ڪتاب جو نالو: سُهائي سُپرينءَ جي
مصنف: ايوب کوسو
ڇپائيندڙ: سنڌيا پبليڪيشنس
ڪيٽيگري: لطيفيات
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 13 جنوري 2017 ع
پڙهيو ويو: 1782 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 943 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
”سهائي سپرينءِ جي“ نامياري شاعر ايوب کوسي پاران ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جي فڪري ۽ رومانوي اڀياس تي مشتمل آهي. ايوب کوسو لکي ٿو:

”لطيف صوفي به آهي، عاشق به آهي، محبوب به آهي، عظيم شاعر به آهي، ته فلاسافر به آهي. لوڪ ڏاهپ جو وينجھار به آهي. تصوف جو خزانو به آهي، ته انساني احساس جو ويڄ به آهي، سامونڊيءَ به آهي ته کاهوڙيءَ به آهي. سنڌ جو عاشق آهي ته پوري عالم جو به دوست آهي. ڪڏهن پتنگ آهي، ڪڏهن آڳڙيو آهي. ڪڏهن سهڻي آهي ته ڪڏهن مارئي آهي. ڪٿي منصور جو سڏ آهي، ته ڪٿي روميءَ جو يار آهي. ڪٿي ڏياريءَ جو ڏيئو آهي، ته ڪٿي عيد جو ڀاڪر آهي! ڪڏهن هنج ٿي موتيءَ چُڻي ٿو، ڪٿي ڪونج بڻجي اڏار ۾ نظر اچي ٿو! ڪڏهن ڪاڪ جو ڪاپڙيءَ آهي، ته ڪڏهن رام ڪليءَ جو ڀڀوت جوڳيءَ آهي! ڪڏهن مومل جو مجاز آهي، ته ڪڏهن سسئي جي اداس نگاهه جو اُلڪو آهي! ڪڏهن ويرانيءَ ۾ چنڊ آهي، ته ڪڏهن سارنگ جي انڊلٺ آهي! ڪڏهن ڪيچ جو پنڌ آهي، ته ڪڏهن لاڙ جو لُڙڪ آهي! ڪڏهن ڏياچ جو ڪنڌ آهي ته ڪڏهن ٻيجل جي تند آهي! ڪڏهن جھوڪ جي هوا آهي ته ڪڏهن پڌام جي پُڇا آهي! ته ڪڏهن ڪڇ جي کٿوريءَ آهي! ته ڪڏهن ڪلاچي جي خاموشيءَ آهي! ڪڏهن مڪڙيءَ آهي، ته ڪڏهن ڇوليءَ آهي!
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پنهنجي پاران : سڄڻ ميخون ڏونگرين
  • بابا ڀٽائي ۽ تحقيق جو پس منظر
  • ڀٽائي، رُومي ۽ فارسي شاعري
  • اوڀر جو فسلفو، تاريخ ۽ ڀٽائي
  • فلسفو ۽ روشن خيال صوفياڻي شاعري
  • ڀٽائيءَ جو صوفيءَ بابت نظريو
  • لطيف جو عظيم تصوف
  • لطيف جي فڪري، انقلابي ۽ مزاحمتيءَ شاعري
  • ڀٽائي: قوم دوست شاعر
  • لطيف وٽ سُوريءَ جي سچ جو فلسفو
  • لطيف جي شاعريءَ ۾ پتنگن جو فلسفو
  • سنڌ، پاڻي ۽ لطيف جي شاعري
  • لطيف عظيم مشاهدڪار شاعر
  • لطيف جو دانشوراڻو فڪر
  • لطيف وٽ وحدت يا هڪ مرڪز جو نظريو
  • شاهه لطيف: عظيم وجداني شاعر
  • ڀٽائيءَ وٽ عورتاڻي مزاج جي عڪاسيءَ جو رنگ
  • ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ مافوق الحقيقت نگاري
  • لطيف وٽ عاشقاڻي احساس جي انتها
  • سهڪاري ڪتاب

  • ارپنا

    سنڌ جي وحدت، روشن خياليءَ، سيڪيولر فڪر ۽
    قوم جي عشق ۾ پنهنجو رَت ڏيندڙ،
    شهيد الهه بخش سومرو جي نانءُ.
    اڄ جي ٻَرندڙ سنڌ ۾،
    روشن خياليءَ جي لاٽ جي حفاظت ڪندڙ،
    امر سنڌوءَ جي نالي.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (324) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”سهائي سپرينءِ جي“ نامياري شاعر ايوب کوسي پاران ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جي فڪري ۽ رومانوي اڀياس تي مشتمل آهي. ايوب کوسو لکي ٿو:
    ”لطيف صوفي به آهي، عاشق به آهي، محبوب به آهي، عظيم شاعر به آهي، ته فلاسافر به آهي. لوڪ ڏاهپ جو وينجھار به آهي. تصوف جو خزانو به آهي، ته انساني احساس جو ويڄ به آهي، سامونڊيءَ به آهي ته کاهوڙيءَ به آهي. سنڌ جو عاشق آهي ته پوري عالم جو به دوست آهي. ڪڏهن پتنگ آهي، ڪڏهن آڳڙيو آهي. ڪڏهن سهڻي آهي ته ڪڏهن مارئي آهي. ڪٿي منصور جو سڏ آهي، ته ڪٿي روميءَ جو يار آهي. ڪٿي ڏياريءَ جو ڏيئو آهي، ته ڪٿي عيد جو ڀاڪر آهي! ڪڏهن هنج ٿي موتيءَ چُڻي ٿو، ڪٿي ڪونج بڻجي اڏار ۾ نظر اچي ٿو! ڪڏهن ڪاڪ جو ڪاپڙيءَ آهي، ته ڪڏهن رام ڪليءَ جو ڀڀوت جوڳيءَ آهي! ڪڏهن مومل جو مجاز آهي، ته ڪڏهن سسئي جي اداس نگاهه جو اُلڪو آهي! ڪڏهن ويرانيءَ ۾ چنڊ آهي، ته ڪڏهن سارنگ جي انڊلٺ آهي! ڪڏهن ڪيچ جو پنڌ آهي، ته ڪڏهن لاڙ جو لُڙڪ آهي! ڪڏهن ڏياچ جو ڪنڌ آهي ته ڪڏهن ٻيجل جي تند آهي! ڪڏهن جھوڪ جي هوا آهي ته ڪڏهن پڌام جي پُڇا آهي! ته ڪڏهن ڪڇ جي کٿوريءَ آهي! ته ڪڏهن ڪلاچي جي خاموشيءَ آهي! ڪڏهن مڪڙيءَ آهي، ته ڪڏهن ڇوليءَ آهي!
    هي ڪتاب سنڌيا پبليڪيشن پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري پرڪاش ڪرماڻيءَ جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي، ٿورا سائين ايوب کوسي صاحب جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ شيئر ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پنهنجي پاران : سڄڻ ميخون ڏونگرين

    جنوري 2014ع ۾ ڏاڍا سيءَ پئي پيا. سائيبريا جون سرڪش هوائون روس کي تڙپائينديون ، ڪابل مان ڪاهينديون، قلات جي بُولن کي لوڏينديون، ڪوئيٽا کي کڙڪائينديون، اچي سنڌ راڻيءَ کي ڌونڌاڙڻ لڳيون هيون، سائيبريا جا ننڍڙا پکيئڙا جنهن سيءُ کان لڪي ڪو وقت اڳي اچي لاڙ ۾ لٿا هئا، هِن سِيءُ جي ادائن تي حيران هئا، سِيءُ اهڙو جو سَوَڙين کي به نه پيو مڃي! وَر وَر ڪيو پيو بابا ڀٽائي ياد اچي:

    اتر ڏِني اوت، نه مون سوڙ نه گَبرو،
    چاريِئي چُنيءَ پوت، مون ريڙهيندي رات گئي!

    سنڌ جي لاڏائو قبيلن، خانه بدوشن باهيون ٻاري پئي اُتر جي آريائي حملن جي مزاحمت ڪئي! بدين جي پرينءَ افتحار کوسي نئين سال جي آجيان جو ادبي پروگرام رٿيو هو، اچڻ لاءِ زور ڀريو هئائين، شهر بجاءِ هُن پنهنجي ڳوٺ تلهار ويجھو ٻهراڙيءَ ۾ اهو سٽاءُ سِٽيو هو، جتي مچ ڪچهريءَ رٿيل هئي. لاڙ جيئن ته پوئين ڏينهَن ۾ مذهبي تنگ نظريءَ جو مثال بڻجي، هڪ قديم سنڌيءَ دراوڙ جي لاش جي بيحرمتيءَ جي ڪري، ڏيهي ۽ پرڏيهيءَ ميڊيا تي سنڌ جي بدترين خُواريءَ جو سبب بڻيل هو، جنهنڪري شرڪت ضروري سمجھيم. سج لٿي مهل پياري شوڪت اڄڻ (ايس ڊي ايم جھڏو) سان گڏجي پروگرام لاءِ نڪتس. شوڪت اڄڻ قوم دوست لبرل انسان آهي. سفر ۾ اسان جو موضوع لطيف بڻجي ويو. رات جو جڏهن پروگرام ۾ مچ روشن ٿيا، اسٽيج گرم ٿيو ته اسان سڀني آيل مهمانن کي روايتي سوکڙيءَ اجرڪ کان هٽي ڪري شاهه جو رسالو سوکڙي ڪيو ويو! اها وڏي عزت افزائي محسوس ٿي. ٺرندڙ ڪاريءَ رات ۾ هِي نئين عاشقاڻي روايت وڏو نياپو محسوس ٿي. سوچيم: سنڌ جي خاموش راتين ۾ هاڻ جڏهن لطيف جو فڪر سوکڙيءَ ٿيڻ شروع ٿيو آهي ته پڪ ٿي وئي آهي ته سنڌ پنهنجو وڃايل دڳ ڳولڻ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.
    صوفي ازم ۽ سيڪيولرازم سنڌ جي اصل سڃاڻپ آهي، مدارين ۽ تاريخ جي رهزنن جي ساٿارين سنڌ جي ان اصل روح کي لُٽڻ، گھُٽڻ ۽ ڪُچلي ڇڏڻ جي ڪوشش ڪئي آهي! ان ڪري سنڌ وڏن سانحن جو شڪار آهي. سنڌ جي اصل سڃاڻپ جو برقرار رهڻ سنڌ جي حق ۾ آهي. اُن رات لاڙ جي هوائن ۾ جديد سنڌي شاعريءَ مهڪِي، صوفي فڪر تي ڳالهايو ويو. رقص ٿيا، بينُون ۽ بانسريون وڳيون، ۽ راڳين فجر تائين ساز ۽ آواز سان دلين ۽ اکين کي سُمهڻ ڪونه ڏنو! صبح جي اڇاڻ ظاهر ٿيندي ئي اسان واپس موٽياسين، وري به اسان جو موضوع لطيف هو. سج لٿي کان سج اُڀرڻ تائين لطيف ئي اسان جو دوست بڻيل هو، جنهن چيو پئي:

    مَتان مُٺي! ڇڏين، پِريتڻو پاڻان،
    ڄاپن جئن ڄاڻا، تون پڻ هوئج تِن جئن!
    _
    ”اي مُٺيءَ! متان محبت کي پاڻ کان الڳ ڪرين،
    جيئن جاڙا ٻار گڏ ڄمن ٿا، تون به پريت سان ائين گڏ هجج!“

    اوچتو اهو خيال ڪر کڻي اُڀو ٿيو ته، ڇو نه بابا ڀٽائي جي فڪر تي ڪو دل وارو ڪم ڪري ڏسجي. لطيف کي دل ۾ ته زمانن کان رکيو پيو هلجي، ڇو نه هُن جي شاعريءَ کي پنهنجي عاشقاڻي اک سان ڏسجي. لطيف تي پنهنجي سوچ ۽ نظر سان اظهارڪري ڏسجي. نئين صبح ۾ اڀريل ان خيال سان نڀائڻ جو وچن ڪري ويٺس! جڏهن لطيف کي ويهي، نئين انداز سان پڙهيم، ته لطيف ايترو ته گھرو ۽ نئون لڳم، جو سڀ ارادا ٺري ويا، سوچيم، ڀٽائي تي اڀياس جو ڪم منهنجي ذهن کان گھڻو ڳرو آهي، ڪونه نڀائي سگھنداسين! دنيا جي هڪ عظيم شاعر جي شاعريءَ تي لکڻ مون کي ناممڪن لڳو. پر دل جي عشق چيو، عشق ڪرڻ تنهنجو حق آهي، سُهڻي ٿِي وڃ، باقي جيڪا درياهه جي مرضي! حقيقت اها آهي ته، آئون لطيف جو پارکو ۽ ڄاڻو ناهيان، نه عالم ۽ محقق آهيان. آئون فقط ڀٽائي جو طالب ۽ ننڍڙو عاشق آهيان. اهِل علم سنڌين، لطيف تي، لطيف جي شاعريءَ تي تمام گھڻو پيار ڀريو ڪم ڪيو آهي. مون لطيف تي ٿيل اها سڄي تحقيق ناهي پڙهي، ان ڪوتاهي جو اعتراف اٿم. پر جيڪي ڪجهه پڙهيو اٿم، ان مان اهو ڄاتو اٿم ته اڃان لطيف تي تمام گھڻي تحقيق جي گھرج آهي. ان حقيقت ۾ ذرو به شڪ ناهي ته لطيف جي شاعريءَ سمنڊ به آهي، درياهه به آهي، ڌرتيءَ به آهي، ته فڪر جو آسمان به آهي. ان کي جيترو گھرائيءَ سان ڦولبو، اوترا نوان راز ظاهر ٿيندا ويندا، قصو ختم نه ٿيندو.
    لطيف صوفيءَ به آهي، عاشق به آهي، محبوب به آهي، عظيم شاعر به آهي، ته فلاسافر به آهي. لوڪ ڏاهپ جو وينجھار به آهي. تصوف جو خزانو به آهي، ته انساني احساس جو ويڄ به آهي، سامونڊيءَ به آهي ته کاهوڙيءَ به آهي. سنڌ جو عاشق آهي ته پوري عالم جو به دوست آهي. ڪڏهن پتنگ آهي، ڪڏهن آڳڙيو آهي. ڪڏهن سهڻي آهي ته ڪڏهن مارئي آهي. ڪٿي منصور جو سڏ آهي، ته ڪٿي روميءَ جو يار آهي. ڪٿي ڏياريءَ جو ڏيئو آهي، ته ڪٿي عيد جو ڀاڪر آهي! ڪڏهن هنج ٿي موتيءَ چُڻي ٿو، ڪٿي ڪونج بڻجي اڏار ۾ نظر اچي ٿو! ڪڏهن ڪاڪ جو ڪاپڙيءَ آهي، ته ڪڏهن رام ڪليءَ جو ڀڀوت جوڳيءَ آهي! ڪڏهن مومل جو مجاز آهي، ته ڪڏهن سسئي جي اداس نگاهه جو اُلڪو آهي! ڪڏهن ويرانيءَ ۾ چنڊ آهي، ته ڪڏهن سارنگ جي انڊلٺ آهي! ڪڏهن ڪيچ جو پنڌ آهي، ته ڪڏهن لاڙ جو لُڙڪ آهي! ڪڏهن ڏياچ جو ڪنڌ آهي ته ڪڏهن ٻيجل جي تند آهي! ڪڏهن جھوڪ جي هوا آهي ته ڪڏهن پڌام جي پُڇا آهي! ته ڪڏهن ڪڇ جي کٿوريءَ آهي! ته ڪڏهن ڪلاچي جي خاموشيءَ آهي! ڪڏهن مڪڙيءَ آهي، ته ڪڏهن ڇوليءَ آهي!
    لطيف عشق، وجد، انسانيت، جدوجھد، ۽ سنڌي ٻوليءَ آهي. ايڏي وڏي شاعر جي شاعريءَ جو انصاف ڀريو اڀياس ڪرڻ سچ ته منهنجي وس جي ڳالهه ناهي. مٿان وري جو محترم رسول بخش پليجي جا هِي واڄٽ ڪندڙ لفظ پڙهان ٿو ته آڱريون ئي ٺري وڃن ٿيون، انڌا اونڌا ويڄ ڪتاب ۾ لکيو اٿن: “لطيف تي سَوَن سالن کان اسان جا بزرگ لکندا اچن، سنڌي ٻوليءَ جون سموريون صنفون ۽ تعريفي اکر کُٽائي ڇڏيا اٿن، پر اهڙا سوين مقالا پڙهڻ کان پوءِ به ذهنن تي اُها ڪيفيت پيدا نٿي ٿئي، جيڪا لطيف جي ٻن سٽن کي پڙهي ڏسڻ سان ٿئي ٿي. در حقيقت هرسال جيڪي بزرگ لطيف جھڙي ديوَ پيڪر، هماليه جبل جيڏي انسان کي خراج عقيدت ڏيڻ بهاني پنهنجي ذاتي راين جي تنجڻن ۾ ٻڌڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، ۽ کيس پنهنجي تنگ نظر جي پتڪڙيءَ چيچ ۾ هٿ ڏئي، پنهنجي مرضي موجب پيرڙيون کڻائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، تن جي خود اعتمادي ۽ خوشفهميءَ تي مون کي هميشه ساڳيءَ وقت کِل ۽ روئڻ ايندو آهي. آءٌ تصور ۾ ڪيتريون ٻليون ڏسندو آهيان، جيڪي ڪنهن ڪيهر شينهن جي ڪُلهي تي چڙهي، بزرگانه شفقت سان سندس پُٺ ٺپري، سندس سرپرستيءَ ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون هجن!” مار! هِن راءِ کان پوءِ ڪيئن دل ٻڌجي ته لطيف کي ڪجهه ڀيٽا ڪجي؟ ڇا ڪجي؟ عشق بي چيو آهي، جيڪو چوي ٿو، عشق پڌرو ٿيڻ ئِي گھرجي، ضروري ناهي ڪو شاهڪار ڪم پيش ڪجي، جھڙو حال هجي، اهو ڪم ڪجي ته به ڪو حرج ناهي!
    اهو ئي سوچي سنڌ جي هماليا جبل کان به وڏي شاعر سان پنهنجي محبت کي پڌرو ڪرڻ جي هڪ ننڍڙيءَ ڪوشش ڪئي اٿم .
    ايڇ ٽي سورلي لکيو آهي: “منهنجي راءِ ۾ شاهه لطيف اُن ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ سڀني شاعرن کان وڏو شاعر آهي، جنهن کي هاڻ پاڪستان چيو وڃي ٿو! هُو پاڪستان جو قومي شاعر ڪونهي، ان جا ڪي تاريخي ۽ سياسي سبب آهن، جن جو اعليٰ ادبي معيار سان ڪوبه واسطو ڪونهي. هڪ ٻيو شاعر هن وقت پاڪستان جو قومي شاعر آهي، اها هڪ جُدا ڪهاڻي آهي !” اُها ڪهاڻي سنڌ جي باشعور ماڻهن کان هاڻ ڳُجھي ناهي! اُن جُدا ڪهاڻي ۾ سنڌ جا جوڌا پنهنجيون زندگيون جيلن ۾ ساڙي چڪا آهن! اڄ به سنڌي ليکڪ ان جبر جو شڪار آهي ته سچ نه لکي! سنڌي روشن خيال ليکڪن کي سچائيءَ سان لکڻ جي هتي اجازت ناهي. اسان قابو ٿيل ليکڪ دل جي ڳالهه ڪرڻ کان محروم آهيون. ها اهو سچ آهي ته سنڌيءَ اڄ پاڻ کي هڪ قوم تصور ڪن ٿا. اهو قومي وجد هر دل ۾ موجود آهي. ان جي پويان لطيف جو فڪر شامل آهي. هڪ قوم جي حيثيت ۾ شاهه لطيف سنڌين جو قومي شاعر آهي. ان حقيقت کي ڪنهن به کاري هيٺ نٿو لڪائي سگهي! قومون پنهنجا فيصلا پاڻ ڪنديون آهن. ان ڪري سنڌي هڪ قوم جي ڏنل قومي شاعر جي فيصلي کي ڪابه طاقت تبديل نٿي ڪري سگھي! سنڌي قوم فطري طور پر امن قوم رهي آهي، جنهن سڄي دنيا جو احترام ڪيو آهي. سنڌين جو تاريخ ۾ ڪيترو احترام ۽ ساڻن زيادتيون ٿيون آهن؟ سنڌ ڪهڙين ڪهڙين رهزنين کي پنهنجي سيني تي زخمن وانگي برداشت ڪيوآهي؟ سنڌ ڇا ٿِي سوچي؟ اهي سوال ۽ انهن جا جواب نه ڪنهن کان لِڪل آهن، نه وري سنڌ جي باشعور ساڃهوندن ان تي پردو وجھڻ مناسب سمجھيو آهي!
    سنڌ جي سڄاڳي اڄ جو وڏو سچ آهي. سنڌي ڪلهه به سج جي روشنيءَ جا عاشق هئا، اڄ به انهن انهيءَ نظريي کي پُٺيءَ ناهي ڏني! ارڙهين صديءَ ۾ ڀٽائي جي جيڪا قومي ۽ صوفياڻي سوچ هئي. ٽن صدين کان پوءِ به ان سچ کي وقت جي اُڏوهيءَ کائي ناهي سگھي! سنڌي قوم اڄ به لطيف جي آڱر جھلي بيٺل آهي! لطيف سنڌين جي دلين ۾ موجود آهي، ته ڄڻ سيڪيولر فڪر سنڌين جو نظرياتي مورچو بڻيل آهي. هڪ وقت آيو، جو سنڌي قوم ٻن مذهبن طور ورهائجي وئي. ان تجربي مان سنڌي قوم تاريخ جي ان شعور کي ماڻيو آهي، جيڪو تمام گھٽ قومن کي هوندو آهي. قومن جي زندگين جا اهي تاريخي تجربا انسانن کي نئين شعور کان آگاهه ڪندا آهن. سنڌين ان تاريخ مان ڪافي ڪجھه سکي ورتو آهي. هڪ دؤر ۾ اسان جي باشعور ماڻهن صوفين تي لڳندڙ ميلن ملاکڙن جي مخالفت پئي ڪئي، هاڻ انهن کي سُڌ پئي آهي ته صوفين جا ميلا قومي اتحاد ۽ صوفيءَ ازم کي قائم رکڻ لاءِ ڪيڏا اهم آهن.
    سنڌين جو قومي استحصال ڪهڙن ڪهڙن نالن ۾، معتبر نظرين ۾ ۽ نعرن ذريعي ڪيو ويو آهي؟ اڄ جي شعور ان راز کي ڳولي ورتو آهي. اهو راز خود لطيف ٻڌايو آهي ته:

    ڌُريان ئي ڌاريان، مِٽ مُئي جا نه ٿيا،
    مَدي ڏيرن مَن ۾، آئون کِليو کيڪاريان،
    صبح ٿِي ساريان، اُٺ نه اوطاقن ۾ .

    سنڌ سان اهو ئي حشر ٿيو آهي، جيڪو مارئي سان ٿيو هو، جھڙو سسئي سان ٿيو هو! اُٺن ڪيئن لاڻو سمجھي سنڌ کي کاڌو آهي، اُن جو حساب ٿيڻ ضروري آهي. اها تمام ٿورن ماڻهن کي سُڌ آهي ته سنڌ جي سيڪيولر، پرامن، انسان دوست صوفي فڪر کي باهه ۾ ساڙڻ جون غليظ سازشون چوٽ تي چڙهي چڪيون آهن. سنڌ انتها پسنديءَ ڏي ڌڪجي رهي آهي، جنهن کي بچائڻ سنڌ جي باشعور فردن جو قومي فرض آهي. مندرن تي حملا، ڌرمشالائن کي باهيون، سنڌي هندن جي ملڪيتن کي ڦٻائڻ جون سازشون، انهن کي ڪوڙن جڙتو ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جا مرحلا تمام وڏي سازش آهن، نه رڳو ايترو پر قومي ڪارڪنن کي به جيئري ساڙيو ۽ ماريو پيو وڃي. اها نئين ايجندا آهي جيڪا سنڌ تي مڙهي پئي وڃي. ٿورو ذهن ۾ رکڻ کپي ته ٻي عالمي جنگ کان پوءِ 1920ع ڌاري عالمي قوتن پنهنجي مفاد لاءِ مختلف اڏا ٺاهيا هئا. هاڻ عالمي قوتن نئون ڦيرو کاڌو آهي، ته انهن جا محور تبديل ٿي رهيا آهن. اهي قوتون ڀاڙي جا غنڊا خريد ڪري ماحول تبديل ڪرڻ ۾ مصروف آهن. عالمي قوتن جون پگھاردار ۽ ڪمداريءَ ڪندڙ ڌريون سنڌ جي سيڪيولر ۽ روشن خيال فڪر کي نشانو بڻائڻ لاءِ سندرو ٻڌي چڪيون آهن، سنڌ ۾ رجعت پرستيءَ جا ادارا وڌائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، ان لاءِ امداد ڏيڻ وارا هٿ موجود آهن. سنڌ جو اصل وارث مذهبي اقليت جي بنياد تي نشانو بڻجڻ جي دؤر مان گذري رهيو آهي. ياد رکڻ گھرجي ته اهو اقليت ناهي، سنڌ ڌرتيءَ جو وارث آهي. ان جي عزت سنڌي قوم جي عزت آهي. ان نظريي کي سمجھڻ ۽ عام ڪرڻ جي وڌيڪ ضرورت آهي. سنڌ جي سيڪيولر فڪر جو گھيراءُ ٿيڻ واري سازش جو گڏجي مقابلو ڪرڻ جي گھرج آهي. وقت جي ضرورت آهي ته رجعت پرستيءَ کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو وڃي.
    منهنجو ايمان آهي ته جيڪڏهن هر سنڌيءَ جي گھر ۾ لطيف کي پڙهيو ۽ سمجھيو وڃي ته سڄي سنڌ ٻيهر مڪمل صوفي ازم جو گھر ٿي سگھي ٿي.
    لطيف جي شاعريءَ انتهائي عظيم ۽ مهذب آهي، مهذب پرست آهي. لطيف جي شاعريءَ اوڀر جي ڪپهه جو گل آهي، اوڀر جي ڦُٽيءَ مان جنم وٺندڙ اجرو لباس آهي. سنڌيءَ قوم کي رجعت پرستيءَ کان بچائڻ لاءِ لطيف جو قومي فڪر حفاظتي ٽڪن طور ڏيڻ بيحد ضروري آهي. سنڌ جنهن لاءِ آمريڪي محقق عهدنامه عتيق جو حوالو ڏئي ڄاڻائي ٿي ته: “انسان ذات جي شروعات سنڌ مان ٿي!” ان سنڌ ۾ ان جو وارث دراوڙ عزت واري طريقي سان هوليءَ به نه ملهائي سگھي، ته ان کان وڏو ٻيو الميو ڪهڙو هوندو؟ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جو عظيم روح بحال ٿيڻ کپي.
    ڀٽائي تي لکيل هن ڪتاب لاءِ ڪابه دعويٰ ناهي، مون پنهنجو عشق پڌرو ڪيو آهي، اهو عشق سنڌيءَ قوم کي قبول پيو ته ڄڻ مون کي سڀڪجهه حاصل ٿي ويو.
    آءٌ تمام گهڻو ٿورائتو آهيان نوجوان قلمڪار پنهنجي دوست تولارام سوٽهڙ ۽ اُڀرندڙ ليکڪ پرديپ ڀاناڻيءَ جو، جن هن ڪتاب جي مسودي کي ڪمپوز ڪري ڇپائيءَ جي لائق بڻايو.

    ايوب کوسو
    جهڏو
    جولاءِ 2014ع


    بابا ڀٽائي ۽ تحقيق جو پس منظر

    بنيادي طور تي اسان وڏا فتويٰ باز آهيون، ڳالهه سمجھه کان مٿي چڙهي ويندي آهي ته، هڪ هنڌ ليڪو ڪڍي بيهي رهندا آهيون. تحقيق جي گھرائيءَ ۾ لهڻ بدران هڪ حد جي طرفداريءَ کي طئي ڪري ڇڏيندا آهيون، ڇنڊ ڇاڻ بجاءِ راين جي دونهين تي ڀوپن وانگي ڌوڻيندا آهيون. اهو ئي رويو آهي جنهن اسان کي قوميءَ طور ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته عقل جي ڪسوٽي اها هرگز ناهي ته ماڻهن جي ذاتي راين کي حرف آخر سمجھيو وڃي! اهو غلط رويو آهي . جيئن ته اڄڪلهه انتشار ۽ هٿرادو دهشت گرديءَ جو زمانو آهي، بم ڌماڪا ڪرايا وڃن ٿا، ماڻهو مارائي خودڪش بمبار جو ليبل هڻي تفتيش جا در بند ڪيا وڃن ٿا! خودڪش بمبار هو، ماڻهو ماري ويو، دهشت گرديءَ جون فيڪٽريون بند ڪرڻيون ناهن! اها ئي فل اسٽاپ هڻي ڇڏڻ جي روايت هتي جي اُن هاڃي جو سبب آهي، جنهن ڪري لطيف جي فڪر جا وارث خاموشيءَ سان سنڌ ڇڏيندا، يا عذاب ڀوڳيندا رهيا آهن.
    بابا ڀٽائيءَ تي پُوريءَ هڪ صديءَ کان تحقيق جاري آهي، جيڪا تمام اهم روايت آهي، ڪو وقت اڳ جڏهن لطيف تي تحقيق جا در اڃا مڪمل طور نه کليا هئا، تڏهن صرف رايا قائم ڪرڻ جو رواج عام هو، هڪڙن اڪابرن چيو: “هِي جھنگ جي شاعري آهي.” ٻين چيو: “ڀٽائي نج مذهبي شاعر آهي!” ڪن چيو : “لطيف معجزا ڏيکاريندو هو!” ٻهراڙين جي سگھڙن لطيف جي بيتن مان مارئي جي ذات پئي تلاش ڪئي ته مارئي مينگھواڙي هئي، ريٻارڻ هئي، يا اڃان ڪنهن ٻي ذات جي هئي؟ پوءِ انگريز دؤر ۾ جڏهن لطيف جا بيت اخباري اشاعت ذريعي آڻڻ ۽ ماڻهن ۾ بغاوت ڀرڻ جي الزام ۾ پرسرام امر ڏنو لعل تي ڪورٽ ۾ڪيس هليو، ۽ سزا مليس ته ڪورٽ جي ان جج الاءِ ڇا سوچي وڃي پنهنجي مُنهن لطيف تي تحقيق ڪئي. اهو جج ناليوارو عالم ايڇ ٽي سورلي هو، جڏهن سندس لطيف تي ڪيل تحقيق لنڊن ۾ پڌري ٿي ته دنيا کي ڏندين آڱريون اچي ويون ته ڪو هيڏو وڏو عالمي ليول جو شاعر سنڌ ۾ گذريو آهي! ان کان پوءِ لطيف تي تحقيق جو نئون سلسلو شروع ٿيو. سنڌيءَ قوم جي رهنما مذهبي اثر ۾ نئين ملڪ جي جدوجھد ڪئي. ان وچ ۾ مسجد منزل گاهه جو ڏکوئيندڙ واقعو ٿيو. نئون ملڪ به وجود ۾ آيو. رهبر سنڌ سائين جي ايم سنڌ نئين سر حالتن جو جائزو وٺي، وعدي خلافين کان پوءِ پيدا ٿيل صورتحال کي سمجھي سنڌ جي ڏاهپ جي مشورن جي روشنيءَ ۾ نئين قومي فڪر کي مرتب ڪرڻ شروع ڪيو. نئين قوميءَ ويڙهه جي جدوجھد جي شُروعات ڪئي ته جيل ۾ ويهي هُن لطيف جي فڪر تي تحقيق ڪئي! کيس لطيف ٻڌايو ته قوم ڇا آهي؟ سنڌ ڇا آهي؟ مارُو ڇا آهن! سائين جي ايم سيد جي نئين تحقيق لطيف کي وڏي قومي رهبر ۽ قومي عاشق شاعر جي روپ ۾ آڻي چٽو ڪيو. لطيف جو قومي ۽ سيڪيولر فڪر جيئن پڌرو ٿيو ته راين تي گذران ڪندڙ هوائي ڦوڪائي همراهه پوتڙا ڇنڊي گڏهن جي سڱن وانگي گم ٿي ويا! ائين لطيف تي تحقيق وڌندي وئي ته لطيف هر دؤر جو شاعر ٿي چٽو ٿيندو ويو. اڄ اسان جو ڀٽائي دنيا جو عظيم شاعر ثابت ٿِي چڪو آهي. اها لطيف جي عشق، ۽ فڪر جي جيت آهي. سنڌيءَ قوم ۽ سنڌي ٻولي ءَ جي جيت آهي.
    لطيف، جي ايم سيد کي رهبري ڪرڻ لاءِ اُتساهيو هو، جڏهن خونريزيءَ کان پوءِ بنگال، پاڪستان کان جدا ٿي الڳ وطن ٿيو هو ته سائين جي ايم سيد شڪارپور وڃي شهيد الله بخش سومرو جي قبر تي اچي رُنو هو، قبر تي هٿ رکي اوڇنگارون ڏيندي چيو هئائين:
    ”الله بخش مون توکي ڪونه سُڃاتو هو.“
    _
    عظيم شهيد الله بخش سومرو لطيف ۽ سنڌ وطن جو سچو پچو محبوب عاشق هو. هن لطيف، سنڌ ۽ سنڌيءَ قوم جي حرمت لاءِ پنهنجي جان ڏني هئي.
    هتي اهو به ڄاڻائبو هلجي ته لطيف تي تحقيق وس آهر سٺن رخن ۾ اڳتي وڌي آهي، پر اها تحقيق اڃان اڌوري آهي. لطيف جي هستيءَ گھڻو سگھاريءَ ۽ معتبر آهي. هتي مون کي ويهين صديءَ جي جديد صوفي ۽ ڏاهي رجنيش اوشو جا هي لفظ ٿا ياد اچن ته، ”معرفت جو ڪلام چوندڙ ۽ عام شاعر ۾ فرق اهو آهي ته، معرفت جو ڪلام چوندڙ شاعر کي توهان هميشه سندس شاعريءَ کان وڏو ڏسندؤ! جڏهن ته عام شاعر کي هميشه پنهنجي شاعريءَ کان ننڍو ڏسندؤ! جڏهن توهان ڪنهن عارف جي عارفاڻي ڪلام کي ٻُڌي اُن وٽ ويندئو ته توهان کي خبر پوندي ته گيت ته هُن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه به ناهي، توهان کي محسوس ٿيندو ته جيڪڏهن اُنهيءَ گيت ۾ گُم ٿي وڃو ها ته، توهان هڪ ڏاهپ ۽ سچائيءَ جي وهندڙ سمنڊ کي وڃائي ڇڏيو ها، هِيءَ ئي اهو ماڻهو آهي، جنهن مان اُهو گيت ڦُٽو آهي، سمنڊ جيان گھرو ۽ وسيع، اهو گيت ته بس هُن جي هڪ ڇوليءَ هئي، ۽ گيت ڦُٽو آهي، سمنڊ جي ڀيٽ ۾ ڪجھه به ناهي!“ آئون اوشو جي اِن راءِ ۾ لطيف جي زندگيءَ ۽ ذات تي ٿيل تحقيق کي ڏسڻ جو حامي آهيان. لطيف خود ڇا هو؟ هن جي عظمت تي نئين تحقيق ٿيڻ گھرجي. لطيف جو فڪر بيحد گھرو ۽ شانائتو آهي. لطيف صرف هڪ صوفيءَ شاعر تائين محدود ناهي، پر لطيف وڏو ڄاڻو به آهي. وڏو مشاهداتي انسان به آهي. لطيف ويڄ به آهي، لطيف عاشق به آهي. سامونڊي به آهي، سرويچ به آهي. سهڻي آهي، مارئي به آهي. ڏياچ به آهي. ان ڪري اُن تي جيتري تحقيق ٿيڻ گھرجي، ايتري اڃا ناهي ٿي سگهي.
    لطيف تي، سائين جي ايم سيد، ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسي ساراهه جوڳو ڪم ڪيو آهي. لطيف تي جديد سائنسي بنيادن تي جديد نظرين جي روشنيءَ ۾ جيڪو تحقيق ڪم حيدر علي سنڌيءَ ڪيو آهي، جنهن جو موضوع نفسيات آهي. اهڙي ئي نئين تحقيق جي گھرج آهي! لطيف ٽي ڪتاب پاڻ سان گڏ رکندو هو، اها سڀني کي خبر آهي، پر سچ اهو آهي ته لطيف جو ٻيو اڀياس به ڪافي هو. لطيف جي اوڀر جي سڄي ويدانيت، ڀڳتي تصوف، فلسفي ۽ شاعريءَ تي به نظر هئي. هُن اوڀر ۾ جيڪي به سفر ڪيا، اُهي هن جي علم، ڄاڻ، ۽ مشاهدي جو بهترين ڪارڻ هئا. سينن ۾ دفن ٿيل علم، ڪاپڙين، سنياسين، ۽ لاهوتين جي ملاقاتين مان لطيف کي مليو هو. لطيف جي نه رڳو اوڀر پر وچ ايشيا جي مسلم ملڪن جي فلسفي، شاعريءَ ۽ تصوف تي به نظر پيل هئي.
    ڪڇي ڪاڇوٽي، نانگن ٻڌي نينهن جي،
    جھڙا آيا جڳ ۾، تهڙا ويا موٽي،
    اُنين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري.
    ٻه سوال آهن: نانگا ڪير آهن؟ پورب مان ڇا پڌرو ٿيڻو آهي؟ اسان جا ڏاها چون ٿا لطيف جوڳين، سناسين کي نانگا سڏيو آهي! جديد ڄاڻ چوي ٿي ته هزارين سالن کان اوڀر ۾ (هندستان) اگھاڙن جو هڪ ڌرميءَ سلسلو رهيو آهي. اهي قديم دؤر ۾ به چِلا ڪاٽيندا هئا، تپسيائون ڪندا هئا. انهن ۾ گُرو چيلا به آهن، جوڳ پورو ٿيڻ تي اُنهن کي اُن جون سندون به ملن ٿيون! نانگن جا ذاتي مندر به آهن! رجنيش اوشو لکي ٿو: هندستان ۾ “کوراهو” ۾ کوراها جا مندر ۽ مجسما هزارين سال پراڻا آهن، ۽ يادگار آهن، انهن مجسمن ۾ مردن ۽ عورتن جي اگھاڙپ ظاهر آهي، اهي مجسما وڏي تخليق آهن!” ڇا لطيف کي انهن نانگن جي ان سلسلي جو ڪو علم به هو يا نه؟ تحقيق وارا ئي اهو راز معلوم ڪري سگھن ٿا. پاڻ ڪوبه ذاتي رايو قائم نٿا ڪري سگھون! نانگا ٿي تپسيا ڪرڻ جو ذڪر اينگلس جي ڪتاب جي مقدمي ۾ ابوبڪر خان مڱسي به ڪيو آهي. بهرحال اهي تحقيق طلب شيون آهن.
    لطيف لوڪ ڏاهپ جو به درياهه هو ان ڪري ان تي وڌيڪ تحقيق جي گھُرج آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سُر ڪيڏاري کي لطيف جو سُر مڃڻ لاءِ تيار نه هو. سائين تاج جويو لطيف جي شاعريءَ تي ديوان علي رضه جي اثر جي ڳالهه ڪري ٿو. لطيف جي رسالن کي ترتيب ڏيڻ وقت فرقيواريت جا اثرات به نظر اچن ٿا. ان ڪري لڳي ٿو، اڃان وڌيڪ تحقيق ٿيڻ لازمي آهي. لطيف جي هيل تائين پيش ڪيل رسالن ۾ ڪي بيت، ڪي وايون، ڪي سٽون پرايون ته ناهن؟ اهو سوال اڃا تائين اڀري ٿو. ان ڪري ضروري آهي ته هڪ دفعو نج لطيف جي ڪلام جي چونڊ ٿئي، جنهن تي سڀ ڏاها متفق ٿين.
    طئي ٿيل حقيقت اها آهي ته لطيف فڪري حوالي سان اهڙن گسن تي سفر ڪيو آهي، جيڪي بيحد اهم ۽ وسيع آهن. ان ڪري لطيف جو فڪر هر دؤر جي ذهنيت لاءِ ڪشش جو ڪارڻ رهڻو ئي آهي.
    __


    ڀٽائي، رُومي ۽ فارسي شاعري

    712هه ۾ سنڌ تي عربن جي فتح کان پوءِ اسلامي فلسفي ۽ تعليم جي پکيڙ ٿي. سنڌ ۾ جيڪي مڪتب قائم ٿيا، انهن ۾ عربيءَ زبان جي ڪتابن کي پڙهايو ٿي ويو. وقت بوقت ايران جا عالم به سنڌ اچڻ شروع ٿيا هئا. اڳتي جڏهن ارغونن جو سنڌ تي قبضو شروع ٿيو ته فارسي ٻوليءَ کي اهميت ملڻ شروع ٿي. مڪتبن ۾ فارسيءَ کي مرڪزيءَ اهميت ملي وئي. ان دؤر ۾ ايران مان فارسي ڳالهائيندڙ انيڪ گھراڻا اچي سنڌ ۾ رهائش پذير ٿيا. سنڌ جي ماڻهن اهلبيت جي حيثيت ڏئي سندن آڌرڀاءُ ڪيو. انهن گھراڻن ۾ اهل علم، ادب وارا عالم به هئا. اِهي گھراڻا شيراز، بخارا، سمرقند، ۽ ٻين ايراني علائقن مان آيا هئا. انهن جي اچڻ ڪري فارسي ٻوليءَ کي وڏو ٽيڪو مليو. مڪتبن ۾ فارسي ٻوليءَ جي ڪتابن کي اهميت ملي وئي. ان دؤر ۾ شيخ سعدي جھڙن معتبر ڏاهن ۽ شاعرن کي به مڪتبن ۾ پڙهايو ٿي ويو. اهڙيءَ ريت فارسيءَ جي اهم شاعري سنڌ جي اندر ڦهلجڻ پسنديده بڻجڻ لڳي هئي. ايراني اثرات هئڻ ڪري ايران مان آيل گھراڻن ۾ اُهي روايتون به هيون. سنڌ ۾ فارسي شاعرن جي مقبوليت وڌي وئي هئي. فارسيءَ کي سرڪاري سرپرستيءَ حاصل هئي. ايراني شاعريءَ جا سنڌ جي شاعرن تي اثرات به ظاهر ٿيڻ لڳا هئا. ڀٽائي خود رُوميءَ جو چاهيندڙ هو، ڀٽائيءَ کان اڳي جن فارسي شاعرن کي ڪمال جو درجو حاصل هو، تن جي ڪلام جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو، ته جيئن اسان اهو ڄاڻي سگھون ته سنڌ انهي شاعريءَ مان ڇا حاصل ڪيو، ڇا سکيو!؟ ان چونڊ لاءِ اسان رسول بخش پليجي جي ڪيل ترجمي جا صفحا اٿلايون ٿا.
    • ”رودڪي فارسي شاعريءَ جو ابو سڏيو وڃي ٿو، جنهن جي وفات 873ع ۾ ٿي. رودڪي چوي ٿو ته:
    خوش گُذار،
    ڪارين اکين وارين سان خوش گذار ،
    هِي جھان سواءِ قصن جي،
    ٻيو ڪُجھه ڪونهي!
    دنيا ۾ جيڪي به خوبيون آهن، تن سڀني ۾ اعليٰ چار آهن، ياقوت جھڙا ڳاڙها چپ، ساز جو نغمو، رت جو ڳاڙهو شراب ۽ زرتشت جو مذهب !
    • فردوسيءَ جھڙو اعليٰ شاعر ايران جي سرزمين اڄ تائين پيدا نه ڪيو آهي. هن جو دؤر (940ع- 1020ع) آهي. فردوسيءَ کي ڪافر قرار ڏئي، هُن جو لاش دفن ڪرڻ به نه ڏنو ويو هو: چوي ٿو:
    اچو ته دنيا کي بڇڙن جي حوالي نه ڪريون،
    سعيو ڪري نيڪي کي زور وٺايون.
    جيڪا ماڪوڙي داڻو کڻيو پئي وڃي،
    تنهن کي نه آزار،
    اُها به نهايت پياريءَ، وڻندڙ ساهه واريءَ آهي.
    جيڪو اُن کي ستائڻ چاهيندو،
    اُن جو اندر ڪارو هوندو،
    ۽ دل پٿر جي ٺهيل هوندي!
    • ابو الفرج روفي (وفات: 1116ع) چوي ٿو:
    آسمان هر ڏاهي ماڻهو لاءِ،
    سوين موتمار شربت ملائي رکيا آهن.
    زماني وٽ جيڪو به زهر هو سو،
    هر مڙس ماڻهو جي پيالي ۾،
    وجھي ڇڏيو اٿس!
    • شيخ سعدي رح (1291ع _ 1209ع) چوي ٿو:
    منهنجي مرڻ کان پوءِ،
    منهنجي قبر زمين تي متان ڳولين،
    منهنجي قبر داناءَ ۽ اهل دل،
    ماڻهن جي سيني ۾ آهي.
    _
    مُلان پنهنجي مِڪر ۽ ٺڳيءَ جا ڄار کڻي،
    مسجد ۾ ماڻهو ڦاسائڻ آيو آهي.
    ڇو ته، گھر ۾ اهڙو ٺڳيءَ جو موقعو نٿو مليس!
    _
    • خواجه ڪرماني (1352ع _ 1280ع) چوي ٿو:
    جواني جي ڏينهن کان وٺي اڄ تائين،
    ڪڏهن هڪڙو پل به خوش نه رهيو آهيان!
    زماني جي ماءُ مون کي،
    الاءِ ڇا جي لاءِ ڄڻيو!؟
    _
    • عرفي (1490ع _ 1555ع) چوي ٿو:
    عُرفي تون مخالفن جي گوڙ شور کان نه ڊڄ،
    ڪُتن جي ڀؤنڪڻ سان فقيرن جو رزق،
    گھٽ نه ٿيندو آهي!
    _
    عُرفي! عشق آباد دلين کي،
    هڪڙي جَو جي داڻي عيوض به خريد نه ڪندو آهي،
    اُن کي اسين به پنهنجي ويران دل،
    ٻنهي جھانن جي عيوض به نه ڏينداسين!
    _
    • مصائب تبريزي (1650ع _ 1601ع) چوي ٿو:
    ڌرتيءَ تي انسانن جو اچڻ ۽ رهڻ،
    ائين ٿو لڳي ڄڻ،
    ڪفن هٿ ڪرڻ لاءِ،
    وجود جي سِراءِ ۾ آيا،
    ۽ ڪفن وٺي موٽي ويا!
    _
    جيڪو اڳيان لنگھي ٿو،
    دل جو هڪڙو ٽُڪرو کنيو وڃي ٿو.
    آئون پنهنجي سئو ڦارون ٿيل دل جون،
    ڦارُون وڪڻندو آهيان!
    _
    لطيف، روميءَ جي شاعريءَ ۽ فڪر سان پيار ڪندڙ هو، ان ڪري ئي چيو اٿن.
    طالب ڪَثر، سُونهن سَر، اِي رُوميءَ جي روءِ،
    جنين ڏِٺي جُوءِ، تِنين ڪُڇيو ڪين ڪِي.
    _
    روميءَ جي شاعريءَ پنهنجي وقت ۽ وجد جو ڪمال آهي، اها عالمي ادب جو اهم سرمايو آهي. مشهور صوفي شمس تبريز سان روميءَ جي محبت هئي، روحانيت ۽ ٻين فلسفن جا موتي هن شمس تبريز وٽان ماڻيا هئا. شمس تبريز سان جاهلن جيڪو ورتاءُ ڪيو، رُومي اُن جو گواهه هو. هُن تي شمس جي شهادت جو ايترو ته اثر پيو هو جو وڃي گوشا نشيني اختيار ڪئي هئائون. اُن اڪيلائيءَ ۽ درد مان روميءَ جي عظيم شاعري باهه وانگي ڀڙڪي نڪتي هئي. شمس جي وهيل عظيم رَت مان روميءَ جي عظيم شاعري اُڀري هئي. يورپ جلالدين رُومي جو مداح آهي.
    سندس عظيم شاعري مان ڪجھه چونڊ هتي ڏجي ٿي:
    جڏهن ڪو ٻڌڻ وارو ڪونهي،
    تڏهن خاموشيءَ بهتر آهي،
    نا اهلن کان ڪنهن ڳالهه جو انت،
    لڪائي ڇڏجي ته بهتر آهي!
    _
    هِي ڳالهيون اُرهن ۾ پيل کير وانگر آهن،
    اُهو کير چُوسي ڪڍڻ وارن کان سواءِ
    ٻاهر نه نڪرنديون!
    ¬_
    چيائون: ”ڪير ٿو چوي ته دنيا ۾ سِج آهي!؟“
    ته سِج پاڻ اڳيان اچي بيهي رهيو.
    اڃان به جي سِج جي وجود جي ڪا ثابتي کپي،
    ته سج ڏانهن نهار!
    _
    عشق جي معنيٰ سمجھائيندي سمجھائيندي،
    عشق جو گڏهه گَپ ۾ ڦاسِي ڪِري پيو،
    تان جو عشق ۽ عاشقيءَ جي سمجهاڻي،
    خود عشق کي ڏيڻي پئجي ويئي!
    _
    خُدا جي نظر ۾ ڪنهن ڏکويل جي اک مان ڪريل ڳوڙهو،
    شهيد جي رَت جھڙو مقدس آهي!
    _
    ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي،
    جو ماڻهو جي اندر مان،
    ڪو اهڙو خيال سِرجي پوندو آهي،
    جيڪو سوين جھانن کي،
    زير زَبر ڪري ڇڏيندو آهي!
    _
    خواهشون ڀلي ڪر، پر حد اندر،
    گاهه جو ڪانُو،
    جبل جو بار کڻي ڪونه سگھندو!
    _
    علم، عهدو، دولت، شان ۽ قرآن،
    جي بُرن جي ور چڙهي ويا،
    ته اُهي انهن جي زور تي،
    دنيا ۾ فِتنا کڙا ڪري ڇڏيندا
    _
    سِرن ۽ پٿرن جي ٺهيل مسجد،
    ته فقط ظاهري ڏيک آهي،
    اصل مسجد ۽ اصل حقيقت ته،
    دل واري جي دل ۾ آهي.
    _
    مُنهنجا ڀاءُ ! تُنهنجي اصل هَستيءَ،
    تُنهنجي سوچ آهي،
    باقي ته رڳو هَڏا ۽ سکڻو گوشت آهي.
    _
    • عمر خيام، ايران جو عظيم شاعر آهي، جنهن کي عالمي پذيرائي حاصل آهي. بيباڪ شاعريءَ ۾ سندس ڪو مَٽ ۽ ثاني نه آهي. رجعت پسنديءَ تي ٿُوڪاريو اٿس. ”يورپ ۾ عمر خيام جي شاعريءَ جو ڪتاب سون جي چڙهيل پاڻيءَ سان به ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي.“
    سندس ڪجهه رباعيون آهن:
    مون کي ڪا خبر ڪانهي ته،
    جنهن مون کي بڻايو،
    تِنهن مون کي بهشت وارن مان بڻايو،
    يا دوزخ وارن مان!
    _
    جيڪڏهن خُدا وانگر، منهنجو به هِن فلڪ تي وس هجي،
    ته هِن فلڪ کي وچان ڪڍي، اڇلائي ڇڏيان ها،
    ۽ نئين سِر هڪڙو، اهڙو فلڪ ٺاهيان ها،
    جو آزاد طبيعت وارو انسان، آسانيءَ سان،
    پنهنجي دل جون تمنائون پُوريون ڪري سگھي ها.
    _
    اهي ٻه ٽي احمق، جن کي پنهنجي جھالت وچان،
    دنيا جو وڏو عالم ۽ فاضل پيو سمجھين،
    شڪر ڪر جو تون به اهڙو گڏهه آهين، جھڙا اِهي آهن،
    ڇو ته جيڪو گڏهه نه آهي،
    تنهن کي هُو ڪافر ٿا سڏين!
    _
    • حافظ شيرازيءَ دنيا جي عظيم شاعرن مان هڪ سمجھيو وڃي ٿو. دنيا سندس مان ۽ عظمت جو اعتراف ڪيو آهي، ايران شيرازيءَ تي ناز ڪندو آهي. سندس عظيم شاعريءِ جو خوبصورت رنگ ڪجھه هِن ريت آهي.
    مون غريب جو هِي پيغام بادشاهه ڏانهن ڪير کڻي ويندو؟
    ته مَئي وڪڻندڙ جي گهٽيءَ ۾ ٻه هزار بادشاهن،
    جو مُلهه هڪڙي شراب جي پيالي جيترو آهي!
    _
    شمع وانگر وصل جو پروانو اُن کي ملندو،
    جيڪو تنهنجي تلوار جي هيٺان،
    هر گھڙيءَ نئون نئون سِر رکندو!
    _
    جيڪو عشق جي ڪري زندهه نه آهي،
    تنهن جي، مُنهنجي فتويٰ سان،
    جنازي نماز پڙهي ڇڏيو!
    _
    ڪُجهه دير سُڪون سان، ڪنهن چنڊ جھڙي
    سُهڻي کي ڏسڻ،
    مٿي تي بادشاهيءَ جو ڇَٽ پهري،
    سڄو ڏينهن وٺ پڪڙ ۾ گذارڻ کان بهتر آهي!
    _
    يا اسان جي سِسي محبوب جي پيرن تي هوندي،
    يا اسان جا چَپ سندس وات مٿان هوندا!
    _
    جنهن به پنهنجو چهرو ٺاهيو، سينگار ڪيو، سو دلبر ڪونه ٿي پيو!
    جنهن به آئينو بڻايو، سو سڪندر ڪونه ٿِي پيو!
    هن ڳالهه ۾ هزارين وارن کان به سنهڙا نقطا آهن،
    جنهن به مٿو ڪوڙايو، سو قلندر ڪونه ٿي پيو!
    _
    جيڪو مايوسيءَ جي غم کان ڊڄي ٿو،
    اُن جو عشق حلال نه آهي!
    _
    خبردار ! شهر جي قاضيءَ کي پاڻ سان گڏ شراب متان پيارين!
    جو هُو شراب به پِي ويندئي، ۽ پيالو به ڀَڃي ڇڏيندءِ!
    _
    جيڪڏهن ٻنهيءَ جھانن ۾،
    يار سان فقط هڪڙو ساهه گڏ کڻان،
    ته ٻنهيءَ جھانن مان منهنجي حاصلات،
    اُهو هڪڙو پساههُ ٿيندو!

    لطيف کان اها فارسي شاعري ڳجهي ڪونه هئي.


    اوڀر جو فسلفو، تاريخ ۽ ڀٽائي

    پورب پورب تب ڪَرون، جب هينئڙي آون پوُر،
    سِڪندي کي سڄڻين، نِڪون لايُون نُور،
    مارِيس تِنيهن سُور، جِئن ساجن سُڄي نه ملي.
    ڀٽائيءَ جي لاثاني شاعريءَ ۾ پُورب جو، پوربين جو ڳچ سارو اهميت ڀريو ذڪر پنهنجي جلوي سان موجود آهي. پُورب اوڀر کي سڏجي ٿو. اڀرندي جي ملڪن جو پورو خطو پورب ليکجي ٿو.
    لطيف اوڀر جي پس منظر ۾ جوڳين، سامين، سناسين، آديسين، لاهوتين، ڪاپڙين، نانگن، ۽ يوڳين جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. انهن ڪردارن سان يا اوڀر سان جيڪا دلي وابستگي، ۽ روحانيت لطيف ظاهر ڪئي آهي، اها گواهي آهي ان حقيقت جي ته لطيف نه رڳو اتان متاثر ٿيو آهي، پر لطيف اوڀر مان ڪيئي راز به ماڻيا آهن! اُن ڪري ضروري آهي ته ٿورو اوڀر کي، اُن جي تاريخ ۽ فلسفي کي ڦلهوري ڏسجي ته لطيف جي متاثر ٿيڻ جا ڪهڙا ڪارڻ ۽ عنصر رهيا آهن! اوڀر ۾ لطيف ڇا ڏٺو آهي، جو هن جي هانءُ ۾ هورا پيا آهن؟ هتي اهو به چٽو ڪبو هلجي ته لطيف واري دؤر ۾ يا ان کان ڪجھه عرصو اڳ سنڌ ۾ ”پورب“ لفظ اوڀر کان سواءِ اتر لاءِ به ڪي ماڻهو استعمال ڪندا هئا. جيئن ته ان وقت سنڌ ۽ هند ڏي يورپي لوڪن جي اچ وڃ متل هئي، اُهي يورپي سير سياحت، واپار، قبضا گيريءَ ۽ جاسوسيءَ لاءِ هتي پيا نظر ايندا هئا ته، انهن کي ڏسي ڪي سنڌي ماڻهو چوندا هئا ته، ”پوربيا“ آيا آهن! ٿي سگھي ٿو، اهو ”يورپيا“ لفظ جو ابتڙ استعمال ٿيندو هجي! اڄ جڏهن اسان اوڀر جو جاگرافيائي نقشو ذهن ۾ رکون ته ان ۾ موجوده پاڪستان، هندستان، نيپال، ڀوٽان، بنگلاديش، مالديپ ۽ سري لنڪا اچي وڃن ٿا. لڳي ٿو ته افغانستان به اوڀر جو حصو پئي رهيو آهي، اتي ٻڌمت جا نشان موجود آهن.
    ان دؤر ۾ سنڌ جي هڪ وڏي وطن واري حيثيت هئي، ٻيو اوڀر جو وڏو خطو يا علائقو هند ملڪ تي مشتمل هو. اهي ٻئي قديم ترين تهذيبي حصا به سمجھيا وڃن ٿا. اتان ئي تهذيب اُسري، اتان ئي زرعي دؤر عروج ماڻيو، اتان ئي دنيا جي قديم ۽ سڌريل شهرن جا بنياد پيا. لطيف جو فڪر اُن اوڀر جي سج سان گڏ اُڀريو آهي. ان ڪري اهو جيڪو عظيم صوفي، وحدت الوجودي انسانيت سان ڀريل فڪر نسريو آهي، سو سيڪيولر روايتن جو امين آهي. ان کي تڏهن ئي سمجھي سگھجي ٿو، جڏهن پهرين خود اوڀر کي سمجھيو وڃي! سچ اهو آهي ته اوڀر جو خطو دنيا ۾ بيحد اهميت ڀريو رهيو آهي، پر مثبت ۽ غير جانبدار تحقيق نه هئڻ ڪري يا ڄاڻي ٻُجھي نظر انداز ڪرڻ جي ڪري اوڀر جا انيڪ راز اڃان تائين پڌرا ناهن ٿي سگھيا! سج اوڀر مان اڀري ٿو، ان ڪري اوڀر کي روشنيءَ وارو خطو به چيو وڃي ٿو.ايتري تائين جو قديم ڪن ڪتابن ۾ اوڀر جي سنڌ واريءَ سرزمين کي ڪنواريءَ زمين به لکيو ويو آهي! ماهرن جي تحقيق مان ظاهر ٿي چڪو آهي ته اوڀر مان ئي دنيا جي پهرين تهذيب جو جنم ٿيو آهي. اها ايتري ته سُڌريل تهذيب ظاهر ٿي آهي جو دنيا حيرت ۾ پئجي وئي آهي هاڻ ته تعصب کان هٽيل ڪيئي محقق ان راءِ تي اچي بيٺا آهن ته، اوڀر مان ئي دنيا ۾ ڌرم جي به شروعات ٿي آهي. ان مذهبي اوسر جي حوالي سان ڏسجي ٿو ته اوڀر ۾ قديم ويد نظر اچن ٿا، جن ۾ يجرويد، اَٿر ويد، سام ويد ۽ رگ ويد شامل آهن. رگ ويد، سنڌ ۾ تخليق ٿيو هو، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته ”رگويد جا ڏهه منڊل پنج سئو سالن جي ڊگھي عرصي ۾ لکيا ويا هئا!“ محقق يحيٰ امجد جو چوڻ آهي ته ”رگ ويد کي لوڪ ادب جو مجموعو سڏڻ غلط آهي، ڇو ته ان کي گمنام عوام پنهنجي جذبات لاءِ بي اختيار اظهار جي طور تي ناهي لکيو، پر پيشور ماهرن طئي ٿيل هئيتي اصولن ۽ طئي ٿيل سوچن ۽ خيالن مطابق لکيو آهي، اهي پيشه ور ماهر مذهبي علم، رسمن، شاعريءَ ۽ ڳائيڪيءَ جا ماهر هئا!“
    اوڀر ۾ ويدن کان سواءِ ارٿ شاستر، ڪام شاستر، منو شاستر، گرنٿ وغيره آهن، جيڪي به زمانن کان انساني سماج تي پنهجا اثر ڇڏيندا رهيا آهن. ساڳي ريت گيتا، رامائڻ، پراڻ ۽ مهاڀارات آهي، انهن ڪتابن جي قديم ڌرمي حيثيت رهي آهي. ان جو ذڪر اسان اڳتي هلي ڪنداسين، پر ان کان پهرين اسان اوڀر ۾ پيدا ٿيل انسان ۽ ان جي ارتقا جو ٿورو جائزو وٺنداسين، ته جيئن اوڀر ۾ جيءُ سان جهاتي پائي سگھجي! اسان جا محقق چون ٿا، ”آمري ۽ ڪوٽ ڏيجي جا ماڳ ۽ انهن ۾ جامد ٿيل مادو تحقيق جي بنياد تي ظاهر ڪري ٿو ته جيوگھرڙو/ ابتدائي خُليو، جيڪو جاندارن جي پيدائش جو مول آهي، ۽ جنهن ۾ انسان به اچي وڃي ٿو، ان جون شاهديون هنن پَٽن ۾ موجود آهن. اها کوج ظاهر ڪري ٿي ته واديءِ سنڌ جي انسان جو اصل نسل هتان جو ئي آهي، جيڪو هتي اُسريو، نسريو ۽ وڌيو ويجھيو ۽ تاريخ جي مختلف دؤرن مان گذريو، ۽ اُهو ٻاهران نه آيو آهي. ان لاءِ تاريخي شاهديون دلالت ڪن ٿيون ته هن پاڻ ٻاهر وڃي، پوءِ ٻيهر موٽ کاڌي آهي. دنيا جي تاريخ ۾ اڪثر ٻن نسلن کي اهميت سان بيان ڪيو وڃي ٿو، هڪ ”آرين نسل“ ٻيو ”سامي نسل“. دنيا جون اڪثر قومون انهن ٻنهي نسلن سان تعلق رکن ٿيون. ٽيون نسل جيڪو ”دراوڙ“ جي نالي سان آهي ان کي هيچ ڪوٺي ڪنهن ليکي ۾ ئي نٿو آندو وڃي. قومن جي شجري ۾ سميرين ۽ دراوڙن کي ڪنهن به هڪ نسل سان نه ٿو ڳنڍيو وڃي.“ ”ارتقائي حيات ۾ جتي نينڊرٿل، ڪرو مينگان، ۽ اسپ خور (گهوڙي کائڪ انسان) جي باقيات جو پتو پوي ٿو، اتي اسان آمريءَ ، ڪوٽ ڏيجي ۽ سوان واديءَ مان مليل باقيات جي آڌار تي اهو ضرور چئي سگھون ٿا ته نسل انسانيءَ جي ارتقائي ڪڙين ۽ ٻين شاهدين جي سلسلي ۾ ”دراوڙي“ نسل جي ابتدائي دؤر کي ان سان ڳنڍي سگھجي ٿو.“
    ”نسلي تحقيق جي روين ۽ جسماني بناوت تي عالمن جيڪا راءِ قائم ڪئي آهي، ان جي آڌار تي ”دراوڙ“ سنڌ واديءَ جي هڪ مهان قوم جي باقيات آهن، دراوڙ خود تعمير جي فن، شهريءَ نظام، معاشراتي آداب، کيتي ڪرڻ، ڪپڙي اُڻڻ، ٿانون ٺاهڻ جي هنر ۾ ڀَڙ هئا!“ محمد حسين ڪاشف جي مٿينءَ راءِ بنا شڪ جي بيحد محترم ۽ حقيقت تي ٻڌل آهي.
    سائنس چوي ٿي، ” ڪائنات ۾ زندگيءَ جو آغاز ٽي ارب اسي ڪروڙ سال پراڻو آهي!“ سنڌ جا ڪي جبل به ٽي ڪروڙ سال پراڻا ٻڌايا وڃن ٿا. تحقيق اهو به چٽو ڪري ٿي ته اوڀر ۾ اهي ڌرمي ڪتاب سرجڻ کان اڳي انسان وٽ دنيا ۽ ڪائنات کي سمجھڻ جو شعور رکڻ واري ذهنيت موجود هئي! پٿر جي زماني جا آثار به اهڙا ئي راز پڌرا ڪن ٿا. پٿر تي ڪيل قديم انسانن جي چٽساليءَ ، لڪيرون، نشان، ڪڍيل تصويرون به ظاهر ڪن ٿيون ته اوڀر ۾ انسان فطرت کي سمجھڻ لاءِ سرگردان هو. ان جستجو ۾ هن ابتدائي طور لوڪ ڏاهپ مان به گھڻو ڪجهه حاصل ڪرڻ، سکڻ، طئي ڪرڻ شروع ڪيو هو. تجربن جي آڌار تي اوڀر جو انسان وهمن، وسوسن، ۽ ٻين نه سمجھه ۾ ايندڙ لقائن تي سوچڻ ۾ رڌل هو. ان تجسس ۾ جوتش جي راز تائين اچي اوڀر جو انسان رسيو هو. فطرت کي هُن پنهنجي نظرين تحت سوچڻ جو آغاز ڪري ڇڏيو هو. اهو ئي سبب آهي جو اوڀر ۾ ڌرم اڳتي هلي اڀريا هئا. ٻاهرين ماڻهن جي حملن جي ڊپ ۽ پاڻ ۾ گڏجي رهڻ لاءِ پنهنجا نظام ٺاهڻ جي شروعات ڪئي هئائون. ان سڄي صورتحال کي سمجهڻ لاءِ نامياريءَ محقق اؤميل جي اهم ڪتاب ”سنڌو تهذيب ۽ سنڌوءَ ڌرم جا يورپ تي اثر“ مان مختصر جائزو وٺڻ کانپوءِ اسان کي اها خبر پوي ٿي ته: ”انسان ذات جي پهرين ديوي ۽ ديوتا جي اڄ به 660 ملين ماڻهو پوجا ڪندا آهن، اُهي ديويءَ ۽ ديوتا 28000 ق م جا آهن، جن مان هڪ شِو ۽ ٻي شڪتي آهي، جيڪي سنڌي تهذيب جا ديويءَ ۽ ديوتا آهن!؟“
    ”سنڌوءَ تهذيب قديم انساني تاريخ ۾ نهايت ترقيءَ يافتا ۽ پرامن تهذيب هئي. هيءُ دنيا جا پهريان ماڻهو هئا، جن وٽ شهرن ٺاهڻ جي هڪ منصوبي بنديءَ هئي. پوجا پاٽ لاءِ ڪٿي به مندر ٺهيل ڪونه هئا. هرڪو گھرن ۾ ويهي عبادت ڪندو هو. ماڻهو ڏاڍا سکيا ستابا هئا. جن سان آرين سُڌريل هٿيارن ۽ رٿن تي چڙهي جنگ ڪئي! جن پهريان سنڌ جي ڪنارن وارا علائقا فتح ڪيا، اڳتي هلي سڄي سنڌ کي فتح ڪري ورتو. آرين سنڌين تي تسلط قائم ڪرڻ لاءِ 950 سال ورتا هئا. هِي دراوڙ سنڌي (Sidhe) ۽ ٽئا ٿا ڊي دانو آهن. آرين نيڪ ۽ شريف سنڌين کان شهر خالي ڪرايا! سنڌي ماڻهو عورتن جي عزت ڪندا هئا. سنڌين جي تهذيب جا ست وڏا شهر ٻڌايا وڃن ٿا، هن تهذيب جا فقط 3 وڏا شهر دريافت ٿيا آهن! آريا، باهه جا پوڄاري هئا، باهه جي اهميت تي زور ڏيندا هئا. هر گھر ۾ باهه جي پوڄا ٿيندي هئي. (آرين جو عقيدو هو ته: باهه سڀ کان اول آسمان تي سج جي روپ ۾ ظاهر ٿي، پوءِ ڪڪرن ۾ وڄ بڻجي آئي، بعد ۾ اها زمين تي لٿي، جيڪا اڄ تائين انسانن جي ڪم اچي رهي آهي، اها باهه ڪنوارين ڇوڪرين ۾ به موجود آهي!) هنن ماڻهن مذهبي رسمن لاءِ وڏا ادارا قائم ڪري ورتا هئا. اهڙين عبادتن لاءِ موروثي برهمڻ رکيا ويا هئا. هنن کي مورتين ۽ مندرن کان نفرت هوندي هئي، ڇاڪاڻ ته سندن تعلق اوچي طبقن سان هو. ٻئي هنڌان شاديءَ ڪرڻ جي منع هئي، آريا هن علائقي ۾ وانڍيون ۽ وسنديون جوڙي ويهي رهيا هئا. ان ڪري هنن هڪ اهڙو مذهب تخليق ڪري ورتو هو، جيڪو کين نصيحت ڪري رهيو هو ته اهڙو مذهب نه اختيار ڪيو وڃي جھڙو موجوده دؤر جو هندو ڌرم آهي! جڏهن آريائي سماج ۾ ٺاپر آئي ۽ ڳوٺ ٻَڌي ويهي رهيا ته دراوڙن جو مذهب سندن مذهب کي متاثر ڪرڻ لڳو. اهڙي ريت ٻئي ڌرم رلجي ملجي موجوده دؤر جو هندو ڌرم بڻجي ويا، توڙي جو آرين جي اها مرضي ڪانه هئي!“
    (”هندستان ۾ آرين پنهنجي اقليت کي اڪثريت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ قديم قومن جي اتحاد کي ٽوڙڻ تي زور رکيو، اهو زور فوجي قدمن نه پر شراب، عورت، ڪوڙ ۽ سازش ذريعي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي!“)
    ”سنڌ جي ديوتا ۽ ديوي کي سج ۽ چنڊ طور به مڃيو ويو، ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي سنڌي تهذيب واري هن مذهب جو واسطو خوشحالي ۽ سُڪر سَڻائي سان آهي. جيڪا سج جي اُتر اچڻ ۽ موٽي ڏکڻ وڃڻ ۽ ڏينهن رات جي هڪجيتري ٿيڻ ۽ چنڊ جي مختلف مرحلن سان تعلق رکي ٿي. اهڙين موسمن اندر گذريل 28000 ق م کان وٺي ڪابه ڦيرگھير ڪانه آئي آهي، ۽ اُها ئي پوکيءَ ۽ لاباري جي رُت هئي.
    حڪمران طبقي جا پوئلڳ دراوڙن جي مذهب کي نيچ ڌرم سمجهي رهيا هئا، ان ڪري آرين جي هندو ڌرم جا ڪيترا اصول دراوڙن تي زوريءَ مڙهيا ويا هئا.
    عهدنامه عتيق بائيبل جون سڀ ڳالهيون سنڌ سان تعلق رکن ٿيون، جن جو تعلق 5000 ق م دؤر سان آهي. پيدائش ستن ڏينهن ۾ مڪمل ڪئي ، هي ڪٿا 7000 هزار سال اڳ سنڌ کان پکڙي هئي، پر منصوب بائيبل ڏانهن ڪئي ويندي آهي. ڌيان ۾ رکڻ گھرجي ته هندو ڌرم سنڌي دراوڙن ۽ آرين جي گڏيل مذهبن جو روپ آهي. دراوڙي سنڌي مذهبي عقيدي مطابق مذهب شخصي شيءَ آهي، ۽ اها هر فرد جي پنهنجي الڳ ذميواريءَ آهي، جتي اهو ڪونه ڏٺو ويندو آهي ته ڪو ماڻهو ڪنهن مذهب جو پوئلڳ آهي، يا نه آهي؟ ڇاڪاڻ ته عقيدو هر ماڻهو جي اندر سان لاڳاپيل آهي، پر مذهب جي ڪٽر عقيدي موجب اها ڳالهه هر فرد لاءِ خاص اهميت رکندي آهي ته ڪهڙا مذهبي گروهه ڪهڙن عقيدن کي اوليت ڏئي رهيا آهن. ائين اڳتي هلي مذهبي ڪٽرپڻو وڌي آيو هو. ٻاوا، ۽ ٻانڀڻ تخليق ڪيا ويا ۽ حڪمران طبقي جي مدد ڪئي وئي.“
    ”سنڌوءَ تهذيب جا ماڻهو هاريءَ هئا، جن پهريون آبپاشيءَ جو هڪ شاندار ۽ وڏو نظام قائم ڪري ورتو هو، جنهن جو مثال دنيا ۾ اڳي موجود ڪونه هو. جنهن کي اتر کان آيل آرين حملي آورن ڀينگ ڪري ڇڏيو، ان کان پوءِ ساڳين ماڻهن اهو احوال رگ ويد (500 _ 1000 ق م) ۾ قلمبند ڪري ڇڏيو، جيڪو شلوڪن جي شڪل ۾ موجود آهي.” قديم آثارن جي آڌار تي يقين سان چئي سگھجي ٿو ته هتان جا ماڻهو 470000 ق م کان وٺي سنڌو تهذيب وارن علائقن ۾ موجود هئا. سنڌ جي جابلو غارن ۾ نظر ايندڙ چٽساليءَ 30000 ق م پراڻي آهي. سنڌين جو انهيءَ چٽساليءَ وارو ڪم چيلهه سان ٻڌل کڙڳ (ننڍي تلوار) سان ڪيل ٿو ڀانئجي. ٿي سگھي ٿو ته اهو ڪم ڪمان جي تير سان به ڪيو ويو هجي. سنڌي ٻن پاسن وارو دهل وڄائيندا هئا، ۽ گھرو جانورن سان گڏ جھنگلي جانورن کي به رکندا هئا. ڪجھه محقق ان راءِ جا به آهن ته سنڌو تهذيب 10000 ق م کان شروع ٿي آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ زماني ۾ سنڌين جهنگلي جانورن کي هيرائي گھرو جانور بڻائڻ شروع ڪيو هو، ۽ پوکيءَ راهي ڪرڻ جي ڌنڌي جي ابتدا ڪئي هئائون!“
    ”دراوڙ هڪ قديم ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي سنڌي يا سنڌو ماٿريءَ جا ماڻهو. سنڌو ماٿري جي قديم ماڳن جي کوٽائي وسيلي اچرج جھڙيون دريافتون ٿيون هيون، انهيءَ زماني ۾ سنڌو ماٿريءَ وارن علائقن تي انگريزن جو راڄ هو، جيڪي مذهبي طور عيسائي هئا، جيڪڏهن حيرت انگيز دريافتون ظاهر ڪيون وڃن ها ته عيسائيت جي ساري تاريخ هيٺ مٿي ٿي وڃي ها.“
    ”آريا 2150 ق م کان 1250 ق م تائين لڳاتار ڪاهون ڪندا آيا هئا، ان ڪري اهي دراوڙ لڏي يورپ ڏي نڪتا هئا، دراوڙن سنڌ ان وقت ڇڏي هئي جڏهن آرين جي حملن جي ابتدا هئي. سنڌ جا ماڻهو يورپ وارن سان ملي هڪ ٿي ويا. اُهو ۽ هاڻوڪو يورپ ان گڏيل سڏيل نسل جو روپ آهي، جنهن کي انڊو يورپين سڏيو ويندو آهي.
    يورپ جا ڪيلٽڪ نسل جا ماڻهو سنڌي دراوڙ هئا، جيڪي سامونڊي سفر جا ماهر ۽ شوقين هئا، جيڪي 1000 ق م سامونڊي سفر ڪري اسپين وٽان لنگھي آئرلينڊ تائين پهتا هئا. ڪيلٽڪ ماڻهن جو سنڌي ڌرم آهي. ان کان سواءِ يورپ ۾ جپسي به سنڌ ڄاوا آهن. آمريڪا جي تازين دريافتن مان اهو به پتو پيو آهي ته واشنگٽن رياست ۾ ”سنڌو تهذيب“ جي هڪ جڳھه آهي. جنهن جي قدامت 12000 هزار سال آهي. جتي سنڌ جي ديوتا شو جي مورتيءَ موجود آهي، جيڪا 28000 ق م سان تعلق رکي ٿي!“
    ”ٻڌ ڌرم (624_544 ق. م) آرين جي مذهب مان شو ۽ شڪتي کي نيڪالي ڏيڻ جي ڪوشش آهي. موئن جي دڙي جو زوال (1200 ق م) ۾ آيو. آريائي حڪمران کي مذهبي اڳواڻ تسليم ڪيو ويندو هو. ٻڌ ڌرم سڌارن آڻڻ جي هڪ تحريڪ هئي، جنهن وسيلي دراوڙي مذهب جي عقيدن کي ڪڍي ڇڏڻ هو. هنن مطابق ٻڌ جا پوئلڳ ملحد آهن، اهو ئي ڪارڻ آهي جو هندستان ۾ ٻُڌ ٿورا آهن، ٻُڌ پنهنجي مذهب کي هڪ جدا شڪل ڏني هئي، پر پوءِ به ٻڌ ڌرم وسيلي هن وري منهن ڦيرائي سنڌ ڏي ڪيو هو، ويدن جي ڪٿائن جو مطلب فقط اهو هوندو ته جيئن حڪمران جو اقتدار هلندو رهي. ٻُڌ، هندو ڌرم کان انهيءَ ڪري بغاوت ڪئي، ڇو جو ان ڌرم ۾ ذاتين جي ونڊ ورڇ هئي. هندو ڌرم ۾ عورت مٿان مرد جو تسلط هو. ٻُڌ کي اهو به نظر آيو ته حڪمرانيءَ فوج جي هلندي هئي. اهڙيون سڀ ڳالهيون شو جي پوجارين ۾ ڪونه هيون. ٻڌ ڌرم جون مذهبي رسمون ڳجهه ڳوهه ۾ رهنديون هيون، هندستان ۾ ٻُڌ جي پيروڪارن کي ماريو ۽ تيل جي تَين ۾ اڇلايو ويندو هو!“
    اؤميل ٻڌ ڌرم کان پوءِ جين ڌرم تي ڪجھه به ناهي لکيو، جڏهن ته سنڌ ۾ جين مت به ڪافي ترقي ڪئي هئي. جين مت جا اصول ڏاڍا سخت هئا. گوشت کائڻ ۽ شڪار ڪرڻ تي پابندي هئي. جين مت جو سنڌ ۾ مرڪز ننگرپارڪر هو. اوڀر ۾ راجائن جو سلسلو برقرار هو. ان وقت ننڍين رياستن تي مشتمل سلسلو هلندڙ هو. اشوڪ جي مرڻ کان پوءِ اوڀر ۾ چندرگپت ۽ وڪرماجيت سگھارا راجا ٿي اڀريا. هندن جو آخري وڏو راجا ”هرش“ هو. جنهن 648 ع ۾ وفات ڪئي. جنهن وقت عربن سنڌ تي ڪاهه ڪئي ان وقت هتي راجا ڏاهر جي حڪمراني هئي. مسلمان سنڌ ۾ 711ع ۾ فاتح بڻجي داخل ٿيا.
    اوڀر ۾ اوچ نيچ جو سلسلو ختم نه ٿيو هو، شودرن ۽ اڇوتن سان ساڳيو ورتاءُ برقرار هو. اؤميل جيڪي به خيال پيش ڪيا آهن اهي بنا شڪ جي تاريخي حيثيت رکندڙ آهن. حقيقتن جي روشني ۾ ڏسڻ سان معلوم ٿو ٿئي ته سنڌ جي مذهبي علامت سج هئي، جيڪو سنڌ جي هاريءَ ۽ زرعي سماج جو ڄڻ پيءَ ٿي سمجھيو ويو. آريا برف جا ماريل هئا، تنهن ڪري انهن کي باهه سان محبت هئي، ان ڪارڻ باهه انهن جي مذهب جو به بنياد هئي. اڳتي هلي ٻئي باهيون ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ گڏجي ويون. اهم ڳالهه هِي آهي ته، باهه ۽ سج جو رنگ به ساڳيو آهي. غور طلب اها ڳالهه به آهي ته اسان جي صوفي ازم جو گيڙو رنگ به سج جي رنگ سان ملندڙ آهي. ساڳي ريت اصل سنڌي عورتن جي سينڌن ۾ پوندڙ سندور جو رنگ به ان سان ويجھڙائي رکي ٿو. ثابت اهو ٿو ٿئي ته سج سان عشق وارو سنڌ جو نظريو ۽ فلسفو جيئن جو تيئن برقرار رهيو آهي. اوڀر مان جنگين ۾ لکين انسان تڙجي ٻين ڌرتين ڏي نڪري ويا، لکين سنڌين کي تاريخ جي بدمعاشن اغوا ڪري ڪڏهن ايران ۾، ڪڏهن عراق ۾، ڪڏهن شام ۾ وڃي پڄايو! لکين سنڌي عورتون وحشين جي ور چڙهي دربدر ٿي ويون! اڃا يورپ ۾ سنڌي جپسيءَ ۽ جت دربدر آهن، اهي ذلت جھڙي زندگي پيا گذارين! اهو سڄو دهشت گردي جو نتيجو آهي. دراوڙن جو نسل الاءِ ڪٿي ڪٿي ضم ٿيو آهي! سنڌ جي ئي رت وارو ڪو يورپي سياح يا جاسوس سنڌ ۾ آيو الاءِ نه؟ لطيف جي اکين ڪو اهڙو ماڻهو ڏٺو الاءِ نه؟ ڪا خبر ناهي!
    اوڀر تاريخي سچ آهي، جنهن مان انيڪ نظريا ۽ خيال اُڏامي پوري دنيا تائين پهتا آهن. اوڀر جنهن جي غارن ۾ ڀڪشوئن وڃي پٿر ٽُڪي عظيم سنگتراشي ڪئي، جيڪا اڄ به عجوبو تسليم ڪئي وڃي ٿي! اُهو اوڀر جنهن جي حسين مورن سڪندر اعظم کي موهيو ۽ مستان ڪري ڇڏيو هو جو اهي مور پنهنجي ماءُ ڏي يونان سوکڙي طور موڪليا هئائين! اليگزينڊر سان گڏ اهڙا معتبر ماهر سنگتراش به هئا، جن اوڀر جي پهاڙن کي تراشي وڏيون وڏيون ديو هيڪل مورتيون ۽ مجسما تيار ڪيا هئا، جن کي اڄ به عالمي ورثي جو نالو ڏنو وڃي ٿو! اهو اوڀر جنهن تي چنگيز خان جي نسل اقليت ۾ هوندي به اڪثريت تي حڪمراني ڪئي هئي. اهو اوڀر جنهن لاءِ مولانا ابوالڪلام آزاد لکيو آهي ته”هتي سياست مذهب جي پردي هيٺ رهي آهي!“ اوڀر جي اها سنڌ جنهن جي جابلو چُرن کي اسان جي محترم محقق بدر ابڙي ”ڌرتيءَ ۽ ڪائنات تي سوچيندڙ پهرئين انسانن جون درسگاهون سڏيو آهي!“ اُهو اوڀر جنهن تي ايترا ته حملا ٿيا آهن، جو اُن جي تاريخ اڃان سهڪي رهي آهي! اُهو اوڀر جنهن جي جابلو سلسلن ۾ وک وک تي قديم انسانن جي پيرن جا نشان پيا آهن، جن کي محقق ڪڏهن ڦلاڻي جا پير چون ٿا ته ڪڏهن ڪنهن ٻئي جا پير سڏين ٿا! جبلن ۾ گوتم ٻڌ جي پيروڪارن جا چٽيل ڪنول جا گل اڄ به سنڌ جو حُسن ۽ سڏ لڳن ٿا! ڪنول دل جي علامت آهي، جنهن جو جبلن ۾ ٽڙڻ وڏي ڳالهه آهي!
    اوڀر تي اهو ڪاري تئي جھڙو الزام رهيو آهي ته، هتي نابالغ نياڻين کي پرڻائي، پهرين رات ۾ مارائي، صبح جو لاش وصول ڪري ماٺ ۾ دفنائي ڇڏيا وڃن ٿا!
    اوڀر جي ويدانتي فلسفي جو ذڪر ڪافي مشهور رهيو آهي. ڏسون ته ويدن ۾ ڇا آهي، ۽ ويدانيت جو نظريو ڇا ٿو چوي! سنڌي ٻولي جو قابل احترام ڏاهو ۽ عالم ڊاڪٽر هوتچند مولچند گُربخشاڻي لکي ٿو: ”هندستان ۾ آڳاٽي سمئي کان ظاهري عبادت کان هٽي ڪري اندر اُجارڻ وارا اصول جاري هئا، پر عام طرح انهن جو پچار نه ڪيو ويندو هو، صرف گُرو پنهنجي شاگرد کي ان رمز کان آگاهه ڪري حق کي سڃاڻڻ جي راهه ٻڌائيندو هو. برهم وديا تي گُرو چيلي جون رهاڻيون اپشندن ۾ گڏ ڪيون ويون، انهيءَ مت کي ويدانيت يعنيٰ ويدن ۽ علمن جي آخري حد سڏين ٿا. انهيءَ جي مکيه اصولن کي ”باد رايڻ“ نالي هڪ مشهور رشيءَ پنهنجي ويدانيت سُوتر ۾ جمع ڪيو ۽ هندستان جي مشهور فيلسوف شنڪر آچاريه ”ويدانيت سُوترن“ ۽ ڀڳوت گيتا تي پنهنجون لاثاني ٽيڪائون لکي ويدانيت کي ڪمال تي آندو!“ ويدانيت چوي ٿو: ”درحقيقت سنسار کي ڪا سچي هستيءَ ناهي، حق کان سواءِ ٻيو ڪجھه ڪونهي، جنهن کي اسين سنسار چئون ٿا، اهو صرف مايا يعنيٰ وهم آهي، انساني زندگي خواب مثل آهي!“
    اُپشندن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته: ”جڏهن انسان اهڙي پد کي رسي ٿو، تڏهن سندس دل جون ڳنڍيون ڇُڙيو پون! سڀ ڏک ڏور ٿيو وڃن! سڀ ڪرم اجايا ٿيو پون، اهڙو جيون مڪت آهي، پاڻ کي سڀ شيءَ ۾ پَسي ٿو، ۽ عالم جي هر جزي ۾ سندس سير آهي!“
    اوڀر جي ڪُک مان سرجيل ڌرمي پستڪ ڀاڳوت گيتا جو هڪ اهم اشلوڪ انسانيت جو ترجمان هن ريت بڻيل آهي ته:
    ”نه مان عروج جي ان درجي جو طالب آهيان،
    جتي مون کي اٺئي ڪمالات حاصل هجن.
    ۽ نه مان اهو چاهيان ٿو ته ٻيو دفعو جنم نه هجي.
    مان ته صرف اهو چاهيان ٿو ته،
    سڄيءَ مخلوق جون تڪليفون ۽ مصيبتون پنهنجي سِر تي کڻان،
    ته جيئن ڏک ۽ رنج مان، غم مان نجات ملي پوي!“
    _
    هتي ان دلچسپ حقيقت جو ذڪر ڪبو هلجي ته اوڀر ۾ مذهبي بحثن تي ڪجهه ڪتاب به لکيا ويا آهن. هندستان جي ديانند سوامي عالمي مذهبن تي تنقيد جي حوالي سان ڪتاب ”سٿيارٿ پرڪاش“ لکيو هو. ان جي جواب ۾ هندستان ۾ ئي عبدالرحمان صديقي ”ارمغان ويد“ نالي ڪتاب لکيو. اهو ڪتاب هندستان ۾ مغليه حڪومت ڇپڻ جي اجازت ڪونه ڏني. پاڪستان قائم ٿيڻ وقت ليکڪ جو خاندان هيڏانهن لڏي آيو، ليکڪ پاڻ هندستان ۾ ئي رهيو. ليکڪ مذهبي جذبي تحت تفصيلي ڪتاب لکيو هو. هن جي پٽ ليکڪ جي مرڻ بعد ان ڪتاب کي وري ترتيب ڏئي 1995ع ۾ لاهور مان شايع ڪرايو هو. هُن انهي ڪتاب ۾ جيئي سنڌ تحريڪ شروع ڪرڻ تي سائين جي ايم سيد تي به تنقيدي نظر وڌي آهي. ارمغان ويد ڪتاب ۾ ليکڪ چوي ٿو: ”ويدن ۾ خدا پرستيءَ جو وجود ئي ناهي. ويد تعصب تي مشتمل آهن، جن جا حوالا هن ريت آهن.
    _ ”اي انسان جا دشمن داسو اوهان ڪنڌ ڪپيل نانگن جيان انڌا ٿي وڃو، پوءِ اگن ديوتا اوهان کي ساڙي خاڪ ڪري، پوءِ جيئڻ وارن مان جيڪو بچي، اُن کي به اندر ديوتا ماري ڇڏي!“ (سام ويد)
    _ ” اي جنتر منتر جا ڇوڙيل تير تون اسان جي دشمن وٽ وڃ ۽ انهن کي ختم ڪري ڇڏ، ڪنهن کي به زندهه نه ڇڏ“. ( آتر ويد )
    _ ” هن دنيا ۾ جيڪو ڪجھه آهي، اهو برهڻ جو آهي، ڇو جو اهو مخلوق ۾ برتر ۽ افضل آهي.“ ( منو ڌرم شاستر)
    _ ”جو شخص برهمڻ کي سفيد پيرن واري رڍ خيرات ۾ ڏئي ٿو ، اهو سورڳ ۾ وڃي ٿو.“ (اٿر ويد)
    _ ”شودر کي جيڪڏهن آزاد به ڪيو وڃي ته اهو آزاد نه سمجھيو وڃي،ڇو جو قدرت هُن کي غلام ڪري پيدا ڪيو آهي“. (منو سمرتي)

    اهي خيال به اوڀر مان اڀريا هئا، ان ڪري اوڀر جو خطو اهڙن گوناگون خيالن جي ڪري هميشه محققن جي دلچسپي جوسبب رهيو آهي. اوڀر جي منفرد تاريخ رهي آهي.
    اوڀر جي درد ناڪ تاريخ اها به آهي ته جڏهن رهزن حملي آوارن قلعن جو گھيراءُ ڪيو ته بيوسي ۾ ڌرتيءَ ڌڻين قلعن جا دروازا کولي پنهنجو پاڻ کي پيش ڪيو ۽ رحم طلب ڪيو ، جواب اهو ڏنو ويو ته اسان کي ڪنهن کي معاف ڪرڻ جي اجازت ناهي! ان ڪري ٽن ٽن ڏينهن تائين اتي قتل عام جاري رهيو! حد اها آهي جو ڪي مئورخ چون ٿا ته: ”اُهي قبضا خور قاتل نه پر نيڪ شريف ماڻهو هئا. سٺي مقصد لاءِ آيا هئا! “ حقيقت اها آهي ته ان تعصب پرست رويي اوڀر کي وڏو نقصان ڏنو آهي. تاريخ نويس جن حملي آورن کي معتبر ڄاڻائن ٿا، ”انهن جڏهن اوڀر مان ڪاهه بعد واپسي ڪئي هئي ته انهن جي فوجي اُٺن کان علاوه چار هزار اٺن تي اوڀر جو لٽيل خزانو سٿيل هو!“
    ”بادشاهه پنهنجي سلطنت کان، وزير پنهنجي وزارت کان، مرشد پنهنجي مريدن کان، وار، ۽ ڏند، ۽ عورت جون ڇاتيون، جڏهن اهي شيون پنهنجي جڳهه تان هٽي وڃن، ته پوءِ انهن جو شان ختم ٿي ويندو آهي!“ اهي لفظ راجا ڏاهر کي سندس وزير ”ٻڌي مان“ چيا هئا! چچ نامو اوڀر جي سنڌين جي ان ذوق جو شاهد آهي.
    تاريخ جو هڪڙو ڀيانڪ سچ اهو به آهي ته: ”سڪندر اعظم سنڌ مان هڪ لک کان وڌيڪ شهرين ۽ فوجين کي غلام ڪري غلامن جي منڊين ۾ آڻي وڪڻي ڇڏيو هو!“ اهو ساڳيو لقاءُ بغداد وارن به سنڌ سان ڪيو هو!
    اوڀر ۾ اسلام کي وسعت ڏيڻ ۾ صوفين ۽ بزرگن جو اهم ڪردار رهيو آهي. نظام الدين اوليا، هجي يا اجمير شريف جو خواجه معين الدين چشتي هجي، بابا فريد هجي، يا قلندر هجي، سلطان باهو هجي يا ٻيا بزرگ هجن، انهن فقط محبت جو پيغام ڇڏيو آهي. ان ڪري هر مذهب جو ماڻهو انهن سان عقيدت رکي ٿو. اوڀر ۾ صوفين انسانيت جي پچار ڪئي آهي. ان سچ کي اتهاس مان ڪوبه خارج ڪري نٿو سگھي. انهن جي عظمت صدين کان پوءِ به ساڳي معتبر آهي.
    اوڀر جي نظرين، سياست ۽ روحانيت جي حوالي سان ڊاڪٽر تنوير عباسي لکي ٿو: اورنگزيب جو ڀاءُ دارا شڪوه وحدت الوجود جي فلسفي جو مڃيندڙ هو، هُن هڪڙو ڪتاب لکيو ”مجمع البحرين“ تمام ننڍوڪتاب آهي ٽيهن صفحن جو، اُن ۾ هو هڪ هندو عالم جي حوالي سان لکي ٿو ته: ”ويدانيت ڪنهن به مذهب جو ٺيڪو ڪونهي!“ هُن انهيءَ ڪتاب ۾ اسلامي فلسفي ۽ هندي فلسفي ٻنهيءَ ۾ اهم ڳالهيون ڳولي ڏنيون آهن. هُن گيتا ۽ اُپشندن جو فارسي ۾ ترجمو ڪيو. دارا ميان مير سنڌيءَ جو شاگرد ۽ مريد هو. ميان مير سنڌ جي مشهور شاعر قاضي قاضن جو ڀاڻيجو هو. مون تازو اڀياس ڪيو آهي ۽ ويدن مان ڪجهه سٽون توهان کي ٻڌايان ٿو:
    ”خدا کي ڪابه شڪل نه آهي.“
    هِي يجر ويد ۾ آيل آهي.
    اٿر ويد ۾ آهي ته:
    ”هو اڪيلو، اڻ ڀڄندڙ ۽ سڀ کان مٿانهين آهي“
    يجر ويد ۾ اهو به آهي ته:
    ”ڪابه شيءِ هُن جھڙي ناهي.“
    _
    اِهي ڳالهيون دارا شڪوه ڌيان ۾ رکيون. دارا شڪوه کي ميان مير جي رهنمائي حاصل هئي، دارا شڪوه کي اورنگزيب شهيد ڪرايو. هُن جي وڍيل سِسيءَ خونچي ۾ رکي پنهنجي قيد ۾ پيل پيءُ شاهجھان ڏي موڪليائين.“
    شاهه لطيف، دارا شڪوه ۽ صوفي سرمد شهيد جي شهادت جي واقعي کان يارنهن سال پوءِ سنڌ ۾ پيدا ٿيو.
    ”اسلام جي اچڻ کان پوءِ هندي شاعريءَ ۾ هڪ تحريڪ پيدا ٿي، ان کي ”نرگن واد“ چيائون. جنهن جي معنيٰ آهي: ”خدا کي ڪابه شڪل ڪونهي.“ اها وحدانيت واري نرگن واد واريءَ تحريڪ شاهه لطيف کان اڳي پيدا ٿي چڪي هئي. شاهه لطيف پنهنجي دؤر ۾ وحدت الوجود ۽ وحدت الشهود کان واقف هو.“
    ”شاهه لطيف جي نظر ۾ منافقيءَ هر ڪنهن مسلڪ ۾ ممنوع آهي.“
    اوڀر جي ڪلاسيڪل شاعريءَ جو بنياد لڳ ڀڳ ٻه هزار سالن کان ٿورو مٿي ٻڌايو وڃي ٿو. ”ڪاليداس، وال ميڪي، جي ديو، وديا پتي، امارو، بانڪيداس، ڪلاسيڪل شاعر آهن، ان ئي صف ۾ اشوگهوش، ماگھا، ڀاوا ڀوٽي، ڀاروي، هرشا، هالا، بلهانا، ڀرتري هري جا اهم نالا به شامل آهن.“ جن جي شاعريءَ تي اوڀر ناز ڪري ٿو. اهي سنسڪرتي شاعر آهن. پندرهن سئو سال اڳ ڪاليداس چيو هو:
    هُو خدا جي خالص خوشيءَ جو عڪس آهي،
    جنهن کي هُن پنهنجي تخليقي خيال ۾ مرتب ڪيو،
    آئون جڏهن کيس ڏسان ٿو،
    تڏهن هوءَ منهنجي تصور ۾ سمائجي وڃي ٿي.
    خدا ڪيڏو نه عظيم آهي،
    ۽ هوءَ ڪهڙي نه خوبصورت.
    _
    ستين صديءَ جي رومانوي مها ڪويءَ ڀرتريءَ هري چيو آهي، ”عورت جي جوڀن ۽ جھنگل جي نظارن کان سواءِ سڄو سنسار بيڪار آهي!“
    چوڏهين صديءَ جي مئٿلي جي ڪوي وديا پتي چوي ٿو:
    ”ڪوبه ماڻهو تيسين مڪمل نٿو سمجھيو وڃي، جيسين هُن کي جماليات جو پورو شعور نٿو ٿئي.“
    • اوڀر جو خوبصورت ڪوي وديا پتي پنهنجي ڪويتا ۾ لکي ٿو:
    ”هرڻين جھڙين اکين واري راڌا کي،
    ڪرشن جي حوالي ڪري،
    سڀ ساهيڙيون هليون ويون،
    موقعو ملندي ئي ڪرشن جا جذبا ڀڙڪي اُٿيا،
    هُن پنهنجي راڌا جو هٿ پڪڙيو،
    ۽ لڀائيندڙ ڳالهين جي برسات شروع ڪري ڇڏي.
    اهڙين ڌتاريندڙ ڳالهين،
    راڌا جي حياءَ مٿان پردو وجھي ڇڏيو!“
    _
    اوڀر جي هندي شاعريءَ ۾ ڀڳت ڪبير جي فڪر جي لازوال حيثيت آهي. ڪبير ڪوريءَ هو. چرخي ۽ داڳي سان عشق هئس. هُن رجعت پرستيءَ کي ڏاڍو ننديو آهي، ”ماڪوڙيءَ جي پيرن ۾ گھنگھور وڄن ٿا، خدا اُهي به ٻڌي ٿو!“ جھڙا شاهڪار خيال ڪبير اوڀر کي ارپيا آهن، اهو ئي ڪبير چوي ٿو:
    ڪبير ڪا گھر سِڪر پَر، جھان سِلهي گيل،
    پانءُ نه ٽيڪي پيپل ڪا، پنڊت لادي بيل.
    _
    اوڀر ۾ ميران جا ڀڳتي ڀَڄن ۽ شعر به وڏي اهميت رکن ٿا. ميران پُوري زندگيءَ شاديءَ نه ڪئي هئي، هن پاڻ کي ڀڳتي لاءِ وقف ڪيو هو. هُوءَ پاڻ کي پريم ديواني چوندي هئي. سنڌ ۾ شاهه ڪريم کان به اڳ ۾ بابا فريد جو ڪلام مشهور هو. پنجاب جو اهو حصو ان وقت سنڌ جو حصو هو. هن با ڪمال صوفيءَ شاعر اوڀر کي لاجواب شاعريءَ سان نوازيو آهي، ٻارهين صديءَ ۾ چيو اٿس:
    ”فريدا ڏکان سيتي ڏينهن ڳيا، سولان سيتي رات،
    کڙا پڪاري پاتڻي، ٻيڙا ڪپر وات.
    ¬_
    فريدا، مين جاڻيا دک مجھه ڪو، دک سڀا اي جڳ،
    اچي چڙهه ڪي ويکيا، تان گھر گھر ايها اڳ،“
    _
    اوڀر واري سنڌ ۾ قاضي قاضن چيو آهي:
    جي مون پڙهيا پاڻ لئه، سي مون سيلهه ٿئام،
    واڳون ٿِي وڙهيام، اکر اُهي ئي اڳيان.
    _
    شاهه لطف الله قادري چيو آهي:
    حُسن حبينن جو، پَسين جي هيڪار،
    ته توکي سڀ ڄمار، وڃي اُڃ وَرِهَن جي.
    _
    حُسن حبيبن جو پسين جي پيهي،
    ته توکي سڀيئي، ٻيون وڃن وسري.
    _
    شاهه ڪريم جو شاهڪار بيت آهي:
    پاڻياريءَ سِر ٻيلهڙو، جَر تي پکي جيئن،
    اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾.
    _
    خواجه محمد زمان لنواريءَ واري جو سدا حيات بيت آهي:
    سڪ روحاني سامئين، جِسمي جاهلن،
    ٻَگھَن مڇي مَن، پارس پسن ڪينڪي.
    _
    چپان جي نوجوان خوبصورت شاعر ”ياس ناري ڪاوا باتا“ نوجوانيءَ ۾ ئي 1972ع ۾ گئس ذريعي گھُٽجي خودڪشيءَ ڪئي هئي. الاءِ ته ڪهڙي بيچينيءَ جو درد هُن جي دل جي ٻيڙيءَ جو مسافر بڻيو هو، جو هن دنيا کان اکيون پري ڪري ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو هو! هُن پنهنجي هڪڙي خوبصورت نظم ۾ لکيو هو:

    ”مان اوڀر جون گُم ٿيل صديون ڏسڻ چاهيان ٿو،
    مان شايد گم شده صدين جو شهري آهيان!“
    _
    ڪاوا باتا ان نسل جو انسان هو، جيڪو جپان جي اهم شهرن هيرو شيما ۽ ناگا ساڪي تي آمريڪا پاران اڇليل خطرناڪ ائٽم بم جي تباهي کان پوءِ پيدا ٿيو هو. ان حملي ۾ لکين جاپاني ماريا ويا هئا. اها تاريخ هن شاعر کي ياد هئي. هُن اوڀر جون گم ٿيل صديون ڇو ٿي ڏسڻ چاهيون؟ ڇا هن اهو روحاني طور محسوس ڪيو هو ته اوڀر سان منهنجو ڪو تعلق آهي؟ سچ ته پنهنجي جاءِ تي اهي تمام وڏا سوال آهن! تاريخ گواهه آهي ته شاعر ڌرتيءَ جو ضمير هوندا آهن، انهن جو لفظ لفظ ڪنهن روح جو عڪاس هوندو آهي. گم ٿيل صدين جو شهري پاڻ کي سمجھڻ تمام وڏي ڳالهه آهي! وڏو عشق آهي!
    لڳي ٿو هُن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري ملڪ ۾ ويهي راتيون ۽ ڏينهن گھاري محسوس ڪيو هو ته هتي ته رڳو مشيني ماڻهو ٿي جيئڻو ٿو پوي ! وقت جي مارڪيٽ ۾ زندگيءَ کي گروي رکڻو پوي ٿو! ڪوبه ڪنهن لاءِ پيار جو ٿڌو ساهه نٿو ڀري! ڪلبن ۾ عجيب ساز اڏامن ٿا، پر روحانيت جي تند ڪٿي به تنوار نٿي ڪري! باشو جا هيڪو (هائڪو) ڀلي کڻي فطرت جي حسن سان رڱيل آهن، پر انهيءَ فطرت کي ته آمريڪا باهه ڏئي چڪو آهي. اڄ منهنجي ڌرتيءَ تي انڌا ٻار ڄمن ٿا! پريان اوڀر جي تهذيب ۾ ڪيڏي درياهن جھڙي روحانيت آهي! اوڀر جي ثقافتن کي انڊلٺ کان گھڻا رنگ آهن! اوڀر جا ڪارا ڊگھا ڪاڪل ڪيڏي ڪشش رکن ٿا. ڪيڏو قرب آهي، اوڀر جي ڪڪوريل اکين ۾ جيڪي ڪجل سان ڀريل آهن! هُن جپان جي مندرن ۾ اُهي بي ضرر ٻُڌ پنهنجي ڌُن ۾ مگن ڏسي ضرور سوچيو هوندو ته، هنن جي دلين ۾ به اهو اوڀر جو فسلفو آهي، جيڪو ائٽم بم جي تباهي جو مخالف آهي! هُن ان اوڀر تي شايد سوچيو هو، جيڪو صديون اڳي روحانيت جو مرڪز هو. هن کي شايد خبر نه هجي ته اهو اوڀر جيڪو صوفين جو خواب هو، اهو هاڻ يورپين ۽ آمريڪين جي مفاد جو اڏو بڻجي بدامني ۾ سهڪي ۽ تڙپي رهيو آهي! ان اوڀر ۾ هاڻ نانگ رهن ٿا ۽ بگھڙن جو گھيرو آهي. رجعت پرستن اوڀر جو سڪون برباد ڪري ڇڏيو آهي، دل چوي ٿي “ياس ناري ڪاوا باتا” جو روح ڪٿي گڏجي ته کيس سنڌ جي محبوب شاعر آفتاب ڪريم ڪلوئيءَ جو هي شاهڪار نظم ٻڌايان:
    مان پيرين اگھاڙو پَٽن تي هلان ٿو،
    اُڃايل به آهيان، بکن تي هلان ٿو،
    مان ڏاڍو ڏکن جو ڏکن تي هلان ٿو،
    مان اوڀر جو مظلوم انسان آهيان!
    حڪم تي مان هر وار ماريو وڃان ٿو،
    سرِ عام ساڙيو ۽ ٻاريو وڃان ٿو،
    مان ٿاڻن ۾ واڙي ويهاريو وڃان ٿو،
    ۽ بندوق سامهون بيهاريو وڃان ٿو،
    لڳي ٿو ته هيڻو ڪو حيوان آهيان.
    مان اوڀر جو مظلوم انسان آهيان!
    ازل کان مان آهيان اَجھي لاءِ لاتو،
    اٽي جو اڃا ڀي کُليو ڪونه کاتو.
    جنم کي جھلي مون لَٽي پويان لاتو،
    ڄمڻ کي ڄريءَ ۾ اٿم پاڻ پاتو،
    گِرهه لاءِ گھايل ۽ حيران آهيان.
    مان اوڀر جو مظلوم انسان آهيان.
    لکين روز لوڀين جا لاڙا ٺهن ٿا.
    ٻٽا ٻول ٻيڻا ۽ جاڙا ٺهن ٿا،
    اَڏا منهنجي لئه ۽ اکاڙا ٺهن ٿا،
    ٻڌڻ لاءِ مون کي ٻُٿاڙا ٺهن ٿا.
    مان ڄڻ ڪوئي ميلن جو ميدان آهيان.
    مان اوڀر جو مظلوم انسان آهيان!
    هي ڌرتي جو گولو تَتو آهي مون لئه،
    نَين دوزخن جو پتو آهي مون لئه،
    هي مارين جو ميڙو متو آهي مون لئه،
    ۽ نيزو نئون ڪو کُتو آهي مون لئه،
    مان اولهه لئه ڪيڏو نه آسان آهيان.
    مان اوڀر جو مظلوم انسان آهيان!
    _
    اوڀر کي گھٽي گھيرڻ جي اڄوڪي سچ کان ڀلا ڪير انڪاري ٿيندو!؟ هي نظم نه فقط اڄ جي اوڀر جو عڪس آهي، پر اوڀر جي ماضي جو به درديلو آلاپ آهي. اهو اوڀر جنهن جي محبوب ڌرتيءَ تي ڀٽائي جنم ورتو، ۽ تصوف جي وحدت الوجودي فلسفي جي ترجماني ڪئي! لطيف جي ان عظيم شاعريءَ ۾ مذهبي تعصب جي هڪ سٽ به موجود ناهي. لطيف جڏهن اها شاعريءَ پئي ڪئي، تڏهن به سنڌ ۾ هندو ڌرم پنهنجي لکين پيروڪارن جي عقيدت سان موجود هو. اڇوت سڏجندڙ قبيلا به سنڌ ۾ موجود هئا. سنڌ ۾ اهڙا به ڪي ماڻهو موجود هئا، جن ۾ مذهبي تعصب موجود هو. اهي نه رڳو جوڳين، سامين ۽ سنياسين جون مڙهيون برباد ڪرڻ لاءِ مصروف هئا، پر مسلمان صوفين جا ٺڪاڻا به انهن جي اکين جا ڪٽر بڻيل هئا. پر اسان جي لطيف جي سوچ بلڪل منفرد، صوفياڻي ۽ سيڪيولر هئي. اُهي سنياسي، لاهوتي، ڪاپڙيءَ، جوڳيءَ، آديسي، لاهوتي، جيڪي لطيف پنهنجي ڌرتيءَ تي ڏٺا، اهي به تعصب کان بنهه آجا هئا. اهي ايترا ته پُر اسرار هئا، جو ڪيڏانهن نگاهه کڻي ڏسندا هئا ته گھڻا ماڻهو انهن جو تاب جھلي نه سگھندا هئا. لطيف اهڙن ئي پراسرار انسانن تي پنهنجي رامڪلي، پرڀاتي، مومل راڻو، کاهوڙي ۽ پورب سُرن ۾ لاثاني شاعريءَ ڪئي آهي. ان شاعريءَ ۾ پيش ڪيل فڪر، اوڀر جو نئون آواز آهي. لطيف اوڀر جي فلسفي تي بيحد نازڪ خياليءَ سان روشنيءَ وڌي آهي.
    پُورب ئي مارياس، ڪِنهن دَر ڏيان دانهَڙِي،
    مَتيون ڏيندي لوڪ کي، چَري پاڻ ٿياس،
    جِنين نه جيهياس، مان لَنئون لڳو تِن سِين.
    _
    لطيف پُورب کي روحاني منزل سڏيو آهي، مختلف بيت لطيف ان ئي پس منظر ۾ سرجيا آهن. لطيف اوڀر کي انساني روحانيت جو پهريون گھر سمجهي ٿو. اؤميل جڏهن ثابتين سان سنڌ ۽ سنڌي فڪر کي پوري جڳ جو بنياد ڪري پيش ڪري ٿي ته لطيف وارو صوفياڻو فڪر سولائي سان سمجھه ۾ اچي وڃي ٿو. حقيقت اها ٿي ثابت ٿئي ته لطيف جيڪو پورب کي پيار ڀيٽا ڪيو آهي، ان جو سبب اهو ئي آهي ته اوڀر جو انسان تعصب پرستيءَ جو حامي ناهي رهيو. ان مذهب کي صرف روحاني اک سان ڏٺو آهي. لطيف اوڀر جي روح ۾ لهي اها تصديق ڪري چڪو هو ته، هِيءُ ئي اهو انساني خطو آهي، جتان روحانيت جو سفر شروع ٿيو آهي. هتان ئي تهذيبي ۽ پرامن سوچ سِرجي پوءِ اڳتي وئي آهي. سنڌ ئي دنيا کي تبديل ڪندڙ فڪر ڏنو آهي.
    جڏهن اسان لطيف جي اوڀر جي پس منظر ۾ ڪيل شاعريءَ کي روح ۾ لاهيون ٿا ته اهو فڪر سنڌ جو پر امن، پاڪ صاف ۽ فطرت سان ٻکيل فڪر جي روپ ۾ اچي سامهون بيهي ٿو. لطيف جو کاهوڙين ۽ جوڳين سان عشق ان ڪري آهي جو اهي انسانيت سان پيار ڪندڙ آهن. امن پسنديءَ، پاڻ سڃاڻڻ، ۽ دنيا کي روشنيءَ ڏيڻ، انهن جو نظريو آهي. اهي فطرتي رنگ جا انسان آهن. لطيف جو فڪر ثابت ڪري ٿو ته اوڀر انسان دوستيءَ جو پهريون ادارو آهي. جنهن سڄي دنيا کي روحاني طور متاثر ڪيو آهي. اوڀر جا انسان جنگين جا مخالف رهيا آهن. انهن تي وحشي جنگيون مڙهيون ويون آهن. سنياسين يا جوڳين جي زندگيءَ فراريت جو درس ناهي، پر فطرت سان ويجھڙائي جو عمل آهي، اها امن پسندي آهي. هڪ حقيقت طئي آهي ته ڀٽائي جي فڪر کي جوڳين سان ڪيل رولاڪيءَ، ڪچهرين ۽ ٺڪاڻن جي ڄاڻ رڱي راس ڪري ڇڏيو هو.
    لطيف کاهوڙين سان ڪيل سفر مان زندگيءَ جو وڏو شعور ۽ روحاني راز ماڻيو هو. اهو راز لطيف جي سڄيءَ شاعريءَ ۾ نُور جي صورت ۾ موجود آهي.
    تهڙا ڪڙڇ ڪڪرا، جھڙا جائن ڦُل،
    تن سامين جي سَڌ مَران، جن جي گودڙين ۾ گُل ،
    اندر مُلان مُل، ٻَهر ڪوجھا ڪاپڙي.
    _
    هِي ڪاپڙي لالچ کان آجا آهن. ڪنهن منظم مذهب سان به هنن جو ڪو تعلق ڪونهي. گودڙين ۾ گل کڻي ، هِي ماڻهن کي محبت جو پيغام ڏيندا هلن ٿا. ڪنهن سان به ڪا عداوت نٿا رکن. اوڀر جي روشنيءَ هنن اکين، دلين ۽ سينن ۾ آهي. هِي وحدت الوجود فلسفي جا سڌا سنوان پرچارڪ آهن.
    نُوريءَ ۽ نارِيءَ، جوڳيئڙا جھان ۾،
    ٻَري جن ٻاري، آئون نه جيئندِي اُن رِي.
    _
    ”جهان ۾ باهه وارا ۽ نُور وار جوڳيءَ آهن، جن جي ڪچهريءَ مان نُور پلئي پوي ٿو. تن کان سواءِ مان نه جئنديس!“ ڀٽائي وٽ هنن ڪردارن جي ڪيڏي اهميت آهي، جن ڪردارن تي ٻي دنيا ڪڏهن دل سان سوچيو ئي ناهي.
    ڪَيم ڪاپڙين جي، پهرين ڏينهن پروڙ،
    سگھا ساعت نه هيڪڙي، چارئي پهر چُور،
    سدائين سيد چئي، هوَن سناسي ۾ سُور
    جوڳي ساڻ ضرور، لڪا ڀُڻن لوڪ ۾.
    _
    هي سناسي، ڪاپڙي پرامن انسان آهن، دنيا جي لالچ هنن جي مقصدن ۾ شامل ناهي. هنن وٽ هٿيار به ناهن، جو ڪنهن کي نقصان پهچائين، صرف وڄائڻ وارا ساز ساڻ اٿن، انهن سان پنهنجو ۽ ٻين جو روح ريجھائين ٿا. اِهي انسانيت جا وارث آهن. انهن تڪليفون سهي روشنيءَ ۽ پيار جو پيغام عام ڪيو آهي. اهي سدائين آزمائش ۾ رهيا آهن.
    هِي جي هُئا هِت، ته مَٿن هوند حق ٿيو،
    مڻيون مورت، مَت مان نه وسريون ڪِي لهان.
    _
    لطيف هزارين سالن جي انساني سفر ۾ ٽُٻي هڻڻ وارو شاعر آهي. جنهن پورب جو روح ڳولي هٿ ڪيو آهي. ان ڪري ٻڌائي ٿو ته:
    ڪڇي ڪا ڇوٽِي، نانگن ٻُڌي نينهن جي،
    جھڙا آيا جڳ ۾ تهڙا ويا موٽي،
    اُنين جي چوٽي، پورب ٿيندي پَڌري.
    _
    پورب ڇا پڌرو ڪيو آهي؟ ۽ پورب مان اڃا ڇا پڌرو ٿيڻو آهي؟ اهي ٻه وڏا اهم سوال آهن. انهن تي وڏي تحقيق جي ضرورت آهي. هتي وري سوالن مان نوان سوال جنم وٺن ٿا، مثال طور: اوڀر جو پنهنجو اصل نظريو ڇا آهي؟ ۽ اُن تي ڇا ڇا زوريءَ مڙهيو ويو آهي؟ اوڀر تي ڪيترا ٻاهريان قبضي خور آيا آهن، انهن پنهنجا مخصوص نظريا ڪيئن لاڳو ڪيا آهن؟ هڪڙن نظرين جي ڪري سماجي تنگ نظريءَ کان بچڻ لاءِ انسانن ڪيئن وڃي پراين ڌارين نظرين ۾ پناهه ورتي آهي، اهو بحث ڪافي ڊگھو ۽ ايذائيندڙ آهي!
    اؤميل جو ڪتاب هڪ ننڍڙيءَ دريءَ آهي ، اڃان گھڻي تحقيق پويان رهيل آهي. اوڀر جو سيڪيولر فڪر اڃان وڌيڪ پڌرو ٿيڻو آهي. ڇو جو وڏيون رڪاوٽون آڏيون رهيون آهن. وقت اچي پيو ته نئين سوچ سان تشريح ڪئي وڃي. ڊپ کي دفن ڪري کليل نموني ڳالهايو وڃي.
    پُوربيا پوري ويا، آسڻ آڌيءَ رات،
    سُيَم نه سنياسين جون، پچارون پرڀات،
    ڪا جا جوڳي ذات، مِٽ نه معذورن جا.
    _
    اوڀر جا جوڳي پنهنجي آسڻ جا در بند ڪري هليا ويا آهن. هاڻ پرڀات مان انهن جون پچارون ڊگھيون ڳالهيون ٻُڌڻ ۾ نٿيون اچن. اُهي معزور جن کي شفا جي ضرورت آهي، جوڳي انهن کان پري ٿي ويا آهن! انسان دوست روحاني ماڻهو ڪيڏانهن هليا ويا آهن! هڪ ڳالهه واضع آهي ته لطيف کي ڪجهه جوڳي گھڻا ويجھا هئا، لطيف انهن کان ايترو ته متاثر هو جو انهن جي نه هئڻ کي دل سان محسوس ڪيائين. ضروري آهي ته جو ڳين جي پوري تاريخ تي نظر وجھجي! انهن جو حسب نسب ڄاڻجي. اهو پتو لڳائجي ته جوڳين وٽ ڪهڙا نظريا هئا؟ زندگي گذارڻ لاءِ هنن جو ڪهڙو سماجي سرشتو هو!؟ انهن جي ماهر جوڳين ڇا ڇا مرتب ڪيو هو؟ ڪجهه خاص ضرور هو، جيڪو لطيف جي من ۾ پيهي ويو هو!
    اڃان سي آهين، جي سزاوار سڱين جا،
    ويٺا وڄائين، جي سناسِي سُڻئين.
    ڪٿي ايئن ته ناهي، اوڀر جي موسيقيءَ کي مرتب ڪرڻ ۾ جوڳين جو ڪو خاص ڪردار هجي؟ ائين ته ناهي ڪو اهڙو ورثو جوڳين دنيا کي ڏنو هجي، جنهن تي تحقيق ئي نه ڪئي وئي هجي؟ سڱيون صدين کان وڄنديون رهيون آهن، انهن وجد جو ڪهڙو پيغام انسانن کي ڏنو آهي؟ اهي سڀ سوال ۽ مامرا لطيف اسان لاءِ سوال طور ڇڏيا آهن! ڏسو لطيف سنڌ جي انسان دوست سيڪيولر فڪر جي ڪيڏي ته غضب جي تشريح ڪري ٻڌائي آهي ته:
    جھنگل هليا، سي نه ڀليا، راهه هليا ڦُرجن،
    اوجھڙ سي نه پون، ٻيئي جنين ٻُوٽيون.
    _
    اهو ئي فلسفو قديم هند جي هڪ قديم دوهي ۾ نظر اچي ٿو، ڏسو:

    سڀ جڳ ٻاڌا ڪچي ڌاڳي، ڪوئي ورلا ڇوٽا،
    اجھڙ چليا سو گام پهتا، راهه چليا سو لُوٽا.
    لطيف هن فلسفي ۽ فڪر کي جيڪو موڙ ڏنو آهي، اُهو هيءَ آهي ته، جن ٻئي اکيون بند ڪري ڇڏيون اهي ڪڏهن به اوجھڙ ۾ ڪونه ڪريا، ڪونه گم ٿيا! ٻئي اکيون ٻوٽڻ جو مقصد ڇا آهي؟ هندي دوهو چوي ٿو: اوجھڙ ۾ پوڻ وارا ماڳ تي پهچن ٿا، راهه هليا ڦُرجن ٿا. لطيف چوي ٿو: جھنگ ۾ هلڻ وارا نٿا ڀلجن، راهه ويندڙ ڦرجن ٿا! پر ٻئي اکيون ٻوٽڻ وارا ڪنهن به نقصان ۾ نٿا پون! مطلب اهو ته ظاهري اکين جي بجاءِ جيڪي انسان دل جي اکين سان هلن اهي منزل ماڻين ٿا ظاهريءَ نه پر اندريون اکيون ڪنهن به دوکي ۾ نٿيون اچن! لطيف اوڀر جي هنن ڪردارن کي قطعي نج مذهبي نٿو سمجھي، ڇو جو هنن وٽ ڪنهن به الهامي ڪتاب جي دعويٰ ڪانهي! هنن پنهنجا نظريا پاڻ مرتب ڪيا آهن! اُهي ڪردار نج اُهي صوفي آهن، جن فطرت مان پنهنجي زندگين کي ترتيب ۾ آندو آهي. پنهنجي سوچ، پنهنجي اڪيلائي، پنهنجا مشاهدا هنن جا رهبر بڻيا آهن. ٻين نظرين جي نالي ۾ انسان لاءِ رڻ ٻاريا ويا آهن، هنن ڪوبه اهڙو نظريو ناهي ايجاد ڪيو جيڪو انساني رَت وهائڻ کي واجب سمجھي! هڪ انسان مانيءَ لاءِ پريشان آهي، اُها ماني سرمائيندار اغوا ڪري چڪا آهن! اهو انسان ٻئي انسان جو محتاج بڻايو ويو آهي، جيڪو انسان غلامي لاءِ پيدا ناهي ٿيو! ڌرمن ۽ مذهبن کي غلط تشريح ڏيندڙ سرمائيدارن جا ساٿاري سنگمرمر جي عمارتن ۾ ستا پيا آهن، ۽ مفلس انسان جھنگن ۾ پيا رهن! اوڀر جا اهي صوفيءَ ڪنهن جي به خلاف مذهب جو سهارو نٿا وٺن، ڪنهن سان به مذهبي جھيڙو نٿا ڪن. انهن جون دليون انسانن لاءِ صاف آهن. اوڀر ۾ پيدا ٿِي هُنن اِهو ئي سکيو آهي.
    جِياسون جوڙ ٿِي، جوڳي لٿو جار،
    سندو پورب پار، آڇيائين انڌن کي.
    انڌن کي سج جي روشنيءَ ڏيکارڻ هميشه سيڪيولر صوفين جو منشور رهيو آهي. صوفين اهو منشور فطرت مان سکيو آهي، ته سج جو ڪو به ڌرم ڪونهي، پاڻي، هوا، خوشبوءِ، برسات، روشنيءَ سڀ سڀني لاءِ آهن، اهي سڀني انسانن ۽ جانورن جي گڏيل ملڪيت آهن! اوڀر انڌن کي روشني جي تشريح ڪري ٻڌائي ٿو ته روشنيءَ ڇا آهي؟ لطيف چوي ٿو: ”رهبري هيٺ هلڻ ۾ گھڻا نانگ آهن، مُنجھيءَ پوڻ ۾ ماکيءَ جھڙو مزو آهي! پتو انهيءَ کي پوي ٿو، جيڪو ٿاٻڙجي، انهن ٻنهي راهن مان اُڪريو آهي!“ مطلب ته، ٻين جي ٻڌايل رستن ۾ شڪ ۽ نانگ موجود آهن! منجھي پوءِ پنهنجي روشنيءَ سان رستو ڳولڻ جو مزو وڌيڪ مٺو آهي! ڌڪ کائي اٿي بيهجي ٿو ته ڪنهن جي سونهپ جي ضرورت نٿي رهي! پوءِ الجھڻ جو ڪو سوال ئي باقي نٿو رهي! اصل تشريح هِيءُ آهي ته: ” هي حقيقت آهي يا ناهي؟“ اهو سوال آهي. هڪڙا چون ٿا ها اها حقيقت آهي، ان تي اکيون پوري يقين ڪرايو! ٻيا چون ٿا، نه ايئن ڪيئن يقين ڪجي!؟ ڄاڻ ذريعي ڄاڻجي ته ڪا حقيقت ڪيئن آهي؟ مُنجھي جڏهن انسان پوءِ ڪجهه ڄاڻي ٿو، ڪنهن حقيقت کي سمجھي ٿو ته اها اهم ڳالهه آهي! پاڻ جنهن راز کي ڳولي هٿ ڪجي ٿو، ان جو لطف وڌيڪ هجي ٿو.
    هتي هڪ وڌيڪ اهم نقطو سمجھڻ ضروري اهو آهي ته، ڪو ڪٽر ذهنيت جو ماڻهو اهو رايو رکندو هجي ته جوڳين دنيا کي مرليون وڄائڻ کان سواءِ ڇا ڏنو آهي؟ اهي ڪاپڙي جن وڃي غارون هٿ ڪيون تن مان دنيا کي ڪهڙو لاڀ مليو آهي؟ اها ته فراريت هئي! انهن ڇا اهڙو يادگار ايجاد ڪيو آهي جو دنيا کي فائدو ٿيو هجي؟
    انهن سوالن جي جواب ۾ اهو ئي چئي سگھجي ٿوته، اڄ اوڀر ۾ جيڪڏهن آرٽ جي دلبريءَ موجود آهي ته ان جو سبب اهي ئي انسان آهن، جيڪڏهن اڄ موسيقي ساهه کڻي پئي ته ان جو بنياد اهي ئي انسان آهن! جيڪڏهن شاعري ۽ صوفي ازم جي روشنيءَ موجود آهي، ته ان جو ڪارڻ اهي انسان آهن. جيڪڏهن اوڀر ۾ ثقافت جو سج ناهي لهي سگھيو ته ان جو سبب به اهي ئي وجود آهن. اڄ اوڀر ۾ جيڪڏهن رقص جو درياهه ڇوليون ٿو هڻي ته ان جا خالق اهي ئي عظيم انسان آهن.
    تحقيق ثابت ڪري ٿي ته ”سنڌي شاعريءَ ۾ جوڳين جو موضوع لطيف کان اڳ پيش ڪرڻ وارو پهريون شاعر قاضي قاضن آهي. اُن کان پوءِ اها روايت شاهه لطف الله قادري، ۽ شاهه عنات کان ٿيندي شاهه لطيف تائين پهتي آهي.“
    اوڀر جي مسلمان صوفين ۽ بزرگن جي سناسين، جوڳين سان صحبت ۽ رهاڻين جوسلسلو تاريخ جو اهم باب رهيو آهي. اهو سيڪيولر روايت جو سهڻو ثبوب آهي. لطيف شناس ڪجھه عالمن جو چوڻ آهي ته لطيف اوڀر جا ويدڪ لفظ پنهنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيا آهن، جيئن ته لطيف کي اوڀر جي فڪر جي سڄي ڄاڻ هئي، ڳُوڙهن نقطن کان مڪمل طور واقف ڪار هو. ان ڪري لطيف اوڀر جي رڳ رڳ ۾ لٿو آهي. جتي تعصب جو نظريو لطيف پڙهيو يا ٻڌو، ان کي نظر انداز ڪيائين اوڀر جي نفسيات ۾ ويٺل تعصب کان پاڪ صوفي ازم ۽ صوفي فڪر لطيف کان ڳجھو نه هو. پروفيسر موهن لعل پريمي پنهنجي مضمون ”شاهه جي ڪلام ۾ ويدانيت“ ۾ لکيو آهي ته، ”لطيف تي ڀڳتي ۽ ويدانيت جا اثر نمايان آهن، گرنٿ صاحب جي هڪ سٽ آهي ته:

    سَر وچ پنڇي هکلا، فاسيوال پچاس.
    _
    لطيف سائين لکيو آهي ته:
    سَر ۾ پکي هيڪڙو، پاڙهيري پنجاهه.
    _
    گرنٿ صاحب جو هڪ دوهو آهي ته:
    جي سوچندا اگھي، سورج چڙهن هزار،
    اتني چاندن هونديان، گربن گھور انڌار.
    _
    شاهه صاحب چيو آهي:
    سهسين سجن اُڀري، چوراسي چندن،
    بالله ري پرين، سڀ اونداهي ڀانئيان.
    _
    هڪ ٻيو هندي دوهو آهي:
    ڪا ڍڪليجو مئن ڌرون ڪورا تون ليجا،
    ساجن ميرا ديس بست هي، وه ديکت تو کا.
    _
    شاهه سائين بيان ڪيو آهي :
    ڪڍي ڪانگا تو ڏيان، هينئون ساڻ هٿن،
    وڃي کاءُ ولات ۾، اڳيان محبوبن،
    پرين مان پُڇن، هِي قرباني ڪنهن ڪئي“.
    _
    ڊاڪٽر تنوير عباسي ان موضوع تي تفصيلي لکندي ٻڌائي ٿو ته: ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾، سُر رامڪليءِ ۾ ناٿ پنٿي جوڳين جو ذڪر ۽ انهن جي فلسفي جي اپٽار آهي. ناٿ پَنٿي، ٻُڌ مت جي بجرياني سڌن کان پوءِ آيا، ان تحريڪ جو باني گرو گورکناٿ آهي، جنهن مهاتما ٻُڌ جي وفات بعد ٻڌ مت ۾ آيل بُت پرستيءَ جي لاڙي کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪئي. مهاتما ٻُڌ جي اصلوڪي تعليم ۾ بُت پرستي نه هئي. شاهه لطيف سر رامڪلي ۾ گرو گورکناٿ جو نالو ورتو آهي.
    لُنگ ڪڍيائون لانگ، موٽي ڪَن نه مسحو،
    جا اسلامان اڳي هئي، سا سڻيائون بانگ،
    سڀ وڃائي سانگ، گڏيا گورکناٿ کي.
    _
    اها ”اسلامن اڳي واري بانگ“ مهاتما ٻُڌ جي تعليم آهي، جنهن ۾ بُت پرستي نه آهي، ۽ جنهن جي تجديد گرو گورکناٿ ڪئي.“
    ”هڪ هنڌ شاهه لطيف ٻوڌي ڀڪشن جي باري ۾ چٽو بيان ڪيو آهي، ٻوڌي ڀڪشو ، دروازي وٽ اچي چپ بيهندا آهن، پر دان گھرندا ناهن، جي ملي ويندو اٿن ته و ٺي ويندا آهن، نه ته ماٺ ڪري موٽي ويندا آهن.

    پِنن ڪينَ پٽ کڻي، گھُرن ڪين گھرا،
    مهيسي مخلوق جي، اُڀن دور درا.
    _
    شاهه لطيف جي رسالي ۾ سُر پورب به آهي، ۽ بيتن ۾ بار بار پورب جو ذڪر آيل آهي جيڏانهن اهي جوڳي ويندا هئا. ناٿ پنٿي توڙي هندي شاعريءَ جون ٻيون تحريڪون، سنڌ جي اوڀر يعني پورب ۾ شروع ٿيون، ۽ ان ڪري ئي شاهه لطيف اوڀر (پورب) کي ايتري اهميت ڏني آهي. توڙي جو اسلام پڇم (اولهه) کان آيو، ۽ صديون ٿي ويون. ته به ادبي، شاعراڻين توڙي ذهني روايتن جي خيال کان سنڌ پورب کان متاثر هئي.“
    ڊاڪٽر وڌيڪ لکيو آهي ته: ”لطيف هندي شاعريءَ ۾ رام ڀڳتي جي اهم شاعر تلسيداس جي رامائڻ کان متاثر ٿيو آهي، رامائڻ هندو ڌرم جو اهم ڪتاب آهي. ڌرمي ڪتاب هئڻ سان گڏ هڪ حسين ڪلاسيڪي شاعريءَ جو شاهڪار پڻ آهي. تلسيداس ان کي هندي ويس پهرايو.
    تُلسيداس هن ريت ٿو بيان ڪري: ”اوڀر طرف چنڊ اڀريو، رام کيس سيتا جي مُک جھڙو ڏسي خوش ٿيو، پوءِ من ۾ ويچار ڪيائين ته هي چنڊ سيتا جي مُک برابر ناهي!“ رامائڻ جي شعرن پڙهڻ بعد لڳي ٿو ته شاهه لطيف جا سُر کنڀات وارا بيت ”تو ۾ ناهه پيشاني پرينءَ جي“ ”ڪڏهن اُڀرين سنهڙو ڪڏهن اُڀرين ڳچ“ تلسيداس جي مفهوم کي گھڻو ويجھو آهن!“
    ڊاڪٽر تنوير جي اها راءِ پنهنجي جاءِ تي وزني ضرور آهي، پر سُر کنڀات تي جيڪڏهن وسيع نظر سان تحقيق ڪئي وڃي ته نوان راز به پڌرا ٿي سگھن ٿا.


    فلسفو ۽ روشن خيال صوفياڻي شاعري

    اها مڃيل حقيقت آهي ته تصوف خود فلسفي جي هڪ سگھاريءَ شاخ آهي. اها شاخ جنهن کي مذهبن جي توازن ڀري تشريح ڪرڻي پئي آهي. اقتداريءَ قوتن پاران مذهبن کي رجعت پرستن جي حمايت سان غلط طريقي سان استعمال ڪرڻ ۽ ماڻهن کي مذهبي جھيڙي جي جنونيت کان بچائڻ ۽ صحتمند لاڙا پيدا ڪري سماجن جي صاف سُٿري اڏاوت لاءِ تصوف اڀريو آهي. جڏهن ته فلسفي جا مذهب کان سواءِ ٻيا به انيڪ موضوع آهن. اصل ۾ انسانن اندر ضابطا پيدا ڪرڻ لاءِ مختلف ڌرمن، مذهبن ۽ سماجن جا جيڪي سياسي، سماجي قانونن جا ڪتاب آهن، يا وري همورابيءَ جا قانون، منو شاستر، ارٿ شاستر، يوناني ۽ رومي قانوني لکتون آهن، جيڪي آڳاٽي دؤرن سان واسطو رکن ٿا. انهن کي نئين زماني، انساني ترقيءَ کي بنيادي حيثيت ڏئي، تبديل ٿيندڙ حالتن مطابق سمجھڻ، انساني زندگين جي نئين سفر لاءِ سهل بڻائڻ خاطر متوازن ڪري پيش ڪرڻ لاءِ فلسفي جي شروعات ٿي آهي. قديم خيالن تي ڄمي بيهڻ بجاءِ اڳتي وڌي تبديليون قبول ڪري نئين فڪر سان دنيا کي سمجھڻ لاءِ اهو انساني شعور جو نئون قدم آهي. جنهن دنيا ۾ ذهني ۽ انقلابي تبديلين جو ٻج ڇٽيو آهي. انتها پسند لاڙن کي روڪڻ فلسفي جو بنيادي مقصد رهيو آهي. عقليت فلسفي جو بنيادي نقطو آهي. سماجن ۾ توازن پيدا ڪرڻ، شين کي، لقائن کي، عقل جي بنياد تي سمجھڻ جي ان تحريڪ ۽ سفر ۾ انسان دوست فلسفين ڏاڍا ڏکيا ڏينهن به ڏٺا آهن، ته حياتين جون قربانيون به پيش ڪيون آهن.
    تاريخ چٽو ٿي ڪري ته يونان مان منطق ۽ عقليت جو آغاز ٿيو. يونانيءَ دنيا ۾ پهريان عظيم فلاسافر ٿي اُڀريا. انهن عقل جي بنياد تي فلسفي کي مرتب ڪرڻ جي شروعات ڪئي. روشن خياليءَ ۽ عقليت جي راهه ۾ سقراط جھڙي ڏاهي کي زهر جو پيالو پياريو ويو! سقراط جو موت عقليت جي جيت بڻجي ويو! ”افلاطون (348 _ 428 ق م) ۾ فلسفي کي نئين سوچ سان مرتب ڪرڻ شروع ڪيو. فلسفي جي حوالي سان فيثا غورث (400 _ 500 ق م) اهم نالو ليکجي ٿو. اهو به رايو نظر اچي ٿوته اهي فلسفي هند جي فلسفي کان متاثر هئا. يونان ۾ ارسطو (384 _ 322 ق م) تمام وڏو فلاسافر ٿي اڀريو . ارسطو سائنس جو به ابتدائي بنيادڪار سڏجي ٿو. هن جي شاگرد اليگزينڊر (سڪندر اعظم) دنيا کي فتح ڪيو هو. سنڌ تائين به پهتو هو. ڪنهن سنڌي جوڌي جي ڀالي هن ڌِڱ مڙس کي ڊاهي وڌو هو! دنيا اڄ به ارسطو کي عظمت سان ياد ڪري ٿي.“
    ”نائين صدي عيسويءَ۾ عربن جو تعلق يوناني فلسفي ۽ سائنس سان جڙيو هو، ابو يعقوب بن اسحاق الڪندي اسلامي فلسفي جو پهريون ترجمان هو. ان کان پوءِ اهم نالو ابوبڪر محمد ذڪريا الراوي جو آهي، جنهن 930ع ۾ وفات ڪئي، کيس انقلابيءَ ۽ باغيءَ قرار ڏنو ويو هو . مسلمان فلسفيءَ الڪنديءَ جي زماني ۾ ئي روشن خيال صوفي حسين بن منصور حلاج کي 922ع ۾ شهيد ڪيو ويو هو. اهم مسلمان فلسفي ابونصر فارابي (972ع _ 950ع) کي اهم فلاسفر ليکيو وڃي ٿو، هو بنيادي طور عقليت پسند هو. اهڙي ريت بو علي سينا فلسفي جي دنيا ۾ اهم نالو ڪمايو هو. ان کان پوءِ ابن رشد، هسپانيا مان اُڀريو، هُن کي ارسطو جو ترجمان چيو وڃي ٿو. قديم هند ۾ انهن فلاسفرن کان اڳ گوتم ٻڌ جو نالو گونجيو پئي. ابن رشد کان پوءِ الغزالي جو نالو وڏي احترام سان ورتو وڃي ٿو. عقلي فلسفو ابو علي ابن سينا (980ع _ 1039ع) جي ڪري اوج تي پهتو هو. الغزالي 1058ع _ 1111ع ۾ فلسفي کي وڏي سگهه ڏني، پوءِ ابو بازيد بسطامي ۽ جنيد بغدادي جا نالا ورتا وڃن ٿا، جن جو ڪردار اهم ليکجي ٿو. ٻارهين صديءَ جي وچ ۾ يحيٰ سهروردي ۽ ابن عربي اسلامي فلسفي کي تصوف سان ملايو. ميردمد (وفات _ 1631ع) شيعت جي فلسفي جو باني ٿي اڀريو. ”دنيا ۾ جڏهن ڪن فلسفن تقدير پرستيءَ جي فلسفي تي روشني پئي وڌي، ان وقت سنڌ ۾ روشن خيال فڪر جي حاميءَ صوفي مخدوم بلاول جو فتوا فروشن گھيراءُ ڪيو هو. سنڌ ۾ قوم دوست هن دانشور کي (2 رجب 930 هه 6 مئي 1533ع) ۾ گھاڻي ۾ پيڙايو ويو هو“. ”سورهين صدي جي خاتمي کان پوءِ اولهه ۾ روشن خياليءَ جي فلسفي جو سج اُڀريو. دهريت کي سنجيدگيءَ سان وٺندڙ پهرين فرانسيسي ماهر طب، رياضي دان، ۽ عالم پاسڪل (1663 _ 1623ع) هو. ان کان پوءِ اسپونزا (1633ع) ۾ اهم فلسفو پيش ڪيو. اهو فلسفو اڄ تائين روشن خياليءَ جو مثال بڻيل آهي.اسپونزا کان پوءِ ريني ڊيڪارٽ فلسفي ۾ نالو ڪمايو. اهو 1650ع جو زمانو هو. ان کان پوءِ آئزڪ نيوٽن (1642ع _ 1727ع) فزڪس جي ماهر ۽ فلاسفر جي حيثيت ۾ سامهون آيو ، هُن دنيا کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو.“ جڏهن آئزڪ نيوٽن دنيا کي نئون فلسفو ۽ جديد سائنس جا ڪرشما پئي ڏيکاريا، ان وقت سنڌ ۾ شاهه عنايت ”جو کيڙي سو کائي“ تحريڪ پئي هلائي.کيس ان تحريڪ ۽ روشن خياليءَ جي فلسفي کي عام ڪرڻ جي ڏوهه ۾ (1718ع) ۾ رهزنن شهيد ڪيو هو. تاريخ گواهه آهي ته فلسفي ۽ روشن خياليءَ جي حامي فلاسفرن ۽ صوفين هن راهه ۾ پنهنجو رت ڏئي علم جو نئون سج اُڀاريو آهي.
    فلاسافيءَ سان گڏ روشن خيال صوفياڻي شاعريءَ جو سلسلو به ڪافي آڳاٽو آهي. اهو سلسلو قديم يونانيءَ شاعرن وٽ به ملي ٿو، ته قديم سنسڪرتي شاعرن جي شاعريءَ ۾ به اها لاٽ جرڪندي نظر اچي ٿي. بائيبل ۾ به صوفياڻو ڪلام پسجي ٿو. قديم عربي شاعريءَ ۾ به شاندار وجداني عڪس ملن ٿا. ”سورهين صديءَ جو انگريز مصنف پٽن هام چوي ٿو: “شاعريءَ، يونان يا روم جي شاعريءَ کان گھڻو آڳاٽي آهي. جڏهن نه سائنس هئي نه تمدن هو!“ ٻارهين صدي جي مسلمان صوفي شاعرن وٽ خوبصورت روشن خيال شاعريءَ جو خزانو نظر اچي ٿو. ”ان ئي دؤر ۾ هندي شاعر ”جي ديو“ جي شاعريءَ ۾ به اها ئي جھلڪ پسجي ٿي!“ ايران جي بيباڪ شاعريءَ تي نظر وجھڻ سان پتو پوي ٿو ته لڳ ڀڳ 404ع کان اڳ اتي روشن خيال صوفي شاعريءَ جو تسلسل نظر اچي ٿو. صوفياڻي شاعريءَ کي صرف هڪ طرفي صوفياڻي شاعريءَ جو ليبل لڳائي نٿو سگھجي. اها شاعري فڪر جي آزاد اظهار جي به هڪ اهم تحريڪ سمجھڻ گھرجي، انهن عظيم شاعريءَ ذريعي ظالمن، وحشين، رهزن حڪمرانن ۽ عقل کان عاري رجعت پرستن کي للڪاريو آهي. فلسفين پنهنجو عقلي فلسفو نثر ۾ ڏنو آهي. صوفين پنهنجو روشن خيال فڪر شاعريءَ ۾ ڏنو آهي. انهن فريب جي ٺيڪيدارن کي عظيم شاعريءَ ذريعي وائکو ڪري، کين اها تاريخي شڪست ڏني آهي، جو انهن رهزنن جي نسلن جي بقايا جي اکين ۾ اڄ به صوفي ازم ڪنڊي وانگر چُڀندڙ آهي. اسان کي فخر آهي ته اسان جو بابا ڀٽائي روشن خيال صوفياڻي شاعريءَ پيش ڪندڙ دنيا جي عظيم شاعرن مان هڪ آهي، جنهن جو روشن خيال فڪر انسانيت جو سرمايو آهي.
    وجهج واٽاڙئن تي، ميخاني جي ماڪ،
    ٿيندي سُڌ سڀڪنهن، هنڌ هنڌ پوندي هاڪ،
    پرهه جا پياڪ، جھ سي اڱڻ آئيا.
    _
    ناميارو ليکڪ طارق علي چوي ٿو، ”سوچڻ وارا ماڻهو سچ کي مادي ۾ تلاش ڪن ٿا، ڇو ته انهن کي معلوم آهي ته، سچ ڪٿي ٻي جاءِ تي ڪونه ملندو!“
    فلسفو ان سچ جي ڳولا آهي. صوفياڻو فڪر فلسفي جو تسلسل آهي.
    هند جي مقبول بادشاهه اڪبر لاءِ مشهور آهي ته هو روشن خيال فڪر ۽ صوفين جو حامي هو. فلسفي ۽ تصوت کي وڏي اهميت ڏيندو هو. ان ڪري هُن ”1575ع ۾ سيڪيولر ۽ روشن خيال فڪر لاءِ ملڪي ليول تي ڪم ڪيو هو.“ هُن جي درٻار جو مشهور دانشور ۽ شاعر فيضي هو، جنهن جو مشهور شعر آهي.
    منهنجو هِي بدن،
    هندستان جي مٽيءَ جو آهي،
    پر منهنجي وار وار جي پاڙ ۾،
    هزارين يونان پيا آهن!
    طارق علي چوي ٿو: ”اڪبر بادشاهه جڏهن هند تي حڪومت پئي ڪئي، تڏهن ڪشمير تي يوسف شاهه جي حڪومت هئي. 1583ع ۾ ڪشمير جي حبه خاتون راڻي هئي. حبه خاتون صوفي فڪر جي چاهيندڙ ۽ صوفي روايتن جي حامي هئي. هُن جو اصل نالو زوني هو. اها يوسف شاهه سان نڪاح کان اڳ ۾ هڪ صوفي وٽ علم حاصل ڪندي هئي، ۽ بيحد خوبصورت شاعريءَ به ڪندي هئي.
    آئون راند لاءِ گھر کان نڪتس، پر واپس نه آيس،
    جيستائين سج به گم ٿِي ويو،
    آئون پنهنجي چهري تي نقاب وجهي،
    هجوم مان گذريس.
    پر پوءِ به ماڻهو منهنجي ديدار جي شوق ۾ جمع ٿي ويا.
    ۽ جڏهن سج لهي ويو،
    دنيا سان واسطو ٽوڙيندڙ زاهد،
    جھنگن مان ٻاهر نڪري آيا.
    1583ع ۾ شهنشاهه اڪبر جي جرنيل ڪشمير تي قبضو ڪري يوسف شاهه کي جلا وطن ڪري ڇڏيو! عارضي طور هن جو پٽ يعقوب شاهه تخت تي ويٺو، 1588ع جي گرمين جي مُند ۾ اڪبر بادشاهه ڪشمير تي مڪمل ڪنٽرول ڪري ورتو. حُبه خاتون وڃي صوفين وٽ پناهه ورتي. پوءِ ڳوٺ ڳوٺ وڃي مجبور ماڻهن جا ڏک پنهنجي گيتن ۾ دل جي سُئي سان سِبيندي هئي. ڪا به تاريخي شاهدي موجود ناهي ته زوني/ حُبه خاتون ڪڏهن ۽ ڪٿي وفات ڪئي! پوئين صديءَ ۾ هڪ قبر دريافت ٿي هئي، جنهن لاءِ خيال ظاهر ڪيو ويو هو ته اها قبر زونيءَ جي آهي! زُوني جي شاعريءَ اڄ به ڪو ماتم ڪندي محسوس ٿيندي آهي.
    منهنجي ٺڪاڻي جو پتو ڪنهن ڏنو هُن کي؟
    ڇو ڇڏي ڏنو ويو ڙي تڙپڻ لاءِ مون کي؟
    مان ڀاڳ لُٽيل تڙپان ٿي هُن لاءِ،
    هُو جيڪو منهنجي جھومڪ جھڙو موهڻو آهي!
    اُن مون کي دريءَ مان ڏٺو،
    ۽ منهنجي دل بيقرار ڪري ڇڏي.
    ڪنهن پکي وانگر منهنجي توجھه حاصل ڪرڻ لاءِ،
    هو اواڪ قدمن سان اوجھل ٿي ويو.
    هُن پاڻي ڀريندي مون کي ڏٺو،
    آئون شرمائجي گلاب ٿِي ويس!
    منهنجو جسم، مُنهنجو روح محبت ۾ سڙڻ لڳا،
    هُن پرهه جي دم ٽوڙيندڙ چانڊوڪي ۾ مون کي ڏٺو!
    دٻيل پيرن سان مون کي جڪڙي ورتس!
    هُن ائين ڇو ڪيو؟
    مان ڀاڳ لُٽيل تڙپان ٿي هُن لاءِ!“
    ڀنڀور جي سسئي متعلق ڀٽائيءَ جا بيت پڙهندي ڪشمير جي زوني هانءُ تي تَري ٿي اچي! لطيف عجيب ڌوڌاڙيندڙ هستيءَ آهي!
    اڪبر کان پوءِ جھانگير حڪومت ڪئي. ان کان پوءِ اورنگزيب جو دؤر آيو. جنهن ۾ عظيم صوفي سرمد شهيد ۽ دارا شڪوه کي شهيد ڪيو ويو. صوفي سرمد باڪمال شاعر به هو. سندس هِي شعر اڄ به تاريخ جي ڇاتيءَ تي رت سان پڌرو آهي ته:
    اي محبوب!
    ڪنهن مٿاهين جاءِ تي بيهي نظارو ڪجانءِ!
    ڏسجانءِ! ته تنهنجي عشق ۾ مون کي ڪيئن ٿو قتل ڪيو وڃي!
    حقيقت ڏسجي ته اهو واضع آهي ته لطيف جي شاعريءَ فلسفي ۽ روشن خياليءَ جو بيحد خوبصورت ميڙ آهي.


    ڀٽائيءَ جو صوفيءَ بابت نظريو

    مٽيءَ جي خوشبوءَ جھڙي حقيقت اها آهي ته، لطيف جي دليءَ، احساساتي وابستگيءَ، شعوريءَ توڙي لاشعوريءَ طور صوفي ازم سان جڙيل هئي. هڪ ته هُن جو جنم ئي صوفياڻي ماحول ۾ ٿيو، جيڪو انتها پسنديءَ کان آجو هو. صوفي فڪر سان واڳيل وڏڙا توڙي فقير هُن پنهنجي آس پاس ڏٺا. جيءُ جي ٻولي هُن کي ورثي ۾ ملي. پنهنجي خانداني حلقي ۾ آيل انسانن ۾ لطيف سادگيءَ جو حُسن ڏٺو، نوڙت نظر آيس. وجود جو هوش سنڀاليندي ئي لطيف کي محبتي دليون آجيان ۾ مليون. ڏاڏاڻي نسل ۾ شاهه ڪريم جھڙي زبردست شاعر جي شاعريءَ رهنمائي لاءِ مليس. شاهه ڪريم جي بيت جي ٻوليءَ ۽ گھاڙيٽو سنڌي ڪلاسيڪل بيت توڙي جديد بيت جو بنياد آهي. شاهه لطيف جي بيت جي ٻوليءَ، شاهه ڪريم جي بيت جو تسلسل آهي. نوجوانيءَ ۾ پهچي به صوفي رنگ لطيف پاڻ کان پري ڪونه ڏٺو! سنڌ جي ماحول ۾ صوفي ازم جو هڳاءُ لطيف جي ذهني ۽ روحانيءَ اوسر جو سبب بڻيو . اهو ئي ڪارڻ آهي جو هُن جي مزاج ۾ صوفياڻي سرمستيءَ ڇوليون ٿي هنيون، نتيجي ۾ هُو مڪمل نج صوفي بڻجي نروار ٿيو. حسين بن منصور حلاج کان شمش تبريز تائين سرمد شهيد کان مخدوم بلاول تائين جي صوفياڻي فڪر، تحريڪن، ۽ شهادت جو کيس پورو اڀياس ٿي چڪو هو. اوڀر جي فلاسافيءَ جو ڳچ رنگ لطيف سنڌ جي ماحول، واقعن، ۽ تاريخي واقعن مان پروڙي ورتو هو. هُن پنهنجي جوانيءَ ۾ سنڌ ۾ رهندڙ بلند درجي وارن صوفين کي به اکين سان ڏٺو، انهن سان محبتون ونڊيون، صحبتن ۾ رهيو. اُهي صوفي لطيف کي پنهنجي دل جي ويجھو محسوس ٿيا. لطيف کي نه فقط انهن جي فڪر متاثر ڪيو، پر اهي شخصي طور به لطيف کي موهي ويا. خاص ڪري صوفي شاهه عنايت، محمد زمان لنواري وارو، ۽ مخدوم معين الدين ٺٽوي جا نالا ذڪر لائق آهن. لطيف انهن شخصيتن مان اها خوشبو حاصل ڪئي، جنهن جو لطيف طالبو هو. انهن صوفين جون دليون گلابن جا کيت ۽ ماڻهپي جا درياهه هيون. اُهي سڀ پيار سان ڀريل هن ڌرتيءَ جا روشن خيال ۽ محبوب انسان هئا. لطيف جڏهن دل کولي تصوف ۾ داخل ٿيو ته مڪمل وجدان ۽ وحدت الوجوديءَ فلسفي ۾ رڱجي پاڻ کي گيڙو رتو بڻائي ڇڏيائين. ڪجهه سال جوڳين ۽ يوڳين سان گھاري پاڻ کي ان عشق ۾ رڱيائين، جنهن عشق ڪڏهن به جبر جي حمايت ناهي ڪئي. جنهن عشق مذهب جي آڙ ۾ انسانن جي ڪنهن به قاتل کي چڱو مڙس ۽ معتبر ناهي مڃيو، جنهن عشق مذهب انسانيت کي اصل مذهب قرار ڏنو آهي. ايشيا ۾ تلوار ڇُري ۽ سازش ڇا ڇا ڪيو هو؟ لطيف کي سڄي سُڌ هئي! لطيف سچ کي ڄاڻي صوفي ازم ۾ ٽُٻي هنئي هئي. لطيف جو تصوف وجد ۽ عشق جو تصوف آهي. لطيف پنهنجي وجد مان ئي صوفيءَ جو نظريو پيش ڪيو آهي، ته صوفي ڇا آهي ۽ ڇا هئڻ گھرجي.

    صُوفيءَ صاف ڪيو، ڌوئي وَرق وُجود جو،
    تهِان پوءِ ٿيو، جيئري پَسڻ پِرينءَ جو.
    _
    اهو وحدت الوجودي فلسفو جنهن جي پويان عظيم صوفين جو رت وهيو هو. ان کي جيئرو رکڻ ۽اڳتي وڌائڻ لاءِ لطيف ميدان ۾ لٿو هو. لطيف کي اُن صوفيءَ جي تشريح ڪرڻي هئي، جيڪو صوفي ازم ۾ نئون ساهه ڦوڪي، روحانيت ۽ عشق جو نئون ٻج ڇٽي! روايت کان هٽي ڪري نئين ڳالهه ڪري! صوفي انسان دوست آهي، ڪٽرپڻي کي اهو دل ۾ جاءِ ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.
    لطيف کي اوڀر جي ويدانيت، ۽ ايران، عراق، روم مان پڌري ٿيل صوفي ازم جي مڪمل ڄاڻ هئي. سنڌ ۾ به ان جا شارح موجود هئا. ان هوندي به هُن صوفي جي تشريح ڪرڻ ضروري ڄاتي، ڇو جو آس پاس نفرتون پيدا ڪندڙ شيطان موجود هئا. لطيف جيڪا صوفيءَ جي تشريح ڪئي آهي اُن جو بنياد دل ۽ ذهن جي صفائي آهي. لطيف ان صفائي کي بنياد سڏيو آهي. مطلب اهو ته ذهن صاف ڪري انسان، انسان جي ويجھو ٿئي. محبت کان سواءِ خدا کي سمجھڻ ناممڪن آهي.
    صوفيءَ لاءِ پهريون اصول اهو آهي ته ڪنهن به نظريي جي غلط تشريح نه ڪري. هر ڳالهه چٽائي سان پڌري ڪري، ڀلي ان سان ڇو نه اختلاف رکيو وڃي. ڪچري جي ڪابه گنجائش ناهي، اهو ڪچرو جيڪو مختلف وقتن تي ماڻهو سماج ۾ داخل ڪندا رهيا آهن. اهي اصل ۾ پنهنجي مفاد جا سوداگر آهن، ان ڪچري جي صفائي ڪجي. اهو ڪچرو نفاق کي پيدا ڪندڙ آهي. اهو انسانن کي ورهائيندڙ ۽ وڙهائيندڙ آهي. اهو رد ٿيڻ گھرجي. جُز مان ڪُل کي لهڻ صوفي جومقصد آهي.

    ڏني ڏکويو، اڻ ڏني راضي ٿيا،
    صوفي سي ٿيا، جئن ڪينَ کنيائون پاڻ سين.

    لطيف جي نظر ۾ صوفي اهو آهي، جيڪو پنهنجي ذات جي مطلب جو قائل ناهي. اهو وٺڻ بجاءِ ڪجھه ڏيڻ جو حامي آهي. صوفي کي ڪنهن به قسم جي نفرت نٿي جڳائي. صوفي عشق آهي، جيڪو نفرت جو ضد آهي. صوفي سازش جي خلاف آهي، جيڪا انسانيت کي زخمي يا قتل ڪرڻ جو سبب بڻجي ٿي، صوفي صاف ماحول جي اوسر لاءِ جاکوڙي ٿو. صوفي جو نظريو آهي ته سڄي دنيا کي پيار جو گھر بڻائجي. صوفي سهپ جي پيداوار آهي. غرض کي صوفيءَ ڌوئڻ جو حامي آهي. هُن وٽ پنهنجي روشنيءَ آهي، جيڪا هو ورهائڻ ۽ پکيڙڻ ٿو چاهي. نفرت اونداهي آهي، جيڪا ڪنهن جو به احترام نٿي ڪري. صدين کان ماڻهن کي، عقيدا، مطلب، ويڇا، نظريا ورهاست ۾ مليا آهن، پاڻ کي اعليٰ سمجھڻ، ٻئي کي نيچ ليکڻ جي عمل تباهي آندي آهي. صوفي جو ڪم ويڇن کي ختم ڪرائڻ آهي.

    صوفي چائين، سَڌ ڪرين، صوفين اي نه صلاح،
    ڪاٽي رک ڪلاه، وِجھه اُڇلي آڳ ۾.

    مطلب ته: پاڻ کي صوفيءَ سڏائڻ بجاءِ صوفي ظاهر ڪجي. وڏو پٽڪو يا ٽوپي جيڪا ظاهري ڏيک کي ظاهر ڪري، ان جي ڪابه ضرورت ناهي. تبديلي اندر ۾ اچڻ گھرجي، پوءِ اُها تبديلي سماج ۾ وڌائڻ گھرجي. صوفي ڏيکاءُ جو قائل نه هئڻ گھرجي، تبديليءَ پسند هئڻ کپي. حرامپائي کي رد ڪرڻ صوفي جو اصل منشور آهي، جيڪو مطلب جو نظريو من ۾ رکي ٿو اهو صوفي ناهي. صوفي گڏيل ترقي جو حاميءَ آهي.

    صُوفي سالم سي ويا، جن اڪثر سين اُڏار
    بازي بازندن کي، آهي اويسار،
    پِريان سندي پهڪار، رَندي رَساڻي ڪيا.

    صوفي عوام تي بادشاهيءَ جو خواب نٿو ڏسي، نه ئي صوفي انساني غلامي کي قبول ڪري ٿو! پنهنجا نظريا ٻين تي مڙهڻ جي صوفي خلاف آهي. صوفي ڄاڻي ٿو ته تهذيبون ڌرمن ۾ داخل ٿيل آهن. انسان تهذيبن جي ويڙهه جو به شڪار ٿيل آهي. صوفي ان ويڙهه جو ڳٽ انسان جي ڳچي مان لاهڻ ٿو چاهي. ڪثرت لفظ کي وحدت الوجودي صوفين منتشر ٿي وڃڻ جي معنيٰ ۾ ورتو آهي. وحدت کي هڪ نقطي يا اتحاد جو نالو ڏنو آهي. مقصد اهو ته انسان جو جُز ساڳيو آهي. ان کي نظرين ورهايو آهي. صوفي جو پيغام ڌُر بنديءَ جي بجاءِ گڏيل اتحاد جو آهي. جڏهن ماڻهو گھڻن رستن جا مسافر بڻجن ٿا ته منتشر ٿين ٿا. انهن کي رهبر جي نالي ۾ نقلي رهزن رهبر پنهنجي مفاد لاءِ استعمال ڪن ٿا، ڪوڙا قصا ٻڌائي، پاڻ ۾ وڙهائي پنهنجو اقتدار مظبوط ڪن ٿا. انهن جو اقتدار ٻين انسانن جي حقن جو لٽيرو آهي. منتشر ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن مداخلت ۾ ضرور پوي ٿو. اهو پوءِ پاڻ کي ئي سڃاڻڻ کان انڪاري ٿي بيهي ٿو. حق تلفيءَ جوسبب پڻ بڻجي ٿو. اهو ماڻهو مخصوص رستن جو سوڙهو مسافر بڻجي ٻين کي به سوڙهو ڪري ٿو، جڏهن ته وحدت جو نظريو سمجھڻ وارو انسان پهرين پاڻ کي سڃاڻڻ جي جاکوڙ ڪري ٿو، اتان ئي انسانيت ڦٽي ٿِي، تضاد ختم ٿين ٿا. دل جي نظر سان دنيا کي ڏسڻ جو نظريو خوبصورت ترين نظريو آهي. جنهن پاڻ کي سُڃاتو، ان اصل سچ کي سُڃاتو! اهو آفاقي نقطو صوفي ازم جو منشور آهي. جنهن کي عام ڪرڻ وارو ئي اصل صوفي آهي. اڄ کان ٽي هزار ورهيه اڳ يونان جي مشهور عبادت گاهه ڊيلفي جي نرڙ تي اهو جملو لکيل هو ته: ”پنهنجو پاڻ کي سڃاڻو.“
    اهو جملو هزارين سال اڳ به صوفي فڪر جو منشور رهيو، هاڻ به آهي. محقق ته اهو به چون ٿا ته صوفي فڪر جا بنياد توڙي جو اوڀر جي يوگين مرتب ڪيا هئا، پر ان نظريي کي منظم شڪل يونان جي ڏاهن ڏني هئي. يونان فلسفي جو گھر سڏيو ويو آهي. ڀٽائي چوي ٿو:

    جي ڪلاه رکين ڪنڌ تي، ته صوفي سالم ٿِي
    وِهه وٽي هٿ ڪري، پُر پيالو پِي،
    هنڌ تنين جو هِيءَ، جِن حاصل ڪيو حال کي.

    ”جي سِرتي صوفي واري ٽوپيءَ رکين ٿو ته، پوءِ هٿ ۾ زهر جو پيالو جھلي، سمورو جام چاڙهه! هِيءُ جاءِ انهن عاشقن جي آهي، جيڪي پنهنجي دؤر ۽ سرمستيءَ کي حاصل ڪن ٿا.“ حيرت ٿي ٿئي ته لطيف جو هِيءِ فڪر اسان کي آڻي هزارين سال پراڻي يونان ۾ بيهاري ٿو. اسين ڄڻ ايٿنز شهر ۾ اچي بيٺا هجون! عظيم ڏاهو ۽ يگانو صوفي سقراط هٿ ۾ زهر جو پيالو کڻي بيٺل نظر اچي ٿو! سقراط باغي فيلسوف هو. هر وقت نوجوانن جا ميڙ گڏ ڪري پنهنجي آزاد خيالن جو پرچار ڪندو هو. هُن تي الزام لڳو ته هي يونان جي ديوتائن جي مخالفت ٿو ڪري، روشن خياليءَ ذريعي نوجوانن کي بگاڙي ٿو، اهو ڪفر آهي! پنج سئو هڪ ماڻهن تي مشتمل پڳدارن ۽ رياستي توڙي مذهبيءَ ٺيڪيدارن جي عدالت سقراط کي (399 ق م) ۾ ڏوهاري قرار ڏيئي اها سزا تجويز ڪئي ته سقراط کي پنهنجي هٿن سان (هيملاڪ) خطرناڪ زهر جو پيالو پيئڻو پوندو! سقراط جي شاگردن اهڙو موقعو پيدا ڪيو هو ته سقراط فرار ٿي جلا وطن ٿي وڃي، پر هن عظيم فلاسفر ۽ صوفي ائين ڀڄڻ کان انڪار ڪيو هو. زهر پي ثابت ڪيائين ته مان پنهنجي روشن خيال فڪر تان دستبردار ٿيڻ لاءِ تيار ناهيان! اڄ سقراط جي عظمت زندهه آهي. اهي عدالتون، اهي فيصلا تاريخ جو ڪوڙ ثابت ٿي چڪا آهن! لڳي ٿو ته لطيف جي ذهن ۾ سقراط جو ڪردار موجود هو! صوفي فلاسفر سقراط به ماڻهن کي وحدت جي لاڙي ڏي پئي متوجھه ڪيو. ان ڪري لطيف جڏهن صوفيءِ جي تشريح مرتب پئي ڪئي ته اُهو زهر جو پيالو پيئڻ وارو خيال اڀارڻ ضروري ٿي سمجهيو.

