ڪتاب جو نالو: پوپٽ جهڙا گيت
مصنف: ادل سومرو
ڇپائيندڙ: پبلشر بابت ڄاڻ موجود ناهي
ڪيٽيگري: ٻاراڻو ادب
شايع ٿيڻ جو سال: 1986
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 11 جنوري 2017 ع
پڙهيو ويو: 316 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 161 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”پوپٽ جهڙا گيت“ نامياري شاعر ادل سومري جو ٻارن لاءِ لکيل شاعريءَ جو مجموعو آهي، جيڪو 1986ع ۾ ڇپيو.
ڪتاب ۾ شاعريءَ جي مناسبت سان اسڪيچ به شامل ڪيا ويا آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • گلن جي ورکا

  • شاعر جي دُعا
  • سڀ کان پهرين ڳالهه
  • جُمن جمالي ڀلو ٽپالي
  • روبوٽ ــ مشيني ماڻهو
  • سکر جو سئر
  • سنڌ کان وڇڙيل ٻار جو نظم
  • ڪتاب وارو خواب
  • سوچ سمجھه جو کيلُ
  • گنجڙو گابارُ
  • پکين جو مشاعرو

  • جھمپير جي جھرڪي
  • ڪراچيءَ جو ڪانگُ
  • باڊهه جي بلبل
  • تلهار جو طوطو
  • مٺيءَ جو مورُ
  • رانديڪن واري مائي
  • ٻار اسان کي پيارا آهن
  • پڪوڙائيءَ جو هوڪو
  • جيتن جو مشاعرو

  • ڪوٽڙيءَ جو ڪوريئڙو
  • مٽياريءَ جو ماڪوڙو
  • موري جي مک
  • ڀنڀور جي ڀنڀوري
  • پيٽاري جو پوپٽ
  • وڌيڪ شاعري

  • موهن جو دڙو بچايو
  • موسم جو گيتُ
  • عالم خان
  • ناني شاني
  • سيهڙ جي سالگرهه
  • علڻ فقير

  • سنڌ سلامت پاران

    ڪتاب ”پوپٽ جهڙا گيت“ نامياري شاعر ادل سومري جو ٻارن لاءِ لکيل شاعريءَ جو مجموعو آهي، جيڪو 1986ع ۾ ڇپيو. ڪتاب ۾ شاعريءَ جي مناسبت سان اسڪيچ به شامل ڪيا ويا آهن.
    ٿورائتا آهيون محترم عبداللطيف انصاريءَ جا، جنهن جي ڪاوشن سان هي ڪتاب اِي بوڪ جي صورت ۾ متعارف ڪرايو ويو۔

    محمد سليمان وساڻ
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام


    گلن جي ورکا

    شاعر جي دُعا

    چنڊ تارن آبشارن جا ڌڻي
    گُل ٻوٽن ۽ نظارن جا ڌڻي
    ڇَر ڇولين ۽ ڪنارن جا ڌڻي

    ڪين سندم سوچ جو ساگر سُڪي
    ڏات مُنهنجيءَ کي ڏهوڻي سَگھه ڏي
    ٻارڙن لئه گيت جيئن اهڙا لکان
    پوپٽن جا رنگ سڀُ تن ۾ ڀريان.


    سڀ کان پهرين ڳالهه

    ڳالهه اسان جي سمجھه سياڻا
    مکڙين جهڙا ننڍڙا راڻا

    رکجي هردم صاف صفائي
    ادا انهيءَ م آهي چڱائي

    وقت اجايو ڪينَ وڃاءِ
    ڪوشش ڪر تُون آئيندي لاءِ

    ننڍي وڏي کي ڪجي سلام
    ڪجي سڀن سان مٺو ڪلام

    سبق پنهنجي کي ڪينَ وسار
    ڦرهي لک تون اکر سُڌار

    محنت سان ئي عزت آهي
    سستيءَ کي تون ڇڏ ڀڄائي

    ملڪ مٺي جو مانُ تُون آهي
    ابي امان جو شان تون آهين

    جي تون ڀائڙا محنت ڪندين
    پنهنجي ديس جو نالو ڪڍندين.


