ڪتاب جو نالو: وليون وڻ ڦلارئا
مصنف: ادل سومرو
ڇپائيندڙ: پبلشر بابت ڄاڻ موجود ناهي
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 1986
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 20 جنوري 2017 ع
پڙهيو ويو: 401 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 351 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ادل سومري جي خوبصورت شاعريءَ جو ڪتاب ” وليون وڻ ڦلارئا “ اوهان اڳيان حاضر آهي. نصير مرزا لکي ٿو:
”نظرياتي سطح تي، شاعري ادل وٽ سَگھهَ سو ضرور آهي، پر سلوگن نه قطعي نه ۽ ريڊي ميڊ ڳوڙها، نه، پمفلٽ بازي ..... بس رُڳو هڪ شدت ۽ پيڙ منجھه اوس آهي. جيڪا ذهن کي جھنجھوڙي دل کي تڙڦائي ٿي وجھي. وليون وڻ ڦلاريا ۾، سڀ گُل سُرها سڀُ وليون سُرهيون ۽ سڀُ وڻ سدا بهار آهن، جن کي اکين ۾ رَکي ڇَپر ڀيڙبا ته، لُڙڪن جي صورت ۾ ڪُجھه رَتُ ڦُڙا اوس ڳڙي پوندا، ۽ اهو ئي ادل جي شعرن جي ملهائيو حصو به ته آهي. ۽ هن جي شاعريءَ ۾ جيڪو آدرش آهي، اُهو ماڳ جو سَمورو پنڌُ کڻي نه، پر ٻه ٽي وکون روشن ڪرڻ جي سَگھهَ ضرور رکي ٿو.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • گذارش
  • مهاڳ : مرڪ جو هڪڙو موتي گھرجي
  • انسانن جو ابتدائي احتجاج
  • پينگھه تي او پوپري! تنهنجو لڏڻُ
  • اعتراف
  • وڇوڙو
  • سُونهن سيکاريا سُرَ،
  • راڳيءَ جي نيڻن مان لُڙڪن جون قطارُون
  • سِج جو لُڙڪ
  • هل ته وساريون واسرا،
  • توکي ڪيئن مان چنڊ چوان!
  • لاٽُون لاٽُون ڪجرا نيڻ
  • هينئڙي هُر کُر آهي لڳل
  • تيز هوا ۽ آکيرو
  • تنهنجي دَرَ تي ديرا آهن
  • جندڙيءَ ولِ نه آ وڻِي
  • جيون توڙي دردَ هزارَ
  • سوچ ـ پَکيءَ کي گھاءَ لڳل
  • خوشبوءِ جا پوپٽ
  • کجين ۾ ويا هِن رَسي يار ڏوڪا
  • ڏيئا پائن ليئا
  • ناتا ڪچا ڌاڳا
  • هوءَ جا جرڪي وِڄُ
  • ڪاڳر تي تقديرون آهن
  • طبقاتي پيار جي پڄاڻِي
  • ڪنول قطارون، من ـ ڪينجھرَ
  • پوندي نيٺ ٽُٽي
  • هر ڪنهن کي هِت آهن دوستَ
  • روٽيءَ سندي روح ۾!
  • ويهين صديءَ جي دانشور جو ڪمرو
  • سپُنا وسري ويندا آهن
  • هُٻڪارن جو هنڌُ
  • زندگي ڏاڍي ڪَڙي
  • ڪارن ڪڪرن جي ڏوليءَ ۾
  • ڪيڏو ڪرڳل ڪُڙم ۾!
  • هڪڙي پلَ جو ميلو آهي
  • اڄُ روئڻَ تي دل ٿي چاهي
  • جھوني بَڙَ جي لامَ ڪري پئي
  • تاريخن جي روشن رڳ
  • اُجڙيل بستي دُونهن جا ديرا
  • ڇانوَ توتي ڪندُس
  • اڃان اهو انڌيرو آهي
  • ڪاغذي قُربُ
  • آيا آهن اوڏَ، کُٿل کڻي کٿڙا
  • سڏُ آهي اڃان
  • سڀئي کُوههَ کارا اکين جا سُڪايل
  • پَلُ ـــــ امرَت ڌارا
  • گھرَ گھرَ آهي گھُٽَ
  • جوڀَن سَدا جھُڙالو رهندو
  • جيون جھُوني جاءِ
  • جوتِ ڪَلا جرڪائڻُ گھُرجي
  • تقديرن جو ليڪو ڪارو
  • پڇتاءُ
  • اُڀ نگر ۾ بازَ جو ڀڙڪو
  • پٿر جهڙا پَلَ
  • دُنيا هڪڙو گولو آهي
  • واچــــــوڙن جــــــــــا ويرَ
  • ماڻهو سُتل جاڳيل ڀاڳَ
  • ڌرتي تولئه سڀُ وفائون
  • احساس جي صليب تي ٽنگيل سوچون
  • هر ڪو هانءُ هَمالي جيڏو
  • طوفانن جي گھيرن مان
  • دردَ اسان ڏي موٽي آءُ
  • جذبن کي آ جَسُ جن آ جوت جلائي
  • ڌُٻڻِ ۾ ڦاٿل زندگيءَ جي صَدا
  • نفرتون نپائڻ جو هاڃو
  • شهر بڻجي ويو سڄو آهي پٿر
  • پنهنجا سپُنا کوٽا کيل
  • واءُ ۾ سڀُ گيتَ سي وکري ويا
  • اُداس شهر جو آخري منظر
  • ادل بابت اديبن جا رايا

  • ادل سومرو، هڪ ڀلو شاعر ۽ پيارو ماڻهو : نصير مرزا
  • غلام محمد گرامي
  • سلمى صديق قاضي

  • سنڌ سلامت پاران

    ادل سومري جي خوبصورت شاعريءَ جو ڪتاب ” وليون وڻ ڦلارئا “ اوهان اڳيان حاضر آهي. نصير مرزا لکي ٿو:
    ”نظرياتي سطح تي، شاعري ادل وٽ سَگھهَ سو ضرور آهي، پر سلوگن نه قطعي نه ۽ ريڊي ميڊ ڳوڙها، نه، پمفلٽ بازي ..... بس رُڳو هڪ شدت ۽ پيڙ منجھه اوس آهي. جيڪا ذهن کي جھنجھوڙي دل کي تڙڦائي ٿي وجھي. وليون وڻ ڦلاريا ۾، سڀ گُل سُرها سڀُ وليون سُرهيون ۽ سڀُ وڻ سدا بهار آهن، جن کي اکين ۾ رَکي ڇَپر ڀيڙبا ته، لُڙڪن جي صورت ۾ ڪُجھه رَتُ ڦُڙا اوس ڳڙي پوندا، ۽ اهو ئي ادل جي شعرن جي ملهائيو حصو به ته آهي. ۽ هن جي شاعريءَ ۾ جيڪو آدرش آهي، اُهو ماڳ جو سَمورو پنڌُ کڻي نه، پر ٻه ٽي وکون روشن ڪرڻ جي سَگھهَ ضرور رکي ٿو.“
    سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر سٽي پاران محترم عبداللطيف انصاري جي ڪاوشن سان اِي بوڪ جي صورت ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي۔

    محمد سليمان وساڻ
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام


    گذارش

    محترم دوستو!

    اوهان کي، ادارو سنڌ ويب ڊاٽ ڪام ۽ سمورو سَٿ اهو ٻڌائيندي تمام گھڻي خوشي محسوس ڪري رهيو آهي ته اسان سنڌ جي مايهء ناز ۽ ڀلوڙ شاعر محترم ادل سومري جي شاعريءَ جو پهريون مجموعو آن لائن ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو اوهان جي برقي پردي جي آڏو موجود آهي. دوستو هن اداري جي هميشه کان اها ڪوشش رهي آهي ته سموري دنيا ۾ وسندڙ سنڌ واسين کي اسين معياري ادب سندن برقي پردي جي آڏو پيش ڪريون، جنهن سان اوهان ڪجھه پرائي سگھو ۽ پنهنجي مٺڙيءَ ماءُ (سنڌ ڌرتي) جي سٺي نموني خدمت ڪري سگھو.
    محترم دوستو….
    اسان وري به اها اميد ڪريون ٿا ته، اوها وقت به وقت پنهنجا قيمتي مشورا ڏيندا رهندا ته جيئن اسين وڌيڪ سهڻي نموني اوهان جي ۽ سنڌ جي خدمت ڪري سگھون
    ساٿ سلامت
    مهرباني

    اوهان جي مشوري جو منتظر
    عبداللطيف انصاري
    شمس آباد سکر سنڌ
    فون : 0333.7146119 اي ميل ؛ abdullateefansari@yahoo.com


    مهاڳ : مرڪ جو هڪڙو موتي گھرجي

    شاعر هن لوڪ کي پرلوڪ سان ملائڻ واري هڪ ڪَڙي آهي. هو مِٺي پاڻيءَ جو اهو چشمو آهي، جنهن مان اُڃايل رُوح پنهنجي پياس پُوري ڪن ٿا. هو سُندرتا جي دَرياهه ڪناري، تازن ميون سان ڀرپور وڻ آهي، جنهن مان بُکايل دليون ڍوءُ ڪن ٿيون. هو شاعريءَ جي لامن تي اُڏامندڙ بُلبل آهي، جا مٺا مٺا گيت ڳائي دل جي خالي ڪُنڊن کي ميٺاج جي رَسُ سان ڀري ٿي. هو انهيءَ بادلَ سمان آهي، جو ڳاڙهي شفق جي ڪناري تان اُٿي، وڌندو اچي ٿو، ۽ پوءِ سَڄي آڪاش ۾ ڦهلجي وڃي ٿو: وري برسات جي روپَ ۾ وسي ٿو، ته زندگيءَ جي باغيچي کي گُلزار ڪريو ڇڏي، ۽ هر هنڌ مُکڙيون ٽڙيو پون. هو خُدا جو موڪليل فرشتو آهي، جيڪو انسانن کي سندس پيغام پهچائي ٿو. هو ڌرتيءَ تي ڦهلجي ويندڙ سوجھرو آهي، جنهن تي ڪڏهن به انڌڪار ڦهلجي نٿو سگھي. هو محڪم ارادي وارو آهي، جو پريم ۽ سنگيت جي ديويءَ کان پنهنجو پرڪاش حاصل ڪري ٿو.

