ڪتاب جو نالو: مِٽيءَ جا رانديڪا
مصنف: ادل سومرو
ڇپائيندڙ: پبلشر بابت ڄاڻ موجود ناهي
ڪيٽيگري: ٻاراڻو ادب
شايع ٿيڻ جو سال: 2006
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 14 جنوري 2017 ع
پڙهيو ويو: 309 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 164 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”مٽيء جا رانديڪا“ ادل سومري جو ٻارن لاءِ لکيل شاعريءَ تي مشتمل آهي۔
رشيد ڀٽي لکي ٿو:
”ادل سومرو سنڌ جو ڄاتل سڃاتل نوجوان شاعر آهي. نئين دؤر جي شاعرن ۾ منفرد جڳهه والاري ٿو. ٻاراڻن ٻولن ۾ ادل نه رڳو ٻارن لاءِ راند جو سامان ۽ وسيلو مهيا ڪيو آهي پر انهن جي ذهني اؤسر ۽ تربيت لاءِ به ڪوشش ڪئي آهي. انهن ٻولن ۾ سماج جي استحصال ڪندڙ طبقي تي چٿرون ۽ ٽونڪون ۽ انهن جي استحصال کي ڪاميابيءَ سان پيش ڪرڻ ۾ ادل سومري ڪمال خوبي ڏيکاري آهي.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • رايا
  • ڌرتي
  • شاهه لطيف جو ميلو
  • ٿري ٻارُ ۽ بادل
  • ٻالڪ ۽ ٻولي
  • ننڍڙو ڌنارُ
  • سائنسي سونهن
  • ڀرت ڀرڻ جو هنر
  • گھرُ
  • گُل هر هنڌ ٽڙن
  • سوٽو، ڪانءُ ۽ ڀتُ
  • جانڻ جوڳي
  • ايڪو
  • ڪاٺ جا گھوڙا
  • صفائيءَ جو هفتو
  • نياڻين جي تعليم
  • ڪنگ کي ٻار جي اپيل
  • نئين دؤر جو نئون ترانو
  • پوڙهو پنهل ۽ اخبار
  • جمالو جادوگر
  • پُل بڻايون

  • سنڌ سلامت پاران

    ڪتاب ”مٽيء جا رانديڪا“ ادل سومري جو ٻارن لاءِ لکيل شاعريءَ تي مشتمل آهي۔ رشيد ڀٽي لکي ٿو:
    ”ادل سومرو سنڌ جو ڄاتل سڃاتل نوجوان شاعر آهي. نئين دؤر جي شاعرن ۾ منفرد جڳهه والاري ٿو. ٻاراڻن ٻولن ۾ ادل نه رڳو ٻارن لاءِ راند جو سامان ۽ وسيلو مهيا ڪيو آهي پر انهن جي ذهني اؤسر ۽ تربيت لاءِ به ڪوشش ڪئي آهي. انهن ٻولن ۾ سماج جي استحصال ڪندڙ طبقي تي چٿرون ۽ ٽونڪون ۽ انهن جي استحصال کي ڪاميابيءَ سان پيش ڪرڻ ۾ ادل سومري ڪمال خوبي ڏيکاري آهي.“
    سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر سٽي پاران محترم عبداللطيف انصاري جي ڪاوشن سان اِي بوڪ جي صورت ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي۔

    محمد سليمان وساڻ
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام


    رايا

    • ادل سومرو سنڌ جو ڄاتل سڃاتل نوجوان شاعر آهي. نئين دؤر جي شاعرن ۾ منفرد جڳهه والاري ٿو. ٻاراڻن ٻولن ۾ ادل نه رڳو ٻارن لاءِ راند جو سامان ۽ وسيلو مهيا ڪيو آهي پر انهن جي ذهني اؤسر ۽ تربيت لاءِ به ڪوشش ڪئي آهي. انهن ٻولن ۾ سماج جي استحصال ڪندڙ طبقي تي چٿرون ۽ ٽونڪون ۽ انهن جي استحصال کي ڪاميابيءَ سان پيش ڪرڻ ۾ ادل سومري ڪمال خوبي ڏيکاري آهي.

