ڪتاب جو نالو: سنڌ جو سيوَڪ (مامو رمضان ساريو: تاريخ ساز، سماجي شخصيت)
مصنف: علي بخش پٺاڻ
ڇپائيندڙ: سرسوتي ساهت گهر، ڏوڪري
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 12 جنوري 2017 ع
پڙهيو ويو: 448 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 132 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ”سنڌ جو سيوڪ“ سنڌ جي تاريخ ساز سماجي شخصيت مامي رمضان ساريو تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن جو مرتب علي بخش پٺاڻ آهي.
”سنڌ جو سيوڪ“ ماما رمضان ساريو، دراوڙي نسل جو اهو باشندو آهي جنھن مسڪيني حال هوندي به سماج جي بي پھچ مارو ماڻهن جي خدمت کي پنھنجي زندگيءَ جو ”ڪُل مقصد“ بڻائي ڇڏيو آهي. هي مانجهي مڙس، وقت جو يار، اوکي سوکي ۾، سڀني سان نڀائڻ جو فن ڄاڻي ٿو. هي بي سھارن جو سھارو، دنيا جي عظيم تھذيب مُھين جي دڙي جي ڪُک (ٻلهڙيجي) ۾ جنم ورتو ۽ ان ڪُکِ جو ڀَرمُ رکڻ لاءِ سدائين سفر ۾ آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا
  • انتساب
  • سنڌ سلامت پاران
  • اداري پاران
  • مختصر تعارف
  • مھاڳ : سنڌُ جو سيوَڪُ
  • مرتب پاران : امڙ جي آسِيسَ جهڙو مامو رمضان
  • پنھنجي پاران
  • مامو رمضان ساريو انسان دوستيءَ جو مثالي ڪردار: محمد علي پٺاڻ
  • مُهين جو مسيحا: ماما رمضان ساريو : ادل سولنگي
  • کاهوڙيءَ جو پنڌ : قربان پيرزادو
  • اَگھا ئي سَگھا ٿيا !!! لطف پيرزادو
  • ٻين ڪاڻ جيئندڙ شخص : الطاف پيرزادو
  • جکرا جيئين شال : اقرار پيرزادو
  • مامي جو وجود معجزي مثل آهي : عبدالحق ساريو
  • ماٺيڻي مزاج وارو شخـص : مسرور پيرزادو
  • دُکي سماج جي مرهم ماما : عيسى ميمڻ
  • مامو رمضان : هڪ ٽرسٽ :انور ڏنگڙائي
  • هڪُ ساھَه سَيباڻو ماڻُهو : ڊاڪٽر سيد گدا حسين بخاري
  • نم جي گھاٽي ڇانوَ جهڙو ماڻھو : بھشت خاتون پيرزادو
  • موتيءَ جهڙو مامو رمضان ساريو : وحيد سولنگي
  • نئين نسل جو رول ماڊل : زرار پيرزادو
  • لٽل ماسڪو جو سماج سڌارڪ: مامو رمضان : سيد جاويد شاهه
  • مامو رمضان ساريو : عوام دوست ڪردار : زرار ٻگهيو
  • هِن جي ڪري ئي ڪيترن گھرن جي چُلھه ٻَري ٿي : شھباز پيرزادو
  • لاڙڪاڻي جو ايڌي: رمضان ساريو : نديم رضا ميمڻ
  • اونداهيءَ ۾ سوجھرو : الھه وسايو سولنگي
  • هڪ املهه انسان: مامو رمضان : شان ٻگهيو
  • ”منهنجو بابا “ : نياڻي ياسمين بانو
  • سماج سڌارڪ: ” بابا سائين “ :روبينه بانو
  • ماما رمضان: بي پهچ ۽ بي سهارن جو آسرو :فقير ارشاد حسين ساريو
  • مامي رمضان ساريي جون سماجي خدمتون :ڪامريڊ شبن جتوئي
  • ماما رمضان ساريو متعلق گڏيل رايا

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا

    هن ڪتاب جا حق ۽ واسطا عام ڪجن ٿا

    ڪتاب جو نالو : سنڌ جو سيوَڪ (ماما رمضان ساريو )
    مرتب : علي بخش پٺاڻ
    ڇاپو : پھريون
    سال : آگسٽ 2015ع
    ڳاڻيٽو : هڪ هزار
    ڇپائيندڙ : سرسوتي ساهت گهر - ڏوڪري، ضلعو لاڙڪاڻو

    مُلھه : 100 روپيه


    ڪتاب گهرائڻ لاءِ:

    عيسى ميمڻ - 7553879-0333
    معرفت ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور لاڙڪاڻو
    E-mail: essa.memon1985@gmail.com

    (هي ڪتاب عيسى ميمڻ، سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري پاران
    حيدرآباد مان ڇپرائي ٻلهڙيجيءَ مان پڌرو ڪيو)


    انتساب

    ننڍي کنڊ جي عظيم انسان

    ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي
    ۽
    لطيف جي پارکو ۽ سنڌ جي عاشق

    انور پيرزادي
    جي نانءِ .


    ماما رمضان ساريو


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (323) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”سنڌ جو سيوڪ“ سنڌ جي تاريخ ساز سماجي شخصيت مامي رمضان ساريو تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن جو مرتب علي بخش پٺاڻ آهي.

    ”سنڌ جو سيوڪ“ ماما رمضان ساريو، دراوڙي نسل جو اهو باشندو آهي جنھن مسڪيني حال هوندي به سماج جي بي پھچ مارو ماڻهن جي خدمت کي پنھنجي زندگيءَ جو ”ڪُل مقصد“ بڻائي ڇڏيو آهي. هي مانجهي مڙس، وقت جو يار، اوکي سوکي ۾، سڀني سان نڀائڻ جو فن ڄاڻي ٿو. هي بي سھارن جو سھارو، دنيا جي عظيم تھذيب مُھين جي دڙي جي ڪُک (ٻلهڙيجي) ۾ جنم ورتو ۽ ان ڪُکِ جو ڀَرمُ رکڻ لاءِ سدائين سفر ۾ آهي.

    هي ڪتاب سرسوتي ساهت گهر، ڏوڪريءَ پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون عيسى ميمڻ جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    مسڪين جهان خان کوسي جو تسلسل : ماما رمضان ساريو

    ”سنڌ جو سيوڪ“ نالي سان سرسوتي ساهت گهر-ڏوڪريءَ جو هي سورهون ڪتاب اوهان جي اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. ”سنڌ جو سيوڪ“ ماما رمضان ساريو، دراوڙي نسل جو اهو باشندو آهي جنھن مسڪيني حال هوندي به سماج جي بي پھچ مارو ماڻهن جي خدمت کي پنھنجي زندگيءَ جو ”ڪُل مقصد“ بڻائي ڇڏيو آهي. هي مانجهي مڙس، وقت جو يار، اوکي سوکي ۾، سڀني سان نڀائڻ جو فن ڄاڻي ٿو. هي بي سھارن جو سھارو، دنيا جي عظيم تھذيب مُھين جي دڙي جي ڪُک (ٻلهڙيجي) ۾ جنم ورتو ۽ ان ڪُکِ جو ڀَرمُ رکڻ لاءِ سدائين سفر ۾ آهي.
    مسڪين جھان خان کوسي جو تسلسل ماما رمضان ساريو، اسان سڀني جو اثاثو آهي جنھن کي جيئري مڃتا ڏيڻ اسان پنھنجو قومي، اخلاقي ۽ سماجي فرض سمجهي ”ماما“ جي پورهئي کي اوهان تائين پھچايو آهي. ان اميد سان ته اسان جو نئون نسل ماما رمضان جي زندگي، جدوجھد کي مشعل راهه بڻائي پنھنجو سفر جاري رکندو. اسان سمجهون ٿا ته جيستائين ماما رمضان ساريي جھڙا ڪردار سماج ۾ موجود آهن تيستائين سماج جي تبديلي ۽ روشن صبح جي آس ڪڏهن به نراس نٿي ٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته جڏهن سماجي تبديليءَ جا جاکوڙي ڪردار موجود هجن تڏهن نراس ٿيڻ جو ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. اسان جو هي سفر سماج جي اميدن جو سفر آهي. ان سفر ۾ اسان جي هي ننڍڙي ڪاوش جيڪڏهن اوهان وٽ ٿورو به مانُ ۽ مڃتا ماڻيندي تڏهن يقيناً اسان جو هي تڪليف ڏيندڙ سفر به سڦلائتو ٿي پوندو.
    ڪتاب جي ڏس ۾ نوجوان جاکوڙي ساٿي علي بخش پٺاڻ جا به ٿورا جنھن جي ڪاوشن جي طفيل هي ڪتاب اوهان تائين پھتو آهي.

    ادارو
    سرسوتي ساهت گهر-ڏوڪري
    تاريخ: 30-جون 2015ع ضلعو لاڙڪاڻو.


    مختصر تعارف

    نالو: محمد رمضان ساريو
    ولد: محمد وريام ساريو.
    جنم: 1955ع.
    تعليم: پرائمري پنج درجا ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان.
    جنم جو ڳوٺ: ٻلهڙيجي تعلقو ڏوڪري .
    جيون ساٿياڻي: غلام سڪينه ساريو.
    اولاد: پنج نياڻيون.

    تنظيمن جو ميمبر ۽ عهديدار:
    1982ع: ڳوٺ سڌار سنگت جي ورڪنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر
    1988ع: ڳوٺ سڌار سنگت ٻلهڙيجي جو خزانچي.
    1991ع: ديهه ابڙي پوٽا ۾ زڪوات چيئرمين.
    1997ع؛ ديهه ابڙي پوٽا ۾ ٻيھر زڪوارت چيئرمين.
    2001ع؛ ۾ بلدياتي چونڊن ۾ يو.سي بگيءَ ۾ جنرل ڪائونسلر.
    2005ع ؛ ۾ يو.سي بگيءَ ۾ ٻيھر جنرل ڪائونسلر .
    2005ع ؛ کان انڊس ڊولپمينٽ ايسوسيئيشن سان اڄ تائين لاڳاپيل.
    سي.ايس.ايس.پي پراجيڪٽ جو ميمبر.

    سماجي ۽ علمي ڪم:
    هڪ هزار کان وڌيڪ هيپاٽائيٽس، اکين، ڪتي ڏاڙهيل، نانگ ڪکيل، باهه متاثر ۽ ٻين مرضن ۾ وڪوڙيل لاچارن جو مفت علاج ڪرائي چڪو آهي
    مختلف اخبارن مان آرٽيڪل ۽ مختلف موضوعن بابت خبرن ۽ مضمونن تي ٻڌل اٺ سئو کان وڌيڪ فائيلن جو رڪارڊ، جنھن ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽي کان وٺي بينظير ڀٽو، ۽ بشير خان قريشي کان وٺي سمورن قومپرست اڳواڻن ۽ دانشورن جون ڪٽنگز ٿيل تاريخي دستاويز طور محفوظ ڪيل اٿس.

    سماجي خدمتن جي عيوض مليل ايوارڊ:
    سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن 2010ع“
    سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن 2011ع،
    فشر فوڪ فورم 2005ع (اداري پاران)
    ڏس پتو: پوسٽ آفيس ٻلهڙيجي، برانچ تعلقو ڏوڪري ضلعو لاڙڪاڻو
    موبائيل: 03473595447

    تعارف: منير ايس سومرو


    مھاڳ : سنڌُ جو سيوَڪُ

    جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي عزت، احترام ۽ واکاڻ جون حدون اُن جي گهرڀاتين، مِٽن مائٽن، ذات ۽ ڳوٺ جي دائري مان نِڪري ٻين گهرن، ٻين ذاتين ۽ ٻين ڳوٺن ۽ شهرن جي ماڻهن تائين وڃي پهچن، تڏهن سمجهڻ گهرجي ته اِن شخص يقينن ڪو اهڙو يا ڪي اهڙا ڪم ڪيا هوندا، جن وسيلي، هيءُ ٻين جو به گهر ڀاتي بڻجي ويو آهي، ٻين جي به ڏک سُک جو ساٿي بڻجي ويو آهي ۽ ٻين جو به ”مامو“ بڻجي ويو آهي.
    اِها حقيقت آهي ته ڪير پنهنجي ذات جي لاءِ ڪيترو به بهتر ڪم ڪري، ڪيتري به ملڪيت ٺاهي، ڪيترو به پنهنجي اولاد ۽ ڀائرن ڀينرن کي سُکيو ستابو رکي، ڪيتري به اُنهن کي سٺي تعليم ڏياري، پر اُن جي، اهڙي ڪم جي بنياد تي، ساراهه ۽ مڃتا جو دائرو محدود هوندو ۽ اهڙا ماڻهو رڳو پنهنجي گهر وارن ۽ مِٽن مائٽن کي ئي ياد رهن ٿا، پر جيڪي ماڻهو ٻين جي درد تي پاڻ دانهن ڪَن ٿا، جيڪي پاڻ بيمار هوندي به، ٻين جي بيماريءَ جو ٻُڌي، اُنهن جي مدد لاءِ نِڪري پون ٿا، جيڪي عام ماڻهوءَ جي خدمت ڪري، پنهنجي گهرَ، جي چُلهه جي وِساميل ٽانڊن تان اکيون چورائي، پنهنجي ٻارن کي سيني سان لائي، اُنهن کي اڳئين ويلي تي ڍَوَ تي ماني کارائڻ جي آٿت ڏئي، پاڻ خالي پيٽ تي، غريب ماڻهن جي مدد لاءِ چندو ڪرڻ واسطي نِڪري پون ٿا، ۽ جيڪي جيڪڏهن پاڻ ڪو تخليقي يا تحقيقي ڪم نه ڪري سگهيا، جيڪڏهن پاڻ ڪجهه نه لکي سگهيا، ته ٻين ليکڪن کي سهيڙي تاريخ جو رف مواد گڏ ڪَن ٿا، ته اِنهن کان وڌيڪ، منهنجي نظر ۾ ڪو وڏو ماڻهو نٿو ٿي سگهي. جيڪي ”مسڪين“ اهڙا ڪم ڪندا آهن، سي ئي وڏا ماڻهو هوندا آهن.
    مامي رمضان ساريي اهڙو ئي ”ڪَتيو“ اهي، ائين ئي ”ڪنبيو“ آهي ۽ ائين ئي ”جَليو“ آهي... هِن اِن ”ڪَتڻ،“ ”ڪنبڻ“ ۽ ”جلڻ“ واري ڪم جو آسيس ماڻيو آهي، جيڪا آسيس هر ڪنهن جي نصيب ۾ ناهي ايندي. سو اسان کي اِهو سمجهڻ گهرجي ته، جيڪڏهن قومي سطح جا هيروز هوندا آهن، ته ڪي مقامي سطح جا به هيروز هوندا آهن، ۽ جيڪي سماجي تبديليءَ جا حقيقي باني هوندا آهن. مامو رمضان ساريو به اسانجو اهڙو ئي هڪ هيرو آهي. هِن جنهن طرح پنهنجي ڳوٺ (ٻلهڙيجيءَ) جي عام ماڻهن جي، ذات پات جي فرق کانسواءِ خدمت ڪئي آهي، هِن جنهن طرح پنهنجي زندگيءَ جا ”سونا روپا ورق“ لاچار، بي پهچ، ۽ مسڪين ماڻهن جي سيوا ڪندي، ٻڍاپي ۾ تبديل ڪيا آهن، اهڙو ڪم، ڪو، ڪو ئي ڪري سگهندو آهي.
    مامي رمضان ساريي جي سماجي خدمتن واري ڪم کي ڏسي، منهنجي دل جي اِها حسرت رهندي آهي، ته ڪاش! مامو رمضان اسانجي ڳوٺ ۾ پيدا ٿئي ها، جتي هيءُ اهڙا عوامي ڀلائيءَ وارا ڪم ڪري ها، جو منهنجي ڳوٺ جا ماڻهو بيماري بڙيءَ ۾ پريشان نه ٿين ها ۽ تعليم ۾ پٺتي نه رهن ها..... ۽ اهڙي حسرت ٻين ڳوٺن جي ماڻهن جي به هوندي. منهنجي هِن راءِ تي منهنجا دوست چئي سگهن ٿا ته، ’اوهان پاڻ ڇو اهڙو ڪردار ادا نٿا ڪيو؟‘ هُو جيڪڏهن ائين چوندا ته، سندن اِها ڳالهه صحيح هوندي، پر مان اهڙي حسرت اِنڪري ٿو ڪيان جو اسان پنهنجي لاءِ، حادثاتي طور ئي سهي، پر هڪ الڳ ڪردار چونڊيو، جنهن ڪري اسان پنهنجا اباڻا ڪکَ ڇڏيا، اُتان جون سايون زمينون ڇڏيون، اُتان جون ڪچهريون ڇڏيون، اُتان جا ماڻهو ڇڏيا، ۽ اُتان جون برساتون، گرميون، سرديون ۽ وڻندڙ هوائون ڇڏيون. سو، جيڪڏهن سنڌ جي هر ڳوٺ ۾ رڳو هڪڙو ” مامو رمضان ساريو“ پيدا ٿي پوي ته هوند سنڌ کي بهتر روپ ۾ تبديل ٿيڻ ۾ ڪو گهڻو وقت نه لڳي.
    اسانجي دوست ۽ نوجوان ليکڪ علي بخش پٺاڻ، مامي رمضان ساريي جي زندگي ۽ خدمتن تي هيءُ ڪتاب سهيڙي ”سرسوتي ساهت گهر، ڏوڪري“ جي نوجوان سربراهه، پبلشر ۽ اسانجي بهترين ليکڪ دوست عيسيٰ ميمڻ هيءُ ڪتاب شايع ڪري هڪ وڏو ڪم ڪيو آهي. هي منهنجي ڳوٺ جا نوجوان آهن، جن ڪتابن سان نينهنُ لائي، ڌرتيءَ جي عشق جي آرزو، پنهنجي ذهن جي گودڙيءَ ۾ کڻي، در در پهچڻ ۽ هيرا لال موتي ميڙڻ شروع ڪيو آهي. هي نوجوان اسان جي اميد آهن، جيڪي هڪ ٻئي پُراميد شخص جي ڪارنامن کي ٻين تائين پهچائي، اهو ٻڌائڻ ۽ ڏيکارڻ ٿا چاهين ته، جيڪو اسان جي عام ماڻهن جي اُس کي ڇانوَ ڀانئين ٻاهر نِڪري پوندو، جنهن کي ”پيرن ۾ ڪوڙين ڪنڊا لڳل هوندا،“ ۽ جيڪو سج کي ميارون ڏيندو ته،”پرين ڏسڻ کان اڳ ۾ ٿو تون لهين،“ ته اهو اسان مان آهي، اُهو اسانجو آهي ۽ اسان اُن لاءِ آهيون- ۽ هِنن نوجوانن مامي رمضان ساريي جي ڏٻري جسم جي سگهه تي، سندس پيرن ۾ پيل لِڦن تي، سندس اندر جي اُجري پَن تي، تهذيبي حوصلي تي، ۽ ڏکويلن سان سندس پيار تي؛ هيءُ ڪتاب شايع ڪرائي، پنهنجي اِها ڳالهه صحيح ثابت ڪئي آهي.
    هِن ڪتاب شايع ڪرڻ مان اِهو به ظاهر ٿئي ٿو ته،”جيڪڏهن اسان ٻيو ڪو چڱو سماجي خدمت وارو ڪم (پنهنجي ڪنهن به جائز مجبوريءَ تحت) نٿا ڪري سگهون ته، گهٽ ۾ گهٽ اسان کي، اُنهن ماڻهن کي سندن جيئري ئي، خراج تحسين پيش ڪرڻ گهرجي - ۽ اُنهن جي اجتماعي خدمتن واري ڪردار کي مڃتا ڏيڻ گهرجي، جن، مايوس ماڻهن جي زندگين ۾ اميد جي بهار آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جن اگهن کي سگهائي ڏياري آهي، جن سماجي خدمت جا مثال قائم ڪيا آهن، ۽ جن پنهنجي خوشيءَ کي ٻين جي خوشيءَ سان جوڙيو آهي.
    انور پيرزادي صاحب جي ڳوٺ – ٻلهڙيجيءَ جا ماڻهو، جيڪي روز صبح جو جڏهن اکيون مَهٽي اٿندا آهن ته سندن پهرين نظر سنڌوءَ تي ۽ ٻي نظر مُهين جي دڙي تي پوندي آهي. سو، اهڙن نصيبن وارن نيڻن ۾ انساني ڀلائيءَ وارو سبق ته لازمي طور درج ٿيڻو آهي... تڏهن ئي ته مامي رمضان کي ان ڳالهه جو اونو نه هوندو آهي ته، هِن جي هَٽ تي رکيل وَکر وڪامجي ٿو يا نه؟ پر هِن کي فڪر اِهو هوندو آهي ته، سندس ڳوٺ جي سڀني ماڻهن ڏي خير هجي. هُو پنهنجن لوڙهن اندر موجود ڪچن پڪن گهرن ۾ پنهنجن ٻارن سان گڏ سُکيا هجن. سو صوفي دل واري هِن شخص جي دل کي سنڌوءَ ڌوئي صاف ڪيو آهي ته، اُن تي مُهين جي دڙي، پنهنجون عظيم تهذيبي روايتون سينگاري رکيون آهن.
    سچ پچ ته هيءُ شخص گهڻو ڪجهه لهڻي ٿو، پر اسان کيس ڪجهه به نه ڏيئي سگهنداسين- ۽ وڏي ڳالهه ته هِن کي ڪجهه کپي به نه.....هيءُ بس اِهو ٿو مطالبو ڪري ته جنهن غريب جي گهر مان ڪنهن امي ابا، ڀاءُ ڀيڻ يا ٻار ٻچي جي ڪيهه ٻڌو ته، اُن جي مدد جي لاءِ نِڪري پئو، جيڪڏهن ڪنهن غريب هاريءَ جو ڦاٽل انگوڇو، اُن جو بدن مڪمل طور ڍڪي نه سگهي ته، اُن کي اوڇڻ آڇيو، جيڪڏهن ڪنهن ٻار جي هٿ ۾ قلم ۽ ڪتاب نه ڏسو ته، اُن جي لاءِ اسڪول قائم ڪرائي، اُتي اُن کي داخل ڪرايو....۽ جيڪڏهن آڌيءَ مانجهيءَ جو ڪو لوڙهي تان اچي مدد جي لاءِ پُڪاري، ته اگهورُ ننڊ ۾ ستل ٻارڙن تي پنهنجي نگاهه ائين وجهو، ڄڻ اُنهن کي آخري ڀيرو ڏسندا هجو، ۽ پوءِ مدد جي لاءِ نڪري پئو....متان اوهان ٻيهر پنهنجي گهر موٽي نه اچي سگهو....ڇاڪاڻ جو مدد جي لاءِ سڏيندڙَ اوهان کي اِن قابل سمجهيو ته، اوهان ئي هُن جي مدد ڪري سگهو ٿا، ته پوءِ اِن کان وڌيڪ ٻيو ڇا گهرجي... اِهائي ته زندگيءَ جي حاصلات آهي.
    هِن ڪتاب ۾ شامل سڀني بهترين ليکڪن (جن مان گهڻا ته منهنجا تمام گهڻا ويجها دوست آهن) مامي رمضان ساريي جي زندگي جي هر پهلوءَ تي تمام سٺو لکيو آهي. اِنڪري جيڪڏهن انهن سڀني لکڻين تان اُنهن جا عنوان ۽ ليکڪن جا نالا هٽائي، اُنهن کي گڏائي ڇڏجي ته اِها مامي رمضان جي آتم ڪٿا ٿي سگهي ٿي.
    ماما رمضان! اوهان جون سچيءَ دل سان ڪيل محنتون ۽ خدمتون رائگان نه ويون آهن ۽ هيءُ ڪتاب شايع ڪرائي، اسان جا نوجوان اوهان جا ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا آهن، جيڪا ڳالهه يقينن اوهان جي اکين ۾ چمڪ ۽ اوهان جي اندر ۾ اطمينان ۽ وڌيڪ حوصلو پيدا ڪندي. اوهان کي هِن ڪتاب شايع ٿيڻ تي مبارڪ هجي.

