ڪتاب جو نالو: جيئڻ جنين ڪاڻ
مصنف: اقبال بلوچ
ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 23 جنوري 2017 ع
پڙهيو ويو: 789 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 358 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”جيئڻ جنين ڪاڻ“ ليکڪ ۽ شاعر اقبال بلوچ جي ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو آهي. ساجد سنڌي لکي ٿو:
”سڄاڻ شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نويس اقبال بلوچ پنهنجي وس آهر وقت بوقت ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکيون آهن جيڪي مختلف رسالن ۽ اخبارن جون زينت پڻ بڻيون آهن، هن جي لکڻ جو اسلوب منفرد ۽ نرالو به آهي هو ڪهاڻين جي روايتي تقاضائن کان هٽي ڪري پنهنجي هڪ منفرد انداز سان داخلي ۽ خارجي واقعن کي ڪهاڻين ۽ افسانن جو روپ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
اقبال بلوچ جي هن ڪتاب ۾ جتي معاشري جي منفي پهلوئن کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، اتي سندس داخلي ڪيفيتن جي اُپٽار جا به عڪس جهلڪندي نظر اچن ٿا، سندس ڪهاڻيون پڙهندي ايئن محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ ذڪر ڪيل واقعا ۽ قصا سندس ذات سان لاڳاپيل هجن، ائين کڻي چئجي ته سندس ڪهاڻيون اقبال بلوچ جي آتم ڪٿا جا ڪجهه پاسا آهن جن کي هو اڃا به سهڻي انداز ۾ بيان ڪرڻ جي ڀرپور سگهه رکي ٿو.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپنا
  • اداري پاران
  • مهاڳ : سونهن سچ سنسار ۽ پيار
  • راءِ : مٺل جسڪاڻي
  • اقبال بلوچ تلهار جو قابل فخر فرزند
  • پنهنجي طرفان : منهنجو هي ٽيون ڪتاب (جيئڻ جنين ڪاڻ)
  • ڪهاڻيون

  • اڌڙوٽ دوست
  • جهرمر جهرمر ڪهڪشان
  • اڌورا خواب
  • نماڻي جا نيڻ
  • پيار جي ورهاست
  • جيئڻ جنين ڪاڻ
  • ڪُلها ننڍا بار وڏا
  • سهڻي ۽ پارس
  • عظيم فنڪار
  • باجي
  • تسبيح مڻيادار
  • پهريون پيار
  • سون سستو ماني مهانگي
  • دفن ٿيل راز
  • ان باڪس ڪچهري
  • مري جيئاري ويو
  • پياري تنهنجي پريت
  • نينهن نڀايا جوين تون (سرائيڪي ڪهاڻي)
  • جهوري جنهن جندڙي
  • جي ترسي پوين ها
  • مــاڻـهو جـو ٻـچو
  • دعـائـون
  • آئون بيوه آئون غريب
  • DEATH CASE
  • ٽريفڪ چالان
  • شهر جي هڪ ڇوڪري
  • ويـــران حـويـلي
  • آخري پنا

  • سمبارا پبليڪيشن جا شايع ٿيل ڪتاب
  • آخري پنو

  • حق ۽ واسطا

    حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب نمبر (34)
    ڪتاب جو نالو: جيئڻ جنين ڪاڻ
    موضوع: ڪهاڻيون
    ليکڪ: اقبال بلوچ
    ڇاپو: نومبر 2016ع
    ڪمپوزنگ ۽ لي آئوٽ: شاهزيب ميمڻ/لطيف ڪُڙيو
    ٽائيٽل: عرفان ميمڻ
    ڇپيندڙ: سمبارا پبليڪيشن
    سيد آرڪيڊ آفيس نمبر 8 عبرت گهٽي گاڏي کاتو حيدرآباد

    ملهه: 200 روپيا

    JIAN JANEN KAAN
    (short stories)
    By: Iqbal Baloch
    Sambara Publication Hyderabad
    Cell: 03003513966-03163068979

    ڪتاب ملڻ جا هنڌ:
    ڀٽائي ڪتاب گهر حيدرآباد،. فڪشن هائوس حيدرآباد، ادبي بورڊ بڪ اسٽال تلڪ چاڙهي حيدرآباد، قليچ ڪتاب گهر سنڌ لينگويج اٿارٽي حيدرآباد، ڪنگ پن بڪ هائوس پريس ڪلب حيدرآباد، ڪامريڊ بڪ اسٽال ڄامشورو. رابيل ڪتاب گهر لاڙڪاڻو،
    مهراڻ ڪتاب گهر لاڙڪاڻو. وسيم ڪتاب گهر شڪارپور
    سنڌيڪا ڪتاب گهر سکر. تهذيب بڪ اسٽور خيرپور ميرس
    ٿر ڪتاب گهر مٺي. الفتح نيوز ايجنسي سکر.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (327) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”جيئڻ جنين ڪاڻ“ ليکڪ ۽ شاعر اقبال بلوچ جي ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو آهي. ساجد سنڌي لکي ٿو:
    ”سڄاڻ شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نويس اقبال بلوچ پنهنجي وس آهر وقت بوقت ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکيون آهن جيڪي مختلف رسالن ۽ اخبارن جون زينت پڻ بڻيون آهن، هن جي لکڻ جو اسلوب منفرد ۽ نرالو به آهي هو ڪهاڻين جي روايتي تقاضائن کان هٽي ڪري پنهنجي هڪ منفرد انداز سان داخلي ۽ خارجي واقعن کي ڪهاڻين ۽ افسانن جو روپ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
    اقبال بلوچ جي هن ڪتاب ۾ جتي معاشري جي منفي پهلوئن کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، اتي سندس داخلي ڪيفيتن جي اُپٽار جا به عڪس جهلڪندي نظر اچن ٿا، سندس ڪهاڻيون پڙهندي ايئن محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ ذڪر ڪيل واقعا ۽ قصا سندس ذات سان لاڳاپيل هجن، ائين کڻي چئجي ته سندس ڪهاڻيون اقبال بلوچ جي آتم ڪٿا جا ڪجهه پاسا آهن جن کي هو اڃا به سهڻي انداز ۾ بيان ڪرڻ جي ڀرپور سگهه رکي ٿو.“
    هي ڪتاب سمبارا پبليڪيشن پاران نومبر 2016ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري دوستن ۽ سمبارا پبليڪيشن جي سرواڻ ساجد سنڌيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي، ٿورا سائين اقبال بلوچ جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ارپنا

    بابا سائين جي نانءُ
    جنهن وٽ شاهوڪاري هوندي به اهو اسان کي غريب ڪري ويو

    پنهنجي جيون ساٿياڻي (زال) جي نانءُ
    جنهن منهنجي غربت واري وقت ۾ منهنجو ساٿ ڏيئي مونکي شاهوڪار ڪيو.

    ۽ پنهنجي پُٽ سرواڻ جي نانءُ
    جنهن منهنجي پيڙهي وڌائي آهي.


    اداري پاران

    موجوده دور جي سنڌي ادب ۾ خاص طور ڪهاڻين جي کوٽ شدت سان محسوس ڪئي پئي وڃي، توڻي جو ماضيءَ ۾لکيل سنڌ ادب جون شاهڪار ۽ شاندار ڪهاڻيون اڄ به پڙهندڙن جي ذهنن ۾ نقش ٿيل آهن جن کي بار بار پڙهندي به اڃ اجهامڻ جو نانءُ نٿي وٺي، اهو ئي سبب آهي جو انهن ڪهاڻيڪارن جو نانءُ اڄ به بهترين قلمڪارن ۾ شمار ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ موجوده دور ۾ پڻ ڪهاڻيڪار وت آهر ڪهاڻين کي نئين گهاڙيٽي سان لکڻ جي ڪوششن ۾ محو آهن، هو انهن ۾ ڪيترو ڪامياب ٿيا آهن اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو پر موجوده حالتن جي پٽاندڙ اسان کي پنهنجي پڙهندڙن جو هڪ وسيع حلقو هميشه اهو باور ڪرائيندو رهي ٿو ته انهيءَ کوٽ جي پورائيءَ لاءِ پاڻ ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي. سڄاڻ شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نويس اقبال بلوچ پنهنجي وس آهر وقت بوقت ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکيون آهن جيڪي مختلف رسالن ۽ اخبارن جون زينت پڻ بڻيون آهن، هن جي لکڻ جو اسلوب منفرد ۽ نرالو به آهي هو ڪهاڻين جي روايتي تقاضائن کان هٽي ڪري پنهنجي هڪ منفرد انداز سان داخلي ۽ خارجي واقعن کي ڪهاڻين ۽ افسانن جو روپ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
    اقبال بلوچ جي هن ڪتاب ۾ جتي معاشري جي منفي پهلوئن کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، اتي سندس داخلي ڪيفيتن جي اُپٽار جا به عڪس جهلڪندي نظر اچن ٿا، سندس ڪهاڻيون پڙهندي ايئن محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ ذڪر ڪيل واقعا ۽ قصا سندس ذات سان لاڳاپيل هجن، ائين کڻي چئجي ته سندس ڪهاڻيون اقبال بلوچ جي آتم ڪٿا جا ڪجهه پاسا آهن جن کي هو اڃا به سهڻي انداز ۾ بيان ڪرڻ جي ڀرپور سگهه رکي ٿو، ڪهاڻيڪار اقبال بلوچ جون ڪهاڻيون پڙهندڙن کي پاڻ سان گڏ وٺي هلڻ جي تقويت پڻ رکن ٿيون جيڪا هڪ ڪهاڻيڪار لاءِ نهايت مثبت سوچ طور نمايان ٿئي ٿي، ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سنڌي ادب جي واڌ ويجهه ۾ اقبال بلوچ جو ڪردار نهايت واکاڻ جوڳو آهي، سندس پهرين ٻن ڪتابن”سانول جا سور“ ۽ ”اي منهنجي شهر جي مٽي“ کانپوءِ سندس ڪهاڻين جو هي ٻيو مجموعو ”“ پڻ اڳ جيان پڙهندڙن جي دلين ۾ جڳهه والاريندو ۽ هو پنهنجي ڏات ۽ ڏانوَ آڌار اڃان به وڌيڪ قلمي پورهيو ڪتابن جي صورت ۾ سنڌي ادب کي ارپيندو رهندو. سمبارا پبليڪيشن پاران اقبال بلوچ جي هن ڪهاڻي ڪتاب جي اشاعت تي پڻ نهايت سرهائي محسوس ڪجي ٿي. اميد ته اڳ جيان هي رنگ به ضرور پسند ايندو.