    جُمن جمالي ڀلو ٽپالي

    ڳوٺ پنهنجي جو جُمن جمالي
    آهي ڏاڍو ڀلو ٽپالي

    ننڊ مان جلدي آهي اٿندو
    سنبري سائيڪل تي آ چڙهندو
    اسٽيشن تي تڪڙو پُڄندو
    اتان ٿيلهي ۾ خط هو کڻندو
    خط کڻي وري واپس ورندو
    پوءِ خطن تي مهرون هڻندو
    ڦيرا پائي منجھند ڌاري
    ڪندو خطن جو ٿيلهو خالي
    ڳوٺ پنهنجي جو جُمن جمالي

    گرمي سردي ڏسندو ناهي
    برساتن ۾ ويهندو ناهي
    هردم خاڪي وردي پائي
    پيارن جا پيغام پُڄائي
    گھٽيءَ گھٽيءَ ۾ خط ورهائي
    اڻپڙهيلن کي پڙهي ٻڌائي
    ڳوٺ جي مڙني ماڻهن کان
    سندس نوڪري آهي نرالي
    ڳوٺ پنهنجي جو جُمن جمالي

    ننڍي وڏي کي صحيح سُڃاڻي
    تن لئه خط ۽ تارون آڻي
    جتي جتي هو ويندو آهي
    مانُ اتي هو لهندو آهي
    ڪڏهن به ڪاوڙ ڪندو ناهي
    هر دم کلندو رهندو آهي
    جيئڻ وارو سندس طريقو
    جڳ ۾ سچ پچ آهي مثالي
    ڳوٺ پنهنجي جو جُمن جَمالي
    آهي ڏاڍو ڀلو ٽپالي.


    روبوٽ ــ مشيني ماڻهو

    سائنس جو هي جادو آهي
    لوهي ماڻهو ٿو ڳالهائي.

    ڪالهه تصور اڄُ حقيقت
    سڄي دنيا کي آهي حيرت
    آدم پنهنجي عقل سان ٻارو
    ڇاڇا ڇڏيو آهي بڻائي
    لوهي ماڻهو ٿو ڳالهائي.

    پُرزن جو هي ٺهيل آ سارو
    هر ماڻهوءَ کان آهي سگھارو
    سارا ڪم ڪري ٿو تڪڙا
    وقت ڏئي ٿو گھڻو بچائي
    لوهي ماڻهو ٿو ڳالهائي.

    ماڻهن وانگر گھمي ڦري ٿو
    کاڌو پاڻي ڪينَ گھُري ٿو
    انسانن جي فائدي خاطر
    هر ڪم ۾ ٿو هٿُ ونڊائي
    لوهي ماڻهو ٿو ڳالهائي.
    سائنس جو هي جادو آهي.


    سکر جو سئر

    سنڌ سڄيءَ ۾ ٽيون نمبر
    ڏسو هي سهڻو شهر سکر

    کرڙيءَ جو ميدان هتي
    سنڌوءَ جو وڏو شان هتي
    تفريح سان گڏُ ڄاڻَ ڀريو
    آهي سجايو هيءُ سفر
    ڏسو هي سهڻو شهر سکر

    معصوم شاهه جو هي آ منارو
    ان تان ٿئي ٿو خوب نظارو
    ماضيءَ هو هي منظر پيارو

    پري کان ايندو آهي نظر
    ڏسو هي سهڻو شهر سکر

    آدم شاهه جي ٽڪريءَ چڙهبو
    ساڌ ـ ٻيلي ٻيڙيءَ تي هلبو
    پُل جي پريان هلي ڏسبو
    وچ درياهه ۾ ٻيٽُ بکر
    ڏسو هي سهڻو شهر سکر

    سج لهڻ تي آهي هاڻ
    گھمڻ هلون ٿا لب مهراڻ
    بئراج کان موٽي ڏسنداسين
    وچ شهر ۾ گھنٽا گھَرُ
    ڏسو هي سهڻو شهر سکر.


