ڪتاب جو نالو: آجپو گهرجي
مصنف: خالده سحر سومرو
ڇپائيندڙ: قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2009
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 10 جنوري 2017 ع
پڙهيو ويو: 443 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 284 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
”آجپو گهرجي“ شاعره خالده سحر سومرو جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
ڊاڪٽر بدر سومرو لکي ٿو:
”سحر جي شاعريءَ جو هي پهريون مجموعو آهي، جنهن کي پڙهڻ سان سنڌ جا چوٽيءَ وارا شاعر به داد ڏيڻ کان رهي نه سگهندا ڇاڪاڻ جو هن سنڌ واسين کي بي بها ادبي ۽ شعوري سوکڙي تحفي ۾ پيش ڪئي آهي.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران :
  • ادارو
  • پيش لفظ
  • مهاڳ
  • تعارف
  • عابد علي سومرو
  • غزل

  • چراغ مون نئون جلائيو آ
  • محبت جي ڏکي بازي کٽڻ خاطر کپي همت
  • ڪيو پڌرو ڏکن آهي ، ڏکن کان ٿي ڀڄڻ چاهيان
  • اٿم ياد دل سان ابو ۽ امان
  • ننڍ پڻ جا قصا ڪين وسري سگهيا
  • نصيب ۾ عجيب خواب هن
  • سنڌ جي خوشبوءِ ۾ ڀڄندي رهيس
  • هتي ئي گلابن جي سرهاڻ آهي
  • ڌڻي ديس جو پاڻ برباد آهي
  • ديس لئه اهتمام ڪرڻو آ
  • وري اڄ ويل وقت دهرائجي ٿو
  • ابي ۽ امان کي آهي جنهن سڃاتو
  • جاهل آهي گنڀيرن ۾
  • رات جو هر خواب ايندو آ
  • آدم جي آئي اولي ماڻهون هزار آهن
  • ٻوڙي ٻوڙي تاريو ڇو ٿا؟
  • ڪين ڪر اعتبار ماڻهن تي
  • رات وارا خواب نيڻن ۾
  • عجب دنيا جو هي دور آهي
  • اوچتو حادثو ٿيندو آهي ڏٺو
  • انائن جو هتي هر سلسلو آهي
  • خواب آ يا خيال آهي
  • عجب زماني جو موڙ آهي
  • ملندو وري نظارو
  • مليا ڪيئن سوچيندي هان!
  • ديس کي ڪو ڇڏي ٿي روانو ويو
  • ڏيئي مان جي ڏيئو ٻرندو
  • پيار پنهنجو کڻي آزمائي ڏسو
  • قصو ڏينهن جو يا ڪجي رات جو
  • امن جو اڃا وقت وريو نه آ
  • واري واري وار ڪجانءِ
  • پياسن ڪاڻ پياسيون هن
  • گڏجي گڏجي هلندي هلندي
  • ستم ڪش تي ستم ويتر روا ٿيندو ڏٺو آهي
  • انسان هتي هاڻي پريشان گهڻو آ
  • تنهنجي شام سهاني هوندي
  • جلي دل جلائڻ مون کي آهي ايندو
  • فسانو اڱڻ جو اڃان ياد آهي
  • الفت ڀريو هي آدم انسان پيو سڏائي
  • سدائين پنهنجي سوچن جا، نه ڪر هي بند دروازا
  • سواء دل جي مقام ڪهڙو
  • هٽائي خواب خيالن جا حقيقت ۾ ملڻ گهرجي
  • تون مقدر کي آزمائڻ ڏي
  • پاڻ هاڻي پيار کان پلجي کڻي!
  • لڙڪڻ جي برسات رهي ٿي
  • سوين گل گلابي چمن ۾ ڦٽائي
  • لڙڪ پيئي هاريان، ديپ ويٺي ٻاريان
  • مقدر جو مون تي هي ٿورو ٿي پئي هان
  • درياهه جي ڪناري دل کي پياس آهي
  • حال دل جو نه توکي ٻڌائي سگهيس
  • رهن ٿا خواب لڙڪن ۾
  • هر وقت فڪر ۾ آ
  • وفا جي مونکي تلاش آهي
  • بهارن جي نظارن مان ملي مون کي خوشي آهي
  • پاڻ کي تو وٽ وڻائڻ جي ڪجي
  • لڪي نه ڪجهه ڀي لڪائڻو آ
  • لڪيل سڀ راز اندر جا ڀنل نيڻن ٻڌايو آ
  • هر الم آهي غم دل جي اندر اڃان
  • جي وقت ويو هوندو واپس نه ڪيو هوندو
  • وقت جو وقت تي وار ٿيندو ڏٺو
  • دل جليا جيئڙا اڃان تائين
  • زندگيءَ ۾ ايئن ڏٺو اڪثر
  • وري ننڍپڻ جو آيو وقت ناهي
  • ياد اوهان جي آئي آهي
  • آجپي جي جستجو ڪندا رهو
  • محبت ۾ دل کي ئي سرشار ڪر تون
  • ڏئي دل پاڻ ديوانو بڻائڻ جي نه ڪوشش ڪر
  • چمن ۾ آئي بهار آهي
  • پري کان چنڊ کي پنهنجو سڄڻ سمجهيو اجايو مون
  • بچڻ پئي بار بار چاهيو
  • ڪو ڪڏهن پنهنجو پرايو آ لڳو؟!
  • سمورو دل جو احوال آهي
  • فسانا سڀ ويا وسري
  • خدا جو ئي عطيو محبت کي سمجهو
  • نهاريندي رستا، پيا نيڻ روئي
  • جڏهن خيال تنهنجو، وري دل ۾ آيو
  • وقت ڏکيو گذر، ٿي به ويندو ضرور
  • خيالن جو مرڪز ڪو هرپل رهي ٿو
  • جڏهن دل ۾ تنهنجي محبت بڻي آ
  • واڍن کان وڍرايو مون کي
  • دل مان درد ڌڪاريان ڪيئن
  • ياد آيون هن ڳالهيون ٻيهر
  • سنوڻ جي ڪرڻ کي ڇڏي مون ڏنو آ
  • روڊ جو حادثو هجي جيئن
  • ڪبو حسن تي غرور ناهي
  • رهنما ڇا لاءِ رهزن ٿي پيو
  • ياد اچي ٿي هوريان هوريان
  • آيو هي آواز آ
  • دل جي دفتر تي کڻي لکندا رهيا
  • نگاهن سان ڪٺو ويو آ
  • ڪو پياسو نظر اچي ويو آ
  • اکين ۾ اڃان ڪي رهيا لڙڪ آهن
  • ايترو ئي ٻڌائي وڃڻو هو
  • امتياز شاهاڻي

  • ترتيب

    ارپنا

    پنهنجي ''امڙ'' ۽ ''بابا'' جي نانءُ
    منسوب ڪريان ٿي
    جن زندگيءَ جي هر مشڪل گهڙيءَ ۾
    منهنجي رهنمائي ڪئي

    خالده '' سحر'' سومرو


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (319) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ڪتاب ”آجپو گهرجي“ شاعره خالده سحر سومرو جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
    ڊاڪٽر بدر سومرو لکي ٿو:
    ”سحر جي شاعريءَ جو هي پهريون مجموعو آهي، جنهن کي پڙهڻ سان سنڌ جا چوٽيءَ وارا شاعر به داد ڏيڻ کان رهي نه سگهندا ڇاڪاڻ جو هن سنڌ واسين کي بي بها ادبي ۽ شعوري سوکڙي تحفي ۾ پيش ڪئي آهي.“

    هي ڪتاب قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو پاران 2009ع ۾ ڇپايو ويو. مهرباني پياري علي جماليءَ جي جنهن جي ڪاوشن سان ڪتاب جي سافٽ ڪاپي ملي. ٿورائتا آهيون ڀيڻ خالده سحر سومرو جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائيءَ جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ادارو

    ادارو

    سنڌ ڌرتيءَ جي شاعرن ۾ قومي جذبو ڌرتيءَ جي ماروئڙن جو ڏک احساسن، اڌمن زندگيءَ جي هر مسئلي کي پنهنجي شاعريءَ ۾ قلم جي نوڪ سان قلمبند ڪري انهن ماروئڙن جا احساس ٻين تائين پهچائين ٿا. ڌرتيءَ جي شاعرن ۾ هڪ خوبي اها به آهي جو پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ پاڻ پتوڙين ٿا. شاعر جي نظر مان جيڪو ڪجهه گذري ٿو اهو ئي سڀ جو سڀ شاعر لفظن جي مالها ٺاهي سندر سندر جذبا قوم آڏو آڻي ٿو.
    خالدہ ''سحر'' سومرو به انهن شاعرائن ۾ پنهنجي هڪ الڳ حيثيت بيهاري آهي، جيڪا پنهنجي ٽهيءَ جي قد آور شاعرائن ۾ شمار ٿي سگهندي. خالدہ سحر سومرو جو هي پهريون شعري مجموعو ''آجپو گهرجي'' توهان جي هٿن ۾ آهي ۽ توهان هن ڪتاب کي سٺي نموني سان ضرور پڙهندا ته خالدہ سحر جي
    شاعريءَ ۾ توهان کي هن جي فن ۽ فڪر جي پروڙ ٿي ويندي.
    هن دور تائين عورت جي حيثيت اسان جي معاشري ۾ ڪهڙي آهي، ان کان توهان ڀليءَ ڀت واقف به آهيو، پوءِ به سنڌ جي عورت ادب ۾ پنهنجو نمايان ڪردار ادا ڪندي پئي اچي پوءِ خالدہ سحر سومرو جي هن شعري مجموعي ۾ سڀئي غزل آهن ۽ هر هڪ غزل پڙهڻ جهڙو آهي. قلمڪار پبليڪيشن جو چوٿون ڪتاب آهي جيڪو توهان جي نيڻن جي آڏو آهي.
    سال 2009ع کان هن فڪر ۾ هئس ته ڪو ادارو قائم ڪجي جنهن ۾ گڏيل دوستن جي سهڪار سان سلسليوار هر اديب ۽ شاعر جو مواد ڇپائي پڌرو ڪجي، انهيءَ مقصد لاءِ ڪيترن ئي شاعرن اديبن سان ملاقاتون ڪندو رهيس. نيٺ قلمڪار پبليڪيشن جو سٿ منظر عام تي اچي ويو. جنهن ۾ سائين جي ايم رئيساڻي، امتياز شاهاڻي، شيخ نهال جندائي، فياض مسافر بروهي ۽ آءُ شامل آهيون.
    قلمڪار پبليڪيشن 2006ع کان ڪم ڪري پيو ۽ سلسليوار شاعر ۽ اديبن جا ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن. ان سلسلي جي هڪ ڪڙي هيءَ به آهي. جنهن ۾ خالدہ سحر سومرو جو شعري مجموعو اوهان جي هٿن ۾ آهي ۽ توهان جي راءِ جي انتظار ۾ رهندو.

