ڪتاب جو نالو: وساري نه ڇڏجو
مصنف: ادل سومرو
ڇپائيندڙ: پبلشر بابت ڄاڻ موجود ناهي
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2004
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 18 جنوري 2017 ع
پڙهيو ويو: 570 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 425 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ادل سومري جي هن ڪوتا-ڪتاب ”وساري نه ڇڏجو“۾ دوها، بيت غزل، گيت، وايون، نثري نظم ۽ ترائيل شامل آهن. فني ۽ فڪري اعتبار کان ادل جي سموري شاعريءَ ۾ هڪڙو توازن آهي، جو هن کي ڪٿي به ٿاٻڙجڻ کان روڪيو بيٺو آهي. خاص طرح هن جي غزل جي اظهار ۾ جيڪا شعريت(Poetocness) پيدا ٿي پئي آهي، اُن جو رنگ ئي ڪجهه اور آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ٻهَ لفظ
  • مهاڳ : امر سنڌو
  • دوها ۽ بيت

  • دوها
  • درازن جا دوها
  • تنوير عباسيءَ جي ياد ۾
  • بيت
  • ٿَــرَ ۾ سوڪهڙو
  • نينهنَ جَبلَ جي ڇانوَ ۾
  • مُرڪيو ڀٽَ ڌڻي
  • غزل

  • سُونهن تنهنجو عظمتون ساڳيون رهيون
  • هُن ٿي ڏٺو دَريءَ کان ۽ مينهن ٿي وسيو
  • پيارُ منهنجو جي نَديءَ جهڙو نه هو
  • گُلُ ٽاريءَ مان ڇِني پوءِ آڱريون سوچڻَ لَڳيون
  • پيارَ کان جي ڌار آهي شاعري
  • سارَ تنهنجي اچي پوءِ ٻُڏي ٿي وڃي
  • جي دلين ۾ روشني آهي اڃان
  • تو سِوا مون کي لڳيون سڀُ اوپريُون
  • جيڪو سمنڊَ سُڏڪي لهرن تي لکيو هو
  • ڪنهن سَمي ساهن ۾ هڪڙي سانوري هوندي هُئي
  • اوهان جي اچڻ تي بتيون خُواب ٿيا ها
  • سُونهن وارا دور ٿيندا پي ويا
  • سومرا! هي توکي ڇا آ ٿي ويو
  • منهنجي منَ ۾ زلزلا ڇو ٿي ڪرين
  • دوستيءَ کي روشني سمجھي اسان
  • ساڌُو ٻيلي جو پوڙهو ساڌُو سوچي ٿو
  • هوءَ ته سڀُ ڪجُهه ڄاڻي ٿي
  • حاويليءَ ۾ هڪڙي چولي ڦَٿڪي ٿي
  • پيارَ جي اتهاسَ ۾ ڀوڳيان پيو
  • جِتِ ڪتابُ آ رکيو اُتِ گُلاب آ رکيو
  • ڪيسين دردَ پنهنجي دلين ۾ دُکايون
  • پڙهيون مون ته آهن گھَڻن جون ڪهاڻيون
  • زندگي ٻيو ڀي گھڻو ڪُجھه چاهي ٿي
  • بادَل جي دلداريءَ تي
  • ساوڻَ جا برساتي سپُنا
  • روشني اونداههَ ۾ گُم ٿي وئي
  • وارياسو وڻڪارُ ٿي سمجھي
  • جنهن ۾ سمنڊُ سَمايل آهي
  • مان تنهنجي پيار ۾ ويڙهيو پيو آن
  • شهرَ پنهنجي ۾ هُئي جا زندگي
  • سُونهن جي هڪَ سانوريءَ موهي ڇڏيو
  • کيسي ۾ جي سپُنا ٿَئي
  • مُنهنجي اکين ۾ پاڻي ڪونهي
  • اوپرن جيان هُوءَ هِتان گُذري وَئِي
  • مون وٽ جا پرڀاتِ ٻَري ٿي
  • مايا ڏي سنسارَ جو رستو
  • هي بي رنگ جيون رنگا رنگُ چوليون
  • تو جا اکين سان ڪَئي آ
  • جي به دردَن جُون ساعَتون آهن
  • راتِيُون جاڳي دُکندو آهيان
  • هوءَ به اڻڄاڻُ ٿيندي پَئي وَڃي
  • فنڪارَ اَسين آهِيون
  • تُنهنجي دَرَ تي ساهي آهي
  • مان ڪڪرَ جو رُوپ ڌاري ٿو اچان
  • اوهان جي اکين ۾ اشارا ٿا مُرڪن
  • نيڻَ اوهان جي نيڻن ۾ جو اَٽڪي پَيا
  • جيڪو مون وٽَ رهجي وَيو توکان ڪِتابُ
  • دلرُبائي ڪينَ ٿي ايڏي ٺَهي
  • جيڪا دل اُڃاري ناهي
  • هُن ويچاريءَ ننڊَ کي وڪڻِي ڇڏيو
  • جو ٿَر ۾ ڏِٺو هوندَئي
  • گرم جُملا ٻيٽَ تي رهجي ويا
  • دردَن کان لِڪائي هُئي
  • اهڙو واءُ به گھُلندو سائين
  • جڏهن به تُنهنجي پيارَ جا لهجا گُونگا ٿي پَئي ويا
  • هر منظر آ خوف ۾ ورتلُ
  • ٿڪل شامَ جهڙي حياتي اسانجي
  • مونسان جَڏهن به تُنهنجي جَوابن ڳالهايو
  • تو سِوا هر سازُ ٿو سُڏڪو لَڳي
  • دل جي ڌرتي ٿُوهَرن جا سلسلا
  • مُنهنجي گيتن راتِ مونکا ٿي پُڇيو
  • ڪاوَڙ به هُن ڪَئي آ ڏِياريِءَ جي شامَ جو
  • چنڊَ تي ڄڻُ ڄارَ ٿا پئجي وڃن
  • ڪي پنهنجا پَرايا جَنم ڏينهن تي
  • کَڙڪائي درُ ۽ دَري ڪونه ايندو
  • اسان کان لنوائي هليو ٿو وڃي
  • تو ڏٺي پيارَ جي ڪا گھٽي ڪانه هُئي
  • غَزلُ ٿو لِکين ۽ پَرائي زَمين!
  • گيت

  • اڃا ٿا پَسو وَسو ڙي وَسو اڙي بادلو!
  • بهارن جي مستي
  • جنم ڏهاڙي جون توکي واڌايون
  • يادُن جون ڇوليون تنها هي راتيون
  • توکان دُور ته ناهيان مان
  • گُلن سان سجايل هي جوڀن جا رستا
  • هِنَ بند لفافي ۾ تولاءِ اُماڻيان ٿو
  • آءُ او راڻا!
  • تُنهنجي سا آهي
  • ڄڻُ صِلو مونکي مليو
  • دِل ڌار ڪري وينديون
  • جو پل پل دُکي ٿواُنهيءَ کي ڏسَي ڪو
  • ترائيل

  • تُون به هاڻي سُومرا سوچڻُ ڇڏي ڏي
  • ڪاظمي! تُنهنجا ڪبوتر ويا اُڏامي
  • دردَ جو آواز هو اٽڪي پيو
  • کتريءَ جي تصوير پئي هُئي
  • صليبن جا رستا اوهان ئي ڏيکاريا
  • هيلَ به ڏاڍو مينهنُ پيو هو
  • نثري نظم

  • نئون ناچُ
  • ترقي
  • ڊَپُ
  • ورثو
  • اُڃايل قافلن جا مُسافر
  • مُفت طبي ڪيمپ
  • ڪراچيءَ جي ٽاڪَ منجھند جو هڪ عڪسُ
  • دليُون ۽ رانديڪا
  • تُنهنجي شاديءَ واري ڏينهن تي لکيل هڪ نظم
  • برفباري
  • زينَب مارڪيٽ ۾ رکيلُ گَجُ
  • هِڪَ ننڍڙي ڪَٿا
  • تُون اڌوري نه آهين (ڪشور ناهيد جي نالي)
  • ”آجاؤ آفريڪا“ جي مُهڙ ۾ ڪشور ناهيد پاڻَ بابت لکيو هو
  • اسان آسمانَ جو رنگُ تبديل ڪرڻُ ٿا چاهيون
  • آمريڪا جو عراق تي حملو : 2003ع
  • وايون

  • ڇو ايڏو گھٻرائِن ٿا
  • ڄڻُ چريو آ ٿي پَيو
  • مون کان وَڻ پُڇن ٿا
  • خاموشِي ڳالهائي ٿي
  • مُنهنجي ننڊَ ڦِٽِي وئي
  • اڌَ راتِ جوجاڳِي ڇو
  • هِڪڙو گُلُ ڪِري پَيو
  • آرسيءِ ۾ پاڻ کي
  • خُوابَ نگرَ ۾ پَري پَري کان
  • ويهي مان ويچارُ ڪيان ٿو
  • وِچَ ۾ پُلِ آ پِيارَ جي
  • مَٿان چنڊُ ڏِسي پيو
  • پئجي ويا ڀاڪُرين
  • پڙهندي ناريءَ کي ننڊَ اَچي وئي
  • گيتَ سڀُ حيران ٿيا
  • پيرَ اُگھاڙا پيارَ جا
  • ڪيرُ ٿو ڪنهن کان پُڇي
  • سڀُ اَڱَر ٺَري ويا هِن
  • ڪامِڻيون ڪاڏي وَيون!
  • مُرڪَ کي ڳوليان پَيو
  • هيءَ به ڪهڙي دوستيءَ آ
  • اَلائي ڪِهڙيون حالتُون
  • سَمُنڊ تي ايندي نه ڪَر
  • تو جي پَگھَرُ اُگھيو پِرين
  • ڪِيئن ٿِيون وسري سگھن
  • اڄُ به منهنجي مَن تي ڳائـــــــــي ٿي مِـــــــيران
  • شهرَ مٿان خاموشي آ
  • گيتَ لکيل آهن
  • مُنهنجو مَن مُرڪيو
  • دردَ ته کُٽڻا ناهن
  • ڏينهنَ ٿي ويٺي ڳَڻي
  • تُنهنجي سينڌ پِرين!
  • ڪَهڙو ڪنهن تي ڀروَسو
  • جِيپِ وڃي ٿي ڊوڙَندي
  • تُنهنجي گھَر جي رستي ۾
  • راتِ مون روهڙِي ڏِٺي
  • مُون سان گَڏُ هَلي پَيو
  • تُون به جاڳي پَئُه کَڻي
  • روزُ ٿو وِڪڻان پَيو
  • تُون هَليو وَئين اوچتو
  • سا صَدا ڪاڏي وَئي
  • شاعريءَ مونکي ڏني
  • سَڀُ لُڙڪَ سُڪي ويا هِن
  • اديبن جا رايا

  • شيخ اياز
  • تنوير عباسي
  • امداد حُسيني
  • فهميده رياض
  • تاج جويو

  • سنڌ سلامت پاران

    ادل سومري جي هن ڪوتا-ڪتاب ”وساري نه ڇڏجو“۾ دوها، بيت غزل، گيت، وايون، نثري نظم ۽ ترائيل شامل آهن. فني ۽ فڪري اعتبار کان ادل جي سموري شاعريءَ ۾ هڪڙو توازن آهي، جو هن کي ڪٿي به ٿاٻڙجڻ کان روڪيو بيٺو آهي. خاص طرح هن جي غزل جي اظهار ۾ جيڪا شعريت(Poetocness) پيدا ٿي پئي آهي، اُن جو رنگ ئي ڪجهه اور آهي.
    سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر سٽي پاران محترم عبداللطيف انصاري جي ڪاوشن سان اِي بوڪ جي صورت ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي۔

    محمد سليمان وساڻ
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام


    ٻهَ لفظ

    محترم دوستو......!

    اسان کي اِهو ٻُڌائيندي تمام گھَڻي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته اداري وائيس آف سنڌ پاران ، سنڌ جي ناموَر ۽ سرموڙ شاعر محترم ادل سومري جي، ”مُنهنجا خُواب“ سلسلي جو ٽيون ۽ آخري (هن وقت تائين) مجموعو، ”وساري نه ڇڏجو“ اوهان مهربان پڙهندڙن جي برقي پردي جي آڏو پيش آهي. ادارو وائيس آف سنڌ اوهان سمورن دوستن جو بيحد شُڪر گُذار آهي جو اوهان اسان جي سمورن سلسلن کي بيحد پسند ڪيو.

    اداري جي به اها هميشه کان خُواهش رهي آهي ته اسين اوهان کي سُٺي کان سُٺو ادب پڙهايون. ان ڏس ۾ جيڪڏهن اوهان دوستن کي ڪا تجويز هُجي ته ڏيڻ فرمائيندا.

    اسان اُميد ٿا ڪريون ته اوهان پنهنجي راءَ کي پاڻ تائين محدود نه ڪندا، ڇا ڪاڻ ته اوهان جي اها راءَ ئي اسان جي جياپي جو ڪارڻ آ. وڌيڪ بهتري آڻن لاءِ ضرور راءِ ڏيندا .

    ساٿ سلامت
    مهرباني

    اوهان جي مشوري جو منتظر

    عبداللطيف انصاري
    شمس آباد سکر سنڌ
    فون : 0333.7146119 اي ميل ؛ abdullateefansari@yahoo.com


    مهاڳ : امر سنڌو

    ”مُون کي غير حقيقي کان حقيقي، تاريڪيءَ کان روشني، موتَ کان ابديت ڏي وٺي هَلُ.“ (اپنيشد)

    600 کان 400 قبل مسيح اڻڄاتل/نامعلوم شاعرن/ مفڪرن پاران لکيل اُپنيشد جي مٿين حوالي سان شاعريءَ جي مقصديت واري مُحرڪ کي سمجھائڻُ کان اڳُ ضروري ٿيندو ته هندستاني فلسفي جي ابتدا ۾ لفظ/باب ”اپنيشد“ جو ڇيد ڪندو هلجي.

    اپُ = ويجھو، نذديڪ، قريب + ني = هيٺ + شد = ويهڻُ
    فلسفي توڙي شعري ادبيات ۾ انُ جو مفهوم ويجھو ٿي هيٺ ويهڻُ، معنى گُروءَ جي قدمن ۾ نئوڙت سان ويهي وجود جي اَساسي ماهيت بابت ڳالهه ٻولهه ڪرڻ آهي. هندستاني فلسفي ۾ اپنيشد ڀلي ته کَڻي ”برهما“ (خالق) جي وجودي، ڪائناتي جوهر جي بحث تي مُشتمِل هُجي، پر شعري روايات ۾ مٿين استعاري جو استعمال دراصل اُن رستي ڏانهن نشاندهي آهي، جيڪو مشرقي شعري روايتَ کي معنى بخشي ٿو. اڄُ جڏهن معنويت ۽ مقصديت کان جماليات تائين جا سَڀئي ذِڪر ۽ بحثَ پُراڻا ٿي ادبي نصابيات توڙي مُباحثن مان خارج ٿي چُڪا آهن، اڄُ جڏهن Post modernism جي ليبل سان سُڃاڻپندڙ دؤر Deconstruction ني نظرئي وسيلي رُڳو ادب ئي نه پر ارسطو، هيگل کان وٺي مارڪسي فڪر تائين (جنهن جو بُنياد ئي اَساسَ جي ماهيت تي رکيل آهي) جي سَموري فلسفي جي روايتي ورثي جي فڪري بُنيادن جا تاڃا پيٽا اُڊيڙيندو، فڪر جي بُنيادي اُصولن کي تهس نهس ڪندو، فڪر جي سَموري تاريخي ارتقا کي تاراجُ ڪندو Mass media ذريعي Popular Culture نو نئون فيشَن ٿي اُڀريو آهي، تڏهن شعري روايت جي مقصديت کي معنى بخشيندڙ ’اُپنيشد‘ واري مٿئين
    استعاري جي استعمالَ تي جنهن ۾ گُرُوءَ جي قُربَت ۾ نِوِڙجي اُن واٽ جي کوجَ جو بيانُ هُجي، جيڪا آڱُر جھلي موتَ ۽ فَنا ڏانهن ويندڙ غير حقيقي ڏَسائُن کان بچائيندي، ابديت جي روشن رستي ڏانهن وٺي هلڻ جي وِٿ ٿئي. ممڪن آهي ته شاعريءَ کي ان وِٿ سان ڏسڻ واري مُنهنجي نگاههَ ۽ پرکڻ واري پرچار تي اڄوڪو پڙهندڙ ناگواريت محسوس ڪري، پر منهنجي نظر ۾ ان سڄي بيان جو ذڪر ان ڪري به ضروري آهي ته شعري جوڙَجڪَ سان شاعر جو شَعوري ۽ جمالياتي ڳانڍاپو ۽ اُن جو سماجي ادراڪُ ئي شاعريءَ جي ڪارج جا معيارَ مقرر ڪري ٿو. گھڻو ئي مُلهائتو ۽لاڀائتو پر عالمي ادبَ ۾ پرکَ وارو اِهو ڳَرو پئمانو يا Frame of Analysis کڻي ادل سومري جي فَني ڳُٽڪي جي ماپ تور ڪري، وڍ ٽُڪ ڪري ڇيدُ ڪرڻ وارو اِهو ڏکيو ڪَمُ سنڌي نقاد ڏس Pass ڪندي، ادل سومري جي شاعري، جيڪا سماج جي نقاد طور نه پَر گُروءَ جي پيرن ۾ نئوڙت سان ويٺل، دل ديش جي ترجمانَ طور سامهون آئي آهي، اُن شاعري ۾ گھاڙيٽن، غزل جي گھاڙيٽي ۾ ماترائُن جي جاگرافي، وائيءَ جي ورد ۾ فَني باريڪ بينين تي جاگرافيائي حَدُن جا اثر جانچڻ وارو، وقت ۽ محنت طلب پوهيو ڪير به ڪري پر مُون لاءِ مُمڪن ناهي.
    دل جي ويران دُنيا ۾ آباد سَوين بستيون، سندن ڌُوڙ ڌُوڙ مٽيءَ ۾ ڀَڀُوت ٿيل هزارين پيچرا ۽ اُنهن پيچرن تي روان دَوان زندگين جا ڪروڙين قافلا، جنهن ۾ راهزن ۽ رهبر به گڏُ، ته کاٽ هڻِي مَن اندرَ جو سُک چينُ چوري ڪندڙَ چور چَڪا ۽ دل لُٽيندڙ لُٽيرا به شامل، جن کي ڏسي ۽ پرکي ته ڪابه اکِ سگھي ٿي، پر دل جي انهن مامرن تي اڪيلائپ ۾ روئي به ڄاڻي، سا فقط شاعرَ جي اکِ ئي ٿي سَگھي ٿي. جي اڃان به اڳتي هلي اُها شاعري دل ڀڄائي، مَنُ آلو ڪري، شاعريءَ جي اهڙِي تاثير، ڪارساز زماني جي اُن اڪيلائپَ واري جَهانَ ۾، جِتي ماڻهو ماڻهوءَ کان ڇڳَل، دل دل کان ڊنَل ۽ اک اک کان ڇرڪيل هُجي، يَسوع جي مسيحائيءَ وانگي مُئَل مَنُ
    جيئاريندي زندگيءَ کي جاوداني بخشيندي آهي. ادل سومري جي شاعري وکَ وکِ تي وکريلَ زندگيءَ جا سمُورا عڪس، ميڙيندي لفظن ۾ مڙهندي، شفافُ آئينو بڻجي سماج آڏو بيهي ٿي رهي. زندگيءَ جي مُختلف ڪيفيتُن جيان، موضوع سُخن جي گُوناگونين ۾ اهو مُمڪن ئي ناهي ته سندس شاعريءَ کي ڪنهن هڪَ موضوع جي هيڊنگ سان ڏسي سگھجي. سندس شاعريءَ ۾ سجايل سَوين ڪائناتُن جي سَون رنگن مان مون کي ڪو رنگُ اهڙو نٿو سُجھي، جنهن کي مان سندس شاعريءَ جي عنوان طور چونڊي سگھان. فنِ لطيف ۾ جيتوڻيڪ موزيق جو ڪمُ، جيڪومختلفُ شيشن ۽ آئينن جي ننڍن ننڍن ترتيبِيل ٽڪرن جي مدد سان ڪنهن ڊزائين کي ڀرڻ لاءِ ڪيو ويندو آهي. ادل سومري جي شاعريءَ لاءِ چَئي سگھجي ٿو ته، اُها موزيق جي ڪم جيان مختلف موضوعن جي جُڙت سان ترتيب ڏنل، اُها ڊزائين آهي، جنهن ۾ هر شيشي ۾ پنهنجو جُدا عڪس ته ضرور موجود آهي، پر گڏيل طور تي اُهي جيڪا تصوير ڪَشي ڪن ٿا، تن کي زندگيءَ جا رنگ چئي سگھجي ٿو. مثلاً سندس شاعريءَ ۾ سنڌ جي مختلف هنڌَن، مڪانن ۽ ماڳن لاءِ هڪ الڳ جاءِ آهي، ته سدا بهار گُلن جيان سدا بَهار رهندڙ شخصيتن لاءِ قُرب، عقيدتمندي جو خانو ئي جُدا آهي، سنڌُ جي ڪُکِ مان ڄَميل اهڙن شخصيتُن لاءِ ادل سومري جي شاعري فن جو Tribute پيش ڪندي لفظن جا گُلدستا کنيو بيٺي آهي. پوءِ اُهي ڪراڙ ڪنڌيءَ تي مٽيءَ سان سُتل ڀٽائي ۽ ايازُ هُجن، يا سنڌ جي سرحدن کان هميشه لاءِ جَلاوطن ٿي ويندڙ اُتم، مالهي يا هَري دلگير هُجن.

    اَڃان سنڌ ڇالئه نهارين ٿي واٽون
    هو مالهي، اُتم ۽ هري ڪونه ايندو.
    *
    مٽي موهن تنهنجي، ڇونه هِتي پهتي.
    *
    علي بابا ۽ ڪوٽڙي، ڌرتي جَمالو
    *
    ڀَٽي! تُنهنجا يارَ، ڪَڻو ڪَڻو ٿي ويا.
    *
    جيڪو آ تنوير لکيو، سو ٽانڊاڻي جي لاٽَ.
    *
    هڪڙو شيخُ ايازُ، سڏُڪا ساري سنڌُ جا.
    *

    ٽُٽل تسبيحَ جي داڻن جيان ڪڻو ڪڻو ٿي ويل، سنڌ جي انهن خوبصورت هيرن جون تصويرُون، ادل سومري جي شاعريءَ جي البم ۾ لفظن سان مَڙهيون پيون آهن. رُڳو ايترو ئي ڇو، ادل سومري جا ڪيترائي بيتَ اياز جي تخليقن جي عنوانن کي امر ڪيون بيٺا آهن. اهو سندس شاعريءَ جو پنهنجي دؤر جي سڀَ کان وڏي شاعر کي عظيم خراج آهي.
    شاعر جي دِل رُڳو لوڪُ ئي نه پر اُهي ماڳ، مڪان به ساري ٿي، جيڪي سندس جيون سفر ۾ ڇانورا بڻجن ٿا، پوءِ اُهي ماڳ مڪان، لوڪ لاءِ مڙيئي شهر ئي هُجن، پر شاعر لاءِ اهي زندهه تمثيلون بڻجي پَون ٿا. ادل سومري جي شاعريءَ ۾ اهڙين تمثيلن جو جا بجا ذڪرُ موجود آهي.

    سکر وانگي آهيان مان
    تُون آن روهڙيءَ جان
    وِچَ ۾ پُل آ پيارَ جي.
    *

    ماضيءَ جا ڪيئي
    لَکيءَ دَرَ تي
    گيتَ لکيل آهن.
    *
    نينهن جبل جي ڇانوَ ۾، ڪوئي يادِ پَيو.
    *
    سون ـ مياڻيءَ جهڙيون شامون، ڪنهن ٿي پَل ڳڻيا
    *
    پيرَ پهاڙي پيچرا، اکيُون ڄڻُ ته اروڙ.

    تحرڪ زندگيءَ جي علامت، رڙ/دانهن دردَ جي احساسَ جو آوازُ، پر جڏهن ماٺ/سانت ئي ديش جو عنوانُ بڻيل هُجي، رُڳو جذبا ۽ احساس ئي نه پر ماحول به موت جيان ٺَري سردُ ٿي ويو هُجي، تڏهن شاعري زلفِ جانان جي پُرخم پيچن مان نڪري موت/ماٺِ جي علامتَ، ٺاريندڙ ٿڌِ جي خلاف مزاحمت جي ميدان ۾ ٽپي پرچار ڪري ٿي ته:

    ٿڌ اڳيئي آهي شاعر گيتَ نه ٿڌڙا ڳاءِ
    ٽانڊن جهڙا لفظ لکي تُون جذبن کي گرماءِ.

    ٽانڊن جهڙا لفظ لکي ڪو مَچُ مَچائي، ٻارڻُ ٻاري. ادل سومري جي شاعريءَ ۾ تحرڪُ جي اُن محرڪِ جي ڪَمي جيتوڻيڪ محسوس ٿئي ٿي، پر آڌيءَ رات اونداهيءَ ۾ پرين جي ڪَنن ۾ ڪيل سَرٻاٽ ۽ سرگوشيون به ڪڏهن ڪڏهن سُتل ماحول جاڳائي ڪُهاڙيون اُڀيون

    ڪري ٿيون ڇڏين. پيارَ واري ان سرگوشيءَ ۾ ادل سومرو توريل تڪيل آهي.

    گُم ٿيڻ جو آهي خطرو اهڙي گھاٽي جھنگَ ۾
    تُنهنجي وارن ۾ گھُمي پوءِ آڱريُون سوچڻ لڳيون.

    *
    رُڳو تُنهنجي خاطر تُنهنجي گھرَ جا ڀاتي
    سَڀئي مُون سڏايا جنم ڏينهنَ تي.

    *
    وَري پارِ توکي ئي وڃڻو آ سُهڻي
    هُو ميهارُ توڏي تَري ڪونه ايندو.