    سنڌ کان وڇڙيل ٻار جو نظم

    هجن پنک مونکي اڏامي وڃان
    وڃي سنڌ پنهنجي امڙ مان ڏسان

    آهي آس دل ۾ اهائي اڃا
    امان! هڪ ڀيرو مانتو وٽ اچان

    جي بادل ڪو ڀورو مان بڻجي پوان
    ٿريلين جي پياسي ولر تي وسان

    وٺان روپ جيڪر هوائن جو مان
    وڃي سنگ کيتن ۾ تنهنجا چمان

    جي سنڌي ٻوليءَ جو شاعر هُجان
    فقط گيت ڌرتي مان تُنهنجا لکان.


    ڪتاب وارو خواب

    رات ڏٺو مون هڪڙو خواب
    ڏٺم خواب ۾ سهڻو ڪتاب
    ڪتاب مونکي ساڻ ڪري
    وٺي هليو هو ٿورو پري
    ڪتاب مونسان ڳالهايو پئي
    ور ور مونکي سمجھايو پئي
    ڀائو! گھڻو نه رُلندو ڪر
    کڻي تُون مونکي پڙهندو ڪر
    جي تون مونسان سنگت رکندين
    سڄي حياتي سکيو رهندين
    ڪتاب مونکي کلندي چيو
    هڪ جاءِ ڏانهن ڏسندي چيو
    مُنهنجو گھَرُ آ ڪُتب خانو
    هتي ايندو ڪر تُون روزانو
    ڳالهه ڪتاب جي ڪيو اثر
    وقت بچائي مان اڪثر
    ڪتب خاني ويندو آهيان
    سمجھه وڌائي ايندو آهيان.


    سوچ سمجھه جو کيلُ

    سوچ سمجھه جو کيلُ نيارو
    ڀڃو ڳُجھارت پيارا ٻاروسوچ سمجھه جو کيلُ

    سوچ سمجھه جو کيلُ نيارو
    ڀڃو ڳُجھارت پيارا ٻارو
    هڪ پکيءَ جو پيارو ڍنگُ آ
    چهنب ڊگھِي ۽ ڪارو رنگُ آ
    جنهن اوهان کان لولي کسي آ
    ٻڌايو ٻارو ڪهڙو پکي آ؟

    اها ڳجھارت اسان ڀڳي آ
    اهو ته سائين ڪانگ پکي آ.

    پوشاڪ سائي ڳاڙهو ڳانو
    ٻوليون ٻولي ڳائي ترانو
    چُوري جنهن لاءِ رکي آ
    ٻُڌايو ٻارو ڪهڙو پکي آ؟

    اها ڳجھارت اسان ڀڳي آ
    اهو ته سائين طوطو پکي آ.

    تيز اڏامي پيئي نه کائي
    پَل ۾ اُڀ سان ٿو ڳالهائي
    انهيءَ جي رفتار تکي آ
    ٻڌايو ٻارو ڪهڙو پکي آ؟

    نٿي ڀڄي هيءَ اوهين ٻُڌايو
    ڏَسي ڳُجھارت ڄاڻ وڌايو
    انهيءَ پکيءَ جو نانءُ جهاز
    آهي جنهن جو تيز آواز.

    ٿرن برن ۾ رهندو آهي
    بادل ڏسندي نچندو آهي
    سونهن انهيءَ جي صاف سچي آ
    ٻڌايو ٻارو ڪهڙو پکي آ؟

    اها ڳجھارت اسان ڀڳي آ
    اهو ته سائين مورُ پکي آ.


    گنجڙو گابارُ

    ڏسو هي گنجڙو گابار
    آهي نانءُ سندس منٺار
    ڪري ٿو ڪڪڙين جو واپار
    ٽڪڻ آ جنهن جي جلويدار
    ڪنهن سان ڪين ڪري تڪرار
    سندس آ سڀني سان سهڪار
    ويهي ڪين رهي بيڪار
    ڪري نه محنت کان انڪار
    هردم همت سان هوشيار
    ونڊي ٿو سڀني سان هو پيارُ
    وڏو پڻ آهي هو فنڪار
    ڪري ڄاڻي ٿو هر اظهار
    سندس آ جت ڪٿ ناماچار
    چاهي ٿو جنهن کي هرڪو ٻارُ
    ڏسو هي گنجڙو گابار.