    ساجد سنڌي
    سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
    03003513966


    مهاڳ : سونهن سچ سنسار ۽ پيار

    انساني ارتقائي تاريخ جي پنن تي واضح طور لکيل آهي ته انسان ذات ۾ اظهار جو شعور هن جي پيدا ٿيڻ سان ئي پيدا ٿيو ڇاڪاڻ ته انسان جڏهن هن دنيا ۾ پهريون ساهه کڻي ٿو ته هو روئڻ سان پنهنجي آمد جي پڪ ڏياري ٿو، اِهو روئڻ ئي هن جي صحيح صالم ۽ صحتمند هجڻ جي پهرين نشاني ليکجي ٿي ۽ پوءِ هو روئڻ سان گڏوگڏ ٽهڪ ڏيڻ سکي وٺي ٿو، ماءُ جو مَن موهه چهرو هُن جي مٺي آواز ۾ مٺي لوليءَ جا ٻول جڏهن سندس ڪنن ۾ ٻُرن ٿا ته هو هٿ پير هڻندي چپن تي مُرڪ آڻي ماءُ سان پيار جو اظهار ڪري ٿو، اِها مُرڪ جڏهن ٽهڪڙن جا ويس اوڍي وايو منڊل ۾ گونجي ٿي ته زندگي پنهنجي حسن جا پرتوا ڌرتيءَ تي ظاهر ڪندي نظر اچي ٿي، انهن ئي لولين جي ٻولن کي ڪنائي هو نه رڳو مهذهب ٿيو پر علم ادب ۾ به شاهوڪار ٿيو،
    ادب جي ڌرتيءَ تي پهريون فصل شعر جو پوکيو ويو جنهن جي ابتدائي صورت ماءُ جي لولي، ڳيچ سهرا ۽ لاڏا آهن، ڪو ڌاڻا ۽ ڪامن آهن، ڏهر ۽ ڏور آهن، درد جا گيت، خوشيءَ جا گيت ۽ پوءِ جيئن جيئن انساني شعور جو سج نروار ٿي ڌرتي کي روشن ڪرڻ لڳو ته هن شعر و شاعريءَ ۾ ته هزارين تجربا ڪيا پر هن پنهنجي ڏات جا موتي نثر جي ميدان تي به پکيڙڻ شروع ڪيا، لوڪ داستانن، مذهبي آکاڻين، سورمن جي قصن، جنن پرين جي ڪهاڻين ۽ ڪٿائن سان نثر نويسيءَ جي شروعات ڪئي، سنڌو ماٿري جي تهذيب به پنهنجي ارتقائي قدامت جي لحاظ کان ڏهه هزار سال پراڻي تهذيب ليکجي ٿي، هن ماٿري تي سرجندڙ تخليقي ادب به سينه به سينه ڀٽن ڀانن ۽ سگهڙن وٽان منتقلي جي عمل مان گذرندو رهيو ۽ اڳتي هلي باقاعده ادبي صنفون ڌار ڌار صورتون اختيار ڪري اسان آڏو اچي ويون، سنڌي ڪهاڻي جي ابتدائي صورت به عشقه داستانن ديوين ۽ ديوتائن راجا ماه راجا جي دورن، سورمن ۽ سورمين جي ڪٿائن جي صورت ۾ ملي ٿي، هر دؤر جي ڏات ڌڻين پنهنجي ڏات ۽ تخليقي پورهئي سان پنهنجا پنهنجا نوان گهٽ ۽ گس ڳولهي لڌا، هر هڪ تخليقڪار پنهنجي پنهنجي اصلوب سان پنهنجي ڌار سڃاڻپ جوڙيندو رهيو، جيئن ته اها هڪ واضح حقيقت آهي ته ليکڪ سماج جو عڪاس ۽ تاريخدان هوندو آهي ته معلم ۽ مبلغ به هوندو آهي، هو پنهنجي قلم جي اک سان ماضي حال ۽ مستقبل ۾ اُسرندڙ، وسرندڙ ۽ اُڀرندڙ لاڙن کي چٽي ريت ڏسي سگهندو آهي، هن وٽ سگهاري ڏات سان گڏ، ڌرتيءَ جا مڙوئي رنگ محنت ۽ محبت جي چُنيءَ تي چٽيل هوندا آهن، ڏات تي ڏانوَ ڄڻ سون تي سُهاڳو ۽ اُن سان گڏوگڏ حساس دل به رکندڙ هُجي سونهن، سچ ۽ سنڌ سان پيار ڪندڙ هُجي ته سندس ڏات ڏهوڻي ٿيو پوي، حساس دل قلمڪار پنهنجي ذات جي جنگ گهٽ پر سماج جي جنگ وڌيڪ وڙهندو آهي ۽ پوءِ پنهنجن پروان جا گهاءُ سهندو اڳتي وڌندو رهندو آهي، هو رڙهي رڙهي رڙهندو، وڙهي، وڙهي وڙهندو رهندو آهي، درد ۽ پيڙاءُ کي نت نئين ڀٽائي جي هن تخليقن جا ويس اوڍائي عام آڏو آڻيندو آهي، ”وڍيل ٿي وايون ڪري ڪُٺل ڪوڪاري“ ڀٽائي جي هن سٽ ۾ هڪ حساس دل جي پوري ترجماني ٿيل آهي، ماٺ مطالعو ڪندي فڪر ڦرهي هٿ ۾ ڪري سوچ ۽ سمجهه ۾ نت نوان گس ڳولهي لهي ٿو، هو پنهنجي درد کان وڌيڪ ڌرتيءَ جي درد کي محسوس ڪري ٿو، اهو ئي انسان حقيقي معنيٰ ۾ حساس هوندو آهي، پنهنجي وجود ۾ چونڊڙي ته هر ڪنهن کي تڪليف ڏيندي آهي ۽ هو اُن جي موٽ ۾ دانهون ڪوڪون ڪري ٿو، وڍيل جون دانهون ڪٺل جون ڪوڪارون بڻجي پنهنجي دفاع ۾ ويڙهه به ڪندو آهي پر ڌرتيءَ جي سيني تي لڳل گهاءُ اُنهن کي روئاڙيندا آهن جيڪي سچا ۽ حساس دل انسان هوندا آهن. اسان سڀني جي ڌرتي ماءُ سنڌ جنهن جي پيڙاءُ ڀٽائي کان سچل تائين، سچل کان استاد بخاري، تاجل بيوس ۽ شيخ اياز تائين، محمد خان مجيدي کان ابراهيم منشي تائين ۽ ڪهاڻي کيتر ۾ سنڌي ڪهاڻي جي بوجتي ابتدا ڪئي، لطف الله بدوي، شيخ اياز، محمد عثمان ڏيپلائي، شيخ ستار، الطاف حسين قادري، عبدالله عبد، رام پنجواڻي، گوبند مالهي ۽ سوڀو گيانچنداڻي جا نالا سرفهرست آهن، سوڀي گيانچنداڻي هڪ هنڌ تقرير ڪندي چيو هو ته 1940ع تائين اسان وٽ سنڌ اندر طبعذار ڪهاڻيون صرف پنج يا ڇهه کن لکيون ويون باقي سڀ ترجمو ڪيل ڪهاڻيون هيون، جن ۾ پاڻ سوڀي گيانچنداڻي جي ڪهاڻي جيڪا 1939- 1942 جي ڪهاڻي آکيري جو سفر جنهن ۾ ڏهه پنڌرنهن ڪردار آيل آهن هن ڪهاڻي ۾ ڪو به هيرو نه آهي، 1943- 1942 ڌاري نئين دنيا رسالي ۾ شايع ٿي.
    ڏهن سالن کان پوءِ سوڀي گيانچنداڻي سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي ۾ پنهنجي لکيل ڪهاڻي ڪڏهن بهار ايندو پيش ڪئي، هن ڪهاڻيءَ ۾ وچولي طبقي جا مسئلا بيان ڪيل هُئا، سنڌي ڪهاڻيءَ جي اوسر جي ڏس ۾ ڏسجي ته موضوع جي لحاظ کان اڄ به ڪهاڻي اُتي ئي بيٺي آهي، يعني سماجي وچولي طبقي جي مسئلن جي ارد گرد ڪهاڻي گهمي رهي آهي، وري اسان تاريخ جي دريءَ مان جهاتي پائي ڏسنداسين ته 1943ع ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ سنڌ سرڪل جو بنياد پئجي رهيو آهي، جنهن جوصدر ڊاڪٽر هوتچند مولچند گُر بخشاڻي آهي، پروفيسر رام پنجواڻي اُن جو چيئرمين مقرر ٿئي ٿو، اهي ٻئي سچا هڏ ڏوکي سنڌي ٻولي جا خادم پنهنجي تخليقي صلاحيتن سان سنڌي ٻوليءَ کي انيڪ تخليقون ۽ تحقيق جي صورت ۾ بي بها خزانو ڏين ٿا، 1947ع ۾ ورهاڱي جتي ڌرتيءَ کي ڳڀا ڳڀا ڪيو اُتي ڌرتي واسي به هڪ ٻي کي جُدائي جو سور ٿا ڏين هڪ وطن کان ٻي وطن روانا ٿيڻ لڳا، سنڌي ڪهاڻي جا سرموڙ ڪهاڻيڪار سنڌ کي خيرآباد چئي هند روانا ٿين ٿا تاريخ جي دريءَ جو هڪ تاڪ ٻيڪڙجي وڃي ٿو، جُدائي جا سور ناسور بڻجي پون ٿا، نئو خيز قلم تحرڪ ۾ اچن ٿا 1952ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو باقاعده بنياد پوي ٿو، لفاظي کي ڇڏي مقصديت جي سفر تي سنڌي ڪهاڻي جو نئون سفر شروع ٿئي ٿو، 1950ع کان 1960ع واري ڏهاڪي ۾ جيڪي ڪهاڻيڪار نکري نروار ٿين ٿا، تن ۾ جمال ابڙو، ڊاڪٽر اياز حسين قادري، شيخ حفيظ، ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل، ڊاڪٽر غلام علي الانا، سراج الحق ميمڻ، نجم عباسي، الطاف قادري، علي احمد بروهي، رشيد ڀٽي، محمد حسين ڪروڙ پتي، عبدالرزاق راز، ابن حيات پنهور، بشير مورياڻي، ڊاڪٽر عبدالجبار شام (جوڻيجو) عبدالحئي قريشي، حميد سنڌي، جمال رند، شمشير الحيدري، زيب ڀٽي، عثمان علي انصاري، غلام علي کوکر، علي محمد، ياسين قريشي، ذوالفقار راشدي، ع ق شيخ اڳين صف ۾ بيٺل نظر اچن ٿا، تاريخ جي دريءَ مان 1960ع ۽ 1970ع وارو ڏهاڪو لئاڪا پائي ٿو ته ڪيترن ئي ڪهاڻيڪارن جا نالا يادن جي اسڪرين تي نروار ٿي وڃن ٿا جن ۾ ڪهاڻي جي جرڪندڙ ستارن ۾ آغا سليم، نسيم کرل، امر جليل پنهنجي ڏات جي جهرمر جوتيءَ سان نه رڳو سنڌ پر هند ۽ ٻين ملڪن ۾ به سندن نالو جرڪڻ لڳو، سندن ڪهاڻين جا ٻين ٻولين ۾ ترجما ٿيڻ لڳا، سندن ئي دور ۾ بامقصد اخلاقي ڪهاڻي لکندڙ ڪهاڻيڪارن ۾ طارق اشرف، خواجه سليم، غلام رباني اگرو، فضل بچاڻي، غلام نبي مغل، نثار حُسيني، فدا حسين بلوچ، محمد بخش مجنون، فتح محمد قريشي، ظهور انصاري، شوڪت شورو، قمر الدين، مجذوب، داد سنڌي، غلام حسين شاد، عبدالقيوم صائب، عمر الدين بيدار، محسن ڪڪڙائي، سرور علي سرور، فتاح عابد، قاضي خادم، اسماعيل بن واصف، ناصر مورائي، بيدل ناز، گُلزار خواجه، قمر شهباز، نعيم دريشاڻي، محمد يوسف شاڪر، مُنير گوزائي، محمد دائود بلوچ، نظير انصاري، ماهتاب محبوب، ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ سرگرم رهيا، جميلا نرگس ڪهاڻيءَ جو سفر جاري رهيو ڪهاڻي پنهنجي اوج تي پهچڻ لڳي، انهيءَ اوج ۾ اڀرندڙ ستارن جي جوت ۾ جرڪندڙ ڪهاڻيڪارن جا نالا چٽا نظر اچي رهيا آهن، جن مان ڪيترائي اڄ تائين به ڪهاڻي جي لکڻ جي سفر کي جاري رکيو اچن پر ڪن کي ابدي سفر ڏانهن روانو به ٿيڻو پيو، پر اڪثريت حال حيات سلامت آهن، ڊاڪٽر غلام علي الانا محمد ابراهيم جويو، ماهتاب محبوب، حميد سنڌي جي نيڻن جي جوت پنهنجي دؤر جي اڀرندڙ ڪهاڻيڪارن کي وڌندي ويجهندي ٽمي ٿي، روح رهاڻ، سهڻي، نئون نياپو، نئين زندگي، مهراڻ سوجهرو، ڪينجهر، برسات، عبرت مئگزين ۽ بختاور جهڙن بهترين رسالن ۾ ڇپجندڙ ڪهاڻين ڪيترن نون ڪهاڻيڪارن جي نالن جا ڏيئا ٻاري ماضي ۽ حال جي آڳُر تي رکيا جن ۾ شاهڪار ڪهاڻين لکڻ ڪري شاندار ڪهاڻيڪارن جا نالن جو پرتئو ڪهاڻي جي چوئنري کي جرڪائڻ لڳو، خير النساءِ جعفري، بيدل مسرور، عبدالغفور عابد، نديم قاضي، يوسف جمالي، طارق صديقي، علي گل عباسي، بلاول پرديسي، نياز جلباڻي، الطاف شيخ، غالب لطيف، محمود يوسفاڻي، گل هالاڻي، امان الله ٻگهيو، شيخ عزيز ۽ سندس ڀيڻ زيڊ اي شيخ، ڪيهر شوڪت، رفيق سومرو، رزاق مهر، منير چانڊيو، حفيظ ڪنڀر، مُشتاق باگاڻي، سليم چنه، نذير شيخ، نظير ناز، زرينه بلوچ، فيروز احمد، نور گهلو، ممتاز عباسي، اسحاق انصاري، شبنم گُل، اشتياق آذر، سليم ڪورائي، مقبول ابڙو، فيض ٻگهيو، ماڪن شاهه رضوي، عابد لغاري، رشيد آخوند، مدد علي سنڌي، ابراهيم خشڪ، زيب سنڌي، نذير شورو، غلام حيدر، شاهه نواز ڀٽي، محمود مُغل، طارق عالم ابڙو، اياز عالم ابڙو، غلام حيدر حيدري، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، امان راهي، غلام نبي سڌايو، ثميره زرين، نورلاهديٰ شاهه، حفيظ ڪنڀر، اڪبر اديب، ارشد هالاڻي، پير مجيد راشدي، طارق قريشي، پٿر سنڌي، شوڪت راهي، راهي چنو، هدايت پريم، رهبر ڀٽي، محمد صالح شيخ، محمد يوسف شيخ، بادل جماڻي، شعبان وسطڙو، فاروق سولنگي، محبوب علي جوکيو، اياز کتري، سليم احمد کرل، غلام حسين رنگريز، شرجيل، ظفر عباسي، عبدالحق عالماڻي، رسول ميمڻ، نبي بخش کوسو، احسان سحر، ڪرم الاهي چنا، محمد يعقوب آريسر، غلام نبي آريسر، ارباب عبدالمالڪ، انيس، مجنون سنڌي، بدر ابڙو، اشفاق انصاري، ابراهيم سمون، مشتاق پٺاڻ، روش علي تنيو، فيصل ارسلان، عبدالقادر جوڻيجو، نورالهديٰ شاهه، تنوير جوڻيجو، خير النساءَ جعفري، سڪندر چانڊيو، غلام قادر جتوئي، زبيده ميتلو، تبسم عروج قاضي، نسرين جوڻيجو، عبدالواحد هاليپوٽو، مختيار جانوري، اختر جانوري، محمد موسيٰ، نجم ڦل، رشيده حجاب، جميله نرگس، ثريا ياسمين، گل ڪوندر، اخلاق انصاري، فقير محمد ڍول، موهن موهوڻو، يوسف سنڌي، اظهار سومرو، اقبال شيخ، اقبال بلوچ، ثريا ڀٽي، فريده آفتاب، نصير مرزا، شبنم گُل کوکر، ثريا ڀٽي، فريده، نذير ملڪاڻي، آفتاب جانو، ارشاد بيگم، مهر النساءَ، نيلم، نسيم ناز، رضيه سلطانه، اختر پروين، نذير سلطانه، ثمرين، نسرين سحر، شهرين، رضيه طارق، زاهده ناريجو، جميله پروين، ياسمين خواجه، عابده الطاف قادري، رضيه صديقي، ممتاز کوکر، سلطانه منور، شمشاد لاڙڪ، ممتاز زرين، نسيم ٿيٻو، بلقيس سيو، غزالا شاهين، زرين شورو، انيس ميمڻ، نور شاهين، خورشيد ميمڻ، نيلوفر جويو، پروين جبين، فرحانه زرين، عندليپ، روبينه جبين، ثريا سوز، سلمه صديق قاضي، رضيه کوکر، زاهده شيخ، سحر امداد، ليلا بانا، سيما، شهباز ڪوثر ميمڻ، فردوس سحر، مهر زرين بلوچ، جهان آرا سومرو، سيما عباسي، ثريا سنڌي، نسرين جوڻيجو، فهميده ميمڻ، حميده ميتلو، 1940 کان هلندڙ سنڌي ڪهاڻي جو سفر اڃان جاري آهي، موجوده دور جا سرموڙ ليکڪ جن ۾ ڪي ماضيءَ جا به ڪهاڻيڪار آهن جيڪي اڄ به ڪهاڻي تخليق ڪري رهيا آهن، ڪن وري شعرو ادب تنقيد ۽ تحقيق جو دڳ ورتو آهي ته ڪي وري ڊرامه نويسي ڏانهن ڪُڏي ڪاهي پيا آهن ته ڪن کي اڃان به ڪهاڻي جو اُلڪو آهي، اسان جي سنڌي ڪهاڻي ۾ حميد ابڙو ۽ ٻيا انيڪ نالا آهن جيڪي هاڻي جي دور ۾ باقاعده طرح آزمائي ڪري رهيا آهن، نون لکندڙن ۾ انيڪ نالا آهن جن جو تفصيل وري ڪنهن ٻي مضمون ۾ ڏبو هتي چند تون ڪهاڻيڪارن جو ذڪر ڪرڻ ضروري ٿي سمجهيان جن ۾ غلام محمد ڪنڀر، عنايت لغاري، صديق منگيون، رسول ميمڻ، منظور ڪوهيار، طارق خاصخيلي، مظهر ابڙو، امر لغاري، اختر حفيظ، ساجده چنا، حسين ڪانهيو، عزيز ڪنگراڻي، ايوب عمرائي، محمد حنيف نهڙيو، يار محمد چانڊيو، پرويز، ٻيا انيڪ ندا ڪهاڻيڪار سگهاري ڪهاڻي تخليق ڪنوا هجڻ ۽ پوءِ به اهي ڪهاڻي کيتر ۾ چئوٻول گونجن ته سنڌي ڪهاڻي مري چڪي آهي ته پوءِ مان سمجهان ٿي اِهو انهن سچن ڪهاڻيڪارن سان وير رکندڙ ٽولي جو شوشو آهي جنهن ۾ ڪا به حقيقت ناهي نوجوانن لاءِ انيس انصاري اڪيڊمي ڪهاڻي مقابلو ڪوٺائيندي آهي جتي سچائي سان سٺن ڪهاڻيڪارن جو قدر ٿئي، جتي جبران زيب شيخ جهڙا نوجوان سنڌي ڪهاڻين جو ترجمو ڪري سنڌي ڪهاڻي کي ٻين ٻولين جي اديبن جي پڙهڻ لاءِ راهون هموار ڪندا هجن، يوسف سنڌي ۽ نواز زئنور ترجمي ۽ تخليق ذريعي ڪهاڻي جي خدمت ڪن. اُتي ڪهاڻي مري نٿي سگهي، ڪهاڻي جي ساهه کڻندڙ دور جتي اسحاق سميجو سارنگا جهڙو جامع رسالو ڪڍي ڪهاڻي کي هٿي ڏي، جتي گل ڪونڌر جيڪو پاڻ سٺو ڪهاڻيڪار آهي، هن ادب رسالي جون سوين ڪڙيون ڪڍي ڪهاڻي کي هتي ڏئي جتي ناز سنائي جهڙا سُٺا پبلشر ڪهاڻين جا ڪتاب ڇپرائي مارڪيٽ ۾ آڻين، جتي موهن مدهوش جهڙا حساس دل سچا انسان ڪهاڻي جي مجموعي کي دل سان ڇاپين، جتي روشني جهڙا روشن ادارا هجن اُتي ڪهاڻي ڪيئنءَ مرندي!!؟ هاڻ اچو ته اوهان کي هن ڪهاڻي جي مجموعي جي ليکڪ اقبال بلوچ سان ملرايان.
    جنم-ڊسمبر جي تڌڙين مٺين شامَن ۽ شبنمي صبوحن جي نرم گُذار گورک جي هوائن ڀريل رُدَ ۾ پهرين تاريخ اڻويهه سو ڇاونجاهه ۾ جنم وٺي ٿو، (1956/12/01ع) جڏهن مون هُن کان پڇيو ته سڪون ڇا ۾ آهي ته مرڪي چيائين پيار ۾ پيار به ڪنهن سان ڏکويل انسانن سان جنهن کي سياست منافقت لڳندي آهي، سياسي ليڊر ڦُريندڙ ۽ لٽيندڙ لڳندا هجن جن جي مانگر مڇ ڳوڙهن کي هن جون تيز نگاهون چڱي طرح ڏسي سگهن ٿيون، اقبال بلوچ هن موجوده دور جي ادب مان مايوس ناهي، هو چوي ٿو ته ادب جي هر هڪ کيتر ۾ نوان لکندڙ تمام سٺو لکي رهيا آهن، اقبال پنهنجي دل جي باءِ پاس واري آپريشن کي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو واقعو سمجهي ٿو، يونين ڪائونسل ۾ سيڪريٽري، شگر ۾ ڪلارڪي کانپوءِ جيون جا 40 سال خزاني آفيس حيدرآباد کي ارپيندڙ اقبال بلوچ کي فڪر جي ڦرجي هٿ ۾ ڏئي ڏات ڪجهه لکڻ لاءِ چوي ٿي پر وري به منهنجي سوال جو جواب ڏيندي اقبال چوي ٿو: مون کي اتساهه ڏيندڙ پهريون ۽ مسلسل ساٿي منهنجو پنهنجو وڏو ڀاءُ ناصر بلوچ آهي، اقبال بلوچ جي پهرين ڪهاڻي لڙڪ ۽ سڏڪا مارچ 1976ع ۾ ڇپي، نثر نويسن ۾ امر جليل ۽ خليل جبران ۽ نور الهديٰ شاهه کان متاثر ٿيندڙ هي ڪهاڻيڪار پنهنجي ڪهاڻين ۾ معاشري جا سچا پچا نج نبار ڪردار کڻي ٿو ۽ جيئن جو تيئن لکي ٿو، نشي آور هر لعنت کان نفرت ڪندڙ اقبال بلوچ ميون ۾ انگور پسند ڪري ٿو پر انگور جو پڪل رس پسند نٿو ڪري، سڄي دنيا گهمڻ جي خواهش رکندڙ پوري سنڌ به گهُمي نه سگهيو آهي، هن ليکڪ کي مڇي ۽ پلو بي حد پسند آهي، هن جي ويجهو انسانيت سڀ کان اعليٰ جذبو آهي، ان ڪري هو عبدالستار ايڌي جي شخصيت ۽ سندس انسانيت جي خدمت واري جذبي تحت کيس بي انتها پسند ڪري ٿو کيس سرمد سنڌي، امجد صابري ۽ ڪهاڻي کيتر جي وڏي نالي علي بابا جي مرتئي تي بي انتها ڏک آهي ۽ وري سندس ئي ننڍي ڀاءُ اسلم بلوچ جي اوچتي لاڏاڻي هن کي جهوري وڌو آهي، هڪ ڀاءُ ڊاڪٽر ظفر حسن جي وڇوڙي جا ڦٽ به اڃان چڪيل آهن، ته هي ٻيو ڌڪ، لڙڪ آهن جو هن جي وشال غزالي اکين ۾ اٽڪي پيا آهن سڏڪا خاموشيءَ ۾ نوحا خوان آهن، اُهون مرثيه پڙهي رهيون آهن، اقبال بلوچ خوش لباس خوشگوار، خوش اخلاق دوستن جو دوست آهي، هو پنهنجي لکڻين ۾ به پنهنجي شخصيت جيان ئي لڳي ٿو هو چوي ٿو جيئن هو ڏسي ٿو محسوس ڪري ٿو تيئن جو تيئن هو انهي واقعي کي ڪهاڻي جو روپ ڏي ٿو، اُن ڪري مون کي سندس کوڙ ڪهاڻيون سچيون ڪهاڻيون لڳنديون آهن، سندس ابا ڏاڏا تلهار جا ئي آهن، پنهنجي شهر تلهار سان پيار ڪندڙ اقبال کي اڇو امن جو رنگ بي حد پسند آهي، گُلن ۾ گلابن کي چونڊي ٿو ۽ خوشبوءَ به گُلاب واري لڳائي ٿو، سميع بلوچ جي شاعري ”تنهنجي ياد جي وري آ وير لڳي رهي آ ٿڌڙي هير“ کي بيحد پسند ڪري ٿو، هُن کي هي ڪلام پنهنجي ماضيءَ ۾ پنهنجي سانوري سلوني محبوبه جيڪا هُن جو ٻالڪپڻي جو پيار آهي اُن سان ملائي ٿو، هو پنهنجي محبت کي پنهنجي هر ڪهاڻي، هر شعر ۾ ساري ٿو، ٻالڪپڻ ۾ ٻنجري تي ويهي قرب ڪچهريون ڪرڻ، ڄار مان پيرون پٽي کائڻ، ٻير ڌوئي ٻير کائڻ، هڪ ئي ڪلاس ۾ ويهي الف انب بي بلا جو سبق پڙهي ٿو ۽ جو ٿو ٿڌڙا مينهن وسائي تي جهول جهلي ڪارڙو ڪنڀارڙو ڳائي سانوڻ کي سرچائي اُن سانوريءَ سان گڏ اُنهن انهن ان ڪڻن جا ڪُهر ورهائي ٿو.