    *
    ڪينَ ٿي مونکان سگھيو ڪو فيصلو
    ريلَ تُنهنجي شهرَ مان گُذري ويئي.

    *
    تُهمتُن کان ڇو لنوائين ٿو پَيو
    پارسائي ڪين ٿي ايڏي ٺَهي.
    *

    شاعر عشق جي استعاري کي جيتوڻيڪ بغاوت بڻائي ڪين سگھيو، پر سندس شاعريءَ جي Out Line ئي پيار مان جُڙيل آهي.

    مان ته تُنهنجي پيار ۾ ويڙهــيو پَيو آن.
    ڄڻُ ته ڪنهن هُٻڪار ۾ ويڙهيو پيو آن.
    *
    پيارُ مُنهنجو جي نَديءَ جهڙو نه هو
    ساٿُ تُنهنجو به پَکيءَ جهڙو نه هو.
    *
    پيارَ کان جي ڌارَ آهي شاعري
    سا به ڪهڙي يارَ آهي شاعري.
    *
    مايا ڏي ســـنسارَ جو رستو
    پنهنجو آهي پيارَ جو رستو.
    *
    ويهين صَدي، جنهن جي ڪُکِ ۾ ٻن وڏاندرين جنگين جي زخمن سان گڏوگڏُ سندس جسم تي جابجا نسلي، مَذهبي ۽ علاقائي جنگين جا چَهڪَ چمڪندڙَ هُئا، تنهن ايڪهين صَديءَ کي ورثي ۾ انهن اڻَ حل ٿيل جھيڙن/جنگين جي تاريخ سان گڏوگڏ مشينن جي انسانن تي فتح جو پئي پراڻو نه ٿيندڙ اُهو دُکُ پڻ ورثي ۾ منتقل ڪَيو، جنهن ٽِي.ايس ايليٽ کان The Wasteland لکرايو ته ڪافڪا کان The Castle ۽ ڪاميو کان Outsider. انساني قَدرُ وڃائجي وڃڻَ وارو نوحو ۽ فرد جي ازلي تنهائي وارو عذابُ، Automization واري ايڪهين صَديءَ جي فنڪار وٽ پڻُ جيئن جو تيئن منتقل ٿيو. Automization واري دؤر رُڳو ماڻهو ڪُهيندڙ هٿيارَ ۽ بم ۽ بارود ئي نه خلقيا، جن انساني وُجود کي پَئي ناسُ ڪيو، پر هُن E-media وَسيلي اهڙو رنگين شهر کَڻي گھرَ جي ڊرائينگ رُوم ۾ آباد ڪيو،

    جو انساني سماج ۾ سماجي رشتن جي پُراڻي جوڙجَڪ جي سموري ترتيبَ ئي بدلجي وئي. ان سماج جي اُن بدليل سٽاءَ ۾ ’دولت‘ دنيا جي سڀَ کان مَٿاهين قدر طور پنهنجي سُڃاڻپَ ڪَرائي ۽ اُن سان گڏُ دوستي، فنُ، پيار، محبت وارا سمُورا قدر کوٽي سِڪي جيان بي مُلهيا ٿي ويا. انساني تاريخ جي ان الميي تي شاعر جي ماتم ڪَدي کان وڌ ڀَلا ٻي ڪهڙي جاءِ هوندي، جِتي نُوحه خواهي به ڪَجي ته فضا روڄُ راڙو نه، پر اُن ۾ انسان جي نَئين مستقبل جا خُواب پڻ هُجن ٿا.

    ڪهڙي به عنوان سان لڳي، جنگ فقط ۽ فقط انسان ماسُ کائڻ ڄاڻيندي آهي. تازو دهشتگرديءَ خلاف جنگِ جي نعري هيٺِ جا دهشتگردي مچائي، انساني ماس جي قيمت تي پنهنجي ڪاروباري جنسَ کي مُلهائتو بنائڻ واري ڊرامي تان نقاب رهَڙي اُڇلائيندڙ شاعر کين پنهنجي نثري نظم ”اسان آسمان جو رنگ تبديل ڪرڻ ٿا چاهيون“ ۾ وڌيڪ وائکو ڪري، کين لفظن جي آئيني آڏو بيهاري ٿو ڇڏي.

    کين سمجهايو ته
    معتبر شخصيتن جا
    پُتلا ساڙڻُ
    ۽ عظيم مُلڪن خلاف ڳالهائڻ
    دهشتگردي آهي.

    ۽ اهڙي دهشتگرديءَ خلاف، جنگ جوٽيندڙن وَٽ مرندڙن لاءِ فقط اِهي دلاسا آهن ته،

    هڪ ڏينهن مرڻو، سڀني کي آهي
    پر اسان ڪوشش ڪنداسين ته
    مرڻ وارن جو تعدادُ
    روئڻ وارن کان وڌي نه وَڃي.

    جيتوڻيڪ نثري نظم سنڌي شاعريءَ ۾ اڃان گھڻي مقبول صنفَ ٿي نه سگھي آهي، پر مون کي ادل سومري جي پابند شاعريءَ وانگر سندس نثري نظمن وارو ڀاڱو به سگھارو لڳو آهي. ”مائرون فقط روئڻ لاءَ هونديون آهن.“ سنڌ جي اُن جاگيردارانه ڪلچر، رتُ ۾ ڳاڙهن ڪُهاڙين، مرندڙ، ڦٿڪندڙ ۽ بي ڪَفنيون دفن ٿيندڙن جي وچ ۾ غيرتَ واري راند جو بَظاهر ريفري نظر ايندڙ، پر اصل ۾ آرگنائيزر ’سردار‘ جنهنجي بادشاهيءَ جو سِجُ شايد سنڌ تان ڪڏهن لٿو ئي ناهي، ان ڪردار جي مڪروهيت، جا جرڳن جي بازار ۾ اڃا وڌيڪ مڪروهه ۽ غليظ ٿي پَوي ٿي، ها، انهن سردارن جي واتَ ۾ ڌَپَ نه ٿيندي آهي ۽ نه ئي کين اوچا ڳاٽَ پسند آهن. ها، پَر اِهوو به طئي آهي ته جيستائين سردار لاءِ دارُ جُڙي راسِ نٿو ٿئي، تيسيتائين ڳوٺ جُون مائرون روئنديون ئي رهنديون. سندس نظم، ’نئون ناچُ‘ ان ئي منظر نامي جو هڪ ٻيو ايڪٽ ٿو لڳي، جنهن ۾ گدڙ خوف، ڊپ جي علامت بڻجي ظاهر ٿئي ٿو. نظم ’ورثو‘ ايڪٽ ٽيون، ساڳي سنڌُ ..... ساڳيو ئي ڊرامو. ’زينب مارڪيٽ ۾ رکيل گَجُ‘ سرمايه دار دُنيا جي نئين ناٽڪ، گلوبلائيزيشن جي ٻوٿَ تي هڪَ ڀرپُور چَماٽَ، جنهن ۾ پورهيت جي پورهئي کان ويڳاڻپ جي مُلهه تي ڪٿيل جنس، دُنيا جي مارڪيٽ ۾ گھڻي مَهانگي ۽ پورهيو گھڻو سستو آهي. انهن سڀني نثري نظمن ۾ ادل سومري جي سُڃاڻپ Soft لهجي واري Semi Romantic شاعر بجاءَ زماني جي نبض شناس جيان ٿئي ٿي، جيڪي فقط روڳ جو پَتو ڏيڻ ئي نٿا ڄاڻين پر اُن جي سببن کان پڻ

    واقف آهن. عام، ڪڏهن ڪُهاڙو ڪڏهن ڪاتُ بڻجي؟ ان جا امڪانَ سندس نثري نظمن مان ضرور پَسي سگھجن ٿا.

    ادبي سَماجي مــــيڙن ۾ هڪ ريت هلي آ هاڻِ
    هرڪو ماڻهو پاڻ ڪري ٿو پنهنجي ئي واکاڻ.
    *
    علم وارن جي ادبي مـيڙن ۾
    مسخرن جون صدارتُون آهن
    *
    توکي جو تـــمغو ملـــــيو سرڪار کان
    سو ڪَوي! تُنهنجي خوديءَ جهڙو نه هو.
    *

    پٻن تي بيهي قداور بڻجَڻُ، مهمانِ خاص ۽ صدارتُن جا بيج پائي اسٽيج تي ڊگھيون ڪرسيون والارڻ لاِءِ ٺونٺيون هَڻي اڳتي نڪرڻ، چاپلوسيءَ جي هُنر ۾ معراجُ ماڻي سرڪاري تمغن جي وُصوليءَ واري وهنوار سان سجايل ادبي ماحول ۾، هن شاعر جي خود شُناسي ۽ خود اعتمادي واري گُڻ کي ساراهڻ ۾ ڪنجوسي ڇو ڪجي، جيڪو چَوي ٿو:

    شعر برابر سِڪا ناهن پوءِ به آهيون ڌنوان
    *
    ڪَوتا جي ڳولا ۾ ٿياسين مُرڪ ـ نگر کان دُور
    ڏات اسان تي ڇانوَ نه ڪَئي پَر نانوَ ٿيا مشهور.
    *

    سوچَ مُسافر وانگر پنهنجي ڪَوتا مارَڳ رُڃَ
    ڪيڏا گيتَ رچيا سي پو ڀي آهــي اُهائي اُڃَ.
    *

    توڙي جو شاعر انهن سِٽُن ۾ ڪَسرِ نفسيءَ کان ڪَم ورتو آ، پَر پاڻَ پڏائڻ واري خوشفهميءَ جي ڀيٽ ۾ اِهي سِٽُون وري به معتبرائپَ رکن ٿيون.
    صائب ... فارسي شعر جو ترجِمو آهي ته :
    (صائبُ چوي ٿو ته: شعر جي حُسن کي ٻه شيون ڀڃي مَروڙي رکن ٿيون: هڪڙِ، ناشناس جي تعريفَ ۽ ٻي، سُخن شُناسَ جي خاموشي!)
    مان نه سُخن شُناس شاعرن جي قطار ۾ بيٺل ۽ نه ئي دانشوري جي ريس جي شَريڪ. اهو مُهاڳُ لکڻ وارو ڪُڻو مُنهنجي نالي ڪيئن نڪتو سو ادل سومرو ئي ڄاڻي، ها پر هڪ پڙهندڙ جي حيثيت ۾ (پڙهندڙ، جيڪو ليکڪ وٽ عالمي ادب ۾ ڪنهن به وڏي نقاد کان وڌيڪ معتبرائپَ ماڻي ٿو) ادل سومري جي شاعريءَ جي پرکَ ڪندي، آخري لفظن طور اهو ضرورُ چوندس ته انساني جذبن جي آڌار تي، انساني زندگيءَ جي تصوير ڪَشيءَ جي بيانَ ۾ ادل سومري جي شاعري، ڪنهن ڳُوڙهي دانشورانه اظهار بجاءِ، سادو عوامي لهجو رکي ٿي، سُونهن جي رهبريءَ ۾ سندس ڪَوتا جو سفر، دانشورن جي ٽيبل تي بحث هيٺِ اچي نه اَچي، سنڌ جي ڳلين، گھِٽين مان گُذرندو هڪ عام ماڻهوءَ جي دل ۾ ديرو ڪرڻ جا سڀيئي سامانَ رکي ٿو ۽ جا شاعري ڪتابَن کان دلين تائين سفر ڪري ڄاڻي، اُن جو سرجيندڙ پوءِ

    ڇونهَ چَوي ته:

    فنڪار اسين آهيون
    هُٻڪارَ اسين آهيون.

    وايون، گيت، غزل هي آهن شاعري جا تحفا

    امر سنڌو
    ڄامشورو، سنڌُ


    دوها ۽ بيت

    دوها

    شعر برابر سڪا ناهن، پوءِ به آهيون ڌنوان،
    ڪوئل ڪنهن لئه ڳائي ٿي، سو ڇاسمجھن نادان.

    پنهنجا خواب فقيرن جهڙا چَتيون چَتيون ويس
    دردن جي ڪوهيڙي ۾ آ ڌنڌلو سارو ديسُ.

    پيارُ ورهائي پريت نپائي ٿيڻو آ انسانُ
    جيسين واگھُه اندرَ ۾ جاڳي تيسين مان حيوان.

    دنيا جي نظرن ۾ سستا، سچا سڀُ جذبا
    وايون گيت غزل هي آهن شاعر جا تحفا.

    سوچَ ته آهي گهرو ساگرُ جنهن جو انتُ نه پارُ
    پنهنجي ئي تخليق تي ويٺو سوچي سرجڻهارُ.

    ڪوتا جي ڳولا ۾ ٿياسي مُرڪ ـ نگر کان دُور
    ڏات اسان تي ڇانوَ نه ڪَئي پر نانوَ ٿيا مشهور.

    پيرين اُگھاڙي پنڌِ ويو پئي، ڪنهن نه سُڃاتو پيارُ
    جسمن جي چانڊوڪي ڳولي مايا جو سنسارُ.

    وقت آهي وارياسو سپُنو پنهنجا گھايل نيڻَ،
    ڪنهن کان خُوابَ اُڌارا گُهربا ويڙهي ويندا ويڻَ.

    ادبي سماجي ميڙن ۾ هڪ ريت هلي آ هاڻِ
    هرڪو ماڻهو پاڻ ڪري ٿو پنهنجي ئي آکاڻ.

    روڊ ڪناري سُمهندڙ ماڻهو روز لهن ٿا خُوابَ
    ڏُک جي سرحد ويجھو آهن مُرڪن جا ته گُلاب.

    ٿڌِ اڳيئي آهي شاعر ٿڌڙا گيتَ نه ڳاءِ
    ٽانڊن جهڙا لفظ لکي تون جذبن کي گرماءِ.

    سوچ مُسافر وانگي پنهنجي ڪَوتا مارڳُ رُڃَ
    ڪيڏا گيت رچيا سي پو ڀي آهي ساڳئي اُڃَ.

    هٿُ هٿن ۾ هوندو پنهنجو ويجھو ايندو ماڳُ
    تنها مُشڪل آهي گُذارو جيون پنڌُ اُجھاڳُ.

    تُنهنجن پيرن تائين منهنجي پيارَ جو آهي دنگُ
    ڌرتي تنهنجيءَ چُنريءَ جو هان آءٌ به هڪڙو رنگُ.

    باکَ ڦُٽيءَ جو لات پکين جي ٽلين جو آواز
    ماڪَ پنن تي گيت چَپن تي واءُ وڄائي سازُ.

    ڪوهيڙي ۾ ديپَ ٻَرن ٿا اچڻين آهين تون
    ڇيرون پائي شام نچي ٿي توکي ساريو مون.

    اکڙين مان تو گُل هو اُڇليو مُنهنجي جھوليءَ ۾
    منهنجي مَنَ جو ٻارُ نچيو هو ڄڻُ ڪنهن هوليءَ ۾.

    اجرڪَ جي ڦُلڙيءَ ۾ جيڏي هوندي آهي اَڇاڻ
    منهنجي منَ ۾ اهڙو اُجرو پيارُ اوهان جي ڪاڻِ

    مان جي آهيان وڻُ ته آهين تون ئي منهنجي ڇانوَ
    پيارُ ته آ ڀڳوانُ انهيءَ جا ڪهڙا ڪهڙا نانوَ.

    راتِ رُني هُئي تنها ڪڪري ڇوڙي پنهنجا وارَ
    پکي به جاڳيا پن به جاڳيا جاڳي پيا ها ڏارَ.

    سمُنڊَ ڪنارا چنڊ ستارا دلبر جون نظرون
    پيرن کي ڪِتڪايون پائن ريشم جان لهرون.

    برکا رُتَ ۾ تنهنجو جوڀن ڄڻُ ڪوئي طوفانُ
    نينهن نديءَ ۾ منهنجي ٻُڏڻَ جو آهي ٿيو امڪان.

    رڳَ رَڳَ ۾ آ راڳ سمايل منهنجو روحُ رُبابُ
    ڳاءِ ته بَنَ ۾ باهه لڳي ڪا مونسان ڪر نه حجابُ.

    منهنجي مَن جون ڇوليون تولئه ساگرَ ڏيندءِ ساکَ
    اوسيئڙي جي روز ڦُٽي ٿي منهنجي اکين ۾ باکَ.

    جَنمن تائين جيئرو رهندو تنهنجو منهنجو پيارُ
    تو ڪاڇَي جي ڪُونجَ ته آهيان مان تنهنجو هالارُ.

    تنهنجي اُماڻيل ڪارڊ تي آهي چَپن جو نيشانُ
    منهنجا چَپَ انهيءَ تي پهچي ڪيڏو ٿيا حيران.

    اُڻي اُماڻيو تو جو آهي سوئيٽر پيار منجھان
    اُن کي تنهنجي هٿڙن جو مان سپُنو ٿو سمجھان.

    ساريون مُرڪون ميڙي تُنهنجي دَرَ تي آءٌ رکان
    توڏي ايندڙ دردَن سان مان رستي تي ا ٽڪان.

    پاڻَ هٽي وئي دَريءَ تان ۽ رکي وئي گُلدانُ
    هر گُلَ ۾ هن جو ئي چهرو ڏسندي مان حيرانُ.

    نيروليءَ جي پُٽَ کي پاتل نيرو آهي ويسُ
    تُنهنجا نيڻَ به نيرا آهن نيرو پيارَ جو ديسُ.

    تو بن هر ڪا محفل ڀاسي مونکي ٿي بنواسُ
    تَنَ تي سهڻا ويس ته آهن پرَ آ رُوح اُداسُ.

    تنهنجون يادون جيونَ بنَ ۾ مونکي ٿيون رولِن
    جوڳي بڻجي گيت هي منهنجا توکي ئي ڳولن.

    پيار سِوا هي جيون سارو هڪڙو دوکو آ
    درد مليو جو دلبر کان سو درد انوکو آ.

    تون جي ايندين مُرڪي پوندي منهنجي گھايل شامَ
    شام اندر ۾ اوتي ويندي محبت وارا جام.

    پيار ۾ ڪهڙي هارَ اوسائين پيار ۾ ڪهڙي جيتَ
    تُنهنجي پيرَن ۾ ته رکيا مون پنهنجا سارا گيت.

    سانجھي ٿي آ تون به جھُڳيءَ ۾ پنهنجو ڏيئو ٻارِ
    چنڊُ ڪو تنهنجو يارُ ته ناهين تنهن لئه ڪين نهارِ

    سُونهن جي ڪائي سانجھي ناهين سچ به ناهين شام
    پيار پکيئڙو گھايلُ توڙي اوچي آهي اُڏامَ.

    سپُنا ڏيندءِ ساک ته منهنجي تولئه آهي ننڊ
    روز اچيو جاڳائن مونکي تنهنجي پيارَ جا گھنڊَ.

    ڪيڏو پنڌُ ڪري مان پُهتس تنهنجي دَر اچي
    تو پَر ڪين سُڃاتو مونکي نڪتو ساھُ سَچي.

    تون به زماني وانگر نڪتين تون به نه سمجھيو پيارُ
    منهنجو هَرهڪ جذبو ٿيو آ تو وٽ ئي سنگسارُ.

    تو بِن دل اسان جي ٿي ڄڻ خالي ڪو گُلدانُ
    ڦُول کسي وئي دنيا ٿي پيو رُوح به ريگستانُ.

    روز ڪري ٿو کيڏَ نَوان هي پنهنجي مَن جو ٻارُ
    جيئن رُسون ٿا پاڻَ ۾ پيارا تيئن وڌي ٿو پيارُ.

    امُن جو جھنڊو اوچو هر هنڌ محبت جا ملهار
    هانءٌ نه شل ماڻهوءَ جو ڪاٿي هيسائن هٿيار.

    شينهن جيان آ وقت سدائين نئون پُراڻو سالُ
    مسڪينن جو ساڳيو آهي هرڻيءَ جهڙو حالُ.

    نفرت جي اوندهه جا رهندا ڪٿي نه هاڻي پارَ
    گھٽيون اسان جون روشَن رهنديون ڪُڏندا گڏجي ٻارَ.

    سکڻي شهرت خاطر ماڻهو ڪيڏو پاڻُ پتوڙي ٿو
    سچُ نه آيو سمجھه ۾ هن کي ڪُوڙ پُٺيان پيو ڊوڙي ٿو.

    جو نه سُڃاڻي ڪڏهن سگھيو اُلفت جو اُهڃاڻُ
    پاپي مَن کي مندر ۾ ڀي ڪيئن ملي ڪلياڻُ.

    پنهنجي مَن کي تيرٿ ڪر تون پنهنجي تندُ تپاءِ
    سارا روڳَ اندرَ مان اُڇلي محبت کي ڏي جاءِ.

    ٻارُ گھِٽيءَ ۾ روئي ٿو پيو ان کي تون پرچاءِ
    دينَ ڌَرم جي ڌاڳن ۾ تون اُلجھين ٿو ڇالاءِ.

    ڳوٺُ به جاڳي وڻَ به جاڳن، جاڳن ٿا ڌاڙيل
    ڪيڏو آهي ڊَپُ هَوا ۾ ٿڙڪن ٿا رابيل.

    راتِ رُلي ٿي رستن تي ۽ واءُ اُڏاري پَنَ
    سرديءَ ۽ ورديءَ جي ڊَپَ کان هيسيل هيسيل مَن.

    گھاوَن جهڙا ديپَ جَلي پيا شام ڀريا سُڏڪا
    نانگن وانگي ويا وڪوڙي تنهنجا ئي اُلڪا.

    سارُوڻين جي راتِ ٻَري آ مَن ۾ آتشدانُ
    تنهنجو پيارُ اچي ڪو بڻجي برفاني طوفانُ.

    ڌنڌُلا عڪس اکين ۾ تنهنجا ٽيڙن جي ٽم ٽم
    ذهن منهنجي تي صدا رهي ٿي يادُن جي رمجھم.

    مايوسين جي مند هَلي وئي هاڻ نه ڪِٿ هيڊاڻ
    هيل ته ڦهلي آهي پنهنجي ڳوٺن ۾ ڳاڙهاڻ.


    درازن جا دوها

    تون ٿو سوچين ذهن تي پائي هڪڙي ننڍڙي ليڪَ
    توکي سمجھه ۾ ڪيئن اچي پو سچل جي تخليق

    ماڳُ فقيري دُور انهيءَ کان اوندھ جو اسٿانُ
    اکَر اکَر ۾ اُلجھي پَئي ٿو قاضيءَ جو ايمانُ.

    دل جي ڌرتي ساري ڌوئي اهڙو عشَق اُجار
    جيڪو ڀي اظهار ڪرين تون سوئي بڻجي پيارُ.

    تُنهنجي هستي سَستي پَستي مايا تي مستانُ
    سچل جي واديءَ ۾ ايندو عشق وارو انسان.

    مُلان، پنڊت، گُروءَ جو آهي اڻپورو وشواسُ
    رُتبن کي ٺڪرائي ڪر تون سچل جو اڀياسُ.

    جڏهن درازن ۾ ڪاتاريون گُل هڻي گُذرن
    گيڙو رنگ جا پوپٽ عاشق آتڻ ۾ اُڏرن.

    مستيءَ مان آلاپي ويٺو راڳي موٽڻ شاھ
    مينهوڳيءَ ۾ مُرڪي پئي هُئي سچل جي درگاھ.

    سچل جي ساڃاھ جي ڪڏهن ٿيڻي نه آهي مات
    فتوى جي خنجر سان زخمي ٿيندي ناهي ڏات.

    سڀَ کي آڇي پيارُ اهڙي آ سچل جي ٻولي
    تُون به درازن آءُ ڀري وَڃُ گُلن سان جھولي.

    دل جي کڙڪي کُلي پوي ۽ گھُلي ڪا ٿڌڙي هيرَ
    يڪتاري جي تندُ تپائي سچَلُ ڳاءِ فقير!


    تنوير عباسيءَ جي ياد ۾

    ميرواهه جا وڻَ پُڇن ٿا
    (تنوير عباسيءَ جي ياد ۾)

    پوپٽ جهڙيون ڳالهيون جنهن جون گُلڙن جو اندازُ
    ٻُرندي ٻُرندي ماٺِ ويو ٿي ڪوئي سُريلو سازُ.

    کُليل رهيو جو سڀني لئه سو بندِ ويو ٿي دَرُ
    ڪيڏو اُداسُ لڳي رهيو آ ”سرمَدَ جو هي گھَرُ“

    هُونئن ته هر ماڻهوءَ جو آهي پنهنجو پنهنجو مانُ
    مِيرن واري شهر ۾ مشڪل تو جهڙو انسانُ.

    تنهنجون هي ساديون تخليقون اُجرا ڄڻُ ته پکي
    تُنهنجا شعر پڙهڻ سان پرچَي رُٺَل يارَ سَکي.

    موتئي جهڙو ماڻهو جنهن جو پيارَ نگرَ ۾ پيرُ
    گُلن سان گَڏُ جنهن چاهيو ٿي ڪَنڊن جو به خيرُ.

    ڪڪرن جهڙيون سارُون تنهنجون ڇانوَ سمُورا گَسَ
    ڪيڏا تون تنوير ڇڏي وئين ڏاهپَ وارا ڏَسَ.

    سونَ مياڻيءَ جهڙيون شامون ڪنهن ٿَي پَلَ ڳڻيا
    موکيءَ جي وارن جا گجرا تُنهنجا گيت بڻيا.

    جيڪي آ تنوير لکيو سو ٽانڊاڻي جي لاٽَ
    سارا رستا ردِ ڪري هن پنهنجي ورتي واٽَ.

    سارُوڻين جي سمنڊ مان آئي منَ تي وير چڙهي
    ”رڳون ٿيون رُبابُ“ او سائين تُنهنجا گيت پڙهي.

    توکان پوءِ ساٿي ويڳاڻا هرڪو ٿيو دلگير
    مير واھَ جا وَڻَ پُڇن ٿا ڪاڏي ويو تنوير.


    بيت

    سستن ڪتابن جو آ، صدر ۾ ميلو
    ۽ هو اڪيلو، کيسي کي جانچي پيو.