    هي اهو ئي شاعر آهي، جنهن کي زندگيءَ ۾ ڪير ڪونه سُڃاڻي، پر هن دنيا کي ڇڏڻ بعد، جڏهن هو پنهنجي حقيقي ديس طرف هليو وڃي ٿو، تڏهن سندس پوڄا شُروع ٿئي ٿي. ها، هي اُهوئي شاعر آهي هو انسان کان، هڪ هلڪيءَ مُرڪ بنان ٻيءَ ڪنهن به شيءِ جي تمنا نٿو رکي.

    اي شاعر...!


    آخر ڪيسيتائين تون انهن کي شان مان سان شاهي محل ٺهرائي ڏيندين، جن ڌرتيءَ جي مٿاڇري کي خون جي ڇنڊن سان لال ڪري ڇڏيو آهي! آخر ڪيسيتائين تون ظالمن، هٿيارن ۽ آزاد انسانن کي غلام بنائڻ وارن کي نظر انداز ڪندو رهندين، ۽ ڪيسيتائين انهن ڪمزور ۽ مجبورن کي وساريندو رهندين، جيڪي سدائين تنهنجي سوڀَ لاءِ سڪندا رهن ٿا.

    خليل جبران


    انسانن جو ابتدائي احتجاج

    وحشتون آهن انڌيرا،
    پيار آهي روشني
    ٻارڙن جو وارڊ آ، روشن مگر پوءِ به اُداس!
    بسترن تي بي سَتا، بيمار هيڊا ٻارڙا،
    روشنيءَ جي تروِرن تي نيڻ جن جا،
    واءُ ۾ ڏيئن جيان ٽمڪن پيا.
    مائرون ٻارن جون آهن بيقرار
    ڏينهن ڏسڪن راتيون جاڳن،
    ڪن اهوئي انتظار:
    ”ٻارڙن جا مُک مرجھايل
    گُل تي ٽڙندا ڪڏهن؟“
    سُونهن سان چاهت رکي ٿو هر ڪو من،
    سُونهن آهي سوجھرو
    وحشتون آهن انڌيرا ــ
    اوچتو ڪنهن پل جڏهن،
    وارڊن مان گُم ٿي وڃي ٿي روشني،
    بسترن تي بي سَتا، بيمار هيڊا ٻارڙا
    پاڻ ۾ ساري سمايل سگھه سان،
    روئي ٿا ڪن ڏاڍو آواز ــ
    ٻار جو اوندهه ۾ روئڻُ،
    انسان جو وحشت خلاف، ابتدائي احتجاج!


    پينگھه تي او پوپري! تنهنجو لڏڻُ

    پينگھه تي او پوپري! تنهنجو لڏڻُ،
    ڪين ٿو وسري سگھي، تنهنجو کلڻُ!

    ڪنهن جھُڙاليءَ شام جو توکي ڏٺم،
    هر طرف هو سُونهن جو سيلاب ڄڻُ!

    روز سپُنن ۾ ڪچهريون ٿي ڪرين،
    ساڀيا ۾ شال ٿئي تنهنجو ملڻ.

    جنهن جي وارن ۾ سدائين رات آ،
    سِج کان وڌ آهي سو منهنجو سڄڻُ.

    نيڻ واٽن تي سدا ٻرندا رهيا،
    پر نه ٿيو ڀُلجي ڪڏهن تنهنجو اچڻ!

    ڏات جي صحرا ۾ سُندر سوچَ جو،
    بادلن جي پوئتان پياسو ڊُڪڻ.

    محبتن جون مشعلون جلنديون رهن،
    نفرتن جو ٻاٽ ۾ آهي مرڻُ.

    اي پرين! تون سنڌ مان گُذرين جڏهن،
    ڪين ڀُلجان ڀونءَ جي مٽي کڻڻُ.


    اعتراف

    مون کان منهنجا شعر ويا وسري،
    جڏهن ڏٺو مون توکي ــ
    ۽ پوءِ سوچيم
    پڪ ٿيم:
    سڄي حياتي،
    آءٌ نه جوڙي سگھندس جاني!
    تنهنجي چهري جهڙو گيت.


    وڇوڙو

    پيارا!
    تنهنجي وڃڻ کانپوءِ،
    منهنجو جيون،
    ائين لڳي ٿو:
    ڄڻُ ڪنهن پڪل پوک ۾ ماڪڙ ــ


    سُونهن سيکاريا سُرَ،

    سُونهن سيکاريا سُرَ،
    ساز اڳيئي ساهه ۾:

    مُرڪ جو هڪڙو موتي گھرجي،
    گھڻي ته ناهي گھُرَ ــ
    ساز اڳيئي ساهه ۾:
    سُونهن سيکاريا سُرَ،

    هَٿ تريءَ تي مينديءَ جا گُلَ
    ڇينڀن جهڙي ڇُرَ ــ
    ساز اڳيئي ساهه ۾:
    سُونهن سيکاريا سُرَ،

    اکِ جڏهن جو اک سان اٽڪي،
    ڪيڏي ٿي وئي ڦُرَ.
    ساز اڳيئي ساهه ۾:
    سُونهن سيکاريا سُرَ،


    راڳيءَ جي نيڻن مان لُڙڪن جون قطارُون

    راڳيءَ جي نيڻن مان لُڙڪن جون قطارُون،
    ٽُٽي رات ويئيون، تنبوري جون تارون.

    جُدائيءَ جا آهن وڏا گھاوَ گھرا،
    ٻيٽاريءَ تي تنها پکيءَ جون پُڪارون.

    هوائن ۾ زخمي ٿا پوپٽ اُڏامن،
    خزائن جي سنگھرن ۾ باندي بهارون.

    سدا پاڻ سپُنن ۾ سوڀُون ٿا ماڻيون،
    ملن ساڀيا ۾ اسانکي ٿيون هارُون.

    پرين سان ئي ٿيندا رهن ٿا رُساما،
    پراون ڏي او يار! ڪهڙيون مَيارون.

    سانجھيءَ ڦليليءَ تي ميگھن ملهارون،
    آيون تنهنجون سارُون، ٿيو مَنُ ڦارون.


    سِج جو لُڙڪ

    مون کان پُڇ
    چُپ رهي او سڄڻ!
    ايڏو نه لُڇُ
    ڪجھه ته ڪڇ!
    ان کان اڳ جو تنهنجا جذبا،
    تنهنجي اندر منجھه سڙي،
    ٻاڦ جو روپ ڌاري
    تنهنجي اکين جي ڪناري،
    ٿي ٿڌا
    تنهنجو ڳلن تان پَوَن ڳڙي ــ
    مون کان پُڇُ
    ڪجھه ته ڪُڇُ.
    پر جيڪڏهن لُڙڪن سان تنهنجي
    دل وئي آهي لڳي،
    تا پاڻ ئي تون لُڙڪ ٿي پَئُه
    سج جو لڙڪ ــ
    ائين جي ٿي نٿو سگھين،
    ته مون کان پُڇُ
    ڀڙڪ،
    ڀنڀٽ ٿي ڀَڙڪ!
    ڇوته جيڪو جيؤ،
    اُجھاميل آهي،
    ڄڻُ ته مئل آهي.


    هل ته وساريون واسرا،

    هل ته وساريون واسرا،
    آهي گھُٽَ فليٽن ۾!

    هيڏي هُل هشامَ ۾،
    منجھيل سارا مامرا.
    آهي گھُٽَ فليٽن ۾!
    هل ته وَسايون واسرا ــ

    سارِيون* تتل روڊ تي،
    کوههَ ڇپر جا ڇانورا.
    آهي گھُٽَ فليٽن ۾!
    هل ته وَسايون واسرا ــ

    دونهنَ نگر ۾ ڊوڙندي،
    ساههَ به ٿي ويا سانورا.
    آهي گھُٽَ فليٽن ۾!
    هل ته وَسايون واسرا ــ

    * سارِيون ـــــ ياد ڪيون


    توکي ڪيئن مان چنڊ چوان!

    توکي ڪيئن مان چنڊ چوان!
    سائيءَ ورتل هيڊو هيڻو،
    پوڙهو چنڊ
    ٺوڙهو چنڊ ــ
    تنهنجن ساهَن ۾ سُرهاڻ
    تنهنجي ڇاتيءَ ۾ مهراڻ ـ
    تنهنجا ڪارا وار ائين ڄڻُ،
    مياڻيءَ ٻيلو ــ
    تنهنجو مُرڪڻ،
    پرڀات جو ڦٽڻ
    ماٺيءَ ڍنڍ ۾
    ڪنول جو ترڻُ
    تاري جو ٽُٽَڻُ ــ
    توکي ڪيئن مان چنڊ چوان!
    ڪوڙهه ورتل جھونو جھيڻو
    بيمار چنڊُ
    لاچار چنڊُ ـــ


    لاٽُون لاٽُون ڪجرا نيڻ

    لاٽُون لاٽُون ڪجرا نيڻ،
    واٽُون واٽُون اوسيئڙو.

    اونداهي ڳڙڪائي وئي،
    هٿَ ـ تريءَ تان هر ڏيئڙو.

    بند سمُورا درَ گھَرن جا،
    ڪوبه نه پائي ٿو ليئڙو.

    ذهن سمورا کنڊر کنڊر
    ڄارا ڄارا ڪوريئڙو.