    ننڍپڻ ۾ پڙهائي جو خرچ نه هجڻ جي صورت ۾ چڻن جو ٿالهه مٿي تي رکي تلهار شهر جي مختلف پاڙن ۾ وڃي چڻا کپائي ٿو، پنهنجي وَني ۽ پنهنجي پُٽ سرواڻ سان بي انتها پيار ڪري ٿو، آفيس جا ڪيترائي ساٿي، سندس ويجهن دوستن جيان آهن، وڏن توڙي ننڍن سان مُرڪي ملندڙ اقبال بلوچ سان منهنجو ۽ سائين نثار جو سڪ ۽ سڳنڌ پيار جو اهڙو انيڪ رشتو جُڙيل آهي جو ساهن جي ڏور ٽٽڻ ۽ ان کان پوءِ به ڏينهن قيامت تائين جُڙيل رهندو، سچل جون ڪافيون، ڀٽائي جا بيت هو پنهنجي پياري دوست آغا ثناالله کان ڏاڍي چاهه سان ٻڌندو آهي، اقبال بلوچ جي هن ڪهاڻين جي مجموعي 206 ڪهاڻيون شامل آهن، هِن جديد دور جي گهرجن پٽاندڙ اقبال به ڪهاڻين کي مختصر ڪري اجائي پٽاڙ کان پري رکندي مقصديت واري محور ۾ رهيو آهي، ڪهاڻي جي ڏانوَ لاءِ موضوع، منظر نگاري بياني اندازي، ڪردار نگاري ۽ سڀ کان اهم جُز تجُسس جو هجڻ تمام ضروري آهي، ٻوليءَ جون حُسناڪيون به ڪهاڻي کي حسين ۽ منفرد بڻائين ٿيون، ڪهاڻي پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ کڻي هلي ۽ آخري لفظ تائين ڪهاڻيءَ سان سلهاڙيل رهي، اِهو ڳڻ اعليٰ پاءِ جي ڪهاڻي کي جنم ڏي ٿو، اقبال بلوچ جي ڪهاڻين ۾ هڪ ڪامياب ڪهاڻيءَ جا مڙوئي ڳڻ موجود آهن، ٺيڪ آهي هو اجائي منظر نگاري ۽ ٻوليءَ جي اجائي پٽاڙ کان پنهنجي ڪهاڻي کي بچائي رکيو آهي، سندس ڪهاڻين ۾ تجسس وارو جز ايترو ته سگهارو آهي جو پڙهندڙ ڪهاڻي جي پهرين سٽ کان آخري لفظ تائين ڪهاڻيءَ سان سلهاڙيل رهي ٿو، اقبال جي سڀني ڪهاڻين جو ڪلاسيڪل هجڻ جو وڏو ثبوت انهن ڪهاڻين ۾ سماجي مسئلن تي بحس ٿيل آهي ۽ انهن ۾ ليکڪ جي راءِ ۽ ڪردارن سان پيش ايندڙ واقعا چٽاپسي سگهجن ٿا، ائين ٿو لڳي ڄڻ اقبال جي قلم ۾ ڪا پين ڪيمرا لڳل آهي ۽ هو سماج جي اولڙن ۽ عڪس کي قلم بند ڪندو ٿو وڃي، انداز سادو، سچو ۽ ڪهاڻين ۾ سچائي جي خوشبو اچڻ به ليکڪ کي ماڻهن جي دلين جي ويجهو ڪري ٿي. جيئن هِن ڪهاڻي ”ادَڙوٽ دوست“ ۾ هڪ اهڙو احساس چٽيو آهي جيڪو سماج جي هر ماڻهو جي اندر واسو ڪي رهي ٿو، اڪيلائي جي احساس کي هو ڪيئنءَ ٿو ونڊي ۽ ڪيئنءَ ٿو هڪ بي وقتي عمل کي وقتائتو هجڻ جي مهر لڳائي ٿو، سندس هِن ڪهاڻي جي هڪ سٽ ايڏي لاجواب آهي جيڪا کيس هڪ ڪامياب ڪهاڻيڪار هجڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏئي رهي آهي.
    ”هُن ٻي شادي ڪئي ته ٻار ننڍا هئا.
    ۽ هُن ٽين شادي ڪئي ته ٻار وڏا ٿي ويا هئا.
    مون کي ڄڻ هُن لاجواب ڪري ڇڏيو.
    اقبال جي هِن انداز سان سماج جو ايڏو وڏو مسئلو نبري ويو جيڪو هر ڪنهن کي مجبور جيون گهارڻ تي مجبور ڪيو بيٺو هو ۽ ڪو به بغاوت ڪري پنهنجي جيون لاءِ ڪا وٿي ڳولي لهڻ جي جرئت نه پي ڪري سگهيو، پر اقبال جي هن ڪهاڻي ۾ هن پنهنجي دوست ڪردار کان اِها جرئت ڪرائي هڪ سماجي مسئلو حل ڪري ورتو، اِهو ئي سماجي مسئلو ماڻهن لاءِ رياضيءَ جو اهڙو ته نه سُلجهندڙ ٿيندڙ سوال آهي جنهن کي ڪو به آسانيءَ سان نٿو سُلجهائي سگهي.
    ”جهرمِر جهرمِر ڪهڪشان“ اهڙي پس منظر جو عڪس چٽيندڙ ڪهاڻي آهي جنهن ۾ هِن ماڻهن جي چهرن تي چڙهيل منافقت جا ماسڪ لاهي ڦٽا ڪيا آهن، ڪوڙ ۽ ڌوڪي جي تسلسل کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ هن سماج ۾ ٿيندڙ اهڙن نمائن جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ درد ۽ پيڙاءُ کي ماگر مڇ ڳوڙهن جي ڄار ۾ ڦاسائي ڪيش ڪرايو ويندو آهي، شهرت ۽ دولت ڪمائي ويندي آهي، اقبال نهايت شائسته انداز ۾ بيان ڪري سماج کي ڌوڪو ڏيندڙ ناٽڪي ڪردارن کي عام آڏو آندو آهي، اقبال هت ڀٽائي واري هن فلسفي کي چٽو ڪيو آهي ته:
    پٽڻ واريون پڌريون
    ٻيون هون ئي هٿ هڻن.
    جيجل ماءُ اسپتال سامهون جهڳين ۾ ويٺل پنندڙ ۽ خيرات گهرندڙ عورتن ۽ انهن جي معصوم ٻارڙن تي نظر ئي پيم معصوم ٻارڙن جي کير لاءِ مائرن جي ٿڃ سُڪل آهن انهن جا ٻار ڪچرن ۽ ڪن جي ڍير مان برگرن جا بچل اُڇلايل ٽُڪر ۽ مانيون ڳولي ڳولي کائي رهيا هئا، اڄ به ڪيتريون ئي ناريون ڪاريون ڪري ماريون ويون پر اهي ناٽڪي ڌنڌوڙي بيگمات فيشني نمائشي دانشوري جي دز کان به پري ميڪ اپ جا لپوڙا لڳائي وڏيون وڏيون تقريرون ڪري ٺڳيءَ جا شعر پڙهي واه واه ڪرائي غريبن سان ڀوڳ ڪندي وڃي ايئرڪنڊيشن ڪمرن ۾ آرامي ٿيون آهن، سچ ته اقبال جي هِن ڪهاڻي تي جيترو لکجي گهٽ آهي ڇاڪاڻ ته اسان جي سماج سان جيڪو تماشو ٿي رهيو آهي ليکڪ هِن ڪهاڻيءَ ۾ اڻ کي چٽي ريت چٽڻ ۾ ڪامياب ويو آهي.
    ڪهاڻي اڌورا خواب ليکڪ جي اندر جا اولڙا پسائي ٿي.
    وري ”نماڻيءَ جا نيڻ“ هڪ شفيق پيءُ جي جزبن رشتن جي پاڪائي ۽ سچائيءَ سان ڄڻ ته هر گهر جي نياڻي جي سچي ڪهاڻي هن ڪهاڻي ۾ بيان ڪئي آهي.
    پيار جي ورهاست به سماج جو هڪ اهڙو مسئلو آهي، جنهن جي نفاست ۽ نزاڪت کي سمجهڻ احساسن ۽ جذبن جي ڪٿ ڪرڻ کانپوءِ ڪردارن کان فيصلو ڪرائڻ جو ڏانوَ ڪو اقبال کان سکي.
    ”جيئڻ جنين ڪاڻ“ هڪ شاهڪار رومانس تي مبني ڪهاڻي آهي، جنهن جا ڪردار اڪبر ۽ پرڀات هڪٻئي سان بي انتها پيار ڪن ٿا ۽ روايتي رشتن جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي هڪٻئي کان جدا ٿيندڙ محبتون حساس دلين جي ترجماني ڪندڙ هن ڪهاڻي جو انداز ۽ بيان نهايت سگهارو تشبيهن ۽ استعارن، پهاڪن ۽ چوڻين کي ورجائي ٻولي جي حسن کي نکاريو ويو آهي.
    ”ڪُلها ننڍا بار وڏا“ به هڪ سماجي ٻرندڙ مسئلي جيڪو معاشي حصول تي مبني آهي، هڪ وچولي طبقي جو ماڻهو ڪيئن ٿو محنت ڪري ۽ محنت سان پنهنجو جائز سماجي مقام حاصل ڪري.
    ”سُهڻي ۽ پارس“ به هڪ شاهڪار ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ هن وقت جي وڏي سماجي بي راه روي تان پڙدو کڻي اُن جو حل به ڏسيو ويو آهي ۽ هي هر گهر جي ڪهاڻي جو عڪس چٽيندڙ ڪامياب ڪهاڻي آهي.
    ”باجي“، سچ ته هِن ڪهاڻي کي پڙهندي منهنجي نيڻن مان ڳوڙها بوندون ڪري وهڻ لڳا، هِن ڪهاڻي ۾ ماءُ جي درد ڪٿا ۽ رشتن جي بي حسي ۽ سماجي رسمن ۽ کي چٽيو ويو آهي.”تسبيهه مڻيادار“ به سماج ۾ رشوت جي ناسور کي ته وائکو ڪري ٿي پر هِن ڪهاڻي جو اصل مقصد انسان جي اندر منافقي وائکي ٿيل آهي، جنهن جي انتها اِها جو هُن انساننن کي لٽي الله کي راضي ڪرڻ ڪاڻ پئسا گڏ ڪري عمري لاءِ تياري ڪندڙ راشي منافقن کي وائکو ڪيو آهي.
    پهريون پيار نالي ۾ ته رومانس جا پاڇا پسائي ٿي پر حقيقت ۾ سماج جي هڪ ٻي ناسور کي وائکو ڪري ٿي جيڪو قبضه مافيا سان تعلق رکي ٿو، پر اُن جو پورو محور ۽ مرڪز عورت مرد جي ويجهڙائپ سان پيدا ٿيندڙ جذبن جي ارد گرد گهمي ٿو ليکڪ سچائي سان اُهو سڀ ڪجهه قبول ڪيو ۽ پنهنجي اصلاح پاڻ به ڪندي نظر اچي ٿو.
    ”سون سستو ماني مهانگي“، ”دفن ٿيل راز“، ”ان باڪس ڪچهري“، ”مري جيئاري ويو“، ”پياري تنهنجي پريت“، ”جهوري جنهن جندڙي“، ”جي ترسي پوين ها“.
    ”ماڻهو جو ٻچو“، ”آئون بيوه آئون غريب“ ”Death case“، ”ٽريفڪ چالان“، هڪ حقيقت، هڪ افسانو، منهنجي جي هڪ ڇوڪري انهن مڙني، ڪهاڻين ۾ اقبال جو پنهنجو ڏانوَ آهي اُن ڏانوَ ۾ سادگي ضرور آهي پر سچائي عروج تي آهي، هُن جي سرائيڪي ڪهاڻي ”نيهن نڀايا جيوين تون“ به ڪمال ڪهاڻي آهي.
    منهنجي نظر ۾ هي هڪ ڪامياب ڪهاڻين جو مجموعو آهي جنهن ۾ پنهنجي دور جي تاريخ به لکيل آهي ته معاشري جي حقيقي ڪردارن جي عملي چرپر به ليکڪ جي قلم جي اک سان چٽي ريت پسي سگهجي ٿو، وڌيڪ اوهان پڙهندڙن تي ڇڏيون ٿا ۽ اقبال بلوچ لاءِ اِها دعا ته شال سندس ڏات ڏهوڻي ٿي ۽ هو ائين شعر ۽ ڪهاڻي لکندو رهي، اقبال جنهن کي اسان سدائين لا بقا سڏيندا ۽ لکندا آهيون ۽ پوءِ اقبال به پاڻ کي ائين ئي لکندو آهي ته دوست ڇرڪي پڇندا آهن ته لابقا ڪير آهي، ها لابقا سڏائيندڙ ئي بقا ماڻيندا آهن، شال سرواڻ اقبال جي خاندان کي وڌائي ۽ ڏات جي تسلسل کي به جاري رکي، اقبال پنهنجي سرواڻ جا ٻار ڏسي سڀني دردن کي وساري ڇڏي، ها اقبال منهنجي سنڌ جي مارن جيان توکي به پنهنجي وڃايل مُرڪ خوشي پيار ۽ سنسار موٽي ملڻو آهي، سرواڻ، سرواڻ جي ماءُ سرواڻ جي اولاد جي روپ ۾ جُڙيو هجين سدا وسين.