    رات سنڌوءَ ڀَرِ تان، سکرُ لڳو ايئن
    سُهڻو گھوٽ جيئن، موڙَ ٻڌي ويٺو هُجي.

    ويهي وَڻَ جي ڇانوَ ۾، مُوڙا ٿو ٺاهي
    هُن جي گھُرَ ڇاهي، دال وٽي ٻه مانيون.

    ٻُهاري رستن تي، ڦيري ٿي جمنا،
    اُنهيءَ جا سپُنا، ڌنڌلا ٿي ويا ڌوڙ ۾.

    بلُ رکي ٽيبل تي، سوچي ائين بيرو
    ڇا پڻُ هي ڀيرو، خالي ويندو ٽپِ کان.

    نَشي ڪارڻ ڪيترا، رُلي ٿو رستا
    ڪيڏا ڪاڳرَ تور ۾، هُن جا هِن سستا
    پوءِ به هُن ورتا، پئسا پُڙيءَ واسطي.

    سرڪاري پلاٽَ تي، جوڙيل ڪچا گھَرَ
    گھُمي بلڊوزر، سڀُ سُمهاريا پَٽَ تي.

    راتِ رُناسين پاڻَ ۾، ٻاهر وٺو مينهن
    ڏينهن ٿيو ته نينهن، پڌرو ٿي پيو پنهنجو.

    ڏيهاڙي ٿا ڪيترا، مونڏي خطَ اچن
    اکيون پرَ ڳولن، تُنهنجي ئي تحرير کي.

    پکي بڻجي پيارُ، ويٺو وَڻَ وُجود تي
    سارو هي سنسارُ، هاڻِ ته پيارو ٿو لڳي.

    شعر پڙهندي اوچتو توسان نيڻَ مليا
    وسري لفظ ويا، مون کان سڀُ اظهار جا.

    جڏهن به گھرَ ۾ فون جي گھنٽي آهي وَڳي
    مُنهنجي دلِ ڀڳي، تُنهنجو سَڏُ سمجھي ڪري.

    پُهچي پرينءَ گھاٽَ تي، اکيون پُوريائين
    ۽ پوءِ ڏٺائين ساڌو ٻيلي ۾ سانوري.

    منهنجي اندرَ ۾ ڄڻُ لهرون نچن ٿيون
    ڊوڙيو اچڻ ٿيون، يادُون ٻيڙين وانگيان.

    پيارَ سِوا او پادري! ديول ۾ دُونهون
    اڃان اَسُونهون، تون آن انهيءَ واٽ کان.

    توکي ڳوليندي پرين، وکري ويس آنءُ
    تُنهنجو مُنهنجو نانءُ، ملي ويا پاڻَ ۾.

    اکيون پٿَرُ ٿيون، ڏسندي تنهنجي واٽ
    گھاٽَ گھاٽَ تي لاٽَ، پيارَ پکيڙي روشني.

    جي تون سمجھين ٿي، سُونهن سراسر سَچُ
    پوءِ ته اوري اَچُ، ڪهڙو پيارُ پَري جو.

    جي تُون سمجھين ٿي، سُونهن سراسرَ سَگھهَ
    پوءِ انهيءَ جا اَگھهَ، ڪٿيئه ڪهڙي ڳالهه کان.


    ڪيڏا ڏينهن گُذاريا، توسان گڏجي مون
    پوءِ به آهين تون، ساڳي مون لئه اوپِري.

    سَدائين شوڪيس ۾، بند نه رهندو ڪرَ
    تُون به ڪنهن جي دَرِ، وڃُ ته ڪو توڏي اچي.

    نيٺ اُڏوهي لڳندي، تنهنجي ڪُرسيءَ کي
    تڏهن پوءِ توکي، ياد پَوندي دوستي.

    گيتن کي گھوڙو ڪري ڇو ٿو ڊوڙائين
    متان هارائين، شُهرتن جي گوءِ ۾.

    *مٽي موهن تنهنجي، ڇو نهَ هِتي پُهتي
    ڪوٽڙي سُڏڪي، سڀني کان پيئي پُڇي.

    *موهن ــــ موهن ڪَلپنا

    علي بابا ۽ ڪوٽڙي، ڌرتي، جمالو
    ساڳيو حَوالو، ٻنهي جو هَر جاءِ تي.

    هاڻِ نه گڏجاڻيون اُهي، هاڻِ نه ساڳيا پارَ
    *ڀَٽِي! تُنهنجا يارَ، ڪَڻو ڪَڻو ٿي ويا.

    تُنهنجي سارَ سِوا، سالُ ويو گُذري
    ورسي وئي وسري، تُنهنجن يارن کان ڀَٽِي!

    *ڀَٽِي ـــــــ رشيد ڀَٽِي


    ٿَــرَ ۾ سوڪهڙو

    آڱريون اُڀيون ڪري، نينگريون ڊوڙيون
    ڪڪريون ٻوڙيون، سَڏُ سُڻن ئي ڪينَ ٿيون.

    ٿاريليءَ جو جنڊُ، ”داڻو داڻو“ ٿو چوي
    مايوسين جو منڊُ، ڪيسين رهندو ديسَ تي.

    روٽيءَ ڌاران رُڃَ، چهرا چؤنرن ڀرسان
    ڪڏهن لهندي اُڃَ، وارياسي وُجودَ جي.

    واريءَ ۾ ويڙهي، ٿوهَر ٿا آڇين
    جذبا ٿا ماپين، ڏائڻ جهڙا ڏينهڙا.

    مُهراڻيءَ مان موٽيا، اُڃارا مهمان،
    پهرَ هُئي ڪانه، اونڌا گھَڙا اوطاقَ ۾.

    ننڊَ نگر کان دُور، ننگر جون هي نينگريون
    سپُنا ڀَڳَل ڪينگريون، سُڪلَ کوههَ اکين جا.

    اڄُ به پوڙهيءَ آ کنئي، پاڻيءَ آکاڻي
    اکين ۾ پاڻي هرَ هرَ هُن کي ٿو اچي.

    وڻَ وڍيندڙ ڪيترا، پوکيندڙ ٿورا
    ڀونءِ مٿان ڀورا، ڇانوَ وڃي ٿي کسڪندي.

    چَرَن ڪيئن چارو، سُڪيون سڀُ وليون
    ڍڳن جون ٽَليون، ڄڻُ ته روئن ٿيون پيون.

    منهنجي حصي جو تون، مونکي ڏي پاڻي
    ڪُوڙي آکاڻي، اُڃَ اُجھائي ڪين ٿي.

    اڃان به اتهاسَ جا، هيڻن سان راڱا
    ڀاڳين جا ڀاڱا، ڏاڍا کائي ٿا وڃن.

    همت ۽ ڪُجھه حوصلو، ماروئڙا مسڪين
    سدا رهنديون ڪين، هي وطن جون حالتون.


    نينهنَ جَبلَ جي ڇانوَ ۾

    نينهنَ جَبلَ جي ڇانوَ ۾، ڪوئي يادِ پيو،
    جنهن هو ڪالهه چَيو: ”دل ۾ تون ئي ٿو وسين.“

    چهري تي ماٺار ۽ مَنُ سڄو ڦاڪُون
    ڪاش سمجهين تون، نينهن جَبلَ جي دردَ کي.

    چيو نينهنَ جبلَ، مونکي هڪڙي شامَ
    ”سمنڊ کي سلامَ، سومرا! ساري ڏجانءِ.“

    پيرَ پهاڙِيءَ پيچرا، اکيون ڄڻُ ته اروڙ،
    ڊوڙ اڃان ڀي ڊوڙُ، محبوبن جي ماڳ ڏي.

    ديويءَ جي مندرَ مان پوڄاري نڪتو
    ساڳيو ئي رستو، ويو پَئي مسيت ڏي.

    گھايلَ ڪائي دانهن، ڪنهن جا ڪالههَ ڪئي
    اڄُ به گُونجي پَئي، گھٽين منجھه اروڙ جي.

    ساروڻين جا دل تي، گھوڙا ٿا ڊوڙن
    مون کي ٿا ٻوڙن، سپُنا نيري سَمُنڊ ۾.

    ڌُوڙ سڄي تاريخ جي، چهري تي آهي
    ڏاهو ڪو ڊاهي، ڪارنهن ان ڪتابَ جي.

    مينهن پُڄاڻان ٻارڙا، سڪا ٿا ڳولن
    پکي ٿا ٻولن، گيتُ ڪوئي اتهاسَ جو.

    روهڙي سوڙهي آ، دل نه سوڙهي ڪَرِ
    عشق اچئي جي دَرِ، ان جي ڪر تون آجيان.

    ويهي ڀِٽَ اروڙ تي، ڀٽيءَ* پئي سوچيو
    ڪيڏو يَرَ ڀوڳيو، پنهنجي دُکي ديس آ.

    لٿو سِجَ اروڙ ۾، سوچيندي توتي
    شام وئي اوتَي، گيڙو رنگ اکين ۾.

    * نينهن جبلُ ـــ اروڙ جو مشهور تاريخي جبل
    * رشيد ڀٽي ـــــ مشهور اديب ۽ ڪهاڻيڪار


    مُرڪيو ڀٽَ ڌڻي

    ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“، گونجي ٿو آواز
    هڪڙو شيخ اياز، سُڏڪا ساري سنڌُ جا.

    ”واٽون ڦُلن ڇانئيون“، اکين اوسيئڙا
    هئه هئه جوڳيئڙا، ڪهڙي پارِ هليا ويا.

    ڪڏهن ساحل تي هُئين، هاڻ نه آهين تون
    ”سانجھيءَ سمنڊَ سِپون“ ، گھايلُ سجُ ٻُڏي ويو.

    ”ڪَپر ٿو ڪُنَ ڪري“، اندرَ ۾ ڇوليون
    ڏوليون ئي ڏوليون، ڪانڌي تنهنجي ڪنڌ تي.

    ”اُڀر چنڊُ پسُ پرين“ سُتو آهي جو
    اُنهيءَ جو سُڏڪو اڃان جاڳي ٿو پيو.

    ”گھاٽ مٿان گھنگھور گھٽا“، ۾ بيدل ٿو ڳائي
    هرڪو لڪائي، ڳوڙها ٿو پنهنجا اُگھي.

    ”ڪتين ڪَرَ موڙيا جڏهن“، توکي مون ساريو
    ۽ پوءِ گُذاريو، صُبح تائين جاڳندي.

    ڪڪرين جي ويسَ ۾، ڪَوتائون ڇانئيون
    ”وڄون وسَڻَ آئيون“، وَري اڄُ ڪراڙَ تي.

    او مِٽيءَ جا ميتَ! تون به ته نيٺ سُمهي پئين
    ”الوداعي گيت“، سُڏڪن ۾ ويا ويڙهجي.

    ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿَڪُ مسافر“ ، باقي ٿورو پنڌُ
    سڀَ کان سهڻو هنڌُ، پاڙو آهي پرينءَ جو.

    ڪنهن لئه واجھائي پيو، ”راج گھاٽَ تي چنڊُ“
    سارو ننڍو کنڊُ، ويڙهيل آهي ننڊ ۾.

    ”جڳُ مڙيو ئي سپُنو“ ، انُ ۾ پيارُ ورهاءِ
    جوڙ نه اهڙي جاءِ، جنهن ۾ پلجن نفرتون.

    ”ڇوليون ٻوليون سمنڊَ جون“ ، جي نه سمجھين ٿو
    پوءِ ته چئبو تو، ڪڏهن پيارُ ڪيو ناهي.

    پيارَ جي ڳولا ۾ ٿو، ”ڀونر ڀري آڪاس“
    مُرڪ نه آئي راس، هُن کي ڦولن وچ ۾.

    ”چنڊَ ڳليون“ ، هي ڪيترون ۽ مان اڪيلو
    توسان ٿئي ميلو، ڀَلُ ته اونداهيون هُجن.

    تُون آئين ته دل جي، ”رڻَ تي رمجھم“ ٿي
    دَري دَردن جي، بندِ اسان لئه ٿي وئي.

    ”هينئڙو ڏاڙهونءَ گُل جيئن“ ، تو سنگ آهي ٽڙيو
    ڇو آ لوڪُ چڙيو، پرين پنهنجي پيارَ تي.

    ”تُون ڇَپرُ تُون ڇانوَ“ ، تُون ئي منهنجو آسرو
    پرين تُنهنجو نانءُ، ٻيو ڪُجھهُ گھرجي ڪين ٿو.

    ”پتڻُ ٿو پُور ڪري“ ، تولئه ناکُئا!
    تنهنجا سڏَ هُئا، الائي ڪهڙي گھاٽَ تي.

    ”اڪن نيرا ڦُليا“ ، ويرانيءَ ۾ واءُ
    آءُ مُسافر آءُ، ٿَر ۾ تولئه ٿرٿلو.

    ”ڪُلهي پاتم ڪينرو“ ، تنهنجي وئي کان پوءِ
    ڇڏيم پنهنجي لوءِ، نڪتسُ تنهنجي پوئتان.

    سُڏڪا ۽ آهون، ”جھُڙ نيڻئون نه لهي“
    سنڌُ سڄي دانهون، ڪوي! تنهنجي موتَ تي.

    ”سَرَ لوهيڙا ڳڀيا“ ، راتيون تنهائي
    علڻَ جي وائي، ڦَٽَ اُڊيڙي ٿي ڇڏي.

    ويون وڪوڙي ڪيتريون، مونکي ”ننڊَ وليون“
    توسان ڪين سَليون، جاڳي دل جون ڳالهيڙيون.

    ساڌٻيلي جي شامَ، ۽ ”ڪنڌيءَ ڪناري ناوَ“
    نيڻن جا هي جامَ، ڇُلڪيا ڪنهن جي سارَ ۾.

    ”ڪُونجون ڪَرڪَن روههَ تي“ ، آءٌ به ائين اُداسُ
    تو بن راتِ اُماس، توڙي ڪيئي روشنيون.

    ”هرڻ اکي ڪيڏانهن؟“ ، چؤڏس شڪاري
    سنڌڙِي ويچاري، آهيڙين جي اکِ ۾.

    ”ٽڪڙا ٽُٽَل صليب جا“ ، گھايل پنهنجا خوُاب
    اونداهين جا بابَ، پُورا ٿيندا ديسَ جا.

    ٽڙنديون هي ٽاريون وري، ”پن ڇڻ پُڄاڻان“
    موسمَ جا ماڻا، مٽيءَ سان رهندا ائين.

    ”لڙيو سِجُ لڪن ۾“ ، پنهنجو ٿَڪُ کَڻي
    مُرڪيو ڀِٽَ ڌَڻي، ڏسي شيخ اياز کي.

    ڪيڏا اڄُ ڪراڙ ۾، ”جَر ڏيئا جھُمڪن“
    ويٺا ڳالهيون ڪن، شاههُ، ايازُ پاڻَ ۾.

    ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“، گونجي ٿو آواز
    هڪڙو شيخ اياز، سُڏڪا ساري سنڌُ جا.

    ”واٽون ڦُلن ڇانئيون“، اکين اوسيئڙا
    هئه هئه جوڳيئڙا، ڪهڙي پارِ هليا ويا.

    ڪڏهن ساحل تي هُئين، هاڻ نه آهين تون
    ”سانجھيءَ سمنڊَ سِپون“ ، گھايلُ سجُ ٻُڏي ويو.

    ”ڪَپر ٿو ڪُنَ ڪري“، اندرَ ۾ ڇوليون
    ڏوليون ئي ڏوليون، ڪانڌي تنهنجي ڪنڌ تي.

    ”اُڀر چنڊُ پسُ پرين“ سُتو آهي جو
    اُنهيءَ جو سُڏڪو اڃان جاڳي ٿو پيو.

    ”گھاٽ مٿان گھنگھور گھٽا“، ۾ بيدل ٿو ڳائي
    هرڪو لڪائي، ڳوڙها ٿو پنهنجا اُگھي.

    ”ڪتين ڪَرَ موڙيا جڏهن“، توکي مون ساريو
    ۽ پوءِ گُذاريو، صُبح تائين جاڳندي.

    ڪڪرين جي ويسَ ۾، ڪَوتائون ڇانئيون
    ”وڄون وسَڻَ آئيون“، وَري اڄُ ڪراڙَ تي.

    او مِٽيءَ جا ميتَ! تون به ته نيٺ سُمهي پئين
    ”الوداعي گيت“، سُڏڪن ۾ ويا ويڙهجي.

    ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿَڪُ مسافر“ ، باقي ٿورو پنڌُ
    سڀَ کان سهڻو هنڌُ، پاڙو آهي پرينءَ جو.

    ڪنهن لئه واجھائي پيو، ”راج گھاٽَ تي چنڊُ“
    سارو ننڍو کنڊُ، ويڙهيل آهي ننڊ ۾.

    ”جڳُ مڙيو ئي سپُنو“ ، انُ ۾ پيارُ ورهاءِ
    جوڙ نه اهڙي جاءِ، جنهن ۾ پلجن نفرتون.

    ”ڇوليون ٻوليون سمنڊَ جون“ ، جي نه سمجھين ٿو
    پوءِ ته چئبو تو، ڪڏهن پيارُ ڪيو ناهي.

    پيارَ جي ڳولا ۾ ٿو، ”ڀونر ڀري آڪاس“
    مُرڪ نه آئي راس، هُن کي ڦولن وچ ۾.

    ”چنڊَ ڳليون“ ، هي ڪيترون ۽ مان اڪيلو
    توسان ٿئي ميلو، ڀَلُ ته اونداهيون هُجن.

    تُون آئين ته دل جي، ”رڻَ تي رمجھم“ ٿي
    دَري دَردن جي، بندِ اسان لئه ٿي وئي.

    ”هينئڙو ڏاڙهونءَ گُل جيئن“ ، تو سنگ آهي ٽڙيو
    ڇو آ لوڪُ چڙيو، پرين پنهنجي پيارَ تي.

    ”تُون ڇَپرُ تُون ڇانوَ“ ، تُون ئي منهنجو آسرو
    پرين تُنهنجو نانءُ، ٻيو ڪُجھهُ گھرجي ڪين ٿو.

    ”پتڻُ ٿو پُور ڪري“ ، تولئه ناکُئا!
    تنهنجا سڏَ هُئا، الائي ڪهڙي گھاٽَ تي.

    ”اڪن نيرا ڦُليا“ ، ويرانيءَ ۾ واءُ
    آءُ مُسافر آءُ، ٿَر ۾ تولئه ٿرٿلو.

    ”ڪُلهي پاتم ڪينرو“ ، تنهنجي وئي کان پوءِ
    ڇڏيم پنهنجي لوءِ، نڪتسُ تنهنجي پوئتان.

    سُڏڪا ۽ آهون، ”جھُڙ نيڻئون نه لهي“
    سنڌُ سڄي دانهون، ڪوي! تنهنجي موتَ تي.

    ”سَرَ لوهيڙا ڳڀيا“ ، راتيون تنهائي
    علڻَ جي وائي، ڦَٽَ اُڊيڙي ٿي ڇڏي.

    ويون وڪوڙي ڪيتريون، مونکي ”ننڊَ وليون“
    توسان ڪين سَليون، جاڳي دل جون ڳالهيڙيون.

    ساڌٻيلي جي شامَ، ۽ ”ڪنڌيءَ ڪناري ناوَ“
    نيڻن جا هي جامَ، ڇُلڪيا ڪنهن جي سارَ ۾.

    ”ڪُونجون ڪَرڪَن روههَ تي“ ، آءٌ به ائين اُداسُ
    تو بن راتِ اُماس، توڙي ڪيئي روشنيون.

    ”هرڻ اکي ڪيڏانهن؟“ ، چؤڏس شڪاري
    سنڌڙِي ويچاري، آهيڙين جي اکِ ۾.

    ”ٽڪڙا ٽُٽَل صليب جا“ ، گھايل پنهنجا خوُاب
    اونداهين جا بابَ، پُورا ٿيندا ديسَ جا.

    ٽڙنديون هي ٽاريون وري، ”پن ڇڻ پُڄاڻان“
    موسمَ جا ماڻا، مٽيءَ سان رهندا ائين.

    ”لڙيو سِجُ لڪن ۾“ ، پنهنجو ٿَڪُ کَڻي
    مُرڪيو ڀِٽَ ڌَڻي، ڏسي شيخ اياز کي.

    ڪيڏا اڄُ ڪراڙ ۾، ”جَر ڏيئا جھُمڪن“
    ويٺا ڳالهيون ڪن، شاههُ، ايازُ پاڻَ ۾.

    * ڏنگين ۾ شيخ اياز جي ڪتابن جا نالا آهن.


    غزل

    سُونهن تنهنجو عظمتون ساڳيون رهيون

    سُونهن تنهنجو عظمتون ساڳيون رهيون
    عاشقن لئه تهمتون ساڳيون رهيون.

    گُلَ سڀئي مغرور توڙي ٿي ويا،
    پوپٽن جو چاهتون ساڳيون رهيون.

    جي رهيا خوددار تن لئه ديس ۾
    ٺوڪرُون ۽ ذلتون ساڳيون رهيون.

    ڪيتري تبديل دُنيا ٿي وئي
    پنهنجي گھرَ جون حالتون ساڳيون رهيون.

    رُوپ ڌاريو جن هتي شيطان جو
    تن بندن لئه نعمتون ساڳيون رهيون.

    دل ويچاري وئي مَڃي منهنجو چَيو
    پرَ اکين جون عادتون ساڳيون رهيون.

    ٿي وئي رُسوا جھُڳي منهنجي مگر
    تُنهنجي گھَرَ جون حُرمتون ساڳيون رهيون.


    هُن ٿي ڏٺو دَريءَ کان ۽ مينهن ٿي وسيو

    هُن ٿي ڏٺو دَريءَ کان ۽ مينهن ٿي وسيو.
    بيٺو رهيس اُتي مان ۽ مينهن ٿي وسيو.

    ان کان وڌيڪ ڪهڙو مون لئه عذابُ هوندو
    گُذري وئي هو ڀرسان ۽ مينهن ٿي وسيو.

    تُون مان هياسين تنها ۽ چؤڏس هُيون هَوائون
    پن ٿي ڇڻيا وڻن تان ۽ مينهن ٿي وسيو.

    ٿوري ته ڳالهه هئي تون ناراض ٿي وئين
    موٽيس مان تو وٽان ۽ مينهن ٿي وسيو.

    هڪڙو ئي لفظ توکي مون فون تي چيو
    آئينءَ تون جَل پريءَ جيان ۽ مينهن ٿي وسيو.

    ڪي دردَ ها جي دل تي حملو ڪري ها آيا
    گڏجي رُنس مان توسان ۽ مينهن ٿي وسيو.


    پيارُ منهنجو جي نَديءَ جهڙو نه هو

    پيارُ منهنجو جي نَديءَ جهڙو نه هو
    ساٿُ تُنهنجو ئي پَکيءَ جهڙو نه هو.

    مورَ جو کنڀُ مون اکين تي هو رکيو
    پرَ اهو تنهنجي سَڳيءَ جهڙو نه هو.

    شهر وارو گھرُ ڪُشادو هو ڀلو پرَ
    ڳوٺ ۾ پنهنجي جھُڳيءَ جهڙو نه هو.

    مون فقيري رُوپ ڌاري هنئي صَدا
    ڏانءٌ تنهنجو پرَ سَخيءَ جهڙو نه هو.

    توکي جو تمغو مليو سرڪارِ کان
    سو ڪَوي! تُنهنجي خوديءَ جهڙو نه هو.

    بس ائين ئي لوڪَ سان ڌِڪجي ويا سي
    حالُ پنهنجو نئين صَديءَ جهڙو نه هو.

    سومري جو مانُ ۽ نالو ته هو پَر
    پير ۾ تُنهنجي جُتيءَ جهڙو نه هو.


    گُلُ ٽاريءَ مان ڇِني پوءِ آڱريون سوچڻَ لَڳيون

    گُلُ ٽاريءَ مان ڇِني پوءِ آڱريون سوچڻَ لَڳيون.
    سازَ جون تارُون ڇُهي پوءِ آڱريون سوچڻَ لَڳيون.

    تنهنجي مُورت ۾ اڃا ڪُجھه رنگُ هو رهجي ويو
    بُرشُ ڪاوڙ مان ڀَڃي پوءِ آڱريون سوچڻَ لَڳيون.

    تو لکيو ڇاهي اُنهيءَ ۾ بَس اُها هُرکُر رَهي
    ڊائري تنهنجي کڻِي پوءِ آڱريون سوچڻَ لَڳيون.

    دردُ جي ناهي ته پو هي پيارُ ڇا ۽ سُونهن ڇا؟
    خُوابَ خوشين جا اُڻي پوءِ آڱريون سوچڻَ لَڳيون.

    بي سبب هي ڪاڳرن تي ڇا نه ڇا لکجيو وڃي
    پين سان گڏجي ڊُڪي پوءِ آڱريون سوچڻَ لَڳيون.

    ڊَپَ جي ڪنهن ولِ اندر ناهي ڦُٽو گُلُ سچَ جو
    ڪوڙ ڏي ٿورو کڄي پوءِ آڱريون سوچڻَ لَڳيون.

    گُم ٿيڻ جو آهي خطرو اهڙي گھاٽي جھنگَ ۾
    تنهنجي وارن ۾ گھُمي پوءِ آڱريون سوچڻَ لَڳيون.

    زندگي توکان سوا ڀي مان گُذاري ٿو سگھان
    خط ۾ جملو لکي پوءِ آڱريون سوچڻَ لَڳيون.


    پيارَ کان جي ڌار آهي شاعري

    پيارَ کان جي ڌار آهي شاعري
    سابه ڪهڙي يار آهي شاعري.

    لفظُ هرڪو هُن جو نالو ٿو لڳي
    ڄڻُ پرينءَ جي سارَ آهي شاعري.

    ٽهڪَ ۽ خوشبو ورهائي ۽ ڪڏهن
    دردَ جي دستارَ آهي شاعري.

    سُونهن آهي زندگيءَ جو سازُ ڪو
    ۽ اُنهيءَ جي تارَ آهي شاعري.