    سازن کان آوازَ رُسي ويا،
    هر چَپَ تي آ منڌيئڙو.

    گونگا گيت گھٽين ۾ ڀٽڪن،
    ٻوڙو ٻوڙو هر جيئڙو.

    پاڻ وڄايو پنهنجي مُرلي،
    ڪوبه نه ايندو جوڳيئڙو.


    هينئڙي هُر کُر آهي لڳل

    هينئڙي هُر کُر آهي لڳل،
    پرين رُٺا جي پرچن شَل!

    سانول سان گڏ گھاريل سارا،
    پوپٽ جهڙا پيارا پل.

    سوچ نگر ۾ موٽي ايندا،
    رِمجھم رُتَ جا گيتَ رُٺل.

    خوابَ سمايل تنهنجا نيڻَ،
    جوڙيا ڄڻُ تنوير غزل.

    ڦُلواڙيءَ ۾ ڦڳڻُ وريو،
    اڃا به آهي ڊيل ڊنلَ.

    دل وارن جا وستين ۾،
    هُجن سدائين ميڙ متلَ.

    نيٺ ته چهرا ٻهڪي پوندا،
    ڪيسين رهندا نيڻ ڀنلَ!


    تيز هوا ۽ آکيرو

    ڪيڏو مون سمجھايو توکي،
    منهنجا مُنجھيل موڳا مَنَ!
    ”تيز هَوا ۽ طوفانن سان،
    ڪکن پنن جي آکيري جي،
    آخر ڪهڙي حُجت هلندي!“
    شِشي ـ گھر جي دروازي تي،
    تنهنجو آڌر ڀاءُ نه ٿيو،
    تنهن پل تن جي سامهون توکي،
    پيارا ڪو پڇتاءُ نه ٿيو ــ
    هاڻي ويٺو مينهن وسائين،
    ور ور مونکي پيو ٻڌائين:
    ”وشال گھر ۾ رهندڙ ماڻهو
    دل جا ڪيڏا سوڙها آهن“
    ۽ مان تنهنجا لُڙڪ ڏسي
    اُڀ ڏي کَڻي نهاريان ٿو.
    رات جا سارا تارا زخمي،
    چنڊُ اُداس ۽ اڻپورو،
    ڄڻُ تنهنجو چهرو ــ
    ڪيڏو مون سمجھايو توکي،
    مُنهنجا مُنجھيل موڳا مَنَ!
    جي تون منهنجي ڳالهه مڃين ها،
    بادل بڻجي ڪين وسين ها!


    تنهنجي دَرَ تي ديرا آهن

    تنهنجي دَرَ تي ديرا آهن
    پوءِ به غمن جا گھيرا آهن.

    توکان ڏور وڃڻ ٿو چاهيان،
    واٽُن منجھه انڌيرا آهن.

    چهرن جي چانڊوڪين پويان،
    اوندهه جا آکيرا آهن.

    ڪهڙيون ميارون توتي مٺڙا!
    وقت وقت جا ڦيرا آهن.

    هاريءَ جهڙو پيار آ منهنجو
    تنهنجا ناز وڏيرا آهن.

    گُلُ ڪُوماڻو تڏهن به اُن تي،
    ڀوري ڀؤنر جا ڀيرا آهن.


    جندڙيءَ ولِ نه آ وڻِي

    جندڙيءَ ولِ نه آ وڻِي
    اوري آ، منَ ڀانوڻي!
    ڇاجو آهي ڇانگرو ـ

    اکين مٿان ڀنڀا ڀرون
    سنڌوءَ جي ڄڻُ سانوڻي!
    ڇا جو آهي ڇانگرو،
    اوري آ، منَ ڀانوڻي!

    ڪاڪُل ڪارا ڪنڌيءَ تي،
    جن ۾ سُونهين ڏاوِڻي!
    ڇا جو آهي ڇانگرو،
    اوري آ، منَ ڀانوڻي!

    مُشڪ کَٿوري واسيل وستي،
    سُونهنَ وارن جي ڇاوڻي!
    ڇا جو آهي ڇانگرو،
    اوري آ، منَ ڀانوڻي!
    جندڙي ولِ نه آوڻي ــ


    جيون توڙي دردَ هزارَ

    جيون توڙي دردَ هزارَ،
    پوءِ به نه مڃبي مٺڙا هارَ!

    مُرڪ مهانگي ملندي جي،
    ته به، نه ٿيندي لُڙڪن لار!

    واندو ويهي واٽ نه ڏسُ،
    ڪوبه نه لهندءِ سکڻي سارَ!

    ڪَرڻو پوندو پنهنجي ٻَلَ تي،
    مڙئي گُذارو منهنجا يارَ!

    ساھُ کَڻِي ڪيڏو ڀي سوگھو،
    دل کان ڌرتي ناهي ڌار.


    سوچ ـ پَکيءَ کي گھاءَ لڳل

    سوچ ـ پَکيءَ کي گھاءَ لڳل
    پيڙائن جا ميڙ متل.

    دل ـ دنبورو ماٺ ۾ سائين!
    تَنَ جي هر ڪا تندُ ٽُٽل.

    ڊگھا پاڇا بندرا ماڻهو،
    اوجھڙ رستا مُنهن ڊنل.

    گھمندڙ ڦرندڙ جيئرا لاشا،
    جسم جسم کان رُوحَ رُٺل.

    ڪنهن جي دل تي ڪارنهن ٽڪو
    ڪنهن جي اک ۾ آهي ڪجل.

    ڪاريون راتيون سُندر سپنا
    ڦاٽل رلهي کٽَ ڇڳل.

    اُڀَ ۾ تارا مُرڪن مُرڪن
    اکِ جا تارا روز ڀنل.

    سُڏڪا سُر سنگيت سڀيئي
    راڳي روئي ساز سُتل.

    سادا سُودا گيت غزل
    لکندو رهندو روز ادل.


    خوشبوءِ جا پوپٽ

    عڪس ظاهر سُونهن جا ڪيڏا رنگين،
    جن کي پَسندي ٿو لڳي علم حسين.
    جن جي ٽهڪن مان ٿين پيدا،
    خوشبوءِ جا پوپٽَ ــ
    جن جي ڳلڙن کي ڏسي،
    ٿئي گُلڙن جو گُمان ــ
    جن جي چپڙن مان سدائين،
    پيار جون ٻوليون ٻُرن.
    جن جي نيڻن ۾ نهاري
    روح ۾ پيدا ٿئي ٿي تازگي ــ
    هاءِ پوءِ به منَ تِن جا،
    ڄڻُ ته ڪا اوندهه جي کاڻِ!
    ڪين پسجي جن ۾ ٿو،
    پيار جو ڪو ترورو ـــ
    ساڙ ۽ نفرت جي چمڙن
    جا آهن ڄڻُ آستان ــــ!


    کجين ۾ ويا هِن رَسي يار ڏوڪا

    کجين ۾ ويا هِن رَسي يار ڏوڪا
    وري پُور جاڳي پيا هِن پروڪا.

    رُسامي جون راتيون ۽ سانوڻ جا جھوٽا
    ايامن جا ميلا لڳن ٿا ڪلهوڪا.

    آ، هر وڻ جي پَن تي پرين تنهنجو نالو
    هوائون به تنهنجا ڏين روز هوڪا.

    ڪڪرن جي رَٿَ تي هلي آءُ پيارا!
    اها ڳالهه هڪڙي اسانجي مڃو ڪا.

    ڪوئي ڪين آيو مُسافر اويرو
    سڄي رات گھَرَ جا کُليل ها جھَروڪا.

    لهرن ۾ لوڙهي ڪري ويا ڪنارا،
    آهن ساٿَ سارا اُڌارا اڄوڪا.


    ڏيئا پائن ليئا

    اکِ، اوندهه، ۾ اٽڪائي،
    لاٽ نه وِسڻي آهي!

    وات پَٽي، طوفان ويا،
    ڪکَ پنَ کي ڳڙڪائي
    لاٽ نه وِسڻي آهي!

    ڪاري رات جي ڪامڻي،
    ڇيرين کي ڇمڪائي
    لاٽ نه وِسڻي آهي!

    مايوسِين جي ويرانين ۾
    روح نه ڪو ڀٽڪائي
    لاٽ نه وِسڻي آهي!

    ڏيئا پائن ليئا،
    اکِ، اوندهه ۾ اٽڪائي!


    ناتا ڪچا ڌاڳا

    اڄڪلهه جا ڪي ناتا آهن،
    ناتا ناهن پاڇا آهن!

    جيڏي مايا تيڏي ڇايا،
    سکڻي پالهي پريت جا ناتا،
    جنهن سان جيڏا ويجھا ٿيندا،
    تنهن سان تيڏا ويڇا ٿيندا.

    مونکي ڪهڙي سُڌَ ته سائين!
    پريت جا پاڇا ڇرڪي پوندا،
    تنهنجا خيال کٿوريءَ جهڙا
    مايا ـ مَڙهه تان ترڪي پوندا.

    ڪنڊن کي پوکڻ کان اڳ ۾،
    جيڪر تون ڪُجھه سوچين،
    لوڀ ـ لهر ۾ لُڙهڻ کان اڳ ۾،
    ذهن ضمير کي نوچين ها!

    اڄڪلهه جا ڪي ناتا آهن،
    ڄڻ ڪي ڪچا ڌاڳا آهن.


    هوءَ جا جرڪي وِڄُ

    هوءَ جا جرڪي وِڄُ،
    ڪُنبي ويئيون ڪڪريون!

    مايوسيءَ جي مينهن ۾،
    ڀائُو، ائين نه، ڀِڄُ!
    ڪُنبي ويئيون ڪڪريون!
    هُوءَ جا جرڪي وِڄُ.

    جي تون اوندهه جھوپڙي،
    ٻارج تنهن ۾ سِجُ.
    ڪُنبي ويئيون ڪڪريون!
    هُوءَ جا جرڪي وِڄُ.