    انور ابڙو
    4 مارچ، 2015ع، ڪراچي


    مرتب پاران : امڙ جي آسِيسَ جهڙو مامو رمضان

    اسان اهڙي دؤر ۾ جي رهيا آهيون جنهن ۾ اعلى سماجي قدر ڪافور ٿي رهيا آهن، اجتماعيت جي ڦوڪڻيءَ مان هوا وڃي پئي نڪرندي ۽ فرد ڏينهون ڏينهن سوڙهو، ننڍڙو ۽ پنهنجي ذات جي خول ۾ وڃي پيو قيد ٿيندو. سماجي مسئلن کان وٺي قومي معاملن تائين ”اسان جو ڇا“ وارو ورتاءُ هر هنڌ پيو پسجي. ترقي، خوشحالي، آجپو، سک، چين ۽ آرام سڀ پنهنجي ذات يا وڌ ۾ وڌ گهر جي چوديواريءَ تائين محدود آهي. ڪير ڪَربَ ۾ آهي_ اسان جو نه ربيع نه خريف! وڌ ۾ وڌ اخبار ۾ اهڙي ڪنهن ڪِيس جي ڪٿا پڙهي روايتي لفظن ۾ افسوس جو اظهار ڪيو ته ٺهيو باقي اهڙي گهٽ ٻوسٽ واري ماحول کي پُر فضا بڻائڻ لاءِ جاکوڙ اسان جي فرض ۾ ڄڻ شامل ئي ناهي.اسان جي پاڙي اوڙي، ڳوٺ، شهر ۽ ملڪ ۾ ٿيندڙ انسان سوز واقعن جا قصا اخبارن ۾ ايئن پڙهبا آهن ڄڻ اهي ڪوهه ڪاف جي مخلوق جون ڏند ڪٿائون هجن!
    اسان جو سماج مجموعي طور تي اهڙي ڏيوالپڻي جو شڪار بڻجي ويو آهي جو نه رڳو اعلى سماجي قدر ناپيد ٿي رهيا آهن پر ماڻهپي جا آثار به ڄڻ ته موڪلائيندا ٿا وڃن. اهڙا کوڙ ساترا واقعا آهن، جن کي ڏسي گمان ٿو ٿئي ته اسان ڪنهن انساني سماج ۾ نه پر اهڙي جهنگلي جهان ۾ جي رهيا آهيون جتي رڳو وحشت ئي وحشت ۽ دهشت ئي دهشت آهي. مسڪين جهان خان کوسي کان وٺي وسو ٻائي، سائين سرور منگي ۽ مامي رمضان ساريي تائين جيڪڏهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترا به املھ انسان نه هجن ته ڪَرَ ماڻهپي تان ويساهه ئي کڄي وڃي!
    اسان جي مجموعي سماجي صورتحال اهڙي آهي جنهن ۾ مادي خواهشن جو ڪو ڇيهه ئي ناهي. ماڻهپي جا اعلى قدر رواداري، سهپ ۽ برداشت ڳئونءَ جي مٿين ڏندن وانگر ڪٿي نظر ئي نٿا اچن، اهڙي نفسا نفسي واري صورتحال ۾ جتي ڪو ڪنهن جو ڀلو ڪري اهو ته ٺهيو پر اڪثر ماڻهن کي ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ لاءِ سٺو سوچڻ جي ويساند به ڪانهي، شايد اهڙي صورتحال کي ڏسندي ڀٽائي چيو هو ته،
    پَاڙي ناهي پَروڙَ، ته راتِ رَنجائي گُذري.
    چون ٿا ته زندگي گذارڻ جا ٻه طريقا آهن هڪ يا ته لوڪ وانگر لهوارو وهجي ۽ جيئن سماجي وهنوار هلي ٿو ان کي مقدر ڄاڻي آمنا صدقنا چئجي يا ذميواري کڻي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪجي. مامي رمضان اردوءَ جي هن شعر وانگر سماجي ڀلائيءَ جي ذميواري پنهنجي نازڪ ڪلهن تي کنئي آهي ته
    ظلمت شب په الزام سي تو ڪهين بهتر ٿا،
    اپني حصي کي کوئي شمع جلاتي جاتي
    مامي رمضان پنهنجي حصي جي شمع ٻاري آهي ۽ اڃا ڪي آهين ڪُل جڳ ۾ ڪاپڙي جي مصداق هن ٻين ڪاڻِ جيئڻ کي پنهنجي زندگيءَ جو نصب العين بڻائي ڇڏيو آهي. مامو رمضان هڏ ڪاٺ ۾ اهڙو ته سنهڙو ۽ سيپڪڙو آهي جو لڳندو آهي ته هي پاڻ امداد ۽ سهائتا جو مستحق آهي. پر هن پنهنجي صحت جو ڪڏهن به اونو ناهي ڪيو، ڪاري ڪامڻ جهڙي موذي مرض سان جهيڙيندي به هن سدائين پاڻ بدران ٻين اگهن جو خيال رکيو آهي. سندس چوڻ آهي ته، ”مان پاڻ هيپاٽائيٽس جو مريض آهيان پر جڏهن ڪو مريض مون وٽ اچي ٿو ته مون کان منهنجو مرض وسري وڃي ٿو ۽ مان سندس مدد ۽ خدمت لاءِ اٿي پوان ٿو.“
    مريضن جي علاج لاءِ هو آنڌي مانجهيءَ توڙي ڪاڙهي جھڙي گرميءَ ۾ به مٿي تي ٽوال رکي در در تي جهولي جهلي چندو وٺڻ ۾ به عار محسوس نٿو ڪري ۽ ماڻهو به مٿس ڀروسو ڪن ٿا ته مامي کي ڏنل سندن پائي به ميري نه ٿيندي. ۽ اها ڪنهن نه ڪنهن ضرورتمند جي ڀرجهلائيءَ لاءِ ڪتب ايندي.
    60 ورهين جي ڄمار ۾ به هو ماڻهن جي ڀلي لاءِ اسپتالن ۽ آفيسن جا چڪر ڪاٽيندي ٿڪجي نٿو، ڇاڪاڻ ته اهو سندس ايمان آهي ته زندگيءَ جو حقيقي ڪارج ئي ٻين جي ڀلائي آهي. ۽ اهو سڀ ڪجھ مامو بنا ڪنهن لوڀ، لالچ ۽ طمع جي ڪري ٿو. بس ان سڀ ڪجهه ڪرڻ جي عيوض جيڪي کيس دعائون ۽ محبتون پلئه پون ٿيون اهي ئي سندس حياتيءَ جي ڪُل ميراث آهن.
    اس ني جلتي هوئي پيشاني پي جب هاٿ رکا،
    روح تک آگئي تاثير مسيحائي ڪي.
    پروين شاڪر جي انهن سٽن وانگر مامو رمضان ڪنهن بيمار وٽ پهچي ٿو يا ڪو اگهو وٽس لڙي اچي ٿو ته اهو واهرَ ٿيڻ واري احساس سان ئي پاڻ ڀرو ٿي ٿو وڃي ڇاڪاڻ ته کيس اهو پختو يقين هجي ٿو ته مامو رمضان اهنج جي مڪمل خاتمي تائين سندس پرگهور لهڻ ۾ وسان نه گهٽائيندو، هر هيلو هلائيندو ۽ قابل ويڄن کان درست دارون ڪرائي کيس موت جي منهن مان ڪڍي نئين زندگي وٺي ڏيندو.
    اهڙن مريضن جو تعداد سونِ ۾ آهي جن کي مامي نئين حياتي ڏياري آهي ۽ سوين اهڙا اکين جا مريض آهن جن کي مامي نوُر واپس ڏياريو آهي.
    مامو رمضان ڪُلُ وقتي سماجي ڪارڪن آهن، چوويھ ئي ڪلاڪ سندس دروازو سائلن لاءِ کليل هوندو آهي، ڏينهن ته ڏينهن پر رات اڌ رات به ضرورت پوڻ تي هو هر وقت حاضر هجي ٿو. يوسي بگيءَ ۾ ٻه ڀيرا جنرل ڪائونسلر توڙي ديهه ابڙي پوٽا ۾ ٻه ڀيرا زڪوات چيئرمين بڻجڻ کان وٺي هر ڪم هن انتهائي ايمانداري ۽ سچائيءَ سان ڪيو آهي، سنڌ ۾ ٻيو ڪو اهڙو مثال ورلي ملندو جنهن ۾ زڪوات چيئرمين درکڙڪائي مستحقن جي مالي مدد ڪئي هجي ۽ ورهاست به اهڙي منصفاڻي جو ڪنهن کي به آڱر کڻڻي نه پوي!
    توڙي جو مامو رمضان ساريو پاڻ صرف پرائمريءَ جا پنج درجا پاس آهي پر وٽس تعليم جو وڏو قدر ۽ قيمت آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ پنج اسڪول قائم ڪرايا آهن. ۽ پنهنجو اجهو به نياڻين جي تعليم لاءِ دانُ ڪري ڇڏيو اٿائين. هو مُهين جي دڙي جي انهن ماڻهپي وارن اعلى قدرن جو امين آهي. جتي جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي گهر جوڙائڻو هوندو هو ته ٿيندو ايئن هيو جو هڪ هڪ ماڻهو هڪ هڪ سِرَ ڏيندو هو، يا وري هر گهر مان ڪو هڪ ماڻهو ڪم ۾ هٿ ونڊائيندو هو ۽ اهڙي طرح هڪ ماڻهوءَ جو اجهو ٺهي پوندو هو ۽ ڳهو چڙهي پوندو هو. اهڙي طرح مهين جي سماج ۾ ماڻهو هڪ ٻئي جو ڀرجهلو ۽ مددگار هوندا هئا ۽ اشتراڪي سماج وانگر ملي جلي رهندا هئا.
    هر وقت چهري تي مرڪ مامي رمضان جي سڃاڻپ جو اهڃاڻ لڳندي آهي ۽ سندس ملڻ به عام ماڻهن کان نرالو آهي، هو ماما ڪري ڀاڪر ۾ ڀريندو آهي ۽ ڳل تي مٺي ڏئي ٻلهار پيو ويندو آهي. ”صدقو وڃانءِ “ سندس تڪيو ڪلام بڻجي ويو آهي.
    لطف پيرزادي موجب ”ڳڀرو وهيءَ ۾ مامي رمضان جون ڪجليون ۽ ڪاريون ڀونئر جهڙيون اکيون ڳوٺ جي مجني فقير کي وڻنديون هيون.“ پر هاڻي ته لطف سميت سڄو جڳ مامي جي مسيحائي ڪردار جو عاشق بڻجي پيو آهي.
    مامي رمضان کي ڪا پُٽاڻي اولاد ڪونهي پر هن پنهنجي پنجن ئي نياڻين کي پٽن وانگر پاليو، نپايو ۽ پڙهايو آهي ۽ کين انسان دوستيءَ ۽ ماڻهپي جي سُتي پڻ پيئاري آهي جنهن ڪري اسان جون اُهي ڀينر ڳوٺ جي ٻارن کي پڙهائڻ کان وٺي سمورن سماجي ڀلائيءَ وارن ڪمن ۾ مامي رمضان جون ٻانهن ٻيلي بڻيل آهن. هتي وسارڻ جهڙو ڪردار ته مامي رمضان جي گهرواري مامي غلام سڪينا جو به ناهي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ماميءَ جو ساٿ ۽ سهڪار نه هجي ها ته شايد مامو رمضان اُهي سمورا انسان دوستيءَ وارا ڪم نه ڪري سگهي ها. هو ناليواري شاعر محمد علي پٺاڻ جي لفظن ۾ هو ماميءَ کي چوندو آهي ته:
    ”هيڪلڙو آهيان، مونکي تنهنجو ساٿ کپي ٿو“
    ” سنڌ جو سيوِڪُ“ ڪو ادبي شهپارو ناهي پر مامي رمضان جي ڄڻ ته سوانح عمري آهي. هي ڪتاب نه صرف سوانح عمري آهي پر اسان جي سماج جي دردن جو داستان به آهي ته دردن جو درمان به آهي، جنهن کي ڪتابي صورت ۾ ڇپائي منظرعام تي آڻڻ جو مقصد مامي رمضان ساريي کي مڃتا ۽ ڀيٽا ڏيڻ سان گڏوگڏ اهو به آهي ته نئين نسل کي ههڙن آدرشي انسانن ۽ سندن اعلى انساني گڻن کان واقف ڪجي ۽ هڪ رول ماڊل جو ساڻن مکاميلو ڪرائجي ته مَنَ اها واٽ ٻيا پانڌيئڙا به لهي سگهن.
    ڪوشش جي باوجود هن ڪتاب ۾ اوهان کي ڪن هنڌن تي ورجاءُ به ملندو، پر ڇاڪجي! مامي جي چاهيندڙن، جن مٿس مضمون ۽ تاثر لکيا آهن انهن جا ڪٿي ڪٿي احساس ۽ جذبا توڙي اظهار جو انداز ملندڙ جلندڙ آهي پر محبت وچان لکيل اهڙين سٽن تي ڪاتي ڦيرڻ اسان جي وس جي ڳالھ ناهي.
    هن ڪتاب جي ڇپائيءَ ۾ ناليواري شاعر ۽ نثرنويس سائين محمد علي پٺاڻ ۽ طالب حسين چني ڀال ڀلايا ۽ اهم پورهيو منهنجي ننڍپڻ جي ساٿي، ليکڪ ۽ سرسوتي ساهت گهر ڏوڪريءَ جي سرواڻ عيسى ميمڻ جو آهي جنهن ڇپائيءَ جو سمورو عمل سرانجام ڏنو. وڏا وَڙَ سنڌ جي خوبصورت قلم ڌڻي ڀاءُ انور ابڙي جا جنهن انتهائي مصروفيت منجهان پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي مهاڳ لکيو. لک ٿورا آغا نويد سميجو جا جنهن پيار منجهان سهڻو ٽائيٽل ٺاهيو. مامي جي شخصيت ۽ سندس ڪردار بابت ليک لکندڙ سمورن دوستن جا به ٿورا، جن پنھنجو وقت اسان کي ڏنو.
    ساوڻ لهرون، ٿرِ واري تِرَ وارَ،
    تهائين اَپارَ ڀلي مون سين ڀال ڪيا.
    (شاهه)

    علي بخش پٺاڻ
    01 مئي 2015
    03343513343
    journalistpathan@gmail.com


    پنھنجي پاران

    دوستن جي اصرار تي ٻه اکر ڪتاب تي لکي رهيو آهيان. جڏهن ته مون زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڊائري به نه لکي آهي ته ڪتاب تي ڪيئن لکان؟ مان تمام سادو ماڻهو آهيان. تنھن باوجود به هانءَ جي ڏَڍَ تي ٻه اکر لکان ٿو، خبر ناهي ته مان اديبن جي معيار تي پورو لھندس به الائي نه؟
    مون زندگيءَ ۾ جيڪي به ڀَلائيءَ جا ڪم ڪيا آهن، اُهي پنھنجي ايمانداريءَ سان ڪيا آهن. اهي ڪنھن تي احسان نه آهن پر منھنجو فرض آهي. مان ڪنھن به انسان کي بکيو ۽ ڏکيو ڏسي ناهيان سگهندو. ڪنھن جي به بک کي مان پنھنجي بُک ۽ ڪنھن جي به ڏک کي مان پنھنجو ڏک سمجهندو آهيان. اهو ڪم ڪندي مون کي دلي سڪون ملندو آهي. منھنجي در تي ڪو سوالي اچي ۽ خالي موٽي، اهو ناممڪن آهي. ان سموري پورهئي کي دوستَ مانُ ڏين ٿا. ماڻهو مون کي پنھنجو سمجهن ٿا، منھنجي لاءِ سموري زندگيءَ جي ميراث اُهي ئي محبتون ۽ عنايتون آهن.
    ڪتاب آڻڻ جي خواهش حقيقت ۾ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي هئي. افسوس آهي ته هن ڪتاب کان اڳ ئي ڪامريڊ سوڀو اسان کان وڇڙي ويو. جنھن کي هن ڪتاب جي مھورتي تقريب جي صدارت پڻ ڪرڻي هئي. ان ڳالهه جو سدائين افسوس رهندو.
    ڪامريڊ سوڀي، محمد علي پٺاڻ تي زور پئي رکيو ته اهو ڪم ڪنھن طرح سرانجام ڏيئي. هي ڪتاب به محمد علي پٺاڻ جي صلاح مصلحت ۽ خواهش مطابق اوهان تائين پھتو آهي. جنھن لاءِ علي بخش پٺاڻ جا به خاص احسان جنھن هن ڪم جي سرانجاميءَ لاءِ جاکوڙ ڪئي. ۽ عيسى ميمڻ جا ٿورا آهن جنھن کوڙ سارا خفا ۽ ذميواريون نڀايون آهن.
    مان زندگيءَ ۾ جيڪو به حاصل ڪيو آهي اهو انور پيرزادي جي طفيل آهي. انور پيرزادي کان سواءِ منھنجي ذاتي اڻپوري آهي. ”ماما انور پيرزادا توهان جا ٿورا لاهي نه سگهيو آهيان، زندگيءَ جي آخري هڏڪيءَ تائين ڳائيندس پيو.“
    مامي محمد علي پٺاڻ ۽ مامي انور ابڙي سميت سڀني جا احسان آهن جن مون تي لکيو، مون کي عزت ڏني آهي. خاص احسان منھنجي جيون ساٿياڻي سڪينه جا آهن جنھن نه صرف ٻين جي خاطر جيئڻ لاءِ اتساهيو ۽ ٻانھن ٻيلي ٿي، مون کي سدائين حوصلو ڏيندي رهي آهي.
    آخر ۾ مان انھن سڀني جو ٿورائتو آهيان جن مون کي پنھنجو سمجهيو ۽ مون تي مضمون ۽ تاثر لکيا.

    ماما رمضان ساريو
    (ٻلهڙيجي)


    مامو رمضان ساريو انسان دوستيءَ جو مثالي ڪردار: محمد علي پٺاڻ

    ”انسان“ لفظ ”اُنس“ مان نڪتو آهي، جنھن جي لغوي معنى آهي ”پيار“. ۽ اهو پيار ئي آهي، جنھن ڪري سوين ۽ هزارين دفعا هيءَ دنيا تباهيءَ ۽ برباديءَ جي ڪنڌيءَ تي رسڻ کانپوءِ به جُڙندي ۽ بچندي آئي آهي. هونئن به چوندا آهن ته اُهو انسان ئي ڪھڙو، جيڪو انسان جي ڪم نه اچي. ماڻهو، ماڻهپي سان ئي سڃاتو ويندو آهي ۽ سندس نالو به صدين تائين ان ڪري ئي زنده رهندو آيو آهي، جو منجهس ٻئي ماڻهوءَ سان پيار ڪرڻ جو گڻ موجود آهي- ۽ دنيا جي انھن حصن ۾ جتي اَڻ ڳڻيا ڪُماڻهو (ماڻهو ئي نه) موجود هوندا آهن، اُتي جيڪڏهن ڪو هڪ ماڻهو به ماڻهپي جي وصفن سان موجود هوندو آهي ته دنيا رهڻ جھڙين رنگينين سان ڀريل نظر ايندي آهي. اسانجي نامياري اديب، شاعر ۽ صحافي انور پيرزادي جي ڳوٺ حاجي لال بخش شيخ، جنھن کي اڄڪلهه نئين ٻلهڙيجي ڪوٺيو وڃي ٿو، ان کان اندازن ٻه اڍائي صديون اڳ ڳوٺ پراڻي ٻلهڙيجي قائم ۽ دائم رهندو آيو آهي. وڏن وڏن لوڙهن ۽ ڌوڙ سان ڀريل گهٽين واري ان ڳوٺ ۾ نئين ٻلهڙيجيءَ جي هيري انور پيرزادي، ڪامريڊ ٺاري ماڇيءَ کانپوءِ جيڪو وڏو انسان دوست ڪردار پنھنجي خاص محبت ۽ تربيت سان جڳ جھان آڏو نشانبر ڪيو، اُهو آهي مامو رمضان ساريو.
    پنجاهه ايڪونجاهه سالن جي عمر کي رسيل هي سنھڙو سيپڪڙو ۽ سادڙو مامو رمضان ساريو اڄڪلهه جي خودغرض معاشري ۾ ان ڪري به مثالي ماڻهو ڳڻيو وڃي ٿو، جو هن پنھنجي ذاتي سک لاءِ ڪڏهن به ناهي سوچيو. هن سوچيو آهي ته اهڙن ماڻهن لاءِ، جيڪي ڏکن جي انبارن ۾ سٿيل هجڻ جي ڪري زماني جي نظرن ۾ ڪري پوندا آهن- ۽ جن کي پري پري تائين ڪنھن هٿ ۽ سھاري جي، اميد به نه رهندي آهي.
    مامي رمضان کي ان کان وڌيڪ ٻي ڪابه خوشي راس نه ايندي آهي ته هو ڪنھن جي ڪم اچي ۽ اُهو ٻئي جي ڪم اچڻ وارو جذبو هن پنھنجي استاد انور پيرزادي کان پرايو هو. جنھن جي 1982ع ڌارا ڳوٺ ۾ قائم ڪيل ”ڳوٺ سڌار سنگت“ سان سلھاڙجڻ کانپوءِ هن ان جي انسان دوستيءَ وارن نقطن کي پنھنجو نصب العين بڻائي ڇڏيو هو.
    انھن نقطن مان هڪ نقطو اهو هو ته نئين ۽ پراڻي ٻلھڙيجيءَ ۾ غريب ۽ مسڪين ماڻهو جڏهن بيماريءَ واري بستري تي داخل ٿئي ۽ علاج لاءِ وٽس ڪجهه ڀي نه هجي ته ”ڳوٺ سڌار سنگت“ جا ڪارڪن ۽ عھديدار اُن جي علاج لاءِ چندي جي مھم تي نڪري پون ۽ ان کي اسپتال پھچائي علاج معالجي جو سمورو بارُ پاڻ کڻي بيھن.
    ڪجهه سالن تائين ان ۽ ان جھڙن ٻين الائي ڪيترن انسان دوستيءَ وارن انوکن اصولن کي اپنائيندڙ اُها ”ڳوٺ سڌار سنگت“ جڏهن انور پيرزادي جي روزگار سانگي ڳوٺ کان پري ٿيڻ جي ڪري آهستي آهستي ويھجي صفا ختم ٿي وئي ۽ وڏا وڏا جفاڪش ۽ تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهيندڙ ان جا سڀ ڪارڪن ۽ عھديدار پنھنجي هڻ وٺ تائين محدود ٿي ويا ته نئين ٻلهڙيجيءَ جو محب پيرزادو ۽ پراڻي ٻلهڙيجيءَ جو مامو رمضان ساريو انسان دوستيءَ جا ٻه مختلف مورچا سنڀالي بيھي رهيا. جن مان هڪ مورچو ڳوٺ جي ڀلائيءَ لاءِ جاکوڙ وارو هو، جيڪو محب پيرزادو سنڀالي بيٺو ته ٻيو مامو رمضان ساريو سنڀالي بيٺو، جيڪو غريب، مسڪين ۽ بي پھچ ماڻهن سان سلھاڙيل هو.
    ان زماني کان وٺي هيل تائين مشڪل سان اهڙو ڪو ڏينھن ۽ رات نه آئي هوندي، جڏهن مامي رمضان ساريي جي گهر جو در ڪنھن اگهي علاج لاءِ نه کڙڪايو هوندو ۽ پوءِ مامو ان جي علاج لاءِ چندي جي مُھم تي واءُ مينھن ڪري نه نڪتو هوندو.
    ڳوٺ جا ماڻهو ، جيڪي پاڻ مسڪيني حال ۾ گذاريندڙ، تن وٽ جڏهن مامو رمضان پھچندو ته اُنھن کي مامي رمضان جو پنڌ موٽائڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو. پوءِ وِتَ وَسَ آهر جيڪو وٽن هوندو، آڻي مامي رمضان جي هٿ تي رکندا. ڇو ته کين سؤ سيڪڙو ئي پڪ هوندي آهي ته اُهو پئسو مامي رمضان جي کيسي ۾ وڃڻ بجاءِ ڪنھن بي پھچ ۽ لاچار جي ئي مدد ۾ ڪتب ايندو. پوءِ ان مريض سان، ان جو مٽ مائٽ ساڻ هلي يا نه، مامو رمضان ان کي پنھنجي سنڀال هيٺ اسپتال پھچائيندو ۽ تيستائين ڊاڪٽرن، اسپتالن ۽ رت جي بوتلن وارا ڳَنَ وَڍَ ڏئي اوجاڳا ڪندو رهندو، جيستائين اهو چاڪ چڱو ڀلو نه ٿيندو.
    پرائمريءَ جا پنج درجا پڙهيل هي شخص، جنھن جي گذر سفر جو ذريعو پراڻي ٻلهڙجيءَ ۾ قائم هڪ ننڍڙو هٽڙو رهندو آيو آهي، سو ”ڳوٺ سڌار سنگت“ جي انھن ڏينھن کي اڄ به ساري ٿڌا ساهَه ڀري ٿو، جڏهن نئين ۽ پراڻي ٻلهڙيجيءَ ۾ ڪنھن به وقت جهجها مينھن پوندا هئا ۽ رستن ۽ گهٽين ۾ پاڻي بيھجي ويندو هو ته سمورا ”ڳوٺ سڌار سنگت“ سان وابسته ماڻهو ٿانوَ ٿپا کڻي اهو ڪڍڻ ۾ مشغول ٿي ويندا هئا ۽ جتي گهٽيون هيٺ هونديون هيون ته پاڻ مٿن تي تغاريون کڻي اُتي مٽي وجهي، انھن کي لنگهه جي قابل بڻائيندا هئا.
    ”ڳوٺ سڌار سنگت“ جي خاتمي بعد سالن کانپوءِ ڪجهه جهونن ۽ ڪجهه نوجوانن ساڳئي جذبي تحت ”انڊس ڊولپمينٽ ايسوسيئيشن“ وجود ۾ آندي آهي، جنھن جو مامو رمضان ساريو به اهم رڪن آهي. پر ان جي خدمت جا طور طريقا ”ڳوٺ سڌار سنگت“ کان ڪجهه جُدارا ۽ الڳ آهن.
    2001ع ۾ جڏهن بلدياتي چونڊون ٿيون ته هن نئين تنظيم پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سھڪار سان گهڻي کان گهڻا ووٽ کنيا. جنھن جي نتيجي ۾ محب پيرزادو يو.سي بگيءَ جو ناظم بڻيو ۽ مامو رمضان ساريو ڪائونسلر. ان اليڪشن جي ورڪ دؤران تـَرَ ۽ ڀرپاسي جا ماڻهو ٻڌائن ٿا ته محب پيرزادي سان گڏ يا پنھنجي منھن سان مامو رمضان ساريو، جتي به ويو ته ڪنھن کان به پنھنجي لاءِ ووٽ جي طلب نه ڪيائين ۽ سڀني کي محب پيرزادي کي ووٽ ڏيڻ جو چوندو رهيو. پر تـَرَ ۾ جيئن ته سندس ساک ٻين کان وڌيڪ هئي، ان ڪري سوڀ جا گل خودبخود سندس جهول ۾ اچي پيا.
    عملي سياست واري ان سڄي عرصي ۾ مامي رمضان ساريي پنھنجي ٽيم سان گڏجي جيڪي اهم ڪم ڪرايا، انھن ۾ ڳوٺ وڪڙو ۾ پڪيون ناليون، فرشبندي ۽ مڊل اسڪول جي بلڊنگ. جڏهن ته تـَرَ جي اڪثر ڳوٺن ۾ انھن ترقياتي ڪمن کان علاوه پڪا رستا ۽ روڊ پڻ ٺھرايا ويا. نيڪ نيتيءَ جي بنياد تي ڪرايل انھن ڪمن جي نتيجي ۾ ٻيو دفعو به مامو رمضان ساريو بلدياتي چونڊن ۾ سوڀارو ٿيو ۽ اهو عرصو به هن اهڙا ئي مثالي ڪم ڪرائيندي پورو ڪيو.
    ذڪر ڪيل انھن ڪمن کان علاوه مامو رمضان ساريو ورهين کان واپڊا وارن جي ڏاڍاين کان پنھنجي مسڪين ڳوٺاڻن کي بچائڻ لاءِ پاڻ پين پنو هٿ ۾ کڻي انھن جي ميٽرن جي ريڊنگ نوٽ ڪري ٿو ۽ اها وڃي آفيس ۾ پاڻ درج ڪرائي ٿو. پوءِ جڏهن بل اچن ٿا ته سيڙجي وڃي اُهي به پاڻ ئي وصول ڪري ٿو ۽ دَرَ دَرَ تي وڃي ڏوڪڙ وٺي اُهي بئنڪن ۾ به پاڻ ئي پياري اچي ٿو ۽ رسيدون مالڪن جي حوالي ڪري ٿو. ان ڪٺن ڪم جو دائرو پنھنجي ڳوٺ کان علاوه ڪجهه ٻين ڳوٺن تائين به پکڙيل اٿس. جنھن ڪري مسڪين ماڻهو کيس سدائين دعائون ڏيندا رهن ٿا.
    مُھين جي مِٽيءَ مان ٺھيل هي ماڻهو ڏينھن رات اهڙين سرگرمين ۾ مشغول رهي ٿو. ڪنھن وٽ شناختي ڪارڊ ٺھيل نه آهي ته ان کان ڪو ڪرايو وٺڻ بنا الٽو ان جو ڪرايو پاڻ ڀري وڃي ان کي اُهو ٺھرائي ڏئي ٿو ۽ ڪنھن جو روينيو يا ڪنھن ٻئي کاتي ۾ ڪو ڪم اٽڪيل آهي ته مامو رمضان ساريو اُهو به پنھنجون جُتيون گسائي ڪرائڻ ۾ سدائين ڦڙت ۽ چست نظر اچي ٿو.
    انھن سڀني ڪمن سان گڏوگڏ مامو رمضان ساريو تقريبن گذريل ٻن ڏهاڪن کان اخبارون پڙهي، انھن جون مختلف اِشوز واريون خبرون ڪٽي سوين فائيل ٺاهڻ واري ڪِرت ۾ پڻ رڌل رهي ٿو. سندس ان ڪم جو جائزو وٺبو ته مٿي کي هٿ ڏئي ويھي رهبو. ڇاڪاڻ جو اهو ڪم ڪنھن فرد کان وڌيڪ اداري جو محسوس ٿيندو، جيڪو هو وڏي شوق سان سرانجام ڏيندو رهي ٿو.
    سوَن جي تعداد ۾ سانڍيل سندس اهڙن فائيلن مان ڪو فائيل اوهانکي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي لکڻين جو نظر ايندو، ته ڪو انور پيرزادو، پاڪستان پيپلز پارٽي، محترمه بينظير ڀٽو، آصف علي زرداري، وبائي بيمارين، ٻوڏ جي تباهه ڪارين، ڌاڙيلن جي ڌاڙيوالين، نقلي دوائن جي خبرن ۽ مضمونن کان علاوه ڪاروڪاري، قبائلي جهيڙن جا انگ اکر ۽ ان پرڏيھي محقق زائفان ذات جو به مواد نظر ايندو، جنھن کي مڪليءَ جي قبرستان ۽ ٺٽي جي صوفياڻن درگاهن تي تحقيق جو شوق هتي کڻي آيو هو، پر ٺٽي جي هڪ پوليس آفيسر ان کي چري چئي اهي ڏينھن جا تارا ڏيکاريا هئا، جو ٻين پرڏيھي محققن به ڪَنُ ڪري، ڪَنَ ڪپائي اکيون سنڌ جي سرحد کان ڦيرائي ڇڏيون هيون.
    مامي رمضان ساريي جي انسان دوستيءَ جي هڪ جهلڪ سندس هڪ ننڍڙي ٻن ڪمرن واري گهر ۾ به ڏسي سگهجي ٿي، جنھن ۾ نياڻين جو اسڪول قائم ڪيو آهي. جتي بنا معاوضي جي ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جون نينگريون علم جي زيور سان پنھنجا ذهن سينگارينديون رهن ٿيون.
    ايڏي ڀلي ۽ ماکيءَ کان مِٺي مامي رمضان ساريي کي گذريل ڪجهه مھينن کان هيپاٽائيٽس سي جي ديوَ اچي سوڙهو ڪيو آهي ۽ سندس صحت مُھين جي دڙي جي آثارن جو ڏيک ڏيڻ لڳي آهي. ان هوندي به ڪو اگهو اچي سندس گهر جو دَرُ کڙڪائي ٿو ته هو پنھنجون دوائون کيسي ۾ وجهي ان جي سھائتا لاءِ چندي جي مھم تي نڪري پوي ٿو. ان کي اسپتالن تائين پھچائي، تيستائين سک جي ننڊ نٿو ڪري جيستائين اُهو سگهو ٿي پنھنجي پيرن تي بيھڻ جي لائق نٿو بڻجي.
    پنھنجو اهنج وساري هو اُهو سڀڪجهه ان ڪري ٿو ڪري، جو هن کي خبر آهي ته ”انسان“ لفظ ”اُنس“ مان نڪتو آهي، جيڪو ورهائڻ سان وڌندو آهي۽ ڪڏهن به کٽندو نه آهي.

