءَ ويٺي آهي. آس جو پلئه پڪڙي جڏهن پارڪ ۾ ڪو به بني بشر نٿو رهي، تڏهن هو گھٻراجي اٿي کڙي ٿئي ٿي.
    بس ۾ هن جو هردو ئي نٿو روئي، هن جي شڪل به روئڻهارڪي ٿي وڃي ٿي. بس مان لهي هوءَ ڊانواڊول من ۽ لڙکڙائيندڙ قدمن سان پنهنجي ڪالونيءَ ڏانهن وڌندي ٿي رهي. پل جي هيٺيان لنگهي ٿي جو پٺيان ڄاتل سڃاتل ٽهڪ جو آواز ڪن تي پويس ٿو. هوءَ پل جي هيٺان اَنڌيري ۾ منهن ورائي ڏسي ٿي. پل ڀرسان نيم انڌيري کي چيري منوهر ۽ نرملا ڪالونيءَ طرف اچي رهيا آهن. سشيءَ کان ڇرڪ ٿو نڪري وڃي. هوءَ پل جي ديوار سان لڳي ٿي بيهي. گويا هوءَ چور آهي ۽ هن جي چوري پڪڙجڻ واري آهي.
    منوهر چيو، “اَچ اَچ نرملا.”
    “دادي ڪٿي آهي؟”
    “ويهه دادي رنڌڻي ۾ آهي.”
    ٻئي ڳالهائيندا ئي هوندا. زبان سان کڻي نه، اَکين سان اَکين معرفت دليون ته ڳالهائي سگهنديون آهن.
    ٻه چانهه جا ڪوپ، ٻه پيئندڙ.
    هڪ سوال!
    اِيوري ٿنگ از فيئر اِن لو اَئنڊ وار.
    سشي ٽارڻ چاهيو هو، “پهرين چانهه پي.”
    ۽ جواب ڏيڻو پيو، “جنگ ۾ سڀ روا ٿي سگهي ٿو، پيار ۾ نه.” ڇو جو ان وقت هوءَ منوهر سان وڏي جنگ لاءِ سنڀري هئي.
    منوهر کي بي عزتو ڪري هن پاڻ ئي پنهنجا آنسو اگهيا. سوچيائين، وري جيڪڏهن منوهر آيو ته هوءَ کانئس پنهنجي اَهڙي وهنوار لاءِ معافي وٺندي. پر ٻيو دفعو منوهر کانئس جڏهن کاڄن بنسبت پڇڻ آيو، تڏهن هن جي اندر جو ودروهه ڄڻ ڀڙڪي اُٿيو.
    “هاڻي تون هتان هليو وڃ.”
    “ايتري ۾ تون مهمان ۽ ميزبان جون روايتون ڀلجي وئيئن؟”
    “ها، ائين روايتون بدلجنديون آهن.”
    “وري ڪڏهن اَچي سگهان ٿو؟”
    “نه!”
    “ڪڏهن به نه؟”
    “چيم نه! نه، نه، نه!!”
    منوهر ج وڃڻ کانپوءِ هوءَ وري رني هئي.
    پر هاڻ ڇا رهيو آهي؟
    منوهر فيصلو ڪري ئي ورتو آهي.
    اَڄ منوهر ۽ نرملا شادي جي ٻنڌن ۾ ٻڌجي رهيا آهن. خوش رهن.
    ٻنهي دفعن ۾ هن سوچيو هو، مون برابر کيس چيو، ته نه اَچج. پر منهنجو منو ايترو پرائو ٿي ويو آهي، جو مون کي پرچائڻ به نه ايندو؟
    بس اها هڪ پاڳل آس هئي. هاڻ هوءَ خود کي پرچائي رهي هئي.
    سشيءَ جي ذهن ۾ هڪ ٻيو منظر اڀري ٿو.
    “منهنجي تتري.”
    “گنا!”
    لهندڙ سج وقت، اڀرڻ جي آس کنيو آيل گنو، کيس ياد اَچي ٿو.
    گني چيو، “هل ڏسون انڊلٺ جون پڇڙيون ڪٿي آهن؟”
    هٿ ۾ هٿ ڏيئي ٻئي هلندا ٿا وڃن. سامهون اوندهه اَچي ٿي. هوءَ روئڻ ٿي لڳي. گنو کيس پرچائي ٿو. “چري! روئڻي! اوندهه ڪٿي آهي؟ سامهون ڏس روشني ڪونهي؟ اوهه….. هتي!”
    ڪٿي آهي روشني؟ هوءَ چو طرف نهاري ٿي ته خود کي انڌيري سان گهيريل پائي ٿي.
    اوندهه فقط گهر ۾ نه لهي آئي آهي. هن جي من ۾ به لهي آئي آهي. اُٿي بجليءَ جو بٽڻ دٻائي گهر ۾ روشني ڀري، اِهو به کانئس نٿو پڄي. رهي ٿي اوندهه، ته رهي.
    هن ميز تي ٺونٺيون ٽڪايون ۽ هٿ جي ترين تي کاڏي ٽڪائي ڏٺائين ته سندس اَکين ۾ نڄاڻان آنسون ڪيئن هليا آيا هئا. هن آنسن کي سڪڻ لاءِ ڇڏي ڏيڻ چاهيو. رومال سان اُگهڻ جو اِرادو به لاهي ڇڏيائين. دور اسپيڪر تان فلمي گانا هلي رهيا هئا ۽ منوهر مون کي بلڪل سمجهي نه سگهيو. اِهي مرد…….
    گهر جون چيزون عجيب آڪارن ۾ بدلجي ويئون. ڪٿي ڪٿي گهر جي ننڍين چيزن جو آڪار وڌندو ٿي ويو. کيس لڳو، ديوار ۾ ٽنگيل گهڙيال به ڳرڻ لڳو آهي. ڪجهه دير ۾ هوءَ به اوندهه ۾ ڳري ويندي. هوءَ ميز به، هي سرير به، هي ديوارون به، نه هيءَ ڇت به. شور هوندو، ڀيڙ هوندي. هڪ نه هونديس، ته اَڪيلي مان. منهنجي اُتي ضرورت به ڪهڙي آهي؟ منوهر پنهنجي اَپمان جو بدلو مون کان چڱي طرح چڪائي ورتو. مون کيس ٻه دفعا به عزتو ڪيو، ته هن مون کي سڄي عمر لاءِ ڇڏي ڦٽو ڪيو.
    هاڻ ڇا رهيو آهي، باقي؟
    پر هو جيڪڏهين مون کي ڇڏي نموءَ کي اَپنائي سگهي ٿو، ته پوءِ مان هن جي ويچار کي دل مان نيڪالي ڏيئي، گني ڏانهن ڇو نٿي وڃي سگهان؟
    گنو- تتري – ششي- مان.
    مان ڇو نٿي منوهر لاءِ پيدا ٿيل ڀاونائن کي ماري، گني لاءِ پيار رکي سگهان؟
    “ششي!”
    ششيءَ کي محسوس ٿئي ٿو، نه ڄڻ ڪوهن جي دوري تان اِهو آواز آيو آهي،
    “ششي!” ڪوهن کان پنڌ ڪندو اِهو آواز هن تائين پهتو آهي.
    “اَڙي، آهين يا نه؟ اوندهه ۾ ڇو ويٺي آهين؟”
    گنو ئي ته آهي.
    هو، سئچ ڏانهن وڌندي چوي ٿي، “بس ويٺي ويٺي جهوٽو اَچي ويو. سوچيم پئي تون اَچي ويندين. دير ڪيئَه؟”
    “هڪ دوست گڏجي ويو هو.”
    روشني ٿي ته اَنڌيرو ڀڄي ويو. هر شيءَ کي پنهنجو آڪار مليو. ششيءَ جي چهري تي ويدنا به چٽي ٿي آئي.
    “تون اَڄ اداس آهين؟”
    “بس ائين ٿي.”
    “ڪجهه ته آهي؟”
    “ڪجهه به نه.”
    “ڪجهه ته آهي، جو تون مون کان لڪائي رهي آهين؟”
    ڪجهه آهي، ششيءَ جي من ۾ ڇا اُن کي اظهار ڪري؟
    “گنا منهنجي چهري ۾ڏس!”
    “ڏٺم!”
    “ڇا مون ۾ ڪا به ڪشش باقي نه رهي آهي؟”
    “هي ڪهڙي قسم جو سوال آهي؟”
    “جئن پڇان ٿي ٻڌاءِ؟”
    “آهي.”
    “ڇا مان سٺي جيون ساٿڻ ثابت ٿي نٿي سگهان؟” چوندي چوندي هن جو چهرو روڻهارڪو ٿي اٿي ٿو.
    “ٿي سگهين ٿي. پر اَڄ….”
    “ڇا مان تنهنجي….”
    “هي توکي ڇا ٿي ويو آهي، تتري؟ هي بهڪيل بهڪيل ڳالهيون ڇو ڪَري رهي آهين؟ ها، توکي مون هميشه هڪ متر ڪري پئي سمجهيو آهي. تون مون لاءِ عزيز آهين. پر جيستائين شاديءَ جو سوال آهي، مون اُن تي گنڀيرتا سان سوچيو ڪونهي ۽ تولاءِ اِها ڳالهه مان سوچي به نٿو سگهان. تولاءِ منهنجي من ۾ جيڪي ڀاونائون آهن….. اهي فقط هڪ متر جون آهن.”
    ششي روئندي رهي. گني کيس پرچائيندي چيو، “ائين ڪو روئبو آهي، تتري؟ پر اَڄ توکي ڇا ٿو ويو آهي؟ ها، جيڪڏهين جيون ساٿيءَ جي ضرورت اَٿيئي، ته مان تو لاءِ مميءَ کي چوان. هوءِ تولاءِ جلد ئي ڪو نه ڪو ڇوڪرو ڳولهي وٺندي.”
    ششي چپ،
    گنو چپ
    رات گهري ٿي ويئي هئي. اُن کان به وڌيڪ گهري پئجي ويئي هئي ششيءَ جي ويدنا. گنو هن جي اَڳيان رڙهي آيو. سندن مٿي تي ممتا ڀريو هٿڙو گهمائيندي پڇيائين،
    “ڇا ٿيو آهي، آخر؟”
    ششيءَ ناڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.
    “مون کي به نه ٻڌائينديئن؟”
    ڀت بڻي ويٺي رهي، ششي. دل ۾ آيس، ته گني کي چوي “هليو وڃ هتان!”
    اِهو ته منوهر هو، جنهن منهنجي سَٺي هئي. هن مون کي پيار ڪيو هو. جو چپ چاپ بي عزتي جهوليءَ ۾ ڀري هيلو ويو. گنو ڪيترو نه ويجهو ويٺو آهي، پوءِ به ڪيترو نه دور. منوهر هاڻ مون کان ڪيترو دور آهي، پوءِ به لڳيم ٿو، منهنجو ويجهو ويٺو آهي. هاڻ ڇا رهيو آهي؟
    ***
    شاديءَ کان چند روز پوءِ
    هڪ صبح!
    صبح جا ڪرڻا دريءَ مان اَندر گهڙي آيا هئا. زمين تي ليٿڙڻ لڳا هئا. منوهر جي ننڊ ٽٽي. هونئن هميشه نمو کيس چمي ڏيئي جاڳائيندي هئي. اَڄ هن مون کي ڇو نه جاڳايو؟
    “نمو!”
    “نمو!”
    “نمو!”
    ڪچن مان اِسٽو جو آواز اَچي رهيو هو. سليپرس پهريل قدم منوهر ڏانهن وڌي رهيا هئا.
    نرملا آئي. منوهر هن جي اَکين ۾ اَکيون پائي پڇيو، “اَڄ مارننگ ڪس نه ڪيئه؟”
    “منهنجي مرضي!”
    “ڇو؟”
    “اَڄ مان توسان جنگ ڪرڻ ٿي چاهيان.”
    “ڪر! مان تيار آهيان. جيڪو کٽي، ان کي هارايل ڏهه چميون ڏي. منظور؟”
    “نه، سچ پچ جنگ!”
    “ڪر!”
    “مون تنهنجي ڪوٽ ۾ اَڄ سئلري سلپ ڏٺي. تو مون کي پنهنجو پگهار سو رپيا وڌائي ڇو ٻڌايو؟ ڇا سچو پگهار ٻڌائين ها، ته مان توکي پيار نه ڪريان ها؟”
    نرملا جي نظرن ۾ منوهر خود کي چور محسوس ڪيو.
    “ٻي ڳالهه، ڪالهه رات هڪ دفعو منهنجي ننڊ ٽٽي هئي. ڏٺم، تون ڀڻڪي رهيو آهين. ششي… ششي…. ششي… چيو ته هو تو، ششيءَ کي مان بلڪل وساري چڪو آهيان. ۽ هينئر من، وچن، ڪرم سان فقط تنهنجو آهيان.”
    منوهر ڏٺو، نرملا اَڄ گنڀير هئي. هوءَ کانئس هڪ وڪيل جيان آڏي پڇا ڪري رهي هئي.
    “نمو، اَچيتن من ۾ ششي رهي هجي، شايد… مان نٿو ڄاڻان… پر جيستائين چيتن اَوسٿا جو سوال آهي؛ جيستائين چيتنا مون ۾ آهي، اُتي فقط تون آهن، تون.” چئي منوهر نموءَ جي گلي ۾ ٻانهون وجهي کيس چمڻ چاهيو… ليڪن هوءِ پاڻ ڇڏائي هلي ويئي.
    *


    6. ٻن قطبن جي وچ جي ڊوڙ : هريش واسواڻي

    ‘ڪونج’ سيپٽمبر 1967ع
    ...............................

    شور! هڪ شهري شام بيوقوف پاڙيسرڻ، سشيءَ جي گهر گهڙي آئي آهي. سشي ان مان خفي آهي. اها کيس ايڪانت ۾ پائي ساڻس پنهنجي ۽ پرائي پچار ڪندي ۽ سندس مٿو کائيندي. ان جي وڃڻ کان پوءِ به ان جي ڳالهين جي درڳنڌ وايو منڊل ۾ ڪيتري دير تائين وياپت رهندي. خالي رهي هوءَ ان کان بچي نه سگهندي. مڪتيءَ لاءِ ضروري آهي هوءَ پاڻ کي مصروف رکي. هوءَ اٿي پنهنجي اسٽڊي ٽيبل تي اچي ويٺي.
    ڪتاب، نوٽس، ڪوٽيشنس، ٽائيپ ڪيل ڪاغذ ۽ ڪتاب. سڀ جڙ.
    سشيءَ پنهنجي گهور وسيلي زبردستي انهن ۾ چرپر پيدا ڪئي. اکر ڪاغذ کان ڇڄڻ لڳا ۽ ڌيري ڌيري ڪاراڻ جو هڪ ڌنڌ ڪٺو ٿي ويو. سشيءَ چاهيو ته هوءَ ان ڌنڌ کي مٽائي ڪاغذن کي هڪ دفعو وري سفيد ڪري ڇڏي. پر ائين ٿي ڪو نه سگهيو. ڌنڌ سمائجي ويو. اکر مٽجڻ جي بجاءِ سميٽجي سٿر ٿي بيٺا. سشي نراش ٿي ويئي. سندس زندگيءَ جي پني تي به ڪي اکر اڪري ويا آهن، ڪارا ڪارا. اهي به ڪڏهن ڪڏهن ڌنڌلا پئجي ٿا وڃن، پر مٽجن ڪو نه ٿا. هوءَ وري اڇي اجري ڪو نه ٿي سگهندي. سندس من ۾ ڊپ آهي ته اها ڪاراڻ ڪٿي ڪلنڪ جو روپ نه وٺي.
    پر ڪلنڪ ڇا آهي، اهو سوال بجليءَ جي ڌار وانگر سندس مشڪ کي ڇهي ويو. هوءَ پل لاءِ شونيه بڻجي ويئي، کيس لڳو ته سندس ڌڙ جي مٿان هڪ مستڪ جو لاش يا لاش جو مستڪ رکيل آهي. شايد شرير جي نسن مٿي خون پهچائڻ بند ڪري ڇڏيو آهي. هوءَ اٿي کڙي ٿي. هن بي آراميءَ وچان پنهنجون ٻانهون لوڏيون، سر کي جهٽڪو ڏنو ۽ اچ وڃ ڪرڻ لڳي.
    چپ………… چپ……………چپ…………. چپ.
    نه، هوءَ ان ڪاراڻ کي ڪلنڪ بڻجڻ ڪو نه ڏيندي. هر ڪاري چيز ڪلنڪ ڪو نه ٿيندي آهي، نه هر ڪلنڪ ڪارو ٿيندو آهي.
    چپ………… چپ……………چپ…………. چپ.
    هينئر هنجي بدن جو خون تيزيءَ سان مستڪ ڏانهن وڌڻ لڳو. وڌيو ڪو نه ٿي ڊوڙيو ٿي. سشي پنهنجي خون جي ڊوڙ جو آواز ٻڌڻ لڳي. شايد سمورو خون وڃي مستڪ ۾ جمع ٿيندو. جي ائين ٿيو ته سندس ڌڙ مردهه ٿي ويندو. هڪ زندهه سر جي هيٺان هڪ مردهه سرير!
    سشي رڪجي ويئي.
    نه، نه زندگي هنجي سر کي به کپي سرير کي به کپي.
    هوءَ ان کي ٻنهي لاءِ ڳوليندي ۽ ائين ڪندي ڪاري نه ٿيندي نه ڪلنڪ ٿيندي. بس زندهه رهندي. زندگيءَ جو بنيادي طرح ڪو رنگ ڪو نه ٿيندو آهي. هوءَ مٿس ڪو رنگ چڙهڻ ڪو نه ڏيندي.
    ها، سشي ويهي رهي. هوءَ هيلتائين غلط ڏسائن ۾ سوچيندي رهي آهي، ۽ غلط ئي ڪندي رهي آهي، ورنه هيتري دکي ڇو هجي ها اڄ؟ هن منوهر سان پيار ڪيو ان ۾ ڪا غلطي ڪو نه هئي، پر ان کانپوءِ جيڪو ٿيو يا جنهن نموني ٿيو اهو غلط هو.
    سشي ڪجهه ائين سوچڻ لڳي جيئن ڪا فلمي هيروئن پنهنجي رول کي نقادي نگاهن سان ڏسندي آهي. ڏسي سوچي سگهندي آهي پر ان کي، پنهنجي رول کي وري ڪري نه ڪو نه سگهندي آهي.
    مون منوهر کان باقي ڇا ٿي چاهيو، هن پاڻ کان پڇيو.
    شادي؟ گهر؟ بس؟ ائين ڪرڻ سان ڇا سندس زندهه رهڻ جو مقصد پورو ٿي وڃي ها جي هن ائين چاهيو هو ته ان ۾ نئون ڇا هو؟ ڇا هوءَ سشي ڪو نه هئي، صرف ڇوڪري هئي، هڪ ڪمزور ڇوڪري؟
    کيس شنڪا ٿيڻ لڳي ته سچ پچ هن منوهر سان پيار ئي ڪيو هو يا اهو سڀ ڪجهه ڪنهن ٻئي مقصد جو واهڻ هو. منوهر جي شاديءَ سان اهو سڀ ڪجهه ٽٽي پيو. پيار سان اها شادي ڇا آهي، ڇو آهي؟
    سشي گونگي ٿي ويئي. وٽس اڄ ڪجهه به نه آهي، نه پيار، نه شادي. بس انهن ٻن قطبن جي وچ جو مفاصلو آهي جتي کيس لڳاتار جوڙڻو آهي. پر صحيح راهه کيس شروع کان ئي ڪو نه ملي آهي. سندس من ۾ پنهنجا ڪي ڪمزور کڻ اڀرڻ لڳا.
    “منوهر تون مونکي ڇڏي ته نه ڏيندين؟” هڪ ڏينهن سشيءَ منوهر کان اهو سوال ڪيو هو جيڪو هر استري پرش کان ڪندي آهي.
    منوهر پل لاءِ رڪجي ويو، “اهو سوال مان توکان پڇان ته؟”
    “مان ته مور ڪونه ڇڏينديس.”
    منوهر کلي چيو، “مان جي ساڳيو جواب ڏيان ته لڳندو تنهنجو نقل ٿو ڪريان.”
    “ته تون مون کي ڇڏي ڏيندين؟”
    “تون مون کان ڇڏائجي سگهين ٿي.”
    “ته ڇا ٻين جي چوڻ تي مون کي ڇڏي ڏيندين؟”
    “نه.”
    سشي نشچن ٿيڻ لڳي هئي. هاڻ سشيءَ کي لڳي ٿو سندس نشچت ٿيڻ ڪيڏي نه وڏي بيوقوفي هئي.
    وري ڪڏهن:
    “سشي تون اسان جي پيار جي ڪلپنا ڪيئن ٿي ڪرين؟”
    “هڪ چترڪار وانگر، مونکي لڳي ٿو ته هڪ چتر جون ريکائون اسان جوڙي ورتيون آهن. رنگ ڪو نه ڀريا اٿئون. رنگ اڃا ڀرڻا آهن. پر ٿي سگهي ٿو رنگ ڀرڻ وقت اسان مان ڪنهن جو يا ٻنهي جا هٿ ڪنبي وڃن. ۽ چتر، چتر نه بڻجي دٻو بڻجي وڃي.”
    “ان کان پوءِ ڇا تون چترڪار نه رهندينءَ؟ هٿ ته هر چترڪار جا ڪنبندا آهن.”
    سشي جواب ڪو نه ڏيئي سگهي هئي.
    وري به، هڪ فلم ڏسڻ کان پوءِ
    “سشي توکي ڪامڪ فلمون وڻنديون آهن يا ٽرئجڪ.”
    “ٽرئجڪ.”
    “پنهنجي پيار جي فلم بنائڻ لاءِ توکي ڪوئي چوي ته تون ان جو انت ڪهڙو رکندينءَ؟”
    سشي بنا ڪجهه سوچڻ جي چيو “ٽرئجڪ”، چئي پوءِ ڇرڪي ٿي وڃي،
    ۽ اهو ٽرئجڪ ئي ٿيو. سشيءَ ڳوڙهو ساهه کنيو.
    هينئر جيڪڏهين هوءَ پاڻ کي دلاسو به ڏئي ته اهو ٽرئجڪ انت هن نه پر منوءَ جوڙيو ته اهو وئرٿ آهي. عجب آهي ته فلم ۾ آکاڻيءَ جو ٽرئجڪ انت هن کي پسند آهي، پر زندگيءَ جي آکاڻيءَ جو ٽرئجڪ انت هن کي ٽوڙي ٿو ڇڏي. شايد پردي تي ڏک جي چاهنا پنهنجي ڏک ڀاونا سان بدلو آهي، نه ته هن پڻ زندگيءَ ۾ آکاڻيءَ جو ڪامڪ فارمولو ئي چاهيو هو. هن جو پيار دراصل فرمولي کان مٿي ڪو نه کڄيو تنهن ڪري ٽٽي پيو.
    سشيءَ کي ياد آيو هڪ ڏينهن منوهر شرير جي گهرج کڻي سندس اڳيان آيو هو. هن اها اَسويڪار ڪئي. دليل اِها ته شاديءَ کان اڳ اها واجب نه آهي. استري ۽ پرش جي وچ ۾ اها شادي ڇا آهي؟ شايد سماج آهي. نه ته استري پرش صرف سرير آهن ۽ ان ڪري ئي استري پرش آهن. انهن جي وچ ۾ جيڪا سماج آهي اها شايد استريءَ جي وڏي ۾ وڏي مجبوري آهي. استريءَ جي شڪل اهائي آهي جيڪا سماج جوڙي ٿو. جي اها نه آهي ته هوءَ بعزيتي آهي، بدشڪل آهي. شاديءَ جو ٻنڌن به هن لاءِ ان ڪري ضروري آهي ڇاڪاڻ ته سماج ان لاءِ اهو لازمي قرار ڏنو آهي. استري شاديءَ جي تلاش ۾ پيار شروع ڪندي آهي. ڪڏهن کيس ٻئي ڪو نه ملندا آهن، ڪڏهن شادي ملي ويندي آهي، پيار ڪو نه ملندو آهي. سماج لاءِ استري زندهه رهجي ويندي آهي، پنهنجي لاءِ استري مري ويندي آهي.
    سشيءَ جي اڳيان ڪي سرير گهمڻ لڳا:
    استريءَ جا، پرش جا وسترميه، وسترهيڻ، سرير، سرير، سرير.
    پل لاءِ هوءَ انهن ۾ کوئجي وئي. اچانڪ کيس لڳو ته استري ڪڏهن پيار ڪو نه ڪندي آهي، ڪونه ڪري سگهندي آهي، کيس ڪو نه ڪرڻ ڏنو ويندو آهي. پيار جي نالي سان پرونچنا جو هڪ ڍانچو جڙيل آهي، جنهن ۾ سندس نالو زبردستيءَ جوڙيو ويندو آهي. پيار خود هڪ ستنترڀاو آهي، ستنتر فيصلو آهي. سمجهوتي جي ڪا به ورتي پيار جي دشمن آهي. اها پرونچنائي ته آهي جو سشي منوهر کان شڪست کائي ترت گني جي اڳيان جهڪي ويئي. هن شايد نه منوهر کي پيار ڪيو نه گني کي، سشي هراسجي وئي اهو سويڪار ڪندي ڪندي ته سندس نسبت ڪنهن خاص پرش سان نه پر هڪ عدد پرش سان هئي. اڄ به جيڪڏهين ڪو پرش سندس هٿ پڪڙڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ته هوءَ شايد ئي انڪار ڪري سگهندي ۽ گذريل سڀ ڪجهه ڀلجي ويندي… ۽ …… ۽……. ۽ هوءَ منوهر کي ڪهڙو ڏوهه ڏئي؟
    سوچيندي سوچيندي سشيءَ جو سر ڪرسيءَ جي ٻانهن تي لڙڪي ويو. ٽنگون ڪجهه اڳڀرو ڦهلجي ويس. ڇاتيءَ جون گولايون ساڙهيءَ جي ڍڪ کان قدري مڪت ٿي ويون. پر اهو سڀ ڪجهه ڪو ئي ڏسي ڪو نه ٿي سگهيو. انڌڪار ڌيري ڌيري سشيءَ مٿان سانوري چادر وجهي ڇڏي هئي.
    ماءُ ڪٿا تان موٽي آئي هئي. سشيءَ کي اڀياس ۾ مشغول ڏسي سندس ڪم ۾ رخنو وجهڻ واجب ڪو نه سمجهيو هئائين ۽ سشيءَکي سڌ ئي ڪو نه رهي هئي ته ڪڏهن سندس بيوقوف پاڙيسرڻ سندس مٿو کائي هلي وئي هئي. هن جو مٿو سچ پچ سور ڪرڻ لڳو هو پر هوءَ ايڏي ته سست ٿي وئي هئي، جو اٿي ان جو اپچار ڪرڻ به کانئس ڪو نه ٿي پڳو. هن کي درد به ان وقت عزيز ٿي لڳو. ڀانيائين انهيءَ ڪري وڌيڪ سوچي ڪونه سگهندي.
    “تتري”، انڌيري چادر اندر ٿوري هلچل ٿي. سشيءَ چاهيو ته هوءَ اٿي چادر لاهي سئچ آن ڪري روشنيءَ کي اچڻ ڏئي. پر نه ڄاڻ ڇا سوچي هن اها چادر وڌيڪ ڇڪي پاڻ کي ان ۾ ڍڪي ڇڏيو، گويا ان اندر هوءَ گهري ننڊ ڪري رهي هجي، “ته ته ري ي ي” گني جي آواز ۾ گونج هئي.
    موٽ نه پائي هو اڳتي وڌي آيو ۽ اوندهه ۾ سشيءَ کي ڳولهي ان جي ڪلهن تي هٿ رکڻ چاهيائين. پر اهي سشيءَ جي ڇاتين تي وڃي پيا. گني ڇرڪي هٿ پري ٿي ڪيا، پر سشيءَ انهن هٿان پنهنجا هٿ رکندي انهن کي روڪي ورتو.
    “سشي”
    “ها، گنا.”
    شانتي.
    سشيءَ جي اڇا ٿي، هوءَ پنهنجي هٿن سان گني جا هٿ پنهنجي ڇاتين تي زور سان دٻائي، پر هن ائين نه ڪيو. ڇاتين جي مٿين حصي تي گني سپرش پائي سندس سڄي شرير ۾ سينيئن جي سنهڙي لهر ڊوڙي وئي. اها لهر هن کي انڌڪار ۾ روشنيءَ جي هڪ از غيبي ليڪ وانگر ٿي لڳي.
    هن ان کي کوئڻ ڪو نه ٿي چاهيو نه ئي هن گني جو چهرو ڏسڻ ٿي چاهيو. هن اهو به وشواس ڪرڻ ڪو نه ٿي چاهيو ته ڪو گنو وٽس بيٺو آهي. هن کي ائين لڳو ڄڻ هوءَ ڪنهن سينيٽوريم ۾ سج جي ڪرڻن تي علاج ڪرائي رهي هجي…
    پر اهو علاج گهڻي دير ڪو نه هليو. گني پنهنجا هٿ سشيءَ جي جڪڙ مان آزاد ڪرائي ورتا. وڃي سئچ آن ڪيائين. سشيءَ ۽ گني جي وچ ۾ هلندڙ فلم ڪٽجي ويئي ۽ ڪمرو روشنيءَ سان ڀرجي ويو ۽ هتان هتان جون سٿول چيزون نظر اچڻ لڳيون. گني سشيءَ ڏانهن نهاريو. هن جي نظرن ۾ گناهه جي ڪاڇا يا ڪو نه هئي صرف هڪ شونيتا هئي، بيڪسي هئي. گنو ڪجهه چوي ان کان اڳ ئي سشيءَ چيو،
    “گنا تون مون کي P.H.D ڪرڻ جي پريرڻا ڇو ڏني؟”
    گنو ڪجهه سمجهي ڪو نه سگهيو سندس هٿن جي ترين تي سشيءَ جي ڇاتين جو نرم سپرش چنبڙيو پيو هو. اهو سوال کيس ائين لڳو جيئن ڪنهن سندس ترين تان ڇهاءُ کرڙڻ شروع ڪيو هجي.
    “سشي، ان ۾ منهنجي پريرڻا جو ڪهڙو سوال آهي، آتم وڪاس جو هر ڪنهن کي حق آهي ۽ تو کي به…”
    “۽ آتم هتيا جو به” سشيءَ جو ڀاو تکو هو پر سندس سر بلڪل ٿڌو هو… موت جهڙو .. گنو ڇرڪي ويو.
    “سشي تون ٺيڪ ته آهين. P.H.D ۽ آتم هتيا جو ڪهڙو سنٻنڌ آهي. “
    “آهي، گنا آهي.” سشيءَ جي سرير ۾ هينئر جنبش هئي. “ P.H.D” منهنجي چهري تي ڪي ليڪون آڻي سگهندي آهي. اکين جي هيٺان ڪي داغ آڻي سگهندي آهي. منهنجي مٿي ۾ ڪي اڇا وجهي سگهندي آهي… ها، اهي اجايا ڪو نه ويندا. منهنجو عقل وڌندو، منهنجي ويچار ۽ ترڪ شڪتي وڌندي مان هر ڳالهه تي بحث ڪنديس هر ڳالهه مان نقص ڪڍنديس پنهنجي معصوميت ۽ وشواس وڃائي ويهنديس ۽ پوءِ هن هيڏي ساري دنيا ۾ اڪيلي پئجي وينديس….. بلڪل اڪيلي.”
    گني لاءِ اهي ڳالهيون نيون هيون، جيتوڻيڪ هو پاڻ فلاسافيءَجو ڊاڪٽر هو.
    هن ته ائين سوچيو هو ته سشي P.H.D کان پوءِ ماستري ڇڏيندي ۽ سندس عهدي ۾ اضافو ٿيندو ۽ وڌيڪ سکي زندگي……..
    “مون به ته P.H.D ڪئي آهي. پر منهنجي اڳيان ته اهي سوال پيدا ئي ڪو نه ٿيا. مون هن کان وڌيڪ وديا وڌيڪ آتمڪ ستنترتا جو ساڌن ڪيو آهي. زندگيءَکي سجاڳ اکين سان ڏسڻ جو هڪ طريقو.”
    “اڄ تائين ڪنهن استريءَ آتمڪ سوتنترتا ڀوڳي آهي، جو مان ڀوڳينديس. ستنترتا لفظ استريءَ لاءِ فريب آهي. استريءَ جو وڪاس اڄ تائين ڪنهن ڪو نه چاهيو آهي. استريءَ جي سجاڳ عقل پرست عورت بڻجي وڃي ته پرش ان کان ڪنارو ڪري ويندو. ذهين ۾ ذهين مرد جي نگاهه عورت جي روپ ۽ جوانيءَ تي هوندي آهي. نه ته نرملا ۽ مون ۾ ڪهڙو فرق هو؟ تنهنجو ڇا خيال آهي ته پڙهي ڀوڳي، جفاڪشي ڪري، انتظار ۽ انتظار ڪري مان پرش لاءِ هميشه ناقابل بڻجي وڃان.”
    گنو پل شانت رهيو،
    “تنهنجي من تي نرملا جي شاديءَ جو گهرو اثر ٿيو آهي، سشي… جو سڀاويڪ آهي، ان کان مون کي انڪار ڪونهي، پر تنهنجي انهن ويچارن جي پٺيان استري سلڀ ايرکا جو هڳاءُ آهي. روپ ۽ جوانيءَ کان پوءِ به ڪجهه اهڙو رهجي ٿو وڃي، جنهن جي پرش کي ضرورت ٿئي ٿي، جيڪو هو نرليپ ڀاوَ سان ناريءَ وٽان چاهي ٿو.” گني پنهنجي آواز ۾ متضاد ڪوملتا ڀري چيو.
    “ٿي سگهي ٿو، پر ان کي پائڻ لاءِ سندس راهه ڏکي نه آهي. استريءَ ۾ جي ايرکا آهي ته ان لاءِ روايتي بندوبست ئي جوابدار آهن. ڇو اوهان شاديءَ کي اهڙي قيمتي چيز بڻايو آهي جنهن لاءِ هڪ استري کي ٻيءَ استريءَ کان ايرکا ڪرڻي پوي. ڇا اهو سچ نه آهي ته هيڏو اڳتي اچڻ کان پوءِ به استريءَ لاءِ هڪ ڇت ۽ چار ڀتين جي ڊيسينٽي وڃي باقي بچي آهي. جڏهن ڪ پرش جي زندگي خود به هڪ سهوليت ڀري دوستي آهي.”
    “سشي تون دکي آهين. ڏک ڪڏهن ڪڏهن انسان کي صحيح سوچڻ کان روڪيندو آهي. استريءَ ۽ پرش جي وچ ۾ جيڪا سهوليت جي ديوار آهي ان لاءِ پورو اتهاس جوابدار آهي. اهو هڪ اهڙو چڪر آهي جنهن کي الٽو ڦيرائي نٿو سگهجي، نه ته سماجي بندوبست هر شخص جي زندگيءَ ۾ هڪ الجهن آهن. اڄ چئني طرفن اختلافن جو هڪ اهڙو ڀول ڀلئيان جڙيل آهي، جنهن جي ڏنگن ڦڏن رستن تي هڪ دفعو چرڻ کان پوءِ انسان ڪڏهن صحيح منزل تي ڪو نه ٿو پهچي. مجبورن جتي ٿڪجي رڪجي ٿو وڃي ان کي ئي منزل چوڻ شروع ٿو ڪري. تون ٿڪجي پيئي آهين سشي، تون ٿڪجي پيئي آهين.”
    “چڱو” سشي گني ڏانهن وڌي آئي ۽ سندس ٻانهن پڪڙي چيائين، “مان برابر ٿڪجي پيئي آهيان مان ان ڏک کان ڇوٽڪارو پائڻ جي ڪوشش ڪنديس جيڪو مون کي صحيح سوچڻ کان روڪي ٿو. پر اڄ تون ڪيڏانهن نه ويندين. مون سان گڏ هلندين. اسين ڪنهن ريسٽورنٽ ۾ ماني کائينداسين ۽ خوب گهمنداسين رات جو دير دير تائين سمنڊ جي ڪناري.”
    گني چپ چاپ سر لوڏيو. گويا سندس ها يا نه ڪرڻ جي ضرورت ئي ڪو نه هئي. سشيءَ جي موڊ تي کيس گهڻو عجب ڪو نه لڳو. سوچيائين جي ائين ئي سندس من بهلجي وڃي ته ٺيڪ آهي.
    سشي تيار ٿيڻ لاءِ هلي ويئي. گنو هڪ ويچارڪ جيان سوچڻ لڳو ته تتريءَ جو ڇا ٿيندو! پر سندس سوچ جو سلسلو ترت ئي ٽٽي پيو تڏهن جڏهن سندس ڪنن تي هيءُ پڙلاءِ پيو.
    “مان ٻاهر ٿي وڃان، ماني به ٻاهر کائينديس. دير سان موٽنديس، خوب دير سان. تون خيال نه ڪج. گنو پهچائي ويندو جي نه به پهچائي ويو ته ڇا هي ته ته ته….”
    سشيءَ جي ماءُ لاءِ اهو سڀ ڪجهه ايترو ته ناٽڪي هو جو سندس وات مان هڪ اکر به ڪو نه اڪليو. جڏهن سشي گني سان ٻاهر نڪتي تڏهن ماءُ کي وشواس ئي ڪو نه آيو ته اها ڪا سندس ڌيءَ سشي آهي. هوءَ کين ٻاهر ويندو ڏسندي رهي. ڪيتري دير ته در پائڻ به کانئس ڪو نه پڳو.
    “خيبر” مان ماني کائي ٻئي سمنڊ جي ڪناري هڪ سانتيڪي ڪنڊ ۾ اچي ويٺا. ڪافي دير هو شانت هئا، صرف هيڏانهن هوڏانهن نهاري رهيا هئا، آڪاش جي ميرانجهڙي چنڊ ڏانهن به… ڪڇيو ڪير به نه ٿي.
    پوءِ گنو ليٽي پيو واريءَ تي، ڪپڙن جو خيال ڪرڻ کانسواءِ. سشي واريءَ ۾ آڱريون کپائي ان جي اندر جي آلاڻ ڳولهڻ لڳي ۽ من ئي من ۾ ڪجهه لفظ تلاش ڪندي رهي. اوچتو هن سر اوچو ڪيو،
    “گنا مون کي توکان ڪجهه گهرڻو آهي، ڇا تون انڪار ڪندين؟”
    گني جي اڳيان پهريون نظارو گهمي ويو جو سندس مک صرف نڪتو، “چئه”
    “نه واعدو ڪر ته تون انڪار نه ڪندين.” سشيءَ محبت ڀرئي نوع ۾ چيو.
    “واعدو ڪري جي پورو نه ڪري سگهيس ته مون کي شرمندو ٿيڻو پوندو.”
    “تون ڊڄين ڇو ٿو مان تو کان شادي ڪو نه گهرنديس.”
    “پر……..”
    “پر مون کي تنهنجو پيار گهرجي” چئي سشي اڳتي وڌي آئي. گني جي ڪلهن کي ٻانهن سان پڪڙيندي ان جي ڳل تي پنهنجو ڳل رکيائين ۽ پوءِ آهستي پنهنجي چپن سان ان ڳل کي چميائين. ڌيري ڌيري هوءَ پنهنجو منهن مٿي کڻي گني کي چمڻ لڳي. پوءِ ڄڻ ڪا ٻوڏ اچي وئي هجي، هوءَ لڳاتار تيزيءَ سان گني کي چمڻ لڳي. سندس چپ، ڳل، پيشاني، هٿ، ٻانهون، ڪلها……. چپ، نرم چپ، گرم چپ. ڪي جهيڻا آواز ڄڻ ڪو ملاح نهايت تيزيءَ سان لهرن تي ونجهه هلائيندو هجي ۽ ٻيڙي سرندي وڃي، هيڏانهن، هوڏانهن….
    “گنا مون کي پيار ڪر، پيار ڪر. مون کي تنهنجو پيار گهرجي، شادي نه گهرجي.”
    گنو پل لاءِ پٿر بڻجي ويو. پوءِ کيس لڳو ته سمنڊ جون لهرون مٿانئس گذري ويون آهن. هو سڄو آلو ٿي ويو آهي. ايتري پيار ڪرڻ کانپوءِ سشي اچي سڏڪن ۾ ڇٽڪي. ٻيڙيءَ ۾ پاڻي ڀرجي ويو هو. اها شايد لهرن ۾ لڙهي وڃي ها، جي ان وچ ۾ گني جي ٻانهن وري سشيءَ جي سر کي پنهنجي ڇاتيءَ ۾ نه لڪائي ها..
    سشيءَ جي وارن ۾ آڱريون اٽڪائي ڇڏڻ بعد گني سوچيو هيءَ سشي ساڳي سشي نه آهي.
    *