    من اندرَ ۾ گھاوَ ڏيندي ٿي وڃي
    ڪا ڳُجھي تلوارَ آهي شاعري.

    يادِ جا پنڇي اچي جنهن تي لُڏن
    سا گُلن جي ٽارَ آهي شاعري.

    هونئن ته ساري لوڪَ کان ويندي کَٽي
    حُسن آڏو هارَ آهي شاعري.


    سارَ تنهنجي اچي پوءِ ٻُڏي ٿي وڃي

    سارَ تنهنجي اچي پوءِ ٻُڏي ٿي وڃي.
    دل ته منهنجي نچي پوءِ ٻُڏي ٿي وڃي.

    تون جي آهين ته آهي اها عاشقي
    تون وڃين ٿي ته سَچي پوءِ ٻُڏي ٿي وڃي.

    تنهنجي نيڻن جو سانوڻ جڏهن ٿو وسي
    دل جي بستي ڪچي پوءِ ٻُڏي ٿي وڃي.

    عشق آتش فشان دل ننڍو ڳوٺڙو
    آسَ هرڪا پَچي پوءِ ٻُڏي ٿي وڃي.

    ڪوڙَ جو سمنڊ جنهن پَل ٿو اُٿلي پوي
    ڳالهه هر ڪا سچي پوءِ ٻُڏي ٿي وڃي.

    تنهنجي اکڙين جا ڇُلڪن جڏهن جام ٿا
    دل جي صراحي ڪچي پوءِ ٻُڏي ٿي وڃي.


    جي دلين ۾ روشني آهي اڃان

    جي دلين ۾ روشني آهي اڃان.
    دوستين ۾ روشني آهي اڃان.

    پيارَ جا ناتا سُڃاڻي ٿيون سگھن
    ڪُجهه اکين ۾ ۾ روشني آهي اڃان.

    ڪوبه آکيرو نه ٿيو مايوس آ
    جو پکين ۾ روشني آهي اڃان.

    آهي ديرو پيار وارن جو جِتي
    تن گھٽين ۾ روشني آهي اڃان.

    راههَ پنهنجي راتِ ڪيئن روڪي سَگھي
    ڏِسُ ٻنين ۾ روشني آهي اڃان.

    ڏُک ڏيئن جان ٻَرن ٿا صبح شام
    جھُوپڙين ۾ روشني آهي اڃان.


    تو سِوا مون کي لڳيون سڀُ اوپريُون

    تو سِوا مون کي لڳيون سڀُ اوپريُون
    شهرَ تنهنجي جون گھٽيون سڀُ اوپريُون.

    ڪوبه چهرو ڪين ٿو پنهنجو لڳي
    لفظ لهجا ۽ اکيون سڀُ اوپريُون.

    ڪين ڀُلجي ڀي نهاري ٿو ڪڏهن
    اُلفتون مون ڏي وڌيون سڀُ اوپريُون.

    ساٿُ اوندھ آ ڏنو هر موڙَ تي
    ٿيون حياتيءَ ۾ بتيون سڀُ اوپريُون.

    ڍنڍَ ٿي مونکان پُڇي مان ڪير هان
    ڳوٺ رستا ۽ ٻنيون سڀُ اوپريُون.

    دوستن جا دَرَ سڀئي خاموش ها
    پرَ کُليون مون لئه دَريون سڀُ اوپريُون.

    ڳوٺ اجڙيل ۾ گُذاريم زندگي
    رونقون مون لئه رهيون سڀُ اوپريُون.

    شاعري مونکي سُڃاڻي ڪين ٿي
    ڄڻُ سٽون آهن لکيون سڀُ اوپريُون.


    جيڪو سمنڊَ سُڏڪي لهرن تي لکيو هو

    جيڪو سمنڊَ سُڏڪي لهرن تي لکيو هو.
    اُهو گيتُ ٻيڙين ڪپَرَ تي لکيو هو.

    اوهان آڳ ٻاري جشن هو ملهايو
    اسان دردُ پنهنجو اڱَر تي لکيو هو.

    اُڃايل چپن جو هُيو ذڪر جنهن ۾
    هوائن سو نوحو ڪڪرَ تي لکيو هو.

    پرين تنهنجي پيرن جي هيٺان اچي جئن
    تڏهن نانءٌ تنهنجي پڌر تي لکيو هو.

    الڳ راءِ رکندڙ هيو هڪڙو ڏاهو
    اُنهيءَ سَچُ پنهنجو زهر تي لکيو هو.

    ”ناهي گھرجَ تنهنجي اچڻَ جي هتي“
    تو مون لئه ڇو پنهنجي درَ تي لکيو هو.

    هتي جوتِ منهنجي آهي ڪهڙي ڪم جي
    اهو جملو ڏِيئَي قبر تي لکيو هو.

    مونکي دوست جيئرن ۾ ڳڻجو نه هاڻي
    تُنهنجي موتَ جي مون خبر تي لکيو هو.


    ڪنهن سَمي ساهن ۾ هڪڙي سانوري هوندي هُئي

    ڪنهن سَمي ساهن ۾ هڪڙي سانوري هوندي هُئي.
    خوابَ ها پاڳل سڀيئي دل چَري هوندي هُئي.

    هُن جي آڏو استعارا سڀُ هوندا ها شرمسار
    هن جي گھرَ ۾ ڄڻُ ته ٻانهي شاعري هوندي هُئي.

    هُوءَ اکين سان هُئي ڪندي منهنجي سَدائين آجيان
    لوڪَ آڏو ظاهري پرَ اوپري هوندي هُئي.

    ڪوبه سُڏڪو درُ نه ٿو ڀُلجي ڪڏهن دل جو ٽَپي
    اڳُ ته نيڻن جَل هُئا جو جَل پَري هوندي هُئي.

    واءُ ۾ رابيلَ جي مهڪار نچندي هُئي جڏهن
    اوچتو پوندي کُلي هُن جي دَري هوندي هُئي.

    هاڻي لکندي ڇو الائي آڱريون سوچن پيون
    وقت هو جو مَسُ قلم ۽ ڊائري هوندي هُئي.

    زندگي مونکي مُنجھائي ڪين هئي ڪنهن پَل سگھي
    سُونهن جي مون کي سدائين رهبري هوندي هُئي.

    موڪلائڻ کان سواءِ ئي هُوءَ جڏهن ويندي هُئي
    سا گھَڙي جيونَ جي ڄڻُ ڪا آخري هوندي هُئي.


    اوهان جي اچڻ تي بتيون خُواب ٿيا ها

    اوهان جي اچڻ تي بتيون خُواب ٿيا ها.
    گُلن جون اوهان لئه پَتيون خُواب ٿيا ها.

    جڏهن پائي گَجرا اڱَڻَ ۾ سُتينءَ تون
    تڏهن منهنجا تارا ڪَتيون خُواب ٿيا ها.

    ننگي پيرين جيونَ اسان کي ڊُڪايو
    مگر ڏينهن تَتي جو ڇِتيون خُواب ٿيا ها.

    سڄي رات نيڻن ۾ ٽانڊا ٻريا ٿي
    چِکيا تي جليا جي سَتيون خُواب ٿيا ها.

    جڏهن تون ڌڪاريون ته پيرن ۾ تنهنجي
    سڀئي منهنجا اُجرا رَتيون خُواب ٿيا ها.

    اسان جي اُميدن جي ڦاٽل وڳي تي
    ٿوري وقت لئه ڄڻُ چَتيون خُواب ٿيا ها.

    جڏهن ڄارَ اوندھ وطن ۾ اُڻيا ٿي
    تڏهن پوءِ اسان جا بتيون خُواب ٿيا ها.


    سُونهن وارا دور ٿيندا پي ويا

    سُونهن وارا دور ٿيندا پي ويا.
    ڄڻُ سهارا دُور ٿيندا پَي ويا.

    تنهنجون ٻانهون منهنجي لئه ڇوليون هيون
    پـــــــــر ڪنارا دُور ٿيندا پَي ويا.

    ريلَ جي کڙڪين منجھان هُن ڳوٺ جا
    سڀُ نظارا دُور ٿيندا پَي ويا.

    تو ڏٺو ٿي پيارَ مان مون کي جڏهن
    دردَ سارا دُور ٿيندا پَي ويا.

    لُڙڪ نيڻن ۾ اچي مُرڪڻَ لڳا
    يارَ پيارا دُور ٿيندا پَي ويا.

    هُو ٿَري ڪيڏو نه ٿيندو ويو اُداس
    ڪڪر ڪارا دُور ٿيندا پَي ويا.


    سومرا! هي توکي ڇا آ ٿي ويو

    سومرا! هي توکي ڇا آ ٿي ويو.
    هر اکر تنهنجو خطا آ ٿي ويو.

    جنهن کي جوڙڻ ۾ لڳا ڪي ورهيه ها
    لفظ هڪڙي سان ڳڀا آ ٿي ويو.

    منهنجي جذبن جا سَدا ڏيئا اُجھيا
    تنهنجو لهجو ڇو هَوا آ ٿي ويو.

    مان آهيان اُن شعر وانگي دوستو
    قافيو جنهن کان جُدا آ ٿي ويو.

    هُو ڪڏهن هو معتبر ڪوئي ڪتاب
    هاڻي رَديءَ جا پَنا آ ٿي ويو.

    ڇوڪري تنهنجي اکين جي شهر ۾
    شخص هڪڙو لاپتا آ ٿي ويو.

    تنهنجي دُوري دل ۾ خنجر ٿي هڻي
    هي وڇوڙو ڄڻُ سزا آ ٿي ويو.

    ايترو ڀوڳيو آ هُنجو هاڻِ هُو
    دردَ جي ڪائي ڪَٿا آ ٿي ويو.


    منهنجي منَ ۾ زلزلا ڇو ٿي ڪرين

    منهنجي منَ ۾ زلزلا ڇو ٿي ڪرين.
    تُون اکين سان حادثا ڇوٿي ڪرين.

    مان ته بڻجي وڻُ نهاريان واٽ ٿو
    دير تون ايڏي هَوا ڇوٿي ڪرين.

    پيار ۽ سائنس جو ڪهڙو واسطو
    تُون تجربا ايترا ڇوٿي ڪرين.

    ڪين جي ڪنهن سان نڀائي ٿي سگھين
    واعدن کي تون ڳڀا ڇوٿي ڪرين.

    هي ته آهي پاڻ ٻن جو مامرو
    تُون ٻين سان هي ڪَٿا ڇوٿي ڪرين.

    آڱريون ڪُجھه پاڻَ ۾ ڳالهيون ته ڪَن
    تون انهن کي ائين جُدا ڇوٿي ڪرين.

    گھارِ تنها ڪُجھه ڏهاڙا اي نَدي
    تون پکين جا آسرا ڇوٿي ڪرين.

    دردَ وانگر پيار ڀي ڀرپُور ڏي
    اُلفتُن ۾ مرحلا ڇوٿي ڪرين.


    دوستيءَ کي روشني سمجھي اسان

    دوستيءَ کي روشني سمجھي اسان
    ڪلهه وياسين راههَ ۾ رُلجي اسان.

    پيار واري شهر ڏي ويندي سَڄڻَ!
    ڪين پوندا سين ڪڏهن ٿڪجي اسان.

    هُو ويا سڀُ هيڪلو مون کي ڇڏي
    ڄڻُ وياسين ساٿَ مان ڪٽجي اسان.

    زندگي توسان نڀايون ٿا اچؤن
    هونئن ويا هُون دردَ ۾ لَٽڪي اسان.

    هُن ڪَئي مُرڪي سڀن جي آجيان
    پر وياسين ميڙَ مان رهجي اسان.

    تون نه ٿو چاهين ته پو تو وٽ پرين!
    ڪين اينداسين ڪڏهن ڀُلجي اسان.


    ساڌُو ٻيلي جو پوڙهو ساڌُو سوچي ٿو

    ساڌُو ٻيلي جو پوڙهو ساڌُو سوچي ٿو.
    وڻَ ٿا سوچن آخر ڇا هو سوچي ٿو.

    آءٌ ته ان ۾ پاڻَ ئي اٽڪڻُ ٿو چاهيان
    تُنهنجي اکين جو ڇالئه جادو سوچي ٿو.

    خواب اسان جا رستي ۾ ڪيئن ٿَڪجي پيا!
    راهوڪيءَ ۾ فاضل راهُو سوچي ٿو.

    ڪنهن به ڪم جي مون لئه ناهي آزادي
    منهنجو هينئڙو تو وٽِ قابو سوچي ٿو.

    ماڻهوءَ جي دل واقعي گھَرُ خُدا جو آ
    پنهنجي شاعريءَ تي اڄُ باهُو سوچي ٿو.

    منهنجي گھٽين ۾ گھُمندو هو اُستاد ڪڏهن
    ياد ڪري ماضِيءَ کي دادُو سوچي ٿو.

    تُنهنجي سُونهن جون سينگاريُون ڪيئن ڦاسائي
    منهنجي مَن ۾ ويٺل گھاتُو سوچي ٿو.


    هوءَ ته سڀُ ڪجُهه ڄاڻي ٿي

    هوءَ ته سڀُ ڪجُهه ڄاڻي ٿي.
    پوءِ ڇو درد اُماڻي ٿي.

    اهڙي اڳُ ۾ ڪانه هُئي
    جهڙي آهي هاڻي ٿي.

    هيکل جندڙي هُن کي ساري
    خوابن کي پئي واڻيَ ٿي.

    تون جو ناهين، دنيا سائين
    تيرَ اسان تي تاڻي ٿي.

    چانڊوڪيءَ جي لهرَ هوا ۾
    تُنهنجون يادون آڻي ٿي.


    حاويليءَ ۾ هڪڙي چولي ڦَٿڪي ٿي

    حاويليءَ ۾ هڪڙي چولي ڦَٿڪي ٿي.
    شايد اُن ۾ ڪائي پِرولي ڦٿڪي ٿي.

    ڪوئل پاڻُ الائي ڪاڏي اُڏري وئي
    وڻَ تي پو ڀي ان جي ٻولي ڦَٿڪي ٿي.

    سانجھيءَ ڌاري ٿَڪل شڪاري سَرهو آ
    ڍنڍَ پکين جي اُجري ٽولي ڦَٿڪي ٿي.

    اَڄُ به سُتل آ جَکرو پنهنجي بنگلي ۾
    دروازي تي خالي جھولي ڦَٿڪي ٿي.

    سمنڊ جا نيرا نيڻَ اُڃارا ڀاسِن ٿا
    ٿَر جي منَ ۾ ڄڻُ ڪا ڇولي ڦَٿڪي ٿي.

    ڪاريءَ جو آواز اُجھامڻ وارو آ
    رائيفل جي ناليءَ ۾ گولي ڦَٿڪي ٿي.

    محبوبن جا ڍنگَ بدلجي ويا آهن
    *سچل تنهنجي هاڻِ گھڙولي ڦَٿڪي ٿي.

    * سهڻي يار دي گھڙولي ڀردي هان............... سچل


    پيارَ جي اتهاسَ ۾ ڀوڳيان پيو

    پيارَ جي اتهاسَ ۾ ڀوڳيان پيو.
    ڄڻُ صدين جي تاسَ ۾ ڀوڳيان پيو.

    ويجھڙن کان دل پري ٿيندي وڃي
    اڻَ ڏٺن جي آسَ ۾ ڀوڳيان پيو.

    هَر خوشي خنجر هڻي ٿي آس کي
    دردَ جي بنواسَ ۾ ڀوڳيان پيو.

    بي سبب توکي روئاري مون ڇڏيو
    هاڻِ ان احساسَ ۾ ڀوڳيان پيو.

    تنهنجي نيڻن ۾ جو هي مهراڻ آ
    مان انهيءَ جي پياسَ ۾ ڀوڳيان پيو.

    دُور ڌرتيءَ کان رهڻ جي هي سزا
    اجنبي آڪاسَ ۾ ڀوڳيان پيو.


    جِتِ ڪتابُ آ رکيو اُتِ گُلاب آ رکيو

    جِتِ ڪتابُ آ رکيو
    اُتِ گُلاب آ رکيو.

    تو اکين جي ڇانوَ ۾
    ڇو حجاب آ رکيو.

    مون گُناهه پوکيا
    تو ثوابُ آ رکيو.

    بي سُرن جي ديس ۾
    تو رُبابُ آ رکيو.

    مان ڪيان ٿو پيار ۽
    تو حسابُ آ رکيو.

    زندگيءَ ۾ توسوا
    بَس عذابُ آ رکيو.


    ڪيسين دردَ پنهنجي دلين ۾ دُکايون

    ڪيسين دردَ پنهنجي دلين ۾ دُکايون.
    اوهان کي نه سائين! ته ڪنهن کي ٻُڌايون.

    نه ڏيئو آ روشن نه ڪَکُ پَنُ بچيو آ
    هوائن اسان سان ڪيون هِن ڀلايون.

    شرابن ۾ وهنتل اوهان جا غزل هِن
    مٽيءَ هاڻيون آهن اسانجون هي وايون.

    اسان پنهنجي ڀاڳن جون هيسيل هي هرڻيون
    زماني جي بگھڙن کان ڪيسين بچايون!

    تنهنجو نانءُ اُچارڻ عبادت اسانجي
    سِوا ذڪر ان جي گھڙيون سڀُ اجايون.

    اهو عِشق آهي حجابن کان اڳتي
    آهي پيار توسان، ڀَلا ڇو لڪايون.


    پڙهيون مون ته آهن گھَڻن جون ڪهاڻيون

    پڙهيون مون ته آهن گھَڻن جون ڪهاڻيون.
    هَوائُن ٻڌايون وَڻَن جون جون ڪهاڻيون.

    مُسافر کي رستي جي مِٽيءَ ٻُڌايو
    پنهوارن، ڌنارن، ڌڻن جون ڪهاڻيون.

    گُلابن جي مند ۾ اُڃايل رهيا جي
    ٻڌايون انهن ئي چپن جون ڪهاڻيون.

    نٿي دل مڃي جو اوهان سان ڪجن ها
    اوهان کان ئي مليل ڦٽن جون ڪهاڻيون.

    تُون ڏاٽن، هَرن ۽ جنڊن کان پُڇي ڏسُ
    لڦُن سان سجايل هٿن جون ڪهاڻيون.

    اسان پنهنجو ورثو نه سانڍي سگھياسين
    فخر سان ڪيون ٿا وڏن جون ڪهاڻيون.

    سَدا اُڀُ آهي ستارن سان مُرڪيو
    ۽ ڌرتيءَ جي دل ۾ دُکن جون ڪهاڻيون.

    منهنجي حياتيءَ ۾ باقي بچيون هِن
    اوهان جي اُماڻيل خَطَن جون ڪهاڻيون.


    زندگي ٻيو ڀي گھڻو ڪُجھه چاهي ٿي

    زندگي ٻيو ڀي گھڻو ڪُجھه چاهي ٿي.
    ڇا ٿيو جو هُوءَ تُنهنجي ناهي ٿي.

    ڄڻُ ته آهيان مان مٽيءَ جي مُورتي
    پاڻَ ٺاهي پاڻَ ئي هُوءَ ڊاهي ٿي.

    اڳُ ته اهڙي ڪانه هُئي هُوءَ سانوري
    بي رحم هاڻي ڀلا ڇو آهي ٿي.

    ڪنهن کي ڊاهڻَ جا ارادا ٿي رکي!
    روزُ جو هُوءَ پاڻَ کي ائين ٺاهي ٿي.

    پيارَ جو هي ڪرشمو آهي جو هُوءَ
    پاڻَ کان وڌ ڪنهن ٻئي کي چاهي ٿي.


    بادَل جي دلداريءَ تي

    بادَل جي دلداريءَ تي.
    ٿَري سُمهي پيو واريءَ تي.

    ڪين رهيو ويساهه وڻن کي
    طوفانن جي ياريءَ تي.

    واهُر بدران بيانَ ڇپيا هِن
    ليکڪ جي بيماريءَ تي.

    ڏاڍو ٿيو افسوس آ مونکي
    سوچَ تنهنجي درٻاريءَ تي.

    پنَ سمورا ٻهڪي پيا هِن
    ڪوئل ويٺي ٽاريءَ تي.


    ساوڻَ جا برساتي سپُنا

    ساوڻَ جا برساتي سپُنا.
    ٿي ويا ڄڻُ گھَر ڀاتي سپُنا.

    ننڊ اڪيليءَ سان ڪمري ۾
    ٻکجي ويا اڌَ راتي سپُنا.

    رات جي ڪارن نيڻن مان
    پائن ٿا پيا جھاتي سپُنا.

    گھايل ويندا نيٺِ ڪَري هي
    ساڀيائن جي ڇاتي سپُنا.

    نيڻن ۾ تيزابُ ڇٽَي ويا
    سُهڻيءَ جا محلاتي سپُنا.

    پاڻَ اچن ڀَلُ پاڻَ اچن
    ڪين کَپن خيراتي سپُنا.

    مون سان ٿي ناراض ويا هِن
    تو وانگي جذباتي سپُنا.


    روشني اونداههَ ۾ گُم ٿي وئي

    روشني اونداههَ ۾ گُم ٿي وئي.
    دوستي ويساههَ ۾ گُم ٿي وَئي.

    سِجَ جي ڪرڻَن منجھان گُذري هَوا
    ڄڻُ ٿڌي وڻراھَ ۾ گُم ٿي وَئي.

    حُسنَ جي ناراضگي ٿي زلزِلو
    عاشقي اوڙاههَ ۾ گُم ٿي وَئي.

    نفرتون هڪ جاءِ تي گڏُ ٿيون جڏهن
    دُشمني هڪَ ٺاههَ ۾ گُم ٿي وَئي.

    ڪيتري معصوم هُئي ۽ بيخبر
    ڇوڪري جا چاههَ ۾ گُم ٿي وَئي.

    ڪو پکي ترسي نه ٿو ڪنهن لام تي
    آشتي ڀڃ ڊاههَ ۾ گُم ٿي وَئي.

    گُلَ فقط اسٽيج تي رهجي ويا
    شاعري ساراههَ ۾ گُم ٿي وَئي.


    وارياسو وڻڪارُ ٿي سمجھي

    وارياسو وڻڪارُ ٿي سمجھي.
    مُرڪي ڏسڻ کي پيارُ ٿي سمجھي.

    مون ڏي ائين نهاري ٿي ڄڻُ
    تاريخي آثار ٿي سمجھي.

    مان ته هيُس مجبور مگر هُوءَ
    محبت جو غدار ٿي سمجھي.

    ڪنهن جي دل ٽوڙڻ کي شايد
    جيون جو وهنوارُ ٿي سمجھي.

    منهنجا لُڙڪ سُڪي ويا آهن
    هُوءَ ڇو تارون تارُ ٿي سمجھي.


    جنهن ۾ سمنڊُ سَمايل آهي

    جنهن ۾ سمنڊُ سَمايل آهي.
    سوئي اندرُ گھايلُ آهي.

    پنهنجي ليکي مُرڪي ويٺو
    شايد هي به ستايلُ آهي.

    راڳي گيتُ ٻڌاءِ نئون ڪو
    هي ته ٻين جو ڳايل آهي.

    سارنگيءَ جي سيني جهڙو
    مون ۾ دردُ سمايل آهي

    چنڊُ تارن جي ڦُلن ڀرسان
    ڄڻُ ڪو ٻارُ بُکايل آهي.

    آءُ ته گڏجي کلي وٺون ٻئي
    هڪڙو ٽهڪ بچايل آهي.

    ٻي ڪنهن سان اڄُ ملڻو ناهي
    پرين اسان وٽِ آيلُ آهي.


    مان تنهنجي پيار ۾ ويڙهيو پيو آن

    مان تنهنجي پيار ۾ ويڙهيو پيو آن.
    ڄڻُ ته ڪنهن هُٻڪار ۾ ويڙهيو پَيو آن.

    ياد ٻيو ڪُجھه ڪين ٿو مونکي رَهي
    تنهنجي ئي مان سارَ ۾ ويڙهيو پَيو آن.

    ٽهڪ تنهنجا ٿو ٻُڌان ڄڻُ ٿو لڳي
    مان ٿڌي وڻڪارَ ۾ ويڙهيو پَيو آن.

    شام جو اچڻي آن تون ۽ مان هتي
    صبح کان سينگار ۾ ويڙهيو پَيو آن.

    ذهن ۾ ڄڻُ نظرين جي جنگ آ
    سوچَ جي سنسار ۾ ويڙهيو پَيو آن.

    آس اڏرڻ جي، پکين جيان هُئي مگر
    حالتن جي ڄارَ ۾ ويڙهيو پَيو آن.

    تُنهنجي ڪاوڙ ڪربلا مون لئه بَڻي
    دردَ جي دستارَ ۾ ويڙهيو پَيو آن.

    ڄڻُ سُڪل ڪنهن نانَ جيان مان تو سِوا
    رديءَ جي اخبار ۾ ويڙهيو پَيو آن.


    شهرَ پنهنجي ۾ هُئي جا زندگي

    شهرَ پنهنجي ۾ هُئي جا زندگي.
    ڪنهن اسان کان سا کَسي سا زندگي.

    روڊ تي لکجي وئي رتُ جي لڪير
    ڪنهن جي کاتي ۾ لکي سا زندگي.

    ڪيترا آهن دُکي شاعر مگر
    گيتَ تنهنجا ئي چون ٿا زندگي.

    ساههَ ۾ ويساههُ ڪيڏو آهي پرَ
    سنڌُ کان پياري ڪَبي ڇا زندگي.

    جنهن ۾ آهي موتَ جو ئي انتظارُ
    سابه سڏبي چَئُه ڀلا ڪا زندگي.

    مان مڃان ٿو خوبصورت آهي مگر
    تو سِوا هيءَ ڇا ڪجي ها زندگي.


    سُونهن جي هڪَ سانوريءَ موهي ڇڏيو

    سُونهن جي هڪَ سانوريءَ موهي ڇڏيو.
    واٽَ ويندي ڪامڻيءَ موهَي ڇڏيو.