    رشيد ڀٽي
    (17 فيبروري 1977)


    • ادل جو ڪتاب، ”روز ٽڙن رابيل“ ٻارن لاءِ لکيل سندس اثرائتي شاعريءَ جو مجموعو آهي. چينو پنهنجي ڪاپي کڻي گُم ٿي ويو. سندس ڪمري ۾ ويس ته هو پاٻوهه مان ادل سومري جو ڪتاب پڙهي رهيو هيو. چيومانس: ” گھمڻ نه هلندي ڇا؟ “ انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيائين : ”جيسيتائين ڪتاب پڙهي پورو نه ڪندس، تيسيتائين ٻاهر نه هلندس.“ کيس چيم : ”مونکي ادل جي ڪا شيءَ ٻڌاءِ چينا. ڪا اهڙي شيءِ جنهن سان روح کي روهن ۾ ڀٽڪڻ کان نجات ملي“ چيني، ادل سومري جو هڪ شعر ٻڌايو :

    تون نه مرين ها هيل او پٽڙا!
    بابل تُنهنجو قيد ڪڙن ۾.

    ادل پنهنجي ڏات جو حق ادا ڪيو آهي. مون کي پڪ آهي ته ادل سومرو ڌرتيءَ جو قرض چڪائيندو رهندو. لکندو رهندو، لکندو رهندو.

    امر جليل
    روزاني هلال پاڪستان
    ڪالم”تنهنجون منهنجون ڳالهيون“
    (25 جون 1977)


    • ادل سومري ٻارن جي دلچسپيءَ واري عنصر کي ذهن ۾ رکيو آهي. هن جا ٻاراڻا ٻول ۽ ڪهاڻيون، ٻارڙن کي وندرائيندڙ مواد سان ٽٻٽار آهن.

    رفيق سومرو
    (25 جولاءِ 1979)


    • ادل سومري ”روز ٽڙن رابيل“ کي آڻي، جيڪو سڀ کان اهم ڪم ڪيو آهي، اهو آهي، هٿ ٺوڪي روايت يعني وڏن اديبن جو ٻارن لاءِ ادب تخليق ڪرڻ کي پنهنجي گھٽتائي سمجھڻ واري عمل کان بغاوت. ادل جي اهڙي ڪاوش تي هن کي بلڪل حق آهي ته هو اسان سڀني اديبن جي سٿَ ۾ پنهنجي ڳاٽ کي اوچو رکي.

    ڪيهر شوڪت
    (1978)


    ڌرتي

    ڪيڏي سهڻي آهي ڌرتي
    مولا کان مون آهي ورتي

    آدم جو مان ڄايو آهيان
    ڌرتيءَ تي مان آيو آهيان

    ڌرتيءَ تي هن باغ باغيچا
    گُل، پکي ۽ ڍنڍون درياهه

    ڌرتيءَ تي هن پوپٽ پيارا
    سهڻن سهڻن رنگن وارا

    ڌرتيءَ تي هيءَ ماءُ مٺي آ
    اُن جهڙي مون ڪانه ڏٺي آ

    ڌرتيءَ تي آ شاهه ڀٽائي
    ٻوليءَ جي جنهن سونهن وڌائي

    ڌرتيءَ تي هيءَ سنڌُ آ منهنجي
    جنهن تان صدقي جندُ آ منهنجي

    ڌرتي ڏکن واري آهي
    پوءِ به مونکي پياري آهي.


    شاهه لطيف جو ميلو

    شاهه لطيف جو ميلو آيو
    ٻارن گڏجي گھُمڻ ٿي چاهيو

    ڳوٺ سڄي مان ماڻهو سنبريا
    ٻارن گل ڦل ڪپڙا پهريا
    ميلي واري بس کي سڀني
    جھنڊين سان هو خوب سجايو
    شاهه لطيف جو ميلو آيو.

    جيجي زرينه ڀٽ تي آئي
    علڻ فقير به وائي ڳائي
    عابده، يوسف، جمن، وحيد
    سڀني راڳين پاڻ ملهايو
    شاهه لطيف جو ميلو آيو.

    علم ادب جون هي گڏجاڻيون
    مَلهه، نمائش، روحَ رهاڻيون
    سڀني پنهنجي دُڪانن کي
    سينگاري هو سُهڻو ٺاهيو.
    شاهه لطيف جو ميلو آيو.


    ٿري ٻارُ ۽ بادل

    بادل! ٿورو بيههُ بَرن ۾
    واريءَ تي وسڪار ڪري وڃُ
    خوش ٿرين جا ٻار ڪري وڃُ.

    بادل! ڪيڏو سهڻو آهين
    تيز هوا ۾ ڊڪڻو آهين
    ٿوري دير اسان وٽ ترسي
    ڌرتيءَ تي سينگار ڪري وڃُ
    خوش ٿرين جا ٻار ڪري وڃُ.