    7. پريم جو چوڪنڊو: منوتولا رام گدواڻي

    ‘ڪونج’ آڪٽوبر 1967ع
    ..............................

    نرملا جيئن ئي منوهر جي ڪمري مان سوساڙو ڪري نڪتي، تيئن سڌو رنڌڻي ۾ هلي ويئي. اَچي ڏٺائين ته اسٽو وساڻو پيو هو. هن اسٽو جي سوراخ ۾ سئي هڻي تيلي لڳائي. اسٽو سو ساٽ ڪري ٻرڻ لڳو ۽ ان جي شور سان سڄو رنڌڻو ئي ڀرجي ويو…. مگر وڏو شور هن جي دل اندر هو.
    سوچڻ لڳي، هوءَ ٻالي ڀولي معصوم هئي، هن کي ڪا خبر ڪا نه هئي ته منوهر ۽ سشيلا جو آمهون سامهون پيار هو. ايڏو ڍونگ ته هوءَ ڪري ڪانه ٿي سگهي. هڪ دفعو نه، پر ڪيترائي دفعا سشيلا هنن ٻنهي کي گڏوگڏ ٽيوشن ڏيندي هئي ۽ نرملا پنهنجي نوٽ بڪ ۾ نظرن اٽڪيل هوندي به پنهنجي داديءَ جون منوهر سان ڪجهه انوکي پيار جون جهانڪيون ته ڏسندي ئي هئي. ايترو به ضرور هو ته هوءَ اهو ٿيڻ ڏيندي هئي، يعني جيڪڏهن ان وقت سچ پچ پڙهڻ ۾ ڪا مشڪلات کڻي ايندي به هيس، جنهن لاءِ داديءَ کان پڇي سمجهڻ جي درڪار هئي، يا ڏنل سوال لکي پورو ڪيو هوندائين ۽ داديءَ کي ڏيکارڻ جو سمو هو تڏهن به هوءَ ڄاڻي پرجهي پنهنجو منهن ڪتاب ۾ ڦاٿل رکندي هئي، هن کي ان ۾ ڪو حسد ڪو نه ٿي ٿيو مگر رشڪ اوس هئي، جنهن ڪري ته هوءَ ٽيڏين نگاهن سان تنهن هوندي به، هن جي اکين جا ڀير ۽ هٿن آڱرين جو ادائون گهڻي غور سان جاچيندي رهندي هئي.
    هينئر ڏينهن آيا هوا جڏهن جواني هن ۾ ڪرموڙي رهي هئي. نه ته ڪو سمهڻ لاءِ پر جاڳي اٿڻ لاءِ. برابر هوءَ الڙ هئي، ايستائين جيستائين ڪه استري پرش جو سنٻنڌ آهي. مگر جوانيءَ جي امنگن واري دور ۾ هوءَ پرويش ڪري چڪي هئي. جيڪڏهين منوهر ۽ سشيلا پاڻ ۾ ڪجهه عجيب طرح جي پيار سان ڳالهائيندا ٻولائيندا يا موڙا مچڪا ڏيندا هئا ته انهن کي ڏسي خبر ناهي ته ڇو هوءَ پنهنجي شرير ۾ ڪجهه عجيب طرح جي روبڪاري محسوس ڪندي هئي. سچ ته ائين آهي ته ان ئي پيار وچان سشيلا پنهنجي شاگرد؟ منوهر کي خوش رکڻ ۽ هن جي دل بهلائڻ خاطر نرملا کي هن سان گڏجڻ مسجڻ ۽ گهرو پوڻ جو موقعو ميسر ڪري ڏيندي هئي ته ڀلي هو ان کيڏوڻي سان پاڻ کي ريڌل رکي، ۽ سمجهي ته سشيلا جي ڪارڻ ئي هن کي ههڙا کيڏوڻا نصيب ٿين ٿا…ليڪن ويچاريءَ کي سپني ۾ به نه هو ته ڪو هو ان کيڏوڻي تي ايترو ريجهي ويندو جو ماڳهين کيڏوڻي ميسر ڪندڙ کي ڀلائي ڇڏيندو. اهائي ته حالت منش جي ٿي ٿئي جو هن سنسار ۾ اچڻ بعد جهڙن تهڙن رانديڪن ۾ ئي مست ٿيو وڃي ۽ انهن مڙني رانديڪن جي مالڪ کي ڪڏهن ياد به نه ڪري. ترڪڻ بازي ته آهي ئي، تنهن ۾ ڪو شڪ ڪونهي.
    ائين ڪڏهن ڪين چئبو ته منوهر جو نرملا ڏانهن ڇڪجي ويو، تنهن لاءِ ڪو فقط منوهر تلاهي هو، مگر نرملا پاڻ کي ڇڪجڻ ڏيندي هئي ۽ گهڻو ڪري هر وقت هوءَ اهڙي انداز ۾ پيش ٿيندي هئي جو آخر به منش منوهر لاچار ٿي ويندو هو. اهو درست آهي ته پهريون قدم پرش ٿو کڻي پر اهو ڪنهن سوچيو ئي ڪونهي ته ان کان اڳي جو مبهم ۽ ڇپيل قدم استري ٿي کڻي سو ڪيترو نه ٻلوان ۽ خطرناڪ ٿيندو آهي. ڪڇ به هجي مگر نرملا کي اهي پنهنجا قدم صاف هري آيا. دل تي تري آيا ۽ باربار چڀڻ لڳا. ٺيڪ آهي ته منوهر آويزن جو جواب نرملا ڏنو پئي مگر نرملا جي نخرن ۽ نازن جي وراڻي ته منوهر وڌيڪ ڀرپور ٿي ڏني. پهرين ته ائين هو جڏهن منوهر چانهه جي پيالي ڏانهن نرملا کي صرف اشارو ڪري چور نگاهن سان نرملا ڏانهن نهاري، پاڻ چانهه جو پيالو کڻي چپ چاپ پيئڻ لڳو تڏهين نرملا حيران ٿيڻ کان وڌيڪ هراسجي ويئي هئي. جڏهن هن جو هٿ چانهه ڏانهن نه وڌيو ۽ بنڊ بڻجي ويٺي رهي، تڏهن منوهر کي به همت نه هئي جو چانهه پيئڻ لاءِ چوَيس. ڪيڏو نه حجاب در حجاب آهي. سمجهه ۾ ئي ڪو نه ٿو اچي. بس اسٽئنڊ تي جا بيعزتي منوهر هن جي ڪئي هئي. سا وري تازي ٿي اڀري.
    ڀلا شاديءَ جي پروپوزل به ته پهرين منوهر ئي نرملا اڳيان رکي هئي، ڇو ته ٻيو ڪين ته به پنهنجيءَ داديءَ سان ايتري گستاخيءَ جو ساهس هوءَ ڪيئن ٿي ڪري سگهي، جيتوڻيڪ پنهنجي سڄي اڀياس ۾ کيس اهو ئي خيال اچي کٽڪيو ته پيار ۽ جنگ ۾ سڀ روا ڪيئن آهي.
    جڏهن بس اسٽاپ تي منوهر پريان ئي ايندي نرملا کي چيو هو ته ڪاري عينڪ پائڻ سان اکين جو بچاءُ به ٿيندو آهي ته سونهن به وڌي ٻيڻي ٿيندي آهي. ته هن جي منهن تي خوشيءَ گاڏڙ حياءُ هلي آيو هو ۽ اتيئي کيس چئي ڏنو هئائين ته جيڪڏهين ڪا ڇوڪري سهڻي نه به آهي ته ميهار ملندي سهڻي ٿيو وڃي. هوءَ اهڙي وسوڙل هئي جو جڏهن منوهر سشيلا نسبت سوال وڌس ته هيءَ منجهي پيئي ته هن جي گڏجڻ سان داديءَ جي حاضريءَ يا غيرحاضريءَ جو واسطو ته آهي، پر هنجي اداسي يا خوشيءَ جو ان سان ڪهڙو تعلق آهي. وري جڏهن سشيلا هن کان منوهر سان گڏ پڪچر وڃي ڏسڻ جي باري ۾ شڪي آڏي پڇا ڪئي ته هوءَ پنهنجي اڳيان آيل انيڪ ڌاڳن کي ٺيڪ جڳهه تي اُڻي نه سگهي هئي، پر تڏهن به ته کيس اها پر پڪتا ڪا نه ٿي هئي ته پرش هڪ ڀونر مثل آهي، جو هن ۽ هن گل جو واس وٺندو آهي؛ اهو ڪڏهن هڪ گل تي ٺهريو آهي يا ڪنهن هڪ ئي اڪتفا ڪئي اٿس؟ ڪاش! هنن سڀني ڳالهين جو مرم هوءَ هوند ان وقت سمجهي ها! ته اڄ هن جل پچ جو احساس ڇو ٿئيس ها!
    “ڪيئن چانهه ۾ اڃا دير آهي؟” اڃا به نرمائش سان آواز آيو.
    “اجها کڻي ٿي اچان.” نرملا اوٻاڪ ماري جواب ڏنو.
    نرملا چانهه کڻي منوهر جي اڳيان ٽپائيءَ تي رکي آئي، تنهن وچ ۾ منوهر برش ڪري وار سنواري چانهه لاءِ تيار ٿيو ويٺو هو. نرملا اڃا پيالي مان هٿ ڇڏايو ئي مس هو ته منوهر ڦڙتي سان نوڙي نرملا جي ٻانهن کي ٻنهي هٿن سان پڪڙي ورتو. هڪ هٿ ته اصل ڪڇ وٽان جيئن پختو ڦٻي وڃي، پر تنهن هوندي به نرملا اهڙي ڇوهه مان جهٽڪو ڏنو جو منوهر جا هٿ نڪري ويا ۽ نرملا تڪڙو تڪڙو ڪمري کان ٻاهر نڪري ويئي. خود منوهر دنگ رهجي ويو. هن نٿي ڀانيو ته نرملا ڪو ايڏو رساهو ڪندي.
    هن ڪيو ئي ڇا هو؟ جڏهن پيار جي پڙ ۾ پير ٿو پائجي تڏهن سارو مستقبل کڄي اچي ٿو اکين کي اوڏڙو ۽ سڀني آشائن جو آڪار ساڪار ٿي ٿو بيهي. پيار جي پهچ جڏهن ڇيهه وڃي ڪري ته ان اڳيان ٻيون آسائون ته تڇ آهن. جڏهن نرملا کي هن هر ڳالهه ۾ وڌاءُ ڪري ٻڌايو هو ته تڏهن هوءَ اهڙي الهڙ هئي جو سڀ تي وشواس ڪندي ويئي هئي. موقعي تي جيڪو مناسب ڳالهه ڪري ته اها هن جي لياقت ليکبي آهي. واستو ۾ اهو سندس چلولو، چنچل، سدا نچندڙ ۽ سدا اڇل کائيندڙ ۽ بي پرواهه روپ ته هو! جنهن کيس لاچار ڪري وڌو جو هڪڙي گل تي اجايو پورو ويٺو به ڪين هو ته ڇڪجي ٻيئي ڏي ويو. بانولي، ايترو نٿي سمجهي ته اهو ئي روپ کيس برساتي صبح جيان نئون ۽ وڻندڙ لڳو جو جتي سشيءَ جي ويجهو پهچڻ ۾ کيس ڪي مهينا لڳا ها، اتي هيءَ هن جي ويجهو ڪن ڏينهن ۾ اچي وئي هئي. اها نرملا ئي ته آهي جنهن “ننڍو عرض، ننڍي مهر.” وغيره وغيره لفظ ناٽڪي ڍنگ ۾ چئي ته کيس وڪوڙي پڪچر ۾ گهلي وئي هئي جو هو سشيلا سان واعدي شڪني ڪري ويٺو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو سشيلا دير دير تائين ڪملا نهرو پارڪ ۾ هن جو انتظار ڪندي ڪندي پريشان ٿي وئي هئي.
    منوهر کي وويڪ جو چڪ پيو ته هو ان سانجهيءَ جو برابر گنهگار هو جو هڪ بيوس ڇوڪريءَ نه، نه خود پنهنجي ماسترياڻيءَ کي وقت ڏيئي، ان جي رتيءَ ڀر جو به پرواهه نه ڪري هڪ وات ڳاڙهيءَ ڇوڪريءَ سان روانو ٿي هليو ويو. اڄ هو سشيلا جي قابليت کي داد ڏيڻ لڳو جڏهن هن محسوس ڪيو ته سشيلا اهو سورهن آنا سچ چيو هو ته “ايوري ٿنگ از فيئر ان لو ائنڊ وار” جو اڌ صحيح آهي ۽ اڌ غلط. جڏهن هن کي درسي سطح تي آڻڻ لاءِ چيائين تڏهن سشيلا ڪهڙي نه فلسفانه وياکا ڪئي هئي،
    “جنگ ڌڪار جي پيدائش آهي جنهن ڪري ان ۾ سڀ ڪجهه روا آهي، پر پيار! اهو ته ڌڪار جو ضد آهي. تنهن کانسواءِ پيار انسان جو سٺي ۾ سٺو جذبو آهي، ان ۾ سڀ ڪجهه نه روا آهي ۽ نڪي ٿيڻ کپي. جنگ هڪ تموگڻي وهنوار آهي جنهن ۾ ته اهو ئي کٽندو جيڪو تامشي ڪرم چوٽ چاڙهي چلندو. اتي تامش جي چٽا ڀيٽي آهي. اهو هڪ اونداهو پاسو آهي، جنهن ۾ جيڪڏهن ڪو مجبورن پئجي به وڃي ته هن کي تموگڻي سڀاوَ ۽ وسيلا اپنائڻا ٿا پون. مهاڀارت جي پڌر ۾ ڪرشن ڇا نه ڪيو هو. هن کي نه فقط ڪرم يوگي، پر آدرشي ڪري به نه ٿا مڃون.
    هوڏانهن پيار، پيار هڪ نرمل، ڪومل، پويتر ۽ ستوگڻي وهنوار نه، بلڪ سنٻنڌ آهي، جنهن ۾ ڪاميابي تڏهين ئي حاصل ٿي سگهندي جڏهن ستوگڻ چوٽ چاڙهبو. تنهنڪري ان ۾ ڪا نيتي آهي، مريادا، انسانيت آهي، ڪا پرمپرا آهي ان لاءِ… جيڪڏهين سشيلا ڀانپي سگهي ٿي ته جو ڀونر هڪ گل کان ٻئي گل مٿان ڦيرا پائڻ لڳو هو. سو ڇا اتي بس ڪندو؟….. ته نرملا ايترو اڄاڻ هئي؟
    چانهه ٺري برف ٿي ويئي ۽ منوهر ان ڏانهن نهاريو به ڪين هو. هو پنهنجن خيالن ۾ ئي ٽٻ، اٿي کڙو ٿيو ۽ ڪپڙا سنڀرڻ لڳو. نرملا کي به ڪو چين ٿوروئي هو: هن ور ور ڏئي پئي پردي جي وٿيءَ مان ڏٺو ته منوهر ڇا ڪري رهيو آهي. جيئن ئي هو تيار ٿي ٻاهر نڪتو ته نرملا ٻانهن کي ٻنهي هٿن سان قابو پڪڙي پڇيو..
    “اڄ سويل ئي ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو؟”
    منوهر ٻانهن ڇڏائڻ جي ڪرڻ لڳو پر نرملا لڙڪي پيس. هوءَ ائين در جي چانئٺ تائين گهلجي وئي جڏهن هن کي هٿ ڇڏڻو ئي پيو ۽ منوهر ٻاهر نڪري هليو ويو.
    اهو ئي سمنڊ جو ڪنارو ۽ ڀنل واري، جيڪا جيئن وئي رات وِلندي تيئن اها به وئي ٿڌي ٿيندي. گنو پنهنجي ڇاتيءَ ۾ سشيءَ جي سر کي لڪائي ان واريءَ تي ڳچ دير تائين ليٽيو رهيو. جڏهن هن محسوس ڪيو ته هن جي ڇاتي آلي ٿي وئي آهي ته هو ڇرڪ ڀري اٿيو ۽ تنهن سان گڏ سشيلا جو سر به کڄي مٿي آيو. هن چنڊ جي روشنيءَ ۾ چٽو ڏٺو ته هوءَ روئي نه، مگر گونگا ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي. هن سامهون سمنڊ ڏي نهاريو. سيتل چانڊاڻ تي سمنڊ به سيتل ٿي ويو هو. هوا سيتل، لهرون سيتل، ساري فضا سيتل. اتان نظر کڻي وري جي سشيءَ ڏي نهاري ته ان جو شرير سيتل، ابرو سيتل، اکيون سيتل، پلڪون سيتل ۽ اهي موتين مثل چلڪندڙ ۽ جرڪندڙ لڙڪ سيتل؛ يعني اهي نهايت ڌيمي اکين مان اڀري اچن، ٻنهي اکين مان اڀري اچن. ٻنهي اکين سان هڪ وقت، هڪ ئي انداز ۾، ٻاهر نڪري ڌيمي وهي هلن ۽ ائين اشڪبار لهي وڃي، جيڪا شايد سڪڻ جي نه آهي. مٿي گول سشي هئي ۽ هيٺ…..!
    گنو ڪجهه دير ڳالهائڻ کان قاصر رهيو مگر هن جي اندر ۾ هڪ طوفان بپا ٿي ويو هو. هو سوچڻ لڳو،
    سشي جڏهن ننڍڙي هئي تڏهن هن کي بيهه جي ڪچري گهڻي وڻندي هئي ۽ پنهنجي طوطلي زبان ۾ ان کي تتري ڪري گهرندي هئي. اڄ اها تتري وڏي ٿي آهي ۽ هڪ ٻٽيهر جي ڀر ۾ آئي آهي، چونچ ۾ چونچ ملائڻ ٿي چاهي تڏهن هن جو ساٿي بيرحميءَ سان هٽي پري ٿو ٿئي. هن پنهنجي جيون ۾ ڪي سڌانت جوڙيا هئا، جن مان گهڻا هن واٽ اٽوٽ ۽ اٽل هئا. گنو پنهنجيءَ ان بي رخيءَ کي انهن جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ لڳو. سشيلا چوي ٿي،
    “مون کي تنهنجو پيار گهرجي، شادي نه گهرجي.” ٿي سگهي ٿو ته ان لاءِ هن جي من ۾ سچائي آهي (Mechanics of Love) پيار جي ينترڪا جي اصولن موجب اهو هن کي اهو ممڪن نه لڳو. پيار بنا شادي ٿي سگهي ٿي مگر شاديءَ بنا پيار هن بلڪل ڪو ورلي ٻڌو هو. پوءِ هو انهن هڪ ٻن مثالن ۾ پاڻ ڳڻائي نٿو سگهي؟ کيس پاڻ ۾ شڪ هو يا سشيلا ۾؟ جواب جو انتظار هوس.
    اندر جي سڀا ۾ رڳو مجرو ڪين ٿيندو آهي پر سوڀيا جو سير به هوندو آهي. جڏهن ننڍا هوندا هئا ته آسمان تي ستن رنگن واري انڊلٺ ڏسي هو ٻئي هٿ هٿ ۾ ڏيئي نڪري پوندا هئا. ڇا لاءِ؟ اهو ڏسڻ لاءِ ته انڊلٺ جون پڇڙيون ڪٿي ٿيون وڃي سنگم ڪن. ائين ته ڪينهي ته جئن سرسوتيءَ جو ترويڻيءَ ۾ هڪ خيالي سنگم آهي. تيئن هن جو؟ ڀلا آخر هئن ڪڏهن ڪٿي لٿو؟ افق تي انڌارو ڏسي جڏهن ننڍڙي سشي نراس ٿي روئڻ لڳندي هئي تڏهن گنو ئي ته کيس پرچائيندو هو.
    “چري روئڻي! اوندهه ڪٿي آهي؟ سامهون ڏس! روشني ڪانهي؟ او هتي! “
    “پوءِ ڇو کيس اها روشني نٿو ڏيکاري؟”
    ڇرڪي ٿو ته ڳالهه مان ڳالهوڙو نه ٿي پوي؟ گني جي خيال مطابقت شاديءَ ڪرڻ لاءِ فرصت کپي، ته پوءِ جڏهين زندگيءَ ۾ شرڪت ملي ٿي وڃي تڏهين ڇا شادي زبردستيءَ مٿان سر تي اچي ڪڙڪندي….
    پوءِ چاهنا هجي يا نه؟
    اهي سڀ سوال هنجي ذهن ۾ گهمڻ لڳا.
    اهو پاڻ ئي هو جنهن سشيلا جي جيون ۾ ورهين جي سستيءَ بعد هڪ چستي آندي هئي. گني ٻڌايو هوس ته راهه ڪڏهن کٽندي ڪانهي. زندگيءَ ۾ انيڪ راهون آهن ۽ سڀ راهون جي انت آهن ته پوءِ انهن انيڪ راهن ۾ هڪ اها راهه ڪا نه آهي ڇا؟ پاڻ ئي ته سشيءَ کي ٻڌايو هئائين ته انسان بدلجندي، سڀ بدلجندو آهي. تڏهين گهٽ ۾ گهٽ هن کي سشيلا تي وشواس ڪرڻ گهرجي ته جيڪي هوءَ چئي يا گهري رهي آهي، سا به هڪ شدني آهي. هن جي ئي چوڻ تي سشيلا ٽيوشن ڏيڻ ڇڏي ڏني هئي. سست محسوس ڪندڙ سشي، ٿوري گهڻيءَ هارجي نراس ٿي ويندڙ سشي، هاڻي چست ۽ همٿ واري بڻي هئي. هوءَ گني سان گڏ اڀياس ۾ ايترو ته محو ٿي ويندي هئي جو هن جي چانهه ئي ٺري پاڻي ٿي ويندي هئي. هن کي سشيلا جي زندگيءَ ۾ معنيٰ بخش هئي گني پنهنجو سنٻنڌ ايستائين محدود رکيو جنهن ڪري پاڻ ۾ ويجهي هوندي ۽ ويجهي بيهندي به سشيلا هن کي ڪنهن دور ديس جو اجنبي ڀائيندي هئي. ان ڪري گني کي وشواس ٿيڻ جو سبب هو ته سشيلا جيڪي ڪجهه حجت رکي گهريو هو، سو گهڻي سوچ ويچار بعد هو.
    هن جي سامهون سشيلا ويٺي هئي. رات ڳپل گذري چڪي هئي ۽ آخر گني کي ئي چوڻو پيو،
    “سشي! هينئر هلڻ گهرجي، ماڻهين کي تنهنجي انتظار ۾ ننڊ ئي ڪانه آئي هوندي.”
    سشي پنهنجي خوابي دنيا ۾ گهمي رهي هئي ۽ هن خوابي لحضي ۾ ئي وراڻيو،
    “هلو”! ائين چئي هوءَ اٿي ۽ ٻئي ڄڻا ڪپڙا ڇنڊي هلڻ لڳا.
    **
    سشيءَ جي ماءُ اٿي در لاٿو. جيئن ئي سشي اندر گهڙي ته گنو کانئس موڪلائي هليو ويو. ڪيتري دير تائين هنڌ تي سشي پاسا اٿلائيندي رهي. گني جي طرفان ته حال کيس نراسائي هئي، خاص ڪري جڏهن هن کي اهو کٽڪيو پئي ته دروازي تي ڇڏڻ ويل هر دم گنو اهو ئي تاڪيد ڪندو هوس ته اڀياسيءَ کي صرف پنهنجي اڀياس جو ئي خيال ڪرڻو آهي ۽ ٻيا سڀ خيال پاسيرا ڪري ڇڏڻا آهن.
    تنهنڪري هن جو خيال وري به هڪ وار منوهر ۾ وڃي اٽڪيو.
    منوهر کي اڃا هوءَ وساري نه سگهي هئي، ڇو ته هن کيس شادي ڪرڻ جو واعدو ڏنو هو، هڪ دفعو ئي نه الاهي دفعا. ڪيترا دفعا هن پاڻ منوهر کي نرملا ڏانهن مائل ٿيل ڏٺو هو… بلڪ منوهر کي ائين به پڪڙيو هئائين ته هو هن کي در گذر ڪري نرملا کي اڳرو ڪندو هو… پر ته به ايترو هن ڏٺو هو ته منوهر ڪڏهن ساڻس بي وفاداريءَ جو دم نه ڀريو هو. اهو ئي سبب هو جو هن جي شرمائڻ تي منوهر “آءِ ايم ساري” وغيره چئي عذر معذرات ڪئي هئي، پر تڏهن کيس من ۾ آيو هو ته پرش جتي اڏڻ نه چاهيندو آهي تتي ڇڏڻ به نه چاهيندو آهي. تنهنڪري جيتوڻيڪ پڇاڙيءَ تائين منوهر گويا ٻاڏائيندو رهيو ته به سشيلا هن جو اپمان ڪري ئي ورتو. ان وقت هن جو اهڙو ته ڀوائتو روپ ٿي ويو هو جو منوهر کي وڌيڪ ڳالهائڻ جو نڪو ساهس ٿيو نڪو موقعو ئي مليو.