    صوفي لا ڪوفي، ڪونه ڀانئيس ڪير،
    منجھان ئي مَنجھه وڙهي، تنين ناهِين پير،
    جنين ساڻس وير، ٿئي تِنين جو واهِرو.

    لطيف چوي ٿو: ”صوفي لا مذهب آهي، هو مذهبن جي ٻنڌڻ کان آجو آهي. کيس ڪوبه نٿو پروڙي. هن جو مذهب انسانيت ۽ محبت آهي. هو اندران ئي اندران ضمير جي جنگ ۾ رڌل آهي! پر ظاهر ذرو به نٿو ڪري! جن جو ساڻس وير آهي، هو تن جو به حامي ۽ مددگار آهي!“ هي عالميءَ فڪر آهي! بيحد وڏو فلسفو آهي. جنهن کي اُهي ماڻهو قطعي نٿا سمجھي سگھن، جن وٽ پرايو عقل آهي. سچ اهو آهي ته اڄ ڏينهن تائين ڪفر جي تشريح صرف انتهاپرستن پنهنجن عقيدن جي ٽڪراءُ ۾ ايندڙ انسانن ۽ انهن جي خيالن خلاف ڪئي آهي، ڪفر جي ڪابه تشريح ان بنياد تي سامهون ناهي آئي ته انسانيت خلاف ٿيل ڪنهن عمل کي ڪفر قرار ڏنو ويو هجي! هيل تائين اُهي ماڻهو ملحد سڏي سزاوار ڪيا ويا آهن، جن کي ڪنهن نه ڪنهن عقيدي يا مذهب جي مخالفت جو ڏوهي قرار ڏنو ويو آهي! ائين به ٿيو آهي جو مذهب جي آڙ وٺي ڪنهن ذاتي دشمنيءَ يا مفاد سبب به ڪيترن ئي انسانن کي ڪافر جي فتويٰ هڻي رستي تان هٽايو ويو آهي، ۽ ايستائين جو مظلوم مجذوبن کي به قتل ڪيو ويو آهي! تاريخ اهڙن مثالن سان ڀري پئي آهي. مذهب شروع کان حساس مامرو رهيو آهي. ماڻهن کي ڀڙڪائڻ ۾ دير نٿي لڳي، اهو ئي سبب آهي جو شعور وارن انسانن مذهبي سهپ ۽ رواداريءَ جي ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته جيئن اڻڄاڻائي يا ڪنهن مفاد تحت ڪي سانحا جنم نه وٺن!
    لطيف، صوفي لا ڪوفي واري تشريح هڪ خيال طور پيش ڪئي آهي. اهو خيال تمام اهم ۽ وڏو آهي. اهو خيال ان انسانيت جو ترجمان آهي جيڪا سهپ سان ڀريل آهي. لطيف هتي صوفي ازم ۾ سيڪيولرازم کي چٽو ڪيو آهي. دنيا ۾ هڪ بيحد وڏي نظرياتي ويڙهه ۽ ڇڪتاڻ رهي ئي رهي آهي. تشدد جي تاريخ پراڻي آهي. مذهبي ٽڪراءُ ظاهر ٿيڻ جو عمل ڪڏهن به بند ناهي ٿيو، ڇو جو دنيا جوهڪ مذهب ڪونهي. مذهبي نظرين جي نالي ۾ انسان، انسان سان وڙهيو آهي. ملڪن جا ورهاڱا ٿيا آهن، قومون ٻه اڌ ٿي جدا ٿيون آهن. احترام وساريا ويا آهن. پاڻ کي اُتم سمجھڻ جي نظرياتي ويڙهه سان تاريخ جا ورق ڳاڙها ٿيا آهن. جڏهن ته سڀ انسان هڪ جُز آهن، برابر آهن واري تعليم کي نظر انداز ڪري نئين تاريخ لکي وئي آهي. لطيف مذهبن جي آڙ ۾ ٿيندڙ ڪوس ۽ انتها پسنديءَ کي روح سان سمجھيو ٿي. هڪ نج صوفيءَ جي حيثيت ۾ هُن سيڪيولر فڪر کي ئي دنيا جي دوا ڄاتو آهي. لطيف انتهاپسندن هٿان صوفين جي شهادت کي نظر انداز نٿي ڪري سگھيو. لطيف ڄاتو پئي ته اهي انسان ڪيترا اهم هئا، جن کي رجعت پرستيءَ رت ۾ ٻوڙيو هو! نتيجي ۾ دنيا کي مذهبي ويڙهه جو محور بڻجڻو پئجي ويو! ان انسانيت کي جيڪو نقصان رسايو آهي، ان جو ازالو ڪري ئي نٿو سگھجي.
    لطيف ڄاتو پئي ته وحدت الوجودي نظريو ته سڀ سمجھن ٿا، خدا جي وجود تي ته ڪو جھيڙو ئي ناهي، پر مذهب ڪيئي آهن، هر انسان جو نظريو الڳ آهي. هر ماڻهو پنهنجي مذهب کي صحيح سمجھي ان سان پيار ڪري ٿو. ٻئي جي مذهب جي بقا جو هو زميوار ناهي. اهو ذمو ان مذهب جي پوئلڳن جو آهي. ان ڪري انهن وچ ۾ نظرياتي فرق قائم رهڻا آهن، پر لطيف جو نظريو سهپ جو فلسفو اڀاري ان دوريءَ جو خاتمو چاهي ٿو. لطيف اُن کي صوفي سڏي ٿو جيڪو مذهبي انتهاپسنديءَ کان آجو آهي. لطيف جو نظريو اهو ئي آهي ته صوفي ئي مذهب جي نالي ٿيندڙ ويڙهه جو خاتمو آڻي سگھن ٿا.
    صوفي جو مقصد ئي اهو آهي ته انسانيت کان سواءِ ٻيو ڪوبه نظريو حرف آخر ناهي. پوءِ ڀلي هُن کي لا ڪوفي ڇو نه ٿيڻو پوي. انساني رواداريءَ، برابريءَ، انصاف، احترام، سهپ کي اهو ئي سمجھي سگھي ٿو، جيڪو اندر جو صوفي هجي. جيڪو صرف ۽ صرف انسان سان محبت ڪندڙ هجي. محبت جنهن جو ڌرم هجي. اهو ئي بنياد آهي، جنهن کي لطيف عظيم فڪر سان مرتب ڪري پڌرو ڪيو آهي. لطيف اندر جي اجرائي انسان ذات سان محبت، ۽ انسانيت جي ڪم اچڻ کي صوفي جو مذهب سڏي ٿو.
    ٿورو ايڪيهن صدي ۾ بيهي سوچڻ جي ضرورت آهي. هي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو زمانو آهي. اڄ واريون سهوليتون ان دؤر جي صوفين وٽ ڪونه هيون. جڏهن نه ريڊيو هو نه سيٽلائيٽ نظام هو. پوءِ به اهي صوفي ان دؤر جي ماڻهن کي رواداريءَ جو درس ڏيندا هئا. فتني فساد کان منع ڪندا هئا. زندگين جي وهنوارن ۾ مداخلت جي صلاح نه ڏيندا هئا. اڄ فتني بازن جي حوصلي افزائي جا ادارا قائم آهن. عدم برداشت جو نظريو عام ڪندڙ کي ڪانه ڪا سرپرستي به ملندي رهي ٿي. عدالت ۾ هڪ ئي مذهب وارن تي مذهبي توهين جا مقدما ٿين ٿا. فرقيواريت جي باهه ۾ ماڻهو سڙن ٿا. ان تناظر ۾ ڏسجي ته صوفي فڪر ڪيترو اهم ڪم ڪيو آهي. صوفي فڪر باهه کي اجھائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڪنهن جو ڪهڙو به نظريو يا عقيدو هجي، صوفي ازم چاهيو آهي ته ان کي احترام جي اک سان ڏٺو وڃي. غم ۽ خوشيون گڏيل ورثي طور قبول ڪيون وڃن. هڪٻئي کي محبت جي نظر سان ڏٺو وڃي. هڪٻئي جي ڏک سُک ۾ ڀائيوار ٿيڻ اصل انسانيت آهي. پر دنيا جو الميو اهو آهي ته جاهل ماڻهو هميشه عقل پسندن کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. اُهي بنا عقل جي ماڻهن تي ليڊريءَ ڪرڻ جا خواهشمند آهن. ڪجهه اهڙيون خفيا ڌريون آهن، جيڪي جاهلن جي پنهنجي مفاد لاءِ سرپرستيءَ ڪن ٿيون، جيئن اهڙو ماڻهو ڪڏهن به تيار ڪري وٺجي جيڪو هنن جي حق ۾ هجي. جاهل ماڻهو جلد ڪم ڏئي سگھن ٿا، جڏهن ته عقل وارا انسان سولائي سان استعال نٿا ٿين. ان حوالي سان صوفي ازم جي عظيم ڪردار کي ڪڏهن به نظر انداز نٿو ڪري سگھجي. دنيا جي هر عظيم صوفي اهو ڄاڻي پوءِ ئي صوفي ازم جي پچار عام ڪئي آهي ته، دنيا ۾ “ڊپ ۽ لالچ” جي ڪري نظريا قائم ٿيا آهن. فائدو حاصل ڪرڻو آهي ته ان لاءِ هي نظريو جائز آهي. اقليت ۾ نه تبديل ٿي وڃون. ان لاءِ فلاڻو نظريو صحيح آهي! اُن ڪري اها ويڙهه ڏسي صوفين محسوس ڪيو ته تبديلي صرف صوفي ازم ذريعي ئي آڻي سگھجي ٿي.

    سُرمو سُفيديءَ جو جڏهن پاتو جن،
    تڏهن ڏِٺي تِن، اڇائي عالم ۾!

    عالم ۾ اڇائي ڏسڻ جو خواب عظيم خواب آهي. ان خواب کي انتهاپسند روين اُڀرڻ ناهي ڏنو. سفيديءَ جو سرمو ماڻهن اکين ۾ پائڻ کان ان ڪري به پاسو ڪيو آهي جو ماڻهو ذاتي مفاد عزيز رکن ٿا. ان ڪري پورو عالم رَت ۾ ڳاڙهو رهيو آهي. سنگمرمرجي عبادتگاهه ۾ رهڻ وارو ماڻهو ڪيئن ٿو ڪنهن بُکئي انسان تي سوچي سگھي؟ هُن کي ڪهڙي لاچار آهي، جو مزدور جي پگھر تي غور ڪري! هُن جو ڇا وڃي اُن انسان جي اگھاڙپ تي، جنهن وٽ رهڻ لاءِ هن دنيا ۾ اجھو ئي ناهي! ها باقي جڏهن ڪنهن انسان کي ڪهڻ لاءِ جواز گھرجي ته هو فتويٰ ڏيڻ لاءِ تيار آهي! لطيف جي پيش ڪيل عظيم صوفي جي خوبصورت تشريح ڪندي سائين جي ايم سيد لکي ٿو ته: ”صوفي جملي مذهبي عقيدن، علمن، سائنس، ۽ فلسفن مان بنيادي وحدت ۽ صداقت جو کوجنا ڪندڙ آهي. هو پاڻ کي ڪنهن محدود دائري ۾ نظر بند نٿو رکي. هُو هر سُٺي ڳالهه کي هٿ ڪري، خراب کي ڦٽو ڪيو ڇڏي. ان ئي سچ تي اعتبار رکي ٿو.
    هر سچي صوفي جيان شاهه لطيف جو اهو ئي نظريو آهي، جيڪو شيخ سعديءَ پنهنجي هنن لفظن سان بيان ڪيو آهي ته:
    ”انسانذات هڪ جسم جي عضون مثل آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ ئي جوهر مان نڪتل آهي، دستور آهي ته، بدن جي هڪ عضوي کي جيڪڏهن ايذاءُ رسي ٿو ته، ٻين عضون ۾ به بيچيني رهي ٿي. تون جي ٻين ماڻهن جي درد کان بي پرواهه آهين ته انسان سڏائڻ جي لائق ئي نه آهين!“ صوفي جي نظر ۾ تشدد ۽ زور زبردستيءَ جائز ناهي. تشدد نفاق کي پيدا ڪري ٿو. صوفي عقيدي ۽ خيال جي آزاديءَ جو حامي آهي. هو اُن کي جنم جو حق ٿو ڄاڻي، تنهن ڪري ڪنهن جماعت يا حڪومت طرفان دست اندازيءَ جي هو مخالفت ڪري ٿو. نه پاڻ ٻين جي عقيدن ۽ راين ۾ مداخلت ڪرڻ گھري ٿو، نه ٻين کي پنهنجي نظرين سان هٿ چراند جي اجازت ڏئي ٿو. هو عدم تشدد ۽ امن جو حامي آهي. هو مذهبي جهيڙي يا خوني انقلاب جي خلاف آهي. هو راڳ، شعر ادب، ۽ هر اُها شيءَ جا انساني ڪلچر کي زرخيز بڻائي ٿي ان جو حامي ۽ عاشق آهي. صوفي مذهب ۽ سياست جي جدائي جو حامي آهي.“
    لطيف جي عظيم فڪر جو هڪ وڏو خوبصورت سچ اهو به آهي ته لطيف ”دل جي دشمن کي دسڻ“ جو درس ڏئي ٿو. حقيقي اها آهي ته دل جي دشمن کي دسڻ ئي صوفي ازم جو خواب آهي. دلين جو دشمن سچ ته نفرت جي لائق آهي!
    لطيف جي صوفي لاءِ پيش ڪيل نطريي کي سمجھڻ لاءِ پهرين اهو ڏسڻو آهي ته لطيف خود ڪهڙي قسم جو صوفي رهيو، راهبانا يا عملي ۽ علمي صوفي؟ اهو بنيادي نقطو آهي! صاف ڳالهه پئي آهي ته لطيف عملي صوفي هو! هو راهبانا صوفي کي صرف علامت ۾ پيش ڪندڙ رهيو آهي! اندر اجارڻ جي فلسفي جو اهو قطعي مقصد لطيف وٽ ناهي ته دنيا کان ڪٽجي وڃي مراقبي ۾ ويهي رهو! سماج ۽ سياست سان ڪو تعلق ئي نه رکو! ڀلي پيا سرمائيدار ، جاگيردار، پنڊت، ملان ۽ حاڪم جيئن وڻي تيئن ڪن! اوهان عبادت کان سواءِ ڪجھه نه سوچيو! نه، ائين ڪونهي! لطيف جدوجھد جو حامي صوفي آهي، طبقائي جدوجھد ۽ قومي جدوجھد جو نظريو ڏيڻ وارو صوفي آهي. لطيف سسئي کي اها صلاح ڪونهي ڏني ته ڇڏ پنهون کي، ۽ مالا يا ٻُڪ کڻي ويهي اندر کي اُجار! لطيف سسئي کي جدوجهد جو علمبدار ڏيکاريو آهي. لطيف ان منصور حلاج جي عشق جي ڳالهه ڪئي آهي، جيڪو عراق جي گھٽين ۾ گھمندي ڦرندي حڪمران ڌر جو تختو اونڌو ڪرڻ جي تبليغ ڪندو هو. لطيف جھوڪ جي تباهي تي اشڪبار رهڻ وارو صوفي هو. هن ڀاڪرن سان وڙهڻ جو ۽ سيني ۾ گهاءَ کائڻ جو درس ڏنو آهي. لطيف انسان جي اُٿل پُٿل سان جڙيل اتهاس کي سمجھندڙ شاعر هو. آس پاس ڇا ٿي رهيو آهي. هُن کي سُڌ هئي، لطيف جون اکيون ان وقت کليل هيون جڏهن مسلمانن جي مقدس ماڳ جو نالو اڃا حجاز مقدس هو. ”1740ع ۾ عبدالوهاب نالي همراهه وهابي فرقي جو بنياد وڌو هو. 1744ع ۾ ان کي نجد صوبي جي امير محمد ابن سعود طاقت وٺرائي هئي. ابن سعود عبدالوهاب جي نياڻي پرڻيو هو. اڄ سعودي عرب جو حڪمران خاندان ان ابن سعود جو نسل آهي.“ لطيف ان وقت مڪمل شعوري وجد ۾ هو. جڏهن ايسٽ انڊيا ڪمپني قبضا گيري جو سلسلو شروع ڪري چڪي هئي. 1747ع ۾ انگريز پلاسي جي جنگ ۾ بنگال فتح ڪري چڪا هئا، ۽ ٽيپو سلطان شهيد ڪيو ويو هو. ان ڪري اهو سمجھڻ گھرجي ته لطيف راهبانا صوفي وارو فلسفو نه پر عملي صوفي ٿيڻ وارو عظيم نظريو ڏنو آهي. جنهن جو مقصد عوام سان گڏ هجڻ آهي. لطيف انسان جي ڏک سُک کي پنهنجو سمجھڻ واري صوفي جي تشريح ڪئي آهي، لطيف سماجي سُرت کان پري رهڻ واري صوفي جي ڳالهه ناهي ڪئي. لطيف انسان سان عشق ۽ عوامي جدوجھد تي يقين رکندڙ صوفي وارو نظريو پيش ڪيو آهي.


    لطيف جو عظيم تصوف

    لطيف جي عظيم تصوف تي نظر وجھڻ کان پهرين اهو ڏسون ته خود تصوف آهي ڇا؟ ان جي ابتدا ڪيئن ٿي؟ ان جو بنيادي منشور ڪهڙو آهي؟
    تصوف ايڏو وڏو موضوع آهي، جيڪو ڪنهن هڪ ڪتاب ۾ لکي پورو ڪرڻ ممڪن ئي ناهي، هِيءُ عالمي موضوع آهي. هتي اسان صرف ان جو ڳَر پيش ڪنداسين جنهن جا ماخذ مختلف ڪتاب آهن.
    تصوف بابت مختلف رايا آهن. شيخ الاسلام ذڪريا انصاري جو قول آهي ته: ”تصوف اهو علم آهي، جنهن سان انسان جو نفس پاڪ ۽ اخلاق بهتر ٿيندو آهي.“
    عمر بن عثمان المڪي جو قول آهي ته: ”صوفي نقد وقت جي قيمت ڄاڻي ٿو، ۽ هر وقت جنهن جو هوندو آهي، ان جو ئي ٿي سگهي ٿو.“
    شيخ ابوالحسن جو چوڻ آهي ته، ”تصوف اهو آهي، جيڪو دل جي صفائي سان گڏ صوف جو لباس پائي، نفساني خواهش تي قابو پائي ٿو.“
    سائين جي ايم سيد جو چوڻ آهي ته، ”تصوف، محبت، ۽ اخلاق تي گهڻو زور ڏئي ٿو. ڇاڪاڻ ته انساني زندگيءَ جا مکيه مقصد اتحاد انساني، امن عالم، ۽ ماڻهن جي روحاني ۽ جسماني ترقي جا هئا. جنهن ڪري تصوف هر چڱي شيءَ کي هٿ ڪري ٿو، ۽ بُري کان پاسو ڪري ٿو.“
    ”تصوف لفظ صوف جو لباس پائيندڙ (پشم يا اونهي کاڌيءَ جو لباس پائيندڙ) مان نڪتو آهي. عربي لغت ۾ صوف جي معنيٰ آهي ”اُهي جن صوف جولباس پاتو“ ان لاءِ صوفي اهو ٿيو، جيڪو کاڌيءَ يا پشم جا ڪپڙا پائي، کاڌيءَ جو ڪپڙو کُهرو ٿيندو آهي، جنهن ڪري انسان کي بي چين رکي ٿو، ۽ غافل ٿيڻ کان بچائي ٿو! کاڌيءَ جو جُبو سڀ کان پهرين عيسائي راهبن استعمال ڪيو، جنهن کي ڏسي مسلمان صوفين پائڻ شروع ڪيو. جڏهن ته ابو ريحان البيروني ۽ هڪ ٻئي مسلمان فلسفيءَ جو خيال آهي ته، لفظ ”صوفي“ لاطيني زبان جي لفظ ”سوف“ مان نڪتو آهي، جنهن جي معنيٰ ”ڏاهپ“. انهيءَ ڪري فلسفين ۽ ڏاهن کي يوناني ٻولي ۾ ”ٿِيو سوفيا“ يعنيٰ ”خدا ئي ڏاهپ“ تان ورتو ويو آهي. ڪجھه مسلمان عالمن وري لفظ ”صفه“ تان تصوف جو مفهوم ورتو آهي، پر حضرت علي هجويريءَ ان معنيٰ کي رد ڪيو آهي!“
    سائين جي ايم ڄاڻائي ٿو ته: ”تصوف جو اکر اڪثر مسلمانن ڪتب آندو آهي، پر صحيح معنيٰ ۾ اهو لفظ جن عقيدن ۽ مقصدن لاءِ ڪتب آندو وڃي ٿو، انهن کي ٻين مذهبن جي ساڌن، سنتن، راهبن، بڪشن به جدا جدا نالن سان منسوب ڪري استعمال ڪيو آهي. عام طرح هن لفظ جي تشريح ۾ هيٺين گروهن حصو ورتو آهي.
    1. افلاطون جو فلسفه اعيان، نوفل افلاطونيت، اسپائي نوزا، ۽ ٻين فيلسوفن جا خيال.
    2. ويدانتي سنتن جي تعليم.
    3. ڪرسچن توحيدي ۽ اسٽائڪش.
    4. ڪي ٻڌ ڌرم جا ڀڪشو.
    5. جين ڌرم جا ڪي يوگي.
    6. اسلام جا وحدت الوجودي صوفي.
    7. ٿيا سافسٽ.
    8. جديد مذهب انسانيت جا حامي.
    9. ٻيون اهڙي قسم جون روحاني جَماعتون.“
    مشهور ڪتاب ”سوفي جي دنيا“ جي ليکڪ جسٽن گارڊر جو چوڻ آهي ته، ”هندستان ۾ افلاطون جي پيدائش کان اڳ صوفي تحريڪن جو سلسلو شروع ٿي چڪو هو.“
    هي سڀ سلسلا ۽ تحريڪون مذهب ۽ خدا کي سمجھڻ جون ڪوششون آهن. خدا ڇا آهي؟ ڪيئن آهي؟ واري سوچ انهن سلسلن لاءِ سفر ڪيو آهي. مختلف نظريا ۽ خيال دنيا ۾ پيش ٿيندا آيا آهن. روحانيت ذريعي دنيا ۾ خدا کي سمجھڻ جي شروعات ٿي آهي. ديوتائن کان شروع ٿيل سفر هڪ خدا تي اچي ڇيهه ڪيو آهي. منظم مذهبن هڪ خدا کي ڪائنات جو پيدا ڪندڙ ڪوٺيو آهي. لڳ ڀڳ خدا هڪ آهي نظريو هر جاءِ عام ٿيل آهي. تصوف مذهبي توازن برقرار رکڻ، انسان ۾ اعتدال پسندي قائم ڪرڻ جي ڪوشش آهي. اڪثر ڏاهن جو رايو آهي ته ”تصوف جو وجود اسلام کان اڳ جو آهي، جيڪو عرب جي سر زمين کان ٻاهر اُسريو ۽ نسريو آهي. اهو يوناني سُريت ۽ اشراق، هندي ويدانيت، ڀڳتي تحريڪ ۽ اسلامي زهد ۽ تقويٰ مان جڙيو آهي.“
    ”اسلامي تصوف ڏي ٻارهين صديءَ جي وچ ۾ ابن سينا ۽ الغزالي متوجھه ٿيا. ٻارهين صدي جي وچ ۾ ايراني فلسفي يحيٰ سهروردي ۽ محي الدين ابن عربي اسلامي فلسفي کي تصوف سان ملايو. پر ڪن رجعت پرستن منصور حلاح جيان يحيٰ سهروردي کي اڻ ڄاتل سببن ڪري 1191ع حلب جي مقام تي موت جي سزا ڏئي ڇڏي! سهروردي صوفي هئڻ سان گڏ هڪ تخليقي آرٽسٽ به هو. هُن جونظريو هو ته: ”انسان هن دنيا جي اونداهي سبب پنهنجي اصل کي نظرن کان گم ڪري چڪو آهي. انسان جو روح روشنين جي اعليٰ دنيا سان وصال جي خواهش رکي ٿو!“ سهروردي جي موت کان ٽي سال اڳ سلطان صلاح الدين ايوبي يروشلم کي فتح ڪري چڪو هو.
    صوفي سلسلن ۾ مشهور ترين سلسلو ”مولويه“ هو. جن جي عقيدتمندن کي اهل يورپ گھمندڙ ڦرندڙ درويش چون ٿا. انهن جو خوبصورت ناچ رياضي جو هڪ انداز هو. تيزي سان گھمندڙ ڦرندڙ صوفي پنهنجي انا جي حدن کي ڊهندي محسوس ڪندو هو، ۽ ائين هن کي فن جو ذائقو ملندو هو. انهيءَ سلسلي جو باني حضرت جلال الدين رومي 1207ع کان 1273ع هو، جيڪو خراسان ۾ پيدا ٿيو. پوءِ هجرت ڪري جديد ترڪي جي شهر قونيا ۾ رهائش پذير ٿيو. ان وقت تائين چنگيز خان جي قوم منگول جا ويڙهاڪ اڃا اتي نه پهتا هئا. 1244ع ۾ رومي مشهور صوفي شمس تبريز جي اثر هيٺ آيو. شمس جي شهادت کان پوءِ رومي رقص ۽ موسيقي ۾ ٻڏي ويو هو!“
    تصوف ٻن قسمن جو رهيو آهي:
    (1) راهبانا تصوف ۽ (2) عملي تصوف
    سائين جي ايم سيد جي نظر ۾ : ”صوفين مذهب جو بنياد عشق کي قرار ڏئي، نفرت کي ڏور ڪيو آهي. صوفين پنهنجيون زندگيون خلق جي خدمت لاءِ وقف ڪيو هيون.
    صوفين عدم تشدد ۽ اهنسا ذريعي انساني ٻڌي ۽ ايڪي جو پيغام ڏنو آهي. صوفين ظالم حڪمرانن خلاف به رڳو بغاوت جو جھنڊو بلند ڪيو، پر عملي جدوجھد به ڪئي. صوفين ڪنهن کي به ڪافر قرار ناهي ڏنو. صوفي مذهب کي سياست کان ڌار ڪرڻ جو حامي آهي.“
    ڪيرن آرم اسٽرانگ به اهائي ڳالهه چوي ٿو ته: ”صوفي جي زندگيءَ جي انتها ۽ ابتدا محبت آهي. هُن جي نظر ۾ عشق عبادت آهي.“
    تصوف کي صوفي ازم سان واڳيل فقيرن جي بيان ڪيل وصفن تي روشنيءَ وجھندي بدر ابڙو ڄاڻائي ٿو ته: ”لاهوت ۽ لامڪان جي معنيٰ ڪڍجي ته اها نڪرندي ته جتي هستي ۽ مڪان ناهي! تصوف ۾ اهو هڪ روحاني منزل جو نالو به چيو وڃي ٿو. جنهن جون پهريون منزلون 1. هاهوت _ معرفت 2. ناسُوت _ شريعت 3. ملڪوت _ طريقت 4. جبروت _ حقيقت، آهن.
    فقيرن جي تشريح موجب، هاهوت، روح جي پهرين منزل آهي. انسان جو روح سڀ کان پهرين پيءُ جي پُٺيءَ ۾ اچي ٿو. ناسُوت، ماءُ جو پيٽ، ملڪوت، ٻالڪپڻي يا معصوميت واري منزل آهي. جبروت، بلوغت، سامائجڻ، عشق جو زمانو، ۽ پنهنجي وجود کي نظر انداز ڪرڻ جي منزل آهي. جڏهن ته لاهوت، موت کان اڳ فنا ٿي وڃڻ جي منزل آهي.“
    ڪيون آرم اسٽرانگ صوفي ازم لاءِ لکي ٿو: ”صوفياڻو مذهب وڌيڪ سڌو سنئون آهي، ۽ ڏکئي وقت ۾ ڇانيل عقيدن جي مقابلي ۾ وڌيڪ مددگار ثابت ٿئي ٿو. تصوف جا قائدا، معتقد کي واحد ڏانهن وٺي وڃڻ ۽ مستقبل طور تي حاضر رهڻ ۾ مدد ڏين ٿا.“
    تصوف جي اهميت کي بيان ڪندي مشهور فلسفي برٽينڊ رسل چئي ٿو ته: ”دنيا ۾ جيترا به عظيم ڏاها ۽ فلسفي گذريا آهن، انهن سڀني فلسفي سان گڏ تصوف جي ضرورت جو به اعتراف ڪيو آهي. ڏاهپ جي دنيا ۾ انتهائي اعليٰ مقام رڳو تصوف ۽ سائنس جي ڳانڍاپي سان ئي ٿي سگھي ٿو. اعليٰ انساني خوبين ۽ بهترين انساني سماج جي اڏاوت رڳو تصوف جي ذريعي ئي ممڪن ٿي سگھي ٿي.“
    ”تصوف جي سڀ کان وڏي خصوصيت اها آهي ته ويڇا ختم ٿي وڃن ٿا. تصوف ڪهڙي به مذهب، ڌرم، قوم ۽ ملڪ جو هجي، اُن جو بنيادي جذبو ساڳيو آهي. تصوف جو بنياد محبت ۽ عشق آهي. عشق جيان تصوف عالمي سچائي آهي.“ رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جو اهو رايو بنا شڪ جي صوفي ازم جي لازوال تشريح آهي. تصوف جي ان سڄي تجزيي ۾ دل کي ٻوڙڻ کان پوءِ اسان جڏهن بابا ڀٽائي جي پيش ڪيل تصوف تي غور ڪريون ٿا ته سولائي سان پتو پئجي وڃي ٿو ته لطيف جو تصوف اُن ئي خيال واري عظيم تصوف جو تسلسل آهي، جيڪو روشن خيال، سيڪيولر ۽ انسان دوست فڪر سان واسيل آهي. ان تصوف ۾ نهٺائي ۽ محبت آهي. عشق جي سرمستي آهي. ۽ روحانيت جا هزارين هڳاءَ آهن.
    حال حقيقت رسيا، معرفت ماڳُون،
    ناسُوت، ملڪوت، جبروت، اي انعام لَڌُون.
    پس لاهوت لنگھيون، ها هوت مٿي هليا.
    لطيف جو تصوف وحدت الوجودي تصوف جو حُسن آهي. اُهو تصوف جنهن کي ايڇ ٽي سورلي عشقيا تصوف سڏيو آهي. جيڪو رجعت پرستيءِ جو رد آهي. ”خدا هر جاءِ تي موجود آهي، اهو انسان جيڪڏهن پنهنجي اندر ۾ ڳولي ته اتي به ملي پوندو.“ اهو نقطو لطيف جي تصوف جو بنياد آهي. اهي خيال اوائلي صوفين پيش ڪيا هئا. جن جو باني اسلامي تصوف ۾ ابن عربي کي مڃيو وڃي ٿو. مسلمان صوفين ان نقطي کي قرآن مجيد مان ورتو هو. ”آئون انسان کي شهه رڳ کان به ويجھو آهيان.“ ”انسان منهنجو ڳجھه آهي، آئون انسان جو ڳجھه آهيان.“ ٻيا به اهڙا آفاقي نقطا کڻي صوفين اسلامي تصوف کي سگھه ارپي هئي. ان ڪري صوفي ازم اڳتي وڌي ويو هو.
    لطيف جو تصوف خدا جي محبت ۽ وحدت کي ته ڀاڪر ۾ ڀري ئي ٿو پر اڳتي وڌي انسان سان محبت جو تصور به پنهنجي تصوف کان الڳ نٿو ڪري. انسان سان محبت، خدا کي سمجھڻ جي محبت جو ئي هڪ اهم حصو تصور ڪري ٿو. ڇو جو خدا انسان کي شهه رڳ کان به ويجھو آهي. لطيف جو تصوف انسانيت جو علمبدار آهي. اهو تصوف سڀني مذهبن کي هڪ ئي منزل جو سفر تصور ڪري ٿو. خدا هر مذهب جو مرڪز آهي. ان ڪري سمورا مذهب انسان جي ڀلائي لاءِ آهن. لطيف جو تصوف سيڪيولر تصوف جو اهڃاڻ آهي. ان حقيقت کي بيان ڪندي شيخ اياز لکي ٿو: ”شاهه لطيف صرف تصوف پسند نه پر تصوف پرست هو. ان تصوف پرستيءَ جو مثال ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو هوندو، جو هن جي پوري ڪلام ۾ اڻ ڳڻين رنگا رنگينن جي با وصف، تصوف جو بنيادي نصب العين هر جڳهه موجود آهي. اهو نصب العين سُر ڪلياڻ، يمڻ ڪلياڻ ۾ حمد ۽ ثنا، ۽ نعتيا مضمون جي صورت اختيار ڪري وڃي ٿو. سُر کنڀات ۾ چنڊ ۽ چانڊوڪي بڻجي ٿو. سُر سريراڳ ۽ سُر سهڻي، سُر ڪاموڏ، سُر سسئي، سُر ليلان چنيسر ۽ سُر مومل راڻو ۾ عشقيا تمثيل نگاريءَ جي نه وسرندڙ دلبريءَ ظاهر ڪري ٿو. سُر مارئي ۾ حب الوطني، پاڪدامني، مستقل مزاجيءَ جا اعليٰ ۽ دائمي قدر واضع ڪري ٿو. سُر گھاتو ۾ جرئت ۽ بيباڪيءَ جي شڪل ۾ ظاهر ٿئي ٿو. سُر سورٺ ۾ موسيقي ۽ موسيقار جو رتبو بلند ڪري ٿو. سُر سارنگ ۾ موسمي دلبرين، ساوڪاڻ، فضا جي حُسناڪيءَ، انڊلٺ جي رنگينين ۾ پنهنجو جمال ڏيکاري ٿو. سُر کاهوڙي ۽ سُر رامڪليءَ ۾ جوڳين، ساڌوئن، سناسين، ويراڳين ۽ آديسين جي ڪردارن جي سچي محبت ڳولي ٿو، مطلب ته هر سُر ۾ اهو ئي اعليٰ منشور موجود آهي، ۽ ان جي موجودگيءَ شعري معنويت کي ايترو ته اثر انگيز بڻائي ڇڏيو آهي، جو اهو اڄ هر انسان جي دل ۾ حسن ۽ محبت جون پاڪيزه اُمنگون، جمال جون عظيم لطافتون ۽ بقا جي جدوجھد جون محبوب اُميدون پيدا ڪري ٿو. شايد دنيا جي ڪنهن به شاعر اهڙي بلند ۽ مٿاهين ذوق ۽ شوق سان آفاقي پيغام جا گيت نه ڳايا هوندا.“
    لطيف جو تصوف انسان سان عشق ۽ انسانيت سان ٽمٽار جذبي جو دلربا تصوف آهي. ايران جي عظيم شاعر رومي واري پيش ڪيل فڪر ۽ تصوف سان لطيف جي دوستي هئي.
    رومي جنهن اهو چيو آهي ته ”مذهب نه تسبيح جي داڻن ۾ آهي، نه مصلي ۾، مذهب ته فقط انسانن جي خدمت ڪرڻ ۾ آهي.“ اهو به چيو اٿس ته: ”مون ڪيترائي انسان ڏٺا آهن، جن جي بدن تي لباس نه هو، ۽ مون ڪيترائي اهڙا لباس ڏٺا، جن جي اندر انسان نه هو!“ لطيف جي تصوف ان انسان جي عظمت برقرار رکڻ لاءِ جاکوڙيو آهي، جيڪو انسان تضادن ۾ ڪچلجي رهيو آهي. ان انسان کي مختلف رهزنين ورهائي، وڙهائي، لُٽي ۽ زوال ڏي ڌڪڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. انسان ڪٿي رت پيو ڳاڙي، ڪٿي ماني لاءِدربدر آهي. ان تباهيءَ جو ڪارڻ تضاد آهن، جيڪي ماڻهن خود پيدا ڪيا آهن. ماڻهن مختلف نالن سان فريب آڻي دنيا سامهون ڪيا آهن. لطيف جو تصوف انهن تضادن جو خاتمو ٿو چاهي. لطيف جو تصوف انسان جي چهري تي مرڪ جو رابيل ڏسڻ جو آرزمند آهي. لطيف انسان کي محبوب جي روپ ۾ ڏسڻ چاهي ٿو. هِي تصوف دشمنيءَ جو رد آهي، محبت جو بنياد آهي مذهبي تنگ نظريءَ جو پاڇو ئي هِن تصوف وٽ حرام آهي. لطيف جو تصوف انساني اتحاد جو علمبدار آهي ”هن جون نشانيون اوهان جي اندر ۾ آهن!“ هن تصوف جي خوشبو اِهو ٿي ٻڌائي. ان ڳالهه ۾ڪوبه شڪ ناهي ته لطيف جو تصوف عالمي ۽ سيڪيولر تصوف آهي.
    ڪوڙين ڪايائون تُنهنجون، لِکَن لک هزار،
    جيءُ هر ڪنهن جيءُ سين، دَرسن ڌارو ڌار،
    پريم تنهنجا پار، ڪهڙا چئي، ڪهڙا چوان.
    _
    لطيف، خدا کي محبت تصور ڪري ٿو. اها محبت سڀني جو ورثو آهي. ان جا لکين ڪروڙين روپ آهن. ان ڪري ان کي محدود ڪري ئي نٿو سگھجي. محبت سڀني لاءِ آهي. بارش تي، روشنيءَ تي، چانڊوڪيءَ تي، هوا تي، خوشبوءَ تي، پاڻيءَ تي سڀني جو حق آهي. اُهي ڪنهن هڪ جي ملڪيت ناهن، اُهي محبت جي روپ ۾ سڀني لاءِ موجود آهن.
    محبت پائي من ۾ رَنڍا روڙيا جن،
    تن جو صرافن اڻ توريو ئي اگھيو!
    ¬محبت کي ڪوبه نظريو نٿو روڪي سگھي. محبت انسانيت جو بنياد آهي. محبت عالمي مذهب آهي. محبت کان دوريءَ لطيف جي تصوف ۾ ڪفر آهي. محبت کي جيڪو نٿو ڄاڻي، محبت جي جيڪو آجيان نٿو ڪري، ان ڄڻ پنهنجي پيدا ٿيڻ جي مقصد کي ئي ناهي سمجھيو!
    سچ اهو آهي ته انسان زندگيءَ جا جيڪي به بي محبت ڏينهن گھاري ٿو، اُهي ته انهن آرسين جھڙا آهن، جن ۾ ڪنهن ڪڏهن جھاتي ئي نه وڌي هجي، اُهي ڄڻ هٿ مان ڪري ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويون هجن! ڪيڏو اهو الميو آهي ته انسان وانگي ساهه کڻندڙ پل ماڻهو بي محبت رهي پنهنجي هٿن سان وڃائي ڇڏين ٿا. چانڊوڪيءَ رات ۾ وڻن جي نظاري جهڙيون محبتون ماڻهو سگريٽ جو آخري سوٽو سمجھي اُڇلي ڇڏيندا آهن. تڏهن اهي محبتون انهن پکين کي نهارينديون آهن، جيڪي الاءِ ته ڪنهن جي غم جو، ڪنهن جي پيار جو گيت ڳائيندي وڻن تي ويهي ٿڪبا ئي ناهن! سج لهي ويندا آهن، محبتون پيار جي مسافرن جي پيرن جي نشانن جي آڱرين کي ڇُهي اوڇنگارون ڏينديون آهن! چنڊ پنهنجو لاش ستارن جي ڪلهن تي کڻائي الاءِ ته ڪهڙي بَر جي قبرستان ۾ لهي ويندو آهي! محبت چنڊ جي سيني جي ڌڪ کي وساري ناهي سگھندي! محبت کان سواءِ گھاريل ڏينهن ماڻهو جو ڄڻ پنهنجو ڪفن آهن! جيئري ئي ڪفن پائڻ جي ريت ماڻهن اڃا تائين الاءِ ڇو ختم ناهي ڪئي؟
    رومي سمجھايو، غزالي سمجهايو، شيرازي سمجھايو، اُمارو ۽ اُمراءَ القيس سمجھايو، عمر خيام سمجھايو، ڪاليداس سمجهايو، هَري ڀرتري سمجھايو، نظيري سمجھايو، عرفي سمجھايو، بلي شاهه سمجھايو، باهو سمجھايو، لطيف سمجھايو، پر الاءِ ڇو اڄ به محبت کان خالي وقت ۾ دليون محبت کان خالي ڪري ماڻهو جيءَ رهيا آهن، ڄڻ زندگي کي اوندهه سان وهنجاري رهيا آهن! لطيف سمجھائي ٿو ته محبت انسان جو روح آهي. اهو روح مرڻ نه گھرجي! لطيف جو تصوف روشنيءَ جو سڏ آهي. لطيف جي نظر ۾ روشنيءَ سڀني لاءِ آهي.
    ڪاري رات،اڇو ڏينهن، اي صفتان نُور،
    جتي پرين حُضور، تِتي رنگ نه روپ ڪو.
    روشني انسان جي دوست آهي. اها باهه جي روپ ۾ آهي، تڏهن به انسان جي دوست آهي. سج جي روپ ۾ آهي، تڏهن به انسان لاءِ جياپي جو سبب آهي. ڏيئي جي صورت ۾ آهي، تڏهن به پيار جو پيغام ڏيندڙ آهي. روشني جو ڪو هڪ روپ ناهي. اُها لامحدود آهي. انسانن ۽ ساهوارن لاءِ آهي. لطيف جي خيال جي خوشبو سمجھائي ٿي ته، هِن دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهو آيا، جن روشي کي ئي ڪونه سمجھيو. اهي اونداهي ۾ مري ويا. بيخبريءَ به ته اونداهي آهي! اُهي علم کان محروم رهيا. محروم رهي ئي مري ويا. ماهر ٿي ڪو نه سگھيا. ڄاڻ کان سواءِ جھرڪيءَ وانگي چهنب سان صرف ڪک تاندا ئي ميڙي سگھيا، نه گلابن تائين پهتا، نه روشنيءَ انهن جي پلئي پئجي سگھي، ايئن ئي موڪلائي ويا، ڄڻ ڪڏهن هتي آيا ئي نه هئا! محبت ڪن ها، علم سکن ها، ته روشني انهن کي جيئڻ جو راز سمجھائي ڇڏي ها!
    لطيف جي سيڪيولر سوچ ۽ تصوف جو وڏو مثال سُر رامڪلي ۾ نظر اچي ٿو. وڌيڪ حقيقت هن بيت مان ئي پروڙي سگھجي ٿي.
    جي ڀانئي جوڳي ٿيان، ته سڱ سڀيئي ٽوڙ،
    جي ڄاوا نه ڄاپندا، جيءُ تِن سين جوڙ،
    ته تون پهچين توڙ، محبت جي ميدان ۾!
    جوڳي جو مذهب ڪهڙو آهي؟ تاريخ ۽ تحقيق مان پتو پوي ٿو ته جوڳين جو بنيادي طور ڪوبه منظم ڌرم ڪونهي، اهي فطرت پرست آهن. يا مخصوص مورتي پوڄا ۽ انهن جو مرشد گوگو پير آهي، گھڻا نه ڪو مندر ٺاهين، نه پوڄا کي گھڻو وقت ڏين! پر دل جا ڏاڍا صاف آهن.
    ان بيت ۾ لطيف جوڳي ٿيڻ واري کي اهو ٿو چوي ته دنيا سان مطلب سان ناتا ختم ڪري، ان سان ناتا جوڙ جيڪي نه ڄايا آهن، نه ڄاپندا! اهو نقطو خدا ڏي اشارو آهي. لطيف وري اچي ڳالهه جو ڇيڙو محبت تي ڪري ٿو. لطيف سرڳ نرڳ، جنت دوزخ جو نظريو ڪونه پيو اڀاري، محبت کي پيو واضع ڪري. محبت کي ئي مذهب جو پيو درجو ڏي. محبت جي ميدان ۾ پير پائيندين ته سچو انسان ٿيندين.
    لطيف جي ان روشن خيال فڪر جي وڌيڪ وضاحت ۾ وڃڻ کي پاسي تي رکي هتي آئون ڊاڪٽر حبيب الله صديقي جي مضمون ”شاهه ڀٽائي جي سوانح حيات ۽ ڪلام جو پس منظر“ جي هِي پئرا پيش ٿو ڪريان:
    ”جن ڏينهن لطيف سائين شاهه ڪريم جي مقبري لاءِ ملتان مان ڪاشيءَ جون سِرون سودي لوءِ صاحبان (گھوٽڪي) ۾ حضرت موسيٰ شاهه سان ملاقات ڪري واپس پهتا هئا ته، تن ڏينهن هڪ فقير عرض ڪيو ته: جيئن حضرت موسيٰ شاهه جو قول آهي ته، جيڪو بندو رمضان شريف جي آخري جمع جي نماز سندس جامع مسجد ۾ ادا ڪندو اُنهيءَ تي دوزخ جي باهه حرام ٿي ويندي!” تيئن اوهان به ڪو اعلان ڪريو!
    اهو ٻڌي شاهه لطيف تي حال طاريءَ ٿي ويو. ۽ وجد جي حالت ۾ چيائون: ”جيڪو ماڻهو محبت مان هِن ڀٽ تي آيو، انهيءَ کان دوزخ جي باهه پري ڀڄندي!“
    اُن وقت سندن والد حبيب شاهه موجود هئا. انهن اعتراض ڪندي فرمايو ته: ”ابا، هي ڇا چَئي؟ ڀٽ تي ته هندو، زنديق، ڪافر، ۽ مُلحد به ايندا، پوءِ انهن کان به دوزخ جي باهه پري ڀڄندي!؟“ جواب ۾ لطيف سائين هِي بيت پڙهيو:
    ڪيڏانهن ڪاهيان ڪَرهو، چٽاڻو چوڌار،
    مَنجھين ڪاڪ ڪَڪوري، منجھين باغ بهار،
    ڪانهي ٻي تنوار، ٿيو مِڙوئي مينڌرو.“
    هڪ سوال اڪثر روشن خيال ماڻهو بحث دوران صوفياڻي شاعريءَ بابت ڪندا آهن ته، ڇا صوفي شاعريءَ ۾ رجعت پرست عنصر ناهي؟ ان جو جواب رسول بخش پليجي جھڙو روشن خيال ڏاهو اهو ٿو ڏي ته: ”هر ٻي شيءَ وانگر صوفي شاعريءَ به ابتڙن جو ميلاپ هئي. ان ۾ ترقي پسند توڙي رجعت پرست عنصر پاڻ ۾ گڏ هئا، ۽ پاڻ ۾ وڙهي رهيا هئا!“
    لطيف جي تصوف ۾ ان نقطي کي ڳولجي ٿو ته هي بيت اچي سامهون بيهي ٿو:
    روزا ۽ نماز، اي پڻ چڱو ڪم،
    او ڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسين پرينءَ کي.
    _
    اهو ٻيو فهم، محبت ۽ جدوجهد جو نظريو آهي. عبادت کان قطعي انڪار ڪونهي، اهو چڱو ڪم آهي، پر ان روشنيءَ تائين پهچڻ جو رستو اندر جي سچائي آهي. انسان سان اتحاد، انسانيت سان قرب ان روشني جي حاصلات آهي، جيڪا لاٽ تصوف جي فڪر جو بنياد آهي. هڪ ڳالهه دل سان سمجھڻ گھرجي ته، صوفي شاعريءَ جي ترقي پسند فڪر جو اهو ڪمال مڃڻ جوڳو آهي ته ان رجعت پسند قوتن تي سڌو سنئون حملو ڪري سماج جي ترقيءَ لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. اڻ سڌي طرح مام ۾، راز ۾ ڪيئي ٻيا به اهم پيغام اُن شاعري ڇڏيا آهن، ۽ ڪيئي علامتون پنهنجي ويڙهه لاءِ استعمال ڪيون آهن. جنهن وقت ۾ ان شاعريءَ جي سرجڻ جو عمل شروع ٿيو آهي. اهو دؤر ڪنهن وڏي سماجي انقلاب جو دؤر ڪونه هو. ان جي باوجود لطيف جي تصوف انساني حقن ۽ انساني سوچ جي ترقيءَ لاءِ اهم ڪم سر انجام ڏنو آهي. لطيف اندر ئي اندر ۾ وڏو انقلابي ڪم ڪيو آهي.
    ويهه تون وساري، ڇنڊا جي ڇُلڻ جا،
    جو لک لهريون ڏي، ڪر ساڃاه تنهن سمنڊ سِين.
    لطيف اسان جو سمنڊ آهي، ان جي ڪنهن ڇوليءَ جي ڇُلڻ جو اُبتو مفهوم وٺڻ مناسب ناهي. ان سمنڊ جيڪي لکين ڇوليون موتين سان ڀري اسان جي قوم کي ڏنيون آهن، ان جي ساڃاهه ڪرڻ اسان جو قومي فرض آهي. اتهاس ثابت ڪيو آهي ته صوفي ازم تحريڪ مذهبي انتهاپسنديءَ کي روڪڻ جي هڪ تحريڪ آهي.
    لطيف جي تصوف جو فلسفو به ان ئي گس جو اهڃاڻ ۽ بنياد آهي. لطيف جڏهن هِي انسانيت سان محبت، جدوجھد ۽ روشن خياليءَ جو درس ڏئي رهيو هو، ان وقت دنيا ۾ صنعتي انقلاب جي شروعات 1730ع ڌاري انگلستان ۾ ٿي چُڪي هئي. جڏهن آرڪ رائٽ سُٽ ڪُتڻ جي مشين ايجاد ڪئي هئي. سنڌ ۽ هند ۾ تڏهن چرخا پئي چوريا ويا! لطيف جڏهن سنڌ کان وڇڙي ويو ته ان کان ڪجھه وقت پوءِ جيمز واٽ دُخاني انجڻ ايجاد ڪئي هئي. لطيف جا بيت ان وقت ڪارا ڪپڙا پاتل فقير سنڌ ۾ طنبورن تي آلاپي رهيا هئا.
    وڻجارن وَري، پِره پڳهه ڇوڙيا،
    اوليون پسي ان جون پيڙم ڳچ ڳري،
    وينديس ماءِ! مَري، ساري سامونڊين کي.
    هتي هڪ ڳالهه ضرور چئجي ته تصوف ۽ صوفي ازم تاريخي اذيتن مان گھڙجي پنهنجو وجود گلابن وانگي برقرار رکيو آهي. فلسفي جي دنيا جي عظيم فلاسفر ۽ صوفي ابن رشد جي درد کي صوفي ازم جي تاريخ ڪڏهن به نٿي وساري سگھي. ”ابن رشد اسپين جو عظيم مسلمان فلاسفر ۽ صوفي جنهن کي يورپ جي احيائي انسانيت جي تحريڪ جو باني چوي ٿي، هُن کي يهودي قرار ڏئي، مسلمانن جي وسنديءَ مان رجعت پرستن ڪڍيو، يهودين جي وسندين ۾ رکيو ويو، ۽ هڪ ڀيري هُن کي آڻي شهر جي شاهي مسجد ٻاهران بيهاري ماڻهن کي چيو ويو ته ”هن ڪافر تي ٿُڪيو!“ عالمي انساني تهذيب ۽ ثقافت جو هي بي تاج بادشاهه ڪنڌ هيٺ ڪيو بيٺو رهيو ۽ ماڻهو هُن تي ٿڪيندا رهيا. هُن جا سڀ ڪتاب ساڙيا ويا!“ تاريخ جو انتقام ته ڏسو جو ابن رشد جو نالو ته زندهه آهي، پر اسپين ۾ اڄ انهن بنياد پرستن جو ڪو بڻ بنياد ئي موجود ناهي رهيو! ابن رشد کي تاريخ انهن ٿُڪن ۾ ڪڏهن دفن ٿيڻ ڪونه ڏنو! سچ اهو آهي ته فردوسيءَ جو هر تلخ جملو، شيرازيءَ جو هر باغي خيال، روميءَ جو هر تلوار جھڙو شعر، عمر خيام جي هر ڌڙڪندڙ رباعي، عُرفي جو هر ٽانڊي جھڙو اظهار ۽ ڀٽائي جو هر گلاب جھڙو بيت، عظيم صوفي فلاسفر ابن رشد جي جسم کي، روح کي ڀاڪر ڀرڻ جو عملي ثبوت آهي. محبت جي ڀيٽا آهي. اهو ڄڻ تاريخ جو فيصلو آهي. اسلامي تصوف جي باني ابن عربي جو هي محبوب نظم ان صوفي فڪر جو اوجاڳيل سچ آهي، جنهن تصوف جو ڀٽائي ترجمان آهي. ابن عربي چيو آهي:”اڄ کان پهرين منهنجو هي حال هو ته، جنهن رفيق، ۽ ساٿي جو دين، منهنجي دين جي ويجھو نه هوندو هو ته ان جو انڪار ڪندو هئس، ۽ ڌاريو ڄاڻندو هوس، پر هاڻي منهنجي دل سڀ ڪنهن صورت کي قبول ڪري ٿي. هر هرڻن لاءِ چراگاه، راهبن لاءِ گرجا، مجوسين لاءِ آتشڪده حج جي ارادي رکندڙ لاءِ ڪعبه، ۽ تورات جون ڦرهيون ۽ قرآن جو صحيفو آهي. هاڻ آئون مذهب عشق جو پوئلڳ آهيان. جيڏانهن اُن جو قافلو مون کي وٺي وڃي. منهنجو دين، ايمان عشق ۽ محبت آهي.“


    لطيف جي فڪري، انقلابي ۽ مزاحمتيءَ شاعري

    ناميارو ڏاهو ايڇ ٽي سورلي ڀلي کڻي اهو ڄاڻائي ته ”لطيف جي شاعريءَ ۾ نوڙت جو عنصر وڌيڪ آهي.“ پر اسان جڏهن لطيف جي شاعريءَ جو جائزو وٺون ٿا ته ظاهر اهو ٿو ٿئي ته لطيف وٽ فڪري مزاحمت، انقلابي سوچ ۽ روش انتها تي موجود آهي. لطيف وٽ کليل نموني روشن خياليءَ آهي. لطيف جي پهرين فڪري بغاوت اها نظر اچي ٿي، جو هُن سنڌ ۾ مروج ڌاري سرڪاري ٻوليءَ فارسي خلاف مزاحمت شروع ڪئي. هُن سنڌيءَ قوم کي چٽو ڪري ٻڌايو ته، اسان تي ناجائز طور فارسيءَ مڙهي وئي آهي، اسان جي قومي ٻولي ته سنڌيءَ آهي. فارسي کي قبولڻ معنيٰ پنهنجي غلاميءَ کي قبولڻ آهي.
    جي فارسي سکيو، گولو تو غلام،
    جو ٻڌو ٻَن ڳالهئين، سو ڪِين چائي ڄام،
    اڃيو تان آب گھري، بکيو تان طعام،
    اي عامن سندو عام، خاصن منجھان نه ٿئي.
    فارسيءَ کي مفاد پرستن روزيءَ جو ذريعو ٺاهي ڇڏيو هو، رجعت پرست ڌريون سرڪار جي جھوليءَ ۾ ويٺل هيون. مذهبي ويڪو فتوا باز صوفين تي تعزيرون هڻڻ ۾ رڌل هئا. لطيف جو نياپو اهو هو ته، ڀلي فارسيءَ جي ڪري ڪو سرڪاري رتبو ڏئي به سهي، پر ان سان ماڻهو عام مان خاص ٿي نٿو سگھي! جيڪڏهن پنهنجي ڪا خاص سڃاڻپ آهي ته اها پنهنجي امڙ جي ۽ ڌرتيءَ ۽ قوم جي ٻولي ئي آهي، جنهن ذريعي انسان پنهنجي خاص سڃاڻپ برقرار رکي سگھي ٿو. لطيف جي ان فڪري مزاحمت کي تاريخي مزاحمت چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو. لطيف جو من پسند شاعر جلال الدين رومي هو، جنهن جي قومي ٻولي فارسيءَ هئي، پر لطيف پسند جي شاعر جي ٻوليءَ تي پنهنجي قومي ٻوليءَ کي قربان ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. لطيف اهو ڄاتو پئي ته خود روميءَ قوميءَ ٻولين جي عظمت جو قائل هو، تڏهن ئي هِن هڪ رباعي ۾ چيو هو ته:
    هنديان را اصلاح هِند مدح،
    سنديان را اصلاح سِند مدح.
    [هندين کي پنهنجي ٻولي هِندي سونهين ٿي.
    سنڌين کي پنهنجي ٻولي سنڌي سونهين ٿي.]
    لطيف جي ان فڪري بغاوت کي هڪ اعليٰ تحريڪ چئجي ته بهتر ٿيندو. لطيف جي ٻي وڏي فڪري بغاوت عورت جي رتبي کي مٿي کڻي ان کي اهم بڻائڻ آهي! ائين ضرور آهي ته لطيف ڪافي سُرن ۾ عورت کي نوڙت ۽ پنهنجو سَت بحال رکڻ جي تلقين ڪندي ڪندي اوچتو سُر سهڻي ۾ عورت جي بغاوتي روپ جي حمايت ڪري حيران ڪيو آهي. اها لطيف جي پيش ڪيل تبديلي شعوري بلنديءَ جو ثبوت آهي.
    دنيا جي مختلف خطن ۾ عورت جو موضوع بحث هيٺ رهيو آهي. ڪٿي عورت کي غير اهم تصور ڪيو ويو آهي، ڪٿي عورت کي اڌ انسان جي روپ ۾ پيش ڪيو ويو آهي. ڪٿي عورت کي فساد جو بنياد ٻڌايو ويو آهي! مطلب ته بيحد تِکا، ڪڙا، ۽ عجيب نظريا عورت جي باري ۾ پيش ٿيا آهن. ڪٿي ڪٿي ڇا ڇا چيو ويو آهي، ان بحث ۾ وڃي حوالن جا پيرا کڻبا ته ڪڇڻ ڏوهه ٿي پوندو! ڳالهه پري نڪري ويندي، صرف ايترو چئبو ته لطيف عورت جي متعلق پيش ڪيل اڪثر راين کي رد ڪري، عورت کي انساني رتبي سان ياد ڪيو آهي. سُر سُهڻي لطيف جي فڪري بغاوت جو ثبوت آهي. اهڙو ئي رويو مومل لاءِ به لطيف اختيار ڪيو آهي. پرڻيل عورت هئڻ جي باوجود سهڻي ميهار سان مٿو مٿي تي عشق ڪيو. لطيف ان سهڻي جي عشق کي هڪ اهڙي خطي ۾ رتبي ۾ پيش ڪيو آهي، جنهن خطي ۾ روايتي غيرت جو نظريو عروج تي رهيو آهي. اهڙي ڪردار کي جنهن خطي ۾ ڪاڻيارو تصور ڪيو وڃي، سماج اهڙي ڪردار کي نه قبولي بد ڪرداريءَ نالو ڏي، جنهن خطي ۾ قبيلن جون سخت روايتون هجن، غيرت جي نالي ۾ سِسين جو لابارو ٿيندو هجي! جتي ٺوس اسلامي اثرات هجن، ماڻهو سينو تاڻي اهڙي قتل کي جائز سمجھندا هجن، اُتي لطيف پاران سُر سهڻي کي عظمت سان پيش ڪرڻ وڏي فڪري بغاوت آهي. ڀلي کڻي ڪو ايئن چوي ته هِن سُر ۾ تصوف کي پيش ڪيو ويو آهي، بلڪل اهو ئي ته لطيف جو ڪمال آهي جو هن عشق کي تصوف جو غسل ڪرائي فڪريءَ ترقي پسنديءَ کي ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. تصوف جي باوجود هن جي اصل داستان کي ڀلا ڪير ٿو رد ڪري سگھي؟ سُهڻي گھڙو ڪڇ تي رکي وچين ويل درياهه ۾ لهندي هئي. چوندي هئي، ”مون کي ڪامَ جھلي، سڀڪا پاڻ پلي!“ تَن کي آڌيءَ جو پاڻي ۾ اڇلڻ ڇا ته ڪمال جو وجد آهي! لطيف نه سهڻي جي مذهب تي ويچار ونڊيا آهن، نه لطيف سماج جي ساهمي ۾، سهڻي جو وزن توريو آهي! لطيف سڌي سنئين عشق جي وجد جي ڳالهه ڪئي آهي، جيڪو درياهه جي اوج سان اٽڪيو آهي. سياري ۾ درياهه جي دادلپائي تي پير رکڻ عشق جي تاريخ جو اڻ وسرندڙ مثال آهي. سهڻي عشق جو امتحان درياهه جي مستيءَ سان پرکيندي هئي.
    وڻن ويٺا ڪانگ، وچين ٿي، ويلا ڪري،
    گھِڙي گھڙو هٿ ڪري، سهڻي سانجھيءَ بانگ،
    سيئي ڍونڍي سانگ، جتي ساهڙ سُپرين.
    عشقيا داستان جي اکين کي تصوف جو سُرمو پارائڻ لطيف جي ذهانت جي انتها آهي، ته جيئن سرمد جي قاتلن کي سينن ۾ اُهي ڪوڪا لڳن جو ننڊن لاءِ سِڪي وڃن! خوابن ۾ غور سان ڏسن ته انهن کي سهڻي جو گھڙو دارا شڪوه جي مرڪ لڳي! لطيف هتي هڪ ٻيو به ڪمال ڪيو آهي، جو شهيد صوفين شاهه عنايت شهيد ۽ حسين بن منصور حلاج کي سُر سهڻي ۾ وٺي آيو آهي. ٻنهيءَ جي ڪيل تاريخي فڪري انقلابيت کي سهڻي جي علامت ۾ آڻي پيش ڪيو اٿن. اهو لطيف جو کنيل شعوري قدم آهي. ڇو جو ماڻهن جن ڪردارن کي متنازع ڪري پيش ڪيو آهي. لطيف تن جي حمايت ڪئي آهي. منصور حلاج ۽ شاهه عنايت تي رجعت پرستن الزام مڙهيو ته هي ڪافر آهن! اُها اُنهن جي تنگ نظريءَ تاريخ ثابت ڪري چُڪي آهي. لطيف، سهڻي، منصور ۽ شاهه عنايت کي عظيم عشق جي علامت بڻائي نه رڳو تصوف جو منفرد نقطو پيش ڪيو آهي، پر عشق جي عظيم تشريح به ڪري ٻڌائي آهي:
    گھِڙي گھڙو هَٿ ڪري، ٻهون نهاري ٻنگ،
    ”سِر در قدم يار فدا شُد چه بجا شُد“ اصل اهو ئي ونگ،
    رات جنين جو رنگ، الا! سي اُڪارئين!
    ڀٽائي مٿين بيت ۾ شاهه عنايت شهيد جو فارسي شعر ڏنو آهي، جنهن جي تشريح آهي ”يار جي قدمن ۾ سر قربان ٿيو ته ڇا ٿيو.“ لطيف رات جي رنگ جي به ڳالهه ڪئي آهي، مطلب ته، رات جو جيڪي وجد ۾ هجن، انهن کي اي خدا تون پار اڪارجان! اها دلفريب دعا آهي. لطيف انسان سان انسان جي عشق کي مان ڏئي ٿو. شاهه عنايت واري واقعي ۾ گھرائي سان ڏسبو ته ان ۾ رات جو هڪ اهم رنگ نظر اچي ٿو. شاهه عنايت جي حفاظت ڪندڙ هاريءَ، پورهيت، صوفي ۽ فقير رات جو سِر تريءَ تي رکي خندق ۾ ويهي سڄي رات اوجاڳو ڪندا هئا، پر هڪ رات جو هڪ فقير جي غلطيءَ سان ٿا ٻڙجي ڪرڻ جي ڪري، جيڪو نعرو هنيو هئائين، ان جي ڪري فقير مخالفن جي سامهون پڌرا ٿي پيا هئا، جنهن جي ڪري انهن جو قتل عام ڪيو ويو هو. اهو حملو رات جي رنگ ۾ ٿيو هو!
    رات جي رنگ جو ٻيو مفهوم اهو آهي ته رات فطرت جو هڪ پردو آهي!
    ساڳي ريت حُسين بن منصور حلاج بابت بيت به لطيف شعوري طرح سُر سهڻي ۾ ڏئي پنهنجي فڪري مزاحمت ۽ انقلاب وارو نظريو پڌرو ڪيو آهي..
    سَڀت پچار پرينءَ جي، سَڀت هوت حضور،
    ملڪ مڙيو ئي منصور، ڪهي ڪهندين ڪيترا.
    لطيف چٽو ٿو ڪري ته، عشق جي پنهنجي نظر آهي، سماج جي الڳ نظر آهي، اهي هڪٻئي جو ضد آهن. هڪ عاشقياڻي کي دغا جي رستي ڪچو گھڙو ڏئي ٻوڙي مارڻ جو سٽاءُ سٽيو وڃي ٿو، ٻئي عاشق کي مقدس ڪتاب وچ ۾ آڻي صلح جي بهاني دشمنيءَ جي آڙ ۾ تلوار هيٺ آندو وڃي ٿو، ٽئين عاشق کي وڍي ٽڪي ان جي عشق جو وزن ڪيو وڃي ٿو، پر عشق جو ڪنڌ ڪير به جھڪائي نٿو سگھي! عشق جڏهن سامهون اچي ٿو، تڏهن به اوچي ڳاٽ سان اچي ٿو، جي موت جي ڀاڪر ۾ وڃي ٿو، تڏهن به عشق جو ڪنڌ هيٺ نٿو ٿئي.
    ٿورو غور ڪجي ته ظاهر اهو ٿو ٿئي ته لطيف سهڻي کي شاهه عنايت جو شعر جسم تي پاتل ڏٺو آهي، يا پاڻ اهو شعر سهڻي کي پارائي آشيرواد ڏنو اٿن. سماجي توڙي مذهبي ماڻهن جي نظر ۾ اهي ٻئي ڏوهه آهن، جو هڪ عورت شادي شده هوندي غير مرد سان ملي، ۽ شاهه عنايت ۽ منصور وقت جي حڪمرانن خلاف ٿي آزاد خيال پيش ڪن. اهي ٻئي ڏوهه واجب القتل قرار ڏنل آهن. فتوائون به اهڙيون ئي اينديون رهيون آهن! ڇو جو اهي عمل سماج چيلينج سمجھي ٿو. انهن ٽنهي واقعن ۾ سماج ڪيو به ائين هو. دوکن ذريعي زندگيون کسيون ويون هيون منصور، سهڻيءَ ۽ شاهه عنايت کي هڪ سُر ۾ وٺي اچڻ واري شاهه لطيف جي انقلابي سوچ سچ ته بيمثال آهي. لطيف اهو چٽو ڪيو آهي ته انهن مزاحمتي عاشقن جا انجام هڪ ئي رخ ۾ ٿيا آهن. اهي پنهنجي نظرين کان هٽڻ وارا ڪردار نه هئا. انهن جي انفراديت عشق سان سچائي آهي. انهن جو هڪ ئي نظريو آهي ته:
    اک اُلٽي ڌار، وَنءُ اُبتو عام سين،
    جي لهوارو لوڪ وَهي، تون اوچو وهه اَڀار،
    منجھان نوچ نهار، پَر پُٺيرو پرينءَ ڏي.
    پنهنجو منفرد رستو اختيار ڪجي، دنيا کي پنهنجي اک سان ڏسجي، جيڪا ڳالهه نه وڻي، ان کي ڇو قبول ڪجي، ان سان مزاحمت بهترين عمل آهي.
    جيهر لوڪ جھَپ ڪري، ذرو جاڳ نه هوءِ،
    اوهيرا اچو اديون، پَهه پريان جو پوءِ،
    جي ڪَچو چونم ڪوءِ، مَرڪ ڀانئيان مَهڻو.
    مهڻي جي سزا جي پرواهه ناهي، ڪنهن جي تابع يا غلام ڇو بڻجي؟ ڳالهه اصل ۾ عشق سان سچائي جي آهي، اهو ئي انقلابي فڪر لطيف جو محور آهي، ته عشق ڪيئن ٿو وجدان ۾ اچي، سبب ڪهڙا آهن؟ جواب آهي:
    عقل، مت، شرم، ٽيئي نينهن نهوڙيا.
    عشق جو پنهنجو رستو آهي، ان ۾ پير رکڻ کان پوءِ عقل، مت، ۽ شرم جا روايتي نظريا الاءِ ڪيڏانهن اڏامي هليا وڃن ٿا. عقل ۽ عشق پاڻ ۾ اصل ٺهن ئي ڪونه! درياهه جو دڙڪو عقل کي ته اڳتي وڌڻ کان روڪي سگھي ٿو، پر درياهه جي ڌڙڪي کي اها جرئت ئي ناهي جو عشق جي پيرن کي ڀئو ڏياري سگھي! ڀَئو ته هوشياريءَ جو ڀاءَ آهي! هوشياري مصلحت جي مارڪيٽ جو سؤدو به ٿيو وڃي! عشق وٽ ائين ڪونهي! بي ڊپائي عشق جي مهڪ آهي، خوشبوءَ کي ڪوبه روڪي نٿو سگھي! مهڪ کي ڊپ ڏياري نٿو سگھجي ، ته بيهه اتي، اڳيان درياهه آهي! نه، خوشبوءَ قطعي ڪونه بيهندي! اهو عشق جو ايمان آهي!
    اديون سڀ آندم، چڙن منهنجا چوريا،
    لارن جا لَنئون لاتي، سا ڪيئن آڇيان عام،
    لڳيس جنهن جي لام، سو دلاسا دوست مَنجي!
    ”سرتيون وجد سان وڄندڙ گھنڊڻين ۽ چڙن منهنجا مڙيئي انگ لرزش ۾ آندا آهن، محبت جيڪا چڙي جي لار ۾ لڪل آهي، سا مون ۾ اچي جاڳي آهي. اها محبت ڪيئن مان عام سان سليان؟ ماڻهو ته چهرن تي نقلي چهرا چاڙهيو پيا گھمن! آئون جنهن سان دل لڳائي نڪتي آهيان، اهو مون ڏي دلاسا پيو موڪلي!“ لطيف جو انقلابي ۽ نڪور فڪر ڊپ تي پير رکي اڳتي وڌڻ جو عظيم نظريو آهي.
    خبر آهي ته، عشق رَت جي راند آهي، پوءِ به پير پٺتي نٿا ورن.
    نَڪو سَنڌو سُور جو، نَڪو سَنڌو سِڪ،
    عدد ناهي عشق، پُڄاڻي پاڻ لهي.
    ”نه درد جي ڪا حد آهي، نه سڪ کي سرحد آهي! عشق جي ڪٿ ئي ناهي! عشق ئي پنهنجو انت پاڻ ڄاڻي ٿو، عشق جي پڄاڻي لهڻ مشڪل آهي، عشق بي انت آهي!“
    عشق امتحان ڏيڻ لاءِ حاضر آهي:
    ڄنگھه ڄَرڪي وات ۾، سسِي کي سيسار،
    چُوڙا ٻيڙا چِڪ ۾، لُڙ ۾ لڙهيس وار،
    لکين چُهٽيس لوهڻيون، ٿيلهيون ٿرنئون ڌار،
    مِڙيا مَچ هزار، ڀاڱا ٿيندي سُهڻي!
    هڪ حسين عورت جي ڄنگھه ڄرڪي جي وات ۾ آهي، ۽ سِسيءَ واڳون جي حوالي آهي! هُن جا چوڙا ڇڪڻ ۾ ڀرجي ويا آهن، حسين ڪارا وار لڙاٽيل پاڻيءَ ۾ پيا ترن! جانورن جو مقصد انسان جو گوشت حاصل ڪرڻ آهي! اُهي مطلبي ۽ وحشي آهن، جيڪي هڪ انسان کي منصور ۽ سهڻي وانگي ڀاڱا ٿاڪن! پوءِ ورهائي ٿا کائين! جيڪو ٽڪرو جنهن کي ڦٻي! پر عشق نه وحشي آهي، نه مطلب پرست آهي! عشق قرباني ڏيڻ جو جذبو آهي! عشق روح جوسڏ آهي! عشق انسان جو، انسان سان عظيم تعلق آهي! عشق وجد جي روپ ۾ پنهنجي ڇڪيندڙ جو ڳولائو آهي! عشق احساسن جو آگم آهي! جسم گوشت جو وطن آهي، جنهن جي عمر جي به ڪا خبر ناهي، الاءِ ڪڏهن ڪٿي ڪيئن پوري ٿي وڃي! خبر ناهي اهو ساهن جو ٻيڙو ڪيستائين هلي! جسم کي ته مٽيءَ کائي ويندي. انسان جو انسان سان تعلق اڻ کُٽ آهي. هڪ انسان کي ڀلي واڳون چٻاڙي ڇڏين، يا سوليءَ تي
    چاڙهي اُن کي ختم ڪيو وڃي، ڪا ڳالهه ناهي! عشق کي نه ته ڪو واڳون ٿو کائي سگھي، نه وري ڪا سُوريءَ ٿي جھڪائي سگھي! ڇو جو عشق نظريو آهي، جيڪو هڪ انسان کان ٻئي انسان ڏي سفر ٿو ڪري. هڪ سُهڻي کي زناور کائين ٿا ته اتان ٻي سهڻي نروار ٿي وڃي ٿي. منصور کي وحشي وڍي ٽُڪي ڇڏين ٿا ته وري شاهه عنايت جنم وٺي نروار ٿئي ٿو. درياءَ ۽ عشق سدائين آزمائيندڙ حقيقتون آهن، ٻنهيءَ جي اها روايت آهي. ٻي طرف سينو تاڻي اچڻ وجد سان ڀريل انسان جي ريت آهي.
    ڀٽائي سُر سهڻي چاليهن سالن جي ڄمار ٽپي وڃڻ کان پوءِ تخليق ڪيو هو. ان وقت لطيف شعور جي انتها تي هو. اهو ئي سبب آهي جو علامه آءِ آءِ قاضي جھڙي عالم به ائين چيو آهي ته: سُر سهڻي شاهه لطيف جي شاعراڻي عروج جو ڪمال آهي.” محبوب سان ملي نا پاڪائي ڌوئي، پاڪ ٿيڻ“ جو جديد رومانوي نظريو شايد ئي ڪنهن ٻي شاعر پيش ڪيو هجي! ڊاڪٽر تنوير مطابق ڀٽائي جو انقلابي فڪر اهو هو ته: ”ڪڏهن خاموش ٿي، صرف ٻڌجي! حالتون سازگار ٿين ته وات ٿِي ڳالهائجي! خوب ڳالهائجي! وقت اچي ته ڪات ٿي دشمن کي ڪاٽي ڇڏجي! ۽ جي حالتون ڏکيون هجن ته قربان ٿي وڃجي!“
    لطيف جو سنيهو اهو ئي آهي ته، وجد جيڪو انگ انگ کي سرمستي ڏي ٿو، اهو ماٺ ڪري وڃي سو ته ممڪن ئي ناهي!
    هاڻ اچون ٿا، سُر مومل راڻي ڏي، جنهن ۾ لطيف جي فڪري انقلابيت جو عڪس ڏسون ٿا ”مومل راڻي جو قصو پندرهين صدي عيسوي جو قصو سمجھيو ويندو آهي!“ اهو محققن جو چوڻ آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر فهيميده حسين جو رايو آهي ته: ”اهو ڄاڻايل دؤر ان قصي کي ڳائڻ جو دؤر آهي، قصو ان کان اڳ جو آهي، قصو ٻارهين صديءَ جي وچ کان وٺي چوڏهين صديءَ جي شروع واري دؤر ۾ اُسريو ۽ ٿوري عرصي اندر ملڪ ۾ مشهور ٿي ويو. چوڏهين پندرهين صديءَ ۾ سنڌ جي سُڃاڻ ڀٽن، ڀانن ۽ منڱتن مڱڻهارن هن قصي کي ڳايو ۽ سورهين صديءَ ۾ شاعرن ۽ سگھڙن هن کي اعليٰ شاعريءَ جو موضوع بڻايو. هن قصي ۾ هن سماج ۾ مروج ريتن رسمن بر خلاف ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون نظر اچن ٿيون جن بابت راوين ، شاعرن ۽ سگھڙن جو رويو هڪڙو آهي ته شاهه صاحب جو ٻيو ..!
    انتهاپسندي جو مظاهرو ڪندي رچرڊ برٽن ته اهو به لکيو آهي ته هونئن ته: ”سنڌي ادب جو اخلاقي معيار ڪافي بلند آهي، پر مومل ۽ راڻي جو قصو البت اعتراض جوڳو آهي. ۽ عاشق خود شڪيءَ چال جو ماڻهو آهي ۽ معشوق هڪ ڪسبياڻي بيان ڪئي وئي آهي، جا ڪاڪ محل ۾ شوقينن کي شرط پوري ڪرڻ تي ملڻ لاءِ ويٺل هئي!“ ظاهر آهي، يورپي ماڻهو کي اسان جي ڪنهن سنڌي ماڻهو (راويءَ) قصي جي ڪردارن جو اهو روپ ڏيکاريو هوندو . هن سماج ۾ اهي يقينن اعتراض جوڳا عمل سمجھيا ويا هوندا. سگھڙ سائينداد جو بيت آهي:
    جنهن ڌن ڪارڻ ڌيءَ ڪڍي، سو راجا هئو رڪ.
    مڙسي مومل ڪانه ڪئي، جو ڀري ها وهه ڦڪ،
    سُرهي سوڍي نه ڪئي، نه ته هڻيس ها هڪ ڌڪ.
    ٽنهي ڪونهي نڪ، ڪنهن کي ساراهيان سائينداد چئي!
    ڊاڪٽر فهميده اڳتي لکي ٿي: ”ڪن شاعرن ته باقاعدي خود به شڪ جو اظهار ڪيو آهي ته مومل سومل سان گڏ ستل هئي، اها الائجي عورت هئي يا مرڳو ئي ڪو مرد هو؟
    ٻٽ ڏٺائين ٻه ڄڻا، تڏا، گھوٽ وڏو ٿيو گھاءُ،
    مرد هئو ڪِ زال هئي، تنهن جو ڄاڻ ڄاڻي خداءُ،
    _
    روايتن ۾ آهي ته ٻئي ڄڻيون سيج تي ڀاڪر پائي سُتيون، سندن سُمهڻ جو انداز شڪ ۾ وجھندڙ هو. مثلا هڪ شاعر چوي ٿو:
    ڪهيون کولي ڪنجري، سُتينءَ سِيتل ساڻ،
    ايڏا غير گمان، تنهنجا ڍولئي ڍڪيا!
    _
    وري ٻيو بيت آهي:
    مومل مزمانن جا، هينئن نه ڀڃجن حق،
    هڪ اوجاڳا اکين جا، ٻيا لتاڙيم لَڪ،
    چادر پايو کٽ، سُتينءَ سِيتل راو سان!“
    حقيقت اها آهي ته مومل راڻي جي قصي کي ڪيترن ئي ماڻهن توڙي سگھڙن متنازع ڪري پيش ڪيو آهي. مومل کي لڳ ڀڳ ڪاريءَ ڪري پيش ڪيو اٿن. پر لطيف انهن سڀني جي خيالن کي رد ڪري مومل جي ڪردار کي بيحد مٿڀرو ڪري پيش ڪيو آهي. لطيف هِن سُر کي جماليات سان معطر ڪري محبوب بڻائي ڇڏيو آهي. ڪاڪ تي ڪنوارين کي پسڻ جي آرسيءَ لطيف سامهون آڻي جيڪا فڪري بغاوت ڪئي، ان کي نظر انداز ڪري ئي نٿو سگھجي. عورت جي حمايت ۾ لطيف جي اها فڪريءَ بغاوت وڏي معنيٰ ۽ هڪ نئين تاريخ ٿي لڳي.
    ڳالهه رڳو سُر سهڻي ۽ مومل تي فڪريءَ بغاوت جي ختم نٿي ٿئي، پر ان کان اڳتي وڌي لطيف ترقي ۽ جدت پسنديءَ، لبرل فڪر ۽ سيڪيولر صوفي ازم کي نقطو بڻائي مذهب ۾ به وسيع ذهن، وسيع نظر ۽ لامحدوديت جو عظيم نظريو ڏنو آهي.
    سُر رامڪليءَ ۾ لطيف جو صوفياڻو رنگ عروج تي نظر اچي ٿو. جڏهن جوڳين جي گوڏن کي طورسينا جبل مثل بيان ڪري ٿو. مذهبي حساب سان طور سينا اهو جبل آهي جنهن تي حضرت موسيٰ عليه خدا سان ڳالهايو هو، اُتي ئي خدا جو جلوو پسيو هئائين. لطيف اهو جبل جوڳين جي گوڏن مثل استعمال ڪيو آهي. لطيف جو بنيادي مقصد اهو آهي ته هي جوڳي ۽ سنياسي خدا سان پيار ڪن ٿا، منهن مونن ۾ وجھي خدا سان مخاطب ٿين ٿا. خدا انسان کان پري ناهي. اهو نقطو لطيف رجعت پسندن کي ٻڌائي ٿو. اها لطيف جي ترقيءَ پسند سوچ جو مظهر آهي. لطيف خدا کي لا محدوديت ۾ پسي ٿو.
    پِنَن ڪِيَن کڻي، گھرن ڪِين گھران،
    مهيسي مخلوق جي، اڀين دور دَران،
    پُڇن ڪوه شرعان، جي اندر عدالت اُن جي.
    تشريح: ”هُو ڪشڪول کڻي، ماڻهن جي گھرن مان ڪجھه به پنن ڪونه ٿا. هيءُ پوڄاري، خلق جي در کان پري ٿا بيهن، هو مذهبن جا شرعي قانون ڇو پُڇن؟ جڏهن سندن اندر ۾ ئي عدالت آهي!“
    لطيف اندر کي عدالت سمجھي ٿو، هو اندر جي آواز کي اهميت لائق ڄاڻي ٿو. لطيف شِو جي پوڄارين جو جيڪو ذڪر ڪيو آهي. اهي پوڄاري سنڌ ۾ هزارين سالن کان رهيا آهن.
    مُنهن محراب پرينءَ جو، جامع سڀ جھان،
    لطيف جي نظر ۾، محبوب جو چهرو محراب ۽ هي سڄو جھان هڪ مسجد آهي.
    سَڀوئي سبحان، ڪاڏي وڃي نيتيان!؟
    _
    خدا جتي ڪٿي آهي، پوءِ ڪٿي به وڃي نيت ڪري سجدو ڏيان!
    لطيف جو سُر ”آسا“ اَسُر جھڙو ئي خوبصورت ۽ پرهه جي هوا جھڙو پيارو آهي. فجر اهو وقت آهي، جڏهن اذان اچي ٿي، مندر ۾ گھنڊ گُڙي ٿو، ۽ فطرت سان ٻکيل پکي جاڳي لاتيون لنون ٿا. فطرت جي قانون ۾ اُهي آزاد آهن، فطرت انهن جو مذهب آهي. ماڻهن انهن کي اونچ نيچ ڪيو آهي، اها الڳ ڳالهه آهي! فجر هيڪلائي کي تازي ذهن سان ماڻڻ جو ٽاڻو ليکيو وڃي ٿو. آڏواڻي مطابق ”آسا“ هڪ راجڪماريءَ جو نالو آهي، جيڪا پرڀات جو خدا جي ساراهه ۾ گيت ڳائيندي هئي، هو جنهن سُر ۾ ڳائيندي هئي، تنهن تي آسا جو نالو پئجي ويو!“ ڀٽائي هِن سُر ۾ تصوف کي سمايو آهي، ڪيئي حسين خيال هِن سُر ۾ لطيف پويا آهن، اهم ڳالهه اها آهي ته روشن خيال فڪر کي لطيف هِن فجر جي سُر مان جاڳايو آهي. انسان جي جاڳڻ واري ٽاڻي، لطيف ترقي پسند سوچ کي نروار ڪيو آهي.
    اِن پَر نه ايمان، جئن ڪلمي گو ڪوٺائين،
    دغاتنهنجي دل ۾، شِرڪ ۽ شيطان،
    مُنهن ۾ مسلمان، اندر آذر آهئين.
    لطيف مسلماني لاءِ پهريون شرط دل جو صاف هئڻ ٻڌايو آهي. لطيف دل جي مسلماني کي اهميت ڏني آهي! ٻئي لاءِ دغا رکڻ، ٻئي کي ڪجھه نه سمجھڻ، محدود ٿي سوچڻ، برداشت ۽ سهپ کان پري رهڻ مسلمان کي نٿو سونهائي. مسلمان اهو آهي، جيڪو مساوات جو قائل هجي، ٻين جو احترام ڪري، لطيف ان سان گڏ شرڪ جي روشن خيال تشريح ڪئي آهي، ڪفر لاءِ ڀٽائي وٽ ڪابه فتويٰ ڪونهي.
    ڪوڙو تون ڪُفر سِين، ڪافر مَ ڪوٺاءِ،
    هِندو هڏ نه آهئين، جڻيو تو نه جُڳاءِ،
    تِلڪ تنين کي لاءِ، سچا جي شِرڪ سين.
    ترقي پسند فڪر جي هِي انتها آهي، جو لطيف جي نظر ۾ شرڪ به دل جي صفائي سان واڳيل هئڻ گھرجي. ان کي ڪافر ٿيڻ به نٿو جڳائي جيڪو ڪفر ۾ به شِرڪ ڪري ٿو. لطيف شرڪ سان به سچو رهڻ لاءِ اهو نقطو ٻڌائي ٿو ته پنهنجي نظريي تي رهه، نه ته شرڪ نه ڪر! جيڪو به نظريو رکو ٿا ان سان سچائي ڏيکاريو! ڪفر يا شرڪ هڪ سوچ آهي، اها ائين نٿي اڀري، ان پويان به ڪي سبب هجن ٿا! ماڻهو پنهنجي مذهبي نظرين کي درست ۽ ٻين جي مذهبي عقيدن کي غلط سمجھن ٿا. نتيجي ۾ فساد ٿين ٿا. احترام مرن ٿا ته انسانيت باقي نٿي رهي. ملان، پنڊت، پادري، پوپ، جڏهن مذهبن جون غلط تشريحون ڪن ٿا ته انسانيت عذاب هيٺ اچي وڃي ٿي.
    هڪ معصوم انسان جيئن علم سکڻ جي شروعات ڪري ٿو ته ان کي هر ڌر پنهنجو مخصوص فڪر مٿي ۾ وجھڻ شروع ڪري ٿي. دنيا جي علم، فلسفي، تاريخ، ادب کان هڪ انسان کي ڌار ڪري سخت مزاجيءَ، محدود سوچ، مخصوص نظريو ڏيڻ جو مرحلو طئي ڪرايو وڃي ٿو. نتيجي ۾ اهو انسان پنهنجن مفادن لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. پوءِ مسجدن، مندرن، چرچن، ڌرمشالائن، ويندي تعليمي ادارن تائين باهيون ڏيندي ماڻهو دير نٿا ڪن! اهو مذهب جو پيغام ڪونهي، اها جاهلن جي ايجنڊا آهي. لطيف ان حوالي سان اهو نظريو ڏنو آهي ته مذهب کي غلط استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي.
    سچ اهو آهي ته جيڪو به انسان دنيا جي علمن، مذهبي ڪتابن، فلسفن، ادب، ۽ تاريخ جو مطالعو ڪري ٿو، ان جو شعور وسيع ٿئي ٿو. ان کي مذهب، نظرين ۽ ڪفر جو ادراڪ ٻين کان وڌيڪ ٿئي ٿو. اهو انسان ڪڏهن به ڪنهن جي عقيدن ۽ معاملن جي مداخلت نٿو ڪري. پاڻ کي عظيم سمجھڻ، ٻين کي نيچ تصور ڪرڻ جھالت آهي. لطيف جو نظريو، وسيع نظر رکڻ جو نظريو آهي. لطيف وٽ اظهار جي آزاديءَ جو نظريو آهي. سيڪيولر مزاج لطيف جو بنيادي نقطو آهي. لطيف ڪفر جي ليبل ۾ ڪيل قتل عام کي ڪونه وساريو هو، ان ڪري لطيف وٽ انتها پسنديءَ جو وجود ئي ناهي. صوفي مت سان پيار لطيف جي نظر ۾ انسانيت سان پيار آهي. لطيف اهڙي خونريزي کي ڪڏهن به سٺو ناهي ليکيو جيڪا نفرتن جو سبب بڻجي ٿي. سيڪيولر سوچ لطيف کي تصوف ۽ اڳ آيل صوفين وٽان ملي هئي. ان ۾ سنياسي، ڪاپڙي، ۽ جوڳي به شامل هئا.
    هندستان ۾ گوتم ٻڌ اوچ نيچ کي ختم ڪرائڻ لاءِ تحريڪ هلائي هئي. صوفين وٽ به اهو ئي نظريو شروع کان ئي موجود هو. وحدت الوجودي صوفين انساني محبت ۽ ڀائيچاري جي پچار ڪئي آهي. لطيف جي فڪريءَ مزاحمت، ترقي پسنديءَ جو بنياد اهو ئي رهيو آهي ته انسان پنهنجي دل جي معاملي ۾ آزاد هئڻ گھرجي. انسان جي حرمت کي ڪنهن به نالي ۾ داغدار نه ڪيو وڃي.