    توتي ناهي قرض اسان جو
    مڃُ ادا هي عرض اسان جو
    ويندي ويندي گاج ڪري تون
    واٽن تي وڻڪار ڪري وڃُ
    خوش ٿرين جا ٻار ڪري وڃُ.

    توسان گڏجي کنوڻ کلي ٿي
    ٻارن جي دل هينئن چوي ٿي
    ماروئڙن جي ماڳ مٿان تون
    خوشين جا انبار ڪري وڃُ
    خوش ٿرين جا ٻار ڪري وڃُ.


    ٻالڪ ۽ ٻولي

    سنڌي ڪين پڙهان! مُور نه ٿيندي ڀُل
    اتي رکان گُل، جتي بيتُ لطيف جو.

    ٻوليون ٻيون به ڪيتريون، آهن سکڻ ڪاڻِ
    اچي ٿي سرهاڻ، مون کي سنڌيءَ سٽ مان.

    جنهن ۾ ڳالهيون اوپريون، منهنجو ناهي نصاب
    پڙهان سوئي ڪتابُ، جنهن ۾ صفحا سنڌ جا.

    سنڌيءَ ڌاران سُڃَ، منهنجي لئه مڪتب
    لهي منهنجي اڃَ، پڙهي بيتُ لطيف جو.

    ڦرهيءَ مٿان منهنجي، تنهنجو روشن نانءُ
    ڌرتي! تنهنجي ڇانءُ، منهنجي آهي وجود تي.

    ڪڙي ناهي ڪا به، ٻوليون ڌارون ڌارَ
    آهن ماکيءَ لار، سڀُ اکر سنڌيءَ جا.

    پهريان نانءُ سليٽ تي، لکان سنڌڙيءَ جو
    تنهن کان پوءِ ٻيو، ساٿي! سبق اتاريان.

    الا! ڪنهن اسڪول کي لڳي نه تالو
    هر هنڌ اجالو، سنڌي ٻوليءَ جو رهي.


    ننڍڙو ڌنارُ

    سٻاجھو ننڍڙو ڌنار دودو
    محنتي نينگر سچار دودو

    اسر جو جاڳي ٿو هو ننڊ مان
    ڪري ٿو نيرن ڀتَ ۽ ڏُڌ سان
    جڏهن ٿا نڪرن هاري گھر کان
    سڀ کان اڳ ۾ تيار دودو
    سٻاجھو ننڍڙو ڌنار دودو

    هر ڪنهن گھر جي درَ تي ويندو
    سڏُ ڪندو ۽ هڪل به ڏيندو
    پاڻ وڃي پوءِ مال ڇوڙيندو
    رهي ٿو هر دم هوشيار دودو
    سٻاجھو ننڍڙو ڌنار دودو

    سانجھيءَ ڌاري مٽيءَ ۾ لٽجي
    پنهنجي چاريل ڌڻ سان گڏجي
    وري ٿو واپس ڏاڍو ٿڪجي
    همت وارو پنهوارُ دودو
    سٻاجھو ننڍڙو ڌنار دودو.


    سائنسي سونهن

    نئين دؤر جو گھُلي ٿو واءُ
    ٻڌو هي سائنس جو پڙلاءُ

    بجلي ڀين جڏهن ٿي ٿڪجي
    جاڳي ٿو جنريٽر ڀاءُ
    ٻڌو هي سائنس جو پڙلاءُ

    ڪمپيوٽر جا ڪم ڏسي ٿيو
    ذهن ذهن کي آ سوداءُ
    ٻڌو هي سائنس جو پڙلاءُ

    آڊيو وڊيو ڪيسٽ رستي
    سوچ جو هر هنڌ ٿيو ڦهلاءُ
    ٻڌو هي سائنس جو پڙلاءُ

    ڪيڏو آ روبوٽ سگھارو
    گُسي نه جنهن جو ڪوئي داءُ
    ٻڌو هي سائنس جو پڙلاءُ


    ڀرت ڀرڻ جو هنر

    اچو ڙي ڀينر ڀرتُ ڀريون
    گھر ۾ گڏجي ڪرت ڪريون

    علم به آهي هنر به آهي
    ويهون ڇو پنهنجو وقت وڃائي
    پورهئي سان ئي خوشيون ڊوڙي
    اجھو اسان ڏي ڄاڻ وريون
    اچو ڙي ڀينر ڀرتُ ڀريون