    زيب نظاماڻي/ حيدرآباد
    2016/08/08


    راءِ : مٺل جسڪاڻي

    هر ماڻهو پنهنجي طبيعت جو ٿئي ٿو، هر ليکڪ ٻئي کان مختلف هوندو آهي. اقبال بلوچ طبيعت جي لحاظ کان به مون ٻين کان گهڻو مختلف ڏٺو، محسوس ڪيو آهي، ۽ ليکڪ جي حيثيت ۾ پڻ ٻين ليکڪن کان هي گهڻو مختلف آهي.
    اقبال جون مختلف لکڻيون ۽ سندس پهريون شعري مجموعو توڙي پهريون ڪهاڻين جو مجموعو به مون پڙهيو آهي. هن جي لکڻين ۾ ڪو به ميڪ اپ شيڪ اپ نه هوندو آهي. جهڙو پاڻ صاف سٿرو ۽ سادو آهي، اهڙي صاف سٿري ۽ سادي ٻولي ۾، جيڪي هن جي آسپاس جون، عام معمول جون ڪهاڻيون آهن، اهي لکي ٿو.
    هن وقت مون وٽ سندس ٽيون ڪتاب، جيڪو ڪهاڻين جو مجموعو آهي ۽ ڇپائي لاءِ تيار آهي، اهو پڙهڻ ۽ پنهنجي راءِ ڏيڻ لاءِ پهتل آهي. سندس ڪهاڻيون ڳوٺاڻن يا اهڙين شهرين جون آهن، جيڪي ڳوٺن مان لڏي اچي شهر ۾ رهڻ لڳا آهن. ڪي ڪهاڻيون پيار ڪهاڻيون آهن، ته ڪن ۾ عام سماجي مسئلا، مشڪلاتون، موجهارا، گهريلو اختلاف، جهيڙا جهڳڙا به آهن ته ڪي ٻيا عام معمول جا پر اهڙا موضوع به آهن، جيڪي بلڪل نوان آهن. ڪهاڻين ۾ ڪٿي منظر نگاري به آهي ته ڪٿي گفتگو به آهي. ڪنهن ڪهاڻي ۾ تمام ٿورا، ته ڪنهن ۾ ڳچ سارا ڪردار به آهن. منجهن صرف روعداد نه آهي، صلاحون به آهن، علاج به آهي.
    منهنجي خيال ۾، مون کي مجموعي طور راءِ لکڻ بدران، واري واري سان سندس ڪهاڻيون پڙهندو، رايو لکندو وڃان، ته جيئن اقبال پاڻ منهنجي راين سان متفق ٿئي نه ٿئي، مطمعن ٿئي نه ٿئي، پر گهٽ ۾ گهٽ آئون خود مطمعن هجان ۽ جڏهن ڪو به منهنجي راءِ پڙهندڙ، مون کي ڪٽهڙي ۾ بيهاري، ته آئون پنهنجي راءِ جو بچاءُ ڪري سگهان.
    ”اڌڙوٽ دوست“ هن ڪتاب جي پهرين ڪهاڻي آهي. جيڪڏهن هي ڪهاڻي آئون لکان ها، ته ”ٽئين شادي“ طور پڙهندڙن تائين پهچايان ها. ڪهاڻي ۾ نه ٻيءَ شادي پهرين جي ۽ نه ٽئين شادي پهرين ۽ ٻيءَ شادي سبب پيدا ٿيل اختلافن ۽ مونجهارن جي ڪري، پر ٽي ئي شاديون مخصوص مجبوري جي ڪري ٿيون آهن. ڪارج جي حساب سان ڪهاڻي عام رواجي، پر ڪارائتي آهي.
    ”جهرمر جهرمر ڪهڪشان“ ڪهاڻي جي پڄاڻي تي ڏنگين ۾ لکيل آهي ”نوٽ: عورتن جو عالمي ڏينهن سڄي دنيا ۾ ملهايو ويو، انهي موقعي تي لکيل تاثر“. اها تاثراتي ڪهاڻي پڻ حق سچ جي چٽي عڪاسي ڪندڙ، وقتائتي ڪهاڻي آهي. ڪاش! عورتن جو عالمي ڏينهن ائين نه، جيئن گهربل آهي، تيئن ملهائجڻ شروع ٿئي، ۽ ان ڏينهن تي مرتب ٿيندڙ سفارشن تي عمل به ٿئي، ته جيئن عورتن سان ٿيندڙ بي واجبين جو خاتمو به اچي سگهي. چمڪ ڌمڪ وارن ڏيکاءُ جي تقريبن ۾ مظلوم عورتن جي مالڪي نه، انهن جي تزليل جو عمل ڏکوئي ٿو.
    ”اڌورا خواب“ ڪهاڻي، ٻاراڻي عمر کان شروع ٿي، پڙهندڙ جو ڌيان ڇڪائيندي، آخر هن موڙ تي پهچي ٿي: ”ائين اسان جا ننڍڙا پتڪڙا پير شايد جواني جي پهرين ڏاڪي کي ڇُهي رهيا هئا، پنهنجي ڌيءَ جي وڌندڙ جسم کي محسوس ڪندي، (جو هن جي وڌندڙ جسم سان لڳي رهيو هو ته هن جا قدم به جواني جي ڏاڪي تي چڙهي رهيا هئا) هڪ ڏينهن رابيل جي ماءُ هن کي چيو .... پٽ رابيل تون هاڻ وڏي ٿيندي پئي وڃين، ڇوڪرن سان راند نه ڪندي ڪر ته رابيل کي اهو احساس ئي نه ٿيو هو ته هو واقعي جواني جي راهه تي تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻي رهي هئي، چيائين امان.... مون سان منور هوندو آهي، پر وري به چيائين .... منور کان جُدا ٿي ٻي ڪنهن سان راند نه ڪجانءِ..... ڪڏهن ائين ٿيو به نه هيو جو رابيل مون کان سواءِ ٻي ڪنهن سان راند ڪندي هجي.... تڏهن به سختي سان منع ڪندي ماءُ چيس ته اڄ کان پوءِ تون واه ۾ نه وهنجندين .... تڏهن رابيل کي اوچتو احساس محسوس ٿيڻ لڳو....ڀانءِ ... هو جوان ٿي وئي آهي ۽ مون به چيو مانس ته رابيل تون وڏي پئي ٿئين..... اڄ کان پوءِ پاڻ واه ۾ نه وهنجنداسين ٺيڪ آهي منور .... رابيل ڄڻ منهنجو چوڻ مڃي ورتو- آءُ ته ڪڏهن ڪڏهن وهنجي وٺندو هوس پر رابيل منهنجي چوڻ کي آخري ليڪو سمجهي ڪڏهن به نه وهنجندي هئي.... البت واه جي ڪپ تي ويهي ٻين ٻارن کي ۽ مون کي ڏسندي هئي.“
    عجيب تجسس سان ڪهاڻي اڳتي وڌي ٿي، ”تان جو آءُ انٽر تي اچي پهتس ۽ رابيل مئٽرڪ پاس ڪري چُڪي هئي، ته ائين اوچتو خبر پئي ته رابيل جي پيءُ کي پروموشن ڏيئي ڪراچي بدلي ڪيو ويو، رابيل جي گهر ۾ خوشيون هيون پر رابيل مون کان جدا نه ٿيڻ پئي چاهيو.... اسان ٻنهي جو غم سڀني محسوس ڪري ورتو هو، پر .... اسان ڪجهه به نه ڪڇي سگهياسين... هفتي، ڏهه ڏينهن اندر هو هتان شفٽ ٿي چڪا هئا.“
    ”رابيل مون کان تمام گهڻو پري هلي ويئي هئي.... اسان ته اڃا پيار جا ٻول ٻوليائي ڪو نه هئا.... اسان ته اڃا مٺڙين مٺڙين ڳالهين جي شروعات ئي نه ڪئي هئي، آءُ ته اڃا همت ئي نه ساري سگهيو هوس ته رابيل کي چئي سگهان ها ته رابيل آءُ توسان ڪيترو پيار ٿو ڪريان.... ۽ رابيل به مون کي بي انتها چاهيندي به انهن لفظن جو اظهار نه ڪري سگهي هئي، اسان ته اڃا انهن لفظن جو اظهار نه ڪري سگهيا هئاسين ته اسان هڪٻئي کان ڪڏهن به جدا نه ٿينداسين، ته جدا ٿي وياسين.... اسان هڪٻئي کان جدا ٿي وياسين....“
    ۽ پوءِ ڪهاڻي جي پڄاڻي هيئن ٿئي ٿي ”مون ۽ رابيل جيڪي خواب دل تي دل ۾ سانڍيا هئا، اهي بنا تعبير جي تُٽي چڪا هئا. سڀ خواب اڌورا رهجي ويا.... سڀ تعبيرون اڌ ۾ رهجي ويون.....“
    ”اڌورا خواب“ ڪهاڻي پڙهڻ جهڙي آهي، ڇو ته نئين نه هجڻ باوجود نئين ڪهاڻي آهي ۽ اهڙين ڪهاڻين پڙهڻ جي نئين نسل کي وڌيڪ ضرورت آهي. ڇو ته هن ڪهاڻي ۾ پيار هوندي به ليڪا لتاڙيل نه آهن، نه پيار جو پرڻو ٿئي ٿو، نه ئي پيار جي نالي ۾ ڪو پاپ ٿئي ٿو.
    ”نماڻي جا نيڻ“ ڪهاڻي ۾ ”اقبال“ جي ”ڪائنات“ هن ڪتاب ۾ پڻ آهي! ڪائنات، هن ڪهاڻي ۾، مکيه ڪردار جي ڌيءَ نه آهي، سڳي سئوٽ جي ڌيءَ آهي. ڪهاڻي ۾ ڪائنات جو ذڪر ڪندي اقبال لکي ٿو ”پنهنجي هر ڳالهه مون سان سليندي آهي، هن پنهنجي مستقبل جي هر واڳ منهنجي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏي آهي، پنهنجي ماءُ پيءُ جون دل آزاريندڙ ڳالهيون به مون سان شيئر ڪندي آهي“. حيرت ۾ وجهندڙ، هڪ سچي ڪهاڻي محسوس ٿئي ٿي. ڇو ته ڪهاڻيءَ ۾ هڪ هنڌ ڪائنات چوي ٿي ”منهنجي ماءُ آهي جيڪا پٽن جو بدلو هر وقت انهي ڪري وٺي ٿي جو هو هن جا پٽ آهن، منهنجي ٻن ڀينرن جي شادي ٿي وئي آهي، منهنجي به ڪرائي ڇڏيو.“ ان تي کيس ورندي ملي ٿي ”ڌي.... جتي ڪٿي ڳالهه ساڳئي آهي، هتي به تنهنجي لاءِ پينگها ڪو نه رکيا ويندا جو توکي ويهاري پيا جهولائيندا.... اهي گهريلو ڳالهيون جتي ڪٿي آهن..... اهي مسائل ۽ مسئلا هر گهر ۾ آهن.... مون سمجهايو ته سمجهي وئي، هونئن به منهنجي هر ڳالهه سمجهي ويندي آهي“.