    **


    مُهين جو مسيحا: ماما رمضان ساريو : ادل سولنگي

    سنڌ جي قديم تھذيب جي آثار مُھين جي دڙي ويجهو سنڌو درياههَ جي ساڄيءَ ڪنڌيءَ تي آباد ڳوٺ ٻلهڙيجي سنڌ جي علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ صحافتي سجاڳيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ ننڍڙو ڳوٺ آهي. ٻلهڙيجي جنھن مختصر عرصي ۾ تمام وڏا عالم، اديب، شاعر، سياسي ڪارڪن، صحافي، سماج سڌارڪ، ڊاڪٽر ۽ انجنيئر توڻي لطيف جا پارکو، موسيقيءَ جا ڄاڻو ”مُھانڊا“ماڻهو پيدا ڪيا آهن.
    ٻلهڙيجي جيڪو ڪڏهين ”ننڍڙو ماسڪو“ سڏبو هو، اڄ اتي قومي تحريڪ جا اهم مورچا اڏجي رهيا آهن.
    سخي شاهه جمال جي درگاهه تي ٿيندڙ روزانيون علمي ادبي، سياسي ۽ سماجي سرگرميون نھايت ئي اعلى انساني قدرن جي آبياري ڪري رهيون آهن. ٻلهڙيجيءَ جي اڄوڪي بيھڪ ۾ فقير يار محمد پيرزادو، ڪمال خان پيرزادو، ڪاڪو انور پيرزادو، قربان پيرزادو، محمد پيرزادو، محب پيرزادو، شاهه محمد پيرزادو، فيض الله پيرزادو، ستار پيرزادو، امر پيرزادو، جانيئڙو سنڌي، حفيظ پيرزادو، نظر پيرزادو، غوث پيرزادو، سھيل پيرزادو، مسرور پيرزادو، ميران، ملڪه، سنڌو، راءِ ڏياچ، شھباز پيرزادو، رحمت پيرزادو، سائل پيرزادو، ذلف پيرزادو، عبدالحق پيرزادو، لطف پيرزادو، الطاف پيرزادو، سرويچ پيرزادو، ڪامريد ٺارو ماڇي، رمضان ساريو ۽ ٻيا کوڙ سارا ٻلهڙيجيءَ واسي جهونڙا ۽ جوانڙا ڳوٺ جي تعمير ۾ مصروف آهن جن مان ڪي هي جھان ڇڏي چڪا آهن ته ڪي اڃا پيا ڏورين.
    اڄ ذڪر ڪريون ٿا، ٻلهڙيجيءَ واسي رمضان ساريي جو. رمضان ساريو جنھن 1955ع ۾ چاچي وريام ساريي جي گهر ۾ جنم ورتو. چاچو وريام ساريو تنھن زماني ۾ هارپو ڪندو هيو ۽ ڳوٺ جي جامع مسجد جي پيش امامي ڪندي ڳوٺ جي ٻارڙن کي ديني ۽ قرآني تعليم ڏيندو هو. رمضان ساريي پرائمري تعليم لعل بخش شيخ اسڪول مان حاصل ڪئي. رمضان ساريي کي انگريزي پڙهڻ جو گهڻو شوق هيو. پر غربت سبب چاچي وريام کيس پڙهائڻ بدران ننڍڙو دڪان ڪڍي روزگار ڪرڻ لاءِ دڪان تي ويھاري ڇڏيو. اهو ڏينھن ۽ اڄوڪو ڏينھن رمضان ساريو دڪان تي ويٺل آهي.
    1980ع ڌاري ڪاڪي انور پيرزادي جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ ڳوٺ سڌار سنگت جي شاخ کولي وئي ته رمضان ساريو سنگت جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر بڻيو ۽ سماجي سرگرمين جي شروعات ڪئي. ڳوٺ سڌار سنگت پنھنجي زماني ۾ ڳوٺ ۾ مثالي ترقياتي ڪم ڪرائي ماڻهن ۾ پنھنجي ساک پيدا ڪئي، جنھن جي عيوض ۾ يو.سي بگيءَ جي ماڻهن جو ڳوٺ سڌار سنگت مٿان اعتماد وڌيو. جڏهن ته ڳوٺ سڌار سنگت ان زماني ۾ شاهه لطيف ڀٽائي ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جون ورسيون ملھايون جنھن ۾ سنڌ جا ان زماني جا سمورا سياسي، قومي اڳواڻ ٻلهڙيجيءَ آيا ۽ استاد منظور علي خان پنھنجي ساٿين سميت شريڪ ٿي، ان موقعي تي پنھنجي فن جو مظاهرو پڻ ڪيو.
    ڳوٺ سڌار سنگت جي سرگرمين ۾ جتي ڪاڪو انور پيرزادو، محب پيرزادو، ڪامريڊ ٺارو ماڇي سرگرم هئا اتي رمضان ساريي جي سرگرمي پڻ مثالي رهي آهي.
    رمضان ساريو ڳوٺ سڌار سنگت طرفان 2 ڀيرا 1991ع ۽ 1997ع ۾ ديھه ابڙي پوٽا جي لوڪل زڪوات ڪاميٽيءَ جو چيئرمين رهيو، جنھن نھايت ئي ذميواري ۽ ايمانداريءَ سان زڪوات مستحق ڳوٺاڻن جي سروي ڪري لسٽون هيڊڪوارٽر ڏانھن اماڻي ترت ئي زڪوات فنڊ حاصل ڪري مستحقين جي درن تي پھچي کين گهر ويٺي رقمون پھچائي پنھنجي ذميواري نڀائيندو رهيو. اڳتي هلي رمضان ساريي ڳوٺ جي ڊاڪٽرن، ڊاڪٽر بشير احمد پيرزادو ۽ ڊاڪٽر فياض احمد پيرزادي جي سھڪار سان بيمارن جي علاج جو بندوبست ڪيو. مختلف بيمارين جي مريضن جو مختلف شھرن جي اسپتالن مان علاج ڪرائي مريضن جي مسيحائي ڪندو رهيو آهي. اهڙي مدد ملڻ تي تـَر-جوءِ جا مريض رمضان ساريي سان رابطي ۾ ايندا رهيا، جڏهن ته رمضان ساريو زڪوات فنڊ مان ترت ئي تڪڙي مدد ڪرڻ جي ڏس ۾ کين 2 هزار روپين جو چيڪ ڏئي سندن مالي مدد ڪندو رهيو آهي.
    ڪنھن کي ڪتو ڏاڙهي، ڪنھن کي ڪک سُنگهي، ڪنھن کي ڪاري ڪامڻ ورائي، رمضان ساريي جي ننڊ حرام ٿيو وڃي. امر راڳي ڪنور ڀڳت جيان نڪري پوندو شھر جي گهٽين ۾ بيمار، لاچار، بيوس مسڪين، غريب ماڻهن جي مسيحائي ڪرڻ در در تي ويندو جنھن جيڪو ڏنو، جهول ۾ رکندو. سڄي شھر مان چندو گڏ ڪري ضرورتمندن جي حوالي ڪندو، سندن ويڪسين ڪرائيندو، دوائون وٺي ايندو، آپريشن ڪرائيندو. رمضان ساريي کي آرام ۽ سڪون تڏهن ايندو جڏهن بيمار صحتمند ٿي ڳوٺ ۾ اچي پنھنجي زندگيءَ جي وهنوار سان سلھاڙجي ويندو، يا ڪنھن ضرورتمند جي جوڳي ۽ وقتائتي امداد يا مدد ٿيندي.
    رمضان ساريو ٻه ڀيرا مڪاني ادارن جي چونڊ وڙهندڙ اهڙو اميدوار رهيو آهي جنھن کي يو.سي بگيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ ووٽ ملندا رهيا آهن. رمضان ساريو يو.سي بگيءَ جو ڪار وهنوار نھايت ئي هوشياري ۽ ذميواري سان هلائيندي يو.سي جي ميمبرن کي ماهوار يا ضروري گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ باقائدگي سان نوٽس ڪڍندو، کين پابند ڪندو رهندو ۽ رهيو آهي. يو.سي بگي ۾ ڄاڻايل 50 ڳوٺن جون ترقياتي رٿائون جوڙي انھن جي منظوري وٺڻ ۽ انھن رٿائن کي مڪمل ڪرائڻ ۾ پاڻ نگھباني ڪندو رهيو آهي.
    رمضان ساريو 1986ع ۾ جڏهن ڪاري ڪامڻ جو شڪار ٿيو، تڏهن فقير يار محمد ۽ ڪاڪي انور پيرزادي کيس علاج لاءِ ڪراچيءَ جناح اسپتال پھچايو ۽ سندس بھتر علاج لاءِ ڪوششون ورتيون ۽ سندس مالي سھائتا ڪئي. ۽ جڏهن رمضان ساريو صحتمند ٿي ڳوٺ پھتو ته ڳوٺ واسين ۽ تـَر-جوءِ جي ماڻهن کانئس گهر اچي طبيعت ۾ خيريت معلوم ڪئي. رمضان ساريو ماڻهن جي وچ ۾ ماڻهن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪندي ڪڏهن به اڪيلو ناهي رهيو. وقت اچڻ تي سمورا ماڻهو هن ننڍڙي مسيحا جا هٿ مضبوط ڪندا رهيا آهن.
    رمضان ساريي، لاڙڪاڻي، گمبٽ، ڪراچي، حيدرآباد ۽ ڄامشوري جي اسپتالن تائين بيمارن جوعلاج ڪرائڻ لاءِ پنھنجو وقت، صلاحيتون ۽ محبتون متاثر ماڻهن مٿان نڇاور ڪيون آهن. رمضان ساريو بي نور نيڻن جو نور آهي، ڪنھن ضعيف انسان جي هٿ جي لٺ آهي. جنھن پاڻ کي ڏکيو رکندي به مسڪين، غريب، لاچار، بيمار ۽ مستحق ماڻهن کي سکيو رکڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندڙ شخص آهي. هن جي محبتن ۽ سخاوتن جو ڪوبه ڇيھه ۽ ڇيڙو ناهي. هو ته مسلسل پنھنجي ان ڪرت ۾ مصروف ۽ مشغول رهيو آهي.
    جنھن لاءِ لطيف سائين به چيو آهي ته:
    محبت پائي من ۾، رنڊا روڙيا جن،
    تن جو صرافن، اڻ توريو ئي اگهائيو.
    رمضان ساريي پنھنجي علمي اُڃ اُجهائڻ لاءِ انسان ذات جي خدمت ڪرڻ جو پاڻ کي پابند ڪندي، ڳوٺ جي بي پھچ ۽ غريب ٻارڙن لاءِ 2005ع ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن کان اسڪول منظور ڪرائي، نياڻين جي تعليم جو بندوبست ڪيو. ان کان اڳ ڪاڪي انور پيرزادي نياڻين جي تعليم جي شروعات پنھنجي گهر کان ڪئي هئي پر رمضان ساريي هن اسڪول ذريعي سموري ڳوٺ جي نياڻين جي تعليم لاءِ اڳتي وک کڻي، ڪاڪي انور جي ٻاريل علمي مشعل کي هٿ ۾ کنيو ۽ ڳوٺ سڌار سنگت جي اڻ مڪمل ”مشن“ کي مڪمل ڪرڻ لاءِ پنھنجو وقتائتو ۽ ڪارائتو ڪردار نڀائڻ لاءِ هڪ مثالي جدوجھد ڪئي آهي.
    نياڻين جي ان اسڪول جي عمارت نه هجڻ ڪري رمضان ساريي پنھنجو گهر اسڪول کي ڏئي سوين نياڻين جي زندگيءَ کي سنوارڻ لاءِ ڪوششون ورتيون آهن. هن اسڪول ۾ 3- استاد/ ماسترياڻيون ٻارڙن کي تعليم ڏين ٿيون، جن کي ڪتاب مفت ملن ٿا ۽ پڙهائي پڻ مفت ملي ٿي. ڳوٺ جي بھتري، صفائي ۽ سٺائيءَ لاءِ رمضان ساريو سدائين اڳڀرو رهندو آهي.
    رمضان ساريي تي جڏهن ڪاري ڪامڻ حملو ڪيو تڏهن هن 6 مھينن تائين وڪيسين ڪرائيندي به عوامي خدمت جاري رکي، بيماريءَ جي بستري تي ليٽيل هجڻ جي باوجود غريبن، مسڪينن ۽ لاچارن جي مدد ڪندو رهيو آهي.
    غريب گهراڻي ۾ پيدا ٿيندڙ رمضان ساريو جنھن پنھنجي مرضيءَ موجب تعليم حاصل نه ڪري سگهڻ واري مجبوريءَ کي محسوس ڪندي، پنھنجي ايندڙ نسلن جي تعليم ۽ تربيت جو جوڳو بندوبست ڪيو آهي. اڄ جي هن مايا ميڙڻ واري دور ۾ ڏکايل ماڻهن جي دلجوئي ڪرڻ، مدد ۽ مسيحائي ڪرڻ هن نيڪ، ۽ خدا ترس انسان جي محبت ۽ سخاوت آهي جنھن جو اسان دل جي گهراين سان احترام ڪريون ٿا ۽ اميد ٿا ڪريون ته هي سلسلو جاري رهندو.


    کاهوڙيءَ جو پنڌ : قربان پيرزادو

    کرڪڻا لاهي، سُک نه سُتا ڪڏهين،
    اوسيئڙو آهي، کاهوڙن کي پنڌ جــــو.
    (ڀٽائي)

    گوتم ٻُڌَ کان ڪنھن پڇيو ته، ”انسان ۽ جانور ۾ ڪھڙو فرق آهي؟“ ان سوال تي هن وراڻيو ته ”جيڪو رڳو پنھنجي لاءِ ٿو جيئي اهو جانور/ حيوان آهي. پر جيڪو ٻين لاءِ ٿو جيئي اهو انسان آهي.“ اسان وٽ انھيءَ وصف جا کوڙ سارا انسان پيدا ٿيا آهن جن ٻين لاءِ جيئي پاڻ کي اتساهه جو ذريعو بڻايو اٿن. مامو رمضان به اهڙن ماڻهن مان هڪ آهي.
    ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ جي مِٽيءَ ۾ اهڙو تاثير آهي جو چڱن ڳڻپ وارن ماڻهن خلق جي خدمت کي پنھنجو نصب العين ڪري ورتو آهي. انھن مان ڪي سماج سڌارڪ رهيا آهن ته ڪي وري سماجي ورڪر ٿي پنھنجو ڪردار ادا ڪندي ماڻهن جي خدمت کي پنھنجو شعار ڪري ورتو اٿن. اهڙن ماڻهن مان انور پيرزادو، محب حسين، گلاب ۽ ٻيا کوڙ سارا ڪردار آهن جن پنھنجي پنھنجي جاءِ تي وڏا ڪم ڪيا آهن ۽ اهي ساراهه جوڳا به آهن. انھيءَ سلسلي ۾ جيڪڏهن ڊاڪٽر فياض ۽ مامي رمضان جي ڳڻپ نه ڪبي ته سماجي ڀلائيءَ واري ڪرت ۾ ڪوتاهي ليکبي.
    سماجي ڀلائيءَ واري ڪم کي نظر ۾ رکندي ڳوٺ ٻلهڙيجي جي ڪجهه سُڄاڻ ماڻهن سال 1978ع ۾ ڳوٺ سڌار سنگت جو بنياد وڌو جنھن جي مدد ان ڳوٺ ۾ چوڪيداري نظام، ٻارڙن جي تعليم لاءِ ڪوچنگ سينٽر سان گڏوگڏ ڳوٺ جي هيٺاهين ايراضين ۾ پنھنجي مدد پاڻ جي اصول تحت مٽيءَ جي ڀرائي ڪرائڻ وغيره جو ڪم سرانجام ڏنو ويو. چوڪيداري نظام اهڙو مضبوط رکيو ويو جو ڪافي عرصي تائين ڳوٺ ۾ چوري چڪاري بند ٿي وئي ۽ ماڻهن کي سُک جي ننڊ نصيب ٿي.
    گهڻي وقت گذري وڃڻ کانپوءِ ماڻهن جي پاڻ ۾ نااتفاقي ٿي وڃڻ ڪري ڳوٺ سڌار سنگت پنھنجو ڪردار اداڪري نه سگهي ۽ اهڙيءَ طرح ڪجهه وقت لاءِ انھيءَ ڪم۾ رڪاوٽ پئجي وئي ۽ ڪم جي رفتار گهٽجي وئي.
    انھيءَ دوران هڪ وڏو ڪم اهو ٿيندو رهيو جو ڳوٺ سڌار سنگت جي پليٽ فارم تان ڪيناڊا جي سفارتخاني طرفان جيڪا ڊاڪٽر زبيده ميموريل ڊسپينسري قائم ڪئي وئي هئي؛ اها هلندي رهي ۽ عام ماڻهن کي ان مان لاڀ حاصل ٿيندو رهيو. اها ڊسپينسري اڃا تائين هلي رهي آهي، جنھن جي سراسري طرح روزانه OPD- 150 مريضن جي لڳ ڀڳ آهي.
    ڪجهه وقت کانپوءِ ڳوٺ سڌار سنگت جڏهن پنھنجو ڪارج ماٺو ڪري وئي ته وري ڳوٺ جي سڄاڻ ماڻهن هڪ دفعو ٻيھر انڊس ڊولپمينٽ ايسوسيئيشن جي نالي سان هڪ نئين تنظيم ٺاهي ورتي ۽ انھيءَ جي پليٽ فارم تان سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن سان لھه وچڙ ۾ اچي ڳوٺ ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ 5- اسڪول قائم ڪرايا ويا جيڪي اڃا تائين بھتر انداز سان ڪم ڪري رهيا آهن ۽ بي پھچ ٻارڙن جو مستقبل سنواري رهيا آهن. هن تنظيم جو صدر گلاب پيرزادو، سيڪريٽري زبير ٻگهيو ۽ خزانچي محمد رمضان ساريو آهن، جيڪي پنھنجي وِت ۽ وس آهر خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن.
    مامي رمضان جي هڪ ٻي وڏي سڃاڻپ اها آهي ته هن بيمار ۽ نادار ماڻهن جي خدمت کي اولين ترجيح ڏئي رهيو آهي ۽ انھن کي لاڙڪاڻو، گمبٽ يا ڪراچي وغيره وٺي وڃي انھن جو بروقت علاج ڪرائي رهيو آهي ۽ اهڙن ماڻهن سان هو هر ڏک سک ۾ گڏ رهي ٿو. اهڙي خدمت کي هو پنھنجي خوش قسمتي سمجهي ٿو. اسانجي دعا آهي ته هو اهڙن خير جي ڪمن ۾ سدائين سرخرو رهي.

    **


    اَگھا ئي سَگھا ٿيا !!! لطف پيرزادو

    ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ جي قديم وسنديءَ ۾ ملان سارين جي پاڙي ۾ 1955ع ڌاري، ملان وريام جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ٻالڪ محمد رمضان ساريو، استاد عبدالھاديءَ جي ملان مڪتب مان پنج درجا سنڌي پاس ڪري پنھنجي پيءُ جو ڀـرجهلو ٿي بيٺو. ملان وريام کي پنھنجي موروثي زمين جا ٻه ٽي جريب، هڪ ٻه مينھن هئي، هي ڪڙمت جي ڪرت سان گڏ ڳوٺ ۾ هڪ ننڍڙو دڪان به هلائيندو هو، جنھن کي هٽي چيو ويندو هو. هن جو دڪان ايڏو وڏو نه هو جو ان کي هٽ چئي سگهجي. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”هٽيءَ مان هَٽُ نه ته هٽي ئي چَٽُ“. هن خاندان تي پوري ٿي، مامي رمضان جي سامائڻ سان اها هٽي به چٽ ٿي وئي، هي يار ڳوٺ سڌار سنگت جي پليٽ فارم تان، ا گهن جي سگهائي ۽ مرضن جي مروٽلين جي مرحم ٿي اڀريو، هي پاڻ ويڄ طبيب ته ڪونھي پر، هن کي اهڙن ماڻهن جو ترس ڪجهه وڌيڪ آهي، الائي ڇو هي ڪنھن کي دُکي ڏسي، پاڻ اندر ۾ ڀورا ڀورا ٿي پوندو آهي. مونکي هن جي ان ڪيفيت مان ائين لڳندو آهي ته هن پاڻ جڏهن السر جھڙي موذي مرض ۾ لوڙيو ۽ پاڻ کپايو هو، شايد هن کي بيمارن جو احساس ان ڪري به وڌيڪ آهي. هٽي هلائيندي هن کي روزانو ڏوڪريءَ سائيڪل تي سودي کڻڻ لاءِ وڃڻو پوندو هو، ان تڪليف ۽ گهرو حالتن هن کي مٿيئن مرض ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. 1989ع ۾ جڏهن ٻلهڙيجيءَ ۾ ڳوٺ سڌار سنگت قائم ٿي ته ان پليٽ فارم تان، مون جنرل سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ هن کي درخواست سان گڏ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو وٽ وٺي ويس، جنھن هن کي ڊائريڪٽر (ايڊمن) جناح اسپتال ڪراچيءَ ڏانھن سماجي ڪارڪن جي علاج واسطي، هڪ ليٽر ۽ ٻه هزار روپيه روڪ ڪرائي ڀاڙي لاءِ ڏنا. مامي رمضان جناح اسپتال ۾ پندرهن ڏينھن داخل ٿي پنھنجو مڪمل علاج ڪرايو، پوءِ به ڪڏهن ڪڏهن هن جي بيماري اٿلي ٿي پئي، ڇو ته اها جسم ۾ گهر ڪري ويئي هئي ۽ پراڻي بڻجي وئي هئي. مامي پوءِ به جناح جا چڪر کاڌا ۽ ڪجهه علاج لاڙڪاڻو مان به ڪرايو. ڪجهه سال اڳ رات ڏينھن سماجي ڪم ڪرڻ سبب هن کي هيپاٽائيٽس ٿي پئي، جنھن هن کي کٽ وٺرائي ڇڏي، ڪجهه مھينا ان بيماريءَ سان جهيڙيندي هن گذاريا، هن وقت تندرست آهي.
    سماجي ڪم ۾ هن جو ڪردار ۽ خصوصيت به عجيب آهي، ڳوٺاڻن جي بجليءَ جا جهنجهٽ، ڊوميسائيل ۽ شناختي ڪارڊ ٺھرائڻ، ڪنھن مريض جو علاج ڪرائڻ هن پاڻ تي فرض ڪري ڇڏيا آهن. ڳوٺ جي ميٽر هولڊرن جا ته هن فائيل ٺاهي ڇڏيا آهن، انھن جي بلن جي درستگي، بل معاف ڪرائڻ، قسطون ڪرائڻ، ميٽر ڪٽائڻ ۽ لڳائڻ جا ڪم هن جي بلي آهن. مريضن کي مختلف اسپتالن ۾ انهن جون ٽيسٽون ڪرائڻ، ايڪسري ڪرائڻ، انھن سان آخر تائين گڏ هجڻ، سرنديءَ وارن کان انھن لاءِ امداد حاصل ڪري انھن کي صحتياب ڪرڻ هن جو متو آهي. اهڙي ڪِرت ڪرڻ سبب هي اسپتالن، ڊاڪٽرن ۽ مرضن کان ڪافي واقف ٿي چڪو آهي. سوين ماڻهن جا آپريشن ۽ علاج ڪرائي سڀني اسپتالن جي عملي سان ڄڻ هن جي دوستي ٿي وئي آهي. اهو ئي حال روينيو ۽ واپڊا جو آهي، ننڍي ملازم کان ويندي بالا آفيسرن تائين کيس سڀ سڃاڻن، گمبٽ، لاڙڪاڻو ۽ ڪراچيءَ جي اسپتالن ۾ هن جا سدائين چڪر هوندا آهن، ڪيترن ئي ڪراڙن جون اکيون گمبٽ مان ڪرايون اٿس. هن جي واسطي ۾ هاڻي ڪيترائي سخي مرد اچي چڪا آهن جيڪي هن جي اهڙن ڪمن لاءِ مالي مدد ڪن ٿا. اهڙي ئي هڪ سخي مرد جي خرچ تي مامو عمرو به ڪري آيو آهي، ڀلي پار جي زيارت ڪئي اٿائين ۽ ان سفر جون يادگيريون به قلمبند ڪيون اٿائين. ٻئي دفعي ڳوٺ جي پيش امام ملان خدن ۽ ڪجهه ٻين ماڻهن کي به مامي جي ڪري هيءَ سعادت نصيب ٿي آهي.
    ڳوٺ سڌار سنگت جي پھرين ڪاروباري ڪميٽي ۾ پراڻيءَ ٻلهڙيجيءَ مان مامو ۽ ٺارو ماڇي، ميمبر ٿيا، جيڪي مستقل طور تي رهندا اچن ٿا، سنگت ٺاري کي ڪائونسلر چونڊرايو، مامي کي ديھه جو زڪوات چيئرمين مقرر ڪرايو. هن عرصي دوران ئي مامو مشھور ٿيو، هن جي فياضي، ايمانداري ۽ پنھنجائپ کان ڳوٺاڻا متاثر ٿيا، هي هلي وڃي گهرجائو ماڻهن سان انھن جي گهر ملندو هيو، انھن جا حال احوال معلوم ڪري انھن جي مسئلن جي حل لاءِ ڪوشش وٺندو هو. مشرف واري مڪاني ادارن جي چونڊ ۾ جنرل ڪائونسلر يو.سي بگي ٿيو، ماڻهن کي فوتي ، رهائشي ۽ ڄم سرٽيفڪيٽ ۽ بي فارم پڻ ٺھرائي ڏيندو رهيو آهي. منھنجو ۽ منھنجي وڏي پٽ جو ڊوميسائل به مامي جو ٺھرايل آهي. مامو پنھنجي جذبي ۽ ايمان سبب ان منصب تي پھتو آهي، ڇو ته سنگت ۾ ويٺل گرگ هن ۽ ٺاري کي جوڳي جڳهه ڏيڻ لاءِ تيار ڪونھن، انھن پاران ڪوشش ڪري هنن ٻنھي کي پٺتي رکڻ جا جتن ڪيا ويندا آهن، پر هو هنن ٻنھين اڳيان ڄامڙا لڳندا آهن. مامي جي وري طبيعت به اهڙي آهي جو هو پنھنجي ڌن ۾ مگن رهندو آهي. ڪنھن جي ڪابه شڪايت ناهي ڪندو، پنھنجي سچائي ۽ نيڪ جذبي سبب هن عزت ڀريو مقام ماڻيو آهي. شايد ئي ڪو ماڻهو هجي جيڪو مامي جي شڪايت ڪري يا هن ڏانھن آڱر کڻي. باقي ته اسين سڀ گناهن ۽ عيبن ۾ گتا پيا آهيون.
    گهڻو اڳ جڏهن مامو حسين ڳڀرو هيو، نئون نئون پنجون درجو پاس ڪري، دڪان تي وڃڻ شروع ڪيو هئائين، ان وقت کان مجني فقير معرفت منھنجي ساڻس ڏيٺ ٿي هئي، مجني فقير کي هن جون ڪجليون، ڪاريون ڀونئر جھڙيون اکيون وڻنديون هيون. جڏهن به رمضان سان نظر ملائيندو هو ته صلوات سڳوري پڙهي پوءِ گفتو ڪڍندو هيو. هي رمضان کان اوڌر کڻندو هو جيڪا ٻارنھين مھيني سارين جي فصل تي لاهيندو هو. فقير سائين قرض لاهڻ وقت فقيرن کي مٺي ديڳڙي يا ڪُٽيءَ جو وٺو قرض لاهڻ جي باس طور ڏيندو هو جنھن تي هن جو ٻه سئو روپيه کن خرچ ٿي ويندو هو، ان محفل ۾ راڳ به ٿيندو هو ۽ چانھه جا دؤر به هلندا، پيالو ۽ سلفي به هلندي، فقير پاڻ صرف ٻين جون ٻيڙيون پيئندو هو، البت چانهه جو وڏو موالي هو. مونکي لڳندو آهي ته مامي کي فقير سائين جي دعا آهي، جو غربت ۾ به باغ بھار لڳو پيو آهي. مسجد جي خدمت، ملوڪ شاهه مجني فقير جي سلامي ڀريندو رهندو آهي، اسانجي دعا آهي ته اهڙا ڪردار عام ٿين ۽ جڳ جڳ پيا جيئن.
    ** 