    سوني سهڻو گجُ ٿي ٺاهي
    ٻين ادين کي ٿي سمجھائي
    نوان نمونا سکون هلي ڪي
    ذهن جون کولي ساريون دريون
    اچو ڙي ڀينر ڀرتُ ڀريون

    وقت ويو سو ورڻو ناهي
    سستيءَ جو ڏوهه ڪرڻو ناهي
    ڀائر پنهنجا پورهيو ڪن ٿا
    پاڻ ٿيون ڇا لاءِ ڍريون
    اچو ڙي ڀينر ڀرتُ ڀريون


    گھرُ

    گھر ۾ کٽ
    کٽ تي رلي
    هوشيار ٻار کي
    عزت آهي ملي

    گھر ۾ گُندڙي
    گُندڙيءَ ۾ انُ
    علم سان گڏُ ٻارو
    سکجي ڪو فَنُ.

    گھر ۾ نلڪو
    نلڪي ۾ پاڻي
    محنت ڪندڙ ٻارن
    منزل آ ماڻي

    گھر ۾ پنکو
    پنکي ۾ واءُ
    هٿ ڌوئي ڀاءُ
    پوءِ ماني کاءُ.

    گھر ۾ ٽي وي
    ٽي ويءَ ۾ خبرون
    مڪتب جي لئه
    سوير سنبرون.


    گُل هر هنڌ ٽڙن

    سُونهن آهيون اسان
    مرڪ آهيون اسان
    ٿا خوشيءَ جا سدا
    گيت ڳايون اسان.

    علم سان روشني
    علم سان زندگي
    علم سان هر خوشي
    علم هر ڪنهن ملي
    ايئن چاهيون اسان
    سونهن آهيون اسان

    شوق سان ٿا پڙهون
    چاهه سان ٿا لکون
    سچ سارو سکون
    سوچ ويچار جي
    واٽ ٺاهيون اسان
    سونهن آهيون اسان

    گُل هرهنڌ ٽڙن
    مرڪي مارو مڙن
    ڪين ڳوڙها ڳڙن
    هر دُکي ٻار کي
    سيني لايون اسان
    سونهن آهيون اسان.


    سوٽو، ڪانءُ ۽ ڀتُ

    ڦر ڦر سوٽو دٻلي ٿي کڙڪي
    ڌڪ ڌڪ ڌڪ ڌڪ دل ٿي ڌڙڪي

    مار ملڻ کان اڳ ۾ او سائين!
    ساههُ سُڪايو اوهان جي دڙڪي.

    اڃان ٻنيءَ تان امڙ نه آئي
    تيسين ڀاءُ ٿو ڀڳڙا رڙڪي.

    ڪانون گڏجي شور ڪيو آ
    بجليءَ جي تار تي ڪانءُ ٿو لڙڪي

    ڀتُ کائڻ لئه ٻار مڙيا هن
    باهه تي ڪُنو اڃا ٿو ٻڙڪي.

    شهر کان شايد ادڙو ايندو
    ڇو ته اديءَ جي اک ٿي ڦڙڪي.


    جانڻ جوڳي

    جانڻ جوڳي مُرلي وڄائي.
    روئندڙ ٻارن کي پرچائي.

    مُرليءَ جو آواز ٻڌن ٿا
    ٻار سمورا ڊوڙي اچن ٿا
    جانڻ جي چؤڦير بيهن ٿا
    هٿ هٿن سان سڀئي ملائي
    جانڻ جوڳي مُرلي وڄائي.

    ٽٻڻيءَ جو هُو ڍَڪُ هٽائي
    مُرليءَ تي ٿو نانگُ نچائي
    نانگ کي ٿورو هو چيڙائي
    ٻارن کي ٿو خوب کلائي
    جانڻ جوڳي مُرلي وڄائي.

    مُرلي وڄائڻ بند ڪري ٿو
    جانڻ پوءِ خيرات گھُڙي ٿو
    ٻار ڏين ٿا پئسا هُن کي
    خرچي پنهنجي سڀُ کپائي
    جانڻ جوڳي مُرلي وڄائي.


    ايڪو

    پاڻ سڀئي هڪ آهيون ٻارو
    اچو ته ويڇا ڊاهيون ٻارو.

    ڪُلفت ڪاوڙ ختم ڪري سڀُ
    پنهنجن کي پرچايون ٻارو.