    فقير محمد سنڌي
    قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو


    پيش لفظ

    پيش لفظ

    فاش گويم آن کہ در دل مضمر است
    اين کتابی نیست چیزی دیگر است

    الله تعاليٰ انسان جي دماغ ۾ سڀ کان عظيم خزانو عقل جو رکيو آهي انهيءَ عقل کي سلطنت بدن آدم ۾ گويا عدہءِ وزارت حاصل آهي. اهڙي ذهن ۽ ضمير جي صاحبه خالدہ ''سحر'' سومرو به هڪ آهي جنهن پنهنجيءَ شاعريءَ ۾ زندگيءَ جي هر پهلوءَ تي روشني وڌي آهي تڏهن ڀي عورت هجڻ جي ڪري آزاد اظهار کي محصور ڪيو آهي ليڪن سونهن سڀيتا ۽ سنڌ جي آجپي ۽ نجات واري فڪر ۽ نظريي سان منسلڪ آهي.

    ''سحر'' هي سنڌ سورن ۾ اڃان آهي اوهان هوندي
    وطن کي آجپو گهرجي ادا نيڪين جي بدلي ۾

    ''سحر'' دل ڪيترو آخر ڪندس پنهنجي مان قبضي ۾
    ڏسي ڏک سنڌ جا توکي سنيها ٿي ڏيڻ چاهيان

    ''سحر'' هن سنڌ ماتا جي اٿئي پارت ادا توکي
    نه هر گز ڪنڌ اي ڪونڌر جهڪائڻ جي نه ڪوشش ڪر

    '' سحر'' گهرجي آجپو اڄ سنڌ جو
    اٿ اٿي ڪر ڪين ٻي تي ڀروسو

    ڪفن ٻڌي اڄ وطن جي خاطر
    ''سحر'' ٿي نڪتين ثواب آهي

    ''سحر '' جي آهي تمنا هي ٻڌان !
    آجپي لئه سنڌ تي وڙهندي وئين
    ''سحر'' سنڌ ماتا ڏسي اوهان ڏي
    وطن جي غمن کي آهي ڪو مٽائي

    ٻچڙن جو ڏسي خون ''سحر'' سنڌ ٿي سڏڪي
    هر وقت پنهنجي ماءُ کي ارمان گهڻو آ

    ''سحر'' سنيها ڏي مارن کي
    سنڌ بچايو وڙهندي وڙهندي

    ''سحر'' سلامت جيجي جيئي !
    سنڌ جا ٻيڙا پار ڪجانءِ

    سنڌ ''سحر'' آ جنت جهڙي
    مٽي واري ناڻو سمجهو

    ''سحر'' سنڌ پنهنجي ڏکن ۾ رهي ٿي
    تڏهن ڀي نه سنڌين جو اتحاد آهي.

    ''سحر'' جي شاعري سگهاري سرت ۾ سرجيل تازي تواني ۽ نئين نڪور آهي. ''سحر'' وٽ شاعراڻو مواد ڪافي موجود آهي انهيءَ آس سان ته آئيندہ به اهڙيءَ طرح اوهان جي هٿن ۾ ''سحر'' جا سهسين ڪتاب هوندا.!


    ابوالقاسم محمد هاشم رئيساڻي
    عيد گاهہ محلو، مدئجي


    مهاڳ

    مهاڳ
    ''سحر'' جي شاعريءَ کي تمام غور و فڪر سان پڙهيو آهي. سندس سمورو شعر علم العروض واري قالب جي ماپ ۾ سمايل آهي ۽ ڪٿي به بحر وزن جي گهٽتائي يا چڪ نظر نه آئي، جنهن ڪري اهو سندس قابليت جو چٽو ثبوت آهي ۽ ساڳي وقت اصلاح ڪندڙ ڏانهن نظر ڪبي ته هن دور جو مايا ناز اصلاح ڪندڙ ۽ نه فقط بحر وزن جو ڄاڻو پر هن ڏس ۾ کيس کي استاد الشعراء چئجي ته ڪو وڌاءُ نه آهي. هي ''سحر'' جو بخت کليو جو اسان جي ''استاد الشعرآءَ'' محترم و مڪرم سائين جي ايم رئيساڻي مدئجويءَ جي مبارڪ هٿن ۾ مواد پهتو.
    ''سحر'' جي شاعريءَ جو هي پهريون مجموعو آهي، جنهن کي پڙهڻ سان سنڌ جا چوٽيءَ وارا شاعر به داد ڏيڻ کان رهي نه سگهندا ڇاڪاڻ جو هن سنڌ واسين کي بي بها ادبي ۽ شعوري سوکڙي تحفي ۾ پيش ڪئي آهي ''سحر'' انهن شاعرن ۾ شامل ٿي آهي. هن انسانن کي زبردست شعور ڏنو ۽ اڄ به انهن لاءِ سنڌ تي ناز آهي هلندڙ دور ۾ جيتوڻيڪ عورتن مان شاعري ڪندڙ جو ڳاڻاپو گهٽ واري خال کي ''سحر'' پر ڪرڻ جي بهترين ڪوشش ڪئي آهي، جڏهن ته عورت جو شاعريءَ جي دنيا ۾ داخل ٿيڻ تمام مشڪل هوندو آهي، تنهن هوندي به هن سڀني رنڊڪن سان مهاڏو اٽڪائي شاعريءَ واري دنيا ۾ داخل ٿي داد حاصل ڪيو آهي، جنهن لاءِ واقعي ''سحر'' تحسين جي مستحق آهي، جڏهن ته هن جو جنم اهڙي سماج ۾ ٿيو آهي جتي عورت ذات کان ڪڇڻ پڇڻ جا سڀ حق کسيا ويا آهن، اهڙي سماج ۾ بهادر عورت جو پيدا ٿيڻ اسان سنڌي قوم جي لاءِ اعزاز ۽ فخر آهي ''سحر'' جي شاعريءَ ۾ سماجي براين کي عيان ڪرڻ به آهي ته پنهنجي ديس جي جي عظمت کي به ماڻهن جي حال تي ڀال ڪرڻ جو احوال به ڪيو اٿس ته سندن مٿان ٿيندڙ ظلم به نمايان ڪيا آهن انهن کان علاوه ''سحر'' پنهنجي والدين سان بيحد محبت جو اظهار ۽ سهيلين جو پيار هن طرح اظهاريو آهي:

    *
    اٿم ياد دل سان ابو ۽ امان،
    خيالن ۾ سامهون اڱڻ ٿي پسان
    *
    ڏسان ٿي سهيلين سان گڏجي ويهي، مان سهرا ٿي ڳايان ادي جا گهڻا.
    ''سحر'' پنهنجي ننڍ پڻ جو اظهار هن ريت ڪيو آهي، پڙهي ته ڏسو!
    *
    ننڍپڻ جا قصا ڪين وسري سگهيا،
    زخم دل جا اڃا ڪين ڀرجي سگهيا.

    ''سحر'' پاڻ کي غمن کان پري خوش زندگي رهڻ جي به ڳالهه ڪئي آهي:

    پاڻ کي تو وٽ وڻائڻ جي ڪجي
    ڳالهه ڪائي مسڪرائڻ جي ڪجي

    هن پنهنجي شعر ۾ سماج جي اونائين جو دور ڪرڻ به نه وساريو آهي:

    عجب دنيا جو هي دور آهي،
    ڪميني ماڻهون جو زور آهي.
    *
    ڪٿي نه آهي شرف، شرافت
    ڪمينو هرجاءِ مور آهي.

    ''سحر'' انسان کي خدا جي خوف ۽ موت کان به آگاهہ ڪري ٿي:

    موت کان ڪين ماڻهون بچي ٿو سگهي
    موت کي مهربان ٿيندو ناهي ڏٺو

    ''سحر'' اسلامي فڪر کي ضروري سمجهي اظهاري ٿي:

    سڀن جي هتي رهگذر زندگي آ
    سافر آ ماڻهون، سفر زندگي آ

    '' سحر'' وقت جي حڪومت کي به پرکيو ۽ پروڙيو خوب آهي هن کي خبر آهي ته ''هاٿيءَ کي کائڻ جا ڏند هڪڙا ته ڏيکارڻ جا ٻيا‏‏'' پنهنجي حڪمرانن جو به اهڙو حال ظاهر ڪري ٿي:

    امن جو اڃان وقت وريو نه آ،
    ظلم آهي ظالم ته رهيو نه آ،
    *
    وطن کي سينگارڻ جا اعلان ٿيا،
    اڃا فائدو ڪنهن کي رسيو نه آ

    عوام الناس سان جيڪا هت جٺ ٿئي ٿي انهيءَ کي ظاهر ڪرڻ کان ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي.
    ستم ڪش تي ستم ويتر روا ٿيندو ڏٺو آهي،
    وري وارو وريو ناهي جفا ٿيندو ڏٺو آهي.

    اڃا ''سحر'' چوي ٿي ته ستم ظريفيءَ جي ڪري انسان جو ڪافي نقصان ٿئي ٿو:

    انسان هتي پاڻ پريشان گهڻو آ،
    هر ڪنهن جو ويو آهي ٿي نقصان گهڻو آ.

    '' سحر'' پنهنجي ڌرتيءَ ماتا سان پيار کي شعر ۾ هيئن بيان ڪيو آهي:

    مٽي ماتا مٿان صدقي ڪري سر ساهه نڀائي وڃ
    ڪري قربان هر سامان ڌرتيءَ کي بچائي وڃ

    ''سحر'' پنهنجي سنڌ ماتا جي آزاديءَ جو اظهار پڻ هن طرح ڪري ٿي:

    آزاد کان اوجهل ماڻهون،
    گونگو، ٻوڙو، ڪاڻو سمجهو.
    *
    سنڌ ''سحر'' آ جنت جهڙي
    مٽي، واري، ناڻو سمجهو.


