ڪتاب جو نالو: سماج ۽ ادب جو سفر
مصنف: سرور منگي
ڇپائيندڙ: سرسوتي ساهت گهر، ڏوڪري
ڪيٽيگري: مختلف موضوع
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 19 جنوري 2017 ع
پڙهيو ويو: 925 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 217 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”سماج ۽ ادب جو سفر“شاعر ۽ ليکڪ سرور منگيءَ جي تخليقن جهڙوڪ مضمونن، ڪهاڻين، ڊرامي، شخصيتن تي لکيل پروفائيلن ۽ سندس شاعريءَ جو مجموعو آهي، جنهن جو مرتب عيسى ميمڻ آهي. سڪندر علي هُليو لکي ٿو:
”سرور منگي ڀٽائيءَ جي سُر کاهوڙيءَ جي کاهوڙڪي کير جو جديد ڪردار هيو، ڇو جو اسان هن کي معاشي تنگدستيءَ ۽ سماجي ناهمواريءَ جي ڌٻڻ ۾ هوندي به ڪڏهن دل شڪسته نه ڏٺو. زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ جسماني ڪمزوريءَ جي جنجال هن کي نٻل ضرور ڪري ڇڏيو هيو پر هن جي جذبي ۾ پوءِ به ڪو جهول نه آيو هيو ۽ اها ئي هن آدرشي ڪردار جي ڪاميابي آهي. ڪاش! اسان وٽ اهڙا ڪردار ۽ همه گير ڪردار پيدا ٿي سگهن. پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ مڻ مِٽيءَ جي هيٺان مدفون سائين سرور جو روح اڄ هن ننڍڙي ڪتابي ڀيٽا کانپوءِ يقينن مسرور ٿيو هوندو، کيس قبرستان جي اردگرد دور تائين سرنهن جي کيتن ۾ پيلن گلن جھڙي سرهائي ضرور ٿي هوندي.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • اداري پاران
  • سرور منگي: مختصر تعارف
  • (مھاڳ) ڀٽائيءَ جي کاهوڙڪي کير جو جديد ڪردار: سرور منگي
  • منهنجو سائين ”سرور منگي“ : احمد علي ”لالو“ سولنگي
  • ”جوڳيءَ تي جـَڙاءُ ،نسورو ئي نينهن جو“ : علي بخش پٺاڻ
  • سرور منگي هڪ نه وسرندڙ شخصيت: امتياز ٻگهيو
  • مرتب پاران : ”سرور منگي“سماج ۽ ادب جو لازوال ستارو
  • فڪري ۽ تحقيقي مضمون

  • ادب تهذيب ۽ تمدن جي علامت آ
  • ٻاراڻو ادب ڇو؟ - ٻارن لاءِ ادب ڇونه؟
  • ”ايڪويهين صديءَ جي آجيان لاءِ سنڌي اديبن، شاعرن، دانشورن ۽ محققن کي ادبي اپيل“
  • ”ايڪويهين صدي، سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي“
  • حقيقت جو پردو
  • پڌرا ٿيندا پول
  • مان پاڳل آهيان
  • ڪــوڙُ
  • ڪافي ۽ وائيءَ ۾ فرق
  • سڃاڻو ته مان ڪير آهيان؟
  • چانهه - Tea
  • ”وانـگـار“ جو سماجي ڪارج
  • علمي، ادبي، سماجي ۽ سياسي شخصيتون

  • شاهه عبداللطيف ڀٽائي دنيا جو وڏي ۾ وڏو ۽ هر دؤر جو شاعر
  • شيخ اياز: سنڌ جو سدا حيات شاعر
  • نارائڻ شيام
  • علي احمد بروهي: شخصيت ۽ علمي ادبي خدمتون
  • محمد علي پٺاڻ : شخصيت ۽ علمي ادبي خدمتون
  • ناظم منگي: سچ، سونهن ۽ محبتن جو شاعر
  • غلام حسين عرف ”موريل زهراڻي (جت)“ هڪ گمنام بلڪ تاريخساز شخصيت
  • ” نيو ملينيم، مان ۽ جويو “
  • لطيف آفاقي شاعر
  • مان ۽ منهنجي ماءُ
  • ڪهاڻيون

  • پيئي ڪانه پرک
  • ايڪسيڊنٽ
  • چـلـڊريـن ڊي
  • بـرسـات
  • بابا خرچي ڏي
  • ڊرامو

  • پاڇولا
  • شاعري

  • بيت
  • وايون
  • ڪافي
  • غزل
  • گيت
  • آزاد نظم
  • آخري پنو

  • حق ۽ واسطا

    حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو : سماج ۽ ادب جو سفر!
    (مضمون، ڪهاڻيون، ڊرامو ۽ شاعري)
    ليکڪ : سرور منگي
    مرتب : عيسى ميمڻ
    ڇاپو : پھريون، سال 2014ع
    ڳاڻيٽو : هڪ هزار
    ڇپائيندڙ : سرسوتي ساهت گهر - ڏوڪري، ضلعو لاڙڪاڻو

    هي ڪتاب نامياري ڪالمسٽ ۽ دانشور محترم سڪندر علي هليي
    جي خاص تعاون سان شايع ڪجي ٿو.
    مُلھه : 222 روپيه


    ڪتاب گهرائڻ لاءِ:
    عيسى ميمڻ
    معرفت ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور لاڙڪاڻو
    E-mail: essa.memon1985@gmail.com
    رابطي لاءِ: 03337553879

    (هي ڪتاب علي بخش پٺاڻ ۽ مجيب الرحمان ميراڻيءَ سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري پاران ڪراچي مان ڇپرائي ڏوڪريءَ مان پڌرو ڪيو)


    ارپنا

    ارپــنــا:

    آءٌ هي ڪتاب ارپيان ٿو
    ڏوڪري تعلقي جي ڪردارن
    صحافت جي وڏي نالي ”هدايت منگي“،
    سنڌي ٻوليءَ جي وڏي پائي جي شاعر ”خير محمد چنا“،
    قومي فڪر جي واڌ ويجهه ۾
    اهم ڪردار ادا ڪندڙ رسالي
    ”پورب“ جي سرواڻ ”سارنگ ماڇي“،
    سگهڙن جي سرتاج استاد محمد ملوڪ عباسي
    جي استاد ”محمد مريد جت“،
    سچل جي پارکو، اديب ۽ محقق ”پروفيسر موهن لعل پريمي“
    کي، جن جي چوٽي پورب ۾ اڃان پڌري ٿيڻي آهي.


    عيسى ميمڻ


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (326) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”سماج ۽ ادب جو سفر“شاعر ۽ ليکڪ سرور منگيءَ جي تخليقن جهڙوڪ مضمونن، ڪهاڻين، ڊرامي، شخصيتن تي لکيل پروفائيلن ۽ سندس شاعريءَ جو مجموعو آهي، جنهن جو مرتب عيسى ميمڻ آهي. سڪندر علي هُليو لکي ٿو:

    ”سرور منگي ڀٽائيءَ جي سُر کاهوڙيءَ جي کاهوڙڪي کير جو جديد ڪردار هيو، ڇو جو اسان هن کي معاشي تنگدستيءَ ۽ سماجي ناهمواريءَ جي ڌٻڻ ۾ هوندي به ڪڏهن دل شڪسته نه ڏٺو. زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ جسماني ڪمزوريءَ جي جنجال هن کي نٻل ضرور ڪري ڇڏيو هيو پر هن جي جذبي ۾ پوءِ به ڪو جهول نه آيو هيو ۽ اها ئي هن آدرشي ڪردار جي ڪاميابي آهي. ڪاش! اسان وٽ اهڙا ڪردار ۽ همه گير ڪردار پيدا ٿي سگهن. پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ مڻ مِٽيءَ جي هيٺان مدفون سائين سرور جو روح اڄ هن ننڍڙي ڪتابي ڀيٽا کانپوءِ يقينن مسرور ٿيو هوندو، کيس قبرستان جي اردگرد دور تائين سرنهن جي کيتن ۾ پيلن گلن جھڙي سرهائي ضرور ٿي هوندي.“

    هي ڪتاب سرسوتي ساهت گهر، ڏوڪريءَ پاران 2014ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون عيسى ميمڻ صاحب جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    اسان جي اداري ”سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري“ کي اڃان ٻه سال به مڪمل نه ٿيا آهن، ان عرصي ۾ اسان جو هي سائين سرور منگي جو ڪتاب ”سماج ۽ ادب جو سفر“ ڇهون ڪتاب آهي، جيڪو اوهان تائين پهچايو آهي. اسان جي اها ڪوشش آهي ته اسان ناياب ۽ املهه ماڻڪ اوهان تائين پهچايون. ان ڏس ۾ اسان ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ اسان ڪيترو ڪامياب ٿيا آهيون اهو فيصلو اوهان ئي بهتر ڪري سگهو ٿا. اسان اداري کي ڪاروباري انداز ۾ کڻي وڃڻ بجاءِ علمي، ادبي ۽ فڪري انداز ۾ ڪم ڪرڻ گهرون ٿا. جنهن لاءِ مواد جي چونڊ ڪرڻ وقت منافعي بجاءِ سماجي ڪارج کي نظر ۾ رکڻ کي اسان هميشه ترجيح پئي ڏني آهي.
    سائين سرور منگي جو مواد گڏ ڪرڻ ۾ جيڪا تڪليف ۽ دشواري پهتي آهي اهو اندازو ڪتاب جو مرتب عيسى ميمڻ ئي ڀلي ڀت ٻڌائي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته سائين سرور منگي جي وفات کان پوءِ ۽ ان کان اڳ مواد رولڙي جو تمام گهڻو شڪار رهيو آهي. انهن دوستن تائين رسد ڪرڻ ۽ مواد جي هڪ هڪ مضمون، ڪهاڻي، ڊرامي ۽ شاعري گڏ ڪرڻ ۾ تمام گهڻي تڪليف پهتي آهي. اها تڪليف اسان جي ساب تڏهن پوندي جڏهن سائين سرور منگيءَ جو تخليقي سفر ۽ عملي ڪردار وسيع تر عوام تائين پهچندو. اسان کي اميد آهي ته اسان جو ايندڙ نسل سائين سرور منگي جھڙي آئيڊيل ڪردار کي پنهنجي زندگيءَ جو سونهون بڻائيندو.
    جن ساٿين اداري سان مواد ۽ ڪتاب جي ڏس ۾ ڀرپور سهڪار ڪيو. ادارو انهن جو تهه دل سان شڪريو ادا ڪري ٿو.
    اوهان جا رايا ۽ صلاحون اسان جي رهنمائي لاءِ بنياد فراهم ڪن ٿيون، اميد ته اسان کي پنهنجن راين ۽ صلاحن جي اڳ جيان نوازش ڪندا رهندا.


    ادارو
    تاريخ: 25- جنوري 2013ع. سرسوتي ساهت گهر-ڏوڪري
    ضلعو لاڙڪاڻو.


    سرور منگي: مختصر تعارف

    نالو : غلام سرور منگي
    ولد : رضا محمد منگي
    ادبي نانءُ : سرور منگي
    جنم جي تاريخ : 21- جنوري 1952ع
    جنم جو هنڌ : ڳوٺ نئين گڏ، تعلقو ڏوڪري
    (هاڻي تعلقو باقراڻي ضلعو لاڙڪاڻو)
    ڀائر : ٻه ڀائر 1. امجد منگي ۽ 2. حسين بخش منگي
    ڀينر : هڪ ڀيڻ
    تعليم : پرائمري تعليم گڏ ۾، مئٽرڪ راڌڻ ۾.
    عوامي سڃاڻپ : سماج سڌارڪ، استاد.
    ادبي سڃاڻپ : شاعر، ڪھاڻيڪار، مضمون نگار ۽ محقق
    ڪرت : حجامت
    لکڻ جي شروعات : نظم سان ڪئي (ويھن سالن جي عمر ۾)
    لکڻ جو اتساهه : امر جليل ۽ آغا سليم کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو.
    وفات جي تاريخ : 6- مارچ 2001ع
    آخري آرامگاهه : نئين گڏ اباڻي قبرستان ۾.


    سڪندر علي هليو


    (مھاڳ) ڀٽائيءَ جي کاهوڙڪي کير جو جديد ڪردار: سرور منگي

    اُها اُڻويهه سؤ ستاسي جي سياري جي موسم جي هُئي جڏهن مان ستين ڪلاس جو شاگرد هيس ۽ گورنمينٽ مڊل اسڪول خير محمد آريجا تعلقو ڏوڪري ۾ زيرِ تعليم هُيس ۽ پهريون دفعو گل ڦل رسالي پڙهڻ کانپوءِ اُن ۾ ڪجهه لکڻ جو شوق پيدا ٿيو. پنهنجي ان وقت جي ڪچي ۽ ڦڪي لکڻيءَ ۾ رسالي جي ماهوار مقالي جي مقابلي ۾ حصو وٺڻ جو جنون جاڳيو هيو. تڏهن پهريون دفعو پنهنجي وڏي سؤٽ سائين زاهد حسين جي معرفت سائين سرور منگيءَ جو اول نالو پوءِ تعريف ۽ بعد ۾ رهنمائي نصيب ٿي هئي ۽ پهرئين ئي لکڻيءَ ۾ مان اول نمبر کنيو هيو ۽ منهنجي لکڻي گل ڦل ۾ شايع ٿي هئي ۽ انعام طور ”ڀوري ڇوڪري خدا جي ڳولا ۾“ ڪتاب تڏهوڪي ايڊيٽر اڪبر جسڪاڻيءَ ۽ گل ڦل سٿ پاران مون کي پنهنجي ڳوٺ محمد عيسى هليو جي ايڊريس تي اُماڻيو ويو هيو. گل ڦل ۾ لکڻي ڇا ڇپي ۽ ڪتاب ڇا مليو منهنجا خيال سوچ ۽ پير زمين تي نه رهيا. ايتري ننڍي عمر ۾ ايتري وڏي پذيرائي مون کي هن ڪڙم قبيلي جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ٿورو گهڻو حصيدار بڻائي ڇڏيو ۽ اڄ پنجويهن سالن کانپوءِ جڏهن مان پنهنجي اُن پهرئين ادبي اُستاد، گهڻي ڀاڱي گمنام اديب ۽ هڪ اعلى انسان لاءِ جڏهن سندس گمنام لکڻين واري ڪتاب ”سماج ۽ ادب جو سفر“ جي مھاڳ جو سِٽون لکي رهيو آهيان ته لڳي ٿو ڄڻ مان اڃان به هڪ ننڍڙو گل ڦل جو شوقيه ۽ مقالي بازيءَ وارو نئون قلمڪار آهيان ۽ منهنجي هن ڪچي ۽ ڦڪي لکڻيءَ کي سائين سرور جھڙو في البديع مبلغ عالم ۽ اُستاد ايڊٽ ڪندو. جيتوڻيڪ مون کي اِها پڪ آهي ته سائين سرور پنهنجي ڳوٺ جي قبرستان ۾ ان کي قلم سان ايڊٽ ڪري سنواري نه سگهندو پر سندس تخيلاتي سگهه ۽ رهنمائي مڻ مِٽيءَ جي هيٺان ابدي سڪون ۾ سُتل هڪ اُستاد ۽ اديب جو روح پنهنجي شعوري ۽ آواگوني آشڪاريت سان منهنجي رهنمائي ضرور ڪندو ۽ باقي نظرثاني وارو ڪم اُهو نوجوان دانشور ۽ سياسي سوچ ۽ عمل سان ڀرپور ”عيسى ميمڻ“ ڪندو جنهن جو هاڻي قلمي نالو ”مسيح ڪالاڻي“ آهي ڪندو. هو سائينءَ جي مسودي گڏ ڪرڻ کان وٺي مون کي ڪافي وقت کان ستائيندو رهيو آهي ته سائين سرور تي مان ڪجهه لکان ته جيئن اسان ان کي ڪتابي شڪل ڏئي ڇپائي سگهون. منهنجي هميشه جيان سستي، مون کي عيسى آڏو هميشه شرمندو ڪندي رهي آهي ۽ مٿان وري اُستاد خالد چانڊيو جون ستائيندڙ فون ڪالون ۽ هن پاران هميشه جيان مثبت ۽ همٿائيندڙ تجويزون ۽ رهنمائي منهنجي سستيءَ کي نيٺ اڄ کُٽائي رکيو آهي ۽ مان پنهنجي محبوب شهر لاڙڪاڻي مان جڏهن هي لائينون لکي رهيو آهيان ته وري هڪ دفعو ٻيهر سيارو آهي ۽ سائين سرور منگيءَ جي سارَ آهي. منهنجون هي سِٽون ان اعلى انسان، اديب ۽ اُستاد لاءِ ٿورڙيون ئي سهي پر جذباتي ڀيٽا آهن ڇو جو هن سان منهنجو تعلق هميشه اهڙو ئي رهيو آهي.
    سنڌ جي ادبي کيتر ۾ سائين سرور هڪ اهڙو گمنام ڪردار هيو جنهن جي باري ۾ لکڻ وقت اِهو اهم نه آهي ته هو ڪڏهن پيدا ٿيو ۽ وفات ڪيائين پر جيترو وقت به زنده رهيو هميشه اسان هن کي حاصلات جي هلچل ۾ محو رقص جيان محو جدوجھد ۾ ڏٺو ۽ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ ۽ ڪري ڏيکارڻ جي جذبي ۾ سرشار ڏٺو، پوءِ اُهو ”ٿورا ڪڻا ٿالهيءَ ۾“ جو مثال ئي ڇونه هيو. هڪ اهڙو ڪردار جيڪو بازار ادبي دنيا ۾ ناپيد ئي آهي ۽ هڪ اهڙو استاد جيڪو بظاهر ڪو سرڪاري استاد نه هيو پر واقعي به علم ۽ فھم جو اُستاد هيو ۽ هڪ اهڙو انسان جيڪو روسي ناولن جي ڪردارن جھڙو رول ماڊل هيو. هو بظاهر ته گمنام ۽ گوشه نشينيءَ ۾ رهيو پر هن جو سارو سلسلو ۽ سفر اسان روان دوان ڏٺو. ساغر صديقي ۽ جون ايليا جھڙي زندگي گذاريندڙ سائين سرور جون لکڻيون ۽ تخليقون ماڻهو پنهنجي کيسي ۾ کڻي ويندي اسان ڏٺا ۽ هو پنهنجي نالي سان ڇپائڻ ۽ ناماچاريءَ کان بي پرواهه رهيو. اڄ هِتان هُتان جيڪي لکڻيون اوهان جي هٿن ۾ آهن، اهو هن جي ادبي ۽ تخليقي ڪيچ جو شايد هڪ ڪڻو آهن ۽ توهان سڀني کي عرض هوندو ته جيڪڏهن اوهان وٽ به هن جي ڪا ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل تخليق آهي ته ڏياري موڪليو ته جيئن ايندڙ ڪنهن ڪتابي سلسلي ۾ ڇپائي سگهجي.
    دليپ ڪمار جي نقش ۽ اسٽائيل جھڙو سائين سرور چانهه ۽ سگريٽن جو چين سموڪر ته هيو ئي پر هو تخيل ۽ فھم جو پڻ وڏو سموڪر هيو ۽ سندس ڪم گهڻي ڀاڱي وڏي ڪڇ کانپوءِ تحليل ٿيندو دونهين جيان وقت جي ويرن ۾ حل ٿيل آهي. هن کي ديوداس سان تشبيهه به نٿي ڏئي سگهجي ڇو جو ديوداس کي اسان فلم ۾ پاروتي لاءِ پار پار ٿيندي ڏٺو پر سائينءَ کي اسان علم، عقل، فھم ۽ فراست لاءِ تار تار ٿيندي ڏٺو. هن ناچيز جھڙا بيپناهه شاگرد تيار ڪيا پر ادبي مارڪيٽنگ کي ڪنڌ ورائي ڪڏهن به نه نهاريو. هو مقالي جو بادشاهه هيو ۽ اسان هن کي هڪ ساهيءَ ۾ ڪابه لکڻي شروع ڪندي ۽ ختم ڪندي ڏٺي ۽ ڪڏهن به اها فيئر ڪندي يا نظرثاني ڪندي نه ڏٺو. مان پنهنجي زندگيءَ ۾ اهڙي ڪمال ڪاريگري گهٽ ڏٺي آهي.
    هو ڀٽائيءَ جي سُر کاهوڙيءَ جي کاهوڙڪي کير جو جديد ڪردار هيو، ڇو جو اسان هن کي معاشي تنگدستيءَ ۽ سماجي ناهمواريءَ جي ڌٻڻ ۾ هوندي به ڪڏهن دل شڪسته نه ڏٺو. زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ جسماني ڪمزوريءَ جي جنجال هن کي نٻل ضرور ڪري ڇڏيو هيو پر هن جي جذبي ۾ پوءِ به ڪو جهول نه آيو هيو ۽ اها ئي هن آدرشي ڪردار جي ڪاميابي آهي. ڪاش! اسان وٽ اهڙا ڪردار ۽ همه گير ڪردار پيدا ٿي سگهن. پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ مڻ مِٽيءَ جي هيٺان مدفون سائين سرور جو روح اڄ هن ننڍڙي ڪتابي ڀيٽا کانپوءِ يقينن مسرور ٿيو هوندو، کيس قبرستان جي اردگرد دور تائين سرنهن جي کيتن ۾ پيلن گلن جھڙي سرهائي ضرور ٿي هوندي.

    سڪندر علي هُليو
    تاريخ: 1- جنوري 2013ع.
    لاڙڪاڻو.


    منهنجو سائين ”سرور منگي“ : احمد علي ”لالو“ سولنگي

    سائينءَ جو تعارف: سائين اديب، دانشور ۽ شاعر هيو ۽ سماجي ورڪر ايترو جو اسانجي اوسي پاسي جي هر ماڻهوءَ جي سائين تمام گهڻي ضرورت هيو. مزدور، هاري ۽ هر طبقي جي ماڻهن لاءِ هن جون خدمتون تمام گهڻيون هيون. جڏهن به مزدور پنھنجي ملڪ کان ٻئي ملڪ ڪمائڻ وڃن ته ان زماني ۾ نه موبائيل ۽ نه ڪائي فون هوندي هئي ته ماڻهو پنھنجي عزيزن جو حال احوال وٺڻ لاءِ سائين سرور منگيءَ وٽ اينداهئا خط لکرائڻ، سائين ايڏو ته بھترين انداز ۾ خط لکندو هيو جو ديس کان ٻاهر ويٺل کي ڪڏهن اهو احساس نه ٿيندو هو ته اسين پنھنجي وطن ۽ گهر کان ٻاهر آهيون. اسان جي تَـرَ جي اڻ پڙهيل ماڻهن کي جڏهن به شناختي ڪارڊ جو مسئلو ٿيندو هيو ته سائين وٽ اچي پنھنجو مسئلو بيان ڪندا هئا ۽ سائين هنن کي نه رڳو مسئلو حل ڪرائي ڏيندو هو پر اهڙي نموني هنن جي رهنمائي به ڪندو هو جو هنن جا سڀ کُٽڪا مري ويندا هئا. سائينءَ جي پيدائش ان ڳوٺ ۾ ٿي جتان جون وڏيون زمينداريون هيون، ان ڳوٺ ۾ سائين نوجوانن کي ۽ گهر گهر وڃي انهن جي والدين کي سمجهاڻي ڏيندو هيو ته پنھنجي اولاد کي پڙهايو ۽ هنن جو گلن جھڙو نسل سنواريو ۽ سڌاريو.
    سائين تمام گهڻن رخن جي شخصيت هيو، سائين پنھنجي زندگيءَ ۾ گهڻو مطالعو ڪيو ۽ پوري دنيا جي علمن کان واقفيت رکندو هيو. ڇا ته سائين جو انداز هيو، جڏهن شاگردن جا اسٽيج پروگرام ڪرائيندو هيو. اسڪول ۾ 100 شاگرد هڪ موضوع، لفظن ۽ دليلن جي ادائگي الڳ الڳ. سائين ڏات نه پر ڏانوَ ڌڻي هيو. هڪ دفعي سائين مونکي تقرير لکي ڏني ”سيرت النبيصه“ تي، تقرير ته هن وقت مونکي ياد نه آهي پر ان تقرير جو هڪ شعر ياد آهي:
    خدا آهي محمد جو محمد جي خدائي آ،
    زمين آسمان تي، محمد جي رسائي آ.
    انھيءَ هڪ موضوع تي 100 شاگردن کي تقريرون لکي ڏنائين، موضوع ساڳيو پر لفظ ۽ دليل مختلف، خيال مختلف. اها سائين جي ڏاهپ هئي ۽ سائين ايڏي وڏي قابليت جو مالڪ هيو. ايڏو ته بھترين انداز ۾ بيان ڪندو هيو جو اسين مست مگن ٿي ويندا هياسين. سياستدانن کان ڪا شڪايت هوندي هئي سائينءَ کي ته رڳو ان معاملي کان اسانکي آگاهه ڪندو هيو پر سائين شاعري سان به اندازِ بيان ڪندو هيو جيئن هڪ دفعي هن شعر سان اسانکي آگاهه ڪيو هئائين:
    گردش ۾ سڀني ستارن لٽيو آ.
    طلسم جي ڍارن ۽ ڦارن لٽيو آ.
    رکي آس دل ۾ بھارن جي آيس،
    مگر بيوفا ٿي بھارن لٽيو آ.
    مون هڪ دفعي سائينءَ کان ٻه سوال ڪيا؛ 1. ”توهان نوڪري ڇونه ڪئي؟ جڏهن ته توهان کي تعليم به گهڻي هئي ۽ توهان جي زماني ۾ نوڪريون به گهڻيون هيون؟“ ته سائين وراڻيو ته، ”مان ٻه نوڪريون ڪيون پر ڇڏي ڏنيون.“ مان ورجائي پڇيو ته ”ڇو؟“ چيائين ته، ”مان پنھنجي سنڌي قوم لاءِ ڪجهه ڪرڻ ٿو چاهيان ۽ ان جو بهتر حل اهو آهي ته مان پڙهايان ۽ پوءِ سائين پنھنجي غريبي آڌار تي هڪ پراڻي تڏي تي وڻ جي ڇانوَ، کجيءَ جي چوڌاري ڍنگرن جو لوڙهو، ٻٻرن هيٺان 100 کان مٿي ٻار ٻن شفٽن ۾ پڙهائڻ شروع ڪيا. سائين انهن ٻارن کي پڙهائيندو به هيو ۽ کين کجيءَ جي پنن مان ٺهيل ونجڻو به هڻندو هيو. انھن ٻارن کي سائينءَ وٽ شاگردن جي پڙهڻ جي عمر 10 سالن کان وٺي 30 سالن تائين هوندي هئي. انهن مان هڪ شاگرد مان به هيس. وري مون سائين کان ٻيو سوال ڪيو ته ”سائين توهان ڀلا شادي ڇونه ڪئي؟“ توهان شادي ڪيو ها توهانجو نسل پيدا ٿئي ها، اسان وڏي فخر سان چئون ها ته هي سائين سرور جي اولاد آهي.“ ته سائين جواب ڏيندي چيو ته، ”تنھنجي پيءُ جو نالو ڇا آهي؟ جڏهن مون پنھنجي پيءُ جو نالو کيس ٻڌايو ته وري ٻيو سوال ڪيائين ته ”تنھنجي ڏاڏي جو نالو ڇا آهي؟“ ۽ جڏهن مون کيس پنھنجي ڏاڏي جو نالو ٻڌايو ته وري سائين چيو ته ”تنھنجي ڏاڏي جي پيءُ جو نالو ڇا آهي؟“ ته آئون ٻڌائي ڪونه سگهيس ته سائين مرڪندي چيو ته ”شادي ۽ خاندان بس ڏاڏي تي ختم، ان ڪري مون شادي نه ڪئي ته مان پنھنجي شاديءَ کان وڌيڪ ترجيح پنھنجي شاگردن کي ڏني ۽ جڏهن منھنجا شاگرد قابل ٿي پنھنجن شاگردن کي پڙهائيندا ته منھنجو نالو کڻندا، ائين پيڙهي در پيڙهي منھنجو نالو هميشه روشن رهندو ۽ مان ان فيصلي تي مطمئن آهيان.“
    هڪ دفعي آئون ڪنھن جي عشق ۾ ڏاڍو مجبور ٿي ويس، ڏاڍي پريشانيءَ وچان سائينءَ سان سور اورڻ ويس ۽ چيومانس ته، ”سائين مان پنھنجي محبوب لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو آهي؟“ ۽ جڏهن ڏنل تحفا ۽ ڪيل انتظار، سائين کي ٻڌايم ته سائين کلندي هڪ لطيفو شعر جي انداز ۾ مون لئه بيان ڪيو:

    اکيون ڏرا ٿي ويون اسان جون،
    مجبور محروم دليون اسان جون.
    بچيا جي ڳوڙها کسڻ ٿا چاهيو،
    چئو اڃا ڇا چوڻ ٿا چاهيو؟

    اهو عشق آ، اها عشق جي اونھائي آ جيڪا هميشه دل جهوريندي آهي. پر حوصلو ڪر ته هڪ توکي ڳالهه سمجهايان. عشق تنھنجي دل ۽ دماغ تي هڪ ڄار جوڙي ويو آهي، ايئن جيئن ڪنھن تانيئڙي جو ڄار هوندو آهي پر همٿ ڪر حوصلو ڪر، ان ڄار کي ٽوڙڻ لاءِ ڏاند جا سڱ پاءِ ۽ ان ڄار کي ٽوڙي، مروڙي، ڦاڙي، چيري ڇڏ. ڇو ته توکي زندگيءَ ۾ گهڻو ڪجهه ڪرڻو آ.“
    جن جذبن سان سائينءَ مونکي سمجهايو ته مون تان وڏو بار هٽي ويو ۽ مون سوچيو ته مان زماني جو هڪ انسان آهيان ۽ مونکي اجايو لوڙڻ ۽ لوچڻ نه کپي. پوءِ آءٌ هلڪو ٿيس ۽ پاڻ کي تازو به محسوس ڪيم، ڄڻ ته مون هڪ زندگيءَ جي آزادي ماڻي هجي! ۽ اڄ جڏهن سائين اسان جي وچ ۾ موجود نه آهي ته هي زندگي ڪيڏي اڪيلي ۽ اٻاڻڪي ڀاسجي ٿي، ڪاش ڪوئي ڄاڻي سگهي!!!؟

    **


    ”جوڳيءَ تي جـَڙاءُ ،نسورو ئي نينهن جو“ : علي بخش پٺاڻ

    لھندڙ سج پڇيو ته،”آهي ڪو جيڪو مون کانپوءِ هن اونداهين جھان کي روشن ڪري؟“ ڏور ڪنھن جهوپڙيءَ ۾ ٽمڪندڙ ڏيئي وراڻيو ”آئون ڪوشش ڪندس.“
    سائين سرور منگي، ٽئگور جي انهيءَ ڏيئي وانگر وڏيرڪي اونداهين سماج ۾ علم جي جوت جلائي ۽ جھالت جي خاتمي لاءِ لاٽ روشن ڪئي، جنھن جا جرڪندڙ ڪرڻا اڄ سڄي سنڌ کي منور ڪري رهيا آهن. ڊاڪٽر مارٽن چيو آهي ته، ”دنيا جي جن عظيم انسانن دنيا کي جھالت ۽ وحشت مان ڪڍي علم ۽ تھذيب جي روشنيءَ ۾ آندو آهي ۽ جن هستين دنيا کي ذلت جي کاهيءَ مان ڪڍي عظمت جي آسمان تي رسايو آهي، اهي ئي باعزم انسان آهن.“ اهڙي طرح اسان جڏهن سائين سرور منگيءَ کي ڏسون ٿا ته هو هڪ باعزم ديومالائي ڪردار محسوس ٿئي ٿو، جيڪو ڪڏهن به ورچي نه ويٺو ڇاڪاڻ ته کيس خبر هئي ته، ”ٻيو ٻاريندو ڪير کاهوڙڪي کير ريءَ.“ هن پنھنجي سڄي حياتي تخليقي پورهيو ۽ سماجي ڪم ڪندي گذاري.
    تعليم واري شعبي سان لاڳاپيل هئڻ ناتي مون کي چڱيءَ پر خبر آهي ته هر مھيني جي پهرين تاريخن ۾ پگهار جي نالي ۾ پئسن جا جهول ڀري ويندڙ ڪيترائي استاد يا ته اسڪولن جو منھن ئي نٿا ڏسن ۽ جي اسڪول اچن ٿا ته هڪ پيرڊ به پڙهائڻ جي تڪليف گوارا نٿا ڪن. ٻئي پاسي سائين سرور منگي هو جنھن پنھنجي اڌ ڊٿل جهوپڙيءَ کي آدرشي درسگاهه بڻائي ڇڏيو ۽ وڻن جي ڇانوَ ۾ بنا معاوضي جي سوين ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي ذهنن جي زمين کيڙي ان ۾ علم جو ٻج ڇٽيندو ۽ شعور جي آبياري ڪندو رهيو.
    ڏوڪري تعلقي ۾ سائين سرور منگيءَ کانپوءِ هن وانگر اڪيلي سر سماجي ڪم ڪندڙ ٻيو شخص به آهي جنھن جو نالو ته محمد رمضان ساريو آهي پر سڀ ننڍا، وڏا، مايون توڙي مرد کيس ماما رمضان ڪري سڏيندا آهن. مامو رمضان اهو شخص آهي جنھن ٻارڙن خاص طور تي نياڻين جي تعليم لاءِ پنھنجو گهر به اسڪول لاءِ دان ڪري ڇڏيو آهي.
    دنيا جي روزاني واري وهنوار ۾ اڪثريت انھن ماڻھن جي آهي جيڪي ”مال“ ميڙڻ واري ڌنڌي خفي ۾ مصروف رهندا آهن، پر ٿورا ئي سهي ڪي ماڻهو مال ميڙڻ بدران عزت ۽ محبتون ميڙيندا آهن، اهڙن ئي ماڻهن منجهه سائين سرور به شامل هو. کيس ايتريون ته محبتون پلئه پيون جو سن واري سيد وانگر سائين لفظ سندس نالي جو حصو بڻجي ويو.
    سائين سرور منگي ڀٽائيءَ جي رامڪليءَ جو اهو جوڳي هو، جنھن جو ڪلهي ڦاٽل ڪنجرو ۽ مٿو اگهاڙو رهيو، هن ٻن ڏينھن جي سڪل ماني پاڻيءَ ۾ پسائي به کاڌي پر ڪڏهن به ڪنھن جي آڏو هٿ نه ٽنگيو. زندگيءَ کان ڪا شڪايت نه ڪئي ۽ ايتري تنگ حالي به سندس چھري تان ڪڏهن مرڪ کسي نه سگهي.
    ”جوڳيءَ تي جڙاءُ، نسورو ئي نينھن جو.“
    انور پيرزادي لکيو آهي ته، ”دنيا ۾ هر ماڻهو صبح کان شام تائين جيڪا هڻ هڻان ڪري ٿو ان جو هڪ مقصد ته هن جي پيٽ جو دوزخ ڀرڻ هوندو آهي، ٻچا پالڻا هوندا آهن، گهر گهاٽ جو بِلو ڪرڻو هوندو آهي، زماني سان منھن ڏيڻو هوندو آهي ۽ اهڙي طرح روزاني زندگيءَ جي جياپي جي هڪ ڏينھن واري جنگ جوٽي ويندي آهي. پر ڪي ماڻهو انهيءَ ذاتي زندگيءَ واري جنگ وڙهڻ مان فارغ ٿي ٻئي به ڪنھن محاذ تي مقابلو ڪرڻ جي همت رکندا آهن،اهو ٻيو مورچو سماجي جنگ جو ڪيڏارو هوندو آهي.“ اهڙيءَ طرح سائين سرور منگي به سماجي ڪيڏاري جي اها جنگ علم ۽ قلم جي هٿيارن سان وڙهي ۽ سوين شاگردن ۽ شاگردياڻين کي علم جي هٿيارن سان مسلح ڪري کين مختلف شعبن واري عملي زندگيءَ جي ميدان مارڻ وارو هنر سيکاريو.
    سائين سرور منگيءَ جو ڪردار ان ڪري به مثالي ۽ انوکو هو ڇاڪاڻ ته هو فقط اڻٿڪ سماجي ورڪر ئي نه هو پر خوبصورت شاعر، سٺو ڪھاڻيڪار، ڊراما نگار ۽ مضمون نويس به هو. هن جي ڊرامي ۽ ڪھاڻين جا ڪردار سندس علائقي جا جيئرا جاڳندڙ ماڻهو ۽ انهن جا مسئلا هوندا هئا جيڪي انتھائي خوبصورتيءَ ۽ تخليقي انداز سان هن چِٽيا آهن. هن جي شاعراڻي ٻولي ۽ لھجو به وڻندڙ اهي ته سندس شاعريءَ ۾ رواني ۽ موسيقيت به زبردست آهي. جنھن کان متاثر ٿيڻ کان ماڻهو رهجي نه ٿو سگهي.
    **


    سرور منگي هڪ نه وسرندڙ شخصيت: امتياز ٻگهيو


    منھنجو ماضي ڪجهه تلخ ۽ ڪجهه حسين لمحن جو سنگم آهي. ماضي مونکان بنھ وسريو نه آهي ۽ اچانڪ سوچيندي هڪ پل لاءِ يادگيريون ذهن جي سطح تي تري آيون....! منھنجو ذهن انساني تاريخ جي نه کٽندڙ سلسلي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندي، مختلف ۽ غير معمولي شخصيتن جي ڪردارن ۾ گم ٿي ويو. انھن ڪردارن ۾ جن دنيا کي تبديل ڪري ڇڏيو. انھن ڪردارن ۾ جن اميد جو هڪ نئون سج طلوع ڪيو. اميدن ۽ حوصلن جا عَلَمَ بلند ڪيا. انسانيت کي نئين سري سان جيئاريو، پيار محبت ۽ ڀروسي کي هڪ نئون روپ ڏنو.
    اهڙن ڪردارن سان دنيا ڀري پئي آهي؛ جن پنھنجي عقل، فھم ۽ سچائي سان دنيا ۽ دنيا وارن لاءِ پنھنجي زندگي ارپي ڇڏي. ڄڻ ته انهن شخصيتن پنھنجو پاڻ کي سمجهي ورتو هو. تڏهن ته پنھنجي نفس سان جنگ ڪندي، سماجي تبديلي لاءِ پنھنجي زندگي ارپي ڇڏي. اهڙن مھان ۽ معتبر شخصيتن سمجهي ورتو هو ته دلي خوشي ۽ ذهني سڪون انفرادي نه پر اجتماعي هوندو آهي. جڏهن قوم جو هر فرد شعوريافته هوندو، جڏهن قوم جو هر فرد معاشي مسئلن کان آجو هوندو، جڏهن قوم جو هر فرد سماج ۾ موجود فرسوده رسمن مان آجو هوندو، تڏهن ئي اها قوم ترقي جي بلندين تي پھچي سگهي ٿي. اهڙن ماڻهن جي رهنمائي ۽ رهبري قومن کي آٿت ۽ نئون حوصولو ڏيندي آهي.
    اهڙن ڪامياب ۽ قوم جو حقيقي درد رکندڙ ماڻهن مان هڪ، منھنجو استاد ۽ سماج سڌارڪ، سائين سرور منگي به آهي. جنھن پنھنجي زندگيءَ جو آرام ڦٽائي قوم جي معمارن کي تعليم جي زيور سان مالا مال ڪيو ۽ زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين علم جي لاٽ سان غريب ۽ بي پھچ شاگردن جي ذهنن کي روشن ڪندو رهيو. اهڙي طرح هن هڪ اجتماعي مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنھنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي.
    سائين سرور منگي جسماني طور تمام گهڻو ڪمزور، پر پنھنجي ارادي ۾ جبل کان به وڌيڪ اٽل نظر آيو. سائين پنھنجي زندگي قوم جي معمارن کي تربيت ڏيندي گذاري ڇڏي. سائين وڏي اميد ۽ همٿ جا مالڪ هئا. سائين کي سرڪاري نوڪري يا خانداني ملڪيت نه هجڻ باوجود هميشه ضبط ۾ ڏٺو. غصو ۽ ڪروڌ ڪرڻ سائين جي مزاج ۾ شامل ئي نه هيو. سائين سرور منگي صاحب سڄو ڏينھن مختلف ماڻهن سان ميل جول رهندي هئي. سندس ڪچهري ۾ سگهڙ، اديب، شاعر، سياسي ڪارڪن ۽ مختلف مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهو شامل هوندا هئا.ڇاڪاڻ ته سائين بهترين اديب ۽ شاعر پڻ هئا. سائين جي ڪچھريءَ جو موضوع اڪثر ڪري سنڌ ۽ سنڌي نوجوان جو ماضي، حال ۽ مستقبل هوندوهو. سائين اڪثر چوندو هو ته، ”تعليم ئي واحد ذريعو آهي جنھن سان اسان سنڌي نوجوانن ۾ شعور پيدا ٿيندو ۽ شعور اسانجي معاشري جي سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن کي تبديل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.“
    سائين زندگي جي گھرائين ۽ ان جي پيچيدگين کي ڀلي ڀت سمجهي ورتو هو. تنھنڪري پاڻ ڳوٺ ۽ تر وارن ماڻهن جي زندگيءَ کي تبديل ڪرڻ لاءِ رهبر ۽ سونھين جو ڪردار ادا ڪيو. سائين جي ڏنل تعليم ۽ ڪارآمد صلاحن جو نتيجو اهو نڪتو جو اڄ ڪيترائي شاگرد ۽ شاگردياڻيون زندگيءَ جي ڪاميابين جو لطف حاصل ڪري رهيا آهن.
    سائين سرور منگي پنھنجي زندگيءَ جو ڳچ عرصو پنھنجي گهر جي اڳيان تڏي تي ويهي گذاريو. سائين حقيقي معنى ۾تبديلي پسند هو. سندس مذهب انسانيت هو. سائين وڏو ڏاهو هو، تنھنڪري قوم جي نبض تپاس ڪندي سمجهي ورتو هئائين ته هن قوم جي ترقيءَ جو واحد حل علم ۾ سمايل آهي.
    سائين پنھنجي دوست حاجي خان سومرو سان گڏجي هڪ سرڪل جو بنياد رکيو. جنھن جو نالو ”سلطان الاولياء اسٽڊي ۽ ڊبيٽنگ سرڪل“ هو. هن سرڪل تحت غير نصابي سرگرميون (Co Calcular Activities) ڪرايون وينديون هيون. شاگردن جا چٽاڀيٽي جا مقابلا ڪرايا ويندا هئا ۽ ان سان گڏوگڏ تقريري پروگرام پڻ منعقد ڪيا ويندا هئا، جنھن جو مقصد گهڻ رخو هوندو هيو. هڪ ته شاگردن ۾ ڄاڻ وڌندي هئي ٻيو ته شاگردن کي ننڍي عمر ۾ اسٽيج تي اچڻ ۽ ڳالھائڻ جو موقعو ملي ويندو هو ته جيئن شاگردن ۾ خوداعتمادي پيدا ٿئي. شاگردن ۾ دلچسپي ۽ شوق پيدا ڪرڻ لاءِ مختلف قسمن جا انعام ۽ ٽرافيون پڻ ڏنيون وينديون هيون. اهڙي طريقي سان هن سرڪل مان سکيا ورتل شاگردن، اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ وڏي اعتماد سان مقابلن ۾ حصو ورتو ۽ سٺا نمبر کڻي پنھنجو ۽ پنھنجي استاد سرور منگي صاحب جو نالو روشن ڪيو.
    سائين وڏو خوددار قسم جو ماڻهو هو. پوري زندگي غربت ۽ افلاس ۾ پيڙهبو رهيو پر ڪڏهن به مائٽن ۽ دوستن اڳيان هٿ ٽنگي مالي سھائتا جي گهر نه ڪئي هئي. سائين کي ڦڦڙن جي تڪليف هجڻ باوجود غربت جي اها نوبت هئي جو پوري زندگي ڪنھن وڏي ڊاڪٽر کان علاج نه ڪرائي سگهيو.
    سائين جي ڳوٺ ۽ تر وارن سان ايتري ته قربت ٿي وئي هئي جو ڪراچي مان سندس دوست انور پيرزادي، ستار پيرزادي، مير محمد پيرزادي طرفان مليل نوڪري جي آڇ کي ٿڏي ڇڏيو ۽ آخري گهڙي تائين ويڙهيچن سان وچن نڀايائين.
    مان هينئر زندگيءَ جي چوٿين ڏهاڪي ۾ آهيان. زندگي کي ڏاڍو ويجهو کان ڏٺو آهي، زندگي ڪجهه تلخ ۽ ڪجهه بهتر تجربن سان ڀري پئي آهي. سائين جھڙي رهبر هستي هوندي زندگيءَ ۾ ڪجهه ناعقلي ۽ ناسمجهي واريون غلطيون سرزد ٿيون آهن. اڄ به سائين جي سٺن شاگردن جي لسٽ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ غلطين کي سڌارڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهيان. ڪجهه مهينا پھريان ڳوٺ جي دوستن سان گڏجي سائين جي نالي پٺيان هڪ مفت ڪوچنگ سينٽر جو آغاز ڪيو آهي، جنھن جو مقصد سائين جي شروع ڪيل مشن کي اڳتي وڌائڻ آهي. هن سينٽر ۾ 4- استاد ڪم ڪري رهيا آهن ۽ 120 شاگرد داخل آهن. هي سينٽر نه صرف نئين گڏ پر ڀر وارن ڳوٺن جي غريب ٻارن لاءِ معياري تعليم مهيا ڪري ڏيڻ جو سونهري موقعو فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي.
    اهڙي طرح مان ۽ منھنجن دوستن زندگيءَ کي نئين معنى ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ سائين جي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي روشن مستقبل واري ڏٺل خواب جي تعبير ۾ مصروفِ عمل آهيون. سائين هينئر به اسانجي دلين ۾ وسي ٿو. فنا ڪندڙ موت سائين جي اڳيان شڪست کائي ويو آهي ۽ سائين هميشه لاءِ امر بڻجي ويو آهي.

    مرڻا اڳي جي مئا سي مري ٿيا نه مات،
    هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جيا.
    (شاهه)


    مرتب پاران : ”سرور منگي“سماج ۽ ادب جو لازوال ستارو

    سماج ۾ فرد بنيادي ايڪي جي حيثيت رکي ٿو. سماج جيترو تھذيب يافته هوندو، فرد جو سفر به ان ڌارا ۾ رهندو. سماجي تبديلي انساني سوچ، فڪر ۽ روين تي گھرا اثر ڇڏي ٿي. اهو الڳ سوال آهي ته سماج ۾ فرد جو ڪردار پڻ اهم آهي، جيترو سماج فرد تي اثر ڇڏي ٿو ذري گهٽ فرد پڻ سماج تي اوترا ئي اثر پون ٿا. سماج ۾ فرد جو مجموعي طور تي ٽن رخن ۾ ڪردار جڙي ٿو.
    1). فرد سماج کي ترقيءَ طرف گامزن ڪري سگهي ٿو.
    2). فرد سماجي ترقي کي روڪي سگهي ٿو.
    3). يا فرد سماج کي تباهيءَ طرف ڌڪي سگهي ٿو.
    سماج ۾ ٽنهي رخن ۾ فردن جو ڪردار رهي ٿو. جيڪي فرد سماج کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا يا سماجي تبديليءَ ۾ هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪن ٿا، تاريخ ۾ روشنيءَ جا دروازا به انهن لاءِ ئي کُلن ٿا. هونئن به سماج م جيئڻ جا ٻه رستا هجن ٿا، هڪ ته سماج جيئن آهي تيئن ئي ان ۾ رهڻ جو حوصلو پيدا ڪجي. ٻيو رستو آهي سماج کي تبديل ڪري ان کي پنهنجي نظريي ۽ خيال مطابق جوڙي، زندگي جو سفر شروع ڪجي. پويون رستون انتهائي ڪٺن آهي، جنهن ڪري سماج جي اڪثريت ان رستي کان فراريت اختيار ڪري ٿي پر سماج ۾ اهڙا فرد تمام ٿورا آهن جيڪي ڪٺن رستن تي هلڻ جو پاڻ کي عادي بڻائن ٿا. جن پيغمبر صفت انسانن اهڙي رستي جي چونڊ ڪري زندگي گذاري آهي انهن ۾ ڏوڪري تعلقي جي ننڍڙي ڳوٺ گـُڏَ ۾ جنم وٺندڙ سرور منگي جو نالو تمام مٿي بيهي ٿو.
    21- جنوري 1952ع ۾ هن دنيا ۾ اک کوليندڙ سرور منگي لاءِ ڪنهن نه ٿي ڄاتو ته هو پنھنجي شهر ۾ موسى جھڙو ڪردار بڻجي اڀرندو. جنهن کي زندگيءَ جون خوبصورتيون، زندگي جي بھارن، جي آس ۾ قربان ڪرڻيون پونديون.
    ان گادي جي ڪک ۾ ويهي ڪيئن سرور منگي زندگيءَ جو 49 بھارون گذاريون، ان جو ادراڪ سرور منگي کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه نه ٿو ڪري سگهي. هن پنهنجي تعليم صرف پنجين درجي تائين پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي حاصل ڪئي پر پوءِ مائٽن جي اصرار تي ننڍپڻ ۾ ئي حجامت جي ڪرت سان لڳي ويو. زندگيءَ جو ڳپل حصو راڌڻ ۾ حجامت جي ڪرت سان ئي رهيو هو ۽ راڌڻ ۾ ئي مئٽرڪ تائين مس تعليم حاصل ڪري سگهيو هو پر انهن سمورن خفن باوجود به هن جو لڳاءُ ادبي ۽ سياسي ڪتابن ڏانهن جنون جي حد تائين رهيو. هن پنهنجو مطالعو وسيع ڪيو هو. جيتوڻيڪ ڪتابن جي اڻاٺ ۽ وقت جي فقدان هن جي شعوري سفر ۾ ڏاوڻَ وڌا هئا پر هن هزار مشڪلاتن باوجود به پنهنجو سفر جيئن جو تيئن جاري رکيو هو.
    هن جي زندگي جو وڏو حصو جيتوڻيڪ راڌڻ ۾ گذاريو پر هن جي نينهن جو ناتو ساڳيو ئي گـُڏَ سان رهيو هو. جنهن ڪري اسي جي ڏهاڪي ۾ پنهنجا سمورا آسرا لاهي گڏ جي گاديءَ ۾ کپ کوڙي ويهي رهيو. هن ان وقت شدت سان محسوس ڪيو هو ته وڏيراشاهي ڄؤر وانگر سماج جي رت پياڪ آهي ۽ وڏيراشاهي پنهنجي جياپي لاءِ اهو ضرور سمجهي ٿي ته سماج کي تعليم جھڙي روشنيءَ کان پري رکجي ڇاڪاڻ ته سماج جيترو شعوري طور تي پستي جھڙي حالت ۾ هوندو اوترو ئي ان تي پنهنجي بالادستي گهڻي وقت تائين قائم رکي سگهبي. ان ڪري تر جا اسڪول اڪثر بند ۽ استاد صاحبان وڏيرن جي حاضري کي پنهنجي ڊيوٽي پئي سمجهيو، تڏهن هن مرد قلندر تعليم جو ڏيئو روشن ڪرڻ لاءِ سندرو ٻڌو. شروعات وڻن ۽ لوڙهن جي پاڇي ۾ تڏا وڇائي انهن تي ويهي ٻارن کي تعيلم ڏني. جيڪا تعليم به وقت جي فرعونن کي ناگوار پئي گذري جنهن لاءِ به هن کي تمام گهڻين اذيتن مان گذرڻو پيو. هي نه صرف پنهنجي ڳوٺ پر تر جي ٻين علائقن ۾ علم جي ڏياٽي کڻي نڪري پيو. ڏسندي ڏسندي تر جون نياڻيون ۽ ٻيا ٻار علم سان روشناس ٿيڻ لڳا. اسڪول جيڪي وڏيرن جون اوطاقون بڻيل هئا. انهن ۾ پيرين اگهاڙي ٻارڙا تعليم وٺڻ لاءِ نڪري پيا. جتي هن ايجوڪيشنل سوسائٽي ٺاهي ڊبـيٽنگ سرڪل قائم ڪيا. ٻارن کي پڙهائبو به مفت، معاوضو هرگز نه وٺبو. صبح کان وٺي شام تائين ڌنڌو اهو ئي ڪبو، پنهنجي ذات ڇا آهي؟ اهو ته ياد ئي نه رهيو، تڏي تي ويهي سڄو ڏينهن چانهه جي ڪپ تي ٻارن کي تعليم ڏيڻ سو به بنا معاوضي، اهو ڪيڏو ڏکيو ڪم آهي، شايد اسان آسائش پسند ماڻهو اهو سمجهي نه سگهنداسين. ڪيترن ئي ٻارن کي قسم ناما ڏئي تعليم پرائڻ جو وچن وٺندڙ سرور منگي، مون کي ته سچ پچ پروميٿيس ديوتا لڳندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سرور منگي جي ٻاريل ڏياٽيءَ مان روشني حاصل ڪندڙ سڪندر علي هليو ، لالي ماڇي، زاهد هليو، امتياز ٻگهيو، نصير ميراڻي ۽ افروز ٻگهيو سميت اڄ گڏ ۽ ان جي آسپاس سوين نه پر هزارين ماڻهو سرور منگي جي چشمي مان سيراب ٿيل آهن.
    هن شادي به صرف ان ڪاز ۾ رنڊڪ سمجهندي نه ڪئي ته ڪٿي منهنجو مشن اڌ ۾ نه رهجي وڃي. هر پڙهندڙ ٻار کي پنهنجي اولاد کان به وڌيڪ عزيز ۽ ويجهو رکندو هو. چوندو هو ته هن منهنجي پوکيل فصل مان سڄي قوم لاڀ حاصل ڪندي. اڄ انهن مان ڪيترائي وڏين وڏين نوڪرين ۾ آهن ته ڪي زندگي جي وڏي ڪارج ۾ مشغول آهن. ڪيتريون نياڻيون نوڪريون ڪري رهيون آهن ته ڪي زندگي جي اعلى ڪاز تي پهتيون آهن. اڄ جڏهن سائين سرور منگي نه آهي ته ان جو ڪيل پورهيو ڪيترن ئي نسلن لاءِ روشني مثل هميشه رهنمائي ڪندو رهندو.
    سائين سرور منگيءَ جو علمي ۽ ادبي پورهيو گهٽ ۽ سماجي پورهيو وڌيڪ آهي. هن جو علمي ۽ ادبي ڪم به سماجي ڪمن جي ڪري گهڻو متاثر ٿيو. سائين سرور منگي جو هي ڪتاب جڏهن سهيڙي رهيو هيس تڏهن سائين سرور منگيءَ جا مضمون، ڪهاڻيون، ڊرامو ۽ شاعري پڙهي محسوس ٿيو ته سائين سرور منگي جي اندر هڪ وڏو تخليقڪار ويٺل هو. جيڪو سماج جي اڏڻ جي خفن سبب پنهنجو گهڻو حق ادب سان ادا نه ڪري سگهيو. پر جيترو تخيلقي پورهيو سائين سرور منگيءَ جو هٿ آيو آهي اهو ڪنهن به طرح سنڌي ادب جي شاهڪار ادب کان گهٽ نه آهي. سندس ڪهاڻين ۽ ڊرامي ۾ سماج جي مختلف پهلوئن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ جيڪا قلم مان اپٽار ٿي آهي اها سنڌ جي تاريخ جو وڏو عڪس پيش ڪري ٿي. خاص ڪري جاگيرداري سماج ۾ سنڌي ماڻهن سان جيڪا ويڌن آهي ان کي سرور منگي جي نثر مان پسي سگهجي ٿو. سندس شاعري ۾ فراق، وصال کان وڌيڪ سماج ۾ ظلم ۽ بربريت جا اولڙا ۽ ظلم خلاف ويڙهه جا سبق ترقي پسندي ۽ آزاد سنڌ اڏڻ جو درس ملي ٿو. مضمون نگاري ۾ ته ڪمال درجي جي مهارت نظر اچي ٿي. سندس قلمي پنڌ تمام مٿي درجي تي بيٺل نظر اچي ٿو. وڌيڪ ان جو فيصلو پڙهندڙ ڀليءَ ڀت ڪري سگهن ٿا.
    جڏهن 6- مارچ 2001ع تي سائين سرور منگي ٽي.بي جھڙي موذي مرض کان زندگيءَ جي جنگ هارائي اسان کان الڳ ٿيو هو، ان کان ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري سائين سرور منگي سان رهاڻ رچائڻ جو فيصلو ڪيو هو پر سائين سرور منگي جي طبيعت جي ناسازيءَ سبب اهو خواب اسان جو اڌورو رهجي ويو. ان وقت سنگت ڏوڪريءَ جو سيڪريٽري مان هيس. تنهن کان پوءِ اهو جلدي فيصلو ڪيو سين ته سائين سرور منگيءَ جو گهٽ ۾ گهٽ چاليهي جو پروگرام ادبي سنگت کي ڪرڻ کپي. ان ڏس ۾ چاليهي جو پروگرام سائنس ڪاليج ڏوڪري ۾ ڪيوسين جنهن جي صدارت به هن ڪتاب جي مھاڳ لکندڙ ناليواري تجزيانگار سڪندر علي هُليي ڪئي هئي. جنهن ان وقت ئي چيو هو ته ”سائين سرور منگي جو ڪتاب اچڻ کپي.“ پر وقت جي ستم ظريفي چئجي يا حالتن جو جبر جو اهو ڪم ٻارهن سالن کانپوءِ ٻيهر پنهنجي هٿن ۾ کنيو. جيتوڻيڪ سائين سرور منگيءَ جي پهرين ورسي به 2002ع ۾ ادبي سنگت ڏوڪري پاران منهنجي سيڪريٽري شپ جي دؤر ۾ ٿي هئي. جنهن ۾ ناليواري شاعر اياز گل، سرڪش سنڌي، سرمد چانڊيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. پر ان کان پوءِ ادبي سنگت کي جيڪو حصو سرور منگي لاءِ ادا ڪرڻ گهرجي ها اهو ادا نه ڪري سگهي. هاڻي ٻارهن سالن جي ڊگهي عرصي کانپوءِ جن دوستن هن ڪم کي هٿ ۾ کڻڻ جو زور رکيو انهن ۾ ڪامريڊ حيدر جويو، علي بخش پٺاڻ کي وساري نه ٿو سگهجي. جن بار بار اصرار ڪيو ۽ آخرڪار محدود وسيلن هوندي هي ڪم پنهنجي پُڄاڻيءَ تي پهتو آهي. هي ڪم سائين سرور منگي سان پنهنجي محبت جي هڪ ننڍڙي ڀيٽا آهي. اسان کي اميد آهي ته اسان جو موجوده ۽ ايندڙ نسل سائين سرور منگي جي ڪردار کي سونهون بڻائي ضرور سفر ڪندو.
    ڪتاب جي ڏس ۾ جن دوستن مالي مدد ڪئي اهي انهن ۾ خاص طرح ساڃاهه وند دانشور سڪندر علي هليو جا ٿورا آهن. جنھن انتهائي پرخلوص ۽ محبت واري جذبي سان اسان جو هٿ ونڊايو ۽ خاص ڪري هن ڪتاب جو مھاڳ لکيو. مواد ڏيڻ جي سلسلي ۾ قربان ٻگهيو ۽ نثار شاهين کي نه ٿو وساري سگهجي، جن ڀرپور سھڪار ڪيو ۽ ان ساٿيءَ جا به ٿورا جنهن نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي سائين سرور منگيءَ جو اهم مواد اسان جي حوالي ڪيو، مون کي خوشي آهي ته سماج ۾ اهڙا گمنام ڪردار به آهن جيڪي بنا نالي جي سماج جي اندر تبديليءَ لاءِ ڪوشان آهن.
    ڪتاب جي پروف ريڊنگ لاءِ عزيز منگي ۽ علي بخش پٺاڻ جا به احسان ياد رهندا. سنڌ جي ناليواري ليکڪ خالد چانڊيو جا به وڏا وڙ جيڪو وک وک تي بھتر صلاحون ڏيندو رهيو.
    مان اميد ڪريان ٿو اوهان پڙهندڙ ساٿي هن پورهيي کي قدر جي نگاهه سان ضرور ڏسندؤ. پاڻ کي اڃان به سنڌ جي گمنام ڪردارن تي تمام گهڻو ڪم ڪرڻو آهي، زندگي رهي ته اوهان جي هٿن تائين، انهن ڪردارن کي به جلد پھچائبو.


    عيسى ميمڻ
    ڏوڪري
    30- جنوري 2013ع


    فڪري ۽ تحقيقي مضمون

    ادب تهذيب ۽ تمدن جي علامت آ

    ادبي ۽ نظامِ فڪر جي لحاظ کان اڄ سموري دنيا انتشار، منتشري، نفسا نفسي، ڀڄ ڀڄان، سواءِ ڪنھن مقصد ۽ منزل جي تعين ۽ سواءِ خبر هئڻ جي ايڪويھين صديءَ ۾ داخل ٿيڻ واري آهي. اتي اهو جائزو وٺڻو پوندو، اهو احتساب ڪرڻو پوندو ته ويھين صديءَ اسان کي ڇا ڏنو؟ اسان کان ڇا ورتو؟، ايڪويھين صديءَ ۾ اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ ان کان ڪھڙي تقاضا ڪري سگهجي ٿي؟ ويھين صديءَ جو سڀ کان وڏو واقعو هي آهي ته سرمائيداري نظام، سوشلزم ۽ ڪميونزم کي شڪست ڏئي پنھنجي نظام ۽ هڪ هٽيءَ جي حاڪميت کي برقرار رکيو. ايڪويھين صديءَ ۾ يقينن ان جا اثرات ۽ نتيجا نمايان هوندا.
    ادب، اخبار جي رپورٽ ناهي، پر ادب انسانيت جي ضمير جو اهو ڀنڀٽ ۽ آواز آهي جنھن جو پڙاڏو مغرب ۽ مشرق ۾ به ٻڌو ۽ محسوس ڪيو ٿو وڃي.
    دنيا م جيڪي به ناانصافيون، سازشون ۽ سفاڪيون ٿين ٿيون، ادب ئي انھن تان پردو چاڪ ڪري انھن جي نشاندهي ڪري ٿو. ادب، انساني زندگيءَ جي سمورن رخن ۽ پاسن جي ترجماني ۽ نمائندگي ڪري ٿو. پوءِ اهي سياسي هجن يا سماجي، معاشي هجن يا معاشرتي، فطري هجن يا جمالياتي، تاريخي هجن يا تمدني، جذباتي هجن يا ڪيفيتي، انھن سڀني جي اپٽار ادب جي ذريعي ئي ٿئي ٿي. ادب ۾ زندگيءَ جا سمورا ڪتاب اچي وڃن ٿا.
    اهو ڪم اخبار نه بلڪ ادب ئي ڪري سگهي ٿو. ادب ئي انساني شعور ۽ فڪر کي جنم ڏئي ٿو. نه صرف جنم ڏئي ٿو پر ان جي واڌ ويجهه به ڪري ٿو.

    **


    ٻاراڻو ادب ڇو؟ - ٻارن لاءِ ادب ڇونه؟

    ادب لاءِ ائين چوڻ، ادب سان ناانصافي ٿيندي ته ”ٻاراڻو ادب“ جڏهن اسين ٻاراڻو ادب چئون ٿا ته پوءِ اسانکي ”جواڻو ادب“، ”ٻڍاڻو ادب“. وري جنس جي لحاظ کان ”مرداڻو ادب“ ۽ ”عورتاڻو ادب“ به چوڻو پوندو. اصل حقيقت ۾ ادب، ادب ئي هوندو آهي. ان کي عمر ۽ جنس جي آڌار تي الڳ نٿو ڪري سگهجي.
    ادب اهو آهي، جيڪو انسان جي مختلف وقت، حالتن، ڪيفيتن، عمر جي حد ۽ فطري تقاضائن مطابق انھن جي سمورن احساسن ۽ جذبن، اخلاقي، سماجي، معاشي، تھذيبي ۽ تمدني قدرن ۽ معيارن جي عڪاسي ۽ ترجماني ڪندو آهي. ان لاءِ ادب لاءِ ”علم آداب“ لفظ ئي وڌيڪ مناسب ۽ اثرائتو لفظ آهي. ادب، زندگيءَ جو اهڙ آئينو يا تفسير هجي ٿو، جنھن ۾ هر انسان پنھنجي هوبھو تصوير پسي سگهندو آهي. ادب، هر عمر جي انسان جي گهرجن ۽ تقاضائن کي پورو ڪندڙ پيغامِ جام آهي.
    عمرانيات جي اصول مطابق ٻار کي بنيادي شعور ۽ بنيادي تعليم ۽ تربيت ٻن هنڌن کان ملي ٿي، پھريون ادارو سندس گهر ۽ گهر جو ماحول هجي ٿو، جتي هو پلجي ۽ نپجي ٿو. ڱ، ڱ ۽ ڃ ڃ ڪندي ٻولي سکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اسان کي اها به خبر هجڻ گهرجي ته ٻار هميشه نقل ڪري ئي سڀڪجهه سکندو آهي. تنھنڪري گهر جو ماحول صاف سٿرو، کٽ پٽ ۽ ڪروڌ کان آجو هجي. گهر ۾ صحت ۽ صفائيءَ جو چڱو انتظام هجي. ڇاڪاڻ ته جسماني صحت جو اثر انسان جي ذهني، تخليقي ۽ دماغي عقل تي هجي ٿو. صحتمند جسم هوندو ته سوچ، جيڪا انسان جي دماغ مان ڦٽي ٿي سا مثبت ۽ سنجيده قسم جي پيدا ٿيندي. اها ڳالهه به ياد رکڻ جھڙي آهي ته انسان جيڪو به عمل ڪندو آهي، اهو ان جي سوچ جي نتيجي مطابق هوندو آهي. سوچ منفي هوندي، سوچ جھالت واري هوندي ته عمل به ته اهڙو ئي ٿيندو نه ....!؟ ان کان علاوه والدين يا مائٽن جو ٻارن ڏانھن رويو نھايت شفيق ۽ دانشمنديءَ وارو دوستاڻي قسم جو هئڻ کپي جيئن ٻارن ۾ خوف ۽ احساس ڪمتريءَ جي ڪيفيت پيدا نه ٿي سگهي ۽ هُو پنھنجي حواسن کي ڀرپور نموني سان استعمال ۾ آڻي سگهن. جا وَهِي هنن جي حواسن جي ترقيءَ واري هوندي آهي.
    ٻار لاءِ ٻي وڏي تربيتگاهه اسڪول آهي جتي هن جي اخلاقي، تھذيبي، تعليمي ۽ ذهني نشونما هجي ٿي. جڏهن ٻار اسڪول ۾ داخل ٿيندو آهي ته ان وقت ٻار جو ذهن هڪ اڇي ۽ ڪوري ڪاغذ مثل هوندو آهي. پوءِ جھڙا اکر استاد ان پاڪ ۽ صاف ڪاغذ تي لکڻ چاهيندو ته ٻار جي ذهن تي به اهي ئي اکر نقش ٿي ويندا. ٻارن لاءِ اهڙ اصطلاح ته ”ٻار ۽ مُڇَ جو وار“ هڪجھڙا آهن، جيڏانھن ورائجن، اوڏانھن ورندا. ان جي معنى اِها ٿي ته هنن کي پنھنجي مرضيءَ تي جيئن به مھٽجي، مروٽجي، ڪپجي، ڏنگو ڦڏو ڪجي، جيئن به ڪجي انھن جي ذهن کي ڪچلجي ۽ چيچلائجي، چٿجي ۽ چچرجي، اهو اختيار انھن جي وڏن کي آهي، يعني ٻار جو ڪوبه اختيار نه آهي. هن کي ڪابه مرضي ۽ اختيار ڄڻ آهي ئي ڪونه!! هن کي احساس آهن نه جذبا!! ٻيو اصطلاح آهي ته ”مارَ آهي سنوارَ.“ افسوس آهي، جو اهي اصطلاح ٻارن جي ذهني، تھذيبي، علمي ۽ شعوري اوسر لاءِ ڪيڏا نه هاڃيڪار، بي مقصد، واهيات ۽ غير فطري ٿا لڳن. جڏهن ته ٻار قدرت جو انمول تحفو آهن، اهي قوم جون امانتون آهن. اهي ٻار قدرت طرفان نوان نڪور نظريا ۽ خيال پاڻ سان گڏ کڻي ايندا آهن، انھن لاءِ اهڙا اصطلاح ڪتب آڻڻ فطري اصولن جي بلڪل خلاف آهي. اهي اصطلاح ماڻهن کي جاهل بنائڻ ۽ انساني عقل ۽ سمجهه کي پوئتي ڌڪڻ ۽ ماڻهن کي گهڻو وقت غلام ۽ تابعدار بڻائي رکڻ لاءِ هٿراڌو گهڙيا ويا آهن.
    سائين منھنجا! انھن بنيادي ڳالهين کي نظر ۾ رکندي والدين ۽ استادن جي اها قومي، اخلاقي، علمي، ادبي، انساني ۽ تمدني ذميواري آهي ته هو ٻارن کي گهر ۽ اسڪول ۾ سازگار ۽ شعوري ماحول مهيا ڪري ڏين. هنن مٿان زبردستي پنھنجون مرضيون مڙهڻ جون ڪوششون، ۽ پنھنجي وڏ ماڻهائپ ۽ اَنا واري بالادستي قائم ڪرڻ جي ڪوشش هرگز نه ڪن. ائين ڪرڻ سان ٻار پنھنجون اندر ۾ لڪل صلاحيتون نروار ڪري انھن کي استعمال ۾ آڻي سگهندا.
    (Adoptability) يعني ”ماحول مطابق پاڻ کي هيرائڻ ۽ هنڊائڻ.“ واري اصول تحت حياتيءَ ارتقا پئي ڪئي آهي ۽ پنھنجي وجود کي برقرار رکيو آهي. اهو بنيادي اصول نه فقط حياتيءَ سان بلڪ انسان جي حال چال، عمل ۽ رد عمل، فڪر ۽ فھم سان به لاڳو ٿئي ٿو. يعني ”جھڙي صحبت تھڙو اثر.“ يا ”ڪارو گڏجي ڪمري سان، رنگ نه مٽائي بلڪ عادت ضرور مٽائي.“ يا ”جھڙو ديس، تھڙو ويس.“ وغيره. تنھنڪري انھن کي گهرجي ته ٻارن سان ڪڏهن به ڪاوڙ ۽ غصي وارو رويو اختيار نه ڪن. هنن لاءِ ڪڏهن به بخيل ۽ لاپرواه نه ٿين. ڇاڪاڻ ته ان عمر ۾ ٻار جا حواس ارتقائي مرحلن مان گذري رهيا هوندا آهن، ٻار کي هر قسم جي مت ڀيد، نفرتن، ريتن ۽ روايتن جي پابندين کان پري رکڻ گهرجي.
    ڪنھن به ترقي يافته، تخليقي ۽ سگهاري ادب جي سرجڻ جو مدار ٻوليءَ جي ذريعي ٿئي ٿو. ٻولي، احساسن، جذبن، خيالن جي اظھار جو بنيادي ذريعو آهي. تنھن ڪري ٻارن کي شروعات ۾ ئي خالص ٻولي ۽ ٻوليءَ جا صحيح اچار، اصطلاح ۽ اصلوڪا لفظ سيکارڻ گهرجن ته جيئن ٻار ارتقائي مرحلن ۾ انھن جي خصوصيت ۽ مفهوم کي جذب ڪري صحيح ٻولي لکي، پڙهي ۽ ڳالهائي سگهن. ايئن ڪرڻ سان ٻولي به نج حالت ۾ برقرار رهي سگهي ٿي.
    ٻارن سان رات جي وقت دوستاڻي ماحول ۾ سندن ذهني سطح مطابق ڪچھريون ڪرڻ کپن. کين علم، ادب، ۽ ڏاهپ جون ڳالهيون ٻڌائجن. ڳالهه ٻڌائڻ جو ڍنگ بلڪل سنجيده نه بلڪ دلچسپ هئڻ گهرجي. اهڙيون ڳالهيون ٻارن کي هرگز نه ٻڌائجن، جن مان هو بيزار ٿي پون يا سندن دلچسپي يا تجسس کان خالي ۽ مٿڀريون هجن. هميشه اهڙيون ڳالهيون ٻڌائڻ کپن جو ٻار وڏي دلچسپي، شوق، غور ۽ ڌيان سان اهي ڳالهيون ٻڌي ۽ سندن ذهن ۾ مختلف قسمن جا سوال اڀرڻ لڳن.
    جن کي سمجهڻ لاءِ هو اسان کان سوال ڪري پنھنجي ارتقا واري عمل کي تيز ڪري سگهن. ٻارن جي نفسيات مطابق جا ڳالهه ٻارن کي سمجهه ۾ نه ايندي آهي، يا سمجهائڻ وارو ايترو نا اهل ۽ بي صلاحيت هوندو آهي جو هو انھن ٻارن کي انھن جي ئي ذهني معيار مطابق سمجهائي نه سگهندو. هُو فقط پنھنجي ڳالهه تي ضد ڏئي بيھندو آهي ۽ کيس ذهني تعليم جي اصول ۽ اهميت جي ڪابه ڄاڻ نه هوندي آهي. اهڙين حالتن ۾ ٻار، ان کان نفرت ۽ بيزاري ڪرڻ لڳندا.
    حقيقت هيءَ آهي ته ننڍن ٻارن کي جڏهن اهي سمجهه سارا ٿين ٿا ته هنن جي پھريائين محض تربيت هئڻ گهرجي. پوءِ جيئن وڏو ٿئي ٿو، تيئن کيس بنيادي شعور واريون ڳالهيون سمجهائجن. فطرت جون جيڪي شيون آهن، تن جي اصليت، اهميت ۽ خصوصيت بابت تاريخي، ارتقائي ۽ سائنسي بنيادن تي کين آگاهي ڏجي ته جيئن ٻار اڳتي هلي گمراهه، ڪٽر ذهن، ڏند ڪٿائن ۽ قدامت پسند روايتن جا غلام نه بڻجي سگهن. ٻارن کي علم ادب جي پليٽ فارم تان پرک جي اهڙي ڪسوٽي مهيا ڪئي وڃي جو هُو اڳتي هلي سچ، ڪوڙ، نيڪي، بَدي، ڀلي ۽ بُري جي تميز خود ڪري سگهن.
    ادب جي وسيلي ٻارن ۾ همت ۽ حوصلو وڌندو آهي. انھن ۾ سھپ ۽ سنجيدگي پيدا ٿئي ٿي. انھن جي عمل ۽ ڪردار کي مثبت ۽ مھذب بنائڻ لاءِ ادب ئي اثرائتو ۽ بھتر ذريعو هوندو آهي. ادب ٻارن جي اخلاق، سيرت، نفس جي تھذيب، ذهن ۽ شخصيت جي تعمير ۾ اهم ۽ بنيادي ڪردار ادا ڪندو آهي. جنھن جو مدار وري اسان جي ماهر استادن، اديبن، دانشورن، محققن ۽ شاعرن تي آهي ته هو ڪھڙي معيار ۽ سطح جو ادب ٻارن لاءِ تخليق ڪري ترتيب ڏين ٿا.
    ٻارن لاءِ ادب ترتيب ۽ تخليق ڏيڻ ۽ رچنائون رچڻ وقت مٿين ذڪر ڪيل ٻارن جي رجحانن، معيارن، حالتن، ڪيفيتن ۽ احساسن کي نظر م ضرور رکيو وڃي. ائين ڪرڻ سان هڪ طرف ٻارن جا حواس تيزيءَ سان حرڪت ڪندا ته ٻئي طرف ٻارن جو شعور پختو ٿيندو ويندو.
    **


    ”ايڪويهين صديءَ جي آجيان لاءِ سنڌي اديبن، شاعرن، دانشورن ۽ محققن کي ادبي اپيل“

    سنڌ ڌرتي،جنھن جي مِٽي مردم خيز آهي، هيءَ سرزمين اديبن، عالمن، صوفين، سالڪن،دانشورن، سپورنجهن، سورمن، شاعرن، مفڪرن، محققن ۽ تاريخدانن جي امن ۽ خير، سچ ۽ سونهن جي سرزمين آهي. مان پنھنجي سنڌ جي اديبن، عالمن، شاعرن، دانشورن، محققن ۽ تاريخدانن جي خدمت اقدس ۾ انتھائي ادب ۽ احترام سان هڪ ادبي اپيل پيش ڪريان ٿو. اميد ته ان تي نهايت سنجيدگيءَ سان غور ويچار ڪيو ويندو.
    سائين منھنجا! اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته فطري طور تي هر چيز ۾ داخلي ۽ خارجي تبديليون اينديون رهن ٿيون. تاريخ جو اهو سفر اڳتي وڌندو رهندو. پوئتي فقط ان جا منظر ۽ ياد رهندي آهي. تاريخ پوئتي موٽڻ جو نه، بلڪ اڳتي وڌڻ جو عمل آهي. اهو سڀڪجهه ”حال“ ئي هوندو آهي،جنهن مان ماضي به جڙندو آهي ۽ آئندي لاءِ اميدون ۽ امڪان پيدا ٿيندا آهن. اڄ جيڪو ”حال“ آهي، سو ”سڀاڻي“ ماضي ٿيندو. اڄ جو ”سڀاڻي“، جيڪو ”مستقبل“ آهي، سو سڀاڻي وري ”حال“ ٿيندو. ماضيءَ کي حال جي پئمان ۾ نٿو ماپي سگهجي.
    جيئن لطيف فرمايو ته:
    ”ڪنين ماضي مَنَ ۾، ڪنين استقبال،
    حيف تنين جي حال، جن وڃائيو حال کي.“

    هر دؤر ۾ انسان تاريخ جي مطالعي ۾ دلچسپي پئي ورتي آهي. اها تاريخ ئي آهي، جيڪا کيس ماضيءَ جي ڏورانهين سرحدن ۾ وٺي وڃي انساني معاشرن ۽ تھذيبن جو سير ڪرائي ٿي. تاريخ جو مقصد هي آهي ته ان جي مدد سان ماضيءَ جي واقعات کي صحيح سمجهڻ جي سگهه پيدا ٿئي ٿي. انسان ۾ اهڙو تاريخي شعور اجاگر ٿئي ٿو ته انهن تاريخي واقعن ۽ حادثن جي گھرائيءَ ۾ هڪ منصوبو آهي ۽ ان جي پسمنظر ۾ ڪي قانون آهن، جيڪي دنيا کي برابر تبديل ڪري رهيا آهن.
    انسان جڏهن پنهنجي خاندان بابت ڪجهه معلوم ڪرڻ چاهيندو آهي ته هُو ”حال“ کان ماضيءَ جي طرف موٽندو آهي. پر اجتماعي، قومي يا معاشرن جي تاريخ جو مطالعو ائين ”حال“ کان ماضيءَ جي طرف نه ٿيندو آهي، بلڪ ”ماضيءَ“ کان ”حال“ جي طرف ٿيندو آهي. انسان ان پوائنٽ تي پهچڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، جتان ان جي تاريخ شروع ٿئي ٿي. ماضيءَ جون ياداشتون، آثار (عمارتون)، نوادرات، شيون، نظريا ۽ افڪار تمدن جي تسلسل لاءِ نهايت ضروري آهن. ان طرح ڪنھن به معاشري جي تمدن جي قدامت، تھذيب ۽ ارتقا جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.ان لاءِ ائين چيو ويندو آهي ته جنھن قوم جي تاريخ گم ٿي ويندي آهي ته هوءَ پاڻ کي بي سھارو ۽ اڪيلو محسوس ڪندي آهي. اگر انسان پنھنجي ماضيءَ کان ڪٽجي وڃي ته اهو جاهل ٿي پوندو. ڇاڪاڻ ته هر علم کي پنھنجي پنھنجي تاريخ آهي. مثلاً: فزڪس، ڪميسٽري ۽ بائلاجي وغيره. اسان جي تاريخي سرمائي هر دور ۾ پنھنجي ”تمام گهٽ“ هئڻ جي شڪايت پئي ڪئي آهي. اها شڪايت بلڪل درست ۽ جائز آهي. ڇاڪاڻ ته ان ۾ ماضيءَ ۾ ٿيل هرهڪ واقعو موجود آهي ۽ بيان ٿيل نه آهي.
    ڪھڙا واقعا وڌيڪ اهم ۽ تاريخساز آهن؟ ان جو مدار وري تاريخدان جي انداز فڪر، نظريات، روين ۽ مرضيءَ تي هوندو آهي. اسان تاريخ ۾ اهڙن واقعن کي پڙهڻ جا عادي ٿي ويا آهيون، جيڪي سنسني خيز ۽ ڊرامائي انداز وارا هجن. انهن واقعن لاءِ ظاهر ۾ ائين محسوس ٿيندو آهي ته اهي تاريخساز ۽ تاريخ جي وهڪري کي بلڪل موڙڻ وارا آهن. ان ڪري تاريخدان عام طور تي اهڙن واقعن ۽ حقيقتن کي قلمبند ڪرڻ کان اکيون بند ڪري ڇڏيندو آهي. يا انهن جي اهميت کي گهٽائي پيش ڪندو آهي، جن ذهني طور تي معاشري کي خاموشيءَ سان متاثر ڪيو ۽ خاموشيءَ سان سماج، تھذيب ۽ تمدن ۾ تبديليون آنديون.
    اسان انهن نظريات، اڪفار ۽ خيالن جي سمنڊ جي اندرين تھن ۾ خاموشيءَ سان وهندا رهن ٿا، انهن کي نظرانداز ڪري مٿاڇري تي طوفانن جي قيامت خيز تباهيءَ ۽ ڪيفيت کي ڏسندا آهيون.
    تاريخ بابت مون ڪجهه اٽل حقيقتون ان ڪري پيش ڪيون ته جيئن اسان جو تاريخ جي علم جي ناواقفيت سبب ماضيءَ سان جيڪو جنون جي حد تائين لڳاءُ ٿي چڪو آهي، ان جي اهميت ۽ بنيادي سبب جي معلومات ٿي سگهي.
    سائين منھنجا، ڪوبه تحقيقي ميدان هجي، يا تخليقي فارم هجي ته ان کي صحيح سمجهڻ لاءِ سڀ کان اول ادب جي معنى ۽ مفھوم، مقصد ۽ منشا، گهرجن ۽ تقاضائن کي سمجهڻ پهريون شرط آهي. ڇو ته جيستائين اسان کي ادب جي اهميت ۽ افاديت، فڪري ۽ فطري تقاضائن، انساني ڪيفيت ۽ ضرورتن جي ڄاڻ نه پوندي، تيستائين اسان سماج ۾ ان جو صحيح ڪارج ۽ استعمال ڪري ڪونه سگهنداسين. نتيجو اهو نڪرندو جو بيماريءَ جي غلط تشخيص سبب صحيح دوا جو استعمال ڪونه ٿيندو ته مرض گهٽجڻ بجاءِ وڌندو ئي ويندو.
    اسان لاءِ هڪ آزار اهو ٿيو جو ان ۾ سھل پسندي، سھپ ۽ سنجيدگيءَ جي کوٽ، محنت کان عار، ادب جي ڪنھن به صنف جي فني فڪري، مضمون ۽ موضوع جي معلومات جي کوٽ وغيره جھڙا عنصر گهر ڪري چڪا آهن، جن اسان جي خيال جي اڏام، فڪر جي گھرائيءَ، غور ۽ فڪر جي عادت کي هڪ جاءِ تي بيهاري ڇڏيو آهي. ادب ۾ اهو بيھڻ يا بيھڻ جهڙا رويا نهايت مايوس ڪن آهن. ٻيو ويل وري هي ٿيو جو اسان عظيم عظيم اچارڻ جا عادي ٿي ويا آهيون. تاريخ کي اڳتي ڏسڻ بجاءِ پوئتي ڏسون ٿا. اسان چئون ٿا ته اسان جي قوم عظيم- اسان جو علم ادب عظيم، ٻولي ۽ تھذيب عظيم، تاريخ ۽ تمدن عظيم آهي. ٻيو ڀلي ڪي ڪجهه به چوي، پر اسان عظيم ضرور آهيون دنيا ڀلي زهري ۽ مريخ تي پهچي، نيون نيون ايجادون ۽ کوجنائون ڪري، تحقيقون ۽ تجربا ڪري پنھنجي تاريخ جي سفر کي آسان ۽ شاندار بڻائي، پر اسين ڪجهه نه ڪنداسين، ڇو ته اسان عظيم آهيون ! خبر ناهي ته اها پوئتي موٽڻ واري سوچ اسان کي ڪھڙي طرف وٺي هلندي ۽ هلندي هلندي ڪٿي دنگ ڪندي! يا بيٺل پاڻيءَ جي دُٻي جيان سينوارجي بيهي رهندي. تڏهن ته اسان جي سالڪن، دانشورن ۽ سپورنجهن اسان جا پِرڪارَ ڏسي سِھَڙَ ۽ ڪڇونءَ جي گوءِ واري نصيحت ڀري آکاڻي جوڙي، جنھن ۾ سھڙ کي به اسان وانگر پنھنجي عظمت تي غرور ۽ گهمنڊ هو. هُو ان فوقيت ۾ ننڊ ڪرڻ لڳو. هوڏانھن ويچارو ڪمزور ڪڇون جيڪو نهايت ڍلو جانور آهي، سو مسلسل ڪوشش ۽ جدوجھد ڪندو رهيو. جنھن سهڙ کي نيٺ شڪست ڏئي عزم ۽ استقلال جو هڪ اعلى مثال قائم ڪري ڇڏيو.
    حقيقت ۾ اسين جڏهن ماضيءَ جي شان شوڪت ۾ پاڻ کي گم ڪري خوشي محسوس ٿا ڪريون، تڏهن حقيقت ۾ اسين پاڻ کي خوشفھمي، غير حقيقي سچ ۽ خود فريبيءَ جي زنجيرن ۾ وڪوڙي ٿا ڇڏيون.
    ماضيءَ جي پوڄا اهي قومون ڪنديون آهن، جيڪي تاريخ جي علم ۽ ڄاڻ کان ناواقف هونديون آهن. جيئن جيئن انسان عملي طور تي ڪمزور ۽ ناڪاره ٿي ويندو آهي، تيئن تيئن ان جو ماضيءَ سان ورجاءُ ۽ لڳاءُ وڌندو ويندو آهي. نه فقط ايترو، پر انسان ”حال“ جي مسئلن ۽ مونجهارن کان گهٻرائجي ماضيءَ جي اڻڄاڻيءَ ۾ پناهه وٺڻ چاهيندو آهي. جتي ماضيءَ جون خاميون ۽ مسئلا اسان جي سامھون اچي اسان کي پريشان ڪونه ٿا ڪن. ان سبب ڪري اسين ”حال“ جي دنيا کان ڪناره ڪشي اختيار ڪري ڪٽجي وڃون ٿا. تاريخي لحاظ کان جيڪي معاشرا زوال جي حالت ۾ هوندا آهن ته اهڙن معاشرن جو تعلق ماضيءَ سان جنون جي حد تائين وڌي ويندو آهي. اهي ماضيءَ جي عظمت ۾ پاڻ کي وساري ڇڏڻ چاهيندا آهن. سنڌ مٿان مختلف دورن ۾ عربن، ارغونن، ترخانن، تاتارين، مغلن ۽ انگريزن جون ڪاهون ٿينديون پئي رهيون آهن. انهن ٻاهرين قومن اسان جي اصل تاريخ، تمدن، ٻولي، ادب ۽ سماجي زندگيءَ تي پڻ گھرو اثر ڇڏيو. اڄ جيڪڏهن دنيا جي رفتار جي پيش نظر پنھنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي (جنھن کي جديد دور ۾ ”احتساب“ چئجي ٿو) نهايت سنجيدگيءَ ۽ صداقت سان پنھنجي ڪريل رفتار جو منصفانه جائزو وٺون ته اسين اٽڪل صديءَ کان به پوئتي بيٺل نظر اينداسون. ان وٿيءَ کي ڀرڻ لاءِ اسان کي پنھنجا رويا تبديل ڪري، حقيقتن کي تسليم ڪري تيزيءَ سان جدوجھد ڪري وکون وڌائڻيون پونديون. ذاتيات، جذبات ۽ انسانيت کان بلڪل بالاتر رهي سوچ جي سرحدن کي وسيع ڪري آئيندي لاءِ راهه هموار ڪرڻي پوندي. جيئن لاکيڻي لطيف فرمايو آهي ته:

    ڪتڻ جي ڪانه ڪيئي، سُتينءَ ساهي هَـڏُ،
    جِتِ سرتيون ڪندئي سَڏُ، ات سڪندينءَ سينگار لئه.