    هر وندُر جي ڀيٽ ۾ زيادهه
    علم ادب کي چاهيون ٻارو.

    وڃي ٿو جيڪو جلدي وسري
    سبق اهو ورجايون ٻارو.

    علم سان آهي هنُر ضروري
    سڀني کي سمجھايون ٻارو.

    پلُ پلُ آهي قيمت وارو
    ويهي نه وقت وڃايو ٻارو.

    جھيڙي وارا جذبا ٺاري
    گيتُ امن جو ڳايون ٻارو.

    محنت، محبت، ڏاهپ سان ئي
    ديس پنهنجي کي ٺاهيون ٻارو.


    ڪاٺ جا گھوڙا

    ڪاٺ جا گھوڙا گول ڦرن ٿا.
    ٻالڪ تن تي چڪر هڻن ٿا.

    جڏهن به ڳوٺ ۾ ميلو ٿئي ٿو
    گھوڙن وارو اچي پُڄي ٿو
    هر پاڙي ۾ هُل مچي ٿو
    ٻار سمورا ڊوڙي اچن ٿا
    ڪاٺ جا گھوڙا گول ڦرن ٿا.

    رنگ برنگي گھوڙا آهن
    ڪاريگر ٿا سهڻا ٺاهن
    ٻارَ انهن کي ڏاڍو چاهن
    ڪري سواري خوشيون ڪن ٿا
    ڪاٺ جا گھوڙا گول ڦرن ٿا.

    هر ڪو پهريان ويهڻ چاهي
    ڪوبه نه ٿورو ترسڻ چاهي
    پنهنجي خرچي ساري کپائي
    ٻار گھرن ڏي پوءِ وڃن ٿا
    ڪاٺ جا گھوڙا گول ڦرن ٿا.


    صفائيءَ جو هفتو

    صفائيءَ جو هفتو ملهايون اچو.
    بيمارين کي گڏجي ڀڄايون اچو.

    سڄو گند ڪچرو هٽايون اچو
    صفائيءَ جي اهميت ٻڌايون اچو
    سڀئي پاڙي وارا سڏايون اچو
    صفائيءَ جو هفتو ملهايون اچو.

    ٿيلهيون، کَلون هي ڪاغذ ۽ ڪانا
    بيمارين جا آهن سمورا بهانا
    سڄي گندگيءَ کي جلايون اچو
    صفائيءَ جو هفتو ملهايون اچو.

    هتي عام شيون ٿيون وڪرو ٿين
    اچي جام تن تي ٿيون مکيون ويهن
    اهي ساريون شيون ڍَڪايون اچو
    صفائيءَ جو هفتو ملهايون اچو.

    مڇرن جا آهن دُٻن تي هي ديرا
    ماڻهن مٿان هي وبائن جا ڦيرا
    دوائن سان تن کي گھٽايون اچو
    صفائيءَ جو هفتو ملهايون اچو.


    نياڻين جي تعليم

    ڀائرن سان گڏ ڀينر جاڳيون.
    هاڻِ نه رهنديون ڳالهيون ساڳيون.

    مارئي هاڻي پڙهڻ وڃي ٿي
    سسئي هُنر سکڻ وڃي ٿي
    گھرن ۾ ويهي سبق وٺن ٿيون
    سوڍيون، سونيون، نوريون، ڀاڳيون
    هاڻِ نه رهنديون ڳالهيون ساڳيون.

    نياڻيءَ جي تعليم ضروري
    سچ کان آخر ڪيسين دوري
    ديس جا پُٽڙا بختن وارا
    ڌيئر به آهن سڀُ سڀاڳيون
    هاڻِ نه رهنديون ڳالهيون ساڳيون.


    ڪنگ کي ٻار جي اپيل

    منهنجا مٺڙا ڪانگ ادا
    مون کي مڇي ڏي ڦاسائي
    ڏاڍي بُک لڳي مون آهي.

    منهنجو بابو ڏُور ويو آ
    امڙ مون کي هينئن چيو آ
    ”هاڻِ کائڻ لئه ڪُجهه به ناهي“
    ڏاڍي بُک لڳي مون آهي.

    پاڻيءَ جو تون راجا آهين
    ڪري سگھين ٿو جو تون چاهين
    پَئهُ مڇيءَ جي پويان ڪاهي
    ڏاڍي بُک لڳي مون آهي.