    هن کي هڪ وار وري به وشواس جاڳيو ته:
    “برابر مون ئي کيس چئي ڏنو ته وري نه اچج پر منهنجو منو ايتري ۾ اهڙو پراڻو ٿي ويندو جو مون کي پرچائڻ به نه ايندو.”
    جيئن ئي کيس پاس ٿيڻ جي خبر پيئي ته پنهنجي ڀيڻ هٿان مٺائي ڏياري موڪليائين ۽ ان پئڪيٽ ۾ وڌائين کارا کاڄا. جيڪي هن کي خبر آهي ته مونکي گهڻو وڻندا آهن ۽ مٺي شيءَ مون کي نه وڻندي آهي. اهو پرچائڻ جو نمونو آهي؟ بلڪ وڌيڪ! جو هن منهنجي پسندگين جو به ويچار رکيو آهي. منش آهي. نيٺ به جذبي وهيڻو: ڪنهن وقتي جذبي هيٺ جيڪڏهين ڪو ڪڇ ڪري ٿو وجهي ۽ هن جو ڪو پڪو ارادو ائين ڪرڻ جو نه آهي ته پوءِ هو پوريءَ ڦٽڪار جي مستحق نه آهي. انهيءَ جو مطلب ته پڇتاءُ طور منوهر کي نرملا جي پچر ڇڏي ڏيڻ گهرجي ته هن جي سچائيءَ جي سڌ پئجي وڃي ها؛ مگر هن ائين ته بلڪل نه ڪيو. تنهن ڏينهن هن پاڻ قبول ڪيو ته نرملا سان گڏ گهمڻ نڪتو هو، جنهن کان موڪلائي پوءِ ئي مون وٽ آيو هو. وري هن جي من ۾ ودروهه جاڳيو،
    “سو ته صرف مونکان دريافت ڪرڻ آيو هو ته مون سندس مٺائي ڇو اڃا ڪين چکي آهي. پر کيس خبر ئي ڪيئن پئي ته مون هنجا موڪليل کاڄا اڃا نه کاڌا آهن. پڪ ئي پڪ اها ان نرملا ڇوريءَ جي شرارت آهي ڇو ته هوءَ جڏهين مون وٽ آئي هئي، تڏهين ساڻس جل وچان اهڙي ڳالهه ڪڍي ويٺي هيس. چئبو ته واقعي هوءَ منهنجي کير ۾ مک وجهڻ تي سندرو ٻڌي بيٺي آهي. جيئن ڪ ان ڏينهن اسڪول ۾ گليءَ به چيو هوم. اهڙيءَ طرح خبر ناهي ته ڇا ڇا چئي به هن منوهر کي مون ڏانهن بدظن ڪيو هوندو. ڪهڙي نه ناخلف ڇوڪري آهي؟ پاس ٿي آهي ته ان جو فقط هوءَ ٻڌائڻ به ڪا نه آئي اٿم، جيتوڻيڪ اهو منهنجي ٽيوشن جو نتيجو آهي؛ ۽ هوڏانهن منوهر جي سعادتمندي ٿي ڏسان جو هن نه رڳو مون کي مٺائي موڪلي پر اهو به مڃي ٿو ته هو منهنجي ڪري ئي پاس ٿيو آهي؛ ۽ جيئن ئي کيس معلوم ٿيو ته مان اها مٺائي نٿي کاوان ته هڪدم مون وٽ لنگهي آيو. سڀاويڪ ان لاءِ ته جيڪو هن نسبت غير اٿم سو ڪڍي ٻاهر ڪريان ته هو انهن جي هوند مون کي سمجهاڻي ڏيئي غلط فهميون دور ڪري. اهو به هڪڙو سرچاءَ جو طريقو نه آهي؟ پر هي ودروهي هن هڪ دفعو باهوڙي اٿيو آهي ته سنئون نٿو ٿئي.
    هن جو اهو چوڻ ڪيترو واجبي هو ته هن جي پيار مان موڪليل مٺائيءَ جو مان اپمان ڪريان ۽ پوءِ به اها مت رکان ته جنگ ۾ سڀ ڪجهه روا آهي. پر پيار ۾ نه. آءٌ ڏسان ٿي ته مون ۾ ودروهه گهڻو گهرو ٿي ويو آهي، جو هن جي پيار فقط ڳنهندي ئي مون کي اهڙي بخيلي وٺي ويئي، جو مان ان حقيقت کان ئي انڪاري ٿي ويس ته مون هن سان ڪڏهن پيار ئي نه ڪيو هو.
    ڪهڙو نه سفيد ڪوڙ؟
    پوءِ مان ان پاپ جو ڪيتو ڪين ڀوڳينديس؟
    نه رڳو ايترو مگر باهه وچان مان اتس ايترو اتاولي پئجي ويس جو اٽلندو هن تي الزام رکيم ته هو مون سان بي فضيلتو هلي رهيو آهي ۽ بيوقوف آهي. هو هڪ غير پرش جي حيثيت ۾، پنهنجي من ۾ ڪا پنهنجائپ جي ڀاونا، ڪو پنهنجائپ جو حق کڻي مون وٽ آيو آهي. واقعي مون هن کي پيار ڪيو ۽ هن جي پيار جي طالبو رهيس، تنهن ۾ جيڪڏهين هو ڪا پنهنجائپ جي ڀاونا يا حق کڻي آيو، ته اها منهنجي ئي طلب رهي! اها به حقيقت آهي ته مون منجهه ودروهه جون ڀاونائون هيون…
    ۽ ودروهه ڪنهن سان؟ منوهر سان،
    ته پوءِ ان ۾ شڪ ئي ڪهڙو رهيو ته منهنجي لاءِ هو اهميت وارو آهي، چاهي ٻاهران مان ڪيترو به کڻي چوان ته هو ايتري اهميت جي لائق نه آهي ۽ پاڻ کي غير واجبي اهميت ڏيئي رهيو آهي.
    ان ۾ به ته سچ ئي ڀريل آهي ته اهي کاڄا جيڪڏهين ثابت رکي ڇڏيا هئم ته سڌيءَ يا اڻسڌيءَ طرح هو منهنجي ذهن ۾ رهيو. جي مون هن جا کاڄا زمين تي ڪري اڇلايا ته هن جي اهم کي ڪهڙي چوٽ رسايم؟ هن جي سڪ جنهن کي غلطيءَ وچان اهم به کڻي چئون… انهن کاڄن ۾ ڀريل هئي. جيڪا منهنجي انهيءَ ئي زمين تي ڦهڪائڻ ….. انهن ۾ قائم رهي، ويتر مون طرفان گويا اها مانيتا ٿي ته مون برابر انهن کاڄن کي سڪ ڀري سوغات سمجهيو هو. وري جي منهنجي طرف کان روايتون بدلجي سگهجن ٿيون ته منوهر جي طرف کان به ائين ٿي سگهي ٿو. مان جي چاهيان ٿي ته هو اهي منهنجون ارڏايون برداشت ڪري ته مون کي به سمجهڻ يا در گذر ڪرڻ جڳائي. مان اها هن جي سهن شيلتا چوان يا هن جو بنيادي در ۽ پيار چوان جو هيتري اپمان هوندي به هو مون وٽ وري اچڻ لاءِ التجا ڪرڻ لڳو.
    افسوس! ان خود بخود آڇ کي به مون ڪهڙي نه بيدرديءَ سان ٺڪرائي “نه” جو نار ڪري چاڙهيم” سشيلا کي هاڻي تسلي ٿي چڪي هئي ته هوءَ منوهر جا کاڄا پيرن هيٺ لتاڙي پينهين پڻي ڪري سگهي ٿي مگر جيترو باريڪ آهي پيسجي ويندا اوتري زياده سڪ انهن ۾ ڀريل هوءَ پنهنجي دل اندر محسوس ڪندي، جيئن روهيءَ ۾ پيٺل ڪنهن اَوشڌيءَ سان ٿيندو آهي.
    کاڄا ته ڇا، پر هن منوهر سان تعلق رکندڙ هڪ هڪ چيز نشٽ ڪري ڇڏي. انيڪ شامن جون شاهديون ڍير لڳائي جلائي ڇڏيون… پر ذهن ۾ حق ڄمائي ويٺل سمرتيون ڇا، ائين جلي سگهنديون آهن؟ هن کي ان جو چٽو احساس ٿيڻ لڳو ته هوءَ هيلتائين غلط ڏسائن ۾ سوچيندي رهي آهي ۽ غلط ئي ڪندي رهي آهي. هن منوهر سان پيار ڪيو، ان ۾ ڪا غلطي ڪا نه هئي پر ان کان پوءِ جيڪي جنهن نموني ڪيائين، سو سراسر غلط هو، تنهنڪري اڄ هوءَ دکي هئي. منوهر جي پهرين پنهنجائپ ۽ پنهنجائپ جي به حد ته اها هئي جڏهن هو سندس سرير جي گهرج کڻي اڳيان آيو هو. تحقيق هن جي پيار ۾ واسنا هئا ۽ واسنا ۾ به هڪ ڪامنا هوندي آهي. سشيلا اها مانگ اَسويڪار ڪئي ۽ دليل اهو ڏنائين ته شاديءَ کان اڳ اهو واجب نه آهي ڇو ته نرسنديهه، هر ڪامنا لاءِ وقت ٿيندو آهي. ڇهائن ۾ پاڪيزگي ٿي سگهي ٿي، پر تنهن لاءِ ڪي شرط آهن. ٽرمس ۽ ڪنڊيشن ڪليئر آهن.
    شاديءَ جو ٻنڌن به استريءَ لاءِ سماج کي تنهنڪري لازمي قرار ڏيڻو پيو جيئن اهو سنٻنڌ نرمل، پويتر، اِسٿر، سريشٺ، سنگم، سک، ميهه ۽ سورگي رهي. ڪي ڪنڊون نه ٺهن. وواهه سنسٿا اتينت اتم آهي، تڏهن اسان ۽ حيوان ۾ باقي فرق ئي ڪهڙو رهيو؟ برابر خود پيار ۾ هڪ سوتنتر ڀاو آهي، پيار هڪ سوتنتر فيصلو آهي. مگر نه ته ملن پيار يا ڪو واسنا ڀريل پيار. اهو غلط آهي ته اڄ تائين ڪنهن آتمڪ سوتنترتا ڪا نه ماڻي آهي؛ جي ائين هجي ته سيتا ۽ مندو دريءَ جا نالا صفح هستيءَ تان ميٽجي وڃن ها. ائين به برابر آهي ته اڄ ڪالهه بلڪل جزوي حالتن ۾ شادي ملي ويندي آهي، پر پيار ڪو نه هوندو آهي، ۽ ائين سماج لاءِ استري زندهه رهجي ويندي آهي پر پنهنجي لاءِ استري مري ويندي آهي. ليڪن اهڙين سٿيتن کي مٽائڻو آهي، ڇو ته انهن جا ڪارڻ ڪريتا ۽ ڪنيتا هوندا آهن. سماج نٿي چاهي ته خود مرد به ڀونر ٿيندا وتن ٻين پٺيان ڦرندا جنهن بعد ته ٻيو ڪو سوال ئي ڪو نه اٿندو. پتني ورت کي به ايتريائي اهميت آهي جيتري پتي ورت کي. اها ته هيڪاري گهڻي گورو جي ڳالهه سمجهي ويندي، جيڪڏهين ساري سنسار ۾ فقط ڀارت اڪيلو ديس رهجي وڃي، جتي شاديءَ جو پراچين سرشتو ائين ئي قائم آهي. واسنا کي جنهن نگاهه سان ڏٺو ٿو وڃي، سا برابر هڪ وئيشا ئي ٿڌو ڪندي؛ پر پيار ڪو صرف واسنا نه آهي، اهو ته ان جي بلڪل تري وارو حصو آهي. اهو سوچيندي سشيلا کي من ۾ آيو ته هوءَ منوهر کان انهن غلطين لاءِ معافي گهري! جو هن پنهنجا هي خيال هن کي ٿڌي سيني ڪين ويهي ٻڌايا ۽ ان جي بجاءِ ڏمرجي هن کي بيمانو ڪري ڪڍيو.
    سشيلا کي نيڻن ۾ ننڊ ڪا نه هئي. هوءَ تارا تڪيندي رهي. هن ڏٺو ته آسمان ۾ تارا ٽم ٽم ڪري رهيا هئا. جڏهن هيڏن سٿول آڪارن ۾ به ٽم ٽم ٿي ٿئي، ته انسان جي زندگي ڪيئن نه ٽمٽائيندي؟ هن جي ڏٺي ڏٺي ڪيترا تارا ۽ نکشتر هڪڙي کان ٻيءَ ڪنڊ تي وڃي پهتا هئا. جيڪڏهين هيئن تارا منڊل بدلجي ٿو ته هن سنسار ۾ ڇا نه ٿو بدلجي سگهجي؟ گهڻي دير سان مس اک لڳس ۽ بلڪل چِرڪو هنڌ ڇڏيائين ته به مٿو گهوماٽيل هوس. بس، تڙتڪڙ ۾ سنڀري اسڪول هلي وئي؛ هن جي منهن تي اداسي ۽ نراسائيءَ جو سنگم هو.
    منوهر گهران رسي نڪتو ۽ باغ ۾ ڇٻر تي اچي سمهي پيو. هن سوچيو ته واسنا ڀريا پيار کي جڏهين سوتنترتا ملي ٿي تڏهين هي حال ٿا ٿين. منش وچ ۾ لٽڪيل رهي ٿو، پيار نڪري ٿو وڃي ۽ باقي وڃي ٿي واسنا رهي. پيار جو جيون سک ميه تڏهين ٿو ٿئي، جڏهين ان ۾ واسنا کي مناسب درجو مليل آهي، ۽ اهو آهي گرهست جيون، ڪوڙ، حرفت ۽ ڪپت ڪنهن به صورت ۾ پيار جا انگ ڪين آهن. مان جي ڪوڙ نه ڳالهايان ها ته اڄ هي مهاڀارت نه ٿئي ها. ڇوڪريءَ جو پهريون حياءُ جڏهن ڀڄي ٿو پوي، تڏهن بدلجي هوءَ هڪ عورت بڻجي ٿي وڃي. منوهر کي ان جو پورو انڀو مليو هو جڏهن هڪ آرتوار شام جو نرملا ٺهي سنڀري هن وٽ آئي هئي ۽ پڪچر تي هلڻ لاءِ مجبور ڪيو هئائينس. ڪنهن سمي جو هن سوچيو هو ته نرملا هڪ ٻالي ڀولي ۽ چلولي ڇوڪري آهي، جنهن جي اڳيان ڪوڙ ۽ سچ کي ائين ڦيرائي سگهبو جيئن هڪ بال کي ٻن هٿن ۾ نچائجي، پر تنهن وقت هو ڄاڻي ويو ته نرملا اهڙي ٻالي ڀولي نه آهي. اڄ ته وري هوءَ اهڙي چست ٿي وئي آهي جو مون سان جنگ ڪرڻ ٿي چاهي. انسان کي صحيح سوچڻ کان صرف ڏک نه روڪيندو آهي، پر انتظار ۽ اوسيڙي ۾ به اها حالت وڃي ٿيندي آهي ۽ سڀني کان وڌيڪ ته غصي جي حالت ۾ تنهنڪري ته سياڻو وڪيل پنهنجي مخالف کي پهرين چڙ ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. چري نرملا ايترو به نٿي سمجهي ته مون کيس چيو هو ته: “هن، وچن ۽ ڪرم سان فقط تنهنجو آهيان” ته ننڊ جي اوسٿا انهن سڀني کان مٿي آهي. هو ائين سوچيندو رهيو ۽ پوءِ آفيس جو ٽائيم ڏسي ريسٽورنٽ مان ٿيندو وڃي بس ۾ چڙهيو.
    آفيس ۾ اڳيان گهڻو ئي ڪم پيل ڏٺائين مگر اڄهيس ئي نه! ڪڇ وقت ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ وڃايائين ۽ ڪڇ فائيلن کي اٿلائڻ ۾. من ڪو نه لڳس ۽ آخر مٿي جي سور جو بهانو ڪري، موڪل وٺي ڪاليج ۾ آيو. هن به ايم اي ۾ داخلا ورتي هئي، پر هن جا ڪلاس شام جو لڳندا هئا. ڏينهن واري ڪاليج ۾ هن جو ڪهڙو دوست پڙهندو هو، جنهن فلاسافيءَ ۾ ايم اي کنئي هئي. ڪيترا ڀيرا جڏهن هن کي ڪا ويدنا ٿي هئي ته هن سان گفتگو ڪندي اها هلڪي ٿي ويندي هيس. ڪاليج ۾ ايشور چندر جي پڇا ڪيائين ته معلوم ٿيس ته هن جو ڪلاس هلي رهيو هو. هو ڌيري ڌيري ڪلاس ۾ لنگهي وڃي ايشور جي ڀرسان ويٺو.
    منووگيان جو فرجو (Period) هو ۽ پروفيسر پيار جو منووگيان سمجهائي رهيو هو:
    “پيار هڪ وسيع لفظ آهي. پيار آهي من جو لاڙو ڪنهن به ٻئي ڏانهن، هن جي من سان سنٻنڌ هئڻ سبب. اهو سنٻنڌ شڌ، سندر، مڌر ۽ نرمل هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو ناتو ٻن منن جي وچ ۾ آهي، ته به ائين ڪو نه چئبو ته اهي چيتن هجن. جنهن کي پيار ڪجي، سو جڙ به ٿي سگهي ٿو. مگر پيار ڪندڙ هميشه چيتن هوندو آهي. چاهي اهو منش هجي يا پسون! ڇو ته پيار ڪرڻ به چيتنتا جي هڪ علامت آهي. پيار جي ڀاونائن جا گهڻا ڀاڳ ۽ اپڀاڳ آهن، جن مان ئي ان جي گڻ جي پروڙ پوي ٿي. ماتا، پتا، ڀاءُ، ڀيڻ، پتي، پتني، اتيادي! ڪئين اهڙيون ڀاونائون آهن. بنيادي ريت اهي پويتر ۽ نرمل آهن. دڪاندار به گراهڪ کي پيار ڪندو آهي. عام طرح اهو شڌ نه هوندو آهي ڇو ته ان ۾ آپسوارٿ جو مادو وڌيڪ آهي. در حقيقت عشق معنيٰ به پيار ئي آهي پر چالو ٻوليءَ ۾ ان جي معنيٰ واسنا ڀريل وڃي ٿي آهي. اهڙي ويڌن “پريم” شبد سان به ٿي آهي. ائين هلندي پريم گويا پيار جي هڪ شاخ ٿي ويو آهي. ٻن مخالف جنسن جو، پريم آد جڳاد کان هلندو آيو آهي ۽ اهو شفي (Positive) ۽ نفي (Negative) جي سببان آهي. جڏهن ان پريم جي پرسنگ ۾ ٽي اداڪار اچن ٿا ته اهو ٽڪنڊو بڻجي پوي ٿو. اهڙن ٽڪنڊن جا ٻه مکيه ڀاڳ آهن، هڪڙي ۾ پرش ٻه ۽ استري هڪ، مگر ٻئي ۾ استريون ٻه ۽ پرش هڪ ٿيندو آهي. هر هڪ جا ٽي اُپڀاڳ آهن: هڪ ۾ هڪ پرش هڪڙيءَ استريءَ کي پريم ڪري ۽ ٻي استري ساڳئي ئي پرش سان پريم ڪري ائين ٻئي ڀاڳ جا به آهن. اهڙيءَ طرح پريم جو چوڪنڊو ٿيندو آهي، جنهن ۾ چار ڪرمچاري ٿا اچن. ان جا ٽي مکيه ڀاڱا آهن: هڪڙي ۾ هڪ پرش ته ٽي استريون، ٻئي ۾ ٻه پرش ۽ ٻه استريون، ٽئين ۾ ٽي پرش ۽ هڪ استري. انهن ۾ هر هڪ جا اپڀاڳ………”
    اتي گهنڊ لڳو ۽ پروفيسر ليڪچر بند ڪري هليو ويو. منوهر پنهنجي دوست ايشور چندر سان گڏجي ٻاهر آيو ۽ ڪاليج جي باغ ۾ ئي ويهي ڳالهيون ٻولهيون ڪرڻ لڳا. ان مان هن کي سڌ پئي ته اهو ليڪچر ڏيڻ وارو گنو ئي هو، جنهن لاءِ نرملا کيس ٻڌايو هو ته سشيلا جو ننڍپڻ جو ساٿي آهي، جنهن سان ڪافي دير تائين گڏ گهمندي آهي ۽ ٻڌڻ ۾ آيو ته هن سان افيئر اٿس. ٻنهي دوستن کي ان پيار جي وشيه تي سوچ ڪندي هڪ مشڪلات آئي. ٻئي اٿي گني وٽ آيا ۽ پنهنجو مسئلو پيش ڪيائون:
    “توهان جڏهن ٽڪنڊي وغيره جي ورگي ڪرڻ جو ذڪر ڪيو. تڏهين اهو توهين فرض ٿا ڪريو ته هڪڙو پريم ٿو ڪري ته موٽ ۾ پيار ٻيءَ ڌر جو پائي به ٿو، مگر حقيقتن ڏٺو ويو آهي ته بعضي فقط هڪ طرف جو پريم هوندو آهي ۽ ٻئي طرف کان جواب (Response) نه ملندو آهي…..”
    “ها، اهو الڳ پر سپر پريم جو باب آهي، جنهن حساب سان ٽڪنڊي خواهه چوڪنڊي جا ڪئين ڀاڳ ۽ اُپڀاڳ ٿي ويندا، جن جو وستار ڪنهن خلاصي وقت ۾ توهان کي سمجهائي سگهندس.”
    “ائين به ته ٿي سگهي ٿو جو مثال هڪڙي استري هڪ پرش جو ڦيرو ڏسي پنهنجو پريم لوڏي وجهي ۽ ائين وچ ۾ ئي جهلي ته هوءَ اوڏانهن وڃي جتان پورو جواب ملي..”
    “ڇو، ائين به ٿي سگهي ٿو ته ٻيو پرش هن کي مترتا وارو رشتو بتائي ۽ پهرين پرش جو موٽ شڪي هجي ته اها استري ڪيئن نه بدظن ٿيندي. وڏي ڳالهه ته ان کي پريم جو ٽڪنڊو ڪوٺيون يا نه، ڇاڪاڻ ته پريم جا ڌاڳا ٽٽي پيا آهن.”
    “ته اهو چئبو ته ان استريءَ جو پريم ڪنهن خاص پرش سان نه، پر هڪ عدد پرش سان آهي، يا هن پهرئين پرش سان پيار ئي نه ڪيو هو يا اهو سڀ ڪجهه ڪنهن ٻئي مقصد جو واهڻ هو؟ توهين کولي سمجهائيندا”
    “اهي ٻئي انومان درست آهن. اهي باريڪيون به مان توهان کي ٻئي وقت ٻڌائيندس. اشارو ڏيئي ٿو ڇڏيانوَ ته ناريءَ ۾ روپ ۽ جوانيءَ کان پوءِ به ڪجهه اهڙو رهجي ٿو وڃي جنهن جي پرش کي ضرورت ٿئي ٿي؛ اڀلاکا آ، بلڪ بک لڳي ٿي، جيڪو هر نرليپ ڀاوَ سان ناريءَ وٽان چاهي ٿو:” ايترو چئي گنو هليو ويو. واقفيت ڪرائيندي ئي گني کي ائين لڳو ته اهو ساڳيو منوهر آهي جنهن نرملا سان نئون پريم رچائي سشيلا کي نراس ڪيو هو.
    هوڏانهن ٻئي دوست ڪيتري وقت تائين هڪ ٻئي سان ڳالهائيندا گهر ڏي موٽيا. منوهر پنهنجي گهر اچي. بنا ڪنهن ڳالهائڻ جي ڪپڙا بدلائي پلنگ تي ليٽي پيو. نرملا چپ چاپ ماني ڏيئي ويس، جا هو کائي وڃي سمهيو.
    *


