ڪتاب جو نالو: پتلين جو تماشو
مصنف: ادل سومرو
ڇپائيندڙ: آگم پبليشنگ ايجنسي حيدرآباد
ڪيٽيگري: ٻاراڻو ادب
شايع ٿيڻ جو سال: 1982
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 18 جنوري 2017 ع
پڙهيو ويو: 373 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 165 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ادل سومري جو هي ڪتاب ”پُتلين جو تماشو“ ٻارن لاء لکيل شاعريءَ تي مشتمل آهي۔ ڪتاب ۾ اسڪيچ به شامل ڪيا ويا آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • حمد
  • سائنس جا احسانَ
  • مبن سنبريو ميلي تي
  • چانديءَ جو چنگُ
  • ديڳڙيءَ ۾
  • ماما ماما مارِ گدڙ کي
  • پوپٽ، ڄڃَ جهازُ
  • ڀولي جو ناچُ
  • ڪنڀر
  • ڳوٺ گھُمڻ هلو
  • گابي جي گوءِ
  • خطُ ادل جو
  • پيارا جيتَ پکيئڙا
  • ٻالڪَ ننڍڙا
  • منهنجي سائيڪل
  • سمُنڊ تي پڪنڪ
  • ڪوئي جي شادي
  • ڏاند گاڏيءَ ۾
  • ڀاءُ برادي
  • عيد ملهايون
  • ٻيرين منجھه ٻٽيرو
  • روڊ تي
  • پُتلين جو تماشو
  • گڙٻڙ ۾

  • سنڌ سلامت پاران

    ادل سومري جو هي ڪتاب ”پُتلين جو تماشو“ ٻارن لاء لکيل شاعريءَ تي مشتمل آهي۔ ڪتاب ۾ اسڪيچ به شامل ڪيا ويا آهن.
    ٿورائتا آهيون محترم عبداللطيف انصاريءَ جا، جنهن جي ڪاوشن سان هي ڪتاب اِي بوڪ جي صورت ۾ متعارف ڪرايو ويو۔

    محمد سليمان وساڻ
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام


    حمد

    تُنهنجا ڪيئن احسان وساريون
    پل پَل مولى توکي ساريون

    تُنهنجا ڪيئن احسان وساريون
    پل پَل مولى توکي ساريون

    ڄِڀَ کي ٻولڻ توئي سيکاريو
    تُنهنجو مٺڙو نانءُ اُچاريون

    گُلن ڦُلن جا ڏسي نظارا
    نيڻَ پيا ٿا پنهنجا ٺاريون

    جهنگ جھَرن ۾ تُنهنجو جلوو
    تُون ئي آن جِتي نهاريون

    تُنهنجي يادِ ۾ ڌڙڪي جيڪا
    دل اسين شَل اهڙي ڌاريون

    تُون ئي بخشڻ وارو آهين
    تُنهنجي دَرَ تي هنجون هاريون.


    سائنس جا احسانَ

    سائنس جا ڪيڏا احسان
    سُک ۾ آهن سڀُ انسان

    ٽيليويزن جا هر هنڌ ڌاڪا
    ريڊيو روز ڪري ٿو واڪا
    ڏسو هي چُرپُر ڪندڙ ڏاڪا
    فون تي ڏوران ٿيڻ ڪچهريون
    ويا هِن ڳنڍجي ملڪ مڪان
    سائنس جا ڪيڏا احسان

    ڪمپيوٽر ٿو وقت کي موڙي
    لوهي بند تي ريل ٿي ڊوڙي
    هر ڪا شيءِ مشين ٿي جوڙي
    ڪيڏيون ٿيون ايجاد دوائون
    سولا ٿيا سارا درمان
    سائنس جا ڪيڏا احسان

    روشن روشن بلب ٻري ٿو
    سمنڊ ۾ وزني جهاز تري ٿو
    پاڻي ڪولر منجھه ٺري ٿو
    جي نه ٿين ها اهي ايجادون
    ڏکيا ٿين ها سڀُ گذران
    سائنس جا ڪيڏا احسان