    ڀٽائي: قوم دوست شاعر

    ڀٽائي عظيم صوفي، انسان دوست فلاسفر شاعر جي حوالي سان ته مشهور آهي ئي سهي، پر قوم دوستيءَ جي انتها جو نظريو به لطيف وٽ موجود آهي. لطيف قوم دوستيءَ جي فلسفي کي ايمان ڄاتو آهي. اهو نظريو ڀٽائي فطرت مان ڳوليو آهي، ته مذهب مان به وطن پرستيءَ جو بنياد ڳولي هٿ ڪيو اٿائين. ان حوالي سان ڏٺو وڃي ته هُن وطن دوستيءَ جو پهريون اتساهه ئي قرآن شريف جي ان قول سان شروع ڪيو آهي ته:

    ”الست بربکُم“ جڏهن ڪَن پيوم،
    قالو بالله قلب سين، تڏهن تت چيوم،
    تنهين وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سِين.

    ڇا نه آهيان، مان اوهان جو رب!؟ جڏهن اهي سُخن منهنجي ڪنن تي پيا، ته مون دل سان اتي چيو: ”ها بيشڪ.“ انهيءَ وقت مون پنهنجي قوم جي جھانگين سان وفا جو وچن ڪيو، ته آئون اوهان جو آهيان، آئون اوهان مان آهيان! جڏهن روح پيدا ٿيا، اهو وچن ان وقت وجود ۾ آيو. لطيف ڪنهن ٻئي وچن جي ڳالهه نه پيو ڪري، قومي وچن جي ڳالهه ٿو ڪري! يقينن اها وطن دوستيءَ جي وڏي ۾ وڏي تشريح آهي. پيدا ٿيندي وطن سان رشتو جڙي وڃڻ جي سچ جو هي نظريو ڪا معمولي ڳالهه ناهي، جنهن گھڙيءَ ۾ انسان اهو به نه ڄاڻي ته مان ڇا آهيان؟ ڪير آهيان؟ ان وقت وطن سان عشق جو وچن ڪري ڇڏي، اهو ڪمال آهي! لطيف انسان کان خدا جي پڇيل پهرين سوال کي جنهن ريت وطن عاشقيءَ سان ڳنڍيو آهي، ان نظريي جو بنياد لطيف وٽ اهو آهي ته وطن جي حب ماڻهو جي مذهب جو پهريون نقطو آهي. پنهنجو وطن ماڻهو جو پهريون ڌرم آهي. اها لطيف جي فڪريءَ انتها جي حُسناڪيءَ جو لازوال مثال آهي. اسان جا محقق جيڪي اڃا تائين مارويءَ جي ذات ڳولڻ جي مامري ۾ پريشان آهن، ڪو چوي ٿو، ريٻارڻ هئي، ڪو چوي ٿو مينگھواڙيءَ هئي! لطيف هڪ ئي نقطي ۾ ڳالهه ٽوڙي ڇڏي ته هوءَ هڪ سنڌياڻي هئي! جنهن جو ٿر سان واسطو هو. وطن جي حُب ۽ سوچ کي الهام ۽ مذهب جي بنياد مان اڀارڻ لطيف جي دانشوراڻي جدت جو نئون مثال آهي. لطيف جي فڪر جو ڇِيڙو رڳو اتي به نٿو ٿئي، پر اڃا اڳتي وڌي ڪائنات جي جڙڻ واري وقت سان وڃي هن جذبي ۽ فڪر کي ڳنڍي حيرت جي حوالي ڪري ڇڏي ٿو:

    جڏهن ڪُن فيڪُون، من تڏهانڪون مارئين،
    تون ڪيئن وجھين تِن کي، سومرا، شَڪون،
    هميرن هَڪُون، جاڙ جَسي کي پاتيون.

    ”جڏهن خدا حڪم ڪيو ته ”ٿي“ ۽ ڪائنات پيدا ٿِي. تڏهن کان منهنجو هينئون مارن سان جڙيل آهي! اي عمر سومرا! تون ڪيئن ٿو منهنجي جسم کي زنجيرون وجھين!“
    لطيف جو نظريو اهو آهي ته جڏهن کان ڪائنات پيدا ٿي آهي، ان وقت کان انسان جو پهريون ناتو جيءُ طور وطن جي ماڻهن سان جڙيل آهي. اهو جذبو پيدائش ۾ رچيل آهي. هي جديد تصور لطيف جي عظمت جو نشانبر آهي. اڄ جي تناظر ۾ ڏسو سنڌ جي اندر تاريخ کي ابتو ڪري اهو وطن دوستيءَ جو نظريو مارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر اهو جذبو پوءِ به پنهنجي جواڻيءَ سان پيو نظر اچي. وطن پرستن جا تشدد ڪيل لاش ثبوت ٿا ڏين ته لطيف جو ڏنل پيغام تشدد ذريعي جسمن ۽ روحن مان زوريءَ ٻاهر نٿو ڪڍائي سگھجي! اهي ماڻهو جيڪي سنڌ ۾ رهي پنهنجا حسب نسب ٻئي پاسي پيا ڳولين، لطيف جا بيت انهن لاءِ خوبصورت جواب طور سامهون آهن! لطيف وطن جي حوالي سان سوديبازيءِ ۽ غداريءَ ايمان ۽ عشق سان غداري سمجھي ٿو! لطيف وطن دوستيءَ کي مذهب جو جز سمجھي ٿو. هُن جي نظر ۾ جسم ۽ روح جڙڻ وقت ئي وطن جي امانت بڻجي وڃي ٿو. ماڻهو ۽ وطن دوستيءَ جي پيدائش هڪ ئي وقت ٿئي ٿي! ڀلي جديد فلاسفر نسل پرستيءَ، قوم پرستيءَ تي انسان دشمنيءَ جو ليبل لڳائين، پر حقيقت اها آهي ته وطن دوستيءَ اهم جز آهي. خود تاريخ گواهي لاءِ موجود آهي. دنيا جو تجزيو ڪريو، لڳ ڀڳ 215 ملڪ آهن. انهن مان مشڪل سان ڪي ڇهه ست ملڪ مذهب جي بنياد تي قائم ٿيل آهن، باقي ملڪ سيڪيولر بنياد تي هلندڙ آهن. پر دنيا جي سمورين قومن ۾ قوم دوستيءَ بنيادي عنصر طور موجود آهي. هن ايڪيهين صديءَ ۾ اهو نظريو عروج تي نظر اچي ٿو. قومون پنهنجي قومي ترانن تي ڪنڌ جھڪائي بيهن ٿيون. سپر پاور روس ڇو ٽڪرا ٿي ويو؟ ڇو جو اهي ٽڪرا ٻين ملڪن جا ڳنڍيل هئا، اهي الڳ ٿي ويا!
    اڄ آمريڪا، عظيم آمريڪي قوم جي ڳالهه ڪري ٿو، سبب قوم دوستي آهي! هٽلر عظيم جرمن قوم جو نعرو هڻي دنيا کي آڻي عالمي جنگ تي بيهاريو. جرمنن سروري ڪئي هئي ته جرمني اندر ڪهڙا جرمن آهن، ان ڪري هنن يهودين کي ڪڍڻ ۽ تڙڻ شروع ڪري ڇڏيو، ڇو جو اهي يهودي قديم اسرائيلي هئا. اهو قتل عام تاريخي جُرم هو پر هنن ائين ڪيو! اها تاريخ آهي، عيسائيت، يهوديت جي سامهون بيٺي هئي! قوم دوستي جو ڪڏهن به اهو مقصد ناهي رهيو ته ڪنهن تي جنگ مڙهجي! قوم دوستي جو نظريو فقط اهو آهي ته اسان جو وطن محفوظ رهي! قومون قومن جو احترام ڪن. مذهب جي نالي ۾ ڪنهن قوم جو تصور ڪڏهن به ماڻهن کي هڪ ڪري ناهي سگھيو! قوم جو نظريو هڪ ڌرتيءَ، هڪ ٻوليءَ، هڪ تهذيب، هڪ ثقافت جي بنياد تي جڙيل هوندو آهي، ۽ اهو نظريو هر قسم جي اڳرائي ۽ انتها پسنديءَ خلاف هڪ بهترين هٿيار آهي! جنهن مان قومن لاڀ ماڻيو آهي، هڪ مذهب هوندي به ماڻهن ۽ قومن جو استعصال دنيا ۾ ٿيو آهي، جنهن کان پوءِ نيشنل ازم سگھارو ٿي اُڀريو آهي. هڪ ئي مذهب جاماڻهو پاڻ ۾ ڪيئن وڙهيا آهن؟ ان جا مثال تاريخ ۾ ڀريا پيا آهن. فرقيواريت ڪنهن کان به لڪل حقيقت ناهي. هڪ مذهب هوندي به ماڻهن هڪٻئي جو رت وهايو آهي. اهڙيون جنگيون مذهب جي بقا لاءِ نه پر ذاتي مفادن خاطر وڙهيون ويون آهن! قديم زماني ۾ وڃي ڏسو مذهب هوندي به هڪٻئي تي زهريليون گئسون استعمال ڪري ڇڏيائون. ڀر ۾ ڏسو افغانسان جي رهواسين هڪٻئي سان ڇا ڇا ناهي ڪيو؟ عراق ڪويت تي وڃي ڪاهيو هو، بئڪون لٽيائين، ماڻهو ماريائين! اِها ڪهڙيءَ مذهب جي بقا جي جنگ هئي!
    ماڻهن مذهبي جذبي ۾ صدام حسين جو نالو نئين ڄاپندڙ ٻارن تي زور شور سان رکيو، تڏهن اهو هيرو هو، پر خود جڏهن عراقين کيس ڦاسيءَ تي چاڙهيو ته ڪنهن صدام جي حق ۾ لفظ به ڪونه ڳالهايو! ڇو جو جذباتي پڻو پنهنجي انجام تي پُڄي ٺري چڪو هو.
    چين جي قومپرستيءَ جي حد اها رهي آهي جو چينين انگريزيءَ جهڙي بين الاقوامي زبان سکڻ کان هڪ ڊگھي عرصي تائين پئي پاسو ڪيو. ان جو ڪارڻ ڪو ٻوليءَ سان نفرت ناهي پر قوم کي قومي ٻوليءَ جي اهميت کي ياد ڪرائڻ آهي.
    سڀ ڄاڻن ٿا ته جڏهن پاڪستان مذهب جي بنياد تي قائم ٿيو هو ته بنگالي ان ملڪ جو حصو هئا. پر اوچتو ڪو ڦيرو آيو جو هڪ مذهب هوندي به بنگالي الڳ قوم وطن جو نعرو هڻي بيهي رهيا. نيٺ الڳ ٿي ويا. رت وهيو، هڪ نئون نقشو دنيا جي نقشي ۾ ظاهر ٿي ويو! اهو وطن هنن پنهنجي ڌار سڃاڻپ لاءِ وجود ۾ آندو! ته جيئن هنن جي قوم، تهذيب ثقافت، ادب دنيا ۾ الڳ حيثيت ۾ سڃاتا وڃن! سچ اهو به آهي ته بنگالين جو وڏو ليڊر شيخ مجيب شاهه لطيف جي سُر مارئي جي بيتن کان متاثر هو!
    وقت جو اهو سچ اڄ سامهون آهي ته ساڳيو مذهب هئڻ جي باوجود ڪنهن ملڪ ۾ ويزا کان سواءِ داخل ٿي نٿا سگھو. ويزا جو مدو پورو ٿيو ته ٽپڙ گول ڪريو! هڪ منٽ به پوءِ اتي برداشت ڪونه ڪيو ويندو! پاڪستان جا ماڻهو لڪ چوريءَ ۾ عرب مسلمان ملڪن جون سرحدون لتاڙي داخل ٿين ٿا، انهن کي يا ته شوٽ ڪيو وڃي ٿو، يا جيلن ۾ واڙي سوکڙي طور واپس موڪليو وڃي ٿو! ياد رکو اهو نيشنل ازم آهي! مذهب جو جذبو اهي ملڪ ليکي ۾ ئي نٿا آڻين، ليکي ۾ آڻين ته اتي ترسائي ڇڏين! ڀلي ڪو تجربو ڪري هن ملڪ جي ڪنهن به مذهبي جماعت جو اڳواڻ بنا ويزا جي سعودي ۾ ترسي ڏيکاري! يا سنڌ جو هندو بنا اجازت هندستان ۾ رهي ڏيکاري! قانون ٺهيل آهن، اهي قانون ملڪي حدن جا محافظ آهن! پري ڇو ٿا وڃو هن ملڪ جي عدالتن ۾ وڃي ڏسو پتو پئجي ويندو ته ڪير ڪنهن جي سامهون آهي؟ ڪنهن ڪنهن جا خون ڪيا آهن؟
    هڪ ڌرتيءَ، هڪ قوم جو تصور الڳ شيءَ آهي، مذهب ٻي شيءَ آهي. اهو ئي نظريو اسان کي ڀٽائي ڏنو آهي. لطيف پنهنجي دؤر جي هر ڪٽرپڻي جي مخالفت ڪئي آهي. لطيف وٽ سيڪيولر فڪر آهي. ان ڪري ئي هو قوم جي ڪاپڙين، جوگين، سامين،سنتن، سنياسين، ڀڳتن ۽ صوفين سان گڏ هو.لطيف جي ڪٿي به ملان ۽ پنڊت، پادريءَ سان ويجھڙائي نظر ئي نٿي اچي.
    قومي اتحاد جي مضبوطي لاءِ لطيف سنڌي هندن جي اهم پوجا آستانن تي ڪهي ويندو هو. انهن جاين جو ذڪر لطيف جي شاعريءَ ۾ موجود آهي. لطيف ڪڇ ۾ وڃي قرب ونڊيندو هو. سنڌي محقق ثابت ڪن ٿا ته: ”نارايڻ سروور ڪڇ جي اولهه طرف لکپت تعلقي ۾ (هاڻ هندستان) تيرٿ آستان آهي، هن مندر ۾ لڪشمي نارايڻ، آدي نارائڻ، گوورڌن ناٿ، دوارڪا ناٿ، مهالڪشي وغيره جون مورتيون رکيل آهن، شاهه صاحب جوڳين سان گڏ ان پويتر آستان جي زيارت ڪرڻ آيو هو. هن نارايڻ سر جو ذڪر پنهنجي ڪلام ۾ ڪيو آهي:
    مَنجھين ئي بابو بِکيا، ،منجھين ئي نارئڻ سر،
    بستي ڏور مَ بَر، تون خود آهين تَڪيو. (رامڪلي)
    ڀٽائي گھوٽ، ڪوٽيشور جي زيارت لاءِ پڻ ڪهي ويو هو، اتي جوڳين ۽ ڀڀوتن جي حالت اهڙي ته وڻيس جو چيائون:
    اوڏو آهي الله، ڪوٽي سر جي ڪنڊ ۾.“
    اهو سيڪيولر فڪر، لطيف جي قومي فڪر جو بنياد آهي، ڇو جو سنڌ سنڌيءَ هندن جو تاريخي ۽ نسلي وطن آهي. لطيف جيڪي به داستان مرتب ڪيا آهن، انهن جو تعلق سنڌ جي علائقن سان رهيو آهي. اهي ڪردار سنڌ جي مٽيءَ مان پيدا ٿيا هئا، جکرو سنڌ جو اهم هاڪارو ڪردار هو، جنهن سان لطيف محبت جو اظهار ڪيو آهي، پر جکري جي ڀيڻ ”سرڌڙي“ جو سنڌ جي تاريخ ۾ ڪوبه وڏو ڪردار ڪونهي، پر ان جي حُسناڪيءَ جي ڪري لطيف کيس دل سان ياد ڪيو آهي، جو اها سنڌيءَ قوم جي سُهڻيءَ نياڻي هئي. لطيف اهو ٿي ٻڌائڻ چاهيو ته سنڌ سُهڻن انسانن جي ماءُ آهي.
    سُونهن وڃايم سومرا، سرَڌڙي سُونهن،
    دل ۾ دُکيم دُونهن، مُنهنجو مُنهن ميرو ٿيو.

    دل مان اٿندڙ دونهون چهري کي ميرو ڪري ڇڏي ٿو. اهو لطيف جو وجداني تصور آهي. لطيف قوم دوستيءَ ۾ رڱجي پنهنجي سدا بهار شاعريءَ تخليق ڪري سنڌيءَ قوم لاءِ جياپي جو دڳ منتخب ڪيو آهي. اڄ جيڪا بيچيني سنڌي قوم جو اصل وارث سنڌي هندو محسوس ڪري ٿو، ان جي اها بيچيني ڪيئن ختم ڪجي؟ قومي نظريي تحت اسان جا هڪٻئي سان رويا ڪيئن جڙڻ گهرجن؟ رهنمائي لاءِ لطيف کي سمجھڻ جي ضرورت آهي. مارئي جو قوميءَ وجد اسان لاءِ اڄ به سنيهو آهي.

    هِي هنڌ، ڀيڻيون هاڻ، ساڙيان سَڀ ڏينهَن رِي،
    ڪُل شيءَ يرجح الى اَصلهُ، ٿِي جھجان جھانگين ڪاڻ،
    ڀِري پنهنجي ڀاڻ، پسان ملڪ ملير جو.

    ”مان هِي مڙيئي هنڌ ۽ مڪان پنهنجي وطنين بنا جلائي خاڪ ڪري ڇڏيان! سڀ ڪا شيءَ پنهنجي اصل ڏانهن ٿي موٽي، مان جھانگين لاءِ وجھلان پيئي، شل پنهنجي ماڳ تي موٽي پنهنجو وطن ملير ڏسان.“
    ڀٽائي قرآن شريف جي اهم نقطي کي نج وطن دوستيءَ ۽ وطن سان عشق جي جذبي لاءِ پيش ڪري، نئين فڪر ۾ آڻي اندر جي عشق کي جنهن ريت اڀاريو آهي، اهو بنا شڪ جي شاعراڻو ڪمال آهي. مارئي وطن جي حُب جي عظيم علامت آهي. جنهن کي سنڌي قوم جي هن عظيم شاعر پنهنجي روح جي رهاڻ مان نروار ڪري وطن دوستيءَ جو عاشقاڻو نظريو ڏنو آهي. مارئي کي محلن، ويس وڳن، طعامن، ڌن دولت سان ڪابه دلچسپي ڪانهي هُن جي دل ماروئڙن سان آهي، جيڪي پگھر سان پسيل آهن! اهي يونيورسٽين ۾ پڙهيل ناهن. سادا سودا انسان آهن. هن جو من وطن ۾ پيدا ٿيل فطري شين سان ٻکيل آهي. اُهي پيرونءَ جھڙيون شيون ڀلي کڻي وقت جي بازار ۾ عام ۽ ٽڪي جون شيون هجن، پر وطن پرست لاءِ اهي عام نه پر اهم آهن. لطيف ۽ مارئي وٽ اُهي شيون عظيم آهن، ڇو جو وطن جي مٽيءَ انهن کي جنميو آهي. مارئي جسم تان اهو لباس لاهڻ لاءِ ڪابه سوديبازي ڪرڻ ڪفر ۽ حرام ٿي سمجھي، جيڪو لباس هن وطن جي سرحد ۽ نشاني سمجهي انگ تي اوڍيو آهي.

    سون برابر سڳڙا، لُون لُون برابر لک،
    رُپو جنهن رد ڪيو، ڪُوڙ تِنهين کي ڪَک،
    مون ماروءِ جو مَک، تيل نه تنهنجو لائيان.
    وطن پرستيءَ جي سوچ ڪپهه جي داڳي کي به سون جي تند تصور ڪري ٿي، جنهن جو ملهه لکن کان مٿي آهي! اُها سوچ چانديءَ ڏي به اک نٿي کڻي! اُها سوچ ڪراين ۾ پاتل عاج جا چوڙا سون کان مٿي ٿي سمجھي! ڇو جو اُهي چوڙا به وطن واسي ڪاريگرن جي هٿن جوڙيا آهن! ڀلي اهي عام شيون ماڻهن کي خصيص لڳن، پر وطن دوست عاشق انسان لاءِ اهي شيون زندگيءَ جھڙيون با مقصد ۽ قيمتي آهن!
    الاءِ ڇو لطيف جو هي بيت پڙهي تاريخ جي ابي ”هيرو ڊوٽس“ (784ق م _ 425ق م) جي اها حيرت ٿي ياد اچي، جڏهن هُن سنڌ وطن ۾ ڪپهه جي پوک ڏسي حيرت ۾ رڱجي لکيو هو: ”سنڌ ۾ هڪ اهڙو ٻوٽو به آهي، جنهن ۾ چانديءَ جا گل ڦٽن ٿا!“
    لطيف ٻڌائي ٿو ته وطن سان عشق ڪندڙ ڀلي ظاهري طور هڪ ڪمزور عورت ئي آهي، پر جيڪڏهن وطن سان عشق اٿس ته اها عورت قطعي ڪمزور ناهي! هي نياپو انهن سياسي سنڌي قومپرست تنظيمن لاءِ آهي ته، قومي تحريڪ لاءِ عورت جو شامل هجڻ ڪيترو ضروري آهي! وطن جو عشق خود طاقتور جذبو آهي. ان جذبي کي سون تي خريدي نٿو سگھجي! محلن ۽ ماڙين جي لالچ ۾ ان عورت جي جسم جو سودو ڪري ئي نٿو سگھجي! ڇو جو اها عورت پنهنجي جسم کي به پنهنجو عظيم وطن تصور ڪري ٿي! هتي مونکي الاءِ ڪيئن عظيم ليکڪ مئڪسم گورڪي جي انقلابي تاريخي ناول ”ماءُ“ جي اُها ڇوڪريءَ ياد اچي رهي آهي، جيڪا پنهنجي وطن جي عشق سان سلهاڙجي ڌارين حملي آورن جي قيد ۾ قابو هئي! اها ڪنواريءَ هئي. هن محسوس ڪري ورتو ته دشمن هُن جي عصمت تي راتاهو هڻندو! هڪ رات هُوءَ پنهنجي هم وطن ۽ محبوب ساٿي، وطن جي لاءِ وڙهندڙ نوجوان کي ڀاڪر ۾ ڀري چوي ٿي: ”هِي منهنجو ڪنوارو جسم وطن جي امانت آهي. هي رهزن ڪيڏي مهل به ان جي بي حرمتي ڪندا، آئون چاهيان ٿي ان بي حرمتي کان اڳي پاڻ هڪٻئي ۾ سمائجي وڃون!
    منهنجو جسم منهنجي وطن جي عاشق کي پهرين حاصل ٿئي، بجاءِ ان کان اڳي وطن دشمن ماڻهو لوئين ۽ ناپاڪ ڪن!“ وطن لاءِ هڪ عورت جي ان سوچ جي سچ جي ته ڪڏهن به ڪا مڪمل تشريح ڪري ئي نٿي سگھجي!
    وَر سي وطن ڄائيون، صحرا سَتر جِن،
    گولاڙيون ۽ گُگريون، اوڇڻ اَباڻن،
    ويڙهيا گھمن وَليين، جھانگي منجھه جھَنگن!
    مون کي ماروئڙن، سُڃ ڳڻائي سيج ۾.

    ”منهنجي وطن جون اُهي ناريون مبارڪ آهن، جن جو پردو ۽ پناهه برپٽ آهي! منهنجي اباڻن جو ڍڪ ۽ پردو گولاڙا ۽ کئونر وارا وڻ آهن! جھنگ جا رهاڪو ولين ۾ ويڙهيا پيا گھمن! مون کي انهن ڏاج ۾ وڳن جي بدران سُڃ ڳڻي ڏني آهي! اها سُڃ منهنجو ورثو آهي!“ لطيف جو قوم دوست فڪر ظاهر ٿو ڪري ته برپٽ ۽ بيابان جيڪي وطن جو حصو آهن، اُهي اسان جي نياڻين کي پردي ۾ رکن ٿا. بد نظر کان بچائن ٿا. انهن جي حفاظت ڪن ٿا. اُهي غير اهم ناهن! اُتي وطن جون نياڻيون آزاديءَ سان گھمي ڦري سگھن ٿيون. اتي آزاد زندگي گذارين ٿيون. انهن جا احساس به اتي آزاد آهن. اها ئي ته آزادي وطن جي خاصيت آهي! جتي انسان تحفظ ۽ آزادي سان گهاري ٿو. سوچ آزاد آهي. وطن جسماني، روحاني ۽ فڪري آزاديءَ جو بنياد آهي. جتي توهان آزاد ناهيو، اهو وطن ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟ جتي انسان جون صلاحيتون بي معنيٰ ٿين، ان کي ڪيئن وطن مڃجي؟ وطن اصل ۾ آزاد انسان جو خواب آهي، خواب جي تعبيرآهي. غلامي ڪچي گار آهي. اهو ئي بنيادي عنصر آهي، جو مارئي عمر جي ڏنل سک جي آڇ کي ڦاهي ٿي تصور ڪري. وطن جي سڪ کي لطيف تلوار ٿو سڏي، جيڪا جسم مٿان اُڀي آهي.
    آئون ڪِيئَن ڇَڏيان سُومرا، تِن پنهنوارن پچار،
    جَڙ جِنين جي جيءُ ۾، لڳي رِءِ لُهار،
    ميخون مُحبت سَندِيُون، هِينئَڙي مَنجھه هَزار،
    پکا ۽ پنهوار، ڏِٺي مُون ڏينهن ٿيا.

    اکين کي وطن ڏسڻ کان سواءِ ڪو پل به چينُ ناهي. وطن ۽ وطن جي ويڙهيچن جي ميخ بنا لوهار جي لڳل آهي. اُها فطريءَ ميخ لڳي آهي. هِي جيڪو جسم آهي، اُهو ٿُڙ آهي، اُن جي پاڙ ته وطن ۾ مليل آهي. ان ڪري وطن ۽ اُن جي محبتي ماڻهن کي وسارڻ ممڪن ئي ناهي! اهو ٿي نٿو سگھي، جو اُهي وسري وڃن.
    سُونهن وِڃايَم سومرا، ميرو مُنهن ٿيومَ،
    وَڃڻ تِت پيوم، جِت هلڻ ناهي حُسن ري.

    هِن محل ۾ رهي مون پنهنجي سُونهن وڃائي ڇڏي آهي. منهنجو مُنهن ميرو ٿي ويو آهي! مون کي ٿر واپس وڃڻو آهي. منهنجي سُونهن منهنجي سنڌ آهي! جنهن سنڌ ۾ اخلاق، محبت، وطن دوستيءَ، حياءُ ۽ سچائي جي حسن کان سواءِ هلي نٿو سگھجي. حُسن جي اک کان سواءِ سنڌ ۾رهڻ ناممڪن آهي. سنڌ ڪابه اوڳڻائي نٿي قبولي! سنڌ عظيم روايت جو وطن آهي. اهو وطن عظيم ماڻهن جي محبت بڻايو آهي. ان وطن کي عاشقن رَت ڏئي آباد ڪيو آهي. اُن وطن تي ڪابه سوديبازي نه ٿيندي.
    لطيف جي مارئي جي هڪ ئي سوچ آهي ته، ”ائين نه ٿئي جو قيد جي سنگھرن ۾ ئي وطن کي ڏسڻ بنا، وطن کي چمڻ بنا ئي مري وڃان! مان پهرين پنهنجي وطن ملير کي سنڌ کي اکين سان ڍءُ ڪري ڏسان، پوءِ ڀلي منهنجا ڏينهن پُورا ٿي وڃن!“
    ڇا حُسن آهي، جيڪو آرسين، گلن، سمنڊ جي ڇولين کي به حيران ڪيو ٿو ڇڏي. اهو حُسن، لطيف جي سوچ جو حُسن آهي، جيڪو ڪڏهن به ميرو ٿي نٿو سگھي. هڪ جلا وطن قيدياڻي جي وصيت جي روپ ۾ لطيف جو تصور ۽ فڪر ڏسو! عظيم سوچ ڏسو!
    پوءِ سوچيو ته سنڌ جو عشق ڇا آهي؟ سنڌ سان عشق ڪيئن هئڻ گھرجي؟
    واجهائي وطن کي، ساري ڏيان ساهه،
    بُت منهنجو بند ۾، قيد مَ ڪريجاه،
    پر ڏيهياڻي پرينءَ رِي، ڌار مَ ڌريجاه،
    ٿَڌِي وَسائجان ٿرن جي، مِٽيءَ مُئي مَٿاه،
    جي پويُون ٿئي پساهه، ته نِجان مڙهه ملير ڏي!

    ”وطن لاءِ سڪندي ۽ اُن کي ساريندي جي مان دم ڏيان، ته منهنجو جسم قيد ۾ نه رکجانءِ، هن پرديسياڻيءِ سنڌياڻي کي سندس پرينءَ کان پري نه رکجانءِ، هن مري ويل جي مٿان لاش تي ٿر جي واريءَ وسائجان! جي منهنجا پساهه قيد ۾ پورا ٿين، ته منهنجو لاش منهنجي وطن ملير سنڌ ڏي کڻي هلجان يا پهچائجانءِ!“
    هي وطن پرستيءَ ڪنهن به تشريح جي، ڪنهن به ڊڪشنريءَ جي محتاج ناهي. هِي اها محبوب وطن دوستيءَ آهي، جنهن پنهنجي وطن جو، ۽ وطن جي جھنڊي جو ڪڏهن به ڪنڌ جھُڪڻ ناهي ڏنو! هِي اهو با ضمير نظريو آهي، جنهن کي چُمي وطن جي مٽيءَ جو اڻ رهي آهي. هِي اهو منشور آهي جنهن کي ڀاڪر ۾ ڀري وطن جي مٽيءَ لوڪ گيتن جي ماءُ بڻجي مهڪي آهي! وطن جا عظيم ڳيچ انهيءَ منشور مان ئي سرجيا آهن. وطن جا کيت ان منشور جي ڪري ئي ساوا رهيا آهن. هِن نظريي ئي رَت کي گرمي ڏني آهي. هن نظريي عشق مان ئي شاعريءَ آڪسيجن ورتي آهي. سدا سهاڳڻين پنهنجي نڪن جي ڦلڙين جي قرباني ڏيڻ کان ڪڏهن به ناهي ڪيٻايو. بس اهو ئي نظريو رکيو آهي ته:
    ڪانڌ مُنهن ۾ ڌَڪڙا، سيڪيندي سُونهان،
    ته پڻ لڄ مران، جي هُئنس پُٺ ۾.

    هِن نظرياتي عشق تي ئي سِر گھوريا ويا آهن! لطيف ان تصور ۽ نظريي کي سنڌ جي رڳن ۾ رَت وانگي ڊوڙائي سنڌي قوم تي وڏو احسان ڪيو آهي.
    ڪاش! رهبر سنڌ، نوجوانيءَ ۾ لطيف جي فڪر تي مشتمل ڪتاب ”پيغام لطيف“ جو روح سمجھي وڃي ها ته سنڌ جي تاريخ ۾ ڪنهن به علي محمد راشدي ۽ ايوب کهڙي جهڙن ڪردارن جي ڪا گنجائش ئي نه باقي رهي ها! اڄ موهن ڪلپنا جي قبر اسان کي ڀٽ شاهه ۾ نظر اچي ها. سائين جي ايم سيد پاران لطيف سان دير سان رجوع ڪرڻ قومي الميو ثابت ٿيو آهي! مارئي جي علامت ۾ لطيف جي اها سوچ ته: ”جتي سنڌ ساڻيهه لاءِ سڪندي ۽ تڙپندي دم ڏيان ته اي امير! منهنجو سر وطن طرف کڻي وڃج! مان وڃي شل ٿر جي مارن جي وچ ۾ دفن ٿيان! وطن جي ولين جو واس مونکي ملڻ گھرجي! منهنجو لاش ملير وڃي ته ڄڻ مري به جيئري ٿيس!“ کي سمجھي حقيقت اها آهي ته رهبر سنڌ خود جڏهن جيلن جي ڪال ڪوٺڙين ۾ داخل ٿيو ته پاڻ مارئي بڻجي ويو! اتان ئي لطيف شناسيءَ ۾ ڪيئي ڪتابن جنم ورتو هو. جن مان سنڌ ڳالهايو پئي!
    لطيف جو قوم دوستي جو فڪر سنڌين جي قومي دولت آهي، ان قوم جي ملڪيت آهي، جيڪا پندرهن هزار سالن جي سڌريل سڀيتا رکندڙ قوم آهي. جيڪا تاريخ ۾ تهذيب جي امڙ جو درجو رکندڙ آهي! اها سامونڊي ماڻهن جي تهذيب آهي. اها جابلو انسان جي تهذيب آهي. اها درياهه جي ماڻهن جي تهذيب آهي! سنڌ جيڪا امن ۽ محبت جي محبوب سر زمين آهي، جنهن کي پورهيتن، سامونڊين، ڏياچن، هارين، نارين، ٻاگھين، عاشقن، دراوڙن، صوفين، سنتن، جوڳين، ڪاپڙين، آديسين ۽ ڪنڀارن سنواريو سڌاريو ۽ اجاريو آهي. ان وطن جي هڪ قيدياڻي، جنهن جي ڳچيءَ ۾ لوهه جا ڪڙا پيا آهن، ڪڙيون ۽ سنگهرون لڳيون پيون آهن، ڪوٺين اندر ڪلا هڻي قابو ڪيو ويو آهي! آسپاس جاسوس پيا ڦرن! وزير ۽ پگھار دار چوڪسيءَ پيا ڪن! اهڙي ماحول ۾ به ان قيدياڻي جي دل ڌرتي واسين کي نياپو پئي ڏي ته وطن کان مٿي ٻيو ڪجھه به ناهي! جنهن انسان کي وطن سان محبت ناهي، ان جي انسان هجڻ ۾ ئي شڪ آهي.
    سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسي وسري،
    حيف تنين کي هوءِ، وطن جن وساريو.

    وطن کي وسارڻ ڪفر آهي! وطن سچ آهي. وطن انسان جو روح ۽ دل آهي. وطن فطرت طرفان انهن قومن کي تحفي ۾ ملندا آهن، جيڪي قومون وقت جي بٺيءَ ۾ پچي سرخ بڻجي، آرٽ ۽ تهذيب کي جنمي سرخرو ٿينديون آهن.
    لطيف جو وطن عاشقي جو شاعريءَ ذريعي هڪڙو پيغام آهي ته ٻيا سڀ رشتا ۽ ناتا ۽ نظريا، مختلف شڪلين ۾ جڙندا ۽ پيدا ٿيندا آهن، پر وطن ۽ ويڙهيچن سان عشق جُڙڻ بنهه ٻئي طريقي سان ٿيندو آهي. هِن نظريي، هن ناتي کي عشق جي صفا سنهي سُئي دل سان سبي ڇڏيندي آهي، ڌاڳو ناهي نظر ايندو! سنهي سئي سان جيءُ سبجي جڙي وڃڻ، زندگيءَ ۽ موت جوسوال بڻجڻ ساڳي ڳالهه آهي! اهو رشتو پوءِ ڇڄڻ نا ممڪن آهي! اُن کي ٽوڙڻ به ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي. هتي لطيف هڪ ٻيو به سنيهو اهو ڏئي ٿو ته، وطن ۾ رڳو هڪ مارئي، وطن سان محبت جي علامت طور موجود ناهي، وطن ۾ ٻيون به هزارين لکين مارويون موجود آهن. اهو پورو نسلي فصل موجود آهي، جن جي به ساڳي سوچ آهي. اُهي ماروي جو تسلسل آهن! جيڪو به انهن کي آزمائيندو مايوس ۽ ناڪام ٿيندو ! هارائي ويندو! ڇو جو وطن سان عشق جو جذبو وطن واسين جي جسم ۾ رت بڻجي ڊوڙي پيو.انهن جي حرمت، وطن جي حُرمت آهي. اُهي ڀلي غريب آهن، آڻين ۽ چاڙهين ٿا! بنهه سادو کائين ٿا، ڪڏهن بُکون به ڪاٽين ٿا. پوءِ به وطن ۾ اهي، وطن جي عشق جي ڪري خوش آهن. وطن انهن جي ماءُ به آهي، ته پيءُ به آهي. وطن انهن لاءِ ڇانءُ به آهي، ته ڇپر به آهي. وطن ۾ ائين آهن، جيئن سپ جي پيٽ ۾ موتي هوندو آهي! اهي پنهنجو مُلهه ڄاڻن ٿا، ان ڪري انهن کي خريدڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي. اُهي وڪري جو سامان ئي ناهن. اُهي غريب هوندي به امير آهن، ڇو جو اُنهن جي دولت انهن جو پنهنجو وطن آهي. اهي ايترا ته وطن جي محبت سان ڀريل آهن، جو وطن جي واس کي وڪڻڻ به انهن لاءِ ڪفر آهي. لطيف جو چٽو نياپو هي آهي ته عاشق وطن کي پٽڪي جي ورن ۾ کڻي گهمن ٿا! جيڪي وطن کي اجرڪ ۽ لوئي ڪري اوڍين ٿا، سي ڪڏهن به وطن جي مٽيءَ جو سئودو نه ڪندا، نه پنهنجي وطن واسين جي بي حرمتيءَ کي برداشت ڪندا! اهي وطن جا رڳو عاشق نه پر محافظ به آهن. لطيف پاڪدامنيءَ جو تصور به وطن سان سلهاڙيو آهي. يعني جسم به وطن جي امانت آهي. جسم ڪٿي وڪجي ٿو ته ڄڻ وطن کي وڪيو وڃي ٿو. وطن جي بيحرمتيءَ ڪئي وڃي ٿي، ڇو جو اهو جسم ان وطن ۾ جنميو آهي. جسم وطن جي مٽيءَ جو اَن کاڌو ۽ پاڻي پيتو آهي. هڪ خوشحال وطن ۾ رهي ان ۾ پوءِ به وطن واسي روزيءَ حاصل نه ڪري سگھي، عيوضي ۾ پنهنجو جسم وڪڻي، مالي مسئلن جي پورائي ڪري ته اها ڄڻ وطن لاءِ گار آهي!
    هِن سُر ۾ لطيف سياسي ۽ سماجي حوالي ۾ حڪمران طبقي کي به بخش ناهي ڪيو.
    جِه سي لوڙائو ٿيا، جِنين سَندي ڌِير،
    ماروئڙا فقير، ڪنهن در ڏيندا دانهڙِي!
    چٽو موقف آهي ته، وطن تي حڪمرانيءَ ڪندڙ جن جي آسري تي وطن واسين جي جان ۽ مال آهي، اُهي ئي ڌاڙيل، ڦورو، ٺڳ ۽ ايذائيندڙ ٿيا ته پوءِ وطن واسين جو ڪير ڌڻي ٿيندو؟ اُن ڪري انهن کي حڪمرانيءَ جو ڪوبه حق ناهي، جيڪي محافظ ٿيڻ بجاءِ خود لٽيرا بڻجن ٿا! اهو دوکو آهي! اها قومي غداريءَ آهي.
    سُڻي ساڻيهه ڳالهڙي، لهي ويا لُوههَ،
    اَندر جا اَندوهه، لٿا ڏک سُک ٿيا.
    وطن جي ڳالهه ئي سُک جي نشاني آهي. وطن جو ذڪر ئي روح لاءِ راحت آهي. ڪيڏي به اذيت هجي، پر وطن جي ڳالهه ٻڌجي ٿي، يا ڪنهن کان سُڻجي ٿي ته اندر جا غم لهيو مٽيو وڃن ٿا. اهو وطن جي خوشبو جو ڪمال آهي، جو ساهه به سُرهو سُرهو ٿيو وڃي، وطن محبوب آهي. اهي انسان جيڪي وطن سان محبت ڪن ٿا اهي معتبر آهن.
    لطيف وطن جي حب صرف انهيءَ داستان تائين محدود ناهي رکي، پر ٻين سُرن ۾ به لطيف وطن جي ڳالهه چانڊوڪيءَ وانگي پڌري ڪئي آهي.
    سُر ڪاپائتي ۾ لطيف جو وطن سان عشق هڪ اڃان نئين درد جو داستان آهي. هتي لطيف هڪ نئين درد جي تاريخ جو مئورخ آهي.
    نَه سِي وونئڻ وَڻن ۾، نه سي ڪاتاريون،
    پَسو بازارُون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي.
    لطيف وطن جي خوشحالي جا خواب ڏسندڙ صوفي هو. هن وطن جي ٻنين ۾ فصلن کي جھومندي ڏسڻ جي تمنا ڪئي هئي. هو وطن جي شهرن جي بازارين ۾ رونق ڏسڻ جو تمنائي هو. جڏهن جھوڪ ۾ شاهه عنايت جي سوشلسٽ تحريڪ ڳاٽ کنيو هو ته هر طرف رونق هئي. فصل ۽ پورهيت ٻهڪندڙ هئا. پر پوءِ 12 ذوالقعد 1129هجري 13 آڪٽومبر 1717ع ۾ سنڌ جي مقامي زميندارن، جاگيردارن، مُلن ۽ مغلن جي حمايت سان جڏهن جھوڪ تي راتاهو هڻي شاهه عنايت کي شهيد ڪيو ته جھوڪ ۾ شوسلسٽ تحريڪ جو خاتمو اچي ويو، اها تحريڪ خوشحاليءَ جي علامت هئي. لطيف ان تحريڪ جي خاتمي ۽ جھوڪ جي برباديءَ جو اهو نوحو آلاپيو آهي. جنهن ۾ واضع ڪري ٿو ته، منهنجي وطن ۾ ڦٽيون نه رهيون آهن، ڪپهه ڪتڻ واريون ڪيڏانهن گم ٿي ويو آهن! سنڌ جي بازارن ۾ ويرانيءَ ڏسي منهنجو هينئڙولوڻ جھڙو ڪسارو ٿي ويو آهي! پڌرو آهي ته لطيف وطن جو درد پنهنجي دل جو زخم ڄاتو آهي. ڇو جو هو قوم ۽ وطن دوست فرد آهي. هو قوم جو رهبر شاعر آهي. مٿيون بيت پورچوگيزن جي ٺٽي تي ڪاهه جو به عڪس آهي.
    پائي پاند ڪپاهه، جي مون آتڻ نهاريا،
    کڻي ڪا، نه پَساهه، سَرتيون وڃي سُتيون.
    آئون پاند ۾ ڪپاهه کڻي ڪتڻ وارين جي پڇا ۾ نڪتيس، اچي سمورا آتڻ نهاريم، اکيون چئني پاسي گهمايم ته من ڪا سُگھڙ ڪتڻ واري نظر اچي، پر مايوس ٿيس. ڪوبه نظر نه آيو! ايئن لڳم هتي ته ڪو ساهه به نه پيو کڻي! سرتيون ڪٿي وڃي سُمهي رهيون آهن، ڄڻ ته ڌرتي جو هر رنگ مري ويو آهي! ڇا ته درد آهي! جيڪو لطيف بيان ڪيو آهي! ڇا ته ويراني آهي، جيڪا هينئون ٿي کائي!
    وِيا مور مَري هنج نه رَهيو هيڪڙو،
    وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانيرن جو!
    سُر ڏهر ۾ اهو المياتي نظارو لطيف جي دانهن ٿي اُڀريو آهي. اُهي مور جيڪي وطن جي سُونهن هئا، جيڪي رقص ڪري هينئان ٺاريندا هئا، جن جو کنڀ کنڀ حسن جي علامت هو، جن جو ٽهوڪو ٽهوڪو نياپو هو، الا! اهي سڀ مور مري ويا آهن!
    سنڌ جون هوائون سوڳ ٿي ويون آهن. وطن ۾ مور هاڻي ناهن رهيا، سنڌ جو روح انهن کان سواءِ اٻاڻڪو ٿو لڳي! هاڻ وطن جي مٽيءَ، وطن جو پاڻي ڪني ڪانيرَن ۽ ٻگهن حوالي ٿي ويل آهي. اڇو پاڻي انهن لڙ ڪري ڇڏيو آهي! وطن وڻ مثل آهي، جيڪو ڇانءُ ۽ ميوو ڏئي ٿو، هاڻ ان وطن جي ٽارين تي چٻرا اچي ويٺا آهن! انهن اتي آکيرا ٺاهي ڇڏيا آهن. وطن انارڪي ۽ لٽ مار جي ور چڙهي ويو آهي. سنڌ کي سوئر گھيري ويا آهن. لٽيرن سنڌ تي قبضو ڪري ورتو آهي. اهو تاريخي سانحو ٿيو آهي، لطيف وطن جي برباديءَ تي رُنو آهي. اها برباديءَ وقت به وقت ٿيندي ڏٺي اٿس! توڙي جو درياهه فطري طور رخ تبديل ڪيا آهن، پر رخ مٽڻ ڪري وطن واسين جي جيڪا تباهي ٿي آهي، لطيف جي دل ۾ اها برباديءَ به ڪنڊو ٿِي ڇُپي آهي:
    سُڪي ڍور ڍَيون ٿيو، ڪنڌيءَ ڏنو ڪائو،
    سو پاڻي پٽيهل ۾، اڳيون نه آيو،
    ماڙين ميڙائو، ڪِنهين ڪِنهن ڀِيڻئين!
    پٽيهل درياهه جي سُڪڻ جو الميو، لطيف کي سوڳوار ڪندڙ آهي، ڄڻ ته اهي ڪک ۽ ڊَڀ پٽيهل جي ڪنڌيءَ تي نه پر اُهي سائين جي سيني مٿي اڀريا آهن! اها آهي وطن سان عاشقيءَ، جو لطيف کي ماڻهن جي خوشحالي ۽ چرپر نظر ناهي آئي ته اداس ٿي ويو آهي. عشق جي انتها جي حد ته اها آهي جو لطيف مهراڻ تي اڀريل ڪَنڊي سان به مخاطب ٿي پيو چوي ته: ”اي ڪنڊا، جي توکي مهراڻ جي مالڪن جي وڇوڙي جو درد آهي ته تون ماڳهين پنهنجين ٽارين جي ٻور مٿان سڱر ئي پيدا نه ڪرين! وطن ۽ ويڙهيچن جي درد ۾ ڀائيوار ٿيڻو اٿئي ته پوءِ ماتم ڪر!“
    لطيف جو وطن سان عشق ايڏو وڏو آهي جو ان کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ناممڪن آهي. لطيف کي اهو تاريخي شعور هو ته سنڌ مختلف وقتن ۾ ڪيڏي عظيم ڌرتيءَ رهي آهي. جتان تهذيب اُڀري آهي. عظيم گلدار ثقافت سِرجي آهي. سنڌ پاڻي جو وطن رهيو آهي. اهو پاڻي پِي دودا خلجين سان وڙهيا آهن. سنڌي قوم خوشحال زندگيءَ گذاري آهي. سنڌ ايڏي ته خوشحال رهي آهي جو سنڌ جي اُڀ تي ڪونجون اڏاڻيون آهن، سنڌ جي آب تي هنج اچي پير پسائيندا رهيا آهن. سنڌ ۾ اهي عوام ۽ قوم دوست اڳواڻ موجود هئا، جن وطن جي حفاظت لاءِ ننڊ نٿي ڪئي! ماڻهن دعا پئي ڪئي ته شل اهي جُنگ جوان سدا سلامت رهن، ڇو جو اهي قوم ۽ وطن جا قلعا آهن. سنڌ ۾ بڊا ماڻي پنري جھڙا محبوب اڳواڻ موجود هئا، جيڪي وطن نه فقط پر دلين جا به حاڪم هئا. انهن جي ڪري ڊپ ۾ چور ۽ شڪاريءَ مٿو لڪايو پيو هلندا هئا. غاصبن کي سنڌ ڏي ميريءَ اک کڻڻ جي جرئت نه ٿيندي هئي. هن وطن ۾ جادم جکرو ساهه کڻندو هو، جنهن جي سخاوت جي هاڪ هئي. لطيف انهن وطن پرستن کي پيار مان ائين ساراهيو آهي ڄڻ انهن کي موتين ۽ گُلن جا هار پارايا اٿس.
    لطيف سنڌ جي سومرين جي عظمت کي ياد ڪيو آهي، جيڪي خلجي اڳيان نه جھڪيون هيون، ابڙن انهن سامن لاءِ پنهنجا سِر ارپيا هئا! تت اهو آهي ته لطيف سنڌ جي عظمت جو عاشق آهي، هن وطن دوستيءَ کي ايمان جو درجو ڏنو آهي. وطن دوستيءَ لطيف جي شاعريءَ جو روح آهي، جنهن جو نياپو اهو آهي ته، وطن سان جيڪو به انسان عشق نٿو ڪري اهو اسان مان ناهي، ڪو ٻيو آهي! اهو پوءِ خلجيءَ جو حامي آهي، جنهن ٻاگھيءَ جي مٿي جي پوتي لاهڻ جي تمنا ۾ سنڌ تي ڪاهه ڪئي هئي! لطيف جي قوم دوستي مذهب جي بنياد سان واسطو رکندڙ ناهي! لطيف مذهب کي قوم دوستيءَ کان الڳ روحاني حقيقت سمجھي ٿو. لطيف جي قوم دوستي جو بنياد هڪ ڌرتيءَ، هڪ ٻوليءَ، هڪ تهذيب ۽ هڪ قوميت آهي، جنهن جو نالو سنڌيت آهي. اهي ماڻهو ڀلي مختلف مذهبن، نظرين، ڌرمن، فرقن ۾ ورهايل هجن، قوم جي حوالي ۾ هڪ قوم جو حصو آهن. قوم جي نالي اهي ڳنڍيل آهن، جدا ناهن. اهو ئي لطيف جو قومي نظريو چٽو ٿيل آهي. سنڌ ۾ لطيف جيڪي به ڪردار چونڊ ڪيا آهن، اهي سنڌي آهن، جنهن کي لطيف پوري وجد سان بيان ڪيو آهي. مومل هجي، راڻو هجي، سورٺ هجي، ڏياچ هجي، مارئي هجي يا سهڻي هجي، سسئي هجي يا ليلان هجي. نوريءَ هجي يا تماچي هجي، جوڳي هجن يا سنياسي هجن، لاهوتيءَ هجن يا ڪاپڙي هجن. لاکا هجن يا جکرا هجن، ريٻاري هجن يا جاڙيجا هجن، واڻيا هجن سامي هجن، پر اُهي قوميت جي ڌارا ۾ لطيف سموئي پيش ڪيا آهن. انهن جو رشتو ناتو هن وطن سان آهي. اُهي وطن ڄاوا آهن. ان ڪري لطيف انهن جي ڪردار کي عطر ڪري پيش ڪيو آهي. جڳ ۾ مشهور ته ليليٰ ۽ مجنون ۽ شيرين فرهاد جا قصا به آڳاٽا هئا، پر لطيف انهن جي ويجھو به نه ويو، ڇو جو لطيف کي سُڌ هئي ته اُهي فرضي قصا آهن! هتي آئون ڀٽائي جي ان عظمت کي اسان جي محترم ڏاهي رسول بخش پليجي جي هنن سٽن سان پيش ڪندس ته: ”هو سچو مومن هو، اسلام جو پيرو ۽ توحيد پرست هو، پر هُن عرب ۽ ايران جي بدران پنهنجي دل جو ڪعبو، بدنصيب ۽ پياري وطن سنڌ کي بڻايو. ايران جي آبجو ۽ شيراز جي باغن ۾ ٽڙندڙ سَرو، سمن، لاله، نرگس، ۽ سُنبل جي بدران هن پنهنجي وطن جي پُسين، پيروئن، ڏونرن جي حُسن جا نغما ڳايا. جتي ان وقت جي هند ۽ سنڌ جا نام ڪَٺيا شاعر بهادريءَ ۾ رستم سهراب ۽ اسفند يار جا مثال ڏيندا هئا، اُتي هو پنهنجي وطن جي رحم ڪرم، عنايت، محبوبيت، ۽ بي نيازيءَ جي شان بيان ڪرڻ لاءِ حَسين استعارا ڳولي ٿو ته کيس وطن جا دلير ۽ بانڪا ياد پون ٿا، ۽ هو خدا کي پنهون، تماچي، جکري، چنيسر، راڻو ۽ سپڙ سڏي ٿو! هِيءُ ڳالهه آهي جا ڪنهن به عرب، ايراني، هندي يا سنڌيءَ شاعر نه ڪئي آهي. هُن جي انهيءَ خوبصورت دليريءَ اڳيان خود روميءَ جھڙي مست جي مسوري آڳ ۽ جلال عاجز ٿا لڳن! لطيف هر ڳالهه ۾ پنهنجي دؤر جي ٻين شاعرن کان نرالو آهي. هُن کي سنڌي ٻوليءَ سان عشق آهي. هو ان زبان جو اهو جوهري آهي جنهن وٽ ماڻڪن جا مٽ ڀريا پيا آهن.“
    مَٿي ٽٻڪ ٽُٻڪڙا، چڪندرا اچن،
    کُڙيون کَه ڀَڪليون،پگھر سِر پيرن،
    اِي وَڙ وَيڙهيچن، مون لوڏان ئي لَکيا.
    اڄ جي سنڌ کي مارئي جي شڪل ۾ ڏسڻ گھرجي! بلڪل اُها ائين ئي آهي.
    لطيف جي قوم دوست فڪر جي روشنيءَ ۾ اسان سنڌ ڌڻين کي اهو طئي ڪرڻو آهي ته اسان هِن ڌرتيءَ لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ ۽ هاڻ ڇا ڪرڻ گھرجي! ڏسڻو اهو آهي ته لطيف کان پوءِ پوئين ٽن سئو سالن ۾ سنڌ جي تاريخي حيثيت ڪٿي بيٺي آهي؟ سنڌ ڪلهه ڇا هئي، اڄ ڇا آهي؟ سنڌ جون روايتون ڪهڙيون رهيون آهن! ۽ اڄ سنڌ جو مزاج ڌارين تهذيبن جي ور چڙهي ڪهڙي شڪل ۾ سامهون آهي!؟ لطيف وطن جي عشق جي تشريح مڪمل ڪري ڇڏي آهي. هاڻ اسان کي پنهنجي عشق جي تشريح ظاهر ڪرڻي آهي! ٽانڊو کڻڻ اچڻ وارا گھر ڌڻي ڪيئن بڻجي ويا آهن؟ سنڌ کي ڪهڙن مونجھارن سان منهن ڏيڻو پيو پوي؟ انهي جو حل اسان کي ڪڍڻو آهي. سنڌ جي وجود تي جيڪي به زخم آهن، انهن جو علاج اسان کي ڳولڻو آهي. جيئن لطيف سنڌ ۽ سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ فڪر جي مالڪي ڪئي آهي، ائين ئي اسان کي به سنڌ جي روح، مزاج ۽ سيڪيولر فڪر جي مالڪي ڪرڻي آهي.
    لطيف جو قومي فڪر ڇا آهي؟ سرڪاري سطح تي سنڌين جي اسيمبلي هوندي به ان جي ڪابه تشريح ناهي ڪئي وئي. آئيندي به اهي لطيف کي فقط هڪ درويش واري فڪر ۽ فلسفي ۾ ئي پيش ڪندا رهندا، ڇو جو انهن جو مقصد سنڌي قوم کي سجاڳي ڏيڻ نه پر غافل رکڻ جي ايجنڊا آهي! هو لطيف کان ڊڄن ٿا، ڇو جو لطيف انهن جي ارادن کان بنهه منفرد شاعر ۽ فلاسفر آهي. انهن جا ارادا سنڌيءَ قوم کي سمهاري استحصال ڪرڻ جا آهن! ان ڪري لطيف کي سمجھڻ جو ڪم خود سنڌيءَ قوم کي سر انجام ڏيڻو پوندو! لطيف کي سمجھڻ پاڻ کي سمجھڻ ساڳي ڳالهه آهي. لطيف کي سمجھڻ قومي وحدت کي سمجھڻ هڪڙي ڳالهه آهي!
    هن ديس ۾ اصل تاريخ مُنڍ کان ئي گم ڪيل آهي. ڪوڙ تي سندرو ٻڌو ويو آهي. اسان جي معصوم ذهنن کي گمراهه ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو ويو آهي. وطن پرستن جي ڪردار تي کنيل آڱرين جو ڪورس پڙهائي هتي ذاتي مفاد حاصل ڪيا ويا آهن. اهو ئي سبب آهي جو قومي وجود ۾ ڏار پيدا ڪري هنن پنهنجو مقصد حاصل ڪيو آهي، جن ماڻهن جو هن قوم سان نه ڪو واسطو نه رشتو رهيو آهي اهي هيرا ۽ سورما ۽ فاتح ڪري پيش ڪيا ويا آهن. مقصد رڳو اهو آهي ته سنڌي قوم پنهنجي اصليت نه ڄاڻي اونداهي ۾ رهي. اهڙي صورتحال ۾ لطيف سان رجوع ڪرڻ پنهنجي درد جي دوا کي هٿ ڪرڻ برابر آهي. لطيف کان غافل ٿيڻ پنهنجي برباديءَ کي يقيني بڻائڻ برابر آهي!
    قرآن شريف به اها شاهدي پيش ڪري ٿو ته: ”اوهان کي قومن ۽ قبيلن جي صورت ۾ پيدا ڪيو ويو آهي، ته جيئن اوهان جي شناخت قائم رهي سگھي!“
    لطيف جو قوم دوستي وارو فڪر اِنهي فرمان جو تسلسل آهي.


    لطيف وٽ سُوريءَ جي سچ جو فلسفو

    اسلامي تصوف جو باني شيخ اڪبر محي الدين ابن عربي کي سڏيو وڃي ٿو، جيڪو اسپين جي شهر مورثيا ۾ 1164ع ڌاري پيدا ٿيو. سندن مشهور قول آهي، ”جنهن عشق ڪيو، اهو مرڻ گهڙيءَ تائين پاڪ انسان رهيو. اُهو شهيد جي موت مُئو!“ اسلامي تصوف کي وڌيڪ پکيڙڻ وارن ۾ امام غزالي جو معتبر نالو ورتو وڃي ٿو. جڏهن ته صوفي ازم کي عروج ڏيارڻ ۾، صوفي ازم کي سڄي دنيا ۾ تحريڪ طور پکيڙڻ ۾ بنا شڪ جي حسين بن منصور حلاج جي نالي ۽ شهادت جو جيڪو ڪردار آهي، اهو سون جي اکرن سان تاريخ ۾ مڙهجي ويل آهي. ان کان پوءِ دنيا جي مختلف دڳن تي جيڪي به صوفي پيدا ٿيا آهن، ۽ جن جي حصي ۾ شهادت جي سُرخيءَ آئي آهي، انهن سمورن صوفين جو آئيڊيل حُسين بن منصور حلاج ئي هو. مطلب اهو ته بغداد ۾ جيڪو منصور حلاج سان تاريخ جي جاهلن سلوڪ ڪيو هو، ان مان صوفي ازم تحريڪ جو نئون جنم ٿيو آهي. اُها تحريڪ جيڪا رات جي پيٽ ۾دفن ڪرڻ چاهي پئي وئي اها مرڳو ئي پرڀات بڻجي ويئي! خنجر لعنت ۾ تبديل ٿي ويو، رَت گلاب جو ٻج بڻجي دنيا ۾ ڇٽجي ويو! اڳتي هلي ان صوفي ازم تحريڪ جو قرة العين طاهره جھڙيون حسين شاعرائون به حصو بڻجي ويون، جن کي به قاتلن گھُٽا ڏئي مٽيءَ ۾ دفن ڪرائي ڇڏيو، پر ان مٽي به مهڪ بڻجي ويڙها واسي ڇڏيا. قرة العين طاهره اسان جي لطيف کان گھڻو پوءِ ايران ۾ ڄائي هئي. مقبول شاعره هئي. صوفي ازم سان عشق هئڻ ڪري کيس قتل ڪيو ويو هو، هُن 1852ع ۾ زندگي جا آخري پساهه کنيا هئا. اُهي ساهه به هُن جي شاعراڻي خيال جھڙا ئي حسين هئا.
    ”تنهنجي منهن ڏسڻ لاءِ،
    پرهه جي هير وانگر، گھرگھر، دَر دَر، گھٽيءَ گھٽيءَ
    ڀٽڪندي رهي آهيان!“
    چوڻ جو مطلب اهو آهي ته صوفي ازم تحريڪ دنيا کي نه رڳو شاعريءَ جا زندگيءَ جھڙا ڪنول ڏنا آهن، پر پنهنجي عاشقن جو روهيڙن جھڙو رَت به پيش ڪيو آهي.
    منصور حلاج جو جيڪو ارڏو رت رجعت پرستن وهايو، اُن مان لکين ستارا ڦُٽي نڪتا. جن جو سُهائو ڪڏهن به جھڪو ڪونه ٿيو، ۽ صوفي ازم ويتر جواڻ ٿي ويو. اها نئين تاريخ جيئن لکجڻ لاءِ اُٺي جي هوا ٿِي، جيئن پرهه جي هير ۾ تبديل ٿي، پڌري ٿي، تيئن اڄ برقرار آهي. اُن جا نوان صفحا لکين سينا بڻجي ويا آهن! منصور جي شهادت جو اهو اثر آهي، جو وحدت الوجوديءَ فلسفي کي نئين سگهه ملي وئي .
    هي فلسفو پوءِ ڪڏهن به سرحدن ۾ سوگھو نه ٿي سگھيو، ڄڻ هوا جي بدن تي لکجي هِي فلسفو فاتح بڻجي سرحدون لتاڙي ويو آهي. اولهه کان اوڀر تائين جتي به صوفيءَ پيدا ٿيا آهن، انهن کي منصور متاثر ڪيو آهي. اُنهن منصوري مَڌ جي چُڪيءَ چَکي پوءِ پنهنجو فڪر اڳتي وڌايو آهي.
    حُسين بن منصور حلاج کي 1922ع ۾ سندس منفرد خيالن، نئين روشن خيال فڪر، حق جي نعري، اقتدارين سان اختلاف رکڻ، ۽ آزاد خيال فڪر کي عام ڪرڻ جي ڏوهه ۾ شهيد ڪيو ويو! کيس 9 سال قيد ۾ رکي سخت اذيتون ڏنيون ويون. پوءِ کيس صليب تي ٽنگي، آخر ۾ عضوو عضوو ڪپي شهيد ڪيو ويو. اها درد ناڪ شهادت تاريخ جو نه وسرندڙ باب آهي.
    چون ٿا: ”منصور حلاج جڏهن دل کي صوفي ازم ۾ ٻوڙي پنهنجي استاد کان عجيب عجيب سوال پڇيا ته، ان اڳواٽ ئي پيشنگوئي ڪئي هئي ته: ”منصور مان محسوس ڪري رهيو آهيان ته هڪ ڪاٺيءَ آهي، جيڪا تنهنجي رَت سان ڳاڙهي ٿيندي، ۽ اُهي ئي رَت جا قطرا تنهنجي سوالن جا جواب هوندا!“
    ”منصور حلاج جي آخري سفر بابت ابوالحسن حلواني جي روايت آهي ته، ”مون ڏٺو ته جڏهن قيد خاني مان ڏنڊا ۽ ٻيڙيون پاتل حلاج کي ٻاهر آندو ويو ته، اهو ڦاهيءَ ڏانهن ائين وڌي رهيو هو، جيئن ڪو بهادر انسان جنگ جي ميدان ۾ فخر سان سِر اونچو ڪري ايندو آهي. ان وقت هُن جي وات تي هِيءُ فارسيءَ شعر هو:
    ترجمو: ”منهنجو دوست ڪنهن به صورت ۾ ظلم سان سلهاڙيل ناهي. مون کي هُن گھرايو آهي، ۽ ڀليڪار چئي آهي! جيئن ڪو ميزبان مهمان کي خوش آمديد چوندو آهي. ۽ جڏهن شراب جو جام گردش ۾ آيو، ته هُن تلوار گھرائي، ۽ اهو نتيجو ملندو آهي. اهڙي ماڻهوءَ کي جيڪو بهار جي موسم ۾ نانگ سان گڏ ويهي شراب پيئندو آهي!“
    گرو رجنيش اوشو لکي ٿو ته: ”منصور کي انڌن ڦاهيءَ تي لٽڪايو، جڏهن هُن کي ڦاهيءَ تي چاڙهيو ويو ته، ٽهڪ ڏئي رهيو هو، ڪنهن همراه اُنهي ميڙ مان رڙ ڪري پڇيو: منصور ٽهڪ ڇو پيو ڏينءَ، ڦاهيءَ تي هوندي به کلين ٿو؟“ منصور جواب ڏنو: ”مون کي انهيءَ ڳالهه تي خوشي ٿي رهي آهي، ته تون اکيون کڻي ڏس ته سهي! مان چاهيان ٿو ته مون کي ڦاهيءَ تي لٽڪندو ڏسي، تون اکيون مٿي ته کڻ!“ منصور وڏي ڳالهه ڪري رهيو هو، ۽ انهيءَ دؤر جا انڌا هُن جي ڳالهه نه سمجھي سگھياهئا. اُهي ماڻهو ان جي ڳالهه کي سمجھن ها ته ايڏي وڏي صوفيءَ کي ڦاهيءَ تي نه لٽڪائين ها. منصور انهن کي چئي رهيو هو ته: ”مان ڀلي ڦاهيءَ تي چڙهي وڃان، پر انهيءَ بهاني سان جيڪڏهن توهان جون اکيون مٿي کڄي وڃن ته مون لاءِ اهو ئي کوڙ آهي! سوال منهنجي ڦاهيءَ جو ناهي، سوال اوهان جون اکيون مٿي کڻڻ جو آهي!“ صوفيءَ ازم سچ ته اکيون مٿي کڻڻ جو ئي نالو آهي. انسان جون اکيون هيٺ نه جھڪن، مٿي کڄن اهو منصور جو نظريو هو!
    ”منصور جي دوست ابوبڪر شبليءَ کان هڪ روايت آهي ته: ”جڏهن موت کان اڳ حلاج جا هٿ پير ڪٽيا ويا هئا ته، مان هُن کي ڏسڻ ويو هوس! ان وقت هُو صليبُ تي لٽڪيل هو! مون هُن کان سوال ڪيو ته:”تصوف ڇا آهي؟“ هن جواب ڏنو: ”جيڪو ڪجھه ڏسين پيو، هِيءُ انهيءَ جو اڃان هيٺيون ڏاڪو آهي!“ مون سوال ڪيو ته: ”پوءِ هُن جو مٿانهون ڏاڪو ڪهڙو آهي؟“ هُن جواب ڏنو: ”اهو لفظن ۾ سمجھائڻ ڏکيو آهي، سڀاڻي اچي اکين سان ڏسجان!“ اهڙي طرح جڏهن رات لڙي ته حڪم آيو ته حلاج جي مُنڍي ڪپي وڃي! محافظن چيو: هينئر رات ٿي وئي آهي، سڀاڻي صبح جو کيس قتل ڪنداسين!“ ۽ پوءِ جڏهن صبح ٿيو ته هُن کي صليب تان لاٿو ويو، ۽ قتل گاهه ڏانهن نيو ويو! قتل واريءَ اڏيءَ تي پهچي هُن قرآن شريف جي آيت پڙهي: ”جيڪي هُن جو يقين نٿا رکن، سيئي ان جا انڪاري آهن. ۽ جيڪي يقين رکن ٿا، اُهي اُن کان ڊڄن ٿا، ۽ اِهو اعتقاد رکن ٿا ته هو ئي بر حق آهي!“ پوءِ کيس قتل ڪيو ويو، هُن جي لاش کي ٻوريءَ ۾ ويڙهي اُنهي تي نفظ (پيٽرول) هاريو ويو ۽ پوءِ ساڙيو ويو! انهي کان پوءِ سندس خاڪ کي وڏي مينار تي چڙهي هوا ۾ اُڏاريو ويو!“
    منصور حلاج جي اُها خاڪ هوا ۾ صدين تائين ائين ئي موجود پئي رهي، جنهن سنڌ ۾ اچي لطيف جي ساهن ۾ ٺڪاڻو ٺاهيو هو! منصور حلاج جي شهادت هر دؤر ۾ جي باشعور انسان جي دل ۽ ذهن کي متاثر ڪيو آهي. صديون گذرڻ کان پوءِ به منصور جي محبوب فلسفي، ۽ عشق کي موت اچي ناهي سگھيو. هر دؤر منصور تي نئين انسان قلم کنيو آهي. يورپ کي به منصور جي شهادت ۽ فلسفي متوجھه ڪيو آهي. يورپ ۾ به منصور حلاج تي ڪيئي ڪتاب لکيا ويا آهن. پاڪستان ۾ منصور حلاج جي زندگيءَ تي لکيل جميلا هاشمي جي ناول ”دشت سوس“ کي وڏي پزيرائي ملي آهي. اسان جي عظيم شاعر بابا ڀٽائي کي به منصور حلاج سان وڏي عقيدت هئي. پاڻ ڄڻ ته منصوريءَ فڪر کي ئي رهنما بڻائي شاعري ڪئي هئي. لطيف اهو نعرو ته ناهي هنيو، جيڪو منصور هنيو هو. پر لطيف منصور جي فڪر سان وڏي محبت ظاهر ڪئي آهي. ان حقيقت م ڪوبه ٻيو رايو ناهي ته لطيف جي تصوف ۾ منصور جي رَت جي مهڪ پڌري آهي. لطيف پنهنجي دلي محبت منصور حلاج سان واڳي پکين جي پرواز جھڙا اجرا بيت تخليق ڪيا آهن. اهي عشق آهن.
    سسئي آبري سُر جيڪو اصل ۾ سسئي جي سُورن ۽ اگھاڙن پيرن جي درد جو سُر آهي، اُن جي به هڪ بيت ۾منصور حلاج جي شهادت واري نظاري کي ڪمال جي درجي تي کڻي اچي جھنڊي وانگي جھُومايو آهي. اهو ئي مفهوم چٽو ڪيو ويو آهي، جيڪو منصور حلاج جي شهادت جو مظهر آهي.
    ڀَڄي جان ڀنڀور کان، ڏونگر ڏوريو مون،
    ڪاهي رسيس ڪيچ کي، جتي پاڻ پُنهون،
    سڀت آهئين تون، قضا ڪندينءِ ڪِن سين!
    هِيءُ آخري صدا آهي! ڪهڙن جي خلاف منصور جيان موت جي فتويٰ ڏيندينءَ! هِي حق موجود نعري جو پڙاڏو آهي. جيڪو صدين کان گونجي پيو! لطيف جي وحدت الوجودي رنگ کي سچ ته سون جو رنگ چڙهيل آهي. اُن مان جڏهن منصور جو ذڪر گونجي ٿو ته ڄڻ ڪيئي پڙاڏا اِهو چوندي، ٻڌڻ ۾ اچن ٿا ته،
    سَڀت پچار پرينءَ جي، سَڀت هوت حُضور،
    ملڪ مڙيو ئي منصور، ڪُهي ڪُهندين ڪيترا!
    ”سڀني هنڌن تي محبوب جو ذڪر جاري آهي، ۽ هر جاءِ محبوب موجود آهي. سارو جھان منصور آهي، تون ڪيترا ڪُهي، ڪيترا ڪُهندين!؟“ لطيف انهن منصورن ۾ شامل آهي. هو جاهلن سان باغياڻي ٻوليءَ ۾ ڳالهائي چٽو ٿو ڪري ته منصور مرڻو ناهي! منصور نظريو آهي! منصور تحريڪ آهي. اهو منصور لکين انسانن ۾ داخل ٿي ويو آهي. تنهنجي ڪاتيءَ ڪيترن منصورن جون سِسيون وڍيندي. منصور هڪ ناهي، منصور لکين آهن. منصورن جو ختم ٿيڻ ممڪن ئي ناهي! تون جاهل ڪجھه به نٿو ڪري سگھين. تون شڪست کائي چُڪو آهين!
    جَر ٿَر تِک تنوار، وڻ ٽِڻ وائي هيڪڙي،
    سڀيئي شيءَ ٿيا، سُوريءَ سزاوار،
    همه منصور هزار، ڪهڙا چاڙهيو چاڙهئين!
    ”پاڻي توڙي ڌرتيءَ تي هر هنڌ اها ئي پُر جوش تنوار پيئي ٻُڌجي ۽ وڻ ٽڻ ۾ اها وائي پيئي سُڻجي ته، ”مان حق آهيان!“ سڀيئي شيون انهيءَ حساب جون آهن، موت جي سزا جي لائق آهن! (جيئن منصور حلاج سان ٿيو) هزارين بلڪ مڙيئي شيون منصور آهن! ڪنهن کي ڦاسيءَ تي چاڙهي، ڪنهن کي چاڙهيندين؟” لطيف جو صوفياڻو فڪر منصور جو دوست آهي. لطيف، منصور جي فلسفي ۽ رَت کي پنهنجي هينئين تي رکيو آهي. لطيف ان روايت جو حامي آهي ته جاهلن کي زوردار جواب ڏيڻ حق جي حمايت جو اعليٰ رستو آهي. اها صدا جيڪا منصور جي عشق مان اُڀري هئي. اُها لطيف جي دل جي ڇانءُ ۾ اچي آرامي ٿي هئي. لطيف منصور جي خوشبوءِ کي پنهنجي تصوف ۽ فلسفي ۾ تڙڪرائڻ کي صوفي روايت ڄاتو آهي. ان جو محبوباڻو مثال سُر ڪلياڻ ۾ آيل شاندار فڪر آهي.
    سِر ڍونڍيان، ڌڙ نه لهان، ڌڙ ڍونڍيان سِر ناههِ،
    هٿ ڪرايون آڱريون، ويا ڪپجي ڪانهه،
    وحدت جي وهانءُ، جي ويا سي وڍيا!
    وحدت سان رشتو جوڙڻ سولو ڪم ناهي. منصور جي دوست شبلي جيڪو منصور جي شهادت جو نظارو جڳ کي ٻڌايو، لطيف ان سچ کي مستند حوالو بڻائي ڇڏيو آهي. سِر ڳولجي ٿو ته، ڌڙ هٿ نٿو اچي! ڌڙ کي ڳولجي ٿو ته سِر نٿو ملي. پير، ٻانهون آڱريون سڀ ڪپجي الاءِ ڪيڏانهن ويون آهن. هي سڀ عشق جو معجزو آهي! لطيف وحدت الوجودي فلسفي جي آرسي آڻي سامهون رکي آهي.
    اسان جا ڪجھه سنڌي محقق بزرگ مٿئين بيت کي ”بودلي بهار“ جي ڪُسجڻ واري واقعي جو بنياد ڄاڻائين ٿا. جنهن کي انود ڪاسائي ٻوٽيون ٻوٽيون ڪري، سندس گوشت شهر ۾ وڪرو ڪيو هو! ائين به ٿِي سگھي ٿو، پر منهنجو خيال وري به منصور واري واقعي سان هِن بيت کي جوڙي ٿو. هتي اهو به چوندس ته اهو منظر جيڪو ابوالحسن تاريخ کي درج ڪرايو آهي، لطيف اهو ئي منظر هيٺئين بيت ۾ سنڌ جي ادبي تاريخ جي نرڙ تي لکي ڇڏيو آهي.
    پاٻوهيو پُڇن، ڪٿي هٿ حبيب جو،
    نيزي هيٺيان نينهن جي، پاسي پاڻ نه ڪن،
    عاشق اجل سامهون، اوچي ڳاٽ اچن!
    ڪُسڻ قرب جن، مرڻ تِن مشاهدو!
    منصور جو شهادت قبول ڪرڻ، منصور لاءِ هڪ مشاهدو هو. اُهو عشق لاءِ آٿت هو! لطيف ڄڻ ته منصور جي دل ۾ موجود هو. منصور جو پل پل لطيف کي پيارو هو.
    سُوريءَ آهي سينگار، اڳهين عاشقن جو،
    مڙڻ موٽڻ ميهڻو، ٿيا نظاري نروار،
    ڪُسڻ جو قرار، اصل عاشقن کي.
    سوريءَ حق تي هلندڙ انسان جو ڏيج آهي. هيستائين دنيا ۾ ائين ئي ته ٿيو آهي، جو پروميٿيوس جي انسانن سان عشق کان وٺي عظيم سائنسدان برونو کي باهه ڏئي ساڙڻ تائين هر حق پسند انسان کي ڪوڙ جي ڪاڻيارن ٺيڪيدارن ائين ئي سزاوار بڻايو آهي.
    اها سُوري مُنڍ کان ئي حق پرستن جي عشق جو مُلهه رهي آهي، پر دنيا کي خبر آهي ته حق ۽ سچ موٽڻ کي مهڻو تصور ڪندا آهن. جن جو انجام ئي سِر ڏيڻ هجي، تن کي هِي جهالتون پاليندڙ ڪري به ڇا ٿا سگھن؟ سُوريءَ کان ئي ته عاشقن جا سفر اصل ۾ شروع ٿين ٿا. ڀلا درياهه جي پاڻيءَ کي ماڪوڙيءَ جو چڪ ڪندو به ڇا؟
    اگھي اگھائي، رنج پريان کي رَسيو،
    چکيم چڱائي، سورانگھي سُوريءَ تان.
    منصور جو، لطيف جي لفظن ۾ اهو نظريو پڌرو ٿو ٿئي ته، ”مون سُوريءَ تي چڙهي سچي عشق جو مزو ماڻيو آهي. ان نقطي کي اڃان وڌيڪ چٽو ڪندي لطيف هينئن به چوي ٿو ته:
    سُوريءَ مٿي سيڻ، ڪهڙي ليکي سزا.
    جيله لڳا نيڻ، سُوريائي سيڄ ٿِي.
    ”عاشق سُوري تي ڪهڙي ڪارڻ خوش ٿا ڏسجن!؟ جنهن صورت ۾ سندن نيڻ پرينءَ جي نيڻن سان اڙيا آهن، تنهن صورت ۾ ڦاسي ئي هنن لاءِ سيج ٿي پئي آهي!“ هر خوف هر و هم کي هر جبر کي شڪست ڏئي لتاڙي، امتحان جي باهه مان اُڪري وڃڻ، لطيف جي نظر ۾ عظيم نظريو آهي. اهو لازوال عشق آهي، جيڪو سوريءَ کي خود معنيٰ ڏئي وڃي ٿو. لطيف انسانيت ۽ محبت جي بقا کي آدرش ليکي ٿو. انهن شين لاءِ وجود وڃائڻ معمولي ڳالهه آهي. منصور جي عشق ۾ چوٽيءَ کان ننهن تائين لطيف رڱيل آهي. تڏهن ئي ته ائين چوي ٿو: ”تنهنجو سِر سُوريءَ تي هجي، ڌڙ بُرجن تي، تڏهن به متان ڪُڇيو آهين!“ لطيف پنهنجو دلربا فڪر خوشبوءِ ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو ڪنهن کي به مُنجھائي نٿو، پر هٻڪاري ڇڏي ٿو. منصور حلاج ڪُسڻ مان قرار ماڻيو هو. شاهه عنايت به عشق کي نرڙ تي چميءَ ڏئي چين پاتو هو. اها ئي عشق جي منزل هئي. پراڻي روايت هئي. اها منزل هنن سمورن عاشقن کي معلوم هئي. پوءِ به هنن عاشقن جي چپن تي محبوبا کي ماڻڻ جھڙي مرڪ هئي! اُها مُرڪ تاريخ آهي! اُها مرڪ تاريخ جو سچ آهي. شمس تبريز به انهن عاشقن جي جوڙ جو جوڌو هو. پنهنجي وقت جي سچ جو سج هو! انڌن کي اهو به قبول ڪونه پيو هو! هُن ڄڻ رات جي چٻرن جي اکين ۾ مرچ ٿي وِڌا! چٻرا باهوڙجي پيا هئا. هن جي کل لاهي ڇڏيائون! پر هُو نه جھڪيو هو! جھُڪڻ ته ڪڏهن عشق جو منشور ئي ناهي رهيو. اهو ڪير چرٻٽن کي ڀلاٻڌائي! اُهي جاهل پاڻ کي سماج جا پڳدار ۽ ٺيڪيدار تصور ڪندا هئا، جن هنن عاشقن جا امتحان ورتا هئا. انهن عاشقن جو عظيم رت مرڳو تاريخ کي ئي حيران ڪري ويو آهي. اهڙن جاهلن کي لطيف شاهڪار ورندي ڏني آهي.
    انڌا اونڌا ويڄ، کل ڪڄاڙيا کانئيين،
    اسان ڏکي ڏيل ۾، تون پيارين پيڄ،
    سُوري جِنين سيڄ، مرڻ تن مشاهدو.
    ”اي انڌا، اونڌا ويڄ! اُونڌيءَ سمجھه وارا طبيب تون ڇا لاءِ ٿو مون کي ڏنڀ ڏيئي منهنجي کل ٿو ساڙين! اسان جسم ۾ اڌورا، تن کي تون ويٺو دوائون پيارين! ياد رک! جن لاءِ سُوريءَ سيج ۽ سڪون آهي، تن لاءِ مرڻ محبوب جو مشاهدو ماڻڻ آهي. انهن جا حوصلا آسمان وانگي بلند آهن!“ سچ اهو آهي ته لطيف صوفي ازم کي عشق جي امانت سمجهيو آهي. پاڻ صوفي ازم جو عاشق هو. اهو عشق ان ڪري به هو جو لطيف صوفي ازم ۾ انسانيت کي ڳولي لڌو هو. لطيف صوفيت جي ڦهلاءُ کي انسانيت سان عشق تصور ڪيو آهي. اهو عظيم عشق جيڪو عظيم صوفين، ابن عربي، امام غزالي، رومي، شمس تبريز، منصور حلاج، ۽ شاهه عنايت وٽان لطيف کي امانت طور ورثي ۾ مليو هو.