    ٻين ڪاڻ جيئندڙ شخص : الطاف پيرزادو

    سنڌو درياهه جي ساڄي ڪناري تي قائم ڳوٺ ٻلهڙيجي سنڌ ۾ هونءَ ته کاٻي ڌر جي سياسي ٿاڪ طور سڃاتو وڃي ٿو پر سياسي کيتر هجي يا سماجي، شاعري کان وٺي صحافت جي ميدان تائين صحافتي ۽ ادبي لڏي ۾ هڪ الڳ مقام ۽ حيثيت ماڻي آهي، هن ڳوٺ جو ڄائو مامو رمضان ساريو پڙهيل ته فقط پنج درجا سنڌي آهي پر سنڌ جي سونھن انور پيرزادي کان متاثر ٿي شعور جي ان بلند سطح تي پھتل آهي جتي پنھنجو پاڻ وڃائي زندگي ٻين لاءِ ارپي ڇڏجي، ڪاري ڪامڻ جھڙي موتمار بيماريءَ ۾ مبتلا هوندي به هن لُڪ سخت گرمي وارن ڏينھن ۾ غريب مريضن کي اسپتالن تائين پھچائڻ ۾ شايد پنھنجي بيماريءَ جو به سدِباب سمجهيو. مامي رمضان ساريو جي زندگيءَ جو مقصد فقط ٻين لاءِ جيئڻ آهي.
    ”هن وقت تائين تقريبن 200 مردن توڙي عورتن جون اکيون ڪرائي چڪو آهيان.“ پنھنجي سماجي ڪم بابت سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته سندس هٿان ڪنھن جو جيڪڏهن ڪم ٿئي ٿو يا مسئلو حل ٿئي ٿو ته هو ذهني سڪون محسوس ڪري ٿو.
    پنھنجي جنم کان وٺي غربت، بيمارين ۽ تنگ نظر ريتن خلاف جهيڙيندي عمر جون تقريبن اٺھٺ بھارون گهاريندڙ هن صوفي انسان کي نه رڳو پنھنجو خاندان ۽ ڳوٺ پر پورو تر مامو سڏي ٿو. ڪراچيءَ ۾ دل جي بيمارين جو مرڪز هجي يا ڊاڪٽر اديب رضوي جي گڙدن جي پيوندڪاري جو ادارو، جناح اسپتال کان ويندي لاڙڪاڻي جي سول اسپتال مطلب ته جتي به ڪنھن غريب، نادار مريض جو علاج ممڪن هوندو، هي ان کي وٺي اتي پھچندو. ڪن صورتن ۾ ته پنھنجي هڙان وڙان ڏئي انتھائي ڪنھن بيمار جو علاج ڪرائڻ کي به اعلى انساني فرض سمجهندڙ مامو رمضان ڪنھن به لوڀ لالچ ۾ يقين نه ٿو رکي. سندس من کي راحت بس صحتياب ٿيندڙ مريضن جي ملندڙ دعائن سان ئي ملي ٿي. هو ٻڌائي ٿو ته ڀر واري ڳوٺ فتح محمد اعواڻ جي رهواسي نوجوان کان ڪراچي جي ميمڻ اسپتال ۾ آپريشن بعد جڏهن ٻارنھن ڪلو رسولي نڪتي ۽ هو صحتياب ٿي ڳوٺ پھتو ته کيس به ايتري خوشي ٿي جيتري نوجوان جي والدين کي.
    هن سيحائي ڪردار جي عوامي خدمت ۽ مدد جو دائرو لفظ صحت جي شعبي تائين محدود ناهي پر توانائي جو بحران جيئن سڄي ملڪ جو ٻرندڙ مسئلو آهي تيئن لوڊشيڊنگ، واڌو بل اچڻ، ٽرانسفارمر سڙڻ ۽ هفتن جا هفتا ڳوٺن جي بجلي غائب ٿيڻ، مھين جي دڙي ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ به معمول بڻيل آهي، سو لاڳاپيل سيپڪو آفيسن مان بلن جي درستگي ۽ سڙيل ٽرانسفارمر تبديل ڪرائڻ لاءِ به تر جا ماڻهو مامي رمضان جون خدمتون حاصل ڪن ٿا. ڀلي ڪم ٿئي نه ٿئي هي خدائي خدمتگار مايوس نه ٿيندو. لاڳاپيل آفيسن ۽ آفيسرن جي در جا ان وقت تائين چڪر ڪاٽبا رهبا جيستائين ڪم نه ٿو ٿئي. ورهين کان وٺي سماجي ڪمن لاءِ پاڻ ارپي ڇڏيندڙ هي املهه ڪردار هن وقت تائين مختلف اسپتالن مان هڪ هزار جي لڳ ڀڳ مريضن جو علاج ڪرائي چڪو آهي، جنھن سان به گڏجي اسپتال ويندو، ڪا لوڀ لالچ نه ڪندو، بلڪه مريض جيستائين اسپتال ۾ داخل هوندا، ان وقت تائين اسپتال جي پڌر تي ڇٻر ۾ سمھندو. نه وڏائي نه غرور، پاڻ کان ننڍي عمر وارن سان به عاجزي سان پيش اچڻ مھين جي دڙي جي مِٽي مان ٺھيل مامي رمضان جي رت ۽ خمير جو ڄڻ ته اڻٽٽ حصو آهي، نه ته ڪنھن وڏيري جي پيروي ڪبي نه ئي وري ڪنھن ڏاڍي اڳيان ڪنڌ نوڙائبو، بس پنھنجي ڌن ۾ عام ماڻهوءَ جي ڪم اچبو رهبو.
    پنھنجي گهر ۾ قائم هٽ ۽ ٻه جريب ٻنيءَ مان پنھنجي گهر جو چرخو هلائيندڙ هي شخص اڄوڪي دور ۾ نياڻين جي تعليم جي اهميت کان چڱي ريت واقف آهي.
    هن پنھنجي پنجن ئي نياڻين کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪيو آهي، جن مان هڪ نياڻي اباڻي گهر ۾ سنڌي ايجوڪيشن فائونڊيشن تحت اسڪول هلائي نياڻين ۾ تعليم جي شمع روشن ڪرڻ جي عظيم ڪم ۾ رڌل آهي. هن سڄي ڪم ۾ مامي رمضان سان پنھنجي جيون ساٿيءَ جو به اهڙو ئي ساٿ آهي جو مامو رمضان جيڪڏهن ڪنھن ڪم سانگي گهر کان ٻاهر هوندو آهي ته گهر جو سمورو چرخو سندس وني هلائيندي آهي.
    مامي رمضان جي خدمت صرف اتي دنگ نه ٿي ڪري پر ”تتي ٿڌي ڪاهه ڪانھي ويل ويھڻ جي“ کيس جيڪا واندڪائي ملي ٿي مختلف اخبارن جا يادگار ايڊيشن اهم ليکڪن جا ليک ۽ ڪالم سھيڙڻ ۾ مصروف ٿي وڃي ٿو، اهوڪم هو 80ع جي ڏهاڪي کان وٺي ڪري رهيو آهي. سندس بقول کيس اهو شوق ان وقت جاڳيو جڏهن ڳوٺ ۾ ئي درگاهه ملوڪ شاهه تائين صوفياڻو راڳ ٻڌي انور پيرزادو وٽس آيو، هو ٻڌائي ٿو ته انور صاحب وٽس چانهه پيئڻ بعد هلال پاڪستان اخبار سندس اوطاق ۾ وساري ويو، جنھن ۾ انور پيرزادي جو ئي ڪالم هو. اهو ڏينھن اڄوڪو ڏينھن مامو رمضان 80ع جي ڏهاڪي وارن سنڌ جي مزاحمتي ليکڪن ۽ شاعرن کان ويندي اڄ تائين جي ناليوارن ليکڪن جون لکڻيون سانڍيندو، فائيل ٺاهيندو، پاڻ وٽ رکندو پيو وڃي. وٽس سنڌي ٻولي جي ماهر ۽ ناليواري تعليمدان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي جوڙيل گل حيات انسٽيٽيوٽ جھڙو ڪو ادارو ته ناهي پر هو مختلف شخصيتن جي مختلف معاملن بابت لکڻين ۽ سنڌ جي ٻرندڙ معاملن تي شايع ٿيل ايڊيشن جا 800 فائيل سانڍي ويٺو آهي. معاشي تنگي سبب وٽس نه ته لائبريري تعمير ڪرائڻ جي سگهه آهي نه ئي ايڏي وڏي الماري خريدڻ جي جنھن ۾ 800 فائيل سمائجي سگهن، هي 800 فائيل حقيقت ۾ سنڌ جي تاريخ آهن جيڪي مسستقبل جي مورخ کي اڄوڪي سنڌ کي سمجهڻ پرکڻ ۽ پروڙڻ ۾ مدد ڏئي سگهن ٿا. سو مھين جي دڙي جي هن رهواسي سنڌ جي تاريخ سانڍڻ ۽ سھيڙڻ جو هي جيڪو ڪم هٿ ۾ کنيو آهي، تنھن جي سرڪاري سطح تي پرگهور لازمي آهي ته جيئن اهي 800 فائيل ۽ آئيندي جو ڪم محفوظ ڪري سگهجي. ٻي صورت ۾ گهر جي ڪٻٽن ۾ وکريل صورت ۾ رکيل فائيل دز ۽ اڏوهي جي ور چڙهي وڃائجي مٽيءَ جي ور چڙهي سگهن ٿا، ائين ٿيو ته سنڌ جي سھيڙيل تاريخ دز جي ور چڙهي ويندي.
    سنڌ اڄ جنھن نازڪ دور مان گذري رهي آهي، تنھن کي منھن ڏيڻ ۽ تري پار پوڻ لاءِ سنڌ جي هر ڳوٺ ۾ مامي جھڙا ڪردار جيڪڏهن پيدا ٿي پون ته سنڌ ۾ سماجي انقلاب جو برپا ٿيڻ مشڪل ضرور پر ناممڪن نه هوندو.


    جکرا جيئين شال : اقرار پيرزادو

    منھنجي ڳوٺ ٻلهڙيجي جي سنئين نڪ ۽ سنهي لڪ وارو مامو رمضان ساريو توڙي جو دڪاندار ۽ پاڙي جي مسجد جو پيش امام آهي پر هن جي نظر ۾ افضل عبادت خدا جي بندن جي خدمت آهي، ان ڪري ئي هو اگهن، بيمارن ۽ معذورن جي تيمارداري ڪندي اڪثر نمازون قضا ڪري ڇڏيندو آهي. مامو رمضان ساريو شاهه سائين جي سِٽَ اڻ چوندن مَ چئه، چوندن چيو وسار“ جي هو بھو تصوير آهي، عمر جا 60 ورهيه وهائي چڪو آهي پر جواني ديوانيءَ کان وٺي اڄ تائين ڪنھن سان به ڪڏهن ٻاڙو نه ٻوليائين، بدلي وٺڻ بدران معاف ۽ درگذر ڪرڻ واري رمز ۾ ريڌل، ننڍي وهيءَ کان ئي خير ڏي مائل ۽ شر وارن ڪمن کان ڪوهين ڏور، تڏهن ئي ته سندس جيڏا ۽ سرتا کيس ”رمضان شريف“ سڏن ٿا.
    مامي رمضان ساريي 1955 ۾ ٻلهڙيجي ڳوٺ ۾ ملا وريام جي گهر ۾ اک کولي، جيڪو رڳو نالي جو ملان هو، هو فقط نمازي ۽ مسجد جو شيوادار هو ۽ مسجد جي نالي ۾ ڪنھن به قسم جو ونڊ وٺڻ بدران حال آهر ان تي پاڻ خرچ ڪندو هو. کيس ننڍڙو دڪان ۽ ان جي ڀر ۾ ننڍڙي اوطاق هئي، جتي مسافر مڙي کي لسي پاڻي پياري سرهو ٿيندو هو.
    1965ع ۾ مامو رمضان ساريو پنج درجا پرائمري پاس ڪري ڏوڪري هاءِ اسڪول ۾ ڇھين ڪلاس ۾ داخل ٿيو هو، پنھنجي هڪ جمايتي دوست سيد نوابشاهه، سيد ارباب شاهه سان گڏ سائيڪل تي پھرين ڏينھن اسڪول وڃي رهيا هئا ته نواب شاهه پھچڻ کان اڳ ۾ ئي همراهه ڦورن جي هٿ چڙهي ويو جن هنن کان سائيڪل کسي ورتي، توڙي جو اهي ڦورو ڳوٺاڻن سائيڪل سميت پڪڙي ورتا، تڏهن به وڏڙن هنن کي ايڏي پنڌ تي اسڪول وڃڻ کان منع ڪري ڇڏي. اهڙي ريت مامو رمضان ساريو سرڪاري رڪارڊ ۾ فقط پرائمري جي ڊگري رکندڙ آهي. پر هن صحت ۽ تعليم جي حوالي سان ايترو ڪم ڪيو آهي جو سوين ڊگريون رکندڙ گڏجي به ايترو ڪم نٿا ڪري سگهن. ماما رمضان ساريي سماجي ڪمن ۾ تڏهن کان هٿ ونڊائڻ شروع ڪيو، جڏهن 1984ع ۾ هي بيماريءَ جي بستري تي ڪري پيو، مڙس اڳ ۾ ئي نٻل ۽ ڪمزور ويتر بيماريءَ نھوڙي ڇڏيس. همراهه جي مالي حالت به ٺيڪ نه هئي گهر ۾ هڪ ننڍڙو ڀاءُ محبوب هئس جيڪو هاءِ اسڪول ۾ پڙهي رهيو هو. ان وقت لطف پيرزادو ۽ ٻين دوستن کيس جناح اسپتال پھچايو، اتي ئي مڙس واعدو ڪري ڇڏيو ته صحت ماڻڻ کانپوءِ هي ماٺ ڪري ويھڻ بدران اگهن کي صحتياب ڪرڻ وارو ڪم جاري رکندو ۽ پوءِ هن اهو ڪم ڪري ڏيکاريو. هي اڀري ڏيل وارو انسان علائقي جي هزارين ماڻهن کي بڇڙين بيمارين مان بچائي آيو آهي. مامو رمضان پاڻ ته نرڌن آهي پر هن کي ڪيترائي ڌنوان سڃاڻن، جيڪي خير جي ڪم ۾ پنھنجي حال سارو سندس مدد ڪندا رهندا آهن. مامو رمضان اڳ ۾ پاڻ مريض ڳوليندو هو، انھن کي دلاسا ڏئي آپريشن لاءِ راضي ڪندو هو ۽ هاڻ کيس مريض پاڻ ڳولهي لھن ٿا ۽ هي شھيد ڪنور ڀڳت وارو ٽولو ٺاهي اچي ڪراچيءَ جون اسپتالون ڀٽيندو آهي. اهڙي ريت هڪڙا اگها سگها ٿي ايندا آهن ۽ ٻي ٽولي تيار ٿي ويندي آهي. مريض جي دوا کان وٺي ڀاڙي ڀتي ۽ کاڌي پيتي تائين سمورو خرچ مامو رمضان پاڻ ڪندو آهي ۽ مريض جو ٽڪو به خرچ نه ايندو آهي ۽ مريض جي خدمت به ائين ڪندو آهي جو سندن عزيز قريب به اهڙي خدمت نه ڪري سگهن. مامي رمضان کي پاڙي وارا ڪوٺين به جاني دڪاندار، همراهه دڪان مان ڪڏهن نه ڪمايو، کٽيو ته پنھنجي جاءِ تي پر مُور به نه موٽي سگهي. همراهه جي دڪان تي جيڪا به شئي هوندي ۽ ڪو گراهڪ اوڌر تي گهر ڪندس ته همراهه بنا چوڻ جي اها شئي سندس حوالي ڪندو ۽ پوءِ اها ڳالهه ئي وساري ڇڏيندو، ڪڏهن به قرضي کان قرض جي تقاضا نه ڪندو، پنھنجي مرضيءَ تي ڪنھن ڇهه ماهي يا سال تي ڏنو ته ڏنو نه ته مڙيو ئي خير.
    ڳوٺ ۾ بجلي، نالين جي صفائي توڙي بي پھچ ماڻهوءَ جي هر جائز ڪم مامي رمضان کي ڪرڻو پوندو آهي. مامي رمضان جو وڏي ۾ وڏو هٿيار ٻانهون ٻڌڻ آهن، هن نياز ۽ نوڙت ذريعي مسڪين ماڻهن جا ڪيترائي مسئلا حل ڪرايا آهن، هو جڏهن ڪنھن به مسئلي تي اختيار ڌڻي ڏي ايندو آهي ته اهو ان ڪم لاءِ جيترا عذر ڏيندو، مامو رمضان هر عذر تي کيس رڳو ٻانهون ٻڌندو ۽ نيٺ اهو هار مڃي رمضان جو ڪم ڪري ڇڏيندو آهي.
    مامو رمضان ملڻ جلڻ ۾ پنھنجو مٽ پاڻ آهي، هو نياز ۽ نوڙت سان ڪيترن ئي ماڻهن کي جڪڙي ڇڏيندو آهي، اهي ماڻهو مامي رمضان جو مسئلو حل ڪرڻ ۾ ارهائي بدران سرهائي محسوس ڪندا آهن. مامو رمضان ننڍي توڙي وڏي سان نِوِڙي ڳراٽـڙي پائي ملي، هٿ تي چمي ڏئي ”مان صدقو وڃانءِ نانوَ تان“ وارا شبد اچاريندو آهي.
    2001ع جي بلدياتي چونڊن ۾ مامو رمضان جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي بيٺو، سمورن اميدوارن ۾ مامو رمضان ئي اهڙو ماڻهو هو جنھن وٽ سوزوڪي ڀاڙي تي ڪري ورڪ ڪرڻ جي به سگهه نه هئي ۽ ان جي ڀيٽ ۾ ٻيا اميدوار پاڻ ڀرا ۽ خوشحال هئا، جن جي حمايت لاءِ ايم.اين.ايز ۽ ايم. پي. ايز به پئي چڪر ڪاٽيا پر مامي رمضان سڀن کي مات ڏئي ڇڏي. ان عرصي ۾ هن ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ سماجي ڪم ڪيا. ماڻهن سان ڏک سک ۾ شامل رهيو ۽ جڏهن ٻيھر اليڪشن ۾ ساڳي سيٽ تي بيٺو ته ٻيا اميدوار جتي پنھنجي حمايت لاءِ ننھن چوٽيءَ جو زور لڳائي رهيا هئا، اتي مامو رمضان ٻين ڳوٺن ۾ ماڻهن کي منٿون ڪري رهيو ته مون بدران ڦلاڻي کي ووٽ ڏيو، ڇاڪاڻ ته مون کي ڳوٺ مان ئي ايترا ووٽ ملندا جو وڌيڪ ووٽن جي ضرورت ناهي. ان باوجود مامي رمضان سڀني اميدوارن کي مات ڏئي ڇڏي، هن جيترا ووٽ ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ مان کنيا ان کان وڌيڪ ٻين ڳوٺن مان کنيائين.
    مامو رمضان هيتري ڀڄ ڊڪ ۽ هڻ وٺ باوجود جتي مسجد جي ٻهاريدار واري ڊيوٽي ادا ڪندو آهي اُتي ميلن ملاکڙن، موسيقيءَ جي پروگرامن، صوفياڻي راڳ جي محفلن، 12 ربيع جي عرس ۽ 10 محرم ”يومِ عاشوره“ جي پروگرامن ۾ شامل هوندو آهي. هن مذهبي ڀيد ڀاوَ جو فائيل ٺاهي ۽ هندو مسلم کي ڌڻي جو پرتوو سمجهي سندس سيوا ڪرڻ پنھنجو فرض سمجهندو آهي.
    مامو رمضان ساريو توڙي جو پاڻ گهڻو پڙهيل لکيل ناهي پر هو علم جي اهميت کان واقف آهي، هن جي ڪوشش سان ڳوٺ جي ڪيترن ئي نياڻين کي تعليم نصيب ٿي آهي، مامي رمضان پنھنجي گهر جو هڪ حصو سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن پاران هلندڙ گرلز اسڪول کي ڏئي ڇڏيو آهي، جتي سڄي ڳوٺ جون نياڻيون تعليم لاءِ اچن ٿيون، جيڪڏهن اهو گرلز اسڪول ڪنھن به ٻي هنڌ ئي هجي ها ته يقينن اهو ايترو ڪامياب هرگز نه ٿئي ها پر اهو مامي رمضان تي ماڻهن جو اعتماد آهي جو اهي اسڪول ٻارن سان ڀريل آهن ۽ مامي رمضان جي گهر واري مامي غلام سڪينه ڪڏهن به ٻارن جي گوڙ تي ارهي نه ٿيندي آهي ۽ اتي مقرر ماسترياڻين سان هر طرح جي مدد ڪندي آهي. مامو رمضان ساريو اسڪولن جا دورا ڪري ٻارڙن کي همٿائيندو آهي، مختلف اسڪولن وچ ۾ تقرير، تحريري ۽ ٻيا چٽاڀيٽيءَ وارا پروگرام ڪرائيندو آهي ۽ ٻارن کي انعام به ڏيندو آهي. مامو رمضان ٻارڙن جي غيرنصابي سرگرمين ۾ به مددگار رهندو آهي ته ساڳي وقت والدين ۽ استادن کي به هٿ جوڙي ٻارڙن کي پڙهائڻ جي وينتي ڪندو آهي.
    مامو رمضان نه رڳو زماني جي سڌسماءَ لاءِ باقاعده اخبارون پڙهندو آهي پر ان جي ايڊيٽوريل پيج جو به پاٺڪ آهي، مامي رمضان سوين ليکڪن جي مضمونن جون ڪٽنگس گڏ ڪري ان جا فائيل ٺاهيا آهن، شروعات ۾ مامي رمضان رڳو ڳوٺ جي سٺن ليکڪن جي لکڻين کي سانڍڻ شروع ڪيو آهي، هاڻ ان ڪم ۾ به سندس دائرو وسيع ٿيندو وڃي ٿو جو هو سياسي پارٽين جو به رڪارڊ ٺاهي رهيو آهي.
    مامو رمضان پٽاڻي اولاد لاءِ سڪايل آهي پر هن پنھنجي نياڻين کي پٽن جيترو پيار ڏنو آهي ۽ کين تعليم ڏياري آهي. هو هر ٻار کي پنھنجي پٽاڻي اولاد سمجهي مٿي تي هٿ رکي ڪاميابي جي دعا ڪندو آهي ته منھنجي اوهان ئي اولاد ۽ پٽ آهيو ۽ منھنجا وارث اوهان ئي هوندا. اسان جون دعائون آهن، ماما رمضان ساريو کي رب پاڪ صحتمند رکي ۽ عوام جي خدمت جاري رکي. آمين