    تنھنڪري ويهين صديءَ جي ڪيل تجربن، اڀياس، مشاهدن، تحقيق ۽ نتيجن جي روشنيءَ ۾ نتيجا اخذ ڪري ايڪويهين صديءَ لاءِ پاڻ کي ڀرپور نموني تيار ڪري، اوچي ڳاٽ ٿي، سرخرو بڻجي تحقيق ۽ تجربن جي تحفن سان ان جو استقبال ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اڄ دنيا ۾ زندگيءَ جا سمورا شعبا نئين سر تحقيق ۽ تجربن لاءِ بيقرار آهن. فطري تقاضائن ۽ تبديلين مطابق نوان نوان لاڙا ۽ مفروضا وجود ۾ پيا اچن. نوان فارم ۽ اسٽائيل پنھنجي جاءِ پيا والارين.
    علم ادب ۽ ٻوليءَ ۾ نت نوان ۽ بدلجندڙ حالتن جو پورائو ڪندڙ تجربا ۽ مشاهدا پيا ٿين، جيڪي موجوده اليڪٽرانڪ، ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ واري دور جون گهرجون پوريون ڪري سگهن. ڇاڪاڻ ته هر دور جي گهرجن ۽ تقاضائن جي نوعيت الڳ الڳ ٿئي ٿي. پر افسوس جو اسان هڪ صدي يعني سڄو سارو هڪ سؤ سال گذرڻ کانپوءِ به ڪڏهن پنھنجو احتساب نه ڪيو آهي. ڪڏهن به پنھنجي سنڌي ڏاهن، مفڪرن، دانشورن، شاعرن، اديبن، تاريخدانن، محققن، لسانيات جي ماهرن جي گڏيل ڪانفرنس يا سيمينار ڪوٺائي، عم، ادب، ٻولي ۽ تاريخ جي ماپن، معيارن ۽ تقاضائن تي پورو لهڻ بابت غور ويچار ڪري سڀني رخن کان انهن جو جائزو نه ورتو آهي ته اسان جو ادب، اسان جي مٺڙي ٻولي، اسان جي تاريخ، اسان جي تحقيق موجوده دور م ڪهڙي معيار تي بيٺل آهي ۽ ان کي ڪهڙي معيار تي آڻڻ گهرجي. هن وقت عالمي تناظر ۾ انسان جا اهم مسئلا ۽ ضرورتون ڪهڙا آهن. افسوس جو اهڙن اهم مسئلن تي ڪڏهن به اجتماعي غور نه ٿيو آهي. ڇاڪاڻ ته اسين عظيم آهيون.
    ايڪويهين صدي ڪڙو کڙڪائي رهي آهي، دنيا جي قومن نئين صديءَ جي آجيان لاءِ پاڻ کي هر لحاظ کان هر شعبي ۾ مڪمل تيار ڪيو آهي، جنهن جا عملي نتيجا اسين پنھنجي اکين سان ڏسي رهيا آهيون. ان وقت اسان جي حيثيت ۽ سڃاڻپ ڪهڙي هوندي؟ انهن حالتن کي نظر ۾ رکندي لاکيڻي لطيف فرمايو ته:

    سي تون ويهي وڃائيا، جي ڪتڻ سندا ڏينھن،
    ارٽ اوڏي نه ٿئين، ڀوري ڀوري سينءَ،
    ڪنڌ کڻندينءَ ڪيئن، اڱڻ عجيبن جي.

    ادب قومن جو اهڙو سرمايو آهي جنھن لاءِ جناب ”ميڪلن“ صاحب چيو هو ته ”قدرت انسان ۾ جن سرمدي شين کي امانت رکيو آهي، تن جي اظھار کي ئي ادب چئجي ٿو.“
    جناب ”هيگل“ جو خيال آهي ته ”ادب هڪ تاريخ آهي، جنھن مان ڪنھن ملڪ يا قوم جي وقت بوقت بدلجندڙ تمدن جون تصويرون ڏسي سگهجن ٿيون. ادب، قومن جي عروج ۽ زوال جو آئينو ضرور آهي.“
    جناب ”ڪوسائن“ ادب جي پيدائش بابت لکي ٿو ته:
    رڳو فطرت جي خوبين جي تقليد ۽ خوبصورت منظرن جي ڏسڻ جي خوشي لطيف فن جي پيدائش جو اصل سرچشمو نه آهن، بلڪ پهريائين انسان جو دماغ انهن جو مطالعو ڪري ٿو، پوءِ انهن جي ترجماني ڪرڻ جي خواهش سببان ادب جي ابتدا ٿئي ٿي. يعني ڪنهن شيءِ جي ڏسڻ کانپوءِ ان بابت جيڪي خيال اسان جي دل ۽ دماغ ۾ پيدا ٿين ٿا، انهن کي بلڪل سهڻي ۽ شاندار لفظن ۾ قلمبند ڪرڻ مان ادب پيدا ٿئي ٿو.
    سائين منھنجا! دنيا جي ترقي يافته ٻولين ۾ بدلجندڙ حالتن مطابق تجربا ڪري ان کي جديد ترين زاوين تي بيھاريو ويو. انهن ۾ وسعت ۽ تيز رفتاري پيدا ڪئي وئي ته جيئن ٻولي، سائنسي ۽ ٽيڪنالوجيءَ واري ڊوڙ ۾ پنھنجو اهم ڪردار ادا ڪري سگهي. ان سلسلي ۾ سنڌي ٻولي، جيڪا پنھنجي اندر بيشمار خاصيتون رکندڙ قديم ترين ٻولي آهي، ان جي نشونما ڏانھن ڪو خاص ڌيان نه ڏنو ويو. اگر ڪجهه لکيو به ويو ته محض ٻوليءَ جي قدامت ۽ انفراديت تي لکيو ويو ته سنڌي ٻلي ڪيتري قديم آهي. ان ۾ ۡڪهڙيون ڪهڙيون خاصيتون ۽ صلاحيتون آهن. سنڌي ٻولي ڪهڙين ٻولين مان نڪتل آهي. يا سنڌي ٻوليءَ مان ٻيون ڪهڙيون ۽ ڪيتريون قديم زبانون ڦٽيون ۽ نڪتيون آهن. باقي ٻوليءَ کي سائنسي بنيادن تي جديد معيارن تي بيهارڻ لاءِ ڪابه سنجيده ڪوشش، تحقيق ۽ تجديد نه ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ اگر ڪنھن مھربان محقق ۽ دانشور ڪو آواز بلند به ڪيو ته ان کي ڀوڳ يا فضول ڳالهه ڄاڻندي ڪَنَ لاٽار ڪري ان اهم مسئلي ڏانھن ڪنھن به توجه نه ڏنو.
    ان لاءِ مون ادنى ۽ عاجز جي پنھنجي محترم محققن، دانشورن، شاعرن، اديبن ۽ ٻوليءَ جي ماهرن کي اپيل آهي ته سائين، ايڪويهين صديءَ جي اچڻ کان اڳ ٻوليءَ جي الفابيٽ جي نئين سر تحقيق ۽ تجديد لاءِ لسانيات جي ماهرن، اديبن ۽ دانشورن، مصورن ۽ محققن جي هڪ بااختيار ٻوليءَ جي ڪاميٽي قائم ڪئي وڃي، جيڪا مختلف مسئلن ۽ سوالن کي سامھون رکي ويهين صديءَ جي تجربن جي روشنيءَ ۾ ٻوليءَ بابت سمورن پاسن جو نهايت سنجيدگيءَ سان بغور جائزو وٺي پنھنجي سفارش پيڊ ڪري. جائزي وٺڻ وقت ٻين معاملن کان علاوه هيٺين نقطن کي پڻ پيش نظر رکيو وڃي.
    نئين الفابيٽ سان اسان جي موجوده نسل ۽ ايندڙ نسلن جي وچ ۾ جيڪو خال پيدا ٿيندو ۽ جيڪا اوپرائپ محسوس ٿيندي ان کي ڪهڙي طرح توازن ۾ برقرار رکي سگهبو.
    موجوده صورتخطيءَ ۾ جيڪو لکيل مواد آهي، ان کي ڪهڙيءَ طرح محفوظ رکي سگهبو، جيڪو صدين جي محنت، جدوجھد ۽ قربانين جي نتيجي ۾ تمدن ۽ تھذيب جو اصل سرمايو آهي.
    نئين الفابيٽ جي پيمائش ڪيتري وسيع ۽ جديد هوندي. اها ڪيتريقدر جديد سائنسي، لساني ۽ سماجي ڪارج موجب تيز رفتاريءَ سان هلي سگهندي.
    اها ڪيتريقدر عام ماڻهن جي لساني لهجي ۽ مزاج مطابق هوندي. ان ۾ جاذبيت جي خاصيت ڪيتري حد تائين هوندي ۽ ان جو ڦھلاءُ ڪيترو هوندو.
    ان نئين الفابيٽ جي فني ۽ سائنسي نوعيت ۽ ان جو طريقه ڪار ڪھڙو هوندو، جيڪو هرهڪ لاءِ قابل قبول هجي.
    سائين منھنجا، ادب ۽ زندگي هڪ ٻئي سان لازم ۽ ملزوم آهن. اهي هڪٻئي کان ڪنھن به صورت ۾ الڳ ڪري نٿا سگهجن. ادب ۾ زندگيءَ جا سمورا ڪتاب اچي وڃن ٿا. زندگيءَ جي سمورن شعبن ۾ ادب کي ”سپر پاور“ جي حيثيت حاصل آهي.
    ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ادب ۾ به تبديلي آئي. ان ۾ جديد لاڙا ۽ اسٽائيل پيد اٿيا. ان کي جديد عالمي معيار مطابق بنائڻ جون ڀرپور ڪوششون ٿيون. تجربا ۽ مشاهدا ڪيا ويا. ”سنڌي ادبي سنگت“ وجود ۾ آئي، جيڪا نهايت منظم مستحڪم ۽ نج ادبي سنگت آهي. هن تمام وڏا وڏا قداور، سگهارا ۽ عظيم شاعر، اديب، دانشور، محقق، نقاد، ليکڪ پيدا ڪيا. دنيا جو جديد ادب ۽ شاعري هن ئي متعارف ڪرايا. نه فقط ايترو پر انهن صنفن کي پنھنجي سنڌي مزاج مطابق سنڌي قالب ۾ سمائڻ جا ڪامياب تجربا به ڪيا. پر چوندا آهن ته چڱيءَ شيءِ کي هميشه چک لڳندي آهي. سو هن عظيم ادبي اداري کي به ڪا نظر لڳي وئي. هڪ طرف سھل پسندي ۽ اَڻ سھائيءَ جو رجحان، ٻيو وري پنھنجي خيالن کي حرف آخر سمجهڻ. اصلاحي ۽ تعميري تنقيد جي کوٽ، تنقيد جو معيار شخصيتن جي ”پسند“ ۽ ”ناپسند“ ۽ ذاتي ڪردار ڪشيءَ تي وڃي بيٺل. جيڪو جنهن کي وڻي ٿو ته ”اُن جي جونءَ به اُٺَ کان وڏي“ پر جيڪو جنھن کي ذاتي طور تي نٿو وڻي ته ان جو هاٿي به نظر نٿو اچي. نثر تي تمام گهٽ ۽ نظم تي تمام گهڻي پيهه. انهن مڙني عنصرن ان جي ادبي اوسر ۽ ترقي کي تمام پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. ڪوبه خاص تخليقي ۽ تحقيقي ڪم نه ٿيو آهي. رڳو هڪ ٻئي جي پيرن ڪڍڻ لاءِ سندرو ٻڌيون بيٺا آهيون. شل ائين نه ٿئي جو، اتي وڃي بيهون، جتان جديد سنڌي ادب جي باني مرزا قليچ بيگ شروعات ڪئي هئي....!
    مٿين ڳالهين کي نظر ۾ رکندي منھنجي هڪ تجويز آهي ته تمام جلد سنڌ جي ممتاز اديبن، دانشورن، محققن، شاعرن، تاريخدانن، مصورن، صحافين ۽ نقادن ۽ ٻوليءَ جي ماهرن جي هڪ ڀرپور ڪانفرنس يا سيمينار ڪوٺايو وڃي، جنھن ۾ ان ڳالهه جو جائزو ورتو وڃي ته موجوده سائنس ۽ ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ سرد جنگ جي خاتمي بعد واري صورتحال ۽ تاريخ ساز تبديلين جي پيش نظر ايڪويهين صديءَ لاءِ ادب جو معيار ڪهڙو هئڻ گهرجي ۽ تقاضائون ڪهڙيون آهن. ان سيمينار ۾ ادب جي مختلف صنفن تي الڳ الڳ ڀرپور بحث ڪيو وڃي. ان بعد ٽي مختلف با اختيار ڪاميٽيون جوڙيون وڃن. هڪ تاريخ جي علم بابت تاريخ جي ماهرن ۽ محققن جي جيڪا سنڌ ۾ علم تاريخ جي اوسر بابت پنھنجي رپورٽ ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪري.
    ٻي برک دانشورن، اديبن ۽ شآعرن جي ڪاميٽي جوڙي وڃي، جيڪا ادب ۾ نثر ۽ نظم جي سمورين صنفن جو جائزو وٺي. هن کي جديد تقاضائن مطابق بنائڻ لاءِ ايندڙ اجلاس ۾ ان جي جامع رپورٽ پيش ڪري.
    ٽين ٻوليءَ جي ماهرن ۽ محققن جي ڪاميٽي جوڙي وڃي جنھن جو ذڪر مٿي ڪري چڪو آهيان. اها ڪاميٽي پڻ طئي ٿيل ايندڙ اجلاس۾ رپورٽ پيش ڪري. اهو تاريخ ساز ڪم سنڌي ادبي سنگت، سنڌي ادبي بورڊ يا ٻيو ڪو اشاعتي ادارو سرنجام ڏئي، اهم ايوارڊ کڻي سگهي ٿو. اگر منھنجي ان ادبي اپيل ۽ تجويزن تي سنجيدگيءَ سان غور ڪري ان تي عمل ڪيو ويو ته اسين ايڪويهين صديءَ جي آجيان وقت ضرور ڪو جديد تاريخ ساز تحفو پيش ڪري سگهنداسين ۽ سرتين جي سٿَ ۾ اسان جو ڳاٽ اوچو هوندو.
    **


    ”ايڪويهين صدي، سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي“

    سترهين صديءَ جي اڌ وارو دور دنيا ۾ ٻن زمانن جي ميلاپ وارو دور هو. هن دور ۾ دنيا نون خيالن ۽ نظرين جي روشنائيءَ سان جڳمڳائڻ واري هئي. دنيا ۾ ريتن، روايتن ۽ ڏند ڪٿائن وارو گهاڙو رستو يڪسر بدلجي رهيو هو. دنيا يڪسر نئين ٿي رهي هئي. زندگيءَ جا سمورا شعبا تحقيق ۽ تجديد، حرارت ۽ تبديليءَ لاءِ بيقرار هئا. ڏند ڪٿائن ۽ روايتن جي جاءِ تي عقل پنھنجا پير کوڙي رهيو هو. شين کي هاڻي عقل جي ذريعي تجربن، مشاهدن، خصوصيتن ۽ نتيجن جي آڌار تي پرکيو ويو ۽ انهن جي اصل حقيقت، خاصيت، ڪيفيت، اهميت ۽ افاديت کي معلوم ڪيو ويو. هن دور ۾ ئي سج جي بدران ڌرتيءَ کي گردش ڪندي قرار ڏنو ويو. هن ئي دور ۾ عالم، اديب، دانشور، شاعر، محقق، نقاد، سائنسدان ۽ فلسفي قطارن جيان پيدا ٿيا. جن نون نظرين ۽ تصورن جا معيار ۽ مينار قائم ڪيا. هن دور ۾ جرمنيءَ ۾ گوئٽي پيدا ٿيو. فرانس ۾ روسو ۽ والٽيئر پيدا ٿيا. هيگل، هيوم، نٽشي ۽ شيلي صاحب جھڙا فلسفي پيدا ٿيا. جن دنيا کي جنجهوڙي ڇڏيو. هن ئي دور ۾ جناب ”نيوٽن“ جا حيرت انگيز ڪشش ثقل جا عالمگير قاعدا وجود ۾ اچي تصديق ۽ تسليم ٿي چڪا هئا. يورپ ۾ سائنسي، مفروضا وجود ۾ آيا، يورپ ۾ پريس جي ڇپائي شروع ٿي وئي، جنھن سبب هو پنھنجو وڏي پئماني تي ڦھلاءُ ڪري سگهيا.
    هيڏانهن سنڌ ۾ تنھن وقت قدامت پسندي، ڪٽرپڻي جو دور هو. پر پوءِ به ان تبديليءَ جو اثر سنڌ تي پڻ نمايان نظر اچي ٿو. ان دور ۾ سنڌو درياءُ پنھنجو رخ بدلائي رهيو هو. ”ڪلاچيءَ“ جي ڪُنَ ”ڪراچيءَ“ جي صورت اختيار ڪئي هئي. عين ان وقت سرزمين سنڌ جي ڪک مان سنڌ ۾ دنيا جو وڏي ۾ وڏي ۽ آفاقي شاعر شاهه لطيف، معاشي مساوات جو علمبردار، شاهه عنايت شھيد، امن ۽ محبت، اخوت ۽ مساوات جو علمبردار، خواجه محمد زمان، سلطان الاولياء لواريءَ وارو پيدا ٿيا.
    سنڌ تي مختلف دؤرن ۾ عربن، ارغونن، ترخانن، تاتارين، مغلن ۽ انگريزن جون ڪاهون ٿينديون پئي رهيون. انهن ٻاهرين قومن اسان جي اصل تاريخ، تمدن، ٻولي، علم ادب ۽ سماجي زندگيءَ تي گھرو اثر ڇڏيو. جنھن جا باقيات هر شعبي ۾ اڃان تائين ڏسڻ ۽ محسوس ڪرڻ ۾ اچن ٿا. اڄ جيڪڏهن دنيا جي رفتار جي پيش نظر پنھنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي نهايت سنجيدگي ۽ صداقت سان پنھنجي ڪيل رفتار جو جائزو ورتو وڃي ته اسين اٽڪل صدي کن پوئتي بيٺل نظر اينداسين. ان وِٿيءَ کي ڀرڻ لاءِ اسان کي پنھنجا رويا تبديل ڪري، حقيقتن کي تسليم ڪري تيزيءَ سان محنت ۽ جدوجھد ڪرڻي پوندي. ذاتيات، جذبات ۽ انانيت کان بلڪل مٿانهون ٿي، سوچ جي سرحدن کي وسيع ڪري آئندي لاءِ سوچڻو پوندو. ان لاءِ ويهين صديءَ جي ڪيل ڪارنامن، تجربن، مشاهدن ۽ تحقيق جي روشنيءَ ۾ نتيجا اخز ڪري ايڪويهين صديءَ لاءِ پاڻ کي اوچي ڳاٽ ٿي، سرخرو بڻجي سامهون اچي ان جو استقبال ڪرڻ گهرجي. جيئن لطيف فرمايو ته:

    ڇِڄُ مَ قطاران، ساٿ چڙهندو لَڪِئين،
    مڇڻ ٿئين پُئان، وڳ واٽ ئي نه لهين.

    اهڙي طرح خواجه محمد زمان سلطان الاولياء جن فرمايو ته:

    اُسُر اُڀن ڏانهن، مڇڻ رهين رُڃَ ۾،
    جُزي جائز ناهه، ڪُلَ ريءَ ڪٽڻ ڏينهڙا.

    سنڌ جي مشهور اديب، شاعر، محقق، مترجم ۽ ماهر لسانيات مرزا قليچ بيگ نه فقط سنڌي ادب کي جديد معيارن تي بيهاريو، بلڪ 457 عالمي شهرت يافته ڪتابن جو دنيا جي مشهوري مختلف زبانن تان پنهنجي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ۽ تصنيف ڪري سنڌي ادب کي مالا مال ڪري ڇڏيو. ادب ۽ زندگيءَ جو ڪوبه اهڙو پھلو نه رهيو. جنھن تي مرزا قليچ بيگ نه لکيو هجي. اهو ئي سبب آهي جو کيس جديد سنڌي ادب جو باني ڪوٺيو وڃي ٿو.
    دنيا جي ترقي يافته ٻولين ۾ بدلجندڙ حالتن ۽ تقاضائن موجب نت نوان تجربا ڪري انهن کي وسيع ۽ جديد ترين زاوين تي بيهاريو ويو. انهن ۾ وسعت ۽ تيز رفتاري پيدا ڪئي وئي ته جيئن ٻولي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ڊوڙ ۾ پنھنجو اهم ڪردار ادا ڪري سگهي. ليڪن سنڌي ٻوليءَ ڏانھن ڪو خاص ڌيان نه ڏنو ويو. اگر ڪجهه لکيو ويو ته سنڌي ٻوليءَ جي فقط قدامت ۽ انفراديت تي لکيو ويو ته سنڌي ٻولي ڪيتري قديم آهي. ان ۾ ڪهڙيون صلاحيتون آهن. سنڌي ٻولي ڪهڙين زبانن مان ڦاٿل آهي، يا سنڌي زبان مان ڪهڙيون ۽ ڪيتريون قديم زبانون ڦٽل ۽ نڪتل آهن. باقي ٻوليءَ کي وقت تقاضائن مطابق وسعت ڏيڻ ۽ جديد معيارن تي بيهارڻ ۽ صورتخطيءَ جي لاءِ ڪا خاص تحقيق ۽ تجديد نه ڪئي وئي.
    اسان وٽ ڪيستائين محترم سائين غلام علي الانه صاحب، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب، آگرو صاحب، علي احمد بروهي صاحب، پروفيسر جتوئي صاحب، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو صاحب، سراج صاحب، حليم بروهي صاحب، مير محمد پيرزادو صاحب وغيره جن موجود هوندا، جنجو پنھنجو جيجل ٻوليءَ لاءِ هنياءُ ڏکي ٿو.
    تازو ئي محترم حليم بروهي صاحب اخبار ذريعي ٻوليءَ بابت پنھنجي هڪ مضمون ۾ سنڌي ٻوليءَ جي الفابيٽ يا خط مٽائڻ وري تجويز پيش ڪري هڪ نئين سوچ واري ڳالهه ڪئي آهي. ان تي تمام گهڻو ۽ گرماگرم اخباري بحث شروع ٿيو. ڪِن دوستن ۽ ماهرن حليم صاحب جي سوچ جي تائيد ۾ لکيو ته ڪِن دوستن ان جي مخالفت ۾ لکيو. حليم صاحب جي تائيد يا مخالفت ۾ آءٌ لکڻ نٿو چاهيان، ڇو ته ان تي الڳ لکڻ جي ضرورت آهي. البت ايترو چوندس ته حليم بروهيءَ جي ٻوليءَ بابت لکيل مضمون ٻيو نه ئي سهي، پر ٻوليءَ جي ماهرن ۽ ادبي حلقن ۾ جيڪو جمود طاري هو ان کي متحرڪ ۽ سرگرم ضرور ڪيو آهي. ان لاءِ محض اخباري بحث مسئلي جو ڪو پائدار ۽ جامع حل نه آهي. ان لاءِ مون ادنى جي هڪ ننڍڙي تجويز آهي ته اڪيويهين صديءَ کان اڳ ٻوليءَ جي الفابيٽ جي نئين سر تحقيق ۽ تجديد لاءِ لسانيات جي ماهرن ۽ محققن جي هڪ بااختيار ڪاميٽي قائم ڪئي وڃي، جيڪا مختلف مسئلن ۽ سوالن ۽ وقتي تقاضائن کي سامهون رکي ويهين صديءَ جي تجربن، مشاهدن، نتيجن ۽ اثرن جي بنياد تي ٻوليءَ بابت سمورن رخن ۽ پهلوئن جو نهايت سنجيدگي ۽ غيرجانبداريءَ سان بغور جائزو ورتو وڃي. جائزي وٺڻ وقت ٻين معاملن کان علاوه هيٺين مسئلن کي پڻ پيش نظر رکيو وڃي.
    نئين الفابيٽ سان اسان جي موجوده نسل ۽ ايندڙ نسلن جي وچ ۾ جيڪو خال پيدا ٿيندو ۽ جيڪا اوپرائپ محسوس ٿيندي ان کي ڪهڙي طرح توازن ۾ برقرار رکي سگهبو.
    موجوده صورتخطيءَ ۾ جيڪو لکيل مواد آهي، ان کي ڪهڙيءَ طرح محفوظ رکي سگهبو، جيڪو صدين جي محنت، جدوجھد ۽ قربانين جي نتيجي ۾ تمدن ۽ تھذيب جو اصل سرمايو آهي.
    نئين الفابيٽ جي پيمائش ڪيتري وسيع ۽ جديد هوندي. اها ڪيتريقدر جديد سائنسي، لساني ۽ سماجي ڪارج موجب تيز رفتاريءَ سان هلي سگهندي.
    اها ڪيتريقدر عام ماڻهن جي لساني لهجي ۽ مزاج مطابق هوندي.
    ان جو ڦھلاءُ ڪيترو هوندو ۽ ان ۾ جاذبيت جي خاصيت ڪيتري حد تائين هوندي.
    ان نئين الفابيٽ جي فني ۽ سائنسي نوعيت ۽ ان جو طريقه ڪار ڪھڙو هوندو، جيڪو هرهڪ لاءِ قابل قبول هجي.
    مٿين اهم نڪتن کي نظر ۾ رکندي ان جي هر مسئلي تي بحث مباحثو ڪري تنھن کانپوءِ هڪ مڪمل ۽ جامع رپورٽ اتفاق راءِ سان پيش ڪئي وڃي.
    ٻيو اهم بحث جيڪو اخبارن جو موضوع بڻيل آهي، اهو آهي ته سنڌي ادب متعلق، هڪڙن جو چوڻ آهي ته ادب جي هاڻي ڪابه اهميت ۽ افاديت نه رهي آهي. ادب ناڪاره بڻجي چڪو آهي. هاڻي صحافت ئي سڀڪجهه آهي، جتان ماڻهو هر ڳالهه کليءَ طرح سان سڌي سنئين ڪري سگهي ٿو. ٻين جو خيال آهي ته ادب زنده آهي. ادب هر دور ۾ مزاحمت پئي ڪئي آهي. ادب ۽ زندگي لازم ملزوم آهن. ادب زندگيءَ جو تفسير ۽ ترجمان آهي. ادب ۾ زندگيءَ جا سمورا ڪتاب اچي وڃن ٿا. ادب ۽ زندگي هڪٻئي کان الڳ ڪري نٿا سگهجن. ان موضوع تي پڻ الڳ جامع طور تي منطقي دليلن سان لکي سگهجي ٿو. هتي آءٌ ان موضوع تي نٿو لکان.
    ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ادب ۾ به تبديلي آئي. ان ۾ جديد لاڙا ۽ اسٽائيل پيدا ٿيا. ان کي جديد عالمي معيار مطابق بنائڻ جون ڀرپور ڪوششون، تجربا ۽ مشاهدا ڪيا ويا. سنڌي ادبي سنگت وجود ۾ آئي. جيڪا نهايت منظم ۽ مستحڪم نج ادبي سنگت هئي. سنڌي ادبي سنگت تمام وڏا وڏا قداور، سگهارا ۽ عظيم شاعر، اديب، دانشور ۽ محقق پيدا ڪيا. هي هڪ بااختيار ادبي ادارو هو. جنھن ۾ تنقيدي ڪلاس هلايا ويندا هئا. دنيا جي جديد ادب ۽ شاعريءَ کي هن ئي متعارف ڪرايو. نه فقط ايترو بلڪ انهن صنفن کي پنھنجي سنڌي مزاج مطابق پنھنجي سنڌي قالب ۾ پڻ سمائڻ جا ڪامياب تجربا ڪيا. سنڌي ادبي سنگت کي ايشيا کنڊ جي سڀ کان وڏي ۾ وڏي ادبي تنظيم هجڻ جو اعزاز پڻ حاصل آهي. پر چوندا آهن ته ”چڱي شيءِ کي هميشه چَکُ لڳندي آهي.“ سو هن عظيم ادبي اداري کي به ڪنھن ناظروءَ جي نظر کائي وڌو.
    هڪ طرف سهل پسنديءَ جو رجحان، ٻيو اَڻ سَھائي ۽ سھپ جو فقدان، مطالعي ۽ مشاهدي کانپوءِ راتورات وڏي اديب ۽ شاعر بنجڻ جي خام خيالي ۽ خود فريبي، محنت کان عار پنھنجي خيالن کي حرف آخر سمجهڻ، اصلاحي ۽ تعميري تنقيد جي کوٽ، تنقيد جو معيار شخصيتن جي ”پسند ۽ ناپسند“ ۽ ذاتي ڪردار ڪشتي تي وڃي بيٺل جيڪو جنھن کي وڻي ٿو، ان جي جونءَ به اُٺَ کان وڏي، پر جيڪو ذاتي طور تي جنھن کي نٿو وڻي ان جو هاٿي به نظر نٿو اچي. نثر تي تمام گهٽ ۽ نظم تي تمام گهڻي پيهه. انهن مڙني عنصرن جي ڪري ادبي اوسر ۽ ترقيءَ کي تمام پوئتي ڌڪي ڇڏيو. ڪوبه تخليقي ۽ تحقيقي ڪم نه ٿي سگهيو. ادب ۾ اديبن جي گروهي ڇڪتاڻ وڌڻ لڳي. هاڻي رڳو ائين ويٺا چئون ته سنڌي ٻولي عظيم آهي. شاهوڪار آهي. ترقي يافته زبانن مان هڪ آهي. مڃئون ٿا برابر آهي، سنڌي ادب عظيم آهي، جديد آهي، عالمي معيار مطابق آهي. مڃئون ٿا ته ائين به آهي. دنيا جي ڪنھن به وڏي اديب، دانشورن ليکڪ جي مقابلي ۾ سنڌ جو ڪوبه اديب، ليکڪ يا دانشور فخر سان پيش ڪري سگهجي ٿو. مڃيوسين ته ائين به برابر آهي. سنڌ جا ليکڪ ۽ دانشور دنيا جي ڪنھن به اديب يا ليکڪ کان گهٽ ڪينهن.
    هاڻي اسان جڏهن عملي ميدان ۾ ڪابه کيپ نه کٽئون، ڪوبه ادبي ڪارنامو سرانجام نه ڏيون، رڳو هڪٻئي جي پيرن ڪڍڻ لاءِ سندرو ٻڌيون بيٺا هجون. رڳو الفاظن ۾ ويٺا چئون ته ”اسان عظيم آهيون، عظيم آهيون.“ عظيم آهيون ته اها محض خوشفھمي، خودفريبي ۽ کوکلائپ کانسواءِ ڪجهه به نه آهي. اهڙيءَ روش سان ڪٿي سِھَڙَ ۽ ڪَڇونءَ واري ڪار نه ٿئي، شل ائين نه ٿئي جو، اتي وڃي بيهون، جتان مرزا قليچ بيگ شروعات ڪئي هئي.
    اسان وٽ ڪيستائين محترم محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز، شمشيرالحيدري، ولي رام ولڀ، تنوير عباسي، الطاف شيخ، غلام نبي مغل، مير محمد پيرزادو، حميد سنڌي، آغا سليم، امر جليل، تاجل بيوس وغيره جن هوندا جيڪي هميشه آئيندي تي نظر اکي پاڻ پتوڙيندا رهيا آهن. اهي ماڻهو پنھجي اندر مطالعي، تجربن ۽ مشاهدن جا سمونڊ سمايو ويٺا آهن. انهن پنهنجيون سموريون عمريون ادب جي خدمت ۽ اوسر لاءِ وقف ڪري روشن راهون تلاش ڪيون. انهن لاءِ لطيف سائين فرمايو ته:

    تانسين ساڻن اور، جانسين آهن اوطاقن ۾،
    ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾ پاڻ مٿانئن گهور،
    ويا جي هنگلور، ڪـَرَمَ ملندئي ڪاپڙي.

    پر جي اسان انهن جي تجربن، مشاهدن ۽ نتيجن مان فائدو نه وٺي سگهياسين ته پوءِ وري لطيف جي چواڻي ته:
    پاڙي ويڄ هئامِ، تان مون مور نه پڇيا،
    تيلاهون پيامِ، موريسر اکين ۾.

    مٿين ڳالهين کي نظر ۾ رکندي منهنجي هڪ تجويز آهي ته سنڌ جي برک اديبن، دانشورن، ليکڪن ۽ شاعرن جي هڪ بااختيار ڪاميٽي جوڙي وڃي، جيڪا ويهين صديءَ جي ڪيل تجربن ۽ نتيجن جي روشنيءَ ۾ ان ڳالهه جو جائزو وٺي ته موجوده سائنس ۽ ڪمپيوٽر جي تيز رفتار دنيا ۾ سرد جنگ جي خاتمي ۽ تاريخي تبديلين جي پيش نظر ايڪويهين صديءَ لاءِ ادب جو معيار ڪهڙو ۽ ڪيترو وسيع هئڻ گهرجي جيڪو انسان جي وقت حالتن ۽ تقاضائن جو ڀرپور پورائو ڪري سگهجي. ان بااختيار ڪاميٽيءَ ۾ ادب ۽ زندگيءَ متعلق نثر ۽ نظم جي سمورين صنفن تي ڀرپور تحقيقي بحث ڪري هڪ جديد، جامع ۽ مڪمل تحقيقي رپورٽ تيار ڪئي وڃي.
    جيڪڏهن مون ادنى انسان جي مٿين تجويزن تي سنجيدگيءَ سان غور ڪري انهن تي عمل ڪيو ويو ته اسين ايڪويهين صديءَ جي آجيان وقت ڪونه ڪو جديد تحفو پيش ڪري دنيا ۾ پاڻ کي باوقار ۽ سرخرو ثابت ڪري سگهنداسين ۽ فخر سان چئي سگهنداسين ته اسين ڪنھن کان به پوئتي ڪين آهيون.


    حقيقت جو پردو

    هر ذڪر جي، هر فڪر جي توتي پڄاڻي ٿي ٿئي. هر ڏوهه جي، هر ڊوهه جي، هر موهه جي توتي پڄاڻي ٿي ٿئي. تون بيشڪ، سمورين انساني جبلتن مان نھايت تيز ۽ طاقتور چيز آهين، جو سموريون طاقتون، نيڪيون، بَديون ۽ جبلتون تو ڏانھن ڇڪجي ٿيون اچن. پوءِ انسان، توکي پاڻ کان آجو رکڻ لاءِ ڪيئي روپ ۽ نانءَ ڏنا.
    هونئن ته حضرت انسان هر چيز فتح ڪئي آهي. مريخ جي مٿان ڦيرا پيو ڏئي. پنھنجي اعلى هجڻ جا ثبوت پيو ڏئي، پر ڪيئي جُڳن کان وٺي تون ان تي فاتح رهي آهين. تون اهو طوفان آهين، جنھن کان ڪنھن به وڻ جون ٽاريون ۽ پن لڏڻ ۽ جهومڻ کان بچي نه سگهيا آهن. بيشڪ تون وڏن وڏن پھاڙن ۽ سمونڊن کي به پنھنجي ننھن تي نچايو آهي. ۽ وري حيرت جي ڳالهه آهي جو هُو ماڻهن جي اڳيان تنھنجي کليل نندا ڪندا رهن ٿا! پوءِ جيڪو به انسان ان حقيقت تان پردو کڻي ٿو ته ماڻهو پاڻ پنھنجي اصل شڪل ڏسڻ کان خوفزده ٿي وڃن ٿا ۽ پوءِ ان مٿان ملامتن جو وسڪارو ڪرڻ لڳن ٿا، ”وٺوس، ماريوس، نه ڇڏيوس ...... “
    **


    پڌرا ٿيندا پول

    ماڻهو شين جي حقيقتن جي تھه تائين پھچڻ لاءِ انتھائي خوفزده ٿي گهٻرائجي ويندا آهن. جن کي انھن پنھنجي انائن، دٻدٻي، برتريءَ جي فوقيت، ذاتي مفادن، حرص ۽ هوس خاطر مختلف ريتن ۽ روايتن، هٿرادو ۽ طبقاتي اخلاقي معيارن، اَنائن ۽ رواجن کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ جوڙيل جوازن ۽ شاندار تھذيبي نالن ۽ اصطلاحن جي روپ ۾، ماضيءَ جي تاريخ جي عظمتن جي عياشيءَ ۽ نشي جي روپ ۾ تھن مٿان تھه ڏئي ويڙهي ڍڪي ڇڏيو آهي. ڇاڪاڻ ته جڏهن حقيقتن تان پردا کڄندا آهن ته بيشمار لڪل راز نروار ٿي پوندا آهن. مختلف سوال ذهن ۾ اڀري انسان کي سوچڻ، ڳولڻ ۽ جاکوڙڻ تي مجبور ڪندا آهن. جيئن جيئن انسان ڪنھن شيءِ جي حقيقت کي ٿو معلوم ڪري. تڏهن انسان کي پنھنجي انائن ۽ رجعتي قدامت پسند تصورن جي ٽٽڻ، غير فطري معيارن ۽ هٿرادو پيدا ڪيل سماجي ۽ معاشي طبقات جي تبديل ٿيڻ، آٿتن، آسرن ۽ اميدن جي ٽيڪُن ڏيڻ واري لٺ ڦھڪو ڪري ڪِري پوڻ جو خوف ۽ ڪنھن نئين نظام جي قائم ٿيڻ جو امڪان، اهڙا خول جن ۾ ويھي ننڍڙي سطح کان وٺي وڏي پئماني تائين انسان آقا بڻجي ٻين انسانن تي پنھنجو حڪم هلائي ٿو. انھن سمورن گهاڙو رستن ۽ طبقاتي تصورن جي ڊهي پَٽِ پوڻ جو روشن امڪان هوندو آهي. اهي خوف انھن کي حقيقت جي اصل شڪل ڏسڻ کان تمام دور ڌڪي ڇڏيندا آهن.
    جڏهن ڪو ڏاهو انسان ڪنھن شيءِ جي اصل حقيقت کي آشڪار ڪري کولي منظر عام تي آڻيندو آهي. تڏهن ماڻهو مڪني هاٿيءَ جيان هن لاءِ مڇرجي هن جي پويان پئجي ويندا آهن. هن مٿان مذمت، نفرت، تشدد، دهشت ۽ انتقام جي برسات وسي پوندي آهي. ڇو ته هو انھن خولن جا پولي پڌرا ڪندو آهي. هو انسان جي اندر ۾ لڪل وحشي جذبن ۽ جبلتن کي نروار ڪندو آهي. هو شرافت جي پٺيان لڪل شرارتي ۽ حرڪتي ڪردارن کي وائکو ڪندو آهي.
    اهي ارڏا ۽ اڏول مھان انسان جڏهن اصل حقيقتون معلوم ڪري وٺندا آهن، تڏهن سِرُ ڪٽائي ڇڏيندا آهن، پر ڪڏهن به مصلحتون ۽ ڪمپرومائيز نه ڪندا آهن. هو حالتن سان مھاڏو اٽڪائي حالتون تبديل ڪري ڇڏيندا آهن. اهو ضروري نه هوندو آهي ته اها تبديلي سندن ئي وقت ۾ اچي. پر اهي تبديلين جا تصور ۽ بنياد اهڙا ته مضبوط رکندا آهن جو اهي تبديليون اڻ ٽر هونديون آهن. توڙي جو انھن ۾ صدين ۽ هزارن سالن جو عرصو لڳي ويندو آهي.
    حقيقت هن حال جي، ظاهر ڪيان ذري،
    لڳي ماٺ مِرن کي، ڏونگر پون ڏري،
    وڃن وڻ ٻري، اوڀڙ اڀري ڪين ڪي. (شاهه)


    مان پاڳل آهيان

    سانت ۽ سناٽي ۾ ڪنھن ماٿريءَ ۾ جبل جي چوٽيءَ تي چڙهي، ماڻهن، حيوانن، پکين ۽ پرندن جي هل هنگامي، گوڙ ۽ شور کان دور، خاموش اڪيلائيءَ ۾ مان غور ڪيان ٿو. ڪائنات جي اسرارن جا ورق اٿلندا وڃن ٿا.
    مونکي هيءَ دنيا نه ڳاڙهي نه ڪاري نظر اچي ٿي. بلڪ روشنيءَ جيان صاف ۽ شفاف آهي، جيڪا ”پاپ ۽ ثواب“، ”مان ۽ تون“، ”تنھنجو ۽ منھنجو“، ”سٺي ۽ خراب“ کان مبرا آهي. اتي زندگي فطرت جو حسين تحفو محسوس ٿئي ٿي. جنھن کي جتي ڪوبه ٻنڌڻ ۽ ڪوٽ ڪونهي، جتي زندگي ڪنھن به رسمن، رواجن، ريتن، غيرفطري قاعدن ۽ هٿرادو معيارن جي ڄار ۾ ڦاٿل ۽ ڦٿڪندڙ ناهي. جتي خوف ۽ لالچ، غم ۽ خوشيءَ جي حالت نه آهي. جڏهن هيٺ لھان ٿو ۽ اها ڳالهه ماڻهن کي ٻڌايان ٿو. انھن مروج تصورن ۽ مفروضن جو انڪار ڪيان ٿو ته سڀني طرفن کان اديبن ۽ دانشورن، سياسي ۽ سماجي ورڪرن، عالمن، شاعرن، ڏاهن ۽ تاريخدانن کان مون مٿان پٿرن جو وسڪارو ٿي وڃي ٿو. چون ٿا، ”پاڳل ٿي ويو آهي، واڦڻ لڳو آهي.“ مان زخمي بڻجي اڪيلو ٿي وڃان ٿو. پر پوءِ به ڏاڍو مطمئن آهيان. ڇاڪاڻ ته ڪنھن ٽيڪ کانسواءِ مان مضبوط پيرن تي بيٺو آهيان. ۽ هُو ڏسان ٿو ته پيڙبا ۽ پٽبا رهن ٿا. هوا جي جهوٽن تي گھلبا ۽ رهڙبا رهن ٿا. جن ۾ نه وزن آهي ۽ نه تحرڪ.


    ڪــوڙُ

    سچ کي نه لڪايو ويندو آهي ۽ نه ظاهر ڪيو ويندو آهي. ڇو ته هُو سچ آهي، جيڪو ڪنھن منطق ۽ مفروضي جو محتاج ناهي.
    ڪوڙ کي مختلف پوشاڪن، تصورن، مفروضن، نظرين ۽ جوازن ۾ لڪايو ويندو آهي ۽ ظاهر به ڪوڙ کي ڪيو ويندو آهي. اهو ئي سچائيءَ جو سڀ کان وڏو دليل آهي. هميشه کان وٺي ڪوڙ تي اختلاف، انقلاب ۽ اتفاق ٿيندا پئي رهيا آهن.
    ڪوڙ جي تلاش ڪيو، جيڪو ڍڪيل آهي. حق کي توهان جي تلاش ڪرڻ جي ڪابه ضرورت ڪونهي.


    ڪافي ۽ وائيءَ ۾ فرق

    اَلا ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن،
    مون سان مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا.

    صدر محترم، سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جا وارث اديبو، دانشورو، محققؤ، شاعرو، سگهڙؤ، سالڪو، مدبرو ۽ نقادو، امن ۽ خير، سچ ۽ سونھن جا متلاشيو، پٿريلي پنڌ جا پانڌيئڙو! جيئي سنڌ.
    صدر محترم: ڪابه ادبي صنف يا شاهڪار هجي، نثر هجي يا نظم هجي. ڪوبه تحقيقي ميدان يا تخليقي فارم هجي ته ان کي صحيح سمجهڻ لاءِ سڀ کان اول ادب جي معنى ۽ مفھوم، مقصد ۽ منشا، گُهرجن ۽ تقاضائن کي سمجهڻ پهريون شرط آهي. ڇو ته جيستائين اسان کي ادب جي اهميت ۽ افاديت جي ڄاڻ نه هوندي. جيستائين اسان کي ان جي فطري ۽ فڪري تقاضائن جي خبر نه پوندي، جيستائين اسان کي ان جي روح جي پروڙ ڪين پوندي، جيستائين ان جي خصوصيت جي ڄاڻ نه هوندي، تيستائين اسان سماج ۾ ان جو صحيح ڪارج ۽ استعمال ڪري ڪونه سگهنداسين. نتيجو اهو نڪرندو جو بيماريءَ جي غلط تشخيص سبب صحيح دوا جو استعمال ڪونه ٿيندو ته مرض گهٽجڻ بجاءِ وڌندائي رهندا.
    دوستو! اڄڪلهه ادب ڏانهن جو رويو ۽ رجحان آهي، سو ته منھنجي نظر ۾ نهايت افسوسناڪ آهي. ڇاڪاڻ ته اڄڪلهه فقط راتورات ٺڪاءُ ڏئي گوگاءَ ڪڍائي، وڏي اديب، شاعر ۽ دانشور بڻجڻ جو شوق، سو به رڳو شوق ئي نه پر جُنون جي حد تائين شوق. مان ان کي ذوق ڪونه ٿو چوان، ڇو ته اهڙي شوق ۾ ذوق هوندو ئي نه آهي.
    هڪ آزار اهو ٿيو جو نه مطالعو ڪيوسين، نه مشاهدو، نه وري ادب جي ڪنهن صنف بابت فني ۽ فڪري معلومات رکون ٿا، نه وري اهڙي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ٿا ڪريون. جنھن ڪري اسان ۾ سھل پسندي، سھپ ۽ سنجيدگيءَ جي کوٽ، محنت کان عار ڪرڻ جھڙا عنصر ۽ رجحان پيدا ٿيا آهن، جن اسان جي خيال جي اڏام ۽ فڪر جي گھرائيءَ، غور ۽ فڪر جي عادت کي هڪ جاءِ تي بيھاري ڇڏيو آهي. ادب ۾ اهو بيھڻ يا بيھڻ جھڙا رويا نھايت مايوس ڪن عمل آهن. ٻيو ويلُ وري هي ٿيو آهي جو اسان عظيم عظيم اچارڻ جا عادي ٿي ويا آهيون. تاريخ کي اڳتي ڏسڻ بجاءِ پوئتي ڏسون ٿا. اسين چئون ٿا اسان جي قوم عظيم، اسان جو علم ادب عظيم، تاريخ ۽ تمدن عظيم، ٻولي ۽ تھذيب عظيم. ٻيو ڀل ڪو ڪجهه به چوي پر اسان ضرور عظيم آهيون.
    ٻيا ڀلي مريخ تي زهري تي پھچن، نيون نيون ايجادون ۽کوجنائون ڪن. تحقيقون ۽ تجربا ڪري پنهنجي تاريخي سفر کي آسان ۽ شاندار بنائن. پر اسان ڪجهه نه ڪنداسين. ڇو ته اسان عظيم خان آهيون. اسان جو ماضي عظيم آهي. خبر ناهي ته اها پوئتي موٽڻ واري سوچ اسان کي ڪھڙي طرف وٺي هلندي ۽ هلي هلي ڪٿي دنگ ڪندي. يا بيٺل دُٻي جي پاڻيءَ جيان سينوارجي بيهي رهندي. تڏهن ته لاکيڻي لطيف فرمايو ته:

    ڌوڌا تون نه ڏئين، آڳ اوڏو نه وڃين،
    اُلا جي عشق جا، سي تان تون نه سهين،
    اُڀو ائين چئين، ته آءٌ آڳڙيوآهيان.

    صدر محترم: حقيقت ۾ اسين جڏهن ماضيءَ جي شان و شوڪت ۾ پاڻ کي گم ڪري خوشي فھميءَ، غير حقيقي ۽ غير فطري سوچ ۽ خودفريـبي ۽ زنجيرن ۾ وڪوڙي غفلت، ڪاهلي ۽ سستيءَ جو ثبوت ڏيون ٿا. حقيقت ۾ اسين پنھنجي، ڪوتاهين کي پردي وجهڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. ماضيءَ جي عظمت جا گيت هميشه اهي قومون ڳائينديون آهن، ماضيءَ جي پوڄا اهي قومون ڪنديون آهن، جيڪي محنت، جيڪا فطرت ، جھڙي حسين آهي، ان کان عملي طور تي ڪوتاهي ۽ روڳائپ ڪندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو انسان بار بار ماضيءَ جي يادن سان دل کي تسڪين ڏيندو آهي. نه فقط ايترو پر انسان حال جي مسئلن ۽ معاملن کان گهٻرائجي ماضيءَ جي اڻڄاڻائيءَ ۾ پناهه وٺڻ گهرندو آهي. جتي ناواقفيت ۽ اوندهه هر شيءِ کي لڪائي رکيو آهي. جتي ماضيءَ جون برايون ۽ مسئلا اسان جي سامھون نظر ڪونه ٿا اچن. اها ئي ناواقفيت اسان کي بار بار ماضيءَ جي طرف گھلي وڃي ٿي ۽ اسين ”حال“ جي دنيا کان ڪناره ڪشي ڪري ڪٽجي وڃون ٿا.
    صدر محترم! تاريخي اعتبار کان خاص طور تي جيڪي سماج زوال جي حالت ۾ هوندا آهن، انهن جو تعلق پنھنجي ماضيءَ سان جُنون جي حد تائين وڌي ويندو آهي. اهي معاشرا پنھنجا زوال ۽ ناڪامين جي سبب ڳولڻ بجاءِ پنھنجي زوال، غربت، محرومي ۽ افلاس کي، ماضيءَ جي عظمت ۾ وسارڻ چاهيندا آهن.
    صدر محترم: هاڻي مان ادب بابت چند لفظ اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪندس.
    دوستو! جھڙيءَ طرح انساني جسم جي سمورن عضون ۽ سموري بناوت ۾ دماغ کي ”سپر پاور“ جي حيثيت حاصل آهي. جتان خيال پيدا ٿين ٿا. جتان فرمان جاري ٿين ٿا. انهن فرمانن کي انساني سيلس (Cells) عمل ۾ آڻڻ لاءِ مختلف عضون تائين پھچائين ٿا. اهڙيءَ طرح انساني زندگيءَ جي سمورن شعبن، رويـن ۽ ارتقائي عملن ۾ ”ادب“ کي ئي ”سپر پاور“ جي حيثيت حاصل آهي. ادب جي ذريعي انسان ۽ ڪائنات جي منجهيل مسئلن ۽ پيچيده سوالن جا صحيح جواب ۽ حل معلوم ڪري سگهجن ٿا. زندگيءَ جا سمورا ڪتاب ”ادب“ جي دائري ۾ اچي وڃن ٿا. ادب مان اگر زندگي ڪڍي ڇڏجي ته ادب پنھنجو مقصد ۽ مفھوم وڃائي ويهي رهندو.
    دوستو! اڄ دنيا ۾ زندگيءَ جا سمورا شعبا نئين سِر تحقيق ۽ تجريد لاءِ بيقرار آهن. دنيا ۾ هر روز نت نوان تجربا پيا ٿين. تحقيقون پيون ٿين. فطري تقاضائن ۽ تبديلين مطابق نوان نوان لاڙا، نظريا ۽ مفروضا وجود ۾ پيا اچن. نوان فارم ۽ اسٽائيل پنھنجي جاءِ پيا والارين. علم ادب ۽ ٻوليءَ ۾ نت نوان ۽ پورائو ڪندڙ تجربا ۽ مشاهدا پيا ٿين. جيڪي موجوده اليڪٽرانڪ ۽ ڪمپيوٽر واري دور جون گُهرجون پوريون ڪري سگهن. هر دور جي گهرجن ۽ تقاضائن جي نوعيت الڳ الڳ ٿئي ٿي. ليڪن افسوس جو اسان هڪ صدي يعني سڄو سارو سؤ سال گذرڻ کانپوءِ به ڪڏهن پنھنجو احتساب نه ڪيو آهي. ڪڏهن به پنھنجي سنڌي ڏانھن، دانشورن، شاعرن اديبن، محققن ۽ تاريخدانن جي گڏيل ڪانفرنس ڪوٺائي، علم ادب ۽ ٻوليءَ جي ماپن، معيارن، وقتي ۽ فطري تقاضائن تي پورو لھڻ بابت غورويچار ڪري، ان جي سمورن رخن/ پاسن کي جاچي ان جو تفصيل سان جائزو نه ورتو آهي ته اسان جو ادب ۽ اسان جي ٻولي موجوده ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي دؤر ۾ ڪھڙي معيار تي بيٺل آهي ۽ ان کي ڪھڙي معيار تي آڻڻ گهرجي. هن وقت عالمي تناظر ۾ انسان جا ڪھڙا ڪھڙا مسئلا ۽ ضرورتون آهن. افسوس جو اهڙن مسئلن تي ڪڏهن به غور نه ٿيو آهي، ڇو ته اسين عظيم آهيون، جيڪا هڪ افسوسناڪ ڳالهه آهي. هينئر ايڪيهين صدي ڪڙو کڙڪائي رهي آهي. دنيا جي قومن نئين صدي جي آجيان ڪرڻ لاءِ ۽ ان وٽ سرخرو ٿي اڳواڻي ڪرڻ لاءِ ڀرپور نموني سان پاڻ کي سائنسي ۽ فني بنيادن تي تيار ڪيو آهي. جنھن جا عملي نتيجا اسين اکين سان ڏسي رهيا آهيون. پر اسان ڪڏهن به ان ڳالهه تي ڌيان نه ڏنو آهي ته ان وقت اسان جي حيثيت دنيا جي سامھون ڪھڙي هوندي؟ اسان جو معيار ۽ سڃاڻپ ڪھڙي هوندي؟ اسان اتي ڪھڙيءَ صف ۽ ڪھڙيءَ ڪيفيت ۾ بيٺل هونداسين؟ اهڙين حالتن کي سامھون رکندي شاهه سائينءَ فرمايو آهي ته:

    سي تو ويهي وڃائيا، جي ڪتڻ سندا ڏينھن،
    ارٽ اوڏي نه ٿئين، ڀوري ڀوري سِينءَ،
    ڪنڌ کڻندينءَ ڪيئن، اڱڻ عجيبن جي.

    صدر محترم، ادب جي تاريخ بابت مختلف مفڪرن ۽ دانشورن جي نقطه نظر جو اختلاف آهي. هڪڙا ان کي ماهيت جي نظر سان ڏسن ٿا. ٻي موضوع کي اهميت ڏين ٿا. ٽيان وري ادب جي صورت کي جاچن ٿا. چوٿان ادب کي مضمون جي نقطه نظر کان سمجهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. انهن سڀني نظرين جو حاصل مقصد اهو وڃي بيهندو ته ”ادب“ هڪ اهڙي مواد کي چئجي ٿو، جنهن جو لاڳاپو انسان جي عام زندگيءَ سان هجي. جنھن جا سمورا پاسا نمايان نظر اچن. ليڪن ان ۾ هڪ خاص قسم جو فارم موجود هجي-، جنهن ۾ دلڪشي، اثر انگيزي ۽ فرحت موجود هجي.
    افلاطون جو چوڻ آهي ته، ”ادب اهو آهي، جنهن مان اخلاق ۽ صداقت جي نشونما ٿئي.“
    ارسطوءَ جو وارو آيو ته هن ادب جي گھري اڀياس کانپوءِ فتوى ڏني ته،”تخليقي ادب نقالي ۽ محاڪات آهي. قدرتي طرح انسان محاڪات مان لطف پرائي ٿو ۽ سِکي ٿو. محاڪات اها شيءِ آهي، جا ٻارن کي پنھنجي والدين جي ڳالهائڻ، اٿڻ ويهڻ، عادتن ۽ اطوارن جي نقل ڪرڻ تي آماده ڪري ٿي.“
    ابن خلدون جو خيال آهي ته، ”ادب جو علم ايترو ته وسيع آهي، جو ان جي موضوع کي مقرر ڪرڻ نهايت مشڪل آهي.“
    دوستو! يورپ جي اديبن جا ادب بابت نقطه نظر حيرت انگيز انقلابن ۽ ايجادن مان اثر پذير ٿيل ٿا ڏسجن. جيڪي عقل ۽ تجربي جي بنياد تي قائم ڪيا ويا. جن خيالن ۾ وڏا وڏا انقلاب برپا ڪري انسان جي حقيقي زندگيءَ تائين پهچڻ ۽ شين کي اصلي صورت ۾ ڏسڻ ۽ پرکڻ لاءِ رستا کولي ڇڏيا.
    دوستو! ميٿو آرنولڊ جو خيال آهي ته ”ادب انساني زندگيءَ جو تفسير آهي.“ ميڪلن صاحب جو نظريو آهي ته، ”قدرت انسان ۾ جن سرمدي شين کي امانت رکيو آهي، تن جي اظھار کي ئي ادب چئجي ٿو.“ مشهور جرمن مفڪر جناب هيگل جو خيال آهي ته، ”ادب هڪ تاريخ آهي، جنهن مان ڪنهن ملڪ يا قوم جي وقت بوقت بدلجندڙ تمدن جون تصويرون ڏسي سگهجن ٿيون. ادب قومن جي عروج ۽ زوال جو آئينو ضرور آهي.“
    جناب امرسن جو خيال آهي ته، ”حسن، خير ۽ حقيقت ٽنھي جو گڏيل نالو ادب آهي.“
    نيومن جو چوڻ آهي ته، ”ادب جو مطلب آهي ٻوليءَ جي ذريعي خيالن کي ظاهر ڪرڻ. خيال مان منھنجو مطلب آهي احساس، تخيل، راءِ، دليل ۽ دماغ جي ٻين شاخن سان.“
    جان مارلي صاحب پنھنجي مشهور ڪتاب، ”آن دي اسٽڊي آف لٽريچر“ ۾ لکي ٿو ته، ”ادب ۾ اهي سڀ ڪتاب داخل آهن جن ۾ ڪشاده دلي، سنجيدگي ۽ دلچسپ طرز بيان سان سچائيءَ جي عادتن ۽ انساني جذبن ۽ احساسن تي بحث ڪيو ويو هجي.“
    جناب ”ڪوسائن“ ادب جي پيدائش بابت پنهنجي نظرئي ۾ چوي ٿو ته، ”رڳو فطرت جي خوبين جي تقليد ۽ خوبصورت منظرن جي ڏسڻ جي خوشي، لطيف فن جي پيدائش جو اصل سرچشمو نه آهن، بلڪ پهريائين اسان جو دماغ انهن جو مطالعو ڪري ٿو، پوءِ انهن جي ترجماني ڪرڻ جي خواهش سببان ادب جي ابتدا ٿئي ٿي. يعني ڪنهن شيءِ جي ڏسڻ کانپوءِ ان بابت جيڪي خيال اسان جي دل ۽ دماغ ۾ پيدا ٿين ٿا، انهن کي بلڪل سهڻن ۽ شاندار لفظن ۾ قلمبند ڪرڻ مان ادب پيدا ٿئي ٿو.“
    صدر محترم! مٿين ڳالهين کي نظر ۾ رکندي چئي سگهجي ٿو ته ادب زندگيءَ جو آئينو ۽ تفسير آهي. ادب جي مطالعي سان ئي انسان زندگيءَ جي مخفي رازن ۽ پيچيده سوالن کي نه فقط سمجهي سگهي ٿو، بلڪ انهن تان پردو به هٽائي سگهي ٿو.
    صدر محترم! هاڻي مان پنهنجي اصل موضوع جي طرف اچان ٿو. اڄوڪو مليل موضوع آهي، ”ڪافيءَ ۽ وائيءَ ۾ فرق“ اهي ٻئي شاعريءَ جون نهايت آڳاٽيون ۽ مقبول صنفون آهن. انهن ٻنهي جي فرق ۽ ارتقا ۽ اوسر تي اسان جا محقق، شاعر، دانشور ۽ اديب پنھنجي عالمانه ۽ ماهرانه انداز ۾ تحقيق جي روشنيءَ ۾ روشني وجهي ان فرق کي واضع ڪندا باقي مون ادنى ۽ سيکڙاٽ کي ڇا مجال آهي جو ايڏي وڏي تحقيق طلب موضوع کي واضع ڪري سگهان. پر حڪم ٿيو آهي، ان جي تعميل ڪندي پنھنجي حقير ڄاڻ مطابق مختصر خاڪو اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪريان ٿو.
    دوستو! ڪافيءَ ۽ وائيءَ جي فرق کي، سمجهڻ لاءِ پهريائين ٻنهي جي ارتقا ۽ ڌاتوئن کي سمجهڻ نهايت ضروري آهي. جڏهن اسين انهن جي بنيادي گهاڙيٽي، پيدائش ۽ خيال کي سمجهنداسين تڏهن اسين انهن جي فرق کي به سمجهي معلوم ڪري سگهنداسين نه ته ٻيءَ صورت ۾ رڳو گُهتون هڻڻيون پونديون، نتيجو ڪوبه ڪونه نڪرندو.
    صدر محترم! بنيادي ۽ آڳاٽي لحاظ کان ”ڪافي“ نظم ۾ مکيه موضوع هئا. هڪ ثنا ۽ ساراهه ۽ ٻيو اندر جو حال اورڻ. پر فطري طور تي وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ڪافيون مختلف قسم جي موضوعن، معنائن ۽ مضمونن جي اظھار جو ذريعو بڻبيون رهيون. حمد و ثنا، توحيد ۽ تصوف - عشق جي آتش، سڄڻ جي سڪ، محبوب جو جلوو ۽ جمال، حسن ۽ سينگار، نينهن جي نياپن پھچائڻ وارا قاصد، سڪ سوز، درد ۽ فراق جي آلاپ، مينگهه ۽ ملهار، سانوڻ ۽ سارنگ وغيره ڪافين جا موضوع بڻبا رهيا.
    دوستو! وقت گذرڻ سان گڏ شين جي خاصيت، اهميت ۽ نوعيت ۾ به تبديلي ايندي آهي. اهڙيءَ طرح ڪافيءَ ۾ به هنرمنديءَ سان ڳائڻ واري ذوق سبب ان جي فني سٽاءَ ۾ پڻ تبديليون آيون. جيئن جيئن ڳائڻ واري هنر ۾ واڌارو آيو ته ڪافيون به وائيءَ واريءَ لسي چوڻيءَ کان نرالي نوع ۾ جدا جدا راڳڻين ۾ ڳايون ويون. 18 صدي عيسويءَ ۾ شاهه صاحب جي راڳ وارين ”واين“ جو ڪافين جي ڳائڻ تي وڏو اثر پيو ۽ انهيءَ اثر هيٺ هڪ ته ڪافين جي ڳائڻ ۾ سوز ۽ گداز وارو عنصر قائم رهيو، ٻيو ته موضوع جي لحاظ سان مختلف قصن ۽ داستانن جي عنوانن تي مشتمل سهرائتيون ڪافيون سامهون آيون. ٽيون ته شاهه جي راڳ جي ادا وارا ڪي سـُرَ هڪ خاص نئين انداز ۾ يعني ڪوهياري، سورٺ، راڻي وغيره راڳڻين جي صورت ۾ ڪافين ڳائڻ لاءِ تمام گهڻو مشهور ۽ مقبول ٿيا. ڪافيءَ جي موسيقيءَ ۾ جيئن ئي وسعت ۽ جدت پيدا ٿي ته ڪافي پنهنجي اصلي عروضي قالب بدران سُرن جي قالب ۾ سمائجي وئي.
    سنڌ جو ممتاز محقق، تاريخدان ۽ لسانيات جو ماهر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب لکي ٿو ته شروع ۾ سنڌي ڪافي عربي ”ڪافيه“ يا ”ڪِلمة“ يا قصيده واري سِٽاءَ ۾ صورت پذير ٿي. يعني منڍ واري سِٽَ، ٿلهه توڙي ان بعد مصراعن جا قافيا آخر ۾ آندل هئا. ڳائڻ واري لحاظ کان منڍ واري سِٽَ يعني ٿلهه مکيه هئي. ڇو ته اهو ئي ان مضمون جو بنياد هو، جنهن کي اول آلاپڻو هو.
    ان کانپوءِ ٻين سٽن مان هرهڪ مصرع کي آلاپڻو هو. ڳائڻ جي لحاظ کان اها لسي ڪافي يا وائي واري صورت هئي. ان هڪ قافيي واري صورت ۾ ترنم ۽ لئه جو مدار سِٽَ يعني مصرع جي ڊيگهه ۽ پڇاڙيءَ واري قافيي جي سهڻائيءَ تي رکيل هو. اڳتي هلي جيئن جيئن موسيقيءَ ۽ هنرمندي ڪافيءَ ۾ داخل ٿي ته ان جو اثر ڪافيءَ جي پهرين سِٽَ يعني ٿلهه تي پيو. جنهن سبب ان ۾ قافيو سِٽَ جي پڇاڙيءَ بدران وچ تي آندو ويو. ان ۾ اڃا وڌيڪ تبديلي تڏهن آئي جڏهن ٿلهه ۾ توڙي مصراعن ۾ هڪ کان وڌيڪ قافيا بلڪل نئين انداز سان داخل ڪيا ويا. جنهنڪري ڳائڻ ۾ اندروني ترنم ۽ لئه جي صورت ۾ به نمايان تبديلي آئي. هاڻي ڪافي، وائيءَ کان نرالي نوعيت اختيار ڪري چڪي هئي. ڇو ته هن ۾ هاڻي ڪاريگري، تار ۽ لئه جا عنصر وڌيڪ داخل ٿي چڪا هئا.
    صدر محترم، ڪافي، سنڌ جي تمام آڳاٽي شاعراڻه صنف آهي. تاريخي طور تي ڪافيءَ جو وجود شاعرن جي سرتاج لاکيڻي لطيف کان ٻه صديون اڳ جو معلوم ٿئي ٿو. هن سلسلي ۾ پهريون بزرگ شخص، صوفي انسان شيخ لاڏ جيو سنڌي نظر اچي ٿو. جيڪو لاڏ جيو برهانپوري جي نالي سان مشھور آهي. هي بزرگ پاٽ جو ويٺل هو. لاڏ جيو جي وفات 1007هه ۾ ٿي آهي. هي بزرگ شاهه صاحب جي زماني کان ڏيڍ صدي اڳ سنڌ ۾ پهتو. پاڻ اهڙي آلاپ ۽ سوز سان ڪافيون ڳائيندو ۽ آلاپيندو هو جو ٻڌڻ وارا به مست ٿي جهومڻ لڳندا هئا. ٻيو شخص آهي مير محمد فاضل بکري، جيڪو تاريخ معصوميءَ جي مصنف مير معصوم بکريءَ جو ڀاءُ هو. ان مان ثابت ٿيو ته ڪافيءَ جو رواج سنڌ ۾ شاهه سائينءَ کان ٻه صديون اڳ جو آهي. ڪافيءَ بابت مختلف دانشورن ۽ محققن جا الڳ الڳ رايا آهن. جناب برهانپوريءَ ڪافيءَ کي سنڌ جو مقبول راڳ چوي ٿو. سيد منظور نقوي ڪافيءَ کي سنگيت جي هڪ ٺاٺ مان نڪتل راڳ سڏي ٿو. مخدوم طالب المولى، ڪافي امير خسرو جي نئين ايجاد ڪيل راڳ کي چوي ٿو. آخوند رب ڏني ڪفى مان ڪافي بيان ڪئي آهي. سندس خيال آهي ته ساهمي يعني ترازيءَ جي ٻن پڙن جي برابر هجڻ مان امڪان آهي شعر جي ٻن مصراعن جي هموزن ۽ توري تڪي ٺاهڻ کي ”ڪفى“ ان مان ڪافي ورتو ويو هجي. حالانڪ ٻن مصراعن مان واضع مطلب نٿو نڪري. البت غزل ۾ ٻه سٽون چئبيون آهن، پر ڪافيءَ جي مثالن ۾ اهڙي پابندي نه آهي. جنهن ڪافيءَ جون مصراعون ٽن ٽن ۽ چئن چئن سِٽن واريون به هم قافيه ٿين ٿيون. تنهنڪري ساهميءَ جو ٻن پڙن جو برابر هئڻ ۽ شعر جي قافين ۾ اختلاف جو هجڻ قرين قياس نظر اچي ٿو. مولانا فضل احمد غزنويءَ جو رايو آهي ته، ڪافي عربيءَ جو لفظ آهي. ان جو مادو ”ڪفى“ ۽ مصدر ”ڪفاية“ آهي. ۽ ان جو اسم فاعل ”ڪافي“ آهي. ڪافيءَ جي اصل معنى آهي ”خالي ٿيل جاءِ ڀرڻ“ ۽ ان جو عام استعمال ”مراد حاصل ڪرڻ“ ۾ ٿئي ٿو. سنڌيءَ ۾ چئبو ”بس“ ڪافي آهي. يعني ان کان وڌيڪ ضرورت نه آهي. ان جو مصدر ٿيندو ”ڪافي هجڻ“ يا ”پورو هجڻ“ وغيره.
    دوستو! مٿين حقيقتن مان اها ڳالهه ثابت ٿي ته ڪافيون آڳاٽي زماني کان نظم ٿيون ۽ ڳايون ويون. پر لکت ۾ پهريون ڀيرو واين جي عنوان سان ميون شاهه عنايت جي ڪلام ۾ منظر عام تي آيون. اهي ڪل (42) وايون هيون، جن مان (9) اهڙيون آهن جن جي ٿلهه وارين سٽن جا قافيا آخر ۾ آهن. باقي (33) اهڙيون آهن جي ٿلهه وارين سٽن ۾ قافيا وچ تي آندل آهن.
    مثال: ”ساريان ملڪ ملير، پيرون کيرون جيڏيون.“
    هن ۾ لفظ ”ملير“ قافيو آهي، جيڪو سٽ جي وچ تي ڏنل آهي.
    شاهه عنايت نه فقط ٿلهه جا قافيا تبديل ڪيا، پر سِٽن ۾ هم آواز الفاظ ۽ ٻٽا قافيا به ڪم آندائين.
    مثال طور: هم آواز لفظ.
    ”سمن صالحن، توڙان طالبن، اصل آهي آمري.“
    ٻٽا قافيا: اڄ گهر، اڄ گهر اينداسين، ويٺي ڪانگ اڏايان،
    ائين ڀانيان.
    يا وري: ”گهڙي گهڙي ٿيان گهور، ناتي لائڻ سان، نينهن نڀائڻ سان.“
    صدر محترم! جيئن مٿي ذڪر ڪيو اٿم ته ڪافيءَ پنهنجي انفرادي حيثيت تڏهن اختيار ڪئي. هن پنهنجي الڳ اسٽائيل تڏهن سامهون آندي جڏهن ان ۾ قافين جو تعداد وڌيڪ داخل ڪيو ويو.
    مثال طور: عثمان فقير جي ٻن قافين واري ڪافي:
    ڪَهُه تون ڪانگ ڪامان، آهين تون جيءُ جو جياپو،
    مٺڙيون مٺڙيون تنھنجون مامان، آهين تون جيءُ جو جياپو.
    ڪانگ اچڻ جي هَن ڪاتياري، آءٌ تنين جي محبت ماري،
    سورن منجهه سڙان مان، باهه برهه جي ٿي ڀڙڪي،
    کوري ۾ عشق جي کامان.
    ٽن قافين واري ڪافي:
    تنھن جي جوت جمال، جيءَ کي جوڙي جادو ڪيڙو،
    لکين هزارين حوريون پريون، چشمن چوري ڪيون سڀ چريون،
    ڪُٺيون حسن ڪمال، ناز نهوڙي تن کي نيڙو .
    مٿئين ڪافيءَ جي ٿلهه ۾ جمال، ، جوڙي ۽ ڪيڙو، ٽي قافيا آهن. جڏهن ته مصرع جي هيٺين سِٽَ ۾ ڪمال، نهوڙي ۽ نيڙو قافيا آهن.
    دوستو! ڪافيءَ جي صنف جي اڄ جي ڪمپيوٽر جي دؤر تائين جي بقا ۽ پائداريءَ جو واحد سبب هي آهي ته ڪافي شاعر جي اندر جي سڪ ۽ سوز جي اظھار جو ذريعو آهي. ڪافي ڄڻ ته شاعر جي اندر جي جهونگار ۽ آلاپ آهي. سوز ۽ سنگيت کي ڪڏهن به مات اچڻي نه آهي. هيءَ به حقيقت آهي ته ڪافي گو شاعر راڳ ۽ سُر ڌار جو به ڄاڻو هوندو آهي. هو جڏهن ڪافي لکندو آهي ته ان کي ڪونه ڪو سُرُ به ڏيندو آهي.
    ميان ثناءُ الله ”ثنائي“ کوهاري جي ڪافي پيش ڪجي ٿي:
    عشق گهر پنھنجو ڇڏائي ٿو رُلائي دربدر،
    بادشاهن کي ڀُلائي، ٿو پِنائي دربدر.
    هيرَ لئه حيران ٿي، ڪيم تخت کي رانجهن ترڪ،
    شاهزادو شوق مئون مُرلي وڄائي دربدر.
    اي ”ثنائي“ عشق وارا، ڪين خواريءَ ڀئه ڊڄن،
    ٿو نچائي عشق هي ڀولو بڻائي دربدر.
    ڪافيءَ جي مضمون ۾ اهي احوال، اهي ذڪر ۽ بيان اچڻ گهرجن جيڪي اسان جي رسمن ۽ رواجن ۾ آهن. پوءِ سُرُ کڻي ڪھڙو به هجي.
    دوستو! ڪافيءَ جي هيءَ به خاص خصوصيت آهي ته ڪافي آهي ئي ڳائڻ لاءِ ۽ نه رڳو شاعريءَ جي ڪتابن ۾ لکي رکڻ لاءِ. ڪافي ۽ موسيقي ٻئي هڪٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم آهن. هونئن به جيترو سنڌي شاعريءَ جو موسيقيءَ سان تعلق آهي، اوترو ڪنھن ٻئي ملڪ جي شاعريءَ جو موسيقيءَ سان ايترو واسطو آهي. ٻين ملڪن ۾ صرف شعر لکيا ويندا آهن ۽ پوءِ موسيقار انهن کي ڳائڻ جي طرزن ۽ ڌنن جي قالب ۾ سمائيندا آهن.
    صدر محترم! هي ته هئو ڪافيءَ جي پسمنظر ۽ فني سِٽاءَ بابت مختصر جائزو. هاڻي مان وائيءَ بابت چند لفظ پيش ڪندس ته جيئن ٻنهي جي فرق کي ظاهر ڪرڻ ۾ آساني ٿي سگهي.
    صدر محترم! وائيءَ جي صنف جي پيدائش ۽ فني جوڙجڪ بابت پڻ ڪافيءَ وانگر مختلف محققن، عالمن، ماهرن ۽ دانشورن جا خيال مختلف آهن. وائي سنڌي شاعريءَ جي تمام آڳاٽي صنف آهي. وائي ٺيٺ سنڌي لفظ آهي. جنهن جي لغوي معنى آهي ”ڳالهه ٻولهه“. اصطلاحي لحاظ کان عام محاوري ۾ چئبو ته، ”بابا چڱي وائي ڪڍ“ يعني زبان مان سٺا اکر ڪڍ. وائيءَ کي سُرَ سان ڳايو به ويندو آهي.
    فني سٽاءَ جي لحاظ کان وائيءَ جي ابتدا ٿلهه سان ٿئي ٿي. باقي هرهڪ مصرع الڳ الڳ هوندي آهي. جن جو قافيوسِٽَ جي آخر ۾ ايندو آهي. بناوت ۽ بيهڪ ۾ وائي هيڪوڻي، ڏيڍوڻي، ٻيڻي، ٽيڻي، پنجوڻي، ڇهوڻي يا نائوڻي پڻ ٿيندي آهي. مضمون جي لحاظ کان تصوف، عشق ۽ محبت، سوز ۽ گداز، وڇوڙي ۽ وصال، اميد ۽ اڪير، وائيءَ جا خاص محور آهن. پر موجوده دؤر ۾ انسان جي سماجي ۽ معاشي زندگيءَ جا عڪس ۽ طبعي منظر وائيءَ ۾ چٽا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. يعني وائيءَ جي مفھوم ۽ مضمون ۾ تبديلي ۽ وسعت آئي آهي.
    صدر محترم! وائيءَ جي پيدائش بابت ڪن ماهرن جو چوڻ آهي ته وائي لفظ سنسڪرت ٻوليءَ مان ورتو ويو آهي. ڪِن جو خيال آهي ته هندي ٻوليءَ جي ”واڻي“ يا ”ٻاڻي“ مان وائي نڪتل آهي. ڪافي به اصل ۾ وائيءَ جي ترقي ڪيل صورت آهي. فني لحاظ کان وائيءَ جي هرهڪ سِٽ الڳ هوندي آهي. جنهن جو وزن ڪجهه ڊيگهارو ۽ لچڪدار ٿئي ٿو- ۽ قافيو سِٽ جي آخر ۾ ايندو آهي.
    عام طور تي وائيءَ جي هر بند ۾ هڪ سِٽَ ٿئي ٿي، پر ڪن شاعرن هرهڪ بند ۾ ٻه سِٽون به ڪم آنديون آهن. جي ٻئي پاڻ ۾ هم قافيه ٿينديون آهن. سائين طالب المولى جو چوڻ آهي ته ”وايا“ ۽ ”وارتا“ جي معنى آهي، رهت، حالت ۽ معجزا. ان طرح ”وايو“ ۽ ”وائي“ هوا ۽ ”پران“ يا پساهه. وائي ”اهو ئي“ ۽ ”وهي“ هڪ چيز آهن. پر انهن جو وائيءَ سان تعلق نه آهي. تنھنڪري امڪان آهي ته لفظ ”واڻي“ مان ”وائي“ ٺهيو آهي. جنهن واڻي کي سنڌيءَ ۾ ”ٻاڻي“ به چوندا آهن. جڏهن ته لفظ واڻيءَ جي معنى آهي ”ٻول ۽ سخن“.
    دوستو! سنڌ جي نامياري ۽ ممتاز محقق، دانشور، عالم، شاعر ۽ نقاد مولانا غلام محمد گرامي صاحب جن جو خيال آهي ته، وائيءَ جو تعلق ”واءُ“ ۽ ”واڻيءَ“ سان نه آهي، بلڪ ”واءِ واءِ“ يعني ”هاءِ هاءِ“ سان آهي. ”واءِ واءِ“ ڪرڻ محاورو آهي. يعني دانهون ڪرڻ. ”پِٽڻ ۽ روئڻ“. شاهه لطيف جي درگاهه تي ٿيندڙ راڳ به واءِ واءِ جي آوازن سان آهي. ان ۾ لفظ ۽ طرف ڄڻ آهن ئي ڪين.
    سنڌ جو عظيم دانشور، محقق ۽ تاريخدان پير حسام الدين راشدي صاحب جن به پنھنجي تحقيق ۾ صحيح فيصلو ڏيندي فرمائن ٿا ته، لغت ۾ لفظ وايو ۽ وائي به ملن ٿا. جن جون معنائون آهن وايو معنى ”هوا ۽ پران.“ جنهن کي ساهه ٿو سڏجي. وائيءَ جي معنى آهي ”اهو ئي“. ڪِن جو وري به خيال آهي ته لفظ ”واءِ“ منجهان وائي ٺهيو آهي. ”واءِ“ عربي ٻوليءَ ۾ افسوس جو اظھار آهي. تنھنڪري جيئن وائيءَ ۾ فراق، هجر ۽ غم جو بيان ٿئي ٿو، تنھنڪري جيئن سنڌي شاعريءَ جي انهيءَ مقبول صنف تي وائي نالو رکيو ويو.
    دوستو! ڪافي ۽ وائي موضوع ۽ مواد جي حيثيت سان ته ڪنھن حد تائين هڪ آهن. ليڪن فني هيئت، فارم ۽ اسٽائيل ۾ ٻنهي ۾ فرق آهي. وائيءَ جو ٿلهه به اڌ ٿئي ٿو. پهرئين اڌ ۾ قافيو ۽ ٻيو اڌ بنا قافيي جي آهي. ليڪن ڪافيءَ ۾ ائين نه آهي. ڪافيءَ جي ٿلهه جي ٻنهي سٽن جي آخر ۾ قافيا ٿين ٿا. ان کان علاوه وائي، ڪافيءَ جي ابتدائي صورت آهي. وائي هڪ سِٽَ ۽ وراڻي تائين محدود آهي. پر ڪافيءَ جي سٽاءَ ۾ وسعت آهي. وائيءَ ۾ مٿان فقط هڪ سِٽَ ٿئي ٿي، جيڪا ٻن ميمبرن تي مشتمل آهي ۽ ٻي سِٽَ هڪ رُڪن تي مشتمل ٿئي ٿي. يعني وائيءَ جي ٻنهي سٽن کي اگر ڏيڍي چئجي ته بيجا نه ٿيندو. وائيءَ جو پويون اڌ ته ڄڻ وراڻو آهي، پر اهو وراڻو يا ورجاءُ هيٺينءَ هڪ سِٽَ جو هر حيثيت سان حصو ۽ جوڙ آهي. اگر ان پوئين رُڪن کي وائيءَ جو روح چئجي ته بجا آهي. وائيءَ جو پويون رڪن روان۽ شائسته ٿئي ٿو، جيڪو هر سٽ سان لڳندو آهي. ان کي واضع ڪندو ۽ کوليندو هلندو آهي. هي حصو نهايت رَسَ ڀريو ۽ رتل ٿئي ٿو. وائيءَ جو وراڻو هر حال ۾ ساڳيو رهندو آهي. پر ڪافيءَ جو بدلبو رهندو آهي. وائيءَ لاءِ اول ڪنهن هڪ رُڪن کي جهونگارجي ٿو پوءِ ان کي ٻيڻو ڪجي ٿو. وايون ۽ ڪافيون عروضي پابندين سان نه پر، راڳ، سُرَ، ترنم ۽ نغمي جي مناسبت سان چئجن ۽ لکجن ٿيون.
    دوستو! هونئن ته وائيءَ جي صنف نهايت قديم ۽ آڳاٽي آهي ليڪن لکت ۾ پهريون وايون اسانکي ميون شاهه عنايت جون ملن ٿيون، جن جو ڪل تعداد (42) آهي. هنن واين جي ٿلهن ۾ ڪِن جي وچ تي ۽ ڪِن جي پڇاڙيءَ ۾ قافيا ڪم آندل هئا. شاهه عنايت راڳ ۽ موسيقيءَ جو تمام وڏو ڄاڻو هو. هُنَ وائيءَ جي سِٽن ۾ قافين ۽ لفظن، جي انوکي فني سِٽاءَ سان وائيءَ جي موسيقيت ۾ اضافو ڪيو. وائيءَ جي لفظن کي وائيءَ جي لئه سان هم آهنگ ڪرڻ جو موجد به غالباً شاهه عنايت ئي آهي. کانئس پوءِ اهي سڀ خوبيون ۽ سهڻايون لاکيڻي لطيف جي واين ۾ وڌيڪ چمڪيون ۽ اثر انگيز ٿيون. ڇاڪاڻ جو شاهه جو راڳ باقاعده هڪ ادارو بڻجي چڪو هو. شاهه سائينءَ جي راڳ ۾ لسي وائيءَ کي دنبوري جي ڇيڙ تي ڳايو ويو. جڏهن ته اهي وايون جن جا قافيا وچ تي آندل هئا تن کي ڏيڍي ۽ دوتالي تار ۽ لَئِه تي ڳايو ويو.
    *
    بَتي نه ٻار اڱڻ جي،
    چوڏهينءَ جو چنڊ چمڪي ٿو.
    *
    اڃا رات جا ٻارهن ٿيا هِن،
    توکي لڳي آ يار وڃڻ جي،
    چوڏهينءَ جو چنڊ چمڪي ٿو.
    (تنوير عباسي)

    *
    پينگهي ۾ ستل هئينءَ تون،
    پر مون ٿي ائين سمجهيو،
    هڪ خواب ستل آهي.
    *
    نم ڇانوَ جي ڀاڪر ۾،
    گمنام مسافر جو،
    هڪ خواب ستل آهي.
    (ادل سومرو)

    مٿين واين ۾ توڙي جو نهايت فني پختگي، نزاڪت، باريڪ بيني، جدت، جوش ۽ سادگي موجود آهي. پر پوءِ به ان جي پوئين رڪن کي اها ئي ساڳي اهميت حاصل آهي، جيڪا مٿينءَ سِٽَ جي مفهوم کي واضع ڪندي ۽ کوليندي هلي ٿي. توڙ يجو ان جي اسٽائيل وقتي تقاضائن مطابق تبديل ٿي آهي، پر پوءِ به ان جو ڏانءُ ۽ فارم تبديل نه ٿيو آهي.
    صدر محترم! اهو اسان جي سنڌي اديبن، دانشورن ۽ شاعرن جو ڪمال آهي جو انهن شاعريءَ ۾ جديد سڌارن آڻڻ جي باوجود به انهن جي شڪل ۽ مواد کي ساڳيءَ صورت ۾ برقرار رکيو آهي.
    دوستو! مٿئين تفصيلي جائزي کانپوءِ آءٌ ان نتيجي تي پهتو آهيان ته تاريخي سفر جي لحاظ کان فرق صاف ظاهر آهي ته وائي، وائي آهي. ڪافي ڪافي آهي. وائيءَ مان ڪافي ڪونه ٿيندي ۽ ڪافيءَ مان وائي ڪونه ٺهندي. اهي پنهنجي پنهنجي فارم، اسٽائيل ۽ فني سِٽاءَ جي لحاظ کان ٻه الڳ الڳ صنفون آهن. فرق فقط اهو آهي ته وائيءَ جي صنف عام ۽ خاص ۾ نهايت مقبول آهي. هن صنف ۾ ننڍو توڙي وڏو شاعر پنھنجا خيال، پنهنجا احساس ۽ جذبا آسانيءَ سان اوتي سگهي ٿو.
    وائيءَ جو فني گهاڙيٽو نهايت آسان ۽ اثـر انگيز آهي جو هر شاعر ان ۾ طبع آزمائي ڪري ٿو. نه فقط ايترو پر وائي پنهنجي اندر انتهائي ڪشش ۽ وسعت رکڻ واري صنف آهي، جيڪا شاعر کي ۽ ٻڌندڙ کي پاڻ ڏانهن مـتـاثـر ڪري ٿي. ليڪن افسوس جو ڪافي، جيڪا پُراثر، پُرسوز ۽ پُر ڪيف آهي، جنهن ۾ اڪير ۽ فراق جون پڪارون آهن. ان جي جدت، ترقي ۽ سڌاري ڏانهن ڪوبه ڌيان ڪونه ڏنو ويو آهي. ڪافيءَ جو فني سِٽاءُ شايد ايڏو مشڪل آهي، جيڪو مهارت ۽ ڪاريگريءَ کانسواءِ سَرجي نٿو سگهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄڪلهه ڪوبه شاعر ڪافيءَ جي صنف لکڻ ۽ ان تي طبع آزمائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ نه ئي وري اهڙي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي.
    دوستو! انهيءَ سهل پسنديءَ ۽ سستيءَ مان ائين نه ٿئي جو اسان جي شاعري ادب مان اها صنف ئي ناپيد ٿي رڳو آڳاٽن ڪتابن ۾ ئي رهجي وڃي. تنھنڪري هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪافيءَ جي صنف کي آسان ۽ دلڪش بنائڻ لاءِ ان ۾ جديد تقاضائن مطابق سڌرا آڻي، ان ۾ وسعت پيدا ڪئي وڃي ته جيئن هر شاعر آسانيءَ سان پنهنجا خيال، احساس ۽ جذبا ان صنف ۾ اظهار ڪري سگهي. اهو ڪم سنڌي ادبي سنگت ئي سرانجام ڏئي سگهي ٿي، جيڪو سنڌي ادب جو سڀ کان سگهارو ۽ منظم ادبي پليٽ فارم آهي.
    جناب صدر! مون عاجز جي هڪ تجويز آهي ته سال 1997ع کي ڪافيءَ جو سال قرار ڏنو وڃي ۽ سنڌي ادبي سنگت جي هر شاخ هر مهيني جي دستوري گڏجاڻين مان هڪ گڏجاڻي خاص ڪافيءَ لاءِ مقرر ڪئي وڃي، جنھن ۾ فقط ڪافيءَ جي صنف تي پڙهيو ۽ ڳالهايو وڃي.
    محبت پائي من ۾، رنڊا روڙيا جن،
    تن جو صرافن، اڻ توريو ئي اگهائيو.