    لطيف جي شاعريءَ ۾ پتنگن جو فلسفو

    باهه دنيا جي ترقي ۽ قديم مذهبي حقيقت آهي. جنهن سان انسان شعوري يا لاشعوري طور واڳيل رهيو آهي. باهه جي ڀنڀٽ تي پتنگن جو اچي مِڙڻ ۽ پاڻ کي ساڙي مارڻ وارو شاعراڻو فلسفو دنيا جي شاعريءَ ۾ ڪافي پراڻو آهي. ميڻ بتي يا ڏيئي تي پتنگن جو بي اختيار ٿي اچي آپگھات ڪرڻ يا پاڻ کي فنا ڪرڻ وارو جذباتيءَ ۽ انوکو فڪر اسان کي پوري شدت سان ايراني شاعريءَ ۾ منظم روايت طور ملي ٿو. اوڀر جي باهه متعلق فلسفي کي اِها جدت زرتشت جي فڪري پوئلڳن ڏني. ”600 ق م دوران ايران ۾ زرتشت مذهب جو بنياد پيو هو.“
    باهه جي پوجا اوڀر مان اُڀري يونان ۽ ايران ۾ پاڻ کي منظم نظريي ۾ مضبوط ڪيو هو. ايران ۾ باهه جي رکوالي ۽ پوجا جا مندر قائم ٿيا هئا. اتي انا هيتا جي ديوي باهه جي علامتي ديوي هئي. ايئن زرتشت مذهب باهه جي پوڄارين جو مرڪز بڻجي ويو. اوڀر جو ئي نظريو يونان تائين پهتو هو. يونان جي ڏند ڪٿائن ۾ پروميٿيوس ديوتا جي بغاوت جي روپ ۾ باهه جو نظريو پکڙيو هو. ”پروميٿيوس کي دنيا جي قديم باغي ۽ سياسي قيديءَ جي حيثيت حاصل ٿي وئي.
    يونان جي هاريءَ شاعر هيسيڊ، پروميٿيوس جو قصو لکيو هو. يونانين جي خدا زيوس جي پروميٿيوس حڪم عدولي ڪئي هئي! پرو ميٿيوس انسانن جو محسن ۽ دوست هو، هُن جو قصور اهو هو ته هن انسانن کي علم ۽ فن سيکاريا ۽ باهه جي استعمال کان آگاهه ڪيو.“
    باهه تي پتنگ جي اچي پاڻ ساڙڻ وارو شاعراڻو فڪر ايران ۾ ايترو ته مقبول ۽ منظم روايت ٿيو، جو اڳتي هلي تصوف ۾ به شامل ٿي ويو. مجوسي شاعرن هِن روايت کي عروج تي پهچائي ڇڏيو. ڪنهن مجوسي شاعر تصوف جي حسناڪيءَ ۾ ائين به چيو ته، ”پرواني کي اها پرواهه ناهي ته ڏيئو مندر جو آهي يا مسجد جو آهي! پروانو هليو اچي ٿو!“ ايران جو اهو شاعراڻو فڪر ٻي دنيا ڏي به سِرڪي ويو هو، فارسيءَ شاعريءَ جا اثرات جتي به پهتا، اتي جي ٻولين جي شاعريءَ ۾ اهو پتنگن وارو فڪر داخل ٿي ويو! اصل ۾ باهه ۾ سڙڻ، باهه ڏي بي اختيار ٿي اچڻ وارو هي شاعراڻو فلسفو عشق جي جنون جي علامت آهي. اها عاشقيءَ جي انتها آهي. عشق خود باهه ۽ وجد آهي، جنون آهي! جان جي بازيءَ لڳائڻ جي روايت ته هونئن ئي عشق جي حصي ۾ آئي آهي. اهو ته ڄڻ عشق جو ورثو آهي. باهه رڳو شاعراڻي فلاسافي ناهي، باهه مذهبي روايت به آهي. باهه سائنسي سچ به آهي. پروميٿيوس جي انسانن کي امانت ڪري ڏنل باهه اڄ سڄي دنيا جو سرمايو بڻيل آهي. باهه تي پتنگن جي پچڻ وارو خيال اڄ به شاعري جي دنيا ۾ موجود آهي. ايران جيان ئي سج جي سر زمين سنڌ ۾ به پتنگن وارو شاعراڻو فڪر شاعراڻي روايت بڻيل رهيو آهي. ان جو سبب به اهو ئي آهي ته هتي قبضي خورن جي فارسي زبان وڏو عرصو موجود رهي آهي. هاڻ به اهو فڪر شاعرن وٽ موجود آهي. ڇو جو اهو نفسيات جو حصو ٿِي چڪو آهي.
    اسان جي لطيف سُر ڪلياڻ ۾ باهه تي اچي پاڻ کي فنا ڪندڙ معصوم عاشق پتنگن جو بيحد دلربائي ۽ ڪومل شاعراڻي حُسن سان علامتي ذڪر ڪيو آهي. لطيف صرف پرائي شاعراڻي پيروي ناهي ڪئي. لطيف پنهنجي ڌرتيءَ جي انسان عاشقن جي عشق کي پتنگن جي علامت ۾ پيش ڪري تاريخ کي شاعريءَ جو حصو بڻايو آهي. لطيف فطرت مان تاريخ کي اڀاريو آهي. اها لطيف جي شاعراڻي جدت آهي. فلسفياڻي نواڻ آهي. لطيف جيڪي به پتنگن بابت بيت رچيا آهن، آئون ذاتي طور انهن کي سنڌ جي ان تاريخي واقعي جو پس منظر ليکيان ٿو، جيڪو جھوڪ ۾ پيدا ٿيل واقعو هو. لطيف هي بيت جھوڪ جي غازي شاهه عنايت شهيد جي شهادت جي پس منظر ۾ چيا آهن.

    پُڇ پتنگن کي، سنديون کامڻ خبرون،
    آڻيو وجھن آڳ ۾، جِيءُ پنهنجو جي،
    ڄيري جنين کي، لڳا نيزا نينهن جا!
    هِي عشق جيڪو پتنگ جو روپ اختيار ڪري باهه جي سامهون ٿيو. اهو وطن جو عشق هو. وطن جي ماڻهن جي عزت، ۽ آجپي جي بحالي جو عشق هو، ٻيو ڪجهه نه هو.
    ٻارهين صديءَ هجري جي مصيبت هيٺ آيل سنڌ ۾لطيف نوجوان هو. ڳل ياقوت جھڙا هئس. نگاهن ۾ درياهه جي پکين جھڙا نياپا هئس. ڪنواريءَ چيچ هٿان دل کي ڪهائي موٽيو هو! وطن تي پرڏيهين جي جُتين جو وزن پيل هو. هاريءَ لباس جي نالي ۾ اڳڙيون ۽ ليڙون ٿيل اوڇڻ ۾ اُس ۾ پئي سڙيا! ان وقت سنڌ جي ڳچيءَ ۾ مغلن جي غلاميءَ جو مضبوط ڳٽ پيل هو. مغلن جا صوبيدار سنڌ جا ڌڻي بڻيل هئا. انهن جي ڪمدارن سنڌ جي سينڌ جو وار وار پئي حوسي هٿن سان پَٽيو ! سنڌ جا پورهيت مفلسيءَ جي زخمن سان چُور چُور هئا. اهڙين استحصالي حالتن ۾ سنڌين کي ذلت جي اونداهيءَ مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ دنيا جي سنڌ جي پهرين عظيم سوشلسٽ صوفي شاهه عنايت الله جھوڪ مان آواز بلند ڪيو. ان صدا کي عجيب سرڪشيءَ به هئي ته وجدان به هو . پتنگ ٿي وڃڻ جو پيغام به هو. هُن سنڌ ۾ ”جو کيڙي سو کائي“ جو نعرو نروار ڪيو هو. اها سماجي ٺيڪيدارن ۽ غاصبن جي نظر ۾ وڏي بغاوت هئي! سنڌ جي عاشقن جي نظر ۾ اها آزاديءَ جي جنگ هئي. زنگيل زنجيرون ٽوڙڻ جي ڳالهه هئي. شاهه عنايت جي ان تحريڪ نه رڳو سنڌ جي وارثن کي گھاٽي ننڊ مان جاڳايو، پر عمل جي ڳاڙهيءَ باهه جي ميدان ۾ به آڻي بيهاريو! زميندارن خلاف هِن عوامي بغاوت جاگيردارن جون مَتيون ئي منجھائي ڇڏيون. هڪ اهڙو نئون ٿرٿلو طوفان بڻجي اڀريو جو انهن پنهنجا تختا اکڙجندي محسوس ڪيا. هاريءَ ۽ پورهيت مختلف جاين تان لڏي جھوڪ ۾ اچي شاهه عنايت الله جي ڇانءُ ۾ آباد ٿيڻ شروع ٿي ويا. اُها محبت جي نئين نگريءَ هئي. جاگيردارن خطري کي محسوس ڪري ورتو. ان ڪري اچي مغل بادشاهه فرخ سير جا ڪن ڀريائون ته صوفي شاهه عنايت اوهان جي حڪومت جي خلاف ماڻهن کي بغاوت لاءِ پيو تيار ڪري. چيائون: شاهه عنايت اصل ۾ سنڌ کي آزاد ڪرائي، پاڻ سلطان ٿو بڻجڻ چاهي! زوال پذير بادشاهه انهن سازشين جي چُرچ تي لڳي، جھوڪ جي مرڪز کي تباهه ڪرڻ جو پروانو جاري ڪري ئي ڇڏيو. مذهبي فتويٰ باز هميشه جيڪو ڪم ڪندا آيا آهن. هتي به انهن پنهنجي پراڻي ريت نڀائي. فتوائون اصل ۾ عوام کي تقسيم ڪرڻ جي سازش هيون. سِبيءَ اتر سنڌ، لاڙ جي سڀني جاگيردارن ۽ زميندارن جو وڏو ڪٽڪ اعظم خان جي ڪمان هيٺ جھوڪ تي ڪاهي آيو هو. ميرانپور ۾ شاهه عنايت جي محبت جي ڇانءُ هيٺ رهندڙ پورهيتن به پنهنجي ۽ ڌرتيءَ جي بقا لاءِ سندرا ٻڌي ڇڏيا هئا. اها باهه جيڪا حرامخورن ۽ جاگيردارن مغلن جي چاپلوسي جي گاسليٽ سان ٻاري هئي. شاهه عنايت جا هيءُ ساٿي سرويچ پتنگا ان باهه ۾ سڙڻ لاءِ آتا ۽ تيار هئا.
    پَتنگن پهه ڪيو، مڙيا مَٿي مَچ،
    پسي لَهس نه لِچيا، سڙيا مٿي مَچ،
    سندا ڳچين ڳچ، ويچارن وڃائيا!
    صوفي شاهه عنايت خوددار انقلابي صوفي هو. هُن وٽ مصلحت پسنديءَ جو تصور ئي نه هو. ”اعظم خان هِن فساد کان اڳ شاهه عنايت سان ملڻ لاءِ ڪهي آيو هو. هُن جنگ کان اڳي شاهه عنايت جو مزاج پرکڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي. حڪومتي غاصباڻو دٻاءُ ٿي وجھڻ چاهيو. مغلن جي هن صوبيدار اعظم خان کي شاهه عنايت سان ملڻ کان اڳ فقيرن روڪيو هو. ملاقات وقت اعظم خان صوفي شاهه عنايت کي فارسيءَ ۾ چيو: ”درويش جي دروازي تي درٻان سُٺا نٿا لڳن!“ شاهه عنايت مُرڪي چيو: ”ضروري آهن اهي درٻان ته جيئن دنيا جو ڪو ڪُتو اندر اچي نه سگھي!“ شاهه عنايت جي سوچ پڌري هئي. هُن وٽ هارين جي رَت تي ڪوبه سمجھوتو نه هو! استحصالي قوتن نيٺ ميرانپور تي حملو ڪري ئي ڇڏيو! جڏهن هو کٽي نه سگھيا ته صلح جي بهاني صوفي شاهه عنايت کي گھرائي ڳالهيون ڪرڻ بجاءِ شهيد ڪري ڇڏيائون. هو عظيم انسان جيڪو هنن جي سڏائڻ ۽ قرآن شريف وچ ۾ آڻي نبيرو ڪرڻ جي واعدي ۽ معاهدي تحت آيو هو، ان کي رت ۾ وهنجاري ڇڏيائون! اها تاريخي رهزني هئي! پورهيتن جي ميرانپور واري آشرم کي تباهه ڪيو ويو. هزارين پروانا هن جنگ جي باهه ۾ پنهنجا سِر گھوري سرخرو ٿي ويا. سنڌ ۾ آيل هن نئين انقلاب جو اهڙي ريت رستو روڪيو ويو، جو سنڌ صدين تائين غلاميءَ جي ڇپ هيٺ دٻجي وئي! اهو سوشلسٽ نظام جنهن جي ڪري سنڌ جي سر زمين ڳاٽ کنيو هو. اُهو ڳاٽ اُڀو ڏسي بابا ڀٽائي چيو هو:
    سڄڻ سانوڻ مينهن جيئن، جھُڻڪن پاسي جھوڪ،
    ڏيندا پاهه پَٽن کي، منجهان مينهَن موڪ،
    لَس پيارين لوڪ، آگم ڪيو اکين سين!
    اُن آباد زرخيز سنڌ جا خواب ڏسندڙ ماروئڙن جا لاش ميرنپور ۾ پکڙيا پيا هئا. انهن محبوبن جا تلوارن جي ڌڪن سان وڍيل زخم زخم سينا سنڌ ماءُ کي پنهنجو رت پياري رهيا هئا. ميرانپور قبرستان ۾ تبديل ٿي ويو هو. فصلن کي باهه ڀيلي وئي هئي. جھوپا ڦلهيار جي تصوير ٿي چڪا هئا. ڀٽائي کي شاهه عنايت سان روحاني محبت هئي. ٻنهيءَ جا پاڻ ۾ قرب هئا. هن واقعي جا شاهه لطيف تي اڻ مٽ اثر پيا هئا.
    ان ڪري هن تاريخي دردناڪ واقعي کي لطيف پتنگن جي روپ ۾ پيش ڪيو آهي. هِتي هڪ ٻي حقيقت به تاريخي طور هڪ ضد بڻجي اڀري آهي. اُهو نظر انداز ڪرڻ جھڙو ئي ناهي. فارسي ٻوليءَ مان پتنگ اُڏريا ۽ اُڀريا هئا. فارسي جي مورچي مان سنڌ تي ۽ سنڌي ٻوليءَ تي حملو ٿيو هو. فارسيءَ ڳالهائڻ وارن ارڙهين صديءَ ۾ رومانوي پتنگ جو ذڪر پئي سنڌ ۾ ڪيو، لطيف جو اهو اهم ڪارنامو آهي جو هُن سنڌي ٻوليءَ ۾ سنڌي قوم دوست شهيدن کي پتنگ جي روپ ۾ پيش ڪري فارسيءَ وارن کي شاندار جواب ڏنو هو: ”تنهنجو ئي توکي لڳي“ وارو اهو عملي مثال لطيف پيش ڪري ڏيکاريو هو.
    ويهين صديءَ جي داغستاني ليکڪ رسول حمزا توف پنهنجي ڪتاب: ”داغستان منهنجو ديس“ ۾ لکيو آهي، ”شاعر ۽ اديب قومي باهه جا رکوالا آهن، اُها باهه ڪڏهن به وسامڻ نه ڏيندا آهن!“ ٽي صديون اڳ لطيف ان باهه جي رکوالي ڪئي هئي. لطيف اُن باهه جي مالڪي ۽ عاشقيءَ لاءِ پتنگن جو ذڪر ڪيو هو. اها باهه سنڌ جي تاريخ جي به باهه آهي!
    پتنگ چائين پاڻ کي، پَسي مَچ مَ موٽ،
    سُهائي سُپرين جي، گھِڙ ته ٿئين گهوٽ،
    اڃان تون اروٽ، کُوري خَبر نه لهين.
    لطيف جي پتنگن جي پس منظر ۾ ڪيل شاعريءَ پڙهي، پارسي شاعريءَ جي هِي سِٽ دل تي تري ٿي اچي ته:
    “پروانو اهو نٿو ڏسي ته هي چراغ مسجد جو آهي، يا مندر جو آهي!”
    هتي مٿي ذڪر ڪيل بادشاهه فرخ سير جنهن شاهه عنايت جي تحريڪ کي ڪچلڻ جو پروانو جاري ڪيو هو. ان فرخ سير جي ڏاڍ جو اهو ڪارنامو لکڻ ضروري ٿو سمجھان ته: ڪتاب نويدِ فڪر ۾ سبط حسن لکي ٿو: ”فرخ سير اردو شاعر جعفر زٽلي کي هڪ شعر لکڻ تي قتل ڪيو.
    اهو شعر هي هو:
    مڇر مار بادشاهه فرخ سير،
    ڪڻڪ، دال، ۽ مٽر تي پنهنجي مُهر
    لڳائي ڇڏي آهي!“
    اِن واقعي مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ ڪهڙن ماڻهن جي قبضي هيٺ هئي!


    سنڌ، پاڻي ۽ لطيف جي شاعري

    سنڌ، دنيا جي عظيم ستن درياهن مان هڪ عظيم درياهه جي سرزمين رهي آهي. قديم زماني ۾ سنڌ کي ڪنواريءَ ڌرتيءَ به سڏيو ويو آهي. تاريخ ۾ سنڌين کي پڻي لوڪ يعني پاڻي جا ماڻهو به چيو ويو آهي. قديم سنڌي قبيلي ”پڻي“ ۾ موجود دؤر جا ملاح، مير بحر، ماڇي شامل آهن. قديم عراقين (سميرين) سنڌ کي جنت به سڏيو آهي. سنڌ کي سدا سهاڳڻ ڌرتيءَ رکندڙ عظيم سنڌوءَ درياهه جي وجد ۽ اهميت کي هزارين سال اڳ رڳ ويد ۾ ڪنهن رشيءَ هنن لفظن سان ساراهيو آهي:
    ”اي اجھل اڻ موٽ سنڌوءَ!
    ٻل واري سگھاري سنڌوءَ،
    ڏيهَن ۽ ميدانن مان اپار پاڻيءَ جا ڦهلاءُ کڻي،
    جَرڪندي، ڪڙڪاٽ ڪندي، وهندي رهي ٿِي.
    جھڙي ابلق گھوڙِي!
    سُونهاري ۽ سوڀياوان سِنڌو،
    ڀلن گھوڙن ۾ شاهوڪار آهي.
    ۽ شاهوڪار آهي، رَٿن ۽ ويس وڳن ۾،
    سُهڻي ڳُوڙهي سون ۾ شاهوڪار،
    اَڻ مَئي مايا جي مالڪ،
    هتان جا گل نيڻ ٺار ۽ سونهن وارا آهن،
    اُن اهڙي جو ويٺو ڏس،
    اُن جي پاڻي جو ميٺاج نه پُڇ!“
    _
    ”سُون ورني سُرهي سِنڌو،
    سدا گجندڙ، ڌوڪيندڙ، ڀڄندڙ، ڊڪندڙ،
    وهندڙ تار ٿِي وڃي،
    اگھاڙي سمنڊ ۾ ڪرندڙ سِنڌو.
    سٻاجھن ۽ سائين سنوارين سنڌين کي،
    هميشه نون زمانن جي سوغات ڏيندي رهي آهي.“

    ان عظيم وطن سنڌ ۾ لطيف جو جنم 1689ع ۾ ٿيو. اهو ڪلهوڙن جي اقتدار جو شروعاتي زمانو هو. محققن سنڌ کي سمنڊ مان پيدا ٿيندڙ ڌرتيءَ سڏيو آهي. سنڌيءَ قوم ۽ سنڌ جي تهذيب جي اُسرڻ، وڌڻ، ترقيءَ ڪرڻ جو بنيادي عنصر پاڻي رهيو آهي. سنڌ جي تهذيب پاڻي جي ويجھو رهي اُسري ۽ نروار ٿي آهي. سنڌوءَ درياهه جي ڪنارن ۽ سنڌي سمنڊ جي ڪنٺ تي ئي وسنديون ۽ وڏا شهر جُڙيا، جيڪي سڄي دنيا سان ڳنڍيل رهيا.
    سنڌين پاڻي رستي ڪاروبار ڪيو. پاڻي ئي سنڌ جي زراعت کي زندگي ڏني. ان پاڻي تي سڀ کان پهرين ڪڻڪ اُسري، ڦٽيون ڦاٽيون ته سنڌين دنيا ۾ پهريون ڀيرو ڪپڙي کي پڌرو ڪيو. اهو ڪپڙو اوگھڙ جو پردو ٿيو، جيڪو ”سُندس“ سڏجي مصر جي راڻين ۽ شهزادين جي نازڪ جسمن جو حُسن بڻيو! مرڻ کان پوءِ به مصري بادشاهن جي ممين جو ڪفن به سنڌ جو اهو ڪپڙو بڻيو! سڄي سنڌ اندر پاڻي فطري وهڪرن جي صورت ۾ رڳون بڻجي پئي ڊوڙيو. جتي ڪٿي پتڻ ۽ بندر آباد هئا. بخميليءَ پاڻي تي ٻيڙيون پئي تريون! ڪٿي هاڪڙو هو، ڪٿي پراڻ هئي، ڪٿي پٽيهل هو، ڪٿي ديبل بندر هو، ڪٿي لاهري بندر هو، ڪٿي پاري نگر هو، ڪٿي شاهبندر هو. ڪٿي ڪلاچيءَ جو ڪُن هو، ڪٿي کارو ڇاڻ هو! ڪٿي ڍورا پئي ڊوڙيا، ڪٿي ، ڍنڍون پئي ٻهڪيون! زندگيءَ جاڳيل هئي. اکيون اوجاڳيل هيون! پاڻي مٺو به هو، پاڻي کارو به هو، پوءِ به هر صورت ۾ پاڻي پيارو هو. هن پاڻي تي پلجندڙ انسانن وٽ سازشون ۽ هٿيار ٺاهڻ جيتري به واندڪائي ڪانه هئي. هنن هڪٻئي جو اجايو رت وهائڻ انساني ڏوهه ٿي سمجھيو. هنن پهرين ٻهراڙيون آباد ڪيون، پوءِ دنيا جا ست وڏا شهر شاهڪار ڪاريگريءَ سان جوڙي ورتا هئا. هِي انسان سازن، آلاپن، بانسرين، بوڻينڊن ۽ حسين رقص کي ايجاد ڪري چڪا هئا. ۽ پوءِ آريا آيا، سنڌ جي زندگيءَ کي ماڪوڙن وانگي وڪوڙي ويا. تهذيب جا ترا ڪڍي ڇڏيائون!اُهي برف جي سيءَ جا ستايل هئا، ڳورين ۽ باهه جي رنگت جھڙين آرياڻين جي ڳلن تي ان وقت ڳاڙهاڻ ٻهڪي پئي هئي، جڏهن انهن سنڌ جھڙي جنت کي اکين سامهون ڏٺو هو. انهن ڪڻڪ جي فصلن کي سونگھي محسوس ڪيو ته هِي ڪنواريءَ ڌرتي جو سچ آهي! اهي زمينون ڦٻائڻ لاءِ رت وهائڻ ضروري هو. جيڪو آرين بنا هٻڪ جي هر هنڌ هاري ئي ڇڏيو. نئون سئو سال هنن جي لوهه جي هٿيارن دراوڙن جي سينن ۾ سوراخ ڪندي گذاري ڇڏيا! پوءِ هنن درياهه شاهه جي ڪنارن تي ويهي رگويد کي مڪمل ڪيو! رگويد جا ڏهه منڊل پنج سئو سالن تائين لکبا رهيا. آريا سنڌوءَ درياهه تي ايترا ته ديوانا ٿيا جو ان کي مقدس سڏڻ لڳا. سنڌوءَ درياهه جي گجگوڙ کي ڍڳي جي رنڀ سان تشبيهه ڏنائون! وقت پاڻي جيان وهندو رهيو، پوءِ سنڌ ڏي سڪندراعظم ڪاهي آيو. پاڻي ۾ ايڏي دهشت هئي، جو سڪندر به سوچيو ته اٻهرائي ۾ سنڌ کي لٽڻ کان اڳ ۾ ئي پاڻي خود ڪشي ثابت ٿي ويندو! بهتر اهو آهي ته زميني رستو ڳولجي. پوءِ بولان کان اچي سنڌ جي شهر ملتان کي گھيريو هئائين! پاڻي جي آس پاس رهندڙ ملاحن جي ڪُتن ڌاريائپ جي بُوءِ سان ويڙهه ڪئي هئي. سريلنڪا مان عربن جي ڀٽڪيل ٻيڙين کي سنڌ جي ماڇين لٽيو ته اهڙي دانهن وار ڇوڙي هڪ عرب عورت حجاج بن يوسف کي ڏني نتيجي ۾ 711هه ۾ عرب سنڌ تي وڏو لشڪر وٺي ڪاهي آيا هئا. پورا ٻه مهينا سنڌو درياهه جي دهشت کي تڪيندا رهيا هئا! هلاڪو خان زمانن کان پوءِ بغداد کي لتاڙيندو، ايران جي فرار ٿيل حاڪم کي ڊوڙائيندو اچي سنڌوءَ درياهه جي مست وهڪري مٿان بيٺو هو، پاڻي جي سرڪشيءَ ڏسي سمجھي ويو ته دال ڪونه ڳرندي! واپس وڃڻ ۾ ئي بقا آهي! پورچوگيزن سنڌ جي گادي واري شهر ٺٽي تي حملو ڪري اٺ هزار ماڻهو ماريا هئا. شهر کي باهه ڏني هئي. اهو حملو به پاڻي ذريعي ٿيو هو! ان دؤر ۾ لطيف موجود هو. سنڌ جون هزارين نياڻيون اغوا ڪري کنيون ويون هيون. لطيف جو هينئون تڏهن ئي لوڻ ٿيو هو! سنڌياڻين جي نڙين جي رڙين کان لطيف غافل نه هو.
    اها دنيا کي خبر آهي ته پاڻي مان اُسرندڙ سنڌ جي تهذيب عظيم ۽ مهذب رهي آهي. اهو مقدس پاڻي پيئندڙ فردن جو به مهذب پڻو ميراث رهيو آهي. پاڻي سان واڳيل سنڌين جيترو پنهنجي پاڻي سان پيار ڪيو آهي، ايترو ئي پنهنجي مزاجن، روحانيت ۽ روايتن کي به مٺو رکيو آهي. ڪاڪي ڀيرومهل مهرچند آڏواڻي پنهنجي عظيم ڪتاب “قديم سنڌ” ۾ لکيو آهي، ”سنڌ جا مهاڻا مهذب پرست هئا، لالچ نٿي ڪيائون، اُهي ٻيڙيءَ ۾ سواريءَ ڪرڻ وارين ڪُنوارين نياڻين جو ڀاڙو وٺڻ ڪفر تصور ڪندا هئا!“
    جڳ مشهور عالم ايڇ ٽي سورلي لکي ٿو ته: ”سنڌ جي رهاڪو، پوءِ اهو اصلي هجي يا آبادڪار، ڪڏهن به فوجي ڪمال ڪونه ڏيکاريو آهي. هِن ڌرتيءَ تي ڪوبه اهڙو فاتح ڪونه ٿيو آهي، جنهن جي نالي جو ذڪر تاريخ ڪندي هجي. هتان جو ماڻهو امن پسند، محنتي، هيٺئين سنڌوءَ واري ماٿري واري خطي جي مقامي مسئلن ۾ وچڙيل رهيو آهي، ۽ هُن سنڌوءَ نديءَ ۽ اُن جي واهڙن جي ٻوڏ هيٺ آيل زرخيز پاسن پٽن تي هر هلائي پيٽ جو گذر ڪيو آهي!“
    لطيف جنهن وقت سنڌ ۾ اکيون کوليون، اُها سادڙي ۽ معصوم سنڌ هئي. سادا سٻاجھا سنڌي انيڪ مشڪلاتن ۾ ڦاٿل هئا، ڪئين يورپي پئي سنڌ ۾ گھميا. ڪئين ڳجھون سنڌ کي ويڙهي ويل هيون! ”غريب ويچارو ڏاڍي ساديءَ جُوءِ ۾ رهندو هو، درياهه جي وٽ پاسي ۾ سُڪي گاهه جون پيهون يا وري ٻنين ۾ اهڙي قسم جا پکا يا ڪکن ڪانن جا مَنهَن، جن جون چئونرن وانگي ڪنڊائتيون ڇتيون ماکيءَ جي مانارن جيان هيون. يا وري گپ گاري جون کُڏيون هيون. وڏن ڳوٺن ۾ اهڙا به ڪچا گھر هوندا هئا، جن ۾ واپاري ۽ پئسي وارا ڪاريگر ماڻهو رهندا هئا!“
    ان ئي دؤر ۾ سنڌ ۾ ٻه وڏا تاريخي واقعا ٿيا هئا، جن جو ڌرتيءَ ۽ پاڻي سان تعلق هو، هڪ اهو ته عظيم سوشلسٽ صوفي شاهه عنايت جي ذرعي سُڌاري واري تحريڪ تي راتاهو هنيو ويو هو. ٻيو اهو ته نور محمد ڪلهوڙي ڪڇ ڏي ويندڙ ڪوري نديءَ جي پاڻي کي بند ڏياري علائقي کي ڪڇ جي رڻ ۾ تبديل ڪيو هو. چون ٿا اهو تنازعو ٺڪرن جي هڪ خوبصورت ڇوڪريءَ تان ٿيو هو. نور محمد ڪلهوڙي اُن کي حاصل ڪرڻ چاهيو هو. ٺڪرن پنهنجا ٻار ٻچا عورتون ماري ويڙهه جي تياري ڪئي هئي! ڇوڪريءَ مارجي وڃڻ جي ڪري نور محمد جنگ بجاءِ ٺڪرن کي آباد ڪندڙ پاڻي ئي بند ڪرائي ڇڏيو هو!
    شاهه لطيف جي شعوري اوسر سٻاجھن ۽ سادن ماڻهن جي زندگين جي مشاهدي مان ٿي. جيئن هن جو شعور اڳتي وڌندو ويو، تيئن هُن جي جھانگين سان ويجھڙائي وڌندي وئي. پاڻي تي پلجندڙ زندگين جي مشاهدي لطيف جي شاعراڻي مزاج تي پنهنجا اڻ مِٽ اهڃاڻ چِٽي ڇڏيا. لطيف کي پاڻي سان ايترو ته پيار ٿي ويو جو هُن پاڻي سان واڳيل هر مشاهدو، هر سچ، پنهنجي شاعريءَ ۾ پلٽي ڇڏيو. لطيف جي پاڻي سان محبت سج وانگر پڌري آهي. ڀٽائي رڳو ٺلهي محبت ناهي ڏيکاري پر پاڻي جي ڦڙي ڦڙي مان زندگيءَ جي ڪنهن نه ڪنهن ڪهاڻي يا سچ کي به ڳولي اُڀاريو آهي. پاڻي جو ايڏو وڏو مشاهدو شاعريءَ جي تاريخ ۾ شايد ئي ڪنهن شاعر کي هجي. پاڻي سان پيار جو ئي اهو احساس هو جو پنهنجي سڀ کان پياري فقير کي به تمر فقير جو نالو ڏنو هئائون. تمر جو ٻوٽو وڻ صرف سمنڊ جي ئي ٻک ۾ ٿيندو آهي. ان ئي تمر هڪ ڀيري جڏهن ڀٽائي کان پڇيو ته: ”بابا سائين، شاعرن ته سڄي زمين کيڙي ڇڏي آهي، پاڻ ڇا ڪنداسين؟“ ڀٽائي مرڪي چيس: ”تمر! پاڻ هاڻ سمنڊ کيڙينداسين!“ سچ به اهو آهي ته بابا ڀٽائي شاعريءَ جي دنيا ۾ واقعي به سمنڊ کي کيڙي ڏيکاريو آهي!
    لطيف کي سُڌ هئي ته سنڌ ڇا آهي؟ لطيف کي سُڌ هئي ته سنڌ ڇا ڇا ڀوڳيو آهي؟ هُن کي خبر هئي ته سنڌ لاءِ ڪير ڪير وڙهيو ۽ ڪير ڪير ڪُٺو ويو آهي! لطيف پاڻي جي عاشقن کان واقف هو. سنڌ جي جاگرافي جي مڪمل ڄاڻ هئس! سُر سارنگ ۽ ڏهر ۾ لڳ ڀڳ سڄي سنڌ جي جاگرافي محفوظ ڪئي اٿن. سنڌ جي تاريخ کان لطيف واقف هو. ان ڪري سمنڊ کي کيڙڻ جو مطلب اهو هو ته ڌرتيءَ، انسانيت، رهڻي ڪهڻي، سرمايي جو هر نقطو، هر فڪر، هر مشاهدو امانت ڪري شاعري ذريعي قوم کي موٽائي ڏيڻو آهي. ان پس منظر ۾ لطيف پاڻي سان جڙيل هر حقيقت کي نه فقط قلمبند ڪيو آهي، پر ڄڻ پاڻي جي تاريخ کي به لکي محفوظ ڪيو آهي.
    سيوا ڪر سمنڊ جي، جِت جر وهي ٿو جال،
    سوين وهن سِير ۾، ماڻڪ موتي لال.
    جي ماسو جُڙيئي مال، ته پوڄارا پُر ٿِئين.
    لطيف پاڻي جو لطيف مشاهدڪار آهي. ”پوڙهو ۽ سمنڊ“ ناول جي جڳ مشهور ليکڪ هيمنگوي کي به ايتري سمنڊ جي خبر نه هوندي، جيتري لطيف کي هئي.
    لهرين ليکو ناهي ڪو، جت ڪپر ڪُن ڪارا،
    اڇاڙا عميق جا، اچن اوڀارا،
    اُٿي اسارا، وِير وڙهنديءَ ويسرا.
    پاڻي سان پيار ته آهي ئي سَهي، پر سُڌ اها به آهي ته پاڻي وڙهي به ٿو. پاڻي وڏي ڪُن ۾ به تبديل ٿئي ٿو. پاڻي ڪڙڪا به ڪري ٿو. پاڻي وڏا ٻيڙا به تختا تختا ڪري ڇڏي ٿو. پاڻي دوست ته آهي، پر اُن جي دشمنيءَ کي به نظر انداز ڪري نٿو سگهجي. تصوف ۾ به سجاڳي جو نظريو لطيف جو ڪمال آهي.
    بندر جان ڀَئي سُکاڻا مَ سُمهو،
    ڪپر ٿو ڪُن ڪري، جئن ماٽي مَنجھه مَهي.
    ايڏو سُور سَهي، ننڊ نه ڪجي ناکئا!
    پاڻي آس به آهي، رزق به آهي، حسرت ۽ مسرت به آهي. سامونڊين جي وڃڻ کان پوءِ ڪپرن تي جيڪا بي واس ماٺار رهي ٿي. اُها درد جي دانهن آهي! پر اها خاموشي اوچتو اچرج ۽ سرهائي ۾ ڪيئن ٿِي تبديل ٿئي! هوا ۾ ڪا هڳساڻ گھلي ٿي، ۽ ڪانگ ڪنهن نئين سُر نئين شاد ماني کي سمجھي لنوَن ٿا. محبوب موٽي آيا آهن! هاڻ راتين ۾ سرگوشيون دکنديون.
    چمڪيون چوڌار، ڌَڄُون ڌاڙيچن جون،
    ماءِ! سامونڊي آئيا، سهسين ڪري سينگار،
    اُنين جي پچار، ڪالهونڪو ڪانگ ڪري.
    لطيف سمنڊ جو دوست به آهي ته عاشق به آهي. سامونڊين جي ٻيڙن جون ڦڙڪندڙ جھنڊيون ۽ انهن جو روح به سمجھي ٿو. اِهي سلامتي جي نشاني آهن. هوا جو دلبر ڳيچ آهن.
    انهن وڻجارن جي پويان ٻريل آسائتين اکين ۾ بيقراريون آهن. ٻيڙين وانگي لڏندڙ هينئان آهن. خيريت جي خوشبوءَ لاءِ وريتڻين سمنڊ کي چانور، سڪا، گل ۽ اکا ارپيا آهن.
    اُڀيون تڙ پُوڄين، وَهُون وڻجارن جون،
    آڻيو اکا ڏِينُ، کٿوري سمنڊ کي.
    لطيف هر راز ڄاڻي ٿو، هُن ته پکين جون ڪلابازيون به پڙهي ڇڏيون آهن. سمنڊ جي مٿاڇري کان ان جي اندر تائين لطيف داخل ٿي ڏٺو آهي ته: ڇا آهي؟ لطيف کي بحر جي سِپ سِپ جي سُڌ آهي. هو سمنڊ جي رڳ رڳ تائين رسيو آهي. ان ڪري ئي پنهنجي ڌرتيءَ جي سامونڊيءَ کي بنا دير جي ٻڌائي ٿو ته:
    ڪالهه وڌائين ڪُن ۾، جاڏا جُنگ جھاز،
    تنهن جي اڄ تراز، آهي آر اکين ۾،
    اونهي سمنڊ ڪالهه برپٽ جيڏا جھاز ڪُن ۾ ليٽائي ڇڏيا. اڄ پاڻي جي اکين ۾ تنهنجي ٻيڙيءَ آهي! سمنڊ تنهنجي ٻيڙيءَ کي تاڙيو ويٺو آهي. ”پاڻي جي اکين ۾ ٻيڙي جو هجڻ“ ڇا ته غضب جي تشبيهه ۽ شاعراڻي حسناڪي آهي!
    لطيف هڪڙو بنهه منفرد عاشقاڻو فلسفو پاڻي جي واسين لاءِ ڇڏيو آهي. هي بيت اُن جو گواهه آهي.
    جا، جَر جاٽُون، نه ڏئي، ڏِيا نه موهي،
    سَڌون ڪوههَ ڪري، سا پنهنجي ڪانڌُ جون!
    سچ ته هينئين ۾ هٿ وجھڻ جھڙو هي خيال آهي! ”جا حسين عورت، انگ انگ حُسن جو مجسمو اٿس! سمنڊ جي رهواسي به هجي، پوءِ به پاڻي جون زيارتون نٿي ڪري، سمنڊ کي ڏيئا نٿي ڀيٽا ڪري، سا پنهنجي ڪانڌ سان ملڻ جون سَڌون ڇو ٿي ڪري!“ سمنڊ به عشق آهي. سمنڊ به ساهه آهي. سمنڊ کي به سُرمي پاتل نيڻ آهن، فطرت جو هڪ شاهڪار حسن آهي. ان کي نظراندز ڪرڻ، ان کي ڀيٽا نه پيش ڪرڻ نامناسب آهي!
    محبت رڳو سامونڊيءَ سان نه پر سمنڊ سان به ڪرڻ گھرجي. جيڪو ڏيندڙ آهي، جيڪو پاڻي تي پلجندر زندگين جو اصل سبب آهي. ان ڪري اُهو پيار لائق آهي، ان کي ياد رکڻ ضروري آهي.
    لطيف کي ڪلاچيءَ جي ڪُن جي پوري پروڙ هئي. يورپ ته هاڻ پيو مورڙي تي فلمون ٺاهي، لطيف صديون اڳي مورڙي سان عشق ڪيو هو. ڪلاچي جي ڪُن ۾ اُهو مانگر مڇ پيو ٿونا هڻندو هو، جنهن معزور مورڙي جاڀاءُ ڳڙڪايا هئا. لطيف کي مورڙي جي اها عظيم ڏاهپ ۽ دليري ياد هئي، جيڪا پاڻ کان ٻيڻي طاقت سان وڃي اٽڪي هئي. لطيف ماڪ ۾ پُسي ويل پڳُن کان چڱي ريت واقف هو.
    ماڪ ڀڄاين مولهيا، مٿان رات پئي،
    اوليون اُجھڻ لڳيون، ويا ونجھه وهي.
    ڪلاچيان ڪَهي، ڪڏهن ڪونه آئيو.
    هِن درد کي رڳو ڪو محسوس ته ڪري، جنهن کي لطيف سُور جو سڳو ڪري اچي سُر گھاتو جي ٻانهن ۾ ٻڌو آهي! رات اکيون پئي ڇنڀي، ڪتيون ڳهرجي ويون آهن! هوا جا ساهه ڄائيتا ناهن، ٻيڙين جا ونجھه مڇ جي حملي ۾ رلي ويا آهن! ڳن لڙهڻ لڳا آهن. اکيون اُجھامي چڪيون آهن، ڪلاچيءَ جي ڪُن مان ڪو موٽيو هجي، اهڙو مثال ناهي. اهو درد سمنڊ ڪناري اوڀائي ملاح جي ويڙهي ۾ ماتم ٿِي اچي لٿو آهي! معزور ملاح مورڙو سمنڊ جو کارو پاڻي ٿي تڙپي پيو آهي. اهو درد لطيف جي محبت مان سرجي نڪتو آهي. لطيف پهرين سمنڊ هو، هاڻ مورڙو ٿي ويو آهي.
    لطيف کاري پاڻي مان تڙ ڪري جڏهن درياهه جي مٺي پاڻي تي پلجندڙ جيئندڙ اکين جي سار لهي ٿو ته سُر ڪاموڏ درياهه جي پلي ۾ تبديل ٿيل محسوس ٿئي ٿو. نوريءَ جون اکيون ڪينجھر جي هندوري تي جاڳندي نظر اچن ٿيون. لطيف انهن اکين کي دل ۾ رکيو آهي، جيڪي سنڌ جي تاريخ ٿيون آهن. انهن اکين جي حُسن جو ئي ته اهو ڪمال آهي جو انهن بادشاهه جي ڪلهن تي مڇي ڦاسائڻ جو ڄارو کڻائي ڇڏيو آهي.
    ڪاريون، ڪوجھيون، ڪوڙيون، مور نه موچاريون،
    وٺي ويٺيون واٽ تي، کِکيءَ جون کاريون،
    اکين جون آريون، سَمي رِي ڪير سَهي.
    ڄام تماچي سنڌ جو حاڪم هو. جنهن کي هڪ سنڌي مهاڻيءَ سان عشق هو. ان عشق جي ڪري ٻين سنڌي مهاڻن کي به مرتبو مليو هو. لطيف کي سمن جي حڪومتي دؤر جي مڪمل ڄاڻ هئي. لطيف ڄام نظام الدين جھڙي محبوب حاڪم کان واقف هو. جنهن جي دؤر ۾ سنڌ جون سرحدون ۽ سنڌي محفوظ هئا. ڄام نندو سنڌي قوم جو عاشق ۽ محافظ هو. اهم ڳالهه اها به آهي ته لطيف ڪينجھر جي پاڻي جي حسناڪيءَ کي ڪڏهن به پاڻ کان ڌار نه ڪيو هو.
    هيٺ مٿي مڃر، پاسي ۾ وڻراه،
    اچي وڃي وچ ۾، تماچي جي ساءَ،
    لڳي اُتر واءَ، ڪينجھر هندورو ٿئي.
    ڪينجھر جو هندورو ٿيڻ، سنڌ جو هندورو ٿيڻ آهي. لطيف جي دل اها ٻيڙي آهي، جيڪا ڪينجھر جي پاڻي تي محبوبيت مان لُڏي آهي. لطيف ڪينجھر کي سنڌ وطن جو ڳيچ سمجھي ٿو. اهو ڳيچ هڪ قوم جو آهي، جيڪا مهذب آهي. لطيف جي دل ته اُهو هنج به آهي جيڪو سُر ڪارايل ۾ موتي چونڊيندي ملي ٿو. لطيف جي دل اُهو ڀئونرو به آهي جيڪو ان ڪنول جي واس لاءِ ڀِرندو ڀٽڪندو رهي ٿو، جنهن ڪنول جون پاڙون پاتار ۾ آهن. اها به دلچسپ حقيقت آهي ته قديم زماني کان ڪنول جو گُل سنڌ جو قومي گُل رهيو آهي. ڪنول جي پيدائش پاڻي ۾ ٿئي ٿي.
    ڪنول جي گُل جي قديم سنڌ ۾ مذهبي حيثيت به رهي آهي. گدلي پاڻي مٿان ان جو ڳاٽ کڻي بيهڻ وجد ۽ حُسن جو نرالو مثال آهي.
    ڪَنور پاڙون پاتار ۾، ڀئونر ڀري آڪاس،
    ٻِنهي سندي ڳالهڙي، رازق آندي راس،
    تنهن عشق کي شاباس، جنهن محبتي ميڙيا.
    لطيف وٽ پاڻيءَ لاءِ بي انتها عشق آهي. ڇو جو ان پاڻي سان ڌرتيءَ واسين جو جياپو جڙيل آهي. پاڻي سان وطن جا نظارا سلهاڙيل آهن. اهو عشق عظيم عشق آهي. لطيف پاڻي جي پکين کي پيار مان ياد ڪيو آهي. انهن جي ادائن ۽ عادتن تي روشني وڌي اٿن.
    لطيف جي بيتن ۾ پاڻي جي اوج جو به ذڪر آهي، ته پکين جي پريشانين کي به لطيف ناهي وساريو.
    ڪُونجون ٿيون ڪُڻڪڻ، جيڪس هلڻ هاريون،
    ٻَچا پوءِ اُٿن، وڃڻ وانڌا ڪنديون.
    پکين جي لڏپلاڻ پاڻي سان واڳيل آهي. پکين کي سُڌ رهي ٿي ته پاڻي ڪٿي آهي. لطيف جي دل پکين سان گڏ اڏامي ٿي، ڇو جو شڪاري به تاڙ ۾ آهن. لطيف کي سُڌ آهي ته پاڻي جي آس ۾ ڍورن تي ايندڙ پکين ۽ ڪونجين جي ٻچن جا سخت زمين جي ڪري نازڪ پير ڦٽجي پيا آهن. اهو درد جيترو پکين کي آهي، ايترو ئي سندس دل کي به آهي. اڳي جڏهن سنڌ جي وڏن ڍورن ۾ تار پاڻي وهندو هو ته ملاح شاد ۽ آباد هئا، پر هاڻي اهو اوج ناهي رهيو.
    ڍور نه اڳئين ڍار، مَهند ملاحن لِکيو،
    موڙي ڇوڙيا مڪڙا، پَسي پاڻي پار،
    جسودن جيها يار، پِيَڙا وِير وماس ۾.
    پاڻي اڳئين حالت ۾ ناهي رهيو. نيون پريشانيون پڌريون ٿي آيون آهن. اکيون اداسين جا شهر بڻجي ويون آهن. هاڻ ته اهي ڏينهن به ناهن رهيا جڏهن وڏي پاڻي ۾ مڇ ٿُونا هڻي مستيون ڪندا هئا. لطيف سوچي ٿو هِن سوڳ جي پُڇا ڪنهن کان ڪريان، جيڪو سربستو حال ٻڌائي، ته هتي ڇا ڇا ٿي ويو آهي؟ لطيف جو عشق ته ڏسو جو وطن جي وڻ جي ڪنڊي کان وطن جي سُور جي حقيقت ٿو ٻڌڻ چاهي!
    ڪَر ڪي ڳالهڙيون، ڪنڊا! ڍور ڌڻين جون،
    ڪِئن سي راتڙيون، ڪنهن پر ڏينهن گذارئين!
    لطيف پڇا ٿو ڪري، ”اي ڪنڊا تون تڏهن ڪيڏو هئين، جڏهن مهراڻ تار ٿي وهيو. توکي هاڻ جسودن جھڙو پانڌيئڙو ڪو گڏيو آهي؟“ هِي وطن دوستيءَ جي انتها آهي، ان کان مٿي وطن سان عشق جو مثال ملي نٿو سگھي.
    مون کي هڪ حيرت وڏي حيرت ان ڳالهه جي آهي ته مون جڏهن سوشلزم جي پوري هزارين سالن جي تاريخ تي مشمل وڏي ڏاهي سبط حسن جي لکيل ڪتاب: ”موسيٰ کان مارڪس تائين“ ۾ اهو ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي ته دنيا جي پهرين ذرعي ڌرتيءَ سنڌ جي زرعي نظام بابت ڇا ڄاڻايل آهي؟ عجب ٿيو جو هڪ سٽ به لکيل نظر نه آئي! ائين لڳم حضرت موسيٰ کان ڪارل مارڪس تائين جي دؤر ۾ سنڌ ڌرتيءَ، زمين تي نه ڄڻ آسمان تي موجود هئي. ان ڪري اُن جو ذڪر ئي نٿو ملي!


    لطيف عظيم مشاهدڪار شاعر

    عظيم شاعر پنهنجي ڌرتيءَ جي زبان ۽ ضمير سمجھيا ويندا آهن، اُهي پنهنجو پاڻ کي پيدا ناهن ڪندا، ڌرتيءَ جي مٽيءَ مان انهن جو جنم پاڻمرادو ٿيندو آهي. صدين جا سُور ۽ زخم، انسانيت جا الميا، سينن ۾ لڳل ڀالا، بيحرمتين ۾ ڳڙيل رت، مظلوم انسانن جون آنهون ۽ ڪپيل عضوا، ڌرتيءَ جي لُٽيل خوشبوءَ جي درد ڳوهجي، صدين کان پوءِ تاريخي ۽ عظيم شاعر پيدا ڪيا آهن. فطرت، شاعر جي شاعراڻي مٽي ڳوهيندي آهي. سنڌ دنيا جي قديم وطن جي ڌرتيءَ آهي. سنڌ فطري وطن جي سَند آهي. سنڌي دنيا جي قديم تهذيب جا وارث آهن.
    عجيب تاريخي ظلم سنڌ سان اهو ٿيو آهي جو مسلسل حملن، تباهين جي ڪري سنڌي ٻوليءَ جي اصل لکت گم ٿي آهي. حملي آورن اُن کي هڙپ ڪيو آهي. ان جو نالو نشان مٽايو ويو هو، ان ڪري اسان کي ڪجھه به معلوم ناهي ٿي سگھيو ته هزارين سالن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇا ڇا لکيو ويو هو؟ اهو به پتو نٿو پوي ته هزارين سال اڳ سنڌ ۾ ڪي اهم شاعر هئا به يا نه؟ ضرور هوندا، پر اُها تاريخ گم آهي! ڪنهن قوم سان ان کان وڏو ڪو ٻيو ناحق ٿي نٿو سگھي! اهو ئي سبب آهي جو هزارين سالن کان دنيا ۾ عظيم شاعرن جو سلسلو نظر اچي ٿو. سنسڪرت جي سڳنڌ کي ڪاليداس، هري ڀرتريءَ، امارو جھڙا شاعر مليا. هنديءَ ۾ ڪبير، تُلسي، ميران جو جنم ٿيو، اتي اوڀر جو حصو هوندي به سنڌ تي لکيل گيت ته هٿ اچي ويا، پر سنڌ جي ڪنهن قديم شاعر جو ڪلام ئي هٿ ناهي آيو! اها تاريخي جُٺ آهي! هزارين سال اڳ سنڌ تي ڪاهيندڙن جا فاتح گيت ته محفوظ پيا آهن، جن ۾ سنڌ ۽ سنڌوءَ درياهه موجود آهن، پر ڌرتيءَ ڌڻين جو غلاميءَ تي لکيل ڪو نوحو، ڪو مرثيو به هٿ اچي ناهي سگھيو! تاريخ حيرت ۾ آهي! لڳي ٿو ته آرين جي نيزن سنڌ جا گيت رَت ۾ ٻوڙي درياهه ۾ دفن ڪري ڇڏيا هئا! صديون مري ويون، گيت مري ويا، ٻوليءَ جي لکت کي اڏوهي کائي وئي! پوءِ راءِ سهارس آيو، چچ آيو، ڏاهر آيو، ڄام نندو جنميو، دودا هوائن ڏٺا، بس رڳو زمانن کان پوءِ چارڻن تنواريو، ڀٽ ۽ ڀانن ڀُڻڪاڪيا، هزارين سالن جا احساس اچي مرکان شيخڻ لاڏن ۾ تبديل ڪيا! سنڌ انتظار جو گھگھو پائي، اکيون کولي راهه ڏسندي رهي، ته ڪير ٿو منهنجي گھُٽيل سُڏڪن جا راز پڌرا ڪري! انتظار تڏهن وڃي ختم ٿيو جڏهن ڪلهوڙا اقتدار ۾ آيا، ۽ سنڌ جي مٽيءَ مان شاهه لطيف گلاب ٿي اُڀري آيو! جنهن سنڌ جو سڄو روح ڳولي پنهنجي شاعريءَ ۾ آڻڻ جي جستجو ڪئي. تڏهن مس وڃي دنيا کي خبر پئي ته سنڌ به ڪو عالمي ليول جو شاعر پيدا ڪيو آهي! لطيف محسوس ڪيو ته، منهنجي ٻوليءَ ته سرڪاري طور لکت جي علم ۽ صحيح صورتخطيءَ کان محروم آهي. منهنجي قومي ٻوليءَ ته پنهنجي وطن ۾ ئي سُريت وانگي پئي گھاري، ۽ ڪلهه آيل فارسيءَ ٻولي حڪمران بڻجو پئي گھوڙي ته گھُمي! لطيف سوچيو، سنڌ ته خود شاعريءَ آهي، پوءِ اها قلم جي زبان کان ڇو پري آهي؟ لطيف ڏٺو ته شاعريءَ ته سنڌ جي برن، ٿرن، جھنگن، پوٺن، ڳوٺن، ڏهرن، وسندين، وڻڪارن، چونرن، چَڙن، چنگن، دنگن، ڍنڍن، ڍينگھرن، ڍورن، گلن، گھگھن، اجرڪن، پٽڪن، چوڙن،سينڌُن، سُرمي، اکين، آڱرين، باغن، پکين، سارين، سامونڊين، وڳن، ۽ ڪکن پنن ۾ پئي آهي، پوءِ ان کي ڇو ناهي چُونڊيو ويو؟ ها ... بيشڪ اهو پل بيحد قيمتي هو، ڪو موتي هو، ڪنول جو گل هو، جڏهن لطيف اها شاعريءَ چونڊڻ لاءِ پهرين وِک کنئي هئي. لطيف پهريون پيرونءَ چونڊيو هو ته سنڌ امڙ مُرڪي پئي هئي!
    توڙي جو اُن شاعريءَ مان اڳ قاضي قاضن به مُٺ ڀري هئي. شاهه لطف الله قادريءَ به ڪجھه گل جھوليءَ ۾ ڀريا هئا. شاهه ڪريم به انمول شاعريءَ ميڙي ڪَٺي ڪئي هئي. بيت جو حسين بت گھڙڻ ۾ هُن ڪا به ڪسر نه ڇڏي هئي، اهڙو گھڙاءُ ڪو سونارو به نٿو گھَڙي سگھي!
    شاهه عنات به موتي آندا هئا، وائيءَ جو ورلاپ هُن ئي سنڌ کي سوکڙي ڪري ڏنو هو. ان کان به اڳي سگھڙن به سنڌ جي نئين صورت گھڙڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي دل به پيش ڪئي هئي، ۽ ان کان به اڳي سنڌ جي گمنام دراوڙ جيجلن لوڪ گيت ڄڻي، پنهنجي ٻوليءَ جي ٻکن ۾ پاليا هئا، پر اڃان گھڻي شاعري ائين جو ائين پئي هئي، جيڪا ڄڻ ته بابا ڀٽائي جي لاءِ منتظر هئي! اُن شاعريءَ کي نه چانڊوڪين ۾ چينُ هو، نه سانجھين ۾ ڪو سُڪون هو! اها نروار ٿيڻ لاءِ نينهن وانگي بيتاب هئي! جيئن نئين ڪَنجھري مان نئين جوانيءَ اُٿلڻ لاءِ بيقرار هوندي آهي. جيئن ٻالڪ تڃ لاءِ کُڙيون هڻندو آهي. جيئن نئين چوليءَ ۾ نئين ڪنوار هُر کُر جو روهيڙو ٿيل هوندي آهي، بلڪل اها حالت اسان جي سنڌي شاعريءَ سان واڳيل هئي، جنهن جو صدين تائين ڪو ڌڻو نه ٿيو هو. اهو پل ويڙهيچن سان وچن بڻجي ڪيئن شروع ٿيو؟ اهو صدين جو راز آهي! سچ اهو آهي ته اهو راز حسين راز آهي! اهو ادبي معجزو ڪيئن ساهه کڻي سامهون آيو؟ ان راز کي بهار جھڙو حُسن آهي! حقيقت اها آهي ته لطيف جي مشاهدي جي اها انتها آهي جو سندس شاعريءَ سون جي ٿي وئي آهي! ايڏو سگھارو مشاهدو شايد ئي ڪنهن شاعر وٽ هجي! فطرتي شاعريءِ ۾ لطيف نه رڳو حُسناڪي جي آخري حد کي ڇُهيو آهي، پر احساساتي شاعريءَ ۾ به ائين لڳي ٿو ته لطيف زندگيءَ جي ساهه کڻندڙ رڳ رڳ تي اچي آڱريون رکيون آهن.
    مشاهدا جڏهن شعور جي بَٺيءَ مان سيڪجي، نظرين ۽ احساس جي اکين سان نٿا ڏٺا وڃن، تيستائين اُنهن کي حُسن ۽ روشني ملي ئي نٿي سگھي! مشاهدا حساسيت مان اُڀري انهيءَ شڪل تائين پهچن ٿا، جن کي حقيقت ۽ سچ سڏبو آهي. خالي مشاهدو ڪابه معنيٰ نٿو رکي، مشاهدي مان اُڀرندڙ مقصد اصل شيءَ آهي. فطرتي مشاهدي ۽ احساس جو گڏيل رنگ ڪنهن ميلاپ جو منظر بڻجي ته پوءِ هينئون ڪيئن نه حيرت جو سمنڊ ٿئي؟
    جئن ڪا ڪانِي ڪانهن، لُسندي لاتيون ڪري،
    اچي پئي اوچتو، درد پِريان جِي دانهن.
    ويڄ ڏنڀئين ڪِي ٻانهن، سُور هينئين کي سامهان!
    “جيئن ڪانهن جي ڪانيءَ کي ڪپي، سوراخ ڪري ساز جوڙي وڄائبو آهي، ڪپجڻ وقت ڪانيءَ صدائون ڪندي آهي، ائين مون کان به اوچتو محبوب جي وڇوڙي تي دانهن نڪريو ٿي وڃي! اي طبيب! تُون ڇو ٿو منهنجي ٻانهن کي ڏنڀين؟ سُور ته منهنجي هانءُ جي سامهون بيٺا آهن!” اڳي ويڄ بيمار ماڻهن کي ڏانٽو باهه تي تپائي ڏنڀ ڏيندا هئا، اهو به علاج جو هڪ طريقو هو! لطيف ڇا ته ان مشاهدي کي شاعراڻو احساس ڏئي اجاگر ڪيو آهي. لطيف ان دؤر کي بيان ڪيو آهي، جنهن دؤر اندر وسندين ۾ اونداهي جاڳندي هئي. ڳوٺن جون حسينائون ڏانٽن سان نَنهن لاهينديون هيون! سنڌ سائنس جي سهوليتون کان پري هئي. بيل گاڏين تي ڪپڙي جا پردا ڏئي زائفائن کي ٻاهر ڪڍيو ويندو هو، چپن تڏهن چانهه جي چُسڪي به نه چکي هئي! ستارا ڏسي ڀاڳيا وقت جو اندازو لڳائيندا هئا. گھوڙن ۽ گھوٽن جي سڃاڻپ پنڌ ۽ ميدان ڪندا هئا. سنڌ پاڻيءَ تي پلبي هئي.
    جَر ۾ سِپون جيئن، آهين اَبر آسري،
    جئين ڪونجون سارين روه کي، مون تن اندر تيئن،
    فطرت جو شعوري اهو مشاهدو، سائنس کان گھڻو اڳي لوڪ ڏاهپ پرکيو هو. لوڪ ڏاهپ ان دؤر جي سائنس هئي. جڏهن ماڻهن جي سوچ ۽ عقيدت موجب تارن کي ڪي ملائڪ کڙائيندا هئا! آسمان ۾ رات جو پريون اُڏامنديون هيون. ڪتن کي ماڻهن جا روح نظر ايندا هئا ته اهي آسمان ڏي منهن ڪري روڙون ڪندا هئا! پر ان دؤر جي لوڪ ڏاهپ پنهنجي مشاهدي آڌار تي فطرت جا ڪيئي راز پروڙي ورتا هئا. فطرت جي ويجھو هئڻ ڪري لطيف لوڪ ڏاهپ جي مهارت رکندڙ هو.
    مَنڌيون مَٽ گڙن، جھوڪ به سُونهَن پهيڙا،
    سندي سنگھارن، جُوءِ جياري جَڏَڙين.
    سنڌ پنهنجي تهذيبي، ثقافتي روايتن سان لطيف جي شاعر اکين ڏٺي. گھرن ۾ فجر ويل مانڌاڻين جي گُڙڻ جا آواز پئي گونجيا. مکڻ جي خوشبوءَ گھر گھر ۾ جاڳيل هئي. ڀلي کڻي سڌريل تهذيب شهر سنواري ڇڏيا هئا، وڻج واپار جا مرڪز اهي شهر ئي هئا. پر ٻهراڙين جو اوج ۽ دستور ساڳيو هو. ٻهراڙيون سنڌ لاءِ آڪسيجن هيون. توڙي جو ٻهراڙيون زندگي جي سهوليتن کان وانجھيل هيون، علاج جا موقعا اڻ لڀ هئا. ويم ۾ ڪيئي سنڌياڻيون زندگيءَ جي جنگ هارائي ٿي ويون. پر ٻهراڙين ۾ ڪو الستي سُڪون موجود هو. اهو سڪون سيڪيولر روايتن جي ڪري موجود هو. لطيف جي مشاهدڪار اک سنڌ جو هر رنگ پرکي پنهنجي شاعريءَ ۾ پئي پرويو.
    آڻين ڪي چاڙهين، ڏُٿ ڏيهاڻي سومرا!
    سٿا ڪيو سيد چئي، سائوُن سُڪائين،
    منجھان لَنب لطيف چئي، چائر ڪيو چاڙهين،
    پلاءُ نه پاڙين، عمر! آراڙيءَ سين.
    ڏيهه جو ڏٿ لطيف ڏٺو هو، ماروئڙن جي غربت جو لطيف مشاهدو ڪيو هو، ان ڪري ٻَرُو جي گلن واري گاهه تائين لطيف جو روح سِرڪي ويو هو. ويڙهن ۾ ڪوبه پلاءُ نٿي پڪو، ٿر جي گاهه ڏٿ مان کاڌو تيار ڪري پئي ڌرتيءَ ڌڻين کاڌو!
    لطيف جو مشاهدو ڌرتيءَ سان محبتي وابستگيءَ جو مشاهدو آهي. لطيف جن اکين کي پئي ڏٺو، اهي سائنسدانن جون نه پر ڌاراڙن ۽ دل وارن جون اکيون هيون.
    لطيف لوڪ ڏاهپ کي فطرت جو ئي حصو تصور ڪري پنهنجي شاعريءَ کي جماليات بخشي. هُن ڌرتيءَ جي شاعر هئڻ جو ثبوت پيش ڪيو آهي.
    جئن جئن ڪڪر اُڀ ۾، تئن تئن ڏُنگر ڏيٺ،
    مون تان تنهين هيٺ، پير نهاريو پرينءَ جو.
    ساڙيندڙ لُوءِ کان پوءِ اوڀر کان، ڪڏهن اتر کان، سانوڻ جا ڪارا ڪڪر، ته ڪنهن مهل ڀورا، اڇا ويس ڪري جڏهن ولوٽبا آهن. ڳاٽ کڻي بيهندا آهن ته سچ ته اُڀ تي جبلن جو ڏيک ڏيندا آهن. اهڙي عاشقاڻي ٽاڻي ۾ ڪنهن دلربا جا پيرا ڳولڻ، جيڪا پاڻيءَ جا ٻيلهڙا کڻي گھرجي وڏي لوڙهي يا ڪچي مٽيءَ جي ڪوٽ ۾ گم ٿي وئي هجي، اُن جي خوشبوءَ کي ديواني بادلن هيٺان ڳولڻ بنا شڪ جي عظيم احساساتي ۽ فطرتي مشاهدي جي انتها آهي. اهو به وڏو سچ آهي ته جواڻ عورت جو وجد ڏسڻو هجي ته اهو برسات جي موسم ۽ موسيقي يا دهل وڄندي ڏسجي! شاعر جو وجد به جيڪڏهن ڏسڻو آهي ته برسات جي ڦُڙ ڦُڙ ۽ عورت جي رقص ڪرڻ مهل ڏسجي ته وجد ڇا آهي!
    لطيف جو هڪ جواڻ عورت جي زندگيءَ جي حوالي سان مشاهدو ڏسو:
    سَٻر سِي پيو، نه مون سوڙ نه گبرو،
    نه مون ڪانڌ، نه قوت ڪي، جوڀن وهي ويو،
    تِنين حال ڪِهو، نِڌر جنين نِجهرا.
    جواڻي کڻي ڪيڏي به مغرور هجي، اها مرد جي اک لاءِ ڀلي غضب جو سُرور هجي. پر عورت جي اصل زندگي پنهنجي ور جي محبت آهي. اُها محبت پناهه به آهي ته غرور به آهي. ور هوندي ڀلي ڪيڏو به سيءَ هجي، پر ڄڻ سِيءُ ناهي. ڇو جو هن جو پيار سوڙ آهي. اهو ناهي ته سيءُ به ڏاڪڻ ٺاهيو وجود تي چڙهيو ٿو اچي. ڀريل جواڻي ڇڻيو ٿي وڃي. پکا نڌڻڪا ٿا بڻجو وڃن! ڀلي ڪو جنسيات جي اک سان کڻي لطيف جي هن خيال مشاهدي کي توري، ان سان ڪو به فرق نٿو پوي! جنسيات ته فحاشي جي اڏن تي به ٿئي ٿي، پر هيءُ ٻي حقيقت آهي! اُن جو ڦَسي جنسيات سان ويجھي جو به واسطو ناهي.
    جت نه پکيءَ پير، تِت ٽمڪي باهڙي،
    ٻيو ٻاريندو ڪير، کاهوڙڪي کِير رِي.
    جبلن ۾ جڏهن سياح گهمڻ ويندا آهن، ته اتي پکين جو پير به نظر ناهي ايندو. اُتي انهن کي ٻاريل باهه جا آثار ضرور نظر ايندا آهن. وسندين کان گھڻو گھڻو پري، جتي پاڻي جو ملڻ مشڪل هجي. جانورن جا ٺڪاڻا ۽ پناهون هجن. اهڙي اڪيلائي واري هنڌ تي کاهوڙي ئي باهه ٻاريندا آهن. جيڪي يا ته اُتي ڪجهه عرصو رهندا آهن، يا ڪي کاهوڙي ماکيون ڇاڻڻ لاءِ ائين باهيون ٻاريندا آهن. لطيف جو اهو مشاهدو انهن کاهوڙين جو مشاهدو آهي، جيڪي اهڙن سفرن ۾ سدائين رهندا هئا. جيڪي جبلن مان ئي پنهنجو رزق تلاش ڪندا هئا. ڪي پوڄائن لاءِ به ائين سفر ۾ رهندا هئا. اهي انسان فطرت جا دوست بنا شڪ جي چئي سگھجن ٿا.
    ڀِني جي ڀُوڻن، ڀيڄ ڀُڻڪو نه سُڻان،
    سَنجڻ واريون سُتيون، وڃي ويڙهه ورن،
    پيا سيٽ سڙن، تَڙهي ٻِنين ڪنڌيين!
    هن کي مصوري چئجي؟ فوٽو گرافي چئجي؟ آرسي جو عنوان ڏجي؟ يا احساس ۽ مشاهدي جي عظيم شاعريءَ جو نالو ڏجي؟ سچ ته فيصلو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي! ڇو جو هي احساس سِرجيا وڃي عمر سومري جي قيد خاني ۾ آهن، پر انهن جو موضوع ڀالوا جي ڳوٺ ۾ جاڳيل آهي! قيد خاني ۾ پيو هڪ حَسين سنڌياڻي جو تصور ملير جو منظر ذهن ۾ آڻي ٻڌائي ته: اَسُر جو اُٿي، جيڪي جوانڙيون کوهه تي ڀيرا ڏيڻ اينديون هيون، ڀَوڻ ڦيرائي پاڻي ڪڍنديون ، ٽهڪ ڏينديون هيون. اُهي پاڻياريون ننڊ ۾ پنهنجي ڪانڌن کي ڪوسا ڀاڪر وجھيو ٻکيون سُتيون پيون آهن! اُنهن چلولين جو هاڻ پرهه ڦٽيءَ ۾ ڪو ڀُڻڪو ئي ناهي! ڪو چوڙو چوڙي کي چُمي ئي نٿو، جو ڪو آواز اچي! کوهه جي ٻنهي ڪنڌين تي رسا خالي خالي اُداس ۽ ويڳاڻا ٿيو پيا سڙن!
    قيد ۾ مارئي جو احساس پيو سڙي يا لطيف کي ڪا ويراني پئي چڪ هڻي؟ ڇا چئي ڇا چئجي! لطيف جي عظيم مشاهداتي رڳ سچ ته شاعريءَ کي هزارين آرسين ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. لطيف جي هِن شاعريءَ جا وارث اڄ پنهنجي سنڌ ۾ اوپرا ۽ ننڌڻڪا آهن، سٺ لک ڪابلي، قنڌاريءَ، برمي، ايراني، بنگالي، بهاري ۽ ايترائي ٻيا غير سنڌي انهن جو جياپو حرام بڻائي ويٺل آهن. هِي تاريخ جي جُٺ ناهي، هِيءُ لطيف کي نه سمجھڻ جي ڀوڳنا آهي. سنڌي لطيف کي سمجھن ها ته ائين هرگز نه ٿئي ها.
    لطيف جو سُر کنڀات سڄو عڪسي ۽ مشاهداتي حُسناڪ شاعريءَ جو سُر آهي. اهي عڪس جيڪي لطيف جي اکين ڏٺا، اهي فطري رنگ لطيف ظاهر ڪيا آهن.
    تارا تيلي روءِ، لُڌا لالن اُڀرين،
    جھڙي تو صبوح، تهڙي صافي سڄڻين.
    لُڌو تارو فجر جو چمڪي گھڻو روشن ٿئي ٿو. ان جو ناز عورتاڻو ۽ محبوباڻو آهي. اهڙي ئي دلربائي پرينءَ ۾ آهي! اهو به ٻهڪي ٿو، هينئين ۾ رهي ٿو. اهو لطيف جو خماريل سچ آهي. اهو صبح جھڙو سچ اهو به ٻڌائي ٿو ته، هُن تاري هيٺان، هُن هنڌ منهنجا محبوب رهن ٿا. اڄ به الهاس ننگر جي سنڌين جون آڱريون ائين ئي ستارن ڏي کڄن ٿيون! لطيف ته اسان کان اهو مشاهدو به نٿو لڪائي ته اُٺ اڇا گلاب نٿو کائي! چندن جھڙي خوشبودار ٻوٽي مان به چوپا ڪري اُن کي ٿو ڪاريو ڇڏي! سرکنڊ جي ته ويجھو به نٿو وڃي! لاڻي جي چش اُٺ کي چريو ڪري ڇڏيو آهي. لاڻو ئي اُٺ کي متارو ڪري ٿو. لطيف اهو به ٻڌائي ٿو ته آر نالي جيت مينهن جي مند ساري سيٽيءَ جهڙو آواز ڪڍندو آهي!
    سمنڊ جي سيوين، تنين ماڻڪ ميڙيا،
    چِلر جي چوئين، تِن سانکوٽا ۽ سُتيون.
    لطيف وٽ ساموندين جي زندگين جو وڏو مشاهدو آهي. ايترو مشاهدو شايد ئي ڪنهن شاعر ته ٺهيو، پر سمنڊ جي پُٽ مهاڻي کي به مشڪل سان هجي! سمنڊ ۾ ڇا آهي؟ سامونڊين جو واپار ڪهڙو ۽ ڪنهن سان آهي؟ سامونڊين جي گھرن ۾ ڇا آهي؟ سامونڊين وٽ موسم جي ڪهڙي اهميت آهي؟ سمنڊ تي ڏڻ ڪيئن ملهائبا آهن، اکا ڪيئن پائبا آهي. خوشيون ڪيئن ٿينديون آهن، غم ڪيئن ايندا آهن؟ ايتري تائين جو سمنڊ جي اندر وڃي جانچڻ واري شيشن کان وٺي سمنڊ جي چڪڻ، چاڙهه، ڪمزرو ٻيڙين جي ڪشمڪش ۽ سمنڊ جي سرڪش مزاج تائين جي هر مشاهدي کي لطيف امرتا سان پنهنجي شاعريءَ ۾ آڻي پاڻ کي فطرت جو عظيم شاعر ثابت ڪرايو آهي.
    لنڪا لنڪا ڪَن، لي لنڪا جي اوهريا،
    سُڻي سون لنڪا جو، سُک نه سامونڊين.
    پره پڳه ڇوڙيا، کاري کيڙائن،
    وڏي ڀاڳ ڀڙن، جي ڪهيا ڪارونڀار ڏي.
    سمنڊ تي سڙهه سبڻ وارن کي لطيف پنهنجي دل جي ويجھو محسوس ڪري ٿو. ايتري ويجھڙائي اٿس جو انهن کي اها ڄاڻ به ٿو رسائي ته خطرو ڪٿي ڪٿي آهي. ڪارونڀار جي ڪاهه معمولي ڳالهه ناهي!
    سِڙهه ٿي سبيائون، بندر جِن تَڙن تي،
    سڙهه سِبي ساڄا ڪري، کوها کنيائون،
    بيرقون بحرن ۾ ڇوڙي ڇڏيائون،
    لهرون لنگھيائون، لطف ساڻ لطيف چئي.
    ڪنهن سامونڊي سياح ۾ به ايڏي سگهه ناهي جيڪو لطيف جي مشاهدي جھڙو سفرنامون لکي سگھي! وڻجاري، اُن جي ٺاهوڪڙيءَ ونيءَ ۽ اُتر جي ٿڌڙي هوا جي وچ ۾ وڇوڙي ۽ يادگيرين جي ڇڪتاڻ کي لطيف جيئن شاعريءَ ۾ پرويو آهي. اهو سچ، اهو حُسن، اها ماريندڙ بيقراريءَ ۽ ان وارتا کي شاعريءَ بڻائڻ يا روح جي اُداسيءَ جو لباس ڍڪائڻ بنا شڪ جي لطيف جو ڪارنامو آهي. ۽ اُتي ئي سُهڻي جو درياهه جي مستيءَ سان جھيڙو، پُور سياري ۾ نازڪ جسم واري نوجوان عورت جو ٻانهن کي ونجھه ڪري وجد ۾ نڪرڻ، ڪاري رات ۾ ڪُنن جي ڪڙڪن جو ڀيانڪ آواز، ڪنهن ڄرڪي، ڪنهن هيبتناڪ واڳون جي وات ۾ نفيس جواڻيءَ جي ڄنگھه، ڪنهن سيسار جي منهن ۾ نازڪ ٻانهن! ڪيئن نه چئجي شاعريءَ جو نئون جنم ۽ نئين تاريخ ناهي؟ ڪپر کان ايندڙ مينهَن کي ٻڌل چڙن جي سُر کي رهبر بڻائڻ لهرين ۾ ترندڙ جواڻ عورت جي دل شاعريءَ جي ڪنواريءَ دل ۽ ڪنواريءَ دانهن ناهي ته ٻيو ڇا آهي!؟ سُهڻي اڄ جي خودڪش بمبار کي ڀونڊو ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟
    ڪارا ڪُن، ڪاريءَ تڳيءَ، جت ڪاريهر ڪڙڪا،
    مُئي متي مهراڻ ۾، اچن دُپارا دڙڪا.
    ويندي ساهڙ سامهون، جھول ڏِنس جھَڙڪا،
    کِڙڪن جاکڙڪا، سُونهان ٿيس سِير ۾.
    لهرين کي لکين لباس آهن، پر پاڻي ڏسڻ ۾ هڪ آهي.ڪاري رات ۾ ڪچي گھڙي سان عورت اونداهي ۾ درياهه ۾ پئي تري! درياهه اُن کي ٻوڙڻ لاءِ آتو آهي. هڪ تاريخ کي لطيف تصور ۾ تبديل ڪيو آهي، ڄڻ اهو مشاهدو لطيف پاڻ ڏٺو هجي.
    ٻئي پاسي ٻانڀياڻي حسين عورت سسئي، برن، جھنگن، جبلن ۾ اڪيلي اڪيلي پئي سفر ڪري. پَير رتو رت آهن. مِرونءَ تاڙ ۾ آهن ته زائفان کي ڌڪ هڻي مار ي ڇڏجي. پر هي عورت واپس موٽڻ لاءِ تيار ناهي عزرائيل اچي ننڊ مان اٿاريو آهي، تڏهن به پئي سمجھي ته پنهون ماڻهو موڪليو آهي. لطيف هڪ داستان جو احساساتي مشاهدڪار بڻيو آهي. وک وک تي سسئي سان گڏ سفر ڪيو اٿس.
    پير پٽانئي ڪنئرا، ڏونگر مٿي ڏي،
    ڦٽيا ڦڻ فقير جا، سيرون ٿِيڙا سي،
    جھڙي تهڙي حال سين، پُري پنهون ڏي،
    وڃي مان وري، ٻانهيءَ ٻڌڻ جنهن سين.
    لطيف خود انهن جبلن مان ٿِي وريو هو، جتي سسئي سفر ڪيو هو. اتي جي پٿر پٿر لطيف کي ٻڌايو هو ته هتان سسئي لنگھي هئي. اڃا هتي سسئي جي رَت جي مهڪ موجود آهي. لطيف جي احساسن ان مشاهدي مان سسئي جي صورت گھڙي هئي.
    وڏا وڻ وڻڪار جا، جت نانگ سُجھن نيلا.
    لطيف وڻڪار جي وڏن وڻن ۽ نيرن نانگن جو ذڪر ڪيو آهي. اهو لطيف جو مشاهدو آهي، وڻڪار بلوچستان جو مشهور علائقو آهي. جنهن ۾ ڪنهن وقت ۾ وڏا وڻ هوندا هئا ۽ ان علائقي ۾ نيرا نانگ به رهندا هئا. جھڏي جو ناميارو زميندار ۽ سياح رئيس حاجي احمد خان کوسو جيڪو علي ڳڙهه يونيورسٽي جو پڙهيل باذوق انسان هو. اهو به پنهنجي حياتي ۾ دوستن کي ٻڌائيندو هو ته: “نوجوانيءَ ۾ وڻڪار ۾ نيري رنگ جا نانگ ڏٺا هئائين، جن جو ذڪر ڀٽائي ڪيو آهي!”
    سُر مومل راڻي ۾ ماحول جو مزاج ئي ٻيو آهي! لطيف ڪاڪ کي اکين مان ڪڍي آيو هو. اهو داستان لطيف جي احساس مان ائين اُڀريو آهي، ڄڻ لطيف پل پل جو مشاهدو ماڻيو هو. اهو قصو لطيف کان ڪيئي سال اڳ جو هو، صدين جو وچ ۾ مفاصلو هو. پر ڪاڪ ۽ مومل، لطيف جي تصور ۾ موجود هئا. ايڏو طاقتور تصور جو فجر تائين ڏيئن سان گڏ مومل جون اکيون به اچي سنڌي بيت ۾ ترسي پيون آهن. هن ڪاڪ جي محل ۾ عطر جي خوشبوءَ پئي اُڏاڻي، ساين شالن ۾ جواڻيون پئي جرڪيون! زلف پئي ڪلهن تي مهڪيا، گُجريون اکين ۾ تبرون کنيو پئي هليون. ڪاپڙين جا روح رتو ڇاڻ هئا. پرديسين جون قبرون پئي ڪاڪ ڪنڌيءَ تي ٺهيون! اها سڄي مشاهداتي تصوير لطيف اتي جي ثقافت مان ڳولي هئي. اهو لطيف جي مشاهدي جو ڪمال آهي. اهو حُسن تاريخ جو نرالو سچ آهي.
    گُجر کي گجميل جون تارن ۾ تَبرون،
    هڻي حاڪمين کي، زور ڀريون زبرون،
    ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون، پَسو پرڏيهين جون !
    حقيقت هِيءُ آهي ته لطيف جي اکين سنڌياڻين جي سُونهن ڏٺي هئي. انهي سُونهن جا نيڻ نقش لطيف جي تصور ۾ جاڳيل هئا! هِن سُر ۾ هُن ان سُونهن کي چٽيو آهي. اها سُونهن هن ڌرتيءَ جي وجودن جي سُونهن آهي! گجميل لوهه جو اعليٰ قسم آهي، جيڪو رُڪ برابر آهي. هاڻ اهو حسين لفظ افسوس جو گم ٿي ويو آهي.
    لطيف جي مارئي مشاهدي ۽ تصور جي عظيم ميلاپ مان جُڙيل آهي. اها سڄي ثقافت جي تصوير آهي. لطيف کي سُر مارئي لکڻ لاءِ وائي جي سدابهار شاعر شاهه عنات رضوي اُتساهيو هو. ان جي ئي چوڻ تي لطيف مشاهدي لاءِ ٿر ۾ اچي پير ڌريا هئا. ٿر جي سڄي حياتي اکين سان ڏسي پوءِ هُن سُر مارئي کي تخليق ڪيو هو! ٿر مان ئي هُن ڄاتو هو ته مارئي ڪيتري حسين هئي. ڪنهن حسين ڪنواريءَ پاڻياري جي مشاهدي ۾لطيف مارئي کي ڏٺو هو! تڏهن ئي هي عظيم سُر شاعري ٿيو آهي. جنهن جي روح ۾ هزارين رنگ آهن.
    مارئي جي چوليءَ ۾ سهسين ٽوپا آيل آهن! ۽ لوئي به ليڙليڙ آهي. مارئي سُرهي تيل سان وار نٿي ويڙهي، انهن ۾ ته چيڙهه پيل آهن! چڳُون اُداسيءَ جو ڪفن آهن. هو چاهي ٿي ته واپس پنهنجي ماڳ ڏي وڃان. اتي ڇيلڙا وڃي چاريان. سهيلين سان ملان. لطيف جي مشاهدي مان جيڪو تصور جڙيو آهي، اهو صديون اورانگھي ويو آهي.
    پٽولا پنهواريون، مور نه مٿي ڪن.
    جي لاک رتائون لوئيون، سي سالنئان سُونهَن،
    اُن ايلاچئون اُگري، بخمل بافتن،
    سکر ڀانئيان سومرا، کٿيءَ کان کُهنبَن،
    جا ڏنيَم ڏاڏاڻن، سا لاهيندي لڄ مران.
    لطيف ٿر جي روح جو عظيم مشاهدڪار آهي.غيرت ٿر جو لباس آهي. سَت ۽ سيل ٿر جي عورت جو ازل کان زيور آهي. ٿري عورت پنهنجي ڌرتيءَ، پنهنجي تهذيب، پنهنجي ثقافت، پنهنجي روايتن جي امين رهي آهي. ان ڪڏهن به ٿر جي تهذيب جو روح ميرو ناهي ڪيو. ٿر جي سماجي زندگي ان سچ، ان حسن، ان عظمت جي اڄ به گواهه ۽ علمبردار آهي. سنڌ جي ٻين علائقن ۾ سماجي زندگيءَ جي وهڪري ۾ وڏي اُٿل پُٿل آئي آهي! ڪيئي تبديليون ڪر کڻي نروار ٿيون آهن. اوطاقون اُجڙيون ڪچهريون ۽ قرب گم ٿيا آهن! سنڌي سماج ڪيئي رخ مٽايا آهن. جسم فروشيءَ کان اغوا، ڌاڙن، اڻ سهپي تائين ڪيئي روپ سنڌ ۾ نظر آيا آهن. پر ٿر اڃان ساڳيو آهي. ٿر پنهنجي سڃاڻپ جو اڃا ڪوبه سودو ناهي ڪيو. لطيف جو سُر مارئي اڃان به ٿر ۾ نظر ايندو رهي ٿو. اِهو لطيف جي پيار جو ڪرشمو آهي.
    آرم هڏ نه اوڍيان، پٽولا پٽ چير،
    ٻانڌوڻا ٻَن ڏيان، ارغچ ۽ عنبير،
    مارن سين شل ماڻيان، کٿيون جهڙيون کير.
    اندر اُڃ اڪير، مون کي پرينءَ پنهوار جي.
    ٿر جا حسين لباس جھڙا منفرد ۽ نرالا آهن، اهڙو ئي لطيف جو مشاهدو ۽ تصور امير آهي. لطيف مارئي تي هِي شاعريءَ ڪاغذ بجاءِ ڄڻ نيري آسمان تي ٿر جي ٿوهر جي کير کي روهيڙي گل جي پنکڙين جي عطر سان ملائي لکي آهي! ان ڪري هُن شاعريءَ ۾ پلر جي پاڻيءَ جي خوشبوءَ به آهي ته ڪراين ۾ پاتل ڪارن ڌاڳن جھڙو سوڳ به آهي! اهي ڪارا ڌاڳا ٿاريليءَ ريٻارڙين جي ٻانهَن ۾ اڄ به موجود آهن. عمر سومري مارئيءَ کي کڻي مارن کي رنجايو هو.ريٻارين ان واقعي کي نظر انداز ڪونه ڪيو هو،وري جڏهن هڪ حسين ريٻارڻ ڇوڪريءَ سونل کي حاصل ڪرڻ لاءِ علاءَ الدين خلجي جي ڪمانڊر جيلسمير جي ريٻارين تي زور ڀريو هو ته اُهي رات پيٽ ۾ جيسلمير ڇڏي اچي وڳهه ڪوٽ ۾ دودي سومري جي پناهه هيٺ آيا هئا. دودي ڄڻ ته عمر سومري جو ازالو ڪري ڇڏيو! اهو ٿر جي، سنڌ جي تاريخ جو حسن آهي. ان ڪري ئي لطيف سُر مارئي کي وطن پرستي سان رڱي ڇڏيو آهي! تصور برساتي پاڻي ۾ مينڍا ڌوئندڙ اڻ پرڻيل حُسن جي ادائن کي ڀٽائي جو بيت ڄاڻي فجر جو تارو ٿي ٽمڪندو آهي! ڏڪاريل ڏينهن ۾ پکين، جانورن ۽ مارن جي اُڻ تُڻ، تاڙن جي تنوارن، ساٺيڪن (کوهن) مٿان ڪجرارين جا کنج کڙڪڻ، چيها، چلُر، چڪ، کاٽونبا، پولڙيون، پپون، ڍنگر ڍار، گولاڙا، ڪرڙ، ڏاس، فراسيون، ڳنڍير، ميها، ڪهڙو اهو رنگ آهي، جيڪو لطيف کان لڪل هجي!؟ لطيف مشاهدي جي هي شاعري امانت سمجھي سنڌي ٻوليءَ جي پلئو ۾ محفوظ ڪئي آهي. ان کي تاريخ بڻائي ڇڏيو آهي! اها قوم جي نرڙ تي لطيف جي نئين چُمي آهي. جنهن جي حفاظت ڪرڻ هر سنڌيءَ جو قومي فرض آهي.
    سِکو سَڀ سَرتيون، سِپُن مُلان سير،
    ٻيو مٽائي نير، اُڀيون اَبر آسري.
    هِيءُ مشاهدو، سائنس جو نه پر لوڪ ڏاهپ جو آهي. سمنڊ ۾ رهي به سِپ اُن جو يا ڪوبه ٻيو پاڻي نٿي پيئي، صرف برسات جو انتظار ڪري ٿي. برسات جي هڪ ڦُڙي ان لاءِ سمنڊ آهي! اها ڦُڙي سپ جي اندر وڃي، موتي بڻجي وڃي ٿي. سائنسي فلاسافي ۾ وڃبو ته اهو عمل انسان جي تخليق تي آڻي بيهاريندو! هڪ قطرو انسان جي تخليق جو سبب بڻجي ٿو. ماءُ جي پيٽ ۾ اهو ڦڙو موتي جھڙي انسان ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو! انسان موتي آهي، اُملهه ماڻڪ آهي، جيڪڏهن هُو رڳو پاڻ کي سُڃاڻي وٺي!
    تاريخ جو سچ اهو آهي ته لطيف جي شاعريءَ ان ڌرتيءَ مان ڦٽي آهي، جيڪا سدائين حملي آورن جي پيرن لتاڙي آهي. انهن سنڌ جي رڳ رڳ جو رت پيتو آهي. ڀٽائي جنهن دؤر ۾ جهرن جھنگن جو ذڪر پئي ڪيو ان وقت به سنڌ ۾ ڌارين جا پير موجود هئا. مغلن جي مداخلت جو رنگ موجود هو. سنڌ ۾ جاسوس به موجود هئا. 1739ع ۾ نادر شاهه سنڌ تي ڪاهه ڪئي هئي. ڀٽائي ان وقت شعور جي انتها تي هو. حاڪم نورمحمد ڪلهوڙو وڃي عمرڪوٽ جي قلعي ڀيڙو ٿيو هو. سندس ٽن پٽن کي ضمانت طور ايران جي درٻار ۾ رکيو ويو هو. غليظ نظرون سنڌ جي جسم ۾ کُتل هيون. لطيف جي سامهون ڌرتيءَ جا وارث بقا جي ويڙهه ۾ رڌل هئا. سنڌ جون نماڻيون وسنديون درد جي دوا جي ڳولا ۾ هيون. انيڪ جھانگين جا پير اگھاڙا هئا. لطيف جي آڏو ڪن چير ڪاپڙي پئي آيا ويا. انهي جون گودڙيون ميريون هيون. لطيف انهن ڪاپائتين تي پئي ويچاريو جن جي اکين ۾ موريسر پئجي ويا هئا. سَرن ۾ ٻگهه ۽ ڪانگ، ڪانيرا اچي لٿا هئا. اڇو پاڻي لڙاٽجي ويو هو. آهيڙي عام هئا. هنج پريشانين ۾ پئي ڦريا. لطيف مورن جي مرڻ تي اٻاڻڪو هو. وطن تي رهزنن راتاها پئي هنيا.
    سُڪي ڍور ڍيون ٿيو، ڪنڌيءَ ڏنو ڪائو،
    سو پاڻي پٽيهل ۾ اڳيون نه آيو،
    ماڙهن ميڙائو، ڪِنهين ڪِنهين ڀيڻئين.
    ڪنڌين اڪ ڦلاريا هئا. لطيف وطن جي حُسن تي سوچڻ واري عبادت پئي ڪئي! ڪنهن وقت اداس پئي ٿيو. ڪلهوڙا آزاد سنڌ جي عظمت لاءِ ويڙهه ۾ مصروف هئا! ڪونجن جا ڪُرلاءُ لطيف کي موسيقي جو ڪو عظيم سُر پئي محسوس ٿيا. لطيف وٽ جيڪو فطرت ۽ ماحوليات جو مشاهدو آهي، اهو بنهه اونهو ۽ ڳوڙهو آهي. ڌرتيءِ سان ايڏي دلي وابستگي حيران ڪندڙ آهي. لطيف جي مشاهدي ۾ رڳو موسم جا رنگ ناهن، پر هر اهو رنگ آهي، جيڪو ڌرتيءَ نروار ڪيو آهي. آسمان جي منڊل کان پکين جي عادتن تائين، جانورن جي جياپي کان سمنڊ جي مزاج تائين، ڪک پن جي چُرپر کان گلن جي ٽڙڻ ۽ مرجھائڻ تائين لطيف جي مشاهداتي نظر سڀ ڪجھه ميڙي آڻي پنهنجي شاعريءَ جي آکيري ۾ رکيو آهي. اهو آکيرو وطن ۾ تبديل ٿي ويو آهي. لطيف اهو ٻڌائي لڱ ڪانڊريو ڇڏي ته:
    سِپ، کپر، سڄاڳِهي، نانگن ڳوليو کاءِ،
    تنين لئي واجھائي، مڻيو جن مٿن ۾.
    لکين ماڻهن کي اهو علم ۾ نه هوندو ته، ڪا بلا اهڙي به آهي، جيڪا نانگن کي به ڳوليو ٿي کائي، خاص ڪري جن کپرن جي مٿي ۾ مڻ آهي، انهن لاءِ ته واجھائي ويٺي! نانگ ڪا معمولي ڳالهه ناهن، پر مورن جي انهن سان پراڻي دشمني آهي. طاقتور نانگ کي مور وچ مان چنبن سان کڻي مٿي اڏامي اتان کان هيٺ ٿو سَٽي ماريو وجھي، پر سڀني سان ايئن نٿو ڪري سگھي ڇو جو:
    ڪنهن ڪنهن ڪاريءَ ذات کي، مور به مٽائين،
    جي چَتُرا چکيا ڪري، ته وڳ ورائي ڏين،
    ساٿ سمورا نِين، جي مُٺين ڀانئي موٽيا.
    ”نانگ جي ڪنهن بُڇڙي ذات کان مور به پاسو ڪيو وڃن. ڇو جو اها زهريلي ذات چالاڪيءَ سان ڪکي وجھي ٿي. ان ڪري مور پنهنجا سمورا ساٿ اتان موٽائي وڃن ٿا.“
    لطيف جو هڪ ئي خواب رهيو آهي ته وطن وسي ۽ آباد ٿئي. سُر سارنگ لطيف جو خواب آهي. لطيف جو عظيم مشاهدو هِن سارنگ جي سِٽ سِٽ ۾ سمويل آهي.
    برَ وٺا، ٿر وُٺا، وُٺيون ترايون،
    پرهه جو پٽن تي، ڪَن وِلوڙا وايُون،
    مکڻ ڀرين هٿڙا، سنگھارين سايُون!
    ساري ڏُهن سامهيون، ٻولايون رانيون،
    ٻانِهيُون ۽ ٻايون، پکي سُونهَن پانهنجي.
    سنڌ تهذيب طور ته وڏا شهر اڏيا، انهن حُسن به ماڻيو. اهي جڳ مشهور به ٿيا. انهن ۾ رقص ڪندڙ عورتن جا جلوا به انهن شهرن جي اکين ڏٺا، اهو سچ ۽ حسن پنهنجي جاءِ تي آهي، پر جڏهن سارنگ ساٺ ٿو ڪري، وڄون ٿيون چمڪن، پلر ٿو پٽ ڀري، ته سنڌ صفا ٻي ٿيو وڃي. اها سنڌ ٻهراڙين ۾ آهي. اها سنڌ سامايل جواني آهي. اها سنڌ ثقافت آهي. اها سنڌ ساهه کڻندڙ نئين سنڌ آهي. پرهه جو پَٽن تي لسي لاءِ کير کي ولوڙڻ جا سُر گونجن پيا. حَسين اجرڪي هٿن مان مکڻ جي مهڪ اڀري هوا کي واسي پيئي مينهون ڀٽاريون تازيون، تندرست، ۽ سايون سايون ٿيون آهن. مالدارن جون عورتون آسوديون ٿيل آهن. ٻانهِيون توڙي سانئڻيون پنهنجي پکن ۾ ئي سونهن پيون.
    سارنگ کي سارين، ماڙهو، مرگھه، مينهون،
    آريون اَبر آسري، تاڙا تنوارين،
    سِپون جي سمنڊ ۾، نئين سج نهارين.
    پلر پيارين، ته سنگھارن سُک ٿئي.
    لطيف سانوڻ جي مُند ۾ جنهن سنڌ کي ڏٺو آهي، اُها حسين سنڌ آهي. وجد سان ڀريل سنڌ آهي. اُن سنڌ ۾ گلابن جي سُڳنڌ آهي. سوين سنيها ان جي ماحول ۾ رقص ڪندڙ آهن. اُها سنڌ اهڙي آهي جو ڏسيو، ڏسيو به نيڻن جو ڍَءُ نٿو ٿئي. اها سنڌ ماءُ آهي. ماءُ جي جھولي آهي.
    ڀري ڀِٽ ئي آڀيو، سارنگ سُهج منجھان،
    کڙيون کٽڻهار جئن، وِڄُون اتر واءِ،
    سَرها سبزا ٿيا، ڊامڻ ڊڀ ڪيا،
    پهري پٽنئان، ڀريائين ڪُن ڪراڙ جا.
    بادل ڪيئن ٿا بُرج ڪڍن؟ چئوماسو ڇا ته دلين ۾ کيپ ٿو ڀري! پٻ جبل ڪيئن ٿو گھوٽ بڻجي؟ ڇا ته ڇاڇر ڇنن ۾ ٿي آهي. ميها، چڀڙ، ڦنگيون جواڻي کڻي مهڪي پيون آهن! هارين ڪلهن تي هر رکيا آهن، ڪيئي ڳيچ هينئن مان نڪري اچي چپن مان ڦٽا آهن! سچ ته لطيف فطرت نگاري جي انتها ڪئي آهي! ڇا ته اهو عالمي محبت نامو لطيف پنهنجي روح مان اڀاريو آهي ته، سُرهي سيج پاسي ۾ هجي، گجگوڙن سان ڀلي مينهن پيا وسن. اسان ۽ اسان جي دل جا ڌڻي شل سدائين هڪ ئي هجون! هِي محبت جو عظيم نظريو آهي! جيڪو ڪنهن به تشريح جو محتاج ناهي. لطيف پنهنجي ڪراڙ ڍنڍ جي ڪناري تي ويهي پيو محبوبن کي ٻڌائي ته کنوڻيون ڪِٿي ڪِٿي پيون کنون! وطن جي انچ انچ جي کيس خبر آهي، ڇو ته اتي هُن جي دل موجود آهي. جنهن جي هُن شاعري ذريعي مالڪي ڪئي آهي! سارنگ جي رم جھم ۽ خوشحالي جي روپ ۽ نظريي ۾ لطيف سانگيئڙن کي مالڪاڻا حق، فطر تي حق ملڻ جو منشور پڌرو ڪيو آهي. لطيف ڪُنوار جي تن تي کُهنبو ويس، وطن جو اصل خواب ۽ اصل مرڪ سمجھي ٿو! اُهي وِڄُون جيڪي لطيف جي نظر کي موهين پيون، لطيف کي انهن سون روپين وڄُن جي گس جي به خبر هئي، ته ڪٿان کان ٿيو ڪٿي ٿيون پُڄن! ان سچ مان ئي لطيف پنهنجو عظيم نظم ”عالم سڀ آباد ڪرين“ تخليق ڪيو آهي.
    موٽي مانڊاڻ جي، واري ڪَيائين وار،
    وِڄُون وسڻ آئيون، چوڏس ۽ چوڌار،
    ڪي اُٿي ويئيون استنبول ڏي، ڪي مَڻيون مغرب پار،
    ڪي چَمڪن چين تي، ڪي لَهن سمر قندين سار،
    ڪي رَمي ويئيون روم تي، ڪي ڪابُل، ڪي قنڌار،
    ڪي دهلي، ڪي دَکن، ڪي گُڙن مَٿي گِرنار،
    ڪِنهين جُنبي جيسلمير تان، ڏنا بيڪانير بَڪار،
    ڪِنهين ڀُڄ ڀڄائيو، ڪِنهين ڍٽن مٿي ڍار،
    ڪِنهين اچي امرڪوٽ تان، وسايا ولهار،
    سائينم! سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سُڪار،
    دوست! مِٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
    سڄي جھان جي خوشحاليءَ لاءِ دُعا، لطيف جو اهو عالمي نظريو آهي، جيڪو سيڪيولر صوفي ازم جي روشنيءَ ۽ عظمت جو کليل ثبوت ۽ علمبردار آهي.