    پکين جو مشاعرو

    جھمپير جي جھرڪي

    مُنهنجو نالو جم جم جهرڪي
    روز پوان ٿي ڀت تان ترڪي

    باک ڦٽيءَ جو جاڳي آنءُ
    رب جو ساريان مٺڙو نانءُ

    چون چون مُنهنجي آهي ٻولي
    مٺڙي ۽ سڀ کان سولي

    چوڳي خاطر آءٌ اڏامان
    ڪنهن کان مُور نه کسي کانوان

    ڪکن پکن جو هڪ آکيرو
    مُنهنجو آهي ماڳ ڀليرو.


    ڪراچيءَ جو ڪانگُ

    مونکي ٻالڪ وڻندا آهن
    پيار مان ڪانگل چوندا آهن

    رستي ويندي ٻارن کان
    ڪين ٿو هاڻي لولو ڦران

    جي ٿي ٿورو سياڻو ٿيان
    ٻه ٽنگو ٿو ڦاسان مان

    توڙي رنگ جو ڪارو آهيان
    پوءِ به سڀ کان پيارو آهيان

    صبح سويري آءُ اٿان
    سانجھيءَ ڌاري موٽي اچان

    ولر پنهنجي سان آءٌ اڏامي
    وڃي وڻن تي ٿيان آرامي.


    باڊهه جي بلبل

    ببلي بلبل مُنهنجو نالو
    گيتن ۾ آ سندم حوالو

    شاعر مُنهنجي ڪن واکاڻ
    وندر آهيان ٻارن ڪاڻ

    جھرڪي مُنهنجي آهي سرتي
    ڪوئل کان مون سکيا ورتي

    باغن ۾ ٿي ٻوليون ٻوليان
    کليل هوا ۾ پرڙا کوليان

    جڏهن ڏسان ٿي ماريءَ کي
    وڃي ويهان ٿي ٽاريءَ تي

    هانءُ نه پنهنجو هاريان مان
    هردم خوش گذاريان مان.


    تلهار جو طوطو

    مُنهنجو نالو طوطو خان
    ڪين ڪيان ٿو ڪو نقصان

    گيت لکيو مون آهي هڪڙو
    پنهنجن ساون کنڀن جهڙو

    ڳاڙهي چهنب سان صبح شام
    مرچ ۽ ميوا کانوان جام

    جڏهن ڪيان ٿو مان گُفتار
    خوش ٿين ٿا ٻُڍا ۽ ٻار

    اٿم ڳچيءَ ۾ ڳاڙهو ڳانو
    مونکي چاهي سڄو زمانو

    آهي پر ارمان اهو
    ماڻهن جوڙيو مون لئه پڃرو.


    مٺيءَ جو مورُ

    اوهان جو ٿورو وقت وٺان ٿو
    پنهنجي ننڍڙي ڳالهه چوان ٿو

    ٿرن برن ۾ آءٌ اڏامي
    ڪارونجھر تي روز ڪڏان ٿو

    سونهن صفائيءَ ساڻ رهان ٿو
    سڀن پکين ۾ مان لهان ٿو

    جڏهن اچن ٿا بادل ڀرجي
    تڏهن خوشيءَ مان خوب نچان ٿو

    پنهنجا ڪارا پير ڏسان ٿو
    نچندي نچندي روئي پوان ٿو

    وڻندڙ آهن مُنهنجا کنڀ
    مولا جا احسان مڃان ٿو

    مور پکي آ مُنهنجو نالو
    چڱو اي يارو آءٌ هلان ٿو.


    رانديڪن واري مائي

    مائي اوڏڻ آئي آهي
    مٽيءَ جا رانديڪا ٺاهي

    مائي اوڏڻ جڏهن اچي ٿي
    هوڪو ڏيئي ٻار سڏي ٿي
    هرڪو ڊوڙي ان وٽ پڄندو
    گھر ۾ ٻارُ ڪو رهندو ناهي
    روپيو ڏيئي اوڏڻ کي
    رانديڪا مون ورتا ٽي

    گھوڙو هاٿي ۽ خچر
    ٽيئي آيس گھر ۾ ڪاهي
    هاٿي ڏنم ڀاءُ بچل کي
    گھوڙو ڏنم سؤٽ سچل کي
    خچر رکيو مون پنهنجي لاءِ
    ڇڏيو انهيءَ کي آچر ڊاهي
    مائي اوڏڻ محنت واري
    هر ٻالڪ کي آهي پياري
    سٺا ۽ سستا آڻي رانديڪا
    روئندڙ ٻارن کي پرچائي

    مائي اوڏڻ آئي آهي
    مٽيءَ جا رانديڪا ٺاهي.