    مامي جو وجود معجزي مثل آهي : عبدالحق ساريو


    محمد رمضان ساريو جو جنم 1955ع ۾ موهن جي دڙي جي ڪک ۾ واقع ”لٽل ماسڪو“ سڏجندڙ سنڌ جي نرالي ڳوٺ ”ٻلهڙيجي“ ۾ ٿيو. سندس والد فقير منش ماڻهو هو، مسڪيني حال سبب صرف پنجين درجي تائين تعليم پرائي سگهيو. ڳوٺ ٻلهڙيجي جي شعوري وهڪري کيس گهڻو متاثر ڪيو. انور پيرزادي جي ٻاريل لاٽ، ڳوٺ جي ٻين نوجوانن محب پيرزادي، ڪامريڊ ٺاري ماڇي، لطف پيرزادي ۽ رمضان ساريي کي مسڪين ۽ بي پھچ ماڻهن جي ڏکن ڏولاون، مصيبتن ۽ تڪليفن کي دور ڪرڻ جو گس پسايو. مٿي ذڪر ڪيل نوجوانن انھيءَ عظيم مقصد کي پوري ڪرڻ لاءِ سائين انور پيرزادي جي سرپرستيءَ هيٺ هڪ تنظيم ”ڳوٺ سڌار سنگت ٻلهڙيجي“ جي نالي سان جوڙي. رمضان ساريو هن تنظيم جو چيئرمين به رهيو آهي. ڳوٺ سڌار سنگت ٻلهڙيجيءَ جي پليٽ فارم تان هنن نوجوانن ڳوٺ جي سمورن مسئلن کي پنھنجي همتن، جرئتن ۽ ڪوششن سان حل ڪيو ۽ ڳوٺ لاءِ ترقي جون نيون راهون کولي ڇڏيون، هي نوجوان خاص ڪري محب پيرزادو ۽ رمضان ساريو ته ٻين نوجوانن لاءِ اميد اتساهه ۽ جدوجھد جو سنيھو ٿي اڀريا. سندن ڪوشش جي ڪري ئي ٻلهڙيجي سنڌ جو هڪ اهڙو ڳوٺ ٿي اڀريو آهي جتي زندگي لاءِ سڀ سھولتون ميسر آهن. جيئن هن ڳوٺ ۾ مڊل اسڪول، ڊسپينسري، ڇوڪرن لاءِ پرائمري اسڪول ۽ ڇوڪرين لاءِ الڳ پرائمري اسڪول ۽ ڳوٺ ۾ فرشبندي جو ڪم ٿيل آهي. هنن سڄاڻ ۽ باشعور ماڻهن هاڻي هڪ نئين تنظيم ”انڊس ڊولپمينٽ ايسوسيئيشن ٻلهڙيجي“ جي نالي سان قائم ڪئي آهي. رمضان ساريو هن سماجي تنظيم جو خزانچي آهي. غريبن ۽ بي آسرا ماڻهن جي مدد ۽ سھائتا ڪرڻ ڪري هن ڳوٺ جا سڀ ننڍا وڏا کين احترام واري نگاهه سان ڏسن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو ڳوٺ ٻلهڙيجي ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن جا ماڻهو پنھنجي مسئلن جي حل لاءِ سندن دروازن تي دستڪ ڏين ٿا. پوءِ جيستائين سندن مسئلو ۽ پريشاني ختم نه ٿئي هي سچا ماڻهو سک سان نه ويھندا آهن.
    رمضان ساريو جيئن ته پاڻ بنيادي طور مسڪين ماڻهو آهي ۽ هميشه غربت ۽ بيماريءَ واري جنڊ جي ٻن پُڙن ۾ پيسجندو رهيو آهي، انھيءَ سبب سندس دل ۾ غريب ۽ بيمار بي پھچ ماڻهن جو ڏک وڌيڪ سمايل آهي. ڀٽائي صاحب جي سِٽ شايد رمضان ساريو جھڙن ماڻهن لاءِ ئي چيل آهي ته ”ڏيکاريس ڏک گوندر گس پرينءَ جو“.
    سنڌي سماج کي جاگيرداري نظام وڻ ويڙهي جيان وڪوڙي بي-سَتو ۽ نيم مرده بڻائي چڪو آهي، جتي هر ادارو جاگيردار جي اشاري جو منتظر هجي، وڏيرڪي فون يا چٽ کانسواءِ ڪو جائز ڪم به نه ٿئي، اهڙي سڪتي ۾ آيل سماج ۾ ٻلهڙيجي ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن جا اڪثر مارو وڏيرن جي در تي وڃڻ بجاءِ پنھنجي همدردن ۽ هڏڏوکي دوستن ڏي وڃڻ کي ترجيح ڏين ٿا ۽ هي سڄاڻ ماڻهو پنھنجي پھچ ۽ بھتر ساک جي ڪري انھن جا مسئلا حل ڪرائي وٺن ٿا. اهوئي سبب آهي جو 2001ع جي بلدياتي اليڪشن ۾ محب پيرزادو يونين ڪائونسل بگيءَ جو ناظم ۽ رمضان ساريو ساڳي يو.سي تي سڀ کان گهڻا ووٽ کڻي جنرل ڪائونسلر چونڊيو ويو. هنن دوستن يونين ڪائونسل بگيءَ ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا. اهو ئي سبب آهي جو 2005ع جي بلدياتي اليڪشن ۾ رمضان ساريو ٻيھر جنرل ڪائونسلر چونڊيو ويو.
    رمضان ساريو اهڙن ماڻهن مان هڪ آهي جن کي ڏسي انسان جي اشرف المخلوقات هئڻ تي يقين پختو ٿئي ٿو نه ته جيڪو ابن آدم وحشيت ۽ بربريت جا اهڙا مثال قائم ڪيا آهن جو هو ايڏي وڏي منصب جو مستحق نه ٿو باسي. رمضان ساريو هن بيحس ۽ معذور سوچ رکندڙ سماج ۾ ضم ٿيڻ کان ۽ هن مصنوعي نفرتن ڀرئي دنيا جي ڪار وهنوار کان پاڻ کي گهڻو الڳ ٿلڳ رکيو آهي. انور صاحب جي ٻاريل شعوري لاٽ کي پنھنجي ڪردار عمل ۽ پنھنجي رت ست سان جلائي رکيو اٿائين. ظلمتن جون ڪيڏيون به سرد اونداهيون ۽ ڊگهيون راتيون هجن، ڪيڏو به طوفانن جو زور هجي پر رمضان ساريو جھڙي ماڻهوءَ جو وجود ڪنھن معجزي کان گهٽ نه آهي. جتي محبتن جي امين سنڌڙي ۾ معصوم ٻارڙن کي چند ڏوڪڙن عيوض اغوا ڪيو وڃي ۽ پئسن نه هئڻ جي صورت ۾ ڪچين ڪلين کي قتل ڪيو وڃي، جتي پنھنجي زال، ڀيڻ، ماءُ ۽ ڌيءُ کي صرف شڪ يا ذاتي دشمني پاڙڻ ۽ ملڪيت ڦٻائڻ لاءِ ڪاري ڪري ماريو وڃي، جتي انصاف ٽياس تي ٽنگيل هجي ۽ انسان جا سمورا حق کسيا ويا هجن، روحن تي رهڙون هجن، چوڏس ڪربلا جھڙي صورتحال ڇانيل هجي، جتي صرف الميا ۽ سوڳ جنم وٺندا هجن ۽ جتي ڏک ۽ مصيبتن جا اڻ کٽ سلسلا هجن.
    رمضان ساريو جنھن کي احترامن اڪثر ماڻهو ماما چوندا آهن، رات ڏينھن، آنڌي مانجهي نه صرف پنھنجي ڳوٺ ٻلهڙيجي بلڪه ڀرپاسي وارن ڳوٺن جي مريضن کي ڊاڪٽرن وٽان علاج وٺي ڏيندو رهي ٿو، توڙي جو پاڻ السر جھڙي موذي مرض ۾ ڦاٿل رهيو آهي پر اڪثر اوهان کي سرڪاري اسپتال جي او.پي.ڊي ۾ ڪنھن مريض کي سھارو ڏيندي نظر ايندو. واپڊا کاتي کان وٺي تعليم، صحت، روينيو ۽ ٻين ادارن جا ڦاٿل ڪم ۽ مسئلا روزانو حل ڪرائيندو وتندو آهي. غريبي ۽ مسڪيني حال هوندي به سڄو ڏينھن هڪ اداري کان ٻئي اداري تائين پيرين پنڌ هلندو وتندو، ڪنھن کان ڪرائي جو رپيو به نه وٺندو آهي.
    رمضان ساريو هتان جي غريب، بي پھچ بي آسرا، بيماري ۽ ڏکن جي ستايل ماڻهن لاءِ مسيحا آهي، هو زڪوات ڪميٽي ديھه ابڙي پوٽا جو چيئرمين به رهيو آهي، ان عرصي دوران غريبن يتيمن جي پائي به ميري ٿيڻ نه ڏنائين، سندس سوچ ته پئسي کان گهڻو مٿاهون آهي پر ڪنھن ٻئي کي به هڪ رپيو کائڻ نه ڏنائين. اسان جي اقتداري ڌرين کي خدا عقل ڏئي جو هو رمضان ساريو جھڙي عظيم انسان کي زڪوات ڪميٽي يا بيت المال ضلعي لاڙڪاڻي جو چيئرمين بڻائين ته هوند ڪوبه معذور بيمار ۽ مستحق چاهي اهو ضلعي لاڙڪاڻي جي ڪنھن به ڪنڊ تي رهندو هجي، زڪوات يا بيت المال جي امداد کان محروم نه رهندو.
    دعا آهي ته خداوندِ ڪريم کيس وڏي ڄمار ڏئي جيئن مسڪين ۽ غريب ماڻهن جي مدد ڪندو رهي.

    **


    ماٺيڻي مزاج وارو شخـص : مسرور پيرزادو


    پراڻي ٻلهڙيجيءَ ۾ هڪ هنڌ نمن جا وڏا وڻ آهن ۽ انھن نمن جو ڇانورو پري کان آيل ماڻهن کي سدائين سک ۽ آرام جا پل آڇيندو آهي، انھن ئي گهاٽن وڻن جي ڀرسان هڪ اهڙي شخص جو گهر به آهي جيڪو شخص ڄڻ ته انھن ئي نمن جھڙو گهاٽو ڇانورو ڏيندو آهي. ٻين ماڻهن کي اهي ماڻهو جيڪي زماني جي سختين کي سھي ان شخص وٽ پھچندا آهن ته انھن کي ان وٽان سک ۽ آرام ملندو آهي. اهو شخص جيڪو سڀني جو مامو آهي ۽ سچ پچ ته سڳن مامن جيان پيار ۽ شفقت به ڏيندو آهي. توهان نه فقط ٻلهڙيجي پر ڏوڪري تعلقي ۾ ڪٿي به وڃي مامي جو ذڪر ڪندا ته ماڻهو سمجهي ويندا ته اهو مامو رمضان ساريو ئي هوندو، جيڪو سردي گردمي سِرَ تي سھي ماڻهن جي خدمت ڪندو رهندو آهي.
    رمضان ساريو پنھنجي ذات اندر هڪ اداري جي حيثيت رکي ٿو. هي سنھڙو شخص اهڙا ڪم آسانيءَ سان ڪري ڄاڻي جھڙا پھلوان به نه ڪري سگهن. پنھنجي ڳوٺ توڙي ڀرپاسي ۾ موجود مريض هن ڏي اميد سان ايندا آهن ۽ هن تي ڀروسو ڪري هن کي چوندا آهن ته ”تون هلي مريض جو علاج ڪراءِ“ پوءِ سائين هي همراهه ڪڏهن وڃي لاڙڪاڻي جون اسپتالون کڻي ته ڪڏهن ڪراچيءَ جون ۽ جيستائين مريض صحتمند نه ٿئي تيستائين هو مريض جي تيمارداري ان جي وڏي ڀاءُ ۽ ويجهي عزيز وانگر ڪندو آهي. جڏهن مامي کان پڇيم ته ڀلا ڪيترن مريضن سان هينئر تائين علاج سانگي ويا آهيو ۽ انھن کي ٺيڪ ڪرائي موٽيا آهيو ته چيائين ”هاڻي ته اهڙن مريضن جو تعداد هزار کان مٿي ٿي ويو هوندو“ ۽ مان هن جو اهو جواب ٻڌي سوچ ۾ پئجي ويس ته هزار کان وڌيڪ مريضن کي صحتمند ڪرائي اچڻ وارو نيڪ ڪم ته ڪنھن چڱي خاصي اداري به گهٽ ڪيو هوندو، منھنجي نظر ۾ اهڙا ادارا آهن جيڪي وڏين عمارتن ۽ فنڊن هوندي به اهڙو ڪم ناهن ڪرائي سگهيا. مامو رمضان توڙي جو پاڻ به صحت جي حوالي سان گهڻو ٺيڪ ناهي ۽ هن کي به ڪجهه بيماريون آهن پر پوءِ به هو پنھنجي فڪر کي ٻين جي پريشانين کان وڌيڪ نه سمجهندو آهي ۽ بيماري سيماريءَ مريضن سان گڏجي انھن جو علاج معالجو ڪرائڻ لاءِ هر وقت تيار هوندو آهي ۽ هاڻي ته شايد هو پنھنجي طبيعت به ان وقت ئي بھتر ٿيندي محسوس ڪندو آهي جڏهن ڪو ٻيو مريض صحتمند ٿيندو آهي. مان هڪ دفعي مامي رمضان ساريي کان جناح اسپتال ڪراچيءَ ۾ هڪ مريض جو خيال رکندي ڏسي اهو محسوس ڪيو هو ته اهڙو خيال شايد مريض جا والدين، ڀاءُ به نه ڪري سگهن! اهو مريض ذهني مريض هو ۽ اهڙيون ڳالهيون پيو ڪري جنھن تي هڪ نارمل ماڻهو آرام سان چڙي سگهي ٿو پر مامو هن جي هر ڳالهه کي پيار ۽ آرام سان ٻڌي ۽ جواب ڏئي رهيو هو. جڏهن مامي کان پڇيم ته ڀلا اهو خيال توهان کي ڪيئن آيو ته مريضن جي مدد ڪجي ته جين هو صحتمند ٿي سگهن ته هن اهو واقعو ٻڌايو جيڪو مان هيٺ هن جي لفظن ۾ ڏيان ٿو.
    ”هڪ دفعي جڏهن مان لڳ ڀڳ پندرهن سورهن سالن جو هوس ته تمام گهڻو بيمار ٿي پيس ۽ منھنجي عيادت ڪرڻ لاءِ فقير يار محمد پيرزادو ۽ انور پيرزادو آيا هئا. منھنجي حالت ڏسي فقير يار محمد، انور پيرزادي صاحب کي چيو ته ”هن کي ڪراچيءَ کڻي وڃو ۽ علاج ڪرايوس.“ ان کانپوءِ انور صاحب ۽ ٻيا ڳوٺاڻا ان ڪم سان لڳي پيا ۽ منھنجي ڪراچيءَ وڃڻ ۽ علاج ڪرائڻ لاءِ ڳوٺ مان چندو ڪرڻ لڳا. چندي وٺڻ ۾ ماستر لطف پيرزادو ۽ ياسين پيرزادو اڳڀرا هئا. نيٺ ايترا پئسا ٿي ويا جو مون کي ڪراچيءَ علاج لاءِ اماڻيو ويو ۽ مان صحتمند ٿي واپس ڳوٺ آيس ۽ ان واقعي کانپوءِ مون پاڻ سان واعدو ڪيو ته مان به مريضن جي مدد ڪندس ۽ انھن کي صحت جي دولت حاصل ڪرڻ ۾ وسان نه گهٽائيندس.“
    ان اهم ڪم کانسواءِ مامي رمضان جا ٻيا به ڪم اهڙا آهن جيڪي سٺا آهن، مثال طور هن پنھنجو گهر سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن کي ڏنو آهي ۽ جيئن اها تنظيم اتي نياڻين جو اسڪول کولي. اهو اسڪول زبردست نموني هاڻي هن جي گهر ۾ هلي رهيو آهي. ان کان علاوه هن ڪيترن ئي سالن کان اخبارن جي ڪٽنگس ڪري اهڙا فائيل ٺاهيان آهن جيڪي ريفرنس طور ڪم اچي سگهن ٿا. هن وٽ مختلف شخصيتن جھڙوڪ شھيد بينظير ڀٽو، سائين جي ايم سيد، ذوالفقار علي ڀٽو وغيره ۽ واقعن جھڙوڪ ٻوڏ، اليڪشن وغيره تي اخبارن جون ڪٽنگس آهن جن کي هن الڳ الڳ فائيلن ۾ محفوظ ڪري رکيو آهي. ان کان علاوه ٻلهڙيجيءَ جي ليکڪن جون اخبارن ۾ ڇپيل لکڻيون پڻ هن وٽ محفوظ آهن.
    پنھنجي مزاج ۾ هڪ ماٺيڻو ۽ نرم ماڻهو مامو رمضان ساريو هڪ خاموش انقلابي آهي. هن جو مزاج اهڙو ناهي جو هو جلسن جلوسن ۾ دوهاندار تقريرون ڪري ۽ ٻين جي بيعزتي ڪندڙ نعرا هڻي. هو خاموشيءَ سان پنھنجو زبردست ڪم ڪندڙ هڪ املهه شخص آهي. مان سمجهان ٿو ته اهميت به سٺن ڪمن جي آهي نه ڪي ڇڙين تقريرن ۽ نعرن جي.
    منھنجي دعا آهي ته خدا مامي رمضان کي صحت، تندرستي ۽ وڏي حياتي ڏي ته جيئن هو پنھنجي نيڪ ڪمن کي جاري رکي سگهي.
    **


    دُکي سماج جي مرهم ماما : عيسى ميمڻ

    دُک جو رشتو، سماج ۾ سڀ کان اُتم رشتو آهي. دُک انسان کي پھاڙن جا پَنڌَ به ڪرائي ٿو ته انساني رشتن کي مضبوط ۽ گھرو به ڪري ٿو. گوتم ٻڌ چيو هو ته ”سُروم دُک دکم“ معنى سڀ ڪجهه ڏک آهي. اهي ڏکن واريون جڏهن گڏجن ٿيون، تڏهن انھن جو ادراڪ به ٿئي ٿو ته تدارڪ به ٿئي ٿو. پٽڻ واريون پڌريون هونديون آهن. جنھن کي درد هوندو، اهو ئي پريان جي پيچري تي هلندي ٿڪبو ناهي. هڪ درد انفرادي ٿئي ٿو ٻيو اجتماعي گهڻن ماڻهن کي دردن جي دوا هڪ سياست ۾ سُجهي ٿي. سنڌ ۾ اها سياست به گهڻي قدر ماٺار جو شڪار ٿي آهي، ڇاڪاڻ ته گهڻائي سُرخا سوويت يونين جي زوال کانپوءِ مايوسيءَ جي گهيري ۾ اچي ويا ته ٻئي طرف سن جي سيد جا پانڌيئڙا هئا جن پنھنجو رشتو نظرين کان وڌيڪ ڌرتيءَ سان رکيو ڇاڪاڻ ته ڌرتي نظرين کان اُتم آهي ۽ ڌرتيءَ جو درد نظرين کان جيڪڏهن حَلُ نه ٿئي ته ان نظرئي جي چڪاس ڪنھن ليبارٽريءَ ۾ ضرور ڪرائڻ گهرجي. سن جي پانڌيئڙن، پنھنجو سمورو ڪعبو قبلو سنڌ کي بڻائي سفر ڪيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو انھن جو سفر اڄ به جيئن جو تيئن جاري آهي. ڪجهه ڌرين سنڌ جي درد کي سماجي ڪَمن وسيلي حَلُ ڪرڻ کي پنھنجو ”نصب العين“ سمجهي دُکي انسانيت جي دردن تي پَھا رکڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي. مسڪين جھان خان کوسي کان وٺي ماما رمضان سارئي تائين، انھن سماج سڌارڪن جو سفر آهي، جن وٽ خود هڪ درد آهي،جنھن دردَ جي معرفت دکي انسانن سان پنھنجو رشتو جوڙين ٿا.
    ماما رمضان سارئي جو جنم ان ”لٽل ماسڪو“ ۾ ٿيو آهي، جنھن لٽل ماسڪو جو آخري سج سخي شاهه جمال جي قبرستان ۾ غروب ٿي ويو آهي. ا ڄ اهو ”لٽل ماسڪو“ ته نه رهيو آهي پر لطيف جا پارکو، علم و ادب جا شھسوار اڄ به هن ڳوٺ جي سونھن بڻيل آهن ته صحافت جي دنيا ۾ پڻ ڪيترائي نامور صحافي پڻ هن ڳوٺ جي علامت بڻيل آهن. هن ڳوٺ جي علامت بڻيل آهن. هن ڳوٺ جي سڀ کان وڌيڪ سڃاڻپ”شھيدسرويچ پيرزادو“ بڻجي ويو آهي جنھن لٽل ماسڪو کي ”لٽل ويٽنام“ جھڙي سڃاڻپ ڏئي سڄي سنڌ ۾ هن ڳوٺ جو نئون تعارف ڪرايو آهي.
    هن ڳوٺ جا جيڪي ٻيا ڪيترائي حوالا آهن، اتي وڏو حوالو سماجي خدمتن جي حوالي سان ”ماما رمضان ساريو“ به آهي. ماما رمضان ساريو جيڪو سماجي خدمتن جي ڏس ۾ هن تر جي سونھن بڻيل آهي ته اُتي تر جي سادڙن ماڻهن جو سونھون به آهي ته مسيحائي ڪردار به بڻيل آهي. جنھن سماج ۾ ماڻهن کي پنھنجي ذات کان مٿي ٻين لاءِ خدمتون ته پنھنجي جاءِ تي پر وقت به نه هجي اُتي مان رمضان ساريو آنجهي هجي يا مانجهي، لُڪ هجي يا سرديون هجن، ماما رمضان ساريو، هر وقت ڏکويل ماڻهن جي سَڏَ ۾ سڏ ڏيندڙ مانجهي مڙس آهي. جيتوڻيڪ هن سماج ۾ جيڪي به سھولتن جي اڻاٺ رياستي بي ڌياني، ڪمزورين ۽ جاگيرداري سماج جون پيداوار آهن پر جيستائين ان جو مستقل حَلُ نڪري تيستائين عام کان عام مسئلي جي حل لاءِ عام ماڻهو، وڏيري جي دَرن تي ٺوڪرون کائڻ ۽ حاضرين ڀرڻ کان وڌيڪ ماما رمضان ساريي کي پنھنجا دُک درد ٻڌائڻ ۾ عارُ محسوس نه ٿا ڪن ته اهو جذبو ۽ عمل ڪنھن به انقلابي جذبي ۽ عمل کان وڌ نه آهي ته گهٽ به نه آهي.
    ماما رمضان سارئي جو ٻيو وڏو ڪارنامو تعليم دوستي آهي، جنھن پنھنجي تر ۾ 5- اسڪول کولرائي نه صرف ڪيترن ئي گهرن ۾ علم جو ڏيئو روشن ڪيو آهي ته ٻئي طرف پنھنجي گهر کي به تعليمي درسگاهه ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هن ڳوٺ جا سکيا ستابا ماڻهو جڏهن پنھنجي ٻارن کي وڏن ادارن ۾ پڙهائڻ، نوڪرين ۽ روزگار جي سلسلي ۾ پنھنجي ڳوٺ کي الوداع ڪري زندگيءَ جون سموريون لذتون ماڻڻ کان پوءِ به ڪڏهن ڳوٺ يا تر جي لاءِ سوچڻ يا ڪو عملي ڪردار ادا ڪرڻ کان عاري هجن تڏهن هي ”ماما“ پنھنجي ڏٻري جسم ۽ غريبي حال هوندي جڏهن علم جا ڏيئا روشن ڪري تڏهن به اسان جي بيحسي اُها هجي جو هن پيغمبر صفت انسان جي عظمت کي سڃاڻي نه سگهون، تڏهن يقيناً سماج جي ڏيوالپڻي ۾ ”ساڃاهه“ جو ڏيوالپڻو به شامل ٿي چڪو آهي ۽ جڏهن به سماج ۾ ساڃاهه جو فقدان شروع ٿي وڃي، يقيناً ان سماج ۾ هزارين ٻيون بيماريون پڻ جنم وٺنديون آهن.
    ماما رمضان ساريو ته سادگي ۽ سچائيءَ جو به مجسمو آهي. هن جي سادگي سندس اٿڻ، ويھڻ کان وٺي عام زندگي تائين مثالي رهي آهي. سچائي ايتري جو ڪنھن جي پائي به ميري ٿيڻ نه ڏيندو. ڏينھن جا ڏينھن عام ماڻهن جا ڪم ڪندو وتندو پر مجال آهي جو ڪنھن ماڻهوءَ کان ٻه ٽڪا وٺي پنھنجي گهر کڻي اچي. بُک ڏک تي ماڻهو جڏهن علاج يا ٻين ڪمن جي ڏس ۾ جيڪي ٻه رپيا ڏيندو اهي به امانت سمجيه خيانت ڪرڻ ”ماما“ جو ڪڏهن به وڙ نه رهيو آهي. هن جي داَمن ”دامن نچوڙلين تو فرشتي وضو ڪر لين“ جھڙو صاف رهيو آهي.
    ماما جي علم دوستي، تعليم دوستي ۽ انسان دوستيءَ مان محسوس ٿيندو آهي. هي دراوڙي نسل جي ڪنڀر جي سنڌوءَ مان ڳوهيل چيڪي مٽيءَ مان ٺھيل آهي جيڪو اڄ به سنڌو جي عظمت ياد ڏياري ٿو. هي سنڌو تھذيب جو وارث ”ماما“ آهي جنھن پنھنجي سچائيءَ ۽ سادگي جي ذريعي مثال قائم ڪري ڏيکاريو آهي. هي سماج جنھن ۾ رهندي ساهه ٻوساٽجي ٿو. ”ماما“ هن سماج جي ٿڌي هير مثل آهي؛ جنھن جي ڀاڪر ۾ ڪُل ڪائنات جو سڪون ملندو هجي. ماما رمضان سماج جو بيراميٽر آهي جنھن جي وسيلي سماج جو قبلو درست ڪرڻ لاءِ ڪيئي درس موجود آهن. نه صرف سماج کي ماما جھڙن ڪردارن جي ضرورت آهي پر ماما کي به سماج جي ضرورت آهي، جتي سماج جي خدمت ڪندي فرحت محسوس ڪري ٿو ۽ سماج ”ماما“ جي جياپي جو سبب به آهي ته ذريعو به آهي ۽ يقيناً هن دکي سماج جي مرهم ”ماما“جھڙن ڪردارن کان سواءِ ممڪن به نه آهي.