    لطيف جو دانشوراڻو فڪر

    صوفياڻي فڪر ۽ شاعريءَ جي هڪ قديم ۽ عظيم تاريخ آهي، جنهن جو بنياد عالمي امن، ۽ انسان دوستيءَ آهي. عقل جو فلسفو ۽ نظريو به اهو ئي آهي ته، انسان جي ارتقائي عمل کي سمجھو. اهڙي سوچ سماج کي ڏيو، جو هڪ توازن قائم ٿئي، برابريءَ کي هٿيءَ ملي. بدبوءِ بجاءِ خوشبوءِ عام ٿيڻ گھرجي. عالمي سچ تائين پهچڻ عقل جو منشور آهي. دنيا ۾ جيڪي به صوفي آيا آهن، انهن جو بنيادي فڪر انسان دوستيءَ رهيو آهي. انهن انسانذات جي ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي. ايتري تائين جو انهن کي پنهنجي روشن خيال، اڻ ڌرئي فڪر جي پکيڙ لاءِ زندگين جا نذرانا به ڏيڻا پيا آهن، پر هنن پنهنجي فڪر تان هٿ کڻڻ کي ڏوهه سمجھيو آهي! عظيم صوفين، ۽ صوفي شاعرن ڪڏهن به ماڻهن کي منجهايو ناهي، پر هميشه رجعت پسندن جي پيدا ڪيل مُنجھه کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهن انسانن کي اونداهي مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻڻ وارو ڪم سر انجام ڏنو آهي. صوفين ڪڏهن به تنازعن کي هٿيءَ ڏيڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي. اُهي عظيم انسان، شروع کان ئي انسان جي آزاديءَ جا حامي رهيا آهن. محبت کي عام ڪرڻ جو منشور صوفي شاعرن جو خواب رهيو آهي. اُن لاءِ هنن تصوف جو رستو اختيار ڪيو آهي، اها عظيم دانشمندي آهي. صوفي شاعرن جي ڪوشش اها رهي آهي ته، انسانن کي اهڙو آفيم کارائڻ کان پاسو ڪيو وڃي، جنهن جي پنڪين ۽ نشي ۾ انسان ٻئي انسان جو دشمن بڻجي سامهون اچي! صوفي جيڪڏهن ڪنهن نظريي يا فڪر جي مخالفت ڪن ٿا ته ان جو انهن وٽ سبب ۽ منطق آهي. صوفي شين جي ارتقا کان آگاهي رکندڙ هجن ٿا. هنن جي مزاحمت به تاريخ ۽ شعور جي پيداوار آهي. صوفي محبت آهن. ان محبت کي اها خبر آهي ته دغا ۽ مفاد ڇا آهن؟ مندر، مسجد، چرچ، ڪليسا، گورڌوارو، سڀ احترام لائق آهن. پيغام ذريعي رهزني کي نندڻ صوفين جي روايت رهي آهي. اسان جو لطيف دنيا جو اهم فلاسافر شاعر آهي، جنهن پنهنجو دانشوراڻو فڪر شاعريءَ ذريعي عام ڪيو آهي. لطيف جو پهريون دانشوراڻو قدم اهو نظر اچي ٿو ته هن بنياد پرستن ۽ مڙهيل حڪمرانن سان مهاڏو اٽڪائيندڙ عظيم صوفين جي سڌي سنئين طرفداري ڪئي آهي. انڪار جو نعرو بلند ڪندڙ صوفين سان عشق جو اظهار ڪيو آهي. ٻيو اهم نقطو اهو نظر اچي ٿو ته لطيف عورت جو رتبو مٿي ڪرڻ جي شعوري ڪوشش ڪئي آهي! هاڻ جيڪڏهن ڪو جديد دانشور اهو نقطو اٿاري ته، لطيف سسئي کي جَتن جي جُتيءَ چيو آهي، ڪنڌ جھڪائي زندگي گھارڻ جو درس ڏنو آهي، اهو تضاد ڇو؟ ان جو جواب اهو آهي ته لطيف عورت جي محبت جي نهٺائيءَ کي اها فڪري علامت ڏني آهي، شخصي هيٺائين لاءِ ائين ناهي بيان ڪيو! لطيف جو ٽيون دانشوراڻو قدم اهو آهي جو هُن وقت جو قدر ڪرڻ ۽ هر وقت سجاڳ رهڻ جو درس ڏنو آهي. لطيف جو دانشوراڻو فڪر انسانيت جي ڇانءُ پکيڙيندڙ احساساتي هٻڪار سان واسيل آهي. ان فڪر ۾ عقلي ويڙهه جو عنصر موجود آهي. لطيف اجائي مغالطي کان پاسو ڪيو آهي. فلاسافيءَ کي باهه سان دوستيءَ جو نالو ڏنو ويو آهي، ۽ دانشوريءَ کي عذاب سان ويجھڙائيءَ سمجھيو ويو آهي، ڇو جو ڏاهپ ان دنيا کي گھڻو هضم ٿيڻ واري شيءَ ناهي، جيڪا دنيا مفاد جو مورچو رهي آهي. اهو ئي ڄاڻي لطيف ٽي صديون اڳ اهو اظهاري ويٺو ته،
    اَلا! ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏُک ڏسن!
    يا اهو به اظهار ڪيائون ته:
    سرجيس تان سُور، سامايس تان سُک ويا.
    سُور وڏو سچ آهي! سامائجڻ به عالمي سچ آهي! سُور يا ڏک، ڏاهپ جو بنياد آهي. ڏک ائين نٿو ٿئي، اُن کي ڪي سبب سِرجين ٿا! ڪارڻ کي ڳولڻ اصل ۾ دانشوري آهي. دنيا جا عظيم ڏک دانشوري ئي سمجھي سگھندي آهي. لطيف اوڀر مان اڀريو هو، جنهن اوڀر مان گوتم ٻُڌ: ”سڀ ڪجھه ڏک آهي“ جھڙو ڪپيل ٻانهن وانگي رت ۾ ٻڏل تاريخي جملو نروار ڪيو هو! پر لطيف ان جملي ۽ خيال کي دانشوراڻي گهرائي اها ڏني جو چيائون:
    مُون سِين مُون پرينءَ، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا.
    لطيف نيڪ نيتيءَ کي ڀورائي ءَ جھڙو خوبصورت نالو آهي. اڄ به اهو سچ آهي ته وقت جي هن بازار ۾اهو انسان وڏو بيوقوف سڏيو وڃي ٿو، جيڪو نيڪ نيت سان پيش اچي ٿو. نيت صاف وارو ماڻهو دنيا جي اڇي ڏينهن ۾ به ڪسجي وڃي ٿو، اُن جو ڪو ڌڻيءَ به نٿو ٿئي، ائين جيئن سسئي سان ٿيو هو. ڏکن کي محبوبن جا تحفا سمجھڻ وارا انسان آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس هوندا آهن. لطيف سُورن جي نمائش جو حامي ناهي. سُورن ۽ ڏکن کي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ جو پيغام ڏيندڙ شاعر آهي. ائين جيئن گھرجي دروازي اندر جُتيءَ کي اڇلي سسئي پنهنجي ڏک کي طاقت بڻايو هو. لطيف تپيل مريض سماج کي ويڄ جي اک سان ڏٺو آهي! اُهو سماج جنهن ۾ همدرديءَ جي دوا اڻلڀ آهي. روئڻ واري جي مٿي تي آٿت جو هٿ رکي جتي ڪنهن کي پرچائڻ جيتري به ڪنهن وٽ واندڪائي نه هجي، جتي مطلب پرستيءَ جي مُند ۾ انسان اڪيلو رهجي وڃي، اهڙي دل ساڙيندڙ سماج۽ حالتن ۾ لطيف ڏکن کي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ جو نظريو ڏئي ٿو ته پنهنجو پاڻ سان رهاڻ ڪريو:
    پيهي جا پاڻ ۾، ڪيم روح رهاڻ،
    ته نڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نڪا ڪيچين ڪاڻ،
    پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سُور هئا.
    هِي بيت منصور حلاج جي نعري جو پڙاڏو ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ پاڻ مان ئي جرئت اڀارڻ وارا هن دنيا جي تڪليفن کي سامهان ٿي سگهن ٿا. پر ائين به ناهي جو سڀني کان ڪٽجي ڌار ٿي وڃجي! هن دنيا ۾ درد جي رشتي وارا به ملي وڃن ٿا. ان ڪري مايوس نه ٿيڻ کپي.
    ڳَرهن ۾ ڳَرهيج، روئي ڪَج مَ پڌرا،
    تان سُورائي سهيج، جان لاهيندڙ ڪولهين!
    روئي پڌرو ٿيڻ، تماشي ٿي وڃڻ جي برابر آهي. ان ڪري جو هتي احساس جو ڏڪار آهي. سُور اتي پڌرا ٿيڻ کپن، جتي اُنهن جو ملهه سمجھڻ وارو ڪو هجي. ڪو اهڙو وڻ جي ڇانءُ جھڙو آٿت ڏيندڙ ڪلهو جي ملي پوي ته اُتي هانءُ کي هلڪو ڪرڻ ۾ ڪوبه عيب ناهي. لطيف جي فلسفي پٺيان سماج تي گھَري نظر هئڻ جي گواهي ملي ٿي. مُٺ مُٺ سُور ته سڀني وٽ آهن، پر جن وٽ سُورن جا وٿاڻ آهن، اُهي ڪيڏانهن وڃن؟ اُن ئي مرحلي مان لطيف سسئي جي جرئت وارو نظريو چٽو ڪيو آهي. اها سسئي ڪنهن کي به گڏ هلڻ جي صلاح نٿي ڪري. اُلٽو سڀني کي اهو ٿي ٻڌائي ته: آئون ڄاڻان ٿي ته سماج جي سُرت جي ساهميءَ جو پنهنجو وزن ڇا آهي؟
    سُڌائتي سڀڪا، بُک نه باسِي ڪا،
    جيهي تيهي ذات جي، جُنبش ناهي جا،
    مون سين هلي سا، جا جيءُ مٺو نه ڪري.
    راهون اڙانگهيون آهن، ڪوبه سُورن جو سنگتي ناهي، اُن ڪري مون سان گڏ اهو هلي جيڪو پنهنجي جان جي ۽ تڪليف جي ذري به پرواهه نه ڪري. پهريون شرط ئي اهو آهي ته اُهو انسانيت کي سمجھندو هجي. جيڪو هن سماج کي پنهنجي دل جي اکين سان ڏسندو هجي. تبديلي پسند هجي! بزدليءَ هن راهه ۾هلي ڪونه سگھندي، ڇو جو جبلن سان سينو ٽڪرائڻو آهي. هِن ڪوڙ جي جو ڙيل مفاد پرستن جا ساٿاريءَ انسانيت کي ته ڄاڻن ئي نٿا! سچائيءَ کي انسان دشمنن جو گھيرو آهي. اُهي ايترا ته غليظ ۽ پٽ تي ڪريل آهي، جو انسان جي جسم تان ڪپڙا لاهي وٺڻ لاءِ به تيار آهن! اُتي مون سان فقط اُهو ئي هلي ٿو سگھي، جيڪو انقلابي هجي! جيڪو وحشين سان وڙهڻ جي جرئت رکندو هجي. لطيف جي دانشوراڻي سوچ سمجھي ٿي ته خالي جسماني طور پيدا ٿيل ماڻهن جو مزاج ڇا آهي؟ اُنهن عام سطحي ماڻهن ۽ سهڻو لڳندڙ ٽوهه ۾ ڀلا فرق ئي ڪهڙو آهي؟ لطيف سُر پرڀاتي ۾ “صبح سان دشمنيءَ” جو جيڪو دانشوراڻو ذڪر ڪيو آهي، اهو غور طلب آهي ته سونهاري صبح کي ڪير ٿو نظر انداز ڪري؟ صبح ته جاڳڻ جو نياپو آهي، جاڳڻ سان دشمنيءَ ڪير ٿو ڪري؟ روشنيءَ جا دشمن هر دؤر ۾ رهيا آهن، انهن تي نظر رکڻ ضروري آهي.
    لطيف جو دانشوراڻو فڪر صبح وانگي ئي مڌر آهي، جنهن جي اندر جو آواز اهو آهي ته جيڪڏهن سج اڀرندي ئي تون انسانيت کڻي نٿو جاڳين ته پوءِ اهڙيون اکيون ڪڍي ڪانگن کي ڏئي ڇڏ! لطيف صبح کي انسانيت ۽ فطرت جي جاڳ تصور ڪري ٿو. لطيف هن دنيا ۾ هٿن سان، پيرن سان، گوڏن سان، ۽ دل سان هلڻ جو جيڪو نظريو ڏنو آهي، اهو ڪو معمولي نظريو ناهي!
    لطيف ڄاڻي ٿو ته سماج ڪيترو روايتي طريقن ۾ وچڙيل آهي. هتي جي ماڻهن جي اندر جي انڌائيءَ جي حد اها آهي جو :
    پاڻي مٿي جھوپڙا، مورک اُڃ مَرن!
    پاڻي سامهون هوندي به اُڃ مرڻ وارن مان ڪهڙي توقع رکجي؟ سج جي هيڏي روشنيءَ هوندي به هو اونداهيءَ ٿا محسوس ڪن! اُهي سچ جو ڪهڙو ساٿ ڏيندا! هنن جون ته دليون ئي مري چڪيون آهن! لطيف جي سوچ صدين جي سيني مان گولي وانگي گذريل آهي. هن اکين سان ته هي جھان ڏٺو ئي آهي، پر سوچ سان به جنهن جھان مان گذري ٿو، ان جي ڪا حد ئي ڪانهي!
    لوچان ٿِي لاحد ۾ هادِي لَهان نه حَد،
    لطيف جي دانشوري جو حُسن اهو آهي ته هو ٻين عظيم صوفين وانگي اها ئي ڳالهه ٿو ڪري ته آئون ڪجهه به نٿو ڄاڻان! علم ۽عقل ۾ انتها جي دعويٰ ڪرڻ عقلمندي ناهي. ڇو جو اڄ جيڪو سچ لڳي ٿو، اهو سڀاڻي ڪوڙ به ٿي ٿو سگھي! تاريخ گواهه آهي. هڪ دؤر ۾ سڏيل ڪوڙ، ٻئي دؤر ۾ عظيم سچ سڏيا ويا آهن. گليلو هڪ دؤر ۾ چيو ته “زمين گول آهي!” ان دؤر ۾ اها ڳالهه مذهب جي خلاف سمجھي کيس ماريو ويو! اڄ سڄو جھان اهو مڃي ٿو ته زمين گول آهي! ڪلهه سج ديوتا سڏبو هو، اڄ اهو نظام شمسي جو ٻرندڙ گولو آهي! ائين راز پڌرا ٿين ٿا، ڇو جو شعور جو سفر جاري آهي. ان ڪري ئي لطيف دعويداري کي سامهون آرسيءَ آڻي رکي ٿو.
    اَڃا تو منجھاءِ، ڪَک ڇُتي رت نڪري،
    مُنهن ۾ مَحبوبن جا ڪيئن جھَليندين گھاءِ،
    سو تُون ڪُڄاڙئا، سِڪڻ جون سَڌون ڪَرين!؟
    اتان لطيف جي عظيم سوچ اڃان اڳتي وڌي تهذيب جي اوسر جي دروازي تي بيهي ٿي. تهذيب کان اڳي انسان اگھاڙو هو. جھنگ جو ماڻهو هو. پٿرن ۾ رتو رت ٿيو پيو هو.
    ارتقا جو غلام هو . وهمن ۾ وڪوڙيو پيو هو. پوءِ مٽيءَ ۽ پاڻي مان تهذيب جي اوسر شروع ڪيائين. ان تهذيب ۾ هڪ ننڍڙيءَ سُئي جو سهڪار هو. جنهن جي مدد سان انسان لباس ٺاهي مهذب پڻي ۾ داخل ٿي مهذب بڻجي ويو! پر ان عظيم ننڍڙي سُئي کي انسان وساري ڇڏيو! پٿر جي پوجا ڪندو رهيو، سئي کي ٽڪي جو سمجھندو رهيو. لطيف ان سُئيءَ کي جيڪا تهذيب ۽ مهذب پڻي جي ٻانهن ٻيلي هئي، ان جي يادگيريءَ کي انسانيت جي گلدان ۾ آڻي رکي ڇڏڻ فرض ڄاتو آهي.
    پاڇا هِي نه پاڙيان سَرتيون سُئي ساڻ،
    ڍَڪي اگھاڙن کي، ڪينَ ڍڪيائين پاڻ،
    ٻيهر ڄاپِي ڄاڻ، اِبر جي او صاف کي.
    لطيف سُئي جي فلسفي کي سمجھه جي ارتقا جي فلسفي جو نقطو تصور ڪيو آهي. سمورا صوفي ان ئي سچ جا قائل هئا. اوشو چوي ٿو، هڪ دفعي جي ڳالهه آهي: “بابا فريد رحه کي ڪنهن تحفي ۾ سون جي قئنچي آڻي ڏني. فريد سائين چيو: “معاف ڪجانءِ، قئنچي کي ڀلا اسان ڇا ڪنداسين ۽ ڪٽڻ جو ڪم ته اسان وٽ آهي ئي ڪونه! اسان جو ڪم ڳنڍڻ آهي. جيڪڏهن توهان ڪجهه ڏيڻ چاهيو ٿا ته پوءِ، سُئي ڌاڳو آڻي ڏيو! ”سنت جو حق جي عاشقن جو ڪم جوڙڻ آهي. دل جو ڪم رڳو ڳنڍڻ آهي. جڏهن ته عقل جو ڪم ٽوڙڻ آهي! اُنهي ڪري پنڊت ۽ ملان رڳو ٽوڙين ٿا، سنت ۽ صوفي جوڙين ٿا!“ لطيف سُئي جي فلسفي کي بيان ڪندي اوچتو هڪ بنهه وڏو عالمي نظريو پيش ڪري ڇڏيو آهي، اهو لطيف جو دانشوراڻو ڪمال آهي، ”ٻيهر پيدا ٿي دنيا کي ڄاڻڻ“ هِيءُ تمام وڏو فلسفو آهي. هن فلسفي جو بنيادي نقطو اهو آهي ته، ٺيڪ آهي، ان سچ کان انڪار ناهي ته اوهان کي فطرت پيدا ڪيو آهي، جتي به پيدا ڪيو، جنهن به وطن، نسل ۽ قوم ۾ پيدا ڪيو، اوهان پيدا ٿي ويا. اهو فطرت جو عمل آهي، دستور آهي! پيدا ٿيڻ کان پوءِ اوهان پنهنجي ماحول مان سکيا جو عمل شروع ڪري پنهنجي ذهن کي ڀريو ٿا، ماڻهن مان رهبري ماڻيو ٿا، پر اُهي ماڻهو مختلف نظريا رکن ٿا، هرڪو اوهان کي پنهنجي رنگ ۾ رڱڻ چاهي ٿو! هڪ پنڊت اوهان کي منو شاستر جا هي لفظ سيکاري ٿو ته: ”جيڪڏهن ڪو شودر (اڇوت) ڪنهن برهمڻ تي ٿُڪي ته اُن جا چپ ڪٽيا وڃن، ۽ جيڪڏهن اهو ڪنهن برهمڻ تي پيشاب ڪري ڇڏي ته ان جو جنسي عضوو وڍيو وڃي!“ هڪ ملان اوهان کي اهو چوي ته ”مندر ۾ وڃڻ سان اوهان جو نڪاح ٽُٽي ويندو!“ هاڻ سوال اهو آهي ته جيڪي هو ٻڌائين ٿا، يا جيڪو لقاءُ اوهان جي سامهون آهي. ڇا اوهان ان کي ئي مڪمل سچ سمجهو ٿا؟ يا اڃا وڌيڪ ڄاڻڻ ٿا چاهيو؟ هاڻ اهو اوهان تي ڇڏيل آهي ته ماڻهن جي ٻڌايل ڳالهين کي ڪل عقل جو تت سمجھو ۽ هڪ جاءِ تي پاڻ کي لوڙهو ڏئي ويهي رهو، يا نئين کوجنا لاءِ نڪري پئو! جيئن ته جسم هاڻ ٻيهر پيدا ڪونه ٿيندو، اُهو فنا ٿيڻو ئي آهي، جسم فقط هڪ دفعو ئي پيدا ٿيو، پر جيڪڏهن ڄاڻ جي تڙپ آهي، ته اوهان کي ذهني طور نئون جنم وٺڻو پوندو! جڏهن اوهان علم حاصل ڪيو، ته اهو اوهان جو نئون جنم آهي. اهو ٻيهر ڄاپڻ جو عمل آهي. اوهان پاڻ وڃي شين، لقائن ۽ نظرين، حقيقتن جي بنياد تائين رسائي حاصل ڪئي ته اهو اوهان جو ٻيهر ڄاپڻ آهي! جاهل اوهان جا رهبر رهنما بڻجن چاهين ٿا، انهن جو مقصد اوهان کي استعمال ڪري پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ آهي! مختلف نظريا اوهان جي آڏو پيش ڪيا وڃن ٿا، جن تي اکيون پوري هلڻ جي صلاح به ڏني وڃي ٿي! پر اوهان وٽ شعور هوندو ته اوهان لاءِ فيصلو ڪرڻ آسان آهي. پنهنجي ذهن جي مٽيءَ ٻيهر ڳوهڻ سولو ڪم ناهي، پر جڏهن اُها مٽيءَ هڪ ذهين انسان ڳوهي وٺي ٿو، ته هن آڏو ڪيئن نوان راز کلي پون ٿا، پردا هٽي وڃن ٿا، حقيقتون روشنيءَ ۾ چٽيون ٿي سامهون اچن ٿيون! ڇا ڪوڙ آهي؟ ڇا سچ آهي؟ اصل عشق ڇا آهي؟ انسان دنيا ۾ڪڏهن کان موجود آهي؟ تهذيبون ڇا آهن؟ ڇا فريب آهي؟ تاريخ ڇا آهي؟ اِهي سڀ سوال پوءِ لڪل نٿا رهي سگھن! علم اوهان کي ٻڌائي سگھي ٿو ته، ماتا ۽ پوليو جھڙين ڀيانڪ بيمارين جا ويڪسين ڪنهن جن ڀوت جي ايجاد نه پر انسان جو ڪارنامو آهن! دنيا جي ترقي انساني عقل جي پيداوار آهي. انسان خوابن ۽ تصورن کي عمل ۾ تبديل ڪيو آهي. پکيءَ جي پرواز واري عمل کي جھازن جي شڪل ڏيڻ وارو انسان ِآهي، ته پاڻ کي ئي جنگين ۾ ڌڪي مارائڻ وارو به اهو ئي انسان آهي! سنگمرمر جي عمارتن ۾ سمهڻ وارو به ساڳيو انسان آهي، ته جھوپڙيءَ ۾ جاڳڻ وارو به ساڳئي جسم وارو انسان آهي. ڪنهن به آسماني ڪتاب ۾ اهو ناهي لکيل ته فلاڻي علائقي ۾ چاليهه هزار ايڪڙ زمين فلاڻي پُٽ فلاڻي خان جي آهي! زمين ڪيئن ورهائجي وئي؟ وطن ڪيئن وجود ۾ آيا؟ اهو ڄاڻڻ لاءِ شعور گھربل آهي! ٻيهر ڄاپي ڄاڻڻ جو ڏنل لطيفي فلسفو عظيم شعور جو فلسفو آهي.
    لطيف اگھاڙپ جي اصليت ۽ تهذيب جي ارتقا تي اها انتهائي دانشوراڻي نگاهه وڌي آهي. لطيف جي دانشور فڪر زمانا ووڙيا آهن. هن کي سُڌ هئي ته ويڄن جي نالي ۾ سماج اندر رهزن، ڦورو، دولابي ۽ ڪويڄ ديرا ٺاهي ويٺل آهن. اُهي انسانن جي اندران جن ڪڍڻ جا دعويدار آهن. فتويٰ فروش ويڪو ٺوڳي آهن! اُهي نه رڳو ماڻهن جي جسماني چير ڦاڙ ڪن ٿا، پر روحاني طور به انسانيت کي باهه سان ڏنڀ ڏئي ساڙين ٿا. انهن کان بچڻ جو حل اهو ئي آهي ته پنهنجي مٽيءَ کي ٻيهر ڳوهيو وڃي! لطيف چوي ٿو: اصل طبيب کي نه سڃاڻڻ ۽ سچ کي نه سمجھڻ جو سانحو اهو ٿيو آهي، جو اسان جي اکين ۾ ڪارو پاڻي اچي ويو آهي. سچ ڳولڻ جو رستو اهو ئي آهي ته پاڻ کي تيار ڪر.
    سَهي جئن سانداڻ، ڌَڪن مَٿي ڌڪڙا،
    وِهِ وڃائي پاڻ، ڏي ڏٻائون ڏُنگرين!
    لطيف جو دانشوراڻو فڪر اهو آهي ته پاڻ کي تبديل ڪريو. حالتن کي تبديل ڪريو. جُرئت ڀٽائي جو منشور آهي. لوهه آهيو ته رُڪ ۾ تبديل ٿيو. ٻين کي فائدو ڏيو ٻين لاءِ آزار نه بڻجو. جيڪڏهن اوهان جي اڳتي وڌڻ ۾ ڪو سخت جبل اچي ٿو ته ڪا ڳالهه ناهي، ان کي محسوس ڪرايو ته اسان جا لڱ به لوهه جا ٺهيل آهن. اهي سچ جا محافظ آهن! لطيف جي نظر ۾ اندر جي روشني، پنهنجي روشنيءَ، احساس ۽ انسانيت سان پيار جي روشني آهي. جنهن جو حسن هر حقيقت کان مٿي آهي. ان روشنيءَ ۾ هڪٻئي جا ڏک ڏسي سگھجن ٿا. ان روشنيءَ ۾ انسانن جا زخم نهاري سگھجن ٿا. اها عظيم محبتن جي روشني آهي. جيڪي ماڻهو عقل کان نابين آهن، سي دل جا به انڌا آهن. اُنهن کي پاڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھه به نظر نٿو اچي. اهي هڪڙي دائري جا قيدي آهن. لطيف ٻڌائي ٿو ته، ”سج اُڀري، روشنيءَ ٿئي، ان روشنيءَ ۾ به تنهنجيون اکيون پاڻ کان سواءِ ڪنهن نظاري، گل، پکيءَ، ۽ ڪِن ڪڪوريل ڪاڪُلن ۽ محبوب چهري کي نه ڏسن، ته اُن کان بهتر اهو ئي آهي ته اُهي ٻئي اکيون ڪڍي ڪانگن کي ڏئي ڇڏ! ڇو جو اهڙيءِ بيڪار انڌائي کان وري به اونداهيءَ وڌيڪ چڱي آهي!“ لطيف جي دانشوراڻي سوچ جو منشور فقط اهو آهي ته:
    جان تَن ڪيوءِ نه تيئن، سُئيريان ئي سَنهڙو،
    پرينءَ پائيندا ڪيئن، توکي اکڙين ۾.
    پنهنجو تَن سُئي کان به وڌيڪ سنهڙو ڪري، وڃي انسان محبوب جي اکين ۾ داخل ٿي! تو ائين نه ڪيو ته پوءِ توکي محبوب ڪيئن پنهنجين اکين ۾ پائيندا. تون جيڪڏهن ٻين کي، اکين ۽ دل ۾ داخل نه ڪندين ته توکي ٻيا به ڪيئن پنهنجو محبوب سمجھندا؟ ڌاريائي کي دور ڪرڻ لازمي آهي، اها برقرار رهي ته ڪجھه به نه ملندو! لطيف جي هن فڪر ۾ ڪو به مونجھارو ناهي. هيءُ فڪر ڏينهن جھڙو اُجرو ڀاڪر جھڙو دلربا آهي.
    حوصلو حيرت ۾، ڪَري ڪينَ دَرڪ،
    جو حُسن سندو حق، سو ڪور پروڙي ڪين ڪِي.
    انساني عقل حيرت ۾ ڪجهه نٿو سمجھي، حقيقي حُسن جو جيڪو سچو مُلهه آهي، تنهن کي انڌو نٿو سڃاڻي سگھي! حُسن حيرت ۾ وجھي ٿو! اهو يونيورسل سچ آهي. حُسن کي ڏسڻ لاءِ به اکيون گھرجن! حُسن روحانيت ۽ احساس کي تسڪين ڏيندڙ حقيقت آهي، ان جو ظاهري مُلهه ڪري ئي نٿو سگھجي. حُسن کي دل سان داد ڏبو آهي. حُسن جو ملهه ان سان محبت آهي. پيار حُسن جي تشريح آهي. جيڪڏهن پيار ڪرڻ واريون ئي اکيون ڪنهن وٽ ناهن ته پوءِ اهو ڀلا ڪهڙو حُسن کي حق ڏيندو؟ حُسن جو حق اهو آهي ته، اکين کان وڏو دنيا ۾ ٻيو ڪو ڪرشمو ئي ناهي، جيڪي انسان کي حُسن جي سامهون آڻي بيهارين ٿيون. حُسن لازوال سچ آهي.
    لطيف پنهنجي دانشوراڻي فڪر ۾ عقل جي انڌن جو تمام گھڻو ذڪر ڪيو آهي:
    تو جو ڏيئو ڀانئيو، سو سُورج سُهائي،
    انڌن اونداهي، جي رات وهامِي ڏينهن ٿيو.
    انڌن کي ڪڏهن به اها سُڌ ناهي رهندي ته ڪڏهن رات وئي، ڪڏهن ڏينهن ٿيو! اُهي سج کي به ڏيئو سمجھي، رات ۾ ئي رهڻ پسند ڪندا آهن. اهو وڏو سانحو آهي. انهن عقل جي انڌن جي ڪري دنيا وڏي تباهي ڏٺي آهي. روشنيءَ کي نه سمجھي سگھڻ واري الميي جي ڪري انسان تمام گهڻو رتو ڇاڻ ٿيو آهي. انسان ان انڌائي جي وڏي قيمت ادا ڪئي آهي. عشق جي روشني کي روح سان سمجهي ماڻهو ان کي ويجھو رکن ها ته، اونداهيءَ ۾ رهڻ جي ڪا ضرورت ئي نه پوي ها. لطيف جو هڪ اهم فڪري نقطو هِيءُ آهي ته: ”ڏک انسان کي ڏاهو ڪن ٿا!“ ڏک اونداهي ناهن، ڏک روشنيءَ آهن! ڏکن مان ئي ڪا سڻائي واٽ نڪري ٿي.
    ٻَريا ئِي ته ٻار، ڦُوڪ تي لڳين اَنبرين.
    ”جي باهه لڳي اٿئي ته، اُن کي ٻاريندي رهه! مچ کي ايڏو ڀڙڪاءِ جو اُهو عرش سان وڃي لڳي!“ باهه کي عرش سان وڃي لڳائڻ ڪيڏي انقلابي ۽ محبوباڻي سوچ آهي! باهه جي ڇا ته اها قيمتي تشريح آهي. هِي عشق جي باهه جي ڳالهه آهي، جيڪا زميني سچ آهي. زمين جي باهه کي عرش تائين پڄائڻ جي ڳالهه ڪا معمولي ڳالهه ناهي.
    هتي لطيف وري هڪڙو نئون ڪمال ڪري ڏيکاري ٿو. هاڻ هُن سان جديد سائنسي فڪر همراهه آهي:
    جتي عرش نه اُڀ ڪو، زمين ناههِ ذرو،
    نڪو چاڙهو چنڊ جو، نڪو سج سَرو،
    اُتي آديسين جو، لڳو دنگ درو،
    پَري پَين پَرو، ناٿ ڏٺائون ناه ۾!
    نيل آرم اسٽرانگ ته ويهين صديءَ ۾ وڃي چنڊ تي پير رکيا هئا، پر لطيف اهڙي آديسي جي اڳڪٿي ته ارڙهين صديءَ ۾ڪري ڇڏي هئي. لطيف ته تڏهن ئي طئي ڪري ٻڌايو هو ته ڪهڪشائون پنهنجي پنهنجي محور ۾ موجود آهن. اڄ اهي خلائون فتح ٿي چڪيون آهن، ته ڄڻ لطيف جو دانشوراڻو فڪر سوڀ ماڻي چڪو آهي. لطيف اصل ۾ انسان جي هر اڳتي کڄندڙ قدم جو دوست آهي. تبديليءَ ۽ انقلاب جو نشانبر آهي. ترقي جي کڄندڙ وک جو اعلان آهي. هر نئون قدم پراڻ پرستيءَ، ۽ دقيانوسيءَ جي خلاف آهي. بغاوت آهي! بغاوت نئين مشاهدي جو نالو آهي. مشاهدا ته صرف خطرا مٿي تي کڻي حاصل ٿيندا آهن. لطيف واضع ڪيو آهي ته جدوجھد کان سواءِ تبديلي ۽ انقلاب ممڪن ئي ناهي. ويهڻ وارن تي ته هميشه وليون چڙهي وينديون آهن. سُتل ماڻهن کي ته ساٿ جو وچن ڏيڻ وارا به اڌ ۾ڇڏي هليا ويندا آهن. غافل رهڻ وارن کي ته جبل به اُهي سوکڙيون نٿا ڏين، جيڪي اهي پنهنجي اندر ۾لڪايو ويٺا آهن!
    ڇپر ڪِين ڏِئي، سُوکڙيون سُتن کي.
    سوکڙيون جاڳڻ وارن کي ملنديون آهن. آسمان، فقط اوجاڳا ڪرڻ وارا فتح ڪندا آهن! لطيف غافل نه هو، سجاڳ صوفي هو، ڄاتس پئي ته تبديليون اچي رهيون آهن. دنيا جي ڪنڊ ڪُنڊ مان تبديليون آڻڻ لاءِ انسان سج وانگر اُڀري چڪا آهن! دنيا ۾ تعميري سوچ رکندڙ انسان به آهن، ته تخريبڪار به آهن.انهن ۾ رهزن به آهن، لٽيرا به آهن. ڪڇ ۾ ڇُريون هٿن ۾ ڪتاب اٿن! لطيف اُن دؤر جو دانشور شاعر آهي، جڏهن يورپ پنهنجا پير دنيا ۾ کوڙڻ لاءِ بنا ساهيءَ جي سرگرم هو. نئين سائنسي ايجادن ۽ تجربن تي غور ڪري رهيو هو. گُليلو اُڀ جي اسرارن کي ڪڇڻ ۽ ڦلهورڻ لاءِ پئي پر ساهيا! يورپ جا ڏاها نئين کوجنائن لاءِ سرگردان هئا.خوردبينون ايجاد ٿي چڪيون هيون. سمنڊ جديد طريقن سان فتح ڪيا پئي ويا. قومون پاڻ کي طاقتور ثابت ڪرڻ لاءِ منظم شڪليون اختيار ڪري چڪيون هيون. تلوار ٿڇ ٿي چڪي هئي. رائيفل نروار ٿي بيٺي هئي. منظم فوجون دنيا جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ قبضا خوريءَ لاءِ رڌل هيون. واپاري دنيا جون منڊيون ڳولي رهيا هئا. انهن جا منظم جاسوس ٻهروپ ڪري گھُمي ڦري رهيا هئا. سنڌ اڃان جديد ترقيءَ کان وانجھيل هئي. قبضا گيري جو شڪار هئي. پرماري قوتون ڀيلاڙن ۾ رڌل هيون .سنڌ ۾ ان وقت هڪڙا گروهه ماڻهن کي ذهني غلاميءَ ۽ ٻيا گروهه جسماني غلاميءَ ۾ مبتلا رکڻ لاءِ سرگم هئا. استحصال جون شڪليون مختلف هيون. گھڻو ڪجھه غلط استعمال ٿي رهيو هو. لطيف ڏٺو پئي! دل ئي دل ۾ ڪڙهيو پئي!
    جھ سي سنڀرجن، سَھ تنين سي اوريان،
    لنئون لنئون هيٺ وڄن، رڳون ربابن جئن!
    لطيف جي وجود ۾تاڙا ٿي تڙپيا، هُن ماڻهن کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ پئي وس ڪيا. لطيف ننڊ پيل ضميرن کي ڌونڌاڙي جاڳائڻ لاءِ ڪو ڪردار ادا ڪرڻ جو پهه ڪيو هو. لطيف پيرن ۾ ڪريل پاڇن جهڙين ذلالتن کي برداشت نٿي ڪري سگھيو. لطيف ان دؤر ۾ پنهنجي ماڻهن جي رهبري پئي ڪرڻ چاهي جيڪو دؤر قومي حوالي سان ڏکيو هو. ان وقت مشڪلاتون هيون، هڪڙن ماڻهن تعويذن ۽ ڦيڻن ۽ معجزن کي بيان ڪري سادن سنڌين کي پئي ڦريو، ته ٻئي پاسي ڀوپن دونهيون ڪري ماڻهو ويٺي ڌوڻايا! پر لطيف پئي سنڌين کي سمجهايو:
    دُنگيءَ ۾ داڻا، وَٺي وِجھه وَکر جا،
    وِيرُ وڙهنديءَ ويسرا، ويههُ مَ ويڳاڻا،
    هِي ننڊُ نه ڄاڻان، ڪڏهن هَڻنديءَ ڪن ۾!
    لطيف انساني همٿ جو عاشق هئڻ ناتي، هڪڙو ٻيو اهم دانشوراڻو ڪم اهو به ڪيو آهي، جو جرئت ڏيکاريندڙ انسانن کي داد جي انتها ڏني اٿس! ان جو مقصد اهو ئي آهي ته قوم ۾، انسانن ۾ همٿ جو جذبو وڌائجي! پوءِ ڀلي ان کي ڪير ڇا به سمجھي! ”جتي پاڻ کي هوشيار سمجھندڙن کي به پتو نه پوي، گرداب پيا ڦرن، ڀوائتيون ڀِڪون پيون ڪِرن! اتي بظاهر هيڻو نظر ايندڙ انسان ترندو وڃي! اهڙين طاقتن جي اُٿل پُٿل ۾ ڪاهيو حيران ڪيو ڇڏي! اهو وجد ڪيڏو عظيم آهي! دل جي سگهه سامهون درياءَ به هڪ وک کان مٿي حيثيت نٿا رکن!“ لطيف اهڙي پورهئي ۽ ذهني فڪري ڪم جو قائل آهي، جيڪو سدائين ڪنوارو رهي.
    وَکر سو وهاءِ، جو پَئي پراڻو نه ٿِئي.
    ويچيندي ولات ۾، ذرو ٿِئي نه ضاءِ،
    ساڪا هَڙ هَلاءِ، آڳه جنهن جي اُبهين.
    تاريخ شاهد آهي ته ولايت ۾ رڳو عام واپاري شيون مانائتيون ناهن ٿيون، پر اهو فڪر به سرحدون پاري ڪري ڏيهن کي موهي ٿو، رهنمائي جو سبب بڻجي ٿو. جيڪو عالمگير سچ ۽ انسانيت جي پچار ڪري ٿو. عالمگير فڪر جي عظمت جي اها گواهي آهي ته اڄ پوري دنيا جي عظيم صوفي شاعرن کي يونيورسٽين ۾ پڙهايو وڃي ٿو. اهو ضايع ٿيڻ جھڙو وکر ناهي، اُملهه انساني سرمايو آهي.
    سَڀ ننگيون ٿِي نِڪرو، لالچ ڇڏي لوڀ،
    سُپريان سِين سوڀ، ننڊون ڪندي نه ٿِئي.
    ڳالهه جسماني اگھاڙپ جي ناهي! (لطيف جي سڄي شاعريءَ مهذب پڻي جي اعليٰ لباس ۾ آهي). ڳالهه دل مان، لالچ کي اگھاڙو ڪري ٻاهر ڪڍڻ جي آهي! ڪِني مطلب پرستيءَ اگھاڙپ آهي. ان کي دل ۽ ذهن مان نيڪالي ڏيڻي آهي. سچ اگهاڙو آهي، لطيف انقلابي سچ بڻجي جيئڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. اگھاڙي سچ سان ميدان ۾ اچو، نروار ٿيو! لالچ ۽ خوف جو لباس پاڻ تان لاهيو. انهن ٻن شين دنيا کي تنگ نظر بڻايو آهي. اهي ٻه شيون ڇڏڻ سان انسان، اصل انسان بڻجي ٿو. دل کي جاڳڻ گھرجي. دل جي ننڊ انسانيت جو وڏو الميو آهي!
    طالب جي تَحقيق جا، نِينهن تنين وَٽ ني.
    ”جيڪي حق ۽ سچ جا ڳولائو آهن، تن وٽ عشق کڻي وڃ! يا انهن مان محبت پِراءِ!“
    تَتي ٿَڌي ڪَاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي.
    متان ٿئي اونداه، پير نه لَهين پِرينءَ جو.
    جيڪو به ڳولڻو آهي، سج جي روشنيءَ ۾ ڳوليو! وقت جي اهميت کي ڄاڻو! سج جي روشني زندگيءَ آهي! اونداهي اُن جو ضد آهي. اونداهي چورن ۽ ڦورن جو پردو آهي! اُهي اونداهي ۾ توکي لُٽيندا، سچ کي ڳولڻ نه ڏيندا. اونداهي ذريعي هنن جي بادشاهي آهي!
    روشني انهن جي دشمن آهي. اونداهي جي غارن ۾ هميشه زناور رهندا آهن. تون فقط روشنيءَ سان پيار ڪر.
    ڇڄَ مَ قطاران، ساٿ چَڙهندو لَڪين،
    مَڇڻ ٿِئين پُئان، وڳ واٽ ئِي نه لَهين!
    تُون اُن قافلي کان ڇڄي ڌار نه ٿي، جيڪو ڏکين واٽن تي هلي ٿو. ڏکيا رستا هميشه انقلابي انسان اختيار ڪندا آهن. اُهي ئي بيباڪ، بي غرض ۽ منفرد انسان هوندا آهن. انهن جو قافلو تنهنجي اکين کان غائب نه ٿيڻ گھرجي. تون انهن جو حصو ٿِي اڳتي هل. متان پوئتي رهجي وڃين. ائين ٿيو ته اڌ ۾ رهجي ويندينءَ. هم خيالن جو قافلو انسان جي وڏي طاقت هوندو آهي. اها طاقت انقلاب آڻي، منزل تي پُڄائيندي آهي.
    واڪو هَڏ مَ لاهه، سڏن مَٿي سَڏڙا،
    مان تنهنجي ڪا، سڳر ۾ سار ٿئي.
    ڪهڙيون به حالتون هجن، تڪليفون هجن، صليب ۽ گھاڻا هجن، پر پنهنجو آواز بند نه ڪر. پنهنجا چپ چوريندو رهه، تنهنجو آواز تنهنجي سگھه آهي. واڪو للڪارڻ جي علامت آهي. جنجھوڙڻ جو سچ آهي! تنهنجو آواز، تنهنجي زندهه هئڻ جو ثبوت آهي! جيڪو گواهي ٿو ڏئي ته تون غلاميءَ کي نٿو مڃين! سچ ڏکين راهن ۾ به چئي ڏي! سڏ ڏيندو رهه! ماڻهن کي جاڳائيندو رهه! اهو وقت ضرور ايندو. ماڻهو تنهنجي جدوجهد ۽ آواز ڏي متوجھه ٿيندا. تون ڪو واڪو ڪندين ته تنهنجي هن دنيا ۾ يادگيري ڪئي ويندي. ماٺ ڪري ويٺين ته ڄڻ مري وئين! تنهنجو واڪو انقلاب جو گيت آهي! اهو ئي نظريو اڳتي وڌائيندي لطيف چوي ٿو:
    سکر سيئي ڏينهن، جي مون گھاريا بند ۾،
    وَسايم وڏ ڦُڙا، مٿي ماڙِين مِينهَن،
    واجھاڻيس وصال کي، ٿيس تَهوارُون تِيِئَن،
    نيئر، منهنجي نينهَن، اُجاري اڇو ڪَيو.
    هِيءُ انقلابي سوچ جي انتها آهي. عام زندگيءَ ۾ پاڻ کي مڙس ماڻهو سڏائيندڙ همراهه، جيلن ۾ پُڄي، ڀاڙيا ٿي ويندا آهن. هوا نڪري ويندي اٿن! پڇتاءُ ڪندا آهن! پر لطيف جي فڪر جو حُسن ته ڏسو، جو چوي ٿو، اُهي عظيم ڏينهن آهن، معتبر ۽ مقدس ڏينهن آهن، جيڪي مون قيد خاني ۾ گذاريا آهن. هن امتحان مون کي توريو آهي. ڊپ ڏنائون، لالچون ڏنائون، پر آئون انهن آڏو ڪونه جھڪيس! هر آڇ کي ٿُڪي ڇڏيم ، ڇو جو سوديبازي اسان جي نظرين ۾ ڪفر آهي. مون هُنن کي، هُنن جي قيد خاني کي هارائي ڇڏيو. مون تڪليف جي ڪري ڳوڙها ناهن هاريا، مون چاهيو فقط اهو آهي ته دل جو غبار ڌوپبو رهي. دل صاف ٿيندي رهي! جيئن اها منهنجي همٿ آڏو رڪاوٽ نه بڻجي. جيئن جيئن مون سوچيو پئي، تيئن تيئن تهوارن جي ڏينهَن جيان پئي ٿيس.
    اهي تهوار ڏياريءَ، هوليءَ، ۽ عيد کان گھٽ نٿي ڀانيم. منهنجو هِن قيد خاني تي اهو ٿورو آهي جو ان جي جيڪا زنجير گھڻي وقت کان زنگجي وئي هئي، منهنجي عشق ۽ نينهن اُن بي جان لوهي سنگھر کي به ڌوئي صاف ۽ اُجرو ڪيو آهي!
    لطيف جي شاعريءَ جيئن ته بيحد سنجيدگي ۾ رڱيل آهي. ان سنجيدگي ۾ لطيف جي دانشوراڻي سوچ ٻهڪي ٻاهر نڪتي آهي! ”اندر ۾ ڳالهين جي وڻن جا ٻيلا اڀريل آهن، پر اُهي جاهلن سان اوري نٿيون سگھجن. ڇو جو انهن وٽ ٻُڌڻ جي سهپ ناهي!“
    ”هتي گلاب کي ٿوهر چوڻ وارن جي گھڻائي آهي. آئون هن زمين مٿان انهن وزني ڳالهين کي دل اندر کڻيو پيو گھمان، ڪنهن سان اوري نٿو سگھان. اهي ڳالهيون عقل کان وانجھيل جاهل سمجھي ڪونه سگھندا. اُبتو نيون تهمتون ۽ فتوائون مڙهي ڇڏيندا. منهنجي سانڍيل ڳالهين ۾ سچ جي باهه آهي. جيڪڏهن مون ذريءَ به حقيقت ظاهر ڪئي ته پوءِ مروئن کي ماٺ لڳي ويندي. اُهي سوئر جيڪي اونداهيءَ جو سهارو وٺي معصوم انسانن کي شڪار ڪن ٿا. مارين ٿا! حقيقت ظاهر ڪيم ته وڻ ٻري ويندا، فساد کڙا ٿي ويندا، ۽ زمين مان جيڪي سلا اڀرن ٿا، اهي اڀرڻ ڇڏي ڏيندا. في الحال آئون پنهنجي زمين مٿان رازن جو بار کنيو پيو هلان. هن زمين هيٺ به گھڻو ڪجهه آهي. زمين جي سيني ۾ سوين راز دفن ٿيا پيا آهن.“
    جا ڀُونءِ پيرين مون، سا ڀُونءِ مٿان سڄڻين،
    ڌِڱ لٽبا ڌُوڙ ۾، اُڀي ڏٺاسُون،
    ڏينهن مِڙوئي ڏُون، اُٿي لوچ لطيف چئي.
    جنهن زمين تي منهنجا پير آهن، اُهي پير پختا رڳو ان ڪري آهن، جو اها منهنجي وطن جي محبوب زمين آهي. ان زمين اندر ڪيئي دلربا صورتون دفن ٿيل آهن. دفن ٿيل انسان منهنجا محبوب ۽ سڄڻ آهن، منهنجي دلبرن جا هڏا هن مٽيءَ ۾ پوريل آهن. اهي مون مان هئا، آئون انهن مان آهيان. اُهي معمولي انسان نه هئا، اُهي محبت ڪرڻ وارا منفرد انسان هئا. اُهي بهارن جا روهيڙا ۽ برساتين جا رڌم هئا. انهن جون آزاديءَ جي صبح جهڙيون صورتون هيون. انهن هِن مٽيءَ کي پنهنجو رَت ۽ پگھر پياريو هو. اُهي انقلابي انسان هئا، انهن هن ڌرتيءَ مٿي رهي عظيم نظريا ڏنا، انهن وطن ۽ انسانن جي عظمت لاءِ هر پل ويچاريو. مون کي انهن جي ڏيکاريل واٽ تي هلي ڏيئا ٻارڻا آهن، مون کي اڃا گھڻو ڪجھه ڳولڻو آهي. ۽ اهو سوچڻو آهي ته ڪيئن محبت لاءِ جيئجي! ڇو جو ماڻهو ڏاڍا موقعي پرست ٺڳ آهن. ماڻهن هن دنيا کي پاڳل خانو بڻائي ڇڏيو آهي.
    آدمين اخلاص، مَٽائي ماٺو ڪيو،
    هاڻ کائي سڀڪو، سندو ماڻهو ماس،
    دلبر هن دنيا ۾، وڃي رهندو واس،
    ٻئي سڀ لوڪ لباس، ڪو هِڪدِل هوندو هيڪڙو.
    ماڻهو جو گوشت ماڻهو پيوکائي! ماڻهو جو رت ماڻهو پيو پيئي! ماڻهو جو قاتل ماڻهو آهي. ماڻهو اها ترقي ڪئي آهي! ماڻهن پنهنجي مطلب جا نظريا ٺاهي، مختلف ڪوڙڪين ذريعي انسان کي ڦاسائي شڪار پيا ڪن! ماڻهو، انسان جو شڪار پيو ڪري! بي ضميريءَ جي اها انتها آهي. ماڻهن شروع ۾هٿيار وحشي جانورن کان بچاءَ لاءِ ايجاد ڪيا هئا، هاڻ انهن هٿيارن جا مُنهن انسانن جي سامهون ٿيل آهن! گوليءَ کي انسان، ٻئي انسان کي هڻڻ لاءِ خريد ٿو ڪري! ميزائيل انسانن کي ناس ڪرڻ لاءِ گھڙيا ويا آهن. ائٽم بم انسانن جي دنيا کي تباهه ڪرڻ لاءِ وجود ۾ آيا آهن. جانور ٻئي جانور تي پنهنجي برتريءَ ثابت ڪرڻ لاءِ وڙهي ٿو، ائين ئي ماڻهو جانوريت کي کڻي سامهون آيا آهن.
    انسان کي دولت لاءِ انسان اغوا ڪري ٿو. معصوم ابهم ٻارڙين کي زنا جي منهن ۾ وجهي ماڻهو ماري ڇڏين ٿا. لکين نياڻيون روز لٽجن ۽ ڪسجن ٿيون. ڀاءُ کي ڀاءُ ڌن لاءِ ڪُهي ڇڏي ٿو. هابيل، قابيل جي سامهون آهي! دنيا جي تباهي يا ترقيءَ جو ذميوار اصل ۾ خود انسان آهي. دنيا کي تبديل ڪرڻ انساني دماغ جو ڪم آهي. لطيف جو دانشوراڻو فڪر اهو ٿو چٽو ڪري ته دنيا ۾ انسان جي ڪردار جي خوشبوءِ باقي رهڻي آهي. نالو زندهه ان انسان جو رهندو جيڪو هن دنيا کي ڪا سٺائي ڏيئي ويندو. ڪي ايجادون ڇڏي ويندو. هُن جي اها محبت ڪڏهن به ڪونه مري سگھندي. هڪ عظيم انسان ڪنهن وڏي اداري برابر هوندو آهي. انسان جو ڇٽيل ٻج دنيا کي ڪم اچي ٿو. سورج مُکيءَ اتان ئي ته اُڀرن ٿا! اهڙا عظيم ماڻهو ڀلي ٿورا ڇو نه هجن، پر اهي دنيا جو عظيم سرمايو آهن. لطيف سماج جي ذميوار فردن کي پنهنجو اصل ڪردار ياد ڏيارڻ لاءِ جيءَ سان جاکوڙيو آهي. منفرد بڻجڻ لطيف جو نظريو آهي. ان سان گڏ لطيف محبت کي سر فهرست رکيو آهي.
    وَڳر ڪيو وَتن، پِرت نه ڇِنن پاڻ ۾،
    پَسو پکيئڙن، ماڻهان ميٺ گھڻو.
    پکي پاڻ ۾ وڳر ڪري گڏ هلن ٿا، ته ڪيڏا سُهڻا لڳن ٿا. ماڻهن ۾ ائين نظر نٿو اچي، ان ڪري دنيا الميو بڻجي وئي آهي. ڀوڳ ٿي وئي آهي! ماڻهن کي به گھرجي ته پکين وارو مثال قائم ڪن. ان حوالي سان لطيف وٽ نئون نياپو آهي.
    نئون نياپو آئيو، راڻي مِلان رات،
    لڌِي سُون لطيف چوي، ڪنا ڏاتر ڏات،
    ڪهڙي پُڇين ذات، جي آيا سي اگهيا.
    ڊاڪٽر تنوير عباسي جي بقول: ”لطيف نه فقط سنڌ، پر سڄي دنيا کي ”نئون نياپو“ ڏنو آهي، اهو نياپو آهي، برابريءَ جو نياپو، اهو نياپو آهي مساوات جو نياپو. اهو نياپو آهي، انساني هڪجھڙائيءَ جو نياپو. جيڪو ذات ، پات، اوچ نيچ ۽ ٻيا فرق ميساريو ڇڏي.“