    مھرباني.

    ”حوالا“

    قافيون جلد-3 (ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ)
    مھراڻ ٽه ماهي.
    روزانه هلال پاڪستان.
    سنڌي ادب جي تاريخ
    ادب ۽ تنقيد.

    (نوٽ: هي مقالو سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ جي پروگرام ”وائي ۽ ڪافي فني ڇنڊ ڇاڻ“ جي موضوع تي ڪرايل مذاڪري ۾ پڙهيو ويو هو.)


    سڃاڻو ته مان ڪير آهيان؟

    دوستو! ڏاڍو انتظام ڪيم، هر ڪنھن کي آزمائي ڏٺم، ته من نه من ڪو اديب يا شاعر، دانشور يا محقق جاڳي پوي، مون ڏانهن توجه ڪري مون تي ٻه اکر لکي وجهي. ڇو ته منھنجو به هن سماج ۽ معاشري ۾ ڪو ڪردار آهي. ڪي صلاحيتون مون ۾ به آهن. منھنجو به ڪو ڪارج آهي. منھنجون به ڪي خدمتون آهن. نڪمو ۽ بيڪار ته مان آهيان ئي ڪونه. هونئن به هن ڪائنات ۾ ڪابه شيءِ بيڪار ڪونهي. قدرت جون سڀئي شيون ڪارائتيون ۽ اهميت واريون آهن. پر ڪنھن ۾ ڪهڙي خوبي ته ڪنهن ۾ ڪهڙي خاصيت. پر سائين پنھنجا اهڙا ڀاڳ ڪٿي! مان به هجان ها ڪو گلاب جو گل، ڪنول ۽ رابيل جو گل ته اهي اديب ۽ شاعر، فنڪار ۽ قلمڪار خوب خوب تعريف ڪن ها! هجان ها ڪو چنڊ جو ٽڪرو، ته پنھنجي محبوب جي چھري سان تشبيهه ڏين ها. پر ڇا ڪريان مان آهيان بي ڊولو، صفا لُلُ مُل، ڪجهه گول گول، ڪجهه ٿاڦيءَ جھڙو. رنگ جو به صفا ميرو مٽيءَ جھڙو. ته پوءِ سائين وڏن اديبن ۽ شاعرن ۽ ليکڪن جي مون غريب تي اک ڪيئن ٻڏندي!! پر سائين، مڙسن جا هَڏَ، قَدَ ڪاٺَ ڪونه ڪڇبا آهن. انهن جا رنگ ۽ چھرا ڪونه ڏسبا آهن. سو مان به آهيان سادڙو ۽ ميرڙو، پر آهيان وڏي ڪم وارو. هر وقت ۽ هر دور جي اهم ضرورت آهيان.
    دوستو! وڏن کان ٻڌندو پيو اچان ته منھنجو اصل جنم اڄ کان هزارين سال اڳ، جڏهن انسان ۾ پوک ڪرڻ جو شعور پيدا ٿيو هو. تڏهن نيل نديءَ جي ڪناري تي مصر، آمريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي ريتيلي ۽ زرخيز زمين تي ٿيو هو. پوءِ ته ويس وڌندو ۽ ويجهندو. هاڻي ته دنيا جي هر ملڪ، هر قوم، هر شهر ۽ هر ڳوٺ ۾ منھنجو نسل موجود آهي.
    دوستو! دنيا جا ٻيا سڀ ميوا ۽ ڀاڄيون پنھنجي پنھنجي مُند تي اچي منھن ڪڍن. ڪجهه ڏينهن رهي، وري جو وڃن ته پوئواري ئي ڪونه ڪن. سنگتي ساٿي جن سندن گرمجوشيءَ سان آڌر ڀاءُ ڪيو، تن کي اڌ ۾ ڇڏي اڪيلو ڪيو ڇڏيون هليا وڃن. ڄڻ واقف ئي ڪونهن. وري جو مند موٽي ته پاڻ به اچي ڪر کڻي سامهون بيهن ۽ وري به سندن هرڪوئي آجيان پيو ڪندو.
    دوستو! منھنجي ڪهاڻي ڪجهه اور آهي. منھنجي نه مند آهي ۽ نه مهينا. مان هر موسم ۽ هر حال ۾ اوهان جي زندگيءَ ۾ اوهان سان گڏ آهيان. ٻارهن ئي مهينا اوهان وٽ موجود آهيان. ڏک سک ۾ هر ڪنهن جو ساٿي آهيان. غريبن جو ته صفا همدرد ۽ يار آهيان. ويچارا مسڪين ۽ مارو ماڻهو، جهانگي ۽ سانگي ماڻهو، جيڪي ”آڻين ۽ چاڙهين“ واري حالت ۾ گذران ڪن. سي گوشت مڇيءَ جي ڳاٽي ڀڳيءَ بها کي پڄي ڪونه سگهن. اهي بس سياري، سانوڻ، رات ۽ ڏينهن مونکي ئي استعمال ڪن. مونکي وري ٺاهڻ جو اهڙو ته ڏانءُ اٿن جو گوشت مڇيءَ کي به شهه ڏيو ڇڏين. هي مارو ماڻهو دل جا سخي، مهمانواز ۽ اوطاقي ماڻهو ٿين. آڌيءَ مانجهيءَ سندن اوطاقن ۽ اوتارن تي ڪو مھمان ايندو ته ڪشاده دليءَ سان انهن جو استقبال ۽ آڌر ڀاءُ به مان ئي ڪندو آهيان. مان انهن وٽ ڏاڍو هِري مِري ويو آهيان. هوبه اهڙا قرب جا ڪوڏيا جو ٻارهو ئي مون مان سڪ ئي نه لهين! ڇو ته مون به انهن سان ڪو پويون پير نه ڏنو آهي. تتيءَ ٿڌيءَ، سڏ ۾ سڏ ڏيون بيٺو آهيان.
    دوستو! منھنجا ته وڏن ماڻهن سان به وڙ آهن. پوءِ اهي ڪروڙ پتي امير هجن يا آفيسر صاحب لوڪ، سياستدان هجن يا سائنسدان، سرمائيدار هجن يا جاگيردار. انهن جي هر طعام ۾ جيستائين مان نه هجان، تيسين سمجهو ته هر طعام جو سواد، بي ذائقو ۽ اڌورو پيو لڳندو. جيئن ڪنهن گاني ۾ فنڪار جو آواز هجي. ليڪن سنگيت جا ساز نه هجن. اهڙيءَ طرح مون انهن جي به خدمت ڪئي آهي. سندن طعامن کي عمده ۽ لذيذ بڻائيندو آهيان. شھرن جا ماڻهو مون منجهان حلوو ٺاهين. ذائقيدار ۽ ڪڙڪ چپس ٺاهين. پڪوڙن ۽ ڪچورين ۾ پڻ منھنجو ججهو استعمال ڪندا آهن. مان تمام گهڻن ماڻهن جي آمدني جو ذريعو پڻ آهيان. مان انهن جي معاشي صورتحال بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيان ٿو. ڇاڪاڻ ته منھنجو هر جاءِ تي ٻين سڀني شين کان گهڻو استعمال ٿئي ٿو.
    دوستو! منھنجي هيءَ به خوبي آهي ته مان هر جاءِ ۽ هر وقت موجود رهان ٿو. دنيا جا ٻيا ڪهڙا به ميوا ۽ ڀاڄيون هجن انهن کي ٻه ڏينهن اسٽور ڪري رکبو ته بلڪل خراب ٿي ويندا. سڙي ۽ سڪي ويندا ۽ کائڻ جي لائق ئي نه رهندا. پر مون تي قدرت جي اها خاص مهرباني آهي ته مان مهينن جا مهينا پيو هجان ته نه سڙان، نه سُڪان ۽ نه وَسَ ڪئي خراب ئي ٿيان.
    دوستو! مون ۾ خوراڪي جزن کانسواءِ وٽامنس به ججهي انداز ۾ هوندا اٿو. ڪوبه معدي جو ڪمزور ماڻهو مونکي کائيندو ته منھنجي طاقت کي هضم نه ڪري سگهندو ۽ پوءِ الزام وري منھنجي مٿان ته مان بادي آهيان. حالانڪ اها منهنجي وٽامن جي قوت آهي جنهن کي همراهه برداشت ڪري نه سگهيو.
    دوستو! هاڻي پڪ سان اوهان سمجهي ويا هوندا ته مان ڪير آهيان؟ خط لکي ضرور ٻڌائجو.


    چانهه - Tea

    ڪڏهن ته چانهه يعني “Tea” جو نالو نشان ئي ڪونه هو. ڪنھن ”چانهه“ جو نالو ئي ڪونه ٻڌو هو. پر وري حضرت انسان به ته ڪا هستي آهي. جيڪو پنھنجي عقل ۽ دماغ جي ذريعي نيون نيون شيون ڳوليندو ۽ سمجهندو رهي ٿو. انسان پوري سفر ۾ شين جي تلاش ۽ تصورن جي جوڙڻ ۽ ٽوڙڻ ۾ سرگردان رهندو پئي آيو آهي. سو ڪنھن وقت ڪٿان ”چانهه“ جي ٻوٽي کي به ڳولي وڃي هٿ ڪيائين.
    ”چانهه“ پھريائين ته شاهي محلن، وزيرن ۽وڏن وڏن ڪامورن وٽ استعمال ٿيندي رهي. ان درجي جا ماڻهو ذهني ۽ جسماني ٿڪاوٽ دور ڪرڻ ۽ دماغ جي وقتي ٿڪاوٽ هٽائڻ لاءِ ان کي وري تازگي ڏيڻ لاءِ چانهه جي ڪوپ کي استعمال ڪندا هئا. يعني چانهه کي ڪاڙهي پيئندا هئا ان سان انھن کي Taste به ايندي هئي ته Rest پڻ. ان کانپوءِ ذهني پورهيو ڪندڙ ليکڪن به چانهه جي ڪوپ کي پنھنجي علمي، ادبي ۽ فڪري ٽيبل تي ويھاريو. اهڙيءَ طرح فيشن طور يا انساني فطرت مطابق ”سواءِ سوچڻ سمجهڻ جي پٺيان ڊوڙ ڪرڻ.“ جيان چانهه جو واهپو ڏينھون ڏينھن ويو وڌندو، ايتريقدر جو چانهه پيئڻ ڄڻ ته سُريلائپ، معتبرائپ ۽ وڏ ماڻهائپ جي علامت سمجهي پئي وڃي.
    هاڻي ته واهڻن ۽ وستين ۾، ٿرن ۽ برن ۾، جبلن ۽ ٻيلن ۾، ديرن ۽ دنين ۾، روڊن ۽ سڙڪن تي، گهرن ۽ اوطاقن ۾، ڇنن ۽ ڇپرن ۾، رڳو چانهه ئي چانهه آهي. ٻھراڙين ۾ ته اڄڪلهه اوطاقن بجاءِ هوٽلون کلن ٿيون. جتي ٻه گهر آهن ته ٽيون هوٽل آهي. مکڻ، ماکين، کير ۽ ڏڌ جي جاءِ چنڊيءَ چانهه والاري آهي.
    مٿين ڳالهين کي نظر ۾ رکندي اهو ضروري آهي ته ته ان ڀاڳڀريءَ چانهه جي ڪجهه معلومات به رکون ته اها اصل ۾ ڪٿان آئي، ڪيئن آئي، ان ڪھڙا ڪھڙا مرحلا طئي ڪيا.
    ٻڌمت يعني گوتم ٻڌ جي پوئلڳن جي به چانهه بابت اها ڏند ڪٿا آهي ته سندن هڪ ”ڀڪشو“ (ٻڌمت وارا پنھنجي مذهبي وڏي عالم يا بزرگ کي ”ڀڪشو“ چوندا آهن.) تبت ۾ مراقبي ۾ ويٺو هو (تبت، چين ۽ هندستان جو سرحدي علائقو آهي. تبت ٻڌمت وارن جو مقدس علائقو ۽ مذهبي مرڪز آهي. جتي ٻڌمت جو سڀ کان وڏو مذهبي پيشوا ”دلائي لاما“ رهندو آهي.) هن جڏهن پھريون دم کنيوته هن کي ڪابه حيران ڪندڙ تبديلي ڏسڻ ۾ ڪونه آئي. وري ٻيو ڀيرو مراقبي ۾ ويٺو پر ڪوبه نتيجو ڪونه نڪتو. وري هن ٽيون ڀيرو ساهه روڪيو وري به جڏهن واپس موٽيو ته هن کي وري به ڪا تبديلي نظر نه آئي. اتي هن جذبات ۾ اچي پنھنجي اکين جا پنبڻ ڪٽي اڇلي ڇڏيا.. ڀڪشو هڪ سال کانپوءِ جڏهن حواسن جي دنيا ۾ مٽي آيو، تڏهن هن ڏٺو ته جتي هن اکين جا پنبڻ ڪٽي اڇليا هئا، اتي خوشبودار ٻوٽا ڦٽل هئا. جن مان دل کي متاثر ڪندڙ هڳاءُ اچي رهيو هو. اهو ٻوٽو اصل ۾ سندن چوڻ مطابق چانهه جو ٻوٽو هو.
    ٻڌمت وارن جي ان قصي ۾ ڪيتري صداقت آهي سان هڪ الڳ ڳالهه آهي، پر اها حقيقت آهي ته چانهه جي شروعات ساڍا چار هزار سال اڳ چين کان شھنشاهه ”شاه نگ“ جي دور کان ٿي هئي. جنھن کي جپان ۾ متعارف ڪرئڻ جو سھرو ٻوڌي ڀڪشوئن جي سِرَ تي سونھي ٿو. جيڪي مراقبي دوران ننڊ کي ڦٽائڻ لاءِ چانهه جو استعمال ڪندا هئا. چانهه کي دوا يا شربت طور مقبوليت ڏيارڻ ۾ به انھن ٻوڌي ڀڪشوئن جو ئي وڏو هٿيار ڪار فرما هو. ڇو ته چانهه جي خصوصيت کي پهريائين انھن ئي سمجهيو هو. چانهه جي باقاعده پوک ڇهين صدي عيسوي ڌاري چين ۾ شروع ڪئي وئي.
    ”چانهه“ اصل ۾ “Camellia sinesis” نالي هڪ ٻوٽي جي پنن مان ٺهي ٿي. ”چانهه“ لفظ چيني زبان جي لفظ چاءِ (Cha) مان نڪتل آهي، جنھن لاءِ انگريزي ٻوليءَ جو متبادل لفظ “Tea” آهي، جيڪو چين جي علاقائي ٻوليءَ جي لفظ “Tay” مان ورتل آهي. چين مان اهو لفظ جپان پهتو. جتان سفر ڪندو، پنھنجي خوشبوءِ پکڙيندو اثر ڇڏيندو هندستان ۽ ايران آيو ۽ اتان وري روس ڏانھن رخ رکيائين. سترهين صدي عيسويءَ ۾ پورچوگيز جھاز دانن ان چانهه کي اوڀر کان وٺي يورپ تائين متعارف ڪرايو. تاريخ نويسن جو چوڻ آهي ته يورپ چانهه لاءِ لفظ “Tea” 1660ع ۾ رائج ٿيو. حالانڪه 18 صديءَ جي اڌ تائين پڻ لفظ “Tay” هلندو رهندو هو.
    17- صديءَ ۾ يورپ اندر چانهه عوامي مقبوليت حاصل ڪري چڪي هئي. هندستان ۾ انگريزن جي اچڻ وقت چانهه کي فقط دوا طور استعمال ڪيو ويندو هو. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ وارن سرڪاري ۽ دوستانه گڏجاڻين ۽ محفلن ۾ چانهه کي مشروبات طور پڻ استعمال ڪيو. چانهه کي عوامي سطح تي مقبوليت ڏيارڻ ۾ هڪ انگريز واپاري ”ٿامس لپٽن“ جو وڏو هٿ آهي. لپٽن 1880ع تائين عام دڪاندار هو پر، پوءِ هن چانهه جو واپار شروع ڪري عالمي شھرت حاصل ڪئي. اڄ به لپٽن نالي واري چانهه ڪمپين جو شمار دنيا جي تمام وڏين ڪمپنين ۾ ٿئي ٿو.
    اڄڪلهه چانهه جو واهپو ۽ استعمال ايترو ته وڌي ويو آهي جو چانهه هڪ قسم جي ذهني، جسماني ۽ نفسياتي ضرورت بڻجي چڪي آهي. سڄيءَ دنيا ۾ پٽاٽن ۽ ڪڻڪ کانپوءِ ٽئين نمبر تي چانهه هڪ غذائي عنصر جي حيثيت حاصل ڪري ورتي آهي. چانهه جي وڌندڙ استعمال جي ڪري چانهه جي سالانه پيداوار ٻه ارب سٺ ڪروڙ ڪلوگرام کان ٽپي چڪي آهي.
    برطانيه دنيا ۾ وڌ ۾ وڌ چانهه درآمد (Import) ڪندڙ ملڪ آهي. سال 1990ع ۾ برطانيه جي انگريزن 141894 ميٽرڪ ٽن چانهه واپرائي. جڏهن ته ٻئي طرف آمريڪا 76946 ميٽرڪ ٽن چانهه هضم ڪئي. 1990ع ۾ پاڪستان هڪ لک چار هزار 104000 هزار ميٽرڪ ٽن چانهه درآمد ڪئي.
    هندستان دنيا ۾ وڌ ۾ وڌ چانهه پيدا ڪندڙ ملڪ آهي. هندستان ۾ 1997ع ۾ 800 ملين ڪلوگرام چانهه اپائي وتي. جنھن مان 162.86 ملين ڪلوگرام چانهه برآمد ڪئي وئي. دنيا ۾ گهڻي کان گهڻي چانهه درآمد ڪندڙ ملڪ ”سِري لنڪا“ آهي. معيار جي لحاظ کان ڪينيا جي چانهه دنيا ۾ پھرين نمبر تي آهي. مارڪيٽ ۾ چانهه جي پتيءَ جا عام طور تي ٻه قسم وڪامجن ٿا. هڪ ”ڊسٽ“ ۽ ٻي ”داڻي دار“. داڻيدار چانهه قيمت ۽ ڪوالٽيءَ ۾ ڪجهه قدر وڌيڪ هوندي آهي.
    چانهه هڪ خاص قسم جي ٻوٽي جي پنکڙين ۽ پنن کي ٽوڙي انھن کي هڪ پراسيس مان گذاري تيار ڪئي ويندي آهي. چانهه جي پنن کي پتيءَ ۾ تبديل ڪرڻ جا ٻه طريقا آهن. جن مان هڪ قديم طريقو آهي، جنھن تحت چانهه جي ٻوٽي جي پنن کي سڪائي سادو قھوو تيار ڪيو ويندو آهي. هن دور ۾ اهو طريقو نه هئڻ جي برابر آهي. يا وري تمام گهٽ پيماني تي. اڄڪلهه چانهه جي تياري جديد سائنسي طريقن سان ڪئي وڃي ٿي. ان طريقي کي سي.ٽي.سي طريقو سڏيو ويندو آهي.
    چانهه جي پوکائي ۽ ان جو چونڊو ڪرڻ نھايت نازڪ ڪم آهي. جنھن کي انتھائي احتياط ۽ خبرداريءَ سان ڪيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته ٻوٽي جون تازيون تازيون ڪونپليون ۽ نرم نرم پن چانهه جي پتي ٺاهڻ جي ڪم ايندا آهن. پراڻن پنن مان چانهه ٺهي نه سگهندي اهي. ٻوٽي مان ڪونپليون ۽ پن ڏهن ڏينھن ۾ هڪ ڀيرو پٽيا ويندا آهن. انھن پنن کي مشينن ۾ رول ڪيو ويندو آهي. ان عمل دوران نڪرندڙ رس پن پنھنجي اندر جذب ڪري وٺندا آهن. ان بعد ٻن کان اٺن ڪلاڪن تائين انھن پنن کي 40 درجا سينٽي گريڊ واري گرمي پد تي رکيو ويندو آهي. ان عمل کي فرمينٽيشن چئبو آهي. ان عمل سان چاهه ۾ خوشبوءِ پيدا ٿيندي آهي.
    سي.ٽي.سي طريقي سان تيار ٿيندڙ چانهه داڻيدار هوندي آهي. هئي چانهه خوشبوءِ ۽ ذائقي جي لحاظ کان اعلى ڪوالٽيءَ جي چانهه آهي. پاڪستان ۾ 80 سيڪڙو چانهه داڻيدار درآمد ڪئي ويندي آهي. اها چانهه خاص ڪري ڪينيا، انڊونيشيا، بنگلاديش، تنزانيه، ملاوي، روانڊا ۽ برونڊيءَ مان خريد ڪئي ويندي آهي. ان کان علاوه اورينج پيڪو، پيڪو، بروڪن اورينج پيڪو، فين انگ، ڊسٽ اورينج پيڪو چانهه ۾ پيڪو نالي وڻ جا پن شامل ڪيا ويندا آهن. جنھن سان چانهه جي خوشبوءِ ۾ اضافو ٿيندو آهي.
    تيز رفتار زندگيءَ سان گڏ هلڻ لاءِ چانهه جي ڪمپنين سھولت خاطر ”ٽي بيگز“ ۽ ”بوائل او بيگز“ متعارف ڪرايون آهن. چانهه جي وڌندڙ طلب ۽ وڌندڙ قيمت سبب ڪي مفاد پرست ۽ سماج دشمن مارڪيٽ ۾ نقلي چانهه جو وڪرو ڪندا آهن، جنھن سان عوام جي صحت بُريءَ طرح سان متاثر ٿيندي آهي. نقلي چانهه عام طور تي سُڪل پتي، ڪارن چڻن جي ڇلڪن، ٻٻر جي ڇوڏن، کؤنر ۽ مصنوعي رنگ مان تيار ڪئي ويندي آهي.
    پاڪستان دنيا جو ٻيو نمبر وڏو چانهه جو امپورٽر (خريدار) آهي. هڪ اندازي موجب پاڪستاني هڪ سال ۾ اٽڪل هڪ لک پنجاهه هزار ٽن چانهه واپرائن ٿا. اهڙيءَ طرح پاڪستان جو هر شھري سراسري طور تي ساليانو ڏيڍ ڪلو گرام چانهه واپرائي ٿو. اهو مقدار هندستان جي ڀيٽ ۾ ٻيڻو ۽ بنگلاديش جي ڀيٽ ۾ پنجوڻو آهي.
    پاڪستان 96 سيڪڙو ڪاري پتيءَ واري چانهه ۽ 4 سيڪڙو سائي چانهه گهرائيندو آهي. ماهرن جو خيال آهي ته پاڪستان ۾ سن 2000ع تائين چانهه جي کپ هڪ لک 65 هزار ٽن آهي. پاڪستان ٽِي ايسوسيئيشن وارن مطابق پاڪستان 1994ع ۾ هڪ لک چار سئو پنجونجاهه ٽن چانهه درآمد ڪئي، جنھن مان 70 سيڪڙو چانهه ڪينيا مان خريد ڪئي وئي. سال 1997ع ۾ پاڪستان 240 ملين ڊالرن جي چانهه خريد ڪئي، انگن اکرن موجب فقط 97ع واري ماچر مھيني ۾ 12 ملين ڊالرن جي 7222 ٽن چانهه درآمد ڪئي وئي. سال 1998ع ۾ اها چانهه وڌي 11709 ٽن ٿي ويئي. جنھن جي ماليت 29 ملين ڊالر آهي. پاڪستان ۾ هر سال چانهه جي درآمدات ۾ 9 سيڪڙو اضافو ٿي رهيو آهي. پاڪستاني ساليانو اٺن کان ڏهن اربن رپين جي چانهه واپرائيندا آهن، جنھن ۾ ڏينھون ڏينھن زبردست اضافو ٿي رهيو آهي. انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ سال 1970ع کان مارچ 1997ع تائين 74 ارب 89 ڪروڙ چاليهه لک رپين جي چانهه درآمد ڪئي وئي.
    دنيا جي 37 ننڍن وڏن ملڪن ۾ هر سال 2.6 بلين ڪلوگرام چانهه جي پيداوار ٿئي ٿي، انھن ملڪن ۾ هندستان، سري لنڪا، انڊونيشيا، ويٽنام، هانگ ڪانگ، ايران، ڪينيا، روانڊا، تنزانيه، يوگنڊا، برازيل، ارجنٽائن، برونائي، برما، دبئي، جرمني، گهانا، آمريڪا، روس، سينگاپور، ملائيشيا، سوئيزر لينڊ، برطانيه، ٿائيلينڊ، تائيوان، گوئٽي مالا، هيٽي، ڏکڻ آفريڪا، جپان، ملاوي، ماريشس، نيدر لينڊ، رومانيه، ترڪي ۽ موزمبيق، نيپال ۽ چين شامل آهن. انھن ملڪن مان حاصل ٿيندڙ پيداواري واپار ۾ ڪيترائي ملڪ حصيدار آهن. ليڪن انھن ۾ هندستان، سريلنڪا، ڪينيا، بنگلاديش ۽ چين جي منڊين جو مقام ٻين سڀني کان مٿانهون آهي.
    هندستان پنھنجي چانهه جي ڪل پيداوار جو 70-سيڪڙو پنھنجي ملڪ اندر استعمال ڪري ٿو. سِري لنڪا ۽ بنگلاديش ۾ پنھنجي چانهه جي پيداوار جو فقط 15 سيڪڙو ملڪ اندر استعمال ڪيو وڃي ٿو. جڏهن ته باقي 85 سيڪڙو چانهه برآمد ڪئي وڃي ٿي.

    **


    ”وانـگـار“ جو سماجي ڪارج

    انساني فطرت ۾ ڪي اهڙيون جبلتون آهن، جيڪي انسان جو اٽوٽ حصو بڻجي چڪيون آهن. اهي جبلتون انساني زندگيءَ کان الڳ ٿي نـٿيون سگهن. ان ڪري ئي انسان ڪي نه چاهيندڙ ۽ اڻ وڻندڙ ڪم به ڪري وجهندو آهي. انسان جون ڪي عادتون به اهڙيون هونديون آهن، جي بار بار ورجائڻ ۽ ورائي ورائي ڪرڻ سان انسان جي عملي زندگيءَ جو حصو بڻجي وينديون آهن. جن جون علامتون انسان جي چهري ۽ ڳالهه ٻولهه ۽ روين مان نمايان نظر اينديون آهن. انهن عادتن جي ڳالهه اسان جي چهري تي علامتي نشان بڻجي پوندي آهي ۽ پوءِ لَکي وڃبو آهي ته هي انسان ڪهڙن احساسن ۽ روين جو مالڪ آهي. انهن جبلتن جو تعلق انسان سان ان وقت کان وٺي رهندو پئي آيو آهي، جڏهن انسان انساني ۽ سماجي شعور کان تمام گهڻو دور اڻ سڌريل ۽ جهنگلي ماحول ۾ گذاريندو هو. انهن عادتن جا اهڃاڻ ۽ باقيات اڄ جي انتهائي سڌريل ۽ ترقي يافته انسان ۾ پڻ صاف ۽ چٽا نظر اچن ٿا. ڇاڪاڻ ته انهن غير مھذب ۽ جهنگلي حالتن ۾ انسان هزارين سالن تائين رهيو آهي. ان سبب ڪري انهن حالتن جو اثر اڄ جي مھذب انسان تي پڻ موجود آهي.
    ان کان علاوه ٻيون رسمون ۽ رواج آهن، جي انسان ان وقت جوڙيا هئا جڏهن انسان سماجي حالت واري صورت اختيار ڪري پاڻ کي سماجي ڍانچي ۾ داخل ڪيو هو. هي انسان جي اسرڻ وارو دور هو. جڏهن سماج اڏجڻ شروع ٿيو ته انسان جي سوچ جنم ورتو. جڏهن سوچ پيدا ٿي ته ان ۾ تحرڪ پيد اٿيو. اتان پوءِ ضرورتون ڦٽڻ لڳيون. جن ايجادن ۽ وهنوارن کي پيدا ڪيو، جتان انسان جي سماجي ۽ معاملاتي زندگيءَ جو آغاز ٿئي ٿو. جڏهن سماج جڙيا ته پوءِ مان، تون، منھنجو، تنھنجو، ڇو ۽ ڇالاءِ، ڪٿي ۽ڪيڏانھن جا تصور انسان ۾ پيدا ٿيا. جڏهن انسان ۾ ”منھنجو“ ۽ ”تنھنجو“ جي ورهاست وارو تصور ۽ تضاد اڀري ٿو، تڏهن اتان پوءِ ذاتيات ۽ مفادن جو ٽڪراءُ شروع ٿئي ٿو. ان ٽڪراءَ جي نتيجي ۾ مختلف رواج، رسمون، ريتون ۽ فلسفاوجود ۾ اچن ٿا. هڪ فرد ٻئي مٿان، هڪ قبيلي ٻئي قبيلي کي ختم ڪرڻ ۽ هڪ قوم ٻئي قوم کي تباهه ڪرڻ يا ان مٿان پنھنجي بالادستي قائم ڪرڻ لاءِ مختلف حربا ۽ طريقا اختيار ڪيا.
    اهي رسمون يا رواج ڪنھن به قوم يا سماج ۾ ٻن قسمن جا هوندا آهن ۽ ٻن طريقن سان ان سماج ۾ مروج ٿيندا آهن. ”هڪڙا داخلي ۽ ٻيا خارجي“. داخلي رسمون اهي هونديون آهن، جيڪي ان سماج ۾ انهن شين، انهن عادتن ۽ ڪردارن کي وري وري ورجائڻ ۽ استعمال ۾ آڻڻ سان وجود ۾ اچي ان سماج جو حصو بڻجي وينديون آهن. اهي رواج ان سماج جي ميل جول سان ئي جڙندا آهن. اهي ريتون يا رسمون جي داخلي طور تي ٺهنديون آهن، اهي اڪثر ڪري فائديمند هونديون آهن. سماج ۾ رسمن جي داخل ٿيڻ جو ٻيو قسم يا ٻيو طريقو خارجي آهي. جيڪي ڌاريا حاڪم، فاتح يا غاصب فتح ڪيل قوم جي مٿان هٿ ٺوڪيون مڙهي ڇڏيندا آهن ۽ انهن رسمن جي تعليم لاءِ ان قوم کي لازمي پابند بڻائي ڇڏيندا آهن. اهو ان ڪري ته جيئن اهي ماڻهو غير فطري طور ريتن رسمن جي پنجوڙن ۾ ڦاٿل رهن. انهن رسمن جي بنياد تي هڪٻئي جا قتلِ عام ڪندا رهن. پنھنجو پاڻ ۾ هڪٻئي کي گهٽيندا ۽ ماريندا رهن ته جيئن ان قوم ۾ اخلاقي ۽ انساني قدر، تعليمي، سماجي، سياسي ۽ معاشي شعور پيدا ٿي نه سگهي. ته جيئن هُو آسانيءَ سان ان قوم تي پنهنجي غاصبانه ۽ جارحانه حڪومت ڪندا رهن. اهي رسمون جيڪي ٻاهران نافذ ٿي وڃن ٿيون اهي عقيدن جي حد تائين سماج ۾ مروج ٿي وڃن ٿيون. اهڙيون ڪوڙهيون ۽ بدبودار رسمون، قومن جي وجود، قومن جي تھذيب، ثقافت، علم ادب، تعليم ۽ شعور کي ڪينسر جي مرض وانگر وچڙي ۽ وڪوڙي برباد ڪري ڇڏينديون آهن. اسان جي سنڌي سماج ۾ پڻ ڪي اهڙيون داخلي رسمون هن سائنس جي ڪثرت واري دور ۾ اڃا به مروج آهن، جيڪي نهايت ڪارائتيون، فطرت جي ويجهو ۽ انساني ۽ اخلاقي قدرن جي عڪاسي ڪندڙ آهن. جيئن اسان جي سماج ۾ مهمانوازيءَ جو گڻ اعلى درجي جو آهي ۽ جڳ مشهور روايت آهي. ٻيو معاف ۽ درگذر ڪرڻ وارو سونهري اصول آهي. اگر ڪنھن جي تڏي تي ميڙ وٺي لڙي وڃبو ته خون به معاف ڪري ڇڏبا. اهي روايتون ڄڻ اسان جي قومي ڪردار جو جزو آهن. اهڙيءَ طرح هڪ ٻي بهترين رسم به اسان جي سماج ۾ مروج آهي ۽ اها آهي ”وانگار“. وانگار جي رسم هڪ بهترين رسم آهي. ”وانگار“، گڏجي سڏجي ڪنهن هڪ ڪم کي هڪ ئي وقت گڏجي ڪرڻ کي چيو ويندو آهي. ظاهر ۾ وانگار جو انفرادي فائدو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جيڪو ڪنھن هڪ فرد يا ڪٽنب کي پهچي ٿو. پر جڏهن اسين ان کي سماجي رواج جي اجتماعي تناظر ۾ مشاهدو ڪريون ٿا ۽ گھرائيءَ سان ان رسم جو مطالعو ڪريون ٿا ته اسان کي معلوم ٿيندو ته وانگار انيڪ اجتماعي مفادن جو سرچشمو ۽ بنياد فراهم ڪرڻ وارو عمل پئي رهي آهي. وانگار، پنھنجي پٺيان هڪ ڊگهو تاريخي تسلسل ۽ سفر رکندڙ رواج آهي، جيڪو آڳاٽي زماني کان سنڌي سماج ۾ رائج آهي. وانگار جي رسم هڪ قسم جو لاشعوري ۽ اڻ لکيل (Social Contract) يعني (سماجي معاهدو) نظر اچي ٿو. يعني ان اصول جو پابند بڻجڻو پوي ٿو ته ”توهان اسان جي مدد ڪريو، اسين توهان جي مدد ڪريون.“ مختلف ڪمن ۾ وانگار ڪئي ويندي آهي. مثلا: جهنگ وڍڻ، هَرُ ڪاهڻ، رونبو ڪرڻ، لابارو لاهڻ، وَلِ ڍوئڻ، کاٽيون کڻڻ، کوهه ۽ کهيون کوٽڻ، گهرن لاءِ ڇنون ۽ چؤنرا ٻڌڻ وغيره.
    زمين ۾ هَرُ ڪاهڻو هوندو آهي ته هاري رات جي وقت پنھنجي ڪٽنب جي ميمبرن سان صلاح ڪندو آهي ته هَرَ لاءِ وانگار ڪرڻي آهي. پوءِ ويهي ويچار ڪندا آهن ته ڪنهن ڪنهن جا ڏاندن جا جوڙا ڀلوڙ آهن. انهن جي ٽَلَ ڪري پوءِ وڃي رات جي وقت وانگار جو سڏ ڏئي ايندا آهن. ته ادا فلاڻي يا فلاڻي ڏينهن اسان جي هَرَ جي وانگار اٿوَ. هاري ٻنيءَ جي آڌار تي اندازو لڳائي اوترا جوڙا ٻڌائيندو آهي اهو ڏينھن ٿيندو ته باک ڦٽيءَ کان به اڳ ۾ مانجهي مرد ۽ ڀلوڙ جوڙا زمين تي پهچي ويندا. هرڪو وڙو ميدان ملهائڻ جي وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪندو آهي ته جيئن هُو مڙني کان گوءِ کڻي وڃي. ان کان علاوه ڪڻڪ جي ناڙين ۾ به وانگار ٿيندي آهي. ان ۾ ڏاندن جون هاٺون لڳنديون آهن. ٻه ڏاند هڪ پاڃاريءَ ۾ گڏ جوٽبا آهن. جيڪو ڏاند اوڙ (چارو) جنهن سان سڌي ناڙي ڪاهبي وڃبي آهي ڀڃي لڙي ويندو آهي ته ان ڄڻ ميدان هارايو. جيڪو ڏاند سڌو ويو ان ڄڻ گوءِ کٽي ورتي. پوءِ ته مالڪ مٿان مبارڪن جو وسڪارو ٿي ويندو. هو هوا جا نعره لڳي ويندا. مڃتا طور ان ڏاند کي پڳ به ٻڌائي ويندي آهي.
    ان کانپوءِ وري جڏهن رونبي جو مرحلو ايندو آهي ته ان ۾ به اهڙي ئي نموني رات جو گهر جا ڀاتي مِڙي سِڙي وانگار لاءِ ڪو ڏينهن مقرر ڪندا آهن. پوءِ وڃي ڳوٺ ۾ يا آسپاس جي ڳوٺن ۾ ڪم جي انداز مطابق گهربل وانگار ٻڌائيندا آهن. هن عمل م ياري دوستاري ۽ مٽي مائٽيءَ جو عنصر گهٽ ۽ قومي ٻڌي ۽ گڏيل همدردي ۽ مدد ڪرڻ جو اصول وڌيڪ ڪارفرما هوندو آهي. هن ۾ جنھن کي به وانگار جو ٻڌائبو ته سواءِ ڪنھن عذر ۽ بهانو پيش ڪرڻ جي هليو ايندو. رڳو اهو پڇندو ته زمين ڪيتري ۽ همراهه ڪيترا آهن. ڇوته هن کي خبر آهي ته اهو ساڳيو ڪم هن کي به ڪرائڻو آهي. اڄ هيءُ هنن جي ڪم آيو ته سڀاڻي هُو به سندس سڏَ ۾ سڏ ڏئي ڊڪندا ڪڏندا هليا ايندا. تنھنڪري وانگار کي هرڪو پنھنجو اجتماعي مفاد سمجهندو آهي. ان جو عمل سماج ۾ اجتماعي مفادن طور استعمال ۾ اچي ٿو.
    سڀاڻي رونبي جي وانگار آهي ته اڄ تي ٻج وغيره پٽي ڇڏبو. گهر ۾ ڄڻ عيد جھڙو تھوار هوندو آهي. صبح ٿيندو ته همراهه هاٺون هڻي بسم الله ڪري ميدان ۾ لهي پوندا. ننڍا توڙي وڏا، خوشيءَ ۾ باغ باغ پيا ٿيندا. رونبي ۾ مردن جو مقابلو شروع. هوڏانھن ٻَني تي ميراثي يا مڱڻهار دهل پيو وڄائيندو. جيئن جيئن دهل جو واڄو تيز ٿيندو ويندو، تيئن تيئن مرد مشين وانگر رونبي کي لائي ٻاري ڏيندا. جوان مستيءَ ۾ مگن ٿي جهومڻ پيا لڳندا. ان سمي قدرت جو عجيب منظر پيو نظر ايندو. فطرت جو حسن جهلڪا پيو ڏيندو. فطرت پنھنجا پَرَ پکيڙي ان وقت انهن مانجهين مٿان ڇانوَ ڪيو بيٺي هوندي آهي. ”شل منھنجي ڏوٿين کي ڏينھن نه لڳي پوي.“ پھتو ھتو، هيڏهون هوڏهون، هي ٿو وڃئي. هيڏهون ٿو وڃانءِ. جا هوڪرا هوندا. جيڪو همراهه سڀ کان اول منھن کڻي وڃي ڇيڙي تي پھچندو، ان ڄڻ گوءِ کٽي ورتي. نعرا لڳي ويندا. وهوا ٿي ويندي. جوان کي ڪلهن تي کڻي گهمائيندا، رقص ڪندا وتندا. جشن جھڙي صورتحال هوندي آهي. سڄو ڏينھن ويندي رات جي ڪچھريءَ تائين رونبي ۾ همراهن جي هٿ جي ڳالهه پئي هلندي.ڪو ڪنھن جي تعريف ڪندو، ڪو ڪنھن جي.
    کوهن ۽ کُھين کوٽڻ ۽ واهن جي کاٽيءَ ۾ به وانگار ڪوٺائبي آهي. ان ۾ وري ڪوڏر جو مقابلو ٿيندو آهي. مقرر وقت ۾ مقرر ٿيل حد جيڪومڙس اڳـ۾ پوري ڪندو، ان مقابلو کٽي ورتو. وهوا جو وسڪارو ٿيندو. مقابلي ۾ هارايل ڌر وارا کٽندڙ کي ڪلهن تي کڻي گهمائيندا آهن. کٽندڙ جوان کي وانگار ڪوٺائڻ واري ڌر پهلوانيءَ جي مڃتا طور انعام ۾ پڳ ٻڌرائيندي آهي. يا پڳ جيتري روڪ رقم ڏيندي آهي. وانگار جي هر عمل ۾ ۽ هر قسم ۾ جوان جي دلي طور تي مڃتا ڪندي ان کي ڀاڪر پائي ان جي پٺي ٺپي سندس جوانيءَ جو اعتراف ڪندو آهي. ان کانپوءِ وري فصل پچي جڏهن راس ٿيندو آهي ته لاباري جي وانگار ٻڌائبي آهي. لابارو هميشه ماڪ ڦڙن جي سڪڻ کانپوءِ ٿيندو آهي. آلا سنگ لڻبا ته اهي سنيوارجي خراب ٿي ويندا. جيئن جيئن سج جا ڪِرڻا فصل جي سونن سونن سنگن تي پوندا ۽ ماڪ سڪڻ لڳندي ، تيئن ئي مانجهي مرد ڏاٽا اُڀا ڪري فصل ۾ لهي پوندا. ڏاٽن جي ڇٻ ڇٻ شروع ٿي ويندي. هرڪو جوان پنھنجو پنھنجو مهاڳ وٺي وڃي توڙ تي پڄندو. لابارو لهي دنگ ٿيندوته وري وَلِ ڍوئڻ لاءِ ڪجهه همراهه ٻڌائبا، جيڪي وَلِ کي کڻي مقرر ڪيل هنڌ (ديري) تي ٻارِ جي صورت ۾ هڪ جاءِ تي گڏ ڪري رکندا آهن. جتي ان جو ڳاهه ڪري اَنُ جدا ۽ گاهه جدا ڪيو ويندو آهي. اهڙيءَ طرح هر ڪاهڻ، ٻج پوکڻ کان وٺي راهِ (صاف اَنُ) ٿيڻ تائين اهو گڏيل عمل اجتماعي طور تي سرانجام ٿيندو رهي ٿو.
    وانگار جو عمل رڳو پوکي راهيءَ جي ڪمن تائين محدود نه آهي، بلڪ زندگيءَ جي ٻين شعبن ۾ به ان جو عمل دخل موجود آهي. مارو ماڻهو جڏهن پنھنجي رهائش لاءِ ڪو اَجهو اڏيندا آهن، جڏهن ڪا ڇَنَ، ڇپر يا چؤنرو ٺاهيندا آهن ته تڏهن به وانگار ڪندا آهن. ڇَنَ جي وانگار ٻڌائڻ کان اڳ گهرڌڻي ڇَنَ لاءِ گهربل سمورو سامان تيار ڪري رکندو آهي. صبح ٿيڻ شرط همراهه پهچي ويندا. ڇن جي اڏاوت ۾ هر ڪم جو الڳ الڳ ڄاڻو همراهه هوندو آهي. هڪڙا پڃرن کي مضبوط رکڻ لاءِ سَرن جا وريئڙا (ڊڀن جا رَسا) ۽ ارڙين هڻڻ جا قابل هوندا آهن. (ٻن پڃرن جي منڍن کي سوراخ ڪڍي انهن کي ڳنڍڻ لاءِ جيڪا ڪاٺ جي ڪِلي هنئي ويندي آهي، ان کي اِرڙي چئبو آهي) پر اڄڪلهه ارڙيون ڪونه ٿيون لڳن. پَڃرن کي منڍن ۾ ڪوڪا هڻي شھتير يا وَري سان بند ڪيو ويندو آهي. ٻيا وري هارين ٻڌڻ جا ماهر ته هڪ همراهه وري سُوئي ڏيڻ جنھن سان نوڙيءَ جي وسيلي ڪکن کي سبيو ويندو آهي. هڪڙا ڪکن تي پاڻي وجهندا انهن کي آلو ڪندا ويندا ته جيئن ڪکن جي ڪُتِ به نه کائي ۽ ڪک ڀڄن ۽ ڀُرن به نه. ڪي وري گڏا ٻڌندا مٿي هارين ٻڌڻ واري همراهه ڏانھن اڇلائيندا ويندا آهن. اهڙيءَ طرح اهو سمورو ڪم صبح کان وٺي منجهند تائين پورو ٿي ويندو آهي ۽ ڇَنَ مڪمل طرح تيار ٿي ويندي آهي.
    مطلب ته وانگار جو سماج ۾ تمام وڏو ڪارَج، اهميت ۽ افاديت آهي. وانگارواريءَ رسم سان اجتماعي ٻَڌي ۽ گڏيل مفادن جو احساس اڀري ٿو. هڪٻئي سان ميل جول سبب الفت ۽ همدرديءَ جا جوهر پيدا ٿين ٿا. ڪمن ڪارين جو وقت اندر ۽ ترت اُڪلاءُ ٿي پوي ٿو. وقت ۽ پيسي جو تمام وڏو بچاءُ ٿئي ٿو. جنھن سبب وقت ۽ پيسي کي ڪنھن ٻئي ڪم ۾ استعمال ڪري پنھنجي معاشي صورتحال بهتر ڪري سگهجي ٿي. وانگار جي رسم سبب ماڻهو هڪٻئي جي ويجهو اچن ٿا. نفرتون ختم ٿين ٿيون. پيار ۽ پنھنجائپ جا سنگ نسرڻ لڳن ٿا. وانگار معاشي ۽ سماجي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. جنھن ڪري انسان ذهني، معاشي ۽ سماجي مسئلن جي پريشانين کان بچيل رهي ٿو. ان سبب ڪري انسان پنھنجي سوچ کي پنھنجي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ مثبت انداز ۾ استعمال ڪري سگهندو آهي. اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته فطرت تبديل ٿيندڙ آهي ۽ فطري تقاضائن مطابق حالتون تبديل ٿينديون رهنديون آهن. انهن تبديلين سبب شين جي اهميت، ڪارج ۽ افاديت گهٽجندي ۽ وڌندي رهندي آهي. ڪالهه جيڪا شيءِ اسان لاءِ فائديمند هئي اها اڄ جي حالتن سان نه ٺهڪندڙ آهي ته بيڪار آهي. ڪالهه جيڪا شيءِ اسان لاءِ نقصانڪار هئي اڄ اها اسان لاءِ ڪارآمد ۽ مفيد آهي، ڇو ته هوءَ وقتي تقاضائن جو پورائو ڪري ٿي ۽ حالتن مطابق آهي. اڄ جيڪا شيءِ اسان لاءِ نقصانڪار آهي، اها اڳتي هلي ڪارآمد ٿي سگهي ٿي. اهڙيءَ طرح هرهڪ شيءِ جو پنھنجي پنھنجي وقت اندر گهربل فطري تقاضائن ۽ سماجي گهرجن مطابق ڪارج ۽ اهميت ٿيندي آهي.
    ان لحاظ کان موجوده زندگيءَ جي هر شعبي ۾ سائنسي ايجادن جي مشينن ۽ اوزارن انسانن لاءِ تمام گهڻيون سھولتون ۽ آسانيون پيدا ڪري ڇڏيون آهن. سالن جا مفاصلا ڪلاڪن ۾ ۽ ڏينھن جا ڪم منٽن ۾ مڪمل ٿين ٿا. اڄ ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جو دور آهي. سڄي دنيا هڪ ننڍڙي ڳوٺ جيان بڻجي چڪي آهي. مواصلاتي ذريعن هڪٻئي کي تمام ويجهو آڻي ڇڏيو آهي. اهڙيءَ طرح افرادي قوت، وقت ۽ پيسي جي وڏي بچت ٿئي ٿي ۽ شين جي پيداوار ۾ پڻ زبردست اضافو ٿئي ٿو. ان لحاظ کان ائگريڪلچر ۽ ٻين واهپي جي شعبن مان سائنسي ايجادن جي ڪثرت سبب وانگار جي سماجي ڪارج جي اهميت ۽ افاديت به گهٽجي وئي آهي. ڇو ته ان جي هاڻي سماجي ضرورت نه رهي. پر پوءِ به ٻهراڙين ۾ جتي سائنس اڃا گهٽ پهتي آهي اتي اڄ به وانگار جو رواج عام ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
    **


    علمي، ادبي، سماجي ۽ سياسي شخصيتون

    شاهه عبداللطيف ڀٽائي دنيا جو وڏي ۾ وڏو ۽ هر دؤر جو شاعر

    شاهه لطيف جي زماني جي حالات، واقعات، تبديلين ۽ ڪارفرمائيءَ تي گھري نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته لطيف عين ان وقت ٻن زمانن جي ميلاپ واري دور ۾ جلوه گر ٿيو. هي اهو زمانو هو جڏهن پراڻي سنڌ جي جاءِ تي نئين سنڌ جي باک ڦٽڻ واري هئي. تاريخي ۽ طبعي لحاظ کان نئين سنڌ جي اڏاوت ۽ آبياري پئي ٿي. سنڌو درياءُ نصرپور کان ٺٽي طرف وهندڙ وهڪري جو رخ بدلائي رهيو هو. تاريخي، علمي، ادبي، ثقافتي، واپاري ۽ صنعتي مرڪزي جھڙوڪ نصرپور، فتح باغ ۽ ٺٽو پنھنجن پوين پساهن ۾ هئا. وسنديون ويران پئي ٿيون ۽ ويرانيون وسڻ لڳيون هيون.
    ”نه سي وونئڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون.“
    ڪلاچيءَ جو ڪُنُ بدلجي ڪراچيءَ جي صورت اختيار ڪري چڪو هو. شاهه صاحب اهو گس ڏئي حب نديءَ ٽپي هنگلاج ويو هو. جيئن چيو اٿس ته:

    تون جا لڏين لوڏ، ايءَ به گهاتو ئڙن جي،
    ڪُنَ ڪولاچيءَ ڪوڏ، سک سين نه ستا ڪڏهن!

    سترهين صديءَ جي پوئين اڌ کان جيڪو شاهه صاحب جو زمانو شروع ٿئي ٿو. سو تاريخي ۽ تمدني، سائنسي ۽ ثقافتي، علمي ۽ ادبي، فڪري ۽ نظرياتي لحاظ کان هڪ انقلاب انگيز دور هو. پراڻن سري کاڌل ۽ مدي خارج نظرين، مفروضن ۽ ڌڪن جي جاءِ تي نوان مثال، تصور ۽ نظريا جاءِ وٺي رهيا هئا. ان وقت دنيا هر لحاظ کان نئين ٿي رهي هئي. زندگيءَ جا سڀ شعبا ۽ پهلو اصلاح، تجديد، تخليق، تحقيق ۽ تنقيد لاءِ ڄڻ بيقرار هئا. جديد سائنس جون نيون نيون شاخون تجربا ۽ مفروضا وجود ۾ پئي آيا. هاڻي سج جي بدران زمين کي متحرڪ ۽ گردش ڪندي ثابت ڪيو ويو.
    نيوٽن جو حيرت انگيز ۽ ڪامياب ڪشش ثقل جو عالمگير قاعدو۽ نظريو ان صديءَ ۾ ئي تحقيق ۽ تسليم ٿي چڪو هو. برقي ۽ مقناطيسي کوجنائن سبب جلد ئي دنيا جڳمائڻ واري هئي. ارسطو کان ڊيڪارٽ ۽ ڊيڪارٽ کان لاڪ تائين سڀ فسلفي جنھن ڊگريءَ تي هلي چڪا هئا، هاڻي اهو سمورو گهاڙو رستو اوچتو ئي اوچتو دنيا جي پيرن هيٺان نڪري ويو.
    هن دؤر ۾ عالم مؤجد، سائنسدان، اديب، شاعر ۽ دانشور قطارن جيان پيدا ٿيا. هن دؤر ۾ هيو، ڪانٽ، نٽشي ۽ هيگل جھڙا فسلفي پيدا ٿيا. جرمنيءَ ۾ گوئٽي ۽ فرانس ۾ روسو ۽ والٽيئر پيدا ٿيا هئا، جن قديم دنيا کي جهنجهوڙي نون نظرين ۽ تصورن جا مينار قائم ڪيا. عربستان ۾ محمد بن عبدالوهاب ۽ هندستان ۾ شاهه ولي الله پيدا ٿيو. عين ان وقت سرزمين سنڌ جي ڪک مان لاکيڻو ليف ڀٽائي گهوٽ پيدا ٿيو. دنيا جي جن مفڪرن عالمي سطح تي انسان جي سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي، تحقيقي، تنقيدي، معاشي ۽ معاشرتي زندگيءَ جي هر پهلوءَ تي گھرو غور ۽ فڪر ڪيو آهي، جن هر لحاظ کان هر پاسي کان ڪائناتي نظام کي مطالع ڪيو آهي، جن انسان جو صحيح مقام ۽ موقف ڳولي لڌو آهي. تن مان اسان جو لاکيڻو لطيف هڪ آهي. ”لطيف اهو فقير آهي، جنهن جي فڪر تان سوين سڪندر قربان ڪري ڇڏجن.“
    هاڻي اچو ته لطيف سائينءَ کي انهن معيارن، اصولن خوبين، فني سٽاءَ، پسمنظر، منظرنگاريءَ تي پرکيون جيڪي دنيا جي عظيم عالمي ۽ دانشورن ۽ نقادن گهڻن تجربن، مشاهدن، تحقيقن ۽ تنقيدن کانپوءِ ڇنڊڇاڻ ڪري شاعريءَ لاءِ مقرر ڪيا آهن ۽ پوءِ ثابت ڪريون ته اسان جو لطيف ”دنيا جو وڏي ۾ وڏو ۽ هر دؤر جو شاعر آهي.“ عوام جو ترجمان ۽ نمائندو شاعر آهي ۽ پڻ اهي ڪهڙا ڪارڻ آهن جو لطيف جو شعر ٽي صديون اڳ به ساڳي ڪيفيت، ساڳيو سرور، ساڳيو ”درد ۽ دارون“ ساڳيو ولولو ۽ جو رکيو ته اڄ به بدليل دنيا ۾ سندس شاعر ۽ ساڳي ڪيفيت، ساڳئي جوش ۽ جذبي، صداقت ۽ سچائيءَ سان موجود آهي. سندس شعرکي دنيا جي ڪابه تبديلي۽ اٿل پٿل مٽائي نه سگهي آهي. ڄڻ ته نئين سج جو نئون نياپو آهي. شاهه صاحب جي ڪلام تي گھري نظر وجهي ڏسبو ته سندس ڪلام نه رڳو مشرقي معيار تي پورو ٺهڪيل آهي پر اها هڪ عجيب ۽ انقلاب انگيز ڳالهه آهي ته اهو مغربي معيار جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ سان به ساڳيو ئي نظر ايندو. جنھن جو مطلب اهو ٿيو ته شاهه لطيف جي شاعري عالمگير پيغام ۽ حيثيت رکندڙ آهي.
    عربيءَ جو وڏو انشا پرداز شاعر اصمعي لکي ٿو ته ”اصل ۾ شعر اهو آهي، جنھن جي معنى لفظن کان پهريان سمجهه ۾ اچي وڃي.“ جنھن جو مطلب اهو ٿيو ته اصمعي سادگيءَ کي صرف شعر جو بنياد بڻائي ٿو. خليل ابن احمد جو خيال آهي ته ”ٻڌندڙن کي شعر شروع ٿيندي ئي خبر پئجي وڃي ته سندس قافيو فلاڻو ٿيندو.“ ابن رشيف شعر جي تعريف هن طرح بيان ٿو ڪري ”جڏهن شعر پڙهيو وڃي ته سڀڪو ماڻهو طمع رکي ته اسين به جيڪر اهڙو شعر چئي سگهون. پر جڏهن ڪوشش ڪند اته معجز بيان عاجز ٿي پوندا.“ ان سان ابن رشيف بهترين شعرکي سڃاڻڻ جو معيار ٻڌائي ٿو.
    عقدالفريد فرمائي ٿو ته، ”سڀني کان سٺو شعر جو تون چئي سگهين ٿو اهو آهي جو جڏهن ان کي پڙهيو وڃي ته ماڻهو چون ته سچ چيو اٿس.“ هن جو مطلب اهو آهي ته عقدالفريد ”اصليت“ کي شعر جو بنياد بڻائي ٿو. پر انگلينڊ جو عظيم شاعر، محقق ۽ دانشور، ”ملٽن“ سادي، اصليت ۽ جوش ٽنهي بنيادي صفتن ۽ عنصرن کي گڏي هڪ جامع ۽ مڪمل تسليم شده تعريف پيش ڪري ٿو. هن جو چوڻ آهي ته، شاعر جي ڪلام ۾ مٿيون ٽئي خوبيون ۽ خاصيتون هئڻ لازمي آهن. تڏهن ئي سندس شعر ۾ دلڪشي، پختگي، دائميت، بقا، جوش ۽ حرڪت پيدا ٿيندي.
    سادگي: سادگيءَ جو اهو مطلب هرگز نه آهي ته رڳو سولا لفظ ۽ سادا هجن عام ماڻهو سمجهي سگهن، بلڪ خيال به کڻي ڪيڏا بلند ڇونه هجن، پر پيچيده ۽ رفيق نه هئڻ گهرجي. مثال طور:

    عاشق زهر پياڪ، وِهُه ڏسي وِهسن گهڻو،
    ڪڙي ۽ قاتل جا، هميشه هيراڪ،
    لڳين لنءُ لطيف چئي، فنا ڪيا فراق،
    توڙي چڪنن چاڪ، ته به آهَ نه سلن عام سين.
    *
    پائي ڪانُ ڪمان ۾، ميان مارِ مَ مون،
    مون ۾ آهين تون، متان تنھنجو ئي توکي لڳي.
    مٿيان بيت ڪيڏا نه سادا ۽ سولا آهن پر عاميانه نه آهن. منجهن جيڪا بلند خيالي ۽ پختگي آهي سا ايڏي منجهائيندڙ نه آهي جو ماڻهو سمجهڻ کان عاجز ۽ قاصر ٿي پوي. شاهه جي ڪلام مان اهڙا هزارين مثال پيش ڪري سگهجن ٿا.
    اصليت: ملٽن صاحب جي ٻي مقرر ڪيل خوبي اها آهي ته شعر جو بنياد اصليت تي هجي، يعني تخيل جو بنياد ڪنھن اهڙيءَ شيءِ تي رکيل هجي، جنھن جو ڪو وجود هجي، باقي رڳو ڌوڪي جو بوتو يا خواب جو تماشو نه هجي جو اک کلڻ تي ڪجهه به نه هجي. شاعر جو تخيل هونئن ته سڀني رڪاوٽن ۽ بندشن کان آزاد هوندو آهي. پر واقعات جي دنيا ۾ تخيل لاءِ شاعر تي اصليت ڇاپو ڪونه ڇڏيندو. خيال ۾ اصليت تڏهن پيدا ٿي سگهندي جڏهن شاعر فطرت جو ۽ انساني مزاج ۽ طبيعتن جو ڳوڙهو اڀياس ڪندو رهندو ۽ پوءِ ان جا نتيجا اخذ ڪري سامهون آڻيندو. شاهه سائينءَ کي ان ڪسوٽيءَ تي پرکبو ته معلوم ٿيندو ته هن فطرت ۽ انساني مزاج جي هر پاسي جو ڀرپور مطالعو ۽ مشاهدو ڪيو هو. تنھنڪري هو مغربي شاعرن جي نظرئي مطابق پورو ٺهڪي ٿو اچي.
    اصليت جا مثال:

    تانگهي ۾ تاڻي، ٻڌج پنھنجو ترهو،
    اونهي ۾ آڻي، ڪونه ڏيندئي ڪو ٻيو.
    *
    نهائينءَ کان نيهن، سک منھنجا سپرين،
    سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.

    شاهه صاحب جي ڪلام جي بيان ۾ اصليت ڏسڻي هجي ته سامين، سنياسين، صرافن، وينجهارن، لوهارن، ڪنڀارن، ملاحن، ڪاتبن ۽ سوداگرن وغيره جي ڪردار ۽ سيرت م ڏسو. سهڻيءَ جي همت ۽ جرئت ۾ ڏسو. سسئيءَ جي اٽل ارادن، جدوجھد ۽ ڳولاءِ ۾ ڏسو. ليلى جي ڳهيلائي ۽ پوءِ پڇتاءُ، مارئيءَ کي وطن ۽ وطن واسين لاءِ اڪير جھڙا بيان پڙهي ڏسبو ته معلوم ٿي ويندو ته اصليت ڇا آهي ۽ ڇاکي ٿو چئجي.
    جوش: ملٽن جي نظر ۾ شعر جي ٽين خوبي ”جوش“ آهي، جنھن جو مطلب اهو ناهي ته شعر ۾ جوشيلا لفظ هجن بلڪ شعر، ماڻهن جي دلين ۾ جوش پيد اڪرڻ ۽ ڪيف طاري ڪرڻ جي خاصيت رکندو هجي. ان لاءِ جيستائين شعر ۾ اصليت موجود نه هوندي تيستائين، جوش جو پيد اٿيڻ مشڪل بلڪ ناممڪن آهي. جدت، باريڪ بيني، بلند خيالي، نزاڪت، سوز ۽ تڙپ شعر ۾ جوش پيدا ڪرڻ وارا عنصر آهن. اهي سڀ خوبيون شاهه جي ڪلام ۾ جابجا موجود آهن، جنھن ڪري هو دنيا جو وڏي ۾ وڏو شعر ليکيو وڃي ٿو.
    جوش جا مثال:
    گهڙو ڀڳو ته گهوريو، ڀڄي شل نه گهڙي،
    محبتي ميهار سين، اٿم جيءَ جڙي.
    دل ۾ تنھن دوست جي، چڻڪي نت چڙي،
    ڪُڏي پيس ڪُنَ ۾، آرن منجهه اڙي،
    ساهڙ ڪاڻ سڙي، لٽڪان لهرن وچ ۾!
    *
    ماڻهو ڏيئي مهڻا، مونکي ڪندا ڪَوه،
    جنھن ڇوريءَ ۾ ڇوه، سا پٿون ٿيندي پير تي!
    *
    هَل هنئين سين هوت ڏي، ڇپر ڇُلُ مَ تون،
    منجهان لڌو مون، ڪوهيارو ڪيچ ڌڻي.

    ڪارلائل: ڪارلائل جو نظريو آهي ته، ”جنهن شاعر جو ڪلام ڳائي نٿو سگهجي، سو ڪلام شاعري نه آهي، بلڪ اهڙي ڪلام کي لکڻ ئي اجايو آهي.“ هاڻي جڏهن دنيا جي مشھور شاعرن کي ڪارلائل جي ان معيار جي ڪسوٽيءَ تي پرکبو ته مشڪل سان ئي ڪو اهڙو شاعر لڀندو جيڪو ان مشڪل امتحان ۾ ڪامياب ٿي سگهيو هجي. هر شاعر جو ڪلام مختلف قسم جي صنفن جو ٿئي ٿو. هر ڪلام ترنم ۾ نٿو ٿئي جو ڳائي سگهجي. پر لطيف دنيا جو اهو واحد ۽ يگانو شآعر آهي، جنھن جي سموري ڪلام جي هرهڪ سٽي ڳائي وئي آهي. جنهن کي اعلى کان ادنى تائين، عالم کان جاهل تائين، پروفيسر ۽ دانشور کان جهنگ جي ڌنار تائين ڳائي ۽ سمجهي سگهي ٿو. وڏا خواه ننڍا، ٻڍا توڙي ٻار جهر جهنگ ۾، برن ۽ بحرن ۾، کيتن ۽ کرن ۾، واهڻن ۽ وستين ۾، اوطاقن ۽ اوتارن ۾ شاهه جي ڪلام کي جهونگاريندا رهن ٿا. ٻهراڙيءَ جي ٻارن ۾ پورهيت ۽ هارين ۾ شاهه جا بيت ۽ وايون آلاپـجنديون ۽ گونجنديون رهن ٿيون. ملٽن ۽ ڪارلائل جي معيرن مطابق شاهه سائينءَ جو ڪلام پرک جي ڪسوٽيءَ تي پرکي پيش ڪيو ويو.
    شاهه جو ڪلام يورپ جي ڪنھن به وڏي شاعر جي ڀيٽ ۾ مغربي نظرئي مطابق پيش ڪري سگهجي ٿو. فريڊرڪ رابرٽسن چوي ٿو ته: ”جذبات جي زبان جو نالو شاعري آهي. يا ائين کڻي چئجي ته جڏهن جذبات لفظن جو ويس ۽ روپ وٺن ٿا ته اهي شعر بڻجيو پون ٿا.“ ان اصول تي شاهه جا چند جذباتي شعر پيش ڪجن ٿا.
    (1)
    مُٺين جهل مهار، ڪُٺيس ڪاهه مَ ڪـَرهو،
    مون نماڻيءَ نجهري، ڀيرو ڪج ڀتار،
    ساجن توهان ڌار، ڏٺم ڏينهن قيام جو!
    (2)
    اَلا! ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن.

    شاهه جي ڪلام ۾ سادگي، اصليت ۽ جوش جي بجلين جو چمڪاٽ ان ڪري آهي جو هن ڪائنات جو مطالعو ۽ فطرت انساني، ۽ انساني مزاج جو گھرو اڀياس ڪيو هو. تنھن ڪري پنھنجي ڪلام ۾ جابجا فطرت نگاري ۽ نظر نگاريءَ کان ڪم ورتو اٿس. سر سھڻيءَ ۾ هڪ پاسي درياءَ جو هيبتناڪ منظر ۽ ٻئي پاسي سھڻيءَ جي جرئت ۽ دليري ڏيکاري اٿس.
    (1)
    دهشت ڌوم درياءَ ۾، جِتِ سِٽاڻا سيار،
    بيحد باگو بحر ۾، هيبتناڪ هزار،
    ساريان ڪانه سرير ۾، طاقت توهان ڌار،
    ساهڙ ڄام ستار، سگهو رسج سير ۾.
    (2)
    ڏونگر تون ڏاڍو، ڏاڍا ڏاڍايون ڪرين،
    مون تن اندر تيئن وهين، جيئن وڻ وڍي واڍو!
    برسات جو منظر:
    اڄ پڻ اتر پار ڏي، ڪڪريون ڪاريون،
    وسي ٿو وڏ ڦڙو، ٽهڪن ٿيون ٽاريون،
    لٿين لک لطيف چئي، ڍايون تاساريون،
    ڀڄنديون ڀٽاريون، وري وٿاڻين آئيون.

    شاهه جي منظر نگاري ۽ فطرت جي عڪاسي ڏسڻي هجي ته سرسارنگ ۾ برساتي دلڪش نظارا ڏسو، سر مارئيءَ ۾ پٽن، ڀٽن، ميدانن، گاهن ۽ برسات جا منظر ڏسو، سر سامونڊي ۾ سمنڊ جومنظر، سر سھڻيءَ ۾ درياءَ جون لھرون، سيرن جون سٽون ۽ ڪنن جا ڪڙڪا ڏسو. سسئيءَ جي سرن ۾ جبل ۽ ڪوهستان جو نقشو، سر ڪاموڏ ۾ ڍنڍن ۽ ڍورن جي حسين رونق کي ڏسو! جتي شاهه صاحب اهڙا ته منظر نگاريءَ جا دلڪش نقش چٽيا آهن جو عقل دنگ رهجيو وڃي. شاهه صاحب پنھنجي ڪلام ۾ انسان ذات جي طبيعت ۽ سيرت توڙي جذبات کي موقعي ۽ مھل مطابق اهڙي خوبي ۽ حسن سان بيان ڪري ٿو جو پنھنجو ڪو جواب ئي ڪونه ٿو رکي. يورپ جي اعلى شاعرن کي به ڪوهين پوئتي ڇڏي انهن کي مات ڪيو ڇڏي. حقيقت ۾ شاهدات، احساسات ۽ جذبات جي نقاشي لفظن جي ذريعي ڪرڻ شاعريءَ جو اصل مقام ۽ نالو آهي.
    مٿين مشرقي ۽ مغربي معيارن ۽ بنيادن جي ڪسوٽيءَ تي شاهه جي شاعرانه بلنديءَ کي پرکڻ کانپوءِ اسان تصديق ۽ صداقت سان ان نتيجي تي پهچون ٿا ته شاهه صاحب جي شاعريءَ ۾ اهي سموريون خوبيون هڪ ئي وقت موجود آهن، جيڪي مشرق ۽ مغرب جي شاعرن ۾ الڳ الڳ موجود هيون. تنھنڪري تحقيق سان چئي سگهون ٿا ته شاهه صاحب دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر، شاعرن جو سرتاج، هر وقت ۽ هر دور جو ترجمان، نقاش ۽ نمائندو شاعر، هر دور ۽ وقت جي بدلجندڙ حالتن جي تقاضائن جو پورائو ڪندڙ شاعر آهي.

    **


    شيخ اياز: سنڌ جو سدا حيات شاعر

    سال جي پڄاڻيءَ وارن ڏينھن جي آخري پهرن ۾ ماڻهو هڪٻئي کي نئين سال جون مبارڪون ڏئي، ايندڙ سال جو، جيڪو در تي بيٺو ڪڙو کڙڪائيندو پيو آهي، تنھن جو استقبال خوشين سان ڪندا آهن پر سال جي انهن پوين ڏينھن ۽ پھرن جو رويو اسان سان نهايت نرالو ۽ ظالمانه هوندو آهي. انهن ڏينھن ۾ اسان مٿان اوچتو ئي اوچتو غمن جو ڪونه ڪو طوفان ٽٽي پوندو آهي. اسان جي گلشن مٿان ڪو اهڙو ڪوسو واءُ لڳندو آهي، جيڪو اسان جي مرڪندڙ ۽ مهڪندڙ گلن کي بيدردي ۽ بيرحميءَ سان ڇني گلشن کان ڌار ڪري مکڙين ۽ مالهين کي ڪومائي ۽ ڪوماٽي ڇڏيندو آهي. جنھن لاءِ اسان سنڌي ماڻهن وٽ اها چوڻي عام آهي ته ”ڪوسو واءُ شل دشمن کي به نه لڳي.“ پر اسانکي ته هر سال ڪوسو واءُ پنھنجو شڪار بڻائي ٿو ڇڏي. انهن ڏينھن ۾ اسان مٿان هڪ عظيم الميو نازل ٿي پوندو آهي، جيڪو اسان جي سموري سماج کي غم ۽ ماتم جي صورت ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو آهي. اسين واڌاين ڏيڻ بجاءِ اوڇنگارون ڏئي راڙيون ڪندي روئندي، ڪنڌ ۾ ڪرايون وجهي هڪٻئي سان نفرتون ڪندا آهيون. تڏا ڪندا آهيون. اکيون آليون، دليون اداس ۽ صدمن ۾ ٻڏل، وار اڻڀا ۽ روح کي رهڙون آيل هونديون آهن.
    گذريل سال 1996ع ۾ پڻ سال جي ساڳي مهيني ۽ ساڳين تاريخن ۾ اسان کان اسان جو عظيم محقق، دانشور، تاريخدان ۽ ٻوليءَ جو ماهر جناب ممتاز مرزا ڇنو ويو. ڪيڏو نه عجيب ۽ الميو چئبو جو ساڳئي ڏينھن تي سنڌ جو مقبول ترين ممتاز ۽ منفرد قومي ڪلاڪار (ڳائڻو) جنھن جي منفرد اسٽائيل ۽ انداز سان ڳالي گيتن وادين، ٿرن، برن، بحرن، صحرائن، پهاڙن، واهڻن وستين، کيتن کرن، اوطاقن ۽ اوتارن ۾ ڌوم مچائي ڇڏي. اهو عظيم ڪلاڪار يا ڳائڻو هو”رحمان مغل عرف سرمد سنڌي“ جنھن جي ”راڙ“ جو پڙاڏو صدين تائين فضائن ۾ گونجندو رهندو. سو اسان کان هميشه هميشه لاءِ وڇڙي ويو. اهڙيءَ طرح سنڌ اهڙي مهان ڳائڻي کان محروم ٿي ويئي. دل جي انهن گهاون تي اڃا ڪڙيون ئي ڪين چڙهيون هيون، اهي زخم اڃان ڀريا ئي ڪونه ته وري سال 1997ع جو ساڳيو ڊسمبر جو آخري مهينو، مهيني جا آخري پساهه يعني آخري تاريخون، ويندي ويندي اسان مٿان ماتم جو ڪارو مينهن وسائينديون هليون ويون. ڪجهه ڏينھن اڳ سنڌ جو مايه ناز ۽ ممتاز محقق، نقاد، دانشور، شاعر ۽ سنڌي ادبي سنگت جو باني اياز قادري اسان کان وڇڙي ويو. ڳوڙهن سان اڃان جهوليون آليون هيون ته وري سائين جي.ايم سيد جي نياڻي سنڌ جي عظيم محقق، تاريخدان، دانشور ۽ شاهه لطيف جي پارکو سانئڻ ڊاڪٽر درشھوار سيد لاڏاڻو ڪري ويئي. سنڌي ماڻهو اڃا ان صدمي ۾ تڏي تي ئي ويٺا ئا ته تاريخ 97-12-28 تي اوچتو ئي هڪ زوردار ماتمي آواز جو ڌماڪو ٿيو. جنھن سموري سنڌ کي لوڏي ڇڏيو. غم جي هڪ لهر ڇانئجي ويئي. هر فرد غم ۽ سناٽي جي گڏيل ڪيفيت ۾ مبتلا ٿي ويو. جڏهن اخبارن، ريڊيو تان اها دردناڪ ۽ دلسوز خبر آئي ته سنڌ جو مهان قومي شاعر ۽ نثر نويس ”شيخ اياز“ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. اها خبر ڇا هئي، هڪ آتش فشان پھاڙ هو، جنھن جي ڦاٽڻ جا آواز سنڌ کان به تمام پري پري ڏورانهن ملڪن تائين گونجڻ لڳا.
    ”ڏات وڏي شيءِ ناهي، پر سچ وڏي شيءِ آهي.“ موت هڪ اٽل حقيقت آهي، جنھن کان نه ته انڪار ڪري ٿو سگهجي ۽ نه وري ڪنھن تان ڪڏهن ٽري سگهي ٿو. فقط ڏسڻو هي آهي ته ڪھڙو انسان ڪھڙي قسم جي موت مري ٿو. ان مرڻ کي ڏسڻ آهي. هڪڙا انسان جيئري ئي مُردن مثل هوندا آهن. طوفانن سان گڏ گھلبا ۽ رهڙبا رهندا آهن. انهن ۾ ڪوبه وزن ۽ سماج ۾ ڪابه اهميت نه هوندي آهي. انهن کي نه پنھنجي مرضي هوندي آهي ۽ نه پنھنجو اختيار. اهڙا ماڻهو هو اجي جُهوٽن وهيڻا هوندا آهن. هڪڙا انسان مرڻ کان اڳ پنھنجي نفسياتي حرص ۽ هَوَسَ وارين پٽيندڙ خواهشن کي ضابطي ۾ آڻي. پاڻ ۾ روح جي سجاڳي پيدا ڪري ٿو وٺي. تڏهن هُو موت کان اڳ پاڻ کي ماري حقيقي زندگي جو ادراڪ حاصل ڪري ٿو وٺي. اهو سڀڪجهه تڏهن ٿي سگهندو آهي، جڏهن موت جي فلسفي تي غور ۽ فڪر ڪري ان جي حقيقت ۽ اهميت کي پرکڻ جو ادراڪ حاصل ڪيو وڃي. اهڙا انسان مري به زنده رهن ٿا. اهڙا انسان هر دور ۽ هر حالتن ۾ پنھنجي فڪر، فلسفي ۽ تخليقات جي صورت ۾ زنده رهن ٿا ۽ هر دور ۾ رهبري ۽ رهنمائي ڪندا رهن ٿا. اهڙن انسانن لاءِ لاکيڻي لطيف فرمايو ته:
    مرڻا اڳي جي مئا، مري ٿين نه مات،
    هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جِئا.
    برابر شيخ اياز ان حقيقت جي بنياد تي زندگيءَ ۽ موت جي فلسفي کي ڄاڻندي، زندگيءَ ۾ زندگيءَ جي تلاش ڪندي انساني قدرن کي اجاگر ڪيو. هُو برابر موت کي مات ڏئي هليو ويو. شيخ اياز جي مرتئي تي سندس خدمتن ۽ عظمتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ اسان جا تمام وڏا وڏا ناميارا ۽ ممتاز مفڪر، دانشور، اديب، شاعر، مصور ۽ محقق لکي رهيا آهن ۽ لکندا پيا. جن کي لکڻ جو ڏانءُ به آهي ته ڏات به. جن وٽ لکڻ جو رنگ به آهي ته ڍنگ به. پر مون ادنى انسان وٽ لکڻ جي نه ته ڏات آهي ۽ نه ڏانءُ. نه مشاهدو آهي نه مطالعو. بس ائين رنڊن روڙڻ وارو حال آهي. پر مان به ان سماج جو ئي هڪ فرد آهيان جن لاءِ اياز لکيو، لوڙيو، سوچيو ۽ لوچيو. تنھن ڪري اسان تي پڻ اهو اخلاقي، انساني ۽ ادبي حق ٿو ٿئي ته ان عظيم انسان جي عظمت کي ٻن اکرن جو خراج تحسين پيش ڪري ان ڪُراڙيءَ مسڪين، پر محبتڻ عورت جيان يوسف جي خريدارن ۾ پنھنجو نالو داخل ڪرائجي.
    شيخ اياز هڪ ڀرپور علم ادب، ڏات ۽ ڏاهپ جو ادارو هو. هڪ صديءَ جي تجربن، مشاهدن، تبديلين ۽ نتيجن جي هڪ ليبارٽري هو. جنھن ۾ هن ڪيترائي تجربا ڪري ادبي دنيا ۾ نيون نيون ايجادون منظرِ عام تي آنديون. هن دنيا جي جديد صنفن کي پنھنجي ادبي ۽ فني صلاحيتن ۽ جوهرن سان سنڌي سماج جي مزاج مطابق بڻائي، سنڌ جي ادبي گلشن ۾ انهن صنفن جي اهڙي ته ڪاريگري سان پيوندڪاري ڪئي جو اهي ڄڻ ته اڳـ۾ ئي سنڌي تمدن جو حصو هئا. اهڙيءَ طرح اهي صنفون سنڌي ادب جو اٽوٽ حصو بڻجي ويون ۽ سنڌي تمدن ۾ رنگجي رچي ريٽو بڻجي ويون. انهن ۾ سنڌي سماج، تاريخ ۽ تمدن، ٻولي ۽ منظرنگاريءَ جا اهڙا ته عڪس ڀريا ويا جو انهن مان اوپرائپ جو احساس ۽ تصور ئي ختم ٿي ويو.
    شيخ اياز جو مرتيو سنڌي ادب لاءِ تمام وڏو الميو ۽ سانحو آهي. ان خال کي ٿوري وقت ۾ آسانيءَ سان ڀري نٿو سگهجي. شيخ اياز خاڪي جسماني طور تي ته اسان کان هميشه هميشه لاءِ جدا ٿي ويو. هاڻي هو هڪ اهڙِ ننڊ ۾ ستل آهي، جتي ڪوبه خواب لهي نٿو سگهي. پر اياز پنھنجي تاريخ ساز ادبي خدمتن، تخليقن ۽ ڪارنامن جي صورت ۾ هميشه زنده رهندو. اياز جملي 75-ڪتاب نظم ۽ نثر ۾ لکيا جن مان 55 ڇپيل ۽ 20 اڻ ڇپيل اٿس. هنئن ته اياز جي هر تصنيف ۽ تخليق تاريخ ساز ۽ پنھنجو مٽ پاڻ آهي. پر اياز جو جيڪو منھنجي نظر ۾ سڀ کان وڏو ادبي ڪارنامو آهي. سو آهي شاهه لطيف جي رسالي جو اردو زبان ۾ منظوم ترجمو ڪرڻ. هي ترجمو ايڏو ته اثر انگيز، جامع ۽ وزندار ۽ پر ڪيف آهي، جيئن عمر خيام جي رباعين جو ترجمو فٽز جيرانڊ“ انگريزي زبان ۾ ڪيو هو. شيخ اياز اهو ادبي ديانتدار آهي، جنھن کي عوام طرفان، سماج پاران ۽ ڪائنات کان جيڪي به ۽ جھڙيءَ طرح امانتون مليون سي سموريون جيئن جو تيئن ذري پرزي ڪري دکي انسانن ڏانهن آخري پساهن تائين واپس ڪيون. هيءَ اها ادبي صداقت آهي، جيڪا ڪنھن ڪوي، اديب يا دانشور کي ادبي معراج ۽ عظمتن جي بلنديءَ تي پھچائي ٿي. شيخ اياز ان اصول تي آخري دمن تائين قائم ۽ دائم رهيو. اياز دنيا جي انهن چند عظيم اديبن، مفڪرن ۽ شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو جن تي سندن زندگيءَ ۾ ئي تنقيد ڪئي وئي.
    جھڙيءَ طرح هڪ عظيم مفڪر، اديب، شاعر، دانشور يا مصور جي سامھون ڪي عظيم آدرش ۽ مقصد هوندا آهن، جن کي بنياد بڻائي ادب ۽ آرٽ جي پليٽ فارم تان ادبي تخليقات جي روپ ۾ پنھنجي فڪري پيغام انسان ذات کي ڏيندو آهي. ان لحاظ کان اياز وٽ به انساني برابري، سماجي ۽ معاشي انصاف، امن ۽ اظھار جي آزاديءَ جي اصول غير انساني ۽ غير فطري مت ڀيدن ۽ هٿ ٺوڪين طبقاتي تصورن جي خاتمي جهڙا عظيم آدرش هئا. جن جي حاصلات لاءِ هن سموري زندگي لکيو ۽ وڙهيو. زندگيءَ جي ڪنھن به محاذ ۽ مورچي تي ڏسبو ته پاري ۾ ڪاڙهي ۾ لُڪن ۽ جهولن ۾، روهن ۽ رڻن ۾، برن ۽ ٿرن ۾، ڌرتتيءَ جو تتل واريءَ مٿان اياز ڊڪندو، ڊوڙندو ۽ لُوهُون پائيندو نظر ايندو. جڏهن به ٿورو ٿڪ ٿو محسوس ڪري ته چوي ٿو:

    ڪا ترائي هجي، ڇانوَ ڇانئي هجي،
    اُڃَ منھنجي ٻُجهي، مان پوان آهِلي.