    سچائيءَ جي ساٿَ کان،
    ڇرڪي مُور نه ڇِڄُ!
    ڪُنبي ويئيون ڪڪريون!
    هُوءَ جا جرڪي وِڄُ.


    ڪاڳر تي تقديرون آهن

    ڪاڳر تي تقديرون آهن،
    طاقت تي تدبيرُون آهن.

    هرڪو گيت بغاوت آ ڄڻُ،
    سوچن تي شمشيرُون آهن.

    پيار سچي جي پيڙهه مٿاران،
    نفرت جُون تعميرون آهن.

    گوليءَ جي ٻوليءَ ۾ لکيل،
    خوابن جون تعبيرُون آهن.

    منهنجا نظم، غزل ۽ وايون،
    چاهت جون تصويرون آهن.


    طبقاتي پيار جي پڄاڻِي

    ڪنهن پل ڀلجي او سانئڻ!
    جي مان توکي ياد پوان،
    منهنجا ويڻ وساري ڇڏجان!

    هي ڪا ڳالهه پُراڻي ناهي،
    ڪوڙي ڪا آکاڻي ناهي،
    ڪنهن جي لئه سمجھاڻي ناهي؛
    وڏَ ـ گھَراڻن راڄَن ۾،
    جذبن جي اهميت ئي ڇاهي...!
    آءٌ مڃان ٿو او سانئڻ!
    سڀُ شڪستون منهنجون آهن،
    سوڀ اوهان جي درَ جي ٻانهي
    منهنجي هر هڪ فوٽوءَ کي تُون،
    تيلي ڏيئي ساڙي ڇڏجان!
    منهنجا سکڻا خط سڀيئي،
    چيهون چيهون ڦاڙي ڇڏجان ــ
    منهنجا ويڻ وساري ڇڏجان،
    جي مان توکي ياد پوان،
    ڪنهن پل ڀُلجي او سانئڻ!


    ڪنول قطارون، من ـ ڪينجھرَ

    ڪنول قطارون، من ـ ڪينجھرَ،
    نيڻَ نهارون، ڇر ئي ڇر.

    برُا ته ايڏا ڪين هئاسين،
    بند سڀن جا ڇو ٿيا دَرَ؟

    مايا ـ لهر ۾ لُڙهي ويا،
    قرب ڪنڌيءَ جا ڪانا سَرَ.

    ڪي ته گُلن سان گھارين گھَڙيون،
    ڪِن جو جيون سُڃا بَــرَ.

    هر ڪنهن آڏو مُرڪان آءٌ،
    منهنجي اکين ۾ روڪيل جَــرَ.


    پوندي نيٺ ٽُٽي

    پوندي نيٺ ٽُٽي
    ڏوري ڏاج پهاج جي ــ

    تنهنجي ڳَل تي ماڪَ ڦُڙا
    ڄڻُ ڪا باک ڦُٽي.
    ڏوري ڏاج پهاج جي ــ
    پوندي نيٺ ٽُٽي ــ

    سَرتين سَوَ سينگار ڪيا
    تنهنجي سِينڌ ٻُٽي.
    ڏوري ڏاج پهاج جي ــ
    پوندي نيٺ ٽُٽي ـــ

    کَڻُ تون اڳرا پيرڙا
    ويندو پنڌُ کُٽي.
    ڏوري ڏاج پهاج جي ــ
    پوندي نيٺ ٽُٽي ـــ


    هر ڪنهن کي هِت آهن دوستَ

    هر ڪنهن کي هِت آهن دوستَ
    ڪي ٿا ڪنهن کي چاهن دوست

    ماڻهو پهرين گڏجاڻِيءَ ۾
    نوان نوان ٿا ٺاهن دوست

    جو مون جوڙيو پيار جو جھُوپو
    تنهن کي ويٺا ڊاهن دوست

    ڪيڏا دردَ ڏين ٿا دل کي
    ڪوته ٻُڌائي ڇاهن دوست؟

    هي جي مُون سان ٽَهڪَ ڏين ٿا
    اُهي سَمورا ناهن دوست

    ڪي ڪي ناوَ پُراڻيءَ تي پڻُ
    قُرب ڪنڌيءَ ڏي ڪاهِنِ دوست

    پريت جي ريت نڀائڻ وارا
    اُڀ تان تارا لاهن دوست.


    روٽيءَ سندي روح ۾!

    بُکايل کي بُوءِ
    روٽيءَ سندي روح ۾!

    سو ڇا ماڻهو، جو رَهي،
    پنهنجيءَ روءِ سوُءِ،
    روٽيءَ سَندي رُوحَ ۾!
    بُکايلَ کي بُوءِ..

    ويئي بگھڙن بَکُ ٿي
    ريڍارن جي جُوءِ
    روٽيءَ سَندي رُوحَ ۾!
    بُکايلَ کي بُوءِ..

    کرا وسندا خوش ٿي،
    کوٽا ٿيندا کُوءِ.
    روٽيءَ سَندي رُوحَ ۾!
    بُکايلَ کي بُوءِ..


    ويهين صديءَ جي دانشور جو ڪمرو

    ايش ٽري جي وات ۾،
    سگريٽن جا مُئل اڌڙ.
    ڪاغذن جي بستري تي
    پين گھري ننڊ ۾ سُتل
    سوچَ ڪوريئڙي جي ڄارَ ۾
    ڪمزور مکِ جيان ڦاٿل.
    ڏاتِ، ڀَڳل ڪرسيءَ تي،
    ڏئي پئي کونگھرا.
    اُڏوهيءَ ورتل الماريءَ ۾،
    ڪتابن جو ڪُنجھَڻُ
    دَزَ لڳل ميري پُراڻي بلب،
    هيڊي روشنيءَ جون،
    پئي ڪيون ڪمري ۾ اُلٽيون.
    مايوسين جي ڏائڻين،
    ڏني پئي در تي صدا.....


    سپُنا وسري ويندا آهن

    سپُنا وسري ويندا آهن
    وسري ياد نه ايندا آهن

    مُورک ماڻهو مستانن کي،
    نينهن جي نجھري نيندا آهن

    دردَن وارا سُکَ سدائين
    ونڊي ورهائي ڏيندا آهن

    سرسُ جنين سان سِڪَ هوندا آ
    تن سان ويڇا ٿيندا آهن

    چيلاٽن جيان سهُڻا ماڻهو
    ڏئي پيار ڏنگيندا آهن


    هُٻڪارن جو هنڌُ

    هُٻڪارن جو هنڌُ
    پيار جتي ٿو پوکجي.

    ٻيرڻ جنهن جي ٻانهن ۾،
    ساهن منجھه سُڳنڌُ
    پيار جتي ٿو پوکجي.

    پير گُلابي پنکڙيون،
    پهڻن مٿان پنڌُ
    پيار جتي ٿو پوکجي.

    آڏو سچيءَ سُونهن جي
    سڀُ نوايون ڪنڌُ
    پيارُ جتي ٿو پوکجي،
    هُٻڪارن جو هنڌُ.


    زندگي ڏاڍي ڪَڙي

    زندگي ڏاڍي ڪَڙي
    زهر ڄڻُ هر ڪا گھَڙِي

    وِلهه ۾ پئجي رهيا،
    ٻارڙا سارا رڙي

    نينگري دَرَ تان بُکي،
    تو تَونگر ڇو تَڙِي؟

    مُفلسيءَ جي موت تي
    ڪين آيو ڪو لَڙي

    بُک جو دوزخ تَتو
    سرڳُ ويو سارو سَڙي.


    ڪارن ڪڪرن جي ڏوليءَ ۾

    آد جُڳاد کان،
    تنهنجو رُوحُ،
    منهنجو رُوحُ،
    ٻيئي پيار جي پنڇي ها ــــ
    ڪارن ڪڪرن جي ڏوليءَ ۾،
    ٻيئي اڇا اُجرا،
    پيار پکيئڙا،
    چُهنب سان چُهنب ملائي،
    ڳائيندا ها،
    پيار جو گيتُ،
    عبادت جو گيتُ.


    ڪيڏو ڪرڳل ڪُڙم ۾!

    اُوندهه انڌوڪار!
    ڪيڏو ڪرڳل ڪُڙم ۾!

    ڪَرها ڪُل ئي ڪاٺَ ۾،
    اڏيءَ تي اوٺارَ.
    ڪيڏو ڪرڳل ڪُڙم ۾!

    اولهه امُن ڪينڪي
    آڳَ سڄو اوڀارُ.
    ڪيڏو ڪرڳل ڪُڙم ۾!

    پڃري منجھه پَکيئڙي
    اُڏامڻُ اوٽارُ.
    ڪيڏو ڪرڳل ڪُڙم ۾!
    اُندهه انڌوڪار!


    هڪڙي پلَ جو ميلو آهي

    هڪڙي پلَ جو ميلو آهي
    هرڪو هتِ اڪيلو آهي

    ڇولين جي ڇڙواڳيءَ سامهون
    مُنهنجو جھُورُ بتيلو آهي

    پيار کان وڌ کا پُوڄا ناهين،
    هر پل پيار جو ويلو آهي

    مُرڪ جا موتي ويٺو ونڊي،
    ماڻهو ڪو اربيلو آهي

    سڀڪنهن کي ٿو پنهنجو سمجھي
    يارو! ادلُ ڳهيلو آهي


    اڄُ روئڻَ تي دل ٿي چاهي

    اڄُ روئڻَ تي دل ٿي چاهي،
    ڪو ته روئڻ جي رمز ٻڌائي.

    لُڙڪ سُڪي ويا آهن شايد،
    ڪڪريون موٽيون مينهن وسائي.

    پيارُ به ٿيندو آ طبقاتي،
    ڪير ته ساٿين کي سمجھائي.