    8. ٿيان يا نه ٿيان! : ڪيرت ٻاٻاڻي

    ‘ڪونج’ جنوري 1968ع

    گنو لئبريريءَ مان من وگيان جا ڪتاب ڪڍائي اچي پنهنجي روم ۾ ويٺو. ڪتابن کي هيٺ مٿي اٿلايائين پر من نه لڳس. سندس متا، جن کي سالن کان دل ۾ سانڍي رکيو هئائين. سي کيس اڌ ڀت ڀاسڻ لڳا هئا. تازو ڪلاس ۾ پريم جي مهما ۽ ينتر (Mechanics)، ٽڪنڊن ۽ چوڪنڊن تي هڪ لنبو ليڪچر ڏيئي آيو هو، پر اندر ئي اندر ۾ پاڻ تي کلي رهيو هو، سندس من ئي انهن اصولن جي تائيد ڪرڻ يا گواهي ڏيڻ کان ودروهه ڪري رهيو هو.
    ڇا هو جيڪي چئي آيو هو، سو اڄ ساڳي دل جي گهرائي ۽ وشواس سان محسوس ڪري رهيو هو؟
    ڪداچت نه.
    کيس ته ائين لڳو هو ته هن گويا درسي ڪتاب تان تيار ٿيل هڪ ٽيپ چاڙهي ڇڏي هئي، جا 45 منٽ گول ڦيرا پائي، هڪ گٺل ۽ آتمارهت ڀاشڻ اوڳاري بند ٿي ويئي هئي.
    اڄ سندس اندر خالي خالي هو. هڪ کنڊهر جيان! هن جي اندر جوڙيل هڪ عمارت جي ٽٽڻ جا پڙلاءَ اچي رهيا هئا. جيڪا عمارت ڏهن سالن کان کڙي ڪئي هئائين، سا بنياد کان ڌڏي رهي هئي. ڪامون ڪِري رهيون هيون، ٿنڀا ٽٽي رهيا هئا، ديوارون لڏي رهيون هيون. ڪٿي ڪو جذبو سر هيٺان دٻيو پيو هو، ڪٿي ڪو وشواس ڪنهن ڪام هيٺان چٿجي ويو هو.
    ڪالهه رات وارو واقعو سندس ذهن تي هڪ عجيب ڪيفيت ٺاهي بيٺو هو.
    جيئن نه اوچتي ڌڌڪي سبب ڪڏهن دل ۽ دماغ تي سن طاري ٿي ويندو آهي. گني جي حالت هوبهو ساڳي هئي. ڪالهه رات اهڙو طوفان آيو هو، جنهن جو هو ڪڏهين تصور به نه ٿي ڪري سگهيو. هڪ استريءَ پنهنجو جسم سندس اڳيان ائين کڻي ڦٽو ڪيو هو گويا ان ديهه کي ڪا قيمت ئي ڪا نه هئي، ان کي ڪن سنسڪارن جا ٻنڌن ۽ ليڪا ڪو نه هئا. اها ديهه ڄڻ ڪن مريادائن ۽ روايتن ۾ جڪڙيل ڪا نه هئي… ۽ اگر جڪڙيل هئي به ته اهي صدين جون روايتون ۽ سالن جون مريادائون هڪ ئي ڇڪ سان ٽڪرا ٽڪرا ٿي، اتي سمنڊ ڪناري سندس آسپاس ٽڙيون پکڙيون پيون هيون.
    هڪ استريءَ جي سپرش، گرم سواسن ۽ مٺين کيس لرزش ۾ آڻي ڇڏيو هو. سڀاويڪ هو. سريرن جو ان نموني هڪ ٻئي ۾ لپٽجي وڃڻ رت کي ضرور لرزش ۾ آڻيندو، نه آڻي ته اسڀاويڪ آهي. پوءِ به گني جو وهنوار سڀاويڪ نه هو. اهڙي موقعي تي پرش پنهنجي اَجهل جذبي کي جهلي وڃي، اهو سڀاويڪ نه پر اسڀاويڪ هو. ۽ اهڙي هلت صرف گني کان ئي ٿي هئي، ڇو ته سندس جسم تي ڪهڙو به رد عمل ڇو نه ٿيو هجي، سندس دل برف جي ڇپ وانگر سرد هئي………
    گني محسوس ڪيو ته هو پنهنجو اڀياس جاري رکي نه سگهندو. سڀاڻي جي ڀاشڻ لاءِ نوٽس وٺڻ هن لاءِ ناممڪن بڻجي پيو. ڪتاب ميز جي خاني ۾ وجهي، هو پنهنجي روم کان ٻاهر نڪري آيو. ڪيڏانهن وڃي سو به فيصلو نه ڪري سگهيو.
    “نيم انوسار سشيءَ جي گهر وڃان؟”
    نه. اهو به ممڪن نه هو.
    هو سشيءَ جي اڳيان ڪيئن ويندو؟ سندس اکين ۾ ڪيئن نهاري سگهندو؟ هن سان ڪهڙي ڳالهه چوري سگهندو؟……. سشي ته، نه صرف سندس پريم جي پريڀاشائن ۽ متن کي ٽوڙي ٽوڙي کڻي سندس اڳيان رکيو هو، خود سندس ڏهن سالن جي ساڌنا کي به ڌوڏي ڇڏيو هو،
    “هي سشيءَ کي ڇا ٿي ويو؟” کيس ڪجهه به سمجهه ۾ نه ٿي آيو.
    “ڇا هن جي ذهن کي ايترو ڌڌڪو رسيو هو جو هوءَ ميزان کان ٻاهر نڪري ويئي هئي؟
    نه ته ڀلا ڪالهوڪي سندس غير معمولي ۽ اسڀاويڪ هلت جو ٻيو ڪهڙو ڪارڻ ٿي ٿي سگهيو.”
    گنو سوچڻ لڳو ته سشيءَ جي هن حالت لاءِ هو ته جوابدار نه آهي. هڪ نازڪ موڙ تي، سندس زندگيءَ ۾ پرويش ڪري، هن جي زندگيءَ کي هڪ نئون رخ ڏئي هن ڪا ڀاري غلطي ته نه ڪئي هئي. پر ان ۾ ڪهڙي خرابي هئي؟ ۽ ان لاءِ هو ته جوابدار ڪو نه هو… سشيءَ سان سندس ملاقات اوچتي ٿي هئي. هڪ اتفاق برابر، گهر ۾، نوتو ڏيئي سشي ئي خود کيس وٺي ويئي هئي. هن سندس جيون کي مضبوط مارگ ڏيڻ لاءِ پي. ايڇ. ڊي ڪرڻ جي پريرڻا ڏني هئي. پر ان ۾ ڪهڙو گناهه هو؟ سمنڊ جي سئر ڪرڻ لاءِ به سشيءَ ئي اڇا ڏيکاري هئي ۽ پوءِ جيڪي ڪجهه ٿيو هو، تنهن لاءِ هن ڪڏهن به ڪهڙي به نموني کيس ڪو اشارو نه ڏنو هو، جنهن مان ڪنهن به شڪ جي گنجائش پيدا ٿئي. پر پوءِ به هو پريشان هو، دکي هو ۽ منجهيل هو…
    ڇا سشيءَ کي ڪا غلط فهمي ٿي وئي هئي؟ پر ڪالهوڪي وهنوار ڪنهن غلط فهميءَ مان پرورش پائي نڪتل وهنوار نه هو. هيءَ ته ڪو ٻرندڙ جبل هو، جو اندران ئي اندران پئي پڄريو ۽ اوچتو هڪ زلزلي جي روپ ۾ ڦاٽي پيو، گويا ڪنهن کي ڀسم ڪرڻ ٿي گهريائين…
    گني هڪ اونهو ساهه کنيو، گويا پاڻ کي آٿت ڏنائين ته هو ان زلزلي جي ڄر کان عارضي طور ته بچي نڪتو هو. ٻيءَ کن! وڄ جي شعاع وانگر هڪ خيال سندس ذهن تان چمڪي ويو
    “مان پاڻ کي ڀسم ڪري ڇڏيان؟” هو هلڻ لڳو، مرين ڊرائيور طرف.
    پر سوچيائين ڪٿي من جي مونجهاري سبب سشي به مرين ڊرائيور طرف هلي آئي هجي ته اها ڳالهه نه چاهيندي به ڪٿي اتفاقي بڻجي نه اچي. هو چوپاٽيءَ طرف واريءَ تي هيٺ لهي ويو ۽ ڪناري ڪناري هلندو رهيو. واريءَ تي آهستي آهستي هلندو رهيو، پيرن جي داٻ سبب واري پٺتي جهڪي ٿي ويئي ۽ سندس قدم ٿوري ساعت لاءِ پٺتي هٽي ٿي ويا. گويا پٺيان پٺيان کيس ماضيءَ طرف ڇڪيندا ٿي ويا.
    هيءَ پهريون دفعو هو جو گذريل ڏهن سالن جو ٿميل طوفان سندس هردي اندر اُمڙي اٿيو هو. هو چاهي يا نه چاهي، پر اهڙي طوفان کي لڳڻ کان روڪڻ جي شڪتي هن ۾ نه رهي هئي. جڏهين گهٽ ٻوساٽ ٿيندي آهي ۽ چوڌاري ڪائنات ۾ خاموشي ايندي آهي ته اهڙي خال کي ڀرڻ لاءِ هڪ طوفان جو لڳڻ لازمي هو؛ جو ڪجهه ڊاهي ڦٽو ڪري، ڪا صاف صفائي ڪري ڇڏي.
    “ڇا مان پنهنجو ڏهن سالن جو ورت ٽوڙي ڇڏيان؟” ور ور ڪري هيءَ سوال سندس ذهن ۾ ديول جي گهنڊ وانگر لنبي ۽ ڳري ڌن سان وڄڻ لڳو.
    “ڇا اهڙين حالتن هيٺ هرڪو انسان ائين ورت ٽوڙيندو آهي. پوءِ گنو هجي يا سشي؟”
    ته هيلتائين مان پاڻ کي صرف پرڀائي رهيو هوس ته مان پنهنجي ڏهن سالن جي ڪيل پرن تي قائم آهيان. هت ته طوفان جي هڪ جهونڪي اڳيان به سٽ جهلڻ جي قابل نه رهيو آهيان.
    گني پنهنجي ڪوٽ جي اندرين کيسي ۾ هٿ وجهي هڪ ٻٽوئون ڪڍي ورتو. ٻٽوئين جي لڪل تهه کي کولي، ان مان هڪ پاسپورٽ سائيز فوٽو ڪڍي ورتو. فوٽو پنهنجي اڳيان جهليائين. فوٽي تي ڪي ڳاڙهسرا داغ به ٿي ويا هئا. سامهون آسمان به ڳاڙهسري رنگ سان ڌوپجي پيو هو، جنهن سمنڊ جي پاڻيءَ کي گويا سونهري رنگ جو تهه چاڙهي ڇڏيو. گنو پلٿي ماري واريءَ تي ويهي رهيو. فوٽي جي گول مرجهايل اکين ۾ اکيون وجهي ان سان ڳالهائڻ لڳو.
    “ديالي اڄ منهنجي صحيح معنيٰ ۾ پرکيا ٿي رهي آهي! هيءُ تنهنجو اهو فوٽو آهي جو مون ڏهه سال اڳ تنهنجي گهر ٻاهران ڪڍيو هو. ڏهه سال مون توکي پنهنجي دل جي ويجهو رکيو آهي. مون ڪڏهن به دل ۾ خال محسوس نه ڪيو آهي. پر اڄ ڇاهي، جو منهنجي دل ڌڏڻ لڳي آهي، ڇا اها ڪمزور ٿيڻ لڳي آهي؟ مان نٿو ڄاڻان تنهنجي يا منهنجي پريم ۾ ڪا ڪاڻ پيئي آهي يا نهن جو زور ۽ شڪتي گهٽجي ويئي آهي؟”
    انسان جا جذبا يا ويچار ريل جي پٽيءَ تان هلندڙ گاڏيءَ مثل آهن، جي هلندا رهن ته بنا هچڪ جي سنوان سڌا هلندا رهن. انهن ۾ ڦيرڦار آڻڻ يا انهن جو طرف بدلائڻ ڏکيو ٿيو پوي. جيستائين ڪو وڏو حادثو يا اتفاق نه ٿئي. جيئن هڪ حادثي وقت گاڏي ريل جي پٽيءَ تان لهي ويندي آهي ۽ چوڌاري زلزلي وارو درشيه پيدا ٿيندو آهي ۽ سندس رفتار اوچتو بند ٿي ويندي آهي، ساڳئيءَ طرح ڪنهن شخص جي ويچار جي رفتار به ڪنهن اوچتي ڌڌڪي سبب هلندڙ پٽيءَ تان لهي ويندي آهي ۽ پوءِ ان کي نيون راهون ۽ دشائون ڳولڻيون پونديون آهن.
    گني سان ساڳي ڪار ٿي هئي. هو ڏهن سالن کان ساڳي پٽيءَ تي ساڳي دشا ۾ هلي رهيو هو. پر سشيءَ جي وهنوار سندس ويچارن ۽ واٽ کي ڌوڏي ڇڏيو هو. اڄ هو اهو ڪجهه سوچي رهيو هو، جو رواجي طور سندس سڀاءَ ۽ سنسڪارن واري شخص لاءِ سوچڻ پاپ نه، ته غير واجب ۽ غير فطرتي ضرور هو. هن پاڻ کي ڏهه سال هڪ گهيري اندر ٻڌي رکيو هو پر اڄ هو وري هڪ اهڙي اسٿتيءَ ۾ هو، جنهن مان نڪرڻ لاءِ هو فلاسافيءَ جي ور وڪڙ رستن تي ڊوڙون پائڻ لڳو…..
    وچن ۽ ورت!
    ڇا وچن ۽ ورت کي ڪا معنيٰ آهي؟
    ڏهه سال اڳ ۾ ڪيل وچن ۽ ورت! ڇا وقت سان، پيل حدن ۽ انهن جي ٻنڌنن کان اهي ٻاهر نٿا نڪري وڃن؟ وقت ڇا حالتن کي ڦيرائي، بدلائي، مروٽي سروٽي، قدرن کي نيون معنائون نٿو ڏئي سگهي؟ ٻنڌنن جا وراڪا گهٽجي، گهٽجي هڪ ٽٻڪي جي هستي نٿا وٺي وڃن، جنهن کي ڪا ئي هستي ئي نه رهي يا وڌندا وڌندا اهي گهيرا ايترو وشال نٿا ٿي وڃن جو انهن جو گهيرو ئي الوپ ٿي وڃي! ڏهه سال اڳ جو هڪ ڏينهن ۽ اڄ جو ڏينهن ساڳيا آهن؟ هوبهو ساڳيا؟ قدرن جا دنيا ۾ جذبن جي سطح تي ۽ خيالن جي منزل تي؟ پر وچن ۽ ورت هڪ طرفو نه هو. اهو وچن دياليءَ به ته پاليو هو ۽ وچن صدقي ڏهه سال سٺو هئائين، بدنامي سر مٿان کنئين هئائين. مائٽن جا ڏنڀ برداشت ڪيا هئائين ۽ آخر ۾ هڪ انوکي قرباني ڏني هئائين. اهو هڪ سچ هو، ڏهه سال جهونو ئي سهين!
    مان ڇا صرف زندگيءَ جي اڪيلائي برداشت نٿو ڪري سگهان؟ قرباني ڇا مڙدن جي وڙ ۾ نه آهي؟ اقرار ڪرڻ وقت هماليه وانگر اڏول پر پاڙڻ وقت شيشي جهڙا ٽاڪئان!
    گنو وري هڪ ٻيءَ وهڪ ۾ وهڻ لڳو:
    فلاسافي طور قرباني ڇا آهي؟ پيار ڇا آهي؟ ڪنهن به چيز جي اصليت ڇا آهي؟ انت ڇا آهي؟ صرف هڪ ويچار (Idea) آهي ۽ هيءُ پورو سنسار ان مها ويچار جو عڪس آهي. حقيقت ڪجهه به نه آهي. صرف هڪ ويچار آهي. حقيقت پهچ کان پري آهي؛ ويچار اناري آهي.
    ڏهه سال اڳ ڪنهن شخص سان پريم جو ناتو، اڄ جڏهن ان جو مجسم ئي نه رهيو ته ان ڏنل اقرار جي ناتي قربانيءَ جي نالي مان پاڻ کي وساري ويهان، پنهنجي ديهه کي ڀلجي وڃان ۽ پنهنجي آتما کي محروم ڪريان؟ ڪهڙي بنياد تي؟ … ڏنل وچن جي بنياد تي؟ … وچن جو منهنجن پيدا ڪيل قدرن جي پيدائش آهي، قدر! جي منهنجي هستيءَ جو حصو آهن. اهي سڀ ڳالهيون گڏجي مون کي قيدي نه بڻائي رهيون آهن؟ هڪ وچن جي گهيري ۾ گرفتار نه ڪري ويٺيون آهن؟ اهو گهيرو ڇا ٽٽي نه ٿو سگهي؟
    ديالي ڇا مان توکي سشيءَ جي روپ ۾ نٿو ڏسي سگهان؟
    وچن جون حدون ڪشاديون نٿو ڪري سگهان؟
    منهنجي آتما پريم جي وشال تصور کي ڀلجي هڪ گهيري ۾ قائم رهي؟
    مون هٿرادو طور پريم جي وشالتا کي محدود نه ڪري ڇڏيو آهي؟
    منهنجي آتما جي پريم جو چشمو سڪي وڃڻ گهرجي؟
    اهو هڪ نرمل جل ڌارا بڻجي وهڻ نه گهرجي؟
    ڇا پريم هڪ اهڙو وستو آهي جا ڪنهن پدارٿ تي ختم ٿي وڃڻ گهرجي؟…
    اگر نه، ته ان جو وسيع روپ ڪهڙو آهي؟
    هڪ وستوءَ جي غير موجودگيءَ ۾ اهو پريم ٻئي طرف اوتي نه ٿو سگهجي؟
    ڇا اهو گناهه آهي؟
    پريم کي ان معنيٰ ۾ نه ٻڌڻ ڇا جيون سان بي وفائي آهي؟
    جيون کي پريم کان وانجهڻ کي “شڌ” وفائي سان نوازيو وڃي ٿو؟
    جيون کي نيرس ڪرڻ ڇا پريم جي مهما آهي؟
    اگر ها، ته پوءِ پريم جو ارٿ ڪهڙو؟ پريم جي انتها ڇا؟
    مون جهڙي هڪ سرد حقيقت يا غير حاصلات جي تسليٰ يا ان کان به وڌيڪ ڪالپنڪ سنتوش!
    هينئر گني جو سر پنهنجن دليلن جي چڪر ۾ چڪرائجڻ لڳو. هو اٿيو. هٿ وارو فوٽو پنهنجي ٻٽوئين ۾ رکي، کيسي اندر وڌائين ۽ پوءِ ريتيءَ تان اٿي، گهر طرف روانو ٿيو. خيال، ٻوڏ جي اڇل مثل سندس ذهن کي ٻوڙيندا رهيا ۽ هو هڪ هشيار تاروءَ وانگر پاڻ کي سطح تي آڻي، غرق ٿيڻ کان بچائڻ جو يتن ڪرڻ لڳو. گهر پهچي هن وستر مٽايا. کاڌي جي اڇا کيس نه رهي هئي. ذهن جي بوجي هن جي بک ماري ڦٽي ڪئي هئي. سندس سوچ جي انجڻ تيز رفتار سان هلي رهي هئي. بستري تي ليٽي ٻئي هٿ مٿي هيٺان رکي اکيون ڇت ۾ پائي هو سوچڻ لڳو….
    هڪ فلاسافيءَ جي اڌياپڪ جي حيثيت ۾ هن ڪيترا سال پريم جي مهما ۽ پيچيدگين تي ليڪچر ڏنا هئا پر ڇا هو پنهنجي لاءِ ڪا راهه ڳولي سگهيو هو؟
    هن پريم جو ورت پاليو. پريم جي ساڌنا ڪئي، پر ڇا هو پاڻ کي تسليٰ ڏيئي سگهيو هو؟
    ڪٿي هو جيون ۽ پريم جو نرادر ته نه ڪري رهيو آهي. پريم پالن جي ڀرم هيٺ هو پنهنجي آتما جو نرادر ته نه ڪري رهيو آهي. هن ڏهه سال پنهنجي من، وچن ۽ ڪرم سان ڪنهن کي پريم ڏنو آهي پر ائين ڪندي هو جيون کان ڀٽڪي ته نه ويو آهي.
    من هڪ چنچل چيز آهي. هڪ سهارو وڃائڻ سان ٻئي سهاري کي پڪڙيندو آهي. ٻڏندڙ انسان پڻ ڪک جو سهارو وٺندو آهي. هن به ڪنهن جو سهارو وٺڻ جو يتن ٿي ڪيو پر هن جي من ۾ هڪ وڏو سوال کڙو ٿي بيٺو. ڇا تون ڪنهن جي موت جو سهارو وٺڻ ٿو چاهين؟
    اهڙي نموني تون پنهنجي آتما کي فرض جي قرض کان آجو ڪرڻ ٿو گهرين!
    تون ڪنهن جي غير موجودگيءَ جو فائدو وٺڻ ٿو گهرين؟ اگر ٻيو ڪير تنهنجي موت جو فائدو وٺي ها…
    گني جي سهارڻي کان حالتون ٻاهر هيون. هن جو چئن وڃي رهيو هو. هو گويا ٽٽڻ جي حالت کي اچي پهتو هو. آنڌمانڌ هن کي سمهڻ نه ڏيندي. هو جهٽڪو ڏئي اٿيو. قلم ڪاغذ کڻي لکڻ ويٺو:
    سشي،
    مان توکي ڪهڙي اکر سان خطاب ڪريان اهو به مان فيصلو ڪري نه سگهيو آهيان، ان ڪري صرف ‘سشي’ ئي لکي رهيو آهيان.
    پورا اٺيتاليهه ڪلاڪ مان پاڻ سان يڌ ڪندو رهيو آهيان، هن وقت منهنجي حالت هڪ اهڙي ٻيڙيءَ مثل آهي جا طوفان جي وچ سير ۾ بيٺي هجي ۽ ڪناري تي رسڻ جي اميد ۾ چوڦير ڦيراٽيون پائيندي رهي.
    ٻالڪپڻ واري سمي جي سنٻنڌ بعد، ويهن سالن جي عرصي کانپوءِ مان توکي اوچتو مليس. پر توکي اها سڌ نه آهي ته انهن ويهن سالن ۾ منهنجي مٿان ڇا ٿي گذريو. ڪهڙا طوفان اٿيا ۽ ٿميا. تو ڪڏهين انهن کي ڄاڻڻ جي ڪوشش نه ڪئي ۽ نه ئي مون ڪڏهين ٻڌائڻ جو يتن ورتو. دراصل تنهنجي اسٿتيءَ کي ڏسي، مون ڪڏهن ساهس ئي نه ڪيو آهي ته پنهنجي دل جي ڪا ڳالهه تنهنجي اڳيان رکان. مترتا ۾ ائين نه ٿيندو آهي پر اسان جي مترتا عجيب وايو منڊل ۾ اچي نئين سر نپني. مون ويهن سالن کان پوءِ جڏهن توکي ڏٺو، تڏهن تون ڪنهن گهري من جي پريشانيءَ ۾ الجهيل هئينءَ. تنهنجي دل تي ڪو نازڪ زخم هو، جنهن جي پهرين ته ملم پٽي ڪرڻي هئي. اهڙي حالت ۾ تون ڇا ڄاڻي سگهندينءَ ته اڳلو ڪهڙي ناسور ۾ مبتلا آهي، جو پنهنجو زخم لڪائي ٻين کي مرهم لڳائي رهيو آهي. سشي منهنجو زخم جهونو آهي مان مڙد آهيان، ان ڪري لڪائي وڃڻ ۾ شايد ڪامياب ويو آهيان. تنهنجي دل نازڪ آهي تون ان کي لڪائي نه سگهينءَ. ان ۾ تنهنجو ڏوهه نه آهي. مان شڪايت نه ٿو ڪريان……. خير.
    ڪهڙي نه عجيب اتفاق سان منهنجي دياليءَ سان ملاقات ٿي هئي! ساڳي جهاز ۾ وطن جا وڻ ڇڏي رهيا هئاسون. جهاز ماڻهن سان جنسي سٿيو پيو هو. ڪنهن جي خبر نه هئي، گويا سامان مٿان سامان ۽ ماڻهن مٿان ماڻهو چڙهيا ويٺا هئا. پنهنجي اڪيلي ٻڍڙي ماءُ سان دياليءَ جي ڪٽنب ڀرسان خيما کوڙي ويٺو هوس. آپدا غريب ۽ امير کي هڪ ئي قطار ۾ ويهاري ڇڏيو هو.
    وطن ڇڏيندي جو دک ٿيو هو، تنهن درد وچان مون کي رات ڀر ننڊ ئي نه آئي هئي. رات جي نيم اونڌائيءَ ۾ مان آهستي آهستي ڪيترن بسترن کي لتاڙيندو ۽ ماڻهن کي اورانگهيندو، هڪ نامعلوم ٻوساٽ کان نجات پائڻ لاءِ ڊيڪ جي ريلنگ تائين وڃي پهتو هوس. ان طرف نهاريندو رهيس جتان جهاز اڪاريو ويو هو. سانڀر ۾ پهريون دفعو منهنجي اکين مان ٻه ڳوڙها ڳڙي پيا هئا. پنهنجي پتا جي موت تي به منهنجون اکيون آليون نه ٿيون هيون، ايترو مان ارادي جو پڪو هوس. ڇا هو، جو اسين سڀ ڇڏي دور ديش ڏي وڃي رهيا هئاسون؟ سڀني جا من ڀريل هئا. هرڪو شايد سيني تي پٿر رکي ويٺو هو. ساري رات مان هن هٿرادو طوفان جي نتيجي کي جاچيندو رهيس، جنهن وڻ ته نه ڪيرايا هئا ۽ گهر جون ديوارون به سلامت هيون؛ پوءِ به انسانن کي اکيڙي سندن آتمائن کي، ابن ڏاڏن جي وڻن وٿاڻن تان پٽي جا بجاءِ پکيڙي ڇڏيو هو! خير…… اهي ماضيءَ جا داستان آهن….
    مون کي معلوم نه هو ته ان انڌيري رات ۾ ٻيون ٻه اکيون مونکي گهيري ويٺيون هيون. صبح جو محسوس ٿيم ته اهي منهنجو پيڇو ڪري رهيون هيون. صبح جو ڊيڪ جي نل تي ڏندڻ ڪندي دياليءَ سوال ڪيو هو،
    “توکي رات جو ننڊ ڪا نه آئي؟” مون کان ڇرڪ نڪري ويو.
    ستي لوڪ مون سمجهيو هو ته مان ئي سجاڳ هوس پر نه هت ٻيو به ڪير هو، جنهن رات واري درد ۾ مون سان ڀائيواري ڪئي هئي. ڪيڏو نه آنند پاتم!
    اهو ٿوري عرصي جو ناتو نينهن ۾ بدلجي ويو. ڪيمپ جي چند ڏينهن ۾ ايترو ته ويجهو اچي وياسون جو دياليءَ جي مائٽن کي ترت شڪ پئجي ويو. هو شخصي اثر ۽ پئسي جي ٻل تي ڪيمپ ڇڏي وڃي شهر ۾ رهيا. دياليءَ کي ڪيمپ مان ڪڍي سگهيا ٿي؛ پر منهنجي دل مان نٿي ڪڍي سگهيا. پريت دوريءَ جي درد هيٺ وڌيڪ پختي ٿي ويئي. هڪ ٻئي کي خطن پهچائڻ جو رستو ڳولي ڪڍيوسين ۽ ائين پريت جا ٻنڌڻ ڳنڍيا ئي رهيا.
    پوءِ اوچتو هڪ سياسي طوفان آيو. مان ان طوفان ۾ گهلجي ويس. مان گرفتار ٿيس ۽ جيل موڪليو ويس. جيل مان چوريءَ هڪ خط دياليءَ کي لکيم، جنهن ۾ پنهنجي پريم جي نازڪ امنگن جي پلٽ ڪيم. ديش جي سقيم حالت جو ورنن ڪيم ۽ ٻنهي جي آئيندي جي سپنن جون تصويرون چٽيم. خط پڪڙجي پيو ۽ وڃي ٺڙڪائو سمپادڪ کي هٿ لڳو. ان کي سٺو مصالحو سمجهي پهرين ته ان کي بلئڪ ميل ڪرڻ لاءِ ڪم آڻڻ چاهيائين پر نيٺ اخبار جي مشهوريءَ لاءِ ان کي قسطن ۾ ڇپي هڪ وڏي بدنامي (Scandal) پيدا ڪيائين. دياليءَ جي سڄي شهر ۾ بدنامي ٿي، ماڻهن جي غلط اشارن جو شڪار بڻي. مائٽن جي طعنن ۽ عذابن جا سيڪ سٺائين. هوءَ سندن اکين ۾ ڪنڊو بڻجي پيئي ۽ سندس ٻاهر نڪرڻ بند ڪيو ويو. سال کان پوءِ جڏهن مان ٻاهر آيس ۽ دياليءَ کي جڏهين سندس گهر ٻاهران ڏٺم ته دنگ رهجي ويس! هڪ سال اندر هوءَ ڏهه سال وڏي ٿي ويئي هئي.
    “ديالي تون ڀلا ائين گهڻو وقت پڃري جو پکي بڻجي گذارينديءَ؟” مون سوال ڪيو.
    “تون ان جو ڪو به خيال نه ڪر.” دياليءَ جي اکين ۾ درڍ وشواس هو.
    “تون ڪيستائين منهنجو انتظار ڪندينءَ؟” گويا مون کي اعتبار نه ٿي ٿيو.
    “جيستائين زندهه آهيان.” مون کي للڪار هئي.
    دياليءَ جي مائٽن کي پنهنجي خاندان ۽ شاهوڪاريءَ جو گهمنڊ هو. هو پنهنجي ڌيءَ هڪ غريب ماءُ جي پٽ کي ڏيڻ لاءِ تيار نه هئا. مون ان للڪار کي قبول ڪيو. من ئي من ۾ فيصلو ڪيم ته وڏو ماڻهو بڻجندس. ماءُ ۽ پنهنجي پالنا لاءِ نوڪري ڪيم ۽ ٻئي طرف ڪاليج ۾ داخلا ورتم. نشچو ڪري ورتم ته وڪالت پاس ڪري جج بڻجندس. ڇو ته دياليءَ جو پيءُ هڪ وڪيل هو. چاهيم ته اهو ڏينهن اچي جو هو ڪورٽ ۾ اچي منهنجي اڳيان ڪيس هلائي ۽ مون کي ميلارڊ (My Lord) ڪري پڪاري، جنهن ۾ مان پنهنجي اهم جي ترپتي محسوس ڪندس ۽ دياليءَ کي زندان مان ڇوٽڪارو ڏينديس. مان پنهنجي مقصد جي حاصلات لاءِ ايترو سرگردان هوس تنهن مقصد کي رسڻ واري منزل ئي مون کان غائب ٿي رهي هئي. ديالي پنهنجي مقصد کي رسڻ لاءِ پاڻ کي مٽائيندي ٿي وئي. هوءَ نگري بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي چڪي هئي ۽ سندس مائٽن ان ۾ پنهنجي اهم جي ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ جو يتن ڳوليو. حالتون گهڻو پري نڪري ويون… ۽ هڪ رات منهنجي منزل جو نشان مٽجي ويو….. ڪو سپنو هو جو صبح ٿيڻ سان الوپ ٿي ويو.
    پوءِ منهنجي اهم جي ترپتيءَ جي ڪهڙي معنيٰ رهي؟ اهڙي ننڍڙي ڳالهه منهنجي لاءِ وڌيڪ وقت معنيٰ وڃائي ويٺي. مون قانون جي پڙهائي کي رد ڪري فيلسوفي ڏانهن ڌيان لڳايو. مون کي ان مان ئي سنتوش مليو. ايم. اي پاس ڪري بمبئي ۾ نوڪريءَ لاءِ ڪوشش ڪيم ۽ حڪم ملڻ تي ان شهر کي الوداع ڪري هليو آيس…..
    ان رات واري واقعي منهنجي سنتوش کي لوڏي ڇڏيو آهي. اهو منهنجي لاءِ هڪ عجيب آزمودو هو. تنهنجي ۽ منهنجي حالت ذري گهٽ ساڳي آهي. فرق اهو آهي ته مون کان پريم کسجي ويو آهي، توکان کسيو ويو آهي. منهنجي فيلسوفاڻي رخ مون کي جذباتي سطح کان مٿي رکيو آهي. تون پنهنجي جذبات تي قابو پائي نه سگهي آهين، نه ته……………….. خير….
    “تون مون سان شادي ڀلي نه ڪر؛ پر مون کي پيار ڪر.”
    مان ڪجهه به سمجهي نه سگهيو آهيان. ڇا سچ پچ تو کي پيار جي ضرورت آهي؟ ته ان پيار جو مفهوم ڇا آهي؟ پيار ته توکي منوهر ڪيو آهي، جنهن واعدو ڪري توکان پيار کسي ورتو آهي. مان توکي پيار ڏيئي سگهان ٿو؟ مان پيو پاڻ کان پڇان ته توکي ڪهڙو پيار ڏيان. ڇا اهو جيڪو مون دياليءَ کي ڏنو ۽ جنهن جي موٽ به مونکي ملي؟ پر ان تي منهنجو ڪو حق آهي؟ تون مون کان پيار جي طلب ٿي ڪرين. ڇا تنهنجو پيار جسم جي ترپتي آهي؟ پر ان حالت ۾ توکي پيار جي نه پر شاديءَ جي ضرورت آهي. مان توکي پيار نه ڏيئي ڇا شادي ڪري نٿو سگهان؟
    پر ان جي ته توکي طلب ڪانهي ۽ پيار ڇا ڪا گهرڻ جي وستو آهي؟ ڀلا پيار ۽ شاديءَ ۾ ڪهڙو سنٻنڌ آهي؟ شادي ڇا پيار جي ترپتيءَ جو هڪ ساڌن نه آهي؟ نه ته ڀلا ٻن انسانن جي پيار جو مطلب ڪهڙو؟ ته پوءِ اهو ڇا هو جو توکي کپندو هو؟ ۽ اهو ڇا آهي جو مان ڏئي سگهان ٿو يا ڏئي نه ٿو سگهان؟
    هن ويل مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي. جيترو گهڻو ٿو سوچيان اوترو ڪوريئڙي واري ڄار ۾ ڦاسندو ٿو وڃان هن وقت منهنجي حالت هئلميٽ واري آهي. جنهن من جي ٻه چتائي ڪارڻ رڙ ڪري چيو هو: ٿيان يا نه ٿيان! (To be or not to be)
    فقط گنو