    تُنهنجي ڪاوڙ ڀي لڳي پياري مگر
    رنگَ تنهنجي ٽامڻيءَ موهَي ڇڏيو.

    رُوپ سڀُ تخليق جا سُهڻا هُئا
    مون کي پَر تن جي ڌڻيءَ موهَي ڇڏيو.

    نفرتن جي هن وڏي شمشان ۾
    پيارَ جي هڪڙي ڪڻيءَ موهَي ڇڏيو.

    حُسن جي ميلي ۾ ڪيئي جَل پريون
    هُن مگر هڪڙيءَ ڄَڻيءَ موهَي ڇڏيو.

    ڄڻُ ته پيرن سان لتاڙي دل وئي
    هر ادا سان ناچڻيءَ موهَي ڇڏيو.


    کيسي ۾ جي سپُنا ٿَئي

    کيسي ۾ جي سپُنا ٿَئي
    تولئه ڏکيا رستا ٿئي.

    ڏکَ وڇوڙا هي اوسيئڙا
    محبوبن جا تحفا ٿئي.

    تُون ته ويو هُئين خوشين پويان
    ساڳيا دردَ ئي آندا ٿئي.

    تُنهنجون صدائون بي معنى هِن
    رهبر ٻوڙا گُونگا ٿئي.

    ڪيسين گھايل پير ڪندين هي
    اڳيان سمورا پاڇا ٿئي.

    ڇالئه ڳوٺُ ڇڏي ويو آهين
    شهرَ ۾ ڪهڙا پنهنجا ٿئي.

    مُرڪي تو هي پاتا هِن پرَ
    نانگن جهڙا تمغا ٿَئي.

    پنهنجي انا سان دفَن ويا ٿي
    قبرن تي بَس ڪُتبا ٿئي.


    مُنهنجي اکين ۾ پاڻي ڪونهي

    مُنهنجي اکين ۾ پاڻي ڪونهي
    هاني ڪابه ڪهاڻي ڪونهي

    ڪيئن ڇڻي ها دردُ اسانجو
    دل آ پيارا ڇاڻي ڪونهي.

    سارا لفظ کُٽي ويا آهن
    دريائُن ۾ پاڻي ڪونهي.

    تُنهنجو پيارُ مليو جي ناهي
    ڄڻُ ته حياتي ماڻِي ڪونهي.

    مُنهنجي ڪَوتا جوڳياڻي آ
    ڪا شهزادي راڻي ڪونهي.

    آسَ تي جيون گُذري ويندو
    خوابن جي ته پُڄاڻي ڪونهي.


    اوپرن جيان هُوءَ هِتان گُذري وَئِي

    اوپرن جيان هُوءَ هِتان گُذري وَئِي.
    يادِ ڄڻُ ڪا ذهنَ تان گُذري وَئِي.

    سجَ صُبحَ جو دَرُ اچي کڙڪائيو
    راتِ ساري دردَ جيان گُذري وَئِي.

    مون ته واٽون سڀُ نهاريون پَئي مگر
    هُوءَ الائي جي ڪِٿان گُذري وَئِي.

    جنوريءَ ۾ جُون جهڙي ڪا چُمي
    ڄڻُ چپن جي ڀَر منجھان گُذري وَئِي.

    تنهنجي وَئي کان پوءِ ٿيو احساسُ هي
    زندگي ڄڻُ مون وٽان گُذري وَئِي.

    گھوٽَ سان گڏُ ڪارِ ۾ هوءَ ڪامڻي
    ڄڻُ ته منهنجي دل مٿان گُذري وَئِي.

    ڪينَ ٿي مونکان سگھيو ڪو فيصلو
    ريلَ تنهنجي شهرَ مان گُذري وَئِي.


    مون وٽ جا پرڀاتِ ٻَري ٿي

    مون وٽ جا پرڀاتِ ٻَري ٿي.
    اُن ۾ تنهنجي باتِ ٻَري ٿي.

    سڀئي آکيرا روشن آهن
    ڏسُ ته پکين جي لاتِ ٻَري ٿي.

    چنڊُ به شايد ٿڪجي پيو آ
    جوڀن جي اڌَ راتِ ٻَري ٿي.

    گيتُ نه اوندھ ڳڙڪائيندي
    اڃا ته پنهنجي ڏات ٻَري ٿي.

    تُنهنجي سوڀَ اُجھامي ويئي
    ليڪن منهنجي ماتِ ٻَري ٿي.


    مايا ڏي سنسارَ جو رستو

    مايا ڏي سنسارَ جو رستو.
    پنهنجو آهي پيارَ جو رستو.

    ساجَن ڏي جو رستو آهي
    سوئي آهي دارَ جو رستو

    هيءَ به هڪڙي سوڀَ اٿئي
    يارَ لئه وٺجي هارَ جو رستو.

    تُنهنجي آئَي ٿي ويو آهي
    منَ ـ بَرَ ۾ وڻڪارَ جو رستو.

    پٿر ڪنڊا شيشا جنهن تي
    دلبَر جي ديدار جو رستو.

    مُنهنجون ٻانهُون ڦهليل آهن
    تو ورتو انڪار جو رستو.

    تُنهنجو نانءُ رکيل آ اُن تي
    سارو آ هُٻڪار جو رستو.

    عشق سِوا هي کُلندو ناهي
    شاعر لئه اظهارَ جو رستو.


    هي بي رنگ جيون رنگا رنگُ چوليون

    هي بي رنگ جيون رنگا رنگُ چوليون.
    ڏُکن جي ڏَهر ۾ ٿَريلين جُون ٽوليون.

    سياري جُون راتيون اُهي ئي ته ساڳيون
    مگر مَچَ ميڙا نه ڳالهيون پروليون.

    روئي پاڻَ ئي ٻارَ چُپ ٿي سُمهن ٿا
    رهيون يادِ ناهن مگر ڪنهن کي لوليون.

    ڪوئي ٻوٽو پوکڻ وڏي ڳالهه آهي
    هوٽلَ ۾ ڳالهيون ڪرڻُ يارَ سوليون.

    صدين کان سَوالي حَويليءَ جي دَرَ تي
    هي معصوم اکڙيون ۽ خالي ڪي جھوليون.

    وئي آهي گُم ٿي خبرَ ناهي ڪيڏانهن
    اچو مُرڪ پنهنجي اسان گڏجي ڳوليون.

    سَدا مهڪ موتئي جي نچندي رهي آ
    اسان جي اڱڻَ ۾ ڦٽيون ڪيئي گوليون.

    هي ڌرتيءَ جي ٻولي وساري نه ڇڏجانءِ
    ڀلي دوست ڪيئي تون ڳالهاءِ ٻولِيون.

    وڃَي دل اسان جي ٿي رنگين بڻجي
    جڏهن توسان گھاريل اچن يادِ هوليون.

    ”اڃا سمُنڊ پوڙهو ٿيو ڪين آهي“
    ڪناري کي مُرڪي ٻُڌائن ٿيون ڇوليون.


    تو جا اکين سان ڪَئي آ

    تو جا اکين سان ڪَئي آ.
    ڳالهه وڻي سا وَئي آ.

    دل ۾ جاڳي دردُ ٿو
    مُرڪ چپن تي پَئي آ.

    پيارَ جو گيتُ لکي ۽ تون
    هُن کي هٿَ ۾ ڏئي آ.

    چاهتَ، بي رنگ جيون ۾
    رنگَ وکيري وَئي آ.

    ”مونکي ايڏو سارِ نه تون“
    چنڊَ پرينءَ کي چَئي آ.

    جنهن نه مُحبت ڪَئي آ
    تنهن وٽ ساري رَئي آ.


    جي به دردَن جُون ساعَتون آهن

    جي به دردَن جُون ساعَتون آهن
    عشقَ تُنهنجون عنايتون آهن.

    روبَرو دوستيءَ جون دعوائون
    دِل ۾ ڪيڏيون رَقابَتون آهن.

    شُهرَتُن جو سَهارو چاهين ٿو
    عارضي سي به اڏاوَتون آهن.

    تُنهنجي نظرُن مان جي ڪِري پَياسين
    جاتَي ڪاٿَي مَلامتُون آهن.

    ٽهڪ ميلا ۽ هي وڇوڙا ئي
    زندگيءَ جُون عَلامَتون آهن.

    علم وارن جا ادبي ميڙَن ۾
    مسخَرن جون صَدارتُون آهن.

    ڪا خبر ناهي ته ڪِٿي آهين
    تُنهنجون خُوابن ۾ زيارتون آهن.

    هاري مزدور جا ڪيل پورهيا
    ديس! تنهنجون عبادتُون آهن.


    راتِيُون جاڳي دُکندو آهيان

    راتِيُون جاڳي دُکندو آهيان.
    گيتُ تڏهن ڪو لکندو آهيان.

    عڪس اکين ۾ سُونهن جا آهن
    خُواب نگر ۾ رهندو آهيان.

    دل جي ٻيڙي پُرزا پُرزا
    لهر لهر سان لُڇندو آهيان.

    پيارَ جو هڪڙو لفظُ جيئاري
    نفرت سان مان ڊَهندو آهيان.

    اندَرَ ۾ ڄڻُ سمُنڊُ آ ڪوئي
    ڇوليون ڇوليون ڇُلندو آهيان.

    هٿيارن جي پرواهه ناهي
    تُنهنجي اکيُن کان ڊڄندو آهيان.

    توکي ساري آءٌ اڪيلو
    وَلَر پکين جا ڏسندو آهيان.

    ڄٽڪا لفظ سنڀاري تُنهنجو
    پنهنجي ليکي کِلندو آهيان.


    هوءَ به اڻڄاڻُ ٿيندي پَئي وَڃي

    هوءَ به اڻڄاڻُ ٿيندي پَئي وَڃي.
    ذهنَ ۾ ڇڪتاڻِ ٿيندي پَئي وَڃي.

    مُون اُڃايل واسطي هوءَ جَل پَري
    ڪربَلا ڇاڪاڻِ ٿيندي پَئي وَڃي.

    هُن کان مُرڪي موڪلايُم هاڻِ پَر
    اکيُن ۾ آلاڻِ ٿيندي پَئي وَڃي.

    هونئن ته ڪيئي رنگَ آهن هر طرف
    تو سِوا پيلاڻِ ٿيندي پَئي وَڃي.

    نانءُ تُنهنجو مون فقط آهي کنيو
    ڪمري ۾ سُرهاڻِ ٿيندي پَئي وَڃي.

    سوچَ تي آلودگيءَ جو هيءُ اثرُ
    دلين ۾ ڪاراڻ ٿيندي پَئي وَڃي.

    تُون رُٺي آهين ته مُنهنجي رُوح ۾
    دردَ جي چانڊاڻ ٿيندي پَئي وَڃي.

    تُون مِلي آهين ته منهنجي هر گھَڙي
    خوبصورت هاڻِ ٿيندي پَئي وَڃي.


    فنڪارَ اَسين آهِيون

    فنڪارَ اَسين آهِيون.
    هُٻڪار اَسين آهِيون.

    جا عشق آهي پاتي
    دستارَ اَسين آهِيون.

    گھرُ، ناهي ڪو جن جو
    سي ٻارَ اَسين آهِيون.

    ڪنهن پيارَ ڪهاڻيءَ جا
    ڪردارَ اَسين آهِيون.

    توکان ئي ويا وسري
    ڇو يارَ اَسين آهِيون.

    انياءَ جي سيني ۾
    تلوارَ اَسين آهِيون.

    ڪنهن سازَ پُراڻي جي
    ڄڻُ تارَ اَسين آهِيون.

    ٿي دردُ ڏئي دُنيا
    دلدارَ اَسين آهِيون.


    تُنهنجي دَرَ تي ساهي آهي

    تُنهنجي دَرَ تي ساهي آهي.
    اُن کان اڳتي کاهي آهي.

    تُنهنجي مُرڪ ملي آ مونکي
    جيئڻ لاءِ اِلاهي آهي.

    هڪڙو پيارُ سلامت رهندو
    سارو سانگُ تَباهي آهي.

    تُنهنجي مُنهنجي دل جي وچ ۾
    پُل مون هڪڙي ٺاهي آهي.

    ڪڏهن به وڇڙي ويندا سين
    رُوحُ ته رڻَ جو راهي آهي.


    مان ڪڪرَ جو رُوپ ڌاري ٿو اچان

    مان ڪڪرَ جو رُوپ ڌاري ٿو اچان.
    شامَ تُنهنجي لاءِ ٺاري ٿو اچان.

    منظَرن ۾ رنگَ ٿا ڀرجي وڃن
    تُنهنجو چهرو جي نهاري ٿو اچان.

    توسان گڏجڻ جو بهانو جيئن ملي
    ڪُجههُ نه ڪُجههُ تو وٽ وساري ٿو اچان.

    ريشمي ڪنهن خُواب جيان مونکي لَڳن
    ڪي گھَڙيون تو وٽ گُذاري ٿو اچان.

    جھولَ م ڪُجھهُ ٽهڪَ آڻي تُنهنجي لئه
    دردَ سڀُ گھرَ ۾ سُمهاري ٿو اچان.

    حادثن جو هر طرف آهي هُجوم
    سُونهن تُنهنجي ئي سَهاري ٿو اچان.

    ڪنهن به مونکان نانءُ جو آهي پُڇيو
    نانءُ تُنهنجو ئي اُچاري ٿو اچان.

    ڪهڙي رستي کان اچين ناهي خبر
    گُل مان هر هنڌ پَٿاري ٿو اچان.


    اوهان جي اکين ۾ اشارا ٿا مُرڪن

    اوهان جي اکين ۾ اشارا ٿا مُرڪن
    ۽ خيالن ۾ مُنهنجي نظارا ٿا مُرڪن.

    ”گھڻي وقتَ کانپوءِ وريو ڳوٺِ آهين“
    چئي مونکي رستا ۽ چارا ٿا مُرڪن.

    حياتيءَ جي مشڪل ۽ ظالم گھڙين ۾
    اوهان جي ڏنا سي سَهارا ٿا مُرڪن.

    اوهان جي ڳَلن جي گُلابن کي ڏسندي
    اُڃايل چپَن جا ڪنارا ٿا مُرڪن.

    اکين ۾ اُنهن جي رهيو لُڙڪ ناهي
    ڏسي توکي بادَل اُڃارا ٿا مُرڪن.


    نيڻَ اوهان جي نيڻن ۾ جو اَٽڪي پَيا

    نيڻَ اوهان جي نيڻن ۾ جو اَٽڪي پَيا.
    اُن کانپوءِ بَس صدمن ۾ جو اَٽڪي پَيا.

    وڇڙڻ ويلي ڪينَ مون توسان ڳالهايو
    لفظ نڙيءَ جي رستي ۾ جو اَٽڪي پَيا.

    ڪيڏا ٿي مايُوس ويا هُو کَن پَل ۾
    لغڙَ ٻارن جا ڪنڊن ۾ جو اَٽڪي پَيا.

    ماڻهن تائين پهچن آخر ڪيئن ڀَلا؟
    گيتَ اسان جا تمغن ۾ جو اَٽڪي پَيا.

    سالگره جو ميڙُ لڳو پَئي مصنوعي
    پيارَ اسان جي لفظن ۾ جو اَٽڪي پَيا.

    ڪنهن جي دل جو درُ کڙڪائي ڪين سگھيا
    خُواب اسان جا پئسن ۾ جو اَٽڪي پَيا.

    مون ته اچڻُ ٿي چاهيو تُنهنجي شاديءَ ۾
    تُنهنجا واعدا پيرَن ۾ جو اَٽڪي پَيا.

    اُجڙيل دل جي ويراني ڪنهن ڪونه ڏٺي
    خيالَ سڀن جا رنگَن ۾ جو اَٽڪي پَيا.

    رقصُ انهيءَ جو رُڪجي ويو هوءَ ٿڪجي پَئي
    وارَ هَوا جا جھُڳٽن ۾ جو اَٽڪي پَيا.

    ٻاهر ٿي برسات وسي سا ڪيئن پَسُون
    پنهنجا عقيدا جو حُجرن ۾ جو اَٽڪي پَيا.


    جيڪو مون وٽَ رهجي وَيو توکان ڪِتابُ

    جيڪو مون وٽَ رهجي وَيو توکان ڪِتابُ.
    تُنهنجون ٿو ڳالهيون ڪري مون سان ڪِتابُ.

    جو ڏنو مون دوستَ کي تُحفو ڪري
    سو ڪَٻاڙيءَ جي مليو هَٽَ تان ڪتابُ

    حادثي ۾ هُو گُذاري ويو ڪَوي
    سُڏڪندي هُن جي رهيو ڀرسان ڪِتابُ

    هونئن ته منهنجو دوستُ آ پيارو مگر
    ڪين ٿو مُرڪي ڏسي تو جيان ڪِتابُ.

    ڪيترو صدمو رَسيو دل کي جڏهن
    هُن چيو هو: ”ڇا ڪندس هي مان ڪِتابُ. “


    دلرُبائي ڪينَ ٿي ايڏي ٺَهي

    دلرُبائي ڪينَ ٿي ايڏي ٺَهي.
    اچُ جُدائي ڪينَ ٿي ايڏي ٺَهي.

    حُسن تُنهنجو لوڪُ ٿو پاڳل ڪري
    رُونُمائي ڪينَ ٿي ايڏي ٺَهي.

    تُهمتُن کان ڇو لنوائين ٿو پَيو
    پارسائي ڪينَ ٿي ايڏي ٺَهي.

    نانءُ تُنهنجو نانگُ ٿئي تولئه مَتان
    خُود نُمائي ڪينَ ٿي ايڏي ٺَهي.

    واٽَ تان پَٿَرُ ئي کَڻُ تُون ڪُجھه ته ڪر
    واندڪائي ڪينَ ٿي ايڏي ٺَهي.

    نيازمنديءَ کي ٿا سَمجھَن بُزدلي
    اڄُ چڱائي ڪينَ ٿي ايڏي ٺَهي.


    جيڪا دل اُڃاري ناهي

    جيڪا دل اُڃاري ناهي
    سائي دردَن واري ناهي.

    هرڻيءَ وانگر ڇرڪين ڇو ٿو؟
    مُنهنجو پيارُ شڪاري ناهي.

    هڪلي پَيو ماريندو ڪونه
    هُو هاري آ ماري ناهي.

    سڀني آڏو ڇالئه جھُڪندي
    دل مُنهنجي درٻاري ناهي.

    نيڻَ نَديءَ جا پياسا آهن
    * واريءَ تَڙَ تي واري ناهي.

    پيارَ ۾ ڪهڙا کاتا رکجن
    هي ڪا سرمائيڪاري ناهي.

    سردُ هَوا پُڇي ٿي مونکان
    ٻاههِ تو گھَر ۾ ٻاري ناهي.

    چنڊَ جو رقصُ ڏٺو ناهي تو
    سمُنڊَ تي رات گُذاري ناهي.


    * واري تَڙُ : سکر جو هڪُ پاڙو جتي هاڻي واري نه آهي.


    هُن ويچاريءَ ننڊَ کي وڪڻِي ڇڏيو

    هُن ويچاريءَ ننڊَ کي وڪڻِي ڇڏيو.
    مُڙس هُن جي جنڊَ کي وڪڻِي ڇڏيو.

    تُنهنجي جوڀَن جي ڏسي جادوگري
    مُون سَموري منڊَ کي وڪڻِي ڇڏيو.

    راتِ جو نڪري نٿو ڪو گھَر منجهان
    ڳوٺَ وارن چنڊَ کي وڪڻِي ڇڏيو.

    جنهن ۾ سازش جي ڦُٽڻَ جو ٿئي گُمان
    ذهن جي اُن ڪنڊَ کي وڪڻِي ڇڏيو.

    مون بَتيلو پيارَ جو جوڙيو مگر
    تو اکين جي سمُنڊَ کي وڪڻِي ڇڏيو.

    ايترا صدما رسيا جو نيٺ مون
    دل جي ننڍڙي کنڊَ کي وڪڻِي ڇڏيو.


    جو ٿَر ۾ ڏِٺو هوندَئي

    جو ٿَر ۾ ڏِٺو هوندَئي.
    ٻُڏتَر ۾ ڏِٺو هوندَئي.

    جنهن پيارَ کي ٺُڪرايو
    ٺوڪَر ۾ ڏِٺو هوندَئي.

    هڪ چهرو ئي هرڪنهن
    منظر ۾ ڏِٺو هوندَئي.

    شيشي جي وڏائيءَ کي
    پٿرَ ۾ ڏِٺو هوندَئي.

    ڳولا ٿو ڪرين جنهن جي
    دلبَر ۾ ڏِٺو هوندَئي.

    هڪ پيارَ سِوا ڪُجھهُ نه
    هِن گھَر ۾ ڏِٺو هوندَئي.

    عيبن جُون ٻُڌي ڳالهيون
    اندرَ ۾ ڏِٺو هوندَئي.

    محبوبَن جي ڪاوڙ کي
    خنجَر ۾ ڏِٺو هوندَئي.


    گرم جُملا ٻيٽَ تي رهجي ويا

    گرم جُملا ٻيٽَ تي رهجي ويا.
    سردُ سُڏڪا ٻيٽَ تي رَهجي وَيا.

    جن کي ٺُڪرائي ڇڏيو لهرُن هُيو
    ڪوڏ سُهڻا ٻيٽَ تي رَهجي وَيا.

    سڀُ خوشيون ميڙي کَڻي آياسين پَر
    دردَ پنهنجا ٻيٽَ تي رَهجي وَيا.

    هُو بَتيلا پنهنجا ڪاهي ويا هليا
    خُوابَ تن جا ٻيٽَ تي رَهجي وَيا.

    برٿ ڊي جي هُئي خوشي توکي مگر
    سارا تُحفا ٻيٽَ تي رَهجي وَيا.

    هاڻي يادُن جي اُڏامي ٿي رَئي
    سُندر لمحا ٻيٽَ تي رَهجي وَيا.

    گھرِ پُڄي ماڻهن کي آيو يادِ هي
    تِن جا پاڇا ٻيٽَ تي رَهجي وَيا.


    دردَن کان لِڪائي هُئي

    دردَن کان لِڪائي هُئي،
    مون مُرڪ بچائي هُئي.

    ڪا ڳالهه هُئي جيڪا
    مون کان تو لنوائي هُئي.

    ڪنهن ڪونه ٻُڌي ڪوتا
    رستَن کي ٻُڌائي هُئي.

    ڏسندي ئي پريان مونکي
    تو راههَ مَٽائي هُئي

    چادَر ۾ کَڻي چنڊَ کي
    هُوءَ راتِ به آئي هُئي.

    جنهن ۾ نه ذڪر تُنهنجو
    سا سِٽَ اجائي هُئي

    طوفان جي نيڻن ۾
    ڪيڏي ته وڏائي هُئي

    هڪڙي ته هُئي جندڙي
    سا ڀي ته پَرائي هُئي.


    اهڙو واءُ به گھُلندو سائين

    اهڙو واءُ به گھُلندو سائين
    مون کي مُنهنجو ملندو سائين

    پاڻَ کان وسري ويندُس مان پَر
    تُنهنجو خِيالُ ته رهندو سائين.

    دردَن ايــــــــڏو ڌوڻـــــيو آ جو
    مان ته وڃا ٿو ڊهندو سائين.

    جنهن کان وِڇڙي پيارا ويندا
    ڪيئن ڀَلا سو کلندو سائين.

    اوچائين تي جيڪو رسندو
    آخر هيٺِ ته ڪِرندو سائين.

    تُنهنجي دل مان تڙجَڻ وارو
    گھٽيءَ گھٽِيءَ ۾ رُلندو سائين.

    هڪ طرفو هي پيارُ اوهانجو
    ڪيسيتائين هلندو سائين.

    عاشقُ آهين ڇانوَ ٿو ڳولين
    پيارُ ته آهي جَلندو سائين.


    جڏهن به تُنهنجي پيارَ جا لهجا گُونگا ٿي پَئي ويا

    جڏهن به تُنهنجي پيارَ جا لهجا گُونگا ٿي پَئي ويا.
    مُنهنجي دل جا سارا دهڪا گُونگا ٿي پَئي ويا.

    ڪندي عبادت ذهن تي تُنهنجي چهري اُڀرڻ سان
    سارا ورد وظيفا مُنهنجا گُونگا ٿي پَئي ويا.

    تُنهنجي حُسن جي هٿيارن جي آڏو سانولڙي
    تلوارُون ۽ بڻڇيون ڀالا گُونگا ٿي پَئي ويا.

    حاويليءَ ۾ چنڊَ ڏٺو پَئي جذبن جو قتلامُ
    راتِ جي هنجَ ۾ ڪيئي سُڏڪا گُونگا ٿي پَئي ويا.

    جڏهن به تُون اسٽيج تي آئينءَ ٻٽڙي لفظ چَوڻ
    شور ۾ ورتل ميڙَ ۽ جلسا گُونگا ٿي پَئي ويا.

    پاڻياريءَ جي نيڻَن ۾ ڪو اهڙو جادو هو
    کوههَ جي ڀرسان ماڻهو پياسا گُونگا ٿي پَئي ويا.

    ڦُٽين وانگر لفظَ مون چونڊي تُنهنجي لاءِ رکيا
    تُنهنجي سامهون سارا جذبا گُونگا ٿي پَئي ويا.


    هر منظر آ خوف ۾ ورتلُ

    هر منظر آ خوف ۾ ورتلُ
    جي دلبرُ آ خوفَ ۾ ورتَلُ.

    مسجد ۾ مايُوسي آهي
    ۽ مندرُ آ خوفَ ۾ ورتَلُ.

    رهواسين جي قتل پُڄاڻان
    خالي گھَرُ آ خوفَ ۾ ورتَلُ.

    تُون مُنهنجي ڀَرَ ۾ آهين پو
    ڇو اندرُ آ خوفَ ۾ ورتَلُ.

    راهُون ڌنڌليون ٿي وينديون
    جي رهبر آ خوفَ ۾ ورتَلُ.

    هڪڙي چنڊَ اڳيان تارن جو
    ڄڻُ لشڪرُ آ خوفَ ۾ ورتَلُ.