    عقل جو هر هنڌ ٿيو اجالو
    چنڊ تي پهچي ويو اپالو
    پيرن هيٺان آيو همالو*
    سائنس جي سهڪار سان ماڻهو
    اوچو آهي منجھ جهان
    سائنس جا ڪيڏا احسان


    • هماليه جبل


    مبن سنبريو ميلي تي

    وڪڻي پنهنجي ڇيلي کي
    مُبن سنبريو ميلي تي

    ميلي ۾ ها هُل هشامَ
    کائڻ پيئڻ جون شيون جام
    مُبن کاڌي برفي پاءُ
    جيئي جيئي مُنهنجي ماءُ.

    ميلي ۾ ها ڳانا سڳيون
    کيسَ کٿا ۽ اجرڪ لونگيون
    مُبن پاتو ڳاڙهو ڳانو
    جيئي جيئي مُنهنجو نانو.

    واءُ اتر جي لڳي جڏهن
    مُبن ساريو ڪوٽ تڏهن
    لڳو مُبن کي ڏاڍو سيءُ
    جيئي جيئي مُنهنجو پيءُ.

    جڏهن ميلي جي ٿي پُڄاڻي
    ماڻهن هلڻ جي ڪئي سنبراڻِي
    مُبن تاڙيو ڳوٺ جو گاڏو
    جيئي جيئي مُنهنجو ڏاڏو.

    ڏوڪڙ پنهنجا سڀُ کپائي
    مُبن ويٺو جھانجھَ وڄائي
    قاسم ترڪيو ڪيلي تان
    مُبن موٽيو ميلي تان.


    چانديءَ جو چنگُ

    بابل! مُنهنجي دل ٿي چاهي
    ڏسان آءٌ به چنگ وڄائي

    جانڻ جڏهن اسڪول اچي ٿو
    چنگُ وڄائي خوب نچي ٿو
    ڪڏهن نه هو پَر مونکي ڏي ٿو
    ڪير ته جانڻ کي سمجھائي
    بابل! مُنهنجي دل ٿي چاهي

    جڏهن شاهن جي شادي ٿي هُئي
    ڳوٺ ۾ ڏاٺي ڄڃَ لٿي هُئي
    ڄڃَ ۾ ڪنهن هو چنگُ وڄايو
    مونکي ڏاڍو مَزو ٿي آيو
    ڏٺو اهو مون چنگُ چتائي
    بابل! مُنهنجي دل ٿي چاهي

    بابا اوهان جي ڳالهه مڃان
    ڪچڙا هن پر ڏند اڃان
    لوهي چنگُ مونکان نه وڄندو
    ڇوته انهيءَ سان ڏند ڪو ڀڄندو
    چنگُ چانديءَ جو ڏي ٺهرائي.

    بابل! مُنهنجي دل ٿي چاهي
    ڏسان آءٌ به چنگ وڄائي


    ديڳڙيءَ ۾

    ديڳڙيءَ ۾ گوشت
    گوشت ۾ هڏا
    محنتي ڇوڪرا
    ٿيندا ماڻهو وڏا.

    ديڳڙيءَ ۾ چانهه
    چانهه ۾ کنڊُ
    ناپاس نينگر تي
    ڏهه روپيا ڏنڊُ.

    ديڳڙيءَ ۾ مڇي
    مڇيءَ ۾ ڪنڊا
    سستُ ڇوڪر کائيندا
    ماستر جا ڏنڊا

    ديڳڙيءَ ۾ کيرُ
    کير ۾ پاڻي
    ڪوڙِي ماڻهوءَ جي
    ڪوڙي ڪهاڻي.


    ماما ماما مارِ گدڙ کي

    ڪُراڙو ڪمدار آ
    وڏيري جو يارُ آ
    آهـــي وڏو ڊاڙي
    اٿس زال ڪُراڙي
    ڪُـــراڙو ڪُـــراڙي
    کنهن ويٺا ڪياڙي
    گــــــدڙُ گــــــداڙي
    ڀيلي ويا واڙي.
    ماما ماما مار گدڙ کي
    نــــور نــــور سانڊو
    گــــدڙ جــــو آنــــڊو
    ڪُتن وڃي کاڌو
    ڪُراڙي ڪمدار جي
    ٽوپــــيءَ ۾ ٽــــانڊو.