    غربتَ جهڙو گھاءُ نه ڪوئي،
    پيٽ ٿو پڃري ۾ ڦاسائي.

    تُنهنجي اکين مان ڪرندڙ موتي،
    منهنجي جوت ويا جرڪائي.


    جھوني بَڙَ جي لامَ ڪري پئي

    وريو وڇوڙي واءُ،
    جھوني بَڙَ جي لامَ ڪري پئي

    ڪارو ويس آڪاس ڪيو،
    سج گَھٽايو تاءُ
    جھوني بَڙَ جي لامَ ڪري پئي

    پکڙا ۽ پنهوار* رُنا،
    گيت گيت ۾ گھاءُ.
    جھوني بَڙَ جي لامَ ڪري پئي

    لهري ڪري وئي ڪَپر تي
    موتين جو ڦهلاءُ
    جھوني بَڙَ جي لامَ ڪري پئي
    وريو وڇوڙي واءُ...


    برک عوامي شاعر عبدالڪريم گدائيءَ جي وفات تي لکيل

    * گدائي صاحب جي مجموعي جو نالو.


    تاريخن جي روشن رڳ

    مايا ڄار!
    تنهنجا خيال اجايا آهن
    تنهنجي مايا انڌي آهي،
    اُوندهه جي رهواسي آهي،
    سُونهن سُندرتا ڪين پسي ٿي
    دنيا جا سڀُ ٽول ٽڪاڻا،
    محبوبن جا مڪر، ماڻا،
    مايا آڇي ماڻ سڀوئي،
    پيارَ جو اَگھهُ نه آهي ڪوئي
    دل جا جذبا دل جون ڳالهيون،
    آهن هر شيءَ کان نراليون ــ
    پيارُ ـ پکيئڙو ڪومل اوجل
    مايا ـ مُک آ ڪوڙهه ۾ ورتل
    سنڌ ۾ ”مارئي“، روم ۾ ”نِيرا“،
    شرم حيا جو شان رکيو جن،
    ناڻي عيوض نينهن نه وڪيو جِن ـــ

    مارئيءَ مارو ڪين وساريا،
    هنجون هاري لوههَ پَگھارِيا.

    نيرا پاڻ کي گھوگھو ڏيئي*،
    پريت جي ريت نڀائي ويئي
    مارئي وڇڙي ناهين وَڳَ کان،
    نيرا ڪانه مُئي آ جڳ مان،
    تاريخن جي روشن رَڳَ مان،
    بَکندو رهندو نانءُ اُنهن جو،
    ڀَرَم تي رهندي ڇانءَ اُنهن جي .....!

    * خوبصورت نيرا، جنهن روم جي شهنشاهه نيرون جي هَوس جو شڪار بڻجڻ بجاءِ، پنهنجن ڊگھن وارن سان پاڻ کي گھوگهو ڏيئي پنهنجو انت آندو.


    اُجڙيل بستي دُونهن جا ديرا

    گولين گُونجون، بَمَ ـ ڌماڪا،
    لوٺيا! تنهنجي لاءِ تماشا.

    لالَ لهوءَ ۾ لويل ناري،
    هاءِ، اُجھاڻي ڪنهن جي آشا!

    اُجڙيل بستي دُونهن جا ديرا،
    چچريل چٿيل، ننگا لاشا.

    هر هنڌ نفرت ناچ نچي ٿي،
    ڪوبه نه ڄاڻي پيارَ جي ڀاشا!


    بيروت ۾ انساني ڪوس جي پسمنظر ۾ لکيل


    ڇانوَ توتي ڪندُس

    آءٌ آهيان ڇمر
    ڇانوَ توتي ڪندُس.

    منهنجي جذبن ۾ آ،
    سِڪ تنهنجي سَڄَرُ
    ڇانوَ توتي ڪندُس.

    تنهنجي پوڄا سندمُ
    زندگيءَ جو ثمرُ
    ڇانوَ توتي ڪندُس.

    مُنهنجي سوچن تي ڀونءِ!
    تنهنجو آهي اثر.
    ڇانوَ توتي ڪندُس.

    آهي شاعر جي دل،
    محبتن جو شهر.
    ڇانوَ توتي ڪندُس.

    جوبه ڌرتيءَ سان ٿيو،
    عشق آهي امر.
    ڇانوَ توتي ڪندُس.
    آءٌ آهيان ڇَمَرُ.


    اڃان اهو انڌيرو آهي

    اڃان اهو انڌيرو آهي،
    اُٿُ اُٿُ! وقت اويرو آهي.

    حويليءَ جي شاهي دَرَ وَٽِ،
    کُٽو چورَ جو پيرو آهي.

    مُرڪ ـ مشعلَ سان ٻَهڪيو اڄُ،
    دردمندن جو ديرو آهي.

    ٽانڊن جهڙا لفظ ڪڍي ٿي،
    ڄڀَ به ڄڻُ ڪا، ڄيرو آهي.

    سُونهن جي خاطر توکي مون کي،
    سوريءَ ڀرڻو ڀيرو آهي.

    رات راڻيءَ جي ڪاريءَ ڪُکِ مان،
    ڦُٽڻو نيٺ سويرو آهي.


    ڪاغذي قُربُ

    ڪيڏو دوکو آهن دوست!
    ڪاغذ تي هي قُرب جون لکيل
    ڪوڙيون سچيون سکڻيون سِٽون،
    جڏهن جڏهن به،
    توسان منهنجو ميل ٿئي ٿو،
    ائين لڳي ٿو؛
    منهنجي مَنَ جي برپٽ تي،
    ڪوئي ڪوسو واءُ لڳي ٿو ــ
    پاڻ ٻنهي مان هڪڙو آخر،
    اڳ ۾ مرندو.
    جيڪو اسان مان جيئرو رهندو،
    سو، هي ڪوڙيون سچيون سِٽون
    ڏيهه سڄي کي ڏيکاري،
    پنهنجيءَ سکڻيءَ سنگت جون،
    قربت جون ۽ چاهت جون،
    ماڻهن وچ ۾ هامون هڻندو،
    مضمونن ۾ لفظ هي لکندو:
    ”مرڻ واري جي مونسان ڏاڍي سِڪَ هُئي
    جسم اسانجا ڌار هئا پر
    دل اسان جي هِڪَ هُئي.“


    آيا آهن اوڏَ، کُٿل کڻي کٿڙا

    آيا آهن اوڏَ،
    کُٿل کڻي کٿڙا.

    وارن وڏا واٽهڙو،
    ڪنڌن ڪارا ڪوڏَ،
    کُٿل کڻي کٿڙا
    آيا آهن اوڏَ.

    ڀنڀرڪي جون ڀِٽن تان،
    لهندڙ لاڏَن لوڏَ
    کُٿل کڻي کٿڙا
    آيا آهن اوڏَ.

    ماکيءَ ميٺِ منجھَن آ،
    هَٺيءَ نه اٿن هوڏ
    کُٿل کڻي کٿڙا
    آيا آهن اوڏَ.


    سڏُ آهي اڃان

    ڇڏ ته مونکي وڃان
    سَڏُ آهي اڃان

    رُڃ توڙي هُجي
    اڃَ توڙي هُجي
    آءٌ ويندُس اُتي
    سُونهن آهي جِتي

    سُونهن وسڪار آ
    سُونهن هُٻڪار آ
    ڏينهن ڀَل پيو تپي
    سُونهن وڻڪار آ.
    سونهن سانوڻ مثل
    ڪين ڀرجي ٿي دل.
    سُونهن سڏڙا ڪري
    پوءِ به ڪنهن جي سَري!
    ڪو، نه آهي اُتي
    ڪيئن آخر مڃان.
    سَڏُ آهي اڃان
    سَڏُ آهي اڃان.


    سڀئي کُوههَ کارا اکين جا سُڪايل

    سڀئي کُوههَ کارا اکين جا سُڪايل
    اسين سانگ آهيون اُڃايل اُڃايل.

    زبانن مان الفاظ هٻڪي ٿا نڪرن
    اڃان رنگَ چهرن جا آهن اُڏاميل.

    اسانکي زماني جي پرواههَ ناهي
    ڇاهي جي الزام آهن لڳايل.

    وڌي آءُ ساٿي هي واٽون مَٽي تون
    ڀلي نانگ ڪارا جي آهن وڇايل.

    ادل آءُ ته ٻاريون نئين سِر هلي
    جيڪي ديپ آهن صدين کان اُجھاميل.


    پَلُ ـــــ امرَت ڌارا

    مِل ڀلي تون هڪڙو پَلُ
    جيون سارو آهي ڪَسارو
    جنهن پل توسان ميل ٿيو
    سو پَلُ پيارا امرت ـ ڌارا
    جيڪي تنهنجي گَسَ ۾ آهي
    سو آ منهنجو اوسيئڙو.
    جيڪو تنهنجي وَسَ ۾ ناهي
    سو آ تنهنجو روز ملڻُ.
    جنهن پَل توسان نيڻَ ملن ٿا
    سو پَلُ سالن جيڏو سپُنو
    جنهن پَل وڇڙڻ ڄڻُ لڳي ٿو،
    وري نه ملبو صديُن تائين.


    گھرَ گھرَ آهي گھُٽَ

    گھرَ گھرَ آهي گھُٽَ
    ونگَ پيا ڄڻُ واءُ تي.

    اَسروند اکڙين ۾ آهن
    آشـــــــــــائـــــون اڻـــــــــکُــٽَ
    ونگَ پيا ڄڻُ واءُ تي.


    ڪئي خِزان جي ڦُورن آهي
    ڦُلواڙيءَ ۾ لُٽَ.
    ونگَ پيا ڄڻُ واءُ تي.

    تنهنجا وو ويچارا پرين!
    مون لئه مُنجھيل سُٽَ.
    ونگَ پيا ڄڻُ واءُ تي.
    گھر گھر آهي گھُٽَ.