    ٻار اسان کي پيارا آهن

    هي ٻار اسان کي پيارا آهن
    ڀورا توڙي ڪارا آهن
    سڀُ ٻار اسان کي پيارا آهن

    مٽيءَ۾ هي راند رهن ٿا
    گلڙن وانگر خوب ٽڙن ٿا
    ڌرتيءَ جا هي تارا آهن
    هي ٻار اسان کي پيارا آهن


    جڏهن به ٻالڪ ٽهڪ ڏين ٿا
    ڏک سمورا دور ٿين ٿا

    خوشين جا وسڪارا آهن
    هي ٻار اسان کي پيارا آهن

    نچندي ٽپندي روز ڪڏن ٿا
    پل ۾ پرڀي وري رُسن ٿا
    سندن ڍنگ نيارا آهن
    هي ٻار اسان کي پيارا آهن

    صبح سويري پڙهڻ وڃن ٿا
    ڏسي هنن کي نيڻ ٺرن ٿا
    آئيندي جا سهارا آهن
    هي ٻار اسان کي پيارا آهن.


    پڪوڙائيءَ جو هوڪو

    مُنهنجي هٽ تي ڊوڙي آءُ
    ڪڙڪ پڪوڙا وٺي کاءُ

    گيهه ۾ آنءٌ تريندو آهيان
    سڀ کان سستا ڏيندو آهيان

    ٻن روپين ۾ پورو پاءُ
    ڪڙڪ پڪوڙا وٺي کاءُ

    مرچ، پٽاٽي واڱڻ وارا
    شوق منجھان ٿو ٺاهيان سارا

    جدا جدا سڀني جو ساءُ
    ڪڙڪ پڪوڙا وٺي کاءُ

    ٻار ٻُڍا ۽ جوان ٿا کائن
    کائي مُنهنجا ڳُڻ ٿا ڳائن

    وريو آ مُنهنجي بخت جو واءُ
    ڪڙڪ پڪوڙا وٺي کاءُ

    مُنهنجا پڪوڙا هن مشهور
    کائي وساري ڪوبه نه مُور

    تُون به چهر ڪر مُنهنجا ڀاءُ
    ڪڙڪ پڪوڙا وٺي کاءُ


    جيتن جو مشاعرو

    ڪوٽڙيءَ جو ڪوريئڙو

    جيت ننڍو هڪ آهيان آنءُ
    ڪوريئڙو آ مُنهنجو نانءُ

    آهيان ننڍڙو سمجھه سوائي
    قدرت جي سڀُ آهي ڀلائي

    در درين تي ڄار وڇائي
    گذر ڪيان ٿو مکيون ڦاسائي

    مکيون بيماريون ٿيون ڦهلائن
    مُنهنجا ڄار مکيون کُٽائن

    مکيون مرن ۽ ڀڄن بيماريون
    پوءِ ته آهن ڀاءُ بهاريون

    مُنهنجي محنت ياد ڪجو
    ڪين ڪڏهن ٻارو ڀلجو.


    مٽياريءَ جو ماڪوڙو

    ڪهڙي ڳالهه چوان مان ٻارو
    حال آ مُنهنجو پورو سارو

    جڏهن جيت ٻيا مونکي ڏسن
    مامو ماڪوڙو چئي کلن

    هونئن لڳان ٿو مان ڪمزور
    ڊوڙڻ ۾ يَر آهيان زور

    ڪيان ٿو ڳولا کاڌي ڪاڻِ
    شوق سان کانوان مان مٺاڻ

    مونجھه جڏهن محسوس ڪيان
    ٽنڊڻ سان گڏجي گھمڻ وڃان.