    پوپٽ، ڄڃَ جهازُ

    اوچتو اسڪول جو
    گھنڊ وڄي ٿو
    هر ڪو ٻارڙو
    تکو ڀڄي ٿو
    ڌڻيءَ جا ڳُڻ ڳائي
    سڌيون قطارون ٺاهي
    پنهنجي جاءِ تي
    وڃي ويهي ٿو.
    ماستر اکيون ڳاڙهيون
    ٻارن جا مُنهن لٿل
    ماستر جو ڏنڊو ڪارو
    ٻارن جا هٿ ڪونپل
    معصوم ٻارڙا
    سبق پڙهن ٿا
    ڏنڊو ڏسن ٿا
    ڏاڍو ڊڄن ٿا.
    اوچتو اسڪول ۾
    پوپٽ اچي ٿو
    هرڪو ٻارڙو
    پوپٽ جي پويان
    ڊوڙَ هڻي ٿو
    ماستر ڪاوڙ مان
    ڏنڊو کڻي ٿو.
    هر هڪ ٻار کي
    ڏنڊو هڻي ٿو
    هٿ مهٽي ٻارڙا
    سبق پڙهن ٿا
    مارَ وساري
    وري کلن ٿا
    اسڪول جي ڀرسان
    ڄڃَ لنگھي ٿي
    دل ٻارن جي
    ڪانه رهي ٿي
    دُهل جي آواز تي
    ٻارن هنئي ڊُڪ
    ڪلاس مان نڪرڻ جي
    ٻيهر ڪئي چُڪَ
    سڀني کاڌي سزا ۾
    ماستر جي مُڪَ.
    کائي هڪ مُڪَ
    ٻارڙن لاڙيا لُڙڪ.
    جھٽڙي گُذري
    سڀني ٻارن کان
    مارَ وئي وسري.
    اوچتو اسڪول مٿان
    اچي ٿو جهازُ
    سڀيئي ٻار گڏجي
    ڪن ٿا آواز
    وري سزا ۾
    ڏنڊا سهن ٿا
    هٿ مهٽي ٻارڙا
    ڏاڍو روئن ٿا
    اُستاد کي چون ٿا
    ”سائين اسان کي
    معافي ڏيو
    وري نه ڪبو
    ڏوهه ٻيو“
    مکڙين جهڙا ٻارڙا
    سُڏڪي روئن ٿا
    ڏنڊو ڏسن ٿا
    ڏاڍو ڊڄن ٿا
    ڊڄندي ڊڄندي
    سبق پڙهن ٿا
    هڪٻئي جي ڪَن ۾
    آهستي چون ٿا
    پڙهڻ کان سُٺو آهي
    پوپٽ هلي پڪڙجي
    ڄڃَ هلي ڏسجي
    جهاز ۾ چڙهجي.


    ڀولي جو ناچُ

    نچُ نچُ ڀولا نچُ اڃا
    ٻار مڙن ڪي ڳچُ اڃا

    ڀولا هردم سچُ تون چئجانءِ
    ڪوڙ سان ياري مُور نه رکجانءِ
    ڪوڙ ڪميڻو هيڻو جھيڻو
    آهي سگھارو سچُ اڃان
    نچُ نچُ ڀولا نچُ اڃا

    ڀولا ڀَري بندوق ته کڻ تُون
    ديس جي دشمن کي سا، هڻُ تون
    موٽ ۾ توتي حملو ٿيندو
    بَمَ گولي کان بچُ اڃان
    نچُ نچُ ڀولا نچُ اڃا

    ڀولا تُنهنجي شادي ٿيندي
    تو وٽ سهڻي ڪنوار به ايندي
    ڏاجُ وٺڻ لئه ڏوڪڙ گھُرجن
    نوٽ ميڙڻ لئه اچُ اڃان
    نچُ نچُ ڀولا نچُ اڃا