    مامو رمضان : هڪ ٽرسٽ :انور ڏنگڙائي

    جيڪي چوندا آهن ته ”ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ گهرجي“، مان انھن کي غلط ٿو سمجهان ڇو ته ڪجهه نه ڪجهه ۾ غلط ڪم به اچي ويندا آهن، باقي ”ڪجهه“ ڪجي، اهو صحيح آهي. ڪجهه ڪجي اهو آهي ته ٿورو ڪم ڪرڻ ڏانھن اشارو پر جيستائين گهڻو ڪجهه ڪجي تيستائين ڪجهه ڪندو رهجي ته گهڻو ڪجهه پاڻهي ٿي ويندو. اسان وٽ هڪ طرفو ڏٺو وڃي ٿو ته ماڻهن جو سخت ڏڪار لڳو پيو آهي، ماڻهو به پيدا ڪونه ٿا ٿين، جيڪي پيدا ٿين ٿا ته بچن ڪونه ٿا. جتي اهڙو ڏڪار هجي اهڙي اڻاٺ هجي، ان جڳهه تي ڪو ماڻهو جيڪڏهن ڪجهه ڪري ٿو ته اهو به گهڻو ڪجهه لڳي ٿو. هر ماڻهو ته اهڙو نه ٿو ٿي سگهي، پر سوچڻ وارن ماڻهن مان جيڪڏهن ڪجهه ماڻهو به ڪجهه ڪندا رهن ته پڪ سان اسان اهو ڪجهه حاصل ڪري وٺنداسين، جيڪو ڪجهه اسان سوچون ٿا ۽ چاهيون ٿا.
    مون چيو آهي ته ماڻهو ان ماڻهن مان پيدا ٿيندا آهن جيڪي سوچڻ وارا ٿيندا آهن ۽ يقين ڄاڻو جيڪي سوچڻ وارا هوندا آهن انھن جون ننڊون حرام هونديون آهن. انھن جون ننڊون ٻين جا مسئلا ڦٽائيندا آهن. هو سوچيندا ئي ٻين جي مسئلن تي آهن، پنھنجا مسئلا انھن لاءِ ثانوي حيثيت اختيار ڪري ويندا آهن. مامو رمضان ساريو سوچي ٿو پنھنجو خيال نه ڪرڻ سدائين ٻين جي خيال ڪرڻ ۾ خيال کتل، رستي سان ويندو ته انھن ئي خيالن ۾ گم، توهان هڪ دفعو محبت سان کيڪاريوس ٻئي دفعي لڙي اچي اوهان سان ملندو، نه ته سدائين رمتو جوڳي نظر ايندو. هو سڀني جو مامو آهي، ان ڪري جو سڀ هن جا ماما آهن. ڪنھن جو به رخو نالو نه وٺندو ۽ ڪيربه هن جو رخو نالو نه وٺندو. اهڙا ماڻهو متضاد به ٿيندا آهن پر هن سان مون ڪنھن جو به تضاد نه ڏٺو آهي. ٻاهر نڪرندو ته فائيلن جو بنڊل بغل ۾ جنھن ۾ رڳو ٻين جا مسئلا سٿيل هوندا، ڪڏهن ڪھڙي آفيس ته ڪڏهن ڪھڙي آفيس. اسان ته صرف ڳالهه ٿا ڪري وڃون ته هو آفيس جا چڪر لڳائيندو وتي ٿو پر انھن آفيسن ۾ هن کي مشڪلاتون ڪيتريون سامھون اينديون هونديون؟ جنھن ملڪ جي آفيس جو پٽيوالو به ڊي سيءَ جو ڏيک ڏيندو هجي، ان آفيس جي آفيسر جو رويو ماڻهوءَ سان ڪھڙو هوندو سو به ان ماڻهوءَ سان جو ٻين جا ڪم ڪندو هجي ۽ مفت جا ڪم ڪرائيندو هجي.
    هن ڪم جي شروعات گهرن آڏو گهٽيون صاف ڪرڻ سان ڪئي. ان دور ۾ ڳوٺ سڌار سنگت جو چڱو خاصو ڪم هو. سنڌ ۾ هن جي ڳوٺ ۾ به هڪ يونٽ سرگرم هو. ان پليٽ فارم تان هي ڇا ڪندا هئا جو جڏهن ڪا هيٺاهين گهٽي ڏسندا هئا جتي پاڻي بيھي ويندو هجي ته اتان ڀرپاسي مان ڪنھن گند ڪچري جو چير تاڙي اهو گھلي ان هيٺاهين ۾ وجهي گهٽي کي گهمڻ ڦرڻ جھڙو ۽ فضيلت ڀريو ڪري ڇڏيندا هئا. ائين ڪم ڪندي ڪنھن غريب جي مالي سھائتا به ڪري وٺندا هئا جن مان ٻيا ته ٽـڙي پکڙي ويا پر هن کي اهڙي سُتي پئجي وئي جو هن ان ڪم کي ڀٽائيءَ جي هِن سِٽَ مصداق کنيو ته ”اول آخر آهه، هلڻ منھنجو هوت ڏي.“
    ڳوٺ سڌار سنگت جي پليٽ فارم تان ته تمام گهڻو پاڻ ملھايائين پر وري هڪ ٻي سماجي تنظيم انڊس ڊولپمينٽ ايسوسيئيشن ٺاهي ان ۾ ڪم شروع ڪيائين، ان تنظيم جي ڪمن جو ٻيو سمورو نچوڙ هڪ پاسي پر جيڪي اسڪول منظور ڪرايائين اهو هڪ ڪم ئي هن جي تاريخ ٺاهڻ لاءِ ڪافي آهن. هن وقت تائين پنج اسڪول منظور ڪرائي چڪو آهي. جن مان ”جهولي لعل“ نالي موهن جي دڙي ڀرسان ڍنڍ ڳوٺ ۾ ٻيو ”سرهاڻ“ نالي ڪانءَ پور ۾، ٽيون ”لب درياهه“ امام بخش ملاح ۾، چوٿون ”ماروئڙا“ ڀلي ڏنو ابڙو ۾، پنجون ”ڀٽائي“ فتح محمد اعواڻ ۾ جن ۾ هڪ ئي وقت هزارين ٻار پڙهن ٿا، ۽ چوويھه ملازمن کي روزگار پڻ مليو آهي، جيڪي هنن اسڪولن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن.
    پنھنجي سڄي زندگي ارپي ايڏا وڏا ڪم ڪندڙ ماڻهوءَ جي پنھنجي مالي حيثيت ڇا آهي؟ اهو به معلوم ڪندا هلون. هڪ ايڪڙ زمين جنھن جي اپت خرچ لٿي ڪيتري هوندي اهو ٻڌائڻ جي ضرورت ڪانھي. گهر جي ڪنڊ ۾ هڪ ڪمري ۾ هڪ ننڍڙو دڪان جنھن ۾ ايترو سودو رکيل آهي جو اهو ميڙي سيڙي ڳنڍ ٻڌي ڪو کڻڻ چاهي ته هٿ ۾ کنيو هليو وڃي. گراهڪي ايتري جو ٽي ڪلاڪ ويھڻ دوران اسان صرف هڪ ٻار کي کٽمٺڙو وٺندي ڏٺو. ٻيو ڪوبه آمدنيءَ جو ذريعو ڪونه. ويتر هڙان وڙان خرچ ڪرڻ جي هير پيل گهر چئن ڪمرن تي مشتمل جن مان ٽي ڪمرا اسڪول جي حوالي ڪري ڇڏيا اٿائين. هڪ ڪمرو ته رڌڻو پئي لڳو. يعني پنھنجي گهر جو رڌڻو به اسڪول جي حوالي ڪري ڇڏيو اٿائين. پاڻ صرف هڪ ڪمري ۾ سوڙهه سنگهيڙ ۾ رهي ڏکين حالتن ۾ گذر سفر ڪندي به چھري تي نه رنج نه ڏک يا تڪليف جي ڪا علامت ظاهر ڪندو آهي. جڏهن به ملندو آهي، چھري مان اطمينان کلندو نظر ايندو. پھرين جماعت کان اٺين جماعت تائين پڙهندڙ ٻارن جي گوڙ شور ۽ ٽاٻڙڪي جي وچ ۾ رهندي به نه صرف سڪون واري زندگي گذاري ٿو پر لطف ۽ سرور جون سرڪيون ڀريندي هڪ آٿت جي خمارن ۾ خماريل نظر ايندو، ٻيو وڏو ڪم اهو ڪندو رهي ٿو ته الاهي سارن ماڻهن، تنظيمن ۽ مختلف مسئلن جا الڳ الڳ فائيل ٺاهيندو رهي ٿو، انھن ماڻهن جون لکڻيون هجن، تنظيمن پاران بيان بازيون هجن يا تنظيمي رپورٽون هر ماڻهوءَ هر تنظيم هر مسئلي جو الڳ فائيل انھن فائيلن جو ڳاڻيٽو ڪبو ته اٺ سئو کان مٿي انگ بيھندو، انھن فائيلن جي رکڻ لاءِ وٽس ڪشادي جاءِ ڪانه آهي، بس وڃي ٿو هڪ ٻئي جي مٿان سٿيندو دڪان ۾. دڪان هلائڻ کان وڌيڪ وقت انھن فائيلن کي ڏيندو آهي، ان ڪم جي شروعات ڪيئن ڪيائين؟ اهو به هڪ عجيب اتفاق هو، 1980ع جو دور هو انور پيرزادو هن سان ڪچھري ڪندي جڏهن اٿيو ته هن وٽ اخبار وساري ويو جنھن ۾ انور پيرزادي صاحب جو مضمون هو، هن ڀيري اخبار هٿيڪي ڪري رکي، وري سوچيائين ته ڇونه ان مضمون کي ڪٿي فائيل ڪري وڌيڪ هٿيڪيون ڪري رکجي. بس هڪ مضمون فائيل ڪيائين ته ان مضمون مان اهڙو ته ڦاسي ويو جو نه صرف انور صاحب جون لکڻيون پر ٻين لکيڪن جون ۽ مسئلن تي لکڻيون هٿيڪيون ڪندو ويو، هن کي همٿائڻ وارو ڪوبه نه هو، ان ڪري چپ چاپ ۽ گمنام ڪندو رهيو. هو صرف ٻن ماڻهن طالب چنو ۽ غلام محمد ساريو جو نالو کڻي ٿو جن کيس همٿايو. هن جي ڪم جون ڪي گهڻيون مخالفتون ڪونه ٿيون. باقي ٽوڪون ٺٺوليون جام ٿيس، وڏن سان گڏ ٻار به ٽوڪيندا هيس، جيڪي ساراهه ڪندا هيس اهي به آخر ۾ چوندا هيس، ”هي ڪم ڪھڙي ڪم جو“ سماجي بيقدري، اڻ سھائپ، ٽوڪن ٺٺولين جو هن وٽ هڪ ئي جواب آهي ته پراڻو پر جنھن به ان جملي جو سھارو ورتو ته اهو سمورين رڪاوٽن مان نڪري پار پيو، اهو جملو آهي ”عشق ۾ ڪھڙا ليکا“. سماجي ڪم به ائين ڳچيءَ ۾ پئجي ويس، ضيائي مارشل لا جو دور هو ضياءَ جا پنھنجا پيدا ڪيل ڌاڙيل جي آڙ ۾ ماڻهن تي مارو درياهه جي ملاحن جون ٻيڙيون ته ضبط هيون پر دادو ڪئنال جي ملاحن جون ٻيڙيون به فوجي قبضي ۾ هيون، هڪ ملاح جنھن جي روزيءَ جو ذريعو صرف هڪ ئي ٻيڙي هئي اهو هن وٽ آيو ۽ ٻيڙي ڇڏائي ڏيڻ جو چئي ۽ پلٿي ماري ويھي رهيو. مجبور ٿي درخواست لکيائين پر درخواست تي صحيح ڪرڻ لاءِ ڪو به تيار نه هو. ان وقت ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو علي اڪبر نالي ڪو همراهه هو، ان ڏانھن ويو، هن ڳالهه سمجهي پرميشن ڏنس، بس جيئن ماڻهن کي خبر پئي ته مامو رمضان ماڻهن جا ڪم ڪري ٿو ته، اهو ڏينھن ۽ هي ڏينھن ماڻهن جون هن ڏانھن قطارون آهن. بيمارين جو اتفاق وري هيئن ٿيو ته پاڻ بيمار ٿيو، چندو ڪٺو ڪري پنھنجو علاج ڪرايائين، چندي ڪٺي ڪرڻ جو ڏانءُ هٿ اچڻ جي دير هئي هر بيمار لاءِ ساڳيو نسخو استعمال ڪري هزارين ماڻهن جو علاج ڪرائي چڪو آهي، تازو جڏهن هن جي ڪمن جي ڊاڪيومينٽري ڪي.ٽي.اين تي هلي ۽ ماڻهن ڏٺي ته هڪ سخي بندي هن کي تعاون جي آڇ ڪئي. ٿوري عرصي ۾ ان جي سھڪار سان ٻه سئو ماڻهن جي اکين جو آپريشن ۽ هڪ ماڻهو شھزادو اعواڻ جي پيٽ مان 12 ڪلو رسولي آپريشن ذريعي ڪڍرائي چڪو آهي. جيڪڏهن اهڙا ماڻهو ٻيا به گڏجي پون ۽ هن ماڻهوءَ کي ٿوري ٽيڪ ڀرائين ته هن وٽ هڪ ٽرسٽ قائم ٿي سگهي ٿي ۽ اهو ٻھراڙي لاءِ هڪ مثال هوندو. شھرن ۾ ته گهڻا ادارا ڪم ڪن ٿا پر ٻھراڙي جي سادن سودن اٻوجهه، اڻپڙهيل غريب ۽ منجهيل ماڻهن لاءِ ڪا اهڙي ٽرسٽ قائم ٿي پوي ته ڇا ڳالهه ڪجي.

    **


    هڪُ ساھَه سَيباڻو ماڻُهو : ڊاڪٽر سيد گدا حسين بخاري

    ڪنھن فلسفيءَ چيو ته ماڻهو به وڻ، ٻوٽن ۽ ولين جيان ٿيندا آهن. جيئن ڪي ماڻهو ساين لاڻين جھڙا ٿيندا آهن، منجهن ڪو هُل هنگامو ناهي هوندو بنھ سانتيڪا ۽ گھرا هوندا آهن. ڪي ماڻهو وري رات جي راڻيءَ وانگر هوندا آهن، جڏهن لوڪ سمھندو آهي ته هو جاڳندا آهن ۽ پنھنجي هُڳاءُ سان عالم کي ٻھڪائيندا آهن. ڪي ماڻهو انب جي وڻ جھڙا هوندا آهن جيترا سندن ٽارين ۾ انب ججها ٿيندا ويندا اوترو جهڪندا ويندا. ڪي ماڻهو وري نم جي وڻ جھڙا قدآور، ٿڌا ۽ وڏي ويڪري ڇانوري وارا هوندا آهن. فنا کايو ته سڀني کي وڃي پر جيڪي ٻري ٻاريندا آهن انھن جا داستان صدين تائين پيا ڳائبا آهن. اهڙو ئي ٻري ٻاريندڙ نم جي گهاٽي ڇانوَ جھڙو کاهوڙي ڪرداري مامو رمضان آهي. فرشتا صفت ۽ جيءَ ۾ جايون ڏيندڙ هن صوفي منش ماڻهوءَ پنھنجي زندگيءَ خلق خدا جي خدمت ۽ ڀلائيءَ لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي. ڏسڻ ۾ نھايت نفيس، نازڪ ۽ پر پنھنجي عزم ۽ ارادن ۾ هماليه جبل کان وڌيڪ مضبوط، هي موهن جي دڙي جي مِٽيءَ جو ماڻهو پنھنجي حال، حيثيت ۽ وسيلن کان گهڻو وڌيڪ سماج جي مجبور ۽ ڏکايل طبقي جي نه صرف نمائندگي ڪري ٿو پر سندن ڏکن سورن ۾ عملي طور ٻانھن ٻيلي ٿي سندن دردن جو درمان ڪري ٿو. مامو رمضان ماڻهن جي سماجي، معاشي ۽معاشرتي مسئلن جي حل لاءِ ڏينھن رات محنت ڪري ٿو. سماج جي غريب ۽ بي پھچ بيمارن جي مالي سھائتا ڪري ٿو.
    مامي رمضان جي شخصيت جا انيڪ پھلو آهن. هو پنھنجي شخصيت ۾ هڪ اهڙو سماج سڌارڪ تعليم دوست، سنڌ دوست، محبتي، مھمان نواز ۽ ٻاجهارو ماڻهو آهي جنھن جي صحبت ۾ ڏکندو ڏور ٿيو وڃي. مامي رمضان ڳوٺ ۾ تعليم جي فروغ لاءِ پنھنجي گهر ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي تعاون سان پرائمري سطح جو هڪ اسڪول کوليو آهي جتي سندس ئي خاندان جون نياڻيون سماج جي ڏتڙيل ۽ بي پھچ طبقي جي ٻارن کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪري رهيون آهن. سندس سرپرستيءَ هيٺ هلندڙ هي ادارو هر سال بھترين شاگرد تيار ڪري سرڪاري اسڪولن ڏانھن موڪلي ٿو. مامو رمضان گهٽ پڙهيل هئڻ جي باوجود نھايت باشعور، روشن خيال ۽ ترقي پسند سوچ رکندڙ ماڻهو آهي، جنھن جو ثبوت سندس خاندان جي نياڻين جي تعليم ۾ شموليت ۽ نمايان حيثيت آهي. سندس خاندان جي نياڻين تعليم جي ميدان ۾ پاڻ ملھايو آهي ۽ هڪ مثالي شاگرد جي حيثيت سان سڃاتيون وڃن ٿيون.
    مامو رمضان جنرل پرويز مشرف جي دورِ حڪومت ۾ ناظمي نظام دوران ٻه دفعه ڪائونسلر چونڊجي چڪو آهي. جيئن ته مامي رمضان جو ڪو خانداني سياسي پسمنظر نه هيو نه ئي ڪو سياسي آشيرواد يا پٺڀرائي، ان جي باوجود ذاتي حيثيت، پنھنجي شخصيت ڪارڪردگي ۽ نج ميرٽ جي بنياد تي علائقي جي ماڻهن هن مرد مجاهد تي پختو ويساهه ڪندي تمام گهڻا ووٽ ڏئي کيس اڪثريت سان ڪامياب ڪيو ۽ موٽ ۾ مامي رمضان به پنھنجي علائقي جي ماڻهن جي بي لوث خدمت ڪئي.
    مامي رمضان جي شخصيت هن سماج لاءِ هڪ رول ماڊل آهي. اگر اهڙن عُمده ماڻهن کي آئيڊيل بڻائي اسين سڀ پنھنجي ڪردارن جو تعين ڪيون ۽ پنھنجي ذميوارين جو احساس ڪندي وت ۽ وس آهر پاڻ پتوڙيون ته هن ڀونچال واري صورتحال ۾ سماج جي بھتريءَ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري سگهجي ٿو. ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته مامي رمضان جھڙا انمول ڪردار معاشري لاءِ آئينو آهن جن ۾ پنھنجي اوڻاين ۽ ڪوتاهين جو اولڙو چکيءَ طرح پسي سگهجي ٿو ۽ اهڙن آدرشي انسانن جي گَسَ تي هلڻ سان ئي منزل ملي سگهي ٿي.
    ڪر ڪو واڪو وسُ، وه مَ منڌ ڀنڀور ۾،
    چڙهي ڏاڍين ڏُونگرين، پيرُ پنھونءَ جو پَسُ،
    ڏورڻ منجهان ڏس، پوندءِ هوت پُنھونءَ جو. (شاهه)


    نم جي گھاٽي ڇانوَ جهڙو ماڻھو : بھشت خاتون پيرزادو

    نماڻو آواز، پيار ڀرين لفظن وارو ماڻهو، حساس طبيعت وارو، زال سوڌو جڏهن ڏس ته ڇوڪرين کي اسڪول ڇڏڻ پيا وڃن. اڳ ڇوڪرين کي ڪونه پڙهائيندا هئا، نه ڪي ڊيوٽي ئي ڪرائيندا هئاسين، هاڻي پڙهايون به ٿا ته ڊيوٽي به ڪرايون ٿا. پر اسان پاڻ انھن کي ڇڏڻ يا وٺڻ ويندا آهيون. مامي کي ڪو پٽ ڪونھي باقي ڌيئر آهن، اهي پڙهن به ٿيون ته پڙهائن به ٿيون. هڪڙا پنج اسڪول آهن جن کي هوم اسڪول چئبو آهي، هرهڪ اسڪول ۾ ٽي چار، ماسترياڻيون آهن جن جي هي سنڀال سڙي ڪندو آهي.
    هڪ دفعي ماروئڙا اسڪول جي ٽيچر بيمار ٿي پئي، لاڙڪاڻي اسپتال مان دوا وٺي آئي ڪو فائدو نه ٿيو، مامو رمضان ان کي دوا لاءِ ڪراچي وٺي ويو، جتان هو صحتياب ٿي موٽي ڪنھن مھل وري اسڪول ”مھين جي جهولي“ جو امتحان آهي ته هو پنا ڪاغذ رزلٽيون کڻائي امتحان ڪرائڻ ۾ مدد ڪري ٿو ڪنھن مھل ڳوٺ ۾ اسڪول لاءِ پلاٽ ڪونھي ته هو لال بخش ملاح جھڙي دوست ماڻهوءَ کي سمجهائي راضي ٿو ڪري ته ادا پلاٽ ٽڪرو ڏي ته معصوم نياڻين جي تعليم جو ڪو اسڪول کُلي ته ٻارڙيون علم پرائن. ان اسڪول جو نالو به پوءِ ”لب دريا“ رکنداسين. ڪنھن مھل ڏس ته اسڪول ”سرهاڻ“ ۾ فرنيچر جي کوٽ آهي ته ماسترياڻين سان گڏجي وڃي فرنيچر کڻائي ايندو آهي. اسڪول ”ڀٽائي“ ۾ ٻار گهٽ آهن ته انھن جي ڀرپاسي وارن گهرن جي مالڪن سان ملي ڪري ٻار وٺي وڃي ٿو. هن پنھنجي ذاتي گهر جو اڌ اسڪول کي ڏنو آهي جتي ٽي چار ماسترياڻيون پڙهائن ٿيون.
    اسڪول مان ڪنھن کي سرٽيفڪيٽ وٺڻو آهي ته اهو سولي طريقي سان مامو رمضان ئي وٺي ڏيندو. نادرا مان ڪو فارم يا شناختي ڪارڊ يا ڊوميسائل، نڪاح نامو وٺڻو آهي ته اهو ڪم به مامو ڪري سگهي ٿو. پنھنجي ڀائپي ۾ به هي غريب عزت لائق آهي. پراڻي ٻلهڙيجي ۾ رهندڙ هي ماڻهو نمن جي گهاٽن ڇانورن ۾ صاف سٿرو ماحول ٺاهيندڙ ڪڏهن به ڪنھن گهر آيل ماڻهوءَ کي ماني يا چانهه کان سواءِ نه ڇڏيندو آهي، جيڪو وٽس موجود هوندو، سو حال سارو حاضر ڪندو آهي. پاڙي جو ڪو ٻار يا اسڪول جو ٻار يا پاڙي جو ماڻهو بيمار آهي ته هن جي زال به گهر ڇڏي ان کي ويجهي اسپتال وٺي ويندي آهي ۽ بيمار جي مائٽن سان به همدردي ڪندي آهي.


    موتيءَ جهڙو مامو رمضان ساريو : وحيد سولنگي

    مامو رمضان هڪ انسان دوست ۽ غريب ساڃاهه وند ماڻهن جي خدمت ۽ انھن سان محبت ڪندي سڪون محسوس ڪندڙ انسانن مان آهي. مامو رمضان فرشته صفت رکندڙ هڪ سچو ۽ نيڪ خيالن جو مالڪ آهي. هن هميشه غريب ۽ بيوس، بي سھارا يتيم ماڻهن جي مدد ڪرڻ کان ڪين ڪيٻايو آهي، پوءِ ڀلي ڏينھن هجي يا رات، هن پنھنجي ڳوٺ ٻلهڙيجي ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن، جن ۾ بنيادي سھولتون، جھڙوڪ بجلي، روڊ رستا، صحت، تعليم، صفائي جھڙن ڪمن ۾ ۽ ٻين ڪيترن ئي ڪمن ۾ سماجي ورڪر طور ڪم سرانجام ڏنا آهن. انھن ڳوٺن جا ماڻهو مامي رمضان جي خدمتن، محبت جي ساراهه ڪندي ناهن ٿڪيا. اڄ به مامي رمضان جي ڪيل محنت، خدمتن جا سھڻا لفظ پنھنجي زبان تي آڻيندي فخر ڪندا رهن ٿا.
    ڳوٺ ٻلهڙيجي، بگي، ٻنڊي، برادي ساريه، الھيار ساريو، غلام محمد ساريو، فتح محمد اعواڻ، ليماڻي ساريا، ملان ساريا، حاجي مشوري، ڍنڍ، جمن اعواڻ، امام بخش ملاح، ڀلي ڏنو بيھڻ سميت ٻين ڪيترن ڏوڪري تعلقي جي مختلف ڳوٺن جي هر ذات، هر طبقي، هر مذهب، هر فرقي جي ماڻهن جي خدمت ڪئي آهي.
    تعلقي ڏوڪري جي مختلف يونين ڪائونسلن جي ٻھراڙيءَ وارن ڳوٺن ۾ ڪيترا ئي منجهيل مسئلا مختلف طريقي سان حل ڪرائيندو رهيو آهي، مامو رمضان هر ڪم ۾ سچائي، ايمانداري ۽ بنا ڪنھن لوڀ لالچ جي غريب ماڻهن جي ڏکئي وقت ڪم اچڻ ۾ پٺتي ناهي هٽندو. هن سدائين غريب بي سھارن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪيا آهن ۽ هڪ دفعي مامي سان ملڻ لاءِ دل چيو، مامي جي گهر جي ڳليءَ تي بيھي سڏ ڪيم ته ”مامي پنھنجي گهر واري کي مونکي گهر وٺي اچڻ لاءِ چيو، پوءِ مان مامي سان مليم. ان وقت مامو رمضان هيپاٽائيٽس سي جي موذي مرض ۾ مبتلا هيو. مامي کي ڪاري سائي جي ويڪسين ڪورس بلڪل ڪمزور ڪري ڇڏيو هيو. پر پوءِ به مامي کي ڳوٺ جي غريب ماڻهن جو تمام گهڻو فڪر هيو. ان وقت ڳوٺ ۾ بجليءَ جو وڏو بحران هو. تيز گرميءَ جي ڪري ڳوٺ ۾ بجلي جو ٽرانسفارمر سڙي ويل هئا. ڳوٺ ڪافي ڏينھن کان اوندهه ۾ هيو. ڳوٺ جي بجلي ٽرانسفارمرن کي ٺھرائڻ لاءِ ڏهه هزار روپيه گهربل هئا، تنھن تي مامي رمضان ڳوٺ ۾ سرنديءَ وارن ڏي وڃڻ لاءِ چيو، انھن کي اهو چئو ته ”مامي رمضان چيو آهي ته ڪجهه ڏوڪڙ هٿ ڪري ڳوٺ جي بجلي بحال ڪرايو ۽ ڳوٺ کي روشن ڪريو.“
    مامو رمضان پنھنجي دوستن جي مدد سان سماجي ڪمن ۾ نمايان رهيو. دوستن جو سٺو رويو ۽ گهڻي ساٿ مامي کي ڪڏهن به اڪيلو ڪونه ڇڏيو. مامو رمضان ڀٽائيءَ جي پارکو سنڌ جو سھڻو شاعر اديب ليکڪ، ڏاهو انسان انور پيرزادو کان گهڻو ڪجهه پرايو ۽ ان سان تمام گهڻي محبت ڪندو رهيو آهي. اڄ به مامو رمضان ان عظيم انسان جي ساراهه ڪندي نٿو ٿڪجي. مامو رمضان ٻين دوستن سماجي ورڪرن جن ۾ محبت حسين پيرزادو، ڪامريڊ ٺارو خان ماڇي، گلاب خان پيرزادو، طالب حسين چنو، اديب ليکڪ محمد علي پٺاڻ جن جي خدمتن ۽ محبت جا ڳڻ ڳائيندو رهندو آهي.
    سماجي ڪم ڪرڻ جي حوالي سان مامي رمضان وٽ هڪ انسان دوست آيو ۽ مامي کي چيائين، ”ماما رمضان هاڻي توهان انسان ذات جي تمام گهڻي خدمت ڪئي آهي، سو توهان عمري جي سعادت ڪرڻ جي تياري ڪريو.“ مامو لکندو رهيو ۽ چيائين ته،”توهان کي الله سائين خوش رکي، پر ايتري مون ۾ قوت ڪاٿي آهي. هڪ ته مان مس بيماريءَ مان اٿيو آهيان ۽ ٻيو ته مان پنھنجي گهر جو اڪيلو سربراهه آهيان. اهو خرچ مان ڪٿان آڻيندس؟“
    ان ئي ساڳي دوست مامي رمضان کي جواب ڏيندي چيو ته، ”ماما توهان کي خرچ ڪرڻ جي ڪابه ضرورت ناهي ۽ توهان پنھنجي تياري ڪريو. تنھن تي ان عظيم انسان دوست جو شڪريو ادا ڪندي لفظ دعا جا زبان تي آڻيندي چيو ”الله سائين توهان کي خوش رکي، توهان سدائين شاد ۽ آباد رهو.“
    **


    نئين نسل جو رول ماڊل : زرار پيرزادو

    سنڌ اندر ڪي اهڙا به املهه ڪردار موجود ملن ٿا جيڪي حڪومتن ۽ حۡڪمرانن کان وڌيڪ انفرادي طور تي غريب، بي پھچ ۽ ستايل ماڻهن کي پنھنجي مدد پاڻ جي بنياد تي رليف پھچائڻ واري عظيم مقصد سان جنبيل رهن ٿا.
    اهڙن ڪردارن ۾ پراڻي ٻلهڙيجيءَ جو مامو رمضان ساريو به هڪ آهي، جيڪو هر ماڻهوءَ کي ”مامو“ چئي مخاطب ٿيندو آهي ۽ انھيءَ پنھنجائپ ڪري ٻيا ماڻهو به موٽ ۾ کيس ”مامو رمضان“ ڪري ڪوٺيندا، ڄاڻيندا توڙي سڃاڻيندا آهن.
    مامو رمضان انور پيرزادي جي شخصيت، سندس انسان دوستي ۽ سندس پاران ٺاهيل ”ڳوٺ سڌار سنگت“ ۾ پنھنجي مدد پاڻ تحت ڪم ڪرڻ وارين شاندار ۽ اتساهيندڙ روايتن کان متاثر ٿي ”سماجي مسيحا“ بڻجڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پنھنجي زندگي هن عظيم مقصد لاءِ ارپي ڇڏي آهي.
    مامو رمضان ساريو پنھنجن ڳوٺاڻن جي مسئلن کي پنھنجا مسئلا سمجهندي حل ڪرائي، اجتماعي توڙي انفرادي طور تي سندن ڪم ڪري ٿو، پاڻ هيپاٽائيٽس جو مريض هوندي به پنھنجي بيماري وساري ٻين بيمارن ۽ لاچارن کي اسپتالن ۾ پھچائي، چندو چاڙي ڪري سندن علاج ڪرائي ۽ دوائون وٺي ڏياري ٿو.
    پنھنجي ننڍڙي گهر جي اڌ حصي کي ”ڇوڪرين جو اسڪول“ بڻائي ڇڏيو اٿائين ته جيئن ڳوٺ جون غريب نياڻيون تعليم جي زيور کان محروم نه رهجي وڃن.
    مامي رمضان جو هڪ منفرد ڪم اهو به آهي ته هن پنھنجي گهر اندر ئي سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ صحافتي شخصيتن جا پروفائيل، سندن تخليقي مواد، اهم خبرن، مضمون ۽ اشوز کي سھيڙي انھن جا الڳ فائيل ٺاهي رکيا آهن، جيڪي سون ۾ آهن يعني سنڌ جي تاريخ، ڪردارن، اشوز ۽ واقعن بابت ڇپيل مواد کي دستاويزي شڪل ڏئي ڇڏي آهي.
    ڪنھن به ماڻهوءَ کي جيڪڏهن سنڌ جي ڪردارن يا ڪو تحريري مواد يا ريفرنس گهربو ته اهي مامي رمضان ساريي سان رابطو ڪري پنھنجو مسئلو حل ڪري سگهن ٿا.
    سو مامو رمضان ساريو بيشڪ بي لوث ڪردار آهي، جيڪو انتھائي خاموشي سان، ڪنڊ وٺي بنا جتائڻ ۽ پڏائڻ جي يا ڪنھن دعوى جي هو مسڪين ماڻهن جي هر ممڪن ۽ جائز طريقي سان مدد ڪري رهيو آهي.
    سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن ميڊيا سنڌ جي اهڙن انسان دوست ۽ هڏ ڏوکي ڪردارن کي ”هيرو“ ۽ ”رول ماڊل“ ڪري پيش ڪري ته جيڪر هر ماڻهو ”مامو رمضان ساريو“ بڻجڻ جو اتساهه حاصل ڪندي بي پھچ ۽ مسڪين ماڻهن لاءِ ”مسيحا“ بڻجي پوي.