    اياز، انسان جي هر ڏکايل رڳ ۾ موجود آهي. هن انسان جي جملي احساسن، جذبن، آرزوئن، اميدن ۽ عملن جي نهايت بيباڪيءَ ۽ جرئتمنديءَ سان ترجماني ۽ نمائندگي ڪئي آهي. هن ڪنهن به موڙ تي ڪنهن به ڪيفيت ۾ مصلحتون ڪونه ڪيون. اياز جي عظيم شاعري ظلم ۽ جبر، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ، وحشت ۽ بربريت ۾ ڏڪڻي ۽ جنبش پيدا ڪري، ظالم ۽ جابر سامراج جي سيني ۾ گهاوَ ڪري مظلوم ۽ ڏيل ڏکويل انسانن کي حوصلو ۽ همت، قوت ۽ توانائي بخشي ٿي. سندس شاعري روشن امڪانن ۽ اميدن جا عڪس پيش ڪري وڌيڪ تيزيءَ سان محنت، جدوجھد، ايڪتا، اتحاد، الفت ۽ ڳولا لاءِ انسانن ۾ اتساهه پيدا ڪري ٿي. اياز جي شاعري امر آهي. ان کي وقت ۽ دور جي تبديل ٿيندڙ حالتن جون ويرون لَٽي، لوڙهي ۽ بي اثر ڪري نٿيون سگهن. ڇو ته اياز شاعر آهي، نظم نويس نه آهي. شآعر جي شاعري ڪڏهن به بي اثر ۽ پراڻي نه ٿيندي آهي. اها هروقت، هر حالتن، هر دور ۾ تازي، اثر انگيز، پرجوش ۽ پرڪيف ۽ دلڪش هوندي آهي. هر دور جي تقاضائن مطابق نئين سج جو نئون پيغام هوندي آهي. شيخ اياز به انهن شاعرن منجهان آهي ۽ سندس شاعريءَ جو معيار به ايترو ئي بلند آهي. شيخ اياز جي شاعري اها شاعري آهي، جنھن جون پاڙون انساني جذبن، احساسن، اميدن ۽ تقاضائن، فطرت ۽ ڪائنات جي گهراين ۾ کتل ۽ پهتل آهن. جن کي دنيا جي ڪابه تبديلي لوڏي نٿي سگهي. اياز جي شاعريءَ ۾ فطرت ۽ ڪائنات جا سڀ رنگ ۽ منظر موجود آهن، جيڪي هر دور جي انسان کي متاثر ڪندا رهندا.
    **


    نارائڻ شيام

    دنيا ۾ هڪڙا شاعر ڪجهه شاعر ۽ ڪجهه شخص هوندا آهن. پر ڪي انسان هڪ ئي وقت شخصيت به هوندا آهن ته شاعر به. سندن شخصيت شاعريءَ جو عڪس ۽ شاعري سندن شخصيت جو تفسير ۽ آئينو پيش ڪندي آهي. ”نارائڻ شيام“ به اهڙن منفرد ۽ عظيم شاعرن مان هڪ هو. سندس شاعري ۽ شخصيت هڪ ئي حقيقت جا ٻه روپ هئا.اهي ٻئي هڪٻئي کان الڳ ڪين هئا. شاعري، سندس زندگيءَ ۽ فڪر جي زبان ۽ مڪمل واقفيت هئي. جيڪا ڳالهه هن ذاتي زندگيءَ ۾ محسوس ڪئي، اها ئي هن شاعريءَ ۾ سواءِ ڪنھن ڌڙڪ جي چئي ڏني. جيئن هڪ هنڌ چوي ٿو:

    ڪھڙي دنيا مُٺيءَ جي ڳالهه ڪريون،
    اگهه اکيون، کِلَ خوشيءَ جي ڳالهه ڪريون.
    موت تي روئبو به پر هاڻي،
    مرڪندڙ زندگيءَ جي ڳالهه ڪريون.
    بس خوشي اڄ جي، ٽھڪ پڻ اڄ جا،
    هِنَ گهرِءَ هُنَ گهڙيءَ جي ڳالهه ڪريون.

    شاعر هميشه سونھن جا متلاشي ٿيندا آهن. ليڪن هڪڙا نفس پرست ۽ خواهشن جا تابعدار، هلڪڙي سطح جا شاعر سونھن لاءِ جسم جي ڳولا ڪندا آهن. اهڙا شاعر انساني قدرن ۽ انساني تھذيب کي پائمال ڪري ڇڏيندا آهن. ليڪن هڪڙا شاعر سونھن، سچ، امن۽ خير جا متلاشي ٿين ٿا. اهي جسمن ۾ سونھن پسڻ نه چاهيندا آهن، بلڪ هُو فطرت جي هر رنگ ۾ سونھن جون ريکائون ۽ محبوب جو مشاهدو ماڻي سگهندا آهن. اها ئي اصل سونھن آهي، جيڪا پائدار ۽ هرجاءِ تي موجود آهي. شيام اهڙي سونھن جو عاشق آهي. حب الوطني سندس رڳ رڳ ۾ سمايل هئي. سندس حياتياتي (Cells) سنڌوءَ جي مٽيءَ، پاڻي ۽ هوا مان جڙيل هئا. هن سنڌوءَ جي ڪک مان جنم ورتو هو. سنڌ ڌرتيءَ سان پھريون ڀيرو سندس اک آشنا ٿي هئي. پھرين لولي کيس سندس جيجل ماءُ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڏني هئي. ان لوليءَ واريءَ ٻوليءَ سان شيام آخري پساهن تائين نڀائيندو رهيو. هُو چوي ٿو:
    ”گنگا جمنا امرت امرت،
    ليڪن ٿڃ ته سنڌو آهي.“
    شيام جي شاعريءَ ۾ اصليت، سادگي، جوش، جذبات، جدت، منظرنگاري، بيان جي اثر انگيزي، حب الوطني، نزاڪت، نفاست، خيال جي بلندي ۽ فڪر جي گھرائيءَ وارا سمورا عنصر پاريون ڪيون پلٽيا پيا آهن. شيام، شعور جي بلنديءَ تي بيھي عقابي نظرن سان فطرت، ڪائنات، ڌرتي ۽ ڌرتيءَ تي وسندڙ ۽ واپرجندڙن جي ڳالهه ڪري ٿو. اها ئي هڪ وڏي شاعر جي شاعرانه عظمت آهي.
    هڪ هنڌ شيام چوي ٿو:
    عشق کي بڻجي وري، مٽجي وڃڻ جو آه شوق،
    حسن کي مٽجي وري، موتي بنجڻ جو آه شوق.
    ڪيئن نظر يڪجا ٽڪي ان حسن تي سگهندي ڀلا،
    جنھن کي ڪڏهن گل ۽ ڪڏهن رخ ٿيڻ جو آه شوق.
    مٿئين شعر ۾ شيام سائنسي بنيادن تي شين کي شاعرانه طريقي سان بيان ڪرڻ ۽ سمجهائڻ جي بي مثال ڪوشش ڪئي آهي.
    زندگيءَ ۾ ذاتي خودغرضي ۽ انانيت جي نفي ڪندي ”ڪين“ ٿيڻ جو درس ڏيندي شيام چوي ٿو:
    پنھنجي آپي کان اچ ٻاهر،
    ناهين جڳ ۾ تون ئي هڪڙو.
    هو چوي ٿو ته ”اي نارائڻ تون پنھنجي ڏات ۽ ڏاهپ تي غرور ۽ گهمنڊ نه ڪر. اها ته نھايت خسيس ۽ سطحي سوچ آهي.“ اَنا ۽ تڪبر وارا ڪڏهن به محبوب جو مشاهدو ماڻي نه سگهندا آهن. ڌڻي ته ڀورن تي ڀال ڪندڙ آهي. جڏهن تون پاڻ کي ”ڪين“ بڻائيندين تڏهن ئي تون عظيم ۽ امر بڻجي ويندين. تنھنجي مِٽي به مانائتي بڻجي پوندي.
    هو چوي ٿو ته ”هن سنسار ۾ توکان سواءِ ٻيا به ڪيترائي قطارن جيان، تو کان وڌيڪ ڏاها، عالم، اديب، شاعر، مفڪر ۽ دانشور دنيا ۾ پيا آهن. جن جي علم ۽ دانش ڏات ۽ ڏاهپ اڳيان تون بيھي به ڪونه سگهندين.“
    شيام، مکڻ ماڻهو هو، مکڻ جيان اڇو اجرو، نرم ۽ نفيس انسان. مھمان نوازي ته وٽانئس ڪو سِکي. شيام جيترو ڳنڀير ۽ سنجيدو انسان هو، اوترو ئي کلڻو ملڻو ماڻهو هو. محفلن ۾ اهڙا ته چرچا ڀوڳ ڪندو هو، جو عقل دنگ رهجي ويندو هو ته ايڏو مھان ڪوي ۽ حساس دل انسان ۽ عام زندگيءَ ۾ وري ايترو ئي زنده دل ۽ کل مک وارو انسان. کلائي کلائي محفل وارن کي کيرو ڪري ڇڏيندو هو. عام ڪچھرين ۾ هو ٻارن ۾ ٻار، جوانن ۾ جوان ۽ ٻڍن ۾ ٻڍو هوندو هو.
    دوستو! عام انسان جي زندگي ۽ شاعر جي زندگيءَ جي مفھوم ۾ زمين آسمان جو فرق ٿئي ٿو. عام انسان جي اڳيان زندگيءَ جو مقصد کائڻ، پيئڻ، دولت هٿ ڪرڻ، عياشيون ڪرڻ، شان شوڪت ۽ دٻدٻو قائم ڪرڻ ۽ مري وڃڻ. جڏهن ته شاعر جي اڳيان زندگيءَ جو مقصد ڪي آدرش، ڪي اصول، کوجنا، تجديد، تحقيق، وقتي ۽ فطري تقاضائن جو شعور. زندگيءَ ۾ زندگيءَ جي تلاش، جدوجھد ۽ انساني شعور جي بيداري، ڪائنات ۽ فطرت ۾ اصولن جي ڳولا هوندو آهي. شاعر جي زندگيءَ جو مقصد انسان جي جملي احساسن، امنگن، جذبن، اميدن، ڪيفيتن ۽ حالتن کي محسوس ڪري انھنجو اظھار ڪرڻ به هوندو آهي. شاعر انسان ذات جا امين، نمائندا ۽ ترجمان هوندا آهن. اهي ڪائنات ۾ ۽ سماج م انسان جو صحيح مقام ۽ مرتبو حاصل ڪرڻ جي جدوجھد ڪندا آهن، جنھن جي عيوض کين سوريءَ سزاوار ٿيڻو پوندو آهي. اذيتون ۽ عذاب سَھڻا پوندا آهن. پر پوءِ به اهي حالتن سان مصلحتون ڪونه ڪندا آهن ۽ وڏي واڪي حق جو آواز بلند ڪندا آهن.
    شاعر پنھنجي فڪر ۽ حسين خيالن کي لفظن جون تصويرون چٽيندڙ اهڙا مصور آهن، جن مان زندگيءَ جامختلف روپ جهلڪا ڏيو پيا نظر ايندا آهن. شيام به اهڙن شاعرن منجهان هو جنھن جي اڳيان لفظ قطارون ڪيون انتظار ۾ بيٺا هوندا هئا. جيڪو سندس شاعريءَ ۾ آيو ته امر بڻجي ويو.
    شيام جون هيٺيون 9-تصنيفون تمام گهڻيون مشھور آهن.
    ”ماڪ ڦڙا“- شاعريءَ جو مجموعو جنھن م غزل، نظمون ۽ گيت آهن. 1953ع ۾ شايع ٿيو.
    ”پنکڙيون“ هن ۾ رباعيون ۽ روپ مايا چوڏسيون آهن. 1955ع ۾ شايع ٿيو.
    ”رنگ رتي لھر“ هري دلگير هن جو مھاڳ لکيو. 1957ع ۾ ڇپيو.
    ”روشن ڇانورو“ 1962ع ۾ ڇپيو.
    ”ماڪ ڀنا رابيل“ شاعريءَ جو مجموعو، 1964ع ۾ ڇپيو.
    ”آڇيندي لڄ مران“ 1972ع ۾ ڇپيو.
    ”وادئ ڀريو پلاند“، 1968ع ۾ ڇپيو.
    ”مھڪي ويل صبح“، 1983ع ۾ ڇپيو.
    ”نه سورنگ نه سا سرهاڻ“، 1987ع ۾ ڇپيو.
    ان کان علاوه شيام جي اڳ ڇپيل اخبارن ۽ رسالن ۾ شاعريءَ کي گڏ ڪري هڪ مجموعو ”ڏات ۽ حيات“ جي عنوان سان شايع ڪيو ويو آهي. شيام کي سنڌي ڪلاسيڪي شاعري، فارسي ڪلاسيڪي شاعري، جپاني هائيڪو ۽ جديد مغربي شاعريءَ جو اونھو اڀياس ٿيل هو. سندس شاعريءَ ۾ انھن سڀني جو ميلاپ سھڻو نظر اچي ٿو. دوهو، سورٺو، بيت، وائي، سانيٽ، نظم، گيت، غزل، هائيڪو، رباعي، ترائيل ۽ آزاد نظم وغيره سڀني صنفن کي هڪ ئي وقت وڏي آساني، روانيءَ ۽ مھارت سان لکي سگهي ٿو.
    شيام 22 جولاءِ 1922ع ۾ ڳوٺ کاهي قاسم ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ ديوان گوڪلداس به هڪ سٺو شاعر هو. شيام بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي.اي پاس ڪئي (فارسيءَ ۾ بي.اي ڪئي اٿس). شيام ڏهين جنوري 1989ع تي دهليءَ ۾ وفات ڪري ويو.
    ڪير ڄاڻي ”شيام“ جھڙو ٻيو وري ٿيندو ڪڏهن،
    ڪن صدين جي بعد شايد، پر به هو ايندو ڪڏهن،
    شاعريءَ کي هھڙا دُهرا دانَ ٻيو ڏيندو ڪڏهن.
    (هري دلگير).
    **


    علي احمد بروهي: شخصيت ۽ علمي ادبي خدمتون

    هر انسان جو هن مختصر حياتيءَ جي پردي تي ڪونه ڪو ڪردار ضرور هوندو آهي، جنھن کي هو شعوري يا لاشعوري طور تي ادا ڪري اسٽيج تان هٽي ويندو آهي. هڪڙا انسان زندگيءَ کي کائڻ، پيئڻ، آسائش ۽ عيش عشرت ۽ ڇڙواڳيءَ کي مقصد سمجهندا آهن. اهي ماڻهو زندگيءَ جي حقيقت کان ۽ مفهوم کان ناآشنا ۽ اڻ ڄاڻ حيوانن مثل هوندا آهن. انهن جي اندر حيواني جبلتون ڀريل هونديون آهن، اُهي نفس ۽ اندر ۾ لڪل وحشي جذبن جا پوڄاري ۽ تمنائي هوندا آهن. هنن کي ڪائنات ۽ فطرت جو حسن، رنگيني ۽ روشني هرگز ڏسڻ ۾ نه ايندي آهي. اهي زندگيءَ جو فقط اونداهون پاسو ئي پسي سگهن ٿا. جي طوفانن سان گڏ گھلبا ۽ رهڙبا ويندا آهن. انهن جي حيثيت سماج ۽ فطرت ۾ ڦوڪڻي برابر هوندي آهي، جيڪو هوا جي جهوٽن وهيڻو هوندو آهي. هن کي پنهنجي ڪابه حيثيت ۽ اختيار نه هوندو آهي. جنهن پاسي جي هوا لڳندي سندس رخ به ان طرف هوندو. دنيا ۾ مختلف قسمن جا طوفان ۽ سيلاب وقت بوقت ايندا پئي رهيا آهن، ته ان وقت اهڙن ماڻهن جي حيثيت ڪک پن جيان هوندي آهي، جيڪي سيلابن سان گڏ لڙهي ويندا آهن. انهن کي پنھنجي ڪابه زبان نه هوندي آهي. اهي اشارن جي زبان سمجهندا ۽ ڳالهائيندا آهن. هڪڙا ماڻهو پنهنجي علم ۽ قلم کي پنهنجن خواهشن ۽ ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪندا آهن، جيڪو علم انهن لاءِ پيڙائن جو نانگ بڻجي کين پٽيندو ۽ کائيندو رهندو آهي. اهي جيئن جيئن وڌيڪ علم حاصل ڪندا آهن، تيئن تيئن سندن حرص ۽ هوس ۾ واڌارو ايندو ويندو آهي، جنھن ڪري اهي علم جي اصل حقيقت کي لوڙهي ڇڏيندا آهن. اهي ماڻهو فقط ڊگرين ۽ عھدن کي ئي علم جو مقصد ڄاڻندا آهن، جا سندن سراسر ڀُلَ آهي. انهن جو علم دل جي بصيرت جي تابع هوندو آهي. هو ماٺ مطالع ڪري، ڪائنات، فطرت ۽ انساني مزاج ۽ روحاني تھذيب تي غور ۽ فڪر ڪري زندگيءَ جي اصل حقيقت معلوم ڪندا آهن. جيڪي انسان نفساني خواهش تي ضابطو ۽ اختيار رکندا آهن، تڏهن انهن جو روح بيدار ٿي پوندو آهي ۽ سندن دل ۾ هڪ وسيع ۽ لامحدود ڪائنات جنم وٺندي آهي. اهي انسان انهن سوالن جا صحيح جواب ۽ حل تلاش ڪندا آهن ته ڪائنات ڇا آهي؟، زندگي ڇا آهي؟، موت ڇا آهي؟، ڪائنات جي تخليق جو سبب ڇا آهي؟ ۽ ڪائنات ۾ انسان جو اصل مقام ۽ مرتبو ڪھڙو آهي؟، هي اهڙا سوال آهن جن کي سچا صوفي ۽ سچا دانشور، مفڪر ۽ انساني زندگيءَ جا پارکو ئي سمجهي انهن جا جواب تلاش ڪري انسان ذات لاءِ سنئين ۽ سڌي راهه متعين ڪري سگهن ٿا. اهي انسان زندگيءَ کي پنھنجي اختيار ۾ آڻي ان کي پنھنجي مرضيءَ تي هلائيندا آهن. جڏهن ته اسان زندگيءَ جي پويان بي مقصد ڊوڙندا ٿا وتئون. زندگي اسان کي پنھنجي اشاري تي هلائي رهي آهي. پر لطيف سائين فرمائي ٿو ته:
    ”لوڪ هلي لهوارو، تون اُڀو وَهُه اڀار.“
    اهي عظيم ۽ رهنما انسان زندگيءَ جي مامَ پروڙي مٿينءَ ڀر هلندا آهن، جنھن لاءِ جيئن قدرت پيدا ڪيو آهي. جڏهن ته اسين ٽنگن ڀر هلڻ سکيا آهيون. جن انسانن مَنُ ماري، نور نچوئي ”ڪين جي مامَ پروڙي دانشورن، محققن، اديبن، شاعرن ۽ عالمن ڪائنات جي نظام، زندگيءَ جي رمزن ۽ رازن تي غور ۽ فڪر ڪيو آهي. فطرت ۽ انساني مزاج جو ڳوڙهو اڀياس ڪيو آهي، ۽ سچ کي نروار ڪيو آهي، تن مان اسان جي سنڌ جو سپوت، اهل دل، اهل نظر، عظيم دانشور، محقق، ٻوليءَ جو ماهر، شاهه جو پارکو، سچو سڄاڻ، ليکڪ، زندگيءَ جو مصور ۽ نقاش، سچ جو ساٿي، محترم سائين علي احمد بروهي صاحب به هڪ آهي.
    مون جھڙي علم ۽ ادب کان اڻ واقف، زندگيءَ جي شعور کان هٽيل ڪوهين دور عاجز انسان کي ڇا مجال آهي جو بروهي صاحب جن جي بلند، ڀرپور ۽ ڪامل شخصيت، سندن علمي، ادبي ۽ فڪري پرواز ۽ صلاحيتن تي لکان، يا سندن روحاني تهذيب، اخلاقي بلندي، انساني، علمي ۽ سماجي خدمتن تي لکي سگهان، پر هڪ فرمانبردار خادم جي حيثيت ۾ مان پنھنجو فرض ٿو سمجهان ته ڪجهه لکي پنھنجو حق ادا ڪري سگهان. بروهي صاحب ڪنهن جي تعريف يا خوشامد جو محتاج ڪونهي. ڇاڪاڻ ته پاڻ بذات خود تاريخ ساز شخصيت جا مالڪ آهن. تاريخ جا ورق سندن آجيان لاءِ منتظر آهن.
    بروهي صاحب جن جون علمي ادبي خدمتون تاريخ جي دل وارن ورقن ۾ لکيون وينديون. پاڻ ذاتي زندگيءَ ۾ بيحد شفيق، مھربان ۽ محسن انسان آهن. سندن وٽ ادنى ۽ اعلى جو ڪوبه تصور ڪونهي. پاڻ هر انسان جي آڌيءَ مانجهيءَ مدد ۽ همدردي ڪندا آهن. هرڪنھن جا هڏ ڏوکي ۽ يار آهن، سندن مزاج ۾ تنگ نظري، ڪٽرپڻي، قدامت پسندي، علمي فخر، وڏ پڻائي، پاڻپڻي، ظاهري ڏيک ويک، ٺٺ ٺانگر، ۽ ماڻهن کان پاڻکي مٿڀري سمجهڻ، علمي ۽ ادبي برتري مڃائڻ جي اڻ سڌيءَ طرح ڪوشش ڪرڻ وغيره جھڙن عنصرن جو نالو نشان به ڪونهي. ڇاڪاڻ ته پاڻ، پاڻ وڃائي پاڻ کي حاصل ڪيو اٿن. پاڻ وڃائڻ سان ئي زندگيءَ جي حقيقت ماڻي اٿن. سندن دل ۾ امن، پيار، محبت ۽ سچائيءَ جي هڪ وسيع ڪائنات وسندڙ آهي. پاڻ فطرت جي هر چيز ۾ وحدت جو حسن ۽ جلوو پسن ٿا. سندن ذهن انسان جي ٺاهيل تنگ ۽ محدود گول دائرن ۽ پنجوڙن کان بلڪل مٿانهون آهي. جتي ڪوبه مت ڀيد ڪونهي. جتي ڪابه نفرت ۽ ڇڪتاڻ، اٽڪل ۽ چالبازي ڪونهي. اتي فقط سڳنڌ ۽ سرهاڻ آهي، جنهن جو واس مرجهايل ۽ جهريل جيءَ کي تازگي ۽ توانائي ڏئي ٿو. اهڙن انسانن لاءِ لطيف فرمايو آهي ته:
    سرمو سفيديءَ جو، جڏهن پاتو جن،
    تڏهن ڏٺي تن، اَڇائي عالم ۾.
    بروهي صاحب جن هن وسيع ڪائناب ۾ سچ ۽ سونهن جا متلاشي آهن، علم ادب، ڏات ۽ ڏاهپ ته ڄڻ قدرت طرفان هن خاندان کي ورسي ۾ مليل آهي. ويتر سنڌ جي عظيم مفڪر، دانشور، محقق عالم ۽ سچي صوفيءَ علامه آءِ آءِ قاضي صاحب جن سان گھرن لاڳاپن، صحبت، ان جي تعليم ۽ تربيت سبب سندن علمي فضيلت ۽ ادبي ۽ فڪري بلنديءَ کي چوڏهن چنڊ لڳائي ڇڏيا. سندن علم جي اعتراف طور هڪ ڀيري حضرت علامه صاحب پنھنجي فرمانبردار شاگردن کي مخاطب ٿيندي فرمايو هو ته، ”مونکي افسوس آهي جو منھنجي علم جو ڪوبه وارث ٿي نه سگهيو. اوهان مان هڪ بروهي اي- ڪي بروهي صاحب (علي احمد بروهي صاحب جن جو وڏو ڀاءُ) ئي آهي، جنهن مون مان گهڻو ڪجهه علم پرائي ان کي هضم به ڪيو آهي.“
    علي احمد بروهي صاحب جن جي زندگيءَ جو هر پاسو بنيادي شعور سان ڀرپور پلٽيو پيوآهي. ڇاڪاڻ ته سندن بنيادي تربيت ۽ حواسي ترقي شعور صالح سان ٿي. علمي ادبي اداري ۽ تجربيگاهه ۾ اک کوليائون. جنھن ڪري کين پهرين لولي ئي علم ۽ شعور جي ملي. پاڻ بلند پايي جا بيباڪ بھادر صحافي ٿي گذريا آهن. صحافت جي پليٽ فارم تان پاڻ کلم کلا حق ۽ صداقت جي آواز کي بلند ڪندا رهيا. اتان پاڻ وڏيءَ جرئت ۽ بيباڪيءَ سان ۽ سچ جي هٿيار سان مظلوم ۽ دکي انسانن جي نمائندگي ۽ ترجماني ڪري، عوام جي دل جي ڌڙڪن بڻجي ويا. پاڻ ڪڏهن به مصلحتن خاطر ڪنھن به حقيقت تي ڪک ڪونه رکيائون، بلڪ سچ کي انوکي انداز ۽ اسٽائيل ۾ جرڪائي پڌرو ڪيائون. صحافت جي ذريعي ئي علم و ادب ۽ ٻوليءَ جي آبياري ڪندا رهيا. ادب ۾ نت نوان تجربا، فارم ۽ اسٽائيل روشناس ڪرائي، هتان جي عوام، ثقافت، ٻوليءَ جي مزاج ۽ تھذيب جي مواقف بڻائي، سنڌي ادب جي گلشن کي وڌيڪ سگهارو، دلڪشن ۽ سڳنڌ وارو بڻائي ڇڏيائون.
    بروهي صاحب جن طنز وَ مزاح ذريعي علمي، ادبي ۽ سماجي تنقيد جي هڪ دلچسپ، اثـر انگيز ۽ انوکي اسٽائيل ايجاد ڪري ادبي کوٽ جو پورائو ڪيو. سندن انداز عام ۽ ٺيٺ لھجي واريءَ ٻوليءَ ۾ هوندو آهي، جنھن ۾ اصليت ۽ سادگيءَ جا عڪس پاريون ڪيو پلٽيا پيا هوندا آهن. جنھن ڪري سندن لکڻين ۾ اهو اثـر آهي ۽ اهو واحد ليکڪ آهي، جو جڏهن به سندن لکڻي ڪنھن اخبار يا رسالي ۾ ڇپبي آهي ته ماڻهو ان کي چاهه ۽ روح سان پڙهندا آهن، جيئن ڪنھن نئين ليکڪ جي پهريون ڀيرو ڪا تخليق ڇپي هجي. جنھن سان هو بيحد خوشي محسوس ڪندو آهي. اهڙيءَ طرح ماڻهو بروهي صاحب جي لکڻين کي پنھنجون لکڻيون ۽ پنھنجي من جون روح رچنديون سمجهي انهن کي پڙهن ٿا. ان کان علاوه منھنجو اهو ذاتي تجربو ۽ اکين ڏٺي ڳالهه آهي ته ڪيترائي نوجوان بروهي صاحب جن جي مضمونن جون وڏي تعداد ۾ فوٽو ڪاپيون ڪرائي، پنھنجي معلومات ۽ ڏانءَ حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ وٽ محفوظ ڪري رکندا آهن.
    علم بابت سندن چوڻ آهي ته، اڄڪلهه هڪڙا ماڻهو علم جو مقصد فقط معلومات کي سمجهن ٿا. ۽ هڪڙا ماڻهو علم حاصل ڪن ٿا محض ذاتي مقصدن، غرضن ۽ دولت ڪمائڻ، عهدن ۽ ڊگرين حاصل ڪرڻ لاءِ. اهڙيون سوچون رکڻ بلڪل ڀل آهي. اهي علم جي حقيقت کان بي خبر آهي. اهو علم کين پريشانين ۽ پيڙائن کانسواءِ ڪجهه ڏئي نٿو سگهي. علم اهو آهي، جنھن مان اها خبر پوي ته زندگي ڪيئن گذارجي ۽ ڪنھن جي لاءِ بسر ڪجي؟ علم اهو آهي، جنھن ۾ ڪائنات، فطرت ۽ انساني مزاج جو مطالع ڪيو وڃي. زندگيءَ کي سمجهڻ لاءِ فطرت جي هر پھلوءَ جو غور سان مطالعو ۽ مشاهدو ڪري، نتيجا حاصل ڪري، انهن کي عملي زندگيءَ ۾ داخل ڪيو وڃي. اهو علم، جنھن سان روح کي سجاڳي ملي، اندر جي اک کلي، جيڪو علم دل جي بصيرت جي تابع هجي. اهو ئي علمي معراج آهي، جنھن سان خلق کي وڌ ۾ وڌ فائدو پهچائي سگهجي. سندن چوڻ آهي ته اڄ جڏهن اسان علم جي حقيقت کان هٽي ويا آهيون، تڏهن اسان ۾ ڪا حرڪت ۽ وسعت پيدا ڪونه ٿي ٿئي زندگيءَ جو ڪوبه نصب العين مقرر ڪونهي، زندگي بيٺل پاڻيءَ جيان سينوارجي بدبودار بڻجي چڪي آهي. منزل جي ڪابه خبر ڪونهي. ائين ئي بي مقصد ڀٽڪندا ٿا وتئون. اها ڪمال درجي جي بدنصيبي آهي جو سڌي واٽ ڇڏي، زندگيءَ کان روپوش ٿي وتئون ٿا جهرجهنگ جهاڳيندا. ”پاڻيءَ مٿي جهوپڙا، مورک اڃ مرن.“ وارو حال آهي. نتيجو هيءُ نڪتو آهي جو انسان ذات هاڻوڪي روپ ۾ پنھنجي زندگيءَ جو اصل مقصد وڃائي چڪي آهي. جنھن ڪري اسان جي سماج ۾ خودڪشيءَ جا لاڙا پيدا ٿي چڪا آهن. جيئن ته زندگي ۽ سندس ”مقصد حيات“ ٻئي ساڳي ڳالهه آهن، ان ڪري جتي به زندگي پنھنجو مقصد وڃائي ٿي ويهي اتي سندس زنده رهڻ واري خواهش ئي ختم ٿي وڃي ٿي. پوءِ آدمي پالتو جانور کان ويندي وحشي درندي واري دور ۾ دائري ۾ داخل ٿي پنھنجي قوت فڪر وڃائي ٿو ڇڏي. جيسين وري ڪا تخليقي شخصيت اچي کيس غفلت واريءَ ننڊ مان بيدار ڪري ۽ کيس ڪنهن مقصد ۽ احساس سان لاڳاپي ڇڏي. پاڻ وڌيڪ چون ٿا ته ”اندر ۽ ٻاهر وارا ٻئي چھرا هڪجھڙا اڇا اجرا نه ٿيندا، جيستائين قلب ۽ قالب جي موافقت نه ٿيندي، تيستائين انسان جي اصلاح ٿيڻ ناممڪن آهي.“
    ان لاءِ ڪنھن رهبر ۽ سونهين جي صحبت جي ضرورت آهي.
    جيئن لطيف سائين فرمايو آهي ته:

    لکين لوڙائو، سھسين سُڃَ ۾،
    بـَرَ ۾ بورائو، کڻج پيادي پاڻ سين.

    سندن خيال آهي ته اسان جي زندگيءَ جي ٻيڙي سواءِ ڪنھن سڙهه، ونجهه ۽ ناکئي جي هلي رهي آهي. هيءَ دنيا جا درياهه مثال آهي، پر اسان کي ان جي سِيرُن، ڪُننَ، دهشت ۽ خطرن ۽ ڪنارن جي ڪابه ڄاڻ ڪونهي ته پوءِ ان ڪشتيءَ جو ڪھڙو حال ٿيندو. جيئن لطيف فرمايو ته:

    ڪالهه وڌائين ڪُنَ ۾، جاڏا جُنگَ جھاز،
    تنھنجي اڄ تراز، آهي آر اکين ۾.

    پر وري لطيف سائين رهنمائي ڪندي، رهبر بڻجي ڏَسُ ڏيندي فرمائي ٿو ته:

    ڪاهي وڃ تراز کي، منجهان موج ملاح،
    سُونهن جي صلاح، وٺ ته وِيرِ لنگهين وڃين.

    سندن خيال آهي ته انسان جي بخشش ۽ بلنديءَ جو هڪ ئي طريقو آهي، نياز نوڙت، عجز ۽ انڪساري. اهو عمل خدا پاڪ وٽ به بيحد مقبول آهي. دل ۾ محبت رکڻ ۽ خوديءَ جو خاتمو، اهي خاص انساني خصلتون آهن. باقي عقل، طاقت، دولت ۽ علم تي غرور ۽ تڪبر ڪرڻ انساني دائري کان بلڪل ٻاهر آهي. قدرت هميشه ڀورن تي ڀال ڪندي آهي. کيس سچ گهڻو پسند آهي.
    جيئن لطيف سائين فرمايو آهي ته:

    اَلا! ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن،
    مون سان مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا.

    سندن چوڻ آهي ته اڄڪلهه بي معنى ۽ فرسوده روايتن ۽ ريتن رسمن تي ماڻهو ڳنڍ ڏيو بيٺا آهن، جنھن ڪري زندگيءَ جو ٻيو روشن پهلو پَسي نٿا سگهن. بي مقصد ۽ حقيقتن جي ابتڙ ريتون انسان کي وڻ ويڙهيءَ جيان وڪوڙي سندس شعور جي امرت رَسُ پي ڇڏن ٿيون. انسان محدود ۽ تنگ دائرن ۾ بند ٿي وڃي ٿو، جنھن ڪري سندس ذهني سوچ ۽ خيال جون سرحدون وسيع نٿيون ٿين. سندن خيال آهي ته زندگي ڪنھن به نصب العين مقرر ڪرڻ کانسواءِ بيڪار ۽ حيوانن جيان آهي، جڏهن ته مقصد سواءِ عمل ۽ جدوجھد جي فقط خودفريبي ۽ ديوانگيءَ جو خواب آهي.
    ادب بابت سندن خيال آهي ته ادب قومن جو ترجمان ۽ عڪاس هوندو آهي. ادب حقيقت ۾ حسن، خير، امن ۽ سچائيءَ جو نانءُ آهي. ادب ۾ زندگيءَ جا اهي سمورا ڪتاب اچي وڃن ٿا جن ۾ وسعت نظري، بلند خيالي، ڪشاده دلي، سنجيدگي، سچائي، فڪر جي عادت ۽ حق جي ڳولا شامل آهن. ادب ۾ ئي انسان جي سمورن احساسن ۽ جذبن تي اثرائتي بيان سان بحث ڪيو وڃي ٿو. ادب مان ئي ڪنھن قوم جي ذهني قلبي ڪيفيات، حواسي ترقي، شعوري سطح، فڪري ۽ نظرياتي ترقي، تھذيبي، ثقافتي، روحاني، اخلاقي، روايتي، سياسي، سماجي، معاشي حالتن ۽ ترقيءَ جو پتو لڳائي سگهجي ٿو. ادب انساني زندگيءَ جو تفسير ۽ آئينو هوندو آهي، جنھن مان ان قوم جا چٽا پٽا عڪس ڏسڻ ۾ ايندا آهن. ادب ۾ انسان جي سمورن احساسن ۽ جذبن جو اظھار وري هڪ شاهوڪار ۽ ترقي يافته ٻوليءَ ذريعي ڪيو وڃي ٿو.
    سترهين صديءَ جي اڌ ڌاري دنيا جنھن ڊگر تي هلي رهي هئي سا يڪسر بدلجي وئي. دنيا ۾ زندگيءَ جي هر شعبي ۾ نئين تحقيق ۽ تجديد سان انقلابي تبديليون آيون. مقصديت وارو تخليقي ادب روشناس ٿيو. دنيا ۾ نون خيالن، نظرين ۽ تصورن جنم ورتو. ادبي تخليقن ۽ تحريرن سبب ئي ماڻهن جي بيٺل سوچن کي متحرڪ بڻايو ويو. شعور جي هڪ اهڙي لهر آئي جو قطارن جيان اديب، دانشور، مفڪر ۽ سائنسدان پيدا ٿيا.
    اهو ادب ئي آهي، جنھن سان دنيا ۾ سماجي انقلاب آيا. فرسوده ريتن رسمن ۽ ڏند ڪٿائن جي جاءِ تي عقل، علم ۽ شعورجاءِ والاري. ان لحاظ کان سنڌي ادب عالمي سطح جي ان عروج تي پهتل آهي جو دنياجي ترقي يافته مشرقي ۽ مغربي ادب ۽ اديب جي مقابلي ۾ سنڌي ادب ۽ اديب وڏي اعتماد ۽ فخر سان پيش ڪري ٿو سگهجي. ڇاڪاڻ ته سنڌي ادب انهن سمورن جديد مقرر ڪيل ادبي معيارن، اصولن ۽ ماپن تي پورو پورو ٺهڪي اچي ٿو. پر بروهي صاحب جن کي موجوده ادبي صورتحال کان سخت ڳڻتي ۽ مايوسي آهي، ڇاڪاڻ ته اڄڪلهه رڳو صحافتي ادب تي زور آهي. جنھن ۾ فطرت ۽ انساني مزاج جو عڪس ۽ لاڳاپو نظر ڪونه ٿو اچي جيڪو ڪنھن به تخليق کي آفاقي حيثيت بخشي ٿو.
    اڄڪلهه سھل پسنديءَ جو رجحان وڌي رهيو آهي. تنقيد ۽ اصلاح لاءِ سـھـپ ۽ بـردبـاري مشڪل ئي ٿي ڏسجي. هر ڪنھن کي جهٽ پٽ علاءُ الدين جي ڏيئي وانگر ڪنهن وڏي اديب بنجڻ جو جنون ۽ شوق آهي. رڳو شاعريءَ تي لٺ پئي ٿي لڳي هزارن جي تعداد ۾ شاعر ٿي پيا آهن، پر افسوس جو نثر ڏانھن ڪنھن جو ڪو خاص ڌيان ڪونهي. ڇو ته اهو ڪجهه اوکو پنڌ آهي، جنھن لاءِ تجربو ۽ مطالعو گهرجي. اڄڪلهه سنڌي ادب ۾ اخبارون ۽ رسالا رڳو ترجمن سان ڀريا پيا آهن، باقي تحقيقي، تنقيدي تخليق جو مڙئي ٿيو خير! هن وقت سنڌي ادب ۾ تخليقي ۽ نثري ادب جي تمام وڏي کوٽ محسوس ٿي رهي آهي. جنھن لاءِ بروهي صاحب جن ڳڻتيءَ جو اظھار ڪندي چون ٿا ته دنيا تيزيءَ سان نون تجربن، تحقيقن، تنقيدن جديد اسٽائيل ۽ لاڙن سان اڳتي وڌي رهي آهي ۽ اسين اوترو ئي تيزيءَ سان پوئتي وڃي رهيا آهيون. اگر اها ئي افسوسناڪ حالت رهي ته اسين تقريباً هڪ صدي پوئتي هليا وينداسين، جيڪا وٿي پُر ڪرڻ نهايت مشڪل ٿي پوندي. تنهنڪري غور ۽ فڪر، مطالعي ۽ مشاهدي کانسواءِ وڏي اديب بنجڻ جا خواب ڏسڻ اجايا آهن. تيستائين ڪوبه اديب ڪوبه ادبي آفاقي شاهڪار تخليق ڪري نٿو سگهي، جيستائين هو فطرت، انساني مزاج، ثقافت ۽ تھذيب، انسان جي معاملاتي ۽ نفسياتي زندگيءَ جو ڀرپور اڀياس نٿو ڪري. پاڻ فرمائن ٿا ته، اڄوڪي نوجوان ليکڪ جو ذهن ۽ شعوري سگهه تمام گهڻي تيز آهي، هنن ۾ ادبي چاهه، ڏانءُ ۽ ڏات به آهي. باقي جيڪڏهن ٿورو به پاڻ ۾ غور ۽ فڪر، سنجيدگي ۽ سھپ جي عادت پيدا ڪن ۽ ڪائنات ۽ فطرت جو سنجيدگيءَ سان مطالعو ڪن ۽ مشاهدو ماڻن ته ٿوري ئي وقت اندر وڏا ادبي شاهڪار جن ۾ انساني مزاج ۽ فطرت جي هم آهنگي ۽ موافقت هجي، تخليق ڪري دنيا جي وڏن اديبن جي صف ۾ شامل ٿي سگهن. اسان جو اديب دنيا جي ڪنھن به اديب کان گهٽ ناهي.
    بروهي صاحب جن اهي واحد اديب آهن، جيڪي ادب ۽ ٻوليءَ تي هميشه گھري نظر رکيون ايندا آهن. جڏهن به اديب يا ٻوليءَ کي ڪو نقصان رسڻ جو انديشو ڏسندا آهن ته سڀ کان پهريائين پاڻ انهن علامتن ۽ عنصرن جي سڃاڻپ ڪري آواز بلند ڪندا آهن. جيئن ته پاڻ ٻوليءَ جا پڻ وڏا ماهر ۽ پارکو آهن.
    سنڌي ٻوليءَ بابت سندن خيال آهي ته سنڌي زبان دنيا جي انهن چند ترقي يافته، وسيع ۽ زرخيز زبانن مان هڪ آهي جن ۾ هڪ شيءِ لاءِ تمام گهڻا ۽ الڳ الڳ الفاظ ۽ نالا هوندا آهن، جيڪي پنھنجي اندر الڳ الڳ معنى ۽ مفھوم رکندا آهن. مثال: اُٺَ ۽ ٻيڙي وغيره جا تمام گهڻا نالا آهن، جي الڳ الڳ وقت، ڪيفيت ۽ حالت کي ظاهر ڪندا آهن. ٻيو ته سنڌي زبان ۾ جاذبيت جي خاصيت موجود آهي، جيڪا ٻين ٻولين جي لفظن کي پنھنجي اندر جذب ڪري، انهن کي پنھنجي مزاج، ماحول ۽ فارم ۾ تبديل ڪري ٿي. جاذبيت وارو اهو عمل ٻوليءَ جو تمام مٿانهون معيار آهي، پر سنڌي ٻوليءَ جي موجود بگڙجندڙ صورتحال کان کين بيحد مايوسي ۽ ڳڻتي آهي. جڏهن سنڌي اخبارن ۾ غير سنڌي لفظ سنڌي زبان ۾ عام استعمال ٿيڻ لڳا، جن جي معنى ۽ مفهوم عام ماڻهوءَ کي سمجهه ۾ اچڻ جھڙو ئي نه هو، تڏهن پاڻ نهايت جرئت ۽ بيباڪيءَ سان پنھنجو قلم ۽ علم استعمال ڪري، ”اخبارن جي ٻوليءَ تي سرسري نظر“ جي عنوان سان هڪ تحقيقي، تنقيدي ۽ اصلاحي مضمون لکيائون. جنھن ۾ انهن لفظن جي عالمانه انداز ۾ نشاندهي ڪيائون جيڪو ”روزانه هلال پاڪستان“ جي 2-آڪٽوبر 1992ع تي ڇپيو اهو ساڳيو مضمون سنڌ جي عظيم محقق،دانشور، تاريخدان ۽ ٻوليءَ جي ماهر جناب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جن ”سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو“ جنھن جا پاڻ چيئرمين آهن، طرفان ڪتابي صورت ۾ ٻيهر شايع ڪرايو.
    بروهي صاحب جن جي ان مضمون جو نموني طور هڪ ٽڪرو پيش ڪجي ٿو، ”هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته صحافت (جرنلزم) کان مراد آهي ئي اهڙو ادب جو ٿڏي تي ۽ تڙ تڪڙ ۾ سرانجام ڏنو وڃي. هونئن به اخبار جي ڄمار آهي ئي گهڻي؟ ڪل چار پھر. رات ڀر ڀٽاري سورنهن سينگار ڪري ٺهي جڙي ڪنوار ٿي صبح جو پڙهندڙن جي ور چڙهي، ۽ وري شام جي ٽاڻي رنڙ ٿي دربدر رلندي وتي. پوءِ ڪي مٿس ترس آڻي کيس پڪوڙن ويڙهڻ ۾ سڪارتو ڪن ته ڪي بي رحم وري منجهس پراڻا پادر پارسل ڪن. خود اخبار جي اڏاوت ۽ اوساري پڻ پنجن يا ڇهن ڪلاڪن ۾ مس رچي راس ٿئي ٿي. باقي وقت جي سيڙپ ٿئي ٿي اخبار جي ڇپائيءَ ۾. ايجنٽن وٽ پھچ ۽ گراهڪن ڏانهن ورڇ ۾. اهو ئي ڪارڻ آهي جو اخبار جي رپورٽرن، خطن يا سب ايڊيٽرن کي ڳاٽي ڀڳي رفتار تي خبرن جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ گهڙائي ڪرڻي ٿي پوي. ظاهر آهي ته اهڙي وٺ پڪڙ جي صورتحال ۾ سواءِ تجربيڪار صحافيءَ جي، ٻئي ڪنھن سيکڙاٽ کي ڪهڙي مجال جو مواد کي ٺاهي جوڙي ۽ وري ساڳئي وقت کيس وارنش سان پالش ڪري ۽ جرڪائي به! وقت جي ڀيڙ ۽ ڀڄ ڀڄان ۾، اسان جا نوجوان صحافي پوءِ خبرن جو پورائو ڪرڻ لاءِ زور رکن ٿا اردو اخبارن جي انڌاڌنڌ ترجمن ڪرڻ تي! نج ۽ ٺيٺ سنڌي لفظ ته وڃي کڏ پيا، پر عام فهم اکرن جي به ڄاڻ نه هئڻ ڪري هو ڌڙا ڌڙ اردو اکر استعمال ڪندا ٿا رهن. اهو ئي سبب آهي جو اوهان کي سنڌي اخبارن اندر ”مثبت، تشخص، مزاحمت، منتشر، محصورين، مداخلت“ جھڙا ڦوڙاٽ اکر عام جام سنڌيءَ جي سيني تي مڱ ڏريندي نظر ايندا. وڌيڪ ۽ وڏو ويل وري انهن مچايو آهي جي اردو اکر ته استعمال ڪن ٿا الاجي نه، پر هنن همراهن وري پنھنجا هٿرادو ۽ جڙتو اکر گهڙڻ تي سندرو ٻڌو آهي، جي لفظ نه لغت ۾ آهن ۽ نه وري رواج ۾!
    نوان لفظ جوڙڻ ڪو خراب ڪم ڪونه آهي، بلڪ جن ملڪن جا ماڻهو ترقي پسند هوندا آهن ۽ منجهن علم ادب جو ذوق شوق جام هوندو آهي. اتي هنرمند ڪاريگر، دانشور، هنرمند، فن ۽ ادب ۾ نيون نيون ڳالهيون ايجاد ڪندا آهن. نوان لفظ ايجاد ڪرڻ يا ڌارين اکرن جي استعمال ڪرڻ تي ڪا بندش نه آهي، پر شرط اهو آهي ته پنھنجي ٻوليءَ ۾ جڏهن ڪا کوٽ هجي يا اڻاٺ! ته پوءِ سڀڪجهه جائز آهي. چوندا ڪين آهن ته ”ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي“.
    ٻوليءَ جي هاڻوڪي بگاڙ ۾ جنس جو غلط استعمال سر فهرست آهي، خاص طور جڏهن جملي ۾ ڌارين ٻولين جا اکر ڪتب آندا ٿا وڃن. مثال: ”آپريشن“ انگريزي اکر آهي، جنھن جي معنى آهي، ”ڊاڪٽر وڍ ڪٽ، جراحي يا ڪاروائي.“ جنس جي لحاظ کان هي لفظ مونث طور ڪتب ايندو آهي، پر اڄڪلهه هن لفظ ک جنس مذڪر طور عام استعمال ڪيو وڃي ٿو ته، ”آپريشن ٿيندو يا ڪيو ويندو.“ آپريشن هميشه ٿيندي آهي يا ڪئي ويندي آهي. نه فقط آپريشن پر اهڙا هڙئي انگريزي اکر جن جي پٺ ۾ ”شن“ لاڳو ٿيل هجي سي سڀني جنس مونث ۾ استعمال ڪيا ويندا آهن، جيئن ”ٽرانسليشن، ڊڪٽيشن، ڪوآپريشن، سيپريشن“ وغيره. هي اصول سڄاڻ استادن اڳيئي مقرر ۽ طئي ڪري ڇڏيا آهن. هن ڏس ۾ فقط هي چوڻ ڪافي نه آهي ته لاڙ ۾ اسان وٽ آپريشن ٿيندو آهي، نه وري هي ڪو مناسب دليل آهي ته ڊاڪٽري آپريشن ٿيندي آهي، باقي ملٽر آپريشن ٿيندو آهي. سنڌي ٻوليءَ جا اڪثر لفظ عدد واحد توڻي عدد جمع ٻنهي ۾ هوبهو هڪجھڙا استعمال ڪيا ويندا آهن. جيئن ”سوچ سمجهه- خيال“ وغيره. هن ڏس ۾ اسان جا ڪي اديب اردوءَ جي نقش قدم تي هلندي سنڌي اکرن کي هروڀرو پڇ ٻڌي ”جمع“ بنائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. سنڌيءَ ۾ ”ياد“ واحد توڻي جمع آهي، پر اڄڪلهه هن لفظ جي ٻيڙي سير تي آندي وئي آهي. ڪڏهن ”يادون“ ٿا لکن ته ڪڏهن وري ”ياديون“ جيڪڏهن کين جمع ۾ لکڻ جي لاچاري آهي ته پوءِ ”يادگيريون“ چئي سگهن ٿا ۽ نه ”يادون“. ساڳيءَ طرح سنڌيءَ ۾ ”سوچ“ جو جمع ”سوچون“ نه آهن، پر ”سوچ“ سڀني جي آهي. اوهان جي سوچ، سڀ جي سوچ يا جڳ جھان جي سوچ. اوهان جڏهن به اهڙن لفظن جو جمع ۾ اظھار ڪندا ته سمورو مامرو بي سُرو ٿي پوندو. مثال طور، ”مائيءَ ڀاڳيءَ اڄ کار چاڙهي آهي.“ پر جيڪڏهن جمع ۾ به اوهان ”کارُ“ بجاءِ ”کاريون“ لفظ استعمال ڪندا ته مونجهارو ٿي پوندو.
    هي برابر آهي ته اڄڪلهه سنڌي ٻولي وارثن هوندي سوندي ڇوري ڇني آهي ۽ ساڻس ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ تي ڪا جَهلَ پَلَ آهي ئي ڪانه! جيئن چوڻي آهي ته انڌي جي جوءِ جو الله واهي آهي. پر تڏهن به شڪر الحمدالله جو اڃا ڪي آهين جوڳي جُوءِ ۾. جن کي نه فقط ٻھڳڻ ٻوليءَ سان هٿو پائي ڪرڻ تي ڪهڪاءُ ٿو اچي يا کين اندر ۾ چھنڊڙيون ٿيون پون، پر سندن رت به ٿو ٽھڪي. اوهان ڏٺو هوندو ته ويجهڙائيءَ ۾ ٻن ٽن مضمونن جي ڇپجڻ تي ئي ايترو اثرائتو رد عمل ٿيو جو ڪراچيءَ جي سنڌي اخبارن کان اردو اکر ائين اوچتو ئي غائب ٿي ويا، جيئن گڏهه جي مٿي تان سڱ. اسان جي پنھنجي اديبن ۽ صحافين ۾ وڏيون اميدون آهن ته هو سنڌي ٻوليءَ جي ستر، سونهن ۽ صحت جي بيحد حفاظت ڪندا. هونئن به اسان وٽ پنھنجي سڃاڻپ لاءِ ٻيو رکيو ئي ڇا آهي؟ سواءِ امڙ ٻوليءَ جي! کيس ويس وڳا پھرائي، اڇو اجرو رکڻ بجاءِ جي پاڻ بيھي سندس لوئي ليڙون ڪريون ته اها هڪ ٽرئجڊي ٿيندي.“
    هي ته هئا اهي خيال جي مون ناچيز خادم، علي احمّد بروهي صاحب جن لاءِ پيش ڪيا. جن مان بروهي صاحب جن جي علمي بصيرت، ادبي ۽ فڪري، ذهني۽ روحاني بلنديءَ جا چٽا عڪس پسي سگهجن ٿا. زندگيءَ جو سڌو گس ڳولي سگهجي ٿو. ان کان علاوه ٻوليءَ سان سندن محبت ۽ ٻوليءَ تي سندن مهارت جو اندازو به لڳائي سگهجي ٿو. اهڙن عظيم انسانن جي صحبت مان ئي اسان کي زندگيءَ جي حقيقت معلوم ٿي سگهي ٿي. اهڙن انسانن لاءِ لطيف سائين فرمايو آهي ته:

    تانسين ساڻن اور، جانسين آهينِ اوطاقن ۾،
    ڏهه ڏهه ڀيرا، ڏينهن ۾، پاڻ مٿانئن گهور،
    ويا جي هنگلور، ڪـَرَمَ ملندءِ ڪاپڙي.


    نوٽ: هيءَ معلومات مون بروهي صاحب جن جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل تحريرن منهنجي رهنمائيءَ خاطر شفقت ۽ ٻاجهه مان، مون خادم ڏانهن وقت بوقت جيڪي خط لکندا رهندا آهن، تن تان حاصل ڪئي آهي. (سرور منگي)

    **


    محمد علي پٺاڻ : شخصيت ۽ علمي ادبي خدمتون

    انسان فاني آهي. ان کي هڪ ڏينھن هيءَ رنگين ۽ دلڪش دنيا اَوَسِ ڇڏڻي ئي آهي. هي سلسلو اول کان وٺي شروع آهي ۽ جاري رهندو پيو اچي. هڪڙا وڃن پيا، ٻيا اچن پيا. زندگيءَ جي سڀ کان وڏي سچائي موت آهي. موت ئي زندگيءَ جي حقيقت آهي. انسان ڪيڏانھن اچي ٿو ۽ ڪيڏانهن وڃي ٿو، قدرت جو اهو هڪ تمام اونهو اسرار آهي. جنهن کي پرکڻ ۽ پرجهڻ سچن صوفين، سالڪن، عشاقن ۽ عارفن جو ئي ڪم آهي. هيءَ اها مامَ آهي جنھن کي ڪو ڪو پروڙي ٿو سگهي. نه ته هر ڪنھن جي وس جي ڳالهه نه آهي. هي ظاهر جا علم ۽ ادارن جون وڏيون وڏيون ڊگريون، حرفتون ۽ صخن گريون، عقلي ڌُڪا ۽ دليل، لفظن جي ڪيمياگريءَ سان انهن اسرارن کي معلوم ڪرڻ محال آهي. انهن رازن ۽ رمزن کي اهو ئي رسي ٿو سگهي، جنھن جي اندر جون اکيون ۽ دل جون دريون کليل هجن. جنھن پنھنجي مَنَ جي تارَ کي انسان ذات جي قـلـبـي ڪيـفـيـتـن ۽ حِسن (Senses) مان گذاريو هجي. جنهن اهو ساز ڇيڙيو هجي، جنهن اها تار تنواري هجي، جنهن مان هر انسان جي روح ۾ پيهي ويندڙ نغمي جو اهو سريلو آواز ڦٽي نڪري جيڪو هوائن جي آڌار تي وادين ۽ ماٿرين ۾، ندين جي لهرن ۾ پڙاڏو بڻجي محبت، امن ۽ ايڪتا جو پيغام ڏيندو ۽ گونجندو رهي. هي اهو گيت آهي جنھن کي ڪابه روايتي، طبقاتي، سماجي ۽ سياسي سرحد ۽ حدبندي نه آهي. هن گيت ۾ ڪوبه مت ڀيد، ڪوبه فرقو يا گروهه، ڪابه رسمي ۽ روايتي ڪوڙڪي يا ڍٻي نه هوندي آهي. هي گيت هر قسم جي ڪٽرپڻي، تنگ نظري ۽ انسان جي هٿراڌو ٺاهيل تنگ دائرن کان تمام مٿانهون هجي ٿو. هي گيت ان مقام تي ڳونجي ٿو جتي فقط امن آهي، الفت آهي، سچائي آهي. حسن ۽ خير آهي. اتحاد ۽ ايڪتا آهي. جتي ڪابه دوئي ڪانهي. هر طرف کان ساجن سامهون پيو نظر ايندو، جيڏانهن نهاربو ته محبوب جو مشاهدو پيو ماڻبو. انسان جي عظمت ۽ امرتا جو ماپو ۽ ڪاٿو وڏين ڊگرين، اعلى منسبن، دولت جي انبارن ۽ فردن جي افرادي قوت سان لڳائي نٿو سگهجي. اهي شيون انسان کي عظيم ڪونه ٿيون ڪن. پر اهو ڪو ٻيو فھم آهي، اها ڪا ٻي سوچ آهي جيڪا انسان کي عظمت جي بلندي تي پھچائي ٿي. هڪڙا انسان زندگيءَ جو مقصد کائڻ پيئڻ، عياشي ڪرڻ ۽ ڇڙواڳي سمجهندا آهن، انهن جي نظرن ۾ انساني تھذيب ۽ اخلاق ڪابه معنى نه رکندا آهن. اهي ماڻهو اندر ۾ لڪل وحشي جذبن ۽ خواهشن جا تمنائي ۽ غلام هوندا آهن. اهڙ انسان جيري ئي مئل هوندا آهن، يعني جيئري، مردن مثل هوندا آهن. اهي انسان طوفانن ۽ سيلابن سان گڏ گھلبا ۽ رهڙبا رهندا آهن. اهي ماڻهو هن ڪائنات ۾ هوا جي جُهوٽي وهيڻا هوندا آهن.ا هڙن ماڻهن جي زندگيءَ جي حيثيت ڪک پن مثل هوندي آهي جنھن ۾ ڪوبه وزن ناهي هوندو، جو هڪ جاءِ تي ٽڪ ڏئي بيهي رهي. اهڙن ماڻهن کي نه پنھنجي زبان هوندي آهي ۽ نه پنھنجو اختيار! هنن جي سطحي سوچ يا ته سمونڊ مٿان گج جي ڦورن تي هوندي آهي، جڏهن ته ان جي هيٺان موتي ۽ جواهر به موجود هوندا آهن. يا ته ڪنھن ڪِني دُٻي ۾ ڪنگ جيان ڪُرڙيءَ تي نظرهوندي اٿن. جيئن سلطان الاولياء جن فرمايو ته:
    سڪ روحاني سامئين، جسمي جاهلن،
    ٻگهن مڇي مَنِ، پارس پسن ڪين ڪي.
    لاکيڻي لطيف فرمايو ته:
    اڇو پاڻي لڙ ٿيو، ڪالوريو ڪنگن،
    ايندي لڄ مرن، تنھن سَرَ مٿي هنجڙا.
    انهن جو بس اهو ئي ايترو ئي (Approach) انداز فڪر هوندي آهي. اهڙا انسان پنھنجي علم کي جڏهن پنھنجي حرص هَوَسَ، خواهشن ۽ ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪندا آهن. تڏهن اهو علم سندن رهبري ۽ رهنمائي ڪرڻ بجاءِ پيڙائن ۽ پريشانين جو نانگ بڻجي هميشه سندن دل ۽ دماغ کي پٽيندو ۽ کائيندو رهندو آهي. سندن روح هميشه بيچين ۽ بيقرار رهندو آهي. تنھن لاءِ لطيف فرمايو ته:
    پڙهيو پيا پڙهن، ڪڙن ڪين قلوب ۾،
    پاڻا ڏوهه چڙهن، ورق ورائين وترا.
    اهڙا انسان حرص ۽ هوس جي انڌ ۾ ڪڏهن به حقيقي زندگيءَ جي حسن ۽ خوبصورتيءَ کي پسي ڪونه سگهندا آهن. اهي هر نيڪيءَ کان محروم رهندا آهن. اهي انساني وقار ۽ انساني قدرن کان نا آشنا رهن ٿا، بلڪ انساني آپي کان ئي ٻاهر نڪتل ٿين ٿا. هو ٻي ڪابه حقيقت علمي فضيلت ۽ عقلي دليل ٻڌڻ لاءِ به تيار نه هوندا آهن. سندن اڳيان اگر علم ۽ عقل جي ڳالهه نڪرندي آهي ته هو نفرت ۽ بيزاري ظاهر ڪندا آهن. اهڙا ماڻهو ماڻهن کي بيوقوف بنائڻ لاءِ ڳالهيون ته وڍين واريون ڪندا آهن، پر هوندا آهن ٿلها متارا جھڙا سانَهه. کاهوڙڪي هامَ هڻندا آهن، آڳڙين واريون رسمون پيا ڪندا آهن، مگر انهن ڪڏهن هڪ تيليءَ جيتري تابش به نه ڏٺي ۽ سَٺي آهي. ڌوڌا، عشق جا اُلا سِرَ تي سهڻ، محبت واري مچ ۾ ڪڏي ڪاهي پوڻ ته تمام پري جي ڳالهه آهي، هتي ته اهو گهرجي جنھن جو اندر اڌ هجي. پر لطيف جي چواڻي ته،
    ”اڃا ڪي آهينِ، ڪل جڳ ۾ ڪاپڙي.“
    ڪي اهڙا عظيم ۽ امر انسان به ڌرتيءَ جي هن گولي تي رهن ٿا، جن جي ڪري هن سنسار جي گلشن ۾ مکڙيون مھڪن ٿيون. موتين جيان تن مٿان ماڪ ڦڙا ڪرن ٿا. چيٽ ۽ چانڊوڪيون هڪٻئي سان کيچلون ڪن ٿا. هن سماج مان سڳنڌ ۽ سرهاڻ اچي ٿي. جيڪي ويرانين ۾ ويهي اميد جي ٽٽل تارن کي جوڙي امن ۽ محبت جا سُرَ ۽ سنگيت سجائن پيا. بانسريءَ مان اها سوز ڀري آلاپ ڪري ڪيئي من مگن پيا ڪن. اهڙا به آهن جي اونداهي ٻاٽ ۾ ڏيئو بڻجي چمڪي پوندا آهن. جن جي لاٽ مان ٻيا به ڪيئي ڏيئا ٻري پوندا آهن. ڪي اهڙا به آهن جي انسان جي هٿ جي ٺاهيل غير فطري، غير انساني ۽ غير تھذيبي تنگ ۽ محدود دائرن، ريتن ۽ رسمن جي ڄارن ۽ پنجوڙن کي ٽوڙي پنھنجي علم ادب ۽ فڪر جي سرحدن کي وسيع ۽ لامحدود ڪري ڇڏيندا آهن. جتي ڪابه سرحد نه هوندي آهي. جتي ڪابه طبقاتي ۽ گروهي ۽ فرقيواريت جي ڇڪتاڻ نه هوندي آهي. اهي پنھنجي علم کي دل جي بصيرت جي تابع بڻائيندا آهن. تڏهن انهن ۾ روح جي سجاڳي پيدا ٿيندي آهي ۽ جڏهن انسان ۾ روح جي سجاڳي پيدا ٿئي ٿي ته هن اڳيان ڪائنات جا ڪيئي راز ۽ اسرار نروار ٿين ٿا. اهڙا انسان علم کي فقط معلومات جو ذريعو نٿا سمجهن بلڪ ان کي زندگي، فطرت ۽ ڪائنات جي حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ استعمال ۾ آڻن ٿا. اهڙا انسان لفظ ”ڪين“ جي هر پاسي کان اصل مفهوم کي سمجهندي، پاڻ ۾ پيهي پاڻپڻي کان پاڻ وڃائي پاڻ کي حاصل ڪندا آهن. جڏهن ڪو انسان پاڻ وڃائي پاڻ سڃاڻي ٿو وٺي ته وقت جون ويرون هن کي ڪڏهن به وڃائي نٿيون سگهن. هو تاريخ جي هر دور ۾ زنده رهي ٿو. اهڙا انسان سڀڪجهه ڄاڻندي به ڪي ڪين ڄاڻندا آهن. اهي ماٺ مطالع ڪري انسان، ڪائنات ۽ فطرت تي غور ۽ فڪر ڪري اصل حقيقتون معلوم ڪندا آهن. اهي انسان انهن سوالن جا صحيح جواب ۽ حل تلاش ڪندا آهن ته ڪائنات ڇا آهي؟ زندگي ڇا آهي؟ موت ڇا آهي؟ ڪائنات جي تخليق جو سبب ڇا آهي؟ ڪائنات ۾ انسان جو اصل مقام ۽ مرتبو ڪهڙو آهي؟ اهي اهڙا سوال آهن جن کي سچا صوفي، مفڪر، دانشورن، شاعر، اديب ۽ انساني زندگيءَ جا پارکو ئي سمجهي انهن جا جواب تلاش ڪري انسان ذات لاءِ سنئين، سڌي ۽ روشن راهه متعين ڪري ڏين ٿا. اهڙا انسان زندگيءَ کي پنھنجي اختيار ۾ آڻي ان کي پنھنجي مرضيءَ تي هلائيندا آهن. اهي زندگيءَ جا امين ٿين ٿا. جڏهن ته اسين زندگيءَ جي پويان پويان بي مقصد ڊوڙندا ٿا وتئون. اسان ظاهري ڏيک ويک ۽ چلڪن تي موهجي زندگيءَ جي روح کان غافل ٿي ويا آهيون تڏهن زندگي اسان کان رُسي وئي آهي. تنھنڪري اسان جي زندگيءَ جي نه ڪائي منزل آهي ۽ نه مقصد!
    لاکيڻي لطيف فرمايو آهي ته، ”لوڪ وهي لهوارو، تون اُڀو وَهُه اڀار.“ اهي عظيم انسان مٿي ڀر هلندا آهن ۽ اسين ٽنگن ڀر هلڻ سکيا آهيون. جن انسانن من ماري، نور نچوئي، اوجاڳا ڪري، اکيون پچائي ”ڪين“ جي مامَ پروڙي دانشورن، شاعرن ۽ مفڪرن ڪائنات جي نظام ۽ زندگيءَ جي رمزن ۽ رازن کي غور ۽ فڪر ڪيو آهي. فطرت ۽ انساني مزاج جو ڳوڙهو اڀياس ڪيو آهي ۽ سچ کي هميشه نروار ڪيو آهي، تن مان اسان جي سنڌ جو سچو، سچ جو ساٿي، اهل دل، وسيع نظر، زندگيءَ ۽ فطرت جو مصور، سچو برک ۽ ناميارو شاعر، ڪهاڻيڪار، ليکڪ ۽ ڪالم نگار محترم محمد علي پٺاڻ به هڪ آهي.
    محمد علي پٺاڻ هڪ سنجيدو، بردبار، اهل دل، هر ڪنھن جو دوست، صوفي منش، صاف گو، کاهوڙي، ارڏو، اڏول، جرئتمند، بي لوث ۽ بيباڪ انسان آهي. سندس زندگيءَ جي هر پاسي ۾ بنيادي شعور پاريون ڪيو پلٽيو پيو آهي. پاڻ هر قسم جي مت ڀيد، گروهه بندي ۽ مصلحتن کان بالاتر رهي لکيو اٿس. محمد علي مظلومن ۽ محرومن، ماروئڙن ۽ جهانگيئڙن، سادڙن ۽ سٻاجهڙن لاءِ هر محاذ تي لُڪن ۽ جهولن ۾، روهن ۽ رڻن ۾، کيتن ۽ کرن ۾، وادين ۽ صحرائن ۾، برن ۽ ٿرن ۾ جهيڙيندو ۽ جوٽيندو، لڇندو ۽ لوچيندو، ووڙيندو ۽ لوڙيندو نظر اچي ٿو. پاڻ شعور جي بلنديءَ تي بيهي عتابي نظر سان عوام جي احساسن ۽ ڪيفيتن، مسئلن ۽ معاملن، ڏکن ۽ ڏوجهرن، ڪِيسن ۽ ڪلورن کي ڏسي ٿو، محسوس ڪري ٿو ۽ پوءِ پنھنجي علم ادب، ڏات ۽ ڏانوَ کي انهن ماروئڙن لاءِ استعمال ۾ آڻي ٿو. ڇاڪاڻ ته شاعر نه فقط قومن جا حقيقي نمائندا ۽ ترجمان هوندا آهن، بلڪ اهي قومن جا ريڊار به هوندا آهن. جي قوم کي ايندڙ خطرن کان اڳواٽ آگاهي پڻ ڏيندا آهن. ڇو ته شاعر جي نگاهه تمام تيز ٿيندي آهي.
    محمد علي، آئيني جيان شفاف ۽ مکڻ جھڙو صاف ۽ نرم انسان آهي. جا ڳالهه سندس سماجي، زندگيءَ مان ثابت ٿئي ٿي. ڪهاڻين ۽ ڪالمن، نثر ۽ شاعريءَ ۾ محمد عليءَ کي جنھن شيءِ ممتاز ۽ منفرد بڻايو آهي، سا آهي سندس لکڻين جي مخصوص انفراديت ۽ نرالي اسلوب. ان کان به وڌيڪ سچائي ۽ بيباڪيءَ واري خوبي آهي. محمد علي سنهي سُٽَ جا منجهيل ڦورا ڪونه ٿو ڦولهي، پر صاف صاف، سڌيون، سچيون ۽ کريون ڳالهيون سواءِ ڪنھن خوف ۽ مصلحت جي وڏي واڪي ڀير تي ڏونڪو وڄائي ڪري ٿو. هن ڪڏهن به حق تي ڪک رکي سج کي تريءَ هيٺان لڪائڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. پاڻ سنڌيءَ جي مقبول ۽ مشھور اخبارن ۾ عوام ۾ بيحد مقبول ۽ پراثر ڪالم ”پسيو بازاريون“ ۽ ”ڌڪ ڪنگي هل ناکئا“ لکيائين. جن کي عوام ۾ تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. ان کان علاوه پاڻ زندگيءَ جي مختلف موضوعن تي مضمون، مقالا ۽ ڪهاڻيون لکيون اٿن. سندن شاعريءَ جا هاڻي پنج ڪتاب ڇپيل اٿس پهريون مجموعو ”اکيون اعلى چنڊ“ ۽ ٻيو ”عاشورا آهن“. شاعريءَ جا اهي مجموعا سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي تاريخ ۾ اهم جاءِ والارين ٿا ۽ هڪ نئين باب جو اضافو آهن.
    محمد علي، ڪنھن جي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ ۽ خوشامد ڪرڻ جو محتاج ڪينهي. پاڻ پنهنجي علمي فضيلت، شعوري بلندي ۽ انساني خدمتن جي روشنيءَ ۾ هڪ تاريخ ساز شخصيت آهي. جيڪي انسان انسان ذات لاءِ پاڻ پتوڙيندا آهن. انسانن لاءِ محبت، همدردي، خلوص ۽ خدمتن جا جذبا رکندا آهن. جيڪي سونَ تي سيڻ ڪڏهن به نه مٽائيندا آهن، جيڪي پاڻ کي پنھنجي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ واسين لاءِ سنهيءَ سُئيءَ جيان سبي ڇڏيندا آهن ته اهڙن عظيم انسانن جي آجيان لاءِ تاريخ شدت سان منتظر هوندي آهي، ڇو ته اهي ماڻهو تاريخ جي به تاريخ جوڙيندا آهن.
    محمد عليءَ جو نثر هجي يا نظم، ڪالم هجي يا ڪهاڻي، ان ۾ ڌرتيءَ جي خوشبوءِ آهي. زندگيءَ جا چٽا پٽا عڪس موجود آهن. سندس لکڻين ۾ آهَه آهي، دانهن آهي، ولولو ۽ ووڪ آهي آس ۽ اميد جو آٿت آهي. سندس لکڻين ۾ انسان جا جملي احساس، جذبا، مجبوريون ۽ محروميون، ڪاميابيون ۽ ناڪاميون موجود آهن. سندس ادبي صداقت ڀرين لکڻين ۾ زندگيءَ جا سمورا رنگ ۽ انسان جا سمورا روپ ۽ ٻھروپ وڏي بيباڪيءَ ۽ ادبي سچائيءَ سان نروار ڪيا ويا آهن. ڌرتيءَ مٿان جڏهن ظلم ۽ جبر، ڪيس ۽ ڪلور، ماڻهو، ماڻهوءَ جي خون جو پياسو، نفرتون ۽ دل جليون ٿيندي ڏسي ٿو، اڳي ماڻهو بلائن کان، جهنگلي جانورن شينهن ۽ بگهڙن کان ڊڄندا هئا، چوندا هئا ته ”شل ڪو ماڻهو منهن پوي.“ پر هاڻي هيئن چون ٿا ته،”مرون مانگر، شينهن ۽ بگهڙ منهن پوي ته ڀلي پوي ڪا ڳالهه ڪونهي، پر خداڪري شل ڪو ماڻهو منهن نه پوي.“ تڏهن محمد عليءَ جي دل مان هڪ احساس اندر مان اڌمو ڏئي اڇل کائي لفظن جو روپ ڌاري شعر جي صورت ۾ ٻاهر اچي ٿو. پاڻ چوي ٿو ته:
    مگر منھنجي ڌرتيءَ تي منھنجا پرين!
    رات پاري جيان جيڪا پئي آ ڄمي،
    سا رِجي ئي نٿي،
    سج اڀري نٿو،
    ڏينهن ٿئي ئي نٿو.
    محبتن جي مٽيءَ مان آ نفرت ڦٽي،
    ماڻهو، ماڻهوءَ جي نالي کان ڇِرڪي پيو
    خوف کائي پيو،
    ڏاٺ ڪرٽي پيو.

    انساني زندگيءَ جي اڻانگي ۽ پٿريلي پنڌ تي لڳاتار پختن ارادن، عزم ۽ استقلال سان همسفر ٿي هلڻ ڪنهن ڪنهن جو ڪم آهي. نه ته ڪو محض سڪ جون سڌون ڪندو آهي. ڪي ته فقط هامون ئي هڻندا رهندا آهن. ڪي ٿورو اڳتي هلي ٿڪجي پوءِ ڪونه ڪو بھانو بڻائي واپس وري پوندا آهن. ڪي وري جسمن ۽ سڪن تي شڪن ٿي پوندا آهن. ڪن کي وري ڪاريون گهٽائون ۽ اکين جا تير گهائل ڪري ٿا وجهن ۽ پوءِ هو اتي ئي ٺپ ڪري پنهنجي زندگيءَ کي بيهاري ٿا ڇڏين. ڪي وري خوف ۽ لالچ جي ڪشمڪش ۾ پويان پير ٿا ڪن. اتي شاعر کي ڪجهه مايوسي ۽ ناڪامي ۽ نااميديءَ جو احساس ٿئي ٿو، چوي ٿو:
    طويل سفر آ ۽ همسفر به ناهي ڪو،
    اداس شام آ مايوس هوائون آهن.
    پرينءَ جي پيار جو آٿت نه ڪو دلاسو آ،
    ڏسان ٿو نيڻ اگهي چؤطرف ويراني آ.

    انسان جا جڏهن سمورا حيلا وسيلا، سهارا ۽ سهڪار، نسبتون ۽ قربتون ٽٽي پوندا آهن. هر طرف مايوسي ۽ اداسيءَ جون گهٽائون ڇانيل نظر اينديون آهن. اتي انسان جو آخري سهارو اميد ئي هوندو آهي. اميد ئي انسان جي احساسن ۽ جذبن همت ۽ حوصلن، ڪوشش ۽ ڪاوشن، عزم ۽ استقلال کي تمام تيزيءَ سان متحرڪ ڪندي آهي. دنيا ۾ جيڪي به ڏاها، مفڪر ۽ دانشور انسان پيدا ٿيا آهن. تن پنھنجي فڪري پرواز ۽ پيغام کي اميد جي سهاري ئي وڌايو ويجهايو ۽ قائم رکيو آهي. اگر اميد جي سهاري جي به نفي ڪري ڇڏجي ته هوند دنيا جو ڪوبه ڪاج سري ڪين سگهي. ڪوبه مقصد حاصل ڪري ڪين سگهجي. اگر اميد جو تصور ختم ڪري ڇڏجي ته انسان بي مقصد بي وزن ۽ غير متحرڪ بڻجي بيهي رهي. سندس سوچ جو انداز ئي بدلجي وڃي ته هن کي بس ائين ئي رهڻو آهي. ان حوالي سان محمد علي هڪ نظم ۾ چوي ٿو ته:
    ”نئين سال جا سج،
    توکي ڏسڻ لئه،
    سڄي رات مون آهي جاڳي گذاريو،
    ته شل منھنجي من تي،
    انڌيرو جو ڇانيو پيو آ صدين کان،
    انهيءَ کي هٽائي،
    نئين ڪنهن خوشيءَ جو،
    نئون دؤر بخشين،
    ته جيئن منھنجا،
    ڀڳل ۽ ٽٽل خواب سچ ٿي پون.“
    جيئن ته شاعر ڪنھن به سماج جو انتهائي حساس دل فرد ٿئي ٿو. سماج مٿان جو ڪجهه وهي واپري ٿو يا سماج اندر جو ڪجهه ٿئي ٿو ته شاعر سڀ کان اول ان درد کي محسوس ڪري دانهن ڪري ٿو. محمد علي اهڙين ئي حالتن ۽ ڪيفيتن جي عڪاسي ڪندي چوي ٿو:
    ”گهڻو وقت ٿيو آ،
    نه ڪنهن ٽهڪ جو ڪوئي پڙلاءِ منھنجي،
    ڪنن تائين پيو آ،
    رڳو روڄ راڙي ۽ سور سڏڪن جو آواز منھنجي،
    ڪنن ۾ ڪنهن سيهي جيان پرٽيو آ.
    گهڻو وقت ٿيو آ،
    ڏٺا ڏيل اهڙا ڏکويل مون آهن،
    ڀُلجي به جن جي چپن تي نه آئي،
    ڪڏهن مرڪ ڪائي،
    هميشه اداسي،
    چپن سان ۽ چهرن سان چهٽي رهي آ.
    گهڻو وقت ٿيو آ،
    ته مون دل ئي دل ۾ سوچي ۽ سمجهي،
    اهو طئي ڪيو آ،
    ته سنڌ واسين جي چهرن تان ڳوڙها،
    سُڪائڻ جي خاطر،
    مِڙي مُٺِ ٿيڻ جي نئين واٽ لهبي،
    نئون گس وٺبو،
    نوان خواب ڏسبا،
    خبر ناهي ڪڏهن،
    انهن منھنجي خوابن کي تعبير ملندي.
    محمد علي پنھنجي هڪ وائيءَ ۾ آئيني جيان انسان کي ٿيندڙ حالتون ڏيکاريندي ۽ انهن لاءِ همت ۽ حوصلو ڏياريندي پنھنجي اڌمن جو اظھار موتين جھڙن لفظن ۾ ڪندي چوي ٿو:
    ”واڪ وڏي ڳالهاءِ،
    مونن ۾ ڇو ڪنڌ هنيو ٿئي؟
    ڌرتيءَ جي دک ڏي او دلبر، وري وري واجهاءِ،
    مونن ۾ ڇو ڪنڌ هنيو ٿئي؟
    موڳي ۽ مايوس نسل کي، پيار سان تون پرچاءِ،
    مونن ۾ ڇو ڪنڌ هنيو ٿئي؟
    منزل ڏاڍي ڏور اٿئي تون، وتري وک وڌاءِ،
    مونن ۾ ڇو ڪنڌ هنيو ٿئي؟“
    محمد عليءَ جي شاعريءَ جي مجموعي ”عاشورا آهن“ مان نموني طور مختلف صنفن مان ڪجهه نمونا پيش ڪجن ٿا. جيئن معلوم ٿئي ته سندس شاعري ڪيتري پـڪي، پختي، وزندار، اثرانگيز، معياري ۽ مقرر ڪيل معيارن تي پوري لھندڙ ۽ زندگيءَ جي گهراين ۾ پيهي ويل آهي. انساني احساسن ۽ جذبن، سماجي ۽ معاشي مسئلن ۽ معاملن جو ڪوبه پاسو اهڙو رهيل نظر نه ايندو جنھن جي محمد عليءَ پنھنجي شاعريءَ ۾ صداقت سان نشاندهي ۽ نرواري نه ڪئي هجي. محبت جي جذبات ۽ قوت جو اظھار ڪندي چوي ٿو:
    اڃا ته ترس ڪا گهڙي،
    اڃا ته ويهه ڪو پھر،
    اڃا ته دل ڀري نه آ.
    *
    چيٽ چانڊاڻ سان واسيل يادون،
    سوچ جو اڳ جهلي بيٺيون آهن.
    *
    تو بنا سوچ ڪين سرجي ٿي،
    سوچ جو تون ئي ترورو آهين.
    توتي سوچي لکان ٿو شعر گهڻا،
    شعر جو تون ئي سوجهرو آهين.
    *
    سڀ ٻڏا پيا آهيون،
    جاڳندي به ٿو لڳي،
    ڄڻ ستا پيا آهيون.
    ٿو جڏهن قتل ٿئي،
    ڪين ڪنھن کي چھنڊڙي،
    ٿي پنھنجي هانوَ ۾ پوي.