    هي ڪهاڻي، پنهنجي الڳ نوعيت جي، غير معمولي ڪهاڻي آهي.
    ”پيار جي ورهاست“ ۾ پهرين شادي، ان مان ٿيل نياڻي ۽ پوءِ پهرين زال جي بيماري سبب، ماءُ ڌيءَ جي رضامندي سان ٿيل ٻيءَ شادي کان پوءِ، گهر ۾ متل ٻڙڌڪ تي مبني، هي ڪهاڻي به مقصد ۽ سبق ڏيندڙ ڪهاڻي آهي.
    ”جيئڻ جنين ڪاڻ“ اقبال بلوچ جي قلم مان اڪريل اڪبر بلوچ جي پيار ڪهاڻي آهي. اهڙي پيار ڪهاڻي، گهٽ ۾ گهٽ مون کي ياد نه پيو اچي، ته ڪو اهڙي پيار ڪهاڻي مون اڳ ۾ ڪٿي پڙهي آهي، يا ڪنهن ناٽڪ (ڊرامي يا فلم) ۾ به اهڙي ڪهاڻي مون کي نه پئي سُجهي. هن ڪهاڻي ۾، هڪ ئي گهر ۾ رهندڙ، ٻن سوٽن ۾ پيار ٿئي ٿو، ڇوڪريءَ جي ماءُ ضد ڪري، ڌيءَ کي ڀاءُ جي پٽ سان پرڻائي ڇڏي ٿي ۽ ڇوڪرو ٻئي ڪنهن سان شادي نه ٿو ڪري، شاعر ۽ ڪهاڻيڪار ٿي پوي ٿو، ته اها ڇوڪري ٽيهن سالن کان پوءِ، سندس ٻار سميت، پزا هٽ تي ملڻ اچي ٿي، ۽ ملڻ کان پوءِ مُڙس ڏانهن موٽي وڃي ٿي... سوٽ ماسات سان شادي جي مخالفت ڪندڙ هي ڪهاڻي ضرور پڙهن. پيار ۾ ويساهه رکندڙ به هي ڪهاڻي پڙهن. جيڪو به هي ڪهاڻي پڙهي، اهو پرائڻ جي به ڪوشش ڪري. وڏي ڪم جي ڪهاڻي آهي.
    ”ڪُلها ننڍا بار وڏا“ عام پڙهندڙ جي پڙهڻ جهڙي ڪهاڻي آهي. انهن کي ضرور پڙهائڻ گهرجي، جيڪي زندگي کي سمجهي نه سگهيا آهن. جن جي ٿوري آمدني باوجود، سندن ننڍن ڪلهن تي وڏا بار اچي وڃن، جن کي ماءُ جي خدمت ڪرڻ، زال سان نڀائڻ، ڀينرون ۽ ڀائر نپائي، سنڀالي، انهن کي پڙهائي، وڏو ڪري، پرڻائي، پوءِ پنهنجي ٻچن جي سک جو انتظام ڪرڻو هجي، اهي مايوس ٿيڻ بدران هن ڪهاڻي مان سبق پرائين.
    ”سهڻي ۽ پارس“ اهڙن ٻن ننڍڙن گهراڻن جي ڪهاڻي آهي، جيڪي پنهنجيون نياڻيون پڙهائڻ لاءِ، ڳوٺ مان لڏي حيدرآباد ۾ اچي رهن ٿا. ڳوٺاڻي ماحول مان نڪري، شهر جي مختلف مسئلن، مونجهارن ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏين ٿا. ٻنهي کي هڪ هڪ پٽ ۽ هڪ هڪ نياڻي جو اولاد هوندو آهي. انهن جي ”گهرن ۾ هڪ تهذيب يافته ماحول هو، گڏوگڏ آزادي به هئي، ڪنهن قسم جي اجائي رنڊڪ نه هئي ته ڪو ڇوڪرين کي ٻاهر نه ڇڏجي، گهمڻ ڦرڻ لاءِ قيد ڪجي، يا موبائيل نه ڏجي، پر ايتري ذهني آزادي نه هئي جو هر قسم جي ڇڙواڳي هجي“. ان کان اڳتي ڪي عام رواجي، هلڪيون ڦلڪيون غلطيون ٿين ٿيون، پر نيٺ ٻنهي دوستن جا چار ئي ٻار ڊاڪٽر بنجي ويندا آهن، ٻئي دوست پنهنجن پٽن ۽ ڌئيرن جي شادين جي تيارين ۾ لڳي ويندا آهن ۽ آخر ڪار هو ٻئي دوست نه، مائٽ ٿي پوندا آهن. هي ڪهاڻي ڳوٺ ڇڏڻ لاءِ سوچيندڙن ۽ ڳوٺ ڇڏي شهر ۾ اچي رهندڙن جي، نه صرف عڪاسي ڪري ٿي، پر نون جي رهنمائي به ڪري ٿي.
    ”عظيم فنڪار“ سچ کي ويجهي، هڪ اهڙي شخص جي ڪهاڻي آهي، جيڪو روزگار جي ڳولا ۾ رلندي، دوست جي صلاح تي عمل ڪندي، منجهس موجود فنڪاراڻيون صلاحيتون ڪتب آڻي، ناميارو فنڪار ٿي، مال مليڪت وارو ٿي پوندو آهي، ته کانئس غربت جو هر لمحو وسري ويندو آهي ۽ عياشين ۾ پئجي وڃي ٿو، ته آهستي آهستي ڳائڻ مان حاصل ٿيل ملڪيت خرچ ٿيڻ شروع ٿئي ٿي، بيمار ٿئي ٿو ته رهڻ لاءِ سندس بهترين بنگلو وڪڻي، مسواڙي فليٽ ۾ رهي ٿو، نيٺ ته پيسا اڏائيندڙ اهو فنڪار، علاج لاءِ سرڪار کي اپيل ڪري ٿو، سندس ساٿي فنڪار به اهڙي گهُر ڪن ٿا.... هن ڪهاڻي جيترو به جيڪڏهن ناميارن فنڪارن کي عقل هجي، سرت ۽ سمجهه هجي، ته پيري ۾ مفلسي جا ڏينهن نه گذارين. اهڙي سوچ ملي ٿي، هي ڪهاڻي پڙهڻ سان، جيڪا سچ کي گهڻي ويجهي ۽ غير روايتي ڪهاڻي آهي.
    ”باجي“ ٻيءَ ٻولي جو مروج لفظ اقبال جي اها ڪهاڻي پڙهائي ٿو، جنهن جي شروعات ”باجي“ جي گذاري وڃڻ جي خبر سان هن ريت آهي:
    ”اڄ خبر پئي ته ”باجي“ گذاري وئي، سڀني جي باجي، سڄو ڳوٺ، سڄو پاڙو، هن کي باجي جي نالي سان سڏيندا هئا، ايتري قدر جو هن جا پٽ به هن کي باجي جي نالي سان سڏيندا هئا، ڄڻ ته هو سڀني جي باجي هئي، جيئن هو پرڻجي ڳوٺ ۾ آئي ته گهوٽ جي ڀيڻن هن کي باجي، باجي ڪري سڏيو ته ڇا، جو سڄي ڳوٺ وارن کڻي هن کي هن نالي سان سڏڻ شروع ڪيو، ڏسندي ڏسندي اهو نالو هر وات ۾ پئجي ويو، اصل ۾ ته هن جو نالو زينت النساءِ هو، پر اڌ نالو زينت صرف هن جو مڙس وٺندو هو، گهڻن ماڻهن کي ته هن جي اصلي نالي جي خبر ئي نه هئي“.
    ان کان اڳتي به عجيب قسم جي، پڙهڻ ۽ پرائڻ جهڙي، اهڙي گهريلو ڪهاڻي آهي، جنهن گهر جا ٻار وڏا ٿي پرڻجن ٿا، ته هڪ ٺهيل گهر ڦٽي ويندو آهي. ماءُ پيري جا ڏينهن ناٺي جي در تي پورا ڪري وفات ڪري ٿي، ته پُٽ پهرين ان جو لاش پنهنجي گهر کڻي، پوءِ مرڻي جو اطلاع صرف ان ڪري ڏيندا آهن، ته جيئن هر ڪو چئي ”ابا ماءُ سڀاڳي هئي جو پنهنجي پٽن جي هٿن ۾ سرهي ٿي.“
    اقبال جي مرضي، اهڙي ڪهاڻي آئون لکان ها ته اها ”باجي“ نه ”سڀاڳي ماءُ“ جي عنوان سان هجي ها.
    ”تسبيح مڻيادار“ ڪهاڻي جي ابتدا ته هر ملازم، ملازمه کي تمام گهڻي وڻندي، پر اڳتي به اهڙي ڪهاڻي نه آهي، جو پڙهندي، اڌ ۾ ڇڏي ڏجي. سچ ته اقبال بلوچ بردبار ليکڪ آهي، جنهن بنا خوف جي، هي ڪهاڻي لکي آهي. گهٽ ۾ گهٽ مون ۾ ايتري همٿ نه آهي، جو آئون پنهنجي آس پاس جي ڪهاڻي، ائين لکي، پڙهندڙن تائين پهچائي سگهان. آفرين، اقبال بلوچ، آفرين.
    ”پهريون پيار“ به عجيب ڪهاڻي آهي، اقبال بلوچ جي آس پاس جي، هڪ پيار ڪهاڻي آهي. جيڪڏهن هي ڪهاڻي واقع ”سانول جا سور“ جي ليکڪ جي آهي، ته پوءِ اقبال کي تمام گهڻيون شاباسون.
    ”سون سستو ماني مهانگي“ جي به ڪهڙي ڳالهه ڪجي! پڙهندي پڙهندي، مون کي، منهنجو، ڳوٺ وڃڻ ياد اچي ويو. عيد نه، عيدون ياد اچي ويون! جيڪو به ڳوٺ کان پري رهندو هوندو، ان کي ته هي ڪهاڻي وڻندي ئي، پر ٻيا به پڙهندي اڌ ۾ نه ڇڏيندا. هونئن، هن ڪهاڻي جي آخر ۾ به هڪ نوٽ لکيل آهي، جنهن ۾ ليکڪ ڄاڻايو آهي ته ”سعودي عرب جي بادشاهه پنهنجي ڌيءَ جي شاديءَ جي موقعي تي ڏاج ۾ سون سان ٺهيل ڪمرو ۽ سون سان ٺهيل باٿ روم به ڏنو آهي، انهيءَ خبر مان متاثر ٿي هي ڪهاڻي لکي اٿم“.
    ”دفن ٿيل راز“ دفن نه رهيو، اهڙي ڪهاڻي جو روپ ڌاري ظاهر ٿيو، جنهن کي گهڻا اديب ۽ دانشور شايد پسند نه ڪن، پر سچ ته سچ آهي، سچ لکندڙ ليکڪ ته لکندا نه...