    موري جي مک

    محنت ۾ مون عمر گُذاري
    مک آهيان پر ماکيءَ واري

    ڪين وڃايان مهل اجائي
    پسند ڪيان ٿي آءٌ صفائي

    پنهنجي راج سان گڏجي مان
    ماناري ۾ رهندي آهيان

    ٻين جي خاطر مان لوچان
    محنت جو ٿي درس ڏيان

    ڪين ڪيان جي ڪوشش مان
    توهان کائيندا ماکي ڪٿان

    قائم آ اتحاد اسان ۾
    هرڪا مَک آ شاد اسان ۾.


    ڀنڀور جي ڀنڀوري

    مان ئي آهيان لال ڀنڀوري
    ڳالهه ڪيان ٿي پنهنجي ٿوري

    ڳاڙهو وڻندڙ مُنهنجو رنگُ
    آهي نرالو سڀ کان ڍنگُ

    دل ٿي چاهي اڀُ ڏي اڏران
    وڻن پهاڙن تان مان گذران

    پَر هي نازُڪ پرڙا مُنهنجا
    آس نه مُنهنجي پوري ڪن ٿا

    ٻار جڏهن ٿا مونکي ڏسن
    مُنهنجي پويان خوب ڊُڪن

    ڊوڙي ٻالڪ ٿا ٿڪجن
    مونکي پڪڙي ڪين سگھن.


    پيٽاري جو پوپٽ

    نازڪ ننڍڙو پوپٽ آهيان
    ٻڌو اي ٻارو ڇاٿو ٻُڌايان

    الله جو احسان وڏو آ
    جنهن هي سهڻو رنگُ ڏنو آ

    هري هري ٿو اڏران مان
    گُلن ڦُلن تان گذران مان

    سُونهن جِتي سُرهاڻ جِتي
    مُنهنجو آهي ماڳُ اتي

    گُل ۽ مکڙيون مُنهنجا ساٿي
    جن سان گھاريان سڄي حياتي

    مونکي پڪڙڻ خاطر ٻارَ
    حيلا ڪن ٿا سَوَ هزار

    نازڪ ننڍڙو پوپٽ آهيان
    اڏري پنهنجي جان بچايان.


    وڌيڪ شاعري

    موهن جو دڙو بچايو

    سڀني ساٿين کي جاڳايو
    دڙو موهن جو يار بچايو

    ٻڌي دڙي جي برباديءَ جو
    ساريءَ دنيا آ گھٻرايو

    فقط اسان جي دولت ناهي
    آهي عالم جو سرمايو

    تنهن مڃي آ عظمت ان جي
    جيڪو به ان کي ڏسڻ آيو

    تاريخي اهڃاڻ هي پنهنجو
    سستيءَ ۾ اڄُ ڪينَ مِٽايو

    جاري سدا جاکوڙ هُجي
    ويهي نه پنهنجو وقت وڃايو

    سڀني جو سهڪار وٺي اڄُ
    سم ڪلر کي دور ڀڄايو

    قائم رهندو هي خزانو
    هرڪم ٿيندو نيٺ سجايو


    موسم جو گيتُ

    جھُڙُ ڦُڙ ميگهه ملهاري آهي
    موسم ڏاڍي پياري آهي
    سمنڊ ڪناري سير ڪرڻ جي
    ٻارن ڪئي اڄُ تياري آهي.

    وڻ ٽڻ ڌوپي اجرا ٿيا هن
    خوش خوش سارا چهرا ٿيا هن
    پکي به مٺڙيون ٻوليون ڪن ٿا
    واهه واهه باغ بهاري آهي
    موسم ڏاڍي پياري آهي.

    گھمڻ ڦرڻ لئه سارا سنبريا
    سارنگ ساجن وارا سنبريا
    پوپٽ جهڙا ڪپڙا پائي
    سنبري راجڪُماري آهي
    موسم ڏاڍي پياري آهي.

    سڀئي ٻالڪ ڌيان سان هلجو
    پنهنجون شيون خيال سان کڻجو
    هلو ته ڊوڙِي هاڻِ چڙهون
    لاري وڃڻ واري آهي
    موسم ڏاڍي پياري آهي.


    عالم خان

    سڀني کان ڊگھو انسان
    ڏسو هي ٻارو عالم خان

    ماڻهو هن کي بيهي ڏسن ٿا
    ننڍڙا ٻالڪ ڊڄي وڃن ٿا
    ڏسي قداور هستيءَ کي
    لوڪ سڄو آهي حيران
    ڏسو هي ٻارو عالم خان.