    محنت جو آ مانُ مٿانهون
    ڀولا تُنهنجو پنڌُ پرانهون
    لولي ڪارڻ لوچڻو آهي
    پورهئي ۾ تُون پچ اڃا
    نچُ نچُ ڀولا نچُ اڃا


    ڪنڀر

    سدا پورهئي کي ساٿي سارِ
    واهه واهه ڪنڀرَ تُنهنجي ڪارِ

    چيڪي مٽيءَ مان ٿانوَ بڻائين
    تن کي آويءَ منجھ پچائين
    مٽيءَ جو تُون مانُ وڌائين
    محنت جو ٿو سبق ٻُڌائين
    پورهيت پيارا ائين سدائين
    ديسَ مٽيءَ کي تون سينگار
    واهه واهه ڪنڀرَ تُنهنجي ڪارِ

    پورهئي جو آ شان ڀلارو
    پورهيت آهي خُدا کي پيارو
    ڏکيو نه ٿيندو تُنهنجو گذارو
    ٿيڻو آهي ڏُور انڌارو
    ورڻو آهي تنهنجو وارو
    ٻيڙا تُنهنجا ٿيندا پارِ
    واهه واهه ڪنڀرَ تُنهنجي ڪارِ


    ڳوٺ گھُمڻ هلو

    هلو ڀينر هلو
    ڀلي گھمڻ هلو
    ڳوٺ اسان جو ڀلو

    چاچو مُنهنجو راڻو
    آهي ماهر مُهاڻو
    چاچيءَ جي چُلهه تي
    روز پچي ٿو پلو
    ڳوٺ گھمڻ هلو
    کائو هلي پلو.

    ڳوٺ جي هلبو
    سوڍيءَ سونيءَ سان
    پَڪ اُتي ملبو.

    سوڍيءَ جي باغ جا
    کـــــٽا کـــــٽا ٻيـــــرَ
    سوڍيءَ جي پيءُ جا
    ڏاگھي جيڏا پيرَ.
    سوڍيءَ جا چاچا سُٺا
    وڍي ڏيندا ٻيرَ مٺا
    ڳالهه کان نه اَلو
    هلو گهمڻ هلو
    ڳوٺ اسان جو ڀلو.

    سونيءَ جو پيءُ سٺو
    ســــونـــارو آهـــــــي
    سموري ڳوٺ جا
    ڳَــــــهه ويـــــٺو ٺاهي
    ٺاهي ڏيندو پاڻ کي
    جــــست جــــــو ڇلو
    پنهنجي پنهنجي چيچ ۾
    پايــون هــــــلي ڇلو
    ڀينر گھُمڻ هلو
    ڳوٺ اسان جو ڀلو.


    گابي جي گوءِ

    ڳوٺ جا هڪڙا سنگتي چار
    ڳامڻ گُلڻ، مٺو ملهار
    ويهي ڪرڻ لڳا ويچار
    اڄ جمعو آ واندا آهيون
    ڇو نه گابن جي گوءِ پُڄايون
    چارئي سنگتي آخرڪار
    گوءِ ڪرڻ لئه ٿي ويا تيار

    گامڻ جو ٻولاهو گابو
    گلڻ جو هو ڳاڙهو گابو
    مٺوءَ آندو اڇو گابو
    ڪاهي آيو ڪارو ملهار
    ڳوٺ جا هڪڙا سنگتي چار

    گابن کي سينگار ٺاهي
    آيا هو ميدان تي ڪاهي
    چارئي سنگتي ٿي هوشيار
    اوچتو ٿي وئي الههَ توهار
    ڳوٺ جا هڪڙا سنگتي چار

    گابو گُلڻ جو سهڪڻ لڳو
    مٺوءَ جو ڇڏائي ڀڳو
    پٺتي رهجي ويو ملهار
    گابو گامڻ جو پهتو پار
    ولڻ واڄو خوب وڄايو
    گامڻ گوءِ کٽي گھر آيو.