    لطيف وٽ وحدت يا هڪ مرڪز جو نظريو

    نڪا ڪُن فَيڪُون هئي، نَڪا هونگ نه هون،
    سڄڻ تنهن ساعت ۾، اُڀي ڏٺو سون،
    مون تن تڏهانڪون، ملي ملاقات ڪئي.
    اها پڌري ڳالهه، پڌري حقيقت آهي ته، بابا ڀٽائي هڪ منفرد ۽ نج وحدت الوجودي صوفي شاعر آهي. لطيف کي اهو رُتبو جنهن فڪر اوڍايو آهي، اهو عظيم انسان دوست فڪر آهي، جيڪو سڄي عالم ۽ انسانذات جو خواب آهي. لطيف جي عظيم فڪر جي محبوباڻي ادا اها آهي ته اهو فڪر يڪسوئي ۽ هڪ مرڪز جو قائل آهي. هڪ دل پوري انسانيت سان محبت لاءِ ڪو ڪردار ادا ڪري يا تڙپي، اهو لطيف جو منشور آهي. هڪ مرڪز تي بيهڻ لطيف جو بنيادي نظرياتي نقطو آهي. اهو به ياد رهي ته لطيف هڪ نقطي جي آڙ ۾ محدود ٿي وڃڻ جو قطعي حامي ڪونهي. اُن هيڪڙائي سان دل لڳائڻ جو حامي آهي جيڪا هجومن ۾ به روحاني طور ماڻي سگھجي ٿي. هڪ محور تي سوچ کي رکي ان منزل تائين پهچڻ جي جاکوڙ جو نالو لطيفي فڪر آهي. اُن منزل کي حق، حُسن، عشق، سچ مطلب ته ڪو به نالو ڏئي سگھجي ٿو. پاڻ کي ڳولڻ جو بنياد لطيف هيڪڙائيءَ ۾ ضم ٿيڻ کي سڏي ٿو. پاڻ کي ولوڙڻ جو نالو لطيف عشق سمجھي ٿو. هڪ درياهه سان ملڻ لاءِ ڪڏهن ٻيڙيءَ بڻجڻ، ڪڏهن اُن ۾ لڙهندڙ ڪاٺيءَ ٿيڻ، پر هر حال ۾ ان درياهه جي سيني ۾ رهڻ لطيف جي وحدت، يڪسوئي، ۽ هيڪڙائي جو حَسين نظريو آهي. مذهبي طور خدا سان عشق جي ڳالهه هجي، يا هڪ انسان محبوب سان عشق جو اسرار جُڙيل هجي، لطيف ان هيڪڙائي جي فلاسافيءَ کي حُسناڪي جي هوليءَ ڪري پيش ڪيو آهي. لطيف ان کي لاحد سڏي ٿو. پر جيڪڏهن ڪو لامذهب آهي ته لطيف اُن کي پنهنجي نظريي تي بيهڻ واري عمل تي ڪافر نٿو سڏي! اهو لطيف جي تصوف جو بنياد به آهي، ته انساني عشق جو محور به آهي. لطيف زندگيءَ جو شاعر آهي. هُن جو تصوف بنياد پرستيءَ واري فڪر جو حامي ناهي. هُن وٽ زندگي عشق جو نالو آهي، جيڪا مرڻ ۾ به ڪو مشاهدو ڳولي ٿي! مري به هڪ ٿيڻ ان وحدت جو ماڻڻ سمجهي ٿي. وحدت سان عشق جو بنياد ڪيئي نوان نقطا نروار ڪري ٿو. عشق وڪامي نٿو! بازار جو سودو ٿيڻ اُن لاءِ ڪفر آهي. هڪ هستيءَ جيڪا انسان جي تانگهه ۽ عشق جو محور آهي، اُها اُن جو سڀ ڪجھه آهي. ان سان نينهن، مينهن بڻجي انسان جي اندر جي ميرائي کي ڌوئي صاف ڪري ڇڏي ٿو. اصل ۾ انا ڌوپجي ٿي، ته انسان سڀني جو دوست بڻجي وڃي ٿو. هڪ محبوب جو عشق انسان کي ڇانءُ بڻائي ڇڏي ٿو. جنهن ۾ڪوبه ويهي سگھي ٿو. انا مان ئي فساد اُڀرن ٿا، انا ئي ته دورين جا ڪانڊيرا پوکي ٿي.”آئون ڪجھه به ناهيان، تون ئي سڀ ڪجھه آهين!“ جي تنوار ان عشق جو روح آهي، جيڪو انسان جي اندر مان اڀري ٿو ته ڄڻ امن جي واءُ جو ٿڌو جھوٽو محسوس ٿئي ٿو. اُڀ جو پهريون ستارو، بهار جو پهريون گل ان تصور ۾ جاڳي ٿو.
    گُوني ۽ گوَني، پرينءَ پَٽائين گَج جئن،
    جي مَن مجونِي، سي ڪئن وڃن وسري.
    لطيف جي شاعريءَ ۾ اهو يڪسوئي، وحدت، هيڪڙائي، هڪ محبوب جي ڳالهه ۽ اُن عشق واري انوکي تڙپ جو محبوباڻو اظهار بنا ڪنهن پردي جي، پکيءَ جي اڏار وانگي سامهون آهي. لطيف جو تصوفاڻو فڪر به آهي، ته انساني عشق جو بنيادي مرڪز به آهي.
    پڇيو ئي جان دوست، تان پاسي ڪر پرهيز کي
    جنين ڏٺو هوت، تن دين سڀيئي دور ڪيا.
    لطيف جي هيڪڙائي واري تصور ۾ انسان دٻيل نظر نٿو اچي، انسان اڀريل ٿو نظر اچي! چوڻ جو مقصد هِيءُ ته، انسان بنياد آهي، مرڪز آهي، جنهن مان عشق نڪري ٻاهر نروار ٿئي ٿو! اهو ڪٿي مذهب، ڪٿي فطرت، ڪٿي قوم، ڪٿي وطن، سان وڃي ٻکجي ٿو. جانور ۽ انسان جي وچ ۾ اها ئي شعوري ليڪ آيل آهي.
    ڪاتب لکيو جيئن، لايو لام الف سين،
    اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾!
    اهو الف لطيف جي هيڪڙائي جو فلسفو آهي، جيڪو لام جي اندر ويهڻ کان سواءِ بنهه بي معنيٰ آهي. الف جي اڪيلائي لام جي سيني سان ملي آٿت ماڻي ٿي. عشق اڪيلو آهي، هجوم ناهي، ان کي اها اڪيلائي لامحدود ڪري ٿي، پر اڪيلائي ان عشق جي اصل خوشبوءَ آهي، جيڪا تڙپ جي حسناڪي آهي. لطيف جي ان اڪيلائي جي فلسفي کي نظرين ۾ سوگھو ڪري نٿو سگھجي، نه ڪنهن هڪ ڌرم جو لباس پارائي ٿو سگھجي. ڇو جو عشق پنهنجو لباس پاڻ آهي. لام لامحدود جي علامت آهي. لطيف جو نظريو هيءُ آهي ته روح هڪ آهي، سڄڻ به هڪ هئڻ گھرجي. لطيف اهو نظريو پنهنجي سڄي شاعريءَ ۾ پلٽيو آهي. لطيف اهو نظريو مختلف ڪردارن ۽ شين ذريعي، حقيقتن ۾ ڀري مختلف احساسن ۽ شڪلين سان پڌرو ڪيو آهي. اهي شڪليون ڀتين وانگي ماٺ نه، پر دلين وانگي ڌڙڪندڙ آهن. ايتري تائين جو ڪابه حقيقت محدود نٿي لڳي.
    مارئي هڪ ڳالهه تي ڳنڍ ٻڌي بيٺل آهي ته منهنجي دولت منهنجو وطن آهي، منهنجو لباس ملير آهي. منهنجي سِڪ ماروئڙن سان واڳيل آهي.
    بندي ٻيا قرار، اسين لوچون لوهه ۾!
    مٿي تَن تَرار، سدا سانڀيئڙن جي.
    هِي بنيادي طور هڪ عشق جي اڪيلائي جو آواز آهي پر هن عشق کي محدود عشق چئي نٿو سگھجي! مارو آهن، اُهي انسان جي صورت ۾ آهن. وطن آهي ته اهو لکين انسانن جو گھر آهي. ان سان نظريا واڳيل آهن، محبتون سلهاڙيل آهن. ان وطن سان فطرت جڙيل آهي، جنهن ۾ نظارا آهن، گل، پکي، موسمون ۽ لکين جيون رکندڙ حقيقتون آهن. هڪ عشق لکين ٻرندڙ ڏيئن جو نالو آهي، جيڪو ان سچ کي سمجھي!
    ڏياچ کي سُر سان عشق آهي! فلسفو هِي به هيڪڙائي جو آهي. سُر سان ايڏو جيءُ جُڙيل آهي، بس ساز وڄندو رهي، اهو بند نه ٿيڻ کپي! ساز وڄائڻ واري مڱتي کي سِر کپي ٿو ته ڀلي کڻي وڃي! سُر تي سِر پنهنجي هٿن سان پاڻ ڪپي ڏبو، پر سُر سان عشق وارو ڀرم ميرو نه ٿيڻ ڏبو!
    مَٿي اُتي منهنجي، جي ڪوڙين هُوَن ڪپار،
    ته واريو واريو وڍيان، سِسيءَ کي سئو وار،
    ته پَڻ تند تنوار، موهان مٿاهون مڱڻا!
    هي ته هڪ سِر آهي، ڪلهن وچ ۾ جيڪڏهن ڪروڙين ڪنڌ هجن، تڏهن به ان عشق کي ڪوري ڏجن، جيڪو اندر ۾ موجود آهي! ڳالهه سِر جي بقا جي ناهي، ڳالهه سُر ۽ عشق جي بقا آهي! سُر ائين تخليق ناهي ٿيو، اُن سُر کي هزارين دردن جنميو آهي.
    سُر جي سُرت فقط انسانيت ئي ڪري سگھي ٿي. سُر سِرن کي وڍڻ لاءِ تخليق ناهن ٿيا، سُر ته انسان جي وجدان کي، درد کي سمجھڻ لاءِ تخليق ڪيا ويا آهن! ان ڪري جيڪو انسانيت جو پيغام کڻي انهن سُرن دنيا ۾عشق کي رابيل ڪيو آهي. ان عشق ۽ انسانيت لاءِ سِر حاضر آهي، اها ڪا وڏي ڳالهه ناهي! اهو لطيف جو پيغام آهي.
    مومل کي هڪ راڻي جي تات آهي. سڄي رات ڏيئا ٻاريو ويٺي واٽ ڏسي! سهڻيءَ برفيلي هوائن واري رات ۾ پيٽ هيٺان گھڙو ڏئي پئي ميهار لاءِ ٻئي پار وڃي. ان پار تان مال جي چڙن جا آلاپ پيا روح کي وجد ۾ آڻين. تات جي پيرن ۾ ڇيرون آهن. هيءُ هيڪڙائي جي اها فلاسافي آهي، جنهن جو اهو ئي آواز آهي ته،
    اکين ۾ ٿِي ويهُه، ته واري ڇپر ڍڪيان،
    توکي ڏِسي نه ڏيهُه، آئون نه پسان ڪِي ٻيو!
    اها ئي تانگھه سسئي جي ساهن جي به ڪهاڻي آهي. پيرن مان رت پيوڳڙي، ته به هڪ ئي محبوب جي تانگهه آهي! دنيا ماڻهن سان ڀري پئي آهي، پر پريتڻو هڪ سان آهي،ڄڻ ته ٻيا ماڻهو موجود ئي ناهن. عشق کي ٻيائي منظور ئي ناهي! تمنا فقط ان وحدت جي آهي ته : ”اي پرين! اچ ته توکي پنهنجي اکين ۾ لڪائي ڇڏيان. ته جيئن هِي ڏيهه توکي نه ڏسي سگھي. هتي جيڪي ميريون حوَسي اکيون آهن تن کان تون پري رهين، اُهي اکيون توکي ڏسڻ جي لائق ئي نه آهن! تون اهڙو آهين جو تنهنجي هوندي ٻئي ڏانهن ڏسڻ نسورو گناهه آهي!“
    ڀٽائي ان ئي فڪر جي روشنيءَ ۾ ”ٻيا در حرام“ جو محاورو ڪتب آندو آهي، جيڪي در در تي دوستي کي لائيندا آهن، انهن کي عارضي عاشق سڏيو اٿس. گل گل جو واس وٺڻ کي لطيف عشق نٿو مڃي، اهو ڪاروبار آهي. ان سان ته انسانيت جا ڪپڙا لهي ٿا وڃن. اها اگھاڙپ عاشقيءَ ناهي، ڪا ٻِي شيءَ آهي! انسان لاءِ انسان جو تقدس مري وڃڻ الميو آهي! لطيف هڪ دل، ۽ هڪ ٿي وڃڻ تي زور ڀريو آهي. لطيف عشق کي اتحاد تصور ڪري ٿو. انسان سان انسان جي محبت وڏي حقيقت آهي. انسان، انسان جي محبت جو قائل ناهي ته پوءِ انتشار اڻ ٽر آهي. رڳو ايترو ئي ناهي پر لطيف ته انسان جي هڪ نڪ هئڻ جو قائل آهي. يعنيٰ انسان وٽ هڪ جاڳندڙ ضمير هئڻ گھرجي، ضمير ناهي ته ڄڻ انسان ۾ انسانيت جو وجود ئي ناهي. لطيف ان کي نه عاشق مڃي ٿو، نه محبوب تسليم ڪري ٿو.
    جِنين سَندي مُنهن ۾، نِهائيون نَڪن،
    تِئان وَڍيو هيڪڙو، ته ڪِهڙو ٿورو تِن،
    سي مَر سُڃا ئي سُونهن، جِن ڀَلي ڀينگ ڀرم ۾.
    ”پئي کڻي پساهه، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي“ جي خيال کان ”ڪهڙي منجهه حساب! هئڻ منهنجو هوت ريءَ!“ تائين، ”سڄڻ ڏٺو جن، تِن ڳچيءَ سِر ڳهه ڪيو“ کان ”ڪانهي ٻي ورو نهن، ٿيو مڙيوئي مينڌرو“ تائين، لطيف جي هيڪڙائي واري عشق جي تصور جي هڪ ئي ٻولي آهي. ٻي ڪابه تات ناهي، ڄڻ هي احساس جي ڪا منظم تحريڪ آهي، جنهن جي لطيف شاعريءَ ۾ تاريخ لکي پڌري ڪئي آهي.
    مَنجھان مُنهنجي روح، جي وَڃي ساجن وسري،
    مَر لڳي لوُءِ، ٿر ٻاٻيهو ٿِي مَران!
    برسات نه وسڻ جي صورت ۾ ٻاٻهيا ٿر جي واريءَ ۾ مُنهن هڻي مرندا آهن. اهو انهن جي عشق جو جنون آهي. عظيم فطرت جو اهو هڪ لقاءَ آهي. لطيف به روح مان پرينءَ جي ياد ۽ سڪ کي ڪڍي ڇڏڻ کان پوءِ واري ڪيفيت کي، ڪفر کي، پنهنجي شاعراڻي لطافت ۽ وجد سان چٽو ڪيو آهي. لطيف جي سڄي شاعريءَ ۾ هيڪڙائي ۽ هڪ محبوبيت سان چاهنا جي تصور ۽ نظريي جا پڙاڏا گونجندڙ آهن. لطيف تصوف واري وحدت کي عاشقاڻي وحدت سان ڳنڍي ڇڏيو آهي. اها وحدت وطن جي حُب تائين ساڳئي مقصد ۾ پيش ڪئي آهي. لطيف سڏ ۽ پڙاڏي کي الڳ نٿو ڪري. هڪ ئي حقيقت ڄاڻي ٿو. هڪ وقت هو جڏهن شاعر ۽ راڳيءَ به پاڻ کي الڳ تصور نه ڪندا هئا، اُهي هڪ پيالي ۾ گڏجي پيئندا هئا! لطيف اُها ئي محبوباڻي محبت جڳ کي ٻُڌائيندي پڌرو ٿو ڪري ته محبت اڌو اڌ ٿي نٿي سگھي! محبت هڪ ٿيڻ جو نالو آهي. لطيف جو نظريو اهو آهي ته پنهنجي ڳالهه تي مڪمل سچائيءَ سان قائم رهو، پوءِ ڇا به ٿئي پرواهه ناهي! جيڪڏهن عاشق سڏايو ٿا ته عشق جي لڄ رکو. سوديبازيءَ نه ڪريو. ڪنهن به نظريي سان رهو،ان سان گڏ رهو.
    گُل گل پسي گودڙيا، گھڻا مَ ڀانئج،
    سوئي سڃاڻيج، هِي هُو آهي هيڪڙو.


    شاهه لطيف: عظيم وجداني شاعر

    شيخ اياز جي اردو ۾ ڪيل شاهه لطيف جي ترجمي واري رسالي جي مهاڳ ۾ اردو جي ناليواريءَ شاعره فهميده رياض لکيو آهي ته، “شاهه جو ڪلام دنيا جي عظيم ترين ادب وانگي، هڪ معجزو آهي. اها هڪ برساتي گھنگھور گھٽا هئي، جيڪا سنڌ جي سر زمين تي وسي، جنهن جي ڪري اڄ سنڌي ٻوليءَ، ادب، ۽ سنڌ جا شهر ۽ ڳوٺ سيراب ۽ مهڪيل آهن. بيشڪ هي معجزو صرف سنڌين جي نه پر ڪل عالمِ انسانيت جي ملڪيت آهي.”
    مٿيون سٽون لازوال سچ آهن. تاريخ جي هڪ ڪُٺل ٻولي، رهزنن پاران نظر انداز ڪيل دنيا جي قديم ٻولي سنڌيءَ کي جيئڻو هو، اهو فيصلو تاريخ ۽ سنڌي قوم گڏجي ڪيو هو، سنڌيءَ ٻوليءَ وقت جي دز ۾ قديم عبراني ٻوليءَ وانگي دفن ٿي وڃي، ان کان اڳي سنڌ لطيف کي جنمي ورتو، ۽ لطيف بنا شڪ جي سنڌي ٻوليءَ جي بقا جو مورچو ثابت ٿي ڏيکاريو! لطيف جياپي جي مهڪ آهي. روشنيءَ جو احساس آهي. ان حقيقت ۾ ڪوبه گمان باقي ناهي ته، ڀٽائي جي شاعريءَ ادب جو، شعور جو، ۽ جدت جو اهو جمال ۽ ڪمال آهي، جيڪو آرسيءَ بڻجي سامهون موجود آهي. اها آرسي بلڪل اُجري آهي. ڇو جو لطيف جو عشق خود اُجرو آهي. اُن جو روح شفاف آهي. حقيقت ۾ جھاتيءَ وجھڻ سان پتو پوي ٿو ته، لطيف شخصي وجود ۾ خود ڀريل بادل ۽ ڇانءُ رکندڙ هستيءَ هو. خود محبوب انسان هو، انقلابي هو، هن وٽ نه مصلحت هئي، نه مصنوعيت هئي! تاريخ گواهه آهي ته،عظيم شاعريءَ سِرجندي ئي تڏهن آهي، جڏهن شاعر جو فڪر ذهن، سوچ ۽ نظريا خود عظيم ۽ لامحدود هجن. اهي سموريون شيون انسانيت جي عشق ، ترقي پسنديءَ ۽ ڌرتيءَ سان محبت جي ڀاڪر ۾ ٻکيل هجن. لطيف عام نه هو، لطيف خاص هو. مطلب اهو ته لطيف عوام جو حصو هو. اهڙو حصو جيڪو تبديلي ۽ ترقيءَ کي پسند ڪندڙ هو. لطيف جو ذهن انسانيت جي وهندڙ سوين ندين جي پاڻي مان تڙ ڪري ٻاهر نڪتل هو! لطيف خود انسانيت جو درياهه هو، ۽ هن جا خيال پکين جيان آزاد ۽ مهذب هئا. اهو به سچ آهي ته شاعر جي فڪر ۾ شاعر جي پنهنجي ذات سمايل هوندي آهي، ان ذات جي جيتري وسعت هوندي اوتري وڌيڪ گھرائي ۽ روشني هن جي شاعريءَ ۾ محسوس ڪري سگھبي! جيتري اونهائي شاعر جي هستيءَ ۾ هوندي، ان جي جھلڪ جي گواهي سندس شاعري پيش ڪندي. مطلب اهو ته شاعر پنهنجو دلربا فڪر تڏهن ئي عام ڪندو آهي، جڏهن پاڻ ان ۾ روح تائين شامل هوندو آهي. ڳالهه رڳو ڪنهن هڪ بيت يا شعر جي ناهي، جيڪو شاعر هزارين نوان خيال آڇي ٿو، نئون روشن خيال فڪر اُڀاري ٿو، اهو وهڪرو وجد جي نشاني آهي. وجد کان سواءِ شاعري اجائي آهي. کوڙا لکڻ جي برابر آهي. لطيف عظيم وجداني شاعر آهي، ان جو ثبوت خود شاهه جي شاعريءَ آهي. اها ڪيفيتن جي ڪهاڻين سان ڀريل آهي! وجد انساني احساس جو معجزو آهي، هڪ وڏي سمنڊ کي بيت جي هڪ سٽ ۾ سمائڻ وجد ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟
    لطيف جو عارفاڻو ڪلام نه حُورن ۽ انگورن ۾ الجھي ٿو، نه شراب جي پيالي تي سندرو ٻڌي بيهي ٿو! نه ڊپ ۽ خوف جي ماڻهن تي ڪا ڌرمي چادر وجھڻ چاهي ٿو، نه ڪنهن مذهبي فساد لاءِ طرفدار بڻجي اڪساهي ٿو! نه پرمارين جو قصيدو بڻجي ٿو! نه ڪنهن حاڪم جي ثنا ۾ زمين ۽ آسمان هڪ ڪري ٿو! نه پلنگ تي پير ڊگها ڪري عياشيءَ جي تلقين تي پاڻ کي صرف ڪري ٿو! لطيف وجد آهي ته ان صورت ۾ صرف وجد جون ئي تارون ڇيڙي ٿو! مظلوم سان ٻکجي ٿو، اگھاڙا پير ٿي ڌرتيءَ جي دل کي ڇهي ٿو! دلين جون ڳالهيون ڪري ٿو! لطيف تبديل ٿيندڙ ڪيفيتون اوري ٿو! لطيف وجد آهي، تڏهن ئي سُهڻي جو گھڙو ٿي، ان کي ترڻ ۾ مدد ڪري ٿو. ٻيجل جون اکيون ٿي جھوناڳڙهه جي رات کي گھوري ٿو، جنهن رات کي سُرن سرندو ڪري تپائي جاڳائي ڇڏيو آهي. راءِ ڏياچ لطيف جي رڳن ۾ مرڪي ٿو! لطيف جو وجد انسانيت جي عشق سان ڀريل اها حقيقيت آهي، جيڪا تقدس سان رڱيل آهي.
    لطيف جو وجدان ڳايل داستانن کي ڪٿي ڪٿي اڌ ۾ بيهاري پاڻ ان کان اڳتي هليو وڃي ٿو. سُر مارئي اصل ۾ ته هڪ لوڪ داستان آهي، ٿر جي ثقافتي خطي جي هڪ نياڻيءَ کي عمر بادشاهه بند ۾ سوگھو ڪيو هو، اها نياڻي لطيف هڪ علامت طور پيش ڪئي آهي. ان داستان جي پويان لطيف خود موجود آهي. لطيف جي وجد بانديءَ بڻجي ان داستان ۾ اصل روح ڀريو آهي. اها لطيف جي وجداني سوچ آهي، جيڪا پنهنجو موقف پئي بيان ڪري . مطلب اهو ته لطيف خود مارئي آهي، لطيف جو وجد مارئيءَ جي احساس کي ڄڻيندڙ آهي.
    اِيءُ نه مارن رِيت، جئن سَيڻ مَٽائين سون تي،
    اچي اَمرڪوٽ ۾، ڪنديس ڪا نه ڪُريت،
    پکن جي پريت، ماڙيءَ سِين نه مَٽيان.
    لطيف جو وجداني عشق جيڪو قوم ۽ وطن سان جُڙيل آهي، اُهو هِن سُر ذريعي پاڻ کي پڌرو ڪرڻ جو سبب بڻيو آهي. مارئي ويڙهيچن لاءِ ماندي آهي. قيد کي قبول نٿي ڪري. سون کان ڪارو سڳو وڌيڪ معتبر ٿي سمجھي. مارئي کي فطرت سان محبت آهي. ان فطرت جو گاهه به ساهه لاءِ راحت ٿِي ليکي! وطن لاءِ ويٺي واجھائي. وڪجڻ لاءِ تيار ناهي! اهو سڀ ڪجھه مارئي جي پس منظر ۾ لطيف پيو ڪري. لطيف پيو سانگين لاءِ ساهه کڻي. لطيف پيو قيد خلاف مزاحمت ڪري. لطيف پيو وطن جي حب جو نعرو بلند ڪري! لطيف قوم جو رهبر ۽ دوست آهي. لطيف پيو رتو ڇاڻ ٿئي! لطيف پيو ملير ۽ سنڌ جي محبت جو سُور سامهون آڻي! جيڪو مارئي جي سُر ۾ لفظ لفظ آهي اهو حرف بحرف لطيف جو وجد آهي. مارئي جي لوئي لطيف پنهنجي وجدکي اوڍائي آهي! ميرا ٿيل مينڍا لطيف پنهنجي دل جي نديءَ سان ڌوتا آهن! مارئي جي سَت کي لطيف قوم جي سَت ۽ عشق ۾ تبديل ڪيو آهي. اُهي بادشاهه جيڪي وطن جو تقدس ميرو ڪندا آهن، لطيف جو وجد اُنهن جي ڳچيءَ ۾ هٿ وجھڻ جو آرزومند آهي. ڳالهه وطن جي حُرمت جي آهي، جنهن جي مٽيءَ مان مارئي ڄائي آهي! مارئي حُب الوطني جو تاريخي مثال قائم ڪري، لطيف جي وجدان کي سگھه ارپي آهي. اهو به تاريخي سچ آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو لطيف مارئي بڻجي سامهون آيو آهي! وجدان ظاهر ٿيڻ لاءِ علامتون ڳوليندو آهي، آرٽ اُن جو محبوباڻو ذريعو آهي.
    سسئي بيحد ڏکين حالتن ۾ ڏونگرن جي ڏنگاين سان ويڙهه جو داستان آهي. هڪ عورت جي درد جو دل ڏاريندڙ مثال آهي. سُڃ ۾ هڪ عورت جو سفرنامو لطيف پيش ڪيو آهي، جيڪو هڪ تاريخي لانگ مارچ به آهي. اُڃ ۽ بيابان ۾ اڪيلي عورت جي عشق جي سرڪشيءَ جو سفر خود آرٽ لاءِ جنجھوڙيندڙ موضوع آهي. ان ڪشمڪشن جي پل پل جي ڪيفيت کي عشق جي روح کان سواءِ سمجھي ئي نٿو سگھجي. بيابانن جي اڪيلائي عشق جي بيقراريءَ جي سامهون آهي! پيرن ۾ چُڀيل ڪنڊن جو سُور سمجھڻ، محسوس ڪرڻ فقط وجد جو ئي ڪمال آهي. سسئي خود وجد هئي، رڻ سان مقابلو ڪرڻ جو هُن ۾ حوصلو هو، سوئرن سان اکيون ملائڻ جي هُن ۾ جرئت هئي! سُڃ مالڪي نٿي ڪري، وجد کي ان ڳالهه جي پرواهه ناهي! ڪنڊا خود اُڃ سان ٻکيل آهن، بارش نٿي وسي، ته به خير ٿيو! ڪنڊن جي اُڃ انسان جو رَت لاهيندو! اهو رڻ جو دستور آهي. رُڃ ۾ ڪو گل به نٿو ٽڙي، جنهن جي واس تي ڪو ڀئونرو ڀُلجي اچي ڀُون ڀُون ڪري! ڪو اڪيلو ستارو کِڙي به ٿو ته، ان کي انسانن جي اکين جي بجاءِ فقط بگھڙن جون اکيون ڏسي سگھن ٿيون! نانگن جي ليڪن مان پتو پوي ٿو ته، هِيءَ اُنهن جي نگريءَ آهي، جن پٺيان ورلي ڪي جوڳي اچي باهيون ٻارين ٿا! اهڙي سُڃ ۾ لطيف جو وجد اوچي ڳاٽ سان اُڀو آهي. ڏسي پيو ته بَر جو مزاج ڇا آهي؟ سسئي جو حوصلو لطيف جو وجد آهي. عشق جي پُٺڀرائي ڪندڙ لطيف جو فڪر ئي لطيف جي وجد جو دوست آهي. لطيف عشق جو عاشق آهي، عشق خود وجد جو آخري روپ آهي. عشق قونيا ۾ صوفين جي رقص جو جلوو آهي. عشق سسئي جي سُرت آهي.
    ولاڙيو وڻين چَڙهي، پَسو سَگھه سَندياس،
    آڌيءَ وڃيو آکڙي، نڪو پِي نه ماس،
    سو ئي سو سيڻاس، پري پڙاڏا ڪري.
    پنهنجو ئي آواز صرف هِن سُڃ ۾ ساٿي آهي، اهو وجود جو احساس آهي ته ها مان آهيان. موجود هئڻ وجد آهي. اُهو آواز اُڀريو پيو پري تائين پڙاڏا ڪري. اهو آواز اهو نٿو پڇي ته ٻڌاءِ ڪو آهي!؟ پر اهو آواز اهو ٿو چوي، ڏسو مان آهيان! ان آواز کي ڪو زناور قيد ڪري وڪوڙي ماري نٿو سگھي! اهو سسئي جو آواز وجد آهي، جيڪو هار نٿو مڃي! جيڪو سدا جواڻ آهي، رڻ جا وڻ ان جي عظمت جا شاهد آهن.
    ائين ئي لطيف راءِ ڏياچ آهي، لطيف راءِ ڏياچ جو وجد آهي، جيڪو ساز ۽ سُر تي پنهنجو سِر پيو سامهون ڪري! پنهنجو ڪنڌ پنهنجي هٿن سان ڪپي ڏيڻ لاءِ تيار آهي. لطيف اصل ۾ خود سر ۽ ساز سان پنهنجو عشق ٿو ظاهر ڪري. راءِ ڏياچ هڪ تاريخ پويان ڇڏي هئي. لطيف جي وجد ان تاريخ جا نيڻ چُميا آهن! لطيف جي عشق ڏياچ جي وجداني رَت کي آڻي دل تي رکيو هو! اها مڃيل حقيقت آهي ته موسيقي وجد کي مٿي اُڀاريندڙ سچ آهي. لطيف وٽ جيڪو به وجد آهي اُن ۾ موسيقي موجود آهي. اهو وجد وڄندڙ ۽ رقص ڪندو آهي. لطيف جي اُن وجد کي ڏياچ جي عشق عاشقيءَ ڏني آهي. ڏياچ سُر تي سِر ڏيڻ وارو سُورمو هو. اهو دنيا ۾ ڪنهن انسان پاران موسيقي سان عشق جو پهريون عظيم مثال آهي. اُهو وجد جي تاريخ جو عظيم ورق آهي. ان عظيم ڀٽائي کي دل سان متاثر ڪيو هو. اوڀر موسيقيءَ جو خالق رهيو آهي. عظيم موسيقي ۽ سُر اوڀر ئي ايجاد ڪيا آهن. اها ايجاد ذرعي زندگي مان جنم وٺندڙ حقيقت آهي. اوڀر جي ذرعي دؤر جي پيداوار آهي. وجد کان سواءِ موسيقي جو تصور ئي نٿو ڪري سگھجي. لطيف کي ڏياچ سان محبت هئي. اها محبت لطيف سڄي زندگيءَ سيني ۾ سانڍي رکي هئي. نوجوانيءَ ۾ لطيف کي جڏهن سندس بيحد ويجھي وحدت الوجودي صوفي بزرگ محمّد زمان لنواريءَ واري سُرود ۽ سماع ۽ موسيقي کي بند ڪرڻ جي صلاح ڏني هئي ته، لطيف ان صلاح کي مڃڻ کان انڪار ڪيو هو! ڇو جو لطيف اوڀر مان اڀريل سچ ۽ وجد کي موسيقي جي لباس ۾ ڏٺو هو! موسيقي روحانيت جو راز ڀٽائي ٿي سمجھي. ڏياچ جو وجد لطيف ۾ سمايل هو، ان ڪري لطيف اهو ئي چٽو ڪيو آهي ته:
    تانُ نه آهي تند جو، رُون رُون ڪري راز،
    هڻندڙ سندا هٿڙا، سڀڪو چئي ساز،
    سَٽ ڏيئي شهباز، ٿي ته لوڪ پرائين.
    لطيف خود سُر جي وجد کي شهباز تصور ڪري ٿو، جيڪو اونچي پرواز ڪري ٿو. آکيرو به فقط جبلن تي اڏي ٿو. ڇو جو اهو مداخلت برداشت نٿو ڪري، ان کي اڪيلائي وڻي ٿي. يڪسوئي ان کي تحرڪ ۾ رکي ٿي. لطيف جو وجدان ان صرف تندن مان نڪتل سُر جي صدا ناهي، پر ان وجد ۾ سورٺ جي ڳوڙهن جي ٽِم ٽِم جو دردناڪ آلاپ به شامل آهي. اُهي حُسين ڳوڙها جيڪي جھوناڳڙهه جي محبوب راڻي جي اکين مان ڏياچ جي وهندڙ رَت مٿان ڪريا هئا. لطيف جو وجد انهن ڳوڙهن مان اڀريل حقيقت آهي.
    ائين رامڪلي جو جوڳيءَ خود لطيف ۾ آهي. جيڪو مذهبن جي پوئلڳي کي پاسيرو رکي رڻن ۾ راتيون ٿو گذاري. جيڪو ڀڀوت ٿيو پيو نوان مشاهدا ماڻي. سندس اندر مان وجداني ڪيفيتن جا رابيل مهڪي پيا ماحول ۾ مهڪ پکيڙين. لطيف جي اُن جوڳيءَ اندر مان محبت پئي آرس موڙي ٻاهر نڪري، اهوجوڳي ڪنهن به طمع جو طنبورو نٿو چوري!
    جُز وڃايو جوڳئين، ڪُل سِين آهي ڪَمُ،
    آسڻ جن عدم، آئون نه جيئندي اُن ري!
    لطيف جو وجد آڳڙين جي باهه جو ڀڙڪو آهي، جيڪو رُڪ کي گھڙي ٿو. لطيف جي وجدان مان سُهڻي جي نرالپ اُڀري ٿِي، جيڪا سماج جي سامهون بغاوت ٿي بيهي رهي ٿي. سماج بدن جي مالڪيءَ جو نظريو رکي ٿو. سُهڻي چوي ٿي، آئون بدن ناهيان، روح آهيان! اُهو روح عشق جي مينديءَ پاڻ کي مکي آڌيءَ ۾ ڇولين ۾ وڃي ڇُلي ٿو. اهو عشق، اُهو وجد هٿ جي تِريءَ تي درياهه جي دهشت کي کڻڻ لاءِ تيار آهي!
    گھڙو ڀڳو ته گھوريو، پاڻان هو حجاب،
    واڄٽ وڄي وجود ۾، رهيو روح رباب،
    ساهڙ رِءِ صراب، آئون گھڻو ئي گھوريان!
    اهو سچ ڪٿي به نٿو لِڪي ته لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ نظرين ۽ روحانيت سميت پاڻ موجود آهي. پوري وجد سان ظاهر آهي. لطيف جي هِي عظيم شاعريءَ لطيف جو عظيم وجد ئي آهي. ان عالمگير وجد جي مڪمل تشريح ڪرڻ ممڪن ئي ناهي، ڪنهن به طرف، تصور، نقطي جي حمايت ڪرڻي آهي ته لطيف بنا پردو وجھڻ ۽ مصلحت جي ان جي زوردار حمايت ڪئي آهي. ۽ ڪنهن به سماجي، احساساتي يا نظرياتي عنصر جي خلاف جيڪڏهن ڪا اُصولي بغاوت ڪرڻي آهي ته لطيف ان سان بنا رعايت زبردست بغاوت ڪئي آهي. اهو لطيف جو وجد آهي! سچ لطيف جي ملڪيت آهي. سوديبازيءَ جو اکر ئي لطيف لاءِ حرام آهي. لطيف ان عمل کي ڏوهه سمجهي ٿو. مڇ طاقتور آهي ته، ڇا ٿِي پيو؟ لطيف مورڙو بڻجي وڙهڻ لاءِ تيار آهي! درياهه خوفناڪ آهي ڀلي هجي، لطيف جي وجد مان اُڀريل سُهڻي ڀيلي گھڙي تي به وڃڻ لاءِ تيار آهي! ٽانڊا پيا رجن ۽ ٽڙڪاٽ ڪن، ڀلي پيا ڳاڙها ٿين، لطيف کي انهن ٽانڊن سان اکيون ملائڻ لاءِ ڪابه هٻڪ ناهي، ڇو جو هو پاڻ پتنگ آهي! لطيف وٽ هڪڙو ئي نظريو آهي ته:
    متان مري اُڃ، ڪا ڏئي پاراتو پرينءَ کي!
    گڏ هلڻ واري کي سفر جي سختين کان لطيف جو وجد اڳ ئي آگاهه ڪرائي ٿو، پر لطيف سفر ۾ پاراتو ۽ مهڻو کڻڻ جو قائل ئي ناهي! مقصد ڏي ڪو آڱر اُڀي ڪري، جدوجھد کي ڪو گُٿو لفظ سامهون ڪري لطيف اهو قبولڻ لاءِ تيار ناهي! ڇو جو لطيف پنهنجي نظريي تي سڀ ڪجھه فنا ڪرڻ جو حامي آهي. وجد پنهنجي منزل پاڻ طئي ڪندو، ان کي ٽيڪي جي ضرورت ناهي. وجد فقط پنهنجي ڪيفيتن مان لطف ماڻيندو آهي! لطيف وجداني ڪيفيتن جو محبوب شاعر آهي. هو محبت کي به انساني وجد جو اولاد سمجھي ٿو. هُن جي نظر ۾ محبت آهي ئي انساني وجد جو ٻيو نالو:
    نينهن مَ نالوڳِن، پريتڻي پير ٻيا،
    سُورن ساڻ مَ ڇِن، وِرهه وهائج وِترو.
    لطيف جو وجد ڇير جيئن ڇمڪي پڌرو ٿو ڪري ته نينهن کي معمولي ڳالهه نه سمجهه! عشق جون واٽون ئي جدا آهن! پريتڻي جا پير ئي ٻيا آهن! انهن پيرن جون آڱريون ئي اُن جون اکيون آهن! ڀلي سُور ملن، پر سُورن سان رشتو قائم رک! پيار کان سواءِ هر پل دوزخ برابر آهي. محبت ناهي ته ماڻهو ۾ ڄڻ ڪو وجد ئي ناهي.
    لطيف جو وجد اُن انسانيت جو عاشق آهي، جيڪا دنيا ۾ نئين ٻار جي جنم جيان محبوب آهي، جنهن جي ناڙي ڪپجڻ وقت اُڀريل رڙ متوجھه ڪري سڀني کي ٻڌائي ٿِي ته، مان دنيا ۾ موجود آهيان! اڄ منهنجو آهي، سڀاڻي مُنهنجو آهي!
    شاعريءَ ته ٻين شاعرن جي به پڙهجي ۽ متاثر ڪري ٿي، پر جڏهن اوڀر ۽ سنڌ جي صوفي شاعرن بابا فريد، سلطان باهو، بلي شاهه، سچل، وارث شاهه ۽ ڀٽائي کي پڙهجي يا ٻُڌجي ٿو ته هڪ ئي وقت ٻه تاثر اُڀرن ٿا، پهريون اهو ته هِي وجداني شاعريءَ آهي! ٻيو اهو ته ڪلاسيڪل هوندي به هِي جديد ترين شاعري لڳي ٿي! لطيف وجداني ڪيفيتن کي شاعريءَ ۾ تبديل ڪيو آهي. اِهي بيت صرف وجد جا ترجمان ناهن، پر اهي اعليٰ شعور جاگلدان به آهن. لطيف جي وجداني شاعريءَ جوڪرشمو اهو به آهي ته، اُها هڪ ئي وقت دل ۽ دماغ ۾ هلچل پيدا ڪري ٿي. ڪا دانهن آهي ته اچي دل تي ڪري ٿي، ڪو ٻرندڙ سچ جو جذبو آهي ته دماغ کي جھنجھوڙي ٿو.
    لَڙيو سِج لَڪن ۾، راسيون رتائين،
    مون کي ماريائين، آيل اونداهي ڪَري.
    سج لهڻ وقت اُن جا بادلن جي ڀر مان اڀريل شعاع خود وجد محسوس ٿين ٿا. اُهي دل ۽ دماغ ٻنهيءَ کي حسين لڳن ٿا، پر پويان ايندڙ اونداهيءَ ۾جيڪو درد ۽ ڪرڀ لڪل آهي، اُن کي وجد جي دلربائي ئي فقط سمجهي ٿِي سگھي. اڪيلائي جيڪا اُونداهيءَ جي پيٽ مان نڪري ٿي، ان جو تصور ڪا حساس دل ئي ڪري سگھي ٿي. لطيف جي وجداني شاعريءَ اُن عشق جي تخليق آهي، جنهن عشق فطرت مان ڳوهجِي پاڻ کي مهڪار وانگي پڌرو ڪيو آهي!


    ڀٽائيءَ وٽ عورتاڻي مزاج جي عڪاسيءَ جو رنگ

    يونان جيڪو ڏاهپ جو گھر سمجھيو ويو آهي. جتان فلسفي جو سج اڀريو هو. اتان جي گھڻي ڀاڱي فلسفين ۽ اصلوڪن ڏاهن وٽ عورت کي هيچ ڏيکارڻ وارو فلسفو ۽ نظريو تاريخ پڌرو ڪري ٿي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو ان دؤر ۾ سيفو جهڙي باغي شاعره اُڀري هئي. سيفوءَ جو اڍائي هزار سال قديم شاعريءَ جو مجموعو اڄ به دنيا ۾ مشهور آهي.
    سيفوءِ جو هڪ مختصر نظم هن ريت آهي:
    بيحد خوش هئس آئون،
    تون مُنهنجو يقين ڪر،
    دعا گھُري اِها مون ته،
    ڊگھي ٿي وڃي هِي رات،
    اسان لاءِ !
    جڏهن ته اوڀر ۾ هرو ڀرو اهڙي اک سان اهل علم ناهي ڏٺو، ائين به ڪونهي ته اوڀر ۾ عورت غلام ناهي رهي. غلام ته اڄ به آهي، عورت تي سنگھرون اڃا به سوگھيون آهن. عورت اوڀر ۾ اڄ به رَت ٿُڪي رهي آهي! آئون چوڻ اهو پيو چاهيان ته اوڀر ۾ اهل علم ۽ شاعرن ڪڏهن به عورت لاءِ هروڀرو رجعت پرست فڪر ناهي رکيو. هڪ وڏو سچ اهو به آهي ته اوڀر ۾ وڏي معيار جون شاعرائون جن بيباڪ اظهار ڪيو هجي، اُهي مشڪل سان نظر اچن ٿيون. ميران ٻائيءَ جو اوڀر ۾ وڏو نالو آهي، پر هن نه ته ڪا شادي ڪئي هئي، نه انساني عشق تي ڪا هڪ سٽ به لکي هئي! هُن ڀڳتي ڪلام ۾ خدا سان عشق جو اظهار ڪيو آهي. اوڀر جي ڪن اهم ڪتابن ۾ عورت سان ٻه اکيائي جو رويو ضرور چِٽو نظر اچي ٿو. مثال طور ڪتاب ’رسومِ اقوام‘ پڌرو ڪري ٿو ته ”ارٿ شاستر ۾ قانون جي هڪ شق هيءَ به آهي ته: ”شاديءَ شده عورت سان ڪو ماڻهو زنا ڪري ته ان کي لوهه جي تپايل پلنگ سان قابو ٻڌو وڃي، ۽ عورت کي سرعام ڪتن کان چيري ڦاڙايو وڃي!“ ارٿ شاستر ۾ اهو به لکيل آهي ته: ”ڪوبه شخص ڪنهن عورت کي ڪنهن به دشمن جي چنبي يا ڪنهن آفت کان بچائي ٿو ته، ان مرد کي اُن عورت سان جنسي ميلاپ جو حق آهي!“ اوڀر ۾ مجموعي طور عورت لاءِ هاڪاري ناڪاري رويا هلندا آيا آهن، ان چوڻيءَ سميت ته: ” عورت کي کُڙيءَ ۾ عقل آهي، اهو به سج لٿي کان پوءِ گم ٿيو وڃي!“ ٻي طرف اوڀر ۾ ئي عورت کي، جيجيءَ، سانئڻ، سَتي ساوتريءَ، پاربتي، جھڙن لفظن سان عزت به ڏني وئي آهي. تاريخ مان پتو پوي ٿو ته، ”گوتم ٻُڌ جي ماءُ ”مايا راڻي“ جو ماڻهو ايترو ته احترام ڪندا هئا، جيترو چنڊ جو!“ تاريخ ۽ ڪتابن ۾ اوڀر جي عورت لاءِ ڇا لکيل آهي؟ اهو اسان جو بحث ناهي! هتي اسان ان عظيم سچ کي پڌرو ڪرڻ جي ڪو شش ڪريون ٿا، ته اوڀر ۾ سرجندڙ شاعريءَ اهو ئي ٿي ثابت ڪري ته صوفي شاعرن عورت جي مقام کي وڏي اهميت ڏئي پنهنجو اهم موضوع بڻايو آهي، ان سلسلي ۾ ڪاليداس جي شڪنتلا ۽ لطيف جون سورميون تاريخي ثبوت آهن. لطيف جي فڪر ۾ روايتي ۽ غير روايتي موضوعاتي دلفريبيون آهن.
    لطيف، عورت جي احترام ۽ عشق کي منفرد اهميت ڏيئي اجاگر ڪيو آهي. هُن عورت جي روپ جي جيڪا دلربائي واري تشريح ڪئي آهي، ان جو مثال ورلي ٿو ملي. لطيف پنهنجي فڪر جو وڏو حصو عورتن جي زباني، علامتي ۽ احساساتي رنگ ۾ وڏي بيساختگي ۽ بيباڪيءَ سان بيان ڪري سنڌي شاعريءَ کي نئون ڪلاسيڪي لاڙو ڏئي وسعت ڏني آهي. لطيف جا شاعريءَ ۾ ايترا سورما ناهن، جيتريون سورميون آهن. واين ۽ بيتن ۾ لطيف اديون، سرتيون لفظ جنهن محبت سان رچيو آهي، اهو ڪمال آهي. لطيف سنڌي سماج جي پابند اک به رکي آهي، ته روشن خياليءَ کي به نظر انداز ناهي ڪيو. سورمين جي داستانن ذريعي انهن کي علامت بڻائي لطيف پنهنجو اهم فڪر پيش ڪيو آهي. مارئي (هڪ ڇوڪريءَ) جي ذريعي لطيف قوم دوستيءَ جو عظيم نظريو شاهڪار نموني پڌرو ڪيو آهي. سسئي ذريعي پنهنجي ور سان پريتڻو ڪري ان لاءِ جبلن سان جھيڙو ڪرڻ جو فڪر سنڌي سماج کي پيغام طور پيش ڪيو آهي. مومل جھڙي حسين عورت کي ڪاڪ منڊل کان باهه تائين پڄائڻ واري قصي کي لطيف جماليات ۽ عشق جي عجيب اسرار ۾ رڱي ظاهر ڪيو آهي. محبوب جي محبوبائيءَ کي لطيف اڻ مٽ بڻائي ڇڏيو آهي. سورٺ جو سوڳ هجي، نُوريءَ جي نوڙت هجي، ليلان جا ايلاز هجن، لطيف عورت جي دلي احترام جي انتها ڪري ڏيکاري آهي. لطيف عورت تي ڪابه فتويٰ ناهي مڙهي پر ان کي معتبر ۽ محترم ڪري پيش ڪيو آهي. لطيف هيڪڙائي، يڪسوئي، وحدت، وارو نظريو انهن سورمين ذريعي مختلف شڪلين سان اڀاريو آهي. هر شڪل، هر احساس هڪ سچ آهي، حُسن آهي. اتهاس آهي. ڪو مرد شاعر لطيف وانگي ايڏي گھري حساسيت سان عورتاڻي احساس جي ترجماني کي ڇهي ڏيکاري، اهڙو منفرد مثال شعر و ادب ۾ ورلي ملندو. اهو لطيف جو وڏو ڪم آهي. سڀ کان پهرين اسان اهو ڏسنداسين ته لطيف ”ماءُ“ لفظ ڪٿي، ڪيئن ڪهڙي روپ ۾ اُڀاري شاعريءَ کي ڪيئن گھَرائي ۽ وسعت ڏني آهي. لطيف جي شاعريءَ ۾ ماءُ جو نانءُ اڪثر ڪنهن ٻي عورت پاران مخاطب ٿيندي نظر اچي ٿو، يعنيٰ ڌيءُ پنهنجو سُور دل کولي ماءُ سان سلي ٿي. لطيف اوڀر جو اهو سچ وڏي ڪماليت ۽ حسناڪيءَ سان پيش ڪيو آهي، جيڪو هڪ اهم روايت جي روپ ۾ موجود رهيو آهي. اوڀر ۾ خاص ڪري سنڌ ۾ ڌيءُ هميشه ماءُ جي جيڏيءَ، دوست ۽ رازدان رهي آهي. عورت پنهنجي ڪا ڳالهه جيڪا پنهنجي ور، پيءُ يا ڀاءُ سان يا ويندي ويجھي سهيليءَ سان به نٿي سلي، اها ڳالهه پنهنجي ماءُ سان بنا هٻڪ ڪري دل جو بار ڇنڊي ٿي، ڇو جو ماءُ جو سينو راز لڪائڻ جو سمنڊ هوندو آهي. ٻيو اهو ته ،ماءُ ڌيءُ جي زبردست طرفدار رهندي آهي، ماءُ جي جھوليءَ ڌيءُ جو هندورو آهي. لطيف ان روايت، ان احساس کي کڻي شاعريءَ جو سدا حيات حصو بڻائي ڇڏيو آهي.
    ماءُ! مريندم ڪڏهن، هُن پِرينءَ جا هورا،
    اچن پرين پٻکيا، ڪر ٻاٻيهو جئن مورا.
    ”اي جيجل! هُن جون چنتائون ڪڏهن مون کي نهوڙي نينديون! منهنجا پرين پٻن تي ائين نچندا ٿا اچن، ڄڻ ٻاٻهيو پکيءَ ٻوٽن وچان، يا مور ٿو ٽلي!“
    مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،
    رهي اچجي راتڙي، تِن جُنگن سَندي جاءِ،
    تِنين جي ساڃاءِ، ترهو ٿئي تار ۾.
    ”اي امڙ! مون فقير ڏٺا آهن، جن پرينءَ جو ديدار ڪيو آهي، انهن وٽ هڪ رات گھاري اچجي، انهن جي سُڃاڻپ هِن اونهي ساگر ۾ ترهي جو ڪم ٿِي ڏئي!“ هِي بيت رواجي عقيدت جي نظر جي نظريي جو نه سمجهڻ گهرجي، جيئن اڄڪلهه عورتون مختلف درگاهن يا آسڻن تي مرادن لاءِ وڃن ٿيون. هن خيال کي خود لطيف ۽ سچل سرمست جي آستانن جي تناظر ۾ ڏسڻ گهرجي. جن قوم کي فڪر ڏنو آهي.
    گوندر گڏياس، صحت نِيڙيم سَڄڻين،
    مادر! مارياس، ڦوڙائي پرينءَ کي.
    ”مان غم سان هڪ آهيان، پرين منهنجي تندرستي کڻي هليا ويا.
    اي جيجل! جانب جي جُدائي، مون کي ماري فنا ڪيو آهي!“
    هڪ ماءُ جي هنج ۾ مُنهن لڪائي ڳوڙها هاريندڙ، دل جون ڳالهيون ڪندڙ ڌيءُ جون هِي دردناڪ سوچون، ڪهڙو هانءُ آهي جنهن ۾ وڍ نٿيون وجھن؟ نازڪ ڳالهيون، نازڪ انسانن وچ ۾ڪير چوندو ته سچ جو صبح ناهن؟
    سُورن سانگھارو ڪڏهن تان ڪونه ڪيو،
    آيل! اوڀارو، ٻاڙوڌو ٻوڙ وَهي.
    ”سورن ڪڏهن به منهنجي حق ۾ گھٽتائي ناهي ڪئي!
    اي جيجل! نار ۾ پاڻي جيان سورن جو چاڙهه تارون تار پيو هلي!“
    سُتي پَون ڇرڪ، آيل ٻاروچَن جا،
    پنهون جي پيڪان جون، راسيون منجھان رُڪ.
    هنيم هوت ڪِرڪ، لوچان لوهه نه نڪري!
    ”اي آيل! ستي ننڊ ۾ ڇرڪ پيا پون! هوت جيڪو منهنجي هانءُ ۾ ڪان هنيو آهي، اهو رُڪ جو آهي، جيڪو ٻاهر نٿو نڪري!“
    تاريخ چوي ٿي: ”راجا دلوراءِ جي ڏينهن ۾ نائون نالي ٻانڀڻ ۽ ان جي زال منڌر کي سسئي ڄائي هئي. سسئي سنسڪرت لفظ، جنهن جي معنيٰ آهي چنڊ! سسئي کي صندوق ۾ وجھي لوڙهيو هئائون، اها صندوق ڀنڀور وٽ محمد ڌوٻي کي هٿ آئي هئي. هُن سسئي نالو رکيو هو،“ اها چنڊ جھڙي من مُهڻي سسئي ڀنڀور ۾ پنهون ٻروچ جي اکين جو شڪار ٿي هئي. اها سسئي پنهنجو ڏک پاليندڙ جيجل سان ويٺي سلي! اها توڙي جو اصل ماءُ ناهي! پر ماءُ ته ماءُ ئي هوندي آهي، جنهن کي دل ماءُ مڃي! لطيف اهو ڪمال اهو احساس ڀري حيرت ڏياري ڇڏي ٿو.
    مُسافرنئون ماءِ! وِرهه وهايم وِترو،
    اچي ٿيم اوچَتي، تِن سانگين سين ساڃاءِ،
    جيجل جھل مَ پاءِ، هينئون هوت هَڻي ويا.
    (حسيني)
    ”اي امڙ! مسافرن وڻجارن کان مون گھڻو درد پرايو آهي، انهن سفر ڪندڙن سان منهنجي اوچتي واقفيت ٿي. اي جيجل مون کي نه روڪ! منهنجي دل کي پرين چوٽ هڻي ويا آهن!“

    کُوءِ هاڙهو، ٻَن هوت، کوءِ پُنهون ٻَن پريتڻو،
    مادر! مُون موت، پسڻان پرائيو.
    (حسيني)
    ”ٻَن پوي هاڙهو جبل، ٻَن پوي پريتم! ٻَن پُنهون، ٻَن پوي نينهن!
    اي امڙ! مون محبوب جي ديدار مان ئي موت حاصل ڪيو آهي!“
    ڇا ته خيال جو درد آهي! ڇا ته تصور کي لڳل تيليءَ مان اُٿيل باهه جو ڀڙڪو آهي! ڇا ته شاعريءَ جي احساس جي انتها آهي! محبوب جي ديدار مان موت جو پَسڻ پوڻ دنيا جي عظيم شاعريءَ جو عظيم مثال آهي. ڪو ٻيو شاعر ان رمز تائين رَسي ئي نٿو سگھي. ايشيا ۾، يورپ ۾، اولهه جي ڪُنڊ ۾، يونان ۾ ٽن هزار سالن ۾ جيڪا شاعريءَ سيفو جھڙين عظيم عورتن ڪئي آهي. دعويٰ آهي ته لطيف جي عورتاڻي احساس ۾ اُڻيل هِيءَ شاعريءَ اُن شاعريءَ کان گھڻي مٿڀري آهي!
    آيل ڍولئي ساڻ، اچي ته جھيڙيان،
    لايءَ ڏينهن گھڻا، مون سين ڪييءَ ٿورڙا.
    (سامونڊي)
    ”اي امڙ! پرين اچي ته ساڻس جهيڙو ڪريان! ۽ چوانس ته مون سان ٿورن ڏينهن جي ڪري، وڃي گھڻا ڏينهن لاتئي.“
    هتي سامونڊي جي ونيءَ، سامونڊي جي امڙ سان پيار واري ڏوراپي ۽ دادلپائي جي جذبي سان پئي ڳالهه ڪري، ماحول منفرد آهي. مزاج الڳ آهي. اها لطيف جي احساس جي ڪماليات آهي. ننهن، سَس کي سنڌ ۾ ماءُ جو درجو ڏئي ٿي. اهو لطيف جو اڀاريل نقطو بنا شڪ جي بي مثال آهي.
    ڍولو وئڙو ڏُور، تي ٿي سيءَ گذاريان،
    مادر مون مَ چور، نا ته پڌر پوندي پريڙي.
    ”منهنجو پرين سفر تي ويل آهي. آئون هتي سيءَ ۾ اڪيلي پئي آهيان. اي امڙ! مون کي هن جي ياد ڏياري سور نه جاڳاءِ، نه ته لوڪ ۾ پڌري ٿي پونديس ته اڪيلي آهيان.“
    هتي هڪ ٻيو بنهه اهم تاريخي نقطو چٽو ڪبو هلجي ته دنيا ۾ اوڀر اندر خاص ڪري سنڌ جي اڪثر ذاتين ۾ ٻار کي پيدا ٿيندي ئي ٻڌڻي ۾ ٻڌو ويندو آهي، ته جيئن ان جا عضوا سِڌا رهن. اها ماءُ جي ذميواري هوندي آهي. لطيف اُن ٻنڌڻي ۾ ٻڌل ٻار جو به شاعر آهي!
    ٻي طرف خاص ڪري سنڌ جي ٻهراڙين ۾ رهندڙ اڪثر ذاتين ۾ اها روايت رهي آهي ته پيدا ٿيل نياڻي کي ڪنهن ڇوڪر جي نالي ڪري ڇڏيندا آهن. اُها ان جي مڱ هوندي آهي، لطيف ان نالي ٿي ويل ٻارڙيءَ جو به شاعر آهي. سسئي توڙي جو پنهون جي تنجڻن ۾ نالي ڪونه ٿيل هئي. پر لطيف ان ريت جو ڪمال جي حسناڪي سان ذڪر ڪري حيرت سان ڀري ٿو ڇڏي!
    ڪارُون وَس ڪَيام، ڙي! هيءَ! وو!
    منهنجو هوت نه موٽيو! وو!
    ٻنڌڻ ٻاروچن جا، پينگھي منجھه پيام.
    (حسيني)
    اهو لطيف جو سماجي مشاهدو آهي، جنهن کي شعوري طور لطيف بيان ڪيو آهي.
    وڻجاري جي ماءِ! وڻجارو نه پلئيين.
    آيو ٻارهين ماهه، پُڻ ٿو سفر سنبهي!
    (ساموندي)
    ”اي وڻجاري جي جيجل! وڻجاري کي نٿي جھلين! ٻارهن مهينن کان پوءِ آيو آهي، ۽ وري ٿوسفر لاءِ سنبري!“
    عورتاڻي مزاج جي اها شاعريءَ، اهو آرٽ آهي، جنهن کي ادب جي استادن، عالمن، پنڊتن وڏي سند طور تسليم ڪيو آهي! هِيءُ شاعريءَ عظيم آرٽ، فن ليکي وڃي ٿي. پوءِ اها شاعريءَ ميران جي هجي. سيفو جي هجي. ڪاليداس جي هجي، يا لطيف جي ان کي جڳ عظيم قرار ڏنو آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ اڄ ڏينهن تائين ڪا اهڙي شاعره ناهي پيدا ٿي،جنهن لطيف جي هڪ بيت جھڙو، عورتاڻي احساس ۾ رڱيل شعر چيو هجي.
    موٽي مران ماءِ! موٽڻ کان اڳي مَران،
    لُڇي لالن لاءِ، شال پونديس پير تي،
    (سسئي آبري)
    ”اي امڙ! مان شل پٺتي موٽي پوءِ نه مران، پر موٽڻ کان اڳي ئي شل فنا ٿيان! پرينءَ لاءِ لُڇندي، شل پيرن جي نشانن تي ڪري جان ڏيان!“
    پرينءَ جي پيرن جي نشانن تي ڪري، پوءِ مرڻ جي تمنا، شاعراڻي فڪر جو عظيم خيال آهي. اهو خيال جسم جو وار وار اُڀو ڪرائڻ وارو سدابهار خيال آهي.
    پنهنجي زندگيءَ، جيڪا اڪثر ماڻهو فقط پنهنجي لاءِ جيئن ٿا، پنهنجين انائن ۾ رهن ٿا. پنهنجي، پنهنجي جنس، پنهنجي ذات جي نشي جي پورائي لاءِ ٻين انسانن کي نظر انداز ڪن ٿا. حُسن جو، حُوس جي اک سان شڪار ڪن ٿا. چنڊ جهڙي رشتن جون چانڊوڪيون زهر ۾ ٻوڙين ٿا. بازارين ۾ روحن ۽ جسمن جي انچ انچ جو سئودو ڪن ٿا! عورت فقط گوشت جو وطن ۽ جسم سمجھي لوئي وڃي ٿي! گندگيءَ ۾ گلاب ڪري ساهه ڏين ٿا!
    اتي لطيف جي اُڀاريل عورت جي وشالتا ڏسو! لطيف جي عورتاڻي احساس جو وزن ڪريو! ساهمي جي هڪ پُڙ ۾ لطيف جي سسئيءَ جي سوچ وجھو! ٻئي پُڙ ۾ سڄي دنيا جي بئنڪن جي دولت آڻي رکو! خبر پئجي ويندي ته وزن ڪنهن جو وڌيڪ آهي! اها عورت جيڪا پنهنجي محبوب انسان جي پيرن جي نشانن تي مرڻ ٿي چاهي، يقين ڄاڻو اُها هر سوئر، هر بگھڙ، هر بد ذوق رجعت پرست، ۽ سڄي دنيا کي هارائي ڇڏيندي! اها دنيا، عشق جي ساهه کي ڇا ڪندي جيڪو باهه کان به سڙي نٿو سگھي. دنيا ته مفاد جو گولو آهي.
    آتڻ اورنگھي ويا، آئون مَران ماءِ!
    پِٿُون ٿينديس پير تي هَيءَ! هِيءَ! ڪري هاءِ،
    جيئڻ مون نه جُڳاءِ، پرينءَ تان پاسو ڪيو.
    ”هُو آتڻ اورنگھي هليا ويا، اي امڙ! مان سندن جدائي ۾ ٿي مَران.
    هاءِ هاءِ ڪري، پرينءَ جي پيرن تي پرزا ٿيندس! هينئر مون لاءِ جيئڻ واجب ناهي، ڇو جو محبوب، مون کان مُنهن موڙيو آهي.“
    عورت جي زبان مان اُڀريل ”هاءِ“ جو درد ۽ سندس پُسيل اکيون! ڪڏهن به لفظن ۾ بيان ڪري نٿيون سگهجن، لطيف اهو ڪارنامو به ڪري ڏيکاريو آهي!
    پَهي ڪام پِڃاءِ، اَمڙ! منهنجي آسري،
    ڏيئي لَت چَرخي کي، پوڻِيُون پاڻي پاءِ!
    ڪَتِيمَ جِنين لاءِ، سو ڪوهيارو ڪيچ ويو!
    (حسيني)
    ”اي جيجل! منهنجي آسري ڪا ڪپهه جي پوڻي نه پڃاءِ، مڙيئي پوڻيون پاڻيءَ ۾ وجھي ڇڏ! جنهن ڪوهياري لاءِ اُهي ڪَتيم، اُهو ته ڪيچ روانو ٿي ويو!“
    عورتاڻي رسامي جي دٻيل درد جي اِها الميائي آرسي آهي! خالي ٿي رڙندڙ دل جي اها سُڃي ٿيل دانهن آهي! ڪجھه به نه بچڻ کان پوءِ آڌيءَ رات ۾ اُجڙي ويل شهر جو ڄڻ المناڪ منظر آهي! لطيف جي احساس کي ماپڻ ناممڪن آهي.
    هتي لطيف ڀنڀور جي تاريخ جو به منظر چٽي پڌرو ڪيو آهي ته، سسئي جڏهن ڀنڀور ۾ حَسين آرسون موڙيندي هئي، تڏهن ڀنڀور ۾ ڪپهه ڪتبي هئي. چرخا چُرندا هئا. حسينائون مرڪندي نوان داڳا ڄڀن سان چکي ڏسنديون هيون. اهو ذائقو سسئي کي به ياد هو! سسئي جون آڱريون جبلن ۾ زخمي ٿيڻ کان اڳ ۾ڪنواري هوندي، ڀنڀور جي هوائن ۾ داڻا کڻي پکين ڏي اُڇلينديون هيون! ۽ پوءِ سسئي ڇا نڪتي، ڀنڀور ئي ڀڙڀانگ ٿي ويو! ڄڻ ته ڏسندي ڏسندي هوائن وارو هڪ شهر ئي مري ويو!
    سُر گهاتو ۾ لطيف جو هڪ نئون ڪمال نظر اچي ٿو! ٻن عورتن کي لطيف وڏي دلربائيءَ سان احساس جي داڳي ۾پوئي قهر جهڙي ڪيفيت اُڀاري آهي.
    تَريون پَسان نه تار ۾، جھُڳا جاءِ نه ڪُن،
    مادر! ملاحن، ماڳ نه ڍويا مَڪڙا.
    ڪنواريءَ ڇوڪريءَ پئي پنهنجي ماءُ کي ٻُڌائي: ”ملاح جي زال ٿي چوي: تَرها ۽ مڇڻا درياهه ۾نٿي ڏسان، وڏا ڄار اُتي نٿا رڪجن، نٿا بيهن!
    اي امڙ! ٻيڙياتا ٻيڙيون ڀَري ماڳ تي ناهن موٽيا!“
    هڪ ڪنواريءَ جي حيرت، ڪيئن لطيف جي تصور، شاعريءَ ۾ تبديل ڪئي آهي، حيرتناڪ آهي! هڪ بيت ڪيڏي وڏي حقيقت کي ٻن سٽن ۾ کڻي ٿو، شاعراڻو ڪمال آهي. ڪردارن کان اهڙو يادگار ڪم وٺڻ، هر تخليقڪار جي وس جي ڳالهه ناهي. زندگي جيئن آهي، اُن کي ائين جو ائين پيش ڪرڻ آرٽ جو، فن جو وڏو عظيم مثال آهي.
    اهڙو ئي شاهڪار مشاهدو ۽ عورتاڻي احساس جي انتها تي پهتل ترجماني ۽ نفسيات کي اعليٰ حُسن سان سُر سارنگ جي هِن ڪمال بيت ۾ ڀٽائيءَ چٽو ڪيوآهي. ڏسو:
    ڪانڌَ! مَ وِڪڻُ ڪُنڍيون، ڌَڻُ سَڀوئي ڌار،
    اَڀريون، سَڀريون،پانهنجُون، سَسيون سَڀ سنڀار،
    ٻَن ڇڏي، ڇَن پئي، وَڃِي وَلهارَن وار،
    ته اچي اڱڻا بهار، سَرلا ڪندي سڏڙا.
    (سارنگ)
    ٻهراڙي جي عورت نفسياتي طور مالوند هجڻ تي فخر ڪندي آهي. اڱڻ ۾ مينهون ۽ کير ڏسي پئي ٺرندي آهي. پاڻ وڃي ڪاڙهن ۾ ڪڙهي گاهه جون ڀريون آڻيندي آهي. کيس ايتري ته مال سان محبت هوندي آهي، جو هر ڀَٽاري مينهن تي سُهڻو نالو به رکي ڇڏيندي آهي. ڪا مينهن سُهڻي، ته ڪا سسئي بڻائي ڇڏيندي آهي! اهو ئي سچ ڀٽائي آڻي اسان جي سامهون ڪيو آهي! ”اي ڪانڌ ! وڙ ڪري هِي منهنجيون ڪنڍيون مينهون نه وڪڻ! اُهي اڀريون سڀريون پنهنجي اڱڻ ۾ سُونهن پيون. انهن کي سڏڙا ڪندي اڱڻ ۾ بهار محسوس ٿئي ٿي!“
    لطيف عورت جي نفسيات جو وڏو مشاهدڪار آهي. لطيف اُن عورت جي روح جو شاعر آهي، جيڪا پنهنجي پيڙهِيءَ جي عظمت ۽ روايتن جي رکوال آهي. اُن جي محبت جي تاريخ به ايتري ئي پُراڻي آهي، جيتري اُن جي درد جي تاريخ پُراڻي آهي. اڄ به ٿرن برن ۾ سماجي رشتي جي لڄپال رکندڙ معتبر عورت جنهن کي لطيف هر تعصب کان بالاتر ٿِي ڳايو آهي، اها پنهنجي عظيم انساني ڪردار سان جيئن جو تيئن موجود آهي.
    لطيف وٽ عورت وفا جو مجسمو آهي. لطيف وفا جي زيور سان عورت کي ڏٺو آهي. سسئي، مارئي، نوريءَ کان ويندي سامونڊين جي سدا سهاڳڻين ونين تائين لطيف ان وفا کي ڳايو ۽ ياد ڪيو آهي. صرف مومل ۽ ليلان جي ڪردارن ۾ آيل ڪن غلط فهمين هوندي به لطيف انهن جي پشيمانين ۾ به وفا جو رنگ ظاهر ڪري عام ڪيو آهي. اها وفا ونيءَ جو ور سان محبوب سچائيءَ جو ثبوت ۽ هڳاءُ آهي. لطيف اوڀر جي مزاج مطابق هِن رشتي تي روشنيءَ وڌي آهي. اوڀر ۾ مُنڍ کان ئي ور ۽ ونيءَ جي رشتي ۾ وفا کي اهميت جي اک سان ڏٺو ويو آهي. اوڀر ۾ پَتي پرميشور جو نظريو زمانن کان اڀريل رهيو آهي. اوڀر ۾وفا کي غيرت تصور ڪيو ويو آهي. اها غيرت گڻ ليکي ويئي آهي. شڪ جي صورت ۾ رشتن اندر وڏي ٽوڙ ڦوڙ به ٿيندي رهي آهي. اوڀر ۾ ٻيائي ۾ لهڻ کي بد ڪرداريءَ سان ڀيٽيو ويو آهي. ڇو جو ور ۽ ونيءَ جو رشتو وڏي سماجي حيثيت رکندڙ آهي. گهرن جو ماحول ۽ نسل جي اوسر جو اهو بنيادي رشتو آهي. اهو ئي سبب آهي جو لطيف ان رشتي جي تقدس جي پس منظر ۾ عورتاڻي مزاج ۽ احساس جي عڪاسي کي عروج تي پهچايو آهي. لطيف ڪمال اهو به ڪيو آهي جو عورت کي عاشق ڪري پيش ڪيو آهي. اسان وٽ اوڀر ۾ اهو نظريو به پيش ٿيل آهي ته ”عشق ته صرف عورت ڪري ڄاڻي ٿي!“ ان نظريي کي ڄڻ نئين سگھه ڏئي ڇڏي آهي.
    سَر نِسريا پاند، اُتر لڳا آءُ پرين،
    مون تو ڪارڻ ڪانڌ، سهسين سُکائون ڪيون.
    لطيف جو سُر سامونڊي عورتاڻي وفا ۽ وڇوڙن جي ڇڪتاڻ جو محبوب داستان آهي. ان ۾ نازڪ احساس جي ڪشمڪش ته آهي ئي سهي، پرميارن، تنهائين، سڪ جي ڇڪ جو سوز به ڪمال جي حيثيت رکي ٿو.
    سيئي جوڀن ڏينهن، جڏهن سڄڻ سفر هليا،
    رئان رهن نه سپرين، آيل ڪريان ڪيئن،
    مون کي چاڙهي چيئن، ويو وڻجارو اوهري.
    جيئري چکيا تي چڙهڻ جدائي جي انتها جو بيقرار سچ آهي. لطيف عظيم مشاهدڪار آهي. تڏهن ئي تنهائي ۾ تڙپندڙ عورت اهو به اظهار اوڳاڇي ويهي ٿي ته : ”سامونڊيءَ جو سڱ سُورن ڀريو آهي، وڻجارو منهنجو جسم سوريءَ تي چاڙهي ٻيڙي هاڪاري ويو آهي.“ بيشڪ تنهائيءَ جي سُوري وڏي سُوريءَ آهي. اها ڪيفيت ورچائي وجھي ٿي، تڏهن ئي ڪا سامونڊيڻ ائين چوي ٿي ته،
    وڃيئي وسري شال تو جو سودو سکيو،
    اڃا آئين ڪال، پڻ ٿو سفر سَنبهين.
    مٿان وري محبوباڻي چپن تي دلربائي واري ميار سان لطيف حيرت سان ڀري ڇڏي ٿو. اها ميار ناهي اصل ۾ پيار آهي:
    ٻيڙي جي ڀُڻن، نينهن نه ڪجي تِن سين،
    اُڀيون ڏنڀ ڏسن، جه سڙه ڏيئي سِير ٿيا.
    لطيف پنهنجي ڪردارن جو دوست ۽ وارث آهي! انهن کي پنهنجي دل ۾ سانڍيندڙ آهي. ٻيڙيءَ وارن سان نيهن ڇو نه ڪجي؟ ان ڪري جو اُهي ترسن نٿا! اها عورتاڻي قرب جي محبت ۾لڪل گلابي سوچ جو ميار رکڻ وارو لهجو آهي. اها نازڪ تند جي تنوار آهي! ٻيڙين وارا يڪدم وڃڻ جي وائي ڪن ٿا. اڃا انهن کي ڏسي پورو ڍَءُ به نٿو ٿئي، جو وري سفر لاءِ ٿا نڪريو وڃن! پوءِ هينئون پاڻ انهن لاءِ ٻيڙيءَ ٿيو پيو ڀٽڪندو وتي! هو ايترا الاءِ ڇو پٿر دل آهن؟ اها محبت جي سوچ آهي! ”عورت جو ٻيو نالو بيوفائي آهي!“ اهو شيڪسپيئر جو خيال هو! عورت جو ٻيو نالو محبت آهي! اهو نظريو لطيف جو آهي. کاري ڇاڻ جي سامونڊي ٻيٽ تي جڏهن مون سامونڊين جا نيڻ پڙهيا هئا ته ان رات اُڀ جو هر تارو لطيف جي سُر سامونڊيءَ جو بيت لڳو هئم.
    لاهِيندا ئِي ڪَن، ڳالهيون هلڻ سنديون،
    ڏيندا مون ڏکن، وهِ وجھندا جندڙو!
    ”جھاز تان پير هيٺ رکندي ئي وري وڃڻ جون ڳالهيون پيا ڪن، مون کي ڏکن جي مُنهن ۾ ڏئي، منهنجي هانوَ کي وري ڏولائي ۾ وجھي ڇڏيندا! سامونڊي تڙ پائيندڙ قبيلو آهي، اي ماءُ! ڪو ته هنن کي سمجھائي!“
    آيل ڪريان ڪيئن؟
    منهنجو نينهن اَپليو نه رهي!
    اُڏوهِيءَ جئن ڏکڙا، چڙهيا چوٽِي سيئن!
    مُنهنجو نينهن اَپليو نه رهي!
    عجيب شڪ آهن! عجيب دوريون آهن! عجيب دل جي حالت آهي! پري رهي، ڪٿي هو مون کي وساري ته نه ڇڏيندا؟ سوال آهن ، پر صليبن جھڙا سوال آهن! ڪاتي مٿان پير رکي بيهڻ جهڙيون بيقراريون آهن! اک ۾ اَڪ جو کير پئجي وڃڻ جهڙو سور آهي!
    لاهيان جي نه چِتان، الا! اُن مَ وسران،
    مَڙهيو منجهاران، جيءُ منهنجو جِن سِين!
    هِي ڪيفيتون احساس جي اُها تاريخ آهن، جيڪا تاريخ مئورخن بي معنيٰ سمجھي آهي، پر عظيم شاعرن اها تاريخ صدين جي سينن تي لکي محفوظ ڪري محبت جو آئين جوڙيو آهي! “شاعر اڻ مڃيل آئين ساز آهن.” هتي اهو سچ پڌرو ٿيو بيٺو آهي. جيڪو انگريز شاعر شيلي اوريو هو!
    ”مٿان سياري جون سرد بي درد ولهون به شروع ٿيون آهن! آئون اڪيلي، ڪيڏي اڪيلي ٿي پئي آهيان، ٻين جا ڪانڌ پَسي، منهنجي اندر مان ٿڌا شوڪارا ٿا نڪريو وڃن! الا! وڻجاري جي گھر ۾ نسوري سُڃ آهي!“
    محبت ۾ اڪيلو ٿي وڃڻ کان تنهائيءَ جي ڪاريهر جي ڪکڻ جي ڪيفيت تائين، عورت جي اندر جو آواز لطيف جنهن دل سان محسوس ڪيو آهي، ڪاش اها دل هر انسان وٽ هجي! عورت عشق آهي، اهو سچ آهي! عشق جو اظهار اُن سچ جو سچ آهي! احساس جي ايڏي گھرائي سمنڊ جي انتها کي ڳولڻ جي برابر آهي! عشق اُڻ تُڻ آهي! عشق وجد جي آخري منزل آهي. لطيف وجداني صوفي هئڻ ناتي، انسان جي اندر ۾ جھاتيءَ پائڻ وارو شاعر آهي. انسان ڪائنات جي اندر رقص ڪندڙ وجد جو راز ۽ ڳُجهه آهي.
    ”سامونڊين جي وسنديءَ ۾ ڏياري آئي آهي. ڏيئا وجدان ۾ ٻري رهيا آهن. پر سامونڊيءَ محبوب وڃي سڙهه سنڀاليا آهن، ونجھه کي وڃي ڀاڪر ڀريو اٿس! ته دل خود ڏيئوٿي ٻري پئي آهي! سامونڊيڻ جو جسم سڙڻ لڳو آهي! پڪ ته فجر جو جڏهن سمنڊ جا عاشق پکيئڙا ٻوليندا ۽ ڇوليون ڇاڇولجي وينديون ته جانيءَ جي جدائي جيئري ئي ماري ڇڏيندي!“ لطيف عشق جي جذبي ۽ سرمستيءَ ڪيفيت جي ان شاعريءَ جي دل تي پنهنجيون الماس آڱريون آڻي رکيون آهن، جيڪا صرف شاعريءَ ناهي، پر اها انساني احساس جي جاڳندڙ دل آهي. اها محبت جي ڪائنات آهي، جيڪا تانگھه جي تاءُ سان تڙپيل ۽ آس جي واس سان مهڪيل آهي... ۽ اُن عورتاڻي آنڌ پويان لڪل وهمن کي لطيف ڄاڻي ٿو، ته سامونڊيڻ ڇو ٿِي رڙي؟ الا! 1999ع واري سال ۾ آيل سامونڊي طوفان کي ڪير ٿو وساري سگھي! جڏهن هر سامونڊيءَ وني سان وهم ڪيئن اچي وڙهيا هئا! سمنڊ ويل ملاحن مان مشڪل سان ڪو واپس گھر موٽيو هو. سوين لاش دربدر ٿيا هئا. اُهي لاش وڻن ۾ ٽنگيل ونين اکين سان ڏٺا هئا!
    لطيف جنهن عورت کي پنهنجي شاعريءَ ۾ ڀَرت وانگي ڀريو آهي. اُها سادگيءَ جي حُسن ۾ وهنتل آهي. ان جي زلفن جو وار وار تيل ۾ ميٽ جي مهڪ ۾ واسيل آهي. اُها عورت مصنوعي ناهي، نج آهي! اُها فطرت جي ويجھو آهي! ان کي فطرت جي حُسن ڳوهيو آهي! لطيف لوڪ ڏاهپ جو درياهه آهي، اها عورت ان درياهه مان وهنجي ٻاهر نڪتل آهي! ان ڪري ئي لطيف جي احساس جا پير ڇهڻ لاءِ هر دل آتي ٿيو پوي.
    ڀٽائيءَ جي سسئيءَ جي دردناڪ سفر جي پس منظر ۾ استعمال ڪيل ٻوليءَ بيحد وجداني آهي. ڇو جو هي داستان ئي درد سان ڀريل آهي! وجد اڀرندو ئي عشق جي درد مان آهي.
    جُدائي جو جام، ڏنائون ڏُکيءَ کي،
    منگل منهنجي مَن ۾، ٻاريو هوتَ حِمامُ،
    اَرک ٿيو آرام، ڪاڪُل پَسي ڪانڌ جو.
    محبوب جا زلف ڏسي، آرام ڦِٽي وڃڻ ڪمال جو وجد آهي. جدائي جي جام ۾ جيڪي بيقرار ڪندڙ خمار آهن، سي فقط عشق وارا ئي ڄاڻن ٿا. پرينءَ باهه جو کُورو ٻاري ڪيئن وجود جو امتحان وٺندا آهن؟ اها ڪيفيت بيان نه ڪري سگھڻ جھڙي آهي! لطيف عظيم ڪيفيتن جا موتي چونڊي پڌرا ڪري ٿو. اُن ڪري جو خود عشق سان ڀريل انسان آهي.
    هيڪليائي هيل، پوريندِيس پنهون ڏي،
    آڏا، ڏونگر لَڪيون، سُوريون سڄڻ سيل،
    ته ڪَر ٻيلي آهن ٻيل، جي سُور پرينءَ جا ساڻ مون.