    9. تلاش! : گنوسامتاڻي

    ‘ڪونج’ فيبروري 1968ع

    هو خط پورو ڪري اٿيو. ٿڪاوٽ من جي الجهن! هئمليٽ جي الجهن!! هن سمهڻ چاهيو. بٽڻ دٻائي بتي وسائي. اوچتو هو ڇرڪي ويو. ٻئي پل ۾ ئي هن بتي ٻاري ڇڏي.
    انڌڪار ۽ روشني، سئچ آف، سئچ آن، سيڪنڊ جو کيل اڳيان انسان، ڀڳوان، هڪ چنتا، هڪ ڊپ.
    سورهين صديءَ جو هئمليٽ ويهنءَ صديءَ جي انسان جي اڳ ڪٿي هو.
    شيڪسپيئر ۽ پوءِ آئنسٽائين وچ ۾ پيدا ٿيل سموري فلسوفي گيان، ٻڌي سميٽجي هڪ اڻوءَ ۾ سمائجي، ڀيانڪ رفتار سان، هنسا سان، شڪتيءَ جو اوتار بڻجي، هر چيز جو وناش شروع ڪري ڇڏي هو.
    ڪلا – ڪوڙ، گيان – ڪوڙ، ڀاؤ- ڪوڙ، من- وگيان- ڪوڙ، پيار- ڪوڙ، انسان – ڪوڙ.
    سچ! هَي ارجن! مان آهيان اچ، مون ۾ سمائجي وڃ.
    وناش ڪر. وناش ڪرڻ تنهنجو ڌرم آهي، ڪرم آهي. اڇا منهنجي آهي. منهنجي اڇا بنا ڪجهه نه ٿو ٿئي. اُٿ، جاڳ، اٿ.
    تانڊؤ، وناش جي ليلا، کيل، ايشور جي اڇا، وناش، ايشور جي اڇا، ڪوڙ، ايشور- ڪوڙ.
    ۽ وشال- وراٽ روپ صرف هڪ اڻؤ اڻو، نيگيٽولي چارجڊ، پازيٽولي چارجڊ، اڄ وڌيڪ منجهيل آهي. وڌيڪ ڪامپليڪس آهي.
    شيڪسپيئر وٽ ڪويتا هئي، سنگيت هئو؛ چاهنا هئي، اڄ جي شيڪسپيئر جي چاهنا اخبار جي اشتهارن ۾، ٽيليويزن ۾، نئلان جتين ۾، پوسٽرن ۾ قيد آهي.
    ڪامپيوٽر جي گڻت – وديا جي فارمولن ۾ ئي انسان جي ٻُڌيءَ جو اظهار آهي. استريءَ جي سندر سرير کي اڄ ڪويتا ۾ اظهار نه ٿو ملي. ليڪن ٽيپ جي انچن ۾ ئي ان کي ظاهر ڪيو وڃي ٿو: 136 انچ x 125 انچ x 136 انچ. بيوٽي ڪئين، مس ورلڊ، او! ڪاليداس…………….
    رات گذري ويئي. گذري ئي ويئي. ڪٿي گذري رات؟
    خط هو موڪلي سگهيو.
    ان رات ئي فيلسوفيءَ جو پروفيسر، ڊاڪٽر گنو، فيلسوفيءَ جي گرنٿن جي گرفت مان مڪت بڻجي، هڪدم اوچتو، شنڪا ۽ اوشواس جي وايو منڊل ۾ بيٺو هو. دشا- هيڻ، اهم- بنا پاڻ وڃائي، اَواڪ.
    رستا انيڪ آهن. رستا انيڪ هئا.
    پوءِ به هو اڄ تائين ماضيءَ ڏانهن ويندڙ رستو پڪڙي وڌندو رهيو هو. وڌي، اتي اچي پهتو هو، جتي اتهاس جا، وقت ۽ مڪان جا ٻنڌن ٽٽل هئا. دشائون کوئجي ويون هيون. “پاڻ” غائب هو. ۽ عجب اهو هو جو ان ئي منزل تي مستقبل جو رستو شروع ٿي ٿيو. مستقبل جي رستي جي شروعات تي، ورتان جو انسان کڙو هو. گنو کڙو هو. ڪير هو گنو؟ گنو ڪير؟ هو خود ئي ڇا ڄاڻي سگهيو هو؟
    اتهاس بنا،
    وقت بنا،
    مڪان بنا،
    وشواس بنا،
    شنڪا بنا،
    ڊپ سان، چنتا سان، هنسا سان،
    ٽٽل، اڻڄاتل، وڃايل، انسان، ڪير ڄاڻي، ڪنهن کي، ڪوئي؟ ۽ ڀلا ڇو؟
    گنو ڪير؟ سشي ڪير؟ ڪير، ڪير؟
    ڪنهن ڪيو پيار ڪنهن سان؟
    ڪير ٿو ڪري پيار ڪنهن سان؟
    دياليءَ جي سنيهه جي راهه آخرين ڇيڙي تي، سشي.
    ماضي ڇڪجي، کينچجي مستقبل ۾ سمائجي ٿو وڃي. وهندڙ نديءَ جو پل پل بدلجندڙ پاڻي.
    … …. …
    “سشي”
    شام، سج لهڻ ۽ رات ٿيڻ جي وچ وارو وقت، سنجها، سشيءَ هڪدم اٿي بتي ٻارڻ لاءِ هٿ وڌايو.
    “رهڻ ڏي، سشي” گني جي آواز ۾ شام جي اداسي هئي.
    سشي ويهي رهي.
    “ائين سٺو ٿو لڳي.”
    سشيءَ هن ڏانهن نهاريو.
    “ٻاهر هن ڪمري ۾ ۽ اندر من ۾ جيڪا سمانتا آهي نه، سٺي ٿي لڳي.”
    سشيءَ اٿي بتي ٻاري ڇڏي.
    ڄڻ ‘ڪجهه نه’ مان هر چيز روپ – آڪار پائي جاڳي اٿي.
    ڪتاب، شيلف، ڪرسي، ٽيبل، پلنگ، بسترو، (بسترو؟ من ۽ ٻاهر ننڊ؟ يا صرف جاڳندي سمهڻ)
    گني جو ڌيان سشيءَ ڏانهن کڄي آيو. هن کي لڳو؛ اڄ سشيءَ، چوپاٽيءَ واري سشيءَ وٽان ساندهه ٽي ڏينهن ۽ راتيون ڊوڙندي، ڀڄندي، هڪدم دور هلي وئي هئي. مک هن جو شانت هو؛ ڪنن جي والن ۾ نرتيه هو؛ مستڪ تي لڳل تلڪ ۾ چندرما هو، اکين ۾ سنڌيا – ديپ هئا؛ بلائوز ۾ تاڻ هو؛ ساڙهيءَ ۾ راڳڻي هئي. ماڊرن آرڪيٽيڪچر وانگر، ائسٿيٽڪ ۽ فنڪشلزم (Aesthetic and Functionalism) جو ملاپ.
    سشي واپس اچي ڪرسيءَ تي ويٺي. ويهندي، هن جي سرير جي حرڪت، ٽيبل جي ڪناري وٽ رکيل هڪ ڪتاب پاڻهي، هيٺ ڪري پيو. سٽڪ، ڪتاب سشيءَ کي ڇهي، ڪرسيءَ سان ٽڪرجي زمين تي ڪري پيو. سشيءَ هيٺ جهلي ڪتاب کنيو. مرڪي، گني ڏانهن نهاري چيائين، “ڪلچر ۽ ماڊرن مئن.” ڪتاب جو ٽائيٽل. وقت جو ٽائيٽل.
    “تو، سشي، پيار گهريو هو؟”
    “تو غلطي ڪئي هيم!”
    “غلطي ڇو؟”
    “ڪير ٿو ڪنهن کي پيار ڪري ڀلا؟”
    “سشي.”
    “هرڪو پنهنجو پاڻ کي، پنهنجي اهم کي پيار ڪندو آهي.”
    “پر اهم رهيو ڪٿي آهي، سشي! رهيو ڪنهن جو آهي، ٻڌاءِ؟”
    “اهم رهي نه رهي، اهم قائم رکڻ جي ڪوشش ته آهي نه،”
    “نسڦل.”
    “نسڦل، تڏهن ته چوان ٿي؛ غلطي ڪيم.”
    گني جو نظرون ٽيبل مٿان لڳل، ٻرندڙ بتيءَ ۾ اٽڪي، اجهامي، درشٽي هيڻ بڻجي ڄمي ويون. ڪجهه پلن بعد هو اٿيو. انهن ئي خالي نگاهن مان هن سشيءَ ڏانهن نهاريو. سشيءَ ڏانهن نهاريندي ئي هن جي درشٽي موٽي آئي، هن جا ٻئي هٿ سشيءَ جي ڪرسيءَ جي ٻنهي ٻانهن تي جهڪي آيا. هن جو بدن جهڪي آيو. هن جو آواز جهڪي آيو. ڀڻ جي ڀڻ جي سطح تي لهي آيو: “ٿئنڪ يو، سشي، ٿئنڪ يو.”
    سشيءَ جو اپلڪ نگاهون.
    نه.
    اچرج انهن ۾ ڪونه هو. نه،
    ڊپ انهن ۾ ڪو نه هو. نه،
    ڄاڻڻ جي جڳياسا انهن ۾ ڪا نه هئي.
    هو، هو، هو هڪ ڀاوُ- اڀمان جو.
    “ڇوٽڪارو؟”
    گنو ان مدرا ۾ بيٺو رهيو. هن جو ڌيان سشيءَ جي اکين ۾ نه، ليڪن اکين جي ٻه- ڪنڊي کي، ٽڪنڊو بڻائيندڙ مستڪ تي لڳل، ديپ جيان جلندڙ، اکين جيان جاڳندڙ تلڪ ۾ هو.
    “ڇوٽڪارو جيون جو وردان آهي، سشي! مڪتي چئُه، نرواڻ چئُه سشي! فريڊم چئُه.”
    “وقت کان، اتهاس کان ڪٿي ڀڄندين، تون؟ مڃ کڻي، گنا، يو آر ڪنڊيمڊ ٽ يو.”
    گنو سڌو بيٺو. هن جي ڀرن ۾ تناؤ کينچجي آيو. هن جي چپن جي ڪنڊن وٽ بيوسيءَ ۾ نااميديءَ جو احساس هڪ وڪڙ وٺي بيٺو.
    “ان فيلسوفيءَ کي مان ڄاڻان ٿو. پر مان اهو به ڄاڻان ٿو، اتهاس ڄاڻي ٿو، ڪنهن به فيلسوفيءَ انسان جي مڪتي ويجهي نه آندي آهي، بلڪ انسان کي وڌيڪ بيوس بڻائي، وڌيڪ مضبوط ٻنڌنن ۾ جڪڙيو آهي.”
    “ويد؟”
    “ويد به.”
    “اپنشند؟”
    “اپنشند به.”
    “گيتا؟”
    “گيتا به.”
    “مارڪس؟ نيتشي؟ سارتر؟”
    “سڀني، سشي! سڀني.”
    “ڀڳوان؟”
    گنو اڻ لکو مرڪيو،
    “هڪ ڏينهن پوائي انسٽيٽيوٽ ۾ مون ڪامپيوٽر ڏٺو هو. انسان ئي ان کي جنم ڏنو آهي، ليڪن لڳو هوم، انسان جي انيڪ مسئلن جي حل جو آڌار، مدار ان تي ايترو ته آهي، انسان جي ٻڌيءَ جي جڳهه ان ايتري ته والاري آهي، جو چاهيندي به، انسان، پنهنجي ئي خلقيل ڪامپيوٽر مان ڇوٽڪارو نه پائي سگهندو.” گنو ذرا رڪيو. “لڳيم ٿو، خود ڀڳوان پنهنجي ئي سرشٽيءَ مان مڪتي چاهي ٿو، پر پائي نه ٿو سگهي.”
    “ته؟”
    “ته؟”
    “ڇا؟”
    “ڇا؟”
    “سوال آهي.”
    “صرف سوال آهي.”
    “جواب ڪٿي آهي. ڪهڙو آهي؟”
    “جواب ڪٿي آهي، سشي، جواب ڪهڙو آهي سشي؟” گني جو آواز ٽٽڻ لڳو هو؛ ڀاوءُ ٽٽڻ لڳو هو، لفظ ٽٽڻ لڳا هئا؛ لهجو ٽٽڻ لڳو هو؛ معنيٰ ٽٽڻ لڳي هئي؛ ۽ سشيءَ کي لڳو، هو خود ٽٽي ويو هو. ۽ سشيءَ کي ويچار آيو.
    “ڪلچر ۽ ماڊرن مئن” جو هيٺ ڪريو هو، ان کي هيٺ ئي رهڻ ڏئي ها، مٿي نه کڻي ها. پر پوءِ به ٽيبل تي، شيلف تي، آسپاس رکيل انيڪ ڪتابن جي هڪ هڪ صفحي مان، هڪ هڪ سٽ مان، هڪ هڪ لفظ مان هڪ پڙاڏو، انيڪ، اڻ ڳڻيا پڙاڏا چيخن سان، گاڏيءَ جي ڪوڪن جيان، بمن جي ڌڪاءَ جيان ڦهلجي ويا؛ جواب ڪٿي آهي؟ سشي، جواب ڪهڙو آهي، سشي؟
    ڪير هو؟ سشيءَ سوچيو،
    ڪير هو، جنهن چيو، سنسار اسار آهي؛ جيون مايا آهي، مٿيا آهي، ڪرم ڪريو، ڦل جي اڇا نه رکو؛ سچو سک پرلوڪ ۾ ئي آهي؟
    Nihilist، سشيءَ سوچيو.
    ڌرم نسڦل، ڀڳوان اسڦل، ۽ پريم – ڀڳتي؟ منوهر؟ گنو؟ هڪ پيار بستري تي جاڳيو، ڦڪو، سمهي پيو. ٻيو پيار چوپاٽيءَ تي سمنڊ ۾، چمين ۾، لڙڪن ۾ ٻڏي ويو.
    “ته؟”
    “ته؟”
    “ڇا؟”
    “ڇا؟”
    “سوال آهي.”
    “سوال آهي.”
    “جواب ڪٿي آهي، ڪهڙو آهي؟”
    “جواب ڪٿي آهي، سشي، جواب ڪهڙو آهي سشي؟”
    ۽ پڙاڏا……….. ۽ پڙاڏا….. سٽڪ. ‘ڪلچر ۽ ماڊرن مئن’ هيٺ ڪري پيو. مٿي کڄي آيو. مٿي کنيو ويو. سچ پچ ڇا کڄي آيو مٿي؟ جواب ڪهڙو آهي…………….. ڪٿي آهي……………… سشي…………….. سشي.
    ۽ ستن اٺن ڏينهن بعد گني جي گهر، گني جي منهن ۾ جو سشيءَ نهاريو، ته هن کي ڪرو کيتر ۾ ڏيکاريل ڀڳوان جو وارٽ روپ ياد اچي ويو. هن جي نراڙ تي پيل پيچيده ريکائون ڳڻت- وديا جي ڪنهن مشڪل حساب جيان لڳي رهيون هيون.
    حل! سشيءَ جي سمجهڻ لاءِ جارڊيل بئنڪ جي دوربينيءَ جي ضرورت هئي.
    هن مک منڊل تي جيٽ جهاز جو ڇڏيل غبار ڦهليل هو. هن جي چپن جي ڀيڪوڙ ڄميل، ٿڌي، ڏڪندڙ جيليءَ جي ڦڙ ڦڙاهٽ هئي. فيوز بلب، ڪار جي خالي، جليَل پيٽرول ٽانڪي. سگريٽ جو ٻرندڙ فلٽر، ڇا ٿيو آهي، توکي؟ هئڙو حال ڇو بڻائي رکيو اٿيئي پنهنجو؟ طبيعت ته ٺيڪ آهي نه تنهنجي؟ نه، سوال هڪ به هن نه پڇيو. وهنواري سوال ته صرف مريادا رکڻ لاءِ آهن. من ۾ هنجي ڪجهه ٻيو ئي هو. گهرو. پريشان، چنتن، ڀريو. ان جو اظهار ڪيئن ٿئي؟ هڪ اکنڊ شانتي. اوم شانتي، اوم شانتي، اوم شانتي.
    موت، جيون جو ارٿ – اظهار.
    ڪار تيز رفتار، اڃا به تيز، بريڪ ڪٿي آهي؟ ڪهڙي ضرورت آهي بريڪ جي؟ سمئش (Smash). موت!!
    آلبيئرڪامو- سمئش، اجنبي، سمئش، ارٿ هيڻ جيون موت- جيون جو ارٿ، شانتي، اوم شانتي، هر ڀاشا جو آخرين شبد، انادي شبد، من- ٻڌي، ڀاؤ – ويچار جي آخرين سيما، اوم شانتي.
    سشيءَ تڏهن اکين سان ڳالهايو،
    هٿن جي ڇهاءَ سان ڳالهايو.
    هٿن جي جڪڙ- گني ۽ سشيءَ جي ڪجهه پل مضبوط بڻجي،
    آهستي آهستي، پگهر ۾ ڳڙندي، ڍلي ٿي، ٽٽي پئي.
    “سشي”
    “هون”
    “هو ڏس، سامهون، هوڏانهن.” بالڪنيءَ جي سامهون ڀت تي پوسٽر لڳل هئا
    ‘دان ڏيو، رت جو’ ‘دان ڏيو، سون جو’، ‘پيدائش وڌايو.’
    هند پاڪ جي جنگ ڇڙي چڪي هئي.
    “سشي.”
    “هون”
    “ٻڌو هوم، دان آتما جي سڌيءَ لاءِ ٿيندي آهي، من جي شانتي لاءِ ٿيندو آهي.”
    “هون”
    “اڄ پر، دان جو مطلب ڦري ويو آهي. دان ڏيو ته انسانن کي دشمن سڏي ماريون. دان ڏيو ته گهرن کي ناس ڪريون، ڪارخانا ختم ڪريون، دان ڏيو.”
    شانتي.
    “سشي”
    “هون”
    “لفظن جي آتما مري چڪي آهي. سرير وقت جي دٻاءَ هيٺ ٽٽي پيو آهي.”
    شانتي.
    “سشي.”
    “هون.”
    “پيار تو چاهيو هو. پيار لفظ ۾ آتما هئي، ڀڳتي هئي، وشواس هو، ٻليدان هو. اڄ پيار ۾ خون سان داغدار بسترا آهن، ٽٽل گلا آهي، مرڻينگ دم جي بيماريءَ جون چميون آهن.”
    شانتي.
    “سشي”
    “هون”
    “هڪ ديش هو، سنڌو. منهنجي جنني جنم ڀومي. مون کان خون جو، سون جو دان گهريو ٿو وڃي، سنڌوءَ جي جل کي خون ۾ بدلڻ لاءِ.
    شانتي.
    “سشي”
    “هون”
    “ديش- ڀڳتي ڇا آهي؟ قومون ڇا آهن؟ ڌرتي ماتا جي هر حصي جو خون – کنڊن؟”
    بم، هواباز بامبرس، بمبازي، خون، موت، موت، موت، شانتي، اوم شانتي.
    گني جي ئي گهر.
    سشي ڪافي ٺاهي کڻي آئي، پيالو هٿ ۾ کڻي، مٿي ڪري، کلي چيائين،
    “ٽ يوئر هيلٿ ائنڊ هئپينيس.”
    گني جي اکين ۾ پل ڀر لاءِ جلندڙ سگريٽ جو شعاع ٿيو ۽ پوءِ ان تي رک مڙئي آئي.
    “ائنڊ ٽُ يوئر سول.”
    “مري ويل آتما؟”
    “نه، وڃايل آتما.”
    “ڪنهن جي؟”
    “يگ جي”
    “او. ڪي.”
    “او. ڪي.”
    “ڪافي پيءُ.”
    “ها تون به پيءُ.”
    “ڪافي اڄ جو امرت”
    “ڪوڙو، تکو.”
    “زهر؟”
    “زهر.”
    “پيئون؟”
    “پيئندا ئي رهون ٿا.”
    “زهر آهي، زهر جو علاج.”
    “زهر آهي، امرت جي تلاش.”
    “هلا هل. نيلڪنٺ.”
    “امرت. تلوتما.”
    “ساگر – منٿن.”
    “من جو ساگر، وقت جو ساگر، منٿن، چنتن.”
    “امرت ملندو؟”
    “نٿو ڄاڻان.”
    “آتما ملندي.”
    “نه ٿو ڄاڻان.”
    “پيار ملندو؟”
    “نه ٿو ڄاڻان.”
    “ته ڇا؟”
    سوال، سوال، سوال.
    جواب ڪٿي آهي، سشي، جواب ڪهڙو آهي، سشي؟ اهو به هڪ سوال.
    سوال کٽن ٿا. لفظ ٽٽن ٿا ۽ پوءِ پڙاڏا، پڙاڏا، ۽ پوءِ ڪجهه به نه.
    شونيه، موت، شانتي، اوم شانتي، اوم شانتي. اوم…………


    10. پاڻيءَ مٿي جهوپڙا! :موهن ڪلپنا

    ‘ڪونج’ اپريل 1968ع
    ............................