    جوڀَن سَدا جھُڙالو رهندو

    جوڀَن سَدا جھُڙالو رهندو
    پنهنجو نينهن نرالو رهندو.

    ڀَلي پکيڙي مايا اُوندهه
    اُلفت جو ته اُجالو رهندو.

    نفرت جي جلاد جو ڪيسين
    قُربَ جي ڪُکِ ۾ ڀالو رهندو.

    جذبن جو اظهار به ٿيندو
    ڪيسين چپن تي تالو رهندو.

    نيهن ـ نگر جي ديوارن تي
    پيار وارن جو نالو رهندو.


    جيون جھُوني جاءِ

    جيون جھُوني جاءِ
    جنهن ۾ ڏُکَ جا ڏار سوين.

    سُکَ جا سُرندا هت ٻُرندا
    ڳڻتين کي مَ ڳاءِ
    جنهن ۾ ڏُکَ جا ڏار سوين
    جيون جھُوني جاءِ.

    ڪڪريون راتِ وسائي ويئيون
    لُڙڪ اَڀاڳن لاءِ
    جنهن ۾ ڏُکَ جا ڏار سوين
    جيون جھُوني جاءِ.

    ڪرههَ ڪرين جي بُکَ سان
    پيٽَ تي پاکرَ پاءِ
    جنهن ۾ ڏُکَ جا ڏار سوين
    جيون جھُوني جاءِ.


    جوتِ ڪَلا جرڪائڻُ گھُرجي

    جوتِ ڪَلا جرڪائڻُ گھُرجي
    خوشبوءِ کي ڦهلائڻُ گھُرجي.

    رنجَ رُساما ٿيندا رهندا
    پنهنجن کي پرچائڻُ گھرجي.

    دل وارن جي دَرَ ڏينهن ويندي
    ڪين ڪڏهن گھٻرائڻ گھُرجي.

    ڪيسين ماٺِ جو رهندو منڊُ؟!
    جذبن کي جاڳائڻ گھرجي.

    جَڳَ جاڳائڻ واري وائي
    ڳليءَ ڳليءَ ۾ ڳائڻُ گھرجي.

    روز اچيو مهمان ٿين
    سُورن کي سمجھائڻُ گھرجي.


    تقديرن جو ليڪو ڪارو

    تقديرن جو ليڪو ڪارو
    تدبيرُن جو روشن چارو.

    بند ڪَيَئي ڇو اکڙيون پيارا!
    اڃان ته آهيان آءٌ اُڃارو.

    ٻُڏندڙ سِجَ جو منظر آهي
    آءٌ اڪيلو سَمُنڊَ ڪنارو.

    جاڙَ جياپي کان آ بهتر
    مُرڪي مُرڪي موتُ او يارو!

    مُونجھارن جي مارڳ منجھه
    مليو اسان کي سُونهن سَهارو.


    پڇتاءُ

    ڳوٺن جي وڻراهه ڇڏي
    تيز وهندڙ واهه ڇڏي
    چوڙيلين جا چاههَ ڇڏي
    گھيڙ گَسن جا گاههَ ڇڏي
    سچا سَڀُ ويساههَ ڇڏي
    دونهنَ ـ نگر ۾ آياسي
    سچا رُوپ وڃايا سي
    ڪُوڙا رُوپ سجايا سي.


    اُڀ نگر ۾ بازَ جو ڀڙڪو

    اُڀ نگر ۾ بازَ جو ڀڙڪو
    پاريهر جو پويون ڦڙڪو.

    چنڊَ هٿن ۾ پَٽَ جا ڏورا
    هير ـ هندورو بادل هلڪو.

    مندرَ منجھه اڪيلي مُورتَ
    پالها ڏيئا سانت جو سُڏڪو.

    منهنجو پاڇو موٽيو هوندو
    دروازي تي آهي کڙڪو.

    اوسيئَڙو ويو راههَ ۾ رُلجي
    اکڙيون بڻجي ويئيون اُلڪو.

    ڪيڏو آ، اپمان اسان سان
    پنهنجي ڌرتي، ڌاريو دڙڪو.


    پٿر جهڙا پَلَ

    ويڄَن سان ويچار انوکا، اوکو آ درمانُ
    جيونَ جي هر بابَ ۾ آهي، اُلڪن ۾ انسانُ.

    آپريشن ٿيٽر ۾ گُذريا، پٿر جهڙا پَلَ
    درد مندن جي دل جي دلبر، ڪنهنکي ڪهڙي ڪَلَ.

    بيمارين جا مُنهن بَرن ڏي، هُجن سَدائين شالَ
    ڪيئن گھاريندي جَڳَ ۾، جن جا هيڻا آهن حالَ.

    مُکَ تي دُکَ جون ريکائون ۽ نيڻن ۾ هي لُڙڪ
    سَدا نه رهندا سُڏڪا سائين! موٽي ايندي مُرڪ.

    مايوسيءَ جي مُند جا آهن، باقي ڏينهن ٻه ٽي
    مُونجھا ماڻهو ڏينهن ڏُکن جا، ويندا يارَ ڪَٽي.

    نيٺ ته سائين! کُٽڻي آهي، روڳن واري رات
    سُک جو سُورج اُڀري ايندو، ڄاڻُ ڦٽي پرڀاتِ.


    اسپتال ۾ داخل پنهنجي هڪ اُستاد جي نالي.


    دُنيا هڪڙو گولو آهي

    دُنيا هڪڙو گولو آهي
    لولَي ڪارڻ رولو آهي.

    سچ ته آ سِرَ تي سنگين
    ڪُوڙ ڪمائڻ سولو آهي.

    اونداهيءَ جي آکيري ۾
    ٽانـــــڊاڻــــــــن جو ٽولوآهي.

    سُورج جهڙي سُپرينءَ پاتو
    چانڊوڪيءَ ۾ چولو آهي.

    پيارُ پرينءَ جو بَڙَ جي ڇانوَ
    جيونُ اُسَ ۽ جھولو آهي.


    واچــــــوڙن جــــــــــا ويرَ

    واچــــــوڙن جــــــــــا ويرَ
    ڪين ڏٺا هِن تو اڃان.

    لهر لهر ۾ ليڪون لال،
    سڀُ گُلابي گھيرَ.
    ڪين ڏٺا هِن تو اڃان.

    ڌرتيءَ خاطر وڙهندڙ هَٿَ،
    هٿڪڙين جا هيرَ.
    ڪين ڏٺا هِن تو اڃان.

    ڦولن جهڙا جَذبا جن جا،
    پهڻـــــن جهــــــــــڙا پير.
    ڪين ڏٺا هِن تو اڃان،
    واچــــــوڙن جــــــــــا ويرَ


    ماڻهو سُتل جاڳيل ڀاڳَ

    ماڻهو سُتل جاڳيل ڀاڳَ،
    باک نه باتيون، راتيون راڳَ.

    منڊَل سارا مٽجي ويا پر،
    اڃان چرين جا ساڳيا چاڳَ.

    جبل جهڙا جذبا گھُرجن،
    پرين پسڻَ جا پنڌَ اُجھاڳَ.

    نيٺ ته جاڳڻَ جاڳي پوندا،
    وقت جي واري ايندا واڳَ.

    سُک جا سُرندا ٻيهرَ ٻُرندا،
    مُرڪي پوندا مارُن ماڳَ.


    ڌرتي تولئه سڀُ وفائون

    ڌرتي تولئه سڀُ وفائون
    تنهنجا گيت لکان ٿو آئون.

    پيارَ ـ پَناهه جڏهن مون چاهي
    تنهنجو مونکي ڏَسُ ڏنائون.

    ساڌ ـ ٻيلي وٽ سنڌوءَ جون
    مونکي موهي ويون ادائون.

    لوهي سيخُن پويان ٻُڌجن
    ساجن! تنهنجون روز صَدائون.

    ويهين صَديءَ جي چهري تي
    بارود جون آهن ر يکائون.

    بَن بَن ڀٽڪيون مون سان گَڏُ
    جوڳڻ جون رولاڪ هوائون.

    تنهنجي مُحبت ڇانوَ ۾ مونکان
    وسري ويئيون جَڳَ جفائون.

    تُنهنجا ڪِرڙ ڪانڊيرا کَٻڙَ
    منهنجي دردن لاءِ دَوائون.

    ديس مِٺي جون ڍنڍون نديون
    منهنجون آهن محبوبائون.


    احساس جي صليب تي ٽنگيل سوچون

    ڇا ڪجي يَرَ ڇا ڪجي
    ڳالهه کي ڳورو ڪجي
    يا ٽارجي وسارجي
    ڇا ڪجي پر ڇا ڪجي!
    ڏات جا ڏينڀو ڏنگي ويا ڏيل کي،
    پوءِ به ڌاڳا سوچَ جا آهن مُنجھيل.
    لفظ ويا لهرن ۾ ڄڻُ آهن لُڙهي
    ڪين ٿي ڪائي لکڻَ لئه سِٽَ سُجھي
    ذهن ۾ ويٺل آهي ڪوريئڙو،
    ڄڻُ منهنجي ڄاڻَ کي ڄارو لڳو آــ

    پر، پيڙا ۾ پيڙجي
    تڙپجي ۽ ڦٿڪجي،
    سچَ جا سارا سمائي سُرَ سِٽن ۾،
    جي ڪيون ٿا ڳالهه ڪا ڪنهن سان کَري
    نفرتن جا ديپ هر ڪنهن دل اندر،

    ٿا پون ڀڙڪو ڪري کن ۾ ٻَري.
    ٻول ڪي منهنجا ٻُڌڻَ کان ئي اڳي
    لوڪُ سارو ڏُور ٿو مونکان ڀَڄي.
    منهنجي سوچيل سادڙي هَر سِٽ جو،
    هر اکر هر ڪنهن کي ڄڻُ کارو لڳو آ.