    ڊاڪٽر بدرالدين سومرو، مدئجي


    تعارف

    تعارف

    *نالو : خالده سومرو
    *ادبي نانُ : خالده ''سحر'' سومرو
    *ولديت : شير علي سومرو
    *جنم : پريل 1988ع
    *جنم ڀومي : لاڙڪاڻو شهر
    *پرائمري تعليم : گورنمينٽ پرائمري گرلس اسڪول محمد پور لاڙڪاڻو
    *مئٽريڪيوليشن : گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو
    *ايل ايل بي : شاهہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور
    *شاعريءَ جي شروعات : سال 2004


    عابد علي سومرو

    عابد علي سومرو











    FROM POETESS

    The whole adoration is for
    Almighty Allah and fathomless
    Love is for our beloved prophet
    (peace be upon him) who taught
    Humanity the lesson of modesty
    And tribute goes to his sacred
    Family and his honest
    Companions.

    Poetry itself is not only the
    combination of experiences,
    observations, and ups and downs
    of life but it is also a pen-
    movement to get rid of evils and
    malpractices of our society

    My poetry is also a pen-revolution
    In which there are the stories of
    Sorrows and it is connected with
    The hope of future


    I am highly thankful to Mr. Fakir
    Muhammad Sindhi who helped
    Me in all directions to publish the
    Book. I am also thankful to Mr.
    G.M.Raisani Madejivi who
    Reformed my poetry.

    In the end, I am supposed to say
    thanks to the whole team of
    Kalmkar publication larkana.
    That had my book published.



    KHALIDA ''SAHER '' SOOMRO
    LARKANA


    غزل

    چراغ مون نئون جلائيو آ

    چراغ مون نئون جلائيو آ
    الائي هي ڪنهن هُلائيو آ

    بغير لالچ، خدا جي ڪارڻ
    ڀليل کي رستو ٻڌائيو آ

    رهيس مان مضبوط غير اڳيان
    اچي ئي پنهنجن ڀڄائيو آ

    خواب آهن سفر، حشر جا
    نصيب سڀ کي ملائيو آ

    وصل جو رشتو ازل کان آهي
    اوهان نه ڪنهن کي گڏائيو آ

    اداس ٿي دل جڏهن به آهي
    ''سحر'' سدائين سنڀاليو آ


    محبت جي ڏکي بازي کٽڻ خاطر کپي همت

    محبت جي ڏکي بازي کٽڻ خاطر کپي همت
    جگر تي وار گهري کي سهڻ خاطر کپي همت

    سفاڪن کان ڇڏايو سنڌ پنهنجي جند کي هاڻي
    عزم مضبوط ڪر پنهنجا اٿڻ خاطر کپي همت

    نڀايو نينهن ڪالهوڪن، اڄوڪا رسم جا راهي
    عمر ايئن گذارڻ کان مرڻ خاطر کپي همت

    ''سحر'' کان اڳ اٿڻ گهرجي، اٿاريو ڀائرو ڀينرو
    هلو ثابت قدم ٿي سڀ هلڻ خاطر کپي همت




    ڪيو پڌرو ڏکن آهي ، ڏکن کان ٿي ڀڄڻ چاهيان

    ڪيو پڌرو ڏکن آهي ، ڏکن کان ٿي ڀڄڻ چاهيان
    عمر باقي ڪري خوشيون، سکن ۾ ٿي رهڻ چاهيان

    خوابن جي بياباني، جبل، بر، ٿر اڃا ٻيلا
    ڦٽيل پيرين اورانگهي سڀ، خوشيءَ سان ٿي وڃڻ چاهيان

    وڃا اُڪري سمنڊ سارو، بنا ڪنهن دير جي هاڻي
    پرينءَ ڀر مان هجان حاضر اهو ڪم ٿي ڪرڻ چاهيان

    ستائي ٿي خوابن ۾، خدا ڄاڻي ته ڇا آهي
    اُها هستي حقيقت ۾ اکين سان ٿي ڏسڻ چاهيان

    ''سحر'' دل ڪيترو آخر ڪندس پنهنجي مان قبضي ۾
    ڏسي ڏک سنڌ جا توکي سنيها ٿي ڏيڻ چاهيان