    ”ان باڪس ڪچهري“ ڪهاڻي عنوان مان ئي جديد دور جي جديد ڪهاڻي آهي. فيس بوڪ کان واقف پڙهندڙ پڙهي، ڪي ته لطف اندوز به ٿيندا، پر جيڪي ان باڪس ڪچهري ۾ گهڻو حصو وٺندا رهندا آهن، منهنجي خيال ۾ اهي پاڻ کي ڳوليندي، ڪهاڻي مان ڪيترين ئي اوڻائين جي نشاندهي به ڪندا.”
    ”مري جيئاري ويو“ هڪ اهڙي پوليس واري جي ڪهاڻي آهي، جنهن لاءِ ڪهاڻيڪار کي لکڻو پيو ”هونئن پوليس کاتي وارا سپاهي ڏاڍا بي رخا ٿيندا آهن پر اميد علي هڪ ته بهادر ڏاڍو هو ۽ ٻيو تمام گهڻو رلڻو ملڻو ۽ بااخلاق هو، پنهنجي غربت ڪڏهن به ظاهر نه ڪندو هو، سدائين پيو مسڪرائيندو هو“.... ”هڪ ڏينهن ٽوڪ ڪندي چيومانس ته اميد علي پوليس جا سپاهي ايترا خلوص، محبت وارا ته نه هوندا آهن، پر تون ته انهن جي ابتڙ آهين، چيائين انهي ڪري جو آئون ايماندار آهيان“.
    اعتبار نه ڪرڻ جهڙي، پر اعتبار ڪرڻو پوندو، اهڙي هي ڪهاڻي آهي.
    ”پياري تنهنجي پريت“ جي ابتدا ئي اهڙي سچائي سان، جنهن کان اڪثريت واقف هجڻ باوجود ڄڻ بي خبر هوندي آهي! اڳتي به تمام سٺي ڪهاڻي آهي. زبردست. اهڙيون ڪهاڻيون به تمام گهٽ لکيون ويون آهن! سبب ليکڪ پاڻ ٻڌائين، ته اهڙيون سچيون ڪهاڻيون لکڻ مهل کين ڪهڙو خوف ٿيندو آهي؟
    سرائيڪي ڪهاڻي ”نينهن نڀايا جوين تون“ سنڌي ۾ ڇو نه؟ سرائڪي ۾ ڇو؟ سنڌي ڪهاڻي جي مجموعي ۾ ٻيون سڀ سنڌي، هي هڪ سرائڪي ڇو؟ ۽ اهڙا ٻيا به گهڻا سوال منهنجي ذهن ۾ به آهن، ته مجموعو پڙهندڙن جي به ذهن ۾ اڀرندا. سرائڪي گهٽ لکي ۽ پڙهي وڃي ٿي، ان ڪري ڪهاڻي پڙهڻ ۾ ڏکيائي پنهنجي جاءِ تي، پر بهرحال ڪهاڻي پڙهڻ جهڙي آهي.
    ”جهوري جنهن جندڙي“، ”سڄي سنڌ پرين جو پاڇو“ واري شاعر حسن درس جي حادثاتي وڇوڙي تي لکيل هڪ احتجاجي ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ حسن درس جو، حادثي کان اڳ جو، ڪو خاص ذڪر نه آهي، ان ڪري حسن کان اڻ واقف پڙهندڙ کي، هي ڪهاڻي ٿوري گهٽ متاثر ڪندي.
    ”جي ترسي پوين ها“ مختصر پر گهڻي اهم ڪهاڻي آهي. مون کي پڙهندي پڙهندي، بلڪل سچي ڪهاڻي به لڳي ۽ کل به آئي، هر پڙهندڙ کي، هي ڪهاڻي پڙهندي، ڪا نه ڪا ياد ضرور ايندي.
    ”مــاڻـهو جـو ٻـچو“ مختصر ڪهاڻي آهي. هن ڪهاڻي تي راءِ ڏيڻ بدران پڙهندڙن لاءِ جيئن جو تيئن ورجائڻ ٿو چاهيان، ته جيئن اقبال بلوچ جي لکڻي، ٻولي، لهجي ۽ ٻين پهلوئن جو، پڙهندڙ پاڻ اندازو ڪري سگهن:
    پندرهن سالن جو ڇوڪر..... سڄي گهر جو ڪم ڪار .... ٿانو ٻهاري، ٻهارو پوچو، صفائي سٺائي، چنڊ ڦوڪ ۽ گاڏين جي صفائي بعد ٻنپهرن جي ماني، پچائي، گهر جي مالڪياڻي اڳيان رکي ٿو.
    انهن تازين پچيل مانين مان ٻه تازيون مانيون ڪڍي، نوڪر کي ڏيندي، مالڪياڻي چوي ٿي .... هي مانيون وڃي، ڊاگي کي ڏيئي آ.....
    ڇوڪرو، مالڪياڻي جي پاليل ڪتي ڊاگي کي مانيون ڏيئي اچي ٿو. اهو ڊاگي... مالڪياڻي جي ايئرڪنڊيشڊ روم ۾ هزارين روپين جي صوفه سيٽ تي ويٺو هو. ڀر ۾ ويٺل عاليشان پلنگ تي مالڪياڻي پاليل ٻلي سان پيار ڪندي کير پياري رهي هئي...
    هڪ ماني ڇوڪر کي ڏيندي ڇڙپ سان چيائين هي وٺ کاءِ ماني.....
    سڄي ڏينهن جو ٿڪل ۽ ساڻو ٿيل هي ڇوڪرو رات جو گيرج ۾ سمهي رهندو آهي.
    ”دعـائـون“ ڪري پيسا گهرندڙ نوجوان ڇوڪري ۽ سٺ سال ڄمار واري جي گفتگو تي مشتمل، هي عام معمول جي ڪهاڻي، غير معمولي انداز ۾، مختصر ڪهاڻي طور لکيل آهي. سماج جي چٽي عڪاسي آهي. پڙهڻ ۽ پرائڻ جهڙي ڪهاڻي آهي.
    ”آئون بيوه آئون غريب“ اهڙي غريب بي واهه عورت جي ڪهاڻي آهي، جيڪا غريب هجڻ باوجود پنهنجي نياڻي کي پڙهائڻ جي جستجو ۾ خانگي اسڪول ۾ اڌ في معاف هجڻ باوجود باقي رهيل اڌ في به معاف ڪرڻ لاءِ پرنسيپال کي منٿون ٿي ڪري. منٿ ميڙ دوران ٿيل ڪجهه ڊائلاگ هتي ئي پڙهي وٺو:
    پرنسپال... مائي ڏانهن ڏسندي چيو .... امان تنهنجي وات ۾ ڇا آهي... ڇا پئي کائين.
    آءُ اها ٻنهي جي ڳالهه ٻولهه خاموشي سان ٻڌي رهيو هوس...
    مائي چيو ... ابا وات ۾ مين پوري ۽ گٽڪو پيل اٿم..
    ۽ هٿ ۾ مٺيون سوپاريون هيس..
    ادي... هر روز ڪيترن پئسن جو اهو نشو ٿي ڪرين ...
    بس ابا، انهن گٽڪن ۽ سوپارين ۾ سو روپيا خرچ اچيو وڃي، مٿان وري چانهه به ٻه ٽي دفعه پيان ٿي بس آءُ سڄو ڏينهن پورهيو ڪريان ٿي.... پئسا ٻچن جي کاڌي ۽ منهنجن گٽڪن ۾ ئي پورا آهن.
    پرنسپال چيو.. هر روز سو روپين جو نشو ڪري مهيني ۾ ٽي هزار نشي ۾ وڃائين ٿي. پر ٻچن جي ننڊڙي جي في جا اڍائي سو روپيا نه ٿي ڏيئي سگهين.
    مختصر ڪهاڻي آهي. سچي ڪهاڻي آهي. معاشري جي چٽي عڪاسي آهي.
    ”DEATH CASE“ کي ”ڊيٿ ڪيس“ به لکجي پئي سگهيو، ان جو سنڌي ترجمو به ڪري پئي سگهيو، پر اقبال ڪهاڻي جو عنوان ائين، جيئن جو تيئن، انگريزي ۾ لکيو، رکيو آهي! هي به مختصر ۽ سچي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ رٽائر ڪندڙ ۽ رٽائر ملازم جي فوت ٿيڻ کان پوءِ، پونئيرن کي پينشن ملڻ جي حوالي سان آهي. هن ڪهاڻي ۾ اهو ٻڌايو ويو آهي ته.... آئون ٻڌائيندس ته ڪهاڻي ڪير پڙهندو؟
    ”ٽريفڪ چالان“ ڪهاڻي ”ال راشي ول مرتشي“، ”ڏنو پٽ ڇٽي جو“ مختصر، روايتي ڪهاڻي آهي، پر جيستائين ائين ٿيندو رهندو، تيستائين هر ڪهاڻيڪار، پنهنجي پنهنجي سوچ ۽ سمجهه مطابق ساڳئين ڪهاڻي وري وري لکندو رهندو.
    تاثراتي ڪهاڻي، هڪ حقيقت هڪ فسانو، ”تلهار جي هڪ ڇوڪري“، ٽن عبارتن تي مشتمل، منهنجي خيال ۾ صرف هي ئي هڪ ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ هڪ ڪردار جو نالو ئي ڪهاڻيڪار جو سندو نالو يعني ”اقبال بلوچ“ لکيل آهي، هن ڪهاڻي ۾ نثر، شاعري، موسيقي، فنڪشن، فڪشن، گهڻو ڪجهه موجود آهي. ڪجهه روايتي، ڪجهه غير روايتي ڪهاڻي آهي. تاثراتي ۽ علامتي هجڻ باوجود حقيقت کي گهڻي ويجهي ۽ ڪم جي، ڪارائتي ڪهاڻي آهي.
    مجموعي طور ڪهاڻين ۾ خيالن ۽ ٻوليءَ جي سادگي پنهنجي جاءِ تي، پر گهڻن هنڌن تي ٻوليءَ جو غلط استعمال به ٿيل آهي، ڪٿي لفظن ۾ صورتخطيءَ جون غلطيون آهن، ته ڪٿي لفظ بگاڙي، بلڪل غلط لفظ به استعمال ڪيل آهن. ڪهاڻيڪار پاڻ توڙي ٻيا پڙهندڙ به، مجموعي ۾ شامل سڀني ڪهاڻين کي ڀلي ته ڪهاڻي چون ۽ مڃين، پر منهنجي خيال ۾، هن مجموعي ۾ ڪجهه ڪهاڻيون آهن، ڪجهه ڳالهيون آهن، جيڪي جيئن جو تيئن، اوڻيهه ويهه جي گهاٽي واڌي سان لکيون ويون آهن. ان هوندي به، سڀ جون سڀ ڪهاڻيون توڙي ڳالهيون پڙهڻ جهڙيون آهن.