    خطُ ادل جو

    خطُ ادل جو آيو آهي
    ٻارن شور مچايو آهي

    خط ۾ آ احوال ادل جو
    پاڙي واري پوڙهي پُنهل جو
    فوٽو ننڍڙي ڀاءُ سچل جو
    خط سمورو گھر وارن کي
    پپوءَ پڙهي ٻڌايو آهي
    خط ادل جو آيو آهي

    ادل ڪراچيءَ منجھه رهي ٿو
    خط جي رستي سارَ لهي ٿو
    ڀاءُ سچل به اتي پڙهي ٿو
    رُسي وڃڻ تي خط ۾ ادل
    پپوءَ کي پرچايو آهي
    خط ادل جو آيو آهي

    خط ۾ آهن نانءَ گھڻن جا
    سلامَ سانول، مُبن شَفن جا
    نذير ڪالو علي امنَ جا
    ادل امنَ کي پاس ٿيڻ تي
    سٽن ۾ ساراهيو آهي
    خط ادل جو آيو آهي

    ادل لکيو آ، عيد تي ايندو
    اچي ٻارن کي خرچي ڏيندو
    شهر گھُمائڻ وٺي ويندو
    ڀيڻ ننڍيءَ سان نه وڙهڻ لئه
    مارئيءَ کي سمجھايو آهي
    خط ادل جو آيو آهي
    ٻارن شور مچايو آهي.


    پيارا جيتَ پکيئڙا

    طوطو جڏهن به ٻولي ٿو
    خوشين جا دَر کولي ٿو
    طوطو پيارو ڪوئل پياري
    ڪانوَ کان مونکي آ بيزاري
    ڪيڏا باغ ۾ جيت ڀُڻڻ ٿا
    مونکي تن مان ڪجھ وڻن ٿا
    پکي به ڪيڏا پيا ٿا اُڏامن
    ڪي نه وڻن ٿا ڪي ته سُٺا هن
    پوپٽ سڀ کان پيارو آهي
    روپ انهيءَ جو نيارو آهي
    ڀلي آهي پڻ لال ڀنڀوري
    هٿُ وڌائي چوري چوري
    ڪالهه مون ان کي پڪڙيو هو
    چپٽيءَ ۾ پڻ جڪڙيو هو
    جڏهن راند جي مهل وئي گذري
    ڇڏيو مون ان کي ويئي اڏري
    آهي ڏينڀوءَ جو سهڻو رنگ
    پر نه وڻي ٿو هڻي ٿو ڏنگُ
    ڪوئل توڙي ڪاري آهي
    تڏهن به مونکي پياري آهي
    ڪڏهن نه ڪوئل ڏنگ هڻي ٿي
    هن جي مٺڙِي لات وڻي ٿي
    ڪانءُ به سارو ڪارو آهي
    پر هو مونکي پيارو ناهي
    جڏهن امڙ ٿي لولو ڏي
    ڪانءُ ٿو جھٽ ڏئي کسي وڃي.


    ٻالڪَ ننڍڙا

    ٻالڪَ ننڍڙا ڪچڙا هڏڙا
    مُڙس متارا ٿيندا وڏڙا

    ويو الائي نينگر ڪيڏانهن
    سانجھيءَ ويلي ماءُ جا سڏڙا

    واٽَ وڃي ٿي جا اسڪول
    ساري آهي ڍوريون کڏڙا

    بينچ نه ڪا اسڪول ۾ آهي
    پٽ تي پٿريل ڇڳل تڏڙا

    ٻارو! تن جو سهارو بڻجي
    جڳَ ۾ جيڪي آهن جڏڙا.


    منهنجي سائيڪل

    سائيڪل مُنهنجي سڀ کان پياري
    سُٺي ۽ سولي جنهن جي سواري

    سائيڪل مُنهنجي روڊ جي راڻي
    مُور نه ٿئي ٿي ٿَڪ کان ساڻي
    نڪي گھُري ٿي اَنُ ۽ پاڻي
    روڊ تي ڊڪندي حڪم مُنهنجي کان
    ڪين ڪڏهن آ ٿي انڪاري
    سائيڪل مُنهنجي سڀَ کان پياري.