    اُڀ ۾ بادلن کي ڊوڙندو ڏسي شاعر جي اڳيان ٿَرَ ۽ ٿر واسين جو منظر ڦِري اچي ٿو، چوي ٿو:
    جڏهين بادل گڏجي ويندا،
    تڏهن اڀ ۾ ڪڙڪو ٿيندو،
    ٿر واسي سڀ اڏجي ويندا.
    جڏهين بادل گڏجي ويندا،
    تل ترايون ڀرجي ويندا.
    جڏهين بادل گڏجي ويندا.
    *
    بيقراريءَ ۾ قرار ڳوليان پيو،
    ڄڻ خزائن ۾ بھار ڳوليان ٿو.
    ڀروسي جوڳن ۽ مٺن ماڻهن ۾،
    ڀروسو ۽ اعتبار ڳوليان ٿو.
    نفرتن جي وڏن جبلن مٿان،
    محبتن جو آبشار ڳوليان ٿو.
    ڪوڙ جي بازار ۾ سچائيءَ جو،
    گم ٿيل ڪو شاهڪار ڳوليان ٿو.
    *
    اڌ رات جو سپنا اڻندو آ،
    هو شآعر شعر ئي لکندو آ.
    ترهو نه کنيائين ساڻ ڪڏهن،
    تک تار منجهان هو ترندو آ.
    جنهن کيس ستايو سور ڏئي،
    تنهن ماڻهوءَ تي ئي مرندو آ.
    دوريءَ کان ڪنهن کي ڪين ڏٺئين،
    ويجهو ٿي سڀ کي ڏسندو آ.
    ڪنھن آليءَ ڪاٺيءَ وانگي هو،
    پيو دل ئي دل ۾ دکندو آ.
    ويران ڏسي وستيون ساريون،
    ڪو ڪنڊو اک ۾ ڇڀندو آ.
    *
    بي وسي ڇا ڪبي؟
    بي حسين ڇا ڪبي؟
    موت جي وات ۾،
    زندگي ڇا ڪبي؟
    خوف جي خول ۾،
    دل لڳي ڇا ڪبي؟
    ڪنھن به مقصد سوا،
    شاعري ڇا ڪبي؟
    *
    روئي زارو زار،
    هيٺ سمهي پيا ٻارڙا.
    پوڙهو پيءُ پيو آ پٽ تي، هفتن کان بيمار،
    هيٺ سمهي پيا ٻارڙا.
    مانيءَ بدران پيٽ بکئي سان، پاڻي پي لاچار،
    هيٺ سمهي پيا ٻارڙا.
    ماءُ مُئي کانپوءِ هنن جي، وڍجي وئي وڻڪار،
    هيٺ سمهي پيا ٻارڙا.
    دوها:
    ٽاڪ منجهند جو پير اگهاڙا، منزل ڏاڍي ڏور،
    واري ئي واري چوڌاري، ڇانوَ نه ڪائي مُور.
    *
    ڏک جي پاڇي هيٺ رهي، جي ڏنڀ سهان ٿو مان،
    تن جا ئي پنهنجي گيتن ۾، عڪس چِٽيان ٿو مان.
    *
    ساحل تان جيئن موٽيل ڇولي، ٻئيءَ ڇوليءَ سان گڏبي آ،
    تيئن ئي منهنجي سوچ هميشه، تنهنجي سوچ سان رلبي آ.
    *
    ٻول اسانجي سچ جا، گونگا ڪين ٿين،
    چؤڏس ٿا ٻرن، اوچن آلاپن سان.
    **


    ناظم منگي: سچ، سونهن ۽ محبتن جو شاعر

    موت، زندگيءَ جوسڀ کان وڏي ۾ وڏو سچ آهي. جنھن کان نه انڪار ڪري ٿو سگهجي ۽ نه ان کان ڪا وڏي هستي پاڻ کي بچائي سگهي ٿي. موت اٽل ۽ اڻٽر آهي. اهو هرحالت ۾ هر جاءِ تي ايندو رهندو ۽ ٿيندو رهندو.
    انسان جي عظمت جي معيار جي پرک وڏن وڏن منسبن، جاگيرن، ڪارخانن، عھدن، القابن، علمي ڊگرين، عاليشان محلاتن، دولت، طاقت ۽ زندگيءَ جي آسائشن، عياشين سان ڪري نٿي سگهجي. اهي شيون انسان کي عظيم ڪونه ٿيون ڪن بلڪ اهو ڪو ٻيو فهم آهي جيڪو انسان کي عظمت جي بلنديءَ تي پهچائي ٿو. اهي انسان پنھنجي علمي ادبي تخليقن ۽ فڪري سوچ جي ذريعي ۽ انسانن ڏانھن همدردانه ۽ محبت ڀرين روين سبب پنھنجي مڃتا ماڻيندا آهن. سماجي خدمتن سبب ماڻهن جون دليون موهي وجهندا آهن. ٻين جي تڪليفن کي پنھنجي مَنَ ۾ چڀندو محسوس ڪندا آهن نه فقط محسوس ڪندا آهن، پر ان لاءِ سڀ کان اول آواز به بلند ڪندا آهن. اهڙا انسان پنھنجي علمي ادبي تخليقات، سماجي خدمتن ۽ بي مثال انساني ڪردارن جي روشنيءَ ۾ هميشه زنده رهندا آهن. وقت جون ويرون کين ڪڏهن به لٽي نه سگهنديون آهن. هو ماڻهن جي دلين ۾ صدين تائين محفوظ رهندا آهن. اهڙن بيباڪ ۽ انسان دوست انسانن مان ”ناظم منگي“ به هڪ هو. جيڪو صوفي منش ۽ دردمند دل رکندڙ انسان هو.
    ناظم جو اصل نالو ”امان الله منگي“ هو. سندس والد جو نالو محمد بچل منگي هو. جنھن کي پنھنجي ڳوٺ ٿرڙي محبت ۾ هڪ عاليشان وارن ڪٽڻ جي سيلون هئي. پاڻ وقت جو ناليوارو ڪاريگر هو. موسيقيءَ سان تمام گهڻي دلچسپي هوندي هيس. کيس لکيل پڙهيل دوستن جو هڪ سٺو حلقو هوندو هو. ننڍا وڏا کيس ماما، ماما ڪوٺيندا هئا. ناظم جا ڏاڏاڻا ميهڙ تعلقي جي تاريخي شهر ٿرڙي محبت جا هئا ۽ ناظم جاناناڻا ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ نئين گُڏَ جا هئا. ناظم پرائمري تعليم نئين گڏ ۾ حاصل ڪئي ۽ بعد ۾ انگريزي تعليم ڏوڪري ۽ باڊهه ۾ حاصل ڪيائين. ناظم تعليم واري عرصي دوران نهايت ذهين شاگردن ۾ شمار ڪيو ويندو هو. هر سال شاندار نمبرن ۾ پاس ٿيندو هو. تنھن ڪري استاد کيس تمام گهڻو ڀائيندا هئا. ناظم ناناڻن ۽ ڏاڏاڻن کي هڪجيترو لاڏلو هوندو هو. ڇاڪاڻ جو هو پيءُ کي به هڪ ئي پٽ هو ته مامي کي به هڪ ئي ڀاڻج هو. تنھنڪري ناظم جا ناز ۽ نخرا، انگل ۽ آٽا برداشت ڪندا هئا. کيس ڪڏهن به مايوس ۽ نااميد نه ڪندا هئا. تعليم ڏيارڻ ۾ سندس ناناڻن ۽ امڙ جو تمام وڏو هٿ هو. انهن جي سرپرستيءَ ۾ هن مڪمل تعليم حاصل ڪئي. تعليم حاصل ڪري ائگريڪلچر کاتي ۾ فيلڊ اسسٽنٽ جي پوسٽ تي ڪم ڪيائين. وفات کان ٿورو وقت اڳ رٽائرمينٽ ڪئي هئائين. ناظم جو مامو محمد يامين منگي هڪ سڄاڻ ۽ علم ادب دوست انسان هو. ڪڏهن ڪڏهن بهترين ۽ بلند خيال واري شاعري به ڪندو هو. پر افسوس جو سندس شاعري سھيڙجي ۽ سنڀالجي نه سگهي. ناظم جا ناناڻا هن وقت ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ ”بخش جتوئي“ ۾ مستقل آباد آهن. ناظم ننڍيءَ وَهيءَ ۾ ئي علم ادب دوستن جو هڪ وڏو حلقو پيدا ڪري چڪو هو. يارن جو يار هو. ننڍن وڏن، پڙهيلن ۽ اڻ پڙهيلن سان هڪجيتري محبت ڪندو هو. هر ڪوئي ائين پيو ڄاڻندو هوته ڄڻ ناظم هن جو ئي يار آهي. پر هو هر ڪنھن سان هڪجھڙو سٻاجهو سلوڪ رکندڙ انسان هو. هن وٽ ڪوبه طبقاتي فرق ڪونه هو. سماجي خدمتن ۾ اڳي کان اڳرو رهندو هو. هو اهڙو ته مکڻ جھڙو صاف ۽ نرم دل انسان هو جو ساري عمر ۾ سڄي سنگت جي حلقي ۾ يا پنھنجي برادريءَ ۾ ناظم ڪنھن کي به شڪايت جو موقعو نه ڏنو، جو سندس اخلاق ۽ ڪردار جو مثال هو. زندگيءَ ۾ ڪنھن سان به ڏند اگهاڙو ڪري نه ڳالهايائين. هر تڪليف کي کلندي کلندي برداشت ڪرڻ جو هن کي ڏانءُ هوندو هو. هن امن ۽ پيار جي سرزمين تي هميشه محبتن ۽ همدردين جا گل پوکيا. تتيءَ ٿڌيءَ واريءَ ڌٻڻ ۾ نه ڦاسايو، جنھن سبب ڪري هرڪو کيس پاڻ ڏانھن ڇڪيندو هو. هو هميشه هيٺانهين هلڻ واري اصول جو پابند هوندو هو. ناظم ۾ غرور ۽ گهمنڊ جو نالو نشان به ڪونه هو. سندس مک تي هميشه مرڪون بکنديون هيون. هن پنھنجي سموري زندگي علم ادب، فن ۽ ڪلا کي ارپي ڇڏي هئي. ناظم آخري دم تائين پنھنجي ڏات ۽ ڪلا سان سچو ۽ وفادار رهيو. ڏات سان اها وفائي ئي ناظم کي عظمت تي پھچائي ٿي. ناظم منگي دادو ضلعي ۽ ميهڙ تعلقي جي ڪيترين ئي ادبي ۽ سماجي تنظيمن جي پليٽ فارم تان پنھنجو تاريخي ڪردار ادا ڪيو.
    هو ادبي سرگرمين ۽ سماجي اُٿين ويٺين ۾ ڪڏهن به پويون پير نه ڏيندو هو. بلڪ پيش پيش هوندو هو. پنھنجي برادريءَ ۾ به سندس گهڻو احترام ڪيو ويندو هو. ناظم جي ڪيل فيصلي کي برادريءَ وارا خوشيءَ سان قبول ڪندا هئا. ڇاڪاڻ ته هن وٽ هڪ شاعرانه دل هئي، جنھن ڪنھن کي به ڪـَسُ ڪونه ٿي لڳائي. شاعر ٻين جا ڏک پاڻ تي وسائيندا آهن پر پاڻ ڪنھن کي به ڏک نه ڏيندا آهن.
    هي ٻه اکر ناظم جي شخصيت تي لکيا اٿم ۽ نه سندس شاعريءَ جي اڀياس تي. سندس شاعريءَ جي اڀياس تي لکڻ اهو الڳ موضوع آهي. جنھن تي ڪنھن مناسب وقت تي لکيو ويندو. پر اها حقيقت آهي ته ناظم پنھنجي ڪلا کي وقت جي مصلحتن جي تابع نه بڻايو جنهن ننڍيءَ عمر ۾ ئي شاعريءَ جي شروعات ڪئي. سندس شاعريءَ جو گهڻو مواد غزلن تي مشتمل آهي. خاص طور تي هو غزل گو شاعر هو. توڙ يجو ٻين صنفن تي پڻ طبع آزمائي ڪئي اٿس. پر غزل ۾ کيس ڪافي مهارت حاصل هئي. ناظم جي شاعري سنڌ جي مشھور اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندي رهي ٿي، پر افسوس آهي جو ناظم جي شاعريءَ جو ڪوبه شعري مجموعو شايع ٿي نه سگهيو. ڪتاب ڇپرائڻ بابت مان جڏهن کانئس سوال ڪندو هوس، بلڪ زور ڀريندو هو مانس ته ”گهٽ ۾ گهٽ هڪ ئي مجموعو ته ڇپرائي وجهه. زندگيءَ تي ڪو ڀروسو ڪونهي. پوءِ تنھنجي شاعريءَ کي ڪير سنڀاليندو.“ پوءِ ٿڌو ساهه کڻي چوندو هو ته،”سرور اهو سچ آهي، مونکي ان لاءِ گهڻو ارمان آهي، پر تو شايد غربت جا گهاوَ کولي نه ڏٺا آهن. مان چاهيان ٿو ته اڄ ئي منھنجو ڪتاب شايع ٿئي. مان چاهيان ٿو ته مان پنھنجي ڪتاب جي مھورت جي تقريب پنھنجي اکين سان ٿيندي ڏسان، پر ڇا ڪريان؟ گهڻي ڪوشش جي باوجود به ائين ڪري نه سگهيو آهيان.“ ان جو واحد سبب سندس معاشي ۽ سماجي مجبوريون هيو،جنھن سبب هو پنھنجي وڏي شاعرانه خواهش پوري ٿيندي نه ڏسي سگهيو. هينئر ٻڌڻ آيو آهي ته ٿرڙي محبت جي اديبن، شاعرن ۽ سماجي اڳواڻن گڏجي ”ناظم يادگار ڪاميٽي“ قائم ڪئي آهي، جيڪا ناظم جي اڻڇپيل شاعري گڏ ڪري سهيڙي ڇپرائي ڪتابي صورت ۾ آڻيندي ۽ ناظم جي ورسين وغيره ملهائڻ جو پڻ بندوبست ڪندي. اهو عمل تعريف جوڳو آهي. پر اڃان به وڌيڪ ساراهڻ جوڳو ڪارنامو تڏهن ٿيندو جڏهن انهن نڪتن کي عملي صورت ۾ آڻڻ لاءِ ڪوشش شروع ڪري ڏني وڃي.
    ناظم منگي 1933ع ڌاري ڄائو. جيڪو زندگيءَ جي مختلف مرحلن مان گذرندو، محدود زندگيءَ جا لامحدود ۽ انيڪ روپ ۽ رنگ ڏسندو، تجربا ۽ مشاهدا ماڻيندو، انهن رنگن ۾ پنھنجي صلاحيتن جي خوشبوءِ پکيڙيندو، امن، ايڪتا ۽ محبتن جا ٻوٽا پوکيندو. ڪي يادون ڪي يادگار ڇڏيندو، ڪي منظر جهٽيندو، ڪي منظر ڇڏيندو، رنگ رتو ميڙو متو ڇڏيندو. وطن ۽ ويڙهيچن سان نينهن نڀائيندو تاريخ 13 جولاءِ 1998ع تي شام جو ٺيڪ 4-وڳي لاڙڪاڻي جي هڪ پرائيويٽ ميڊيڪل سينٽر ۾ لاڏاڻو ڪري اسان کان هميشه هميشه لاءِ جدا ٿي ويو. سندس خاڪي جسم کي سندس اباڻي ڳوٺ ٿرڙي محبت ۾ مِٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
    ناظم اڄ اسان ۾ موجود نه آهي. پر هو پنھنجي ادبي تخليقات ۽ بي مثال سماجي خدمتن جي روشنيءَ ۾ هميشه زنده ۽ ماڻهن جي دلين ۽ تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ رهندو. ڇاڪاڻ ته تخيلقڪار ۽ فنڪار ڪڏهن به ناهن مرندا.
    مرڻا اڳي جي مُئا، مري ٿين نه مات،
    هوندا سي حيات، جيئـڻا اڳي جي جِئا.

    **


    غلام حسين عرف ”موريل زهراڻي (جت)“ هڪ گمنام بلڪ تاريخساز شخصيت

    هونئن ٿيندو هئين آهي ته قومون انهن عظيم انسان کي جيئري ڪونه سڃاڻنديون آهن، جيڪي انهيءَ ئي قوم جو درد سيني ۾ سمائي تـڙپندا ۽ لڇندا آهن. وڏي واڪي، بي خوفي ۽ بيباڪي سان حق ۽ سچ جو نعرو هڻندا آهن. اهي ڏاها ۽ ڏات ڌڻي انسان پنھنجي ڏات ۽ شعوري سگهه، انسانيت جي هڪجھڙائي، بقا، ايڪتا، امن، آشتي، پيار، محبت، سلامتي، انصاف، رواداريءَ لاءِ استعمال ڪندا آهن. جيڪي انسان پنھنجي جان جي جوکم جي ڪابه پرواهه نه ڪندا آهن. مظلومن ۽ محرومن جي پڪار بڻجي ويندا آهن. انسان جي فطرت به واهه جي آهي ته اهڙن امر ۽ اڏول انسانن کي اها ئي قوم جيئري ئي جسماني، روحاني ۽ ذهني عذاب ڏئي ماريندي آهي.
    انهن انسانن کي چريو چريو چئي، انهن مٿان چٿريون ڪيون وينديون آهن. انهن کي ڦاهين تي چاڙهيو ويندو آهي. لالچ ۽ خوف جي حربن سان هيسايو ۽ حرصايو ويندو آهي ليڪن اهي ڪنھن به ڄار ۾ ڦاسڻ وارا نه هوندا آهن. هنن جا حوصلا هماليه کان به وڌيڪ بلند ۽ اٽل هوندا آهن. هن کي ڪوبه طوفان لوڏي نه سگهندو آهي. هو صبر ۽ استقلال جا اعلى نمونا هوندا آهن. هو زماني کان مليل اذيتن ۽ عذابن کي مقصد خاطر لـَڇ برابر به نه سمجهندا آهن. جيئن سلطان الاولياءَ جن فرمايو ته:

    تانسين تون نه فقير، جانسين سانگ سِسِيءَ جو،
    ماڻيو تن ملير، جن جسو، مال مباح ڪيو.

    مُئي کانپوءِ اها ئي قوم انهن لاءِ روئندي، رڙندي، ماتم ڪندي، وار پٽيندي، سينو ڪٽيندي ۽ هاءِ گهوڙا ڪندي آهي. انهن مٿان مقبرا اڏيندي آهي. اڪيڊميون ۽ فائونڊيشنون قائم ڪندي آهي. انهن جون ورسيون ملهائي سندن فڪر ۽ فلسفي کي اجاگر ڪندي آهي. پر افسوس جو اسان وٽ ته ڪڏهن ڪڏهن ائين به ڪونه ٿو ٿئي. اسين نه ڪنهن کي جيئري سڃاڻندا آهيون۽ نه مُئي پڄاڻا. جيئن ماکيءَ جو پنھنجو هڪ منفرد آرو ۽ انداز هوندو آهي. جو جڏهن به مرضي پويس ته ميڙيل چونڊيل ماکي چٽ ڪري ويٺل جاءِ تان اٿي وڃي ۽ جتي ۽ جنھن به جاءِ تي پور پويس ته اتي ويهي رهي. ڇونه اهي کھرا کھرا ڊڀ هجن يا ڪنڊن جو لوڙهو هجي. اهڙيءَ طرح اسان به پنھنجي مرضيءَ سان ڪنھن کي چاهيندا ۽ ڪنھن کي بنهه نه چاهيندا آهيون. يا ڪنھن تي ڪڏهن غور ئي نه ڪندا آهيون. اهڙن ڏات ڌڻين، ڏاهن، سڄاڻن، پارکن، اڏول ۽ بردبار عظيم انسانن مان گودڙيءَ ۾ لڪل لعل، علم ۽ ادب جو گوهر، تاريخ جو پارکو ۽ ٻوليءَ جو ماهر ۽ محقق، انهن سڀني گڻن کان وڌيڪ اعلى درجي وارو گڻ مسڪين، اهل دل، مارو ماڻهو، غلام حسين عرف موريل زهراڻي (جت) هڪ هو. هي املهه ماڻڪ ضلعي لاڙڪاڻي- تعلقي ڏوڪري جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”ڏنو واهڻ“ ۾ پيدا ٿيو. هي ڳوٺ جي هڪ ڪُکِ سان دادو ڪئنال ۽ ٻي ڪُکِ سان اڳوڻو ”نارو“ لڳو بيٺو آهي. هن ڳوٺ جي مٿان ئي دادو ڪئنال تي فال موري آهي. هتان ڪيئي شاخون ڦٽن ٿيون. سڄي ڳوٺ جي گڏجڻ، وندر ورونهن ۽ ڪچھري ڪرڻ جي واحد جڳهه به اها ئي موري آهي.جتي سڀ ڳوٺاڻا اچي گڏ ٿيندا آهن. پوءِ نِمن، ٽالهين، پپرن ۽ بڙن جي ٿڌين ٿڌين ڇانون ۾ هوا جي آڌار ۽ پاڻيءَ جي لھرن تي، لامن مٿان ويٺل پکين جي مِٺين مِٺين لاتين واري سُر ۽ سنگيت واري لڀائيندڙ ماحول ۾ هرڪو پنھنجي پنھنجي فن جا جوهر پيو ڏيکاريندو. ڪي تاس ويٺا کيڏندا، ڪي سياست ۽ سماجي معاملن ۽ صورتحال تي پيا ٽيڪا ٽپڻي ڪندا. ڪي ماضيءَ جي يادن ۾ گم ٿي عياشيون ويٺا ڪندا. ڪي سگهڙ ۽ سپورنجهه ڏور بيت، ڳجهارتن، پرولين، هنرن ۽ سينگارن سان ويٺا ورونهن ڪندا. هنن جي سيني مان ڏات ۽ ڏانءُ ائين ڇوليون هڻندي نظر ايندو آهي، ڄڻ ڪو درياهه اٿلي پيو هجي. انهن جي علم ادب، هنر، گهڙ ۽ گهاڙيٽي، ٻولي ۽ ٻوليءَ جي روانيءَ کي ڏسي ائين پيو ڀانئبو ته هي لکيا پڙهيا ڪتابن جي علم وارا اديب ۽ شاعر هنن اڳيان ڄڻ ٻار پيا لڳندا. اهڙي نموني رات ڏينھن مانجهن مردن جون منڊليون متل هونديون آهن. هڪ دلربا رونق ۽ دلڪشي نظر ايندي آهي. جڏهن اتان موريل ۽ مريد (مريد زهراڻي به هن ڳوٺ جو تمام وڏو ناميارو ۽ برک سگهڙ ۽ اهل دل انسان هو.ان جي ماڳ کان لانگهائو ٿبو ته ازخود اوچتو ئي روح کي سَٽَ اچي ويندي ته ڪا گهڙي پهر اتي ويهي روح کي وندرائي وٺجي. هن نفسانفسيءَ جي دؤر ۾ وري اهڙو موقعو ملي الائي نه. ڪچھريءَ ۾ وڃي ويهبو ته اٿڻ تي دل ئي نه چوندي. پر وڃڻ واري کي ته وڃڻو ئي پوندو. البت اها ياد عمر ڀر دل مان ڪڍي ڪونه سگهندو. هن ڳوٺ کي چئني پاسن کان زيتونن، انبن ۽ ليمن جا موهيندڙ باغ آهن. جنھن ڪري هي ننڍڙو ڳوٺ هڪ سرسبز ماٿريءَ جو من موهيندڙ منظر پيش ڪري ٿو.
    اهڙي مثالي ۽ شعور ڀرئي ڳوٺ ۾ هڪ انتھائي مسڪين گهراڻي غلام حسين عرف موريل زهراڻي (جت) جو جنم ٿئي ٿو. ”آڻين ۽ چاڙهين“ تي گذران، ڪلهي ڦاٽو ڪنجرو، مٿو اگهاڙو، حال، اصليت ۽ سادگي ڄڻ کين ورثي ۾ مليل هئي.غلام حسين جا وڏا بنيادي طور تي هاري هئا. واڻ وٽڻ جو ڌنڌو پڻ ڪندا هئا، جيڪو اڃا تائين ڪندا پيا اچن. سندن وڏا لوڪ ادب جي فن جا به وڏا پارکو هئا. ڪچهريءَ ۾ اچبو ته ڪانه ڪا نئين تخليق جي نئين سوکڙي کڻي اچبي. سا به اهڙي جو وهوا ٿي واڄٽ وڄي وڃن. غلام حسين عرف موريل انگريزيءَ ۾ ان وقت جي ميٽرڪ پاس هو. ان وقت ميٽرڪ تمام وڏي اعلى درجي جي تعليم هئي. جا ڪنهن ڪنهن کي نصيب ٿيندي هئي. سنڌ ۾ ڪو ورلي مسلمان ڇوڪرو ميٽرڪ پاس هوندو هو. ليڪن افسوس جو هي باصلاحيت ۽ باڪمال انسان ڪا چڱي خاصي معيار ۽ اهليت مطابق سرڪاري نوڪري حاصل ڪري نه سگهيو. جنھن جو بنيادي ڪارڻ سندس غربت، مفسلي ۽ خودداري البت گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ ۾ پٽيواليءَ جي نوڪري مليس پر شايد اها نوڪري سندس مزاج سان ٺهڪي نه سگهي. يا ان مان سندس معاشي ۽ سماجي گهرجون پوريون نه ٿي ٿي سگهيون، جنھن سبب اها نوڪري ڇڏي ڏنائين. ان بعد فيض محمد چني کان ڳنڍ ٽوپي جو ڪم سکيائين. فيض محمد چنو ناميارو سگهڙ به هو، ان کان ڪو بلنگ کان علاوه لوڪ ادب جي سکيا به حاصل ڪيائين. فيض محمد چنو موجوده نامياري شاعر خير محمد چني جو والد هو. جنھن جو اصل ڳوٺ خير محمد آريجا آهي. موريل ڄڻ محبتن ۽ مرڪزن جي کاڻ هو. هن کي ننڍپڻ کان ئي سير سفر ڪرڻ ۽ فطرت جي دل لڀائيندڙ، حسين دلڪش ۽ اثر انگيز منظرن جي مشاهدن ماڻڻ جو تمام گهڻو شوق هو. بلڪ ائين کڻي چئجي ته هو فطرت جو عاشق هو ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. تنھنڪري هو وادين ۽ ماٿرين ۾ هوا جي لهرن ۽ سوساٽن ۾، پاڻيءَ جي لهرن هوا جي زور تي لهرن جو پاڻ ۾ پاڻ مٿان سٽجڻ جي آوازن ۾، پهاڙن ۽ صحرائن ۾، ٻيلن ۽ ٻيلائن ۾ غور ۽ فڪر ڪري انهن منظرن جي جهٽڻ ۾ گھري دلچسپي وٺندو هو.
    غلام حسين عرف موريل ٻوليءَ جو ايڏو ته پارکو ۽ ڄاڻو هو جو ڪوبه ٻوليءَ جو لفظ ڏبس ته ان جو ابو ڏاڏو، بلڪ پڙ ڏاڏو به ٻڌائيندو ته هي لفظ اصل ڪٿان، ڪيئن ۽ ڪهڙي ٻوليءَ کان آيو ۽ ڪيترا مرحلا طئي ڪيا ۽ پنھنجو ٿي ويو. موريل کي سنڌي، عربي، فارسي، اردو، انگريزي ۽ سنسڪرت ٻولين تي ملڪو حاصل هوندو هو. هن ڪيترن ئي ناياب انگريزي ۽ فارسي ڪتابن جو ترجمو ڪرڻ پئي چاهيو ليڪن معاشي بدحالي ۽ ذهني پيڙائن سبب اهو ڪم چاهيندي به نه ڪري سگهيو.
    جنھن لاءِ هميشه افسوس ڪندو هو. موريل زهراڻي (جت) سنڌ ۽ دنيا جي تاريخ تي پڻ دسترس رکندڙ هو. کانئس دنيا جو ڪوبه تاريخي واقعو پڇبو ته موريل ٺهه پهه ان واقعي جو تاريخي، سماجي ۽ تهذيبي پسمنظر به ٻڌائي ڇڏيندو. اهڙيءَ طرح هو ان واقعي جي وضاحت عقلي بنيادن تي ڪندو هو. هو چوندو هو ته ڪنھن به تاريخي واقعي کي اکيون ٻوٽي قبول ڪرڻ نه گهرجي، بلڪ ان روايت يا واقعي کي ان وقت جي سماجي، معاشي، معاشرتي ۽ سياسي حالتن جي تناظر ۾ پرکيو وڃي. موريل سنڌ جي تاريخ ۽ مسلم هسٽريءَ جو ڄڻ ته حافظ هو. هن وٽ سدائين تاريخ جا ڪتاب ۽ مختلف ٻولين جون ڊڪشنريون موجود هونديون هيون. جي ويٺو واندڪائيءَ وقت اڀياس ڪندو هو. انگريزي ٻولي جيئن ته تمام وسيع زبان آهي، جيڪا جغرافيائي لحاظ کان دنيا جي مختلف خطن ۾ مختلف انداز ۽ لهجي ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. جيئن برٽش، آمريڪا ۽ فرانس وغيره ۾ ان جا اچار، محاورا مختلف ۽ الڳ نوعيت جا ٿين ٿا. ليڪن هي جُتيون ڳنڍڻ وارو غلام حسين عرف موريل سڀني قسمن جي اُچارن۽ محاورن تي هڪجيتري مهارت رکندو هو. ڇو ته هو اٽاليد ٻوليءَ جي ڊڪشنري ڄاڻندڙ هو. جيڪا انگريزي ۽ فرانسيسي ٻوليءَ جو ڌاتو (Derive) آهي. تنھن ڪري هن کي انگريزي زبان جا مختلف اچار آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي ويندا هئا. هو لفظن جي بگڙيل صورت کي پري ۽ پروڙي ويندو هو ته هي لفظ ڪھڙي زبان مان ڦٽي نڪتل آهي ۽ ان جو اچار ڇا ٿيندو.
    گهڻو اڳ جڏهن لاڙڪاڻي کان موهن جي دڙي تائين پڪو روڊ ڪونه هو ۽ نه وري ڪو ٽرانسپورٽ جو مناسب بندوبست ٿيل هو. هاڻي ته منٽ منٽ ۾ سواري آهي. روڊ سپرهاءِ وي لڳو پيو آهي. سو ان زماني ۾ ٻاهرين ملڪن کان جي سياح ”موهن جو دڙو“ گهمڻ ايندا هئا ته ريل گاڏيءَ ذريعي موهن جو دڙو ريلوي اسٽيشن تي لهندا هئا. اتان پوءِ ٽانگن ذريعي ڏوڪري شهر ايندا هئا. جيڪو ريلوي اسٽيشن کان فقط ٻن ميلن جي پنڌ تي اوڀر طرف ۾ آهي. ڏوڪريءَ پهچي جڏهن اهي سياح وڌيڪ گائيڊنس يا معلومات حاصل ڪرڻ چاهيندا هئا. سندن ٻوليءَ جو لهجو وري اهڙو ته مشڪل ۽ اڻانگو جو ٻيو ڪو سمجهي ئي ڪونه سگهي. ان حالت ۾ ٻيو ڪوبه چارو نه ڏسي هڪ ڇنل جوتن کي ٽاڪن هڻڻ واري پٺيءَ ۽ پيرن اگهاڙي، سنهڙي ليک جهڙي سيپڪڙي موريل کي وٺي ويندا هئا. پوءِ موريل اچي روانيءَ سان انهن سان انهن جي ٻولي ڳالهائي کين حيرت ڏياري ڇڏيندو هو. اهي ٻاهران آيل سياح سندس ٻولي ڳالهائڻ ۽ سمجهڻ تي کيس (Weldon) ۽ (Appreciate) ڪندا هئا. (تڏهن اهي ماڻهو فخر ڪندا هوندا ته اسان جي سماج ۾ به هڪ اهڙو پارکو ۽ باڪمال ماڻهو بوٽن کي پالش ڪندڙ ۽ چَتيون هڻندڙ انسان موريل زهراڻي جت جي نانوَ ۾ موجود آهي (جيڪو انهن سياحن سان سندن ٻولي ڳالهائي ٿو.) هو چوندو هو ته مهمان نوازي اسان جي ثقافت جو بنيادي جزو ۽ ڪردار آهي، جڏهن به اسان وٽ ڪو مهمان ايندو آهي ته سمجهندا آهيون ڌڻي تعالى اسان تي مهربان ٿيو آهي جو مهمان موڪليو اٿس. اسين پنھنجي حال ۾ خوش رهندا آهيون. اسان جو ضمير خوش آهي، اسان جو روح خوش آهي. اهڙيءَ طرح دنيا جي سياحن جي دل ۾ هڪ نه مٽجندڙ ۽ نه وسرندڙ تصور چٽي ڇڏيندو هو. وزيٽرس جڏهن بگين ۾ چڙهي موهن جي دڙي تي ويندا هئا جيڪو ڏوڪريءَ کان 8 ميل کن اوڀر طرف ۾ واقع آهي ته موريل کي به پاڻ سان گڏ دڙي تي وٺي ويندا هئا.
    موريل هڪ قسم جي لائبريري ۽ ادارو هو. علم ۽ ادب جي کاڻ هو. تاريخ جو حافظ هو. سندس سمورو گذر معاش ڳنڍ ٽوپي تي هوندو هو. يعني ڏوڪري شهر ۾ بوٽ پالش ڪندو هو ۽ ڇنل جوتن کي ٽاڪا هڻندو هو. سندس روزگار جو اهو ئي واحد ذريعو هو. شام جو ڳوٺ ويندو هو ته روز جي کاڌي پيتي جو سودو سامان وٺيون ويندو هو. گوڏن کان ٿورو هيٺ تائين سادي گوڏ، يا ڪڏهن ڪڏهن ٽڻن کان مٿي سوڙهن پاچن واري بافتي جي سلوار، قميص جون ٻانهون ٺونٺن تائين ڦاٽل. پاسن کان ڪڇن تائين بکيا اڊڙيل هوندا هئس. پيرن ۾ رٻڙ جي چپل، سو به هڪڙو پادر هڪڙي جو ته ٻيو پادر ٻئي چپل جو هوندو هئس. آهستي آهستي، ڌيري ڌيري، سوچي سمجهي، تڪي توري ڳالهائڻ وارو موريل، پراون پراڻن بوٽن تان مٽي رهڙيندڙ موريل، ڪير يقين ڪندو ته هي ايڏو مهان ۽ عظيم انسان آهي. سندس سيني ۾ علم ۽ دانش جو ڪيڏو مها ساگر سمايل آهي. ڪير يقين ڪندو ته هي بلند پايي جو ممتاز شاعر آهي. ڪير يقين ڪندو ته جيڪو روزانو کنڊ جو پاءُ، چانهه جو پتو، اٽي جا ٻه سير وٺي پٺيءَ تي رکيون پنڌ پيو ٿو دف دف ڪيون جاٺا هڻندو پکين ۽ وڻن سان ڳالهيون ڪندو ڳوٺ وڃي، سو ڪو ايڏو سالڪ، ڏاهو ۽ سپورنجهه انسان هوندو. موريل برابر مکڻ جيان صاف، شفاف ۽ نرم دل انسان هو. سندس دل ۾ هڪ وسيع ڪائنات هئي. هن جي سوچ هر قسم جي مت ڀيد ۽ محدود دائرن کان تمام مٿانهين هئي، جنھن ۾ ڪابه سرحد ۽ حدبندي ڪانه هئي. جتي ڪوبه رسمي ۽ روايت حدن جو دنگ دڙو ڪونه هو. موريل، صوفي منش، اهل دل، وسيع نظر، کاهوڙي ۽ جاکوڙي انسان هو. تتل ڌرتيءَ تي کليل آسمان هيٺان فقط مٿان مٿي ڇانوَ لاءِ ٻن سنهين ڪاٺين تي لٽو ٽنگي ڇڏيندو هو. ان لٽي ڇانوَ هيٺان اوزارن جي پيتي رکي ويهي بوٽ پالش ۽ ڳنڍ ٽوپي جو ڪم ڪندو هو. پر ڪنھن کي ڪھڙي خبر ته ان اٺ فوٽ ٽنگيل ڪپڙي جي هيٺان فقط موريل نه بلڪ هڪ علم جو ادارو قائم ٿيل هو. جتان علم ادب ۽ شعور جون لوليون ملنديون هيون، جهوليون ڀربيون هيون. موريل جي چؤگرد ماڻهن جو ميڙو متو پيو هوندو هو. سڀ لکيا پڙهيا اديب، شاعر، سماجي ورڪر، استاد ۽ ليکڪ هوندا هئا. موريل بوٽ به ويٺو ڳنڍيندو هو ۽ ساڻن ڪچهري به ويٺو ڪندو هو. موريل تمام گهڻن شاگردن کي مفت ۾ روزانو ٻه ڪلاڪ پنھنجو روزگار سيڙائي انگريزي سبجيڪٽ جي ٽيوشن پڙهائيندو هو. انهن کان ڪنهن به طرح سڌيءَ طرح يا اڻ سڌيءَ طرح ڪوبه اجورو ڪونه وٺندو هو، بلڪ کين چانهه به پنھنجي گهران پياريندو هو. نه فقط ايترو پر غريب شاگردن کي ڪتاب به پنھنجي گهران وٺي ڏيندو هو ۽ سندن فيون به پاڻ پنھنجي گهران ادا ڪندو هو.
    هڪ ڀيري مون کانئس پڇيو هو ته ”موريل! تون پنھنجي شاعريءَ جو مجموعو ڇونه ٿو ڇپرائين؟ تنھن تي هن ٿڌو ساهه ڀريندي چيو هو ته، ”سرور منھنجي روح کي ڏنڀ نه ڏي، اها شاعري، شايد مون اڏوهيءَ جي کائڻ لاءِ لکي آهي.“
    موريل جا اهي لفظ سمجهه ۾ اچڻ جھڙا هئا. اهو سوال ڪري مون تمام گهڻو پڇتايو. اهي لفظ ٻئي ڪنهن کي چهنڊڙيون پائن يا نه، پر مون کي هميشه جهوريندا ۽ ڏنگيندا رهندا آهن. اڄ موريل اسان وٽ موجود نه آهي، بلڪ سندس انساني خدمتون، علمي ۽ ادبي خدمتون، محبتون ۽ ڪردار اسان جي دلين ۾، اسان جي روح ۾ رچي ويل آهي. اهڙي حقيقت نگاري ۽ منظرڪشي ڪندي لاکيڻو لطيف فرمائي ٿو ته:

    اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين،
    آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
    جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.

    جيئن ته غلام حسين عرف موريل زهراڻي (جت) بلند پايي جو برک شاعر به هو، تنھنڪري سندس شاعريءَ مان (جيڪا مون سندس نوجوان اديب پٽن ناصر زهراڻي ۽ رشيد زهراڻيءَ کان حاصل ڪئي نموني طور ڪجهه صنفون پيش ڪريان ٿو ته جيئن سندس شعر جي بلندي ۽ شاعرانه پرواز جي پروڙ پئجي سگهي.

    وڇوڙي جو گيت:

    اديون پنھنجي اباڻن جي وڇوڙي آءٌ آهيان ماري،
    وسن ٿا نير نيڻن مان اکين مان آب آ جاري.
    ڏسي گهر خالي اڄ تن جا، چو ان ٿي هيئن ڀري سڏڪا،
    اچن موٽي اهي سانگي ته ٿيان، مان تن سان ٻلهاري.
    منھنجو هي پران پريمي آ، تنين جي پريم پوتر سان،
    الله کي عرض آ منھنجو، ملائيندو اهي باري.

    غلام حسين زهراڻيءَ جي هڪ ڊگهي نظم مان ورتل ڪجهه شعر پيش ڪجن ٿا.

    اهي خلق جي ڪن پيا دستگيري،
    فقيريءَ ۾ پنهان انهن جي اميري،
    انهن کي ملي آ خدا جي وزيري،
    هلائن ويچارا نه شيخي نه پيري،
    رسالت امامت جا ڳڻ يار ڳائن،
    اڏي ڌار مئخانه پنھنجا وسائن،
    نه ڪنھن کي ڏکائن نه ڪنھن کي ستائن.
    مرڻ کان اڳي يار هي ويا مري،
    مري هن دنيا ۾ ٿيا جيئرا وري،
    ٻيائيءَ جي باقي نه جن وٽ ذري،
    انهن کان ويو موت هِتِ هُتِ ٽري،
    مئي جيري زنده ٿي ديرا ڄمائن،
    نه ڪنھن کي ڏکائن نه ڪنھن کي ستائن.
    انهن لاشعوريءَ کان ورتو شعور،
    ڪيائون تڪبر تڙي دور دور،
    بڻيا انس خالق جي حاضر حضور،
    سدائين سکيا ٿيا لڌائون سرور،
    نٿا نرڳ ۽ سرڳ کي ڪجهه هو ڀانئن،
    نه ڪنھن کي ڏکائن نه ڪنھن کي ستائن.
    *
    نه هڪ دم ٿا دنيا ۾ غافل رهن،
    سدا خيال سان خيال پنهنجو ڳنڍن،
    ڳجها راز سيني ۾ سانڍيو وتن،
    اهو حال احوال آهي سندن،
    ڪڏهن دم ٿا منصور وارا لڳائن،
    نه ڪنھن کي ڏکائن نه ڪنهن کي ستائن.

    سماجي ۽ معاشي نا انصافين ۽ عدم توازن جي منظرنگاري ۽ نشاندهي ڪندي نهايت بيبياڪيءَ سان زهراڻي چوي ٿو ته:

    افسوس اي زمانه، افسوس اي زمانه،
    تو ۾ عدم ٿا ڏسجن انصاف منصفانه.
    هتڙي حبش ۾ انسان بک ۾ مري ويا لک،
    يورپ ۾ پر شاهن جا کليل هئا خزانه.
    ڪنڊن جا تاج پائي پهتا صليب تائين،
    انسانيت جا حامي تِرُ پوئتي هٽيا نه.
    ساقي رهيو نه باقي ساغر ٿيو پرزه پرزه،
    مخار ڀي هليا ويا خالي ڇڏي مئخانه.
    زهراڻيءَ کي ڀي تومان هڪ ڏينهن هلڻو پوندو،
    مرقد ۾ ٿيندو خفتھ پنهنجا ڇڏي ٺِڪانه.
    *
    امراء جي هٿن ۾ غربا جي غربت ٿي وڪامي حيرت آ،
    ايمان وڪامي دولت تي، عزت ٿي وڪامي حيرت آ.
    جِت جنهن جي ڪمائيءَ تي ٿا پلن سرمائيندار وڏيرا سڀ،
    اتي هاريءَ ۽ مزدور جي ڇو محنت ٿي وڪامي حيرت آ.
    ”زهراڻي“ ٿي انصاف ختم ويو آهي اٿس بس پويون دم،
    راشيءَ جي اڳيان سچارن جي اهميت ٿي وڪامي حيرت آ.
    *
    ڌن وارا عياشي ٿيا، نرڌن جو خدا حافظ،
    چورن جي وڌي عزت، ڀاڳين جو خدا حافظ،
    ڪري گرگ ٿو جذباتي، ڌڻ واهي بڻيو سوئي،
    اهڙا جي ڌنار آهن، ٻڪرين جو خدا حافظ.
    ”زهراڻي“ سچارن کي اڄ ڪونه ٿو ليکي ڪو،
    ڪوڙن کي ملي اهميت، سچن جو خدا حافظ.

    بلبل جي روپ ۾ شاعر جي فرياد:
    صياد، بلبل جي چمن م هت اڏيو آ دام ٻڌ،
    لاچار بلبل ٿي قـفس ۾ ۽ ڪري ماتام ٻڌ،
    رحم ڪو مون تي ڪريو، هيڏي اچو، هيڏي اچو،
    باغبان مون کي ڏسو، هيڏي اچو، هيڏي اچو.
    مان قفس ۾ آهيان، منھنجا وري ٿو پَرَ ڪپي،
    بيرحم ظالم پيو بيداد مون سان هيئن ڪري،
    مون سان هيءَ ويڌن آ ليڪن ڪونه هو ڪوئي ڪُڇي،
    مونکي هو نالان ڏسي ۽ خوب خوشتر ٿو ٿئي.
    رحم ڪو مون تي ڪريو، هيڏي اچو هيڏي اچو.
    ڇو ڀلا منھنجي صدا اڄ بي اثر بڻجي وئي،
    فرياد منھنجي اڻ ٻڌي ٿي درگذر بڻجي وئي،
    زندگي مون لاءِ صفا هاڻي زهر بڻجي وئي،
    طائر اهل چمن بي بال وَ پَرَ بڻجي وئي،
    قيد منھنجي مان سبق سو سکو، هيڏي اچو.
    رحم ڪو مون تي ڪريو، هيڏي اچو هيڏي اچو.
    *
    محبت ۾ هزارين غم سهان ٿو،
    مگر چپ چاپ ٿي چپ ۾ رهان ٿو.
    ڪيم سڀ ڪجهه کڻي تنھنجي حوالي،
    بچيو سر ساهه آ، سو ڀي ڏيان ٿو،
    پڙهيم انگريزي، عربي ۽ فارسي اڳ،
    سبق سورن جا اڄ توکان سکان ٿو.

    موريل، موهن جي دڙي جي تھذيب ۽ تمدن، سماجي ۽ معاشي حالتن، تاريخي تسلسل سان هڪ تمام ڊگهو نظم لکيو. هُن هِن نظم ۾ ڄڻ هزارها سالن جي تاريخ کي قلمبند ڪيو آهي. هن نظم ۾ سنڌ، هند ۽ دنيا جي تاريخن جا حوالا ڏنا ويا آهن. ان نظم مان نموني طور چند سِٽون پيش ڪجن ٿيون.
    هن دنيا دورنگيءَ ۾ جب ٿئي اسرار،
    ودوان سڀ ڳالهه جو قادر آ ڪرتار،
    پوءِ پرٿويءَ تي پرڀوءَ جا آيا هن اوتار،
    نالا گهڻن جا ياد نه ٿم، نڪو سندن شمار،
    ويدن جي ودوانن کان هيءَ ٻڌم وستار،
    ته ”موهن جو دڙو“ ملڪ هو سهڻو منجهه سنسار،
    بيل گاڏيءَ تي بار کڻندا هئا، وڏا وزندار،
    قوم دراوڙ هن ۾ آباد هئي اظھار،
    ڪول، ڀيل، سنٿال پڻ هئا هتي يار،
    هيون وارث ملڪ جون مٿيون قومون چار،
    اتھاس پراچين جي پَتا ڏنا هي پار،
    هتي ڪاريگر ماهر هئا محنتي هوشيار،
    سڀيتا سندن جا اڄ ڀي ملن ٿا آثار،
    ڊکڻ، سونارا، لوهر قابل هئا ڪنڀار،
    ڪوري، رازا، موچي، چمڙيءَ وارا چمار،
    راجا هو، راڻيون هيون، هئا راجڪمار،
    هتي ملي مھراج جي لوڪ سڀا درٻار،
    راجا پرجا جو پاڻ ۾ پريت، گهڻو هو پيار،
    هتي اڌيرج هو ملڪ تاجدار،
    ٻيا راجا گهڻا هئا هِن جا باجگن ار،
    هتي سوم پوٽيءَ جو پڻ ڪيو اٿن اذڪار،
    سوم رس پيئندا هئا واسطي خمار،
    جيئن موالي اڄ ٿا مڌ مٿي ڪن مار،
    ڀُونءِ ڀلي آباد هئي گل ڦل سان گلزار،
    ڪپهه، چانور، ڪڻڪ ۽ جام تِرَ جُوار،
    بندر هو مهراڻ جو ڪنڌيءَ ساڻ ڪنار،
    ايندا ويندا جھاز هِتي ۽ هُن پار،
    سنڌي ڪندا هئا ڏيساور ڏور وڃي واپار،
    انڊونيشيا، جاوا، سوماترا، زنجبار،
    جپان چين کان وٺي ڪابل تائين قنڌار،
    بلخ بخارا بابل ۾ ٿي ڪيائون ڪاروبار،
    عراق، مصر، آفريڪا جي ڀي هئن خبرچار،
    اڃا ان کان اڳتي ويندا هئا هُن پار،
    ليومينا کنڊ هن ڌرتيءَ تي هڪڙو هئو ڌار،
    پوءِ ٻڏي ويو غرق ٿي پيهي منجهه پاتار،
    ڇهه ڪروڙ ماڻهن جا هئا منجهس گهرٻار،
    مڊگاسڪر مالديپ سندس باقي بچيا آثار،
    ڀاشا موهن دڙي جي اڃا زير ويچار،
    لپي انهن جي لکڻيءَ جا آهن مهرن تي اچار،
    ڪي محقق تاريخ ۾ هي ٿا لکن قول قرار،
    آشوري، ڪلداني، ساساني بسيار،
    آريا پڻ هتان لڏي ويا هئا اتر پار،
    پوءِ موٽيا دڪشڻ ڏي ٻيو دفعو ٻيهار،
    ميرو پربت اڄ جتي برف جا انبار،
    ايڪسي موز انهن جو اتي نسل ٿي نروار،
    هاڻي روس آمريڪا جو اتي اقتدار،
    ڳاڙها هندي ڀي ويا هتائون هُن پار،
    ”زهراڻي“ جيڪو لکيو آ سڀ ڪتابن جي آڌار.


    ” نيو ملينيم، مان ۽ جويو “

    اڄ 31- ڊسمبر 1999ع آهي، يعني اڄ ويھين صديءَ جو آخري سج لھندو. يعني اڄ انگريزي ڪئلينڊر مطابق ٻئي هزار سال جي پڄاڻي ٿيندي، جنھن کي انگريزي ٻوليءَ ۾ “Millennium” چئجي ٿو. اهڙيءَ طرح سڀاڻي پھرين جنوريءَ تي ايڪويھين صديءَ ۽ ٽئين هزار سال جو پھريون سج هن ڌرتيءَ تي پنھنجا ڪرڻا پکيڙيندو. اصل ۾ نيو ملينيم يا هڪ هزار سال جو آخري ڏينھن قومن ۽ سماجن جي عملي احتساب جو ڏينھن آهي. هن ڏينھن تي مھذب ۽ ترقي پسند قومون تنقيدي نظر سان ان ڳالهه جائزو وٺنديون آهن ته انھن هڪ هزار سال جي عرصي ۾ ڇا ڏنو۽ ڇا ورتو آهي؟ انھن سياسي، سماجي ۽ معاشي نظامن ۾ وقت ۽ حالتن پٽاندر ڪيتري، ڪھڙي ۽ ڪھڙي طريقه ڪار سان ترقي ڪري تبديلي آندي آهي. انھن وقتي تقاضائن مطابق پاڻ ۾ ڪھڙيون تھذيبي ۽ تمدني تبديليون ۽ ترميمون نمايان ڪيون آهن. جن سان ملڪ ۽ قوم جو معيار ۽ وقار بلند ٿي سگهي.
    انھن سائنس، ٽيڪنالوجي، ڪلچر، علم ادب، تاريخ، سماجيات، ٻولي، سماجي سائنس، فسلفي ۽ نفسيات وغيره جي شعبن ۾ عالمي سطح تي عالمي معيار مطابق ڪيتري تحقيق، ترقي ۽ تجديد ڪئي آهي. پوءِ انھن تجربن، مشاهدن ۽ نتيجن جي روشنيءَ ۾ نوان نظريا، تصور، طريقه ڪار، ماپا ۽ معيار قائم ڪري پنھنجي ترقيءَ جي رفتار کي جاري رکنديون آهن.
    سموري دنيا جون قومون پنھنجي شاندار ۽ بي مثال سائنسي، اليڪٽرونڪ، سماجي، معاشي، صنعتي، زرعي، تھذيبي، تاريخي ۽ ثقافتي ترقيءَ تي جديد ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ ۽ نھايت تيز رفتار اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ترقيءَ مٿان بيھي اوچي ڳاٽ بڻجي ”نيو ملينيم“ جشن ملھائڻ جون تياريون ڪري رهيون آهن. پر اسان جي ماڻهن جو ته انداز فڪر ئي عجيب آهي. سندن مزاج ۽ نفسيات ئي نرالي آهي. تبديليءَ ۽ ترميم، تحقيق ۽ تجديد ته ڄڻ سندن چيڙ آهي. هُو شين کي جيئن جو تيئن رکڻ ۽ ڏسڻ پسند ڪن ٿا. اسان فقط بي مقصد ڳالهين جو پاڻي ولوڙيندي، گلائون ۽ غيبتون ڪندي پنھنجون عمريون گذاري ڇڏيندا آهيون. ڇو ته ان ۾ ڪنھن محنت يا مشقت، تحقيق يا تجربي، مطالعي يا مشاهدي جي ڪا ضرورت ئي نه آهي. بس رڳو بيان ۾ رواني هجي. سڄي دنيا کي کنڀي کڻي اڳيان بيھاربو.
    نيو ملينيم جي جشن ملھائڻ وارين تيارين سان روزانه اخبارون ڀريون ٿيون اچن. ملڪ جھان بابت خبرون پون ٿيون. جڳ جھان ۾ جو وهي واپري ٿو، ان جي جانڪاري ملي ٿي. اسان وٽ به هرڪو پنھنجي پنھنجي وَسَ آهر انهيءَ خوشيءَ جي تيارين ۾ مصروف آهي. اخبارن ۾ آيو آهي ته اسان جي سنڌ جا اهل قلم، اديب، دانشور، صحافي، شاعر، محقق، تاريخدان، فلسفي، ۽ نقاد ڪي ڀٽ شاهه تي يعني شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَرح جي روضي تي، ڪي لاڙڪاڻي جي سپنا اِن هوٽل ۽ شاهنواز لائبريريءَ ۾ تقريرون ڪري تنھن کانپوءِ ويھين صديءَ جي آخري سج غروب ٿيڻ جو نظارو موهن جي دڙي جي اسٽوپا تي بيھي ڏسندا.
    هي ڪيڏو نه وڏو سچ آهي ته اسين پنھنجي غفلت، روڳائپ، ڪوتاهين ۽ نا اهليءَ تي پردي وجهڻ لاءِ پنھنجي پنھنجي شاندار ماضيءَجي يادن ۾ پاڻ کي فراموش ڪري پاڻ تان ڄڻ بار هلڪو ڪري ڇڏيندا آهيون. اهڙيءَ طرح هاڻي به پنج هزار سالن کان مٿي قديم تھذيب موهن جي دڙي جي ان دور جي قوم جي عظيم ايجاد ”بيل گاڏي“ تي چڙهي نيو ملينيم ملهايو ويندو. جڏهن ته دنيا وارن مريخ کي به پراڻو ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي اهو اندازو لڳائڻ ڪو مشڪل نه ٿيندو ته اسين دنيا وارن کان ڪيترو پوئتي پيل آهيون. اڄ سمورا دوست ۽ عزيز مختلف پروگرام ترتيب ڏئي ايڪيھين صديءَ جي آمد جي جشن جي صورت ۾ آجيان ڪندا. پر مون سوچيو ته مون جھڙي ڪِني ۽ ڪمزور وٽ اڻڄاڻ ۽ ادنى وٽ، نادار ۽ لاچار وٽ ملينيم ملھائڻ ڪير ايندو؟ جنھن کي ڏاڙهي ڪوڙڻ لاءِ بليڊ ڪونهي. اگر بليڊ ملي ٿو ته ويھن سالن کان وٺي شيونگ ڪريم يا صابڻ لاءِ پيسو ڪونهي. جنھن سبب ويھن سالن کان پاڻيءَ سان ڏاڙهي ڪوڙي اٿم. عيد جي تھوار کانسواءِ ڪڏهن به ڪپڙا استري نه ڪرايا اٿم. معاشي طور تي چانهه جي هڪ ڪوپ جي وسعت به نه اٿم. جنھن ماڻهوءَ ويھن سالن ۾ ڪو نئون بوٽ يا چپل نه ورتو آهي. هِن هُن کان پراڻا ۽ لٿل وٺي پئي وقت گذاريو آهي. يا انھن محترم سڄڻن ۽ ساٿين غريبي حال ڏسي عنايت ڪري پنھنجا لٿل ڪپڙا ۽ بوٽ پائڻ لاءِ پئي ڏنا آهن. حسبِ دستور مان پنھنجي بنا ڇت واري فري ڪوچنگ سينٽر ۾ ڀتين جي پاڇي ۾ تڏي تي ويٺي شاگردن کي پڙهائي رهيو هوس. اهو اٽڪل شام جو ساڍي چئين وڳي کن جو ٽائيم هو. هڪ ديوَ جيڏو، بُتَ ۾ ٿلهو متارو ۽ قداور مڙس اسلام عليڪم ڪري اندر لنگهي آيو. هٿ ۾ فروٽ جي هڪ ڀريل ٿيلهي هيس، جن ۾ نارنگيون، موسميون، ڪيلا، صوف ۽ فلٽر هئا. مان ڊڪي وڃي ساڻس ڀاڪر پائي مليس. سندس جسم ۾ ائين ضم ٿي ويس، جيئن ڪُڪِڙِ جو ٻچو ڪُڪِڙ جي اوڙي ۾ گم ٿي ويندو آهي. وڏيءَ گرمجوشيءَ سان ملياسين. ادبي، سياسي ۽ سماجي لحاظ کان تمام وڏي وزندار ۽ قداور شخصيت جنھن لاءِ مان ڪڏهن سوچي به نه سگهيو هوس ته ايڏي وڏي شخصيت سيڙجي اچي مون ڪين جھڙي سان ”ملينيم“ ملھائيندي، جنھن کي گُڏَ جي هوٽل جو برو پاڻي به نه پياريندو آهي، ڀلا هڪ سُڃي ۽ سُڪل کي سڃاڻندو به ڪير. اها شخصيت هئي محترم سائين حيدر جويو صاحب جن جي.
    مون سمجهيو ته جويو صاحب وڏيرن وٽ آيوهوندو، جو اسانجي ڳوٺ جي وڏيرن سان ساڻس سماجي ۽ سياسي وابستگي رهندي پئي آئي آهي ۽ انھن وٽ زماني جي ڪمن ڪارين سانگي ايندو رهندو آهي. اڄ به انھن ڏانھن ئي ويندو هوندو. اسان اٻوجهن جو ته سياست سان دور جو به واسطو نه آهي. فروٽ جي ٿيلهي هٿ ۾ ڏيندي چيائون ته هي فروٽ تنھنجي لاءِ آهي. اڄ رات به تو وٽ ٽڪڻي آهي. سوچيم ته اڄ وڏا ماڻهو وڏن ماڻهن سان ٿلها ماڻهو ٿلهن ماڻهن سان ملينيم ملهائيندا. مونکي به سنڌ جي ممتاز اديبن، دانشورن، نقادن، محققن، صحافين ۽ تاريخدانن پاران لاڙڪاڻي ۽ موهن جي دڙي وارن پروگرامن ۾ شرڪت لاءِ دعوتون مليل هيون. ذاتي طور تي به اچڻ لاءِ تاڪيد ڪيو ويو هو، ليڪن مون سوچيو ته اڄ هڪ سڙيل سُڪل ڪمزور، بيمار سان ملينيم ملهائڻو آهي، سو اهو ارادو ڪري هيڏانھن هليو آيس. سندن لفظن ۾ ڪيڏي نه پنھنجائپ ۽ سچائي سمايل هئي. مون لاءِ ته خوشيءَ جي ڪا حد ئي نه رهي جو اهڙي محترم شخصيت تمام وڏين ۽ عظيم علمي ادبي ۽ فلاسافر شخصيتن، مدبرن، دانشورن، صحافت جي سرچشمن، ڏات ۽ ڏاهپ جي آفتابن جي دعوتن ۽ انھن جي ترتيب ڏنل عظيم الشان پروگرامن کي پاسي ڪري مون عاجز وٽ اچي ملينيم ملھائي. سج به لھڻ وارو هو. شھر کان ٿورو ٻاهر کليل آسمان تي نڪري آياسين. اتي چانهه ۽ بسڪوٽ گهرائي کاڌاسين. ويھين صديءَ جي آخري سج لھڻ جو منظر پنھنجي ياداشت ۾ محفوظ ڪري، آهستي آهستي ڳالهيون ڪندا واپس آياسين.
    رات جي کاڌي ۾ ڪابه خوشامد ڪونه هئي. جھڙو غريبي حال هو تھڙو ئي پيش ڪيوسين. گوشت مڇي ڪونه هو. جائي جُواري ٻچن سنئين، سائي ڀاڄي ڪڻڪ ۽ چانورن جون مانيون ۽ کير هو. ان مٿان چانهه جا دور هئا. مانيءَ کانپوءِ رات جو ٽين وڳي تائين علم، ادب، آرٽ، فلسفي، تاريخ ۽ سماجي قدرن ۽ روين تي علم ۽ عقل جي روشنيءَ ۾ بحث مباحثو ٿيندو رهيو. انھن موضوعن تي دليلن ۽ ثبوتن سان جويو صاحب ڳالهائيندو ٿي رهيو ۽ اسين خاموشيءَ ۽ غور سان ٻڌندا ۽ هنڊائيندا ٿي رهياسين. ڪڏهن ڪڏهن اسان به پنھنجي وِتَ آهر بحث ۾ حصو پئي ورتو.
    صبح جو سوير اُٿي اڪيھين صديءَ جي پھرين سج جي اڀرڻ جو پڻ منظر ڏٺوسين. ان کانپوءِ ناشتو ڪري محترم سائين حيدر جويو صاحب موڪلائي پنھنجي ڳوٺ بس ۾ روانو ٿي ويو ۽ اسين پنھنجي نفسانفسيءَ ۾ لڳي وياسين.
    **


    لطيف آفاقي شاعر

    ذرو زنده دلي گر تو ۾ اي قوم آه ڪو!
    يادگيري تازه ڪر حضرت ڀٽائي شاهه جي،
    گرچ مردانِ خدا کي ناه شهرت جو ضرور،
    پر اسان تي حق آ خدمت ڀٽائي شاهه جي!

    صدر محترم! معزز اديبو، دانشورو، شاعرو، استادو ۽ پورهيت ساٿيو ! جيئي سنڌ.
    اهڙو فڪر جيڪو افق تي هر نئين سج کي نئون نياپو ڏيندڙ هجي، اهڙو فڪر جيڪو هر دور ۾ هر وقت جي فطري تقاضائن جو پورائو ڪندڙ هجي، اهڙو فڪر جيڪو انسان ذات جي هر مڪتبِ فڪر جي نمائندگي ۽ نقاشي ڪندڙ هجي، اهڙو فڪر جيڪو هر انسان جي احساسن، اڌمن، جذبن ۽ جذبات جي ترجماني ڪندو هجي ته اهڙي فڪر کي آفاقي فڪر جو پيغام چئبو آهي.
    منھنجي تقرير جو موضوع پڻ انهيءَ ئي نسبت سان آهي، يعني ”لطيف آفاقي مفڪر آهي.“
    شاهه صاحب جي شاعري اهو روشن باب ۽ پاڪيزه پهلو آهي جنھن ۾ مشهور مفڪر ملٽن جا مقرر ڪيل اصول، اصليت، سادگي ۽ جوش جا بنيادي عنصر جهلڪا ڏئي رهيا آهن. سندس ڪلام ۾ ڪارلائل جو اصول به آهي ڇو ته لطيف جي شاعري جهرجهنگ، برٿر ۾ ڳائي ۽ جهونگاري وڃي ٿي. سندس ڪلام ۾ رابرٽسن جي جذبات ۽ وليم ورڊس ورٿ جي منظر نگاري پاريون ڪيو پلٽي پئي آهي.
    عرب شاعر اصمعي صرف سادگيءَ کي ٿو ڏسي، جناب عقدالفريد شعر لاءِ اصليت کي بنياد ٿو ٺھرائي. انب رشيق بھترين شعر کي فقط سڃاڻڻ جو معيار ٿو ٻڌائي.
    شاهه صاحب جي شاعريءَ کي جڏهن مشرقي ۽ مغربي مفڪرن جي مقرر ڪيل معيارن جي ڪسوٽيءَ تي پرکيو ۽ پروڙيو وڃي ٿو ته اهو ٻنهي معيارن تي مڪمل طرح سان هر پاسي ۽ هر ڪنڊ کان ٺھڪي ٿو اچي. شاهه جي ڪلام ۾ اهي سموريون خوبيون هڪ ئي وقت موجود هيون. تنھن ڪري اها ڳالهه تحقيق ۽ تصديق سان پئي سگهجي ٿي ته شاهه جو ڪلام عالمگير ۽ آفاقي حيثيت رکندڙ پيغام آهي.
    شاهه جي ڪلام ۾ به اهو ئي هڪ پيغام آهي، جيڪو ڪنهن هڪ قوم، ملڪ، خاندان، ذات يا فرد لاءِ ناهي بلڪ هِي آفاقي پيغام فطري تقاضائن جو پورائو ڪندڙ پيغام آهي. هر قوم، هر ملڪ، هر فرد، هر وقت ۽ هر دور جي حالتن مطابق نئين سج جو نئون نياپو آهي.
    شاهه صاحب جي شاعريءَ جا قدر غير متبادل ۽ اڻ مٽجندڙ آهن. اهو ئي سبب آهي جو سندس فڪري ۽ معياري بلنديءَ تائين ڪوبه پهچي نه سگهيو آهي، ڇو ته سائين منھنجا! آڳاٽي زماني کان اڄ جي سائنسي ۽ فني عروج جي دور تائين مغرب ۽ مشرق جو ڪوبه اديب، دانشور، مفڪر ۽ شاعر نه ته عالمگير امن ۽ برادريءَ جو اصول پيش ڪري سگهيو ۽ نه انسان ذات جي سڀني جذبن ۽ احساسن جي گڏيل ترجماني ۽ نمائندگي ڪري سگهيو.
    اهو شاهه صاحب جو ئي عروجِ ڪمال آهي جو سندس شعر ۾ فن۽ فڪر جو حسين سنگم ۽ امتزاج ملي ٿو. سندس ڪلام ۾ سوالن جا جواب ۽ مسئلن جا حل ملن ٿا. سندس ڪلام ۾ زندگيءَ جي هر پھلوءَ جا اولڙا ۽ عڪس نمايان نظرا چن ٿا.
    لطيف ان ماڳ تي انهن وٽ پھتل هو جتي ڪا حد ۽ لاحد ڪانه هئي. جيئن لطيف سائين فرمايو، ”وڃن تِتِ ٿيوم، جِتِ نهايت ناه ڪا“!
    دوستو! شاهه جي شاعري اهو روشن سج آهي، جنھن جي ڪرڻن ۾ مشرقي ۽ مغربي انساني فطرت ۽ انساني مزاج جو ڳوڙهو اڀياس ٿيل آهي. لطيف جو فڪر اهو سج آهي جيڪو اولهه ۽ اوڀر کي هڪجھڙو واسي ٿو. جنھن کي ڪوبه غروب ڪونهي.
    اڄ علم ۽ فن، تحقيق ۽ تجديد، سائنس ۽ ٽيڪنالوجيءَ جي ڪثرت آهي، اڄ انسان ڌرتيءَ جون سرحدون اورانگهي زميني گولي کان تمام گهڻو مٿي چنڊ ۽ مريخ تي پهچي پنھنجي عظمت مڃائي چڪو آ. پر وري ڪو لطيف پيدا ڪونه ٿيو.
    ٽي سئو سالن ۾ مولانا، مولوي، مُلان، پير، مشائخ، معلم، فلسفي، اديب، دانشور، شاعر، سائنسدان ۽ ڊاڪٽر هزارها پيدا ٿيا پر وري لطيف پيدا ڪونه ٿيو.
    دوستو! لطيف جيڪڏهن موجوده تعليم ۽ تدريس جي طريقن سان پڙهيل هجي ها ته هنن ٽن صدين ۾ سوين شاهه لطيف پيدا ٿي پون ها.
    دوستو! اسان جي زندگي غير حقيقي ۽ غير اصول معيارن ۾ قيد ۽ قابو آهي. اسان جي زندگي حيوانن وانگر بغير نصب العين مقرر ڪرڻ جي گذري رهي آ، جنھن ڪري اسان ۾ ڪا معنى ۽ حقيقت پيدا نٿي ٿئي. جڏهن ته شاهه صاحب واري زندگي اسان کان گهڻو بلند ۽ بالا آهي. اسان جي دل نور ۽ زندگيءَ کان محروم آهي، تنھنڪري اسان جھڙن مان لطيف جو وري پيدا ٿيڻ مشڪل ۽ ناممڪن آهي.
    شاهه صاحب جي آفاقي ڪلام کي سمجهڻ لاءِ ڪو لطيف ثاني گهرجي جيڪو شاهه جي شخصيت ۾ فنا هجي، جيڪو شاهه صاحب جي قلبي ڪيفيات ۽ باطني حِسَ مان لنگهي اچي، جيڪو پنھنجي قلب جي تار کي لطيف جي تار سان ملائي لطيف جي راز کي پنھنجي آواز ۾ بيان ڪري سگهي.
    دوستو! اڄ قلم ڏئي قلب کسيو ويو آ. اڄ ڪَلُون ڏئي قرار ڇنو ويو آهي. قلم، قال جي ٻائيتال کي ته لکي سگهجي ٿو پر عشق جي جانسوز شدت، حرارت، گرمي، روشني ۽ ڪيفيات کي ڇا بيان ڪري سگهندو. اسان وٽ رڳو قال آهي، حال ڪونهي، ماضي آهي مسقبل ڪونهي، ڳالهيون ته وڍين واريون آهن پر آهيون ٿلها متارا. هت ته اهو گهرجي جنھن جو اندر اڌ هجي.
    اڄ اچو ته ڪنھن اهڙي ڪليگر جي تلاش ڪريون جيڪو قلب جي ڪـَسُ ۽ ذهن جي زنگ کي ڪپي ۽ ڪوري ڪڍي. اچو ته ڪنھن اهڙي روحاني ڊاڪٽر جي تلاش ڪريون جيڪو اندر جي اکين جو آپريشن ڪري روحاني ۽ دل جي بصيرت مهيا ڪري. اچو ته ڪنھن اهڙي سونهين ۽ ڏاهي دانشور جي تلاش ڪريون جيڪو ڪـَنَ کان وٺي زندگيءَ جي اصل مقصد واري راهه ڏيکاري ۽ ان تي هلائي سگهي. اچو ته ڪنھن اهڙي جوڳيءَ ۽ سنياسيءَ جي تلاش ڪريون جيڪو اسان کي کپرن ۽ واسينگن جي ڏنگن ۽ زهرن کان آگاهي ڏئي بچائي سگهي.

    لکين لوڙائو، سھسين آهن سُڃَ ۾،
    بـَرَ ۾ بورائو، کڻج پيادي پاڻ سين!

    **


    مان ۽ منهنجي ماءُ

    اڄ ٻي آگسٽ سال 1999ع آهي. منھنجي امڙ جي وڇوڙي يعني وفات جو ڏينھن. قبرستان جي بلڪل آخر ۾ اولهه واري طرف کان اسان جي ڪھول (ڪٽنب) جون ڪچيون قبرون آهن، ڪابه پڪي قبر ڪونهي. مان پنھنجي ضعيف ماءُ جي قبر جي مٿان بيٺو آهيان.
    منھنجون اکيون! مون اوهان کي هميشه ٿَرَ جي ڀٽن جيان خشڪ رکيو آهي. مون هميشه اوهان کي سِڪايو ۽ سُڪايو آهي. اڪثر ڪري آلو ٿيڻ نه ڏنو آهي. مون توهان جي ڀڄڻ ۽ پسڻ لاءِ دل جا دروازا هميشه مضبوط رکيا هئا ته جيئن دل منجهان نڪرندڙ ڪيفيتن جا بخار توهان تائين پھچي توهان کي وسڻ تي مجبور نه ڪن.
    منھنجون اکيون! اڄ مون توهان لاءِ اهي سمورا دروازا کولي ڇڏيا آهن. اڄ ڇڇڪا ڪري وسي پئو. رڪاوٽن جا سمورا جهلي بند ڀڃي اٿل ڪري اٿلي پئو. ايترو وسو، ايترو وسو جو امڙ جي قبر جي مِٽي ايتري آلي ٿي پوي جو اُن آليءَ مِٽيءَ مان هڪ وڏي سِرَ ٺھي پوي، جنھن تي مان پنھنجي امڙ جو نالو ۽ تاريخ لکان.
    اڄ توهان جو روئڻ سجايو آهي، ڇاڪاڻ ته اڄ توهان ان عظيم ماءُ جي مٿان روئي رهيون آهيو، جنھن جا اسان جي مٿان عظيم ۽ اڻ ڳڻيا احسان آهن. هن قبر ۾ اها عظيم ماءُ آهي، جنھن جڏهن لکھا ڪروڙين سال اڳ انسان جڏهن ميداني پٽن تي رهڻ شروع ڪيو هو، تڏهن ٻارن کي گرميءَ ۽ سرديءَ کان بچائڻ خاطر ڪپڙن پائڻ ۽ گهرن اڏڻ جو تصور پيش ڪيو هو.
    منھنجي دل اڄ ايڏيون رڙيون ڪر، ايڏيون دانھون ڪر جو سموري قبرستان جي پکين ۽ پُسن ۾ سناٽو ڇانئجي وڃي. قبرن ۾ ڏار پئجي وڃن. ڌرتيءَ ۾ لرزش ۽ جنبش پيدا ٿي پوي. اڄ ايڏيون رڙيون ڪر جو گدڙن کان سموري رات پنھنجون اونايون ڪرڻ وسري وڃن ۽ انھن دانھن تي سوچيندا رهن، چٻرن جون ٻوليون چُپ ٿي وڃن. اڄ ايتريون رڙيون ڪر جو ماڻهو سمجهن ته پاڳل ٿي ويو آهي. برابر مان سياڻن جي دنيا ۾ پاڳل ئي ته آهيان!!
    منھنجي عظيم ماءُ! مان اُن سُور جي شدت کي محسوس ٿو ڪريان، جڏهن تو مونکي ڄڻيو هو، ان وقت سور جي شدت توکي اهڙيءَ طرح ڪپي ۽ ڪوري رهي هئي، جيئن ڪرٽ ڪاٺ کي ڪپيندو ۽ چيريندو آهي. ايترن سورن سھڻ جي باوجود به تو ۾ مون لاءِ ڪوبه غصو يا بيزاري ڪونه آئي. ان وقت به تو مونکي ڏسي مرڪي ڏنو هو. تو پنھنجون سموريون صلاحيتون، سمورا سُک، خدمتون، همدرديون ۽ محبتون مون لاءِ وقف ڪري ڇڏيون. تتيءَ ٿڌيءَ ۾، اگهائيءَ سگهائيءَ ۾ پاڻ کي جوکي ۾ وڌو بلڪ مونکي ڪوسو واءُ لڳڻ نه ڏنو. پوءِ اڄ مان ان عظيم ماءُ جي قبر تي ڇونه اچان ۽ ڇونه روئان.
    مان جڏهن مِٽيءَ سان کيڏندو هوس، مٽيءَ ۾ ڀـڀوت ٿي ويندو هوس، يا جڏهن ٻاهران ايندو هوس ۽ گهر جو در ٽپي اندر داخل ٿيندو هوس، ان وقت عظيم ماءُ جنھن پُرڪيف، پُراسرار ۽ شفقت ڀرئ نگاهه سان هڪ وار جا نگاه ڪندي هئي ته ان نگاهه ۾ ايڏي ته جامعيت هوندي هئي جو ٻنھي جھانن جون خوشيون ۽ مسرتون ان هڪ نگاهه تان قربان ڪري ڇڏجن. ٻيا احسان ته اڳتي ٿيا. ته پوءِ ان عظيم قبر تي ڇونه وڃان، جنھن همدردي، محبت، امن، محنت ۽ شعور جون لوليون ڏنيون. دنيا جي سمورين مڌر سنگيتن جا سُرَ ۽ آلاپون گڏ ڪجن تڏهن به ان لوليءَ جي مٺڙي سُرَ برابر ٿي نٿيون سگهن، جنھن ۾ سوز ۽ سُرور جو گڏيل امتزاج موجود هو.
    انھن قبرن تي ڇو وڃان، جن خدا پاڪ جي خلق کي پاڻ ۾ ويڙهائي ۽ ورهائي انھن بي قصور انسانن جي لاشن مٿان چڙهي وڏا وڏا ٽھڪ ڏنا. پنھنجا ذاتي مفاد حاصل ڪيا ۽ ڪوڙي ۽ عارضي شھرت حاصل ڪئي. انھن قبرن تي ڇو وڃان، جن معصوم انسانن جي عزتن ۽ لڄن جي اولڙگاه وانگر لتاڙ ڪئي.
    ان عظيم قبر تي ڇونه وڃان جنھن سان ڪيتريون ۽ ڪيڏيون به حجتون ۽ ارڏايون ڪندو هوس. رُسندو هوس. اڍنگا انگل ۽ آٽا ڪندو هوس ته ڪڏهن به گهنڊ منھن ۾ ڪونه وڌائين. غصو ڪونه ڪيائين. پٽون پاراتا ڪونه ڏنائين. نفرت ۽ تعصب نه ڪيائين، بلڪ انھن ڪيفيتن ۾ هلڪي هلڪي مرڪ منھن تي هوندي هيس. گستاخيون ۽ شرارتون به منھنجون هونديون هيون ته به ڪنڌ ۾ ڀاڪر وجهي پرچائيندي ۽ وري به پاڻ هئي. پوءِ اهڙي عظيم هستيءَ جيڪا همدرديءَ ۽ بردباريءَ جو پھاڙ هئي ان جي قبر تي ڇونه وڃان!
    انھن قبرن تي ڇو وڃان، جن هميشه مونکي ذهني، شعوري، فڪري، جسماني، علمي، تھذيبي، تخليقي ۽ تعميري طور تي لُولو لنگڙو، ٻوڙو ۽ گونگو بڻائي ڇڏيو. فقط پنھنجن اشارن تي هلڻ ۽ نچڻ سيکاريو. جن هميشه پنھنجا پير چٽايا، پنھنجي اڳيان گردن جهڪائي بيهڻ سيکاريو. جن انسانيت کي ڏنگ ۽ ڏنڀ ڏنا. انساني قدرن جي پائمالي ڪئي. انسانيت جي محسنن کي طرح طرح جون اذيتون ۽ عذاب ڏنا ويا. ڪن کي ڦاهن تي لٽڪايو ويو، ڪن جون زبانون ڪٽيون ويون. کلون لھرايون ويون. زهر جا پيالا پياريا ويا.
    انھن قبرن تي ڇو وڃان، جن ڪڏهن ائين ڪونه پڇيو ته پيٽ ۾ بک اٿئي يا ڍَءُ، جهڳو ٺھيل اٿئي يا نه. ٻچڙن جي زندگي ڪيئن ٿي گذري. تعليم، تربيت ۽ صحت جو بندوبست آهي يا نه. هنن جو انھن مسئلن سان ڪوبه واسطو ڪونه هو. هنن جي سوچ فقط اها هئي. مان هنن جي مستقل مفادن لاءِ ڪيترو ۽ ڪيستائين ڪارائتو آهيان. هنن جون نظرون منھنجي کيسي ۾ هيون. باقي منھنجي بک، بدحالي، بيماري، مفلسي ۽ بيوسيءَ سان انھن جو ڪوبه تعلق ڪونه هو. هنن جي پٿر دل کي ڪڏهن به مون لاءِ ڪھل ڪونه آئي.
    انھن قبرن تي ڇو وڃان، جن سان نه ڪڏهن رُسي ٿو گهان ۽ نه ڪا حجت ڪرڻ جي جرئت ڪري ٿو سگهان. يعني پنھنجائپ جي ڪابه ٻولي ڪونهي. ان عظيم قبر تي ڇونه وڃان، جنھن جون اکيون هميشه در ۾ کتل هونديون هيون. جيستائين گهر ۾ نه ايندو هوس، تيستائين اک نه لڳندي هيس. رات جو جنھن مھل به گهر آيس ته پنھنجي عظيم ماءُ کي انتظار ۽ اوسيئڙي ۾ جاڳندو ڏٺم.
    **


    ڪهاڻيون

    پيئي ڪانه پرک

    هونئن ته اسان به ڪاليج جي ماحول ۾ رهياسين. ڪاليج لائيف اسان به ڏٺي. هلڪا ڦلڪا فنڪشنس. لطيف ڊيز، رسيپشن پارٽيز وغيره ٿينديون هيون. ڪڏهن گوڙ شور، ڪڏهن لٺبازي، ڪڏهن باقاعده ڪلاسن جي پڙهائي ۽ پرائمري وانگر باقاعده اٽينڊنس. ڪڏهن وري فلسفيانه انداز ۾ وڏيون وڏيون تقريرون ٿينديون هيون. هڪٻئي جي ڪمرن تي اچڻ، ڪنھن نه ڪنھن موضوع تي رات ڀر ڪچھريون ڪرڻ، بحث مباحثا ڪرڻ، منطقي ۽ تاريخي، عقلي ۽ سائنسي دليل بازي ڪرڻ، عام معمول جي ڳالهه هوندي هئي.
    ڪڏهن اسٽرائيڪ ڪرڻ، ڪڏهن بسن جا شيشا ڀڃڻ، ڪڏهن ملڪي ۽ عالمي سياست تي تبصرا ۽ تنقيد ڪرڻ. ڪڏهن مجازي عشق ۾ ديوانو ٿيڻ. ڪڏهن ڪنھن ليلى جي محبت ۾ مجنون ٿي وڃڻ. ڪڏهن سيٽيون وڄائڻ، ڪڏهن نعري بازي ڪرڻ، ڪڏهن پارڪن ۾ ويھي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو هچرون پچرون ڪري ٽائيم پاس ڪرڻ. ڪو جنسيات کي مقصد ڄاڻندو هوته ڪو وري هم جنس پرستيءَ جي عذاب ۾ پيڙبو رهندو هو. يار گهڙي کن نه ملي ته اندر ۾ آنڌ مانڌ، لُڇَ ۽ بيقراري. نه چڱو ماڻهو وڻي نه چڱي ڳالهه. نه ڪم تي دل ڪڍي نه پڙهڻ ڏانھن ڌيان. بس رڳو يار جي هورا کورا ته دلبر جو ديدار ٿئي. جي هو دير ڪري ته پاڻ وڃي دلبر جي در جو ڪڙو کڙڪائبو. مان به ان اَري ۾ اچڻ وارو هوس پر جيئن ته سنڌيءَ ۾ ويچارا مسخرا چوندا آهن ته، ”بابي جو موت ڏسي منھنجي ته مرڻ تان دل ئي کڄي وئي آهي.“
    سو ان چواڻي ظفر جي اهڙي محبت جي حالت ڏسي مون ته ان محبت کان توبهه ته ڇا پر، زاري ڙي زاري ڪري ڇڏي.پوين کي به ڏَسَ ڏيندس ته هم جنس پرستيءَ جي عذاب ۾ نه ڦاسو.
    ظفر اسان جو دل گُهريو دوست هو، هو پنھنجي هڪ جيڏي ڇوڪري تي جيڪو رنگ جو ته گهڻو ڀورو هو پر بدن جي بيھڪ ۽ ڊول ۾ ڪائي ڪشش ڪونه هئس. ان تي صفا چريو بلڪ ديوانو هو. ڇوڪري جي کاڌي پيتي، لٽي ڪپڙي، اُٿي ويٺيءَ ۽ پڙهائيءَ جو سمورو خرچ ظفر جي کاتي ۾ هوندو هو. ظفر جو پيءُ واپار وڙو ڪندو هو. چار ٻارا ٻنيءَ جا به هئس. ظفر پنھنجي پيءُ کان ڪونه ڪو ڪوڙو بھانو بڻائي پيسا پيو گهرائيندو هو. وري جو ڳوٺ وڃي ته يار به ساڻ. اتان وري ناني، ماسي، ماءُ ڀيڻ کي مٿي تي هٿڙو گهمايون هَڙَڪوسي ڪيون ايندو هو. ڀلا آخر ته هو به ڪاليجي شاگرد. ڪراڙين جو به ساڻس گهڻو پيار هو. ماءُ جو ته وري رشتو ئي اور آهي. ائين پيو پرينءَ جي پورت ڪندو هو. پنھنجا جيڪي ويجها يار دوستار هئس تن کان ڪوڙ هڻي ٺڳيون ڪري اوڌر تي پيسا وٺندو هو. انھن پيسن کي وري واپس ڪرڻ لاءِ ٻيڻ ۽ چئوڻ تي وڌيڪ پيسن ڏيڻ تي پئسا وٺي گهڻيءَ ڇڪتاڻ ۽ تلخيءَ کانپوءِ واپس ڪندو هو.
    اهڙيءَ طرح هن پنھنجي وقار کي ڊانوان ڊول ڪري ڇڏيو هو. پر محبت ۾ ته سڀ ڪجهه سَهڻو هوس. نه ته ديوانن جي دفتر ۾ نالو ڪيئن لکجيس ها! اهي خبرون سندس مائٽن تائين به پھتيون، پر ويچارا کيس سڀڪجهه ڄاڻندي به ان ڪري ڪجهه ڪونه چوندا هئا ته متان ساڃاهه کان نڪري بي ادب، بي فرمان ۽ گستاخ نه ٿي پوي، جيڪو سنگتي ساٿي کيس هدايت ڪندو هو. کيس ماحول مٽائڻ لاءِ چوندو هو، جنھن ماحول کيس معاشي، ذهني، علمي، نفسياتي ۽ سماجي طور تي برباد ڪري ڇڏيو هو ته ظفر اهڙن ماڻهن سان تعلقات ٽوڙي ڇڏيندو هو. انھن وٽ اچڻ وڃڻ بند ڪري ڇڏيندو هو. بلڪه چڙي پوندو هو. آپي کان نڪري ويندو هو. ڄڻ ڪو کيس ڪنھن وڏي عھدي تان هيٺ پيو ڪيرائي يا سندس لاءِ بھشت جا دروازا بند ڪري.
    اهڙو رويو اختيار ڪرڻ ڪري ظفر کي هاڻي چڱيءَ صلاح ۽ چڱيءَ واٽ ڪير به ڪونه ڏسيندو هو. سندس مائٽ ساڻس ڏيءَ الفت ۽ اڪير مان ملڻ ايندا هئا ته نھايت خفي ۽ بيزار پيو ٿيندو هو. کين ٿوري ٿوري ڳالهه تي منھن خراب ڪري ڇڙٻون پيو ڏيندو هو. ساڻن بيحد ناروا سلوڪ اختيار ڪندو هو. ان رويي تي اسان جي ذهن کي ڏاڍيون چھنڊڙيون پونديون هيون. ڏاڍي خار ايندي هئي، پر ڇا ٿي ڪري سگهياسين. پاڻ هڪڙي تي پروانو ته هن جي آڙِ ۾ مٿس وري ٻيا ديوانه هوندا هئا. پر اُهي هن وانگر گهر ڦورائو ڪونه هئا. ڏاڍا چالاڪ ۽ حرفتي هئا. بازيون به وجهندا هئا. جان به بچائيندا هئا. ائين پيا وقت گذاريندا هئا. حيرت جي ڳالهه اها ته انھن جو خرچ به وري ظفر ئي ڪندو هو.
    ”هڪڙي پنھل ڪاڻ ٻانهي ذات ٻروچ جي.“ جي چواڻي ظفر پنھنجي يار جي مائٽن مِٽن، سنگتين ساٿين جون به ڪاڻيون رهاڻيون پيو ڪڍندو هو، جيڪو اچي کيس يار جي ڳالهه ٻڌائيندو هو يا ان جي تعريف ڪندو هو ته ظفر کُٿو نه ماپندو هو. ائين ئي ڏسندي ڏسندي کانئس چڱي صحبت ۽ چڱا ماڻهو ويا ڪٽبا. مطلبي ۽ لالچي ماڻهن جو گهيرو ويس مضبوط ۽ سوڙهو ٿيندو جي کيس پيا مختلف طريقن سان لٽيندا ۽ ڦريندا هئا.
    هڪڙي ڀيري مون کيس چيو، ”ظفر تون ڪيڏو نه اياڻو ٿي پيو آهين. علم ۽ عقل تي ڄڻ تالو ڏئي ڇڏيو اٿئي، تو پنھنجي علم، عزت، وقار، وقت ۽ پئسي جو تمام گهڻو زيان ڪيو آهي. زندگي برباد پيو ڪرين. امتحان ۾ هر سال فيل پيو ٿئين. ان ماحول کي آخر ڇڏين ڇونه ٿو. ڇا ڏٺو آ تو ان ماحول ۾؟ هزارن جو قرضي ٿي چڪو آهين، ڪنھن دوست کي منھن ڏيکارڻ جي قابل نه رهيو آهين. ٻيو ته تون شادي شده آهين. ان طرف به ڪجهه ڌيان ڪر! پنھنجي ۽ پنھنجي خاندان جي زندگي ڇو ٿو تباهه ڪرين. پنھنجي ٻچن لاءِ به ته توکي ئي سوچڻو آهي نه .... .“
    هو غور سان منھنجون ڳالهيون ٻڌي رهيو هو. چيائين، ”تنھنجون سڀ نصيحتون بلڪل درست آهن. پر مان مجبور آهيان. منھنجي لاءِ ته بس اِها ئي زندگي آهي. مون کي ان کان دنيا جي ڪابه طاقت روڪي نٿي سگهي. اسان جو رشتو صاف ۽ بي داغ آهي. مان ان لاءِ سڀڪجهه قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. اهي ئي منھنجي زندگيءَ جو سھارو ۽ مقصد آهن. مان انھن کي هرگز ڇڏي نٿو سگهان.“
    ظفر اُن پيڙا ۾ جُواري، پتئي ۽ نشئي بڻجي سُرت ۽ ساڃاهه وڃائي چڪو هو. سندس اهڙا اڻ وڻندڙ ۽ اخلاق کان ڪِريل لفظ ٻڌي مان سوچن جي سمنڊ ۾ گم ٿي ويس. دل ئي دل ۾ چيم ته، ”شخصي سچي محبت جي بينسريءَ جو مڌر آواز هن ڪائنات ۾ تمام گهڻو اڳ نڪتو هو. ان مان سوز ۽ سُرور جي سنگيت وڄندي هئي. پر اها برهه ۽ بيراڳ جي بينسر گهڻو اڳ ڀڄي چڪي آهي. جڏهن انسانن مفادن جي هَوَسَ ۾ محبت جي مقدس رشتي جي آڙ ۾ ڦرلٽ ڪئي هئي. هڪٻئي سان مڪاريون ۽ منافقيون ڪيون. هڪٻئي جو خون وهايو هو. هي نفسانفسيءَ جو دور، ڀاءُ، ڀاءُ جي خون جو پياسو لڳو پيو آ، حقيقي رشتا ۽ ناتا ڀورَ ڀورَ پيا ٿين ته ان سمي هي همراهه ڪٿان مريخ يا زهري جي دنيا تان لڏي، سچي محبت پاڻ سان کڻي اسانکي تحفو ڏيارڻ آيا آهن. بھرحال، مون هاڻي کيس ڪجهه چوڻ بند ڪري ڇڏيو هو. جيڪو روزانو ڪلاڪ ڪچھري ڪندو هو. سو هاڻي فقط ڪٿي واٽ ويندي ئي ملي سگهندو هو. رڳو عام ماڻهن جيان دعا سلام ٿيندي هئي نه ته مڙئي خير.... !
    هڪ ڏينھن اوچتو ئي مان هڪ هوٽل تي چانهه پيئڻ ويس ته اتي اتفاق سان سندس لاڳيتا ٽي دوست جن ۾ اهو گورو ڀورو دلبر به هو. اڳ ۾ ئي ويٺا هئا. هو مونکي ڏسي ڪجهه ڪترائڻ ۽ لنوائڻ لڳا. ڄن ته بھشت ۾ خچر پھچي ويو. هنن کي اها خبر هئي ته مان ظفر کي انھن جي صحبت کان جهليندو هوس. مان سڌو سنئون سندن ٽيبل تي هليو آيس. ڪرسي سيري سندن سامھون رکيم. هو بي دِليئي سهي، پر چڱي نموني سان اچي مليا. بئري کي چانهه جو آرڊر ڏنم، چانهه آئي، چانهه جو پھريون ڍڪ ڀرڻ کانپوءِ ظفر جي ڀوري يار کي مخاطب ٿيندي چيم، .يار مونکي اوهان جو سخت افسوس آهي، جو اوهان ظفر کي سڌاري ته نه سگهيئو، پر ايترو بگاڙيوس ته نه ها....! اڄ هُو اوهان جي سبب جي ڪري محتاج ۽ مفلوج ٿي چڪو آهي. سندس زندگي ڄڻ عذاب بڻجي وئي آهي.“
    منھنجو ايترو چوڻ، پوءِ ته ڄڻ ککر ۾ کڙو لڳي ويو. هڪ همراهه ٽھڪ ڏيندي چيو، ان سان چڱائي ڪرڻ يا ان کي چڱائيءَ ڏسڻ ناممڪن آهي. اسان کي ڪو پنھنجو سکيو ستابو در بند ڪرڻو آهي ڇا...!“
    مون چيو،”اهو وري ڪيئن چڱائي ته آخر چڱائي آهي.“
    ظفر جي اصل دوست مشڪندي چيو، ”ادا اسان کي خبر آهي ته ظفر جي مٿان تنھنجا تمام وڏا احسان آهن. اهي احسان جي اسان سان ڪرين ها ته هوندي سڄي عمر تنھنجا ڳڻ ڳايون ها. تنھنجو دَرُ هرگز ڪونه ڇڏيون ها. ليڪن اسان کي اها به خبر آهي ته توهان ظفر کي اسان کان روڪيو هو ته هو اسان جي صحبت کان پاڻ کي دور ڪري، پر هُن اوهان جي ڪابه ڳالهه ڪونه مڃي، بلڪ هو توهان جھڙي انسان سان سامھون ٿيو هو. تون اڄ به امتحان وٺي ڏس اسين رڳو ظفر کي حڪم ڪريون ته هو وڏي کان وڏا رشتا به ٽوڙي ڇڏيندو. ڪيڏي به وڏي قرباني ڏئي ڇڏيندو، بلڪ اسان جي حڪم جي تعميل ضرور ڪندو. ته پوءِ اهڙي انسان لاءِ اسان سان ڇوٿا ڦٽايو. اسين ته ان کان به وڌيڪ اوهان جي عزت ۽ احترام ڪندا آهيون.“
    ٽئين دوست وچ ۾ ڳالھائيندي چيو ته،”حرام جي ملڪيت اٿن، غريبن جو رت ٿا پيئن. انھن جا پيسا کائڻ واجب آهن.“
    مون چيو،”ته پوءِ ڀلا ان کي ڇڏي ڇونه ٿا ڏيو. جي هن جا سڄڻ آهيو ته!؟“
    ظفر جي اصلي يار چيو، ”گهر ويٺي سڻڀو گرهه ملي ته ان کي ڪير ڇڏيندو. هُو اسان جي پويان آهي، اسانکي ڳوليندو آهي. اسين ان جي پويان نه لڳا آهيون.“
    مون چيو،”هُو اوهان جي پويان ڇو ٿو لڳي؟“
    ظفر جي يار چيو،”اُها هن جي مجبوري آهي. اسين مجبور ناهيون. باقي دنيا آهي مطلب ۽ مفادن جي جنھن جو مطلب هوندو ته اهو ڳولي لھندو.“
    ”اسان جو به جڏهن ڪو مفاد هوندو آ ته ضرور ڳولي لھندا آهيونس.“
    مون چيو، ”تنھنجي معنى ته ظفر جو اوهان تي ڪوبه احسان ڪونھي؟“
    ”نه، بلڪل نه! هن جو ڪوبه ٿورو اسان تي ڪونهي. اسان لاءِ هن قرض ڪونه کنيا آهن. هن جو ڪجهه ڏنو آهي يا کارايو آهي، اهو سڀڪجهه پنھنجي مرضيءَ سان ۽ پنھنجي مجبوريءَ خاطر ڪيو آهي.“ انھن مان هڪ چيو.
    ”هو برابر اوهان تي مجبور آهي، پر ان لاءِ اوهان هاڻي هڪڙي قرباني ڪريو. هن جي مٿان تمام گهڻو قرض ٿي چڪو آهي. قرض وارن هن جو جيئڻ زهر ڪري ڇڏيو آهي. هو هاڻي ٻاهر گهمي ڦري به نٿو سگهي. اچو ته سڀ گڏجي ڪجهه پئسا گڏ ڪري سندس اها پريشاني دور ڪريون. يار، ظفر ڏاڍو پريشان آهي.“ مون چيو.
    ظفر جي اصل دوست چيو، ”قرض اسان لاءِ ته ڪونه کنيو اٿئين، يا وري ڪو اسان چيو اٿس ڇا ته وڃي قرض کڻ. اهو ان جو ذاتي مسئلو آهي. ان سان اسان جو ڇا وڃي. پاڻ ئي وڃي منھن ڏيندو.“
    مون چيو، ”ڇا ڪنھن مجبور انسان سان ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏيڻ يا همدردي ڪرڻ بُري ڳالهه آهي؟“
    دوست چيو،”ها، اهڙن ماڻهن سان چڱائي ڪرڻ، جيڪي چڱائيءَ وارن سان بُرو سلوڪ ڪن ۽ بُرائيءَ وارن جا پير مھٽيندا وتن، حماقت ۽ نادانيءَ کانسواءِ ڪجهه به نه آهي. ان جو زنده ثبوت ۽ پختو دليل توهان سامھون ويٺا آهيو.“
    مان اٿيس ڪائونٽر تي اچي چانهه جا پئسه ڏنم. هنن همراهن جا خيال ذهن تي هٿوڙا هڻڻ لڳا. اڳتي هلي معلوم ٿيو ته ظفر برابر مجبور هو. هن کي هڪ مجبوري هئي. برابر هم جنس پرستي هڪ وڏو عذاب آهي. محبت جي مقدس جذبي سان ڪيڏي وڏي مذاق آهي. ماڻهو پنھنجي نفسياتي جبلتن ۽ خواهشن کي محبت جو نانءُ ڏئي مختلف سٺن نالن ۽ رشتن جا پوش پھرائي بدنام ڪن ٿا.
    اهڙيءَ طرح ڪاليجي لائيف مان گذري آياسين. مونکي هاڻي نوڪري ملي چڪي هئي. برابر، انسان ويچارو ڪيترو مجبور آهي. ڪيترو چالاڪ ۽ تاڪائو آهي.!؟