    اٿم ياد دل سان ابو ۽ امان

    اٿم ياد دل سان ابو ۽ امان
    خيالن ۾ سامهون اڱڻ ٿي ڏسان

    ڏسان ٿي ته ڀائو گُڏو ٿو کڻي
    وڃي مان به ان جا چدا ٿي کڻان

    ڏسان ٿي سهيلين سان گڏجي ويهي
    مان سهرا ٿي ڳايان ادي جا گهڻا

    ڏسان ٿي مان نظرن جي آغوش ۾
    سڀن کي اچانڪ اچي ٿي وڃان

    ٿيو فيصلو منهنجي سينگار جو
    لٿي سج وري شل ''سحر'' ٿي سگهان


    ننڍ پڻ جا قصا ڪين وسري سگهيا

    ننڍ پڻ جا قصا ڪين وسري سگهيا
    زخم دل جا اڃان ڪين ڀرجي سگهيا

    ياد ماضيءَ سندي قهر آهي ڪيو
    عڪس نيڻن منجهان ڪين نڪري سگهيا

    وقت جا وار ويا، ڪين آيا وري
    ٿي خطا ڇا ڪجي ڪين گڏ ٿي سگهيا

    اي خدا ڏي وري ننڍپڻ جي عمر
    لفظ دعا جا ايئن نيٺ اڪري سگهيا

    ''سحر '' آهي ٽٽو پوءِ نروار ٿيا
    ڇا ڪيان ڀروسا ڪين بيهي سگهيا


    نصيب ۾ عجيب خواب هن

    نصيب ۾ عجيب خواب هن
    غريب جا غريب خواب هن

    وڃي وڃان ڪٿي وڃي لڪان
    پيا پٺيان رقيب خواب هن

    ڀڄي ڀڄي پيس ته مان ٿڪي
    اچي ٿيا قريب خواب هن

    سجاڳ ٿي وري نئين ''سحر''
    ڪڏهن ڪڏهن طبيب خواب هن


    سنڌ جي خوشبوءِ ۾ ڀڄندي رهيس

    سنڌ جي خوشبوءِ ۾ ڀڄندي رهيس
    روح ۾ ئي سنڌ سان جڙندي رهيس

    آجپي جو راز آ اتحاد ۾
    هي سنيهو سنڌ جو ڏيندي رهيس

    سنڌ منهنجي ماءُ ۽ تنهنجي به آ
    ايئن پنهنجن کي لقب ڏيندي رهيس

    ''سحر'' جو مون کي صدائون ٿيون اچن
    جاڳ ۽ جاڳاءِ هي ٻڌندي رهيس



    هتي ئي گلابن جي سرهاڻ آهي

    هتي ئي گلابن جي سرهاڻ آهي
    خوشين ۾ خوشين جي به چانڊاڻ آهي

    عجب آهي منظر خوشي ۽ غميءَ جو
    خوشين ۾ روئڻ جي به واکاڻ آهي

    پڇيو ڪين مون کان نه ڀلجي به ڪوئي
    اوهان کي اکين ۾ ڇو لالاڻ آهي

    مليو آجپو آهي سڀني کي ليڪن
    ''سحر'' سنڌ شايد غمن ڪاڻ آهي


    ڌڻي ديس جو پاڻ برباد آهي

    ڌڻي ديس جو پاڻ برباد آهي
    ٻڌڻ وارو ڪونهي هي فرياد آهي

    غمن ۾ گذارن ٿا هت ديس واسي
    تڏهن منهنجي دلڙي ٿي ناشاد آهي

    ڪري سنڌ قبضو رهيا غير آهن
    اڃا ڀي انهن لاءِ امداد آهي

    ''سحر'' سنڌ پنهنجي ڏکن ۾ رهي ٿي
    تڏهن ڀي نه سنڌين جو اتحاد آهي


    ديس لئه اهتمام ڪرڻو آ

    ديس لئه اهتمام ڪرڻو آ
    وقت سر سڀ، تمام ڪرڻو آ

    ساهه جيجل مٿان ڪرڻ صدقي
    عشق جو انتظام ڪرڻو آ

    ڪنڌ ڪونڌر جهڪائيو ناهي
    سنڌ کي پر سلام ڪرڻو آ

    سنڌيو سڀ بشير جهڙا ٿيو
    هيءُ پيغام عام ڪرڻو آ

    ''سحر'' سڀ واعده وفا خاطر
    پنهنجو قائم ڪلام ڪرڻو آ






    وري اڄ ويل وقت دهرائجي ٿو

    وري اڄ ويل وقت دهرائجي ٿو
    حوّا جي نياڻيءَ کي دفنائجي ٿو

    ظلم آهي جاري نه انصاف آهي
    وڃي شاهدن کي به مارائجي ٿو

    نياڻي کي ناحق ڪري ڪاري پنهنجي
    سبب سو به غيرت جو سڏرائجي ٿو

    الم ڪوڙ جو اوچو آهي اڃان ڇو؟
    سدا سچ کي هر جاءِ هارائجي ٿو

    ''سحر'' جنهن به آواز اوچو ڪيو جي
    وڏو مچ انهيءَ لاءِ ٻارائجي ٿو






    ابي ۽ امان کي آهي جنهن سڃاتو

    ابي ۽ امان کي آهي جنهن سڃاتو
    انهيءَ تي خدا جو ته هوندو آ سايو

    امان چئي اڱڻ ۾ مان ڪنهن کي پڪاريان
    مون کي منهنجي جيجل پياري پسايو

    نٿي ماءُ وسري، توڙي ڏينهن ٿيا هن
    انهن کان پڇيو جن آ جيجل وڃايو

    ابي ۽ امان جي ڪيان ڳالهه ڪهڙي
    ''سحر'' کي سکن ۾ انهن هو نپايو


    جاهل آهي گنڀيرن ۾

    جاهل آهي گنڀيرن ۾
    ريتن رسمن زنجيرن ۾

    رات ڏٺائين خواب هزارين
    سوئي گم صم تعبيرن ۾

    مرندو ناهي جيئرو آهي
    ليکڪ پنهنجي تحريرن ۾

    ''سحر'' سدائين عالم، فاضل
    ويچا ريندو تفسيرن ۾


    رات جو هر خواب ايندو آ

    رات جو هر خواب ايندو آ
    ننڊ کي ڀي شباب ايندو آ

    ڪو ڊڄي ساهه جي ڪري تنهن تي
    بيو سيءَ جو خطاب ايندو آ

    درد دل مان پري ڪرڻ خاطر
    ها هٿن ۾ ڪتاب ايندو آ

    ''سحر'' خاموش ٿي رهان بهتر
    توڻي جو هر جواب ايندو آ



    آدم جي آئي اولي ماڻهون هزار آهن

    آدم جي آئي اولي ماڻهون هزار آهن
    انسانيت جي اندر ٿورا شمار آهن

    هر روز ٿو وڪامي مزدور پيٽ خاطر
    توکي شراب جا هي گهرا خمار آهن

    ويچار ڪو ڪيو ٿئي تنهنجي هٿن کان ڦرجي
    ماڻهون خدا جي در تي ڪندا پڪار آهن

    رشوت وٺي ٿو کائين الله ٿو رنجائين
    بلڪل اڃان نبيءَ جا توتي ميار آهن

    سانجهي ''سحر'' بکن ۾ ماڻهون رهن ٿا ڪيئي
    سردار تون انهن جو تو کي قرار آهن


    ٻوڙي ٻوڙي تاريو ڇو ٿا؟

    ٻوڙي ٻوڙي تاريو ڇو ٿا؟
    ناحق ناري ماريو ڇو ٿا؟

    دوست اوهان جا سڀ هت آهيون
    دشمن سمجهي واريو ڇو ٿا؟

    ڪين ڪريو ٿا منهن تي شڪايت
    بغض بگهڙ کي ڌاريو ڇو ٿا؟

    جذبن کي رانديڪو سمجهي
    ماڻهن کي آزاريو ڇو ٿا؟

    ريت ڪُريت اوهان جي آهي
    ''سحر'' کي ساڙي ساريو ڇو ٿا؟






    ڪين ڪر اعتبار ماڻهن تي

    ڪين ڪر اعتبار ماڻهن تي
    دل چري بار بار ماڻهن تي

    وقت موٽي وري نه ايندو آ
    ڇا ڪجي؟ رهگذار ماڻهن تي

    نير نيڻين کڻي ڇڏ لڪائي
    ڪين ٿي اشڪبار ماڻهن تي

    ''سحر'' غم جو اثر ڪري ٿو پر
    چپ ڪجي سوڳوار ماڻهن تي


    رات وارا خواب نيڻن ۾

    رات وارا خواب نيڻن ۾
    ٿا لڳن ماهتاب نيڻن ۾

    چنڊ جي روشني چٽي ليڪن
    وڌ اڃا آفتاب نيڻن ۾

    عڪس آهن اکين اڳيان باقي
    ڇا ته آهن گلاب نيڻن ۾

    رات ۽ ڏينهن يا ''سحر'' سانجهي
    وقت جا هن حساب نيڻن ۾



    عجب دنيا جو هي دور آهي

    عجب دنيا جو هي دور آهي
    ڪميني ماڻهون جو زور آهي

    ڪٿي نه آهي شرف، شرافت
    ڪمينو هر جاءِ مور آهي

    عزيز رشتا خسيس ٿي ويا
    اڃا به امڪان اور آهي

    غريب ماڻهون سماج اندر
    ''سحر'' سدائين ڪو ڍور آهي


    اوچتو حادثو ٿيندو آهي ڏٺو

    اوچتو حادثو ٿيندو آهي ڏٺو
    هر ڪنهن کي هتان ويندو آهي ڏٺو

    موت کان ڪين ماڻهون بچي ٿو سگهي
    موت کي مهربان ٿيندو ناهي ڏٺو

    ڪو سڪندر جيان پنهنجي اکين اڳيان
    سج کي هيٺ لهندو نه آهي ڏٺو

    ڇا سبب آ هتي گهر ۾ اڃا
    ''سحر'' کي مسڪرائيندو ناهي ڏٺو


    انائن جو هتي هر سلسلو آهي

    انائن جو هتي هر سلسلو آهي
    جفائن جو هتي هر سلسلو آهي

    ڪٿي اڻ کٽ بهارن جون هوائون هن
    خزائن جو هتي هر سلسلو آهي

    ڪٿي عيدون، ڪٿي ماتم مگر پوءِ ڀي
    صدائن جو هتي هر سلسلو آهي

    رهي ٿو ڇو منهنجي ناڪام نيڻن ۾
    خوابن جو هتي هر سلسلو آهي

    ''سحر'' سانجهي ڳڻيندي سال ويا گذري
    حسابن جو هتي هر سلسلو آهي






    خواب آ يا خيال آهي

    خواب آ يا خيال آهي
    سوال ۾ ئي سوال آهي

    چري نه سمجهي سگهي آ دلڙي
    حواس کان ٿي بتال آهي

    حيات هوندس خوشين حوالي!
    ملي نه ڪا شيءِ ملال آهي

    گهڙي پلڪ جي حُسن جواني
    رهيو نه باقي جمال آهي

    ''سحر'' خدائي پٽي پڙهائي
    ڏسو قلم جو هي ڪمال آهي




    عجب زماني جو موڙ آهي

    عجب زماني جو موڙ آهي
    الائي ڇا جو هي گوڙ آهي

    نفيس دل کي هڻن ٿا پٿر
    سندن هي ساڳيو ئي توڙ آهي

    نظر نه آهي نظر نظر ۾
    بري هي صحبت جو جوڙ آهي

    ''سحر'' ئي آهي سحر سدائين
    ڪٿي ته اوندهه جو توڙ آهي


    ملندو وري نظارو

    ملندو وري نظارو
    درياهه جو ڪنارو

    سو چنڊ کي به ڇهندو
    جنهن جو خدا سهارو

    اوندهه رهي نه رهندي
    اڀريو اجهو ستارو

    توتي ''سحر'' لڳي ٿو
    جو روح ٿئي اڃارو


    مليا ڪيئن سوچيندي هان!

    مليا ڪيئن سوچيندي هان!
    وڇڙيا ڪيئن سوچيندي هان!

    سندر ڳالهيون ساهيڙين جون
    نسريان ڪيئن سوچيندي هان!

    جيون جا غم سهندي سهندي
    گذريا ڪيئن سوچيندي هان!

    وسرڻ جهڙا ڪين هئا پر
    وسريا ڪيئن سوچيندي هان!

    پنهنجا وعدا ''سحر'' سدائين
    پاڙيان ڪيئن سوچيندي هان!


    ديس کي ڪو ڇڏي ٿي روانو ويو

    ديس کي ڪو ڇڏي ٿي روانو ويو
    دل جو گلشن اجهو ٿي ويرانو ويو

    زور زور واري سان جهڪايو نه آ
    پيار ۾ آدمي ٿي ديوانو ويو

    نانگ نڪري ويو پيٽو ڪٽجي پيو
    هي سڀن کي لڳي هٿ بهانو ويو

    سچ چوڻ جي خطا مون ڪئي جابجا
    پوءِ دشمن منهنجو ٿي زمانو ويو

    آ قصو هي سڄو ''سحر'' جي روح جو
    موت ان پوءِ ڇو ٿي فسانو ويو


    ڏيئي مان جي ڏيئو ٻرندو

    ڏيئي مان جي ڏيئو ٻرندو
    روشن روشن گهر گهر ٿيندو

    ساٿي ساري گڏجي هلبو
    منزل ملندي پنڌ به کٽندو

    محرم آهي مجرم بڻيو
    دل جو ڪيئن گهاءُ ڀريندو

    انسانن جا سک وڃائي
    ڏکيو ٿيندو ڏک جي ڏيندو

    ''سحر'' مقدر تنهائي آ
    ڪيستائين راهي رهندو


    پيار پنهنجو کڻي آزمائي ڏسو

    پيار پنهنجو کڻي آزمائي ڏسو
    ڪنهن به محتاج ڏي هٿ وڌائي ڏسو

    مرڪ منهن تي رکو جي رکي ٿا سگهو
    ڪا اداسي اکين ۾ لڪائي ڏسو

    بيوسي نانءِ سان زندگيءَ کي زهر
    جي گهرو ٿا ڏيڻ دل لڳائي ڏسو

    ننڊ سانجهي ''سحر'' ڪين ايندي ڪڏهن
    پئجي ويندو پتو دل ڦرائي ڏسو


    قصو ڏينهن جو يا ڪجي رات جو

    قصو ڏينهن جو يا ڪجي رات جو
    غمن جي ڪهاڻين جي حالات جو

    هجر ۾ جنهن ڪاٽيو سموري عمر
    ڪندو ڇو نه ارمان جذبات جو

    نه وڍ پاڙ کان وڻ، ذرا سوچ ڪر
    پکي ڪاڏي ويندا، ٿي برسات جو

    ''سحر'' ۾ سڀاڻي عمل ڪر، نڪي
    فصل پوکيو خواب خيالات جو


    امن جو اڃا وقت وريو نه آ

    امن جو اڃا وقت وريو نه آ
    ظلم آهي جاري ۽ ظالم نه آ!؟

    ظلم ساڳيو آ، ستمگر ٿا مٽجن
    سکن جو پهر ڪو به پسيو نه آ

    وطن کي سينگارڻ جا اعلان ٿيا
    اڃا فائدو ڪنهن کي رسيو نه آ

    ''سحر'' هن اڃا نفرتون چوٽ تي
    سڄڻ ساٿ ڏيندڙ ڪو رليو نه آ


    واري واري وار ڪجانءِ

    واري واري وار ڪجانءِ
    ساري ساري سار ڪجانءِ

    وڃبو طوفانن کان نڪري
    واعدا پاڙي پار ڪجانءِ

    سختيءَ سان ڪجهه ورڻو ناهي
    پنهنجن سان تون پيار ڪجانءِ

    سنڌ امڙ جي ويرين کي تون
    ماري ماري مار ڪجانءِ

    ''سحر'' سلامت جيجي جيئي
    سنڌ جا ٻيڙا پار ڪجانءِ


    پياسن ڪاڻ پياسيون هن

    پياسن ڪاڻ پياسيون هن
    اکيون هتڙي نراسيون هن

    امن جي لاءِ پيرن تي
    گهڻو ئي باس باسيون هن

    اڙي! واعظ ڪيو تو بند
    قلعي اندر ڪي ساسيون هن

    ''سحر'' هن سنڌ جي اندر
    هزارين روز ڦاسيون هن


    گڏجي گڏجي هلندي هلندي

    گڏجي گڏجي هلندي هلندي
    وڇڙي وياسين ملندي ملندي

    لڙڪ ڪري پيا مستقبل تي
    روز رُناسون ايندي ويندي

    ساهيڙيون ٿيون مونکي سارن
    کلندي کلندي روئيندي روئيندي

    ''سحر'' سنيها ڏي مارن کي
    سنڌ بچايو وڙهندي وڙهندي



    ستم ڪش تي ستم ويتر روا ٿيندو ڏٺو آهي

    ستم ڪش تي ستم ويتر روا ٿيندو ڏٺو آهي
    وري وارو وريو ناهي، جفا ٿيندو ڏٺو آهي

    هجان مان گڏ سهيلين سان صلاحن ۾ ايئن مون کي
    مليو ناهي وري موقعو، جدا ٿيندو ڏٺو آهي