    دلِ حاضر آ تُنهنجي اکِ جو
    ڇو خنجَر آ خوفَ ۾ ورتَلُ.

    اجرَڪ جا رنگَ اڏري ويندا
    جي ڪلچر آ خوفَ ۾ ورتَلُ.


    ٿڪل شامَ جهڙي حياتي اسانجي

    ٿڪل شامَ جهڙي حياتي اسانجي.
    خالي لامَ جهڙي حَياتي اَسانجي.

    اوهان جي اکيُن ۾ انگُورن جُون وليون
    ڀڳل جامَ جهڙي حَياتي اَسانجي.

    سڀئي تُهمتُون هَن اسانجي حصي ۾
    آ بدنام جهڙي حَياتي اَسانجي.

    اندَر ۾ اسان جي سَوين ڪرَبَلائون
    ٿي ماتام جهڙي حَياتي اَسانجي.

    سڀئي خُواب پنهنجا ويا گھائجي هِن
    هي سنگرام جهڙي حَياتي اَسانجي.

    اسان جي نصيبن ۾ نه نُوري نه ڪينجھَرُ
    نه ئي ڄامَ جهڙي حَياتي اَسانجي.


    مونسان جَڏهن به تُنهنجي جَوابن ڳالهايو

    مونسان جَڏهن به تُنهنجي جَوابن ڳالهايو.
    دردَن زخمي سڀني عذابن ڳالهايو.

    ڪنوارـ ٻوٽِيءَ جيان هوءَ ته وَئي شرمائجي
    مون سان هُن جي ڄڻُ ته حجابن ڳالهايو.

    ڪنڊا سڀُ ناراض ٿيا ها مون تي جو
    ڇالئه مُرڪي مونسان گُلابن ڳالهايو.

    ”ڌرتيءَ تي گدلاڻ ڏسو ڪيئن ڦهلي آ“
    جھوپَن ڀرسان ڪالهه نَوابن ڳالهايو.

    ”سمجهي سگھندين ڪينَ اسان جي درد سِوا“
    عشق جي مڙني مون سان نصابن ڳالهايو.

    ”ساههُ اسانجو مُنجھي پَيو هي درُ کوليو“
    الماريءَ منجھه بند ڪِتابن ڳالهايو.


    تو سِوا هر سازُ ٿو سُڏڪو لَڳي

    تو سِوا هر سازُ ٿو سُڏڪو لَڳي.
    دردَ جو آوازُ ٿو هرڪولَڳي.

    مصنوعي لفظن سان ڪن ٿا آجيان
    ڪوبه ناهي جو هِتي پنهنجو لَڳي.

    هرڪو جُملو ڄڻُ ته حملو ٿو ڪري
    دوستيءَ جو هي نهَ ٿو لهجو لڳي.

    ”مونکي تُنهنجي آهي وڻندي شاعري“
    راءِ سا تُنهنجي مونکي تمغو لڳي.

    پيارَ جي دُنيا جو پنهنجو رنگُ آ
    دردُ ڀي محبوبَ جو تحفو لڳي.

    پاڻَ ٿو پنهنجي ڪَري واکاڻِ هو
    آدمي ڪيڏو نه ٿو هلڪو لڳي.

    مان وڇوڙي جُون ڪيان ٿو ڳالهيون
    ۽ اوهان کي ٿو اِهو چرچو لڳي.

    بددُعا مونکي نٿي تُون ڏيئي سَگھين
    خطُ هي مونکي نَٿو هي تُنهنجو لڳي.

    تُون ڏئين ٿي ٽهڪ مُنهنجي حالَ تي
    مُنهنجي دل ۾ ڄڻُ ته ٿو ڪوڪو لڳي.

    ”پاڻ گڏجي گھارينداسين زندگي“
    ڳالهه ٿي هاڻي اِها سپُنو لڳي.


    دل جي ڌرتي ٿُوهَرن جا سلسلا

    دل جي ڌرتي ٿُوهَرن جا سلسلا.
    دردَ جا گُذرن ٿا ڪيئي قافلا

    ڏُک نٿو هاڻي ٿئي ڪنهن ڳالهه تي
    پاڻَ سان ڏاڍا ٿا هِن حادِثا.

    دُور ڪنهن سُرندو وڄايو ٿي ڪِٿي
    ڄڻُ ته سُڏڪا ٿي ڀريا ٿَر جي هَوا.

    مارئيءَ جو کوُههُ آهي ويو سُڪي
    ۽ عمر جي محل ۾ هِڪُ سَمُنڊُ آ.

    پارڪَر جي مورَ جي هر دانهن ۾
    روپلي جي روحَ جي آهي صَدا.

    ڪنهن ٻُڌايو ڪينَ تُنهنجو ڏسُ پَتو
    مُون ته روهڙيءَ ۾ڪَئي تُنهنجي پُڇا.

    پاڻَ ڪڪرن کي روئارڻ چاهيو
    موٽَ ۾ پنهنجن اکين ۾ لُڙڪ ها.

    ناهي ڪو افسوس مونکي زندگي!
    دوستَ جَي مونکي سُڃاڻن ڪينَ ٿا.


    مُنهنجي گيتن راتِ مونکا ٿي پُڇيو

    مُنهنجي گيتن راتِ مونکا ٿي پُڇيو.
    شاعريءَ مان توکي آخر ڇا مِليو.

    تُنهنجي آڏو لفظَ اوندهه ٿي ويا
    ماٺِ جو ڪمري ۾ ٿي ڏيئو جَليو.

    وڻَ سڀئي سُڏڪن ۾ پئجي ها ويا
    گيتُ ڪوئل هو جڏهن آلاپيو

    دل به تُنهنجي شهر جي ديوار جيان
    هرڪو پنهنجو پوسٽر هڻندو رهيو.

    روحَ ۾ سَوَ رنگَ ٿا جاڳي پَون
    شاهه! توکي مون جڏهن آهي پڙهيو.

    مان اکين جي سمُنڊ ۾ٻڏندو رهيس
    ڪيترو مونکي ڪنارَن ٿي سڏيو.

    تُنهنجي وارن ۾ لڳل جو گُلُ هو
    سادگيءَ مُنهنجي مَٿان ڄڻُ ٿي کليو.


    ڪاوَڙ به هُن ڪَئي آ ڏِياريِءَ جي شامَ جو

    ڪاوَڙ به هُن ڪَئي آ ڏِياريِءَ جي شامَ جو.
    اوندهه ڏَئي وَئي آ ڏِياريِءَ جي شامَ جو.

    درشن نه ديپُ ڪوئي تنها اُداس لمحا
    توکان سِوا رَئي آ ڏِياريِءَ جي شامَ جو.

    جھِرمر جهانَ ڀرسان تُنهنجي جھُڳيءَ جو منظرُ
    ڇالاءِ سُرمئي آ ڏِياريِءَ جي شامَ جو.

    پائي دُکن جي چادر هوءَ نينگري اڪيلي
    گھرَ ۾ سُتي پَئي آ ڏِياريِءَ جي شامَ جو.

    ٿوهَر جيان لڳو هو هر لفظُ ڄڻُ ته هُن جو
    ڇاڇا چئي وئي آ ڏِياريِءَ جي شامَ جو.

    هي عاشقن جون رسمون اظهارَ جا بَهانا
    هُن کي گُلابُ ڏَئي آ ڏِياريِءَ جي شامَ جو.

    ”مُنهنجو وُجود ٿيندو تُنهنجي چپن سان روشن“
    هُن کي وَڃي چَئي آ ڏِياريِءَ جي شامَ جو.


    چنڊَ تي ڄڻُ ڄارَ ٿا پئجي وڃن

    چنڊَ تي ڄڻُ ڄارَ ٿا پئجي وڃن.
    تُنهنجي مُک تي وارَ ٿا پئجي وڃن.

    تُون ٿئين ناراضُ پو ڄَڻُ ائين لَڳي
    حُسن تي هٿيار ٿا پئجي وڃن.

    گھَر خوشيءَ جا ڪيترا ڪمزور هِن
    ٿوري ڏُک تي ڏارَ ٿا پئجي وڃن.

    پيارَ جو اهڃاڻُ آ جو بي سببُ
    پاڻَ ۾ تڪرارَ ٿا پئجي وڃن.

    سوڀَ ٿي نادم بڻائي ۽ ڪڏهن
    هارَ تي ڀي هارَ ٿا پئجي وڃن.


    ڪي پنهنجا پَرايا جَنم ڏينهن تي

    ڪي پنهنجا پَرايا جَنم ڏينهن تي
    وَري دردَ آيا جَنم ڏينهنَ تي.

    زماني جُون تلخيون وساري سموريون
    اسان گُل ورهايا جَنم ڏينهنَ تي.

    اکين تي رَکي ڪارڊُ تُنهنجو چميو مون
    ٿيا سُک سَوايا جَنم ڏينهنَ تي.

    رُڳو تُنهنجي خاطر تُنهنجي گھَر جا ڀاتي
    سڀئي مُون سڏايا جَنم ڏينهنَ تي.

    اِها مُڪ تُنهنجي آ مُون لاءِ ڪافي
    هي تحفا اَجايا جَنم ڏينهنَ تي.

    اکين ئي اکين ۾ ڏنيون تون واڌايون
    مُون ڳوڙها لڪايا جَنم ڏينهنَ تي.


    کَڙڪائي درُ ۽ دَري ڪونه ايندو

    کَڙڪائي درُ ۽ دَري ڪونه ايندو.
    اهو عشق توڏي وري ڪونه ايندو.

    وڄُن وارَ ڇوڙيا ننگر پارڪَر تي
    وري هِن شهر ڏي ٿَري ڪونه ايندو.

    اُنهيءَ اُس ۾ ئي آ هلڻو مُسافر
    هُو سُورج اسان ڏي ٺَري ڪونه ايندو.

    وري پارِ توکي ئي وڃڻو آ سُهڻي
    هُو ميهارُ توڏي تَري ڪونهَ ايندو.

    اهائي حياتي ڪَري پيارُ وٺُ تُون
    هِتي ڪوبه ٻيهرَ مَري ڪونه ايندو.

    اڃا سنڌُ ڇالئه نهارين ٿي واٽون
    هُو مالهي اُتم ۽ هَري ڪونه ايندو.


    اسان کان لنوائي هليو ٿو وڃي

    اسان کان لنوائي هليو ٿو وڃي.
    هُو رستو مٽائي هَليو ٿو وَڃي.

    ڪڏهن هُو اسانجي هُيو آرسي
    جو چهرو لڪائي هَليو ٿو وَڃي.

    نه ترسي ڳالهائي عجب دوست آ
    رُڳو هٿُ ملائي هَليو ٿو وَڃي.

    سندس نيڻَ آلا رهن ٿا مگر
    هُو سڀَ کي کلائي هَليو ٿو وَڃي.

    اچي شهر مان هُو ڪَوي، شاعري
    وڻن کي ٻُڌائي هَليو ٿو وَڃي.

    هُو پوپٽُ گُلن جو وٺي واسُ پو
    ڇو ڪاڏي الائي هَليو ٿو وَڃي.

    ڳائي گيتُ درديلو اڌ رات جو
    ڪو ننڊون ڦٽائي هَليو ٿو وَڃي.


    تو ڏٺي پيارَ جي ڪا گھٽي ڪانه هُئي

    تو ڏٺي پيارَ جي ڪا گھٽي ڪانه هُئي.
    توکي سڀُ ڪُجھهُ هُيو عاشقي ڪانه هُئي.

    رات ريشم جيان رُوح تي ڄڻُ لَٿي
    ياد تُنهنجي جلي چاندني ڪانه هُئي.

    ڪنهن نه ڄاتو ته هُن خودڪشي ڇو ڪَئي
    هُن جي جيون ۾ ڪائي چُمي ڪانه هُئي.

    تو مِلڻَ وقت اهڙو هو، تاثر ڏنو
    ڄڻُ ته توسان ڪڏهن دوستي ڪانه هُئي.

    شبنمي شام جا رنگَ چُنريءَ جيان
    ڪيئي چهرا هُيا سانوري ڪانه هُئي.

    عيد آئي اسان جي اڱَڻَ تي ايئن
    دردَ جو رقصُ هو، ڪا خوشي ڪانه هُئي.

    تُون ته مُرڪي سڀن ڏي نهاريو مگر
    تُنهنجي مُرڪن ۾ پنهنجي پَتي ڪانه هُئي.

    ڇو نه سمجھي سگھين پيارُ مُنهنجو پرين
    ڳالهه مون جا چَئي سا، ڏُکي ڪانه هُئي.

    مُون ته چاهيو پَئي تُون به لکندي رهين
    مُنهنجي توڏي چِٺي آخري ڪانه هُئي.

    ڳوٺُ سارو ئي پاڳل هُيو هُن مٿان
    دل اسان جي رُڳو ئي چَري ڪانه هُئي.


    غَزلُ ٿو لِکين ۽ پَرائي زَمين!

    غَزلُ ٿو لِکين ۽ پَرائي زَمين!
    نئين ڳول پنهنجي تون ڪائي زَمين.

    رُڳو دردَ ئي ٿا ڦُٽن اُن منجھان
    اوهان ئي اسان جي سُڪائي زمين.

    نه ڳاڙها غاليچا نڪي گُل آهن
    اسان دل جي تولئه سَجائي زَمين.

    ڏئي خُواب اڱرن جهڙا سانوريءَ
    اسان جي اکين جي جَلائي زمين.

    اِهو عشق اهڙو ته ظالم آ، جنهن
    وطن جي اسان کا ڇڏائي زَمين.

    هي رستا هي وڻَ به سَڀئي اوپرا
    سِوا تو لڳي ٿي اجائي زَمين.

    سڄي عمر ڳولا ۾ گُذري وئي
    الائي تو ڪِٿي جي وسائي زَمين.

    نه مُرڪون نه ميڙا، نه سهرا، جَمالا
    دُکي آهي تُنهنجي ڀٽائي زَمين.

    جڏهن ننڊَ ڪنهن کان اَجلُ ٿو کَسي
    امڙِ جان سُمهاري اِهائي زَمين.


    گيت

    اڃا ٿا پَسو وَسو ڙي وَسو اڙي بادلو!

    اڃا ٿا پَسو
    وَسو ڙي وَسو
    اڙي بادلو!

    ٿوهَر ويون ٿي اسان جون اکيون.

    نڪا بُوند نيڻن ۾ آهي رَهي
    سڀئي خُواب پنهنجا ويا هن ڊَهي
    ٽُٽي سوچ جو آ ويو سلسلو

    اڙي بادلو!

    سنيها اسان جا پُڄَن ٿا ڪِٿي
    اسان جي ڏُکن جا مَسيحا ڪِٿي
    اچي زندگيءَ ۾ ويو زلزلو

    اڙي بادلو!

    اسان جي نصيبن تي ڇو ٿا کِلو
    اکين ۾ اسان جي لَهي اڄُ اچو
    اوهان ئي ڪَيو ڪو اسان جو بِلو

    اڙي بادلو!


    بهارن جي مستي

    بهارن جي مستي
    هوائن جي هستي
    پرين! تُنهنجي جوڀن
    سندي مُند پُهتي.

    ڏٺو تو جي مُرڪي
    حياتي آ ٻهڪي
    وري دل جي ٻيهر
    جُڙي آهي بستي.

    ناهي پيارُ پستي
    ڏسي پنهنجي مستي
    اسان جي ادائُن تي
    مُرڪي ٿي ڌرتي.

    جي ڌَنُ مانُ ناهي
    ڪو ارمانُ ناهي
    ٺاهي پنهنجي چاهت
    ستارن کان سستي.


    جنم ڏهاڙي جون توکي واڌايون

    جنم ڏهاڙي جون
    تــــــــــوکــــي واڌايـــــــــــون
    گيتُ دُعائن جو
    تولئه ٿا ڳايون.
    شالَ سَدا مُرڪين
    مُکڙين سان گڏجي
    ڪين ملن توکي
    ڏکڙا ڪي ڀُلجي
    ائين ئي ٿا چاهيون
    تولئه ٿا ڳايون.

    تون ميڙن ۾ گھارين
    سڀُ تنهنجا سَلامي ٿين
    تُنهنجا ڏينهن ائين گُذرن
    پر ڪينَ ڪڏهن به اچن
    تـــــــــوڏي تنــــــــــــــهايون،
    تولئه ٿا ڳـــــــــــــــــايون.

    هي رنگ هَوائن ۾
    ڏس توکي ٿا چاهن
    هي جذبا تحفن جا
    سڀُ تولئه ئي آهن
    گيتَ غزل وايون
    تولئه ٿا ڳايون.


    يادُن جون ڇوليون تنها هي راتيون

    يادُن جون ڇوليون
    تنها هي راتيون
    سمُنڊ به ساڳيو آ
    ۽ چنڊُ به ساڳيو آ

    مون ڇرڪ ڀَري جاڳي
    تُنهنجون تصويرون
    سيني سان لاتيون
    تنها هي راتيون

    شهر جي رنگَن جا
    هُو پاڻيءَ تي پاڇا
    جوڀن جون جھاتيون
    تنها هي راتيون

    دُور ڪنارن تي
    وکريل هِن وايون
    تو مان جي ڳاتيون
    تنها، هي راتيون.
    سمُنڊُ به ساڳيو آ
    ۽ چنڊُ به ساڳيو آ.


    توکان دُور ته ناهيان مان

    تُون آهين ڪائي خوشبو
    هڪڙو ٻوٽو آهيان مان
    تُون تنها ڪڪريءَ جيان
    واءُ جو جھوٽو آهيان مان
    توکان دُور ته ناهيان مان.

    روشن راهُون تنهنجون ٻانهون
    تُنهنجي نيڻن منجھه نگاهون
    توکي ئي ٿو چاهيان مان
    توکان دُور ته ناهيان مان.

    تُنهنجي مُرڪ جا موتي ميڙي
    جوڀن جا سڀُ رنگ سهيڙي
    جيون منجھه سمايان مان
    توکان دُور ته ناهيان مان.

    تُنهنجي گهَر جا سارا رستا
    منهنجا ئي سي آهن پيرا
    تُنهنجو پاڇو آهيان مان
    توکان دُور ته ناهيان مان.


    گُلن سان سجايل هي جوڀن جا رستا

    گُلن سان سجايل
    هي جوڀن جا رستا
    اوهان لاءِ آهن
    اسان پنهنجو جيونُ
    ته ماڻي ڇڏيو آ.

    گھڙيءَ منجھه گھائن
    ڏسي پوءِ لنوائِن
    اسان تن اکين کي
    سُڃاڻي ڇڏيو آ.

    ڪڏهن ٽهڪ پنهنجا
    هُئا لوڪَ ٻُڌندا
    اسان دوست! مُرڪڻ
    ته هاڻي ڇڏيو آ.

    جِتي ڪي به ناتا
    ڏسُون ٿا جي ٽُٽندا
    اسان پيارُ تيڏانهن
    اُماڻي ڇڏيو آ.

    اوهان جي خوشيءَ لئه
    ۽ هِن دوستيءَ لئه
    اسان دردُ پنهنجو
    ته ڇاڻي ڇڏيو آ.


    هِنَ بند لفافي ۾ تولاءِ اُماڻيان ٿو

    ڪي پيارَ ڀريا جُملا
    ڪجھهُ سپُنا ۽ واعدا
    هِنَ بند لفافي ۾
    تولاءِ اُماڻيان ٿو.

    ڪي زخمي ٿيل جذبا
    ڪجھهُ لفظن ۾ سُڏڪا
    هِنَ بند لفافي ۾
    تولاءِ اُماڻيان ٿو.

    تو سنگِ هُئا سرجيا
    سي گيتَ سڀئي پنهنجا
    هِنَ بند لفافي ۾
    تولاءِ اُماڻيان ٿو.

    ٿيا ڌارَ آهن رستا
    سو تُنهنجا ئي تحفا
    هِنَ بند لفافي ۾
    تولاءِ اُماڻيان ٿو.


    آءُ او راڻا!

    مينهن پُڄاڻان
    پَکي اُڏاڻا
    نَديءَ ۾ تنها ناوَ هَلايان
    تُنهنجي خاطر ويٺي ڳايان.
    آءُ او راڻا!
    آءُ او راڻا!

    ڪوئل جو آواز اُڏامي
    ڄڻُ ته هَوا ۾ ويو اُجھامي
    مُند ڪيا هِن
    ڪيڏا ماڻا
    آءُ او راڻا!

    اوسيئڙي جو اُڌمو ڏيئي
    ننڊَ اکين مان اُڏري ويئي
    جذبا ٿي پيا
    آهن ساڻا
    آءُ او راڻا!

    ڳالهه اسان جي هاڻِ کَڻي مَڃُ
    هڪڙو ڀيرو هيئن چئي وَڃُ
    ٿيندا ناهن
    پيارَ پُراڻا
    آءُ او راڻا!


    تُنهنجي سا آهي

    مُنهنجي اکين جي هِن البم ۾
    هڪڙي ئي تصوير رکيل آ
    تُنهنجي سا آهي

    جيون مون کي ڊاهي ڇڏيو هو
    ٻيهر جا تعمير ٿيل آ
    تُنهنجي سا آهي.

    ڪوري ڪاڳر جهڙي مَن تي
    جيڪا ڀي تحرير لکيل آ
    تُنهنجي سا آهي.

    مُنهنجي سيني جي ساگر ۾
    پيار جي جيڪا ويرَ اُٿيل آ
    تُنهنجي سا آهي.

    مونکي ملڻي ناهين تون
    پٿر تي تقدير لکيل آ
    مُنهنجي سا آهي.


    ڄڻُ صِلو مونکي مليو

    مون چَيو هو گيتُ جو
    ڊائريءَ ۾ تو لکيو
    گيتُ سو مُرڪي پيو
    ڄڻُ صِلو مونکي مليو

    خوابُ جيڪو مون ڏٺو
    اُن ۾ جو چهرو هيو
    سو پرين تُنهنجو هيو
    ڄڻُ صِلو مُونکي مليو.

    تو اچي مونکان پُڇيو
    شاعري ڇو ٿا ڪيو
    مُرڪي مون توکي ڏٺو
    ڄڻُ صِلو مون کي مليو.

    هٿُ وڌائي تو چيو:
    ”نالو هِت پنهنجو لکو“
    مون الائي ڇا لکيو
    ڄڻُ صِلو مونکي مليو.


    دِل ڌار ڪري وينديون

    اکيون ته آهن ڪڪريون
    جنهن سان به جڏهن ٽڪريون
    وسڪارَ ڪري وينديون
    دِل ڌار ڪري وينديون.

    جوڀن آ سندن جَل ٿَل
    محفل ۾ ڪٿي ڪنهن پل
    سينگارَ ڪري وينديون
    دِل ڌار ڪري وينديون.

    هٿــــــــــيارَ اٿــــــن ڪيــــــــئي
    ڪُجههُ مرڪ ذرو ڏيئي
    جي وارَ ڪري وينديون
    دِل ڌار ڪري وينديون.

    ڪُجھهُ پيارَ ڏيڻ بدران
    سهڪارَ ڪرڻ بدران
    نَهڪار ڪري وينديون
    دِل ڌار ڪري وينديون.


    جو پل پل دُکي ٿواُنهيءَ کي ڏسَي ڪو

    اُنهيءَ کي ڏسَي ڪو
    ته هُن کي سنڀاري
    اونــــــــــهاري، سيـــــــــاري
    ڪوئي شخص آهي
    جو پل پل دُکي ٿو
    اُنهيءَ کي ڏسَي ڪو.

    اُنهيءَ کان پُڇي ڪو
    سوين چنڊَ تارا
    جو گھرَ ۾ سجائي
    اسان کان ڇو يادُن
    جو ڏيئو کَسي ٿو
    اُنهيءَ کان پُڇي ڪو.

    اُنهيءَ کي لکي ڪو
    ڏئي گھاوَ جيڪو
    وساري ڇڏي ٿو
    ڪڏهن حالُ دل جو
    نه ڀُلجي پُڇي ٿو
    اُنهيءَ کي لکي ڪو.

    اُنهيءَ کي چَوي ڪو
    ڇو آهي ائين ٿيو
    جو گُذري ٿو ڀرسان
    ته ڇالاءِ مون ڏانهن
    نه ڀُلجي ڏسي ٿو
    اُنهيءَ کي چَوي ٿو.


    ترائيل

    تُون به هاڻي سُومرا سوچڻُ ڇڏي ڏي

    تُون به هاڻي سُومرا سوچڻُ ڇڏي ڏي
    ذهن تي ويچار هي پنهنجا پرايا
    ٿوري ڏُکَ تي ايترو تڙپڻُ ڇڏي ڏي
    تُون به هاڻي سُومرا سوچڻُ ڇڏي ڏي

    چانهن ۾ دانشوري ٻوڙڻ ڇڏي ڏي
    هوٽلن ۾ بحث هي آهن اَجايا
    تُون به هاڻي سُومرا سوچڻُ ڇڏي ڏي
    ذهن تي ويچار هي پنهنجا پرايا.


    ڪاظمي! تُنهنجا ڪبوتر ويا اُڏامي

    ڪاظمي! تُنهنجا ڪبوتر ويا اُڏامي
    پرَ غزل تنهنجا اڃا اُڏرن پيا
    تُنهنجو ڏيئو به ويو آخر اُجھامي
    ڪاظمي! تُنهنجا ڪبوتر ويا اُڏامي

    زندَگيءَ ۾ تون نه ڪَئي ڪنهن جي سَلامي
    خيالَ تنهنجا ڪينَ ٿا وسرَن پيا
    ڪاظمي! تُنهنجا ڪبوتر ويا اُڏامي
    پرَ غزل تنهنجا اڃا اُڏرن پيا.

    * ناصر ڪاظمي: اردو جو مشهور شاعر، جنهن کي ڪبوتر ڌارڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو.