    **


    ايڪسيڊنٽ

    اڄ صبح سوير کان ئي صابر جي مزاج ۾ فطري طور تي هڪ جنبش ۽ ڪيفيت طاري ٿي چڪي هئي. سندس طبيت ۾ اڄ الائي ڇو اوچتو ئي سنجيدگي ۽ گنڀيرائي محسوس ٿي رهي هئي. هن پاڻ کي ڪنھن اوپريءَ جاءِ تي محسوس ٿي ڪيو. خير، هو گهر کان نڪري بس اسٽاپ تي پھتو. بس اسٽاپ تان هڪ عورت به ساڳيءَ بس ۾ سوار ٿي. لڳو پئي ڄڻ کيس ڪا سروس هئي، صابر جي اوچتو ئي مٿس نگاهه پئجي ويئي. سندس چھرو گلابي گل جيان هو، مٿي تي ڦڪين چوڪڙين سان ڪارو رئو هوس جيڪو سندس گهنڊيدار زلفن کي ڍڪي رهيو هو. ڳلن جي ٻنھي پاسن کان ذلفن جون چند سونھري چمڪندڙ چڳون سندس منھن تي پئي لٽڪيون. سندس هڪ هٿ ۾ سوني منڊي بنا ٻُڙن جي پاتل هئي. منڊيءَ جي رنگ ۽ سندس آڱر جي رنگ ۾ ڪوبه فرق ڪونه هو. هن منڊيءَ کي تڏهن محسوس ڪيو، جڏهن سندس نظر منڊيءَ جي ڳن تي پئي. صابر کي ان جون ادائون بار بار چٽينديون رهيون.
    صابر هن کي پنڊ پاهڻ بڻجي ٽِڪَ ٻڌي گهوريندو رهيو. هوءَ به صابر کي رکي رکي پيار ڀرين نيڻن سان اکيون هيٺ کان مٿي ڪري گهوريندي رهي ۽ نظرن جا تير وهائيندي رهي. جيئن ڪو پاڻيءَ جو پياسو پاڻيءَ جو چشمو تڪيندو هجي. بس ۾ پيهه هئي. ماڻهو جڏهن وچ ۾ ديوار بڻجي پئي ويا ته هن رش جو بهانو ڪري پوئتي مُڙي ڏسي ٿي ورتو. جيڪو کيس چٽيءَ طرح ڏسي رهيو هو ۽ هوءَ پڻ. صابر پيار جي درياهه ۾ غوطا کائي رهيو هو. سندس سوچون هڪ جاءِ تي ٽِڪَ ٻڌي بيھي رهيون هيون ته اوچتو ئي ڊرائيور بريڪ هڻي گاڏيءَ کي بيھاريو، صاحب جي لھڻ جو اسٽاپ اچي ويو. ليڪن سندس پيار کي اڃا اڳتي وڃڻو هو. صابر نه چاهيندي به اٽڪي اٽڪي بس تان لهڻ لڳو.
    سندس سوچون سرحدن جي پولار ۾ هوا جي آڌار تي گشت ڪري رهيون هيون. سندس جسم ڄڻ بيجان هو. اڄ سندس دل ۾ طبلن جي تال وڄڻ لڳي. سندس زندگيءَ ۾ هڪ انقلاب برپا ٿي چڪو هو. هلندي هلندي سندس ڄنگهون وچڙي ٿي پيون. وري سنڀالي ٿي ورتائين. هو هيڏي ساري سماج ۾ ڄڻ اڪيلو ۽ اداس هو.
    آفيس ۾ پھتو ته اڄ ان ۾ اها شوخي، چنچلائپ ۽ حرڪت ڪونه هئي. آفيس وارن پھريون ڀيرو هن کي ايترو تبديل ٿيندي ڏٺو هو. هن جي هڪ حجتي دوست کيس چيو ته، ”صابر، ڇو اڄ ٻارهن وڄايو ويٺو آهين؟“، ”اڄ ڀلا ڪنھن پريءَ جو پاڇو پيو اٿئي ڇا؟ جو صفا پنڊ پاهڻ لڳو پيو آهين.“
    ”ها، بس ائين ئي سمجهه.“ هن سنجيدگيءَ سان چيو.
    ”ته پوءِ ٻڌاءِ ڀلا ته هلي ڪنھن مامي ديوَ جو پاسو وٺون. دوستن لاءِ سِرُ به حاضر آهي.
    ”نه يار، ديوَن جي وري ڪٿي ٿي دال ڳري، هي ته ديون کي به ڊَڀَ ڦٽائي ٿيون ڇڏين، هتي ديوَ نه پر دليون کپن.“ صابر چيو.
    ”ته پوءِ گهڻيون دليون کپنئي، هڪ، ٻه، ٽي ٻڌاءِ دوست!“
    ”نه اهڙي ڪابه ڳالهه ڪونهي. بس اڄ مٿي ۾ ڪجهه ويڳ ٿي پيو آهي. تنھن ڪري ڳالهه ڪونه ٿي وڻي.“ صابر چيو.
    ”ها، اهو ته مان به سمجهي ويس ته هاڻي اهو ويڳ ۽ روڳ ته توکي ڇڏيندو ئي ڪونه. ڇڏ بابا، اجايو ٿو نانگن جي ٻِرن ۾ هٿ وجهين. جتان ڪو بچيو ئي ڪونهي.“ دوست چيو.
    ”نه يار! تون غلط تاثر نه وٺ، مونکي آهي مٿي ۾ سور ته تون وڃي هُن ڀَرِ نڪتو آهين.“ صابر چيو.
    ”نه، بابا نه! مان اتي ئي ٿو بيهان الله جي آسري تون ئي سڙه سنڀالي هُن ڀر هليو وڃ، پر مان چوانءِ ٿو ته ٻيلي واٽ تي ڏاڍا ڪُنَ اٿئي. وڏا وڏا مَڇَ ۽ مانگر، واڳون، سيسر، وات ڦاڙيون ويٺا اٿئي. تنھنڪري ٻيڙيءَ کي مڙئي هلائجانءِ خيال سان.“ دوست طنزيه انداز ۾ چيو.
    آفيس جو ٽائيم ختم ٿي ويو ته يادن جو سلسلو تيز ٿيندو ويو. صابر بس ۾ واپس ڳوٺ اچي رهيو هو. بس اسٽاپ ڪيو. صابر ڪنڌ هيٺ ڪيو ٿيڙ کائيندو سڌو ئي پنھنجي ڪمري ۾ وڃي ليٽي پيو. جيڪو سندس روزانه دستور جي خلاف هو. اڳ ايندو هو ته ٻارن ٻچن لاءِ ڪجهه نه ڪجهه شيون وٺيون ايندو هو. در ٽپڻ سان ئي سڄو گهر ٻھڪڻ لڳندو هو.
    ننڍڙن ٻارن سان خيچلون ۽ حرڪتون ڪري ڪُڏائي ڪُڏائي پوءِ ڪمري ۾ وڃي ماني کائيندو هو. ليڪن اڄ اهو سڀ ڪجهه ڪونه ٿيو. هو ايندي ئي بستري تي ليٽي پيو. ڪڏهن هِن پاسي ڪڏهن هُن پاسي لــُڇ ۽ بيقراريءَ ۾ پاسا بدلائيندو رهيو، هن جي ننڍڙي ڀيڻ سَني، جنھن سان هو روزانو کل مذاق ڪندو هو ڪمري ۾ گهڙي آئي.
    چيائينس ته ”ڇو ادا اڄ ڏاڍو مايوس ۽ پريشان پيو لڳين....! طبيعت ٺيڪ نه اٿئي ڇا؟“ سنيءَ چيو.
    صابر ڪنڌ ورائي ڏٺو، وري پاسو ورائي ليٽي پيو. ڪوبه جواب نه ڏنائين.
    ”ڇو ادا مان توسان ٿي ڳالهايان يا ڀتين سان. ٿيو ڇا اٿئي؟ ٻڌائين ڇو نه ٿو؟” سنيءَ چيو.
    ننڍڙيءَ سنيءَ جي انھن لفظن تي صابر کي منھن تي مرڪ اچي وئي ۽ چيائين ته، ”ها ادي ڪنھن پريءَ جو پاڇو پيو آهي.“
    ”ادا جائي چئُه، سچ ٿو چوين. ادا جيجڙا ته پوءِ انھيءَ پريءَ جي ڳالهه ته ٻڌاءِ نه، مونکي پرين ۽ ديوَن جون ڳالهيون ڏاڍو وڻنديون آهن.“ سَنيءَ چيو.
    ”ڳالهه اڃا هاڻي شروع ٿي آهي، پوري ٿئي ته ٻڌائيندو سانءِ، چڱو هاڻي ٻاهر وڃ. صابر چيو.
    ”ادا ماني کڻي اچان....؟“ سنيءَ پڇيو.
    ”نه!“ صابر چيو
    ”نه وري ڪيئن سڄو ڏينھن بک مرندين ڇا. کڻي ٿي اچان، ٻه-ٽي گرهه ته کاءُ. ڳالهه کڻي نه ٻڌائجانءِ.“ سَنيءَ چيو.
    ننڍڙي سني ماني کڻي آئي، صابر ٻه گرهه مانيءَ جا کائي وري ساڳيءَ حالت ۾ ليٽي پيو. سڄي رات انتظار ۽ بيقراريءَ ۾ پاسا ورائيندي، تصور ڦيرائي ڪنھن رات کيس ننڊ اچي ويئي. صبح جو سوير اٿي حسب دستور نيرن ڪري ڊيوٽيءَ لا تيار ٿي ساڳي بس اسٽاپ تي آيو. ان وقت صابر جي حيرت جي ڪا حد ئي نه رهي جڏهن اها ساڳي دوشيزه به اچي ساڳئي بس ۾ سوار ٿي. جنھن صابر کي سڄي رات بيقرار ڪيو هو. هُن صابر کي ڏسي هلڪي گلابي رنگ ۾ مشڪي ڏنو. صابر جي دل ۾ پيار جو سمنڊ اٿلي پيو.
    هاڻي صابر جي دل ۾ اهي سوال اڀرڻ لڳا ته هوءَ آخرڪار ڇا آهي؟ ۽ ڪيڏانھن پئي وڃي؟ صابر انھن سوالن جا جواب معلوم ڪرڻ چاهيا پئي. هوڏانھن وري اُن حسينه جي دل ۾ به نينهن جا نيشه اڀرڻ لڳا هئا. هوءَ به پنھنجي ذهن ۾ ڪيئي سوال پيدا ڪري رهي هئي. آخر ان جوان سان منھنجو ڪھڙو رشتو آهي، جو اُن ڏانھن دل کي ايتري ڇڪ ٿي پئي آهي. خير، مرد وري به مرد آهن. هُو ته عورت کي فقط پنھنجن اشارن تي هلائڻ جا عادي آهن. پنھنجي حَوَسَ جا پوڄاري آهن. انھن هر دور ۾ عورت کي غلام ۽ قربانيءَ جو ٻڪرو بڻائي ان کي استعمال ڪيو آهي. انھن تي ڇو ٿي سوچيان. ان مان مون کي ڇا ملندو؟ پر آخرڪار هُن جا تصور ۽ نقش دل تان مٽجن ڇونه ٿا؟ جيئن پوءِ تيئن هنجي ذهن ۾ احساس ۽ جذبا پختا ٿيندا ويا. ڪڏهن سنجيدگيءَ ته ڪڏهن بي نيازي، ڪڏهن شوخي ته ڪڏهن نرمي. اهو سلسلو هلندو رهيو.
    محبتن جون تارو ڪنھن سُريلي سنگيت جو گيت آلاپڻ واريون هيون. جيڪو گيت زمان ۽ مڪان جي سرحدن کان مٿانهون آهي. هي اهو امر ۽ مڌر گيت آهي جنھن کي دنيا جي هر ٻولي ڳالھائيندڙ انسان پنھنجي مادري زبان جيان پنھنجو سمجهي ٿو.
    صابر سوچيو هو ته هُو اڄ ان عورت جي منزل کي معلوم ڪندو. سو پنھنجي اسٽاپ تي ڪونه لٿو. اٽڪل ڏهه ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ٻيو اسٽاپ آيو. بس کي بريڪ لڳي. عورت انھيءَ اسٽاپ تي لٿي، صابر به لٿو. عورت کي لھندو ڏسي گهٻرائجي وئي. ڪجهه وقت خاموش رهڻ بعد آهستي آهستي هلڻ لڳي، خيالن، خوفن ۽ تصورن جي وسڪاري ۾. جڏهن ڪجهه پنڌ اڳتي هلي ته صابر به سندس پويان پويان هلڻ لڳو. جيئن ڪو تاڪي نه وٺي. هوءَ اڳتي هلي هڪ دفتر ۾ هلي وئي. صابر اتي ڪنھن کان معلوم ڪيو ته کيس پتو پيو ته هوءَ اتي ان دفتر ۾ سروس ڪري رهي هئي. صابر سوچيو ته ڇونه اڄ ئي محبت جو اظھار ڪري ڇڏجي. آفيس جي سامھون هڪ گهٽي هئي. گهٽيءَ جي هن پاسي هڪ ننڍڙو باغيچو هو. صابر ان ۾ اوپرن جيان ٽھلي رهيو هو. وري ڪجهه وقت لاءِ شھر ڏانھن ٿي ويو. چانهه پي وري واپس باغيچي ۾ ٿي اچي ويٺو. هن شھر مان هڪ ”ڪاوش اخبار“ ورتي، ”ڪاوش مئگزين“ ۾ ”اعجاز منگي“ جو ناول ”روماسا جو خواب“ غور سان پڙهي رهيو هو. جيستائين جو آفيس جو وقت پورو ٿئي. آفيس جو وقت پورو ٿيو آفيس جا ماڻهو آفيس مان نڪرڻ لڳا. ايتري ۾ هوءَ به چنڊ جھڙو چھرو، هڪ هٿ م پرس ۽ ڪجهه ڪاغذ هئس ڊيل جيان وکون کڻندي بس اسٽاپ ڏانھن هلڻ لڳي. صابر به اک ٽيٽ ڪندو آهستي آهستي هن جي پويان هلڻ لڳو. هوءَ سڌي بس اسٽاپ واري مسافرخاني جي سامھون نِم جي وڻ جي گهاٽي ڇانوَ ۾ بيھي بس جو انتظار ڪرڻ لڳي. صابر به ٿورو پاسي تي ان جي سامھون ٿي بيھي رهيو. محبت جي اظھار لاءِ صابر لاءِ اهو سونھري موقعو هو. محبت ۾ لفظن جو سھارو نه وٺڻ چاهيندي به سندس پيمانو لبريز ٿي چڪو هو. محبت جي پياس جا پياسا لبَ سامھون حسن جو مھراڻ موج ۾ ڏسي چاه جي چُڪي پيئڻ لاءِ بيقرار هئا. محبت اٿل کائڻ واري هئي، مگر لبن جا ڪنارا خشڪ ٿي ويا هئا. الفاظ اُڪلي نه پيا سگهن.
    صابر مٿان هڪ پيار جي هيبت ۽ ٻيو انھيءَ ڪشمڪش ۾ ته پيار جي اظھار جي شروعات ڪيئن ۽ ڪٿان ڪجي؟
    صابر پھرئين پيار کي پائڻ جو پڪو پَھهُ ڪري ڇڏيو هو. هن جي ڳالهيون ٽَلي ڇڏيون هيون ته ملاقات ٿي ته هيئن چوندس. هونئن چوندس. پر جڏهن پيار سامھون آيو ته ڄڻ سڀ ڪجهه وسري ويس. جيئن لطيف فرمايو آهي ته:
    چيتاري چوندياس، ڳالهيون کي سڄڻين،
    جُھُ منھن مقابل ٿياس، ته سڀ وڃينم وسري.
    آخر صابر دل جهلي اڳتي وڌيو، محبت جي قوت مٿس حاوي ٿي وئي، اڳتي وڌي صابر هن کان نالو پڇيو. نالي پڇڻ تي هن شوخ نظرن سان ڪجهه پل صابر کي گهوريندي رهي. وري کڻي ڪنڌ هيٺ ڪيائين. صابر جي ٻيھر نالي پڇڻ تي هن چيو ته ”تون ڪير آهين. منھنجي نالي سان تنھنجو ڪھڙو ڪم آهي؟“
    صابر گهڙيءَ کن لاءِ خاموش ٿي سوچڻ لڳو ته ان جو ڪھڙو جواب ڏيان، نه ڄاڻ نه سڃاڻ. نه مِٽي نه مائٽي. پر وري سوچڻ لڳو ته منھنجو هن سان اهڙ رشتو جُڙي پيو آهي، جيڪو دنيا جي سڀني ناتن کان وڌيڪ بھتر ۽ طاقتور رشتو آهي. ها، اهو محبت جو رشتو!
    صابر چيو ته،”مان ٻيو ته ڪجهه به نه آهيان محبت جو هڪ نمونو آهيان. توکان محبت جي صدا هڻي محبت وٺڻ آيو آهيان. باقي ماڻهو مونکي صابر چوندا آهن.
    پياري، اها محبت جيڪا ڏيندي به محبت آهي ۽ وٺندي به محبت آهي. مان توکي ائين ڪونه ٿو چوان ته منھنجي دل ۾ تو لاءِ محبت آهي. جو محبت ايترو مجبور نه ٿيندي آ ۽ نه وري محبت کي ڪنھن جي ضرورت ئي هوندي آهي. بلڪ مان ته ائين ٿو چوان ته مان محبت جي دل ۾ آهيان،جيڪو محبت جو قدر به آهي. يعني مان تنھنجي دل ۾ آهيان.
    پياري، سارنگيءَ جي تار جو هڪ ڇيڙو تنھنجي هٿ ۾ ۽ ٻيو منھنجي دل ۾ آهي. جڏهن ان تي حسن جو هٿ لڳندو ته ان مان محبت جو اهڙو گيت جنم وٺندو جنھن سان هيءَ سموري ڪائنات جهومڻ لڳندي. هوائن کي ان گيت جي ترنم ۽ موسيقيءَ جو انتظار آهي. باک جي هير کي ان سنگيت جو اوسيئڙو آهي. جيڪو سُرُ هن سارنگيءَ مان سرجندو جنھن سان گلن ۾ نئين تازگي ۽ توانائي ايندي. محبت اهو گيت آهي، جيڪو هوائن جي آڌار ۽ رخ جو محتاج نه هوندو آهي. بلڪ هوائن کي پنھنجي آڌار تي نچائيندو آهي.محبت ڪا هٿ جي مٺائي ڪونهي، جنھن کي هرڪو وٺي کائي ڇڏي. هيءَ اها امانت آهي، جيڪا ازل کان محفوظ هوندي آهي. ڪنھن مناسب وقت ۽ حالتن جي انتظار ۾ هوندي آهي. جڏهن حالتون موافق ۽ سھپ جھڙيون بڻبيون آهن، تڏهن ڪنھن نه ڪنھن موڙ تي اها امانت مالڪن ڏانھن منتقل ٿيندي آهي. اڄ ان ازلي خوشيءَ سان جهول جهلڻ گهرجن، ڪٿي اها محبت جي امانت اسان کان رُسي هلي نه وڃي ۽ پوءِ اسين هميشه لاءِ طوفانن ۽ سيلابن جا محتاج بڻجي انھن سان گڏ گھلبا ۽ رهڙبا رهون. ڇو ته محبت احساس ۽ جذبو ئي نه آهي، بلڪ ان ۾ وزن ۽ تحرڪ، قوت ۽ توانائي به آهي.
    هُو ڏس! هوڏانھن پکين جون مٺيون مٺيون لاتيون، سرنهه جي ٽارين ۾ پاپڙن جي سنگيت جا مٺڙا مٺڙا سُرَ. هوا جي آڌار تي، پاڻيءَ ۾ ٿيندڙ لهرن، وڻن جو جهومڻ، ڌرتيءَ جي خوشبوءِ، اهي سڀ ڇا ٿا ڪن؟
    اهي سڀ محبت جا گيت ڳائي سندس آجيان لاءِ منتظر آهن. محبت جي سنگيت سان ئي هن ڪائنات جو وجود باقي آهي. محبت ئي ڪائنات جي تخليق ۽ تعمير آهي. ڇا محبت جي ان ازلي رشتي کان انڪار ڪري سگهندينءَ؟ نه! محبت کان ڪير به انڪار ڪري نه سگهندو. اچ ته تون ۽ مان به محبت جي دل ۾ ائين سميٽجي وڃون، جيئن ڪا لهر سمنڊ ۾ سمائجي ويندي آهي. جيئن سج جا ڪرڻا ڌرتيءَ ۾ جذب ٿي گل ۽ ٻوٽا پيدا ڪندا آهن. اچ ته تون ۽ مان ڪوئل جي ڪوڪ بڻجي وڃون، جنھن جي ويراڳ واري ڪوڪ هر مَنَ کي موهي وجهندي آهي.“
    صابر سمنڊ جيان اُٿلي پيو هو، هوءَ نھايت غور سان سڀ ڪجهه ٻُڌي رهي هئي. هنجو هرهڪ جملو سندس روح تائين پھچي ٿي ويو. جڏهن صابر ڳالهائڻ کان بس ڪئي، تڏهن هُن ٿڌو ساهه کڻندي چيو ته ”صابر تو جو ڪجهه چيو اهو الفاظن جي روپ ۾ سڀ ڪجهه سچ آهي. محبت برابر اٽوٽ رشتو به آهي ته طاقتور هٿيار به آهي. پر محبت جي آڙ ۽ هام ۾ اهي سڀ الفاظن جا ڍنگ ۽ جادو آهي. ماڻهن کي قيد ڪرڻ جو هڪ منطقي طريقو آهي. اهي فقط عقل کي ڪوڙا دلاسا آهن. اهي الفاظ فقط دونھي جا ڦُلا آهن، جيڪي نه اکين کي راحت ٿا ڏين ۽ نه روح کي قرار ٿا بخشين. اهي ته محض سونھري رنگن ۾ زنجيرون آهن.
    سونن ڌاڳن جي روپ ۾ ڪوڙڪيون ۽ ڍٻيون آهن. هن کي انسان پنھنجي چالاڪيءَ ۽ فنڪاريءَ سان استعمال ڪري پنھنجيءَ ئي ڳچيءَ ۾ ڳٽ وجهي ٿو ڇڏي. مردن جي دل ۾ هڪ هوندي آهي ۽ زبان ۾ ٻي. اهي عورت جي آزاديءَ جون وڏيون هامون هڻندا آهن، پر جڏهن سندن ذاتي معاملو ايندو آهي ته پاڻ بذات خود اهڙا ئي ڊڪٽيٽر ۽ اناپرست بڻجي ويندا آهن. اهي عورت کي آزادي ڏيڻ هرگز پسند نه ڪندا آهن. عورت کي ڪڏهن به اظھار جي آزادي نه ڏيندا آهن. مرد هميشه عورت کي پنھنجي مرضيءَ ۽ اشارن تي هلائڻ چاهيندا آهن.“
    ”صابر! ڇا اهي حقيقتون نه آهن؟“
    صابر چيو، ”ها، پياري، تنھنجا دليل سؤ سيڪڙو حقيقت آهن، ليڪن ياد رک ته اهي وحشي صفت انسان هَوَس جا غلام محبت جي مقدس نانءَ کي محبت جو نالو ڏئي داغدار ڪندا آهن. اهي جسمن ۽ سڪن تي وڪامجي ويندا آهن. اهڙا شخص محبت جي هن ڪائنات ۾ بدنما داغ-ڪوڙهه ڪينسر جا مرض ۽ ڍونڍ آهن. ليڪن محبت زنده آهي. ان کي ڪابه فنا ڪونهي. محبت اهو تصور آهي جيڪو انسان جي سمجهه ۽ شعور جون اکيون کولي ڇڏيندو آهي. هن جي خيال ۾ بلندي ۽ فڪر ۾ گھرائي هوندي آهي. پوءِ زندگي اسان کي گيتن ۾ ويڙهيل رنگين دائرن ۽ پولارن وچ ۾ بيٺل نظر ايندي آهي. محبت اهو ڀنڀٽ آهي، جيڪو دنيا جي مختلف ريتن ۽ رسمن کي ڪک پن جيان جلائي رک ڪري ڇڏيندو آهي. انسان پوءِ هر اُن انسان کان نفرت ڪندو آهي، جنھن سندس زنگيءَ جي مقصد واري راز کي نه سمجهيو، بلڪ ان تي ٺٺوليون ۽ چٿرون ڪيون هونديون. يا اهڙيون حالتون پيدا ڪيون هونديون جيڪي کيس ان منزل تائين پھچڻ کان اڳ ئي تباهه ڪري ڇڏين.
    پياري، مون جو ڪجهه چيو آهي سو محبت جي زبان سان چيو آهي. ان جي حڪم سان چيو آهي. ڇا اڃا توکي منھنجي محبت تي گمان آهي؟ پياري، آزادي انسان جو فطري حق آهي. هو آزاد ڄائو آهي، تون پنھنجي فيصلي ۽ راءِ رکڻ ۾ بلڪ آزاد آهين. مان ڪڏهن به تنھنجي آزاديءَ ۾ دخل ڪونه ڏيندس.“
    هن تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي چڪي هئي. ٻڏتر واري حالت ۾ مبتلا هئي. هوءَ الفاظن جي جادوگري ۽ حرفت کان چڱيءَ ريت واقف هئي. روڊ جي مٿان بيٺا هئا، ماڻهن جي اچ وڃ لڳي پئي هئي پر هنن کي انهن جي تاثرات جو ڪوبه خيال ڪونه ٿي ٿيو. هوءَ مشڪڻ لڳي ۽ صابر کي چيائين ته توکي سڀاڻي زندگيءَ جو جواب ملي ويندو. اڄوڪي رات سوچڻ ڏي. ايتري ۾ بس آئي، ٻئي ڄڻا بس ۾ چڙهي پنھنجي منزل ڏانھن موٽي آيا.
    صابر ڏاڍو خوش پئي لڳو ڇو ته هن کي هاڻي پيار جي پڪ ٿي چڪي هئي. گهر اچي ساڳئي انداز سان کل مذاق ڪرڻ لڳو. ماني کائي کٽ تي ليٽي پيو ڇو ته وري کيس سڀاڻي جو انتظار هو. جھڙيءَ طرح ڪيسَ جي ڪاروائي هلي هئي ته ان مان کيس کٽڻ جو روشن امڪان موجود هو.
    شام ٿي ته ننڍڙو سارنگ ڊوڙندو آيو ۽ صابر کي چيائين ته ”ڀائو توهان کي ٻاهر شاهد ٿو سڏي.“
    صابر ٻاهر نڪري آيو. اوطاق جو دروازو کولي شاهد کي اتي ويهاريائين.
    شاهد چيو، ”ڪر خبر دوست ڪاميابي ٿي يا نه؟“ صابر وائڙو ٿي ويو ته شاهد ڇا پيو چوي.
    شاهد چيو ته،”پُٽَ نَٽُ نٽاءُ نه ڪر، مون سڀ ڪجهه اکين سان ڏٺو آهي هاڻي ڌڌڙ ۾ پيرن هڻن سان ڪجهه ڪونه ورندءِ.“
    صابر چيو ته، ”شاهد، سمجهه ۾ نه پيو اچي ته تون ڇا پيو چوين؟“
    شاهد چيو ته،”ها سائين عشق جي نشي ۾ ڪٿي ٿو ڪنھن کي ڏسي سگهين. منھنجو مطلب آهي ته روڊ تي جنھن حسينا سان رهاڻيون پئي ڪيئي. ان مان ڇا حاصل ڪيئي؟ مون ان وقت موٽر سائيل تي اتان ڪراس ڪيو هو. پر مجال جو ڪنھن ڏانھن اک کڻي به ڏسو! ها نيٺ ڇا ٿيو؟“
    صابر هَڪو ٻڪو ٿيندي چيو ته، ”شاهد مون هن کي سڀڪجهه ٻڌائي ڇڏيو آهي. هن سڀاڻي جواب ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي. ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي. مون به پتو ته صحيح اڇليو آهي.“
    شاهد چيو، ”بس ڪم ٿي ويو، اڳواٽ ئي مبارڪ هجئي.“
    صابر چيو،”اهو وري ڪيئن توکي ڪھڙو الهام ٿيو ته ڪم ٿي ويو.“
    ”صابر، اهو منھنجو تجربو آهي ته جنھن عورت نرم رويو ظاهر ڪيو، سمجهه ته ڪم ٿي ويو، رات آرام سان ننڊ ڪجانءِ، سڀاڻي مٺائي گڏجي کائينداسين.“
    ”پر نالو ڇا اٿس؟“ شاهد چيو.
    صابر چيو“ ”نالو جميله اٿس.“
    ”ته پوءِ بس جميله تنھنجي آهي.“ شاهد چيو.
    شاهد موڪلائي هليو ويو. رات پنھنجا پَرَ پکيڙڻ لڳي. سج الوداع چئي هليو ويو. رات جو صابر سمجهڻ وقت جميله جا تصور پچائيندو رهيو، پچائيندي پچائيندي کيس ننڊ اچي وئي. خواب ۾ ڏسي ٿو ته جميله سندس گهر آئي آهي. سندس سيرانديءَ کان اچي ويٺي آهي. چئي رهي آهي ته، ”صابر تون ڪيڏو نه ضدي انسان آهين، نيٺ تو پنھنجي پيار جي ڄار ۾ ڦاسائي وڌو.“ مون کان ته تو ننڊ ئي کسي ڇڏي آهي. تنھنجي ادائن مونکي گهائل ڪري رهيو آهي. تنھنجي پيار ۾ ايڏي گڳرائي آهي جو مان جاچيندي به جاچي نٿي سگهان.
    جيئن جيئن سوچيان ته گھرائي تيئن تيئن گھري ٿيندي ٿي وڃي. تنھنجي اکين ۾ پيار جو سمنڊ ڇوليون هڻندي ڏسي رهي آهيان، جنھن جي ڪناري تي منھنجو پير ترڪي ٿو پوي، هوائون جڏهن ڇولين ۽ ويرين سان گڏجي ٿيون وڃن ته هڪ نغمو جنم وٺي ٿو. ان نغمي جي آلاپ تي سمونڊ جون ازدهائون به پنھنجا سيس نمايو بيٺيون آهن.“
    ايتري ۾ سپنو ٽـٽي پيو، صابر ڇرڪ ڀري جاڳي پيو. جو ٻليءَ مٿان روشندان مان هيٺ ٽپو ڏنو هو. صابر دروازو کولي ٻاهر آيو ته صبح جي ٿڌڙي هير گُهلي رهي هئي. هو گهر جي اڱڻ تي ٽهلڻ لڳو. گهر جا ڀاتي کيس ايترو سويل جاڳيل ڏسي حيران ٿي ويا ته جيڪو نائين وڳي کان اڳ اٿڻ وارو ئي نه. سو اڄ ايترو ساجهر ڪيئن اٿيو آهي.
    ان ڏينھن صابر پنھنجي آفيس ڏانھن موڪل لکي موڪلي ته سندس طبيعت ٺيڪ نه آهي، جنھن ڪري ڊيوٽيءَ تي اچي نٿو سگهي. بس جي ٽائيم تي هو بس اسٽاپ تي ويو. اها خاطري ڪرڻ ته هوءَ ڊيوٽيءَ تي وئي يا نه. هن ڏٺو ته هوءِ ساڳئي ٽائيم تي ساڳيءَ بس ۾ اچي سوار ٿي. صابر کي ڏسي مشڪڻ لڳي. هن سوچيو ته شايد هُو به هن بس ۾ چڙهندو. پر صابر سوچيو ته، هوهينئر وڃي خواه مخواه ڇا ڪندو. تنھنڪري موڪل ٽائيم تي وڃي انتظار ڪبو. ساڍي ٻارهين وڳي صابر هڪ موٽر سائيڪل تي سوار ٿي منزل طرف روانو ٿيو.
    قيس کي موڪل ٿي ته جميله بس جي انتظار لاءِ بس اسٽاپ تي آئي جتي صابر اڳ ئي سندس انتظار ۾ بيٺو هو. جميله صابر کي ڏسي مرڪي ڏنو ۽ چيو ته، ”صابر تنھنجا چيل موتين جھڙا لفظ سڄي رات منھنجي چوگرد ڦرندا رهيا جن منھنجي دل کٽي ورتي. تنھنجي الفاظن ۾ خبر ناهي ڪھڙو جادو ۽ اسرار آهي جو گهڙيءَ ۾ پنھنجو ڪري وڌءِ.“
    صابر چيو، ”نه جميله اهو منھنجي پيار ۽ سچائيءَ جو ثبوت آهي.“
    جميله چيو ته، ”صابر اڄ کان وٺي تون ۽ مان هڪ آهيون. ٻه جسم هڪ جان آهيون. دنيا جي ڪابه طاقت اسان کي الڳ ڪري نٿي سگهي.“
    هاڻي آهستي آهستي پيار جي خوشبوءِ ڦھلجندي رهي. پيار تي جيترا پھرا ڏبا آهن ته پيار اوترو ئي تيزيءَ ۽ توانائيءَ سان وڌندو آهي.
    جميله جنھن شھر ۾ ڊيوٽي ڪندي هئي. ان ڳوٺ ۾ به ”چئون پچئون“ شروع ٿي وئي. جا بجاءِ پيار جو چوٻول چالو ٿي ويو. طرح طرح جون چمگويون ٿيڻ لڳيون، اوطاقن ۽ اوتارن ۾ جميله موضوع بڻجي چڪي هئي. ماڻهو ميڙ ٺاهي چوڻ لڳا ته ”جميله هڪ بدچال ۽ گندي عورت آهي. هڪ ڌارئي ماڻهوءَ سان پيار ڪري ٿي. اها ڳالهه اسان سڀني ڳوٺ وارن لاءِ عزت جو مسئلو آهي. اسان اهڙيون حرڪتون ۽ ڇڙواڳيون پنھنجي ڳوٺ ۾ ٿيڻ ڪونه ڏينداسين.“
    ڪي وري چوڻ لڳا ته، ”اڙي دير ڇاجي آهي، جيئن سندس يار اچي ته بس ڏنڊا هڻي ڊاهي ٿا وجهؤنس. اسان جي ڳوٺ ۾ اچي ٿو لئه ڪري، ڇا اسان وري ڪي ڀاڙيا آهيون ڇا؟!“
    ڪي وري چوڻ لڳا ته،”اڙي سڀئي ڳوٺ وارا گڏجي ٿا هلئون جميله جي وڏي آفيسر وٽ. ان کي هلي ٿا جميله جا ڪرتوت ٻڌايون. پاڻهي اهو سيکت ڏيندس. يا ته نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيندس يا بدلي ڪري ڇڏيندس. باقي ڇوري جو ته ضرور مٿو ڦاڙينداسين.“
    هڪ ڏينھن سڀئي ڳوٺ وارا گڏجي هڪ وڏو ميڙ ٺاهي جميله جي آفيس ۾ آيا، آفيس وارا گهٻرائجي ويا ته اڄ هيڏو سارو جلوس ڇو آيو آهي. سڀئي ٻاهر نڪري آيا. جلوس وارن جي اڳواڻن چيو ته،”اسان کي اوهان جي وڏي صاحب سان ڪجهه ڳالهائڻو آهي. ان کي اطلاع ڪريو. وڏي صاحب کي جلوس بابت ٻڌايو ويو. جميله به اتي بيٺي هئي. جلوس وارن وڏي آواز سان ڪاوڙيل انداز ۾ پرجوش ٿيندي چيو ته، ”پري ڪيو ان واهيات ۽ بدڪردار عورت کي، اسان انکي هرگز ڏسڻ پسند ڪونه ٿا ڪريون. اها عورت اسان جي ڳوٺ تي هڪ داغ آهي.“
    ايتري ۾ وڏو صاحب به هجوم جي سامهون اچي ويو. هجوم وارن کان پڇڻ لڳو ته ”ڇا مسئلو آهي؟“
    ڳوٺاڻن چيو،”صاحب، ڳالهه اها آهي ته اوهان جي آفيس ۾ جميله نالي جيڪا عورت آهي. اها انتھائي بدچال، لفنگي ۽ بدڪردار عورت آهي. اسان جي ڳوٺ ۾ اچي ڌارين ماڻهن سان عشق لڙايو اٿئين. اها ڳالهه اسان جي عزت جي خلاف آهي. اها بيعزتي اسان ڪڏهن به برداشت ڪونه ڪنداسين. اها عورت سان جي ڳوٺ مٿان ناسور آهي. ان جو علاج ڪيو وڃي. ان جي نوڪري ختم ڪئي وڃي يا کيس بدلي ڪيو وڃي.“
    ”صاحب، جيڪڏهن اوهان ٽال مٽول ڪري فيصلي ۾ دير ڪئي ته پوءِ جيڪي به حالتون ٿينديون ان جا ذميوار اوهان خود هوندا.“
    صاحب چيو ته، ”بابا اوهان دلجاءِ ڪريو. مونکي اوهان جي جذبن جو احترام آهي. اهو ته اسان جي آفيس ۽ اداري جي به عزت ۽ وقار جو سوال آهي. اسين اهڙين حرڪتن کي ڪڏهن به برداشت ڪونه ڪنداسين. فيصلو اوهان جي دل تي ٿيندو. اوهان مطمئن ٿي موٽي وڃو.“
    هوڏانھن جميله جي دل ۾ بغاوت جي باهه ڀڙڪي رهي هئي. سندس اکيون ٽانڊن جيان ٻري رهيون هيون. جلوس صاحب جي يقين ڏيارڻ کانپوءِ موٽي ويو. وڏي صاحب جميله کي پنھنجي آفيس ۾ گهرائي رعبدار انداز ۾ ماڻهن جي خيالن کان آگاهه ڪيو.
    جميله چيو، ”سَر، اِهي جيڪي ماڻهو آيا هئا اهي سڀ شريف هئا؟“
    صاحب چيو،”انهيءَ سان اسان جو ڪم ڪونهي. ليڪن انهن جي شڪايت جائز آهي. اسين ان جو ازالو ضرور ڪنداسين.“
    جميله چيو،”سَرِ، مون آفيس جي ڊيوٽيءَ ۾ ته ڪابه ڪوتاهي نه ڪئي آهي. مان انھن ماڻهن جي ملازمه ته نه آهيان جو انھن جي مرضيءَ جي تابعداري ڪريان.“
    صاحب چيو،”جميله اهو اسان جي دفتر ۽ کاتي جي به عزت جو سوال آهي. اسين پنھنجي آفيس کي ايترو بدنام ڪونه ڪنداسين ته ماڻهو جلوس ڪڍي اسان ڏانھن اچن. توکي هڪڙو ئي رستو اختيار ڪرڻو پوندو.“
    جميله چيو،”سَرِ، توهان جو ڪم فقط مون کان آفيس ڊيوٽي وٺڻ آهي. باقي ٻيو منھنجي ذاتي زندگيءَ جو معاملو آهي. ان ۾ دخل ڏيڻ مناسب نٿو لڳي.“
    صاحب چيو،”جميله، تون سچ ٿي چوين پر اسين پنھنجي موروثي روايتن تان ڪڏهن به دستبردار ٿي نٿا سگهون. مان وري به چوانءِ ٿو ته تنھنجي روزگار جو مسئلو آهي. ڪجهه سوچي وٺ يا نوڪري پياري ڪر يا .........!“
    جميله چيو، ”سَرِ، مون سڀڪجهه سوچي ڇڏيو آهي ته پيار ۾ ڇا ڇا ٿيندو آهي. اڄ پيار جو پھريون تحفو مليو آهي. جنھن کي قبول ٿي ڪريان. باقي اوهان کي سمورو اختيار آهي. اوهان مون مظلوم لاءِ ڪھڙو به فيصلو صادر ڪري سگهو ٿا، بلڪ ٻن دلين کي ٽوڙي نٿا سگهو. توهان ته ويتر انھن گهٽيل جذبن کي پاڻي ڏئي رهيا آهيو. سَرِ، ڇا مرد کي سمورا حق آهن باقي عورت کي ڪوبه اختيار ڪونهي؟ هن کي ڪي به احساس ۽ جذبا ڪينھن؟ ان کي ڪابه زبان ڪونهي؟
    ان کي ڪابه دل ڪونهي؟ آخر اهي ڏاڍ جون ڪوڙيون روايتون ڪيستائين هلنديون. ڪيستائين هلندا اهي هٿ جا ٺاهيل غير فطري قانون. هڪ ڏينھن ضرور سچ جو سج اڀرندو. هڪ ڏينھن ضرور اهي کيل ختم ٿيندا.
    سَرِ، مون هن اداري ۾ ديانتداريءَ سان ڊيوٽي ڪئي آهي. مونکي هن اداري سان محبت آهي. مونکي احترام آهي، هن آفيس جو ۽ آفيس جي اسٽاف جو. باقي زندگي منھنجي آهي. ان تي اختيار به منھنجو ئي هلندو. ان جي لاءِ آءٌ خود ئي ذميوار آهيان.“
    صاحب غور سان جميله جون ڏاهپ واريون ڳالهيون ٻڌندو رهيو. هن جون اکيون ٽڪ ڏئي بيھي رهيون هيون.
    صاحب چيو، ”جميله، مونکي تنھنجي احساسن، جذبن ۽ بلند آدرشن جو احترام آهي. مان ڪڏهن به نٿو چاهيان ته اسان جي آفيس تو جھڙي باصلاحيت ۽ ديانتدار فرد کان خالي ٿي وڃي. پر ايترو ضرور چوندس ته توهان پنھنجي افيئرس کي ڪجهه وقت لاءِ انڊرگرائونڊ ڪري ڇڏيو. جيستائين ماڻهن جو جوش ٿڌو ٿي وڃي. جميله، اهو ٿڏي جو جوش آهي، ڳاتي هلي هلي خودبخود ختم ٿي ويندو. جيترو ردعمل ۾ اچبو ته ڳالهه اڃا به وڌندي ويندي، ڪنھن وڏي ڀنڀٽ تي وڃي دنگ ڪندي.“
    جميله چيو، ”سَرِ، توهان مون تي تمام وڏو احسان ڪيو آهي. منھنجي منتشر ذهن کي هڪ راهه ڏئي ڇڏي آهي. بس ائين ئي ٿيندو. اوهان خاطري ڪريو.“
    ٻئي ڏينھن جڏهن هوءَ صابر سان ملي ته هن جي اکين مان لڙڪ لارون ڪري وهي رهيا هئا. صابر حيران ٿي ويو ته آخر ڇا ٿي چڪو آهي. جمليه کي ڪھڙو صدمو رسيو آهي.
    صابر چيو ته، ”جميله، ڇا ڳالهه آهي جو ايترو بي اختيار ٿي روئي رهي آهين؟“
    جميله ڳنڀير آواز ۾ چيو، ”صابر، دنيا وارا ٻن دلين کي پيار ڪندي ڇونه ٿا ڏسي ۽ سھي سگهن. ڇا دنيا وارن جي سوچ جو دائرو ايترو سوڙهو ۽ تنگ آهي؟“
    جمليه ڪالهه واري جلوس واري سموري ماجرا صابر کي ڪري ٻڌائي.
    صابر چيو،”جميله ان ڳالهه جو ڏک نه ڪر. دنيا جو ته اهو دستور رهيو آهي. سچ تي پھرا ڏيندا آهن. رات کي ڏينھن چوندا آهن. سج کي تريون ڏئي لڪائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.“
    جميله چيو، ”صابر مان هاڻي هن سماج کان بغاوت ۽ بيزاري ٿي ڪريان، جنھن سماج ۾ عورت کي فقط ٻارن ڄڻڻ جي مشين، اشارن تي هلڻ وارو جانور ۽ پير جي جُتي سمجهيو وڃي ٿو. جنھن سماج ۾ عورت کي جيئڻ جو ڪوبه اختيار ڪونهي. اچ ته تون ۽ مان گڏجي هڪ اهڙي سماج کي اڏيون جتي ان ظلم جو آواز به ڪن تي نه پوي. جتي ڪوبه گندو ذهن نه هجي. جتي هر انسان پنھنجي مرضيءَ ۽ زندگي تي خودمختيار هجي. جنھن ڌرتيءَ تي پيار جا سُريلا گيت ٻڌجن. جتي پيار جون لوليون ملن.“
    صابر هن کي غور سان گهوريندور هيو ۽ سوچيندو رهيو ته هن ۾ ايترو جلدي اڏي وڏي تبديلي ۽ بغاوت ڪٿان آئي. صابرجا ته هاڻي تاڪ ئي لڳي چڪا هئا.
    صابر چيو ته، ”دنيا وارا اسان جو ڪجهه به بگاڙي نٿا سگهن. بس تون هاڻي گهر وڃي مائٽن سان شاديءَ جي خواهش ظاهر ڪر. جيڪڏهن اهي راضي ٿي پون ته اسين هميشه هميشه لاءِ هڪ ٿي وڃون ۽ ماڻهن جي عتابي نظرن کان به آجا ٿي پئون.“
    جميله چيو، ”ٺيڪ آهي، مان اڄ ئي وڃي ٿي امان کي چوان. بابا به اديب ۽ روشن خيال انسان آهي. اهو به شايد ڪا رڪاوٽ نه ڪندو.“
    ائين چئي جميله گهر هلي وئي ۽ صابر وري محض شاديءَ جي جواب جو انتظار ڪرڻ لڳو.
    جميله جي ماءُ کي جميله جي پيار جي اڳ ۾ ئي کڙڪ پئجي چڪي هئي. اڄ وري هن سڌو سنئون اچي چئي ڏنس.
    ماڻس چيو، ”ڌيءَ ڳالهه ٻڌ ۽ غور سان ٻڌ! مرد اسان عورتن کي ٻيو ته سڀڪجهه ڏيندا آهن، گهر، دولت، سونُ، ڪپڙا، کاڌا پيتا، سينگار، مال متاع مگر پنھنجي مرضي ۽ پنھنجو اختيار ڪونه ڏيندا آهن. پڻهين اچي ته ان سان ڳالهه ڪڍي ٿي ڏسان. پوءِ جيئن ان جي مرضي.“
    جميله چيو، ”پر امان، زندگي ته اسان جي آهي. ان تي مرضي به ته اسان جي ئي هلڻ گهرجي. اسان جي زندگيءَ جا فيصلا ٻيا ڇو ڪن.“
    ماڻس چيو،”سچ ٿي چوين جميله، پر اسين ريتن ۽ رسمن جا غلام آهيون. هتي عورت مٿان مرد جي مرضي هلندي آهي. جي منھنجي مرضي هلندي هجي ته مان اڄ ئي تنھنجي شادي صابر سان ڪرائي ڇڏيان. پر ڇا ڪريان مجبور آهيان.“
    رات ٿي ته جميله جو پيءُ گهر آيو، ته جميله جي ماءُ سموري حقيقت ڪري ٻڌايس ۽ چيائينس ته ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو رشتو ٿي نٿو سگهي. ان جو وڏو ثبوت ۽ سبب اهو آهي ته هو ٻئي هڪٻئي کي چاهين ٿا. اهي پنھنجي زندگيءَ جا خود ذميوار آهن. انھن جي ذاتي زندگيءَ ۾ دخل نه ڏي. هونئن ته پاڻ کي وڏو اديب سمجهندو آهين. وڏا وڏا ڪتاب، وڏا وڏا مضمون، وڏا وڏا مقالا لکندو آهين. عورت مظلوم آهي. عورت محروم آهي. عورت مجبور آهي. ان کي حق ڏنا وڃن. ان کي جيئڻ ۽ اظھار جو حق ڏنو وڃي. ته پوءِ اڄ آهي تنھنجو ۽ تنھنجي ادب جو عملي امتحان. نه ته پوءِ ڪتابن کي به ڦاڙي ۽ لوڙهي ڇڏيندي سانءِ. پوءِ تون اندر ۾ ڪجهه ۽ ٻاهر ۾ ڪجهه آهين.“
    جميله جي پيءُ چيو، ”جميله جي ماءُ، مان سڀ ڪجهه سمجهان ٿو. مونکي ان جي احساسن جو احترام آهي. مون ان کي پڙهايو آهي. هوءَ نوڪري ٿي ڪري. هن وٽ علم آهي، سمجهه آهي، شعور آهي. هوءَ پنھنجي زندگيءَ لاءِ پاڻ سوچڻ ۽ راهون تلاش ڪرڻ لاءِ ضرور خودمختيار آهي. پر اسان جي سماج ۾ ڪي اهڙيون به روايتون آهن، جن تان اسان کي اسان جو سماج هٿ کڻڻ نٿو ڏئي، جڏهن ان هنڌ تي پھچجي ٿو ته انسان جي اڳيان ريتون ۽ رسمون ديوار بڻجي بيھي ٿيون رهن. ۽ پوءِ انسان سڀ ڪجهه نه چاهيندي به انھن جي اڳيان مجبور آهي. تنھن ڪري مان اهو شرط قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيان.“
    جميله جي ماءُ چيو، ”ته پوءِ اهو اختيار ته تنھنجي وس ۾ آهي. تون انھن بيڪار رسمن کي ٽوڙي ڇونه ٿو ڇڏين.“
    ”نه، جميله جي ماءُ نه! مون اڪيلي جي ٽوڙڻ سان ڪوبه فرق نه پوندو. جيستائين سمورو نظام نٿو بدلجي. ان لاءِ هن سماجي نظام جي ڍانچي کي مٽائڻو پوندو. اهي مسئلا قوم جي هر نياڻيءَ سان پيش اچن ٿا. رڳو اسان جي نياڻيءَ سان نه! مان جميله جو سڱ پنھنجي هڏ رت ۽ پنھنجي ذات ۾ ڪرڻ ٿو چاهيان. اگر جي ائين نه ڪيوسين ته پوءِ سڄي زندگي اسان کي عذابن جا ڪنڊا سھڻا پوندا. خانداني عداوتون شروع ٿي وينديون، جيڪي ڪنھن وڏي ڌماڪي کي جنم ڏئي سگهن ٿيون. تنھنڪري مان جميله جي زندگي زهر بنائڻ نٿو چاهيان.“
    اها سڄي ڳالهه جميله جي ماءُ جميله کي ڪري ٻڌائي ۽ کيس سندس روشن خيالن کان به آگاه ڪيائين.
    ٻئي ڏينھن تي جميله جڏهن صابر سان ملي ته کيس پنھنجي هلايل ڳالهه ٻولهه بابت ٻڌايائين ته بابا جواب ڏئي ڇڏيو آهي ته ريتن جي سماج ۾ اهو رشتو ٿيڻ ناممڪن آهي.
    اهو جواب ٻڌي صابر جا تاڪ لڳي ويا. اندر ئي اندر ۾ کامڻ لڳو. سندس منھن جو پنو ئي لهي ويو. هو هاڻي نااميدي ۽ غصي واري گڏيل ڪيفيت ۾ مبتلا ٿي چڪو هو. هن هاڻي ٻيو پتو اڇلائيندي جميله کي چيو ته، ”جميله تو ته بغاوت جو اعلان ڪيو هو. پوءِ هاڻي ڇا ارادو آهي.“
    جميله چيو،”ها صابر مان پنھنجي اصولن تي اٽل ارادن سان قائم آهيان. مونکي نفرت آهي هن سماج جي ريتن ۽ رسمن کان جتي زندگيءَ جا فيصلا ريتن جي بنياد تي ٻين جي هٿان ڪيا وڃن.“
    صابر چيو، ”ته پوءِ هاڻي ٿيڻ ائين گهرجي ته اچ ته ان ماڳ تي فرار ٿي هلون جتي هن پيار جي ويري سماج جو نالو نشان به نه هجي. جتي رواجن جي غلامن جو پاڇو به پھچي نه سگهي. جتي فقط محبت جي سنگيت جا سُرَ سرجندا هجن.“
    جميله چيو،”صابر مان سمجهي نٿي سگهان ته آخر تنھنجو مطلب ڇا آهي؟“
    صابر چيو،”مقصد صاف ظاهر آهي ته اسين هاڻي هن ماحول ۾ سڪون سان زندگي گذاري نٿا سگهون. تنھن ڪري اسان کي هتان ڪنھن ٻيءَ جاءِ تي نڪري هلڻ گهرجي. جتي فقط هڪ تون هجين ۽ ٻيو مان هجان.“
    جميله نهايت سنجيدگيءَ ۽ جوشيلي انداز ۾ چيو ته، ”صابر منھنجي من ۾ بغاوت سان گڏ ڀرم به آهي. لوئيءَ جي لڄ به آهي مان مارن کي ڪنھن به قيمت تي ميار دار ڪونه ڪنديس. مان هڪ محسن ۽ روشن خيال والدين جي ڌيءَ آهيان. منھنجي جدوجھد ۾ اهي منھنجي رهبري ڪندا. مان انھن کي ڪڏهن به مايوس ۽ مھڻي هاب ڪونه ڪندس.“
    صابر، منھنجي اڳيان هاڻي فقط جميله جو مسئلو نه بلڪ عورت جي آزاديءَ جو مسئلو آهي. جتي مان عورت جي آزاديءَ جي قائل آهيان، اتي مان عورت جي لوئي ۽ لڄ جو به احترام ٿي ڪريان. جيڪا عورت جي حقيقي سونھن آهي. منھنجي بغاوت انھن ڪوڙهين رسمن ۽ سُري کاڌل نظام جي خلاف آهي. جيڪي عورت کي حيوانن جيان هلائڻ چاهن ٿا.
    مان عورت جي زبان ۽ ذاتي اختيار لاءِ جدوجھد ڪنديس. ڇو ته منھنجي اڳيان هاڻي عورت جا اجتماعي مفاد آهن. باقي فراريت ڪرڻ بزدلي آهي. هن سماج ۾ رهي ڪري ئي سماج کي مٽائڻو پوندو. جنھن لاءِ عورت کي ئي قرباني ڏيڻي پوندي.“
    صابر جميله جي ڳالهين مان ڄڻ بور ٿي رهيو هو. سندس همت ۽ ڏاهپ ڀرين ڳالهين ڏانهن ڪوبه ڌيان ڪونه ٿي ڏنائين. لڳي پيو ڄڻ بيزار ٿي چڪو آهي. شايد ان ڪري جو اهي ڳالهيون سندس مقصد ۽ مطلب جو ازالو ڪونه پيون ڪن.
    جميله، صابر کان موڪلائي حسرتن ۽ ارمانن جا انبار کڻي گهر اچي ٿي. صابر جي در تي شاهد اچي گهنٽي وڄائي ٿو. صابر دروازو کولي شاهد کي اوطاق ۾ ويھاري ٿو.
    شاهد، صابر کي چيو، ”صابر ڪر خبر تنھنجي پَريءَ جو مسئلو ڪٿي پھتو.“
    صابر ٿڌو ساه کڻندي چيو، ”ڇڏ شاهد ڦٽن تي لوڻ نه ٻرڪ.“
    ”ڇو ڇو ڇا ٿي ويو. جدائي ٿي وئي ڇا؟“ شاهد چيو.
    ”نه نه جدائي ته ڪونه پر ...“ صابر چيو.
    ”جدائي به ڪونه ٿي ته پوءِ آخر ڪھڙي مصيبت پيدا ٿي.“ شاهد چيو
    ”بس شاهد ڳالهه نه پڇ، اسان جون سموريون حسرتون، سموريون ڪوششون سمورا اڇلايل پتا رائيگان ۽ ناڪام ٿي ويا.“ صابر چيو.
    ”ڪيئن ناڪام ٿئين؟“ شاهد پڇيو.
    ”اهو ائين ته جميله جي مائٽن شاديءَ کان انڪار ڪري ڇڏيو.“ صابر چيو.
    ”يار پوءِ گهٻرائڻ جي ڪھڙي ڳالهه آهي. جميله ته توسان ٺھيل آهي نه، ته پوءِ کڻينس ڇو نه ٿو؟“ شاهد چيو.
    ”مون اها به ڪوشش ڪئي هئي ليڪن ان ۾ به ناڪام ويس. جميله ان کان به جواب ڏئي ڇڏيو.“ صابر چيو.
    شاهد چيو ”ته پوءِ ٻيو پتو اڇلاءِ نه!“
    ”ڪوشش ته اڃا به جاري رکبي، پر لڳي ٿو ته ڪم ڪونه ٿيندو. ڇاڪاڻ ته هوءَ هاڻي انقلابڻ ٿي چڪي آهي. عورت جي آزاديءَ لاءِ تحريڪ هلائڻ لاءِ ڪوششون پئي ڪري.“ صابر نااميديءَ واري انداز ۾ چيو.
    ”تنھنجي معنى ته تنھنجي جميله هاڻي مردن کان حساب ڪتاب چڪتو ڪري، مردن جو احتساب ڪندي ۽ وري تون به ته ان محبت جي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو وٺي سچائيءَ جو ثبوت ڏيندين.“ شاهد چيو.
    ”شاهد، عورتن هميشه لفظن جو سهارو وٺي دل کي آٿت پئي ڏني آهي. عورتن به ڪڏهن انقلاب آندو. اهو ناممڪن آهي. انھن کي سدائين الفاظن جي ڄار ۾ ڦاسايو ويندو آهي. مان ان جي تحريڪ ۾ حصو وٺان سو ته ناممڪن آهي. ڪو ڪيترو به چريو کريو هجي، پر پنھنجي جهڳي تي ڪڏهن به ٽانڊو ڪونه رکندو.“ صابر چيو.
    ”تنھنجي معنى ته مڙس ماڻهو آهين نه.“ شاهد چيو.
    ”تو ڇا سمجهيو ته باقي ڀاڙيا آهيون جو هڪ عورت اسان کي گمراهه ڪري سگهندي.“ صابر چيو.
    جميله ٻئي ڏينھن تي صبح جو سوير گهران نڪري ڊيوٽيءَ تي وڃي رهي هئي. دل ۾ هڪ طرف پيار جا اڻپورا جذبا، ٻئي طرف ظالم سماج جون اڏيل ڪوڙڪيون. انھن تي سوچيندي پئي آئي ته انھن ناسورن مان جان ڪيئن ڇڏائجي، جيڪي وک وک تي شڪاري بگهڙ بڻيا تاڪيون بيٺا آهن. جيڪي عورت کي ٻڪري سمجهي نشانو ٿا بڻائن. قدم قدم تي ڍٻيون ۽ ڄار وڇايا پيا آهن. اسين ضرور هڪ ڏينھن پنھنجي زندگيءَ جون پاڻ مالڪياڻيون ٿينديونسين. حوصلي، همت ۽ عزم جي ضرورت آهي. انقلاب ضرور ايندو. فطري تبديلي اڻ ٽر ۽ اٽل آهي، سا ضرور ايندي. هڪ ڏينھن هي اونداهون نظام ضرور ڊهندو. هڪ ڏينھن ضرور فطرت جي سچائيءَ جي سوڀ ٿيندي. اڄ مان هڪ آهيان ته ڇا ٿي پيو. سڀاڻي سوين هزارين جميلائون پيد اٿي پونديون. تاريخ جو سفر ٻڌائي ٿو ته هر بگڙيل ۽ ظالم سماج ۾ پھريائين چند ماڻهو ئي پيدا ٿيندا آهن، جيڪي پنھنجي فڪر ۽ فلسفي، ڏات ۽ ڏاهپ سان ان سماج جون تقديرون مَٽائي ڇڏيندا آهن. مون سان ته بابا جي رهبري به شامل آهي. مان اڪيلي ڇو آهيان. نه هرگز نه! مان اڪيلي نه آهيان. مونکي پنھنجي مقصد کان ڪير به روڪي نٿو سگهي.“
    جميله، انھن خيالن ۽ تصورن ۾ گم ٿي چڪي هئي. سوچن جي سمنڊ ۾ ٻڏي چڪي هئي. کيس رستي تي گاڏين جي رش جي ڪابه ڪل ڪونه پئي. ڄڻ هوءَ اڪيلي ڪنھن ويرانيءَ ۾ هلي رهي هئي.
    اوچتو ئي هڪ زوردار ڌماڪو ٿيو، جميله مٿي اُڏي وئي، روڊ جي هُن پاسي تي وڃي ڪِري، سندس جسم ڦـٿڪي رهيو هو. هن کي تيز رفتار ڪار جو ٽڪر لڳو هو. جيمله رت ۾ ٻڏي وئي. ڪار وارو يڪدم ڪار روڪي لهي آيو. سڄي بازار جا ماڻهو مڙي آيا. سڀني هن کي سڃاڻ ورتو هيءَ ته جميله آهي. ماڻهن کان دانھن ڪري وئي. اڙي هان، جميله. اڙي هي ڇا ٿي ويو. جميله هر مرد جو موضوع بڻجي چڪي هئي. هن جي بھادري ۽ حليمت کان ماڻهو ڏاڍا متاثر ٿيا هئا. جميله هاڻي ڄڻ سڀني جي پنھنجي هئي، هر ماڻهوءَ کي پنھنجي نياڻيءَ جيان صدمو رسيو.
    فوري طور تي سمورو شھر سوڳ ۾ بند ٿي ويو. يڪدم کيس ڪار ۾ کڻي اسپتال آيا، اسپتال مان ترت علاج کانپوءِ ڊاڪٽرن چيو ته،”جميله جي بچڻ جي اميد تمام گهٽ آهي. تنھنڪري کيس مالڪن تائين پھچايو وڃي. جميله کي گهر پھچايو ويو، گهر ۾ جميله کي اڌ مئل حالت ۾ ڏي گهر ۽ پاڙي ۾ ماتم مچي ويو. سندس ماءُ، پيءُ، ڀينرن ۽ ڀائرن کي ڏندڻ پوڻ لڳا. بيھوشِءَ جا دورا پوڻ لڳا. سوين ماڻهن جو ميڙ هو. هنن کي دوائون سنگهائي هوش ۾ ٿي آندائون. جميله رکي رکي پاسو ٿي ورايو ته کيس چيخون نڪري ٿي ويون. سندس زبان مان ”عورت جي آزادي، عورت جي آزادي“، ”بابا عورت جي آزادي، امان عورت جي آزادي، صابر عورت جي آزادي.“ وارا الفاظ نڪري رهيا هئا. اتي بيٺل سڄو هجوم حيران ٿي ويو ته مرڻينگ حالت ۾ هوءِ پنھنجي مقصد ۽ تحريڪ سان ڪيڏي سچي ۽ وفادار آهي. ماڻهو هنيانءُ ڦاڙي رڙيون ڪري روئي رهيا هئا. سڄي شھر ۾ غم جي ڪيفيت ڇانئجي ويئي.
    جميله جو پيءُ ڪار ۾ چڙهي صابر جي گهر آيو. صابر به ان ڏينھن ڊيوٽيءَ تي ڪونه ويو هو. صابر جميله جي پيءُ کي ايندو ڏسي دل ۾ ٻھڪڻ لڳو ته شايد رشتي جو فيصلو طئي ٿي ويو آهي. پر هن کي ڪھڙي خبر ته هو رشتي جي نه پر روڄ ۽ راڙي جي خبر کڻي آيو آهي. ڪار جو دروازو کولي جميله جو پيءُ اوڇنگاريون ڏئي روئڻ لڳو.
    صابر حيران ٿيندي پڇيو ته،”سائين خير ته آهي، ڇا ڳالهه آهي.“
    جميله جي پيءُ چيو ته، ”پٽ هي ڳالهين جو وقت ڪونهي. جميله اسان کان جدا ٿي رهي آهي. هل هڪوار هلي سندس منھن ڏس.“
    اهو ٻُڌي صابر چڪرائجي ويو. ڪار ۾ ويٺا. ڪار ۾ جميله جي پيءُ سڄي حقيقت ڪري ٻڌايس. هن اهڙي اوچتي حادثي لاءِ ڪڏهن سوچيو به ڪونه هو. سڌو جميله جي مٿان اچي بيٺا. جتي سوين ماڻهو غم ۾ ٻڏل بيٺا هئا. ڀرسان مٿن کان سندس بابا بيٺل هو، ان کي ڏسي مرڪي ڏنائين، اما بيٺل هئي، ان ڏانھن ڏٺائين. سڀني بيٺل ماڻهن کي نظرون ڦيرائي ڏٺائين، ڄڻ کين ڪو پيغام ڏئي رهي هئي. وري جو اکيون بند ڪيائين ته وري نه کوليائين. آخري هڏڪي آئي، دم پرواز ٿي ويو. جميله جدا ٿي وئي. مٿان بيٺل ماڻهن مان ڪيترائي بيھوش ٿي ڦۡو ڪري پٽ تي ڪِري پيا. سموري هجوم ۾ ماتم برپا ٿي ويو. ڪنھن کي به پنھنجي وجود جي ڪَلَ ڪانه هئي. صابر رش جو فائدو وٺندي آهستي آهستي کسڪي ٻاهر نڪري ويو. وري سندس ڪنھن به رسم ۾ ڪونه آيو.
    جميله جو پيءُ جميله جي مٿان بيھي اچي چوڻ لڳو ته ”پٽ جميله! تون هڪ جميله نه پر تحريڪ هئينءَ هڪ انقلاب هُئين. هڪ آدرش هُئينءَ، جدوجھد ۽ محبت جي علامت هئينءَ. تو پنھنجي جان جي قرباني پيش ڪري جنھن مشن جو آغاز ڪيو آهي، اسين تنھنجي لاش جو قسم کڻي اهو واعدو ٿا ڪريون ته اسين تنھنجي مشن کي ضرور ڪامياب ڪنداسين ته جيئن تنھنجي روح کي راحت اچي سگهي.“
    پياري جميله، مون وٽ تنھنجا ڏاهپ ۽ ڏات، همت ۽ حوصلن ڀريا لکيل خط دستاويز جي شڪل ۾ موجود آهن. اهي خط تنھنجي تحريڪ ۾ ضرور جوش ۽ حوصلو پيدا ڪندا.
    پياري، تون ضرور وڃي پنھنجي رَبَ کي پھتينءَ، مگر تو جا چڻنگ دکائي آهي، ان کي ڪڏهن به وسامڻ ڪونه ڏينداسين.
    مان واعدو ٿو ڪريان ته تنھنجي آخري پَلن واري وصيت کي مرندي گهڙيءَ تائين نڀائيندو رهندس. تنھنجي روح کي قرار ڏيندو رهندس.