    ”اڪيلو ئي پنهون ڏي پنڌ ڪنديس، ڇا ٿيو جي جبل ڏکيا ۽ اڙانگھا آهن. ڇا ٿيو جي جبلن جون چوٽيون تڪليف ڏيندڙ آهن. جيڪڏهن پرينءَ جا سُور مون سان گڏ آهن ته ڄڻ اُهي هن سفر ۾ منهنجا دوست آهن!“ لطيف ”ٻيلي“ لفظ ڪيڏي ڪوملتا سان ڪتب آندو آهي. اهو عورت جي مزاج جو محبوباڻو لفظ آهي. عورتون پنهنجي مڙسن کي پيار مان ٻيليءَ ڪري به سڏينديون آهن.
    لڏيندي لباس، جتن جيڏو ئي ڪيو،
    اچي آريءَ ڄام جو، وَڻ وڻ مَنجهان واس،
    مرونءَ کِينَم ماس، هَڏ هلندا هوت ڏي.
    ”ڀنڀور مان لڏيندي جتن وڏو دولاب ڪيو، مون کي وڻ وڻ منجھان پُنهون جو واس پيو اچي! منهنجو ماس جانور کائي کپائي ڇڏين، ته به منهنجا ڪرنگھر پرينءَ ڏانهن پنڌ ڪندا هلندا!“ عشق مان عجيب دعويٰ اُڀري آهي ته منهنجا خالي هڏا جيڪي هِن رڻ ۾ بچندا، سي پاڻهي محبوب ڏي پنڌ ڪندا! اُهي پهچندا، ته آئون ڄڻ پاڻ پرينءَ جي سامهون پهچي ويس!
    لطيف سنڌ جي پرڻيل عورتن جي عڪاسي تي قصو ختم ناهي ڪيو. لطيف ته پنهنجي مٽيءَ جي غيرتمند ڪنوارين جي عظمت کي به چانڊوڪيءَ وانگي چٽو ڪيو آهي. ڪنوارپ جو رتبو اوڀر جي عورت کي پنهنجي سماجيات مان مليو آهي. سنڌ قبيلن جي گڏيل وحدت جي ڌرتيءَ آهي، انهن قبيلن جا پنهنجا مزاج آهن، پر غيرت جو مزاج سڀني وٽ هڪجهڙو رهيو آهي! ڪارو ڪاريءَ رسم به ان منظر ۾ جوان ٿي آهي. لطيف مارئي جي ڪردار مان سنڌ جي عورت جي پاڪدامني جو عنصر اُڀاري پيش ڪيو آهي. مارئي به ته هڪ عورت آهي. جيڪا وفا جو مينار آهي. اُها ڪنهن به آڇ تي وطن ۽ جسم جو سودو نٿي ڪري . لطيف جسم ۽ وطن کي الڳ نٿو ڪري. هڪ ڳالهه سمجھي ٿو. جسم جي بيحرمتي، وطن جي مٽيءَ جي بيحرمتيءَ تصور ڪري ٿو. لطيف لوئيءَ کي به ڪنوارپ جو درجو ڏنو آهي.
    جيئن ڳَنڍيون مَنجھه ڳَنڍير، تِيئَن مُون مَن ماروئڙن جي،
    ڏنيون لَس لطيف چئي، هينئڙي کي هَمير،
    وَڃي، منجھه ملير، سڀ ڇوڙينديس سُومرا.
    ”جيئن ڳنڍير ۾ ڳنڍيون هونديون آهن. تيئن منهنجي من ۾ مارن لاءِ نينهن جون ڳنڍيون آهن! همير سومري مون کي بيشمار ڳنڍين سان ٻڌو آهي! عمر جون زنجيرون ڇڄي پونديون، پر منهنجو مارن لاءِ نينهن ختم نه ٿيندو! عمر جي ڏنل سمورين ڳنڍين کي ملير ۾ وڃي ڇوڙينديس! “ اها هڪ ڪنواريءَ سنڌياڻيءَ جي سوچ آهي.
    ڪانڌُ نه ڪَنديس ڪو ٻيو، کَٿيرو ئِي خُوب،
    ميرو ئي محبوب، اسان مارُو مَن ۾!
    مارئي جو اهو اٽل وچن اوڀر جي سج جي حُسن مان سرجندڙ سچ جو جلوو آهي. محبوب، محبوب آهي، پوءِ اهو ميرو آهي، تڏهن به دل ۾ ويٺل آهي. محبوب ظاهري ڏيٺ ويٺ ۾ ڪونه پرکبا آهن. اُهي ته دل سان پاڻهي چونڊ جي ويندا آهن.
    سَنهي سُئي سِبيو، موُن مارُوءَ سين مَن،
    هڻي کڻ حَلم جا ، تُھ وڌائين تَن،
    ڪيئن ٽوپايان ڪَن، اباڻي اَبر رِي!
    با ڪمال ڪُنوارو فڪر لطيف جي احساس مان گلاب ٿِي ڦُٽو آهي. مور ٿي ٽِليو آهي! ”منهنجو مَن ماروءَ سان محبت جي سَنهي سُئيءَ سان سبيل آهي. هُن حليمائي جا ٽوپا ڏئي، منهنجو بُت ڪپهه وانگر تهن ۾ ويڙهيو آهي. اباڻي سُئي کان سواءِ مان ڪيئن پنهنجا ڪن ٽوپائينديس!“ لطيف، هڪ ڪنواريءَ پاران ڪنوارپ جي بحاليءَ رکڻ لاءِ جيڪا ويڙهه وڙهي آهي، ان کي جنهن عظيم رنگ ۾ ظاهر ڪري، تصور کي جنهن ڪلا سان پيش ڪيو آهي، اهو حيرتناڪ آهي. سوڙ ٺاهڻ جي ٻن ڪپڙن وچ ۾ نفيس ڪپهه کي ڀري سئي سان سنهن ٽوپن سان سبي محفوظ ڪرڻ واري حقيقت کي ڪنوارپ جي تصوير ۾ پيش ڪرڻ بنا شڪ جي ادبي معجزو آهي! لطيف واضع ٿو ڪري ته عشق اُها سُئي آهي، جنهن سان دل به سِبي ويندي آهي، جسم به سبجي ويندو آهي! اباڻي سُئي کان سواءِ ڪَن نه ٽوپائڻ جو حسناڪ تصور دنيا جي ڪنهن به شاعر وٽ نه آهي، نه نظر ايندو! اهو لطيف جي تصور جو ئي شاهڪار مثال آهي! لطيف ڪن ٽوپائڻ جي رسم کي جنهن ڪلچر لاءِ نشانبر ڪيو آهي. اهو به رشتن جي تقدس جو ڪلچر آهي. نياڻي نڪ ۽ ڪن ان لاءِ ٽوپائيندي آهي ته ور واريءَ ٿيڻي آهي. ڏاج ۾ امڙ ابو جيڪي زيور پارائيندا آهن، اهي سهاڳڻ جو خواب آهن. انهن جو قائم رهڻ عورت جي تقدس جو بحال رهڻ هڪ ئي حقيقت آهي! لطيف زندگيءَ جو شاعر آهي. ثقافت جو شاعر آهي. ان ڪري هن هر نازڪ نقطو بيان ڪرڻ کان رهايو ناهي. هن اوڀر جي سنڌ جي جنهن ڪامڻي جا احساس پنهنجي شاعريءَ ذريعي اوريا آهن. اُن ڪامڻيءَ جون اکيون سُرمي ۽ خوابن سان ڀريل آهن. اُن ڪامَڻِي کي جسماني نزاڪت سان گڏوگڏ احساساتي گلابي گھگھو به دل سميت پاتل آهي! اُها رومانس جي وجد ۾ ننڊ به ڀُلجو ٿِي وڃي. ان لاءِ رات ۽ ڏينهن ساڳيا سُونهن ڀريا آهن.
    ڍول مَ کَڻي ٻانهڙي، پِرههُ مَ کڻي پاند،
    آئون پنهنجو ڪانڌُ، لڪي لوڪان رانئيان.
    ڀٽائي جي هي سڄي عظيم شاعري پڙهي دل تي جلاالدين رومي جي هي ناياب شاعريءَ تري ٿي اچي ته:
    پيغمبر فرمايو آهي ته عورت جو اثر ۽ غلبو،
    داناءَ ماڻهن تي ٿيندو آهي!
    هوءَ دل واري جي دلين تي قابض ٿيندي آهي،
    جاهل جيئن ته جاهل، جهيڙاڪ ۽ بي دماغ هوندا آهن،
    تِنهن ڪري هُو عورتن لاءِ عذاب هوندا آهن!
    اسلامي تصوف جي رهبر ابن عربي جو نظريو آهي ته: “عورت اهم هستي آهي، جيڪا محبت کي پيدا ڪرڻ، جاڳائڻ جو سبب آهي!” ڀٽائي جي شاعريءَ اهو ثابت ڪيو آهي ته، عورت خود محبت آهي. اوڀر ۾ لطيف جي پيدائش کان ٿورو عرصو اڳي تائين ڪي عوام دشمن اهڙا بادشاهه به هئا، جڏهن ڪنهن ڪنوار جي پالڪي (ڏولي) سندن محل ڀرسان لنگھندي هئي ته اُهي ڪنوار کي پاڻ وٽ گھرائي وٺندا هئا! علي عباس جلالپوري اهڙو روئڻو پنهنجي ڪتاب ’رسوم اقوام‘ ۾ رنو آهي!
    اسان جي لطيف اوڀر جي ڪنوارن جي مٿي تي ڀاءُ وارو هٿ رکيو آهي!


    ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ مافوق الحقيقت نگاري

    سنڌ جو ناليوارو اديب عبدالقادر جوڻيجو ان حوالي سان به مشهور آهي ته ادب ۽ بحث ۾ ڪا نئين ڳالهه پيش ڪري ماٺار ۾ ولوڙو ضرور پيدا ڪندو آهي. قادر جوڻيجو ئي اهو پهريون ليکڪ آهي، جنهن 14 ورهيه اڳ لطيف جي شاعريءَ ۾ سر ريئلزم کي ڳولي پڌرو ڪيو هو. اهو مضمون جامع ته آهي پر مختصر آهي. ان ڪري سرريئلزم (Sur realism) تي ٿورو وڌيڪ تفصيلي لکڻ ضروري سمجھان ٿو.
    سنڌ ۾ شاعريءَ جي حوالي سان مام يا ڳجھه ۾ بيت، شعر ۽ ڳجھارت چوڻ جي روايت صديون پراڻي آهي. هن ريت جو بنياد ان ڳالهه تي بيٺل آهي ته حالتون سازگار نه هجن، ته ڳجهه ۾، مام ۾، اشاري ۾ پنهنجو مطلب بيان ڪجي. هن روايت جو بنياد، اظهار جي آزاديءَ نه هئڻ، پابندين، ڏاڍ، جبر ۽ تشدد واري ماحول جي گهُٽ ٻُوسٽ جي ڪري پيو. ڳجھارت سان هِي روايت شروع ٿي، منظم شاعريءَ تي پهتي. سنڌ ۾ ان روايت کي اڳتي هلي، پيش گوئين لاءِ به استعمال ڪيو ويو. انهيءَ حوالي سان سنڌ ۾ ست فقير “ماموئي فقير“ جي نالي سان سڏجن ٿا، جيڪي مام ۾ پيشن گوئيون چوندا هئا، انهن فقيرن جون قبرون آمريءَ جي قبرستان ۾ ٽنڊي جان محمد شهر ويجھو آهن، انهن جا بيت هِن طرح آهن.
    اچي ويجھا ماڙهئا، ننگر جي آڌار،
    پراڻا پرار، نوان مَ اڏج نجھرا.
    _
    سُمير ۾ نه ساريون ٿينديون، ڪلريءَ ۾ نه ڪماند،
    هارِي ۽ هر ڏاند، نه ڄاڻان ڪيهي ويا.
    هتي هِن پيشنگوئي ۾ سمير جو ذڪر آيو آهي. جيڪا قديم عراق جو حصو هو، ۽ سُميرين جي تهذيب آڳاٽي ليکي وڃي ٿي. ماهرن ان کي سنڌ کان به قديم سُڌريل تهذيب سڏيو آهي. جڏهن ته اؤميل جو موقف آهي ته ”سميرين تهذيب ته سنڌ کان پوءِ 3600 ق م جي تهذيب آهي، ۽ اها سنڌ جي ڪالوني هئي!“ ارڙهين صديءَ ۾ اهو ئي پيشن گوئين وارو رنگ گرهوڙيءَ وٽ نظر اچي ٿو.
    لڳيندي لاڙان، سونچو ٿيندو سَري ۾،
    جڏهن ڪڏهن سنڌڙي، توکي جوکو قنداران.

    لنڊن ۾ لنگور کي، گولا گھاوَ ڪندا،
    لڳندس ڪان ڪراچيءَ ۾، ويندس دهلي هٿا.
    لطيف جي حوالي سان به نظر اهو ٿو اچي ته لطيف به مام ۾ ڳچ شاعريءَ ڪئي آهي. لطيف جي انهن بيتن جون به ڪيئي تشريحون ڪري سگھجن ٿيون. لطيف وٽ اهو آرٽ عروج تي نظر اچي ٿو:
    عاشق عزرائيل، ٻيا مڙيئي سَڌڙيا،
    مَنجھان سِڪ سَبيل، لعنتي لال ٿيو.
    _
    دلق ڍڪائج دل کي، لائج ڪو مَ لباس،
    پُوري کائج پنهنجو، مڙهيان اندر ماس،
    ته ويراڳي تو واس، بَر ۾ بُوبُون موڪلي!
    راڻي جي رهاڻ مان ڪو آديسي آيو،
    چوڏهين ماهه چنڊ جو، ڪيو سامي سُهائو،
    لٿو اونداهو، جوڳيءَ سَنديءَ جوت سان!
    _
    گھڙو ڀڳو، مُنڌ مُئي، وسيلا ويا،
    تِنهان پوءِ سُئا، سُهڻي سَڏ ميهار جا.
    اها ته ٿي شاعراڻي رمز جي انتها جو اهو جلوو، جيڪو شاعريءَ جو نه رڳو جديد لاڙو آهي، پر جديد مثال به آهي.
    فن جي دنيا اندر مام ۾ شاعراڻي اظهار لاءِ تجريديت کي به استعمال ڪيو ويو آهي. تجريديت جديد علم ۽ تجربو يا لاڙو سڏجي ٿو، جيڪو يورپ ۽ فرانس مان نشانبر ٿيو، ان کي تجريدي آرٽ سڏيو ويو. جيڪواڃان به جاري آهي. اهو تجريدي آرٽ رڳو شاعريءَ ۾ناهي سمويو ويو، پر مصوريءَ ۾ به استعمال ٿيو آهي. هِن آرٽ جو بنياديءَ نقطو به اُهو ئي مام ۽ ڳُجهه وارو آهي، پر جديد دور ۾ اظهار جي آزادي ۽ آزاد ذهنيت جي ڪري ايترو فرق ضرور نظر اچي ٿو ته، آڳاٽي وقت ۾ مام جي رمز ۾ مهذب پڻي سان اظهار ڪيو ٿي ويو، پر هاڻ تجريدي اظهار جي نالي ۾ ڪڏهن ڪڏهن اگهاڙپ جي به پرواهه نٿي ڪئي وڃي! ان ۾ به قصور آرٽسٽن جو ناهي، اصل مسئلو تلخ روين ۽ محسوسات جو چئي سگھجي ٿو، جنهن ڪري اهڙو سخت اظهار شاعرن ۽ آرٽسٽن کي ڪرڻو ئي پئجي وڃي ٿو!
    هتي اسان جو موضوع تجريدي آرٽ تي بحث ڪرڻ ناهي، اسان جو موضوع سر_ ريئلزم آهي، جنهن کي اسين مافوق الحقيقت نگاري جو نالو ڏيون تڏهن به غلط نه ٿيندو!
    اسان هِن لاڙي جي تشريح هن ريت به ڪري سگهون ٿا ته، فنڪارا نه انداز ۾ پيش ڪيل اهڙو خيال جنهن جو بظاهر حقيقت سان ڪوبه ظاهري تعلق نه هجي، پر جڏهن ان خيال کي ٻُڌو يا پڙهيو وڃي ته ماڻهو کي حيرت وڪوڙي وڃي. ماڻهو جو وار وار ڪانڊارجي وڃي! بي اختيار ماڻهو کان ان خيال لاءِ داد نڪري اچي. ماڻهو محسوس ڪري ته خيال کي ڪنهن اعليٰ فن، ۽ وجدان سان پيش ڪيو ويو آهي، ان ۾ جيڪا اوپرائي، يا غير حقيقت نظر اچي ٿي، سا اصل ۾ اوپرائي اجائي آهي.
    سر ريئلزم جو لاڙو شاعريءَ ۾ تنقيدي علم طور ويهين صدي جي پڇاڙيءَ ۾ يورپ ۽ فرانس مان اڀريو هو. جنهن جي بنياد کي ظاهر ڪندي قادر جوڻيجي لکيو آهي، اهو حوالو هُن اسٽيفن اسپينڊر شاعر جي آتم ڪٿائي ڪتاب مان ورتو آهي ته: ”جڏهن ٻي عظيم جنگ لڳي ته لنڊن شهر ۾ وڏا بلئڪ آئوٽ ٿيا ۽ بجلي گم رهڻ لڳي. بجلي جي ان اڻ هوند ۾ لنڊن جي شاعرن کي ڪئين اوپرا رنگ ڏسڻ ۾ آيا، ايئن انهن شاعرن جي اندر ۾ موجود تصورات، ٻاهرئين زندگيءَ جا ڏيک ۽ فطرت جا اوپرا رنگ پاڻ ۾ گڏ وچڙ ٿي ويا، جن وچان ئي هڪ نئين آواز کي جنم ڏنو، جيڪو شاعريءَ ۾ داخل ٿي، سر ريئلزم بڻجي ويو.“ هِن لاڙي وڏي مقبوليت ماڻي آهي. ٽي صديون اڳ جڏهن هن لاڙي جو ڪو وجود ئي نه هو، تڏهن لطيف شاعري پئي ڪئي. اڄ حيرت ٿي ٿئي ته اهو لاڙو لطيف جي شاعريءَ ۾ موجود هو. اها لطيف جي جدت، نئون لاڙو، نئون قدم، نئون مزاج، نئون تجربو، نئون بنياد چئي سگھون ٿا. هونئن به اها حقيقت آهي ته سنڌي شاعريءَ کي ترقي ڏياري ئي لطيف آهي.
    سنڌي شاعري جي جدت مُرتب ئي لطيف ڪئي آهي. وائي هُجي، يا بيت هجي، لطيف ئي ان کي نئون موضوعاتي لباس ڏنو آهي. نئون مزاج سنڌي شاعريءَ سکيو ئي لطيف کان آهي. لطيف جي ڏنل جدت سنڌي شاعريءَ لاءِ رهنما ثابت ٿي آهي. لطيف پاران گس تي چاڙهيل سنڌي شاعري تڏهن ئي عروج ماڻيو آهي.
    هن مضمون ۾اسان اهو ڏسنداسين ته بابا ڀٽائي سر ريئلزم جو فن ڪيڏي معيار ڪيڏي بلنديءَ ۽ ڪيڏي حُسناڪيءَ سان پيش ڪري حيران ڪيو آهي. عبدالقادر جوڻيجي جيڪي به بيت سر ريئلزم لاءِ منتخب ڪيا آهن، اُهي حقيقي سر ريئلزم جو حصو آهن. ڪجهه ٻيا بيت به آهن، جن جو هتي تجزيو پيش ڪجي ٿو.
    لطيف جي پيش ڪيل مافوق الحقيقت نگاريءَ جو حسين ترين عنصر تشبيهه آهي، جنهن جھڙو مثال شايد ئي ڪٿي نظر اچي.
    ڪڪر ڪيائينم ڪاڪ جو، ڏيئي لاڙي لِک،
    هاڻي مٿي ڏِک، چڙهيو ٿي چاڳ ڪريان.
    ”مون کي ٿوري اڳڙي ڏئي، ڪڪر جو ڪاڪ ڪري ڇڏيائين، هاڻ ڪنوار وارو هار سينگار ڪري لاڏ پئي ڪريان!“
    ڪُنڍيءَ ڪَلين وچ ۾، جڏهن هنئي جن،
    موٽي موُن پرين، ڪڍڻ جي ڪانه ڪئي.
    _
    ڪڪر ڪوٽ، بُرج پِرين، سڄڻ سحرون ڪَن،
    آئون پڻ مٿان تِن، انڊلٺ ٿِي اُڀران.
    _
    اندر جھُڙ جھُور وَهي، ٻهر ڪَڪر نه ڪوءِ،
    وسائيندي وِڄڙي، حُب جنين کي هوءِ،
    لالڻ جنين لوءِ، اوڪاڻيَن نه اکڙيون!
    ظاهري حقيقت اها آهي ته انسان (مرد) انسان (عورت) سان عشق ٿو ڪري، ان کي ڀاڪر ۾ ٿو ڀري، انسان ڪنهن نظر نه ايندڙ ڏور ۾ ڇڪبو وڃي، انسان ٻن بجاءِ هڪ دل ۾ تبديل ٿيو وڃي، اهو ڪيئن ٿو ٿي سگھي جو انسان، ٻئي انسان کي مڇيِءَ جي ڪُنڍيءَ ۾ ڦاسائي، پر ڏسو، مافوق الحقيقت نگاريءَ ۾ لطيف ڪهڙي انتها کي وڃي ڇُهيو آهي. ڪنڍيءَ کي عشق جي رشتي ۾ ڪيئن تبديل ڪري ڏيکاريو اٿس، ماڻهو خيال جي گھرائي کي ڇهي ٿو ته اهو غير حقيقي لقاءُ حقيقي ٿي پوي ٿو! بي حقيقت کي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ سر ريئلزم سڏجي ٿو، لطيف اهو آرٽ ٽي صديون اڳ استعمال ڪري ڏيکاريو آهي.
    ڪڪر، حقيقت ۾ ڪوٽ ناهن، نه ئي انسان مٽيءَ ۽ سِرُن جو بُرج آهي. انسان انڊلٺ به ڪونهي، اها ظاهري حقيقت آهي، پر جڏهن تشبيهي جھان ۾ جھاتي هڻجي ٿي ته ڪيفيت ڪمال جي درجي تي پهتل محسوس ڪجي ٿي. ڪڪرن جي ڪوٽ مٿان پرين بُرج وانگي پيو چٽو نظر اچي، ۽ آئون به انهيءَ ڪوٽ ۽ بُرج مٿان انڊلٺ ٿي اُڀرڻ ٿو چاهيان. تڏهن هِي نظارو مڪمل ٿيندو. تڏهن هڪ حقيقت مڪمل ٿيندي، ڪجهه به مصنوعي باقي نه رهي. سڀ ڪجهه فطرت جو حصو ۽ حُسن ٿي پوي. اها لطيف جي ڪامياب مافوق الحقيقت نگاري آهي، جيڪا بي حقيقت کي حقيقت ۾ تبديل ڪري حيران ڪيو ٿي ڇڏي. ڪاڪ جو ڪڪر ڪرڻ لازوال تشبيهه آهي، اڇوت سر ريئلزم آهي. اصل ۾ انفراديت ۽ اچرج کي اڀارڻ کي ئي حُسين سر ريئلزم چئجي ٿو.
    ٻئي ويٺا رُون، ڏُکي ڏونگر پاڻ ۾،
    ڪنهن کي ڪين چون، منجهن جو پريتڻو.
    _
    منجهين ڪاڪ ڪڪوري، منجهين باغ بهار،
    ڪانهي ٻي تنوار، ٿيو مڙوئي ميندرو!
    _
    ڪانڌيءَ ڪنگ ٿياس، وِهڻ جنازو سُهڻي،
    ٻگھا جي ٻيٽن جا، ڪُلها تِن ڏِناس،
    اکين مَلڪ ڏٺاس، توءِ مَن ڪاڍو ميهار ڏي.
    عام حقيقت ۾، جبل روئندو ڪونهي. ڏونگر وٽ احساس به ناهي هوندو جو اُهو ڪنهن انسان سان پريم ڪري سگھي. پٿرن کي عام طور تي بي حِس قرار ڏئي سنگدلي جي معنيٰ ۾ پيش ڪيو آهي. هُن جي دل پٿر جي آهي، هُو پٿر جو ماڻهو آهي، تڏهن ئي احساس نه اٿس. اهو ئي شاعرن ورجايو آهي. پر لطيف ان حقيقت کي عظيم احساس ۽ آرٽ ذريعي نئين فلسفي ۾ تبديل ڪري ڏيکاريو آهي. لطيف پٿر کي روئاري احساس کي اُن جاءِ تي وٺي آيو آهي جيڪو حيرت ناڪ لڳي ٿو.
    جبل سسئي جي ڏک ۾ شريڪ ٿيوآهي، اهو به فطرت ڏي موٽي آيو آهي، اهو به روئي ويٺو! پر ٻنهي وچ ۾ جيڪا محبت آهي ان کي ٻئي ظاهر نٿا ڪن! اها سر ريئلزم جي جديد حسناڪي آهي، جيڪا لطيف سنڌي ڪلاسيڪل توڙي جديد شاعريءَ کي ڏني آهي! سهڻي جا ڪانڌي ڪنگ ۽ ٻگها ٿيا آهن. جيڪا خود بنيادي مافوق الحقيقت نگاري عظيم شاعريءَ جو مثال آهي.
    انڌو ٿي پسيج، مشاهدومحبوب جو!
    عام حقيقت اها آهي ته، انڌاهي اوندائيءَ جي علامت آهي. انڌائي ۾ ڪجهه به نظر ناهي ايندو. لطيف انڌو ٿي محبوب کي ڏسڻ جو مشاهدو ٻڌائي ٿو. اها انفراديت آهي. اها ئي مام آهي، جنهن جي اندر ڪو ٻيو نياپو آهي. مقصد اهو آهي ته محبت کي عقل جي اک سان ڏسي نٿو سگھجي. صرف روح سان ئي محسوس ڪري سگھجي ٿو.
    بادل ٿي بيهان، جي آگم اچڻ جا ڪرين.
    هِيءُ سِٽ به اُنهي علامت نگاريءَ جو عڪس آهي، جنهن کي سر ريئلزم سڏجي ٿو.
    تن تسبيح، مَن مڻيو، دل دنبورو جن،
    تندون جي طلب جون، وحدت سُر وڄن،
    ڇپر ڇَمر ڀانئيان، ڪانڀو ۽ ڪارو!
    ڪانڀو ۽ ڪارو ٻه وڏا جبل آهن، جيڪي ڏکيا به آهن. تن کي لطيف ڪڪر سڏيو آهي! ڇو جو انهن جبلن تان سسئي سولائي سان لنگھي وڃي ٿِي، اها آساني عشق پيدا ڪئي آهي! ڇمر چوڻ مافوق الحقيقت نگاريءَ جو بيحد اعليٰ مثال آهي. سُر کنڀات لطيف جي عڪسي شاعريءَ جو سُر آهي، ان جي هڪ خوبصورت وائي ۾لطيف انتهائي حَسين سر ريئلزم جو دلڪش رنگ پڌرو ڪيو آهي، جنهن کي پڙهجي ٿو ته وجد محسوس ٿئي ٿو:
    شمع ٿيندس شب ۾، اِن خوشيءَ کان کامي!
    بابوئن جي باهه جئن، ٻران شال اُجھامي!
    روشن ٿيان رُڃن ۾، جي هنئان لنئون انهيءَ لامي!
    رهه رات! لائينديس پرينءَ کي.
    لطيف جي اها جدت، وڄ وانگي چمڪي ڇرڪائي ٿي.
    ڏُونگر ڀُونين ڪير، سڄڻ ميخون ڏونگرين !
    ههڙا سيڻ سُڌير، ڪيَن لهندين ڪي ٻيا.
    لطيف چوي ٿو: “قرآن شريف ۾ آيل آهي ته ” جبل زمين لاءِ ڪِلا آهن!“ جڏهن ته پرين خود پهاڙن لاءِ ميخون ۽ ڪلا آهن! اهو سر ريئلزم جو انمول مثال آهي.
    ذاتي طور تي آئون لطيف جي سُر مارئي جي هن اعليٰ سٽ کي به سر ريئلزم چوڻ پسند ڪندس، جنهن ۾ بابا ڀٽائي چوي ٿو ته: منهنجي عشق سنگھر جهڙي لوهه جي زنگ لڳل شيءَ کي به اُجاري اڇو ڪري ڇڏيو آهي. هن بحث کي سميٽي اهو ئي چٽو ٿئي ٿو ته ٽي صديون اڳ لطيف سر ريئلزم جي حُسناڪي کي پيش ڪري ثابت ڪيو آهي ته هو بيشڪ عالمي ليول جو عظيم شاعر آهي.


    لطيف وٽ عاشقاڻي احساس جي انتها

    ڪوبه عالم ۽ محقق اهو ثابت ناهي ڪري سگھيو ته، مرزا بيگ جي لڄادار سدا سُهڻي نياڻي سيده بيگم جي نازڪ آڱر جھلڻ کان اڳ اسان جو ويهن ورهين جو نوجوان لطيف ڪا شاعريءَ به ڪندو هو! يا ڪو شعر به لکيو هئائين! حُسن جي پهرين نهار مان لطيف جي شاعريءَ جي پهرين سٽ سِرجي هئي! گھڻو ڪري اسان جا عالم اِن ڳالهه تي متفق آهن! اها پهرين نهار ڀنڀور کي باهه هئي! اهو آڱر جو ڇهاءُ جهونا ڳڙهه کي جھوريندڙ هو! اُهو پهريون ڪر موڙيندڙ احساس وجد جو بادل هو! سارنگ هيون اُهي اکيون، جن مان لطيف ڀِڄي آيو هو! آسا هئا، اهي ساهن جا سُر جن ۾ لطيف “وڃن سُور سَنڌا ڪيو” جي تنوار پروڙي هئي! اُها رات کنڀات هئي، جنهن جو تارو تارو اچي لطيف جي سيني ۾ لِڪو هو! ۽ پوءِ سڄي زندگي لطيف ۾ عاشقاڻو وجد ائين پئي گونجيو، ڄڻ مهراڻ جي ڪپر تي ميهار جا چڙا پيا وڄن! ڄڻ، ڏياج جي محل ۾ ٻيجل جو سُرندو سِر پيو گھُري!
    حقيقت اها آهي ته لطيف جي شاعريءَ ۾ عاشقاڻي ۽ انساني احساس جي اها انتها آهي، جنهن کي دنيا جا ڪيئي عظيم شاعر به ڇُهي ناهن سگھيا. لطيف احساس جي نازڪ پُڻي جو اهو سمنڊ آهي، جنهن جي ڪابه ڪنڌيءَ ناهي ڪوبه ترو ڳوليو به هٿ نٿو اچي! لطيف ان انساني محبت جو شاعر آهي، جيڪا روح جي وڻ کي ولين جيان ويڙهي وڃي ٿي، ته انسان جو وجد گل گل ٿي ڦُٽي ٿو! لطيف ان انساني درد جو شاعر آهي، جيڪو صرف جسمن مان نٿو اُڀري، پر ڪيفيتن مان نروار ٿئي ٿو. ڪيفيت جو درد پيش ڪرڻ شاعراڻو معجزو آهي! عشق احساس آهي! احساس ڪيفيت آهي! عشق خمار آهي،عشق وجد آهي، اکيون محبت جو دروازو آهن، اکيون شروعات ڪنديون آهن، ۽ ڳالهه وڃي دل جي ڳوٺ ۾ ڇيههُ ڪندي آهي! ان ڳوٺ جو وڻ وڻ واسبو آهي، تڏهن جڏهن ڪيفيتون پوپٽ ٿي اُڏامنديون آهن، پوءِ ننڊون نانگ ٿي وينديون آهن!
    لطيف اکين جي ڪيل قهر کي پنهنجي شاعريءَ ۾ ائين نروار ڪيو آهي، ڄڻ اکين سمونڊن ۾ سوراخ ڪري ڇڏيا آهن:
    اوقابيل اکين ۾، توکي بارِي بانَ،
    اُڀو اڳرايُون ڪَرين، ماڳ هَڻيو مستان،
    جانب تون زيان، اکين سان ايڏا ڪرين!
    مذهبي تاريخ جيڪا انسان جي تاريخ کي پڌرو ڪري ٿي، ان موجب دنيا جو پهريون قتل عورت تي ٿيو هو. قابيل پنهنجي ڀاءُ هابيل کي ماريو هو. ان لاءِ جو ان عورت کي حاصل ڪرڻ ٿي چاهيو! ان قابيل اڳرائي ڪئي هئي. لطيف ان قتل ڪندڙ قابيل کي قاتل اکين جي روپ ۾ ڪلاسيڪل تشبيهه ڏئي پيش ڪيو آهي، جنهن اکين ۾ خنجر آهن! اهو محبوب اکين سان قتل ڪري ٿو! اکيون ڏسندي ڏسندي ماري وجھنديون آهن! حسين اکين هن دنيا ۾ دلين جا ڪيڏا زيان ڪيا آهن، ان جو ته ڪو حساب ئي ناهي! لطيف جو پيش ڪيل اهو عاشقاڻو سچ هر دؤر جي تاريخ آهي، لطيف ٻڌائي ٿو ته اکين ۽ ڪاڪُلن جي ڪٺلن کي ڪفن نصيب ناهي ٿيندو!
    ڪاڪُل ڪُٺي جا، ڪَفن تِنهين ڪِين ٿِئي.
    مَنجھه شهادت سا، لُڏي ۽ لاڏ ڪري.
    ”ڪاڪُل ڪُٺيءَ“ سنڌيءَ اصطلاح آهي. سنڌ ۾ عورت ۽ مرد جي وچ ۾ رشتي کي اگھاڙپ کان پاسيرو رکڻ لاءِ ’واسطو‘، ’ناتو‘ لفظ استعمال بجاءِ ’سينڌ‘ لفظ استعمال ٿيو آهي! فلاڻيءَ جي هُن سان سينڌ هئي! ڪاڪُل ڪٺي ان ڪري لطيف استعمال ڪيو آهي! ڏٺو وڃي ته دنيا ۾ عورت کي شهيد سڏڻ جي به روايت اڳ ۾ نظر نٿي اچي. هاڻ جديد دؤر ۾ عورت لاءِ شهيد لفظ استعمال ڪيو وڃي ٿو! ٻئي طرف اهو وڏو سچ اڄ به موجود آهي ته سماج ۾ ڪاڪل ۽ اکين سان ڪٺل حياتين کي اڄ به ڪفن نٿو ڏنو وڃي. بنا غسل جي ساڳئي رَت هاڻن ڪپڙن ۾ دفنائي ڇڏين ٿا! اهو غيرت جي نالي ۾ ٿئي ٿو.
    ’سينڌ‘ لفظ وچن لاءِ استعمال ٿيندو آهي. مرد واعدي ڪرڻ لاءِ ڏاڙهيءَ تي هٿ رکندو آهي، عورت سينڌ ڏيندي آهي! سسئي ان سينڌ ۾ بنا ڪفن بنا غسل جي دفن ٿي وئي هئي. جنهن کي ڀٽائي شهيد سڏيو آهي! لطيف جي شعوري احساس ڪفن بڻجي محبت جي نئين تاريخ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي! اهو هڪ عظيم انساني رويو آهي!
    حُسن حقيقت آهي، جيڪو ان عشق کي ڇڪي ٿو جيڪو جنون آهي، جيڪو انسان جي اندرين طاقت آهي. اها طاقت استحصال ناهي، پر فطري آواز آهي، جيڪو دٻجڻ بجاءِ اڀرڻ چاهي ٿو. اهو اڏامڻ جو آرزو مند آهي.
    اُڀر چنڊ، پس پرين، تو اوڏا مون ڏور،
    سڄڻ سُتا وِلهه ۾، چوٽا ڀري ڪپور،
    پيرين آءُ نه پڄڻي، ٻاٻل ڏئي نه ٻُور،
    جنهن تي چَڙهي اُسُور، سَنجھي سَڄڻ سيٽيان!
    هِيءُ مرد جي عشق جي نه پر عورت (ڪنواريءَ ڇوڪريءَ) جي عشق جي لطيف ڳالهه پيو ڪري! اخلاقيات جي تشريح نگارن کي لطيف جي اها سوچ باغي _ انقلابي لڳندي! ته ڇا پيو چوي!؟
    ”پيرين سان پُڄي نٿي سگھان، بابو ڀلو اُٺ نٿو ڏي، جو وڃي محبوب سان فجر جو مِلان!“ حيرت ۾ پوڻ جي هاڻ ڀلا ڪٿي ضرورت آهي؟ ڪورٽن ۾ اڄ ڇا پيو ٿئي!؟ اڄ سماج جا ساهه جائيتا نه پيا ٿين، جو پسند جي پرڻن مُنهن ڪڍيو آهي! وقت جيڪا اڄ تشريح پيو ڪري، اها حيرتناڪ آهي، يا لطيف جو اظهار حيرتناڪ آهي!؟
    ساهمي سامهون پئي آهي! لطيف جي نظر ۾ انساني سوچ بنيادي طور تي پنهنجي وجود جي تشريح جڏهن پاڻ ڪندي آهي ته اها حيرتناڪ هوندي آهي! جڏهن انسان پاڻ کي سڃاڻڻ شروع ڪري ٿو ته ٻئي جي وجود جو هوش خودبخود جنم وٺي سامهون اچي ٿو! اتان ئي اِهو نظريو شروع ٿئي ٿو ته:
    لاهيان جي نه چِتان، اَلا اُن مَ وِسران،
    مَڙهيو مَنجهاران، جِيءُ منهنجو جن سِين.
    جيئن مڻين ۽ موتين کي ڌاڳن ۾ مڙهيو ويندو آهي، جڏهن ڪو جيءُ به ائين عشق ۾ مڙهبو آهي ته دنيا انسان لاءِ روايتي ناهي رهندي، ماڻهو خود تبديل ٿي ويندو آهي. سڀ حواس جاڳي پوندا آهن. هر شيءَ محبت ٿي پوندي آهي. هوا ائين محسوس ٿيندي آهي ڄڻ ڪنهن جا نفيس زلف جسم کي ڇهندا هجن، ڪک پن مان به ڪا سڳند پئي ساهه کڻندي محسوس ٿيندي آهي! پاڻي، پاڻي ناهي لڳندو، ڄڻ اهو آرسيءَ هجي! ڀلي کڻي اهو محبوب وجود روبرونه هجي، پر اُن کي ڳولڻ جي ضرورت ناهي محسوس ٿيندي، اهو ته پنهنجي اندر ۾ آرسون موڙيندوآهي! سماج هميشه پنهنجي انا سان سوچيو آهي، پر محبت جي سوچ اڃان ڪجهه ٻي آهي.
    جِياريس سنڀار، ڪھ ڪَريندس گڏجي؟
    ويرو تار وجود ۾، پِرينءَ جي پَچار،
    سي سَڄڻ هئن نه ڌار، جي هِينئين ۾ حَل ٿيا.
    اندر ۾ جيڪي گڏجي شامل ٿي ويا آهن، اُهي اُتان ڪڏهن به نڪري نٿا سگھن. اُهي يادگيرين جي روپ ۾ موجود آهن. اُهي احساس جو وجود بڻجي چُڪا آهن. رَت ۾ سمائجي وڃڻ وارو احساس عظيم احساس آهي. اهو شاعراڻو رڳو موضوع ناهي، پر سچ جو اهو جبل آهي، جيڪو ڪٿان هٽي وڃي، اهو ممڪن ئي ناهي!
    سِڪ تُنهنجي سپرين، اندر ٿِي اَجھل،
    ٻرڪيو ٻاهر نڪري، کُوري کانئِي کَل،
    ري سَراهي سَل، مون کي ڏنا سڄڻين.
    صرف ”تون“ جي تنوار ائين ته جنم ناهي وٺندي. وجود تي چڙهيل سڄي ڌوڙ ڌوئڻي پوندي آهي، ڏيکاءُ جا سڀ لباس لاهڻا پوندا آهن! گوشت کي ڇڏي روح ۾ تبديل ٿيڻو آهي! ٻن وجودن مان هڪ ٿي وڃبو آهي! هڪ هئڻ جو سچ، هڪ هئڻ جو احساس، انساني وجد جو حسين روپ آهي. عظيم فلسفو آهي. اها تخريب کي ڪچي گار آهي. اهي سوراخ جيڪي بنا سراهي جي سڄڻ ڪن ٿا. اُهي اتان ئي ته اندر ۾ داخل ٿين ٿا. اها داخلا وري ٻاهر وڃڻ لاءِ ناهي هوندي! انسان ۾ هڪ ئي محبوب جي محبت ۾ مبتلا ٿي پاڻ ولوڙڻ جو احساس صدين جي نفسيات جو مظهر آهي. ان احساس تي پڄندي انسان خاص ڪري عورت تاريخي درد ڀوڳيو آهي. ان جي مثال لاءِ جڳ مشهور ڏاهي اينگلس جي ڪتاب ”ڪٽنب، ذاتي ملڪيت ۽ رياست“ جا دردناڪ ورق ذهن ۾ گونجي وڃن ٿا، ته محبت جي ان انفرادي عظيم احساس تائين ايندي ايندي عورت تي ڇا ڇا گذريو آهي! تاريخ جا هي ورق پڙهو پوءِ سوچيو ۽ فيصلو ڪريو ته لطيف انساني وجود جي ڪيڏي حسناڪ تشريح ڪئي آهي! دنيا جي عورت ڪهڙن مرحلن مان گذري اچي پنهنجي محبت جي منزل حاصل ڪئي آهي:
    ”ڪيترين قومن ۾ گھوٽ جا دوست، مٽ مائٽ، ۽ شاديءَ ۾ آيل سمورا ڄاڃي پراڻي رسم جي روايتي حق موجب سندن شاديءَ جي موقعي تي اهو حق عملي طور استعمال ڪندا هئا، يعنيٰ اُهي سمورا ڄاڃي مرد ڪنوار سان واري واري سان جنسي ميلاپ ڪندا هئا، گھوٽ کي پنهنجي ڪنوار سان وارو سڀني کان پڇاڙيءَ ۾ ملندو هو! باليدي ٻيٽن جي قبيلن ۾ اها ساڳي رسم اڄ به موجود آهي!“
    فريڊرڪ اينگلس لکي ٿو: ”قديم قومن ۾ گھڻن مڙسن جي زال ٿي رهڻ واري رسم مان جند ڇڏائڻ لاءِ هڪ ڪفارو ادا ڪيو آهي، اُن ڪفاري جي ادا ڪرڻ جي خاطر ئي قديم بابل (عراق) جون عورتون ملينا جي مندر ۾ وڃي پاڻ کي ڪِن ڌارين اجنبي مردن جي حوالي ڪنديون هيون، مشرق وسطيٰ جون ٻيون قومون وري پنهنجي ڌيئرن کي سالن جا سال لاڳيتو انائيطس جي مندر ۾ موڪلي ڇڏينديون هيون، اُهي نوجوان ڇوڪريون شاديءَ ڪرڻ جي اجازت حاصل ڪرڻ کان اڳ ۾ پنهنجي پسند واري مرد جي چونڊ ڪري مقرر تعداد جي مردن سان جنسي طور گھارينديون هيون، جنهن بعد ئي کين سندس انهيءَ خاص پسند ڪيل مرد سان هميشه لاءِ باقاعدي طور تي شادي ڪرڻ جي اجازت ملندي هئي. اهو هو گهمڻ مشترڪ مڙسن سان شاديءَ نه ڪرڻ لاءِ ڪفارو!“
    لطيف اُن خطي جي عورت جو رومانوي احساس اوريو آهي، جنهن محبت کي به گناهه وانگي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي! جنهن سماج جي جديد عورت ساراشگفتا خودڪشيءَ کان اڳ لکيو هو:
    آئون اکين ۾ صليب ۽ دل ۾،
    پنهنجو لاش کنيو پئي ڦِران،
    سچائين جي زهر سان مُئي آهيان،
    پر دنيا قبر کوٽيندڙ کي ڳولڻ وئي آهي!
    _
    سُورن سانڍياس، پُورن پالِي آهيان،
    جيڪر آئون هياس، ڪا گُري گوندر ول جي.

    ڳالهه رڳو اتي ختم نٿي ٿئي! نابالغ ٻارڙين جا نڪاح ۽ سَتي ٿيڻ جھڙيون رسمون به ان اوڀر ۾ پئي جاڳيون جتي لطيف محبت کي سڀ ڪجھه قرار ڏنو آهي.
    پائي ڪانَ ڪَمان ۾، ميان مارَ مَ مون،
    مون ۾ آهين تون، متان تُنهنجو ئِي توکي لڳي!

    هِيءَ، هڪ انسان جي اندر ۾ ٻئي انسان جي موجود هئڻ جو صوفياڻو فلسفو آهي. شيخ سعدي به جنهن جي انسان هڪ جسم جي معنيٰ ۾ سمجھڻ واري روپ ۾ تشريح ڪئي آهي. هِيءُ هڪ آدم جي اولاد هئڻ وارو نظريو آهي. ڌرم، ذاتيون، ڪڙم، قبيلا، نسل، ۽ نظريا پوءِ جي ڳالهه آهن. انهن کي ته استحصالن اُڀاريو آهي. انسان سان انسان جو رشتو، ازل جو رشتو آهي! انسان، انسان جو تسلسل آهي. انسان جڏهن انسان سان محبت ڪري ٿو ته ان وقت هن جي ذهن ۾ نه ڪو نسل جو فرق هجي ٿو، نه ڪنهن مذهب جو تفاوت رکي ٿو. نه ڪو قبيلو نه ڪو نظريو اهوعشق رکي ٿو. صرف انسان جي محبوب خوشبوءَ جو احساس باقي رهي ٿو، جيڪو هُن کي نئين ڄاول ٻار جي ذهن جھڙو صاف نظر اچي ٿو. ان ڪري لطيف چٽو ڪري ٿو ته تون جيڪڏهن مون تي تير ڪشين ٿو ته ڄڻ پنهنجو پاڻ کي پيو نشانو بڻائين، تون مون کان الڳ ناهين، الڳ هجين ته تنهنجو رت ڳاڙهي رنگ بجاءِ نيرو هجي! تون مون کي نٿو مارين، اصل ۾ پنهنجو پاڻ کي ٿو مارين ڍوليا!
    ڪوٺي ڪُٺائُون، اڄ پڻ اکڙين سين،
    ماس وراهي هليا، ڪرنگھي ڇڏيائون،
    مُئي ماريائون، کِلي گھايو سڄڻين!
    عاشقيءَ جي تاريخ ۾ محبوب جي مرڪ ۽ محبوب جي خوشبوءِ عظيم تحفو هوندي آهي. ان مرڪ جوڪمال اهو آهي جو اُها دنيا کان ڌار ڪري ڇڏيندي آهي. اها ٻن رُخن ۾ وڃي ڇيهه ڪري ٿي. اها ڪڏهن سَرهائي جي ڀاڪر ۾ ويڙهي ٿي، ڪڏهن ماڻهوءَ کي جيئري ئي ماري وجھي ٿي! ائين ٿِي نهوڙي جو وري ننڊون ئي هٿ نٿيون اچن!
    اُها مرڪ تصور مان هيٺ لهڻ جو نالو ئي نٿي وٺي! دل جون ڇوليون ٿي ڇلڻ اهڙي عشق جو تحفو آهي،جنهن جو ڪو مُلهه ئي ناهي! محبوب جي کِل جو مُرڪ جو اهو ڪرشمو آهي جو انسان سڄي دنيا کي هڪ پاسي رکيو، ٻئي پاسي ان مرڪ جي تصور جي آرسيءَ جي آڏو ويٺو، احساس جو موتيو بڻجي. انسان جي نظر ۾ عشق عظيم ساڃاهه آهي. اُها ساڃاهه انسانيت جو ڀرم آهي.
    جَڏهانڪر ٿِيام، ساڃاههُ سُپيرين سِين،
    تڏهانڪَر تِر جيترو، وِير نه وِساريَام،
    اندر روح رَهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري.
    وجود جي اندر اوطاقون ڪري ويهڻ وجدان جو پوپٽي رنگ آهي، جيڪو نفرت جو نِنديندڙ آهي! لطيف گھر جي نه پر اوطاق جي ڳالهه ڪري ٿو. ڇو جو اوطاق تهذيب آهي. گڏيل ورثو آهي! جتي سدائين گڏجي ويهڻ جي ڳالهه ٿيندي آهي، روح رهاڻيون ڪبيون آهن. اُهي اوطاقون دلين کي ڌوئي صاف ڪرڻ جا آستان رهيون آهي! هڪ پل به محبت کان جيڪڏهن غفلت جو آهي ته اهو ڪفر آهي. ساڃاهه سڀ ڪجھه آهي. ساڃاهه ته اتحاد جو بنياد آهي. ساڃاهه جو اُڀرڻ هوش جي حقيقت جو فلسفو آهي! ساڃاهه کان سِواءِ نظريا بي معنيٰ آهن. هڪ ڀاڪر جي ساڃاهه انسانيت جي جاڳ جو نياپو آهي!
    اِهي اوطاقون جڏهن کان ويران ٿيون آهن، تڏهن کان ٻيائي کي نِسرڻ جو موقعو مليو آهي، دلين جي اوطاقن ۾ ترسيل محبوب ٻي ڪابه دولت نه چاهيندا آهن، فقط ايترو چاهيندا آهن ته:
    مُن تان لاههِ مَ سُپرين، اکين جا آگم،
    ڪَري مَلار مِينهن جِيئن، وَسي لاهِه وهم،
    غم کي ڪو نفسيادان به سولائي سان نٿو ڇنڊي سگھي! اهو ڪم صرف محبت ڪري ٿي سگھي. ڪيڏيءَ بي انائي جي اها حقيقت آهي ته، عشق انا جو مطلبي رنگ برداشت ئي نٿو ڪري.
    دنيا جا کڻي ڪيڏا به غم هجن، پر انسان جڏهن ٻئي انسان کي محبت جو ڀاڪر پائي ٿو، يا انسان، انسان کي اکين ۾ ويهاري ٿو ته سڀ غم دور ٿي وڃن ٿا. انسان جو انسان سان اهو عظيم عشق هر نظريي کان وڌيڪ مقدس ۽ وڌيڪ محبوب آهي!
    نَڪا ڪُن فيڪون هئي، نڪا هونگ نه هون،
    سڄڻ تِنهن ساعت ۾، اُڀي ڏٺو سون،
    مون تن تڏهانڪون، ملي ملاقات ڪئي!
    هر آواز کان اڳي عشق موجود هو! لطيف جي فڪر جي حسناڪيءَ جي ڇا ڳالهه ڪجي!
    محبوب ليکڪ خليل جبران چوي ٿو: ”دنيا ۾ هميشه تڪليف منجھان گذري ئي سگھارا روح سامهون آيا آهن، دنيا جو سمورا وڏا ڪردار زخمن سان ڀريل آهن!“ اسان جو ڀٽائي به عظيم ڪردار ۽ عظيم روح آهي. ان ڪري هُن جو پنهنجو عظيم فڪر آهي، جيڪو عاشقاڻو آهي! ڪو به درد جنم وٺي ٿو، زخم ٿئي ٿو، دل ڪوبه ويڄُ نٿي ڳولي، پر ان گھاءُ جو علاج محبوبيت ۾ ڳولي ٿي. اهو ڪيڏو ته انساني سوچ جو لازوال حُسن آهي.
    پَگھر وِجھندِيس پرينءَ جو ڌَڪن ۾ ڌوئِي!
    سچ جي ان نقطي، اُن احساس ۽ عشق جي تشريح نه ڪو ويڄ ڪري سگھي ٿو، نه ڪنهن الٽراسائونڊ واري جي وس جي ڳالهه آهي، نه ڪنهن ليبارٽري جي پهچ ۾ اها ڳالهه آهي، نه وري نفسيات جو ابو سنگمنڊ فرائيڊ ان کي حل ڪري سگھي ٿو ته اُها ڪهڙي ڪيفيت آهي، جيڪا زخم کي محبوب جي پگهر سان ڇُٽائڻ ٿِي چاهي!
    اهو احساس عطر آهي، گل آهي، بادل آهي، درياهه آهي، ڇا آهي؟ تشريح ممڪن ئي ڪونهي! لطيف جي شاعريءَ زخم سبيندڙ سُئي آهي، ڌاڳو آهي! مرهم آهي!
    يا عشق جي تاريخ جي وڏي احساساتي آرسيءَ آهي! سچ ته راءِ ڏيڻ ڏکي ڳالهه آهي! لطيف هڪ وڏو جيڪوانسانيءَ احساس بيان ڪرڻ جو ڪارنامو ڪيو آهي، اُن جي انفراديت اِها آهي ته اُن ۾ ٻنهي جنسن عورت ۽ مرد جي احساس جي انتهائي نزاڪت، صداقت ۽ ڪوملتا کي انتهائي نازڪ خياليءَ سان پيش ڪيو آهي.
    جِيءُ مُنهنجو جن، انگڙيارو وَڍيو،
    پُڄاڻان پِريَن، سِبان سڄو ئي نه ٿِئي!
    ڪپڙي کي ته ڪٿي به ٽانڪو ڏئي سِبي سگھجي ٿو، پر انسان جي جيءُ کي سيبو ڏئي سِبڻ ڪيترو مشڪل ڪم آهي!؟ هي ڊاڪٽري آپريشن جي ڳالهه ناهي، عشق جي گهائن جو مسئلو آهي. لطيف ان نازڪ حِس تي آڱر اچي رکي آهي، جنهن حِس مان عشق جو احساس اڀري آيو آهي. اهو عشق جنهن ۾ جيءُ کي سُئي سان سِبي نٿو سگھجي، ان عشق کي نازڪ قرار ڏئي، هڪدم لطيف ان کي ڪنهن طاقت ۾ تبديل ڪري ڏيکاري ٿو، عشق جو اهو روپ حيرت ۾ ويڙهي ڇڏي ٿو. اهو جيءُ نازڪ ايترو جو اُن لاءِ سُئي به ڏکي ثابت ٿئي، اهو يڪدم مظبوط ايترو جو لوهه جي ڪڙين وانگي ڪڙيون پيون ڪڙين سان ملن! لطيف جي سوچ سچ ته معجزي جهڙي آهي.
    ڪَڙو مَنجهه ڪَڙي، جيئن لُهار لَپيٽيو،
    مُنهنجوجيءُ جَڙي، سُپيريان سوگھو ڪيو.
    ٻه جُدا جُدا حقيقتون، ٻه جُدا جُدا عمل ۽ ڪيفيتون اڀارڻ لطيف جي شاعراڻي عظمت آهي. اهي احساس به آهن، مشاهدو به آهن. لوهار جو ڪم آهي لوهه کي باهه ۾ رجائي ڪڙيون ٺاهڻ، هٿوڙن جا وسڪارا لاهي ڪڙيون ڪڙين سان ملائڻ! محبوبن جو ڪم آهي، بنا لوهه بنا هٿوڙن جي جيءُ کي جيءُ سان جوڙي ڇڏڻ! اهو عاشقاڻو ڪم آهي، جيڪو لوهار ڪري نٿو سگھي. ڳالهه اتي نٿي بيهي، اها اڳتي ٽئين حقيقت ڏي ٿي ڇڪيو وڃي، سڀ ڄاڻن ٿا ته، نار ذريعي پاڻي ڇڪبو آهي، اُن پاڻيءَ کان واريءَ جا ذرڙا الڳ نٿا ٿين، لطيف چوي ٿو ائين ئي هينئڙو به پرينءَ کان ڌار ٿيڻ ممڪن ڪونهي!
    جِئَن سِي کوهي نار، وَهن واريءَ گاڏُئان،
    هِينئڙو پِريان ڌار، نِبيرِيانس نَه نِبري.
    اها ڪيفيت ڇو ٿي جنم وٺي؟ لطيف اِتي وري عشق جو نئون روپ ظاهر ڪري ٿو، عشق هيستائين جيڪا نهٺائي، نوڙت ۾ ساهه سوريو پئي، اُن جو هڪ نئون چلولائي روپ به لطيف ٻڌائي ٿو! چلولائي کان سواءِ حُسن وٽ ٻيو هٿيار به ته ناهي، جيڪو استعمال ڪري! محبوب چلولائين ۽ ماڻن سان ئي ته موهيندا آهن، اُهي ادائن سان ته محبت کي دلفريب بڻائيندا آهن، تڏهن ئي ته اُهي وڻندا آهن!
    ڪڏهن تاڪيو ڏِينَ، ڪڏهن کُلن در دوست جا،
    ڪَڏهن اَچان، اچڻ نه لَهان، ڪڏهن ڪوٺيو نِينَ،
    ڪڏهن سِڪان سڏ کي، ڪَڏهن ڳُجھاندر ڳالهائين،
    اهڙا ئي آهين، صاحب مُنجها سُپرين.
    عشق ڪشمڪش کان سواءِ بي رنگ، بي معنيٰ ۽ ڇَسو آهي. عشق هڪ جاءِ تي ڄمي، مري وڃڻ جو نالو ناهي! عشق ڪيفيتون تبديل ڪندڙ حقيقت آهي. عشق سوچ کي هڪ هنڌ سينواريل پاڻي وانگي بيهارڻ جو حامي ناهي. سوچ کي متحرڪ رکڻ عشق جي عادت آهي.
    ڏيهاڻي ڏمر ڪري، مٿي محبت مُون،
    تِنهن کي اچي تون، پريم! ڪوه نه پَلَئين؟
    سوچ هڪ محور ۾ رهي به ٻيا رنگ به نظر انداز نه ڪري، جيڪي وجود سان واڳيل آهن. عشق سمنڊ آهي ڪيفيتن جو! ان ڪري انسان جي ذهن کي به سمنڊ جھڙو گھرو بڻائي ڇڏي ٿو. ماڻهو عشق ۾ لاحد ٿي وڃي ٿو، هڪ پل ۾ محسوس ٿئي ٿو ته عشق ۾ خود مختيار آهيان، ٻئي پل لڳي ٿو عشق ۾ پروس آهيان. اهو عشق جو متحرڪ روپ آهي. خودمختياري هجي ته هُن کان سواءِ سَري وڃي، پر سَري نٿي! پوءِ به ڪو خمار آهي، جيڪو محسوس ڪرائي ٿو ته، هُوءَ ۽ مان هڪ ئي آهيون!
    پَروس ٿيم پاڻ، پرينءَ وَس نه پانهنجي،
    لڳو ڪِيئن لَطيف چَئي، ڇپر ڇاتيءَ ساڻ،
    پرينءَ ڏيکاري پاڻ، خوش ڪَري ويا خواب،
    هڪ لمحو هڪ پل، اُهو آهي جو جبل اچي ڇاتيءَ سان لڳي ٿو، ٻيو پل اُهو آهي جو محبوب ڀاڪر ۾ ڀري، اهو جبل پري ڪري ڇڏي ٿو! ڇا ته عشق جي احساس جي هيءُ حسناڪي آهي! هِيءُ اُها گھڙي آهي، جيڪا احساس جي آخري حد تي آڻي بيهاري ٿي! عاشقي ان نقطي تي پُڄي ٿِي، جو انسان ۾ بي اختيار ٿي محبوب هٿان مرڻ جي تمنا جو ڪو انوکو جھُوٽو اڀري ٿو پوي! نازڪ دل وارو نرم چپن سان چوي ٿو:
    ڪُهين ته آپ ڪُهُه، ڏِسُ مَ چُهڙيان،
    سندا آهيڙيان، آئون نه سَهندِي هٿڙا.
    ڪُهڻو اٿئي ته تون پاڻ ڪُهي ڇڏ! زماني حوالي ڪرڻ کان بهتر اهو آهي ته تون پاڻ ئي ڪاتيءَ ڦيري ڇڏ! تنهنجا هٿ وري به مون لاءِ مقدس آهن، پر ٻين شڪارين جا آئون ڪڏهن به پنهنجي جسم تي هٿ برداشت نه ڪنديس ته اُهي مون کي ڇهن يا ڪُهن! اُهي هٿ مون لاءِ حرام آهن! اهو ئي لطيف جو اهو عاشقاڻو احساس آهي، جيڪو سئو ڀيرا سون ۾ تورجي تڏهن به ان جو وزن گھڻو آهي.
    اهو فلسفو جنهن عشق جي ضمير ۽ خمير ۾ هوندو آهي، اُهي جسم ئي محبوبن کان سواءِ سياري جي شوخ مُند ۾ ڪپاهن ۾ به پيا ٺرندا آهن! اُهي ئي عاشق جسم درياهن جي دهشتن پيا وڙهندا آهن! اُهي ئي جسم سُڃن ۾ پيا سوئرن سان اکيون اٽڪائيندا آهن! ڇو جو اصل سگھه ته عشق جي هوندي آهي! اهي عاشقاڻا وجود جڏهن پاڻ ۾ هڪ ٿيندا آهن ته راتيون ڪونجون ٿي وينديون آهن! جن ۾ فقط اهو ئي چاهيو ويندو آهي ته، ڳالهه صرف پنهنجي پيار ۽ دل جي ڪجي ٻيو ڪجھه نه .....!
    کَران وجھهُ مَ وات، ڍول منهنجي ڳالهڙي،
    مَڇڻ رَتيءَ رات، اورڻ ۾ اونهيءَ ٿِئي!
    ”اي محبوب! هرو ڀرو منهنجي وات ۾ کَر يا رقيب جي ڳالهه نه وِجههُ! اُهو اُن لائق ئي نه آهي جو ويهي اُن تي ڳالهائجي! ڪيڏي حَسين رات آهي، اُها پرائي ذڪر ۾ ڇو خراب ڪجي! اجايو اُها رات اسان تي وزني ٿئي، تنهن کان بهتر آهي ته دل جون ڳالهيون ڪجن! پيار کي وقت ڏجي جيڪو ڪيترو اتاولو آهي.“
    لطيف احساس سان ڀريل مهذب محبوبا جي انڊلٺي سوچ به ڪيڏي محبوب آهي! جو اها ڪنهن سَڌڙيي ۽ دشمن تي ڳالهائڻ ئي نٿي چاهي! ڇو جو دشمن صرف دشمنيءَ ڪري ڄاڻن ٿا! انهن جي اندر ۾ مطلب جون ڇُريون آهن، اُهي زهر سان ڀريل آهن! انهن وٽ شعور نالي ته ڪا شيءَ ڪانهي! اُهي ته فطرت جا به دشمن آهن! اُنهن جي ته مٽيءَ ئي دشمني مان ڳوهيل آهي. اُن ڪري اُهي مٽيءَ جو روح ۽ عشق جو فلسفو به نٿا سمجھن! اُنهن کي ته اُها به سُڌ ڪانهي ته انسان کي ته خود عشق جي مٽيءَ مان ڳوهيو ويوآهي!
    ڪي جو ڪُنڀارن، مِٽيءَ پائي مَنيو،
    تنهن مان تِر جيتري، جي پَئي خبر کَرن،
    هيءُ تان هُوند مَرن، هُن اڱڻ اوراتو ٿئي.
    محبت جي مٽيءَ جو اسرار ئي ته عشق آهي! جنهن جو پنهنجو آسمان آهي، پنهنجي زمين آهي! پنهنجو آئين آهي، پنهنجي دنيا آهي. پنهنجا ڪنارا آهن، پنهنجيون ڇوليون آهن. پنهنجو منشور آهي. عشق انسانيت جي ابتدا آهي، عشق جذبي جي انتها آهي، عشق اُڃ آهي! عشق سڏ آهي! اها ڄاڻ جي ڪم ظرفن کي پوي ته اِتي ئي ساهه نڪري وڃين! انهن کي اها جيڪڏهن خبر پئجي وڃي ته، ”محبت ۾ هيئون اٺن جي ولر وانگر هڪ هنڌ قرار ۾ ناهي بيهندو، پر ڀٽڪندو آهي، نينهن جدا ٿيڻ لاءِ نه پر گڏجڻ لاءِ ڪبو آهي!“ ته پڪ اهي بد ذوق دنيا ۾ ٻيهر ڄاپڻ تان ئي هٿ کڻي وڃن! بابا ڀٽائي چوي ٿو: عشق راند ناهي، عشق باهه ۾ ڪڏي رقص ڪرڻ جو نالو آهي. ”جيئن مينهن وسندي سڪل پوٺن تي اچيو ساوڪون اُڀرن ٿيون، اُها ساڳي ڪار غم اچيو ڪن! جڏهن وڇوڙو وار وار کي ويڙهي ويندو آهي!“
    ڪَنوَر پاڙون پاتار ۾، ڀئونر ڀِري ۾ سُڃ،
    ٻِنين سَنديءَ ڳالهڙي، عشق اِي اُهڃ،
    تُوءِ نه لَهِين اُڃ،جي پِيو پِيَن پاڻ ۾.
    ”ڪنول جون پاڙون ته پاتال ۾ آهن، ۽ ڀئونر جتي ڪا وسندي ناهي، اُتي سُڃ ۾ ڀِري ٿو! آسمان جي سُڃ تي وڃي رسي ٿو ۽ گهُمي ٿو، پر اُتان به هُن جي آس ڪنول سان جڙيل آهي! خوشبوءَ هن جي محبت جو راز ۽ وجد آهي. ٻنهيءَ جو نالو ميلاپ نينهن جي نشاني آهي. هُو پاڻ ۾محبت جون سُرڪيون پيئو پيا پيئن، ذري ذري پيا دليون ملائين، چپ گڏ آهن! تڏهن به سندن اُڃ نٿي اُجهامي!“ عشق اُڃ جو داستان آهي، اهو لطيفي فلسفو آهي. اُڃ ختم ٿي وڃي، آس ختم ٿي وڃي ته پوءِ عشق ڇا جو آهي!؟ اهو ئي بنيادي عاشقاڻو نقطو آهي، جنهن کي لطيف مڪمل عاشقاڻي روح سان اڻيو آهي! لطيف اندر جي عشق جي ڳالهه ٿو ڪري. اندر ئي ته محبوب جي رهڻ جي جاءِ آهي. هنج ۾ هوندي به ڪو پنهنجو ناهي ته پوءِ عشق به ناهي، اندر جي هنج ۾ هجڻ بنيادي ڳالهه آهي.
    هوت تنهنجي هَنج ۾، پُڇين ڪُوههَ پَهي،
    وَفِي انفسڪُم اَفلاتيصرُون، سُوجھي ڪَر ڪَهي،
    ڪڏهن ڪانه وَئي، ڪا هوت ڳولڻ هَٽ تي.
    محبوب دڪانن تي ڪونه ڳولبا آهن! اُهي انسان جي اندر ۾ وسندا آهن. دل پيارن محبوبن دلبرن جو گھر آهي، اُتي ئي رهندا آهن. اهي مورک جيڪي عشق جي مام نٿا ڄاڻن، سي ته ڄڻ دنيا ۾ پيدا ئي ناهن ٿيا. عشق انهن لاءِ دماغ جو خلل ۽ فُطور آهي، ڇو جو عشق انهن جي دلين ڏي اچي ئي نٿو! عشق انهن ۾ نچي ئي نٿو! اهو ڪيئن ممڪن آهي، جو جن ماڻهن جي اکين ۾ نفرت ڪٽر پيل هجن، اهي ڪيئن ٿا عشق ڪري سگهن؟ ڪيئن ٿا ڪنهن محبوب کي ماڻي سگھن؟
    مُورک مام نه ٻُجھڻا، هيڏانهن هُوڏانهن ڪَن،
    سي ڪِئن پِرينءَ پَسن، ڪَٽر جن اکين ۾.
    لطيف جي عاشقاڻي دل ۾ پوکيل عشق جي احساساتي موسم جا گل، سچ ته انسانيت جو عظيم سرمايو آهن. انهن گلابن کي ڪابه پن ڇڻ ساڙي نٿي سگھي. لطيف عشق ۽ انسانيت جي زرخير زمين جو محافظ آهي، پاسدار آهي. لطيف محبت جي نهٺائي مان اوچتو جڏهن بغاوت جو شعلو ٿو ڀڙڪائي ته هينئان حيران رهجي ٿا وڃن. ان فڪري جدت عشق جي هر روپ ۾ نئين مهڪ ڀري پڌري ڪئي آهي.
    لطيف بنا هٻڪ جي اهو ٿو ٻڌائي ته محبت بزدل ناهي. عشق ڊپ کي فنا ڪرڻ جو نالو آهي. نظرياتي عشق هو ته سرمد سِر ڪپائي ڇڏيو پر جھڪڻ قبول نه ڪيائين. انسان جي انسان سان محبت جي ڳالهه آهي ته ان جا پير به وهمن جي نانگن کي لتاڙڻ لاءِ تيار آهن! عشق کي ڪاري رات جي ڪاري ڪُن جي پرواهه ناهي! سوئر، بلائون، وڇون، واڳون آهن ته ڀلي هجن، عشق کي ڇا ڪندا؟ سِڪ سامهون انهن جي حيثيت هڪ ڪک جي برابر ناهي. لطيف جي پر زور عاشقاڻي احساس جي جرئت عشق جو گلابي روح آهي. دلو ڪچو آهي ته ڇا ٿِي پيو! دِلي تي ڪير ٿو تري؟ عشق ته روح آهي، ان کي ڪنهن دِلي جي ڪچي يا پَڪي هئڻ سان ڪهڙو سُروڪار؟ اصل سچ اهو آهي ته پرينءَ جي نظر پڪيءَ آهي، مون کي دِلي تي نه پر پرينءَ جي نظر تي تَريءَ پار پڄڻو آهي! اهو عاشقاڻو احساس ئي ويڙهه جو هٿيار آهي!
    لطيف چوي ٿو: ”جيڪي عشق کان آگاهه آهن، تن کي اي ملاح! پاڻيءَ ۾ ترڻ واري تَرهي جي آڇ نه ڪر! انهن کي خبر آهي ته ڪيئن تَربو آهي!“
    لطيف جو اهو عظيم فڪر ڏسي جديد دؤر جي اهم شاعر (عرب شاعر) نذار قاباني جو هِي نظم پڙهي منهنجي چپن تي مُرڪ ٿِي تري اچي، نذار لکيو آهي.
    اسان جي محبت کي اکيون ناهن،
    اُن ڪري اُها پاڻي تي به تَرِيءَ سگھي ٿي!
    لطيف جو عاشقاڻو فڪر، هڪ خوبصورت عورت جي عشق جي هٿان، دهشتناڪ درياهه جي شڪست جو تاريخي محبوباڻو مثال آهي! ان لازوال احساس جي انتهائن کي ماپي ئي نٿو سگھجي! لطيف جو وجداني عاشقاڻو احساس اڀري چوي ٿو:
    ”درياهه ڪيتريون ئي حياتيون ٻوڙيون، پر هِن عورت خود درياهه کي ٻوڙي ڇڏيو! ساگر پنهنجو ڪنڌ، ڪنڌيءَ سان هڻي پاڻ کي بيحال ڪري ڇڏيو آهي!؟“
    ڪارِي رات، ڪَچو گھڙو، نڪا سيڻهه ساڻ،
    وجھي ويرم نه ڪري، پريان ڪارڻ پاڻ،
    محبت کي مهراڻ، سُڪي سَڀ پَٽ ڪيو.
    ماڻهو نٿو تري، عشق ٿو تري! محبت ٿِي تَري! ڇو جو محبت اندر جي اُڃ آهي!
    محبت پاڻ کي ڳولي لهڻ جو سفر آهي! محبت ڪجهه ڏيڻ جي آرزومند آهي، اها مصنوعيت کان پاڪ آهي. اها محبت ٻهراڙيءَ جي مزاج وانگي خالص آهي. لطيف جنهن انسان جي محبت کي پڌرو ڪيو آهي، اهو انسان فطرت جو تراشيل آهي! ان خطي جي انسان جي محبت جا لطيف پيرا پڌرا ڪيا آهن، جتي حياءُ اکين جو ڪجل ٿِي رهيو آهي. جتي مئورخن کي ڪسب جي ڪمائي جا ڪي خاص اهڃاڻ به هٿ اچي ناهن سگھيا، جتي عورت جي وڏي علم پرائڻ جي به ڪا وڏي روايت قديم دؤرن ۾ به تحقيق کي هٿ اچي ناهي سگھي! لطيف ان خطي جي انسان جي احساس جا حَسين رنگ اُجاريا آهن. عشق جي وک وک لطيف جو بيت بڻجي تاڙي جيئن تنواريو آهي. اهو عشق رڳو درياهه پار ڪرڻ ئي نٿو ڄاڻي، پر عشق کي ته اهو به ڪمال آهي جو کاري پاڻي جي سمنڊ کي به پيئڻ لاءِ تيار آهي:
    کامان، پَچان، پڄران، لُڇان ۽ لوچان،
    تَن ۾ تَئونس پرينءَ جي، پيان نه ڍاپان،
    جي سَمنڊ مُنهن ڪَريان، ته سُرڪيائِي نه ٿِئي.
    سمنڊ هڪ سُرڪ ٿي وڃي، اهو عاشقاڻي سوچ جي سچ جو حَسين تصور آهي. ان خيال جي اڳيان، دنيا جي طاقت، دنيا جي دولت ڪائي معنيٰ نٿي رکي. انسان لاءِ انسان جي اها تڙپ هر نظريي کي وري غور ڪرڻ تي مجبور ٿي ڪري ته، ڏسو منهنجي روح سان اوهان جو نظريو ٺهڪي به ٿو يا نه؟ منهنجي نظريي ۾ ڪا گنجائش باقي آهي، جنهن ۾ اوهان ترميم ڪري سگھو؟ سچ ته هِي سوچ اهو عالمگيريت جو پرچم آهي، جنهن تي فطرت به فخر ڪري ٿي! عشق سمنڊ کي پي وڃڻ جي دعويٰ ڪري ٿو، ڇا ان عشق جي بقا، انسانيت جي عظيم سوچ جي بقا ناهي؟ ماڻهو ته دنيا تي ذاتي ملڪيت لاءِ قبضاگيري جي سوچ رکن ٿا، پر عشق جو مقصد ئي ڪو ٻيو آهي.
    سانوڻ گھِڙي سڀڪا، هِي سَرهي سِياري،
    تَن وڌائين تار ۾ ارواح جي آري،
    مُحبتي ماري، ڪونهي داد درياهه ۾!
    محبت وٽ احساس ۽ عشق جو حُسن آهي، جو بنا پرواهه جي پاڻ کي آزمائش ۾ وجھي به پڇتائي نٿي! پر درياهه وٽ نه دل آهي، نه داد آهي، اُن ڪري اهو محبتين کي ٻوڙي ماري ٿو! درياهه وٽ دل هجي ته، ائين هرگز نه ڪري! لطيف جو عاشقاڻو نقطو اهو آهي ته، دل سڀ ڪجهه آهي. عشق، دل جو اولاد آهي! دل ناهي ته ڪجھه به ناهي! ”ڀلي قيامت اچي، جتي جيڪڏهن ڪو حساب ڪتاب ٿيو ته آئون ان درياهه تي دانهين ٿيندس، جنهن عشق سان بيواجبي ڪئي آهي!“ لطيف قيامت جي ڏهاڙي به انسان جي عشق جي طرفداريءَ لاءِ تيار آهي! پنهنجي ذاتي حساب ڪتاب کي ليکي ۾ ئي نٿو آڻي ! اها لطيف جي فڪر ۽ مزاج جي عظمت آهي. لطيف عشق جو حامي ان ڪري آهي جو عشق جرئت آهي. ان جرئت سان دوکو ٿيڻ نه گھرجي!
    دوکن جي به عجيب تاريخ دنيا ۾ رهي آهي! وجد تي زمانن کان اُهي اُهي وار ٿيا آهن، جن تي سوچجي ٿو ته دل ڀرجي ٿِي اچي! سورٺن جون سينڌون اُنهن دوکن ۾ ڌوڙ ٿيون آهن. ليلائن جون سيجون انهن دوکن ڪاون ۾ تبديل ڪري ڏيکاريون آهن! انهن رهزنين سارنگائن جا هينئان ڪڍي باهه تي سيڪيا آهن! جنهن عشق سان لطيف جي نظر ۾ بيواجبي ٿي هئي، اُن عشق درياهه تي سينو تاڻي واضع ڪيو هو ته:
    تَران تان مران، وَران تان وِههُ وِترو،
    هينئڙي ۾ هوتَن جا، اچن گھُور گھڻا،
    پسيو پاڙي واريون، ڏِسيو ڏوهه ڏَران،
    وچان ڪيئن وَران؟ ڪَنڌيءَ مُنهنجو ڪارڻي.
    لطيف احساس جي شاعراڻي وجد جي ٻانهُن ۾ اظهار کي ڀري ڪابه حد ناهي ڇڏي. لطيف ساهه کڻندڙ احساس جو سچ ته عظيم شاعر آهي.
    ٿورو ترسو! سڀ کان پهرين مومل جي حُسن تي سوچيو! حسين دلربا عورتاڻي ادائن جي نزاڪت کي ذهن ۾ آڻيو! اُن حُسن جي چنچلتا ۾ رڱيل ڳاڙهن چپن جي ڪنواريءَ مُرڪ کي دل جي اکين سان ڏسو! پوءِ اوچتو ئي اوچتو اُداس ٿي ويل دنيا جي حَسين ترين حسن جي رنگت ۽ ڪيفيت کي ڪجهه گھڙين لاءِ ذهن ۾ آڻي، پوءِ بابا ڀٽائي جو هِي بيت پڙهو، سُڌ پئجي ويندي ته احساس جي عاشقاڻي انتها ڇا آهي!
    تِن باغنئون بَس، جي ڪَنڌِيءَ ڪاڪ ڪَڪوريا.
    سوڍي رِيءَ سَرتيون، ڪاڪ نه اچي ڪَس،
    راڻي پائي رَس، تَن ٻيڙيءَ جئن تاڻيو!
    هڪ غريب مهاڻو زبون ٿيل ٻيڙيءَ کي ڪناري ڏي جيئن تاڻي ڇڪيندو آهي. رَسو ٻڌي گھِليندو آهي. ايئن ڪنهن حسين عورت کي ڪو ڇڪي! تصور حيران آهي، ان خيال تي!
    ڪُنوارين جو ڪنوارو نينهن ڪيئن عاشق انسان کي رڱيندو آهي؟ لطيف جي عاشقاڻي احساس جي شاعريءَ ائين ئي سچ ته دل کي رڱي لالائي ۾ وهنجاري ڇڏي ٿي.
    حقيقت اها آهي ته عشق اوگھڙ ناهي، عشق وجداني لباس آهي. جنهن جي بيحرمتي کي لطيف برداشت نٿو ڪري. دوکن ۾عشق سان ٿيل هر بيواجبي لطيف جي دل ۾ ڀالو ٿي لڳي ٿي. ان ڪري هُو عشق جي حمايت جو نعرو نروار ڪري ٿو.
    سهڻي سان ٿيل وارتا لطيف لاءِ چڀندڙ آهي. اهو ڏک هُن پرزور ٿي آلاپيو آهي. ڳالهه رڳو درياهه تي پڄاڻي نٿي ڪري. اهو عشق ته بيابانن ۾ اچي پُڳو هو، ان عشق جا اگھاڙا پير تپيل ڪَڪَرن پٿرين تڙپايا هئا! ان عظيم عشق جي رستي روڪ ته جبلن به ڪئي هئي. جبلن کي به سُڌ آهي، ته اُنهيءَ عشق پٺتي پير نه ڪيا هئا، اُن عشق جي عاشقاڻي جرئت اها هئي ته ٿڏو هڻي جبل کي هٽائي ڇڏڻ ٿي چاهيائين! ان عشق جي خواهش هئي ته، ڪوڏر هجي ته جبل جون جَڙون پٽي ڪڍي ڇڏجن! ڪاتيءَ سان ٽَڪرن پٿرن کي ٽانڪي ٽُڪي ڇڏجي!
    ڪوڏر نه ڪاتيءَ، جنهن سان ٽَڪر ٽانڪِيان،
    جيڪو جبل لنگھيان، سو هيبت جو هاٿِي،
    پَرينءَ جا پاتِي، سا جَڙ جيئرِي نه لهي.
    حَسين ٻانڀڻياڻي جبل جي سامهون آهي، چوي پئي: ”ٻڌ! جبل پرينءَ سان پريتڻو آهي، اهو جيئري ته ختم ڪونه ٿيندو! اُن پريتڻي جون پاڙون ڏاڍيون گھَريون آهن! اُها محبت ختم ڪرڻي اٿئي ته، مون کي مارڻو پوندئي! يا منهنجي اڳيان ٽَري وڃ! ٻيو ڪوبه چاڙهو ناهي! اهو به ٻُڌي ڇڏ! ته مان ائين واپس به ڪونه وينديس، ڀلي ڇا به ٿي پوي! مون هِن ڏکئي سفر ۾ توکان به وڏن جبلن جون ڇِپون پنهنجي کٽ سمجھيون آهن! سخت پٿرن کي پٿراڻيون ڀانيون اٿم! جتي جتي هِن سُڃ ۾ مون رات گذاري آهي، اُتي مرونءَ اچي منهنجا مِٽ ٿيا آهن! مون هر ڏونگر کي پنهنجي شاديءَ جي ڏوليءَ سمجھيو آهي! هاڻ منهنجي رستي تان پري ٿيءُ، يا مون کي ماري فنا ڪر!
    ۽ اهو به ٻڌ! سُوز کي پڌرو ڪرڻ جو ڍنگ مون کي نٿو اچي، مون کان اداڪاريءَ نٿي ٿئي! جيئن آهيان، تنهنجي سامهون بيٺي آهيان! مون کان غلطي صرف اها ٿي آهي، جو سَنجھيئي مُنهن ويڙهي سُمهي رهي هئس! مون کي اکين کي اوجاڳو ڏيڻو هو، اهو نه ڏئي سگھيس! ان ڪري لُٽجي ويس دل جي صاف هئس، ان ڪري مارجي ويس! هاڻ تو آڏو سينو تاڻي بيٺل آهيان، جيڪو فيصلو ڪرڻو اٿئي، اُهو ڪري وٺ!“
    لطيف جي هِن عاشقاڻي فڪر کي سمجهڻ لاءِ حياتيون گھرجن. ڇو جو عشق کي سمجھڻ هر ماڻهو جي وس جي ڳالهه ناهي! عشق پنهنجي پاڻ تشريح آهي، جيڪو اُن کي سمجھي! عشق وجد جو آلاپ آهي، ان آلاپ کي لطيف خود رُڃ مان ايندڙ رڙ سان تشبيهه ڏئي ڇرڪائيندڙ تصور پيش ڪري ٿو. جنهن جو لطيف پاڻ عاشقاڻو نالو ”نينهن جو نعرو“ رکيو آهي! اهو نينهن جو نعرو عظيم تحريڪ آهي، جيڪا ڪڏهن به ختم ناهي ٿيڻي:
    رُڃن ۾ رَڙ ٿِي، ڪَر چَتون ئي چُونگھار،
    اي عشق جا اُٻڪار، نعرو آهي نِينهُن جو.
    لطيف جي عاشقاڻي احساس جي شاعريءَ کي دل ۾ رکي آئون ذاتي طور ان راءِ تي پهتو آهيان ته، لطيف جي زندگيءَ ۾ ڪو اهم عشق ضرور رهيو آهي، جيڪو اڃان تائين پڌرو ناهي ٿِي سگھيو!
    


    سهڪاري ڪتاب

    1. شاهه جو رسالو (ڪلياڻ آڏواڻي)
    2. شاهه جو رسالو (علامه غلام مصطفيٰ قاسمي)
    3. شاهه جو رسالو (ڊاڪٽر محمد عالم سومرو)
    4. رساله شاهه عبدالطيف ڀٽائي ( مترجم : شيخ اياز)
    5. ڀٽ جو شاهه (ايڇ ٽي سورلي)
    6. جيئن ڏٺو آ مون (جي ايم سيد)
    7. شاهه لطيف جي شاعري (تنوير عباسي)
    8. سنڌو تهذيب ۽ سنڌوءَ ڌرم (عطا محمد ڀنڀرو)
    9. سُر مومل راڻو (مرتب: تاج جويو)
    10. شاهه لطيف: هڪ تحرڪ هڪ تحريڪ (مرتب: تاج جويو)
    11. تخليقي ادب ۽ تنقيدي ادب- 2 (رسول بخش پليجو)
    12. چچ نامو
    13. صوفي جي دنيا (جسٽن گارڊر)
    14. هنگلاج ۽ لاهوت (بدر ابڙو)
    15. تاريخ پاڪستان (يحيٰ امجد)
    16. رسومِ اقوام (علي عباس جلالپوري)
    17. ماموئي فقير (سَرڪي نياز عودائي)
    18. نويدِ فڪر (سبطِ حسن)
    19. چئي ڀڳت ڪبير (رجنيش اوشو)
    20. راما ٽو ڪاما (رجنيش اوشو)
    21. ڪٽنب، ذاتي ملڪيت، رياست (اينگلس)
    22. خدا جي تاريخ (ڪيون آرام اسٽرانگ)
    23. بنياد پرستن جو تصادم (طارق علي)
    24. تاريخ عالم تي نظر (جواهر لال نهرو)
    25. تصوف، عشق ۽ جي ايم سيد (الطاف ملڪاڻي)
    26. گرهوڙيءَ جون پيشنگويون (پروفيسر مخدوم شبير احمد)
    27. سنڌي تخليقي جنرل (جولاءِ - ڊسمبر 2011ع)
    28. سنڌي تخليقي جرنل (جنوري، مارچ 2013ع)
    29. تاريخ جو سفر (ڊاڪٽر مبارڪ علي)
    30. سيفوءَ جي شاعري (ميري برنارڊ)
    31. ارمغانِ ويد (عبدالرحمان صديقي)


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 493
    ڪتابن جو مشاهدو: 468541
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 187990
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