    **


    لٽل ماسڪو جو سماج سڌارڪ: مامو رمضان : سيد جاويد شاهه

    لاڙڪاڻي کان 35 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي قديم تھذيب موهن جو دڙو جي ڪُک ۾ آباد وسندي ”ٻلهڙيجي“ جنھن کي لٽل ماسڪو به سڏيو ويندو آهي. تـَنھن جو رهواسي محمد رمضان ساريو 1955ع ۾ هن ڳوٺ ۾ ڄائو، پنج درجا پرائمري پاس ڪيائين. کيس 5 نياڻيون آهن ۽ پٽ جو اولاد ڪونھي. نياڻين کي تعليم ڏياريائين جيڪي هاڻي اسڪل ۾ ٻارن کي علم سيکارين ٿيون ۽ والد سان گڏجي خدمت خلق ۾ حصو وٺن ٿيون. هن ڳوٺ جي وڏي ماڻهوءَ انور پيرزادو 1982ع ۾ ”ڳوٺ سڌار سنگت“ قائم ڪئي جنھن ۾ محمد رمضان ڀرپور حصو ورتو. سماجي ڪمن ۾ هر ماڻهوءَ جي ڪم اچڻ سبب کيس سڀ ماڻهو عورتون، مرد توڙي ٻار ”مامو“ سڏڻ لڳا ۽ هاڻي ”مامو رمضان“ ڄڻ سندس نالو پئجي ويو آهي. هنن ڳوٺ سڌار سنگت جي پليٽ فارم تان ڳوٺ جي گهٽين ۾ مٽي مٿي تي ڍوئي وجهي گهٽيون مٿي ڪيون. ناليون ٺھرايون. ڪچي سڙڪ ۾ کڏا کوپا مٿي وجهي سنوت ۾ آندو. هن بيمار ماڻهو جو چندو ڪري علاج ڪرائڻ جو ڪم ڄڻ ٺيڪي ۾ کڻي ڇڏيو آهي. بيمار ماڻهن جي خدمت، تيمارداري ۽ ان جي بيماريءَ جي علاج لاءِ ڪراچي تائين سمورا اخراجات ڀرڻ جو ذمو کڻي ڇڏيو آهي. هن پنھنجي سماجي تنظيم ”انڊس ڊولپمينٽ ايسوسيئيشن“ جو بنياد رکيو ۽ ڊاڪٽر زبيده پيرزادو جي نالي سان ڪلينڪ قائم ڪئي. گلاب پيرزادو صدر ۽ مامو رمضان فنانس سيڪريٽري چونڊيو. مامو رمضان غريب ۽ بي پھچ مريضن جي علاج لاءِ در در وڃي رقم گڏ ڪندو آهي. سندس ڪرياني جي دوڪان ۾ سماجي ڪمن جا 800 فائيل رکيل آهن، جنھن ۾ اخبارن جون ڪٽنگز، مضمون، نيوز وغيره شامل آهن. بيمار ماڻهن کي چندو گڏ ڪري ڪراچي جي جناح اسپتال، سول اسپتال، ڊائو ميڊيڪل ڪاليج جي اسپتال ۽ انڊس اسپتال ڪورنگي توڙي اوجها اسپتالن ۾ اڄ تائين هزارن جي انگ ۾ وٺي وڃي علاج ڪرائي چڪو آهي. عورت مريضن جي تيمارداري لاءِ سندس گهر واري غلام سڪينه ۽ ڌيءَ روبينه پڻ گڏ هلنديون اٿس. بلدياتي اليڪشن ۾ چار دفعا اليڪشن کٽي ڪائونسلر ۽ زڪوات جو چيئرمين ٻه دفعا چونڊيو آهي. ڳوٺ ۾ چوپائي مال کي بيمارين ۾ مفت ويڪسين ڪرائيندو آهي. هيپاٽائيٽس ، ڪتي ۽ نانگ جي چڪ جي ويڪسين ڪرائيندو آهي.
    نواز شريف جي زماني ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن دوران پوليس درياء جي پتڻ تان ٻيڙيون هلائڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي هئي جنھن ڪري ڪچي جي هزارين ماڻهن کي اچڻ وڃڻ ۾ تڪليف ٿي پئي. مامو رمضان ٻيڙي جي پابندي ختم ڪرائڻ لاءِ درخواست لکي ته خوف سبب ڳوٺ جي ڪنھن به ماڻهوءَ صحيح نه ڪئي پر مامو رمضان ان وقت جي ايس ڊي ايم علي اڪبر هڱورو کي درخواست ڏئي ٻيڙي هلائڻ جي پابندي ختم ڪرائي، جنھن تي ماڻهن کيس دعائون ڏنيون. سڄي ڳوٺ جي هر گهر ۾ مامو رمضان وڃي سگهندو آهي. ڪابه عورت هن کان پردو نه ڪندي آهي. لٽل ماسڪو عرف ٻلهڙيجي ڳوٺ ۾ بجلي اسپتال، سئي گئس، لائبريري، گرلس ۽ بوائز اسڪول ۽ مڊل اسڪول جون سھولتون موجود آهن. ماما رمضان جي حسرت/ خواهش آهي ته ڪوئي سخي يا حڪومت ايمبولينس گاڏي فراهم ڪري ته جيئن مريضن کي علاج لاءِ ڳوٺ کان تڪڙو شھر اسپتالن تائين پھچائي سگهجي.

    **


    مامو رمضان ساريو : عوام دوست ڪردار : زرار ٻگهيو

    دنيا ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو ٿيندا آهن، هڪڙا اهي ماڻهو هوندا آهن جيڪي صرف ۽ صرف پنھنجي لاءِ سوچيندا آهن ۽ اهي لالچي ماڻهو هوندا آهن، پر ٻيا اهي ماڻهو هوندا آهن جيڪي پنھنجي لاءِ نه جيئندا آهن، سي عام نه پر غير معمولي ماڻهو هوندا آهن، ٻلهڙيجي ڳوٺ جو مامو رمضان ساريو به اهڙن غير معمولي ڪردارن مان هڪ آهي.
    مامو رمضان ساريو سماجي سرگرمين ۾ تمام گهڻو اڳڀرو هوندو آهي، هن پنھنجي سڄي زندگي ٻين لاءِ ارپي ڇڏي آهي.
    مامو رمضان ڳوٺ ٻلهڙيجي جي هر ماڻهوءَ جو خيال رکندو آهي ۽ ان جي ڳالهائڻ جو بااخلاق انداز، ورتاءُ سڀ شيون تعريف لائق آهن. اڄ به مامي رمضان ساريي جي گهر ۾ اين جي اوز جي اسڪول جون ماسترياڻيون سوَ جي لڳ ڀڳ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مفت تعليم ڏينديون آهن. اهڙو گهٽ مثال ملندو ته ڪنھن شخص نياڻين جي تعليم لاءِ پنھنجي گهر کي اسڪول بڻائي ڇڏيو هجي.
    هن هڏ ڏوکي ۽ انسان دوست شخص سان سندس سماجي خدمت ۾ ڪير ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ چاهي ته هو مامي رمضان سان سندس موبائيل نمبر: 03473595447 تي ساڻس رابطو ڪري سگهي ٿو.

    **


    هِن جي ڪري ئي ڪيترن گھرن جي چُلھه ٻَري ٿي : شھباز پيرزادو

    سنڌ ڌرتيءَ هميشه پنھنجي ڪـُک مان انمول هيرا پيدا ڪيا آهن، مامو رمضان ساريو به هڪ اهڙو ئي انمول هيرو آهي، جيڪو سماجي ڪمن ڪارين ۾ اڳ کان اڳرو رهيو آهي ۽ سماجي ڪم ڪرڻ کان ڪڏهن به نه ڪيٻايو اٿائين. مينھن هجي يا جُهڙ، گرمي هجي يا سردي مامو رمضان ڪنھن به تڪليف جي پرواهه نه ڪندي عام ماڻهن جا ڪم ڪندو آهي ۽ عام ماڻهن جي ڪمن کي ئي عبادت سمجهيو اٿائين. کلڻي ملڻي مامي رمضان ۾ مون ڪڏهن به لالچ، ڪاڙ ۽ وڏائيءَ جو عنصر نه ڏٺو آهي. پاڻ پنھنجي گهٽيءَ کان ويندي پاڙي جي مسجد تائين اهڙا چڱا ڪم ڪندي مامي کي ذهني سڪون ملندو آهي.

    مامو رمضان ڳوٺ جو هر ڪم ڪندو آهي پوءِ اهو ڪيترو به ڏکيو ڇونه هجي بجليءَ ۽ گئس جي بلن کان ويندي ڳوٺ جي ان غريب ماڻهوءَ جي مدد پڻ ڪندو آهي جنھن وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه به نه هوندو آهي. ڳوٺ جا غريب ماڻهو پنھنجي دل جو سمورو احوال مامي سان اوريندا آهن ۽ مامو کين ساڻ ڪري ڳوٺ جي سرنديءَ وارن ماڻهن وٽ وٺي ويندو آهي ۽ سرندي وارن ماڻهن کي ان غريب جي مدد لاءِ اپيل ڪندو آهي. مامي رمضان جا ڪنھن به سماجي ڪم ۾ ذاتي مفاد ناهن رهيا. مامو جيڪو به ڪم ڪندو آهي ان جو تفصيلي رڪارڊ الف کان يي تائين ٺاهيندو آهي. مامو رمضان ڳوٺ جي هر فرد سان محبت سان ملندو آهي ۽ هر نوجوان کي پيار، محبت ۽ نيڪي جا ڪم ڪرڻ جا ڏس ڏيندو آهي. مامو رمصان ساريو جسماني طور تي ڀلي ئي ڪمزور آهي پر ذهني طور تي ڪارونجهر کان به وڌيڪ مضبوط آهي.
    مامي جو مذهب صرف ۽ صرف انسانيت جي خدمت ئي آهي. مامي رمضان سان پنھنجي گهر واريءَجو به مڪمل ساٿ ۽ سھڪار رهيو آهي. مامي رمضان سارئي جي ڪري اسان جي سماج جي سوين ماڻهن کي اکين جو نور موٽي مليو، سوين شاگردن کي ڊوميسائيل ۽ پي.آر.سيز ٺھي مليا، سوين ماڻهن جي گهر جي وسامي ويل چلهه ٻري، پوءِ اهي ماڻهون ئي آهن جيڪي مامي رمضان کي پنھنجو هيرو سمجهن ٿا.
    ماما رمضان هاڻي ڀلي جسماني طور ڪمزور ٿي پيو آهي پر ڪڏهن به سماجي ڪم ۾ سستي ۽ ڪاهليءَ جو مظاهرو نه ڪيو اٿائين. پاڻ هميشه مونکي امداد حسينيءَ جي هِنن سِٽن جيان لڳندو آهي ته:
    پھاڙ پرزا ٿي پوندا، ٻانھن ۾ جي آهي ٻَل،
    سردي گرمي سِرَ تي سھي، گل جهلي ٿي تڏهن ول.

    مامو رمضان ساريو اسان کي پنھنجي زندگيءَ جا کوڙ سارا تجربا پڻ ٻڌائيندو آهي ۽ هدايت ڪندو آهي ته ڪم اهو ڪيو جنھن مان انسان ذات کي فائدو ملي. اسان جي سماج جو هرهڪ ماڻهو مامي رمضان جھڙو ٿي پوي ته هوند هي سماج جنت کان به وڌ خوبصورت ٿي پوي.

    **


    لاڙڪاڻي جو ايڌي: رمضان ساريو : نديم رضا ميمڻ


    مامو رمضان ساريو جي پيدائش 1955ع ۾ ٿي، شروعاتي تعليم پنھنجي ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ حاصل ڪيائين، سندس پيءُ جو نالو محمد وريام ساريو جيڪو تمام غريب، انتھائي سادگي رکندڙ ماڻهو هو. هو پنھنجي ڳوٺ ٻلهڙيجي جي المدينه جامع مسجد جو پيش امام هو، ان سان گڏ ڳوٺ جي ٻارڙن کي بغير لالچ لوڀ جي قرآن پاڪ جو درس ڏيندو هو. هارپو ۽ مزدوري ڪري گهر جو خرچ پورو ڪندو هو. مامي رمضان ساريي کي انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ جو گهڻو شوق هو پر والدين غريب هجڻ ڪري تعليم ڏياري نه سگهيا. ننڍپڻ ۾ والدين مامي رمضان ساريي کي هڪ ننڍڙو دڪان کولي ڏنو جنھن تي روزگار ڪري گهر جو خرچ پورو ڪندو هو.
    1982ع ۾ تنظيم ڳوٺ سڌار سنگت ٻلهڙيجي جي نالي سان جڙي ۽ مامو رمضان ساريو ورڪنگ ڪميٽي جو ميمبر رهيو، انور پيرزادو، محب پيرزادو، گلاب پيرزادو، لطف پيرزادو، عيدل خان سومرو، ٺارو ماڇي هن تنظيم جا عھديدار رهيا ۽ وڏي جذبي سان ڳوٺ ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا ۽ ٻين ڳوٺن ۾ به ترقياتي اسڪيمون ورتن. اهڙي طريقي سان هر ڪو دوست روزگار ڪرڻ لاءِ مختلف شھرن ڏانھن روانو ٿيا جنھن کان پوءِ محب پيرزادو، مامو رمضان ساريو سماجي ڪمن ۾ حصو ورتو ۽ ٻين ڳوٺ تائين ڪم ڪندا رهيا. مامو رمضان ساريو تنظيم جي طرفان 1991 ۽ 1997ع ۾ ديھه ابڙي پوٽا لوڪل زڪوات ڪميٽيءَ جو چيئرمين ٿيو ۽ مستحق ماڻهن جي لسٽ ٺاهي زڪوات جي رقم ڏيندو هو. اهڙي طريقي سان زڪوات جي فنڊ ورهائڻ سان ڳوٺ جي ڊاڪٽر بشير احمد پيرزدو، ڊاڪٽر فياض پيرزادو کان معلومات وٺندو هو ته ڪٿي اهڙو مريض آهي جنھن جو آپريشن ڪرائجي. اهڙي طريقي سان مامي رمضان ساريي ڪافي مريضن جا مختلف آپريشن مختلف اسپتالن ۾ داخلا وٺي ڪرايا.
    جنھن کانپوءِ ٻين ڳوٺن مان به مامي رمضان ساريي وٽ مريض اچڻ لڳا ۽ انھن مريضن کي به اهڙي طريقي سان زڪوات جي فنڊ مان ۽ مريض جي نالي تي درخواست ضلعي چيئرمين کي ڏيندو هو جيڪو چيڪ ڏيندو هو جنھن کانپوءِ انھيءَ مريض کي چانڊڪا اسپتال ۾ داخلا وٺي ڏيندو هو. نانگ يا ڪتي کاڌل، هيپاٽائيٽس جا مريض ۽ باهه جا متاثر ماڻهو هن وقت تائين مامي رمضان ساريي وٽ ايندا آهن، جن جي مدد ڪندو آهي.
    مامو رمضان ساريو کي ٻه ڀيرا بلدياتي چونڊن ۾ يوسي بگي جي عوام گهڻي کان گهڻا ووٽ ڏنا، جنھن ۾ ناظم محب حسين پيرزادو، نائب ناظم امام الدين ساريو عوام دوست جي پينل تان چونڊجي آيا ۽ پنھنجي يونين ڪائونسل بگي جي ڳوٺن جي ترقياتي ڪمن لاءِ رات ڏينھن محنت ڪندا رهيا.
    2011ع ۾ مامي رمضان کي هيپاٽائيٽس سي ٿي پئي انھن ڏينھن ۾ هن وٽ هڪ ٻڍڙي عورت آئي جيڪا ڳوٺ جي آخري محلي ڀٽائي آباد جي رهواسڻ هئي جنھن مامي رمضان کي چيو ته ”منھنجي گهر کي ماني پچائيندي باهه لڳي وئي آهي، جنھن ۾ گهرو سامان مڪمل طور سڙي ويو آهي، هاڻي منھنجي مدد ڪيو، منھنجا ٻچڙا کلي آسمان هيٺ ويٺل آهن.“ ڳوٺ جي مختلف ماڻهن ڏانھن مان ويس سڀني چيو ته مامي رمضان ڏانھن وڃ.
    ”امڙ، مان ته بيماريءَ ۾ مبتلا آهيان مون کي دعا ڪيو ته صحتياب ٿيان ته اوهان جي لاءِ ڳوٺ مان چندو به ڪندس ۽ درخواست لکي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو کي ڏيندس.“ پر عورت اها ڳالهه نه مڃي ۽ چيائين ته ”منھنجي اڄ ئي مدد ڪيو.“ ٻڍڙي عورت کي مامي چيو ته ”اوهان صبح جو اچجو مان هن بـيمار حال ۾ به اوهان لاءِ ڪوشش ڪندس.“ پوءِ مامي ساريي اهڙو ڪم ڪيو جو اپيل لکي پنھنجي بستري جي پاسي ۾ ديوار تي هڻي ڇڏي، مامي رمضان ساريو ڏانھن جيڪي دوست عيادت ڪرڻ ايندا هئا ته ان ٻڍڙيءَ لاءِ چندو ڏيندا هئا.
    هڪ ڏينھن مامي جا دوست محمد علي پٺاڻ، طالب حسين چنو آيا ته اوهان جو صبح ڪي.ٽي.اين نيوز جي طرفان انٽرويو ٿيندو، ٻئي ڏينھن صبح جو مامي رمضان کان انٽرويو ورتو ويو. ڪجهه ڏينھن کانپوءِ مامي رمضان وٽ هڪ انسان دوست شخص آيو ۽ چيائين ته مان توهان جو انٽرويو ۽ رپورٽ ڪي.ٽي.اين تي ڏٺي آهي، مان ڏاڍو خوش ٿيو آهيان. هاڻي منھنجي طرفان مختلف ڳوٺن مان اکين جا مريض وٺي تعلقي گمبٽ جي اسپتال ۾ آپريشن ڪرائي اچو. اهڙي طريقي سان مامي رمضان ساريو مختلف ڳوٺن ۾ انسان ذات جي خدمت ڪري ٿو. جيڪڏهن مامي رمضان ساريو جھڙا عظيم انسان کليل دل عوام جي خدمت ڪندڙ غريب جي ڏکن کي پنھنجو سمجهندڙ مدد ڪرڻ وارا ماڻهو هرهڪ ڳوٺ ۾ هجن ته عوام کي گهڻو رليف ملي سگهندو. اسان دعاگو آهيون ته مامو رمضان ساريو پنھنجي عمر جا باقي ڏينھن به عوام جي خدمت ڪندي گذاري.
    **


    اونداهيءَ ۾ سوجھرو : الھه وسايو سولنگي


    طبيعت ۾ ميٺاس، قد جو وچولو، خلقِ خدمت جي سوچ ۽ فڪر ۾ هڏين هيڻو، هٿن ۾ فائيلن ۽پنن جا ڍير، منھن ۾ مُرڪ جھڙو انسان مامو رمضان علائقي جي سوين ڳوٺن ۾ هڪ مسيحا طور تي سڃاتو ويندو آهي. هن ارادي ۽ عمل کي هينئن ثابت ڪيو آهي ته صرف جيئڻ، پيٽ پالڻ ۽ مري وڃڻ زندگيءَ جو نالو نه آهي. پر مقصد خاطر جيئڻ مرڻ بعد ماڻهن جي اکين جا لڙڪ بڻجڻ ۽ پنھنجن ڪارنامن جا ڌرتيءَ تي پيرا ڇڏڻ ئي زندگيءَ جو نالو آهي. پر مقصد خاطر جيئڻ مرڻ بعد ماڻهن جي اکين جا لڙڪ بڻجن ۽ پنھنجن ڪارنامن جا ڌرتيءَ تي پيرا ڇڏڻ ئي زندگيءَ جو نالو آهي. مامي جي زندگيءَ ۾ جڏهن به جهاتي پائي واريءَ تي وجود جا نشان ڇڏي وڃڻ ئي زندگيءَ جو اصل ڪارج آهي. زندگيءَ جا سڀ پاسا جيڪڏهن سماج ۾ رهندڙ پيسيل ۽ جبر ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ ڪتب آندا وڃن ته هر ماڻهو مامي رمضان وانگر زندگيءَ ۾ وڏو مان مرتبو حاصل ڪري سگهي ٿو .
    پوئتي پيل علائقن ۾ جتي وڏيرن ۽ ڀوتارن جا ڪلور اوج تي آهن، اتي مامي رمضان جھڙا ڪردار ماڻهن کي آٿت، ڀروسي جو اهڃاڻ ڏين ٿا. طبقاتي نظام جي چڪيءَ ۾ پيسجندڙ ماڻهن لاءِ هنن سماجي ڪردار ڄڻ ته ماڻهن کي جان بخشي ڇڏي آهي، ڳوٺن ۾ جتي وڏيرن ماڻهن جون مَتيون منجهائي ڇڏيون آهن، اُتي تاريخ، ساک سان شاهدي ڏيندي ته مامي رمضان جھڙا ڪردار اونداهيءَ کان سوجهري ۾ آڻڻ لاءِ جيڪي جتن ڪيا آهن، اُهي ضرور ساڀ ٿيندا.
    هو پنھنجي هڙان وڙان بنا لالچ لوڀ جي عوامي جذبي سان خلقِ خدمت ۾ مصروف عمل آهي، اهو تاريخ جو اهو اولڙو آهي، جيڪو هر بيوس ماڻهوءَ جي اڱڻ ۾ نظر ايندو آهي.
    مامو، موت سان به وڙهيو آهي، ۽ ڀٽائيءَ جي هنن لفظن سان موت کي به للڪاريو آهي،
    اونچو اوتاهون گهڻو، جيئڻ کي جبل،
    مرڻ مون سين هل، ته پـُٺـيءَ تو پنڌ ڪريان. (شاهه)
    لطيف جي فڪر ۽ فلسفي تي هلندڙ هي شخص هن عمر ۾ جيئڻ جي سگهه ساري ٿو ۽ ڪوشش ۾ آهي ته تاريخ جي هر موڙ تي جدوجھد ۽ جاکوڙ جو عَلَمُ سدائين اونچو رهي. مامي رمضان جو هي انسان دوستيءَ وارو ڪردار نڀائي سڀني پاسن کان پورو لھي ٿو. هو ئي ڀٽائيءَ جو کاهوڙي آهي، جيڪو دنيا کي مانجهاندي جو ماڳ محسوس ڪري سدائين خدمتن جي سفر ۾ رهيو آهي، اسپتالن جي پنڌن کان وٺي ٻين ڪم ڪارين ۾ مصروف عمل هي شخص هر وقت گهر کان پري ۽ ٻين جي خدمتن ۾ هوندو آهي، ڪو مريض ڪراچيءَ يا حيدرآباد ايندو ته گهر جا ڀاتي آرامي هوندا پر سفر يا اسپتال جا ڌڪا مامو کائيندو جڏهن به حيدرآباد مريضن کي وٺي ايندو آهي ته رابطو ضرور ڪندو آهي ته ماما فلاڻي مريض کي وٺي هن اسپتال ۾ آيو آهي ته ماما فلاڻي مريضن کي وٺي هن اسپتال ۾ آيو آهيان، پوءِ مامي سان اُتي وڃي سلام ڪبو. مريض سان گڏ سندس ڪو عزيز، مٽ، مائٽ نه هوندو، هوندو ته مامو هوندو پوءِ ڀلي ڪيترا ڏينھن لڳي وڃن يا وري ڪراچي هوندو ته ڪڏهن ڪڏهن به مامو عيد براد تي به سفر ۾ هوندو آهي. جس آهي ان عورت کي جيڪا مامي جو گهر هڪ مڙس ماڻهوءَ وانگر هلائي رهي آهي، ٻھراڙيءَ جي عورت هجڻ سان گڏ مامي هن کي پاڻ وانگر ايڏو ته انسان ذات لاءِ هڏ ڏوکي ڪري ڇڏيو آهي، جو مامي کي هڪ پل لاءِ به گهر جو اونو نه هوندو آهي، هنن ڪردارن کي ڏسي محسوس ٿيندو آهي ته اڃا انسانيت ختم ناهي ٿي، جيئن ڀٽائيءَچيو آهي ته:
    ”پنھو ٿيس پاڻ، سسئي تان سور ويا.“
    جنھن دور ۾ اهڙن ڪردارن تي نه صرف لکجي پر انھن ڪردارن تي وڏا سيمينارَ ڪرائجن جيئن ماڻهن کي آگاهه ڪجي ته سياست انقلاب، رومانٽڪ، پيار، اظھار ته ختم ٿي سگهن پر هن قسم جون قربانيون انساني جياپي لاءِ هڪ اتساهه آهن، مامو رمضان ڀلي پاڻ کي غربت واري احساس ۾ نه آڻيندو هجي پر مون کي مامي کي ڏسي ڀٽائيءَ جون هي سٽون ضرور ياد اچي وينديون آهن ته:
    ليڙون ليڙ ٿيوم، سبان تان نه سبجي،
    جانچي جا ڏٺوم، ته اندر نه سبجي اڳڙي. (شاھ)
    ماڻهو ته اڄ وڏي ماڻهوءَ تي نظر وجهي رکندا آهن جنھن وٽ وڏيون گاڏيون، وڏا ٺٺ ٺانگر پر انھن ماڻهن کي خبر ئي ناهي ته هي ظاهري ڏيک آهن ۽ انساني جذبي ۽ پرگهور لھڻ وارا هميشه مامي رمضان جي پڇا ڪبي ته ڪڏهن خبر پوندي ته گمبٽ، ڪڏهن ڪراچي ته ڪڏهن ٻئي شھر ڏس پوندو. اهو جذبو نه صرف نئين نسل کي آگاهي آهي پر مامي جھڙن ڪردارن جي اڳڀرائي آهي.
    آءٌ هنن چئن سٽن ۾ مامي رمضان سان انصاف ته نٿو ڪري سگهان پر ضمير جي شاهدي ڏيان ٿو ته ”تون تاريخ جو اهو ڪردار آهين جو تاريخ توکي ايندڙ صدين تائين ياد ڪندي .“

    **


    هڪ املهه انسان: مامو رمضان : شان ٻگهيو

    مامو رمضان ساريو هڪ سماجي ورڪر جي حيثيت ۾ هڪ قومي ڪارڪن ۽ هڪ جدوجھد جي علامت آهي.
    سماجي ورڪر ڪو معمولي مقام نه آهي جو هڪ ڏينھن جي خواهش ڪرڻ سان ملي وڃي. ماڻهن جو رويو هلت چلت مسئلن کي منھن ڏيڻ کان وٺي ماڻهن جي بلن، ڪارڊن، مالي مسئلن، ميلن ملاکڙن، مسجدن ۽ ٻين ڪمن ڪارين ۾ پاڻ رڌل هوندا آهن. ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ جنم وٺندڙ مبهم ٻار جڏهن هن سماج ۾ اکيون کوليون ته مٿس قدرتي خوبيون انسان ذات لاءِ ملال ٿينديون ويون. سنڌي ادب جي وڏي نالي، شاعر ۽ شاهه جي پارکو انور پيرزادي جي صحبت ۾ اچي انسان ذات جي خدمت ڪرڻ جي سوچ هڪ ايام ٿي اڀري پر افسوس جو هي نوجوان پاڪستان آزاد ٿيڻ کانپوءِ ايوب خان جي دور حڪومت ۾ اسڪول ۽ ڪاليجن جي سھولت موجود نه هئي جو هي نوجوان اڳتي پڙهي سگهي. مامو رمضان پنھنجي تعليم پنج درجا سنڌي پاس ڪري اچي انسان ذات جي خدمت ڪرڻ ۾ مصروف رهيا ۽ هڪ سماجي ورڪر جي حيثيت ۾ پاڻ کي اجاگر ڪرڻ ۾ مشغول رهيو، ڪنھن شآعر جون سٽون ياد اچي رهيون آهن ته؛

    ڇاجي لاءِ تنھنجي منھن تي رنج ۽ ملال آ،
    حڪم ڪر مان حاضر آهيان، جھڙو منھنجو حال آ.