    رهي آزاد آهي دل نه ٿي سمجهي نصيحت کي
    الائي ڇو اڃان واعظ! خفا ٿيندو ڏٺو آهي

    ''سحر'' سانجهي خدا ڄاڻي ڪمي ڪائي ڪٿي ڪانهي
    هتي هر ڪو انائن جو خدا ٿيندو ڏٺو آهي





    انسان هتي هاڻي پريشان گهڻو آ

    انسان هتي هاڻي پريشان گهڻو آ
    هر ڪنهنجو ويو ٿي نقصان گهڻو آ

    ناشاد رهي دل ٿي سدا پوءِ ڪجي ڇا؟
    راحت نه، مگر موت جو سامان گهڻو آ

    ڪو شخص ٿيو عشق ۾ بي راهه پياسو
    مستان جي امڪان جو ميدان گهڻو آ

    ٻچڙن جو ڏسي خون ''سحر'' سنڌ ٿي سڏڪي
    هر وقت پنهنجي ماءُ کي ارمان گهڻو آ




    تنهنجي شام سهاني هوندي

    تنهنجي شام سهاني هوندي
    هر شيءِ ۾ آساني هوندي

    تو وٽ تحفا ۽ دل واري
    ڪا تصوير نشاني هوندي

    اڄ به اداسي پلجي پيئي
    موسم تيز ڪماني هوندي

    روشن آهي ''سحر'' اوهان لئه
    منهنجي لاءِ امڪاني هوندي


    جلي دل جلائڻ مون کي آهي ايندو

    جلي دل جلائڻ مون کي آهي ايندو
    کلي سڀ کلائڻ مون کي آهي ايندو

    ڪري ماٺ ويهي رهان يا ته ورنه
    کرو سچ ٻڌائڻ مون کي آهي ايندو

    سچي ڳالهه آهي سوين لڙڪ پنهنجا
    اکين ۾ لڪائڻ مون کي آهي ايندو

    ''سحر'' سوچ دنيا هي سوڙهي ٿي وئي آ
    مگر منهن مٽائڻ مون کي آهي ايندو


    فسانو اڱڻ جو اڃان ياد آهي

    فسانو اڱڻ جو اڃان ياد آهي
    سهيلين ملڻ جو اڃان ياد آهي

    سهيلين سان گڏجي سمنڊ ڪناري
    پهر گڏ گهمڻ جو اڃان ياد آهي

    هُيون ڇوڪريون سڀ پنهنجي پاڙي واريون
    ڪلاسي هجڻ جو اڃان ياد آهي

    سڄي رات ننڊ ۾ ڏٺم خواب اهڙا
    ''سحر'' سو روئڻ جو اڃان ياد آهي


    الفت ڀريو هي آدم انسان پيو سڏائي

    الفت ڀريو هي آدم انسان پيو سڏائي
    ناهي ورونهن پو ڀل حيوان پيو سڏائي

    اظهار عشق جو ڪيو هن پنهنجي پر ۾ آهي
    ليڪن عوام هن کي مستان پيو سڏائي

    جيون سواءِ هن جي گهارڻ ٿيو جي مشڪل
    سو شخص زندگيءَ کي ارمان پيو سڏائي

    ٿيندو ''سحر'' يقينن جي اعتبار آهي
    هر دلعزيز سڀ جو جانان پيو سڏائي


    سدائين پنهنجي سوچن جا، نه ڪر هي بند دروازا

    سدائين پنهنجي سوچن جا، نه ڪر هي بند دروازا
    کڻي احساس يادن جا نه ڪر هي بند دروازا

    اڏامڻ ڏي پکين تون کليل پنهنجي فضائن ۾
    پکين جي هاڻي پڃرن جا نه ڪر هي بند دروازا

    اچن ٿا خواب، ڊوڙيندا، خوابن جو سهارو آ
    مگر منهنجي تون ننڊن جا نه ڪر هي بند دروازا

    ڪجن ڪهڙيءَ طرح جذبا ''سحر'' سر ساهه قبضي ۾
    ٽٽل هن بند نيڻن جا نه ڪر هي بند دروازا




    سواء دل جي مقام ڪهڙو

    سواء دل جي مقام ڪهڙو
    عظيم آهي قيام ڪهڙو

    بغير پيئڻ وڃائي ويهان
    ٻڌائي ساقي آ جام ڪهڙو

    عجب زماني جو سلسلو آ
    ڏنو هوائن پيام ڪهڙو

    پيار دلدل ۾ پاڻ ڦاسي
    اسان وياسين تمام ڪهڙو

    پٿر ''سحر'' تي وسائيو جن
    هيو انهن جو نظام ڪهڙو


    هٽائي خواب خيالن جا حقيقت ۾ ملڻ گهرجي

    هٽائي خواب خيالن جا حقيقت ۾ ملڻ گهرجي
    پري کان چنڊ ڏسجي ٿو وڃي ويجهو ڏسڻ گهرجي

    رکون ٿا آرزو دل ۾، گهمون گڏجي فضائن ۾
    سهيلين ساٿ سامونڊي ڪناري تي هجڻ گهرجي

    اکين مان لڙڪ هاريندي ويا هن سال ڪي گذري
    مليو آ موقعو هاڻي اسان کي خوش ٿيڻ گهرجي

    وفا عيوض وفا گهرجي، جفا سان ڇا وڃي پنهنجو
    ''سحر'' جي روشني گهر گهر، ڏيڻ گهرجي ٿيڻ گهرجي


    تون مقدر کي آزمائڻ ڏي

    تون مقدر کي آزمائڻ ڏي
    پاڻ آزاد پير پائڻ ڏي

    ها غمن سان گهڻو نڀايو آ
    ڪا خوشين کي گهڙي ملهائڻ ڏي

    ڇو پکين کي کڻي تو واڙيو آ
    کول پڃرو پکي اڏامڻ ڏي

    ڪر وڃي احتساب عملن جو
    عشق کي دل ۾ گهر اڏائڻ ڏي

    ٿئي نه شايد ملڻ ''سحر'' ايئن
    آڻ خوشيون غم ڀڄائڻ ڏي


    پاڻ هاڻي پيار کان پلجي کڻي!

    پاڻ هاڻي پيار کان پلجي کڻي!
    سور پنهنجو پاڻ کي سلجي کڻي!

    قاعدو دنيا جو ڪو ناهي رهيو
    روشنيءَ جي ڪاڻ خود جلجي کڻي

    پاڻ پنهنجا غم ڪجن دل ۾ دفن
    مسڪرائي لوڪ سان ملجي کڻي

    گل مٿان ڪر بندشون تون ڀي ''سحر''
    جيستائين مهڪ جهلجي کڻي


    لڙڪڻ جي برسات رهي ٿي

    لڙڪڻ جي برسات رهي ٿي
    جذبن جي جذبات رهي ٿي

    عمر تمامي ساٿ نه گهريو
    مخصوص ملاقات رهي ٿي

    چنڊ نه گهرجي مون کي مولا!
    دل ۾ روشن رات رهي ٿي

    تو بن ٻي جي جاءِ نه ڪائي
    دل ۾ تنهنجي تات رهي ٿي

    ''سحر'' سلامت ملڻي آهي
    هر ڪنهن وائي وات رهي ٿ


    سوين گل گلابي چمن ۾ ڦٽائي

    سوين گل گلابي چمن ۾ ڦٽائي
    محبت جا موتي هٿن ۾ ورهائي

    سدائين رهيو خواب ۾ آدمي آ
    خوابن جو تعبير ڪوئي ٻڌائي

    خيالن ۾ جنهن کي رهڻ آ ڏنو مون
    اچي ننڊ ۾ سا گهڻو ٿي ستائي

    محبت جا ڪشڪول ڏيندا ڀريندا
    جڏهن سنڌ آزاد از خود چوائي

    ''سحر'' سنڌ ماتا ڏسي ٿي اوهان ڏي
    وطن جي غمن کي آهي ڪو مٽائي؟!