    “موت، جيون جو ارٿ – اظهار!”……. پروفيسر چوي ٿو:
    “مرتيو ئي سچ آهي. باقي سڀ مٿيا آهي.”
    “وڻ ڇڻي، طوفان جي جهٽڪي سان ڪري پوي ٿو، اهو ڪِرڻ سچ آهي. سمئش! البرڪامئو!”
    “مگر زمين جي اندر جو ٻج پيو هو. ان جو وڪاس ٿيو ڪوڙ.”
    “اهو ٻج وڌي ٻوٽو، ٻوٽو وڌي وڻ ٿيو، اهو وڌڻ ٿيو ڪوڙ.”
    “ان وڻ ميوو ۽ ڇانوَ ڏني. ان جي ٽارين هوا ۾ لڏي جو ترنم ۽ سنگيت پيدا ڪيو، اهو ٿيو ڪوڙ.”
    “ان وڻ ۾ ڪي پکي آرامي ٿيا. ان جي ٿڌي ڇانوَ ۾ ڪن آسائش ورتي، اهو آرام ۽ اها آسائش ٿي ڪوڙ!”
    “باقي ڪِرڻ ٿيو سچ! ته ڪوڙو آهي اهو سچ.”
    “غلط آهي هي پروفيسر! جو آرام ڪرسيءَ تي ليٽي، اوم جي گوري وٺي، شانتيءَ جي تاڻي ليٽيو پيو آهي.”
    “هو هڪ عورت جو وڇوڙو سهي نه سگهيو ۽ ڊهي پيو. پيار هن ۾ جيون جو وشواس پئدا ڪري نه سگهيو. هيءُ هڪ نئون ديوداس آهي. جنهن شراب ۾ نه، مگر مايوسيءَ ۽ نااميديءَ جي فلسفيءَ ۾ پاڻ کي ٻڌي رکيو آهي. وري دعويٰ ڪري چوي ٿو ته: “اتهاس ڄاڻي ٿو، ڪنهن به فيلسوفيءَ انسان جي مڪتي نه آندي آهي، بلڪ انسان کي وڌيڪ بيوس بڻائي. وڌيڪ مضبوط ٻنڌنن ۾ جڪڙيو آهي…”
    “پروفيسر پنهنجي هڪ خسيس راءِ کي اتهاس جو امر سچ پيو سمجهي. هن صاحب ويد، اُپنشد، گيتا، مارڪس، نيتشي، سارتر سڀ پڙهيا آهن، مگر جيڪڏهين هن اهي سڀ پڙهيا آهن ته هو ان غلط نتيجي تي ڪيئن پهتو آهي؟ هر سٺي ۽ عقلمند ماڻهوءَ، مجبورين اچڻ تي فاقا ڪڍي به، شخصي مفاد پاسيرا رکي نور نچوئي حياتيءَ کي سمجهڻ ۽ سمجهي ان کي سهڻو بنائڻ لاءِ دنيا جي اڳيان پنهنجا آدرش رکيا آهن، ۽ جيڪي آدرش وقت جي اگني پريکيا مان پار پيا آهن، جن تي هلندي انسان لامحدود ترقي ڪئي آهي.”
    “هيءُ پروفيسر گنو هٽلر جي هئبتي فلسفي کان هراسجي وڃي ٿو مگر ان جي ٽَڪر ۾ روي بابوءَ جي گيتانجليءَ مان ڪوتا جو هڪ ڇند پڙهڻ مناسب نه ٿو سمجهي. گوتم، گانڌي، مارڪس، لينن ۽ پنڊت جواهر لعل نهرو، انسان کي وڌيڪ ٻنڌنن ۾ جڪڙيو آهي! ڇه!…. هيءَ هڪ جديد چريائي آهي، جنهن جو مقصد جذباتي ڌڌڪو رسائڻ… “
    “ڪنهن چاهي هئي هند ۽ پاڪ جي لڙائي؟”
    “ڪنهن چيو پروفيسر صاحب کي ته پنهنجي جنني جنم ڀومي تي بمبازي ڪريو؟ ڇو تون صرف جنگي ذهنيت ڏسين ٿو ۽ امن اتحاد ۽ ترقي جي تحرڪ کان منڪر ٿين ٿو؟”
    امن، اتحاد ۽ ترقي!
    نه اوم!
    امن، اتحاد ۽ ترقي!
    انسان مري ڪو نه ويو آهي جو ان کي اوم جي ضرورت پوي!
    ان کي هزارين سال ٿيا جڏهن وقت جي ڍڳي گاڏيءَ تي چڙهي شانتيءَ اوم سان اتهاس جي ياترا ڪئي هئي. هڪ ڏينهن، شايد ڪروکيتر جي ميدان تي شانتيءَ اوم کي چيو ته هاڻ اسان کي هيءُ سڄو يُگ، هيءَ سڄي سڀيتا بچائڻي آهي، ته صرف هڪ ڪٽنب جي راجائي دعوائن سبب ان جو وناش نه ڪرڻو آهي. تڏهن اوم غصي ٿي جنگ جو ناد وڄايو ۽ هن شانتيءَ کي نهايت بي رحميءَ سان ڪروکيتر جي ميدان تي ڪچلي ڇڏيو. شانتيءَ جي سرير مان ايترو ته رت وهيو هو، جو اڄ به ڪروکيتر جي ان زمين اندران ان رت جو هڪ درياه پيو وهي. جيتري زمين کوٽ، اوتري اندران رت مان لال ٿيل مٽي نڪرندي.
    هن يگ کي پنهنجي تجربي ۽ انڀو سان ان شانتيءَ کي اننت ڪال تائين ڪرڻو امر آهي. ڪروکيتر بعد ان اوم يگ يگ ۾ روپ بدلايا آهن ۽ جدا جدا مذهبن جا نقاب پائي ماڻهن کي شانتيءَ خلاف برغلايو آهي. ڪيوبا ۾ وري جنگ جو جهنڊو بلند ڪيو، مگر تاريخ جي هڪ نهايت عقلمند ماڻهو ڪرو شچوف، اوم جي رمز سمجهي دنيا جي تهذيب و تمدن کي جنگ کان بچائي ورتو!
    لانگ لِوِ ڪروشچوف! ٿري چيئرس ٽ يو! ڊئم هٽلر! ڊئم بلڊي جانسن! لانگ لِوِ هوچي منه! لانگ لِوِ ويٽ ڪانگ! لانگ لِوِ مارٽن لوٿر ڪنگ! لانگ لِوِ پال رابسن! لانگ لِوِ چارلي چپلن، برٽينڊرسل ۽ اوٿانٽ.
    هند ۽ پاڪ جي لڙائيءَ ۾ پنج هزار ماڻهو پاڪستان جا مئا ۽ پنج هزار هندستان جا مئا ته ائين نه چئبو ته دشمن جا پنج هزار ماڻهو مئا… چئبو: اسان جا ڏهه هزار ماڻهو مري ويا! لانگ لِوِ اچاريه ونود ڀائي، وئي وانٽ پيس، ورلڊ پيس! ڪشمير جي سوال تي لڙو نه بلڪ هندستان ۽ پاڪستان ٻئي ملي هڪ ٿي وڃو. لانگ لِوِ هندوز – لانگ لِوِ مسلمس! لانگ لِوِ يونائيٽيڊ انڊيا ۽ پاڪستان.
    ششي اٿي کڙي ٿي.
    گني ڪنڌ ورائي به نه ڏٺو. سشي آهستي آهستي دروازو کولي ڪمري کان ٻاهر نڪري وئي. مگر سشيءَ جي ان طرح وڃڻ تي هن ائين محسوس ڪيو، هوءَ ڄڻ هن جي سڄي وجود کي ڌوڏي وئي. گنو ڪرسيءَ تان اٿيو ۽ دريءَ وٽ اچي بيٺو. هيٺان هڪ فقير هٿ ۾ ڪشڪول ۽ ٻئي ۾ لڪڙي کڻي، منڊڪائيندو ڳائيندو ٿي ويو:
    “ماٽي ڪهي ڪمڀارسي
    تون روندين مئن روءِ
    اڪدن ايسا آئيگا
    مئن روندون تون روءِ….
    گني سوچيو: هي فقير به اها ڳالهه چوي ٿو جا مون سشيءَ کي سمجهائڻ چاهي آهي.
    موت آهي جيون جو ارٿ ۽ اظهار……
    پهرين انسان مٽيءَ کي ڳوهي پنهنجي سک لاءِ تهذيب جو نرماڻ ڪري ٿو ۽ پوءِ مٽي ان انسان کي ڳوهي ان تهذيب کي ڊاهي ٿي ڇڏي. مگر هن فقير جو آواز ۾ ڇا ميٺاج آهي…..
    ۽ هو دروازو بند ڪري هيٺ لهي آيو ۽ ان فقير پٺيان هلڻ لڳو. فقير منڊڪائيندو هليو ۽ ڳائيندو هليو. ان طرح جيئن جديد ليکڪ زندگيءَ کي ڪا معنيٰ نه ڏيندا آهن ۽ پوءِ به لکندا رهندا آهن. هنن جو عقل ان طرح منڊڪ منڊي ڪندو آهي. عقل جي منڊڪ ۽ لکڻ ٻئي جاري هوندا آهن.
    فقير سڙڪ جي موڙ تي هڪ فوٽ پاٿ تي اچي ويٺو، جتي ٻيا به گهڻا فقير ويٺا هئا. جيئن جيئڻ کي ڪا معنيٰ ڪانهي. تيئن فوٽ پاٿ تي ويهڻ ۽ ڪجهه به ڪرڻ کي ڪا معنيٰ ڪانهي ۽ پروفيسر گنو انهن فقيرن جي پاسي کان فوٽ پاٿ جي ٻني تي ويهي رهيو.
    هڪ فقير چيو، “بابو جي، منهنجو پيٽ خالي آهي، ڪجهه ڏي.”
    هن ڪنڌ ورائي ان فقير ڏانهن نهاريو.
    “هن دنيا ۾ ڪير رهڻو آهي، دنيا مسافر خانو آهي، چئن ڏينهن جي زندگي ڀوڳي پوءِ لڏڻو آهي. ان ڪري ديا ڪريو ۽ موڪش حاصل ڪريو.”
    جين پال سارتر!
    “هيءَ زندگي ڀوڳڻ لاءِ ملي آهي.” يو آر- ڪنڊينمڊ ٽُ لِوِ! مگر جتي سارتر سوچڻ بند ٿو ڪري، اتان هي فقير سوچڻ شروع ٿو ڪري. ديا ڪريو…
    دي ويسٽ لنڊ… ٽي ايس اليٽ! ديا ڪريو ۽ موڪش حاصل ڪريو، يعني هن دنيا جي جي گهڻائيءَ جي لوٽ کسوٽ بند ڪريو، جو مظلوم به انسان آهن، جيئڻ جا طالب ان ۾ موڪش آهي. ان موڪش لاءِ مارڪس ۽ گانڌي ٻه الڳ واٽون ٻڌايون آهن.
    هڪ چوي ٿو: دنيا جا پورهيتو هڪ ٿي وڃو ۽ دنيا تي راڄ ڪريو. ٻيو اها ڳالهه بورجئا ڪلاس کي سمجهائي هنن ۾ انسانيت جاڳائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ٻئي هڪ ٻئي تي ديا ڪن ۽ هڪ ٿي وڃن. هڪڙا ظلم نه ڪن ۽ ٻيا هٿيار نه کڻن. هڪ هجي سماجوادي سرشتو، جتي نه ظلم هجي ۽ نه لوٽ کسوٽ، سماجڪ برابري ۽ سماجڪ سلامتي هجي.
    گنو ان فقير ڏانهن نهاريندو رهيو.
    گني جي اهڙي رخ کي همدرديءَ وارو سمجهي ٻيو فقير اچي هن جي پاسي کان ويٺو. زندگيءَ جو اهو روپ سمجهڻ لاءِ گني پڇيو، “چڱو دوست، اهو ته ٻڌاءِ، تنهنجي لاءِ زندگيءَ کي ڪهڙي معنيٰ آهي؟”
    اهڙو سوال شايد فقير کان ڪنهن نه پڇيو هو. فقير عجب مان پڇيو، “اوهان ڇا چيو صاحب؟”
    گني سوال دهرايو
    فقير اکين ۾ پاڻي آڻي چيو، “بابو جي، حالتون سٺيون هجن ها ته مان به شايد اوهان جيان سٺي زندگي ڪاٽي سگهان ها. هينئر در در ڀٽڪان ٿو ۽ زماني جي ڦٽ لعنت کان ٿو… مٿان پوليس جون لٺيون، هميشه ڊپ ۾ گذاريون ٿا. فٽ پاٿ جي زندگي، ذلت، مصيبت، ڊپ، رات جو سمهون ته سپنن ۾ بنگلا ۽ ماڙيون نه ڏسون مگر ڏسون ڄارا ۽ ڪوريئڙا، ڪوئا. اهي جي اسان جي حياتيءَ ۾ آهن.”
    هڪ فقير ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳو.
    هن چيو، “بابو جي، اسان جي ڳالهين ۾ نه اچو، اسان جي جهڙي زندگي آهي، تهڙا اسان جا خيال آهن ۽ اسان جي زندگي ان ڪري اهڙي آهي، جو اسين اهڙين حالتن مان لنگهون ٿا… مگر بابو جي، انهن حالتن کان سواءِ دنيا ۾ ٻيون به حالتون آهن، جن ۾ اسين نٿا رهون، مگر انسان رهي ٿو.”
    گنو اٿي کڙو ٿيو، اهڙي ڪٺور سچ جي سامهون هو بيهي نه سگهيو ۽ هو پينٽ جي کيسن ۾ هٿ وجهي هلڻ لڳو.
    ڪافڪا ۽ هن فقير ۾ ڪهڙو تفاوت آهي؟
    ڪافڪا ڪن حالتن مان گذريو ۽ هن کي نظر آيا چٻرا ۽ ڪاڪروچ!…….. ڪافڪا ڏٺو الو ۽ ڪوريئڙا. مگر هيءُ فقير ڪافڪا کان به وڌيڪ گهرو آهي. ڪافڪا ۽ ڪاموءَ جي ڏٺل ۽ سوچيل حالتن کان سواءِ به ڪي حالتون آحن، جن ۾ هو نه ٿا رهن مگر انسان رهي ٿو!
    هي زندگيءَ جو ڪهڙو روپ آهي؟
    جتي يورپ جا جديد مفڪر ۽ فنڪار سوچڻ بند ٿا ڪن، اتان هندستان جا فقير اڳتي وڌي ان فڪر ۽ فلسفي ۾ ترميم پيش ڪن ٿا ۽ زندگيءَ جي سهڻي روپ ڏانهن اشارو ڪن ٿا.
    اوه، ڊئم ڪامو! ڊئم ڪافڪا! ڊئم ائبسرڊٽي!
    حالتن هندستان جي هنن ماڻهن کي فقير بڻايو آهي. يورپ جي جنگي حالتن ۽ سامراجوادي لوٽ کسوٽ ۾ يورپ جي جديد ترين مفڪرن ۽ فنڪارن کي دماغي طور فقير بڻايو آهي! مگر انهن حالتن کان الڳ به حالتون آهن، جتي انسان سکي آهي، جتي انسان آسودو آهي. جتي انسان شانتيءَ جو طرفدار ۽ رکوالو آهي. جئه سوويٽ يونين، جئه سماجواد، جئه شانتي!
    پوئين صبح جو گنو ننڊ مان ڇرڪي اٿيو. رات جو هن هڪ اچرج ڀريو خواب ڏٺو. هڪ فوٽ پاٿ تي ڪيترا فقير بيٺا هئا ۽ پنهنجون فيلسوفيون ٻڌائي رهيا هئا. چهرا ڪجهه ڏٺل ۽ ڄاتل هئا. هو وڏي واڪي چلائي رهيا هئا…. سڀ کان الڳ هو ڪافڪا…. پوءِ ڪامو……… پوءِ مارشل پروست…. ڪجهه ڪجهه ڄاتل سڃاتل سارتر، جنهن کي ڪجهه بهتر ڪپڙا پيل هئا.
    آڪاش مان ڊيل اسٽار سئٽلائيٽ لنگهي رهي هئي ۽ هڪ هال ۾ جارج برنارڊ شا جي تصويرن جو نيلام ٿي رهيو هو. نيلام لنڊن ۾ ٿي رهيو هو، جنهن جو منظر ڊيل اسٽار آمريڪا جي شهرن ۾ ٿي پهچايو ۽ جتان آرٽ جا شائق واڪ ڏئي رهيا ها ۽ جي واڪ لنڊن جي ان هال ۾ اهي تصويرون نيلام ڪندڙ ٻڌي رهيا هئا.
    هاءِ……..
    انسان جي هيڏي ترقي ۽ پوءِ به هيڏو وڏو ماتم! جنگ کان ڏڪو ٿا! مگر هٽلر جو انت وساري ٿا ڇڏيو.
    انسان زنده آهي. انسان مري نه ٿو سگهي. تاريخ ۾ موت کي ڪا اهميت نه آهي. موت ۾ فرد مرندو آهي مگر يگ جيئندو آهي. مگر اهو فرد به مڪمل طور تي نه مرندو آهي ۽ اهو پنهنجي پيڙهين ۾ زنده رهندو آهي. ان ڪري موت جيون جو ارٿ ڪونهي. جيون جو ارٿ آهي سماجواد ۽ شانتي. شخصي سطح تي من جي پويترتا، اخلاق، تهذيب، قومي سطح تي سماجواد ۽ انترراشٽريه سطح تي سهڪار ۽ شانتي.
    گني سوچيو: ڪاش سشي هجي ته مان هن کي پنهنجو نئون تصور ٻڌايان. مان هڪ غلط فلسفي جو شڪار ٿي هڪ جيئري جاڳندي شخص جي وجود کان منڪر ٿيان ٿو. ٺيڪ آهي 36x24x36 بيوٽي ڪُئين جو تصور آهي… مگر مان ان تصور کي قبول ڇو ڪريان؟ ڪاليداس جي ڏينهن ۾ به ساڙهيون والن جي حساب سان وڪامنديون هيون. مگر ڪاليداس والن جي ساڙهيءَ جي مهما نه ڳائي آهي. هماليه جي ان پهاڙ تي الڪاپوري ائين ٿي لڳي. ڄڻ ڪنهن پريتم پنهنجي پريتما کي پنهنجي گود ۾ وهاريو هو ۽ پاسي کان وهندڙ ندي ائين ٿي لڳي ڄڻ ان عورت پنهنجي پريتم جي گود ۾ وهڻ کان اڳ پنهنجي ساڙهي لاهي پاسي ۾ رکي هئي.
    او، ميگهه رات!
    سشيءَ کي چيو هوم: انسان جي ٻُڌيءَ جي جڳهه تي ڪامپيوٽر ايڏي ته وڏي جڳهه والاري آهي جو چاهيندي به انسان پنهنجي ئي خلقيل ڪامپيوٽر مان ڇوٽڪارو پائي نه سگهندو!
    نانسينس!
    اها انسان جي ٻُڌي کي شاباس آهي جو اهڙي تخليق ڪري سگهيو آهي.
    ڇوٽڪارو ڪنهن کي کپي؟
    ڇا هوائي جهاز ڇڏي وري ڍڳي گاڏيءَ ۾ سفر ڪريون؟ وري قاصد کي خط ڏئي چئون ته گهوڙي تي چڙهي پيغام پهچاءِ ۽ هڪ لفافو نه لکون؟ ڀل گهوڙو طوفان مان لنگهي، واهه، نديون اورانگهي ۽ ڪٿي ڪنهن چيتي يا بگهڙ جو شڪار ٿي مري وڃي مگر ڪنهن کي تار نه ڪجي؟
    ويچارو غالب! چي:
    خاک میں مل جائینگے تم کو خبر ہونے تک
    هينئر لنڊن، دهلي، ماسڪو دنيا ڳنڍي پيئي آهي. ڪولڊ لائين، هاٽ لائين سڀ آهن. بس رڳو انساني سمجهه کي تاريخ جي ڪهنن روڳن، مذهب، محدود قوميت ۽ طبقاتي ڀيدن کان مٿي اچڻو آهي ۽ تاريخي انسان ان کي مٿي آڻڻ جي قابل آهي. اسين اها ڳالهه سمجهون ٿا مگر عمل نه ٿا ڪريون.
    پاڻيءَ مٿي جهوپڙا مورک اڃ مرن!
    سشي تون ڪٿي آهي؟
    اچ ته مان توکي زندگيءَ سان پيار ڪرڻ سيکاريان.
    منهنجي پياري اچ ته اسين زندگيءَ جي بهتريءَ لاءِ دنيا جي جمهوري ۽ سماجوادي ڌارائن جا طرفدار ٿيون.
    اچ ته پنهنجي حياتي دنيا کي بهتر بنائڻ ۾ خرچ ڪريون.
    اچ ته پنهنجو جيون سڪيارٿو ڪريون.
    *


    11. پاڻيءَ مٿي جهوپڙا! : موهن ڪلپنا

    ‘ڪونج’مئي 1968ع
    آخري قسط
    .......................