    مامي رمضان ساريي جي اها هڪ خاصيت رهي آهي ته هو ڳوٺ وارن کي جيتوڻيڪ صلاحون ڏيندا آهن پر پاڻ به ان عمل ۾ اڳڀرا هوندا آهن. مامو رمضان ساريو کي ڳوٺ جا ماڻهو پيار ۽ پاٻوهه مان مامو ڪري سڏيندا آهن. مامو رمضان انھيءَ انسان جو نالو آهي جيڪو ٻين جي درد کي پنھنجو محسوس ڪري مسئلن جو حل ڪڍندا آهن پر جڏهن گذريل عيد تي اسين نماز پڙهي گهر ڏانھن واپس پئي وڃي رهياسين ته پاڻ منھن تي مرڪ آڻي وڏن توڙي ننڍن ٻارن سان ڀاڪر پائي عيد جون مبارڪون ڏيندو رهيو. مامي رمضان سان ملڻ بعد مان سوچڻ لڳس ته سلام هجي هن شخص کي جيڪو هر هنڌ ماڻهن جي خوشين سان گڏ پنھنجو من پيو ريجهائيندو آهي، هونئن ته ڪيترائي سماجي ورڪر ڏٺا ۽ پڙهيا پر مان مامي رمضان جھڙي انسان دوست ورڪر کي نه ڏٺو، پر افسوس جو مامي رمضان ساريو کي هيل تائين، اسان جي وفاقي ۽ صوبائي حڪومت توڙي انساني حقن وارين تنظيمن جي عملدارن طرفان ڪو ايڪسيلنس ايوارڊ ملي نه سگهيو آهي. هونئن ته لاڙڪاڻو ضلعو ادب ۽ شعور جي لحاظ سان بھتر ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو پر اهو ڪنھن نه سوچيو ته ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ به ڪو عبدالستار ايڌي رهي رهيو آهي. منھنجي اتان جي چونڊيل نمائندن کي هڪ گذارش آهي ته هن املهه انسان کي ڪو سول ايوارڊ سان نوازڻ جو جوڳو بندوبست ڪيو وڃي. اهڙن انسانن جي همٿ افزائي ڪرڻ سان اسان جي سماج ۾ انسان ذات جي خدمت ٿيندي رهندي. تعليم ۽ تربيت ۾ واڌارو ٿي سگهي ٿو ڇو ته تعليم جو اهو ئي ذريعو آهي.
    اهڙن انسانن جي همت افزائي ٿيڻ سان سماج ۾ جهيڙا، ڦرمار، جاهل پڻو گهٽجندو رهندو، اسان کي اهڙن ماڻهن کان سکڻ گهرجي، انھيءَ انسانيت کي اڪيچار ڪجي، خاص طور تي منھنجي ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ جي نوجوانن کي اهڙن ماڻهن کان سکڻ گهرجي، انسانيت جو درد سمجهڻ جي ڪوشش ڪن ۽ انھيءَ مقام تي اچي پاڻ مڃائين، ڇاڪاڻ ته نوجوان اسان جي معاشري ۾ تبديلي آڻڻ جو حوصلو، طاقت ۽ عزم رکندا آهن. ان لاءِ تعليم، تربيت ۽ ترقيءَ جي سخت ضرورت آهي. شاهه سائينءَ جون سِٽون مامي رمضان جي نالي ؛
    مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرين کي،
    ڪري نه سگهان ڪاءِ، انھيءَ سندي ڳالھڙي.
    (شاهه)
    **


    ”منهنجو بابا “ : نياڻي ياسمين بانو

    بابا سائين، ڳوٺ جي هر فرد ننڍو هجي يا وڏو سڀني سان نوڙت سان پيش ايندو آهي. سڀئي کيس ماما جي نالي سان مخاطب ٿيندا آهن، ڪيترائي سماجي ورڪر آهن پر بابا سائين هڪ ناياب انسان آهي جيڪو پنھنجي سچائي ۽ ايمانداريءَ سان بنا ڪنھن لوڀ ۽ لالچ جي انسان ذات جي خدمت ڪندو رهي ٿو. بابا سائينءَ وٽ اٺ سئو فائيل جمع ڪيل آهن جن ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو، سندس نياڻي محترمه بينظير ڀٽو، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، اڳوڻو صدر آصف علي زرداري صاحب، سوڀو گيانچداڻي، چاچا انور پيرزادو، مختلف شاعر، اديب، ليکڪ وغيره ۽ سنڌ ۾ ٿيندڙ عورتن تي تشدد وغيره جي خبر پڙهي انھيءَ کي ڪٽنگ ڪري رکندو آهي، جيڪي ڪنھن جي خبر اخبار ۾ ايندي آهي ته اُها ان ماڻهوءَ کي به ياد نه رهندي آهي ته ڪھڙي تاريخ يا ڪھڙي ڏينھن خبر ڇپي هُئي، پر اهي سڀئي خبرون هن ننڍڙي دڪان ۾ آهن جيڪو ڪم ادارو ئي ڪري سگهي ٿو.
    اهو ڪم هڪ فرد ڪري رهيو آهي، ان سان گڏوگڏ ڪارڊ، ڊوميسائيل وغيره ٺھرائڻ، بجلي ۽ گئس جا بل کڻي در در پھچائڻ. ان کان پوءِ پئسا ۽ بل واپس آفيس ڏانھن کڻي وڃڻ انھن آفيسرن کي سنڀالي ڏيڻ جو ڪم پڻ ڪندو آهي.
    بابا سائين وٽ مريض ماڻهن جو تمام گهڻو قدر هوندو آهي، ڇو ته پاڻ به سدائين علاج کائيندو رهي ٿو. پاڻ سدائين بيمار رهڻ سبب به ٻين ماڻهن جي ڪم ايندو آهي، ڏينھن هجي يا رات جڏهن ڪو مريض بابا ڏانھن آيو چيائين ته،”ماما رمضان، مون کي اسپتال وڃڻو آهي توهان اسان سان گڏ هلو.“ ته بابا سائين انھيءَ ماڻهوءَ سان گڏجي ويندو آهي. ائين ڪيترائي ڀيرا اتفاق ٿيو آهي، ته بابا سائين ڪراچيءَ کان ايندو آهي ته انھيءَ ڏينھن ڪو ماڻهو آيو پر پوءِ به بابا سائين انھيءَ ماڻهوءَ کي جواب نه ڏيندو آهي، انھيءَ سان گڏجي ڪراچي ويندو. بابا سائين پنھنجي ننڊ ۽ سڪون لاءِ نه سوچيندو آهي ۽ چوندو آهي ته ”انھيءَ مريض کي شفا ملي اهو ئي منھنجي لاءِ سڪون آهي“. بابا سائين اڃا گهر ايندو آهي ته ڪنھن در تي سڏ ڪيو ته بابا تيار ٿيل ماني به نه کائيندو آهي، ان ماڻهوءَ جي ڪم سانگي ويندو آهي.
    اهڙا نيڪ دل انسان تمام گهٽ آهن، بابا سائين ايترو ته سادو آهي جو ڪنھن به انسان سان وڏائي نه ڪندو آهي. بابا سائين پاڻ کي هميشه گهٽ رکندو آهي. تڪبر ۽ وڏائي هرگز نه اٿس. جامع مسجد جي صفائي ۽ محلي جون گهٽيون به پاڻ صاف ڪندو آهي. بابا سائين ڳوٺ هوندو آهي ته گهٽين صاف سٿريون ڇڻڪار ڏنل ۽ مھڪندي نظري ايندو آهي.
    بابا سائينءَ جو گذارو هڪ ننڍڙي دڪان تي آهي، جنھن ۾ ٻاراڻيون شيون رکيل آهن. بابا سائينءَ کي پٽاڻو اولاد نه آهي. پنج نياڻيون اٿس پر نياڻين لاءِ چوندو آهي ته ”اهي منھنجون نياڻيون نه پر منھنجا پُٽ آهن“. بابا سائينءَ جون نياڻيون گهر ۾ پورهيو ڪنديون آهن. بابا سائين جڏهن ڪراچي ويندو آهي ته صرف رب پاڪ جو نالو گهر ڇڏي ويندو آهي ۽ اسان نياڻين جي به هر وقت اها دعا آهي ته رب پاڪ بابا سائينءَ کي پنھنجي حفظ و امان ۾ رکندو، ڇو ته بابا سائين ئي اسان جو هن دنيا ۾ سھارو آهي ۽ منھنجو عرض آهي ته ٻلهڙيجي جي نوجوان ڀائر کي ته چاچا انور پيرزادو ۽ بابا رمضان سارئي جي ڏنل واٽ تي هلن ۽ انھيءَ روشن ڏيئي کي هميشه روشن رکن.
    **


    سماج سڌارڪ: ” بابا سائين “ :روبينه بانو

    بابا سائين ننڍپڻ کان صرف اهو سکيو آهي ته انسان ذات جي خدمت ڪرڻ. گهرجي جڏهن به وٽس ڪو ماڻهو ايندو آهي ته هو ان جي مدد ڪندو آهي. پنھنجو هجي يا پرايو جيڪڏهن ڪو ماڻهو تمام گهڻو غريب آهي ۽ هو علاج جو خرچ برداشت نٿو ڪري سگهي ته هو بابا سائين کي ڳالهه ڪندو ته ماما سائين منھنجو هي حال آهي، پوءِ ڀلا مان ڪيڏانھن وڃان؟، بابا سائين کيس دلجاءِ ڏيندو آهي ۽ پين پنو کڻي لسٽ ٺاهيندو پاڻ ڳوٺاڻن جي دَر دَر وڃي اها ڳالهه سامھون رکندو آهي پوءِ هو ڳوٺاڻو پنھنجي وس آهر چندو ڏيندو آهي ۽ ڪو به کيس خالي نه موٽائيندو آهي، ڇو جو هي تمام بھترين انسان آهي ۽ ڪوڙ نه ڳالھائيندو آهي. مختلف بيمارين ۾ مبتلا ماڻهن جا آپريشن، رت جو بندوبست ڪري، انھن کي صحتياب ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي.
    بابا سائين هيپاٽائيٽس جي موذي مرض ۾ مبتلا هوندي به بستر ڇڏي ٻين جي ڪم ايندو آهي. بابا سائين هر ماڻهوءَ سان ادب احترام، نوڙت سان ملندو آهي. اڄڪلهه جي هن نفسانفسي واري دور ۾ سڀ ڪو صرف پنھنجي لاءِ سوچي ٿو. بابا سائين هڪ واحد شخص آهي جيڪو انسان ذات لاءِ غور ۽ فڪر ۾ رهي ٿو. ٻئي جي ڏک کي پنھنجو ڏک ۽ ٻين جي خوشيءَ کي پنھنجي خوشي سمجهندو آهي.
    28-جون 2005ع ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي طرفان پنھنجي گهر ۾ نياڻين کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پنھنجي گهر مان 3 ڪمرا اسڪول لاءِ وقف ڪري ڇڏيا اٿس ۽ بغير ڪنھن معاوضي جي اسڪول ۾ 150 ٻار، 3 عدد فيميل ٽيچرس آهن جيڪي اڄ ناڻين کي تعليم ڏئي رهيون آهن. اهڙي طريقي سان بابا سائينءَ جي مختلف ڳوٺن ۾ انسان دوست هجن ته عوام کي گهڻو فائدو ملي سگهندو. اسان جون دعائون آهن ته بابا سائين پنھنجي بچيل پوري زندگي اڳ کان اڳرو ٿي، عوامي خدمت ۾ گذاري.
    بابا سائين پنھنجي ئي گهر ۾ قائم ڪيل هٽَ ۽ ٻه جريب ٻنيءَ مان پنھنجي گهر جو چرخو هلائيندو آهي، هي شخص اڄوڪي دور ۾ نياڻين جي تعليم جي اهميت کان چڱي ريت واقف آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو، بابا سائين پنھنجي پنجن ئي نياڻين کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪيو آهي، جن مان هڪ نياڻي اباڻي گهر ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن تحت اسڪول هلائي نياڻين ۾ تعليم جي شمع روشن ڪرڻ جي عظيم ڪم ۾ رڌل آهي.
    هن سڄي ڪم ۾ بابا سائين سان پنھنجي جيون ساٿي جو به اهڙو ئي ساٿ آهي جو بابا سائين جيڪڏهن ڪنھن ڪم سانگي گهر کان ٻاهر هوندو آهي ته گهر جو سمورو چرخو سندس وني هلائيندي آهي.
    **


    ماما رمضان: بي پهچ ۽ بي سهارن جو آسرو :فقير ارشاد حسين ساريو

    ڪنھن کي قرآن ۾ ايمان نه مليو،
    ڪنھن کي گيتا ۾ ڀڳوان نه مليو.
    ان انسان کي آسمان ۾ ڇا خدا ملندو،
    جنھن انسان کي انسان ۾ انسان نه مليو.

    ڪائنات جي خلقيندڙ الله تعالى هن دنيا ۾ ڪي اهڙيون شخصيتون خلقيون آهن جن پنھنجي خداداد صلاحيتن وسيلي دنيا جي اندر عظيم ڪارناما سرانجام ڏنا آهن. ڪن شخصيتن دنيوي علم حاصل ڪري بي علم انسانن کي سيراب ڪيو آهي، ته ڪن وري دنيا جي ڪار وهنوار ۾ اضافي ۽ آساني واسطي ڪي ايجادون ڏئي مشڪل کي آسان ۽ ناممڪن کي ممڪن بڻايو آهي ته ڪن وري روحاني علوم جون منزلون طئي ڪري اُڃارن کي سيراب ڪيو آهي ۽ وڇڙيل ٻانھن کي الله ۽ ان جي رسول سان ملايو آهي.
    جڏهن ته ڪي وري اهڙيون شخصيتون به دنيا جي تختي تي موجود آهن جن پاڻ بکيو رهي بکارن کي کاريو آهي ۽ خود دنياوي مشڪلاتن کي منھن ڏئي بي پھچ ۽ بي سھارن جو آسرو بڻجي پاڻ کي هڪ تاريخ بڻائي ڇڏيو آهي، اهڙن املهه ماڻهن منجهان موهن جي دڙي جي مِٽيءَ مان جنم وٺندڙ ماما محمد رمضان ساريو پڻ نمايان آهي. جنھن پنھنجي سڄي ڄمار انسانيت جي عظمت کي اجاگر ڪندي پنھنجون خدمتون سرنجام ڏنيون آهن. بيمارن جو مقامي سطح کان وٺي ڪراچي جھڙي وڏي شھر تائين پھچائي علاج ڪرائڻ، يتيمن، بيواهن ۽ بيسھارن جي اجهاميل چلهي کي ٻارڻ ۽ غريب مسڪين ماڻهن جي اولاد کي تعليم جھڙي زيور سان آراسته ڪرڻ سميت کوڙ ساريون اهڙيون عظيم خدمتون ڏيڻ هن شخص جي زندگيءَ جو محور رهيون آهن.
    **


    مامي رمضان ساريي جون سماجي خدمتون :ڪامريڊ شبن جتوئي

    مامو رمضان ساريو انسان دوست ماڻهو آهي، انھيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونھي. موهن جي دڙي جي ڪک ٻلھڙيجي ۾ جنم وٺندڙ هي شخص ڏسڻ ۾ ته صفا سادو آهي، پر ان شخص جون خدمتون ڳوٺ توڙي تعلقي ڏوڪري جي عوام کي هميشه ياد رهنديون. مامو رمضان رات توڙي ڏينھن عوام جي خدمت ۾ گذاري ٿو. دنيا ۾ چند ماڻهو اهڙا آهن جيڪي عوام جي خدمت ڪن ٿا. مامو پڻ اهڙن ڪردارن مان هڪ آهي، جتي عبدالستار ايڌي پنھنجا خدمتي ڪارناما ظاهر ڪري ٿو، اتي مامو رمضان محدود وسيلن هوندي به پنھنجين خدمتن ڏيڻ کان ڪڏهن ڪونه ڪيٻايو اٿن. جڏهن ته مامو رمضان خود غربت جو شڪار هوندي به ٻين بي پھچ مريضن کي رات ڏينھن جو اسپتالن ۾علاج لاءِ پھچائي انھن جون زندگيون بچائڻ ۾ نمايان ڪردار نڀائيندو پيو اچي ۽ هو ڏوڪري تعلقي جو ايڌي پڻ سڏجي ٿو.
    مامي رمضان جون سماجي خدمتون ڏسي، مختلف سماجي تنظيمن مامي کي شيلڊون، سرٽيفڪيٽ ۽ اڻ ڳڻيا ايوارڊ پڻ مليا اٿس. مامي تعليم جي بھتري لاءِ پڻ نمايان ڪردار نڀائي پيو، جڏهن ته سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن طرفان اسڪول پڻ کولرائي رهيو آهي، جنھن سان غريب عوام کي تعليم ملندي ۽ هو هڪ سچو انسان آهي. الله تعالى کيس وڏي ڄمار ڏئي ۽ هو انسان دوستيءَ جو ناتو نڀائيندو اچي. آخر ۾ مان مامي رمضان لاءِ هي شعر چوندس؛

    جو سنڌ سنواري اهو جيئندو رهندو،
    جو عام اجاري، اهو جيئندو رهندو.
    مونکي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آ،
    جو سنڌ سنواري، اهو جيئندو رهندو.
    (استاد بخاري)


    ماما رمضان ساريو متعلق گڏيل رايا

    بيمارن کي علاج سانگي هو اڪثر گهر کان ٻاهر رهندو آهي، پر اسان سمجهون ٿا ته هو هر وقت ڪنھن نه ڪنھن چڱي ڪم سان هوندو آهي، تنھنڪري کانئس ڪڏهن به شڪايت ناهي ڪئي، ويتر اسان کي خوشي ٿيندي آهي جو رمضان بي پھچ ماڻهن جي مدد ڪري ٿو. ان ڏس ۾ مان ۽ سندس نياڻيون به حال سارو هن جي مدد ڪنديون آهيون ۽ اسان کي اهو سوچي خوشي ٿيندي آهي ته هن دور ۾ اسين ڪنھن جي ڪم اچي رهيا آهيون. اسان جي گهر ۾ اسڪول قائم آهي پر اسان کي ڏکيائي محسوس ناهي ٿي، ڇاڪاڻ ته اسڪول ۾ پڙهندڙ سمورا ٻارڙا اسان کي ڳوٺ جا نه پر پنھنجا ٻچا لڳندا آهن.
    غلام سڪينا (مامي رمضان جي گھرواري)

    ”نفسا نفسيءَ واري هن دور ۾ مامو رمضان ساريو هڪ رول ماڊل آهي. هي اعلى ظرف وارو انسان آهي، جنھن تعليم توڙي سماجي خدمتن ۾ پاڻ ملھائي اهم ۽ وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي. سندس ڪوششن سان قائم ٿيل اسڪولن منجهه اسان جون نياڻيون تعليم پرائن ٿيون، جنھن لاءِ سمورو تـَرُ مامي رمضان جو ٿورائتو آهي. آءٌ کيس ڀٽائيءَ جي لفظن ۾ هين ڀيٽا ڏيندس، ”جکرا جيئن شال، تنھنجو ڪنين مندو نه سڻان“.
    طالب حسين چنو (استاد ۽ سماجي اڳواڻ)

    رمضان ساريو فقط ٻلهڙيجي نه پر سموري يو.سي بگيءَ جو اهم ڪردار آهي. هو بيواهن ۽ مستحقن جي مدد لاءِ سدائين سرگردان هوندو آهي، جنھن لاءِ هو جس لھڻي ٿو.
    گلاب پيرزادو (پورهيت اڳواڻ)

    رمضان ساريي جي سماجي خدمتن جو سلسلو تمام گهڻو وڏو آهي. انھن خدمتن عيوض ئي هو هر ننڍي وڏي جو ”مامو“ بڻجي ويو آهي. هو جڏهن به ڪنھن ڪم لاءِ سڏ ڪندو آهي، ڳوٺ جو هر ننڍو توڙي وڏو وٽس پھچي ويندو آهي. رمضان ساريو تڪليف ۾ ڪنھن کي به ڏسي ناهي سگهندو تنھنڪري ڳوٺ وارا به ساڻس اڻمئي محبت ڪن ٿا.
    ڪامريڊ ٺارو ماڇي (پورهيت اڳواڻ)

    مامو رمضان ساريو انتھائي پيارڪندڙ ۽ ٻاجهارو شخص آهي، جنھن پنھنجي سموري حياتي سماجي ڪمن ڪندي گذاري آهي. هو ٻين ڪاڻ جيئڻ واري اعلى انساني قدر جي عملي تصوير آهي.
    دودو ديشي (قومي ڪارڪن)

    مامي رمضان جا انسان دوستيءَ وارا ڪم ته ڳڻڻ کان گهڻا آهن، پوءِ به هڪ واقعو انتھائي دلچسپ آهي، ٿيو هيئن ته سال 2007ع ۾ سنڌوءَ جي لوپ بند تي 18 نمن جا وڏا وڻ بيٺل هئا جيڪي بااثر ماڻهو وڍائي رهيا هئا. پر مامي رمضان ان ظلم خلاف ڳوٺ جي ماڻهن کي گڏ ڪيو ۽ ڏوڪري پريس ڪلب وٽ احتجاج رڪارڊ ڪرائي وڏي جدوجھد سان انھن وڻن کي وڍجڻ کان بچائي ورتو.
    سڌير احمد ساريو (سماجي ورڪر)

    سچ ته مامو رمضان ايترو ته مٺڙو ماڻهو آهي جو هن جي جيتري به ساراهه ڪجي اها گهٽ آهي. هي مالي حوالي سان غريب ضرور آهي. پر دل جو وڏو شاهوڪار آهي. هر ڪنھن جي ڏک ۽ سک ۾ شريڪ ٿيڻ، هر ماڻهوءَ جي مدد ڪرڻ سندس ڪرت آهي. اسان جي ڳوٺ ۾ 1999ع کان اڳ بجلي ڪونه هئي، ان سلسلي ۾ وڏيرن، ڀوتارن ڏانھن ڪيترائي پنڌ ڪياسين پر ڪوبه کڙ تيل نه نڪتو. وري به شابس آهي مامي رمضان کي جنھن وڏي جدوجھد ۽ جفاڪشيءَ کان پوءِ اسان جي ڳوٺ جي بجلي منظور ڪرائي.
    امام بخش ساريو (استاد)

    اسان جي سماج ۾ اهڙا ٿورڙا ماڻهو آهن جيڪي شخصي مفاد، عام جي ڀلائيءَ لاءِ قربان ڪن ٿا، ٻين جي چپن تي مرڪ آڻڻ لاءِ پاڻ کي جوکم ۾ وجهن ٿا. ٻين تي ايندڙ تڪليف جو درد پاڻ محسوس ڪن ٿا. مامو رمضان اهڙن ٿورڙن ماڻهن مان هڪ آهي، جيڪي عام جي فائدي خاطر ۽ ٻين جي چپن تي مرڪون آڻڻ لاءِ پنھنجي زندگي ارپي ڇڏيندا آهن.
    چيڪي مٽيءَ جي مھڪ جھڙي طبيعت رکندڙ مامو ڏسڻ ۾ ته سنھڙو سيپڪڙو آهي پر منجهس خدمت خلق جو جذبو ڪارونجهر کان به وڏو آهي، شايد هن حقوق العباد جو مطلب ۽ مقام ڄاڻي ورتو آهي.
    محبت پائي مَنَ ۾، رَنڊا روڙيا جن،
    تن جو صرافن، اڻ توريو ئي اگهائيو.
    نعيم ٻگھيو (سماجي اڳواڻ)

    اڄوڪي نفسانفسيءَ واري هن دور ۾ جيڪڏهن ڪو ڪنھن جي مدد ٿو ڪري ته اها تمام وڏي ڳالهه آهي. مامو رمضان ساريو اهڙن عظيم انسانن ۾ شامل آهي، جيڪي هر وقت ٻين جي مدد ڪندا رهن ٿا ۽ ٻين لاءِ جيئڻ سندن حياتيءَ جو مقصد هوندو آهي.
    توفيق الزمان ميمڻ (صحافي)

    ماما رمضان ساريو، اسان جي تَر جي دراوڙي نسل جي آخري نشاني آهي، جنھن جي رڳن ۾ رت بجاءِ سنڌو جو پاڻي ڊوڙي رهيو آهي ته ٻئي طرف سندس سماجي خدمتون، سماج تي مرهم جو ڪم ڪن ٿيون. ”ماما! اسان سڀ تنھنجي عظمت جا قائل آهيون ۽ اسين سڀ تنھنجا قرضي به آهيون.“
    ڪامريڊ منظور ميراڻي (قومي ڪارڪن)

    ماما محمد رمضان ساريو هڪ غريب خاندان جي گهر ۾ 1955ع ۾ پيدا ٿيو، سندس پيءُ جو نالو محمد وريام ساريو هيو ۽ تمام سادگي رکندڙ انسان هيو، پنھنجي گهر جي ڀرسان المدينه جامع مسجد آهي جنھن جو پيش امام هيو ننڍن وڏن ٻارڙن کي قرآن پاڪ جو درس ڏيندو هيو ۽ پنھنجي سھري سان گڏجي هارپو ڪري پنھنجن ٻچڙن جو گذر سفر ڪندو هيو. ماما رمضان ساريو پنھنجي ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ پرائمري تعليم حاصل ڪئي جنھن کان پوءِ انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وڏو شوق پيدا ٿيس ۽ پنھنجي والدين کي چيائين ته مون کي ڏوڪري هاءِ اسڪول ۾ داخلا وٺي ڏيو. انھن ڏينھن ۾ ڳوٺ ٻلهڙيجي مان ٽي شاگرد تيار ٿيا. اهڙي طريقي سان سماجي تنظيم جا اڳواڻ ڪمن ۾ شوق سان اڳتي هلندا رهيا.
    وفا معشوق مشوري


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 343851
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 141633
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