    دل ٿي چئي:
    ڊوههَ تي ڊاٻو ڪجي
    سچَ کي ٿاٻو ڏجي.
    پر محبت مَن جي،
    ڊيل ٿي ڊوهان ڊڄي.
    ڇا ڪجي يَرَ ڇا ڪجي!


    هر ڪو هانءُ هَمالي جيڏو

    هر ڪو هانءُ هَمالي جيڏو
    پوءِ به آهي اُلڪو تيڏو.

    هڪ پل ڪڏهن نه ڌار ٿيا جي،
    ڏُور هليا ويا آهن ڪيڏو.

    پکي امن جو اسان ئي پاليو
    پوءِ به اسان سان هاڃو هيڏو!

    پيار ڪرڻ جي ڪين ٿا ڄاڻو
    ڪنهن جي دل سان ڇو ٿا کيڏو.

    هونئَن گھَڻن کي گھاوَ ڏنا تو
    ادل ته ناهي اياڻو ايڏو.


    طوفانن جي گھيرن مان

    طوفانن جي گھيرن مان
    ايندا ايندا ڏيئا ٻاريون.

    سپُنن جا سَڀُ پکي اُڏاڻا
    اکڙين جي آکيرن مان.
    ايندا ايندا ڏيئا ٻاريون.

    ڪيسين راتِ جا راتاها
    ڦُٽندِي سُونهن سَويرن مان.
    ايندا ايندا ڏيئا ٻاريون.

    هاڻِ نه پاپيءَ پاڇا رهندا
    دُور ٿيندا دُکَ ديرن مان.
    ايندا ايندا ڏيئا ٻاريون.
    طُوفانن جي گھيرن مان.


    دردَ اسان ڏي موٽي آءُ

    دردَ اسان ڏي موٽي آءُ
    سُک ۾ ناهي ڪوئي ساءُ.

    اک جي عادت بدلي ڇڏ
    نينهن نسورو آ پڇتاءُ.

    ڪالهه ڪُٺس ٿي جن جا لاءِ
    اڄُ انهن سان ٿيو اٽڪاءُ.

    تنهنجي دَرَ تي آسي آهن
    پرين! انهن تي ترس ته کاءُ.

    مانُ ماڻيندي سُونهن ـ سَچائي
    ورڻو آهي اهڙو واءُ.

    مُشڪ کَٿوريءَ کان به مَٿي
    ڌرتي! تُنهنجو هيرَ هُڳاءُ.


    جذبن کي آ جَسُ جن آ جوت جلائي

    جذبن کي آ جَسُ
    جن آ جوت جلائي.

    پيار ۾ ڪهڙو پاڻَ کي
    ڏاهپ ڏيندي ڏَسُ.
    جن آ جوت جلائي.

    ماڳُ ته هڪڙو مڙني جو
    پنهنجو پنهنجو گَسُ.
    جن آ جوت جلائي.

    سُرن جا سينگار سوين
    وينگس ڪهڙو وَسُ.
    جن آ جوت جلائي
    جذبن کي آ جَسُ.


    ڌُٻڻِ ۾ ڦاٿل زندگيءَ جي صَدا

    منهنجو نانءُ نَبُو آ، سائين!
    منهنجي پيءُ جو نانءُ نه ڪوئي.
    پر، هُئي منهنجي جيجل مٺڙي
    هن شهر جي پينَڻِ هڪڙي.
    هڪ ڏينهن ماءُ مٺيءَ کان مون،
    پنهنجي پيءُ جو نانءُ پڇيو هو
    جيجل اکيون آليون ڪندي
    منهنجي ڳَلَ کي چُميندي چيو هو:
    ”تنهنجي سُڃاڻپ مونسان پُٽڙا!
    تنهنجي پيءُ جو نانءُ نه ڪوئيــ“
    تنهن پَل هوس آءٌ ته ابهم
    ماءُ مٺيءَ جي ڳالهه نه سمجھيم.
    هاڻِ جڏهن آ ساڃهه آئي،
    ڳالهه اچي وئي سمجھه ۾ سا، ئي ــ
    هن ئي ساڳي روشن شهر ۾

    جيجل ڦوههَ جوانيءَ ۾
    پنهنجو ميرو جوڀن سارو
    لوڪان جڏهن لُٽايو هو
    مونکي تڏهن نپايو هوـــ
    ياد اچي ٿو،
    هڪ ڏينهن ڏاڍو سيءُ لٿو هو
    تيز اُتر جو واءُ لڳو هو
    جيجل پنهنجي ڪپڙن سان ڀي
    منهنجو انگ ڍڪيو هو.
    ڏاڍي سيءَ لڳڻ سان منهنجي
    انگ اُگھاڙي ماءُ مُئي هُئي ــ
    روڊَ ـ ڪناري ٽي ڏينهن تَنهن جو
    لاش پيو هو ــ
    لاش جڏهن هُئي ڌَپَ ڪئي
    شهر واسين جي گوڙ ڪرڻ تي
    هڪڙي لاري لاشُ کَڻي وئي ــ


    هيڏي ساري شهر ۾ پوءِ
    آءٌ اڪيلو رهجي ويس.
    روڊ ـ ڪِناري پنندي پنندي
    اڄُ ڏينهن تائين
    آءٌ اڪيلو آهيان ــ
    ناهي مُنهنجو ڪوبه سَهارو
    منهنجو پيءُ زمانو سارو
    مُنهنجو نالو نَبُو آ سائين!


    نفرتون نپائڻ جو هاڃو

    ٻن ٽولن جو جھيڙو ٿيو
    ريٽو ريٽو رتُ وهيو
    ڪنڌڙو ڪنڌڙو پَٽِ پيو
    ڪيئي گھرَ ويران ٿيا.
    ٻنهي ٽولن جي ٻولي ساڳي
    منَ مندر جو سڳيو راڳي.
    پوٺا ساڳيا پَٽَ به ساڳيا
    گھيڙَ به ساڳيا گھَٽَ به ساڳيا
    هوڏِ به ساڳي لوڏِ به ساڳي.
    گوليون پنهنجون، سينا پنهنجا
    ڪات به پنهنجا ڪنڌَ به پنهنجا
    لَڄَ به پنهنجي هَٿَ به پنهنجا.
    ڏيهه ڏٺو،

    ڀاءُ کي پنهنجي ڀاءُ ڪُٺو
    پنهنجن کي افسوس ٿيو
    ڌارين ڏاڍا ٽهڪ ڏنا.

    ٻن سنڌي قبيلن جي جھيڙي کان متاثر ٿي لکيل.


    شهر بڻجي ويو سڄو آهي پٿر

    شهر بڻجي ويو سڄو آهي پٿر
    درد دل جو ڪنهن اڳيان ظاهر نه ڪر.

    تنهنجي نيڻن جي اچن ڳوڙها تري
    ڇڏ لڪائي لُڙڪ سي آهون نه ڀَر.

    ڊپَ جي احساس کي دل مان ڌڪار
    پاڻ ئي پاڇي کان پنهنجي تون نه ڏَر.

    اڄُ ئي رابيل جا ٻُوٽا تون هڻُ
    نيٺ ويندو واسجي سارو پڌَر

    ماڳُ مٺڙا ماڻبو مُرڪن جو نيٺ
    ڪين سُڏڪن تي سَدا رهندو گُذر.


    پنهنجا سپُنا کوٽا کيل

    پنهنجا سپُنا کوٽا کيل
    پيار پَروڪو ناهي هيلَ.

    منهنجي اکين ۾ لُڙڪَ هيا
    تنهنجي هَٿن ۾ ها رابيلَ.

    اوچ نيچ ۽ ذات پات جا
    جَڳَ اسان لئه جوڙيا جيل.

    آءُ ته جيئري گَڏجي گھاريون
    موتَ پُڄاڻان ڪهڙا ميلَ.

    منهنجي مُحَبت مورَ مثل آ
    ڊوڙي آ تون بڻجي ڊيل.


    واءُ ۾ سڀُ گيتَ سي وکري ويا

    واءُ ۾ سڀُ گيتَ سي وکري ويا
    جيڪي مون تنهنجي جُدائيءَ ۾ چيا.

    تون وئين مونکي ٻڌائڻ کان سوا
    سڏَ مون تنهنجي پٺيان ڏاڍا ڪيا.

    ساڀيا ـ چوڏيلَ جي آواز تي
    خواب ـ گھرَ جا ٻارَ سڀُ جاڳي پيا.

    جنهن جَلائيا سو ويو ساجھُر اُجھامي
    واٽَ تي تنها ڏيئا ٻرندا رهيا.

    آسَ ۾ ٿر جون اکيون ٿوهرَ ٿيون
    ڀُورا بادل سمنڊ تي آهن وسيا.

    سنڌُ! تنهنجي سُونهن کي ڄاتم جڏهن
    سُونهن وارا ٻيا سڀئي وسري ويا.


    اُداس شهر جو آخري منظر

    رات جو پويون پهَر،
    خوابُ ڄڻُ سارو شهر،
    هر طرف آ ماٺ جو ڦهليل زهرــ
    لفظ ڄڀن کان رُٺل،
    دانهن هر دل ۾ دٻيل،
    قربَتُن جا قافلا رڻ ۾ رُليل ــ
    شهر جي هر ڪنهن گھٽيءَ جي گھُگھهَ ۾،
    نفرتُن سان ويڙهه ۾ زخمي ٿيل،
    پيار جا پاڇا لڪيل ــ
    (ڪير ڪنهن جي درد ۾ موتي وکيري)
    پرين جي نيڻن جا سڀُ،
    لُڙڪ سالن کان سُڪل ــ
    زندگيءَ جي لامَ تان،
    آسَ جا سارا پکي اُڏري ويل ــ
    الوداع جي ماڳ تي،

    ڪنهن به سُپرينءَ جو هوا ۾،
    هٿُ ڀي ناهي کڄيل ــ
    سڀُ وفائون واءُ جان وکري ويل،
    محبتن جي لاشَ تي،
    ڪرڀَ جون ڳجھُون مُڙيل!