    رات جو نرملا منوهر جي ڇاتيءَ ۾ منهن لڪائي روئڻ لڳي.
    منوهر ڇرڪ ڀري پڇيو، “ڇو، ڇاٿيو؟”
    “ڇا مان ان لائق به نه رهي آهيان جو مان توسان گڏ ماني کائي سگهان؟”
    “نه، ائين مون ڪٿي چيو.”
    “ته پوءِ اڄ….”
    “تو ان ڏينهن پگهار جو ذڪر ڇو ڇيڙيو؟”
    “ڀلا تو پگهار وڌيڪ ڇو ٻڌايو؟”
    “ٻڌ نمو! هن سماج ۾ پئسي کي وڌيڪ اهميت ڏني وڃي ٿي، ان ڪري. هتي ڪنهن بيوقوف کي لک رپيا هجن ته اهو وڏو ماڻهو آهي. اسان جي سماج ۾ اسان جي آرٽ ۽ لٽريچر ۽ ڪچلر جي وڏن پروگرامن جي صدارت خبر اٿيئي ڪير ڪندا آهن؟ بسڪيٽن ۽ کٽمٺڙن وارا. جن لاءِ آرٽ جو بهترين واهڻ صرف ائڊورٽائيزمينٽ آهي. گهڻن بسڪيٽن، گهڻن کٽمٺڙن جو وڪرو، اها آهي آرٽ جي خدمت…
    تو ڪڏهن ٻڌو آهي ته سنڌيت ڏينهن جي ڪنهن جلسي جي صدارت ايشور آنچل، گني سامتاڻي يا ڪرشن راهيءَ ڪئي هجي؟ ڇو جو هو فنڪار آهن، لکندا آهن ۽ پبلسٽيءَ لاءِ دان نه ڏيندا آهن. سڳن آهوجا مري ويو. هيڏو ذهين ۽ حساس فنڪار، ڪڏهن ڪنهن هن کي جلسي ۾ اها ڪرسي ڏني جا بسڪيٽن ۽ کٽمٺڙن وڪڻندڙن کي ملندي آهي؟
    مون سوچيو: هن سماج ۾ پئسو آهي، جنهن تي انسان تڳي ٿو.
    مون سوچيو: نمو به ان سماج جو فرد آهي ان ڪري ڪوڙ ڳالهائي به نموءَ کي حاصل ڪرڻو آهي.”
    پڇاڙيءَ جي ڳالهه ٻڌي نموءَ جي ڇاتي چؤڙي ٿي ويئي ۽ منوهر ان جي نزاڪت ۽ گرمائش محسوس ڪئي.
    هن چپ ڀڪوڙي چيو، “ڀلا ان رات تو نيم خوابي ڪيفيت ۾ سشيءَ جو نالو ڇو ورتو؟”
    “نمو، ان وقت ئي مون توکي چيو ته اچيتن من ۾ سشي رهي هجي، شايد، مان نٿو ڄاڻان… پر جيستائين چيتن اوستا جو سوال آهي، جيستائين چيتنا مون ۾ آهي، اتي فقط تون آهين تون.”
    “مگر مان تنهنجي صرف چيتنا ۾ رهڻ نه ٿي چاهيان، اچيتن من ۾ به رهڻ چاهيان ٿي. ڇا مون کي ايڏو درجو ملي سگهي ٿو، منو؟”
    “چيتنا جي اها عادت آهي ته اها ڪنهن اسڪاءِ اسڪرئپر ۾ رهندڙ ماڻهوءَ جيان پنهنجو سڄو ڪاروبار ڪنهن هيٺين سطح واري جڳهه تي هلائيندي آهي. وقت چيتنا جي جهول ۾ جو ڪجهه به وجهوندو آهي، اهو سڀ چيتنا پنهنجن هيٺين تهخاني ۾ موڪليندي ويندي آهي. تنهنجي جهجهي پيار ۽ جهجهي موهه به ان تهخاني ۾ جڳهه والارڻ شروع ڪئي آهي. پوءِ هڪ ڏينهن ايندو جڏهن نموءَ جي ساگر ۾ سشيءَ جي هڪ گهاگهر به ملي هڪ ٿي ويندي.”
    تڏهن نمو اطمينان سان مشڪي چيو:
    “تو منهنجي من تان هڪ وڏو بار لاهي ڇڏيو آهي منوهر. آءِ ايم ويري هئپي ٽه ڊي.”
    منوهر هن کي زور سان ڀاڪر پائي چيو، “ناٽ ٽه ڊي بٽ ٽه نائيٽ!”
    ……. ………… ……………
    وري شام ٿي. وري دل ڌڙڪي، وري سشي تيار ٿي گني جي گهر ڏانهن هلي.
    هڪ سهڻو، اڇوتو سرير، هڪ سهڻي، اڇوتي ساڙهيءَ ۾ بند. ساڙهيءَ ۾ سرير نٿي هليو، ڄڻ پيانو مان سنگيت ٿي هليو.
    سرير جو مسليو نه ويو آهي. بند ٿيل هڪ بوتل، جنهنجو شراب پيتو نه ويو آهي.
    منهنجي اکين ۾ زهر اهو زهر جو اکيون ملائڻ سان شراب بڻجي سگهي ٿو.
    مگر منهنجو ديوداس شراب جو طالب ناهي. هو ڪتابن جي بوجي هيٺان دٻيو پيو آهي. ڪلچرڊ ۽ ماڊرن مئن!
    مگر اها ماڊرنزم آهي ڇا؟
    سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ترقيءَ جو وقت مٿان امپئڪٽ! جنهن جو شڪار آهي شهري ماڻهو.
    مصنوعي زندگي، جتي انسان ته، مشين ٿي هلي ۽ انسان ان مشين جو هڪ پرزو ٿي ويو آهي. هن لاءِ ان مشيني يگ ۾ ڪا سماج ناهي، ڪو ڪٽنب ناهي، ڪا دوستي ناهي، هو هميشه ڊڪي ٿو. بيهڻ جي هن کي فرصت ناهي. ان ڪري اها ڪا زندگي ناهي.
    مٿان جنگ جو ڊپ، يورپ ۾ جنگ جو ڊپ، ايشيا ۾ جنگ جو ڊپ، هو ڊهي پيو آهي ۽ ان ڪري هو چلائي ٿو: “آءِ ايم بروڪ! زندگيءَ کي قبول ڪجي، سهج سڀاويڪتا سان ۽ پنهنجي سک ۽ آسودگي واسطي، ان سرشتي جي شرن وڃجي، جتي انسان جو روح زندهه آهي، مئل ناهي. انسان مشين ٺاهي آهي ۽ اها مشين سرمائيدار پاڻ وٽ رکي آهي. هو پنهنجي شخصي مفاد لاءِ اسان کي ان مشين جو پرزو بڻائي ويٺو آهي. اسان جي لڙائي مشين سان نه پر ان سرمائيداري سرشتي سان آهي. سماجواد ڪٽنبواد کي وڃي ٿو. سماجڪ زندگي ۾ سک هجي ته اهو سک زندگيءَ جو آدرش ٿي سگهي ٿو.
    اسان جي ديس جي پرامپرا چئن ڳالهين تي زور ڏئي ٿي:
    1. ڌرم.
    2. ارٿ.
    3. ڪام.
    4. موڪش.
    ڌرم آهي وقت جو صحيح علم، جنهن علم موجب اسان کي پنهنجي سماجڪ زندگي ٺاهڻي آهي.
    ارٿ آهي آرٿڪ ترقي، جنهن مان انسان جو واڌارو ٿيڻو آهي.
    ڪام آهي سرير جو سک ۽ ايندڙ پيڙهيءَ جي نرماڻ جو واهڻ ۽ جنهن ۾ آهي انسان جو موڪش.
    پروفيسر گنو سڀ ڪجهه ڊسمس ڪيو ڇڏي، مگر هو وقت جي صحيح علم جي ڳالهه نٿو سمجهي. مرض لاءِ علاج نه ٿو ڪري. موت کي حياتيءَ جو اظهار پيو سمجهي. اڄ مان هن کي چونديس هڪ ڳالهه:
    “گنا تون غلط آهين. تون شڪست خرده فرد آهين. تو مايوسيءَ جي مار کاڌي آهي ۽ پريشانين توکي ليٽائي ڇڏيو آهي. توکي ڪهڙي ميزائيل لڳي آهي جو تون ڊٺو پيو آهين. ويٽنام ۾ معصوم ٻالڪ به ڪمرڪشي ظلم جو مقابلو ڪري رهيا آهن ۽ تون آهين جو هڪ ڪتاب پڙهي آرام ڪرسيءَ تي ڪري پيو آهين! سبب؟”
    “سبب اهو ته تون ٻڌيمان آهين! جي ظلم جو مقابلو ڪن ٿا، تن جي حالت ڏسي، نااميد ٿي ويو آهين. ڪيڏو وڏو تضاد… جي مقابلو ڪن ٿا، سي خود نااميد نه ٿيا آهن. سچ آهي هن جو وشواس ۽ ڪوڙ آهي تنهنجو ٻڌيواد!”
    “هو سڀان جي سک ۾ وشواس رکن ٿا، تون اڄ به اوندهه ۾ ڪري پيو آهين.”
    مگر گني کي ڏسي سشي بروقت ڪجهه به چئي نه سگهي. گنو به سشيءَ کي ڪجهه چئي نه سگهيو. ٻئي پلنگ تي هڪ ٻئي جي پاسي ۾ ويٺا هئا. ان طرح ڄڻ تاڪ تي شراب جون ٻه بوتلون پيون هيون، جن کي ڪير کولڻ وارو نه هو.
    ان ڏينهن بحث ۾ ڳالهه اتي وڃي بيٺي ته ڪير به ڪنهن سان پيار نه ٿو ڪري، پنهنجي اهم سان ٿو ڪري، مگر اهم نه رهيو آهي، ان کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش نسڦل آهي، ان ڪري پيار گهرڻ غلطي آهي.
    مگر ڪير ٿو چوي ته ڪير پاڻ ۾ مڪمل آهي؟
    ڪو پاڻ کي مڪمل ڪرڻ لاءِ پيار ٿو ڪري ۽ پيار آهي ڪنهن سان هڪ هئڻ جو احساس، جي انڀو جي بنياد تي وشواس ٿو بڻجي! اسين پنهنجي اردگرد جي سماج جا جزا آهيون ۽ غير مڪمل آهيون ۽ ان ڪري اهم تي زور، جداگانه شخصيت کي اجاگر ته ڪري ٿو مگر ان کي ٻين کان بالاتر يا پاڻ ۾ مڪمل نه ٿو ڪري، ان ڪري اهم کي بچائڻ جو سوال نه ٿو اٿي، اهم کي اهم سان ملائڻ جو سوال ٿو اٿي، ۽ اهم کي اهم سان ملائڻ جي ڪوشش پريم ۽ ان جي ڪاميابي پريم جو آدرش آهي.
    هيءُ شخص جو منهنجي پاسي کان ويٺو آهي تنهن مون سان بار بار گڏجڻ جي باوجود مون کي خط لکيو ۽ مون کي هنن سوالن سان منجهائڻ جي ڪوشش ڪئي:
    “تون مون کان پيار جي طلب ڪرين ٿي! ڇا تنهنجو پيار جسم جي ترپتي آهي؟ پر ان حالت ۾ توکي پيار جي نه پر شاديءَ جي ضرورت آهي. مان توکي پيار نه ڏيئي ڇا شادي ڪري نٿو سگهان؟ پر ان جي ته توکي ضرورت ڪونهي ۽ پيار ڇا ڪا گهرڻ جي وستو آهي؟ ڀلا پيار ۽ شاديءَ ۾ ڪهڙو سنٻنڌ آهي؟ شادي ڇا پيار جي ترپتيءَ جو هڪ ساڌن نه آهي؟ نه ته ڀلا ٻن انسانن جي پيار جو ڪهڙو مطلب؟ ته پوءِ اهو ڇا آهي جو توکي کپندو آهي ۽ اهو ڇا آهي جو مان توکي ڏيئي سگهان ٿو يا نٿو ڏيئي سگهان.”
    منهنجي ڳالهه کي گني منجهائي ڇڏيو آهي ۽ سوال نه سمجهي هئمليٽ بڻجي ويو آهي. هڪ دفعي مون هن کي چيو هو:
    “تون مون سان شادي ڀلي نه ڪر، پر مون کي پيار ڪر!”
    پروفيسر ڳالهه سمجهي نه سگهيو. پيار جا درجا آهن:
    “پهرين من جو سک، جو ٻئي سان هڪ هئڻ جي احساس مان ملي ٿو…
    پوءِ آهي تن جو سک، جنهن مان ڪام جي ترپتي ٿئي ٿي.
    مگر آخرين ڇيد ۾ من جو سک ئي اُتم آهي.
    ٻڍاپي ۾ جواني نه ٿي رهي مگر نسوارٿ پيار رهي ٿو. ان ۾ من جو وڏو سک آهي.
    او گنا! جڏهن مان توکي شادي ڪرڻ لاءِ نه ٿي چوان تڏهن منهنجو اهو مطلب آهي ته اسين جوان هوندي به ٻڍا ٿي چڪا آهيون، ان ڪري اسين شاديءَ کي ڇڏي به پيار ڪري سگهون ٿا. جيتوڻيڪ اهو هڪ خوبصورت دوکو آهي جو اسين جوان هوندي پاڻ کي ٻڍا سمجهون. منهنجو سوال هڪ مرد جي جواني ۽ ان جي غيرت کي هڪ شريفاڻي للڪار هئي، مگر هو هڪ سوال سان هئمليٽ بڻجي ويو ۽ هٿ ۾ “ڪلچر ۽ ماڊرن مئن” جو ڪتاب کڻي آرام ڪرسيءَ تي سٽجي پيو.
    مگر مان هن کي چاهيان ٿي ۽ مان هن ۾ جيون جو وشواس پئدا ڪري سگهان ٿي.
    آهستي سشيءَ چيو،
    “گنا، ڇا مان اهو خط پڙهي سگهان ٿي، جو تو جيل مان دياليءَ کي لکيو هو ۽ جو خط هڪ ٺڙڪائو سمپادڪ کي هٿ لڳو هو. “
    “اوهه، ان کي نه معلوم ڪيترا سال ٿيا جو اهو خط نه پڙهيو اٿم. اڃا به مون وٽ ان اخبار جون ڪٽنگس رکيون آهن.”
    گني هڪ پراڻي بئگ مان پلئسٽڪ جو هڪ فائيل ڪڍيو، ۽ اچي سشيءَ جي پاسي کان ويٺو. سشيءَ پهرين سمپادڪ جا رايا پڙهيا ۽ پوءِ خط جو آخرين حصو پڙهيو. رايا هن طرح هئا:
    “هي انقلابي، جو سماجوادي تحرڪ ۾ بهرو وٺڻ لاءِ جبل ۾ ويل آهي، اهو دراصل هڪ مجنون ٽائيپ عاشق آهي. هو جيتوڻيڪ ماڻهن جي اڳيان هڪ نئين ۽ خوبصورت دنيا جو آدرش رکن ٿا، مگر اصل ۾ هنن جون اکيون شهر جي خوبصورت ڇوڪرين ۾ هونديون آهن. هو نالي جا ترقي پسند مگر اصليت ۾ لڙڪي پسند آهن. هي آهي هن مجنوءَ جو عشق:
    اڄ عاج جي منارن تي ويهي آدرشواد جون بنسريون وڄائڻ مان ڪجهه نه ٿيندو. اڄ اسان کي نااميدي ۽ حياتيءَ ۾ اوشواس کي ڇڏي ڪاڊويل ۽ فاڪس جيان بندوق کڻي ظلم جو مقابلو ڪرڻو آهي ۽ هن دنيا جي سونهن کي بچائڻو آهي.
    ۽ هي عاشق زار پنهنجي معشوقا کي لکي ٿو:
    “منهنجي پياري، مون پنهنجي حياتي پنهنجي ماڻهن کي ارپڻ ڪئي آهي. هن سنگهرش ۾ مان، گهڻا دفعا جيل ويندس، گهڻا سور ۽ سختيون سهندس، اهو مان نه ٿو ڄاڻا. تون ڇا ايڏا سور ۽ سختيون سگهي سگهندينءَ؟
    منهنجي محبوبا، تون مون کي ڇڏڻ لاءِ به ايتري آزاد آهين. جيتري پائڻ لاءِ … منهنجو پيار صحتمند آهي. مون سان گڏ نه هلي سگهين ته نه هلڻ لاءِ تون آزاد آهين. مان عورت جي ٻئي پيار ڪرڻ جي صلاحيت ۽ قوت کي مڃان ٿو ۽ ان ۾ ڪا به غلط ڳالهه نه آهي. جي آدرش نه ملن ته وڇوڙو بهتر آهي ۽ ان ۾ شڪايت جو سوال نه ٿو اٿي. فيض احمد فيض چيو آهي:
    راحتیں اور بھی ہیں وصل کی راحت کے سوا۔۔۔.
    مان شايد توکي پهرين جهڙي محبت ڏيئي نه سگهان جو مون کي پهريون اونو پنهنجي ماڻهن جي سک ۽ آسودگيءَ جو آهي.
    تون سوچ ۽ بار بار سوچ:
    تو کي منهنجو پيار کپي يا توکي منهنجو انقلاب کپي؟”
    خط پڙهي سشي زور سان کلڻ لڳي
    گني پڇيو: “ڇا ٿيو؟”
    “هينئر انقلابيءَ جو آدرشواد ختم ٿي ويو آهي. هينئر، نه ڪو گنو آهي، نه ڪو انقلاب ۽ جدوجهد آهي، نه ماڻهو آهن، نه انهن جو سک ۽ آسودگي آهي. هينئر گنو عاج جي مناري تي وڃي نااميديءَ جون بنسريون وڄائڻ لڳو آهي! “عشق نے غالب نکما کردیا، ورنہ ہم بھی آدمی تھے کام کے۔۔”
    ائين چئي سشي اٿي کڙي ٿي. گني نهايت بيوسيءَ وچان سشيءَ ڏانهن نهاريو.
    “نه گنا”هن گني جي ڪلهي تي هٿ رکي چيو، “ڇڏڻ جو جيڪو حق تو دياليءَ کي ڏنو هو، مان نه چاهينديس ته تون اهو ساڳيو حق پاڻ کي ڏين. هوءَ هن سرشٽي جو شڪار ٿي. تنهنجي وڇوڙي ۾ مري ويئي، ان ڪري ضروري آهي ته تون هن سان ذهني طور ايماندار رهين. ڏس، اڄ مان تنهنجي راهه تان هٽي ٿي وڃان. مگر تون پنهنجا آدرش نه وسار جدوجهد ڪر، لڙ، مان به لڙنديس، جلوسن ۾ وينديس، ڪايه ڪنديس، هاڻ مون پنهنجا آدرش سڃاڻي ورتا آهن ۽ انهن آدرشن مٿان مان پنهنجا پراڻ گهوري سگهان ٿي.” ۽ سشي هلڻ لڳي.
    گني جي تن ۾ حرڪت آئي ۽ هن اڳيان وڃي سشيءَ کي ڀاڪر ۾ جهليو:
    “سشي، مان هڪ رات ۾ بدلجي ويو آهيان. مون هڪ دياليءَ جو ڏک ڏٺو آهي. مان ٻي دياليءَ جو وڇوڙو ڏسڻ نه ٿو چاهيان. هڪ ديالي هن سرشٽي جو شڪار آهي، هڪ ديالي منهنجي کوکلي آدرشواد جو شڪار ٿي رهي آهي. مان هڪ عورت جي پيار مان پريرڻا پائي، ٻي عورت سان پيار ڪري سگهان ٿو. مان تنهنجي سندر پراڻ برباد ٿيڻ نه ڏيندس. سشي تون منهنجي آهين. منهنجي.”
    ائين چئي گنو هيٺ جهڪي ويو ۽ هن سشيءَ جي ٽنگن ۾ پنهنجون ٻانهون ورائي پنهنجو منهن هن جي گوڏن ۾ لڪائي ڇڏيو.
    سشي چپ چاپ بيٺي رهي.
    هن ائين محسوس ڪيو ته هن جي من ۾ امرت جو هڪ تلاءُ اڇلجي نڪتو هو، ڄڻ گني جي ان پڪڙ مان هوءَ سڄي سوني بڻجي ويئي هئي.
    هن ڏٺو ته گنو روئي رهيو هو.
    هوءَ به گني جي پاسي کان ويهي رهي،
    ۽ هن جڏهن ساڙهيءَ جي آنچل سان گني جي اکين مان آنسو اگهيا تڏهن هوءَ به روئي پيئي…
    ۽ هوءَ گني جي گود ۾ منهن لڪائي روئڻ لڳي.
    ***


    ادبي پرک:، سلسلي جي ڊوڙ : گوپال ٺڪر

    پل پل گذرڻ کانپوءِ، هر چيز جهوني ٿيندي ويندي آهي، پر ساهت سان، زماني سان ۽ ڪلا سان ائين ڪڏهن به نه ٿيو آهي. سڀاڻي، ڪالهه ۽ اڄ کان “وڌيڪ” جوان ۽ رنگين هوندي، سا دعوى اڄ جي سڀيتا جو ڪوبه فرد ڪري سگهي ٿو.
    بلو فلمس (Blue Films) کانپوءِ، نيوڊ ڪلپس (Nude clips) ۽ بيٽلز (Beetals) کان هپيز (Hipies) تائين سڀيتا پهچي، مني اسڪرٽ (Mini Skirts) ۾ چپڪي پيئي آهيئ
    گوبند مالهيءَ جي شروع ڪيل هيءَ سلسليوار ناول يوجنا، وقت جي پٺيءَ کي چيري ڦاڙي اڳيان نڪري وڃڻ بجاءِ وقت کان ڪٽجي ڏه سال پوئتي رهجي ويئي آهي. ڏهن ڪهاڻي نويسن مان ڪيترن پنهنجي فن جو فيوز (Fuse) اڏائي ڇڏيو آهي.
    ڪردار ڪهڙا اهن: منوهر، جو پنهنجي ٻُڌيءَ جا پادر کاڌل پيو لڳي. جنهن کي پنهنجو ڪوبه وجود ڪونهي. پنهنجو وجود پريچيه پائي ٿو ته پنهنجي پريتما وٽان. جا کيس بيمانو ڪري گهر مان لوڌي ڪڍي ٿي ڇڏي. پوءِ به هو پنهنجي ٻُڌيءَ جي پادرن جي مار جي نشانن کي اکوڙي اکوڙي، وري وري ان جي بوءِ کي کڻي پريتما وٽ وڃڻ جي ڪندو رهي ٿو.
    ٻيو وري ڪردار آهي، سشي. منوهر جي پريتما! ماستر ليکڪن جي پيدا ڪيل استري پاتر، ماسترياڻي. هلڪا، ٺلها، موڳا، ڇسا ڪردار ڪنهن پيدا ڪيا؟ گوبند مالهيءَ.
    لڳي ٿو ڄڻ هن هڪ به ناول نه لکيو آهي، هنن ٻن ڪردارن جي نرماڻ مان ڪير چئي سگهندو ته ان جي ليکڪ ڊزن کان مٿي ناول لکيا هوندا. انهن ٻن کان به وڌيڪ چيپ آهي، وڌيڪ سستو ۽ هلڪو آهي. اهڙي ڪردار جون سنڌي ساهت ۾ انيڪ ڪهاڻيون اچي چڪيون آهن. هندي، بينگالي، مراهٽي، مليالم ۽ تامل ۾ اچي، مُئي کيس ڏهه سال ٿي ويا آهن.
    چوٿون ڪردار پوپٽيءَ جي ڪريئيشن آهي. اهو ڪردار آهي “گنو”، جنهن کي ڪرشن کٽواڻيءَ گنڀير نموني کڻي اڳيان وڌايو آهي. کيس ڊاڪٽر بڻايوآهي، ۽ پوءِ ٻين ڪن ليکڪن ان سان پوريءَ طرح نڀائڻ جو يتن ڪيو آهي.
    سلسليوار ناول يوجنائون، هندي گجراتي ۽ بينگاليءَ ۾ هڪ وقت کان ٿي وييون آهن. گجراتيءَ ۽ هنديءَ ۾ انهن چڱو حشر ۽ تلخي پيدا ڪئي هئي. ان کانپوءِ ڪجهه ترقي به ٿي هئي. سنڌي ادب ۾ هيءَ پهرين ڪوشش آهي ۽ پرک به ان ماڌيم ۾ ئي ڪرڻي پوندي.
    گوبند مالهيءَ جي سٽ: “پيار ۽ جنگ ۾ سڀ روا آهي”
    ان کي ڪامياب سٽ ۽ حقيقت مڃي ڪن ليکڪن پنهنجي سلسلي ۾ ان کي دهرائي، ڪنٽينيوٽيءَ جو ڪم ورتو آهي. ڪن ان جو ڇيد به ڪيو آهي. خاص ڪري منوُ تولارام گدواڻيءَ.
    ٻين قسط ۾ پوپٽي هيراننداڻيءَ لکي آهي.
    منوهر ۽ سشيلا هتي پريمي بڻجي ٿا وڃن. سشيلا اسڪول ۾ پاڙهيندي به منوهر جون مورتون گهڙيندي ٿي رهي، پنهنجي انتهڪرڻ ۾. موڳي سٽيوئيشن آهن. بلڪل ساڌارڻ ۽ ڪچي. مالهيءَ جي قسط جو دهراءُ آهي. هڪ ٽيڪنيڪل چڪ به ٿيل آهي، جا عبارت کي سخت چوٽ ٿي رسائي. ڏيکاريل آهي ته نرملا اسڪول مان موٽي ٿي، کيس منوهر بس اسٽاپ تي ملي ٿو وڃي. نرملا کي خيال ٿو اچي ته هوءَ جيڪر اڄ گلابي ڊريس پائي اچي ها. جنهن ۾ منوهر کي وڌيڪ وڻي ها. جڏهن ته اسڪول مان موٽندي کيس سدائين اسڪولي يونيفارم۾ هئڻ کپي. اسڪول ۾ هوءَ گلابي رنگ جي ڊريس ڪيئن ٿَي پائي ويئي؟
    رومانٽڪ پهلوءَ کي هن قسط ۾ ترجيح ملي آهي، نرملا جو ڪردار چڱو اسريل آهي. هن قسط جي سوڀ آهي، نئين ڪردار “گني” کي جنم ڏيڻ. “ٻڏندڙ سورج، افق جي روشني” ٺهڪندڙ سرو آهي، هن قسط جو.
    “اڇي روشني، ست رنگ” ۾ ڪرشن کٽواڻي ڄڻ ٻن قسطن جو مطالعو ڪري رهيو آهي يا ٻه قسطون پڙهڻ کانپوءِ ان جي موهه ۾ ڦاسجي ويو آهي. شروعات غلط ڪيل آهي، سيٽنگ جي نقطه نظر کان. جنهن ڪري ڪهاڻي اوسر کان ڪٽجي وڃي ٿي. گني ۽ سشيءَ جي ڪردارن کي پڪڙي هلڻ کانپوءِ ئي هيءُ سلسلو اڳيان وڌي ٿو ۽ رچي پيدا ڪري ٿو. پوپٽيءَ جو پيدا ڪيل “گنو” هن قسط ۾ ڊاڪٽر بڻجي ٿو وڃي. ان کان به ڊگهي ڳالهه ثمليءَ (Simile) طور جيڪا ڪم آيل آهي ۽ ايندي رهي آهي، سا آهي کاڄن جي باڪس. ايشور چندر کان هلي پوءِ ڪيترن ليکڪن تائين ڦهلجندي رهي آهي، هيءَ کاڄن جي باڪس. ڪٿا ۾ روانيءَ جو به ڪم ڪري ٿي. گني ۽ سشيءَ کي سهڻي عبارت ۾ ڦٻايل آهي. منوهر ۽ نرملا جي شاديءَ جو امڪان هن سلسلي ۾ پيدا ٿئي ٿو.
    سلسلي کي اڳيان وڌائڻ لاءِ ايشور چندر ”ٻيو دفعو” سرو کڻي اسان جي سامهون منوهر ۽ نموءَ جا ڪردار کولي رکي ٿو. “لالي پاپس” کان متاثر ٿي ايشور پنهنجي سلسلي ۾ هڪ پئچ (Patch) هنيو آهي. منوهر ۽ نمو پنهنجي چپن سان لالي پاپ گهمائي هڪ ٻئي جا چپ چمن ٿا. ٻئي پنهنجو پنهنجو منطق ڏين ٿا، جنهن سان لالي پاپ جو ڪو واسطو نه ٿو رهي. سشيءَ کي تماڪ جي بدبوءِ ٿي اچي ۽ منوهر کي لپ اسٽڪ جي خوشبوءِ. عجب ماجرا آهي، اهو ته بنا لالي پاپ چپن تي گهمائڻ جي ڄاڻ پئجي سگهين ها!
    نمڪين کاڄن ۾ سرا پوندا. هڪ هڪ کاڄي مان هڪ هڪ سرو ڪڍي سشي ماريندي (منوهر جي پيار کي ڪچليندي) لکي، ايشور وري پنهنجي عبارت کي پختو ڪري ورتو آهي. هن قسط “مئل ماڪوڙو” کان وڌيڪ ڪجهه به نئون نه چيو آهي. هڪ محدوديت جو احساس ڏياريندڙ آهي هيءَ قسط.
    ناول جي پرمپرا ۽ ٻنڌنن کان مڪت ٿي وشنو ڀاٽيه کي جيڪو ڪجهه چوڻو آهي، لکڻو آهي ۽ لکي حاصل ڪرڻو آهي ۽ ڪرائڻو آهي، سو “بي انت راهن جو انت” ۾ بند ڪيو اٿائين، لحاظا ان کي ڪاميابي چئي سگهجي ٿي. نمڪين کاڄن جو سهارو وٺي، منوهر جي ودروهه کي جاڳايو اٿائين. کاڄن ۾ پيل هڪ هڪ ڪينئون نانگ بڻجي ٿو وڃي هن سلسلي جي ڳنڍ ۾.
    هريش واسواڻيءَ جي “ٻن قطبن جي وچ جي ڊوڙ” ۾ سشيءَ جو ڪردار، گني جي سايي ۾ ٺپي ٺهي پيو آهي.Ph D جي اپاڌيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ جفاڪشي ڪندڙ ۽ ساٿ ئي ساٿ منوهر کي ڀلائي، گني ڏانهن مڙي هڪ ٻڌيمان بڻجي ٿي وڃي. هن قسط جي شروعات کان پڇاڙي، وڌيڪ ڇهندڙ ۽ پختي آهي. هريش ٻوليءَ ڏانهن خاص توجه ڏنو ٿو ڏسجي. ٻوليءَ جي لحاظ کان شايد بهترين قسط آهي، پر هن قسط ۾ گني جي داخليءَ کانپوءِ وارو منظر محض هٿراڌو اتفاق جو احساس ڏياري ٿو وڃي. ڏيکاريل آهي، گنو سشيءَ کي اوندهه ۾ ڳولهيندي، سشيءَ جا ڪلها نه ڳولهي ان جي ڇاتين کي ڳولهي ٿو وٺي. انهن هٿن کي سشي ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهي. ائين اوندهه ۾ هو رهندا ٿا رهن.
    رومانٽڪ پهلو لکڻ لاءِ، ان کان بهتر ۽ سنجيده لکڻ هريش کي اچي ها پر شايد هن ڪوشش نه ڪئي آهي.
    هريش کانپوءِ اچي ٿو منو تولارام گدواڻي، “پريم جو چوڪنڊو” کڻي. منو چوي ٿو، جنگ ۽ پيار ۾ سڀ روا نه آهي! ان حوالي کي کڻي هن منوهر دواران گيتا کي دهرايو آهي. تموگڻي وهنوار! ستوگڻي وهنوار! ڪڏهن پڙهيو؟ ڪڏهن پڙهي گيتا منوهر؟ جي پڙهي ته منوهر جهڙي سستي ڪردار کي ڪيئن ياد پئجي ويئي؟ ڪرشن کٽواڻي ۽ ايشور چندر جا کارا کاڄا، منو گدواڻي به نه ڀليو آهي. گدواڻيءَ، سشيءَ کان پراسچت ڪرائڻ جو يتن ڪيو آهي، جو هن (سشيءَ) منوهر سان عقوبتون ڪيون آهن. سشيءَ جو من پاسو بدلائي ٿو. سوچي ٿي ۽ ڀوڳي ٿي. گني لاءِ منجهس وڌيڪ رچي پيدا ٿئي ٿي.
    هن قسط ۾ شاديءَ جو مسئلو هڪ خاص وشيه بڻجي پيو آهي. جيڪو ناول جو حشر آهي (شادي). منو گدواڻيءَ ان سنگين معاملي کي سلجهايو آهي. صحتمند ويچار پيش ڪيو اٿائين. سلسلي جو هيءُ حصو مقالي هئڻ ڪري ناول جي فن کي ڇيهو ٿو پهچائي.
    اٺين ڪڙي هن سلسلي جي ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جوڙي آهي: “ٿيان نه ٿيان” عنوان سان. ٽٽل ۽ اڻ چٽي سلسلي کي جوڙڻ ۾ ، نکارڻ ۾ ڪيرت ڪامياب ويو آهي. گني جي ماضي، سنڌي اتهاس سان جوڙَي، گني کي نوازيو اٿائين. گنو فلاسافيءَ جو پروفيسر ڪيئن ۽ ڇو بڻيو، سو چٽو ڪيو اٿائين. دياليءَ جو ڪردار جو هوا جي جهوٽي وانگي اچي گم ٿي ويو هو، سو به ڪيرت آڻي اڳيان رکيو آهي. گر اهو سلسلي جو ڳانڍو انش نه ڏنو وڃي ها ته سلسلو ڪاڻو ۽ منڊو ٿي پوي ها.
    “تلاش” ۾ گنو سامتاڻي اسان جي اڳيان اچي ٿو. ڪيرت ٻاٻاڻيءَ گني جي ڪردار کي سنڌي ثابت ڪري ڇڏيو، جنهن لاءِ گني سامتاڻيءَ کي هڪ الڳ پئراگراف لکڻو پيو آهي. سشي ٿڪجي، هارجي، ٽٽي (گني جي هيٺان دبجي) “هون” ڪندي ٻڌندي ٿي رهي: رت جو دان، خون جو دان، سون جو دان، پاڪستان سان گڏ سنڌ کي مٽائن جو دان!
    گنو سامتاڻي سوال جواب جي ماڌيم کي سمجهائيندي پاڻ خود ان ۾ اٽڪي ٿو پوي. وراٽ روپ ڀڳوان جو سهارو وٺي، اوم شاني اوم شانتي جي ڌن ۾ سڀ ڪجهه سماپت ڪندو نظر ٿو اچي. سشي ڪافيءَ جو پيالو گني کي ڏيئي، سندس گونج سان پنهنجو مڌر سر ملائي سويڪاري ٿي وٺي سڀ ڪجهه.
    گنو سامتاڻي سلسلي جي قسط لکندي پنهنجي تمام ڪهاڻين کان ڪافي الڳ ٿي بيٺو آهي. اڄ جي ڪيترن “نئين ڪهاڻي” لکندڙن کان ڪافي اڳيان نڪري ويو آهي. اها مان هن جي يوجنا جي ڪاميابي ڪري سويڪار ڪرڻ ۾ نه هٻڪندس. نئين ڪهاڻي جي لحاظ کان گنو هڪ نئين قسط ۾ نئون بڻجي ويو آهي. اٺن قسطن جي روايت ۽ پرمپرا کي نه مڃي، پنهنجي چال سان اڳيان وڌيو آهي. ڪنهن نقاد جي اڳيان ٻين ليکڪن جيان ويچارو نه ٿو رهجي وڃي. سنڌي ادب کي ڪنهن حد تائين بچائي ورتو اٿائين.
    ائين نه آهي ته سڄي قسط ۾ گنو سامتاڻي ڪامياب ويو آهي. هڪ اڌ مهان چوڪ به ڪري ويٺو آهي. لکڻ جي ويگه ۾، مکه ڪايا جو ورنن ڪندي لکي ٿو:
    “گني (ڪردار) جي منهن ۾ جو سشيءَ نهاريو ته هن کي ڪروکيتر جو ڏيکاريل ڀڳوان جو وراٽ روپ ياد اچي ويو. هنجي نراڙ تي پيل پيچيده ريکائون ڳڻت وديا جي ڪنهن مشڪل حساب جيان لڳي رهيون هيون….. هن جي مک منڊل تي جيٽ جهاز جو ڇڏيل غبار ڦهليل هو….. فيوز بلب، ڪار جي خالي، جليل پيٽرول جي ٽانڪي. سگريٽ جو ٻرندڙ فلٽر.” پوءِ وري گنو سامتاڻي لکي ٿو:
    “من ۾ هن جي ڪجهه ٻيو ئي هو (مٿين ڳالهه کي ڄڻ پاڻ به نه ٿو مڃي). گهرو پريشان. چيتن ڀريو. ان جو اظهار ڪيئن ٿئي؟ هڪ آکنڊ شانتي، اوم شانتي.”
    اوم شانتي واري مک تي مٿيون مک ڪايا بيان ڇا آهي؟ وراٽ روپ جو ردعمل؟ اوم شانتي؟ ته پوءِ سگريٽ جو فلٽر، پيٽرول جي جليل ٽانڪي، جيٽ جو ڇڏيل غبار ڪٿان آيا؟
    البيئر ڪامئو، گني سامتانيءَ کي ياد پوي ٿو. ان جي اظهار ڪرڻ کان نه ٿو رهي سگهي. سمئش جو ودروهه ! لکي ٿو:
    “سشي تڏهن اکين سان ڳالهايو، هٿن سان ڳالهايو، هٿن جي جڪڙ، گني ۽ سشيءَ جي ڪجهه پل مضبوط بڻجي آهستي آهستي پگهر ۾ ڳڙندي ڍلي ٿي ويئي، ٽٽي پيئي.” اوم شانتي ۽ سمئش!”
    سلسلي جي آخرين قسط موهن ڪلپنا ”پاڻيءَ مٿي جهوپڙا” سان لکي آهي.
    راه ڄاڻي، اڳيان وڌي پٺيان نهارڻو آهي. موهن جي قسط کي پڙهڻو آهي، پٺيان نهارڻو آهي. دراصل گني جي قسط سان هن سلسلي جو انت اچي وڃي ٿو. ڪلپنا ڪابه نئين ڳالهه هضم ڪري چپ ڪري ويهي نه سگهندو آهي. صحتمند ۽ زوردار نوع ۾ ان کي ڦهلائي ڇڏيندو آهي. چوي ٿو:
    “بيوقوف وٽ لک روپيا هجن ته اهو وڏو ماڻهو ٿيو، اسان جي سماج ۾ اسان جي آرٽ، لٽريچر ۽ ڪلچر جي وڏن پروگرامن جي صدارت… ڪندا آهن بسڪيٽن ۽ کٽمٺڙن وارا.”
    سچ چوڻ جو ساهس موهن رکندو آهي.
    موهن ڪلپنا کي فرانس، آميرڪا، انگلئنڊ ۽ ڀارت نه ٿو وڻي. ساڳي ئي وقت ڀارت جي ڪلچر کي سويڪاري، انهن جي اديبن کي بار بار پنهنجين تصنيفن ۾ کڻي اچي ٿو. پر کن پل ۾ ڄڻ نشي جي طاريءَ ۾ ڀلجي وڃي ٿو. چوي ٿو “ڊئم ڪمو.” “ڊئم ڪافڪا”…! جتي انسان سکي آهي، جتي انسان آسودو آهي. جتي انسان شانتيءَ جو طرفدار آهي ۽ رکوالو آهي. جئه سويت يونين، جئه سماجوادي، جئي شانتي! (مان اهڙن نعرن تي هڪ ٽهڪ ڏيڻ جو به ساهس نه ٿو رکان) سويت يونين ۽ شانتي! سوويت يونين ۽ جئڪار! جو ورهين کان چين جي دواران ويٽنام کي آمريڪا سان لڙائي رهيو آهي، مگر جيٽ ۽ ائنٽي ايئر ڪرافٽ کين موڪليندو رهيو آهي، ڇا شانتيءَ لاءِ؟ هر سال گهڻن اديبن کي سوريءَ تي چاڙهيو ويندو آهي؟ جڏهن اهڙي نيوز اخبارن ۾ پڙهبي آهي ته ٻيو نه ته اديبن جو رت ضرور ٽهڪڻ لڳندو آهي.
    گني جي لکيل خط دياليءَ ڏانهن، موهن هلڪڙي نموني پيش ڪيو آهي. خط پيش ڪيو اٿائين، اهو نقص کي ضرور لڪائي ٿو. گني سامتاڻيءَ جي قسط جو مٿس وڏو اثر ٿيو ٿو لڳي. پنهنجين داخلي تخليقن کان هن قسط ۾ چڱو مٿي اڀري آيل آهي ڪلپنا. نمو ۽ منوهر جو آخرين حصو لکي پنهنجي قسط کي هڪ اهم معني’ ڏني اٿائين. پڇاڙيءَ کي گهرائي نه ڏيئي سگهيو آهي. (رڃ ۽ پاڇا ۾ به مون کي ائين لڳو هو، مکيه ڪردار جو موت آڻڻ جي ڪري) لکي ٿو:
    “…گنو هيٺ جهڪي ويو ۽ هن سشيءَ جي ٽنگن ۾ پنهنجون ٻانهون ورائي پنهنجو منهن هن جي گوڏن ۾ لڪائي ڇڏيو. سطحي نه به لڳي، ناٽڪي پيو لڳي. آنچل هڪ هنڌ لکيو آهي ته: “ سنسار جو ساهت ان ڳالهه جو ساکي آهي ته هڪ ليکڪ مڪمل انسان جي تصوير چٽڻ ۾ ايتري ڪماليت نه ٿو پائي جيتري اڻ مڪمل انسان جي تصوير چٽڻ ۾. فلابيئر، دوستووسڪي ۽ بالزاڪ جهڙا ليکڪ ان حقيقت جا ڪجهه مثال آهن.