    دردَ جو آواز هو اٽڪي پيو

    دردَ جو آواز هو اٽڪي پيو
    هِڪَ دُکي بيمار راڳيءَ جي نڙيءَ ۾
    ڄڻُ ته ڪوئي رازُ هو اٽڪي پيو
    دردَ جو آواز هو اٽڪي پيو

    آڱرين ۾ سازُ هو اٽڪي پيو
    بيوسيءَ جي بي رَحم پوئين گھڙيءَ ۾
    دردَ جو آواز هو اٽڪي پيو
    هِڪَ دُکي بيمار راڳيءَ جي نڙيءَ ۾.


    کتريءَ جي تصوير پئي هُئي

    کتريءَ جي تصوير پئي هُئي
    ميوزيم ٻاهران ڪچري ۾
    ڄڻُ ڪنهن جي تقدير پَئي هُئي
    کتريءَ جي تصوير پئي هُئي

    هُن تي لکيل تحرير پَئي هُئي
    وڏي صاحب جي ڪمري ۾
    کتريءَ جي تصوير پئي هُئي
    ميوزيم ٻاهران ڪچري ۾.


    صليبن جا رستا اوهان ئي ڏيکاريا

    صليبن جا رستا اوهان ئي ڏيکاريا
    اوهان ئي ڊُڪي آهي دستارَ پاتي
    سچائيءَ جا لهجا اوهان ئي سيکاريا
    صليبن جا رستا اوهان ئي ڏيکاريا

    اُهي ئي اوهان پنهنجي ڀَرِ ۾ ويهاريا
    وطن سان ڪئي جن ويساهه گھاتي
    صليبن جا رستا اوهان ئي ڏيکاريا
    اوهان ئي ڊُڪي آهي دستارَ پاتي


    هيلَ به ڏاڍو مينهنُ پيو هو

    هيلَ به ڏاڍو مينهنُ پيو هو
    مسڪينن جا گھَر ڊَهي پيا
    ڪوبه اُنهن ڏي ڪينَ ويو هو
    هيلَ به ڏاڍو مينهنُ پيو هو

    هڪٻئي کي تُون ايئن چَيو هو:
    شُڪرُ ٿيو جو سِرَ بَچي پيا
    هيلَ به ڏاڍو مينهنُ پيو هو
    مسڪينن جا گھَر ڊَهي پيا.


    نثري نظم

    نئون ناچُ

    مير عليمُراد!
    تو شڪار ڪيل شينهن جي کَلُن مان
    تنبو جوڙائي
    انگريز عملدار کي
    تُحفي طور ڏنو هو.
    اڄُ تُنهنجي ديسَ ۾
    ڪوبه شينهن بچيو ناهي
    ۽ گدڙ
    انساني کَلُن مان
    تيار ٿيل تنبوءَ ۾
    انگريزي ڌُن تي
    نچي رهيا آهن.


    ترقي

    ڌرتيءَ جا ڪروڙين انسانَ
    پيٽَ سان پَٿر ٻَڌي ٿا جيئن
    ۽ تون
    ڪروڙين ڊالر خرچُ ڪري
    چنڊَ تان
    پٿر کڻي آيو آهين!


    ڊَپُ

    سماجي وُجود جي
    ڪلراٺي ميدان ۾
    ڊَپُ ڊَڀن جيان ڦُٽي پيو آهي.
    ڪورٽُن ۾ ڊَپُ
    ڪُتب خانن ۾ ڊَپُ
    باغيچن ۾ ڊَپُ
    شاعر جي گيتَن ۾ ڊَپُ
    محبوبن جي نيڻن ۾ ڊَپُ.
    هر خوشي ڊَپَ جي واچوڙي ۾
    وڪوڙيل آهي.
    تڏهن به
    مايوسيءَ جي مهمان سراءِ ۾
    ڪوبه مُسافر ٽڪيل ڪونهي.
    حوصلي جون آڱريون
    اُميد جي اُگھاڙي جسم ۾ ٽُنبيل
    ڊَپَ جا ڪوڪا ڪَڍَڻَ ۾
    مصروف آهن.


    ورثو

    اسان جي ڳوٺَ جو هاري
    هاشم مري ويو.
    ٻِن پُٽن لاءِ ورثي ۾ ڇڏي ويو
    ڪورٽ ۾ هلندڙ چار ڪيس
    ٻه لکَ وڏيري جو
    ۽ هڪ لکُ زرعي بينڪ جو قرض
    ۽ پنجَ نياڻيون ڪُنواريُون.


    اُڃايل قافلن جا مُسافر

    اسين اُڃايل قافلن جا مُسافر آهيون
    اسان جي اکيُن جا
    سڀئي کارا کُوهه سُڪي ويا آهن
    ۽ رُڃَ پاڳل هَوا جي
    ڇير جي آواز کانسواءِ
    ڏُور تائين
    ڪابه صَدا ٻُڌڻَ ۾ نه ٿي اچي.
    نيري آسمانَ تي ڀورا بادَل
    بيوفا محبُوب وانگر
    پري کان ڏسندا کلندا
    اڃان به پرَي هليا وڃن ٿا.
    پوءِ به اسان
    مايوسيءَ جي چادرَ ناهي پاتي
    جاڳيل اکين جي خُوابن ۾
    آبشارن جا آواز اچن ٿا
    ۽ اسان جي روشن اُميدن جي خوشبو
    اسان کان اڳ ۾ ئي
    منزل تائين پُهچي وڃي ٿي.


    مُفت طبي ڪيمپ

    چوهَڙ جماليءَ ۾ لڳايل
    مفت طبي ڪيمپ ۾
    ضلعي جو مشهور ماهر ڊاڪٽر
    هَر مريضَ کي مٿاڇرو تپاسِيندو
    وڌيڪَ علاجَ لاءِ
    پنهنجي پرائيويٽ ڪلينڪ جو
    اشتهاري ڪارڊ ڏيندو ٿي ويو.


    ڪراچيءَ جي ٽاڪَ منجھند جو هڪ عڪسُ

    بَڙَ جي پوڙهي ٿڪلَ وڻَ جي ڇانوَ ۾
    وڪٽوريا گاڏيءَ ۾ ٻَڌَل
    گھوڙي جي ٻوٿَ تي
    گاههَ جو توٻرو چڙهيل آهي.
    ڪوچوانُ وڪٽوريا ۾ کونگھرا هَڻي رهيو آهي.
    وڻَ وٽِ بُکيو هيروئني
    اخبار ۾ ويڙهيل ڪبابَ ۽ مانيءَ کي
    ڄڻُ کسجي وڃڻَ جي ڊَپَ کان
    تڪڙو تڪڙو ڳِهي رهيو آهي.
    سندس ڀرسان بيمار زخمي ڪُتو
    زبان لڙڪائي سهڪي ٿو پيو.
    اُتي ئي بيٺل
    ميرَن ڦاٽل ڪپڙن سان
    پيرين اُگھاڙي هڪ ٻارڙو
    مکين ورتل ڪُلفي چَٽي رهيو آهي
    ۽ اُتان گُذرندڙ موٽرن کي
    ڀونڊو ڏَئي رهيو آهي.


    دليُون ۽ رانديڪا

    سانوري!
    تُون ننڍَپِڻُ ۾
    ڪيئي رانديڪا ها ٽوڙيا
    هاڻِ وڏي ٿي وئي آهين تون!
    دليون ٿي ٽوڙين.


    تُنهنجي شاديءَ واري ڏينهن تي لکيل هڪ نظم

    نڪاحَ نامو
    ٻن وُجودن جي ميلاپَ جو
    هڪُ ڪمزور سَماجي معاهدو آهي
    ۽ تُنهنجو منهنجو پيارُ
    ڪنهن به مُعاهدي جو محتاجُ ناهي..
    تُنهنجي جسم جُون سرحدون
    ڀلُ ڪيرُ به فتح ڪري
    پرَ تنهنجي دل جي قلعي تي
    مُنهنجي ئي پيار جو جھنڊو
    پيو ڦڙڪندو
    ۽ تُنهنجي رُوحَ جا رستا
    سَدائين مون لئه پَيا واجھائيندا.
    تون جڏهن گُلن ڀرسان ويهندينءَ
    ته انهن مان
    منهنجي مُحبت جي سُرهاڻِ
    محسوس ڪندينءَ
    تُون جڏهن به آرسيءَ آڏو ايندينءَ
    ته اُن ۾ مون کي ئي پَسندينءَ
    پوءِ تُون ڪيئن چَوين ٿي ته
    مان توکان ڌار هوندس!


    برفباري

    تُنهنجي اکيُن جي
    چَشمن ڏانهن
    ڊوڙندي ڊوڙندي
    مُنهنجي چاهتُن جا اُڃايل هرڻَ
    حياتيءَ جي بيابان ۾
    هاڻِ ٿڪجي پيا آهن.
    ان کان اڳ جو
    جذبا آپگھاتِ ڪَن
    ۽ حسرتُون هيروشيما بڻجن
    ٻرندڙ جبلَ جهڙي
    پنهنجي پيارَ جي برفباري
    ڪري ڇَڏِ.


    زينَب مارڪيٽ ۾ رکيلُ گَجُ

    بيواهه ٻُڍڙي عورتَ جي
    هٿن جو
    هزارن ميلن جو سفر
    اوجاڳا ۽ ٿَڪَ
    يادُون ۽ لُڙڪَ
    انهيءَ گَجَ ۾ سَمايل آهن.


    هِڪَ ننڍڙي ڪَٿا

    مُنهنجي دوستَ جو شُمارُ هاڻِ
    شهر جي اربُ پتين ۾ ٿئي ٿو.
    جڏهن هو ڪنگلو هوندو هو ته
    اسان ڏيهاڙي ملندا هُئاسين
    ريسٽورنٽ ۾ چانهه تي ڪچَهريون
    مهيني ۾ امريڪن سسٽم تي
    هڪ اڌ ڊنر ڪندا هُئاسين
    ڪيڏو نه خوش لڳندا هُئاسين.
    ڪُجھهُ عرصي کانپوءِ
    هُن ڪافي ملڪيت گڏُ ڪئي
    ۽ مون خُواب ۽ شعر جمع ڪيا.
    هاڻِ هو شهر جي معزز ماڻهن سان ملندو آهي
    ۽ اُنهن جُون دعوتُون ڪندو آهي
    ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي مهانگي ڪارِ جي
    شيشن مان نظر ايندو آهي
    مُنهنجي گھَرَ جو ڏَسُ هُن کي ياد ناهي
    مُنهنجن دوستن کي چوندو آهي ته
    مون شاعريءَ لاءِ پنهنجي زندگي اَجايو وڃائي ڇَڏي
    ۽ مان پنهنجي دل کي دِلاسو ڏيندو آهيان ته
    هُن جو گڏُ ڪيل پئسو
    هن وقت به هُن جو ناهي
    جڏهن ته مُنهنجا خُواب ۽ شعر
    مون کان پوءِ به مُنهنجا رهندا.


    تُون اڌوري نه آهين (ڪشور ناهيد جي نالي)

    تُنهنجي خواب جو چنڊُ
    پُورو نه سَهي
    تُون اڌوري نه آهين.

    تو خودڪشي نه ڪَئي
    پر شاعري ڪَئي
    ۽ اُجھامندڙ زندگيءَ کي
    نئين روشني ڏني.
    تو تخليق جي دردَ سان
    پنهنجي ٽُٽل وجود کي جوڙي
    پنهنجي ذات جي تڪميل ڪئي آهي
    تُون اڌوري نه آهين.

    سمُنڊ جي اڪيلائي
    ساحل جو ڏُکُ
    ۽ ٻيڙين جي بيچيني
    تُنهنجي رُوحَ جو حصو آهن
    تُون اڌوري نه آهين.

    تُنهنجو ڪتابُ
    ڪٻاڙيءَ جي دوڪان تي
    ڀَلي اڌُ قيمت تي وڪامندو هُجي
    پَر تُنهنجا لفظ

    پورو سچُ چون ٿا.
    تُون اڌوري نه آهين.

    ”خاڪَ ۽ خُوابَ“ جي وچ ۾
    بيٺل عورت جي هٿن ۾
    هڪ نقشو آهي
    جنهن ۾ هڪُ رستو آهي
    جيڪو سچَل سرمست جي شهر
    درازن ڏانهن وڃي
    اَناالحق جي سنگ ميل وٽ رُڪجي ٿو
    ۽ اُتان پنهنجي تخليق جو سفرُ
    شروع ٿئي ٿو
    تُون اڌوري نه آهين.


    ”آجاؤ آفريڪا“ جي مُهڙ ۾ ڪشور ناهيد پاڻَ بابت لکيو هو

    ( ”آجاؤ آفريڪا“ جي مُهڙ ۾ ڪشور ناهيد پاڻَ بابت لکيو هو، اڌوري زال، اڌوري ماءُ، اڌوري ملازمت پيشه ۽ اڌوري ليکڪا.)

    مائُرون فقط روئڻ لاءِ هُونديون آهن.

    دردَ جي ڳوٺَ جون شامون
    اُداسُ هونديون آهن.
    راتيون خوفَ جو استعارو آهن
    ۽ انهن راتين ۾
    لوليون ٻُڌائڻ واريون مائرون
    هاڻي ڪونه بچيون آهن
    ٻارڙا روئي روئي
    پاڻ ئي سُمهي پَون ٿا.
    سجُ پوڙهو ٿي ويو آهي
    دير سان پهچي ٿو.
    ٻارڙن تي اُسَ جو اثر ناهي ٿيندو.
    تيز اُس ۾
    ڪُهاڙين جي اُڃَ وڌي وَڃي ٿي.
    ۽ قتل لاءِ هڪُ الزام ضروري آهي
    سڀئي الزام انڌا هوندا آهن.
    مخالف ڪمزور آهي
    ته غيرتَ جو جذبو وڌيڪ اُڀري ٿو.
    مائرون فقط روئڻ لاءِ هُونديون آهن
    پر، ڪاريءَ جي لاش تي
    روئڻ ۽ گُل رکڻَ جي اجازت ناهي.
    سردارَ جو سِرُ
    دارَ لاءِ منع ٿيل آهي.


    سردارَ جي واتَ ۾
    ڌَپَ ناهي ٿيندي
    پيرن ۾ پٽڪا
    هُن کي وڻندا آهن.
    قداور وَڻن جُون منڍيون
    وڍيون ويون آهن.
    ڳوٺ ۾ ڇانوَ مهانگي ٿي وئي آهي.
    مُنهنجي پُٽَ کي خطُ لکو
    ته جرگي ٿيڻ تائين ڳوٺ نه اچي.


    اسان آسمانَ جو رنگُ تبديل ڪرڻُ ٿا چاهيون

    کين چئو ته
    يڪسانيَت اسان کي نه ٿي وَڻي
    اسان آسمانَ جو رنگُ
    تبديل ڪرڻ ٿا چاهيون.

    کين مشورو ڏيو ته
    بارود ۽ هٿيارَ نه رکن
    باهه لڳندي
    ۽ فائربرگيڊ جو خرچ وڌندو

    کين ٻُڌايو ته
    عوامي مُظاهرن ۾
    هنيل ڦاٽل پُراڻا نعرا
    اجلاسن ۾ ڪيل
    پاروٿيون تقريرون
    ۽ گُونگيون قراردادون
    اسان لاءِ
    ڪا معنى نٿيون رکن.

    کين سمجھايو ته
    معتبر شخصيتن جا پُتلا ساڙڻ
    ۽ عظيم مُلڪن خلاف ڳالهائڻ
    دهشتگردي آهي.

    کين محسوس ڪرايو ته
    عالمي امن
    ۽ انسانن جي تحفظ لاءِ
    دهشتگردن خلاف
    جنگ ضَروري آهي.

    کين دلاسو ڏيو ته
    هڪ ڏينهن سَڀني کي مرڻو آهي.
    پر اسين ڪوشش ڪندا سين ته
    مرڻ وارن جو تعدادُ
    روئڻ وارن کان وڌي نه وڃي.


    آمريڪا جو عراق تي حملو : 2003ع

    آمريڪا جو عراق تي حملو : 2003ع
    تاريخَ جي ٿاڻي ۾ ايف آءِ آر

    ڪوبه نظم ڪٿان کان به شُروع ٿي سَگھي ٿو
    ڪاڳر تي ظاهر ٿيڻ کان پهريان
    نظم ڪِٿي پناهه ورتي هُئي، مون کي ڪابه خَبر ڪانهي.
    پابندين جي سماج ۾
    ڪنهن جَلاوطن آزاد نظم کي پَناهه ڏيڻ به ڏوهه آهي.
    ڏوهن جي پنهنجي هڪ تاريخ آهي
    ۽ سڀَ کان وڌيڪ ڏوههَ جنگين ۽ عَدالَتُن ۾ ٿيا آهن.
    جنگين ۾ تلوارون چمڪنديون آهن، ڪُتب خانه جلندا آهن
    ۽ عورتن جي بيحُرمتي ٿيندي آهي.
    مان هِڪُ تاريخي نظم لکڻُ ٿو چاهيان
    مان اُنهن گمنام انسانن جي باري ۾
    لکڻُ ٿو چاهيان
    جيڪي، جنگِ ۾ ڪنهن جي به ڌُر ڪونهَ هُئا
    ۽ بيگُناهه ماريا ويا.
    جن جي فصل کي ساڙيو ويو
    جن جي عورتُن کي
    مال غنيمت وانگر ورهايو ويو.
    انهن ڏوهن ۾ شامل،
    سڀني سپهه سالارن ۽ جرنيلن خلاف
    مان تاريخ جي عدالت ۾
    مقدمو درجُ ڪرڻُ چاهيان ٿو.
    منهنجو هي نظم تاريخ جي ٿاڻي ۾
    ايف آءِ آر طور رکيو وڃي.


    وايون

    ڇو ايڏو گھٻرائِن ٿا

    پَنهنجي ڌرتيءَ تي رهندي
    پوءِ به هِي انسانَ
    ڇو ايڏو گھٻرائِن ٿا.

    ڊنَل اکين ۾ اچڻ کان
    خُوابن جا مهمان
    ڇو ايڏو گھٻرائِن ٿا.

    طوفانن کان اڳ ۾ ئي
    گھرَ جا روشندانَ
    ڇو ايڏو گھٻرائِن ٿا.

    گُل ته آخر سُڪي وڃن ٿا
    ڪنڊن کان گُلدان
    ڇو ايڏو گھٻرائِن ٿا.

    سنڌُ ! تُنهنجي نانءَ کان
    سرڪاري ايوانَ
    ڇو ايڏو گھٻرائِن ٿا.


    ڄڻُ چريو آ ٿي پَيو

    چنڊُ ڪنهن جي چاههَ ۾
    ڄڻُ چريو آ ٿي پَيو.

    مُنهنجو مَن هي هيڪلو
    تُنهنجي گھَر جي راههَ ۾
    ڄڻُ چريو آ ٿي پَيو.

    سوچَ سرگمُ ٿي ڪَري
    ذهنُ ڪنهن آڙاههَ ۾
    ڄڻُ چريو آ ٿي پَيو.

    هڪڙو سُڄاڻُ آدمي
    حالتن سان ٺاههَ ۾
    ڄڻُ چريو آ ٿي پَيو.

    ديسَ پنهنجي ۾ امُن
    نفرتُن ڀَڃَ ڊاههَ ۾
    ڄڻُ چريو آ ٿي پَيو.


    مون کان وَڻ پُڇن ٿا

    ڪنهن کي ڳولين ٿو
    مون کان وَڻ پُڇن ٿا.

    ڏينهنُ ٻَري ٿو ڇانوَ ۾
    ويهين نَٿو ڇو
    مون کان وَڻ پُڇن ٿا.

    ڇا تُون اچين جھنگَ ۾
    ڀُليو آن رستو
    مون کان وَڻ پُڇن ٿا.

    هيڏي ساري شهر ۾
    تُنهنجو ناهي ڪو
    مون کان وَڻ پُڇن ٿا.

    ڪڏهن روئندي گُل کي
    ڏٺو آهي تو
    مون کان وَڻ پُڇن ٿا.


    خاموشِي ڳالهائي ٿي

    ماٺِ سڀئي ڪمري جون
    دَريون ديوارون
    خاموشِي ڳالهائي ٿي.

    اکين ئي اکين ۾ آهن
    سَوين ميارُون
    خاموشِي ڳالهائي ٿي.

    ميوزيم ۾ اڌ راتِ جو
    جاڳن تلوارون
    خاموشِي ڳالهائي ٿي.

    سيني منجھه پَهاڙَ جي
    پوريل پُڪارون
    خاموشِي ڳالهائي ٿي.


    مُنهنجي ننڊَ ڦِٽِي وئي

    ڦهليو تُنهنجي مُرڪ مان
    اِهڙو اُجالو
    مُنهنجي ننڊَ ڦِٽِي وئي.

    جڏهن وارن جو ڪيئه
    مُون تي جھُڙالو
    مُنهنجي ننڊَ ڦِٽِي وئي.

    پڙهيم شاههَ لطيف جو
    سانجهيءَ رِسالو
    مُنهنجي ننڊَ ڦِٽِي وئي.

    تُنهنجو لکيل ٻئي سان
    ڏٺم جي نالو
    مُنهنجي ننڊَ ڦِٽِي وئي.


    اڌَ راتِ جوجاڳِي ڇو

    اڌَ راتِ جوجاڳِي ڇو
    گيتن کي سَڏين ويٺو
    هاڻي ته سُمهي پَئُه تُون.

    ڏيئن جا آ مجبوري
    ڇالاءِ جَلين ويٺو
    هاڻي ته سُمهي پَئُه تُون.

    يادُن جُون دَريُون کولي
    تڙپين ٿو لُڇين ويٺو
    هاڻي ته سُمهي پَئُه تُون.

    هُن ڪانهَ ڏنئي ورندي
    خطُ پوءِ به لکين ويٺو
    هاڻي ته سُمهي پَئُه تُون.

    اکيُن ۾ اڱَر ٻاري
    تَن مَن ۾ پَچين ويٺو
    هاڻي ته سُمهي پَئُه تُون.


    هِڪڙو گُلُ ڪِري پَيو

    الائي ڪنهن جو هو
    هَلندڙ لاريءَ مان
    هِڪڙو گُلُ ڪِري پَيو.

    دردَن جي طوفانَ ۾
    جوڀن ٽاريءَ مان
    هِڪڙو گُلُ ڪِري پَيو.

    مالهڻِ مُڙي نهاريو
    هُن جي کايءَ مان
    هِڪڙو گُلُ ڪِري پَيو.

    اُڀريو شَڪُ اندرَ ۾
    پنهنجيءَ ياريءَ مان
    هِڪڙو گُلُ ڪِري پَيو.


    آرسيءِ ۾ پاڻ کي

    آرسيءِ ۾ پاڻ کي
    ڏسندي ئي هوءَ ڇوڪري
    ٿِي وَئي حيران آهي.

    پيرُ پيارَ جي شهرَ ۾
    رکندي ئي هوءَ ڇوڪري
    ٿِي وَئي حيران آهي.

    پيارَ جي هڪ تيليءَ سان
    ٻرندي ئي هوءَ ڇوڪري
    ٿِي وَئي حيران آهي.

    ”توسان پيارُ ڪيان ٿو“
    ٻُڌندي ئي هوءَ ڇوڪري
    ٿِي وَئي حيران آهي.

    وڇوڙي جي دردَ کي
    سَهندي ئي هوءَ ڇوڪري
    ٿِي وَئي حيران آهي.


    خُوابَ نگرَ ۾ پَري پَري کان

    خُوابَ نگرَ ۾ پَري پَري کان
    اڻپورا ڪيئي ارمانَ
    هَٿَ هَوا ۾ لهرائن ٿا.

    سورجَ هيٺان جھنڊَن وانگي
    ڏامَر رستي تي انسانَ
    هَٿَ هَوا ۾ لهرائن ٿا.

    ايئرپورٽَ تي ڀِنل اکيُن سان
    ويندي ويندي ڪي مهمان
    هَٿَ هَوا ۾ لهرائن ٿا.

    ناليُن آڏو جھُوپَن ڀرسان
    بيمارين جا سَوَ شيطانَ
    هَٿَ هَوا ۾ لهرائن ٿا.


    ويهي مان ويچارُ ڪيان ٿو

    فون تي مونسان ٿي ڳالهائي
    آهي پَر هُوءَ ڪيرَ
    ويهي مان ويچارُ ڪيان ٿو.

    مُنهنجي دل تي نقش ويا ٿي
    ڪنهن جا آهن پيرَ
    ويهي مان ويچارُ ڪيان ٿو.

    تُنهنجي گھِٽيءَ ۾ روزُ اچڻ جِي
    ڇو ٿي آهي هيَر
    ويهي مان ويچارُ ڪيان ٿو.

    دروازي تي گُل پيا هِن
    آيو آهي ڪيرُ سَويرَ
    ويهي مان ويچارُ ڪيان ٿو.


    وِچَ ۾ پُلِ آ پِيارَ جي

    سکرَ وانگي آهيان مان
    تُون آن روهڙيءَ جان
    وِچَ ۾ پُلِ آ پِيارَ جي.

    تُنهنجي مُنهنجي دوستي
    آهي صَدين کان
    وِچَ ۾ پُلِ آ پِيارَ جي.

    پرين توکي پاڻَ کان
    دُور نٿو سمجهان
    وِچَ ۾ پُلِ آ پِيارَ جي.

    خُوابَ اسان جا نسريا
    ٻنهي ڪنڌين تان
    وِچَ ۾ پُلِ آ پِيارَ جي.


    مَٿان چنڊُ ڏِسي پيو

    مسجد ۾ سانجهيءَ جو
    ٽِمڪي ٿو ڏِيئو
    مَٿان چنڊُ ڏِسي پيو.

    مَتان اَچي اڱڻَ ۾
    پائين تُون ليئو
    مَٿان چنڊُ ڏِسي پيو.

    اونداهيءَ جون چادرون
    اوڙهي ٿا جِيئو
    مَٿان چنڊُ ڏِسي پيو.

    اَکيُون اوتينديون اڃا
    پِنبڻين مان پيئو
    مَٿان چنڊُ ڏِسي پيو.


    پئجي ويا ڀاڪُرين

    چنڊُ بادَل سان ائين
    ڄڻُ ڪي رُٺَل يارَ
    پئجي ويا ڀاڪُرين.