    ادل بابت اديبن جا رايا

    ادل سومرو، هڪ ڀلو شاعر ۽ پيارو ماڻهو : نصير مرزا

    ادل جي مجموعي جي ڊمي هٿن ۾ جھليو ويٺو سوچيان ته، هن دلبر ماڻهوءَ جو مجموعو همعصرن جي مقابلي ۾ ڇو دير سان پيو شايع ٿئي. ڇو؟ ڪهڙي سبب! سببُ ضرور هوندو. ڇوته نارمل شاعر کي شاعريءَ کان سواءِ به ته ڪرڻ لاءِ ڪي ضروري ڪم هوندا آهن. مثال طور نوڪري. ٿيندو هيئن آهي جو هن زماني ۾ شاعريءَ جي مجموعي ڇپجڻ ۽ ڪنواري نينگريءَ جي ڪنوار ٿيڻ ۾ جي دير ٿي وڃي ٿي ته، گھڻو ڪُجھه زيان ٿي وڃڻَ جو خطرو هوندو آهي. اڇا! ليٽ مجموعي ڇپجڻ ۾ ڪهڙي رُڪاوٽ بڻي! نوڪري.... نه.... رُڪاوٽ ته بدليُن پيدا ڪئي، اُنهيءَ دوران ادل ڪڏهن وڻجارن وانگر مٽيارين جي ماڳ تي ته ڪڏهن منصوره جي گھاٽَ تي ته، ڪڏهن ڪراچيءَ جي ڪناري، ته ڪڏهن وري سڪرنڊ جي سيني تي. پر انهيءَ سموري هڻ وٺ ۾، هن لکيو ضرور پئي آهي. ڪڏهن ٻارن لاءِ ته ڪڏهن وڏن جي لاءِ. هتي نتيجو اهو به نڪريو پيو سامهون اچي ته، جا شيءَ ادل کي شاعريءَ جي لاءِ راس آئي آهي، اهو آهي سفرُ، ۽ مجموعي ڇپائڻ لاءِ جنهن شيءِ هن کي روڪيو پئي اها آهي سُستي.

    اڇا ادل وائيءَ جو شاعر آهي يا گيت جو، غزل جو يا نظم جو.... هيءَ ظمي کولي سڀُ صنفون پڙهندو پيو وڃان ۽ زمانن ۽ زمينن کي ويٺو ذهن ۾ دهرايان ته ادل کان هيءَ وائي ڪهڙي گھٽيءَ مان گُذرندي ٻڌي اٿم. هي غزل فيڪلٽيءَ جي ڏاڪڻين تان لهندي ڪهڙي موڊ ۾ ڪنايم، هي نظم ڪهڙي هاسٽل جي ٽيبل تان ڊائري کڻي سندس غير موجودگيءَ ۾ پڙهيو هيم. سچي ڳالهه ته هيءَ به آهي ته، هن پياري شاعر، جا صنف لکي آهي، سا نهايت پُختگيءَ سان، نهايت سچيتا سان. هر صف ۾ هن پنهنجي ڏات جي چڻگائي تيلي روشن ڪئي آهي. انڪري مان ادل کي ڪنهن به هڪ صنف جو شاعر سمجھڻ بدران مُڪمل شاعر سمجھندو آهيان. ۽
    سچُ ته ادل جي شاعري پڙهي سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ الڳ شاعر جو انڀو ٿئي ٿو. اسلوب جي سطح تي به، ۽ لهجي ۽ ٻوليءَ جي سطح تي به. جيتوڻيڪ سنڌي ٻوليءَ ۾، شوقين شاعر جا گودام ڀريا پيا آهن. پر ڏٺو وڃي ته منفرد اسلوب ۽ انفرادي لهجي وارا شاعر گھڻا آهن؟ ڳڻپ ڪرڻ لاءِ آڱرين تي آڱوٺو رکندا سين ته پنج ڇَههَ آڱريون خالي رکڻيون پونديون. مان ادل کي نهايت اعتما سان سنڌي ٻوليءَ جي ۽ خاص ڪري نئين ٽهيءَ جي انهن ٽن چئن شاعرن مان هڪ ٿو سمجھان جن وٽ نه فقط لهجي جي انفراديت موجود آهي، پر ان سان گڏو گڏ اظهار لاءِ هن وٽ بلڪل پنهنجو هڪ انوکو ميڊيم به آهي. تڏهن ته مان اڪثر يارن کي چوندو آهيان ته، ادب ۾ ڪيترائي سومرا پاڻ پتوڙن پيا. پر سائين! غلام نبي سومرو ۽ ادل سومرو ڪير سڏائي؟ ادل گزيٽيڊ شاعر آهي. ان جي باوجود مون هن کي ڪڏهن به ڪمپليٽ سوٽ ۽ نيڪ ٽاءِ جي ڪاسٽيوم ۾ ناهي ڏٺو. نه ڪڏهن وار وڌائي جينز پائي، اشتهاري عشق ڪندي، نه ئي خلائن ۾ خواب ڏسندي، خيالي محبوبائن کي لَو ليٽرس لکندي ڏٺو آهي.
    ادل جي تن اندر جيڪو من آهي، ان جو ڪو هڪ رُخُ ڪونهي. اجھو بنهه ڏاهن ٻارن وانگي سيرئس ويٺو آهي، ۽ اجھو ويٺو هاڻي پاڻ به کلي ۽ خلق کي به کلائي. لفظن مان پُتلين جو تماشو ڏيکارڻُ، ميجڪ شو منعقد ڪرڻ جي جيتري سَگھهَ ادل ۾ آهي، شايد ئي سندس ڪنهن همعصر وٽ هوندي. ادل، سُٺن ۽ وٽي جملن جي ڪمپيوٽر مشين آهي. سندس طبيعت روان ٿي وئي ته، جهڙو آٽوميٽڪ مشين: انهن جملن جو هوند ڪيٽلاگ ٺاهجي ته انهن جو تعداد ادل جي ڪُل شاعريءَ کان به وڌيڪ ٿيندو. اڇا! ادل جي شاعريءَ مان نظرين جي ڌپَ ٿي اچي يا مٽيءَ جي خوشبو؟ ظاهر آهي مٽيءَ جي خوشبوءِ.... ها! نظرياتي سطح تي، شاعري ادل وٽ سَگھهَ سو ضرور آهي، پر سلوگن نه قطعي نه ۽ ريڊي ميڊ ڳوڙها، نه، پمفلٽ بازي ..... بس رُڳو هڪ شدت ۽ پيڙ منجھه اوس آهي. جيڪا ذهن کي جھنجھوڙي
    دل کي تڙڦائي ٿي وجھي. وليون وڻ ڦلاريا ۾، سڀ گُل سُرها سڀُ وليون سُرهيون ۽ سڀُ وڻ سدا بهار آهن، جن کي اکين ۾ رَکي ڇَپر ڀيڙبا ته، لُڙڪن جي صورت ۾ ڪُجھه رَتُ ڦُڙا اوس ڳڙي پوندا، ۽ اهو ئي ادل جي شعرن جي ملهائيو حصو به ته آهي. ۽ هن جي شاعريءَ ۾ جيڪو آدرش آهي، اُهو ماڳ جو سَمورو پنڌُ کڻي نه، پر ٻه ٽي وکون روشن ڪرڻ جي سَگھهَ ضرور رکي ٿو. ادل ۾ هڪ خرابي به ته آهي اها هيءَ ته، ڏينهن به ڏينهن اسين وڃون پيا جھُونا ٿيندا ۽ هو آهي جو اڃان تائين اهڙي جو اهڙو، اوڏي جو اوڏو. اڇا! ادل کي ’بودليئر‘ جي لفظن ۾ سدا جوان رهڻ جو حق به ته آهي! ڇو؟ ڇوته، هن ڪڏهن به اسان سان ڪُوڙ نه ڳالهايو ــ

    شال ادل جو قلم سدا سلامت رهي ۽ سندس آڱريون ان جي بوجھه کان ڪڏهن به نه ٿڪجن، ڪڏهن به نه....!


    نصير مرزا
    20.05.1984


    غلام محمد گرامي

    ادل سومري جو ڪلام، پنهنجي فن جي حيثيت سان ترقيءَ جي راههَ تي آهي. اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته، نوجوان ترقي پسند شاعرن ۾ هڪ سمجھه واري شاعر جو اضافو ٿيو آهي. سکر جي مٽي شاعر خيز آهي، شال اڃان به وڌيڪ شاعر پيدا ڪري. شرط آهي ته ادل تمام گھڻو جديد ۽ قديم ڪلام مطالع ڪندو رهي.


    غلام محمد گرامي
    14 سيپٽمبر 1974ع خيرپور ميرس.


    سلمى صديق قاضي

    اهو ڏسي خوشي ٿئي ٿي ته، اسان جي نئين نسل جا نوجوان، شعر ادب جي ميدان ۾ نوان نوان تجربا ڪري، پنهنجي جاءِ والاري رهيا آهن.

    ادل سومري به انهن مان هڪ آهي، اسان سندس ڪلام تي فخر ٿا ڪيون ــ هُو، ڌارين ٻولين جا وڏا وڏا لفظ استعمال ڪرڻ بدران، پنهنجيءَ ٻوليءَ جا مٺڙا، سٻاجھڙا جملا ۽ لفظ ڪم آڻي، آسانيءَ سان اسان تائين پنهنجي دل جي ڳالهه پهچائي، اسان کي سمجھڻ ۽ سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو. سندس ڪلام فقط ڪلام نه، بلڪ دُکي انسانيت لاءِ پيغام آهي.

    سلمى صديق قاضي
    8 جون 1976ع، ٺارو شاهه


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 340616
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 140655
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