    صبح جو اُن تي وڃان پڙهڻ
    شام جو اُن تي وڃان گھُمڻ
    سنڌوءَ ڪنارا باغَ پتڻ
    علم پرائڻ سان گڏ آهي
    گھُمڻ ڦرڻ جي گھڻي بهاري
    سائيڪل مُنهنجي سڀ کان پياري.


    سمُنڊ تي پڪنڪ

    انور منور جا گھروارا
    جگنوءَ پارا پپوءَ پارا
    پڪنڪ خاطر سنبري سارا
    ڪار ۾ گڏجي ويا ڪلفٽن

    منور کاڌا سمُنڊ ۾ غوطا
    پپوءَ پنهنجا پير ٿي ڌوتا
    بينا واريءَ گھرڙا ٺاهيا
    مينا، بينا جا گھرڙا ڊاهيا
    پوءِ ٻنهي جو ٿي پيو جھيڙو
    ڦِٽي ويو سارو متل ميڙو
    وچ ۾ آيو انور جو ڀاءُ
    مينا بينا جو ٿيو پرچاءُ.

    جڏهن ٻارن کي اُڃَ تپايو
    گڏجي گيتُ انهن ٿي ڳايو
    ”ڀيــــــڄ ڀيــــــڄ مــــــولا
    هڪڙي ڪوڪا ڪولا“
    ماءُ ڏني ٻارن کي موڪل
    ٻارن پيتي هڪ هڪ بوتل.

    جڏهن ٻارن کي بُک تپايو
    سڀني گڏجي ممڻُ مچايو
    جھٽَ ۾ تازي ماني آئي
    مزي مزي سان گڏجي کائي
    سڀني ڏاڍو ڍَؤ ڪيو
    پوءِ خوشيءَ جو گيت چيو
    ”سمُنڊ ڪنارا ڇولين وارا
    روز ملهايون پڪنڪ پيارا“

    ٻارن اُٺ جي ڪري سواري
    گھر هلڻ جي ڪئي تياري
    جڏهن شام جا پنج وڳا
    سارا ڀاتي گھر پُڳا.


    ڪوئي جي شادي

    هڪڙي ڪُوئي ڍؤنگ رچايو
    ماءُ ٻُڍيءَ کي اچي ٻُڌايو
    ”رات خواب ۾ ابو هو آيو
    تنهن آ اوهان کي هينئن سمجھايو
    مُنهنجي هاڻي شادي ڪرايو.“

    ماءُ ڪُوئي کي چيو سمجھائي
    ”پٽڙا شادي سولي ناهي
    پهريان چانديءَ جا زيور آڻ
    پوءِ ڀلي تُون ڪنوار ڪا ماڻ“

    چانڊوڪيءَ جي چانديءَ مان
    ڪُوئو آيو زيور ٺاهي
    ماءُ ڪُوئي جي مکڻ کائي
    راڄ ڪُوئن جي جھانجھهَ وڄائي.

    نيٺ شاديءَ جو ڏينهن به آيو
    ڪُوئي سارو راڄُ گھُرايو
    ڪُوئي جي سڏَ تي ٻليون به آيون
    ڪُوئن ٻلين لاءِ هنڌَ وڇايا
    خاص انهن لئه طعام پچايا

    ڪُوئن شاديءَ تي رنگَ رچايا
    ٻلين نچندي ڳيچ ٿي ڳايا
    ڪُوئن گڏجي ڌُڪڙ وڄايا.

    ڪُوئا به آخر ٿڪڻَ لڳا
    آهستي آهستي سُمهڻ لڳا
    نڏهن ڪُوئن کي ننڊ ورايو
    تڏهن ٻلين جو وارو آيو
    سِڪَ سموري ڪري ختم
    ٻلين ڪُوئن کي ڪيو هضم

    بچيل ڪُوئن کي آئي توائي
    تن ٻلين سان سنگت ڦٽائي
    هاڻي ڪُوئن جي شاديءَ ۾
    ڪڏهن نه ايندي ٻلي ڪائي.