    ڀرسان ڏِسي سانوري
    مُرڪي مينديءَ ڏارَ
    پئجي ويا ڀاڪُرين.

    سوڙهي گھِٽي سِڪَ جي
    ۽ ٻئي گُنهگارَ
    پئجي ويا ڀاڪُرين.

    وِهاڻَي سان، ننڊَ ۾
    وينگَس تُنهنجا وارَ
    پئجي ويا ڀاڪُرين.

    وڇوڙي جي ماڳَ تي
    روئي ٿيندي ڌارَ
    پئجي ويا ڀاڪُرين.


    پڙهندي ناريءَ کي ننڊَ اَچي وئي

    پڙهندي ناريءَ کي
    ننڊَ اَچي وئي
    ۽ بَتي ٻَرندي رَهي.

    اونداهيءَ کي ڪيترا
    ڏوراپـــــــــا ڏيئــــــــي
    ۽ بَتي ٻَرندي رَهي.

    روشنيءَ جا جيتڙا
    سَڙي ويا ڪيئي
    ۽ بَتي ٻَرندي رَهي.

    ڊائري ڏسندي اوچتو
    سُڏڪن ۾ پيئي
    ۽ بَتي ٻَرندي رَهي.


    گيتَ سڀُ حيران ٿيا

    مُون لکيا تو لاءِ ها
    پَر جڏهن توکي ڏٺائون
    گيتَ سڀُ حيران ٿيا.

    تُنهنجي چپڙن تي اچي
    رنگُ ڪو اهڙو وتائون
    گيتَ سڀُ حيران ٿيا.

    شاههَ جي وائيءَ سنديون
    سادڙيون پَسندي ادائون
    گيتَ سڀُ حيران ٿيا.

    عشق جي آوازَ تي
    رقصَ ۾ آيون هَوائون
    گيتَ سڀُ حيران ٿيا.


    پيرَ اُگھاڙا پيارَ جا

    شهرُ سَڄو شيشا
    پيرَ اُگھاڙا پيارَ جا.

    نفرتُن جي لُڪَ ۾
    ڏامَر جـــــــــــــا رستا
    پيرَ اُگھاڙا پيارَ جا.

    ريتُون هِن سَماجَ جُون
    پٿـــــــــــــر ۽ ڪنــــڊا
    پيرَ اُگھاڙا پيارَ جا.

    لَهوءَ ۾ هر جاءِ تي
    رهيا رنگَ ـ رَتا
    پيرَ اُگھاڙا پيارَ جا.


    ڪيرُ ٿو ڪنهن کان پُڇي

    حالَ ڪهڙا ٿَئي پرين
    ڪيئن ٿي گُذري زندگي
    ڪيرُ ٿو ڪنهن کان پُڇي.

    روزُ ٿيون دليون ٽُٽَن
    خُوابَ ڪن ٿا خودڪَشي
    ڪيرُ ٿو ڪنهن کان پُڇي.

    دشمنيءَ سان آ هُجوم
    ڪيڏي تنها دوستي
    ڪيرُ ٿو ڪنهن کان پُڇي.

    ٿا پيا محبوب مُرڪن
    دل جي ٽوڙي درسَني
    ڪيرُ ٿو ڪنهن کان پُڇي.

    ڏِسُ کَسَي محلاتُ پيو
    جھوپڙين کان روشني
    ڪيرُ ٿو ڪنهن کان پُڇي.


    سڀُ اَڱَر ٺَري ويا هِن

    سڀُ اَڱَر ٺَري ويا هِن
    اڄُ مُنهنجي اندرَ جا
    ڪُجھهُ گرمي ڏي مونکي.

    ٿي ماڪَ وَسي مَن تي
    ۽ برفَ سڀئي جذبا
    ڪُجھهُ گرمي ڏي مونکي.

    جنهن آڳَ هُئي آڇي
    تُون ساڳي ناهين ڇا
    ڪُجھهُ گرمي ڏي مونکي.

    هر دردُ ڄَمي ويو آ
    ٿي سردُ ويا سُڏڪا
    ڪُجھهُ گرمي ڏي مونکي.

    مان پاهڻُ ٿي نه پَوان
    تُون ٻاجھهَ مون تي ڪَر ڪا
    ڪُجھهُ گرمي ڏي مونکي.


    ڪامِڻيون ڪاڏي وَيون!

    پرينَ واري گھاٽَ تي
    شامَ جو ڏيئا جَلائي
    ڪامِڻيون ڪاڏي وَيون!

    درسنيءَ جي دل اندر
    دلبَريون پنهنجُون سَمائي
    ڪامِڻيون ڪاڏي وَيون!

    راڳَ کي روشن ڪري
    روحَ جو رستو بڻائي
    ڪامِڻيون ڪاڏي وَيون!

    کيرَ جُون وٽيون ڀَري
    پنهنجن اکين سان ورهائي
    ڪامِڻيون ڪاڏي وَيون!


    مُرڪَ کي ڳوليان پَيو

    هَر ڏِسا ۾ لُڙڪ آهن
    پوءِ به مان هِن زندگيءَ ۾
    مُرڪَ کي ڳوليان پَيو.

    ڪيترو پاڳلَ آهيان جو
    توبنا مان آرسيءَ ۾
    مُرڪَ کي ڳوليان پَيو.

    ڪيترن سالن کان مان
    ڳوٺ جي هِن هَر گھِٽِيءَ ۾
    مُرڪَ کي ڳوليان پَيو.

    هُو دُکي آهي ڪَوي
    آءٌ هِن جي شاعريءَ ۾
    مُرڪَ کي ڳوليان پَيو.

    مون کان گُم آ ٿي وَئي
    تُنهنجي مُک جي چاندنيءَ ۾
    مُرڪَ کي ڳوليان پَيو.

    ڳالهه وَئي وسري جو مان
    دردَ ! تُنهنجي دوستِيءَ ۾
    مُرڪَ کي ڳوليان پَيو.


    هيءَ به ڪهڙي دوستيءَ آ

    اجنبي ٿيندا وڃون ٿا
    روزُ ٿا توڙي مِلون
    هيءَ به ڪهڙي دوستيءَ آ.

    جا اندرَ ۾ پيئي سُڏڪي
    سا نَٿا اوري سَگھون
    هيءَ به ڪهڙي دوستيءَ آ.

    اوپريون ڀاسن نگاهُون
    اوچتو جي ٿا ڏِسون
    هيءَ به ڪهڙي دوستيءَ آ.

    ڏينهنَ ٿيا جو پيارَ جي
    لفظ لئه پَيا ٿا سِڪون
    هيءَ به ڪهڙي دوستيءَ آ.

    دوستَن جي گھرَ ڏي ويندي
    جي لڳن ڳوريون وکون
    هيءَ به ڪهڙي دوستيءَ آ.


    اَلائي ڪِهڙيون حالتُون

    اڄُ ته پنهنجي وَس آ
    ڇاهَي سُڀاڻي
    اَلائي ڪِهڙيون حالتُون!

    دهشتگردي ديسَ ۾
    اوچتو آڻي
    اَلائي ڪِهڙيون حالتُون!

    ڇَڏيون جوڀن ڏينهڙا
    مُرڪن ۾ ماڻي
    اَلائي ڪِهڙيون حالتُون!

    دُونالي ڪو دوست جي
    توتي ئي تاڻي
    اَلائي ڪِهڙيون حالتُون!

    پرين! ڇڏِ تُون پنهنجا
    دکَ سڀئي ڇاڻي
    اَلائي ڪِهڙيون حالتُون!


    سَمُنڊ تي ايندي نه ڪَر

    ڇيڳري ڇولي چُمي وَئي
    پوپري تُنهنجو بَدن
    سَمُنڊ تي ايندي نه ڪَر.

    تنها ساحِل تي ڏسي
    ٿو چَوي توکي گَگن
    سَمُنڊ تي ايندي نه ڪَر.

    هُو رهيو ناهي هِتي
    هُن جو تُون ٽوڙي وَچن
    سَمُنڊ تي ايندي نه ڪَر.

    رَيتَ ۾ سِپُن جيان تُون
    ڇڏِ ڪري يادُون دَفن
    سَمُنڊ تي ايندي نه ڪَر.


    تو جي پَگھَرُ اُگھيو پِرين

    تو جي پَگھَرُ اُگھيو پِرين!
    ٽِشُو پيپرَ ۾
    ٿي وَئي سُرهاڻِ آ!

    تُنهنجي اچڻَ سان مُنهنجي
    ٻُوساٽيل گھَر ۾
    ٿي وَئي سُرهاڻِ آ!

    تو هنيا چوٽيءَ ۾ گُلَ
    پَر سڄي تَر ۾
    ٿي وَئي سُرهاڻِ آ!

    پيرَ تو جنهن تي اُجاريا
    اُنهيءَ پَٿر ۾
    ٿي وَئي سُرهاڻِ آ!


    ڪِيئن ٿِيون وسري سگھن

    ڪراچيءَ جا ڏينهڙا
    ۽ تُنهنجون مُرڪون
    ڪِيئن ٿِيون وسري سگھن.

    دوستَن جو گھاوَ تي
    لُوڻَ جُون ٻُرڪون
    ڪِيئن ٿِيون وسري سگھن.

    تُنهنجي آڏو ”صاحب“ جُون
    بي سبب ڇڙٻُون
    ڪِيئن ٿِيون وسري سگھن.

    لُنڊي واري شرٽ تي
    اکين جُون ٽوڪون
    ڪِيئن ٿِيون وسري سگھن.

    جن تي بُوٽ گَسي ويا
    دُونـــــهاٽيل سَــــــــڙڪون
    ڪِيئن ٿِيون وسري سگھن.


    اڄُ به منهنجي مَن تي ڳائـــــــــي ٿي مِـــــــيران

    اڄُ به منهنجي مَن تي
    ڳائـــــــــي ٿي مِـــــــيران
    تُون ئي سا آهين.

    سَڳا مُنهنجي ساههَ جا
    جُڙيا هِن جنهن سان
    تُون ئي سا آهين.

    اُڀـــــــــري اچان آءٌ ٿو
    جنهن جي چهري مان
    تُون ئي سا آهين.

    لفظُ هڪڙو جنهن اڳيان
    ڪُڇي ڪينَ سگھان
    تُون ئي سا آهين.


    شهرَ مٿان خاموشي آ

    سائرن ايمبولينس جا
    رُڳــــــو ٿـــــا وَڄــــــــــن
    شهرَ مٿان خاموشي آ.

    ڪارا پاڇا ڊَپَ جا
    گھٽين منجھه گھُمن
    شهرَ مٿان خاموشي آ.

    ڪرفيوءَ ۾ سُڪون سان
    رستا ننڊون ڪَن
    شهرَ مٿان خاموشي آ.

    چنبيليءَ جي ٻوٽي مان
    هاڻـــــي بــــــــم ڦُــــــــٽن
    شهرَ مٿان خاموشي آ.

    مُونجھا ماڻهو موتَ جو
    پريــــــــنءَ جــــــــــان پُڇَن
    شهرَ مٿان خاموشي آ.

    دُک پَسي ڌرتيءَ جا
    تارا ٿا سُـــــــــــــــڏڪن
    شهرَ مٿان خاموشي آ.


    گيتَ لکيل آهن

    ماضيءَ جا ڪيئي
    *لَکي دَرَ تي
    گيتَ لکيل آهن.

    ٻيڙين جا ڳاتل
    لهرَ لهرَ تي
    گيتَ لکيل آهن.

    بيوههَ ـ لڙڪن جا
    ڪچي گھَر تي
    گيتَ لکيل آهن.

    باههِ چيا ها جي
    اڱَر اڱَر تي
    گيتَ لکيل آهن.

    پگھر پورهئي جا
    هاريءَ هَرَ تي
    گيتَ لکيل آهن.

    * لکي در ــ شڪارپور


    مُنهنجو مَن مُرڪيو

    تُنهنجي اُماڻيل ڪارڊَ ۾
    لکيل ڇا به هُيو
    مُنهنجو مَن مُرڪيو.

    دروازي جي اوٽَ مان
    اکين ڪُجهه چيو
    مُنهنجو مَن مُرڪيو.

    مُنهنجو شعري ڪتابُ تو
    مون کان اچي گھُريو
    مُنهنجو مَن مُرڪيو.

    اڏري کنڀُ هو تُنهنجي
    وارن ۾ اٽڪيو
    مُنهنجو مَن مُرڪيو.

    گُل چُمي هو تو جڏهن
    مون ڏي ڪو اڇليو
    مُنهنجو مَن مُرڪيو.


    دردَ ته کُٽڻا ناهن

    ٿَر ۾ ٿوهَر جان
    پنهنجي جيون مان
    دردَ ته کُٽڻا ناهن.

    پرين تُنهنجي ڇانوَ ۾
    آءُ ته مان مُرڪان
    دردَ ته کُٽڻا ناهن.

    پنهنجي هِن سَماجَ ۾
    ڀونگين جي ڀرسان
    دردَ ته کُٽڻا ناهن.

    ڇالئه مان مايُوس ٿي
    وکَ وکَ ٿي وڍجان
    دردَ ته کُٽڻا ناهن.

    ٿوري ڏي تُون روشني
    اوندهه سان اٽڪان
    دردَ ته کُٽڻا ناهن.


    ڏينهنَ ٿي ويٺي ڳَڻي

    شهرَ جو دارُالاَمانُ
    ۽ هُو هيسيلَ ڇوڪري
    ڏينهنَ ٿي ويٺي ڳَڻي.

    تُهمتُون تمغا ڪري جا
    چاههَ ۾ ٿي آ چَري
    ڏينهنَ ٿي ويٺي ڳَڻي.

    سالَ ٿيا هُن کي وَئي
    هُو اڃان کولي دَري
    ڏينهنَ ٿي ويٺي ڳَڻي.

    ڀائرن جي سوچَ آهي
    ”باههِ ويندي ٻَري“
    ڏينهنَ ٿي ويٺي ڳَڻي.

    خودڪَشي ويساهه جي
    ذهنَ تي آيس تَري
    ڏينهنَ ٿي ويٺي ڳَڻي.


    تُنهنجي سينڌ پِرين!

    تُنهنجي سينڌ پِرين!
    پيارَ ڏي ويندڙ ڪو
    رَستو ڄڻُ آهي.

    تُنهنجي مُنهنجي دِل ڏي
    ساڳيو سمجھان ٿو
    رَستو ڄڻُ آهي.

    ائين لڳي ٿو مونکي
    بدلـــــــــــــيو مونکا تو
    رَستو ڄڻُ آهي.

    جنهن تان گُذرين تُون
    روشنيءَ جــــــــــــــو سو
    رَستو ڄڻُ آهي.

    زندگيءَ جو تو سِوا
    مون لئه ٿيو اوکو
    رَستو ڄڻُ آهي.


    ڪَهڙو ڪنهن تي ڀروَسو

    آدرشي! تُون اندرَ مان
    پنهنجو سِجُ اُڀار
    ڪَهڙو ڪنهن تي ڀروَسو.

    اُڏري پئي اکين جي
    جوڀن مٿان جھارَ
    ڪَهڙو ڪنهن تي ڀروَسو.

    سهارن جي ڳولا ۾
    وِکَ هلڪي ڌارِ
    ڪَهڙو ڪنهن تي ڀروَسو.

    اُجرن چهرَن کي ڏسي
    پيارُ نه پنهنجو وارِ
    ڪَهڙو ڪنهن تي ڀروَسو.

    ڌنڌلي جيونَ درسَني
    اُٿي پاڻُ اُجارِ
    ڪَهڙو ڪنهن تي ڀروَسو.

    انَ ڪَڻا تون جنڊَ ۾
    پيهي وقتُ گُذار
    ڪَهڙو ڪنهن تي ڀروَسو.


    جِيپِ وڃي ٿي ڊوڙَندي

    ڏُور اڃان چيلهارُ
    جِيپِ وڃي ٿي ڊوڙَندي.

    رستي ۾ بيهڻ کان
    ڄڻُ ته ڪري انڪارُ
    جِيپِ وڃي ٿي ڊوڙَندي.

    ڏسندو ئي رهجي ويو
    پَکي ڀرسان ٻارُ
    جِيپِ وڃي ٿي ڊوڙَندي.

    صادق ساڻُ سفر ۾
    سُــــــــــريلو فنـــــــــڪارُ
    جِيپِ وڃي ٿي ڊوڙَندي.

    سهڪي سِجُ ڪري پيو
    اونــــــــــداهو اوڀــــــــــــارُ
    جِيپِ وڃي ٿي ڊوڙَندي.

    * صادق فقير ـ ٿر جو مشهور نوجوان راڳي، جيڪو مٺِيءَ کان چيلهار سفر ۾ گڏُ هو.


    تُنهنجي گھَر جي رستي ۾

    مُنهنجي قدمن جا پرين!
    ڪيئي لَکَ نِشانَ
    تُنهنجي گھَر جي رستي ۾.

    ڏيئي جهڙي زندگي
    جاڳن ٿا طُوفانَ
    تُنهنجي گھَر جي رستي ۾.

    سارا خُوابَ رُلي ويا
    وکريا سڀُ ارمان
    تُنهنجي گھَر جي رستي ۾.

    تو لئه آندَل سوکڙي
    ڀورَ ٿيا گُلدان
    تُنهنجي گھَر جي رستي ۾.

    جيڪي تو مونسان ڪيا
    مُرڪن ٿا احسان
    تُنهنجي گھَر جي رستي ۾.


    راتِ مون روهڙِي ڏِٺي

    ڄڻُ ته پنهنجي خُوابَ وانگر
    هو بَهُو مونکي لَڳي
    راتِ مون روهڙِي ڏِٺي.

    ڇوڪريءَ جي وارڙن ۾
    ڄڻُ ته ڪا سُهڻي سَڳي
    راتِ مون روهڙِي ڏِٺي.

    ساههَ ۾ ڪائي سِتارَ
    سارَ ۾ ڪنهن جي وَڳي
    راتِ مون روهڙِي ڏِٺي.

    هرڻيءَ جهڙي دل منهنجي
    وَئي هَٿن مان پَئي ڀَڳي
    راتِ مون روهڙِي ڏِٺي.


    مُون سان گَڏُ هَلي پَيو

    نفرتُن جي شهرَ ۾
    پيارَ ـ پاڇو دوستو
    مُون سان گَڏُ هَلي پَيو.

    ڇو انڌيرن کان ڊڄان
    سُونهن تُنهنجو سوجھرو
    مُون سان گَڏُ هَلي پَيو.

    سڀُ خُوشيون ٿَڪجي پَيون
    دردُ هاڻي هيڪلو
    مُون سان گَڏُ هَلي پَيو.

    تُون ڀلي سِجَ تاءُ ڪَر
    هي وَڻن جو ڇانورو
    مُون سان گَڏُ هَلي پَيو.

    وحشتُن جي واٽ تي
    اڃان به ٿورو ماڻهپو
    مُون سان گَڏُ هَلي پَيو.

    گيتَ گُونجن ٿا پيا
    شاعرن جو قافلو
    مُون سان گَڏُ هَلي پَيو.

    واٽَ ساري زلزلو
    پوءِ به مُنهنجو حوصِلو
    مُون سان گَڏُ هَلي پَيو.


    تُون به جاڳي پَئُه کَڻي

    پکين آ پرڀاتِ جو
    گيتُ ورجايو
    تُون به جاڳي پَئُه کَڻي.

    سُونهن تُنهنجي گھَر جو
    درُ آ کَڙڪايو
    تُون به جاڳي پَئُه کَڻي.

    سمنڊُ سُمهي ئي ڪينَ ٿو
    ٻيڙين ٻُڌايو
    تُون به جاڳي پَئُه کَڻي.

    هڪڙي جھُوٽي واءُ جي
    جبلُ جاڳايو
    تُون به جاڳي پَئُه کَڻي.


    روزُ ٿو وِڪڻان پَيو

    خُوابَ ريڙهي تي رَکي
    روزُ ٿو وِڪڻان پَيو.

    ڪين ٿو ڪو اَگھُه پُڇي
    پيارَ جا پالي پَکي
    روزُ ٿو وِڪڻان پَيو.

    زندَگي ڇاڇا گھُري ٿي
    گيتَ پنهنجا اي سَکي!
    روزُ ٿو وِڪڻان پَيو.

    دردَ جي لَذت آ ڪيئن
    تُون به ٿورو ڏِسُ چَکي
    روزُ ٿو وِڪڻان پَيو.


    تُون هَليو وَئين اوچتو

    مُرڪندڙ پيارا مُسافِر
    چار ڏينهن ترسي لَڏي
    تُون هَليو وَئين اوچتو.

    روئي راتين جو اُٿي
    ڪوئي ٿو توکي سَڏي
    تُون هَليو وَئين اوچتو.

    ريشمي راهُون وٺي
    خُوابَ هِتِ سارا ڇَڏي
    تُون هَليو وَئين اوچتو.

    دردُ جو سڀني دلين ۾
    ڳوٺُ هڪڙو نئون اڏي
    تُون هَليو وَئين اوچتو.

    لُڙڪ ها تُنهنجو وِڇوڙو
    گُلَ ها تُنهنجي تَڏي
    تُون هَليو وَئين اوچتو.

    * مشهور ڪهاڻيڪار ۽ پياري دوست رفيق سومري جي نوجوان پُٽَ نديم سومري جي وفات تي لکيل.


    سا صَدا ڪاڏي وَئي

    جا پرينءَ جي لوءِ مان
    ديس ۾ گُونجي هُئي
    سا صَدا ڪاڏي وَئي.

    جھُومندا ها سڀُ گُلابَ
    ۽ کجين سمجھي هُئي
    سا صَدا ڪاڏي وَئي.

    درد لئه ڪوئي دِلاسو
    پيارَ جي پونجي هُئي
    سا صَدا ڪاڏي وَئي.

    راڳَ جي رستي کان جا
    ساهه ۾ سهنجي هُئي
    سا صَدا ڪاڏي وَئي.

    هُئي ته هڪڙي جي مگر
    تُنهنجي ۽ مُنهنجي هُئي
    سا صَدا ڪاڏي وَئي.

    * سرمد سنڌيءَ جي وڇوڙي تي لکيل.


    شاعريءَ مونکي ڏني

    پوپَٽن جون محبتُون
    ۽ گُلن سان دوستي
    شاعريءَ مونکي ڏني.

    نانءُ منهنجو ڪونه هو
    شُهرتُن جي زندگي
    شاعريءَ مونکي ڏني.

    رڃَ جون ويرانيون
    ۽ بهارن جي چُمي
    شاعريءَ مونکي ڏني.

    نفرتُن کان نفرتُون
    روحَ ۾ هيءَ تازگي
    شاعريءَ مونکي ڏني.

    پيارَ جُون چانڊوڪيون
    ۽ ڏُکن جي روشني
    شاعريءَ مونکي ڏني.


    سَڀُ لُڙڪَ سُڪي ويا هِن

    بکر مان ڏسان ٿو پيو
    سنڌوءَ جي اُداسيءَ کي
    سَڀُ لُڙڪَ سُڪي ويا هِن.

    پاڻيءَ کان سِوا ٻيڙي
    تنها پئي ٿي سُڏڪي
    سَڀُ لُڙڪَ سُڪي ويا هِن.

    ٻيلو نه اُهي ٻانڀَڻ
    ساڌو به نهَ ٿو سمجھي
    سَڀُ لُڙڪَ سُڪي ويا هِن.

    هي گھاٽُ پرينءَ جو آ
    پرَ پاڻَ آهي پرتَي
    سَڀُ لُڙڪَ سُڪي ويا هِن.

    ڇوليون نه اُهي ٻوليُون
    هينئڙو ٿو پَيو تڙپي
    سَڀُ لُڙڪَ سُڪي وياهِن.


    اديبن جا رايا

    شيخ اياز

    ادل سومرو نئين ٽهيءَ جو اُهو شاعر آهي، جنهن فارسي ۽ اُردو وزن کي لَتَ هَڻي، شعري روايات جا سَمورا زنجيرَ ٽوڙي ڇڏيا آهن ۽ پنهنجو ترنُم، پنهنجي اندرَ جي آواز مان اُڀاريو آهي. اڄڪلهه جَديد شاعرَ پاڻَ تي ڪو زنجيرُ رَکڻُ نه ٿا چاهين. اُنهن جُون اکيون کُليل ۽ پير آزاد آهن. ادل سومرو انهن مان برکُ شاعر آهي.


    تنوير عباسي

    مُبارَڪ آهي اُهو ڏينهن، جنهن ڏينهن ادل سومرو ڄائو، جنهن ڏينهن ڀٽائي ڄائو، جنهن ڏينهن سَچلُ ڄائو. ادل اسان جي دؤر ۾ سنڌي شاعرن ۾ تمامُ سُٺو مقامُ هِن وقت به رکي ٿو ۽ پَڪَ آهي ته اڳتي هَلي ادبي تاريخَ ۾ به رکندو.


    امداد حُسيني

    ادل سومري جي شاعريءَ جي مٿان جيڪڏهن نالو نه به لِکيل هُجي، تڏهن به مان سُڃاڻي ويندُس ته اِها ادل سومري جي شاعري آهي.


    فهميده رياض

    ادل سومري جو ڪتابُ جڏهن مون ڏٺو ۽ غور سان پڙهيو ته مونکي لَڳو ته هڪ نئون ۽ مُنفرد آواز آهي. تمام خوبصورت ۽ اوريجنل جذبن سان اسان جي آڏو آيو آهي ۽ اسين اُن کي ڀليڪار چئون ٿا. ان قسم جي شاعريءَ جو ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيڻ کپي.


    تاج جويو

    ادل سومري نه صرف پنهنجي همعصرن ۾ هڪ اعلى مقامُ رکي ٿو، پر پاڻ کان ڪيترن سينيئر شاعرن کان به فَني، فڪري ۽ تخليقي طرح اڳتي نڪري، ڪَوتا ـ کيتر ۾ چنڊَ جي صورتَ اختيار ڪري چُڪو آهي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 464
    ڪتابن جو مشاهدو: 373070
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 151964
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