    لڙڪ پيئي هاريان، ديپ ويٺي ٻاريان

    لڙڪ پيئي هاريان، ديپ ويٺي ٻاريان
    آس آهي آس جي آس کي ٿي ساريان

    روز راڙو روح کي، آهي من! پو ڇا ڪجي؟
    بيوسيءَ جي زور تي آب نيڻين هاريان

    سير ۾ ٻيڙو وڃي سو ڦري چؤڦير ٿو
    هٿ دعا جي واسطي مان خدا ڏي ٿي کڻان

    دل خدا جو گهر به آ، دل محبت جاءِ ڀي
    تو ته ڪعبو ڊاهيو مان پئي ٿي ٺاهيان

    آ دعائن جو ''سحر'' ڀروسو دل کي اڃان
    دل لڳيءَ سان دل کڻي دل وري ٿي جوڙيان


    مقدر جو مون تي هي ٿورو ٿي پئي هان

    مقدر جو مون تي هي ٿورو ٿي پئي هان
    نه هر خواب منهنجو اڌورو ٿي پئي هان

    نوان ملڪ آزاد ٿيندا ٻڌون ٿا
    هي جذبو ئي ساجهر سويرو ٿي پئي هان

    غمن جا هي بادل نه برسي پون هان
    امان سنڌ آجي آ نعرو ٿي پئي هان

    ''سحر'' ناهي پرواهه جي دير ٿي آ
    اڳئي جان وطن جو ظهورو ٿي پئي هان



    درياهه جي ڪناري دل کي پياس آهي

    درياهه جي ڪناري دل کي پياس آهي
    زندهه وجود ۾ دل ڇا لئه نراس آهي

    آهي ڪيو مقدر خوشين کان ڌار آخر
    دردن جي دائري ۾ آيو قياس آهي

    هر ڪو ڪئِي ٿو لوڙي، ٻي تي ميار ڪهڙي
    تنها نه آهيان مان، دنيا اداس آهي

    جيون جو آهي مطلب، هر حوصلو ''سحر'' سان
    پنهنجي صبر شڪر سان ڪرڻو ڪراس آهي


    حال دل جو نه توکي ٻڌائي سگهيس

    حال دل جو نه توکي ٻڌائي سگهيس
    درد کان ڪين دل کي بچائي سگهيس

    منهنجي قسمت ۾ سک جو اچڻ ڪين هو
    آس جو ڪين ڏيئو وسائي سگهيس

    خواب جي ٿي نه تعبير آهي سچي
    جوت جيون مٿان نه جڙائي سگهيس

    هر شئ نئين ڪري سوچ تبديل ڪيم
    ها مگر گهر نه پنهنجو بڻائي سگهيس

    سلسلو سازشن جو رهيو زور تي
    ڪين پنهنجي قدم کي وڌائي سگهيس

    ڪوششون کوڙ ڪيم تان وساري ڇڏيان
    ڪين دل تان ''سحر'' کي هٽائي سگهيس


    رهن ٿا خواب لڙڪن ۾

    رهن ٿا خواب لڙڪن ۾
    اڃان ڏينهن رات نيڻن ۾

    مِليُون هُن جي ئي نالي تي
    لطف هو تن سزائن ۾

    خزان موسم آ پن ڇڻ جي
    ڇنا ويا سون بهارن ۾

    ڪيان ڪيئن وقت کي واپس
    ''سحر'' ناهي صدائن ۾


    هر وقت فڪر ۾ آ

    هر وقت فڪر ۾ آ
    دل تنهنجي ذڪر ۾ آ

    ڏيئو ٿو ٻري دل ۾
    ڏينهن رات اثر ۾ آ

    منزل نه ملي ڪنهن کي
    هر ڪوئي سفر ۾ آ

    دنيا ۾ ملڻ مشڪل
    آسان حضر ۾ آ

    افسوس منهنجو جيون
    ساحر جي ''سحر'' ۾ آ


    وفا جي مونکي تلاش آهي

    وفا جي مونکي تلاش آهي
    خدا جي مونکي تلاش آهي

    مقابلو مان ڪري سگهان ٿي
    عصا جي مونکي تلاش آهي

    خوشيون اوهان کي ڏيڻ جي خاطر
    حنا جي مونکي تلاش آهي

    ڦريو جي قبلو تڏهن کان ٿيندي
    فنا جي مونکي تلاش آهي

    ''سحر'' ٿي ايندس يقين رک تون
    دعا جي مونکي تلاش آهي


    بهارن جي نظارن مان ملي مون کي خوشي آهي

    بهارن جي نظارن مان ملي مون کي خوشي آهي
    پرين پنهنجن پيارن مان ملي مونکي خوشي آهي

    سوين حاسد حسد ۾ گم اڃان آهن ڏسان ٿي مان
    مگر پوءِ ڀي ڀلارن مان ملي مونکي خوشي آهي

    ڀڳي ٻيڙي بحر جي سير ليڪن، خدا ڪارڻ
    ڪنارن جي سهارن مان ملي مونکي خوشي آهي

    ''سحر'' سانجهي خدا جي وس، خدا جو هر نظارو پس
    ۽ مسجد جي منارن مان ملي مونکي خوشي آهي


    پاڻ کي تو وٽ وڻائڻ جي ڪجي

    پاڻ کي تو وٽ وڻائڻ جي ڪجي
    ڳالهه ڪائي مسڪرائڻ جي ڪجي

    ڪوڙ جا حامي هزارين ٿا ڏسون
    ڇا ڀلا پو حق لڪائڻ جي ڪجي

    پيار اڄڪلهہ جو سچو ثابت نه آ
    پوءِ ڇا لئه دل لڳائڻ جي ڪجي

    ''سحر'' بندي تو ڪئي مونتي گهڻي
    ڪجهه نه ٿيو حاصل ڇڏائڻ جي ڪجي


    لڪي نه ڪجهه ڀي لڪائڻو آ

    لڪي نه ڪجهه ڀي لڪائڻو آ
    پيغام حق جو پڄائڻو آ

    پنهنجي ئي گلشن کي پاڻ پاڻي
    ڏئي اوهان لئه بچائڻو آ

    بهار بادل سان ڀرجي ايندو
    ڏڪار تنهن دم ڀڄائڻو آ

    خدا جي قدرت خدا ٿو ڄاڻي
    حيات کي بس هلائڻو آ

    ڪوئي نه رهندو، هتي هميشه
    سفر جو عرصو گذارڻو آ

    اوهان اسان کي ڏکائيو ڀل
    اسان کي پنهنجو نڀائڻو آ

    ورونهن ويرن هٿان هٿئون هٿ
    کسيو آ تنهن کي ورائڻو آ

    اگر جي منزل مراد آهي
    ''سحر'' قدم کي وڌائڻو آ


    لڪيل سڀ راز اندر جا ڀنل نيڻن ٻڌايو آ

    لڪيل سڀ راز اندر جا ڀنل نيڻن ٻڌايو آ
    ڏسي هي حال نيڻن جو چغلخورن هُلايو آ

    ملي صدمو اوهانکي ڪو ارادو ڪونه هو ڌاريو
    ڪڏهن ڀي ڪينڪي اهڙو اکر پنهنجو اچاريو آ

    ڪجي ڪاوڙ اجايو نه، ذرا سوچي قدم کڻجي
    مونکي پنهنجن الائي ڇو کڻي دل تان ڌڪاريو آ

    ''سحر'' کي سائبان سمجهي ڪئي اربعه خطا آهي
    اوهان جي مرضي آ اسان سچ چئي ٻڌايو آ