    ڏاند گاڏيءَ ۾

    ڳوٺ جي گَس تي ڌوڙ اڏاڻي
    ڏاند گاڏيءَ جا چيڪٽ چيڪٽ
    ماڻهن لئه آ ڳالهه پراڻي

    ڏاند گاڏيءَ ۾ چاچو ڪريلو
    ننڊ مان جاڳي روز سويلو
    شهر وڃي ٿو ڪرڻ مزوري
    لولي خاطر آ لوچ ضروري
    جڏهن ڪمائي چاچو اچي ٿو
    سندس گھرَ ۾ لولو پچي ٿو.

    منجھند ڌاري ننڊ ڪري
    کير جُون چؤنريون چار ڀري
    وڪڻڻ بابو شهر وڃي ٿو
    سانجھيءَ ڌاري گھر اچي ٿو
    مُنهنجو بابو همت وارو
    ڏُکن سُکن ۾ ڪري گُذارو

    سجُ لهڻ سان آئي سانجھي
    ڏاند گاڏيءَ ۾ مامو مانجھي
    شهر وڃڻ لئه ٿئي ٿو تيار
    مامو مانجھي آ چوڪيدار
    رات جو جاڳي گشت ڪري ٿو
    صبح جو پنهنجي ڳوٺ وري ٿو.


    ڀاءُ برادي

    جتي به ٿيندي ڪائي شادي
    پهچي ويندو ڀاءُ برادي
    جڏهن برادي ڀَتُ کائيندو
    هرڪو هن کي چيڙائيندو

    پُٽُ جڏهن جُمن طهرايو
    ڀاءُ برادي ڀڄندو آيو
    ٻارن ڏاڍو کيس تپايو
    سڀني ٻارن گڏجي ڳايو
    ”ڀاءُ برادي اوري آءُ
    لڳي نه توکي ڪوسو واءُ
    اچي هي چهرا چانور کاءُ

    ڪوسا ٿئي ته ٺاري کاءُ
    مکيُون ٿي ته ماري کاءُ
    ڏينڀو ٿي ته ڏاري کاءُ
    هڏا ٿي ته ڳاري کاءُ
    گھڻا ٿي ته هاري کاءُ“

    ٻارن ڳائي تاڙيون وڄائي
    ڀاءُ برادي ڇڏيو رُسائي
    اُنهن ٻارن جو اهو نظارو
    ڏٺو استاد بخاريءَ سارو
    اٿي استاد ٻارن ڏي آيو
    کين محبت سان سمجھايو
    ٻارو! ڪنهن کي ڪين رنجايو
    وڃي براديءَ کي پرچايو
    پاڻ وڏن جو ادب رکجي
    ڪينَ انهن کي ٻاڙو چئجي.
    ڳالهه ٻُڌي استاد جي ساري
    ٻارن ۾ ٿي شرمساري
    ٻارن براديءَ کي پرچايو
    کيس پاڻَ سان ڀَتُ کارايو
    گُلن ڦُلن جو هارُ پارايو
    ڏسي ٻارن جي فطرت پياري
    کلي ويٺو استاد بخاري.


    عيد ملهايون

    عيد اڱڻ تي آئي آهي
    سڀني کي واڌائي آهي

    ڀائر آهيون ڀاڪر پايون
    اچو ته گڏجي عيد ملهايون
    سڪ محبت ۾ آ راحت
    ڪاوڙ دوست اجائي آهي

    گھڻي ملي آ عيد جي خرچي
    کيسا ويا هن سارا ڀرجي
    آهن مون وٽ نوٽ سمورا
    ڪين ڪيا جستي پائي آهي
    عيد اڱڻ تي آئي آهي.


    وڻن نٿا مون دال ۽ ڇولا
    نڪي ڳُڙ جا پشم گولا
    پنهنجي دوست گوهر سان گڏجي
    کاڌي خوب ملائي آهي
    عيد اڱڻ تي آئي آهي.