    چـلـڊريـن ڊي

    هر سال عالمي سطح تي ٻارن جو عالمي ڏينھن وڏي پئماني تي ملهايو ويندو آهي، وڏا وڏا پروگرام ترتيب ڏنا ويندا آهن. وڏيون وڏيون ريليون ڪڍيون وينديون آهن. وڏا وڏا جلسا ڪيا ويندا آهن. جن ۾ ٻارن جي حقن ۽ اهميت کي اجاگر ڪيو ويندو آهي. ٻارن جي صحت، تعليم، تربيت، سازگار ماحول ۽ نشونما لاءِ اثرائتو ۽ جاندار تجويزون ۽ سفارشون پيش ڪيون وينديون آهن.
    شهر جي تاريخي هال ۾ ٻارڙن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي هڪ شاندار پروگرام ترتيب ڏنو ويندو آهي. وڏن وڏن اديبن، دانشورن، سياستدانن، صحافين، سماج سڌارڪن، تاريخدانن ۽ محققن کي ان شاندار پروگرام ۾ شاندار طريقي سان شاندار ڪوٺ ڏني وئي هئي.
    سمورو تاريخي هال تاريخي موقعي تي تاريخ ساز ماڻهن سان ان تاريخ تي سٿيو پيو هو. تِرَ ڇٽڻ جي جاءِ به ڪونه هئي. آجيان ڪندڙ هال جي مين گيٽ تي بيٺا هئا. جيڪي آيل مھمانن جي آجيان ڪندا پئي ويا. هال ۾ انائونسمينٽ ڪئي ٿي وئي ته فلاڻو يا فلاڻو ڏاهو، دانشور، اديب، سياستدان، صحافي، فلسفي يا تاريخدان هال ۾ تشريف فرما ٿيو آهي.
    ايتري ۾ سڄي هال ۾ هلچل مچي وئي، وڏيءَ گاڏيءَ ۾ اڇن ڪارن وارن وارو ڀورو قداور ڪلين شيو وارو جمال صاحب گيٽ تي پھتو ته استقباليه وارن کيس گيٽ تي گلن جا هار پارائي هال ۾ وٺي آيا. هال ۾ انائونسمينٽ ٿي ته معزز خواتين و حضرات اوهان جي انتظار جون گهڙيون ختم ٿي چڪيون، جناب جمال صاحب جن هال ۾ پھچي چڪا آهن. سڄي حال ۾ تاڙين جي گونج ٿي وئي.
    اسٽيج جي پٺئين پاسي کان ۽ اسٽيج جي سامھون هال جي ديوار تي ٻارڙن جون تمام وڏيون وڏيون تصويرون لڳل هيون. جن ۾ سماج ۾ ٻارن سان ٿيندڙ ظلمن، ناانصافين، تشدد وارين ڪارواين، معاشي حالتن ۽ ڪيفيت جا وار ڪانڊاريندڙ عڪس ڀريل هئا.
    هرهڪ مقرر پنھنجي پنھنجي مخصوص انداز ۽ اسٽائيل سان ٻارن جي نفسيات، ٻارن جي روين، رجحانن، ذهانت، ٻارن جي عادتن، جبلتن، ٻارن ڏانھن سماجي تصورن ۽ روايتي تشدد بابت پنھنجي ڏاهپ ۽ ڄاڻ جا جوهر ڏيکاريندو لھندو ٿي ويو.
    آخر ۾ جمال صاحب کي اسٽيج تي ڪوٺايو ويو. تاڙين جي گونج ۾ جمال صاحب مائيڪ تي آيو. مھمانِ خاص هٿ ٻڌي مخصوص انداز ۽ اسٽائيل سان تاڙين جو جواب ڏنو. هال جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين نظر ڦيرائي هال ۾ ويٺل حاضرين جو جائزو ورتائين.
    معزز خواتين و حضرات اسلام عليڪم.
    دوستو، بزرگو، ساٿيو ۽ نوجوانو!! توهان کي خبر آهي ته اڄ ٻارن جو عالمي ڏهاڙو آهي، انهن متعلق ويچار ونڊڻ لاءِ اڄ هتي گڏ ٿيا آهيون. انهيءَ نسبت سان اسان جي اديبن، دانشورن، ڏاهن، صحافين، شاعرن، سماج سڌارڪن، ماهرن، تاريخدانن، فلسفين، نهايت عالمانه انداز ۾ پنھنجا وزندار رايا، جاندار دليل ۽ تجويزون پيش ڪيون آهن. جنھن لاءِ مان کين ڀرپور خراج تحسين پيش ڪريان ٿو.
    دوستوؐ! اڄ جا ٻار سڀاڻي جا حاڪم آهن، اڄ جا ٻار سڀاڻي جا وارث آهن. اڄ جا ٻار سڀاڻي جا سياستدان آهن، سائنسدان آهن، دانشور آهن، مدبر ۽ مفڪر آهن، اڄ جا ٻار سڀاڻي جا اديب، عالم ۽ استاد آهن. اڄ جا ٻار سڀاڻي جا فنڪار ۽ ڪلاڪار آهن. اڄ جا ٻار سڀاڻي جا مصور، صحافي ۽ سماج سڌارڪ آهن. اڄ جا ٻار سڀاڻي جا منصف ۽ منتظم آهن.
    ليڪن افسوس جو ٻارن جي ذهني نشونما کي تباهه ۽ برباد ڪيو پيو وڃي. انهن کي ڄاڻي واڻي ذهني ۽ جسماني طور تي مفلوج ۽ ناڪاره بڻائي پنھنجي اشارن تي هلايو ۽ نچايو ٿو وڃي. غريب کان امير تائين. سرمائيدار کان جاگيردار تائين، ٻارن تي تشدد ڪيو ٿو وڃي. وڏن جي مقابلي ۾ ٻارن کان چئوڻو ڪم ورتو پيو وڃي. انهن کي ڪم جي مقابلي ۾ ايترو ڏنو پيو وڃي جو فقط هڪ ڏينھن جي ماني کائي سگهن. فقط جِي سگهن ۽ انهن لاءِ ڪمائيندا رهن.
    دوستو! زندگيءَ جي هر شعبي ۾ ٻارن کي استعمال ڪيو ٿو وڃي. انهن کان جبري پورهيو ڪرايو پيو وڃي. انهن جي معصوم ذهنن کي اولڙ گاهه جيان لتاڙيو ٿو وڃي. اهي ٻار اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جي لاپرواهي ۽ غربت سبب علاج نه ٿيڻ ڪري موت جو شڪار بڻجي ٿا وڃن. انهن جي ڪوبه مدد ڪرڻ وارو ڪونهي. اهي ٻار اسڪولن ۾ وڃڻ بجاءِ امير ماڻهن جون نوڪريون ڪندي، انهن جي تابعداري ڪندي محرومي ۽ مفلسي واري زندگي گذارڻ تي پاڻ کي هيرائي پنھنجي سوچ جو انداز ئي بدلائي ڇڏيندا آهن.
    اهي ٻار جڏهن رد عمل واري حالت ۾ اچن ٿا تڏهن ڌاڙيل ۽ ڦورو بڻجي پنهنجي زندگي زهر بڻائي ٿا ڇڏين، يا وري فراريت اختيار ڪري خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿين ٿا. جيڪڏهن ڪنهن ٻار کي مسلسل عتاب جو نشانو بڻايو وڃي ٿو ته ٻار فقط مذمت ڪري سکي ٿو ۽ هميشه منفي رويو رکي ٿو. جيڪڏهن ڪنھن ٻار کي اتساهيو وڃي ٿو ته ان ۾ اعتماد، همت ۽ جرئت جا جذبا پيدا ٿين ٿا.
    دوستو!اڄڪلهه پوري دنيا۾ ٻارن تي جبر ٿي رهيو آهي. اسان کي ان عالمي جبر ۽ ظلم خلاف گڏيل تحريڪ هلائڻ گهرجي. جتي جتي به ظلم ٿيندو هجي ته ان جي نشاندهي ڪري ان جو خاتمو ڪرايو وڃي. ان لاءِ اسان کي مختلف ڪاميٽيون ٺاهي شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي ان آواز کي عام ماڻهن تائين پهچائي، انهن کي انهن اثرن ۽ نتيجن کان آگاهه ڪيو وڃي. عوام کي اهو ٻڌايو وڃي ته معاشري ۽ تهذيب ۾ قومن جي وقار ۽ ڪمال ۾ ٻارن جي اهميت ڪيتري ۽ ڪهڙي آهي. انهن کان ڇا ڪرائڻ گهرجي ۽ ڪرايو ڇا پيو وڃي.
    سرڪار تي پڻ اهو دٻاءُ وڌو وڃي ته ٻارن جي تعليم، تربيت ۽ صحت لاءِ ڳوٺ ڳوٺ ۾ خاص ادارا قائم ڪيا وڃن. اسين سرڪار کان پرزور مطالبو ٿا ڪريون ته جتي جتي ۽ جيڪي جيڪي فرد، ادارا ۽ تنظيمون ٻارن کان ناجائز طريقن سان غير اخلاقي، غير قانوني ۽ غير انساني مقصدن لاءِ استعمال ڪري ڪارو ناڻو ڪمائن ٿا انهن خلاف سخت قانوني قدم کنيو وڃي. ۽ انهن ادارن تي پابندي لڳائي وڃي.
    اچو ته اڄ گڏجي اهو عھد ڪريون ته اسين انفرادي توڙي اجتماعي طور تي ٻارن سان ٿيندڙ ذهني، جسماني ۽ اخلاقي تشدد ۽ جبر خلاف جدوجھد ڪري - ظلم جا زنجير ٽوڙي انهن کي مستقبل جا عظيم انسان بنائڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته جيئن ٻار آزاديءَ ۽ بي خوفيءَ سان پنھنجي خداداد ذهني صلاحيتن کي ملڪ ۽ قوم جي ترقي، خوشحالي ۽ بلند وقار لاءِ ڪتب آڻي سگهن.
    دوستو! هي هڪ عالمي مسئلو آهي، هڪ دانشور ۽ فلسفيءَ جو ڪم آهي هڪ نظام کي تبديل ڪرڻ ۽ هڪ نئين ۽ بهتر نظام کي نافذ ڪرڻ لاءِ اجتماعي سوچ کي تبديل ڪري نئين سوچ کي تخليق ۽ تعمير ڪرڻ.
    اچو ته گڏجي هڪ نئين سوچ کي جنم ڏيون. اها سوچ جيڪا ذميوارين کي محسوس ڪري، جيڪا حقيقت ۽ اصليت کي اجاگر ڪري. اها سوچ جيڪا هٿ ٺوڪين ريتن رستمن ۽ رواجن کان مٿانهين هجي.
    اچو ته اڄ واعدو ڪريون ته ڪنھن به صورت ۾ ٻارن تي ظلم برداشت ڪونه ڪنداسين. پوءِ اهو ظلم ڪنھن جي طرفان به ٿيندو هجي. ٻارن کي پنھنجون صلاحيتون اڀارڻ لاءِ انهن کي ماحول مهيا ڪري ڏيڻ لاءِ ڀرپور عملي ڪوششون ڪنداسين. ٻارن کي بچايو. ٻار هن ڌرتيءَ جي سونهن آهن. انهيءَ سونهن کي مختلف طريقن سان اجاڙيو پيو وڃي. ٻارن کي شروع کان وٺي اشارن تي هلائڻ سيکاريو ٿو وڃي. اچو ته سڀ گڏجي انهن غير فطري ۽ غير انساني عملن خلاف جدوجھد ڪريون.
    جمال صاحب جي جوشيلي، اثرانگيز ۽ پرڪيف تقرير سان سمورو هال نعرن ۽ تاڙين سان گونجي رهيو هو.
    جمال صاحب پنھنجي تقرير پوري ڪري پنھنجي ڪرسيءَ تي اچي ويٺو. ايتري ۾ هڪ ٻڍڙي عورت هال ۾ داخل ٿئي ٿي. اسٽيج سيڪريٽري سختيءَ واري انداز ۾ پڇي ٿو: ”ڪُراڙي تون ڇو اندر آئي آهين؟“
    ”ابا، مون کي انهن صاحبن سان ته ملاءِ، ڪجهه عرضڙو ڪرڻوا ٿم.“ ڪراڙيءَ چيو.
    ”ڪھڙو ڪم اٿئي؟“ سيڪريٽري چيو.
    ”ابا ضررو ڪا مجبوري هوندي، ٻيو وري اسان غريبن جو ڪھڙو ڪم هوندو.“ ٻڍڙيءَ چيو.
    اسٽيج تي ويٺلن مان ڪنهن چيو ته اها پوڙهي ڇو آئي آهي؟
    سيڪريٽري چيو، ”سائين اها توهان سان ملڻ ٿي چاهي.“
    ”هيڏانهن موڪلينس.“ اسٽيج تان آواز آيو.
    ڪراڙيءَ کي اسٽيج تي پھچايو ويو.
    ”ڪراڙي ڇا ڳالهه آهي بابا؟“ هڪ ويٺل ڏاهي چيو.
    ڪراڙيءَ پنھنجو مسئلو ٻڌائيندي چيو، ”ابا، خدا جو پردو ٿئيوَ-منھنجو ننڍڙو ٻچڙو مهيني کن کان اسپتال ۾ پيو آهي، مسڪين ماڻهو آهيون. گهر جا ٽپڙ به کپائي ٻچي جي سِرَ تي لاتا آهن. هاڻي ته ابا ڪابه ڪاڪت (وسعت) ڪونهي جو هيڏو ارو مهانگو علاج ڪرائي سگهون. (ٻڍڙيءَ جي اکين ۾ پاڻي تري رهيو هو، ڳالهائڻ ۾ نڙي خشڪ ۽ آواز گگهو ٿي رهيو هوس ابا ڊاڪٽر چون ٿا ته اڃا توهان کي مهينو کن رهڻو پوندو. رت جي به ضرورت آهي. دوائن لاءِ به ڏوڪڙ کپن. توهان صاحبن ڏانهن الله جو نالو وٺي آئي آهيان. ٻچڙي جي سِرَ لاءِ جيڪا مدد پڄي سگهيوَ خدا ڪارڻ مون مسڪين سان ڪيو.“
    اسٽيج تي ويٺل هڪ چيو، ”بابا ڪنھن ڪنھن جا انفرادي ڪم ڪندا وتنداسين. تون هڪڙي ته ناهين، اسان مٿان اها ذميواري ڪونهي ته ٻارن جا علاج به اسين ڪرايون. مانيون به اسين کارايون، ڪپڙا به اسين وٺي ڏيون، رت به اسين ڏيون. ماڻهن جو ته مٿو خراب ٿيو آ.“
    جمال صاحب خار مان سيڪريٽريءَ کي چيو ته، ”اڙي بابا هن مائيءَ کي ته هيٺ لاهي وڃ، گيٽ کان ٻاهر ڪڍي ڇڏي اچينس، اسان جي سموري فلاحي پروگرام کي خراب ڪرڻ آئي آهي.“
    ”هل بابا هل، اسان پنھنجا گهر کپائي، نوڪريون نيلام ڪري وتون ٿا ماڻهن جا علاج ڪرائيندا. پوءِ اسين پنھنجا ٻار وري ڪنهن يتيم خاني يا ايڌي سينٽرن۾ ڇڏي اچئون ڇا!؟“ سيڪريٽري مائيءَ کي ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍي ٿو اچي.
    ايتري ۾ هڪ ٻيو بزرگ ماڻهو اندر داخل ٿئي ٿو. اسٽيج جي سامھون اچي هٿ ٻڌي چوي ٿو، ”صاحب بابا، منھنجو هڪڙو پٽ آهي. بس هڪ ئي الله رکيو پٽ اٿم. اسان به اچي پيرسن ٿيا آهيون. خدا کانسواءِ ٻيو ڪو آٿت به ڪونهي. گهڻو اڳ سيٺ يعقوب خان وٽ قرض ۾ پيو لوڙيندو هو. نه قرض لهي نه جان ڇٽي. نيٺ لاچار ٿي ڀوتار جانڻ خان کان ٻه هزار روپيه وٺي سيٺ يعقوب خان مان جان ڇڏائيسين. هاڻي ته ابا ڄڻ کڏ مان نڪري، کوهه ۾ اچي ڪِريا آهيون. ٻن سالن کان وٺي ڇورو رڳو پيٽ تي ٿو جانڻ خان جي باغ تي لوڙي. ڪڏهن ڪجهه ٿو پوکائي ته ڪڏهن ڪجهه ، نه پگهار نه پيسو. ڪڏهن ڪڏهن ڪي پنج ڏئيس ته واه نه ته بس. ڇورو به مفت ۾ پيو ٿو رت ساڙي ته قرض به مٿان ساڳيو بيٺو آهي. صاحب، اسان جي ته زندگي ئي زهر بڻجي وئي آهي. غريب ماڻهو آهيون نه ٻه هزار ٿا ٿين نه وري ڇوڪر جي جان ٿي ڇٽي جو ٻي ڪا محنت مزوري ڪري سکي زندگي گذاري. صاحب، خدا ڪارڻ اسان پيسن جي ڪجهه مدد ڪيو ته ڇوڪر جي جان ڇڏايون.“
    جمال صاحب چيو، ”بابا اسين پاڻ مزور ماڻهو آهيون. اسان به جڏهن محنت ٿا ڪريون تڏهن وڃي ٿا ڪي ٻه چار رپيا ملن. جن سان پاڻ کي ۽ پنھنجي ٻچن کي پالي ٿا سگهون. اسان ڪي حاتم سخي ته ڪونه آهيون، جو وتئون سخاوتون ڪندا. اسين ڪهڙن ڪيترن ماڻهن جون گهرجون پوريون ڪري سگهنداسين بابا. گهرجون سڀڪو پنھنجي وس ۽ ضرورت آهرپاڻ پوريون ڪندو آهي.
    هي نفسانفسيءَ جو دؤر آهي بابا هرڪو پنهنجيءَ ۾ پورو لڳو پيو آهي. توهانکي ڪنهن چيو ته پنهنجا ٻچا گروي رکي قرض کڻي ڪُتا ۽ ڪڪڙ ويڙهائيندا وتو. ڦڏن ۽ فسادن جا ڪم ڪندا وتو. نشان ڪندا وتو. پتا کيڏندا وتو. پوءِ وري چئو ٿا ته بابا اسين غريب آهيون اسين مظلوم آهيون. اسان سان ناحق ٿي ويو آهي، اسان سان ظلم ٿي ويو آهي. هل بابا، محنت مزوري ڪري وڃي پنهنجو قرض لاهيو.هٿ ٽنگڻ به ڪا سٺي ڳالهه ڪونهي. وڃ بابا وڃ.“
    جمال صاحب ويٺلن ڏانھن منهن ڪندي چيو، ”لڳي ٿو ته هن عظيم فلاحي پروگرام کي ناڪام ڪرڻ ۽ ان جي اثر کي ضايع ڪرڻ ۽ ان جي اهميت کي ڌڪ رسائڻ لاءِ ڄاڻي ٻُجهي سازش ڪئي وئي آهي. انشاءَ الله اسين هر سازش جو مڙس ماڻهو ٿي مقابلو ڪنداسين. اسان کي حق جي راه تان ڪابه طاقت هٽائي نٿي سگهي.“
    هڪ ويٺل چيو،”ها سائين، بلڪل اوهان صحيح سڃاتو آهي ته اها هڪ سوچيل سمجهيل سازش آهي.“
    ”واهه! ڇا ته فلسفيانه نظر آهي جمال صاحب جي.“ انهيءَ کي چئبو آهي ادراڪ ۽ آگھي. دانشوري ۽ مدبري برابر دانشور ۽ مفڪر قومن جا ريڊار ٿيندا آهن.“ هڪ ويٺل ڏاهي چيو.
    پروگرام پنھنجي پڄاڻيءَ تي پھتو. جمال صاحب جي ڊرائيور ڪار چالو ڪئي. جمال صاحب ڪار ۾ ويهڻ کان اڳ مين گيٽ وٽ پاڻ سان گڏ آيل دوستن ۽ مداحن کي هٿ لوڏي لوڏي الوداع ڪري اچي ڪار ۾ ويٺو. ڪار روڊ تي تيزرفتاريءَ سان ڊوڙندي رهي. شھر تمام گهڻو پوئتي ڇڏي چڪي هئي. هاڻي فقط اڪيلو روڊ هو. روڊ جي پاسن کان ٿوريءَ ٿوريءَ وٿيءَ سان نِمن، بيدن ۽ سِرنهه جا وڻ بيٺل هئا. جيڪي پري کان ائين ٿي لڳا ڄڻ هڪ ٻئي سان گڏ زنجير ٺاهيو بيٺا هئا.
    روڊ تي سامھون هڪ پيرسن مرد ڪار کي هٿ ڏئي روڪڻ لاءِ چيو. ڊرائيور مالڪ جي اجازت کانسواءِ ۽ ڪنھن به امڪاني صورتحال تي سوچڻ کانسواءِ ته متان ڪو جوکم جو ڪم هجي يا مالڪ ناراض ٿي پوي. بريڪ ڏئي ڪار کي روڪي ڇڏيو. ڪار رڪجڻ سان بزرگ هٿ ٻڌي چيو ته: ”صاحب اسين پنھنجو دڳ وٺيون پئي آياسين، اوچتو ئي ڪو ظالم ڪار وارو آيو جيڪو منھنجي ننڍڙي کي ڌڪ هنيون ڀڳو هليو ويو. هتي هاڻي اسان جو ڪوبه اوهي واهي ڪونهي. ڇوڪرو سخت ڌڪي ٿي پيو آهي سامهون روڊ جي ڀر ۾ زخمي ڇوڪر ليٽيو پيو هو. جنھن رکي رکي سور جي شدت کان دانهون پئي ڪيون. خدا واسطي اسان کي کڻي هلي ڪنھن اسپتال ۾ وجهو. انسان جو ٻچڙو آهي، صاحب توهان کي ڏاڍيون دعائون ڪنداسين.“
    ڊرائيور جمال صاحب ڏانهن نهاريو، جمال صاحب چيو، ”هل هل، بابا وتئون ٿا پراوا مسئلا پنھنجي ڳچيءَ ۾ وجهندا.“
    ڊرائيور چيو، ”سائين، ويچارا مسڪين ماڻهون آهن، انهن جي وقت تي خدا ڪارڻ مدد ڪئي سين ته صاحب اسان کي ڪهڙو هرج پوندو. الله راضي ٿي پوندو. آخر هي به ته خدا جا بندا آهن. حڪم ڪيو ته هنن کي ڪنھن اسپتال پهچايون.“
    ”اڙي بابا، مالڪ مان آهيان يا تون.“ جمال صاحب چيو.
    ”سائين، مالڪ ته برابر توهان آهيو ..... پر .....“ ڊرائيور چيو.
    ”پر جا سَڪا ته پوءِ هل .... هليو آهي اسان کي عقل سيکارڻ.“ جمال صاحب ڪاوڙ م چيو.
    ڊرائيور کيسي مان ويهه روپـيه ڪڍي بزرگ کي ڏنا ۽ چيو ته بابا اسان کي تمام جلدي آهي. اوهان ڪو ٻيو بندوبست ڪريو.
    ڪار اسٽارٽ ٿي، ڊرائيور جي ذهن تي هٿوڙا لڳندا رهيا. کيس انساني احساس ڏنگيندو رهيو. هُو سوچن ئي سوچن ۾ گم هو. اوچتو ئي اوچتو هڪ ٺڪاءُ ٿيو. گاڏيءَ هڪ ڇوڪر کي ٽڪر هڻي ڪيرائي وڌو جيڪو سائي ڀاڄيءَ جو ٻاچڪو مٿي تي کنيو شھر ڏانھن ٿي ويو. ڪر بيهي وئي. جمال صاحب غصي مان چيو، ”اڙي انڌو آهين ڇا. سنئين سڌي ۽ صاف رستي تي به ايڪسيڊنٽ ڪندو ٿو وتين. اڄ مڙئي تنھنجو دماغ ڦريل آهي.“
    ڊرائيور چيو، ”سائين، مان ته انڌو ناهيان پر .......“
    ”پر جا پُٽَ، تون انڌو ناهين، باقي مان انڌو آهيان.“ جمال صاحب چيو.
    ڊرائيور ڏکويل ۽ جذباتي انداز ۾ چيو، ”نه سرڪار، ائين ته نه چئو. اڄ الائي ڇو منھنجون سوچون انڌيون ٿي پيون آهن. جيڪي ڪجهه به ڏسي نٿيون سگهن.“ جمال صاحب ڇوڪري وٽ لهي آيو. ڏٺائين ته ڇوڪر کي هلڪا ڦلڪا ڌڪ لڳا هئا. البت روڊ تي رهڙجڻ سبب ٻانهن ۽ ڄنگهن مان رت وهي رهيو هوس.
    جمال صاحب چيو، ”بابا خير ته آهي نه! ڊرائيور آهي صفا انڌو. مون به بابا گهٽ ڪونه ڪئي ٿمانس. ضمير وارو هوندو ته يا عمر وري اهڙي غلطي ۽ غفلت نه ڪندو. گهٻراءِ نه پُٽ، اسين توسان گڏ آهيون.“
    ڇوڪر چيو، ”ها سائين خير آهي، روڊ جون ڪجهه رهڙون آيون اٿم. پر منھنجي ڀاڄي الائي ڪيڏانهن وئي. وڏيري جانڻ خان جي ڀاڄي هئي، مارڪيٽ کنيو پئي ويس. ڀوتار نه ڪاوڙجي پوي. ڀاڄيءَ جي رقم به ڀرائيندو ۽ بيعزتو به ڪندو.
    ”بابا تون ڳڻتي نه ڪر توکي ڀاڄي به هٿ ڪري ٿا ڏيون. پر توکي جان کان وڌيڪ ڀاڄيءَ جي ڳڻتي ڇو لڳي آهي.“ جمال صاحب چيو.
    ”سائين، جان ته پنھنجي آهي، پر ڀاڄي ته ڀوتار جانڻ خان جي آهي نه. اهو ته مونکي ڪونه ڇڏيندو.“ ڇوڪر چيو.
    ”اڙي خدن جلدي ڪر، اها ڀاڄي ته ميڙي ٻاچڪي ۾ وجهه.“ جمال چيو
    ڊرائيور خدن ڀاڄيءَ کي ميڙي چونڊي ڇنڊي ڦوڪي صاف ڪري ٻاچڪي ۾ وجهي آڻي ڇوڪر جي اڳيان ٻاچڪو رکيو. جمال صاحب پنجاه جو نوٽ کيسي مان ڪڍي ڇوڪر کي ڏئي چوڻ لڳو، ”اچي پٽ هي وٺ اسان کي تمام جلدي آهي نه ته توي شهر ڏي کڻي هلو نه . چڱو هاڻي الله توکي خوش ڪندو، اسين هاڻي هلون ٿا.“
    جمال صاحب ڪار ۾ ويٺو، ڪار جو دروازو زور سان بند ٿيو. ڪار تيزيءَ سان روڊ تي پنھنجي منزل ڏانهن ڊوڙندي رهي. جمال صاحب جيئن ئي گهر پھتو ته بيگم صاحب کيس ٻڌايو ته، ڇورو ڪَمون، جيڪو سندن ٻار به کيڏائندو هو ۽ گهر جوڪم ڪار به ڪندو هو، سو ڀڄي ويو آهي، هاڻي ڪنھن ٻئي ڇوڪر جو بِلو ڪري.
    ”ڄٽن جو پيٽ ڀربو آهي ته پوءِ وتندا آهن دڙيون ٽپندا. سياڻن سچ چيو آهي ته ڄَٽُ ۽ ڦٽ ٻڌو چڱو آهي. جائي چيو اٿن، ڄٽ کي ڏي پيار ته جُتيءَ سوڌو غلم تي. انهن جي ڪَنَ مَهٽ ٿيندي رهي ته پوءِ اهي سڌا رهندا. چڱو سڀاڻي ڪونه ڪو بِلو ڪري وٺنداسين.“ جمال صاحب چيو.
    صبح ٿيندي ئي جمال صاحب پنھنجي بنگلي جي نوڪر کي چيو. ته ”اڙي پنھون، وڃ، هدايت الله کي ته وٺي اچ.“
    ”حاضر سائين“ پنھونءَ چيو.
    پنھون، هدايت الله کي سڏ ڪري بنگلي تي وٺي آيو، جتي جمال صاحب چانهه جو ڪوپ پي رهيو هو. هدايت الله نوڙي اچي جمال صاحب کي هٿ ڏئي ٿو. جمال صاحب به ٿورو هٿ ڊگهيري، هدايت الله کي ڏئي ٿو.
    جمال صاحب چيو،”هدايت الله خوش آهين نه بابا.“
    ”ها سائين، اوهان جون دعائون آهن.“ هدايت الله چيو
    ”وقت ڪيئن پيو گذري.“ جمال صاحب چيو
    ”سائين خير جو وقت پيو گذري. مالڪ جا لک قرب آهن. ڏينھن جو پورهيو پال ڪري رات جو آرام جي ننڊ ٿا ڪريون. بس الله جا لک احسان آهن.“ هدايت الله چيو
    ”ها بابا سچ ٿو چوين، ماڻهو آرام جي ننڊ ڪري زهن کي سڪون هجي. روح کي قرار هجي ته اهڙي ٻي ڪا نعمت آهي ئي ڪونه.“ جمال صاحب چيو.
    ”هدايت الله، مون توکي ان ڪري گهرايو ته اسان وٽ هڪڙو ڇوڪرو هوندو هو سو ڀڄي ويو آهي، توهان وٽ ڪو ڇوڪرو آهي، اهو اسان کي ڏيو، توکي مهيني سر مهيني پگهار به ملندي. ڇوڪر کي به ٻچن وانگر سکيو رکنداسين. لٽو ڪپڙو کاڌو پيتو به اسان تي. ڪم به ڪو گهڻو ڪونهيس. رڳو منھنجي ننڍڙي ڇوڪر کي کيڏائيندو ۽ ٿورو گهڻو گهر جو ڪم ڪار ڪندو يا بازار مان وڃي سودو وغيره وٺي ايندو.“ جمال صاحب چيو.
    ”توهان سچ ٿا چئو. توهان کان وڌيڪ ڇوڪرو مِٺو ڪونه ڪيون ها. پر ڇوڪرو اسڪول ۾ پڙهندو آهي. هوشيار به چڱو آهي. اسان ته ڪونه پڙهياسين هاڻي ويٺا ٿا ڪنڊا ڪڍون. خدا ڪري شل ڇوڪرو پڙهي پوي. الله ڏکن پٺيان سک نصيب ڪري.“ هدايت الله چيو.
    ”تنھنجي معنى ته ڇوڪري کي آفيسر ڪندين.“ جمال صاحب چيو.
    ”اها ته قسمت جي ڳالهه آهي سائين، پر پوءِ به علم علم آهي، چار اکر هوندس ته ڪنھن جو موٿاڄ (محتاج) ڪونه ٿيندو.“ هدايت الله چيو.
    ”اڙي بابا اسان به علم ۾ اڇو مٿو ڪيو آهي سڀڪجهه سمجهانٿو. اهو ته پاڻ لاءِ به آزار ٿو ڪرين ۽ ڇوڪري کي به ڪم ڪار کان ٿو وڃائين. هدايت الله، اسين تعليم جا دشمن ڪونه آهيون، اسين چاهيون ٿا ته قوم جو هر فرد تعليم يافته ٿئي. پر اڄڪلهه توکي خبر آهي ته ڇوڪرا وڏيون وڏيون ڊگريون پاس ڪري ڳچيءَ ۾ وجهيون گهمائيندا ٿا وتن ته ڪٿي به نوڪري ڪونه ٿي ملي. ايتريقدر جو بي.اي ۽ ايم.اي پاس وارا پٽيوالي ڪرڻ لاءِ به تيار آهن. پر اها به ملي ڪونه ٿي. هڪ طرف نوڪري ڪونه ٿي ملي ته ٻئي طرف هو پورهئي ڪرڻ کان به عاري، ڪاهل ۽ روڳي بڻجي. هاڻي هُو نه هيڏانهن جا رهيا ۽ نه هوڏانهن جا. نه فقط ايترو پرهدايت الله اڄڪلهه جا پڙهيا ته ادب ۽ اخلاق جون به مذاقون ٿا اڏائن. وڏن کي جاهل ۽ بيوقوف ٿا سمجهن. وڏن جي ڪابه فرمانبرداري ڪونه ٿا ڪن. هدايت الله، پوءِ اهڙي علم کان ته بھتر آهي ته انهن کي ڪنهن ٻئي ڪم ڪار ۾ لڳائي ڇڏجي جو پاڻ به خوش ته مائٽ به خوش. گهٽ ۾ گهٽ ادب اخلاق کان ته ڪونه نڪرندا. پورهئي تي هَڏَ هريل هوندن ته ڪنهن جا محتاج ڪونه ٿيندا. ڪيئن سچ آهي نه هدايت الله.“ جمال صاحب چيو.
    ها سائين، توهان بلڪل سچ ٿا چئو. پر مان هٿ ٻڌي اوهان کي عرض ٿو ڪيان ته مون کي معاف ڪيو. منھنجو شوق آهي ته مان ڇوڪرو پڙهايان، الله ڪندو ته ويل ڪونه وڃائيندو. ڪم ڪارجو به برجستو ۽ ڦڙت آهي، باقي ڪريم بخش جا ٻه ڇوڪرا آهن، پڙهندا به ڪونهن ۽ آهن به صفا واندا ان کي گهرائي چئو، توهان جي رڳو چوڻ جي دير آهي.“ هدايت الله چيو.
    ”چڱو ادا تون ڀلي وڃي ڇوڪري کي آفيسر ڪر، مان ڪريم بخش کي چوان يا نه چوان. اهو منھنجو ڪم آهي. چڱو هاڻي تون ڀلي وڃ.“ جمال صاحب چيو.
    هدايت الله بنگلي مان واپس موٽي اچي گهر وارن کي جمال صاحب سان ڪيل ڳالهه جو احوال ٻڌائي ٿو.
    جمال صاحب وري ٻئي ڏينهن ٻارن جي حقن لاءِ ٿيندڙ پروگرام ۾ تقرير ڪرڻ لاءِ تياري ڪرڻ لڳو.


    بـرسـات

    مينهن به اڄ اوهيرا ڪري لهي پيو. کنوڻ ۽ گجگوڙ به لايون ٻاريون بيٺا هئا. ٻيو وري هوا به تيز، جو جاتي سو تاتي. گهرن ۾ ٻار ۽ مايون الله الله جو ذڪر ڪندي، هن مصيبت کي ٽارڻ لاءِ ٻاڏائي رهيا هئا. تيز هوا جي آڌار تي مينهن جي ڇاٽ جو پاڻي درن ۽ درين مان جيڪي کليل هئا اندر ڪاهي پئي پيو. ورانڊي کان به اندر ڪوٺين جون چانئٺيون ٽپي هليو پئي آيو.
    اسان جي پاڙي ۾ سامھون اوڀر طرف دلاور جو گهر هو. ڪکائون گهر هوس. ڇَنَ ٺهيل سابه ڪِن ايامن جي. جنھن جون هاريون به گم ٿي ويون هيون. مينهن جو لٿو ته دلاور جي گهر ۾ ڪيهاٽ پئجي ويو. ڇَنَ جُهري پئي. چئني پاسن کان وهڻ لڳي. مال جو مَنَهُن به پٽ تي ڪِري پيو. سو مال کي به آڻي ماڻهن واريءَ ڇن م بيھاريائون. آخرڪار هنن جو رزق هو، گذر معاش جو ذريعو هو. هونئن به ڀاڳين کي پنھنجو رزق (چوپايو مال) اولاد جيترو پيارو لڳندو آهي. هاڻي ماڻهو ۽ مال گڏجي ويا. برسات ۽ هوا جي زور تي ٻاهريون پناهه وارو لوڙهو به اُڏي چڪو هو.
    دلاور چيو، ”اهو ويچارو برڪت سچ چوندو آهي ته اتر جي هوا لڳي ۽ آسمان ۾ چھنبن سان پاسرين وانگر خوفناڪ ڪڪر ٿين ته پڪ سمجهو ته خير ناهي.“ سو ويچاري جي ڳالهه بروبر صحيح آهي. ڪالهه کان وٺي اهي ساز پئي وڳا. پر اسان جو اوڏهون اير ڀير ئي ڪونه هو، پڙهيو لکيو ڇوڪرو آ، ڪتابن جا ڍير پڙهيا ٿئين. تجربو به ڏاڍو اٿس. جيئن چوندو آهي تيئن سچ نڪرندو آهي. پهرين ته اسين به ان تان کِلون ۽ چٿرون ڪندا هئاسين ته چار ڪتابڙا پڙهي مٿو ڦري ويو اٿس. پر پوءِ خبر پئي ته نه ٻيلي ڇوڪرو عقل وارو آهي. ننڍڙيءَ وهيءَ ۾ واهه جو علم هٿ ڪيو اٿس.
    اڻ مندائتو مينهن پيو. هٿن تي ڦِرڪو ڦِري ويو. اوچتو ئي اوچتو موسم تمام ٿڌي ٿي وئي. دلاور جي ننڍڙي پٽ جنھن جي عمر ڪا ٽن يا چئن سالن کان مٿي ڪونه هئي، کي بخار ٿي پيو. گهر ۾ گوڏي جيڏو مينهن جو پاڻي، مٿان ڪارا ڪڪرا اڃا به ڪارونڀار ڪيو وسڻ جا ويس ڍڪيا بيٺا هئا. جيڪي جهانگيئڙن جا جيءَ جهوري رهيا هئا. جهوپا جُهري پيا هئا.
    دلاور جي زال دلاور کي چيو، ”اڙي ٻڌين ٿو، ڇوڪر کي ڏاڍو بخار ٿي پيو آهي. صفا مَچَ پيا ٻرنس. شھر ڏي وڃي ڪنھن ڏاڪدر کي ته ڏس، مالڪ سائين تون ٻاجهه ڪر! هيٺان مٿان اسان مسڪينن لاءِ قيامت لڳي پئي آهي. ڏاڪدر نه هجي ته دڪانن تي به دوائون رکندا آهن. اتان ئي وڃي ڪي ٽڪيون وٺي اچ.“
    دلاور ڳڻتين ۽ فڪر جي مينهن ۾ ٻڏو پيو هو. ڪا ڳالهه ئي سمجهه ۾ نٿي آيس ته هُو هينئر آخرڪار ڇا ڪري.
    دلاور جي زال وري چيو ته، ”اڙي ٻڌين ڪونه ٿو! ڇوڪري جي حالت وڃي ٿي خراب ٿيندي ۽ تون اڃا به اتي ئي بي فڪرو لڳو بيٺو آهين. ٻچڙي تي ڪو قياس ئي ڪونه ٿو اچئي.“
    ”تنھنجو ٿيو آهي مٿو خراب. هن مهل ڪهڙو ڊاڪٽر هوندو جو ههڙي برسات ۾ اسان غريبن سان ايندو. آهيان به ڳوٺ جو چڱو مڙس يا آفيسر صاحب، جو بس منهنجو وڃڻ ۽ هن جو ٿيلهو کڻڻ. غريب نه ڄمي نه مري. بس ڪري خدا کي ياد ڪر. جُهڙي ڦُڙي لهي ته وڃي ٿو ڪٿان پَٽَ سَٽَ ڪري ڪجهه ٽڪيون وٺي اچان. اسان کي لڳي پئي آهي پنهنجي، سڄا ويا آهيون ڀڄي، هن کي وري هن مهل ٽڪيون آڻي ڏي. هُون ....! خدا کي ياد ڪر. الله ڪندو رحم ٿي ويندو.“
    ”ٻاهر وڃڻ ۾ ٻَرو ٿو وٺئي ته هوا تي لوڙهو سڄو ڪِري پيو آهي، انکي ته ڀلا ٻيانو کڻي هڻي ته ڇڏ.“
    ”مان ٿو چوانءِ ته ڪري ويهه بس، ته لٺ کڻي مٿو نه ڦاڙهي وجهانءِ. وڃين ٿي چيڙائيندي. اسان هڪ پنھنجي پاڻيءَ ۾ ناهيون، ٻيو وري رَن وڃي ٿي حڪم هلائيندي.“ دلاور خان ڪاوڙ مان چيو.
    ”وڃي کڏ ۾ پئه مُئا، منھنجو ڇا وڃئي.“ زال چيو.
    ايتري ۾ در تي سڏ ٿيو. ”وري ڪنهن کي هن مهل، بلا کاڌو“ دلاور چيو. دلاور پاڻي جهاڳيندو جهاڳيندو آهستي آهستي ۽ ڀڻڪندو در تي ويو.
    وڏيري خان محمد جو نوڪر هو، منھن ۾ گهنڊ وجهندي رعبدار لهجي ۾ نوڪر چيو، ”ڀوتار موڪليو آ. مينھن تي ڪوٽ جو ٽڪرو ڪِري پيو آهي، ان کي لوڙهو هڻائڻو اٿس. هاڻي جو هاڻي ڪهاڙي ۽ ٻيانو کڻي هل. مان ٻين کي به ٻڌائي ٿو اچان. پر جلدي ڪر دير نه ڪر.“ دلاور نرم لهجي ۾ نوڪر کي چيو، ”ادا ٿورو آهستي ته ڳالهاءِ.“
    ”ڇا جو ڙي آهستي ڳالهايان، توکان ڊڄان ٿو ڇا؟“ نوڪر چيو.
    ”بابا مان سمجهان ٿو تون ڀوتار جو نوڪر آهين. پر ڪنهن جي گهر جي در تي بيٺو آهين، ڪجهه ته چار ديواريءَ جو خيال ڪر ادا. هاڻي هيءَ به ڪا مهل آهي لوڙهن هڻڻ جي. منھنجو ڇوڪرو بيمار پيو آهي، ان لاءِ به ڪنهن ڊاڪٽر ڏي ڪونه ٿو وڃان.“ دلاور چيو.
    نوڪر چيو، ”هُون .......! تنھنجي معنى اها ٿي ته تون ڀوتار کي جواب ڏيڻ ٿو چاهين. ٺيڪ آهي، مان وڃي ٿو وڏيري کي ٻڌايان، پاڻ ئي توکي ان جواب جي سيکت ملي ويندي. ڄٽن جو مٿو ته خراب ٿيو آ، اميرن کي ٿا جواب ڏين. ٺيڪ آ ٺيڪ! تون ڀلي نه هل. ڀوتار پاڻهي توکي سڌو ڪري وٺندو.“
    ”نه بابا نه، مان ڪاٿي ٿو ائين چوان. اجايو ناراض نه ٿيءُ بابا. مان ته مڙئي ائين ڳالهه ڪئي. او ابا اتي بيهه ته سهي نه. منهنجي ڳالهه ته ٻڌ نه! مان هلان ٿو نه. بس مان گهران وڃي ڪهاڙي ۽ ٻيانو کڻي اچان.“ دلاور ليلائيندي نوڪر کي چيو.
    ”ڪوڙا ڪنهن نه جاءِ جا. وڃ جلدي کڻي اچ.“ نوڪر چيو.
    ”حاضر ادا، مان هاڻي ئي ٿو وڃان، پر ڇوڪري ........“
    ”ڇا مطلب؟“ نوڪر چيو.
    ”مطلب ته جي ٿوري ويسند ڏيوم ته ڇوڪري کي دوا وٺي ڏيون هلان. دلاور چيو، نه نه، ناهي ضرور هُتي ڪوٽ ڪِريو پيو آ، توکي وري لڳي آهي ڇوڪري جي. پوءِ کڻي اچي لقمان حڪيم کان علاج ڪرائجانس. اڳـ۾ هيڏي هل.“ نوڪر چيو.
    دلاور حسرتن، ارمان، محرومين،نفرتن ۽ انتقامي جذبن جا هٿوڙا ذهن تي وسائيندو گهر آيو.
    ”در تي ڪير هو سَڏَ وارو؟“ زال پڇيو.
    ”ڪير سان تنھنجو ڪم؟ ڪير به هو، تنھن ۾ تنھنجو ڇا؟، ڪري ويهه بس ته ڪيانءِ نه هڪ ڌڪ ۾ پورو.“ دلاور جذبات مان چيو.
    ”هُون! ڏاڍن سان پڄي سگهو ڪونه، هيڻن تي ائين ٿا اچو جيئن هيٺاهينءَ تي پاڻي، اهڙو جوش ٿو اچيوَ ته ڏاڍن جي ڏاڍ ۽ ظلم سان پاند اٽڪايو ته دنيا واهوا ڪريوَ. باقي ڪمزورن جي مارڻ مان مڙس ماڻهو ڪونه ٿيندؤ.“ دلاور جي زال چيو.
    دلاور اهو سڀ ڪجهه ٻڌندو رهيو، زال کي ڪابه ورندي ڪونه ڏنائين.
    دلاور ڪهاڙ ي ۽ ٻيانو کڻي ٻاهر نڪري ٿو وڃي. لوڙهي لاءِ ڍنگهر ڪپڻ جهنگ ۾ وڃن ٿا. دلاور خيالن جي ٽڪراءَ ۾ گم هو. ڍنگهر ڪپڻ بجاءِ ڪهاڙي سندس ڄنگهه ۾ لڳي وئي. سڄو رتوواه ٿي ويو. منڊڪائيندو منڊڪائيندو اوطاق تي آيو.
    دلاور کي ان حالت ۾ ڏسندي وڏيري چيو، ”اڙي دلاور توکي وري ڇا ٿيو؟ ڪِن ڪيو اٿئي لوڙهي هڻڻ کان مـَڪـَرُ.“
    ”نه سائين، ڍنگهر وڍيندي ڄنگهه ۾ وڃي ڪهاڙي لڳي آهي.“
    نوڪر جو اتي اکيون خراب ڪيو منهن ۾ گهنڊ وجهيو بيٺو هو تنھن چيو، ”ڪاٿي سائين، هن جو اٿندي ئي نڀاڳ ۾ منهن هو. گهران ئي ڪروڌ ڪري آيو هو. نيت آڏو آئي اٿس.“
    وڏيري چيو، ”پوءِ ته جھڙي نيت تھڙي مراد.“
    دلاور چيو، ”برابر سچ ٿا چئو. هاڻي برابر ائين ئي ٿيندو، ’نيت ۽ مراد جو جهيڙو‘.“
    ائين چئي دلاور سموري منظر کي گهوري ڏٺو ۽ پوءِ اوطاق مان ٻاهر نڪري آيو. ڄڻ ته ڪهاڙي هن کي ڄنگهه ۾ نه پر دل ۾ لڳي هئي.
    **


    بابا خرچي ڏي

    اجن منهنجي پاڙي ۾ رهندو هو، منهنجو دوست هو، ڏاڍو سنجيده، شريفزادو، ايماندار ۽ محنتي ماڻهو. ڳوٺ جي وڏيري جي ڪڙمت ڪندو هو. ٻارِ بٽئي ٿيندي هئي ته ساجن پنهنجو بوڇڻ ڇنڊي گهر ايندو هو. ڇو ته سمورو اَنُ وڏيرو قرض ۾ کڻائي ويندو هوس. اڃا به هن تي قرض باقي رهندو هو. عيد جي ڏينهن به ساجن جي گهر ۾ سکڻن پارن کانسواءِ ڪي ڪين هو. چڱو لٽو ڪپڙو ٻارن کي ڏيڻ ته وڏي ڳالهه هئي پر ڇڙو ڪجهه چاڙهي کائڻ لاءِ به ڪونه هو. ساجن کي سندس زال چيو ته،”ميان اڄ عيد آهي، ٻچا بک تي آهن. پَوئي ٿو ڪو خيال؟“ ساجن چيو ته، ”پوءِ مان ڇا ڪريان. مون وٽ ڇاهي جو کين ڏيان. بس! الله اسانکي پيدا ئي ان ڪري ڪيو ته ڪمايون اسان ۽ عيدون ٻيا ڪن، لوچون اسان پر عيش ٻيا ڪن.“ جوڻس چيو ته ”ميان هي ڳالهين ۽ ڏوراپن جو وقت ناهي. وڃ وڏيري ڏي ۽ وڃي حال ڪرينس، هو ضرور توکي ڪجهه نه ڪجهه ٻه ڏوڪڙ ڏيندو. اڄ به نه ڏيندو ته پوءِ وري ڪهڙي قيامت ڇڏائيندو. لوڙيون ته سدائين انهن لاءِ ٿا. وڃ! اٿي! وڃ! گوشت کڻي نه ٿيو ته مٺو ختمو ئي کڻي ڏئي اينداسين لوڪ جھڙا ته ٿينداسين. ٻارن ڪپڙا نه پاتا ته خير آهي، خرچ ڏئي جان ڇڏائينداسين، اٿي وڃ!“
    هوڏانهن ساجن جو ننڍڙو پٽ جيڪو ڇهن سالن جو مس ٿئي ها! ٻاهران ڊوڙندو آيو. ”بابا! بابا! ٻاهر ٻارن ڏاڍا ڀلا ڀلا ڪپڙا پاتا هن، مونکي به وٺي ڏيندين؟ بابا ٰفيروز جي پٽ به ڀلا ڪپڙا پاتا هن. دلاور جي پٽ کي ته بوسڪيءَ جا ڪپڙا پاتل هئا. بابا! مونکي به اهڙا ڪپڙا وٺي ڏي. بابا! ٻارن کي کوڙ رپيا هن، خرچي ملي ٿن نه! بابا! مونکي به خرچي ڏي نه! بابا او بابا! ڳالهائين ڇونه ٿو. مونکي به خرچي ڏي نه!- امان! تون بابا کي چؤ ته خرچي ڏئي. وري اڳتي ڊڪندو وڃي پنهنجي ننڍڙي ڀيڻ جا بانبڙا پائي رهي هئي. ان کي وڃي کنيائين ۽ کيس ڪڏائيندو چميون ڏيندو، پيءُ وٽ کڻي آيو. بابا! هيءَ به خرچي وٺڻ آئي ٿئي. هن کي به خرچ ڏي نه!“
    ساجن، حسرتن ۽ ارمانن جي سمنڊ ۾ گم ٿي ويو هو، ڪيئي جذبا ۽ امنگ سندس ذهن تي تري آيا هئا. سندس اکين م سنڌو ڇوليون هڻي اٿلي پيو هو. ساجن، وڏيري جي اوطاق تي وڃي ٿو، اوطاق تي ماڻهن جي رَشِ لڳي پئي هئي. وڏيرو وڏيءَ کٽ تي ويٺو هو. هڪ پاسي کان ڪتا ٻڌل هئا جن جا چهڪار پئي ٿيا. شايد اهي ڪتا رِڇَ جا ويڙها هئا، ڇو ته عيد کان ٻئي ڏينهن تي کيس رڇ جي بَڇَ ڪرائڻي هئي. ٻئي پاسي مانيءَ جون ديڳيون چڙهيل هيون، ٽئين پاسي ڇيلا ۽ ڪڪڙ پئي ڪُٺا. اڃان ساجن، وڏيري کي پنهنجو حال ئي نه ٻڌايو هو ته وڏيري جو نينگر گهر کان ٻاهر نڪري آيو، صاف ۽ ڳاڙها نوٽ هٿن ۾ هئس. زمين تي دڙها هڻندو پئي آيو. وڏيري ساجن کي چيو ته ساجن، نينگر کي ڪلهي تي کڻي وڃ ۽ وڃي هٽ تان شئي وٺي ڏينس. پر خبردار! پيسن جو خيال ڪجانءِ. ساجن جي دل ۽ دماغ تي هٿوڙا لڳي رهيا هئا. هن ٿورو اڳتي وڃي نينگر کي زور سان کڻي پٽ تي لاٿو ۽ پنڌ ڪرائيندو وڃي لالوءَ جي دڪان تان شيءِ وٺي ڏنائين. ان وقت ساجن جي دڪان ۾ سندس پٽ جا آواز ٻُري رهيا هئا. ”بابا! خرچي ڏي نه! بابا هيءَ به خرچي وٺڻ آئي ٿئي، هن کي به خرچي ڏي نه!....“
    ساجن، هٻڪندي هٻڪندي، وڏيري کي چيو ته ”سائين اڄ عيد آهي. گهر ۾ ڪجهه ڪونهي. ٻار ٻچا سڀ بک تي آهن. مهرباني ڪري ڪجهه اڌارا پئسا ڏيوم ته وڃي ٻچڙن کي عيد ڪرايان!“
    وڏيري خار مان چيو ته،”بيوقوفن ۽ ڄٽن مان اچي ڦاٿا آهيون. اڄ عيد جي ڀلاري ڏينهن تي به ڪونه ٿا ڇڏن. اڳئي قرض بيٺا ٿن وري آيا هن قرض وٺڻ.“
    ساجن چيو:”سائين سڄي عمر اوهان لاءِ ٿا ڪمايون، نانگن جا ڏنگ اسان ٿا جهليون، پاڻيءَ جي وارن تي سِرن جو رَتُ اسان ٿا وهايون. مسڪين آهيون، اوهان جو قرض کائي ته ڪونه وينداسين. فصل جو اَن ته اُئين اوهان جي حوالي هوندو آ، مهرباني ڪيو، پئسا ڏيو ته وڃي عيد جو سنؤڻ پورو ڪيون.“
    وڏيري چيو، ”گستاخ، ڪمينا، بي شرم توکي شرم نٿو اچي. اسان جي اڳيان ايڏي وڏي بداخلاقي پيو ڪرين. سڄي عمر اسان جي ٽڪرن تي پلجي وڏا ٿيئو. توهان جا ابا ڏاڏا اسان جي در تي نوڪريون ڪري مري ويا. تون وري ايڏو معتبر ٿي ويو آن جو اڄ اسان اميرن جي سامهون ٿو ٿئين. وڃ! منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃ.“
    ”نه سائين نه! مان مسڪين ڪڙمي ماڻهو اوهان جو گستاخ ڪيئن ٿيندس. پر اوهان ته اسان جي رت ۽ پگهر جي ڪمائي پيا کائو. اوهان جون محلاتون اسان جي خون سان ٺهيل آهن. اڄ اسان جو ايترو حق به ڪونهي جو عيد جي ڏينهن به پيٽ ڀري کائي سگهون. چڱو لٽو پائي سگهون.“
    ”چڱي لٽي جا پُٽَ چوانءِ ٿو، زبان بند ڪر! ته ڪرايانءِ نه بَشَ!“ وڏيرو ڪاوڙ ۾ گجندو، راڪاس وانگر رنڀندو، ڇوهه ڇنڊيندو. ڪتن جي مٿان اچي ٿو. ڪتن جي ٿانون ۾ ايري ڇهين جا رڌل چانور کير ۾ پيا هئا. وڏيرو اهي ڏسي باهه ٿي ويو ۽ سامهون نوڪرن کي سڏ ڪندي چيائين ته: ”اڙي نبو، اڙي گلو. توهان کي شرم نٿو اچي بي ايمانو، نمڪ حرامو، جو توهان منهنجا ڪتا بک ماريا آهن، توهانکي خبر ناهي ته منهنجا ڪتا ڇهين ايريءَ جا چانور ناهن کائيندا. اهي سڳداسي چانورن ۽ کير تي پلجي وڏا ٿيا هِنِ. وس ٿو پڄي ته جيڪر اهي چانور توهان کي کارائي ڇڏيان. اڙي ساجن! وڃ! هوڏانهن سڳداسي چانور کڻي اچي ڪتن کي ڏي.“ ساجن بورچيءَ ڏي وڃي ٿو. بورچي کيس اسٽيل جي ڊيش ۾ ڪتن لاءِ خوشبودار سڳداسي چانور ڏئي ٿو ۽ چويس ٿو، ”خيال ڪجانءِ متان واٽ تي انهن مان چانور کائي ڇڏين.“ ساجن چيو، ”ڪتن جو کاڌو ڪتا ئي کائيندا، مان ڪونه کائيندس.“
    ساجن اڳتي اچي ٿو، جتي وڏيرو ۽ ان جا کوڙ سارا چيلا بيٺا هئا. چانورن سان ڀريل ڊيش اچي وڏيري جي سامهون زور سان غصي مان آڏو رکيو ۽ چيو ته، ”وڏيرا کڻ پنهنجي ڪتن جا سڳداسي چانور، تون پاڻ وڃي کارائين. ائين چئي ساجن تڪڙا تڪڙا قدم وڌائيندو اوطاق مان ٻاهر نڪري آيو. ساجن، هاڻي ساڳيو ساجن نه هو بلڪ سندس اکين ۾ باهه جا شعلا هئا. اندر ۾ محرومي ۽ انتقامي جذبي جي باهه ڀڙڪي رهي هئي. سندس رت ٽهڪڻ لڳو هو.
    ساجن جيئن ئي گهر جو در اندر ٽپيو ته سندس پٽ ڊوڙندو آيو، ”بابا! بابا! خرچي ڏي. هو جيئن ئي انگل ۽ آٽا ڪندو ساجن کي ويجهو آيو ته ساجن ڀَرُ ڪري کڻي لؤندڙيءَ واري چپاٽ هنيس. ائين لاڳيتيون ٻه-ٽي چپاٽون هڻي ڪڍيائينس. پٽھنس کي هنڌائتو ڌڪ لڳي ويو. معصوم بيهوش ٿي پٽ تي ڪري پيو. هن جي وات مان رت وهڻ لڳو. ماڻس ٻچي جي اها حالت ڏسي چرين وانگر هوش حواس وڃائي ساجن کي گهٽ وڌ ڳالهائيندي، بيهوش پٽ جي مٿان ڪِري پئي. ساجن، ڪاوڙ ۾ ٺڪاءُ ڪري مغز وارو ڏنڊو ڪڍايائينس. مٿي ۾ ڦاڙ پئجي ويس ۽ رتورت ٿي، هوءَ به ڪِري پئي. منهنجي زال جا روايتي ۽ رسمي پابندين کان آجي هئي، ڊوڙندي مٿي اگهاڙي ساجن جي گهر آئي ۽ اچي ساجن جي زال کي گوڏي تي سمهاري، پاڻي پياري هوش ۾ آندائين. اک پٽڻ سان پڇيائين، ”منهنجو ٻچو!“ ائين چئي وري بيهوش ٿي پئي . ٻچو جيڪو ڪجهه وکن تي ٿلهي جي پاڙ ۾ بيهوش پيو هو. منهنجيءَ زال جي نظر ان تي اڃان نه پئي هئي. جڏهن نظر ان معصوم تي پئي ته جان مان سـسراٽيون نڪري ويس. ”ادا ساجن! هي ڪهڙو ڪيس ڪيئي. توکي اڄ وڏي سندي ڏينهن ڇا ٿي ويو. ادا ساجن، اڄ ڇو ايڏو ظالم بڻجي ويو آهين. ڊُڪُ، وڃي ڊاڪٽر کي وٺي اچ.“
    ”ساجن ڊوڙندو ڊوڙندو ڊاڪٽر ڏانهن ويو ۽ چيائينس ته ڊاڪٽر صاحب منهنجي معصوم پٽ کي الائي ڇا ٿي ويو آهي، بيهوش آهي، مهرباني ڪري هلي ڏسوس. هڪڙو پٽ آهي، هن کانسواءِ ٻيو ڪوبه اکين جو آٿت ڪونهي. ڊاڪٽر صاحب جلدي ڪيو.“
    ڊاڪٽر چيو، ”ڄٽ جا پٽ مٿو ته ڪونه ڦِريو اٿئي. اسپتال ۾ هيترا ماڻهو ويٺا آهن، انهن کي ڇڏي هلي تنهنجي ڇوري کي ڏسان. اهو وري ڪو آسمان مان لهي آيو آهي ڇا؟“
    ”سائين، پر حالت تمام نازڪ اٿس. تڏهن ٿو تڪڙ ڪيانوَ.“
    ”چڱو! وڃ، وڃي ٽيڪسي يا ٽانگو ڪرائي اچ.“
    ”سائين! مون مسڪين وٽ ته ايترا ڏوڪڙ ڪونهن جو ڪا سواري ڪرائي سگهان.“
    ”پنڌ ته تمام ٿورو آهي، مهرباني ڪري پنڌ هلندؤ ته مون تي احسان ٿيندو.“
    ”نه! بابا نه! مان ايترو واندو ناهيان جو پنڌ هلان. هڪ حال هيڻو ٻيو وري ڪن تڪڙ- ڊاڪٽر ڄڻ هنن جي ڪڙئي تي ويٺا آهن.“
    نه بابا! نه! مون کان نه پڄي. بيوقوفن مان اچي ڦاٿا آهيون.“
    ساجن ارمانن ۽ حسرتن جي هجوم ۾ غوطا کائيندو، شهر مان ٽانگو ڪرائي آيو. ڊاڪٽر کي ساڻ ڪري گهر آيو. ٽانگي وارو ٻاهر بيٺو رهيو.
    ساجن جو گهر هاڻي، صبح وارو گهر ڪونه هو. هاڻي سندس پٽ جا پيءُ سان انگل ۽ آروچائيون، پيار واريون حجتون ڪونه هيون. هاڻي ڪنهن پٽ خرچي ڪونه پئي گهري. هڪ کَٽَ تي سندس زال بيهوشيءَ واري حالت ۾ ستل هئي.
    هن جي زال معصوم ٻار کي کڻي کٽ تي سمهاري مٿان اجرڪ وجهي ڇڏيو هو. ساجن جو معصوم پٽ، هن ڪاري سماج جي هٿ ٺوڪين طبقاتي روايتن ۽ قانونن جي تيرن جو بَکُ بڻجي ابدي ننڊ سمهي چڪو هو، معصوم مري چڪو هو، هن جي مرڪندڙ ۽ نوراني چھري ۾ هڪ پيغام هو، هڪ اعلان هو.
    ساجن لاءِ ڌرتي ٽامو ۽ آسمان ڳاڙهو بڻجي چڪو هو. سندس ذهن تي باهه جا آبشار لهي رهيا هئا. هن جي اکين ۾ ڳوڙهن بجاءِ باهه جا اُلا نڪرڻ لڳا، ڊاڪٽر چيو، ساجن، نهايت افسوس آهي جو ڇوڪرو ته وڃي خدا سان مليو. باقي مائي الله ڪندو ٺيڪ ٿي ويندي. ساجن جي زال کي هڪ شيشي سنگهائي هوش ۾ آندائين ۽ ڪجهه چمچي سان دوا پياريائينس.
    ڊاڪٽر چيو، ”ساجن زندگي ۽ موت ته خدا جي هٿ ۾ آهي، باقي منهنجي في هڪ سئو روپيه!“ ساجن چيو في ..... في ته ...... “ ايتري ۾ هن جي زال ڊوڙي اچي ڊاڪٽر کي هڪ سئو روپيه في ڏيندي چيو، ”اچي وٺ هڪ سئو روپيه في. انسانيت جا دلالو!“
    ٻئي ٻاهر نڪري آيا. ٽانگي واري چيو، ”ساجن خير ته آهي، ڇا ٿيو؟“
    ساجن چيو،”ڇوڪرو مري ويو. زال بيهوش آهي. پر تنهنجا پئسا گهڻا ٿيا.“
    ٽانگي واري چيو، ”ساجن توکان ٽانگي واري پيسا ورتا؟“
    ”ها! هن هڪ سئو روپيه في معصوم جي لاش تي بيهي وصول ڪئي.“
    ”ته پوءِ ساجن مان ڊاڪٽر ناهيان. مان هڪ تو جھڙو مظلوم ۽ مسڪين ٽانگي وارو آهيان. مون کي هاڻي ڪجهه به نه گهرجي.“ ائين چئي گهوڙي کي زور سان لڪڻ هڻي ٽانگي کي تيز ڪندو ڊاڪٽر کي اتيئي ڇڏي هليو ويو.ڊاڪٽر تڪڙا تڪڙا قدم کڻندو دل ئي دل ۾ جلندو، پڄرندو اسپتال ڏانهن روانو ٿيو. ساجن کي ٻچي جو ڌڪ کائي گهاوَ ڪري ويو. سندس اکين مان باهه جون ڏياٽيون ٻاريندو، ڪِليءَ مان ڪهاڙي کڻي ڪلهي تي رکي گهر مان نڪري ويو ....... ......... .
    **


    ڊرامو

    پاڇولا

    (سين نمبر:1)
    جانو۽ خيرو ٻه نامي گرامي چور آهن، هو ڪنھن پري واري ڳوٺ مان ڏاندن جو جوڙو چوري ڪري اچن ٿا، جانو تمام هوشيار ۽ چالاڪ چور آهي.
    جانو، خيروءَ کي، ”خيرو! هتان کان ٿوري پنڌ تي هڪ بيگانو ڳوٺ آهي، جتي وڏيرن جي ٻن ڌرين ۾ ويڙهاند لڳل آهي، اتي هلي ٿا پير وڃايون ۽ پوءِ اتان روڊ تي پھتاسون ته بس پيرو ئي ختم! اتان درياءُ به ويجهو ٿو لڳي پتڻ ٽپي سڌا پار! پوءِ ڏس ويٺو وڏيرن جو مزو ته ڪيئن ٿا پنھنجا لاه ڪڍن.“
    خيرو، ”واهه جي ڳالهه ڪئي اٿئي جانو!“
    چور سڌا ان ڳوٺ کان اچي روڊ تي چڙهي درياءَ جي طرف وڃن ٿا.

    (سين نمبر:2)
    رات آڌي سياري جي ٿڙڪائيندڙ ۽ ڦرڪائيندڙ موسم آهي. ٻيڙيون پتڻ جي هُن پار بيٺيون آهن. سياري جي لهرن سان گڏجي جان ۾ سيسراٽيون پيد اڪري جسم کي ڄڻ چيري رهيو هيون. اهڙي ڪيفيت ۾ ميربحر جي ابهم پٽ کي پيٽ ۾ سور پوي ٿو. ننڍڙو سور جي شدت کان بيحال ۽ ساڻو ٿي چڪو هو. هاڻي هن ۾ روئڻ جي وسعت به نه رهي هئي.
    ميربحر جي زال چيو، ”ميان پار وڃي نئين ڳوٺ مان ڪنھن طبيب کي وٺي اچ ته ٻچڙي کي ڏسي يا ڪا دوا ڦڪي ڏئي، مَن الله ڪا شفا ڪري.“
    ”هن آويليءَ مھل گهر ۾ به ڪا دوا سُتي ڪونهي جو کڻي ٻچڙي کي کارايان! هاءِ، هاءِ منھنجا رب! منھنجي ٻچڙي تي رحم ڪر. منھنجا ٻچا شل منھنجا ڏينھن به الله توکي ڏئي!“
    ولڻ ميربحر چيو، ”ڪَلَ ته ڪانه ٿڙي اٿئي ڪِن پئي آهين منھنجي پويان. هن مھل ههڙي پاري ۾ آڌيءَ رات جو آءٌ پار ڪيئن ويندس ۽ وري هن مھل جو مون غريب سان ايندو به ڪهڙو طبيب! صبر ڪر! الله تي رک، الله رحم ڪندو! اول خير ته صبح جو سوير ئي ڪنھن حڪيم ڏي هلبو.
    ميربحر جي زال ڳچيءَ ۾ ڪپڙو وجهي الله تعالى کي پڪارڻ شروع ڪري ٿي. اي الله! تون رحيم ۽ ڪريم آهين، تون ستار ۽ غفار آهين. يا الله منھنجي ٻچي کي ويهي وجهي هن تار مان تارينس!، يا الله اسان مسڪين ماڻهن جو توکان سواءِ ڪوبه حيلو وسيلو ۽ مددگار ڪونهي. تون راحمين آهين، منھنجي ابهم ۽ معصوم ٻچي تي رحم ڪر.“

    (سين نمبر:3)
    ايتري ۾ چور درياءَ جي ڪپ تي پهچي وڃن ٿا. چورن مان هڪ سڏ ڪري چوي ٿو، ”اڙي ٻيڙيءَ وارا، ٻيڙي هيڏانھن ڪاهي اچ.“
    ولڻ ميربحر چيو،”ادا ڪهڙا آهيو؟ هن مھل آويلي ٻيڙي آءٌ ڪونه آڻيندس.“
    چورن چيو، ”اڙي ڪميڻا! توکي خبرناهي ته اسين ڪير آهيون؟“
    ولڻ چيو،”الائي مونکي ڪهڙي خبر ته اوهان ڪير آهيو؟“
    چورن چيو، ”ڪير جا پٽ! ته پوءِ ٻڌي ڇڏ ته مان وڏير بھرام خان جو ڪمدار آهيان، صبحاڻي ڀوتار جو پار شڪار رکيل آهي، مهمان اچڻا اٿس ۽ تون وري ٻيڙي نه آڻيندين. ڀلي تون ٻيڙي نه آڻ صبحاڻي تنھنجو ۽ اسان جون خبرون پاڻهي پونديون.“
    ولڻ ويچارو انهيءَ ارمان ۾ غوطا کائي چوڻ لڳو، ”يا الله! هيڏانھن ٻچڙو ٿو وڃي هوڏانھن وڏيري جا ماڻهو بيٺا آهن.“
    ”يا الله هي ٻچڙو تنھنجي حوالي ڪيون ٿو وڃان، تنھنجي پناهه ۾ رکيون ٿا وڃان! يا الله پنھنجو ٻچڙو ته سهائي سگهان ٿو. پر جي وڏيرو ڏمرجي پيوته خبر ناهي الائي مون مسڪين سان ڪهڙي قيامت ڪندو ۽ مون مهاڻي ۾ ڀوتار جي سَٽ سهڻ جي وسعت ئي ڪونهي.“
    مهاڻي جي ڇا مجال آهي جو وڏيري جي ڪمدار کي جواب ڏئي.
    يا الله! تنھنجو آسرو!
    ولڻ بت کي رلهي ويڙهي، ٻيڙيءَ جو سِڙهه ڇوڙي ونجهه هلائڻ شروع ڪري ٿو.
    هوڏانھن پسمنظر ۾ شاهه صاحب جا بيت ان منظر جي منظرنگاري ۽ ترجماني ڪندي خاموش رات جي سانت کي چيري، هوا ۽ درياءَ جي لهرن مان پڙاڏا ڪري فضا ۾ گونجڻ لڳن ٿا.
    1- ڪانارئا ڪِڻڪن، جنين لوهه لڱن ۾،
    محبت جي ميدان ۾، پيا لال لڇن،
    پاڻهي ٻڌن پٽيون، پاڻهي چڪيا ڪن،
    وٽان واڍوئڙن، رهي اچجي راتڙي.
    2- ڪاهي وڃ تراز کي، منھنجا موج ملاح،
    دانهون ڪن درياءَ جون، اونهي جا آگاهه،
    سونهن جي صلاح، وٺ ته ويرَلنگهي وڃان.
    3- لھرن لوڏيا ڪينڪي، ثابت لنگهيا سير،
    وڃي پھتا پار کي، نرتئون منجهان نير،
    ماءِ پهتا مير، ٻار لنگهائيون ٻاجهه سين!
    ولڻ ٻيڙيءَ کي ڪنڌيءَ سان لڳائي جانوءَ وارن کي چيو، ”سائين اسلام عليڪم. هن مھل آويلو ڪيئن تڪليف ڪئي اٿو؟“
    جانوءَ چيو،”هن مھل جا پٽ! اسين تنھنجا نوڪر آهيون جو ههڙي پاري ۾ ويٺا تو نواب جو انتظار ڪيون.“
    ولڻ ٿڌ ۾ ٿڙڪندي چيو،”سائين معاف ڪجو جو منھنجو ننڍڙو ڇوڪرو چاڪ نه هئو، ڏاڍو پيٽ م سور پيو هوس! بس اوهان جو سڏ ٿيو، ته ڇوري کي ته ائين ڦـٿڪندو رکي آيس. پر سائين ڀوتار سان ڳالهه نه ڪجو!“
    ”چڱو هاڻي جلدي ڪر! ڏاندن کي ٻيڙيءَ ۾ چاڙهه ۽ وڌيڪ بڪواس نه ڪر!“ چورن چيو.
    ”ولڻ چيو،”پر اِهو سائين ماکي ٿوري ويسند ڏيندؤ ته هن ڀر واري ڳوٺ مان ڪنھن طبيب کي وٺي ڇوري کي ڏيکاريان، پر سائين ڀوتار سان ڳالهه نه ڪجو!“
    جانو چيو، ”چڱو وڃ پر جي جلدي نه موٽئين ته پوءِ جيئن سمجهين ٿو، ڪيئن؟“
    ولڻ چيو،”بس سائين هيئن آيس ۽ هيئن موٽيس!“ ولڻ ڀـر واري ڳوٺ ۾ وڃي خان محمد طبيب جي در تي سڏ ٿو ڪري. ڊاڪٽر ٻاهر نڪري ٿو اچي.
    ڊاڪٽر چيو،”ڪير آهين؟ ڇو آيو آهين، هن مھل؟“
    ولڻ چيو،”سائين مان آهيان ولڻ ميربحر درياءَ وارو.“
    ڊاڪٽر،”ته پوءِ ڪم ٻڌاءِ ڇا ڳالهه آ؟“
    ولڻ چيو،”سائين منھنجي ننڍڙي ڇوڪري کي پيٽ ۾ ڏاڍو سور پيو آهي، اهڙو جو صفا ڦـٿڪي ٿو پيو. مھرباني ڪري معصوم کي هلي ڏسو آءٌ ٻيڙي ڪاهي آيو آهيان.“
    ڊاڪٽر،”ڄٽن ۽ جاهلن ماڻهن مان اچي ڦاسي ويا آهيون. بيوقوف ماڻهو نه ڏسن وقت نه ڏسن مھل، هاڻي هي به ڪو وقت آ هلڻ جو ڄڻ ته ڏينھن ٿيندو ئي نه! هينئر بابا مان ڪونه هلندس، باقي صبحاڻي ڏٺو ويندو!“
    ولڻ چيو،”سائين ڊاڪٽر صاحب! اسان به سڄي عمر اوهانجي خدمت ڪئي آهي. آڌيءَ مانجهيءَ اوهانکي سڏ ۾ سڏ ڏيو بيٺا آهيون، هيءَ مھل آهي، مڙس مھلون ڪندا آهن، اوهانجي هلڻ سان جيڪڏهن منھنجي معصوم ٻچڙي جي حياتي بچي پوندي ته اوهان کي ڏاڍيون دعائون ڪنداسين ۽ الله به اوهان تي راضي ٿي پوندو.“
    ڊاڪٽر چيو،”ڇا هيءَ مھل آهي مھل ڪرڻ جي؟ ٻي ڪا مھل ئي ڪونهي. اسان اهڙيون مھلون ڪونه ڪنداسين، اسان کي ههڙي پاري ۾ ڪو مرڻو آهي ڇا؟“
    ”باقي جي اوهان خدمت ٿا ڪريو ته ڇا اسان وري ڪي چور آهيان ڇا؟ اسين اوهان کان بھتر خدمت ٿا ڪريون.“
    ولڻ ليلائيندي چيو،”پر سائين خدا جي واسطي ائين نه ڪر، پنھنجي ٻچڙن جي واسطي ائين نه ڪر. پنھنجي ٻچڙن جي محابي منھنجي ٻچي تي قياس ڪر!“
    ڊاڪٽر چيو،”پر بابا هڪ دفعو چيم نه ته هاڻي ڪجهه به نه ٿيندو.چڱو ڀلا ٻڌاءِ پيسا گهڻا آندا اٿئي؟“
    ولڻ چيو،”سائين پيسا ته هتي مون ڪونه آندا آهن، باقي پتڻ تي الله ڪندو ته اوڌر سوڌر وٺي به اوهانجو پوراؤ ڪنداسين.“
    ڊاڪٽر منھن ۾ گهنڊ وجهندي چيو،”هُون، هڪ آويلي مھل ٻيو پئسا به ڪونه آندا اٿم. باقي هليو آهي ڊاڪٽر کي وٺڻ، وڃ وڃ بابا هينئر مون کان هليو ڪونه پڄندو.“
    ولڻ ويچارو نااميد ۽ مايوس ٿي درياءَ ڏانھن موٽي اچي ٿو. ايتري ۾ هڪ وڏيري جو نوڪر ڊاڪٽر جي در تي اچي سڏ ٿو ڪري، ڊاڪٽر نڪري ٿو اچي.
    نوڪر چيو،”ڊاڪٽر صاحب! مان وڏيري شير خان جو نوڪر آهيان، ڀوتار کي مٿي ۾ سور پيو آهي، مونکي اوهان ڏانھن موڪليو اٿس. اوهان کي هاڻي جو هاڻي مون سان گڏ هلڻو پوندو.“
    ڊاڪٽر چيو، ”حاضر بابا، آءٌ هلان ٿو پر ٻٽي منٽ ترس ته آءٌ سنبري وٺان.“
    نوڪر چيو،”ترسڻ ٻرسڻ جي ڪابه ڳالهه ڪونهي ڊاڪٽر صاحب! ڀوتار کي تڪليف تمام گهڻي گهڻي آهي. هلڻو اٿئي ته هاڻي جو هاڻي مون سان گڏيو هل نه ته مان وڃي ٿو ڀوتار کي چوان ته ڊاڪٽر نٿو اچي.“
    ڊاڪٽر چيو،”نه نه يار ائين نه ڪر!، مان هاڻي ٿو هلان ........“

    (سين نمبر-4)
    هوڏانھن ولڻ جي زال هڪ طرف پٽ جي پريشاني ۽ ٻئي طرف مڙس جي اوسيئڙي ۽ انتظار ۾ ڪنھن مھل ٻيڙيءَ جي ڪنارن تي بيهي پنھنجي وَرَ جون واٽون تڪي رهي هئي.
    پس منظر ۾ شاهه سائينءَ جا بيت:
    1- اوري هئا ته آئيا، جيڪس ويا پري،
    ساٿي سڏ ڪري، ماڳ نهاري موٽيا!
    2- جان وڻجارو ڪانڌ، تان مون هڏ ۾ لائون لڌيون،
    پرڏيهه مٿي سانگ، اٺئي پَهَر جنھنجو!

    ولڻ درياءَ تي اچي ڏاندن ۽ چورن کي ٻيڙيءَ ۾ چاڙهي پار کڻي ٿوا چي.
    اڌ درياءَ ۾ پھچن ٿا ته جانو ولڻ کي چيوته، ”ولڻ ڳالهه ٻڌ! ۽ ڪن کولي ٻڌ! اسين ڪنھن به وڏيري جا ڪمدار ٻمدار ڪونه آهيون، ائين چئي بندوق جي نالي سڌ ڪندي چيو ته اسين اهي آهيون .... اهي ...... مان سمجهانٿو ته هاڻي پڪ سان تون سمجهي ويو هوندين ته اسين ڪير آهيون. پر خبردار! جيڪڏهن ڪنھن سان به ڳالهه ڪئي اٿئي ته هتان ڪي همراه ڏاندن سان لنگهيا ته پوءِ توڏي خير نه هوندو. سمجهيئي!!!“
    ولڻ چيو، ”نه سائين منھنجو ڇا وڃي هي درياءُ بادشاه آ- هڪڙا ايندا پيا، ٻيا ويندا پيا اسان مظلوم مھاڻن جو ڪھڙو ڪم جو وتون پراوا ڦاها پنھنجي ڳچيءَ ۾ وجهندا.“
    ”چڱو! اچي هي وٺ پنجاهه روپيه! پنھنجي ننڍڙي جي دوا سُتي ڪرائجانءِ.“ جانوءَ چيو.
    ولڻ،”نه سائين! اِهي پنجاه روپيه الله اوهان کي بخشي ڏئي، اوهان کان پنجاهه روپيه وٺي پنھنجيءَ مظلوميت کي داغدار نه ڪندس سائين! سائين اهي پئسا هن وقت منھنجي ڪنھن ڪم جا ناهن جيڪڏهن اهي پئسا ٿورو اڳ هجن ها ته ڊاڪٽر کي ڏئي ٻچي لاءِ دوا درمان وٺا ها! ليڪن هاڻي هي پئسا ماکي هرگز نه کپن. هرگز نه کپن ......“ ائين چئي ولڻ ميربحر پئسا واپس ڪري ٿو.
    هاڻي ڪٽار ڪنار سان لڳي آهي، چور ڏاند لاهي پنھنجي دڳ سان هليا وڃن ٿا.
    ولڻ پنھنجي زال کي،”ڀلو ٿيئي هُن پار ويس وڏيري جا ماڻهو کڻڻ سوچيم ته سانگي سان ڊاڪٽر کي به وٺيون وڃان در تي وڃي سڏ ڪيو مانس ٻاهر نڪري آيو. ڀلو ٿيئي! ڏاڍيون منٿون ڪيون مانس ته هلي ڇوڪري کي ڏسي پر ڀلو ٿيئي! نامراد اهڙي ته ڊُهِي هڻي بيٺو جو اصلي ڪا ڳالهه ئي نه مڃي. ڏاڍا قسم وڌا مانس ته به مجال جو کڻي ڪا سيسراٽي ٿئيس! آخر پنھنجي ٻچن جو واسطو ڏنومانس ته به ڪو ڀنجهر ئي نه ڀُريو. ڀلو ٿيئي! مان سمجهان ٿو ته نامراد کي الله ڪو ٻچو ئي ڪونه ڏنو هو. نيٺ جڏهن تمام گهڻو ستايومانس ته پوءِ چيائين ته پئسا گهڻا آندا اٿئي! مون چيومانس ته سائين هتي ته مون پئسا ڪونه آندا آهن، باقي پتڻ تي الله ڪندو ته گنج ٿي پوندا. منھنجو ائين چوڻ پوءِ ته ڀلو ٿيئي صفا چڙي پيو ۽ پوءِ نيٺ نپٽ جواب ڏئي ڇڏيائين ...... ڀلا ٻڌاءِ! ننڍڙو هاڻي ڪيئن آهي؟“
    ولڻ جي زال چيو،”رب جا لک لائق ٻچڙو خوش آهي.“
    ولڻ چيو، ”ڪيئن ڀلا، تڪليف ته ڏاڍي هيس.“
    ولڻ جي زال چيو، ”لک شابسون آهن ٻچڙي نوران کي جوان جماڻ ٿي ڪري هن جون مھلون ڪرڻ. اسان جون دانھون ٻڌي ۽ پنھنجي ٻيڙيءَ تان آويلي مھل ڀڄندي آئي ٿئي مون وٽ. اچي پڇيائين ته ڇو امان خير ته آهي هيڏي مھل دانهون پئي ڪرين، مون کيس سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي، ان مھل ئي ٿئي وڃي ماکيءَ ۾ ٺھيل چاٽو ۽ تيل کڻي آئي ٿئي. ننڍڙي کي چاٽو اچي کارايائين ۽ تيل اچي هنيائين. ٻٽن منٽن ۾ ئي ننڍڙي کي فرحت اچي وئي ۽ الله جي فضل سان ٺيڪ ٿي ويو.“
    ولڻ،”سچ ٿي چوين! ڇوڪر بروبر جھڙي آهي صورت جي موچاري تھري اٿس حليمت ۽ حياءُ.“

    (سين نمبر-5)
    رات جو بلاول جي گهران ڏاندن جو جوڙو چوري ٿي وڃي ٿو. صبح جو سوير بلاول، ولي محمد پيريءَ کي وٺي پير کڻائي پيري ۽ بلاول وارا جهنگ مان پيرا کڻندا سڌا اچي بيگاني ڳوٺ ۾ روڊ تي پھچائن ٿا ۽ پوءِ اڳتي پيرو ڪونه ٿو لڳي ڇو ته اڳتي روڊ آهي.
    بلاول، پيريءَ کي،”ادا ولي محمد اچئي ٿي ڪا ڳالهه سمجهه ۾!!“
    ”نه يار،ڳالهه ته ڪا في الحال سمجهه ۾ نٿي اچي، الله تي رک ڀائو! الله مڙئي چڱي ڪندو! هاڻي هلي ٿا وڏيري ساجن خان سان ملئون. هلي ٿا سڄي حقيقت ان کي ٻڌايون. آخر ڳوٺ جو امير آهي. اهو ضرور تو جھڙي شريف ۽ باعزت ماڻهوءَ سان انصاف ڪندو.“ ولي محمد پيريءَ چيو.
    بلاول چيو،”ولي محمد، ڀوتار سان ته ضرور ملي ساڻس صلاح مشورو ڪرڻو پوندو.....!“
    صبح جو سوير بلاول ۽ ولي محمد وڏيري ساجن خان جي اوطاق تي اچن ٿا.
    وڏيري ساجن خان چيو، ”اچو! بلاول خان اڄ ڪيئن ڀلجي پيو آهين؟ هونئن ته اوطاق جو در به ڪونه ڏسندو آن! ڪم ٿو پوي ته وڏيرا ٿا ياد اچن نه ته چڱا مڙس ڪنھن کي ياد به ڪونھن. بلاول خان تنھنجو ڇوڪرو ڇا ڪندو آ؟“
    بلاول چيو،”سائين! منھنجي ڇوڪري به هاڻي چون ٿا ته ڪو ميٽرڪ پاس ڪئي آ.“
    وڏيرو ساجن خان،”ته پوءِ ائين چئجانءِ ته حق تي اوطاق جو در ئي ڇڏي ويو آهين. چڱو بابا! پئجانءِ ڍَءُ! اهو ڇورو نه اڃان ڪجهه اڳڀرو هليو ته پوءِ عزت لاهڻ ۾ به دير نه ڪندئي. تنھن لاءِ چڱو پڄئي ته ساجهر ئي هڻينس ڪنھن پوک راهه جي ڪم ڪار ۾! مان بابا چڱائي ٿو چوانءِ نه ته اڳتي هلي اجايو ڪنڊا ڪڍڻا پوندئي. پر جائي!! حال احوال وٺڻ وسري ويا. ها ڪيو خبر! خير ته آهي!“
    بلاول چيو،”ها! سائين! ٻيو ته سڀ الله تعالى جو فضل آهي. الله الله ڪيون پنھنجن ٻچڙن سان ويٺا آهيون. نه ڪنھن کي ڏيون نه ڏکايون! باقي جي ڇوري کي پڙهايو اٿم ته چڱو ڪم ڪيو اٿم. ڀوتار اوهان ته امير ماڻهو آهيو، اوهان پنھنجي اولاد کي نه پڙهائيندؤ ته اوهانجي سَري ويندي. باقي اسان غريب ته روزگار لاءِ پنھنجي اولاد کي ضرور پڙهائينداسين، ان ۾ اوهانکي ته ڀوتار ڪا تڪليف ڪونه ٿي اچي.“
    وڏيري چيو،”بابا مان توکان ڇوري جو ڪونه ٿو پڇان! ان کي کڻي تون ڪيلڪٽر صاحب ڪجانءِ وڃي کڏ ۾ پئو! پر ڳالهه ته ٿيو ڇا آهي؟“
    بلاول چيو، ”ڀوتار! ٿيو اِهو آهي ته رات چور منھنجا ڏاند ڪاهي ويا آهن.“
    وڏيري حيرت ۽ افسوس مان چيو،
    ”چور ۽ تنھنجا ڏاند ڪاهي ويا هِنِ!“
    بلاول،”ها سائين مون مسڪين جا ڏاند ڪاهي ويا.“
    وڏيري ساجن خان چيو،”ته پوءِ ڀلا ڪو پيرو کرو ڪيڏانھن ويو؟“
    بلاول چيو،”الائي سائين پيرن جي خبر ته پيريءَ کان پڇو، باقي پيرو وڃائجي ته وڏيري دلاور خان ۽ وڏيري يار محمد جي بيگاني ڳوٺ ۾ ويا هِن!! باقي سڃاڻپ جي سُڌ ته پيريءَ کي آهي الائي نه!“
    وڏيرو ولي محمد پيريءَ کي،”ها ولي محمد! ڪر خبر! پير ڪٿي پهتا، ڪي سڃاڻپ ۾ به آيا ..... يا ......“
    ولي محمد پيري،”ڀوتار! اوهان سان ڪجهه خلاصو ڳالهائڻو اٿم! پوءِ وڏيرو ساجن خان ۽ ولي محمد پيري هڪ خلاصي ڪمري ۾ هليا وڃن ٿا.“
    ولي محمد چيو،”سائين! جيڪڏهن مونکان سچ ٿا پڇو ته پير اڄ به ۽ صبحاڻي به جانوءَ ۽ خيروءَ جا آهن. باقي سائين ڪري غريب سان ظلم ويا هن. هن غريب جي در تي هيو ئي هڪڙو ڏاندن جو جوڙو سوبه ڪاهي ويس! هاڻي ڀوتار مرضيءَ جا مالڪ آهيو. جيڪڏهن غريب سان مدد ڪندؤ ته اوهان کي ڏاڍيون دعائون ڪندو!!“
    جانوءَ ۽ خيروءَ جو نالو ٻڌي وڏيري جي منھن جا تاثرات مٽجڻ لڳا ۽ سڄو ڳاڙهو لال ٿي چوڻ لڳو، ”تنھنجي معنى ته جانوءَ وارا چور آهن!!“
    ها وڏيرا صاحب اِهي ئي چور آهن.“ ولي محمد چيو.
    ”ته پوءِ! ٻڌي ڇڏ ولي محمد! اِها ڳالهه اتي ئي ختم ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن انهيءَ ڳالهه کي وائکو ڪيئي ته پوءِ تنھنجي لاءِ به ڪجهه سوچبو! باقي جي بلاول وارا توکان پڇن ته چئجانءِ ته پير مونکي سمجهه ۾ نٿا اچن. وڌيڪ آءٌ پاڻهي انهن سان ڳالهايان ٿو.“ وڏيري ساجن خان چيو.
    (پوءِ ٻاهر نڪري اچن ٿا، جتي بلاول وارا سندن انتظار ۾ ويٺا آهن.)
    وڏيري ساجن خان چيو،”بلاول خان! مونکي تنھنجي چوريءَ ۽ غريبي حال جو تمام گهڻو احساس آهي. توسان منھنجو هر ممڪن ساٿ ۽ تعاون آهي. چوريءَ جي معاملي ۾ آءٌ تنھنجي سچيءَ نيت سان همدردي ۽ مدد ڪندس. تون ڪوبه فڪر نه ڪر، چوري منھنجي ڳوٺ مان ٿي آ، اهو منھنجي عزت جو سوال به آهي. انشاءَ الله آسمان مان به تنھنجا ڏاند پيدا ڪنداسين! باقي ٿيندو ائين ته فرياد ڪرائڻ کانسواءِ ٻيو ڪو چارو ئي ڪونهي. ڇو ته جنھن ڳوٺ ۾ پير ويا آهن. سي به ڏاڍا ۽ زور وارا زميندار آهن. اهي به ڪي ڳالهين سان ته ڏاند ڪونه ڏيندا. تنھنڪري منھنجي صلاح وٺين ته وڃي فرياد داخل ڪرائي اچ، باقي پوئواري آءٌ پاڻهي ڪندس!“
    بلاول چيو،”ٺيڪ آهي سائين! جيئن اوهان جي مرضي.“
    هاڻي وڏيري ساجن کان موڪلائي ٻاهر نڪرن ٿا.
    بلاول پيريءَ کي،”ولي محمد ڀوتار سان خلاصو ڇا ڳالهايئي؟“
    ولي محمد چيو،”ڀوتار سان حق ۽ سچ ڳالهايم.“
    بلاول چيو، ”ته پوءِ اهو حق ۽ سچ مون کي ڇونه ٿو ٻڌائين.“
    ولي محمد چيو،”نه! وقت ايندو ته سڀ ڪجهه ٻڌائيندس في الحال وقت ڪونهي بلاول.“
    هاڻي بلاول ٿاڻي تي وڃي فرياد داخل ڪرائي ٿو ۽ رپورٽ ۾ لکرائي ٿو، ”پوئين رات جو وقت هو، مونکي ننڊ مان سجاڳي ٿي، گهر جي سنڀال ڪيم ته ڏسان ته ڏاندن جو جوڙو آهي ئي ڪونه! گهر وارن ۽ پاڙي وارن کي اٿاريم ۽ انهن سان چوريءَ جي ڳالهه ڪيم. پنھنجي ڳوٺ واري ولي محمد پيريءَ کي وٺي وڃي پير کنياسين جيڪي هلندي هلندي بيگاني ڳوٺ ۾ اچي گم ٿي ويا. اڳتي ٻاهر پيرو ڪونه نڪتو، جنھن مان امڪان آهي ته ڏاند ۽ چور ان ڳوٺ کان ٻاهر ناهن.“

    (سين نمبر-6)
    فرياد داخل ڪري پوليس جو صوبيدار ۽ ڪجهه سپاهي ساڻ ڪري سڌو بيگاني ڳوٺ ۾ اچن ٿا. جتي وڏيرو يار محمد ۽ وڏيرو دلاور خان رهن ٿا. صوبيدار پهريائين وڏيري يار محمد خان جي اوطاق تي اچي ٿو.
    صوبيدار وڏيري يار محمد کي،”يار محمد خان، وڏيري ساجن خان جي ڳوٺ مان رات بلاول جا ڏاندا چوري ٿي اوهانجي ڳوٺ ۾ پيرا گم ٿي ويا آهن. اسانکي اوهان جي مدد ۽ تعاون جي ضرورت آهي.“
    وڏيرو يار محمد،”حاضر سائين! حڪم ڪريو، اوهان سان هر ممڪن جائز مدد ۽ تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.“
    صوبيدار چيو،”ته پوءِ اسانکي جاچ لاءِ ماڻهو کپن! اوهان دلجاءِ ڪريو ڪنھن به قسم جي نا انصافي ۽ بيواجبي هرگز نه ٿيندي. اسان کي صرف اڇا ۽ ڪارا پڌرا ڪرڻا آهن.“
    وڏيري يار محمد صوبيدار کي اٺن ماڻهن جي لسٽ ڏيندي چيو ته، ”صوبيدار صاحب، هي آهن ماڻهو باقي وٺڻا اوهان کي پاڻ پوندا.“
    صوبيدار لسٽ کڻي وڏيري دلاور خان جي اوطاق تي اچي ٿو.
    صوبيدار،”دلاور خان! اڄ رات ساجن خان جي ڳوٺ مان بلاول جا ڏاند چوري ٿي اوهان جي ڳوٺ ۾ پيرا گم ٿي ويا آهن. اسانکي اوهان جي تعاون جي سخت ضرورت آهي.“
    وڏيري دلاور خان چيو،”صوبيدار صاحب، هر انصاف واريءَ ڳالهه ۾ هر ممڪن ۽ ڀرپور تعاون ڪنداسين، حڪم ڪريو، اوهان کي ڪھڙو تعاون گهرجي.“
    صوبيدار چيو،”دلاور خان، جيڪڏهن اوهان انصاف ٿا چاهيو ته پوءِ اوهان کي جاچ لاءِ پنھنجا ماڻهو ڏيڻا پوندا!“
    دلاور خان چيو، ”سواءِ ڪنھن ثبوت ۽ سڃاڻ جي محض پيرن وڃائڻ تي اسان پنھنجا بيگناهه ماڻهو ڪونه مارائينداسين. صوبيدار صاحب! چورن کي سوين اٽڪلون ۽ چالبازيون هونديون آهن. جن مان هيءَ به هڪ چوراڻي چال ۽ سازش ٿي سگهي ٿي.“
    ”صوبيدار صاحب ماڻهن کي عام خبر آهي ته هتي ٻن زميندارن جي پاڻ ۾ مخالفت آهي، ۽ ٿي سگهي ٿو ته چورن اسانجي مخالفت مان ناجائز فائدو وٺي اسان جي ڳوٺ مان پيرو وڃائي پوءِ ڪنھن ٻئي طرف هليا ويا هجن. صوبيدار صاحب! انصاف ۽ قانون ۾ جيڪڏهن اسانجا ماڻهو چور ثابت ٿين ٿا ته مان اهڙن بدمعاشن جي گهرن کي باهيون ڏياري کين هتان لڏائي ڇڏيان.“
    وڏيري پڇيو،”ڇا ڀلا پيريءَ پير سڃاتا آهن؟“
    صوبيدار چيو،”نه!“
    وڏيرو، ”ڀلا مالڪ جي سڃاڻپ آهي؟“
    صوبيدار، ”نه !“
    وڏيرو،”ڀلا مالڪ جي اسانجي ڳوٺ وارن سان دشمني آهي؟“
    صوبيدار، ”نه!“
    وڏيرو،”ته پوءِ صوبيدار صاحب! ڪھڙي ثبوت جي بنياد تي اسان کان ماڻهو وٺندؤ!“
    صوبيدار،”دلاور خان اسانکي هر حال ۾ هي ماڻهو گهرجن.“
    دلاور خان لسٽ ڏسي حيران ٿي ويو ۽ چيو، ”صوبيدار صاحب! هي ته سڀ اسان جا پورهيت ۽ شريف ماڻهو آهن، اوهانکي هي لسٽ ڪنھن ڏني آهي.“
    صوبيدار چيو،”دلاور خان مونکي خبر آهي ته هن ڳوٺ ۾ اوهانجون ٻه طاقتور پارٽيون آهن. اها لسٽ اسان کي وڏيري يار محمد ڏني آهي. باقي شريف ۽ بدمعاش ڪنھن جي نرڙ تي ته لکيل ڪونه هوندو آهي ۽ اهو سڀڪجهه جاچ ڪرڻ مان معلوم ٿيندو. ته شريف ڪير آهي ۽ بدمعاش ڪير آهي. باقي جيتريقدر پارٽيبازي جو سوال آهي، ته جيڪڏهن وڏيري يار محمد اوهانجا شريف ماڻهو ڏنا آهن ته اوهان کڻي ان جي بدمعاش ماڻهن جا نالا لکرايو.
    وڏيرو دلار خان مٿي کي هٿ ڏيئي ارمان ۾ ويهي رهي ٿو ۽ پوءِ هو به صوبيدار صاحب کي اوترن ماڻهن جي لسٽ ڏئي ٿو، جيترا ماڻهو وڏيري يار محمد ڏنا هئا.
    صوبيدار پوليس جي گاڏي بيگناهه ڳوٺاڻن جي جوابدارن سان ڀري ٿاڻي تي پھچي ٿو. ماڻهو ڪي واپاري ڪي دڪاندار، ڪي هاري ڪي مزور ۽ دائما مريض ۽ مرڻينگ حالت ۾ آهن ۽ ڪي ماڻهو ٻاهر ويل آهن ته انهن جي مائٽن کي جهلي وڃي ٿو.
    هوڏانھن سڄي ڳوٺ ۾ مايوسيءَ جي لهر ڇانئجي وڃي ٿي. ڳوٺ جا ستايل ماڻهو هڪ اوطاق ۾ا چي گڏ ٿين ٿا.
    هڪ ڳوٺاڻو، هڪ ٻئي ڳوٺاڻي کي، ”ادا بادل، ٻيلي بيگناه راڄ مري ويا.“ علي مراد چيو.
    ”ادا علي مراد! وري ڪھڙا بيگناهه راڄ مري ويا.“ بادل چيو.
    علي مراد چيو،”اها خبر ڪانه پيئي ڇا ته ڪاڏهون جي جنب ۽ ڪاڏهون جي جهار چوري ٿئي وڏيري ساجن خان جي ڳوٺ مان ته سٽجن پيا اسان جا ڳوٺ!!“
    بادل چيو،”ادا اِهي مڙئي آهن پنھنجي ڀوتارن جون ڀلايون، نه ته پڇا ڳاڇا ٿيندي آ، بدمعاش ۽ شريف جو فرق ٿيندو آهي، ڀلا جيڪي بيگناهه ماڻهو وٺي ويا آهن انھن ويچارن ته ڪڏهن ماڪوڙي تي لت به ڪونه ڏني آ. پر ڇا ڪجي ادا علي مراد! چوندا آهن ته ’وڙهن سانههَ لتاڙجن ٻوڙا‘ بس ڀوتار ته پنھنجا پاڙ ٿا پاڙن باقي مرن ٿا وچ تي راڄ! هو ته ڏس ويچارو خيرو جيڪو ڇھن مھينن کان وٺي کٽ تي بيمار پيو آ، ٽي.بيءَ جو مريض سو ان کي به وٺي ويا هِن.
    اتي هڪ نوجوان وچ ۾ ڳالهائيندي چيو،”چاچا! جنھن ڳوٺ ۾ ماڻهن کي عزت ۽ امن نٿو ملي ته پوءِ ان کان بهتر آهي ته ڪنھن ٻئي ڳوٺ ۾ لڏي هلجي جتي امن ۽ سلامتي عزت ۽ آبروءَ سان زندگي گذاري سگهجي. باقي ظلم آخرڪار ڪيستائين سھندا رهنداسين. چاچا! هن ڌرتيءَ تي غريبن کي به ته سک سان رهڻ جو هڪجيترو حق آهي.“
    هڪ ٻئي ڳوٺاڻي چيو،”ابا مان سمجهان ٿو ته تون سچ ٿو چوين! توهان جي نئين رتوبت آ. نئون جوش آ، پر بابا توهان ان ڳالهه کي نه سمجهي سگهندؤ. هي اسانجي ڳوٺ جا امير آهن. ابن ڏاڏن کئون وٺي ائين پيو ٿو وقت گذري. جبل سان مٿو هڻبو ته ابا مٿو پنھنجو ڦاٽندو، باقي جبل کي ته ڪجهه ئي ڪونه ٿيندو. سو ابا اِهي خيال ئي دل مان ڪڍي ڇڏيو.“
    علي مراد چيو،”ادا چور ته، جاڏهون جا هئا اوڏهِن هليا ويا، پر ادا! اندر ٿو سڙي ته پَرَ بينگاهه راڄ مري ويا!“
    ”ڀائو! وڏيرن جي نه اِها روش رهي ته پوءِ سائين راڄ به الله جي خلق آهن. حق حلال جو پورهيو ٿا ڪَنِ، انهن کي به پنھنجي عزت ۽ حفاظت کپي، جي ائين ٿيو ته ڀائو ته پوءِ وڏيرن جون اوطاقون به هڪ ڏينھن خالي ڏسندين ادا بادل!“
    بادل چيو، ”ادا علي مراد اهو بروبر (برابر) سچ ٿو چوين، پر ادا ڏاڍن مڙسن کي سچ ڪير چئي، ”ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا، جيڪو ڏاڍو سو گابو.“
    پر ڏک ضرور ٿئي ٿو ته يَـرَ بيگناهه راڄ مري ويا! اِها ٻيلي سٺي ڳالهه ناهي!“
    علي مراد چيو،”ادا بادل ياد رکي ڇڏ ته جڏهن اسان ۾ سچ چوڻ جي همٿ ٿي ته پوءِ وڏيرا ڪنھن تي به ظلم نه ڪندا ۽ الله ڪندو ته بينگاهه راڄ نه مرندا!“

    (سين نمبر:7)
    يوسف جيڪو دلاور خان جي ڳوٺ جو آهي، سو ميلي تي سنبريو درياءُ پار وڃي ٿو. ٻنين مان لنگهندي هن جي نظر هَرَ ۾ وهندڙ ڏاندن جي هڪ جوڙي تي پئجي وئي. هن سوچيو ته شايد اِهي ڏاند بلاول وارا آهن. يوسف ڏاندن ڏانهن وڌي وڃي ٿو.
    ”اسلام عليڪم.“ يوسف چيو
    ”وعليڪم سلام.“ هاريءَ چيو
    ڪير جوان آن ادا؟“ هاري پڇيو.
    ”ادا منھنجو نالو يوسف آهي، مان وڏيري دلاور خان جي ڳوٺ ۾ ويٺو آهيان.“ يوسف چيو.
    ”هتي ڪيئن اچڻ ٿيوآ؟“ هاريءَ چيو
    بس يَـرَ ويس پئي ميلي تي، پر اسان به آهيون رزق جا شوقين ماڻهو، ڀٽارن کي جو ڏٺم ڀلو وهندي ته دل سٽ ڏني ته ڀٽارن جون ٻٽي اوڙون ڏسندو وڃان. اسان وٽ به اهڙا جوڙا ڏسندين جو وڃي ٿيا خير!“ يوسف چيو.
    ”ادا ڀلي آئين! جيءُ آئين، ادا رزق ته اسانجي ۽ زمين جي سونهن آهي، جي رزق ڏٻرو ۽ هيڻو هوندو ته اسان به ڪمزور ۽ هيڻا هونداسين، جي اسان بي همت ۽ هيڻا ٿياسين ته وري زمين ڪيئن آباد ٿيندي.“هاريءَ چيو.
    ”ادا تنھنجو نالو ڇا آهي؟“ يوسف پڇيو.
    ”ادا منھنجو نالو ڳـھڻو آهي.“ هاري چيو.
    ”ڳھڻا خان! هي جوڙو ڀلا پنھنجي گهر جو اٿئي يا ڪٿان خريد ڪيو اٿئي؟“ يوسف پڇيو.
    ”ادا اسانجي ڳوٺ ۾ آهي هڪ وڏو مال جو واپاري محراب خان ان کان ٽين هزارين روڪين ورتو اٿم. رکت ٻکت صفا نه. ۽ ڏينھن به ڪي ٻٽي ٿيندا.“ ڳھڻي چيو.
    ”اهو محراب ڪير آ؟“ يوسف پڇيو.
    ”ادا اِهو تمام شريف ۽ نيڪ ماڻهو آ، مال جو واپار ڪندو آ. پري پري جا ماڻهو هن وٽ ايندا هِنِ ۽ پاڻ ٻيو ڪو ڪم ڪري ئي ڪونه.“ ڳھڻي چيو.
    ”چڱو، ڳھڻا الله توکي رزق بخشي ڏئي، چڱو هاڻي موڪلاڻي. الله واهي.“ يوسف چيو.
    يوسف ڳوٺ اچي وڏيري دلاور خان کي سموري ڳالهه ٻڌائي ٿو ته ”سائين بلاول جا چوري ٿيل ڏاند سڃاڻي هٿيڪا ڪري آيو آهيان، هاڻي جيڪا ڀوتار جي مرضي!“ يوسف چيو.
    ”يوسف! ڏاڍي خوشخبري ٻڌائي ڇڏيئهءِ. چڱو هاڻي هيئن ڪر! بلاول کي وڃي ڳوٺئون وٺي اچ! پر هن سان ٻيو ڪجهه به نه ڳالهائجانءِ! صرف منھنجي نالي چويس ته دلاور خان کي توسان ضروري ڳالهائڻو آهي.“ دلاور خان چيو.
    يوسف وڃي ٿو ۽ وڃي بلاول کي وٺي ٿو اچي.
    دلاور خان چيو،”بلاول مبارڪ اٿئي! تنھنجي ڏاندن جو پتو ته پئجي ويو ۽ اِهي ڀلايون ڀانءِ يوسف ڏانھن.“ هو ته ويو پئي ميلي تي پر قدرت ڄڻ بهانو بنائي موڪليس ته تنھنجي ڪم لاءِ، انشاءَ الله حق حق ٿيندو ۽ اڇا ڪارا هاڻي هاڻ پڌرا ٿيندا!
    هاڻي هيئن ڪريو جو يوسف سان گڏجي پوليس پارٽي ساڻ ڪري صبح سوير سان ان جاءِ تي پھچو جتي تنھنجا ڏاند هر وهي رهيا آهن ۽ ها! آءٌبه ٿو پوليس ڏي اوهان سان گڏيو هلان! پر ياد رک بلاول، اها خبر ڪنھن به قيمت تي ساجن خان ۽ ان جي ماڻهن کي هرگز پوڻ نه گهرجي.“
    بلاول چيو،”نه سائين! ائين هرگز نه ٿيندو.“
    وڏيرو دلاور خان، بلاول ۽ يوسف کي وٺي ٿاڻي تي وڃي ٿو ۽ کين پوليس گڏي ڏئي ٿو.