    سوڙهي گھر ۾ وڃي نه سگھندو
    عام کٽن تي سُمهي نه سگھندو
    موٽر ڪار ۾ گھُمي نه سگھندو
    جتي به عالم خان وڃي ٿو
    ملي ٿو هن کي ڏاڍو مانُ
    ڏسو هي ٻارو عالم خان.

    سورهن والن جي سُٿڻ پائي
    ڏهه مانيون ويلي تي کائي
    ماڻهن سان ويهي ڳالهائي
    ملڪن ۾ مشهور ويو ٿي،
    آهي اسان جو مُڙس مهان
    ڏسو هي ٻارو عالم خان.


    ناني شاني

    سڄي پاڙي جي هڪڙي ناني
    ٿلهي متاري ناني شاني

    جڏهن به ناني کلندي آهي
    ڄڻ ڪا سيٽي وڄندي آهي
    وري جڏهن هو گھُمندي آهي
    ڀانءِ ته ڌرتي ڌُڏندي آهي
    آهي وزن ۾ ٿوري ڳوري
    هر ويلي تي هوءَ سڳوري
    پنجن ڄڻن جي کائي ماني
    ٿلهي متاري ناني شاني.

    ناني آهي قربن واري
    سندس طبيعت آهي ٻاجھاري
    ڪينَ ڪري ٿي ڪوئي جھيڙو
    جِتي به ويندي ٿيندو ميڙو
    واٽ تي ڪنهن کي ڏسندي آهي
    دُعائون ڪندي چوندي آهي
    پُٽڙا! ماڻين شال جَواني
    ٿلهي متاري ناني شاني

    صبح سويري گھَر گھَر ويندي
    ڪم ڪار جو سڀ کان پڇندي
    ٻنهي هٿن ڇٻيون کڻندي
    هري هري بازار ڏي ويندي
    سڄي پاڙي جا سودا وٺندي
    سهڪي سهڪي واپس ورندي
    ڪري سڀن تي مهرباني
    ٿلهي متاري ناني شاني.


    سيهڙ جي سالگرهه

    جنم ڏينهن تي سيهڙ خان
    گھڻا گھُرايا گھَر مهمان

    ڪوئو آيو ڪارڊ ڇپائي
    بگھڙ آيو بينڊ گھُرائي

    جنهن کي سيهڙ جو ڪارڊ مليو
    سو دعوت تي آيو هليو

    هرڻ به آيو هارَ کڻي
    سيهڙ کي ڏاڍي ڳالهه وڻي

    ڪُتو به پهتو سڏُ اونائي
    سوٽ بوٽ سان ٽوپلو پائي

    آخر ۾ آيو منڊڙو شيرُ
    هر هر منڊڪائي پيرُ

    سالگرهه جي سهڻي شام
    مليا سيهڙ کي تحفا جام

    شِينهن بڻيو هو مُک مهمان
    وچ ۾ ويٺو سيهڙ خانُ

    گدڙ نچندي گيتُ چيو
    سيهڙ سهڻو ڪيڪُ ڪٽيو

    تاڙي وڄائي جھُمر پائي
    سڀني چيو واهه واهه!
    سيهڙ جي ٿي سالگرهه.


    علڻ فقير

    موسيقيءَ جو مجلس ميرُ
    آيو آهي علڻ فقير
    لڳو مور جيان نچڻ فقير.

    اجرڪ جو ٿو پٽڪو پائي
    تندُ تپائي وائي ڳائي
    جھومي محفل کي گرمائي
    ٻڌي علڻ جا ٻول ٻه ٽي
    خوش ٿئي ٿو هر دلگيرُ
    آيو آهي علڻ فقيرُ

    آهي نرالو هي فنڪار
    سنڌ ـ ثقافت جو سينگارُ
    جوڳي، سامي ڪڏهن ڌنارُ
    هر روپ ۾ خوب ٺهي ٿو
    ساز ۽ سُر جو هي سفيرُ
    آيو آهي علڻ فقيرُ.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 468
    ڪتابن جو مشاهدو: 399898
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 161586
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