    اچو ڦٽاڪا سوسڙيون ساڙيون
    ڦوڪي ڦوڪي ڦوڪڻا ڦاڙيون
    نچڻ ڪُڏڻ جو ڏينهن آ، آيو
    چؤڌاري سرهائي آهي
    عيد اڱڻ تي آئي آهي.


    ٻيرين منجھه ٻٽيرو

    ٻيرين منجھه ٻٽيرو ٻولي
    پُٽ هاريءَ جو تنهن کي ڳولي

    ٻار لڳا سي انبڙيون ميڙڻ
    ڪالهه ڪيرايون جيڪي جھولي

    طاهر جو ويو طوطو اڏامي
    پپوءَ ڇڏيو هو پڃرو کولي

    جانورن جي باغ ۾ گهُمندي
    ڀائوءَ کي ڊيڄايو ڀولي

    محنت وارو ساٿي سهارو
    سستُ ڇوڪر جي سنگت رولي.


    روڊ تي

    روڊ تــــــــــــــــي گاڏو
    ڳـــــــــــــــاڏي ۾ ڏاڏو
    ڏاڏي جـــــــــي ڀرسان
    ڏاڏي ڪُـــــــــــــراڙي
    ڪين ڪنهنکي وڻندو
    ڇوڪــــــــــر لٻـــــاڙِي.

    روڊ تـــــــــــي ڪار
    ڪار ۾ ڪُتو
    ڪتي جي ڀرسان
    ٿلهو ٿلهو سيٺ
    جيڪو ڪندو سستي
    سوئي رهندو سيٺ.

    روڊ تي بــــــس
    بـــــس ۾ بــــــاندر
    بانـــــــــدر ڀرســــــــان
    هڪــــــــڙو فــــــــــقير
    ٻارو ڪين سمجھو
    ڪنهنـــــکي حــــــقير

    روڊ تــــــــي رڪشو
    رڪشي ۾ راڻي
    راڻيءَ جي ڀرسان
    ڪــــــــاڻو راڻــــــــــــو
    ختـــــــــــــم نه ٿــــيندو
    علـــــــمَ جو نـــــــــاڻو.


    پُتلين جو تماشو

    راتِ گُلڻ جي گھرَ جي اڱڻ ۾،
    ڏٺو اسان پُتلين جو تماشو

    سڀ کان پهريان آئي راڻي
    کٽَ تي ويٺي ساههَ سيباڻي
    ٽپ ڏيئي پوِ آيو راڻو
    ڪرڻ لڳي هوءَ تنهن سان ماڻو
    نيٺ راڻي جو عرض اگھاڻو
    راڻيءَ پنهنجو ڇڏيو رُساڻو

    راڻي راڻيءَ کي پرچايو
    کيس هاٿيءَ تي شهر گھُمايو
    شهر گھُمي پوءِ باغَ ۾ آيا
    راڻي ڇم ڇم نچڻ لڳي
    ننڊ پکين کي اچڻ لڳي

    باغ ۾ آيو پاٽي خان
    جنهن جي هٿ هو تير ڪمان
    راڻي کي تنهن رڙ ڪري
    چيو: ”هليو وڃ هتان پري
    آءٌ راڻيءَ سان شادي ڪندس
    راڄَ سڄي جو مالڪ ٿيندس“

    راڻي کي پوءِ ڪاوڙ آئي
    تنهن ڪئي هن سان خوب لڙائي
    مُئو ويڙھ ۾ پاٽي خان
    وڌي ويو راڻي جو شان

    هر ڪنهن کاڌو کنڊُ پتاشو
    ختم ٿيو پوءِ کيل تماشو.


    گڙٻڙ ۾

    نانو نُورل ويو گذاري
    ناني نوري گڙٻڙ ۾

    دال جا آهن ڌڌڪا روز
    حلوو پوري گڙٻڙ ۾

    چانگي مل جي شادي آ
    ڄڃَ سموري گڙٻڙ ۾

    جڏهن به ڪاوڙ سيٺ ڪندو
    سڄي مزوري گڙٻڙ ۾.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 468
    ڪتابن جو مشاهدو: 399897
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 161586
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