    هر الم آهي غم دل جي اندر اڃان

    هر الم آهي غم دل جي اندر اڃان
    پوءِ ڀي ٿي رکان سڪ سمندر اڃان

    تو چيو گهر به آ قيد خاني مثل
    ٿي سگهين ڪينڪي تون سڪندر اڃان

    ساٿ تنهنجو نه آ تو وساري ڇڏيو
    شاهدي ٿو ڏيئي ڪيٽي بندر اڃان

    گم گهڻو وقت مان ٿي ويس سوچ ۾
    ڇو نه واپس ٿيس ٿي ''سحر'' گهر اڃان


    سڪندر: ذوالقرنين بادشاهه


    جي وقت ويو هوندو واپس نه ڪيو هوندو

    جي وقت ويو هوندو واپس نه ڪيو هوندو
    اظهار ڪرڻ لاءِ ڇا ڇا نه چيو هوندو

    آزاد رهي دلڙي ٿي قيد نه آ ڪنهن جي
    مضبوط ارادن ۾ ڪو شخص رهيو هوندو

    الفت به ازل کان ئي درياهه مثل آهي
    سهڻي نه ٻڏي هڪڙي ڪک پن به لڙهيو هوندو

    منزل نه ''سحر'' آهي جو ماٺ ڪري ويهي
    اڳتي جي وڌيو هوندو، هر رنگ رچيو هوندو


    وقت جو وقت تي وار ٿيندو ڏٺو

    وقت جو وقت تي وار ٿيندو ڏٺو
    وار ڀي آرئون پار ٿيندو ڏٺو

    وقت ويندو رهيو مات ڏيندو رهيو
    پيار ۾ آدمي ٻار ٿيندو ڏٺو

    عشق سامونڊ آ، هي سياڻن چيو
    پيار ڪندڙ اُتان پار ٿيندو ڏٺو

    رات ۽ ڏينهن جي درميان ''سحر'' جي
    روشني کي چمڪدار ٿيندو ڏٺو


    دل جليا جيئڙا اڃان تائين

    دل جليا جيئڙا اڃان تائين
    تنهنجا هن ليئڙا اڃان تائين

    واٽ ڪهڙي جا آهيون راهي؟
    حال ڪو هينئڙا اڃان تائين

    آءُ تون روشني کڻي جانان!
    ڏورين ڏينهنڙا اڃان تائين

    ''سحر'' جي آسري نه ويهي رهه
    ٿي وِسِيَا ڏيئڙا اڃان تائين


    زندگيءَ ۾ ايئن ڏٺو اڪثر

    زندگيءَ ۾ ايئن ڏٺو اڪثر
    ڪنهن وڃايو نه، ماڻيو اڪثر

    ڪو سراسر جهان ۾ ناهي
    ڪو کِليو، ڪو روئاريو اڪثر

    ڪنهن کي ڪجهه ڪين هٿ لڳو هوندو
    ڪنهن ته وارو وڃائيو اڪثر

    سنڌ ماتا سڏي رهي آهي
    منهنجا ٻچڙا بچائيو اڪثر

    ''سحر'' ٿيندو نه رات هوندي من!
    ها قوم کي وڌائيو اڪثر


    وري ننڍپڻ جو آيو وقت ناهي

    وري ننڍپڻ جو آيو وقت ناهي
    ملڻ ۽ کلڻ جو آيو وقت ناهي

    اڃان دل ٿي منهنجي سهيلين کي ساري
    وري گڏ هجڻ جو آيو وقت ناهي

    پنهنجي پاڙي وارين سهيلين سان گڏجي
    بهانو گهمڻ جو آيو وقت ناهي

    اڱڻ هي اَباڻو ''سحر'' ساڳيو آ
    اڃان حق چوڻ جو آيو وقت ناهي


    ياد اوهان جي آئي آهي

    ياد اوهان جي آئي آهي
    نيڻن جا سڀ بند ٿي ڊاهي

    ڪين رهياسين پاڻ سنڀالي
    وقت اسانکي ويو ڪيرائي

    هاڻي نشاني ڪهڙي ڪم جي
    صحن کان ويو آ پير هٽائي

    ڪيئن ٻڌايان توکي صدائون؟
    ڀت انا جي ويٺين ٺاهي

    ''سحر'' صبر ۾ رک جذبن کي
    ٿيڻو آ سو رب ٿو چاهي



    آجپي جي جستجو ڪندا رهو

    آجپي جي جستجو ڪندا رهو
    سنڌ کان سڀ جا رستا پڇو

    عشق تنهنجو سنڌ سان منهنجو به آ
    هي سڀن ۾ ئي وڌايو حوصلو

    سنڌ جو ئي ڪاش ديوانو سڏن
    خوش نصيبي جو لقب هي آ وڏو

    ''سحر'' گهر جي آجپو اڄ سنڌ جو
    اٿ اٿي ڪر ڪين ٻي تي ڀروسو


    محبت ۾ دل کي ئي سرشار ڪر تون

    محبت ۾ دل کي ئي سرشار ڪر تون
    وطن جي خزان کي به ملهار ڪر تون

    ٽڙي پوندا گلڙا، ٿي گلشن ۾ خوشبو
    سڄي سنڌ صحرا کي گلزار ڪر تون

    صدا آخري هي ڏئي ڏسجي شايد
    اچن، ڀروسو ڏينهن ٽي چار ڪر تون

    اجهو فرڪو ڦريو، نه فرعون رهندو
    ظلم ئي ڪندڙ تي ڪي ڦٽڪار ڪر تون

    هتي ڪين ڏسبو ڪو لشڪر يزيدي
    حسيني ''سحر'' ته بيدار ڪر تون


    ڏئي دل پاڻ ديوانو بڻائڻ جي نه ڪوشش ڪر

    ڏئي دل پاڻ ديوانو بڻائڻ جي نه ڪوشش ڪر
    وفا جو دور ناهي، سر ڪٽائڻ جي نه ڪوشش ڪر

    رڳو واقف نه پنهنجي سر مگر تو روح کان آهيان
    ڏئي پردو کلڻ ۾ غم لڪائڻ جي نه ڪوشش ڪر

    اٿئي وس جا وسائي وٺ، حقيقت کي لڪائڻ جي
    صداقت کي اجايو تون مٽائڻ جي نه ڪوشش ڪر

    ''سحر'' هن سنڌ ماتا جي اٿئي پارت ادا توکي
    نه هرگز ڪنڌ ڪونڌر جهڪائڻ جي نه ڪوشش ڪر


    چمن ۾ آئي بهار آهي

    چمن ۾ آئي بهار آهي
    پکين جي پياري پڪار آهي

    ڪوئل آ ڪاري ته رنگ ۾ پر
    سندس ئي مٺڙي تنوار آهي

    سکي نه تو ڏي ميار منهنجي
    تنهنجي رسڻ ۾ پيار آهي

    جيون ڏکن سان ڀريل رهيو آ
    سکن ڪيو سڀ ڏڪار آهي

    ''سحر'' سويري اسان جي تر ۾
    پکين جي سهڻي قطار آهي


    پري کان چنڊ کي پنهنجو سڄڻ سمجهيو اجايو مون

    پري کان چنڊ کي پنهنجو سڄڻ سمجهيو اجايو مون
    سندس ئي روشنائيءَ کي پيشانيءَ تي سجايو مون

    ڪيم ڪوشش خبر ناهي، گلن جي آسري ويتر
    غمن جي خاص ڪنڊن سان اڃان گلشن وڌايو مون

    اچي گڏ ٿي افق هيٺان سڄي آ سال جي اوندهه
    هوا ڀي تيز ٿيندي وئي جڏهن ڏيئو جلايو مون

    اجهي سانگي وري وريا، اٿل ٿي آهي درياءَ جي
    ''سحر'' برسات پئي آهي، دعائون ٿي گهرايو مون



    بچڻ پئي بار بار چاهيو

    بچڻ پئي بار بار چاهيو
    وري اهو وار وار آيو

    گهڙي ته گذري وئي پو ليڪن
    اکين ۾ آسار سار سايو

    اميد پنهنجي وئي آ رهجي
    رکون ٿا هر ڌار ڌار رايو

    ظلم اڃان ڀي ختم نه ٿيو آ
    هتان سڀئي تار تار تاريو

    ''سحر'' سڏي ٿي اسانکي ماتا
    اڪاريو آر پار پاريو


    ڪو ڪڏهن پنهنجو پرايو آ لڳو؟!

    ڪو ڪڏهن پنهنجو پرايو آ لڳو؟!
    ڌاريو رشتو ڪو پنهنجو آ لڳو؟!