    گوپال ٺڪر


    ناول جي ليکڪن جو تعارف

    گوبند مالهي:

    سنڌي زبان جي ابتدائي روشن خيال نثر نويسن ۾ گوبند مالهيءَ (گوبند پوهومل کٽر مالهي) جو نالو خاص طور ناول جي صنف ۾ گهڻو مشهور آهي، سندس ناولن ۾ سماجي مسئلن تي تمام سٺا ويچار آيل آهن، ڪردارن ۽ انهن جي جذبن جي اپٽار ۾ به هن نهايت حقيقت پسنديءَ کان ڪم ورتو آهي. “انقلابي سپاهي”، “انقلابي شاهراه”،”پيار جي پياس”، “زندگيءَ جي راه تي”،”شرم ٻوٽي”، “ديسي سيڻ ڪجن”، “پيار جي شڪست”، “چنچل نگاهون”، “عشق ناهي راند”، تمام گهڻا مشهور ناول آهن. “پکيئڙا ولر کان وڇڙيا” گوبند مالهيءَ جو پهريون ناول آهي جيڪو ورهاڱي کان اڳ سنڌ جي رهڻي ڪهڻيءَ جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. 1973ع ۾ ساهتيه اڪيڊميءَ طرفان کيس “پيار جي پياس” ناول تي ايورڊ به ڏنو ويو هو. گوبند جو هڪ ناول “ڀاڀي” مهاراشٽر ۾ درسي ڪتاب طور مقرر ٿيل آهي. سندس انگريزيءَ ۾ لکيل مقالن ۾ Saratchandra: His impact on Sindhi literature وڏي اهميت جو حامل آهي.
    گوبند مالهي سنڌ جي ناليواري راڳيءَ ماسٽر چندر جي اباڻي شهر ٺارو شاه ۾ پنجين آگسٽ،1921ع ۾ ڄائو، تازو 10. 02. 2001ع تي ديهانت ڪري ويو آهي. نهايت ڀلو ماڻهو هو، هريءَ چواڻيءَ: “هو “ٺاه گرو” جي لقب سان سڃاتو ويندو هو ڇاڪاڻ ته هند ۾ ڪن اديبن جي وچ ۾ ناٺاهي ٿيندي هئي ته گوبند ئي انهن ۾ ٺاه ڪرائيندو هو. گوبند جو ٻيو وڏو ڪارنامو آهي “ڀڳونتي ناواڻي”، جنهن کي هن ماهر جوهريءَ وانگر گهڙي ٺاهي، سنڌي جڳت کي هڪ مڻيادار گائڪا ڏني.” گوبند هڪ سنڌي فلم “سنڌوءَ جي ڪناري به ٺاهي. ڪلاڪار منڊل جو بنياد وجهندڙ ۽ وائيس پريزيڊنٽ به رهيو. اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا جو پهرين سيڪريٽري پوءِ صدر رهيو.

    پوپٽي هيراننداڻي:

    جو ادبي ۽ انقلابي حيثيت کي بيان ڪرڻ منهنجي قلم جي طاقت کان مٿي آهي.، ڇاڪاڻ ته هوءَ هڪ ئي وقت تمام سٺي ۽ انتهائي گهڻي مشهور ڪهاڻيڪار، ناول نگار، تنقيد نگار، ڪالم نگار ۽ ايم اي ۽ پي ايڇ ڊي جي شاگردن جي گائيڊ آهي. مختلف صنفن تي هن اٽڪل پنجاه کان مٿي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، جيڪي هڪ ئي وقت سنڌي، انگريزي، هندي ۽ گجراتيءَ ۾ آهن. سنڌ توڙي هند جي ليکڪائن مان ورلي ڪو ساڻس برميچي سگهي ٿو.17. 09. 1924ع ۾ حيدرآباد جي عامل خاندان ۾ ڄائي، حيدرآباد مان ميٽرڪ پاس ڪيائين، ورهاڱو ٿيو ته لڏي هند هلي وئي، ۽ اتي ئي ايم اي جي ڊگري ورتائين ۽ پوءِ ڪي سي ڪاليج ۾ پروفيسر مقرر ٿي. ادب سان گڏ سندس نصابي ڪتاب به لکيل آهن، جيڪي بمبئي، پوني ۽ گجرات يونيورسٽين ۾ ڪورس طور مقرر ٿيل آهن. مزي جي ڳالهه ته پاڻ ميوزڪ ٽيچر به رهي آهي ۽ گهريلو محفلين ۾ ڳائي به وٺندي آهي.
    پوپٽيءَ هند توڙي سنڌ جي سماجي حالتن تي نهايت سگهاريون ڪهاڻيون لکيون آهن. هن جون ٻه ڪهاڻيون: “مون توکي پيار ڪيو”۽ “اٻهرو قدم” مون کي ڏاڍيون پسند آهن، جن مان “مون توکي پيار ڪيو” تي کيس انعام به مليو آهي. پوپٽيءُ نثر ۾ جيڪي واهڙ وهايا آهن انهن ۾ سندس تنقيد، لسانيات، شاعري ۽ ٻين ڪيترن ئي موضوعن تي ڪتاب لکيل/ شايع ٿيل آهن. منهنجي حياتيءَ جا سونا روپا ورق، سندس آتم ڪٿا آهي، جا 1981ع ۾ شايع ٿي، جنهن تي کيس 1982ع ۾ ساهتيه اڪيڊمي پاران انعام ڏنو ويو.”روح سندي رڃ” ، “پڪار”، “سيلاب زندگيءَ جو”، “شاه سنڌي تهذيب جو روح”، “ماڻڪ موتي لعل” سندس مشهور ڪتاب آهن. 16. 12. 2005ع تي بمبئيءَ ۾ پرلوڪ پڌاري وئي.

    ڪرشن کٽواڻي:

    ڪرشن عيدن داس کٽواڻي، 07. 11. 1927ع تي ڄائو، 11. 10. 2007ع تي پرلوڪ پڌاري ويو. 1978ع ۾ شايع ٿيل ناول “ياد هڪ پيار جي” تي کيس 1980ع ۾ ساهتيو اڪيڊمي انعام ڏنو. هن جا ناول”منهنجي مٺڙي سنڌ”. “ٽڙندڙ بادل”، ۽ ڪهاڻيون “سرحد جي هن پار” (1991)، “امان ابا اڃا ڪونه آيو” (2002)، ضرور پڙهڻ گهرجن. ڪرشن کٽواڻيءَ آخري ڪهاڻي “۽ ليکڪ مري ويو” 2007ع ۾ لکي، جيڪا هن فوت ٿيڻ کان ڪجهه مهينا اڳ لکي هئي. ٻين سنڌي ليکڪن جيان ڪرشن کٽواڻي به پنهنجا اباڻا ڪک ڏسڻ لاءِ سنڌ ايندو هو ۽ پنهنجي مسلمان دوستن سان ملي پراڻين يادن کي تازو ڪري ويندو هو، جنهن کي هن “سرحد جي هن پار” ڪهاڻيءَ ۾ پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ سندس پنهنجي گهر ۽ گهٽين، ۽ موهن جي دڙي جي کنڊرن سان گڏ پنهنجي ڌرتيءَ سان هڪ اٽوٽ ناتي جو احساس شامل آهي.
    “امان ابا اڃا ڪونه آيو” ناول ۾ هڪ ماءُ حليمان ۽ سندس پٽ عبدل جي پريشانيءَ جي عڪاسي ڪيل آهي، جيڪي شهر ۾ هندو مسلم فسادن دوران گم ٿي ويل پنهنجي گهر جي وڏي جي واپس نه موٽڻ متعلق لکيل آهي.

    ايشور چندر:

    ڪا وڏي ڄمار نه ماڻي، 30جولاءِ 1937ع تي ڄائو ۽ 13 آگسٽ 1992ع تي گذاري ويو، پر انهن پنجونجاه سالن ۾ هن ٻه سئو کان مٿي ڪهاڻيون لکيون، جيڪي “ٿڌا چپ” ( 1965ع )، “مئل ماڪوڙو” ( 1966ع )، “پنهنجي ئي گهر ۾” ( 1973ع ) “نئين زماني جو ڪوئو” ( 1979ع ) “سخت چهري وارو ماڻهو” ( 1980ع ) “موٽي آيل ماضي” ( 1881ع ) “ست ڪهاڻيون” ( 1983ع ) “ڇوڪرو ڇوڪري” ( 1983ع ) “اندر جو ڄامڙو” (1984) “ساڳيو ئي سوال” ( 1984ع ) “هڪ بيمار غزل” ( 1985ع ) “رٿ” ( 1986ع)، “پر/ شايد” (1987ع )، سندس هڪ ڪتاب انگريزيءَ ۾ Forgotten پڻ ڇپيو آهي. هن جا ٽي ڪتاب ٿڌا چپ ، سخت چهري وارو ماڻهو ۽ اندر جو ڄامڙو سنڌ ۾ پڻ ڇپيا آهن. ايشورچندر جي ڪتاب “اندر جو ڄامڙو” ۾ ڏهه ڪهاڻيون آهن: سخت چهري وارو ماڻهو، اندر جو ڄامڙو، ڪمزور نسن وارو گهر، ٻئي ڏاڪي تي رجندڙ برف، وقت جي انتيءَ بعد، هڪ دلشڪستي شخص جو خط، موٽي آيل ماضي، باهه، ان گهڙيءَ لاءِ . . . ، ملڪيت .
    طارق اشرف پاران سندس ڇپايل هيءُ ٻيو مجموعو آهي ، جنهن مان ليکڪ جي معيار ۽ سنڌيءَ ۾ مقبوليت ظاهر آهي . ڪجهه ڪهاڻيون ۽ ناٽڪ ته ريڊيو آڪاشواڻيءَ ۽ ٽيليويزن تان پڻ نشر ٿيا. لڳ ڀڳ اٺاويهه کن ڪتاب شايع ٿيل اٿس، جن مان تيرهن سنڌيءَ ۾، ڏه هنديءَ ۾، ٽي گجراتيءَ ۾، هڪ انگريزيءَ ۽ هڪ مليالم ٻولين ۾ آهن. سندس ڪتابن تي کيس انعام به ڪافي مليا. خاص طور سندس هندي ڪهاڻين جي هڪ ڪتاب جي قدردانيءَ تي کيس راجستان ساهتيه اڪيڊميءَ سڀ کان وڏو انعام به ڏنو. گهريلو سماج متعلق هن جون لکڻيون نهايت اثر ڪندڙ آهن، سندس ڪهاڻيون نفسي / جنسي واسنائن ۽ پيڙائن جي عڪاسي ڪندڙ به آهن، ان ڪري ايشور چندر سنڌي پڙهندڙن ۾ تمام گهڻو مقبول رهيو آهي. هري موٽواڻي پنهنجي خاڪي ۾ لکيو آهي ته: “ايشور چندر اصل سنڌي بلوچي هو، ڪوئٽيا بلوچستان جو، جيئن شيام جئسنگهاڻي آهي، جنهن لاءِ کيس فخر آهي.” ايشور چندر ميٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي، ورهاڱي کانپوءِ هند لڏي ويو ۽ اتي راجستان جي شهر اجمير ۾ رهيو، ريلوي ۾ نوڪري ڪندو هو.

    وشنو ڀاٽيه:

    21سنڌي ٻوليءَ جو هي تخليق ڪار اپريل 1941ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو، 15. سيپٽمبر 2011ع تي گذاري ويو. هندستاني سنڌي روزنامي”،۽ هفتيوار”هند واسي” جو سينيئر سب ايڊيٽر به رهيو،”ماهوار ڪونج”، “سپون”، ۽ رچنا” ۾ باقائدگيءَ سان سندس لکڻيون شايع ٿينديون هيون. سندس يارهن کن ڪهاڻين جا مجموعا ۽ هڪ ناول شايع ٿيل آهن. “درد ڀري دل”، “دل جي بستي”، “چندر مکي”، “سوال”، ڪهاڻين جا مجموعا ۽ “رشتن جو انت” ناول شايع ٿيل آهن. جن ڪجهه ڪهاڻيون انساني جنسي خواهشن جي سلسلي ۾ به لکيون آهن. وشنو ڀاٽيا ريڊيو لاءِ ناٽڪ به لکيا، جن ۾ “بيبو او بيبو”، “اک ڦڙڪي دل ڌڙڪي”، “انعام”، “ننڊ نه ڪر نادان”. سندس ڪجهه ڪهاڻيون هندي، گجراتي، تامل، تيلگو، مليالم، ۽ انگريزي ٻولين ۾ ترجمو به ٿيون آهن. 1995ع ۾ اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀيتا بمبئي پاران کيس لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ سان نوازيو ويو.

    هريش واسواڻي:

    نئين دور جو نمائندو ليکڪ: هريش واسواڻي تاريخ 22. 11. 1984ع تي بلوچستان ۾ ڄائو آهي. ادب ۾ هريش واسواڻي، واسديو موهيءَ جيان، خاص طور شاعريءَ ۾ آزاد نظم واري نئين لهر جو نمائندو سڏبو آهي. سندس لکيل ڪوتا: “پرش وئشيا” نئين دور جي ڪويتا جو سنگ ميل آهي. ساڳيءَ ريت هريش واسواڻيءَ جي ڪهاڻي “گهنٽي” به سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ پنهنجو منفرد مقام رکي ٿي، جيڪا ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي اونداهين مستقبل متعلق نهايت سنجيدگيءَ سان لکيل آهي. “چاليهه چوهتر” سندس ڪهاڻين جي مجموعو آهي. هريش اٽڪل ويهه کن ڪهاڻيون لکيون آهن، ۽ هن جون سڀئي ڪهاڻيون نئين دور جي للڪار جيان پڙهندڙن کي ڇرڪائي ڇڏين ٿيون. هريش جي ٻي مشهور ڪهاڻي آهي: “فقيرياڻي” (1980). سندس ادبي تنقيد جي ڪتاب “چاليهه چوراسي” تي1987ع ۾ کيس ساهتيه اڪيڊمي انعام ڏنو. چاليهن جي لفظ کي اهميت ڏيندي هن پنهنجي شاعريءَ جي مجموعي جو عنوان به “چاليهه ڇاهتر” رکيو آهي. ساهتيه اڪيڊميءَ هند ۽ سنڌ جي ادب متعلق هريش واسواڻيءَ جو ترتيب ڏنل”سنڌي تنقيد” شايع ڪيو آهي، جنهن ۾ سندس ايڊيٽوريل نوٽ انتهائي اهم آهي. هن جي ڪهاڻين جو آخري ڪتاب “ٻڙي ۽ ٽي ٻڙيون” آهي. سندس گهر واري “اندرا واسواڻي” به ادب سان واڳيل رهي آهي. اڄڪلهه هو آديپور جي ملير ڪالونيءَ ۾ رهائش پذير آهي.

    منو تولارام گدواڻي:

    منوءَ جي ادبي حوالن کي مون جيترو ڳولهيو آهي، اهو منهنجي همت کي شابس آهي، هند جي ڪيترن ادبي فيس بوڪ فرينڊز: اندرا شبنم پونا والا، ڊاڪٽر ومي سندارنگاڻي، ڪملا گوڪلاڻي، هيري واسواڻي، هيري ٺڪر سان لکپڙه ڪيم پر انهن ليکڪن ڪو جواب ڪونه ڏنو، هند جي سنڌي سائيٽس تي به ڪافي ڳولهيم پر گدواڻي فيملين ۾ به منو تولارام گدواڻيءَ جو نالو نه لڌو.
    پوءِ گوپ گولاڻيءَ سان رابطو ڪيم، جنهن به ٻڌايو ته: بيدل مسرور صاحب ، ادل هن اديب لاءَ مونکي ڪابه ڄاڻ ڪونهي 55 19ع کان اڄ تائين مون هڪ ئي گدواڻي لا۽ ٻڌو آهي، هو (مووڪ) ميوزڪ آڊيو ڪمپني جو مالڪ هو، وڌيڪ هيرو ٺڪر يا سندر اگناڻي کان حال ملي سگھندو، ٻئي فيس بڪ تي آهن، مهرباني، توهان جو پنهنجو،گوپ گولاڻي. (ڇهين جون 2013ع)
    رڳو واسديو موهي، جواب ۾ لکيو ته: سائين بيدل مسرور صاحب توهانجي ميسيج لاءِ مهرباني. مونکي افسوس اهي ته مونکي به منو تولارام گدواڻي نسبت ڄاڻ ڪانهي . مان فيسبوڪ تي گهٽ ايندو آهيان اِن ڪري جواب ۾ دير ٿي ، معافي طلب آهيان . البت ميل ضرور چيڪ ڪندو آهيان قرب واسديو موهي. (18 جون 2013ع).

    ڪيرت چوئـٿرام ٻاٻاڻي:

    نوابشاه جي ڳوٺ مورو لاکو ۾ 03. 01. 1922ع تي پيدا ٿيو. بعد ۾ سندس خاندان صابو راهو لڏي ويو. پنجين درجي کان هو پنهنجي ڪلاس جو مانيٽر رهيو، سندس استاد روچيرام ٿارواڻي هو، جنهن منجهنس اڳتي وڌڻ جو ساهس پيدا ڪيو. بس جلدئي کاڌيءَ جا ڪپڙا پائڻ لڳو. ۽ “فارورڊ اسٽوڊنٽ يونين” جو بنياد وجهي شاگردن کي انقلابي سبق ڏيڻ لڳو، ۽ مهاتما گانڌيءَ جي سلوگن: “برطانوي، هند ڇڏي وڃو” تحت، نوابشاه جي روڊن تي ريلي ڪڍيائين، پر گول بازار وٽ تقرير ڪندي کيس اريسٽ ڪيو ويو. 1945ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ پوري سنڌ جي شاگردن کي ڪٺو ڪيو هئائين، جنهن تي مٿس ڪميونسٽن لاءِ ڪم ڪرڻ جو الزام لڳو. سنڌيءَ جي فارسي ۽ ديوناگري لپيءَ واري سلسلي ۾ به ڪافي سرگرم رهيو. گوبند مالهي ۽ منگهارام ملڪاڻيءَ سان گڏجي “سنڌي ساهت منڊل” جوڙيائين، ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ مظاهرا ڪيائين. سندس گهڻو وقت سياسي ۽ ادبي سرگرمين گذرندو رهيو آهي. ڪيرت ٻاٻاڻي اکل ڀارت سنڌي سڀا جو ارڙهن سالن تائين صدر به رهي چڪو آهي، ۽ سنڌي تشخص، ثقافت ۽ سنڌي هلچل ۾ بهترين ڪردار ادا ڪرڻ تي، ورلڊ سنڌي ڪانفرنس طرفان کيس جي ايم سيد ميموريل ايوارڊ به ڏنو ويو آهي.
    ڪيرت ٻاٻاڻي ڪرڪيٽ، والي بال جو سٺو رانديگر رهيو آهي. هو1947ع ڌاري ڪراچيءَ جي هڪ هفتيوار اخبار “صداقت” 2004ع جو ايڊيٽر به رهيو آهي. اصل ۾ ڪيرت ٻاٻاڻي گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ آهي، خاص طور ادبي ۽ سماجوادي ڪمن ۾ سندس نالو گهڻو مشهور آهي. هن ڪهاڻيون، تنقيد، سوانح ۽ سفرناما لکيا آهن. “اوهان سڀ ننگا آهيو” سندس ڪهاڻين جو مجموعو آهي، جنهن تي کيس ايوارڊ به مليو. سندس گڏ ڪيل سنڌي لوڪ ڪهاڻيون 1990ع ۾ شايع ٿيون، هن پهرين ڪهاڻي “جليبيءَ جو چور” لکي، جنهن کان پوءِ هن ورهاڱي متعلق “هو” ڪهاڻي لکي، ۽ سندس ٽين ڪهاڻي آهي: “مان اداس ڇو آهيان.” سندس لکيل ٽن ايڪٽن واري ناٽڪ: “ڌرتيءَ جو سڏ” تي کيس ساهتيه اڪيڊمي پاران 2006ع ۾ انعام ڏنو ويو، پر سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيرت جي مشهور ڪهاڻي “محمد رام” آهي.

    گنو سامتاڻي:

    گني جو نالو اسان پنهنجي پياري طارق اشرف کان ٻڌو، پر ادب ۾ هن جو ايترو گهڻو ڪم ڪيل ڪونه آهي، ۽ ڪهاڻين ۾ به هندي گهڻي استعمال ڪندو هو. پوءِ به هو پنهنجي ڪهاڻين جي مجموعن: “اپراجتا” ۽ “اڀمان” (1965ع) جي ڪري گهڻو مشهور آهي. گني کي1972ع ۾ “اپراجتا” تي ساهتيه اڪيڊمي پاران انعام به مليو هو. 13.07. 1934 ۾ ڄائو، 16. 08. 1997ع تي پرلوڪ پڌاري ويو. سندس آهي.

    موهن ڪلپنا :

    22 نومر 1930ع تي ڪوٽڙيءَ (سنڌ) ۾ ڄائو ۽ 19 جون 1992ع تي الهاس نگر (ڀارت) ۾ پرلوڪ پڌاري ويو. منهنجي خيال ۾ موهن ڪلپنا پنهنجي لکڻين سبب هند توڙي سنڌ ۾ تمام گهڻي شهرت ماڻي. “آواره”، “جلاوطني”، “پيار جي پڇاڙي”، “درد جو درياه”، “عورت”، “ڪانءُ ۽ سمنڊ” هن جا شاهڪار ناول آهن. ڪهاڻين جا به بيشمار مجموعا شايع ٿيل اٿس، جن ۾ “موهي نر موهي”، “فرشتن جي دنيا”، “پيار ۽ پاپ”، “اها شام” “اٺين ڪٿا” وڌيڪ مشهور آهن. “اها شام” تي 1984ع ۾ کيس ساهتيه اڪيڊمي پاران انعام به ڏنو ويو.آخري ڏهاڙن ۾ هن پنهنجي آتم ڪٿا: “بک، عشق ۽ ادب” لکي، جنهن به تمام گهڻي مقبوليت حاصل ڪئي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 756
    ڪتابن جو مشاهدو: 1267710
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 387995
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