    (سين نمبر:8)
    يوسف ۽ بلاول سان گڏ پوليس پارٽي ان جاءِ تي پھچي ٿي جتي ڳھڻو هَرُ ڪاهي رهيو هو.
    ”اسلام عليڪم.“ صوبيدار چيو.
    ”وعليڪم اسلام.“ هاري چيو.
    ”بابا تنھنجو نالو ڇا آهي؟ صوبيدار پڇيو.
    ”سائين منھنجو نالو ڳھڻو آهي.“ هاريءَ چيو.
    ”ڳھڻا خان هي ڏاند ڪنھن جا اٿئي؟“ صوبيدار چيو.
    ”سائين اِهي ڏاند مون محراب خان کان ٽين هزارين روڪين ورتا آهن.“ هاري چيو.
    ”اهو محراب خان ڪير آهي، ۽ ڇا ڪندو آهي؟“ صوبيدار چيو.
    ”سائين اهو اسان جي ڳوٺ جو تمام شريف ماڻهو آ ۽ مال جو واپار ڪندو آ.“ ڳھڻي چيو.
    ”چڱو بابا تون هاڻي هيئن ڪر جو ڏاندن کي ڇوڙ ۽ اسانکي هلي محراب شريف ماڻهوءَ جي اوطاق ڏيکار.“ صوبيدار چيو.
    ”سائين مان ڀلا ڏاندن کي گهر ڇڏي اچان.“ ڳھڻي چيو.
    ”نه بابا نه! ڏاند درا صل چوريءَ جا آهن، ڏاندن جو اصل مالڪ اسان سان گڏ آهي. ڏاندن کي پاڻ سان گڏ ڪاهيون هل.“ صوبيدار چيو.
    ”صوبيدار ڳھڻي کي ساڻ ڪري محراب خان جي اوطاق ڏانھن اچن ٿا ته ان وقت محراب خان جي اوطاق چورن سان ڀري پئي آهي. پوليس کي پري کان ايندو ڏسي سڀ ماڻهو ٽڙي پکڙي نڪري وڃن ٿا. باقي صرف محراب خان اوطاق ۾ آهي.
    ”محراب خان، ڳھڻي کي هي ڏاند تو ڏنا آهن؟“ صوبيدار پڇيو.
    ”سائين! مان .... مان .... محراب هٻڪڻ لڳو. مان! مان جا سڪا جلدي ٻڌاءِ ته ڳھڻي کي ڏاند ڪنھن ڏنا آهن؟“ صوبيدار رعب مان چيو.
    ”ها سائين، مون ڏنا آهن.“ محراب چيو.
    ”ڪيترن پئسن ۾ ڏنا اٿئي؟“ صوبيدار پڇيو.
    ”سائين ٽن هزارن ۾.“ محراب چيو.
    ”چڱو هاڻي جو هاڻي ۽ هن گهڙيءَ ٽي هزار روپيه ڳـڻي غريب کي ڏئي ڇڏ، باقي وڌيڪ ڳالهيون ٿاڻي تي ڪبيون.“ صوبيدار چيو.
    محراب ڇوڪري کي گهر موڪلي ٽي هزار گهرائي، ڳھڻي کي ڏئي ٿو.
    ”محراب خان! تون تمام شريف ماڻهو ٿو ڏيکارجين ڀلا انهيءَ حق حلال جي ڌنڌي ڪندي گهڻو وقت ٿيو اٿئي؟“ صوبيدار پڇيو.
    ”سائين بس! مال جو واپار وڙو ڪري روزي ڪمائيندو آهيان.“ محراب چيو.
    ”محراب خان! روزي ته ڏاڍي سٺي ڪمائين پر اهي ڏاند توکي ڪنھن ڏنا؟“ صوبيدار چيو.
    ”سائين اهي ڏاند مونکي پنھنجا گهرو ڏاند آهن.“ محراب چيو.
    ”پنھنجا ۽ گهروءَ جا پٽ! سچي ڪر ته توکي ڏاند ڪنھن ڏنا پاٿاريدار!“ صوبيدار رعب مان چيو.
    ”سائين جي سچي ٿا پڇو ته اِهي ڏاند مون کي جانوءَ ۽ خيروءَ ڏنا آهن.“ محراب چيو.
    ”جانو ۽ خيرو ڪير آهن ۽ ڪٿي رهندا آهن.“ صوبيدار پڇيو.
    ”سائين اُهي وڏيري ساجن خان جا ماڻهو آهن ۽ سندس ڳوٺ ۾ ئي رهندا آهن.“ محراب چيو.
    چڱو! محراب خان تون مون سان گڏ هَلُ ۽ يوسف تون ۽ ڳھڻو اوهان ڏاندن کي ڪاهيون سڌا دلاور خان جي اوطاق تي اچو. صوبيدار چيو.
    ”هاڻي سڀ ڌريون دلاور خان جي اوطاق تي پھچن ٿيون.“
    صوبيدار وڏيري دلاور خان کي مخاطب ٿيندي چيو، ”دلاور خان اوهانجي وڏي وڏي مھرباني جو اوهان حق ۽ انصاف واري نيڪ ڪم ۾ انساني همدردي ۽ ڀرپور تعاون بيمثال ثبوت ڏنو آهي. دوار خان! جيڪڏهن اوهان وانگر هر زميندار اهڙو ڪردار ادا ڪري ته شايد تمام ٿوري وقت ۾ هن معاشري مان سماجي برائين ۽ غيراخلاقي ڏوهن جي هميشه هميشه لاءِ پاڙَ پٽجي وڃي.“
    ”نه صوبيدار صاحب! احسان ۽ ٿوري جي ته ڪا ڳالهه ڪونهي اهو ته اسان سڀني جو گڏيل اخلاقي ۽ انساني فرض آهي. هڪ طرف بلاول غريب سان ظلم ٿيو ته ٻئي طرف بدمعاشن جي آهل تي اسان جي ڳوٺ جا شريف ۽ بينگاهه ماڻهو جيلن ۾ پئجي ويا ته اهڙي قسم جي نا انصافي ڪوبه باشعور ۽ پرامن ماڻهو برداشت نه ڪري سگهندو.“
    ”صوبيدار صاحب، ان لاءِ ضروري آهي ته گڏيل ڪوششن سان اصل حقيقت کي سامھون آڻجي. صوبيدار صاحب، منھنجي سمجهه ۾ ان سموريءَ سازش ۾ وڏيري ساجن خان جو لڪل هٿ نظر اچي ٿو. ڇو ته مذڪوره چورن جو ساجن خان سان گھرو تعلق آهي.“ دلاور خان چيو.
    صوبيدار چيو، ”دلاور خان! اوهان يقين ڪريو، انشاءَ الله سچ ۽ ڪوڙ تمام جلد پڌرو ٿي پوندو. صبحاڻي نائين وڳي اوهان يوسف ۽ فرياديءَ سان گڏ ٿاڻي تي ايندا. اتي ساجن خان کي آءٌ پاڻهي گهرائي وٺندس.“
    ائين چئي صوبيدار محراب ۽ ڳھڻي کي ڏاندن سميت ٿاڻي تي وٺي وڃي ٿو. شام جو صوبيدار هڪ جمعدار کي ساجن خان ڏانھن موڪلي ٿو. جمعدار وڏيري ساجن خان جي اوطاق تي پھچي ٿو.
    جمعدار چيو،”ساجن خان! مونکي صوبيدار صاحب موڪليو آهي ته فريادي بلاول جي ڏاندن متعلق ڪجهه ڳالھائڻو آهي. ان لاءِ سڀاڻي نائين وڳي هر حالت ۾ ٿاڻي تي ايندا.“
    ”انشاءَ الله ضرور اچبو.“ ساجن خان چيو.

    (سين نمبر:9)
    ٻئي ڏينھن صبح جو ٻئي ڌريون ٿاڻي تي پھچن ٿيون.
    صوبيدار وڏيري ساجن خان کي مخاطب ٿيندي چوي ٿو،”ساجن خان مبارڪ هجئي! اوهانجي ماڻهو بلاول جا ڏاند ملي ويا آهن.“
    ”سائين خير مبارڪ! اوهانکي مبارڪون هجن اهو اوهانجي محنت ۽ فرض شناسيءَ جو نتيجو آهي.“ ساجن خان چيو.
    صوبيدار چيو، ”ليڪن ساجن خان چوندا آهن ته ’سي ئي ويري سي ئي واهرو.‘ ڏاند ته ملي ويا باقي چورن کي وٺڻو آهي.“
    ساجن خان چيو،”سائين جتي چوري ملي آ، ته ضرور چور به ملي ويندا.“
    صوبيدار چيو،”جيڪڏهن اها ڳالهه آهي ته پوءِ ساجن خان ياد رکي ڇڏ ته چور تنھنجا جانو ۽ خيرو آهن ۽ توکي ڏيڻا پوندا.“
    ساجن خان چيو،”صوبيدار صاحب! اها سموري سازش دلاور خان وارن جي گهڙيل آهي ڇو ته چورن جا پيرا انهن جي ڳوٺ ۾ گم ٿيا هئا. هاڻي هو پنھنجي ڳچيءَ مان فلم ڪڍي ساجن خان جي گهر تي ٽانڊو رکڻ ٿا چاهن.
    صوبيدار صاحب! فريادي خود منھنجي ڳوٺ جو پيارو ماڻهو آ، مون خود ان کان فرياد ڪرائي آ، ان جي معنى اِها آهي ته چوري به ان جي مون ڪرائي آهي. اهو سموروڪوڙو الزام ۽ بھتان آهي، صوبيدار صاحب!“
    صوبيدار چيو،”ساجن خان ياد رکي ڇڏ اِها سموري جاچ مون بذات خود ڪئي آهي. ڏاند مون ورتا آهن. شاهد موجود آهن، آءٌ هينئر ان نتيجي تي پھتو آهيان ته ان سموري سازش ۾ دلاور خان جو نه پر ساجن خان جو لڪل هٿ هو. جيڪو هاڻي پڌرو ڪرڻو آهي.“
    ساجن خان چيو،”ته پوءِ ٺيڪ آهي، صوبيدار صاحب پيريءَ پير ڏنا هئا جيڪڏهن اهو چوي ته جانو ۽ خيروءَ جا پير آهن ته پوءِ ساجن خان جا ماڻهو مجرم آهن.“
    دلاور خان وچـ۾ ڳالهائيندي چيو،”اسان کي اهو شرط به قبول آهي. حالانڪ پيري به ساجن خان جي ڳوٺ جو آهي، پر اسين انصاف جي هر تقاضا کي پورو ڪنداسين.“
    صوبيدار سپاهيءَ کي موڪلي ولي محمد پيريءَ ي گهرائي وٺي ٿو.
    صوبيدار پڇيو،”ولي محمد اوهان جي ڳوٺ مان بلاول جا ڏاند چوري ٿيا هئا، تون پيرن سان ويو هئين؟“
    ولي محمد پيري،”هائو سائين.“
    صوبيدار چيو،”ولي محمد! اسين توکان حق ۽ انصاف جي تقاضا ۽ اميد ٿا ڪريون ته ڇا تون اهي پير سڃاتا ته ڪنھن جا هئا؟“
    ولي محمد پيريءَ چيو،”صوبيدار صاحب ان کان اڳ ته مان اوهان کي سربستي حقيقت ٻڌايان، مونکي پنھنجي جان ۽ مال جي ضمانت ملڻ کپي.“
    صوبيدار چيو،”بلڪل ٺيڪ آهي ولي محمد! تنھنجي جان ۽ مال جي حفاظت ڪئي ويندي ۽ اهڙي ضمانت لکت ۾ ورتي ويندي.“
    دلاور خان وچ ۾ ڳالهائيندي چيو،”صوبيدار صاحب، ولي محمد جي ڳالهه مان ثابت آهي ته هي ويچارا ظلم ۽ ڏاڍ جا ماريل ۽ ساجن خان جا ستايل ماڻهو آهن، مان واعدو ٿو ڪريان ته مظلومن جو ساٿ ڏيڻ منھنجو انساني ۽ اخلاقي فرض آهي. ولي محمد ۽ بلاول وارا جيڪڏهن منھنجي ڳوٺ لڏي اچن ته سندن هر ممڪن اجهي ۽ روزگار جي معاملي ۾ دل کولي مدد ڪندس.“
    صوبيدار ولي محمد کي چيو،”ولي محمد هاڻي ڳالهه ڪر ته پيرن جو ڇا ٿيو؟“
    ولي محمد چيو،”صوبيدار صاحب! حقيقت اِها آهي ته بلاول جا ڏاند چوري ٿيا مون پير ڏٺا، آءٌ قسم تي چوانٿو ته پير جانوءَ ۽ خيروءَ جا هئا، ۽ ڏاندن جا حقيقي چور جانو ۽ خيرو آهن. صوبيدار صاحب، مون ان وقت ئي اها ڳالهه وڏيري ساجن خان کي ٻڌائي ڇڏي هئي.“
    ولي محمد پيريءَ جي جذباتي بيان کانپوءِ ٿاڻي تي سناٽو ڇانئجي وڃي ٿو.
    صوبيدار ساجن خان کي مخاطب ٿيندي چيو،”ساجن خان! تنھنجي سازش جو پردو ته لهي چڪو. تون ته هڪ تير سان ٻه شڪارڪرڻ پئي چاهيا، هڪ طرف هڪ مظلوم ۽ مسڪين سان ظلم ڪري ان جي چوري ڪرايئي ۽ ٻئي طرف دلاور خان جن جي ڳوٺ ۾ جهيڙو وجهي انهن ۾ ويڙهاند ڪرائي بيگناهه ماڻهو پئي مارايئي.
    ياد رک ساجن خان! جانو ۽ خيرو هاڻي جو هاڻي ملڻ کپن نه ته ٻي صورت ۾ ......... سمجهيئي !! .......... .“
    ساجن خان چيو،”حاضر سائين! صبح جو اٺين وڳي جانو ۽ خيرو هر حالت ۾ اوهان وٽ پيش ڪندس.“
    ٻئي ڏينھن صبح جو اٺين وڳي ساجن خان جانوءَ ۽ خيروءَ کي پوليس حوالي ڪري ٿو.

    (سين نمبر:10)
    اصلي چورن جي پيش ٿيڻ کانپوءِ، بيگناهه ماڻهو جيل کان ٻاهر نڪرن ٿا. هوڏانھن ولي محمد ۽ بلاول ڳوٺ مان لڏو کڻي وڏيري دلاور خان جي ڳوٺ اچن ٿا.“
    o


    شاعري

    بيت

    **
    سُکن ڪارڻ سُک ويو، سورن ڪيو سجاڳ،
    هِي ٿا جهورن جِيءَ کي، ماڻهن ليکي ڀاڳ،
    سورن جو سُھاڳ، ماڻ ته موچارو ٿئين.

    **
    اهڙي ملي ڪانه ڪا، جيئن سورن جي سوغات،
    سکن سنگ نه نِسريا، ڏکن ڏني ڏات،
    منھنجي ملا قات، صبح سان ٿي سورَ سان.

    **
    ڪيئي آس اُمنگ، مرجهايا تو سُکَ،
    پنھنجي اُڃَ اُجهائڻ خاطر، خوب نچايا ننگ،
    پوکَ پراوا سَنگَ، تن تي بڻئين آڪِرو.

    **
    سک مڙيوئي سُورُ، سُورَ سوايا سک کان،
    آهون، آسون عام جون، دليون چڪنا چُور،
    جنين سور سرير، سي ڪيئن ساٿي سک جا.

    **
    سورن ساٿ ڏنو، جان جان اک کُلي،
    چُڪي ڏنائون چاهه جي، هٿن ساڻ هلي،
    مونکي ڏات ملي، ڏکويل جي ڏيل مان.

    **
    سکن خاطر سڌڙيا، ماڻهن کائين ماسُ،
    هَولُ ڪري هيڪاند لاءِ، بڻئين خون پياسُ،
    ڪيئي ڪونه قياس، ڏکايل جي ڏيل جو.

    **
    سوئي اُپائي، سوئي بکيو، سو ئي بڻيو محتاج،
    ريج ڪري پيو رت سان، ڏک تنھين کي ڏاج،
    پورهيت انگ نه اڳڙي، ڏسو ايءُ سماج!
    ٿئي رد رواج، ته سنگهارن سُک ٿئي.

    **
    مِڙي سڀ ڏين، سک سموري لوڪ جا،
    گهوري سڀ ڇڏجن، سورَ برابر هيڪڙي.

    **
    ماڳ موٽائج مارئي، ساعت هِتِ نه سَران،
    هيڻو حال هِڄي ٿيو ، جهوريءَ منجهه جُهران،
    مران ڀل ته مران، ڏسان هيڪر ڏيهه کي.
    **
    ڏسان هيڪر ڏيهه کي، آهي اِيءَ اُڪيرَ،
    مِٽي ملڪ ملير جي، مارون پسان مِيرَ،
    آهي سڪ سرير، سرهي ٿيان سَٿَ ۾.

    **

    سرهي ٿيان سَٿَ ۾، سرتيون پسان شال،
    ساريندي سنگهاريون، هيڻا ٿيا حال،
    ڪوٽن اندر ڪالُ، ٻاهر باغ بھاريا.

    **
    ٻاهر باغ بھاريا، چوٽيا چندن وڻ،
    سرنھه سنگ ڦلاريا، ساول ڪئي سانوڻ،
    ڪنڍيون، ڪاپاريون، ڀوليون ڌنارن کي ڌڻ،
    سچا سانگي سچ جا، کائن کير مکڻ،
    هيري ڦيري حرفتون، ڄاڻن ڪونه رکڻ،
    لک ڪروڙين ڳُڻ، ساريو ساريان ڪيترا.

    **
    مِڙي سڀ ڏين، سور سموري لوڪ جا،
    چُمي چاهه منجهان، اکين تي رکجن،
    سدا خوش رهن، مارو ملڪ ملير ۾.

    **
    جُهوپا ۽ جهانگي، منَھَن ۽ مارون،
    ڪڏهن وسرن ڪينڪي، سرتيون سنگهاريون،
    ڪريان پئي ڪارون، ڪري مُنھن ملير ڏي.

    **
    ڪريان منھن ملير ڏي،ٿڌڙي لڳيم هِيرَ،
    هوريءَ هاڻي هنيانءَ کي، ساعت ٿئي ڪا سڌير،
    واهر ٿينديم وِيرَ، ورنديس ويڙهيچن ڏي.

    **

    ورنديس ويڙهيچن ڏي، جِتِ لُلُر ۽ لاڻِي،
    راڻيون تنھنجي ريت ۾، آءٌ اصلئون اياڻي،
    هَوڏَ ڇڏ هاڻي، ماڳ موٽائج مارئي.

    **
    راتو ڏينھان رڻ ۾، ساڻيھه لَئه سارون،
    هينئڙو ٽنگ پروڻ ٿيو،ڦُٽي ۽ ڦارون،
    ڪڏهن پوندن ڪَنَ تي، ضعيفان زاريون،
    موٽي پون من ڪي، سرتيون سنگهاريون،
    ماري نيٺ ته مرندا، جن مڪر سان ماريون،
    دلبو ڏيئي دوڌ سان، ڪاٽيون قطارون،
    ڪونجون ڪاناريون، سارِن ته به ساڻيھه کي.

    **
    کڻي آئين کوهه تان، منھنجو ملڪ ملير،
    جهوريءَ منجهه جهڄي هِنيون، سِڪي پيو سرير،
    ڏوٿي ڏٿ پياڪ هِن، مارون منھنجا مير،
    پاڻي پاڪ پلر جو، اسان لئه اڪسير،
    للر، لاڻي، لنب ۽ ڊامڻ، ڊڀ ڊڀور،
    ڪڏهن لھندم ڪينڪي، سنگهارن جو سُورُ،
    ڄاڻن ڦند نه ڦير، سانگي سدا سچ تي.

    **
    راتيو ڏينھان روح ۾، پنھوارن پچار،
    قيدياڻي هِتِ ڪوٽ ۾، هُتِ سرها سنگهار،
    آءٌ اڪيلي بند ۾، ڌنارن کان ڌار،
    تيسين موت نه مار، جيسين پسان جُوءِ کي.

    **
    هر هر هنيانءَ هُري پئي، جهانگين جي جهونگار،
    قسمت آندي ڪوٽ ۾، باندي بي اختيار،
    ڪکن منجهه قرار، تنھنجا ڪوٽ قھاريا.

    **
    ولر کان جيئن ڪونج، وڇڙي ٿئي ڌار،
    روڄ راماڻا رڻ ۾، نڪا ٻُجهي هونگ،
    مَنَ ۾ سدا مونجهه، ولر ۽ وطن جي.

    **
    رُڃ سُجهي ٿي روهه، ٻيو ڏونگر جو ڏهڪاءُ،
    ڏيرن ڪونهي ڏوهه، انگ پڙي ٿو انگ سان.

    **
    مَ جهليو مائي، ڇڏيو، ڪاهيان ڪيچ ڏي،
    گهرن ويٺي وَرَ ملڻ، آهي اجائي،
    سائي سجائي، ڏونگر جنھن ڏوريو.

    **
    حاصل ڪارڻ هوت، لوچيان ۽ لُڇان،
    جيسين ساهه سرير ۾، تيسين پير پڇان،
    جي ٿي ڪجهه ڪُڇان، ٿينديس ڪيچي ڪيچ جي.

    **
    ارڏا تنھنجي اوٽ، ڀُتي ڀانيان ڀِتِ،
    مران، هلان هوت ڏي، چڙهي وينديس چوٽ،
    ڪيري سڀئي ڪوٽ، ڪانڌ موٽائينديس ڪيچ کان.

    **
    اڃان آريءَ ڄام سان، هيس نينھن نڪور،
    سسئيءَ لاءِ سور جي، مند نه هئي مُور،
    ريھون ڪري رُڃَ ۾، وڃي پئي وهلور،
    قسمت ڪَيُسِ ڪَلوُر، نه ته پٿرن پنڌ ڪير ڪري.


    **
    نڪا سھيلي سور جي، نڪي ڪنھن ڪَھڪاءُ،
    ٻاروچاڻي ٻاڻ جي، گهائي وڌيس گهاءَ،
    سرتين سندي سٿ ۾، سسئيءَ ناهي ساءُ،
    آرِي اوري آءُ، سرهي ٿيان سٿ ۾.
    **
    قسمت ايئن ڪياس، ساٿ رهيومِ نه سَتُ،
    وهي پيو وجود مان، ريلا ڪيو رَتُ،
    لھوءَ ۾ لِتُ پِتُ، ته به ٻولي ٻاروچل جي.
    **
    منھنجو پيچ پنھوءَ سان اصل ٿئي اَڻَ ٽر،
    ڏاڍا تنھجو ڏر، مونتي مورنه ٿيڻو.

    **
    لڳم ٻاڻ ٻروچ جو، سيني منجهه سَرو،
    اوهين سڀ سھاڳڻيون، متان مفت مَرو،
    جهوريءَ منجهه جُهريو، هِنيون منھنجو هوت لئه.
    **
    ڪانڌ بنا ڪيئن ڪنڌ، کڻي گهمان خلق ۾،
    اتي پيڙم پنڌ، جِتِ هلڻ هاري ناهه ڪا.

    **
    جيئن پَلو منجهه سِيرَ، تيئن عاشق اوڀارا،
    دهشت پسي درياهه، لڙهيا نه لھورا،
    مـَڇَ تنين ماريا، جن خوف نه آندو خيال ۾.

    **
    فڪر جا ڦريا، هٿ جي جوڙن جوڙ،
    اهڙا ڪُوڙا ڪَوڙَ، سامھان ايندا سُڃَ ۾.

    **
    سامھان ايندا سفر ۾، چلڪي تي چلڪا،
    طلسم، ڍارا ڊوهه جا، تن کي ڪندا ڇا،
    جنين سان هوندا، سونھان انھيءَ ساٿ ۾.

    **
    جان جان هلين هوت ڏي، سونهون کڻج ساڻ،
    رلين متان رڃ ۾، پاڻ وڃائي پاڻ،
    جن جي ڄاڻ سڃاڻ، ڪنڌيءَ ڪندئي ڪارڻي.

    **
    ڏنا جيجل ٻيرِ، ڳاڙها ڳاڙها ٻيرَ،
    ڇاپـَڙَ هڻندين هڪ کي، ڇَڻي پوندا ڍيرَ،
    هڪ هڪ ڪري ويرُ، وٺندئي پنھنجي ماءُ جو.

    **
    سُبَتي هلي سڀڪو، اُبتي هلي ڪو،
    جنھين ۾ جوکو، ساجن انھيءَ سَيرَ ۾.

    **
    سوين وٺن سبتي، جوڳين اُبتي واٽ،
    جِتِ اونداهي ٻاٽ، اتي اڏنِ پکڙا.

    **
    هُو ٿا پڙهن سبتا، هِي ابتا انگ پڙهن،
    ٽوڙي رسم رواج سڀ، چڙهيا چوٽ وڃن،
    ڪھڙي سُڌِ انھن، ابتي انگ اچار جي.

    **
    جيئن پاڻيءَ مٿي ليڪ، تيئن ٿا ڳالهيون ڪن،
    سڌڙيا جي سُکن، ڏک تنين کي ڏاج ۾.

    **
    نيٺ ته ڦٽندي باک، نيٺ ته کٽندي رات،
    ڍُرڪي پوندو ڍنگ، جرڪي پوندي ڏات،
    ٿيندي ملاقات، صبح ساڻ ”سرور“ چئي.
    **
    نڪي اڏن آئندا، نـڪي ماضيءَ منجهه مگن،
    ٻيئي ماڻيا تن، جن ڪيو هٿيڪو ”حال“ کي.
    **
    هُو جي مارائي لک ٿو،
    هِن کان مري پيو هڪ،
    هُن کي چون ٿا ليڊر،
    هِي راهزن ٿو سڏجي.



    واقعاتي بيت

    رُني ساري رات، نِمُ نيسارا ڪري،
    ويڙهو ٿي ويران ويو، ملاحاڻي ذات،
    لامَ نه ٻُجهي لات، جهوريءَ منجهه جهڄي پئي.
    **
    نڪي وڳ وٿاڻ ۾، نه ڪا لُڏي لامَ،
    جهڳا ڇڏي جام، مانجهي ماڳ مَٽي ويا.


    **
    هُو جي ڏائڻ ڏيهه جا، سڄڻ سڏائن،
    ڪڏهن ڪو هنج ٿيو، منجهان ذات ڪنگن؟
    ٻولي ٻاٻاڻي ڪري، ٿا محب مارائن،
    سي ڪيئن سيڻ ٿين، دغا جن جي دل ۾.

    **
    دغا جن جي دل ۾، سي ڪيئن ٿين سيڻ،
    ويڙهيچن جا ويڻ، آءٌ نه سھنديس سپرين.

    **
    تنھنجي هيڏي هامَ ، ڄڻ واريءَ تي ليڪا،
    پيالو ڀانيم پنھنجو، ڪل لڌيم ڪانه،
    زهر ڀريل جام، پياري وئين ڪُپتيا.

    **
    واريءَ تي ليڪا، وچن ويڙهيچن سين،
    پنھوارن پرکيا، قول تنھنجا ڪانئرا.


    وايون

    1.

    مُنھن تان مُرڪ نه کَسِ،
    ڏيل اڳيئي آهي ڏکايل.

    آڪاش منڊل ۾ ساڳي منڊلي،
    ڌرتيءَ ناهي رَسُ،
    ڏيل اڳيئي آهي ڏکايل.

    جُوءِ جي خاطر جوڳ ڪمائن،
    جوڳين کي آ جَسُ،
    ڏيل اڳيئي آهي ڏکايل.

    ويڄ ويچارا دانھِن ويٺا،
    ڪو نه وٺي ٿو ڏَسُ،
    ڏيل اڳيئي آهي ڏکايل.

    سانت کي چيري ساز وڄاءِ،
    چنگ چوري ته ڏِسُ،
    ڏيل اڳيئي آهي ڏکايل.

    پوک به پنھنجي، پورهيو به پنھنجو،
    پنھنجو ناهي وَسُ،
    ڏيل اڳيئي آهي ڏکايل.

    ڪائي راهه مقرر ناهي،
    هر راهيءَ پنھنجو گَسُ،
    ڏيل اڳيئي آهي ڏکايل.

    **


    2.

    آيو عشق عجب رنگ لائي ويو، تڙپائي ويو،
    مَچَ محبت جا ته مچائي ويو، تڙپائي ويو.

    جڏهن چارڻ چنگ کي چوريو آ،
    سِرُ ساز تي عاشق گهوريو آ،
    ڪيئن تند تي ڪنڌ کي ڪوريو آ،
    مٿان نيزي نينھن نڀائي ويو.
    تڙپائي ويو.

    جَهلَ ڪين جهليو صفا آهي اَجَهلُ،
    ٽـَپي پوندو اُتي جِتي مَچُ آ مَتَلُ،،
    ڀلا ڪيئن هـَٽي جنھن کي سوز لڳل،
    مري محفل کي مُرڪائي ويو،
    تڙپائي ويو.

    جيڪي عشق کان اڳ آباد هئا،
    لڳو برهه ته ٿي برباد ويا،
    ڪي قَيسَ ته ڪي فرهاد ٿيا،
    ڪيئي ڪونڌر خان کپائي ويو.
    تڙپائي ويو.


    **

    3.

    ٽاڪ تتي ۽ پنڌ پري ٻيو جهولي جان به جهولي آ،
    جت لُڪَ لڳي ۽ اُٻَ اٿي ته به ٻڻڪ نه ٻهڳڻ ٻولي آ.

    سرتيون مون سين ساڻ نه هلجو، پنڌ ڏکيرو ڏونگر جو،
    ڪيئن قضا ٿي ڪوهه ڪرائي، روهن ۾ جنھن رولي آ.

    جانب ڪارڻ جُوءِ ڇڏي اڄ جهنگ جبل سڀ جهاڳينديس،
    سِرُ ويو ته به سرهي ٿينديس، ٻاروچل سان ٻولي آ.

    منزل مقصد ماڻڻ نيٺ ته پھتي ماڳ وڃي،
    ڏيرن جنھن سان ڏاڍ ڪري ڏک ڏولاون ۾ ڏولي آ.
    ته به ٻڻڪ نه ٻهڳڻ ٻولي آ.


    **

    4.

    مارن ناه ميار الا!
    قسمت آندي آهيان.

    ٿورا مونتي ٿر وارن جا،
    لائق لک هزار الا،
    قسمت آندي آهيان.

    ڪوٽن ڪيئن قراري ٿينديس،
    سُڃَ ڀانيان سنسار الا،
    قسمت آندي آهيان.

    هر هر منھنجي هنياءَ هُري ٿي،
    جهانگين جي جهونگار الا،
    قسمت آندي آهيان.

    موڪل ڏي مون مارن ڏي تون،
    لاهه عمر آزار الا،
    قسمت آندي آهيان.

    سانگين سانگ سنباهيا هوندا،
    ويندا اتر پار الا،
    قسمت آندي آهيان.

    ڇن ڇپر چئونرا ڀانيان،
    محلن کان موچار الا،
    قسمت آندي آهيان.

    هينئڙو ٽنگ پروڻ ٿيو آ،
    ساريندي سنگهار الا،
    قسمت آندي آهيان.

    **

    5.

    سوز سمورو آ سور،
    دل ٿي چِڪنا چُور،
    نيڻن مان پيو نيرُ وَهي.

    ڪاڪ محل مان ڪير بچيو آ،
    موٽيو ڪوبه نه مُور،
    نيڻن مان پيو نيرُ وَهي.

    ڪيڏا ڪونڌر ڪاڪ ڪهايا،
    آهي ڪجهه ته ضرور،
    نيڻن مان پيو نيرُ وَهي.

    سج لَڪين جنھن ويل لَڙي ٿو،
    تيئن تيئن تنھنجو پُور،
    نيڻن مان پيو نيرُ وَهي.

    **

    6.

    جاڳ اٿي تون جوڌا جُنگ،
    تار کي جوڙي ساز وڄاءِ.

    اڌمن ۽ احساسن ۾،
    ڏات هڻي ٿي ڏنگ،
    تار کي جوڙي ساز وڄاءِ.

    جهر جهنگ ۾ پڙلاءِ ٿي ويندو،
    جڏهن وڄندو چنگ،
    تار کي جوڙي ساز وڄاءِ.

    سانت کي چيري رات کي ڪڍبو،
    ڍرڪي پوندو ڍنگ،
    تار کي جوڙي ساز وڄاءِ.

    موٽي ايندا ماڳ تي هنجڙا،
    رهندو ڪونه ڪو ڪنگ،
    تار کي جوڙي ساز وڄاءِ.

    سڏڪا سڏڪا، آهون دانھون،
    نيٺ لائينديون رنگ،
    تار کي جوڙي ساز وڄاءِ.


    ڪافي

    ”فــريــاد“

    فرياد ڪجي ڏس ڪنھن کي ڀلا،
    نه ڪو توکي ٻُڌي نه ڪو مونکي ٻُڌي،

    جت پيار جي عيوض ملي سزا،
    نه ڪو توکي ٻُڌي نه ڪو مونکي ٻُڌي.

    پھچي ته ڀلا ڪئين پهچي صدا،
    پيغام کڻي نٿي بادِ صبا،
    خاموش اسان لئه آهي فضا،
    نه ڪو توکي ٻُڌي نه ڪو مونکي ٻُڌي.

    دانھن دل جي ڪنھن کي ڪونه ڏبي،
    توهينِ محبت ٿي پوندي،
    بس دل جي خبر هڪ دل کي آ،
    نه ڪو توکي ٻُڌي نه ڪو مونکي ٻُڌي.

    اسين ڪاڻ ته ڪنھن جي ڪونه ڪڍون،
    پر ڪاڻ جي خاطر ڪاڻ ڪڍون،
    ته به دنيا اسان کان آهِه خفا،
    نه ڪو توکي ٻُڌي نه ڪو مونکي ٻُڌي.

    تنھنجي سِرَ جو قسم تنھنجي پوڄا ڪيم،
    هر روز پئي توکي سجدا ڪيم،
    ناراض تڏهن ٿيو آهي خدا،
    نه ڪو توکي ٻُڌي نه ڪو مونکي ٻُڌي.

    پيار پلجي ”سرور“ پَلي ڇڏيان،
    جَهلَ جهلجي پوي جي جهلي ڇڏيان،
    اِهو عشق ته اڻ جَهلُ آهي صفا،
    نه ڪو توکي ٻُڌي نه ڪو مونکي ٻُڌي.


    غزل

    1.

    گردش ۾ سڀني ستارن لٽيو آ،
    طلسم جي ڍارن ۽ ڦارن لٽيو آ.

    رکي آسَ دل ۾ بھارن جي آيس،
    مگر بيوفا ٿي بھارن لٽيو آ.

    مقدر کان ڪائي شڪايت نه آهي،
    اميدن جي مونکي سھارن لٽيو آ.

    سِيرُن ڪُنَن کان به آيس چڙهي پر،
    ڪنارن تي پھتس ڪنارن لٽيو آ.

    ترهي تي پنھنجي وڃي پار پڄبو،
    اوهان جي دُنگين ۽ ڪٽارين لٽيو آ.

    مرجهائي مکڙيون نه مالهي رنجايو،
    گل کي ته گل جي ئي خارن لٽيو آ.

    جفا ٿي نه سگهندي، وفا ٿئي نه جيسين،
    اسان کي اسان جي وفائن لٽيو آ.

    ٿڌيءَ ڇانوَ جي آ رڳو طلب جن کي،
    انھن کي اتر جي هوائن لٽيو آ.

    پري پنڌ ”سرور“ سفر ڀي اڻانگو،
    همسفر کي به ڪارين گهٽائن لٽيو آ.

    ***

    2.

    تنھنجي در تي صنم سھڻا گهڻا سائل اچن ٿا پيا،
    ڏين پيا دل جو نذرانو، ٿيا گهائل وڃن ٿا پيا.

    وڃڻ منھنجو به ٿيو هڪ ڏينھن مئخاني محبت ۾،
    چيم دل کي ڀڄي وڃ، تون هِتي قاتل ڪُھن ٿا پيا!؟

    پڇيو محفل منجهان هڪڙي، پيارا تون پتنگ آهين؟
    چيم تنھن کي پتنگ ناهيان، پتنگ ڪيئي پچن ٿا پيا.

    وڄي پيو چنگ چارڻ جو ڪَٺي راڄن جا راجائون،
    ڏين پيا ساز تي سرڙو، ڪيئي ڪونڌر ڪُسن ٿا پيا.

    ***

    3.


    دل ۾ آ تصوير تنھنجي، منھن لڪائي ڇا ڪندين!
    مان ته تنھنجي دل ۾ آهيان هٿ ڇڏائي ڇا ڪندين!

    تنھنجي منھنجي پيار جو چوٻول ٿي ويو جا بجا،
    ڳالهه هر جاءِ وئي هُلي، هڪ تون نٽائي ڇا ڪندين!

    تير نظرن جا لڳا، گهائل ٻئي ٿيا آهيون،
    ڪونه ڇٽندا ڦَٽَ اِهي، حيلا هلائي ڇا ڪندين!

    تون به هڪ، مان به هڪ ۽ دل به هڪ مونکي ڏنئي،
    ٻئي ڪنھين سان ٻيءَ دل سان دل لڳائي ڇا ڪندين!

    عشق جي آتش ڏسي گهٻرائجي ويا سمنڊ ڀي،
    تون به ان ۾ هڪ ٻه ڪاٺيءَ کي دکائي ڇا ڪندين!

    ***

    4.

    آئي مـُند موٽي، مِٺا تون وري آ،
    اسان دل جي تو لاءِ کولي دري آ.

    وجهي وات هرگز نه ٻئي وڻ جي ٽارين،
    چندن وَڻُ چکي دل ٿي جنھن جي چري آ.

    سويرن سڏيو آ، پڙاڏو ٿيو آ،
    چارڻ چنگ چوريو وڳي بانسري آ.

    سِيرُن کي چيري به ساهڙ سان ملبو،
    گهڙو جي ڀڳو، ته به هٿن تي تري آ.

    اوهان ڀل بھارن جي خوشبوءِ ماڻيو،
    اسان جي خزان جي به موسم ڦِري آ.

    ***

    5. 

    سونھن ڪڍي سنگ پئي نِسري آ،
    چاهت جي هت چڻنگ ٻري آ.

    هٿ پرينءَ جا ايئن لڳا ڄڻ،
    ٿر ۾ جيئن ڪا رات ٺري آ.

    ذلف ڳلن تي ڪِري پيا ايئن،
    چنڊ مٿان ڄڻ ڪا ڪڪري آ.

    ڪير نه ڪندو تنھنجي آجيان،
    دل جي هر ڪنھن کولي دري آ.

    سوز تنھنجي ۾ سانول سائين،
    ڪھڙي دل آ جا نه جُهري آ.

    سِرَ جو سانگ به ڪونه ڪو ڪن ٿا،
    خلق ڏسو ير، ڪيڏي کري آ!

    ڪيڏا ڪِيس ٿين پيا يارو،
    پوءِ به ڪنھن جي ڪين سَري آ.

    ***

    6.

    واقعاتي غزل

    هِي مجبور ماڻهو لڏيندا وڃن ٿا،
    جهانگي جُوءِ پنھنجي ڇڏيندا وڃن ٿا.

    پوتيءَ ۽ پڳ جي رهي ڪونه لـَڄَ ڪا،
    عُمرن جا آزار وڌندا وڃن ٿا.

    رهيو ڪونه اهڙو، لٽيو جو نه هوندو،
    ٿيا مارن مان مارا لُٽيندا وڃن ٿا.

    پنھنجن کي پنھنجا هڻن روز ڌاڙا،
    ڌڻي ديس کان دور ٿيندا وڃن ٿا.

    اکيون رت روئن، دل پريشان آهي،
    اباڻا جو ڪکڙا پٽيندا وڃن ٿا.

    وٿاڻن ۾ وڳ ۽ نه جهوڪن ۾ جهڻڪون،
    مانجهي ماڳ پنھنجا مٽيندا وڃن ٿا.

    مرڪون نه مُکَ تي رڳو لڙڪ لارون،
    ڳوڙهن ساڻ جهوليون ڀريندا وڃن ٿا.

    ***

    7.


    عمر جيٽ جمبوءَ جيان وڌندي وئي،
    مگر زندگي ٽِڪَ ڏئي بيھي رهي.

    جيئرن مـُردن سان محبت ڪئي سين،
    رُسي وئي اسان کان تڏهن زندگي.

    جيون ۾ جڏهين ڪو سنگ ٿو ڪِري،
    ته ساگر ۾ پيدا ٿئي لھر ٿي.

    محبت جي لائق بس هڪ چيز آ،
    ٿئي ٿو جڏهن صاف شيشو شعوري.

    منزل جي وک وک تي مارِي مليا،
    ڪٿي ڄار اڏيل ڪٿي ڪوڙِڪي.

    جهروڪن مان جهاتي جو پائي ڏٺم،
    ته ويران دل جي لڳي هر ڪـَلي.

    گهڙي هئي اسان جي ٻڌل ٻانهن ۾،
    مگر پاڻ کي هٿ نه آئي گهڙي.

    ***

    8.


    ڪوبه نه ڪنھن جي دل دهلائي،
    جيون سارو سڏڪا آهي.

    سانت، سناٽو، گُهٽَ ۽ ٻُوسٽ،
    ڪو ته ڏسي يـَرَ اک وڌائي.

    ويرانين ۾ تارون جوڙي،
    ويٺو آ ڪو آس لڳائي.

    راهه م رهزن لک لٽيرا،
    رهبر بڻجي ڪو ته بچائي.

    جاڏهون ڪاڏهون گگهه انڌارو،
    آهي ڪو جو ديپ جلائي؟

    ***

    9.


    جنھن سَيرَ سان ساجن اچي تنھن راهه کي چمندا هلو.
    هر گهٽيءَ ۽ هر ڳليءَ ۾ گل وڇائيندا هلو.

    ڏينھن ڏاڍو آ تتل نازڪ بدن آ نازنين،
    بادلو وارو ڪيو، ڇانوَ ڪيو وسندا هلو.

    چنڊ تارن کان تکو آ تاب دلبر جو تمام،
    چوڏهيون چانڊوڪيون ۽ چيٽ سڀ نمندا هلو.

    هُو ته خود آهي سخي، تحفو ڏيون ڪھڙو ڏيون،
    هُن کي آ دل جي ضرورت، بس دليون ڏيندا هلو.

    حسن جي سرڪار جو مھراڻ آهي موج ۾،
    پيار جا پياسا اچو، ڪا اُڃَ اُجهائيندا هلو.

    ٻوليون ڪيو، لاتيون لنؤ، اڄ پـَرَ کولي پرواز جا،
    مرحبا اي مرحبا جا گيت ڳائيندا هلو.

    ***

    10.


    تنھنجي اکين ۾ اها لالاڻ آ،
    ايئن لڳو ڄڻ شفق جي ڳاڙهاڻ آ.

    چنڊ جو چھرو پيو هرڪو مڃي،
    مون چيو ان ۾ تنھنجي چانڊاڻ آ.

    رابيل تو ۾ سا سڳنڌ آئي ڪٿان!
    جا صنم جي سونھن ۾ سرهاڻ آ.

    سونھن جي سنگيت تي سُرَ ٿا سجن،
    گيت، وائي ۽ غزل تو ڪاڻ آ.

    ***

    11. 


    پيار ته ناهي هَٽَ جو سودو،
    جنھن کي خريدي ماڻهو هرڪو.

    پيار ڪري ٿا ڏين ڍنڍورا،
    ڪانوَن جيان ڪَنِ ڪوڪو ڪوڪو.

    عاشق ناهن لوٽا چئبا،
    پيار ڪري ڪَنِ ڊويو ڊويو.

    هر ڪنھن وس جي ڳالهه نه آهي،
    منزل ماڻي ڪوڪو ڪو ڪو.

    پيا رجي سرحد ڪابه نه آهي،
    ريتن جا دنگ ڪين مڃي ٿو.

    پيار جي دنيا پياري دنيا،
    باقي دنيا ڌوڪو ڌوڪو.

    سولو ايڏو پيار به ناهي،
    جيئن ڏئي ٿو هوڪو هوڪو.

     ***

    12.


    جيون ۾ جي جوت جلي ٿي،
    تڏهن دل دل ساڻ ملي ٿي.

    جنھن جنھن مکڙيءَ ماڪَ پوي ٿي،
    سا سا مکڙي خوب کِل ٿي.

    ننڍڙي دل آ درد دنيا جو،
    پوءِ به نه ڪنھن سان سور سَلي ٿي.

    اڌمو ڏئي ٿي آس اٿي پئي،
    ڏکڻ جي ڪا هير گُهلي ٿي.

    دل جو حاڪم پنھنجو آهي،
    دنيا حاڪم ڪانه هلي ٿي.

    اميدن جون ٽٽل تارون،
    ميڙي پاڻ کي آٿت ڏئي ٿي.

    ڏاڍي ارڏي آهي يارو،
    منٿ به ڪنھن جي ڪانه مڃي ٿي.

    ***

    13.

    مشڪل سان اهڙو ڪو هوندو بچيل،
    چيو جنھن نه هوندو ڪو تنھنجو غزل.

    مٿان تار جي سِرُ ٿو گهوري ڇڏي،
    ڏسو عشق ڪيڏو نه آهي اَجهَلُ!

    سُجهي ڪونه سينو ڪو اهڙو ڪٿي،
    جنھن ۾ تير تنھنجو نه هوندو لڳل.

    ڪرين ڪِيسَ پوءِ ڀي پيا دلبر چون،
    اهڙي رمز تو ۾ ڪا آهي رکيل.

    لڳي ڪين هن کي ڪا آلودگي،
    جيڪو من ۾ موجود آ تاج محل.

    اِهو سوزُ سُرندو وڄائي سو ڄاڻي،
    اُها تار دل ۾ جي هوندي لڳل.

    ***

    14.


    پيار پلجڻ جو نه آ، پلبو نه آ،
    اڻ جهليو آهي صفا جهلبو نه آ.

    ڀل پيا دل جي اندر دوڌا دکن،
    لوڪ سان کِلجي مگر روئبو نه آ.

    عشق جو چانگو چري آيو چندن،
    سَوَ زنجيرن منجهه ڀي رڪبو نه آ.

    عشق ٿو چوٽيءَ چڙهي واڪا ڪري،
    پيار جي هيبت پسي هٽبو نه آ.

    ڪورڪي سک ڪار، اي ناشاد دل!
    نينھن جو ناتو رکي ڇنبو نه آ.

    ***

    15. 

    ڏکي ڏونگر ۾ ڏري ٿي پئي،
    ڪوهيارو ڪوهيارو ڪري ٿي پئي.

    نه وسندي نه واهر، رڳو رُڃَ ريھون،
    تتي ٽاڪَ واري ٻَري ٿي پئي.

    پنھل پاسڙي کان وڃائي جو ويٺي،
    انھيءَ مامري ۾ مري ٿي پئي.

    لڳي جن کي لوري ڪنديون پنڌ سيئي،
    جيڏيون جان منھنجي جُهري ٿي پئي.

    سَري ڪين ”سرور“ سواءِ هوت هاڻي،
    اوهان جي ته سرتيون سَري ٿي پئي.


    گيت

    1.

    لـَھُه ڪو سُڌِ سماءُ، آءُ او ساٿي آءُ.
    سرنھُن ۾ ڦولار ٿيا هِن،
    ڪڻڪُن ۾ ڀي لاب پيا هِن،
    ڏاٽن جو ڇَٻڪاءُ، آءُ او ساٿي آءُ.
    لُڏندي لَمندي ناؤ ُ هلي ٿي،
    ڪيڏي ڇوهي واءُ گُهلي ٿي،
    طوفانن ۾ تاءُ، آءُ او ساٿي آءُ.
    آڪاش ۾ ساڳي منڊلي مچي ٿي،
    هت روز نـئين آفت ڪا اچي ٿي،
    جِتِ ڀاءُ جو ناهي ڀاءُ، آءُ او ساٿي آءُ.

    ***

    2.

    ڪڏهن نھڪر ڪڏهين ها،
    سمجهه ۾ آئي ڳالهه نه ڪا.
    تو لاءِ ڪافيون بيت چيم،
    غزل ۽ وايون گيت چيم،
    سرگم سکيس سرگم پا،
    سمجهه ۾ آئي ڳالهه نه ڪا.
    ڪڏهن سڏي پيو ڇاتيءَ لائين،
    ڪڏهن ڪھڻ لاءِ ڪاتي لائين،
    قاتل تنھنجي ڪار اِها،
    سمجهه ۾ آئي ڳالهه نه ڪا.
    اولو بڻجي اوٽ ڪرين ٿو،
    ليئو پائي موٽ ڪرين ٿو،
    لِڪَ ڇَپَ ڇاجي سامھون آ،
    سمجهه ۾ آئي ڳالهه نه ڪا.

    ***

    3.


    ڪجهه اکين کي سمجهاءِ پرين،
    هيئن گُهورن سان ته نه گهاءِ پرين!
    تنھنجي ديد کان ڪوبه نه بچي سگهيو،
    ڪو ڦٽجي ويو ڪو ڪپجي ويو،
    ڪونڌر هيئن نه ڪُهاءِ پرين،
    ڪجهه اکين کي سمجهاءِ پرين!
    تنھنجا ذلف ڳلن تـي ڪِري پون،
    جيئن چنڊ کي بادل ڍڪي ڇڏن،
    تن واسينگن کي هٽاءِ پرين،
    ڪجهه اکين کي سمجهاءِ پرين!
    تنھنجو هلڻ ائين، جيئن مور ٽِلي،
    تنھنجي مرڪ مٺا ڄڻ مکڙي کلي،
    وري لالي ڪين لڳاءِ پرين،
    ڪجهه اکين کي سمجهاءِ پرين!
    تنھنجي ذلفن ۾ مان لِڪي وڃان،
    ليئا پائي توکي ڏسي وٺان،
    ائين لِڪَ ڇَپَ راند رَچاءِ پرين،
    ڪجهه اکين کي سمجهاءِ پرين!

    **

    4. 

    جند جان مون توتان واري آ،
    ته به تنھنجي سڄڻ بيزاري آ.
    ٿيو جاني جدا وڌي ويتر سِڪَ،
    دل روز ڪري پئي ڌڪ ڌڪ ڌڪ،
    گهڙيال وڄي جيئن ٽِڪ ٽِڪ ٽِڪ،
    هيءَ هجر اوهان جي ماري آ،
    ته به تنھنجي سڄڻ بيزاري آ.
    تنھنجو لوڪ سڄي ۾ نام آهي،
    توکي چاهي جو بدنام آهي،
    اهو عشق سندو پيغام آهي،
    مون هاريو، تنھنجي ساري آ،
    ته به تنھنجي سڄڻ بيزاري آ.
    دل شيشو سمجهي ٽوڙي ڇڏيئي،
    ڏاڍيون آزيون ڪيم ته به قياس نه پِيُئي،
    جيئن توکي وڻي، بس تيئن ڪَيُئي،
    منھنجي توبھ توبھ زاري آ،
    ته به تنھنجي سڄڻ بيزاري آ.

    **

    5.

    پيار کان مون نٽايو مگر ٿي ويو،
    درد جيڪو مليو در گذر ٿي ويو.
    دل کي صدما هزارين، ڇڄي ٿي پئي،
    پوءِ به جهلجي نٿي تيئن اڳي ٿي پئي،
    دانھن ڪنھن کي ڏيان سُورُ ڪنھن سان سليان،
    آهَه جو ڀي اثـر بي اثـر ٿي ويو.
    در گذر ٿي ويو.
    تو سواءِ سُڃَ ڀانيان پيو سنسار ۾،
    هوش ناهي رهيو ڪوبه هوشيار ۾،
    پريت جي پياس ۾ ڪيئي اڌما اٿيا،
    ڪو ڪھاڻي بڻيو ڪو شعر ٿي ويو.
    در گذر ٿي ويو.
    تنھنجي ناتي سان منھنجي ائين جند جَڙي،
    جيئن لوهر لپيٽي ڪَڙي منجهه ڪَڙِي،
    تنھنجي نالي سان منھنجي رهي زندگي،
    تو بنا جڳ ۽ جيون زهر ٿي ويو.
    در گذر ٿي ويو.

    ***

    6.

    ”خيرات“

    تنھنجي حسن جي بس خيرات کپي،
    ٻيو ڪجهه نه کپي ملاقات کپي!
    سڄي لوڪ جا ماڻهو سمهي پون،
    چنڊ تارا ڪَتيون لِڪي وڃن،
    اچ گڏجي خدا کان سوال گهرون،
    جنھن جو ڏينھن نه ٿئي سا رات کپي،
    تنھنجي حسن جي بس خيرات کپي.
    تون چوندو رهه مان وڃان وڃان،
    تنھنجي ٻانھن وٺي مان جهلي ڇڏيان،
    آهي رات گهڻي پئي ويهه اڃان،
    ائين وهڻ وڃڻ جي بات کپي،
    تنھنجي حسن جي بس خيرات کپي.
    اچ تو سان هڪڙو سودو ڪيان،
    تو کان لڙڪ وٺان توکي مرڪ ڏيان،
    مان رئندو رهان تو اگهندو رهين،
    هيئن ڳوڙهن جي برسات کپي،
    ٻيو ڪجهه نه کپي ملاقات کپي،
    تنھنجي حسن جي بس خيرات کپي.


    آزاد نظم

    ”برف جي هيٺان“

    برف جي هيٺان دٻيل،
    احساس ۽ جذبا،
    تنھنجا منھنجا،
    آواز ۽ آهون،
    بس ڄَمي چپ ٿي ويون،
    ۽ پوءِ بس!
    هڪ قطبِ جنوبي ٿي ويو.
    هُتي ڪائي گرمي نه گونج آ،
    نه قاصد نه ڪونج آ،
    هِتي،
    بس سناٽو ۽ سانت آ،
    ٻاٽ اوندهه ۾،
    مان پنھنجو پاڻ ئي،
    سوال آهيان جواب ڀي،
    هن خاموش ڪائنات ۾،
    پنھنجو پاڻ سان ڳالھايان ٿو،
    ڇو جو هتي ڪوئي ٻُڌي نٿو آواز کي،
    سناٽو آ سانت آ.
    هيڏانھن ڏس،
    هن ڀُونءِ تي جي نفرتون،
    دشمنيون ۽ دل جليون،
    پوءِ ڏَسِ،
    ڪير ٿو ٻُڌي پريم پريت جي ساز کي.
    سانورا او بانورا،
    اچ ته تون ۽ مان گڏجي،
    جاڳي جاڳي جيون سارو،
    لاٽ کي ٻاريون،
    ديپ جلايون.
    اڄ ڇو هن مئخاني ۾،
    ساغر ڪابه صُراحي ڪانهي،
    اچ ته اي سانورا،
    هن پريم ننگر جي ڌرتيءَ تي،
    ساغر آڻيون صراحي آڻيون،
    ۽ هتي هيڏانھن ڏِسُ،
    جذبات جو هي وهڪرو،
    جنھن ۾ سياڻپ ۽ سھپ گڏجي
    تيز وهڪري ۾ هڪ ٿي، وَهي وڃن ٿيون.
    لڙهي وڃن ٿيون.
    ۽ پوءِ،
    پريم ۽ آشتيءَ جا ڪڪر،
    هلڪا هلڪا بخار بڻجي، اڏامڻ لڳن ٿا.
    اچ ته تون ۽ مان گڏجي،
    بوند وسايون.
    ۽ پوءِ جڏهن،
    تون نه هوندين،
    مان نه هوندس،
    هيءَ ڌرتي هوندي
    امن ۽ پيار جا ساوا ساوا گؤنچ ڦٽندا،
    ڄڻ ته سائي چادر هوندي،
    ننڍڙا ننڍڙا ٻالڪ هوندا،
    جن جي هٿن ۾،
    تنھنجا منھنجا پوکيل ٻوٽا،
    پريم پريت جا گل هوندا.
    اِهو آسَ نِراسَ جو فلسفو،
    ڇا آهي؟
    ڪجهه به نه آهي.
    جي تون ڪجهه اوري اچين،
    ۽ مان ڪجهه اڳتي اچان،
    ۽ پوءِ،
    تون ۽ مان گڏجي،
    ڪڪر بڻجي،
    بوند وسايون برف مٿان،
    انھن گُهٽيل ۽ دٻيل جذبن کي،
    هڪ نئون جنم ڏيون.
    ** **

    ننڊ مان جاڳي پيس

    ننڊ مان جاڳي پيس،
    سپنا ٽٽا،
    ڇا پئي ڏٺم هر طرف،
    گهيريل هئا،
    مسرتن جا سامان ها،
    هرڪو ڇڪي پيو پاڻ ڏي،

    ۽ ڳالهه پنھنجي پيو ڪري.
    منھنجي من ۾ پيڙا هئي جا،
    ڪنھن کي نه ان جو خيال هو،
    مان ته انھن ۾ رانديڪو هوس،
    هرڪو مون سان کيڏيو پئي.
    ڏاڍا سھڻا چھرا ها،
    پر پوءِ به الائي، دل نه لڳي پئي.
    ڄڻ اوپرو هيس ڪنھن ويراني ۾،
    اوچتو ڪا ڪوڪ ٻڌڻ ۾ آئي،
    بانسريءَ جو مڌر آواز،
    دل جي ڪنارن سان ٽڪرائجي،
    موٽ کاڌي هئي.
    شايد ڪنھن ياد ڪيو هو،
    سڏ ٻڌڻ سان اک کلي پئي،
    ڏٺم ته سامھون بيٺو هو،
    جيڪو منھنجو پنھنجو هو،
    جنھن تار ٽٽل کي جوڙيو هو.

    ****

    ”روشني“

    اوائلي پٿر جي دور کان،
    انسان پئي ڪئي آ ارتقا،
    تحقيق ۽ تجريد ۾،
    طيءِ ڪيا هِن مرحلا،
    بھتر کان بھتر جي تلاش،
    پيادل کان اُٺَ جي سواريءَ تائين،
    ان بعد موٽر، ريلون، جھاز ٺاهيائين،
    آواز کان تيز رفتار،
    راڪيٽ تائين،
    ”ناسا“ جي ”اپالو“ تائين،
    انٽرنيٽ جي ايج تائين،
    هُن پنھنجي رفتار وڌائي آهي،
    ڇا ڇا نه ڪيو آهي،
    گهڻو ئي ڪجهه ڪيو آهي،
    پر پوءِ به ڪجهه نه ڪيو آهي،
    ڇو جو اُن رفتار سان،
    هڪ ڪائنات به، تسخير نه ٿي آهي،
    هن هيڏي ساري پولار ۾،
    الائي ڪيتريون ڪائناتون آهن،
    خبر ناهي، اسان کان به اڳتي هجن.
    اها رفتار ڍري آهي،
    پنڌ تمام پري آهي،
    هاڻي هن کي ڇڏڻ گهرجي،
    نئين سوچ اڏڻ گهرجي،
    روشنيءَ جي رفتار سان،
    يارو، اسان کي هلڻ گهرجي.

    **

    ڪرڙ جا گل

    ڪيڏا سھڻا ڪِرڙَ جا گـُلَ،
    ٽارين ۾ ٿي قطار لڳي ڄڻ،
    هارَ ۾ سوني جهانءِ جڙيل آ،
    ڪيڏو وڏڦڙو وُٺو آهي،
    اوچيون جايون ڊهي پيون هِن،
    وَهي پيون هِن،
    پر هن مان هڪ ڀي بوند نه پئي آ.

    *****

    واقعاتي نظم

    ڪنھن کي خبر هئي ته هيئن به ٿيندو.
    گَهر لٽبا،
    ويرانو ٿيندو،
    لاشن جي قطار نڪتي،
    ڌرتيءَ ماتم ڪيو،
    آڪاش ٿي رُنو،
    انسان جو وهيل رت ڏسي،
    کن پَلَ ۾ صدين جي سنواريل زندگي،
    هڪ ڪلاشنڪوف جي ٺڪاءَ سان،
    ختم ٿي وئي!

    *****

    ” مِٽي “

    سموري ڪائنات جون ڪششون،
    ڇڪجي اچن ٿيون هن ڏانھن،
    سونھن جا سڀ رنگ،
    فطرت جون سموريون جبلتون،
    سمايل آهن هِن ۾،
    ڪيڏي نه پُر ڪشش آهي!
    محبت ڏانھن هرڪو ڇڪجي ويندو آ،
    پر، محبتون ڇڪجي اچن ٿيون هن ڏانھن،
    هيءَ منھنجي وطن جي مِٽي آ،
    هيءَ منھنجي وطن جي مِٽي آ.

    **


    ” زندگي “

    جهر جهنگ ۾ ڳولي ڏٺم،
    وئوڙي ڏٺم،
    کيتن کرن ۽ ٻيلن ۾،
    پھاڙ پربت وادين ۾،
    ويرانين ۽ وسندين ۾،
    زندگي جاچي ڏٺم،
    معيار جي اخلاق جا تن ۾،
    زندگي جاچي ڏٺم،
    زندگيءَ جي لاءِ مون ڊوڙون ڪيون،
    لُوهون ڏنم، ڀڄندو رهيس،
    پر اڃا تائين پَرو ڪو ڪونه پيو،
    انھن رشتن ۽ ناتن ۾،
    انھن ريتن ۽ رسمن ۾،
    شعوري طور تي آدم جي جوڙيون هيون،
    تن ۾ ويھي ۽ وري پيھي ڏٺم،
    زندگيءَ جو عڪس ڪو جڙيل نه هو،
    لوڪ وارا ٻَکَ وجهيو،
    پيا هيئن چون،

    واه واه! هيءَ ئي ته آهي زندگي!
    مان ڇو مڃان،
    جنھن ۾ نه هئي ڪا نغمگي،
    جنھن ۾ نه هئي ڪا روشني،
    ڪنھن نه ڪنھن رنگ ۽ روپ ۾،
    وک وک تي اڏيل،
    پابندين جون ڪوڙِڪيون،
    رقص پئي انسان ڪيو ان جي مٿان،
    سونَ جي ڌاڳن جيان،
    پابندين جا طوق ڳچيءَ ۾ وجهي،
    فخر مان تن ڳاٽ اوچو ٿي ڪيو،
    مسجدون مندر ڏٺم،
    چرچ ۽ گرجا گهميس،
    اطمينان جو فقدان هو.
    تھذيب جي تاريخ کي جاچي ڏٺم،
    انسانيت جي خون ۾،
    ٻڏندي رهي، ترندي رهي،
    ترندي رهي، ٻڏندي رهي،
    آ وري انسان ان کي،

    عظمتن جي پوش ۾ ويڙهي ڍڪيو،
    خوف ۽ لالچ سندي،
    ٻن پُڙن واريءَ چڪيءَ ۾،
    هيءُ ويچارو عوام،
    ڪنھن اڻ ٿيڻي آسري تي،
    پيڙبو ۽ پيسبو آهي رهيو،
    ٻئي طرف حرص جي کوري اندر،
    ٻرندو رهيو،
    هَوَسَ جي پَٽَ کوهَه ۾ پٽبو رهيو،
    پوءِ جوڙيندو رهيو ڪيئي جواز،
    هيءَ به هڪ هئي زندگي،
    جنھن کي ڪيئي نانوَ ڏئي،
    زندگيءَ جي روح کي رهڙيو ويو،
    ڪنھن چيو، پيار آهي زندگي،
    سنسار ۽ اختيار آهي زندگي،
    ڪنھن چيو، زندگي آ انقلاب،
    زندگي آ احتساب،
    زندگي آ خيال خواب،
    زندگي آ لاجواب،

    ڪنھن چيو، زندگي آهي عذاب،
    زندگي آهي ڪتاب، زندگي آهي حساب،
    ڪنھن چيو، زندگي آهي عياش،
    زندگي آ پيٽ ۾، ۽ پيٽ آهي زندگي.
    زندگي آهي لباس،
    زندگي آهي حجاب،
    زندگي آهي نقاب،
    زندگي آهي سراب،
    زندگي آهي شباب،
    زندگي آهي شراب،
    ڪنھن چيو زندگي آهي معاش،
    معاش آهي زندگي.
    ڪنھن چيو، آهي ڪنڊن جي سيج هيءَ،
    ڪنھن چيو، زندگي مکڙي گلاب،
    مايوسين ۽ محرومين جي،
    اونداهي چوواٽي تي،
    بيھي زور سان دانھون ڪيم،
    زندگي !
    او زندگي !

    او زندگي !
    اوچتو ئي دور کان،
    آواز ٿيو،
    هيڏانھن اچ،
    اي ڀٽڪندڙ انسان تون،
    هيڏانھن اچ،
    هيڏانھن ڏِسُ،
    روشنيءَ جي لاٽ اُڀري،
    ڊوڙندو اوڏانھن ويس،
    قبرستان هو، قبرون هيون،
    ڪي کير جيان ٿي چمڪيون،
    ڪي مِٽيءَ جون ڄڻ ڍِڳيون،
    زندگي سينگاريل.
    پنھنجي آب و تاب سان،
    اکين ۾ ڄڻ ڏات جون لائٽون هيس،
    ناز ۽ انداز سان،
    قبرن وچ ۾ بيٺي هئي،
    مونکي ڏسي،
    سُرندي اچي،
    مون وٽ رَسي،
    ۽ چيائين،
    ڇا ٿو ڏِسين؟
    هيڏانھن ڏِسُ،
    مان ئي آهيان زندگي.
    اچ ته توکي زندگي ڏيکاريان،
    ٻانھن کان مونکي جهلي،
    قبر هرهڪ جي مٿان وٺندي وئي،
    زندگيءَ جا روپ سمجهائيندي هلي،
    زندگيءَ جا راز کوليندي هلي،
    موت جو ادراڪ ئي آهي حقيقت زندگي،
    هر قبـر آ زندگيءَ جو اولڙو،
    موت آهي زندگيءَ جو ڄڻ ڪتاب،
    ۽ مزارون ڄڻ بڻيون ان جا ورق،
    ڪاش! ڪوئي ليئو پائي،
    زندگي اُنَ ۾ ڏسي،
    زندگي ڳولي لڌم،
    زندگيءَ احسان ڪيو،
    ملي مونکي قبرن، منجهان زندگي،
    زندگيءَ احسان ڪيو،
    زندگي ڳولي لڌم.
    **

    ” مگر مان نه هوندس “

    ڏسي وٺ جو توکي ڏسڻو هجي،
    لکي وٺ جو توکي لکڻو هجي،
    وري ڪڏهن ڪنھن کي،
    ڏسي ڪونه سگهندين،
    وري ڪڏهن ڪنھن تي،
    لکي ڪونه سگهندين.
    وري ڪڏهن سوچي ۽ لوچي نه سگهندين،
    الوداع اي الوداع،
    اي زندگاني الوداع.
    ڪڏهن کيت ڌرتيءَ جا سينگار هوندا،
    ڪڏهن جيٽ گهمندا،
    ڪڏهن محل اڏبا،
    مگر مان نه هوندس.
    اُتي منھنجي مِٽي،
    مِٽيءَ منجهه هوندي.
    تصور ۾ امڪان سارا ڏسي وٺ،
    وري ڪڏهن موٽي نه ايندي زندگي.
    هونديون محفلون ۽ ميلا ته هوندا،
    مگر مان نه هوندس،
    اُتي منھنجي مِٽي،
    مِٽيءَ منجهه هوندي.
    درياهن ۾ ساڳي ته هوندي رواني،
    هونديون ساڳيون ٻيڙيون،
    ۽ ملاح ساڳيا،
    ساڳي سِيرَ هوندي، مٿان ناؤ ُ هلندي،
    تيئن تيز هلندي،
    جيئن واءُ گُهلندي،
    هوندا ڪُنَ ساڳيا،
    ۽ ساڳيا ڪنارا،
    مگر مان نه هوندس،
    اُتي منھنجي مِٽي،
    مِٽيءَ منجهه هوندي.
    سمونڊن ۾ ساڳيا،
    ڇولين جا سٽڪا،
    هوندي هڪٻئي جي مٿان ليٽ پيٽ،
    هِتي ڪيئي سياسي، سماجي نظام،
    هِتي ڪيئي مٽبا معاشي نظام.
    تغير ۽ تحرڪ نه رڪندو ڪڏهن،
    کڻي ڇا به ٿئي پر،
    اهو سلسلو جاري ۽ ساري پيو رهندو،
    نظريا، فڪر، خيال، فلسفا،
    هڪڙا پيا ڊهندا، پيا ٺھندا ٻـيا،
    مگر مان نه هوندس،
    اُتي منھنجي مِٽي،
    مِٽيءَ منجهه هوندي.
    زماني سان ساڳي،
    هوندي شڪوه شڪايت،
    وفائن جي، جفائن جي،
    ادائن جي، انائن جي،
    ائين اڳ به ٿيو آ ۽ ٿيندو ئي رهندو،
    ڪئي ”حال“ کان پئي، آ هر ڪنھن شڪايت،
    ماضيءَ جي يادن ۾ خود کي وڃائي،
    ائين ”حال“ کان هو فراريت ڪري ٿو،
    ۽ ماضيءَ ۾ ڳولي ٿو پنھنجي پناهه.
    مگر ايئن نه آهي،
    تريءَ هيٺان سج کي لڪائي نه سگهبو،
    مگر مان نه هوندس،
    اُتي منھنجي مِٽي،
    مِٽيءَ منجهه هوندي.
    ڪڏهن ڪجهه نه هوندو، رڳو رُڃَ هوندي،
    ڪڏهن مال چرندو، چراگاهه هوندا،
    ڪڏهن ڪو ڊپارٽمينٽل اسٽور هوندو،
    ماڻهن جي رَشِ ۽ گاڏين جون قطارون،
    ڪڏهن روڊ شاهيءَ تي ٽريفڪ جي ڌوم،
    مگر مان نه هوندس،
    اتي منھنجي مِٽي،
    مِٽيءَ منجهه هوندي.
    ڪڏهن پيار جي هت پالوٽ ٿيندي،
    ڪڏهن هارَ ٻانهون،
    ڳچيءَ منجهه هونديون،
    ڪڏهن عشق سرِعام قتلام ٿيندو.
    ڪڏهن ذلف ڪارا،
    هوندا مُک تي وکريل،
    ڪڏهن ڳاڙهيون ڌارون،
    هونديون ڳلن تي،
    مگر مان نه هوندس،
    اُتي منھنجي مِٽي،
    مِٽيءَ منجهه هوندي.
    ڪڻڪن ۾ ساڳيا آنڀو هوندا،
    ٻيرين ۾ ڀي ڌوڻا هوندا،
    نينگر هيٺان ٻير ميڙيندا،
    ٻُورُ انبن ۾ ساڳيو هوندو،
    سنھڙين سنھڙين بوندن ۾،
    ننڍڙا ٻالڪ ٻاهر نڪري،
    ڊوڙون ڏيندا،
    پاڻ ڀِڄائي خوش پيا ٿيندا،
    مگر مان نه هوندس،
    اُتي منھنجي مِٽي،
    مٽيءَ منجهه هوندي.

    **

    ” فطري ڇِڪَ “

    محبت کان نفرت،
    نفرت کان محبت،
    جدا ڪين ٿي ٿئي.
    اهي هڪٻئي کي ڌڪينديون رهن ٿيون،
    اهي هڪٻئي کي ڇڪينديون رهن ٿيون.
    ازل کان انھن جو رشتو اٽوٽ آهي،
    اهي هڪٻئي کان ڇڄي ڪونه سگهندا.
    اهي هڪٻئي جا مخالف به آهن،
    اهي هڪٻئي سان موافق به آهن.
    انھيءَ ڇِڪَ ڇِڪان ۾ جا شڪتي هجي ٿي،
    انھيءَ ڏانھن انسان ڇڪجي وڃي ٿو.
    حقيقت جو دستور آهي اٽل،
    ڪو سمجهي نه سمجهي، سروڪار ناهي.


    **


    برلن جي ديوار ٽٽي پئي،
    سالن کان وڇڙيل جرمني،
    هڪ ٿي وئي.
    اچ ته تون ۽ مان به هڪ ٿي وڃون،
    ريتن جي ديوار کي ٽوڙي.

    **
    ڇَتي واري ڊيگهه ڪجي ڇو،
    بس ڳالهه ڪجي ڪا مقصد واري،
    اڄ انٽرنيٽ جو دور آ،
    ڊگهين ڳالهين جو، وقت ڪٿي آ.

    **
    ڪير ٿو توکي جهلي ڪاپي نه ڪر!
    لاسٽ چوائيس تي،
    ماستر بڻجي،
    هيڏي وڏي ساگر ۾،
    قوم جي ٻيڙي هلائجانءِ!!


    **
    جيڪي تو پاڻ پاليا هِن،
    سي ئي هاڻي ڳل پيا ٿئي،
    جان ڇڏاءِ ته،
    مڙس مڃانءِ!

    **


    هُو ته ڏِسُ،
    هُو ڪاڙهي ۾ يا پاري ۾،
    پاڻيءَ جي واري تي،
    ڪھاڙيون اُڀيون ڪري ٿو،
    رَتُ وَهائي ٿو.
    جان جي بازي لڳائي ٿو،
    پاڻيءَ جي آواندي تي،
    نانگن جا هُو ڏنگ جهلي ٿو،
    ٻالڪ گهر ۾ ڦٿڪي ٿو،
    پوءِ به هُن کي پوک جي چنتا ستائي ٿي.
    سونا سنگ اپائي ٿو،
    اَنَ ڪڻن تي ساهُه ڏئي ٿو.
    پوءِ به هُن جو ڏيل ڏکايل،
    انگ اگهاڙو، پيٽ بکايل،
    پوءِ به هُن ۾ سونھن پئي بَکي،
    سرهاڻ پئي اچي.
    ماڻهو هُن لاءِ هيئن چون ٿا،
    هِن جي مقدر ۾ بس ائين ئي لکيل آ.
    ۽ هُتي هوڏانھن ڏِسُ،
    عياشيون آسائشون،
    نازڪ بدن.
    ڏاٽو ۽ ڪوڏر جن ڏٺا ئي ناهن،
    لُڪون ۽ جهولا سَٺا ئي ناهن،
    هر وقت هو اي سيءَ منجهه رهي ٿو،
    رت ۽ ست پورهيت جي تي، محل اڏي ٿو،
    پوءِ به هُن لاءِ هيئن چون ٿا،
    هِن جي قسمت ۾ ائين لکيل آ.
    پنھنجي ڀاڳ مان کائي ٿو.
    هي ڪھڙو سماج آ!؟
    هي ڪھڙو رواج آ!!؟

    **

    ڪڻڪ جا آنڀو،
    ٻير به ڳاڙها،
    بھار جي جوڀن جي مند،
    هڪ تون هجين،
    ٻيو مان هجان
    ۽ بس.
      
    **
    عيد جو ڏينھن،
    لٽا ليڙون، اکيون ڏرا،
    ايئن لڳو ڄڻ،
    نديءَ جو پاڻي سُڪي ويو آ.

    **
    اڄ هُو ڪاوڙ ۾،
    ڳاڙهو ٿي ويو،
    ڇو جو،
    هُن جي بُوٽ تي،
    آڱرين جو،
    نشان نه ٺھيو.

    **

    ”ECG“
    دل جي ڌڙڪن وڌي وئي،
    ڊاڪٽر چيو شايد،
    هارٽ اٽيڪ ٿيو اٿئي،
    ECG ڪرايم،
    ان ۾ تصوير، تنھنجي نظر آئي.

    **


    آخري پنو


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 467
    ڪتابن جو مشاهدو: 397313
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 160522
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