    غير سان منسوب ڪيئن هو ٿيو؟
    مونکي ظاهر هر ڪو تنهنجو آ لڳو

    چوڏهين جي رات تارن سا هئي
    چنڊ تنها ڇو اڌورو آ لڳو؟

    تو به مشڪل سان ڪيو هڪ سوال هو
    جيڪو هو سولو ۽ سولو آ لڳو

    ''سحر'' ۾ ڪهڙي سبب مغموم هو
    اڀ ۾ پو تارو تارو آ لڳو


    سمورو دل جو احوال آهي

    سمورو دل جو احوال آهي
    نڪي اجايو خيال آهي

    زبان سان ڪجهه ڪڇي نه سگهيو
    ڪيو اکين سان ڪمال آهي

    تنهنجي ڇا ڀيٽا ڪيان مان ڪنهن سان
    اهڙو نه ٻي ۾ جمال آهي

    روئاريو ٿا کلائيو ٿا
    اوهان جو گفتو ڪمال آهي

    سواءِ تنهنجي لڳي ٿي بستي
    اجها بلندي زوال آهي

    ڪريو ارادو اڱڻ اچڻ جو
    ''سحر'' سکين کي سوال آهي


    فسانا سڀ ويا وسري

    فسانا سڀ ويا وسري
    زمانا ڪجهه ويا گذري

    نڀائڻ نينهن وارا اڄ
    ديوانا ڀي ويا وکري

    شمع شعلي مٿان ڪيئي
    هي پروانا ويا اسڙي

    اوهان کان پوءِ نيڻن مان
    نڪي سپنا ويا وڇڙي

    ''سحر'' سارون سکين جون سڀ
    آهن دل تي اڃان فڪري

    اسان جي خوابن کي ملندا ڪنارا
    نظر مان نظر جا کلندا نظارا


    خدا جو ئي عطيو محبت کي سمجهو

    خدا جو ئي عطيو محبت کي سمجهو
    مگر ڪيئي الفت ۾ آهن خسارا

    خدا ۾ اميدون رکڻ ٺيڪ آهن
    ٻڌائن ٿا ايئن قدر جا ستارا

    سچو عشق الله وارن جو آهي
    سوائي خدا جي اجايا سهارا

    ''سحر'' سانجهي آهن مڪانن ۾ ڄارا
    ويا هن لڏي هن شهر مان پيارا


    نهاريندي رستا، پيا نيڻ روئي

    نهاريندي رستا، پيا نيڻ روئي
    ٽٽا پنهنجا رشتا، پيا نيڻ روئي

    ملياسين جنهن رستي، اُتي نيڻ اٽڪي
    کنيا عڪس تنهنجا، پيا نيڻ روئي

    سڀئي حسرتون دل جون، تڙپي اچانڪ
    حشر ڪن ٿيون برپا، پيا نيڻ روئي

    ''سحر'' ديس وارن تي، ٿيندي رهي ٿي
    جڏهن لاش پهتا پيا نيڻ روئي


    جڏهن خيال تنهنجو، وري دل ۾ آيو

    جڏهن خيال تنهنجو، وري دل ۾ آيو
    ڏٺم چنڊ چهرو تنهنجو، ٿي پسايو

    ارادو منهنجي گهر، اچڻ جو ڪيو هن
    نئين سر مون گهر پنهنجو آهي سجايو

    ٿئين تون جو مون کان، جڏهن رنج ناحق
    ته نيڻن به ساوڻ جو، بادل وسايو

    ويو سال گذري، ''سحر'' ڪين آهي
    خوشين گهر اچڻ لاءِ ماتم ملهايو


    وقت ڏکيو گذر، ٿي به ويندو ضرور

    وقت ڏکيو گذر، ٿي به ويندو ضرور
    پاڻ وٽ نيٺ ڪو، سک ايندو ضرور

    هي تصور رهيو، بيوفائي ڪري
    هو ڌڪاري مونکي، درد ڏيندو ضرور

    ناهي انڌير ڪا، دير ناهي مگر
    عدل جو دور واپس، به ٿيندو ضرور

    اڄ نشي ۾ غرق، پر سڀاڻي اهو
    شخص روئي پريشان، ٿيندو ضرور

    ''سحر'' جو هر پکي، ٿيندو هوشيار آ
    چوڻي پاڻيءَ لاءِ پاڻ نيندو ضرور


    خيالن جو مرڪز ڪو هرپل رهي ٿو

    خيالن جو مرڪز ڪو هرپل رهي ٿو
    تڏهن ذهن تنهنجو به وکريل رهي ٿو

    افق تي اڃان ڀي لڳو چنڊ سهڻو
    ستارن جي ويجهو جي بلڪل رهي ٿو

    ڏٺو آهي اهڙو هتي ناخدا مون
    جو طوفان کان خود به ڊنل رهي ٿو

    حياتيءَ جا سڀ ٿي وڃن بند رستا
    ته ڀي ''سحر'' جو در کليل رهي ٿو


    جڏهن دل ۾ تنهنجي محبت بڻي آ

    جڏهن دل ۾ تنهنجي محبت بڻي آ
    تڏهن کان خدا سون نفاست گهڻي آ

    ڪڏهن منهنجي نيڻن نهاريو نه ٻاهر
    سوا تنهنجي ٻي سان، نه چاهت وڻي آ

    ڏسي دشمنن کي متان سست ٿيو آن
    اٿي آجپي لئه وڃي سر لڻي آ

    اٿي وارو وارو پنهنجي سنڌ بچايو
    سوال آجپي جي نه وارين ڦڻي آ

    وڇوڙو نه ڪريو هجو ''سحر'' سان گڏ
    پائي پير پڙ ۾ قيامت کڻي آ


    واڍن کان وڍرايو مون کي

    واڍن کان وڍرايو مون کي
    پنهنجو پاڻ اجاڙيو مون کي

    حرف اچڻ کان بهتر آهي
    ڀونءِ تري پهچايو مون کي

    مان ڀي هان الله جو ليڪن
    ماري لاش بڻايو مون کي

    ''سحر'' ٿيڻ ڏيو ساهيڙين سان
    ساهيڙين آ ساريو مون کي


    دل مان درد ڌڪاريان ڪيئن

    دل مان درد ڌڪاريان ڪيئن
    پنهنجو پاڻ مٽايان ڪيئن

    ڪيڏو ڏور هليو ويو آهين
    سنديسا پهچايان ڪيئن

    ملڻو ناهين محشر تائين
    دل کي مان سمجهايان ڪيئن

    غم آ تنهنجو ''سحر'' سدائين
    غم کان دل کي هٽايان ڪيئن


    ياد آيون هن ڳالهيون ٻيهر

    ياد آيون هن ڳالهيون ٻيهر
    ننڍپڻ جون يادون ٻيهر

    وقت اجاڙيو هو جن کي سي
    سايون ٿيون هن شاخون ٻيهر

    قبر مٿان ڪنهن ڏيئو جلايو
    آيون تيز هوائون ٻيهر

    ڪنهن ٿي ڏيکاريا خواب وصل جا
    مليون کوڙ سزائون ٻيهر

    ''سحر'' سدائين ڏيندو ناهي
    گذريل وقت صدائون ٻيهر


    سنوڻ جي ڪرڻ کي ڇڏي مون ڏنو آ

    سنوڻ جي ڪرڻ کي ڇڏي مون ڏنو آ
    غمن ۾ ٻڏڻ کي ڇڏي مون ڏنو آ

    مقدر جي پنهنجو ٻڏڻ آهي بڻيو
    ڪنارن پڄڻ کي ڇڏي مون ڏنو آ

    خبر آ سڀن کي اجل آهي اچڻو
    وڌائي چوڻ کي ڇڏي مون ڏنو آ

    خدا رات و ڏينهان اٿم دل جي اندر
    ''سحر'' جي ڏسڻ کي ڇڏي مون ڏنو آ


    روڊ جو حادثو هجي جيئن

    روڊ جو حادثو هجي جيئن
    اوچتو اوچتو هجي جيئن

    وس پڄي ها ته وقت کي واپس
    ها ڪجي سلسلو هجي جيئن

    زندگيءَ جو فريب ڇا آهي؟
    رات جو قاعدو هجي جيئن

    دل ٿي چاهيو پکين جئان اڏران
    ''سحر'' جو حوصلو هجي جيئن


    ڪبو حسن تي غرور ناهي

    ڪبو حسن تي غرور ناهي
    غرور جو ڪو شعور ناهي

    ٻه ٽي ڏهاڙا حسن جواني
    رهي سدائين ضرور ناهي

    حسن وڃايو تو پاڻ پنهنجو
    ۽ آرسي جو قصور ناهي

    ''سحر'' سان آهي مزي ۾ محفل
    سواءِ تنهنجي حضور ناهي


    رهنما ڇا لاءِ رهزن ٿي پيو

    رهنما ڇا لاءِ رهزن ٿي پيو
    دوستيءَ ۾ دوست دشمن ٿي پيو

    پنڌ کان ٿي آ ٿڪاوٽ ڇا ڪجي
    تنهنجي خاطر تيز ڌڙڪن ٿي پيو

    بستري تي گل وڇايل ها گهڻا
    گلبدن خوشبوءِ تن من ٿي پيو

    خودڪلاميءَ سان رهيو ڪو خيال ۾
    دل مگن ٿي پاڻ پن پن ٿي پيو

    ''سحر'' کي منزل ملي ناهي اڃان
    هي سنيهو روز روشن ٿي پيو


    ياد اچي ٿي هوريان هوريان

    ياد اچي ٿي هوريان هوريان
    ننڊ ڀڄي ٿي هوريان هوريان

    ڏينهن ڏکن ۾ گذريو ليڪن
    رات ڪٽي ٿي هوريان هوريان

    نيڻ اوهان جا ڄڻ آئينو
    سار سڏي ٿي هوريان هوريان

    ذهن ذخيري لفظن مان هوءَ
    ليک لکي ٿي هوريان هوريان

    ماضي ميڙي ميڙي آخر
    دل به روئي ٿي هوريان هوريان

    هر هڪ جو اعتبار ''سحر'' تي
    دل نه وٺي ٿي هوريان هوريان


    آيو هي آواز آ

    آيو هي آواز آ
    درد جو آغاز آ

    اڻ ٻڌو هرڪو ٻڌي
    پيار اهڙو ساز آ

    وصل سان آيو فصل
    هي عجب انداز آ

    مون ڪيو دل دفن
    آهي تو هر راز آ

    ڀروسو الله تي
    ڪر ''سحر'' ڪم ساز آ


    دل جي دفتر تي کڻي لکندا رهيا

    دل جي دفتر تي کڻي لکندا رهيا
    جو به ڪجهه مون کان اکر ٻڌندا رهيا

    ڪا خبر مون کي رقيبن جي نه هئي
    جو اهي منهنجي پٺيان ايندا رهيا

    هاڻي پئي آهي خبر ماڻهون هتي
    مونکي مارڻ لاءِ گڏ ٿيندا رهيا

    هيس خدا جي مان حوالي اي ''سحر''
    پر خدا ڪيو سڀ ڇڏي ويندا رهيا


    نگاهن سان ڪٺو ويو آ

    نگاهن سان ڪٺو ويو آ
    تڏهن ڀي رٺو ويو آ

    ظلم جي باهه دنيا ۾
    ٻري ٻاري بٺو ويو آ

    محبت جا ڪڪر آڻي
    بحر، بر ۾ رٺو ويو آ

    مقدر ۾ ''سحر'' ناهي
    تڏهن هر غم سٺو ويو آ


    ڪو پياسو نظر اچي ويو آ

    ڪو پياسو نظر اچي ويو آ
    بر لتاڙي مسين بچي ويو آ

    موت ماري نه پوءِ ڇا ٿيندو
    شهر ۾ هيءَ هل مچي ويو آ

    زندگي آ ملي وري نئين سر
    مور هن جي اڱڻ نچي ويو آ

    ''سحر'' جي روشني جيان آخر
    ڳالهه پنهنجي ڪري سچي ويو آ


    اکين ۾ اڃان ڪي رهيا لڙڪ آهن

    اکين ۾ اڃان ڪي رهيا لڙڪ آهن
    اوهان لاءِ هي بي بها لڙڪ آهن

    ڏٺم غير توسان هيو هٿ هٿن ۾
    اچانڪ اکين مان ڪريا لڙڪ آهن

    پکين جو پکن مان ڏٺم آشيانو
    انهيءَ وقت ڀرجي آيا لڙڪ آهن

    ''سحر'' زندگيءَ ۾ اگر آهي ملڻو
    اکين ۾ ڇو اٽڪي چڪا لڙڪ آهن


    ايترو ئي ٻڌائي وڃڻو هو

    ايترو ئي ٻڌائي وڃڻو هو
    ڪيترو انتظار ڪرڻو هو

    آشيانو ڊهي ويو آهي
    ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن نيٺ ڊهڻو هو

    ڇا بهارون هيون مقدر ۾؟!
    نئين سري سان هي چيٽ ڦٽڻو هو

    ٽهڪ ظاهر رهيا اندر ۾ غم
    ها انا جو به ڀرم رکڻو هو

    پيار جو نانءُ ئي وڇوڙو آ
    هي مقدر ''سحر'' ٿيڻو هو

    *****

    غزل

    ٻنهي دل وارن کنيو ٿي قسم هو
    کنيل تن جو پهريون برابر قدم هو

    ويو ٿي گذر هو گهڻو ڪين عرصو
    وڇوٽي وچان پئي، نه رهيو صنم هو

    وفائن جي عيوض جفائون ملن ٿيون
    سدائين سڀن کان مليو دل کي غم هو

    بڻيا چاڪ دل جا سي ناسور آهن
    ''سحر'' دل تي پهريان لڳو هڪ زخم هو


    امتياز شاهاڻي

    امتياز شاهاڻي

    جڏهن ڪي احساس ڪر موڙين ٿا، جڏهن خواهشون جنم وٺي حسرتن جو روپ وٺن ٿيون، جڏهن من اندر ۾ ڪي خواب سجن ٿا، جڏهن نيڪ جذبا اڌما کائي ڪجهه چوڻ چاهين ٿا، ٺيڪ تنهن ويل لفظ، شاعريءَ جو روپ ڌاري وٺن ٿا، اهڙن ئي احساسن جو روپ خالده ''سحر'' سومرو جي شاعريءَ ۾ نظر اچي ٿو.
    خالده ''سحر'' پنهنجي شاعريءَ ۾ دل جي ڳالهه ضرور ڪئي آهي پر ان ڳالهه کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته هن جي ڳالهه هر ان دردمند جي ڳالهه آهي، جيڪو ستايل سماج سان واسطو رکي ٿو، سندس شاعريءَ ۾ ڪکائن گهرن جي غريب ماروئڙن جي درد سان ڀريل احساس سمايل آهن. شايد هن غريب ماڻهن جا درد ويجهڙائيءَ کان محسوس ڪيا آهن، تڏهن ته هن طرح اظهار ڪري ٿي:

    اڏامڻ ڏي پکين تون کليل پنهنجي فضائن ۾
    پکين جي هاڻ پڃرن جا نه ڪر هي بند دروازا

    خالده ''سحر'' جو نالو پنهنجي ٽهيءَ جي شاعرن ۾ خاص ڪري عورت
    تخليقڪار جي صف ۾ يقينن هڪ الڳ مقام ماڻيندو.

    امتياز شاهاڻي
    لاڙڪاڻو
    14.04.09


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 340624
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 140655
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