    ڪاش هُجان ها مان به پکيئڙو
    ڪونه رهي ها بُک ۾ جيئڙو
    تون ته پکي آن توکي ڇاهي
    ڏاڍي بُک لڳي مون آهي.


    نئين دؤر جو نئون ترانو

    ٻارو گڏجي ڳايون ٿا اڄُ
    نئين دؤر جو نئون ترانو
    خوش رهي شل سارو زمانو.

    الفت آ ايمان اسان جو
    هر هنڌ آ اعلان اسان جو
    سڀ ڪو پنهنجو ساٿي آهي
    ناهي ڀائو ڪو بيگانو
    خوش رهي شل سارو زمانو.

    سڀني کان ڏُک دور هُجن
    ماڻهو سڀُ مسرور هُجن
    هر چهري تي مُرڪ هُجي
    ڳچيءَ ڳچيءَ ۾ سهڻو ڳانو
    خوش رهي شل سارو زمانو.

    هر ماڻهوءَ کي مانُ ملي
    اَجھو، لٽو ۽ نانُ ملي
    دنيا لئه هي گيتَ اسان جا
    محبت جو آهن نذرانو
    خوش رهي شل سارو زمانو.


    پوڙهو پنهل ۽ اخبار

    پوڙهو پنهل ٿو پڙهي اخبار.
    ٻُڌن ٿا سارا ڳوٺ جا ٻار.

    جڏهن شام جا پنج وڄن ٿا
    ٻار اوطاق تي گڏُ ٿين ٿا
    پنهل به ڏڪندي اچي پُڄي ٿو
    عينڪ پائي ڪري کنگھار
    پوڙهو پنهل ٿو پڙهي اخبار.

    ڪنهن جي گھر کي کاٽُ لڳو آ
    واٽ ويندي ڪو اغوا ٿيو آ
    هر هنڌ آهن جھيڙا جنگيون
    امن جا ناهن ڪي آثار
    پوڙهو پنهل ٿو پڙهي اخبار.

    ڪٿان جو ڪهڙو حاڪم آهي
    ڪهڙي ملڪ ۾ اڄ ڪلهه ڇاهي
    گھر ويٺي ٿي پوي سڀن کي
    سڄي دنيا جي خبر چار
    پوڙهو پنهل ٿو پڙهي اخبار.


    جمالو جادوگر

    انتر منتر جادو جنتر.
    جادوگر جي هٿ ۾ هنٽر
    وڃي ٿو بڻجي ڪارو اجگر

    جادوگر جو کيل نرالو
    ڳوٺ سڄي ۾ هُن جو نالو
    وڏا ڏسڻ لئه وتن ويڳاڻا
    ٻار به ڪن ٿا ڏاڍو ڌمچر
    انتر منتر جادو جنتر.

    جادوگر جو نانءُ جمالو
    ڳِهي وڃي ٿو بڻڇي ڀالو
    ڪنن منجھان ٿو ڪڍي ڪوئا
    ۽ کيسي مان ڪارو ڪبوتر
    انتر منتر جادو جنتر.

    جادوگر جا وار سڙن ٿا
    ٻاهه مان ڪيئي گُل ٽڙن ٿا
    کلندي کلندي پوءِ جادوگر
    هڻي ٿو پنهنجي پيٽ ۾ خنجر
    انتر منتر جادو جنتر.


    پُل بڻايون

    اچو ته پاڻ ئي پُل بڻايون
    ڳوٺ جو رستو سولو ٺاهيون

    مڪتب ويندي دير ٿئي ٿي
    روز انهيءَ تي مار ملي ٿي
    سبق وڃي ٿو سارو پڙهجي
    پاڻ وڃون ٿا ان کان رهجي
    ٻين سڀني کان پٺتي آهيون
    ڳوٺ وارن کي سو سمجھايون.

    جانو جڏهن بيمار ٿيو هو
    ڊاڪٽر ڏاڍو دير پُڳو هو
    رستو جي آسان هجي ها
    ڪين اچڻ ۾ دير لڳي ها
    گڏجي سڏجي پاڻ ملهايون
    ٻئي جي ڪارڻ ڇو واجھايون.

    وڻ وڍي اربيلو ايندو
    واڍو ڀاءُ علڻ ئي ٿيندو
    سادي سودي پُل جي ٺهندي
    وقت جي ٿوري بچت پوندي
    سستيءَ کي سڀُ ڏور ڀڄايون
    ساٿي پنهنجو پنڌ کٽايون.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 468
    ڪتابن جو مشاهدو: 399899
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 161586
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