    مٺل جسڪاڻي
    ٽنڊوڄام
    خميس، 10 جون 2016ع


    اقبال بلوچ تلهار جو قابل فخر فرزند

    ضلع بدين جي هن اهم اقتصادي شهر تلهار ۾ علم و ادب جا گوهر پڻ پيدا ٿيندا رهيا آهن جنهن هن ڌرتي کي جرڪايو آهي، مون پنهنجي ڪتاب ”تلهار تاريخ جي آئيني ۾“ جي ٻنهين جلدن ۾ انهن جو ذڪر ڪيو آهي.
    تلهار جي ويجهڙائي ۾ سرجيل ادب تي نظر وجهبي ته معلوم ٿيندو ته ڊاڪٽر نواز علي محمداڻي، عبدالشڪور کٽي ۽ ناصر بلوچ (راقم) ڪتاب لکيا آهن، ليڪن جنهن شخصيت سڀ کان گهڻو لکيو آهي سو آهي منهنجو ننڍو ڀاءُ محمد اقبال بلوچ سندس شاعري، ڪهاڻين، سوانح ۽ تبصرن تي مشتمل هيسيتائين ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن ۽ هي ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ آهي، جيڪي ڪتاب لکن ٿا سي ئي محسوس ڪري سگهندا ته هي پورهيو ڪيڏو نه محنت طلب آهي.
    بقول مرزا غالب:
    کچھ خونِ جگر چاھیے اثر کے لئے۔
    اسان جو اقبال بلوچ علم و ادب جي دنيا ۾ قابل فخر فرزند آهي جنهن تلهار کي پڻ سر بلند ڪيو آهي.
    آءُ کيس علمي ادبي پورهئي تي دلي مبارڪون ڏيندي سندس لاءِ دائم دعاگو آهيان جنهن پاڻ جيان منهنجي حياتي کي به دوام بخشيو آهي.
    يقيناً سندس نالي تي سنڌ واسي ۽ خصوصاً تلهار واسي هميشه فخر محسوس ڪندا رهندا.

    نيڪ خواهشن سان
    ناصر بلوچ/ تلهار سنڌ


    پنهنجي طرفان : منهنجو هي ٽيون ڪتاب (جيئڻ جنين ڪاڻ)

    منهنجي ڪهاڻين جي پهرين مجموعي ”سانول جا سورُ“، (2013) کان پوءِ شاعري جو پهريون مجموعي، ”اي منهنجي شهر جي مٽي (2014) کان پوءِ منهنجو مجموعي طرح ٽيون ڪتاب، ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو جيئڻ جنين ڪاڻ اوهان جي هٿن ۾ آهي، پنهنجي پهرين ٻن ڪتابن ۾ مون 40 سالن جي محنت ۽ ڇپيل مواد ڪتابن جي صورت ۾ توهان جي هٿن تائين پهچايو هيم، پر هي ڪتاب جيڪو منهنجي ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو آهي، انهي ۾ اهي ڇپيل ڪهاڻيون شامل ڪيون اٿم، جيڪي مون ”سانول جا سور“ ڪتاب ڇپجڻ کان پوءِ يعني 2013ع کان 2016ع هيل تائين انداز ٻن اڍائي سالن جي وقفي کان پوءِ ڪهاڻيون لکيون، مختلف رسالن ۾ ڇپائي، ڪتابي صورت ڏيئي توهان تائين پهچايون اٿم، اميد ته ماضي جيان، منهنجون ڪهاڻيون توهان جي دلين تائين پهتيون، ته ڄڻ منهنجو پورهيو ساڀ پيو، مون کي لڳي ٿو ته منهنجي پهرين ٻن ڪتابن جي اچڻ بعد مون ۾ لکڻ جي مقناطيسي طاقت اچي ويئي آهي، هڪدم رفتار وڌي وئي آهي، لکڻ جي جستجو تيز ٿي وئي آهي، پهريون ڪتاب 35/40 سالن لکڻ بعد آيو ۽ هي ٽيون ڪتاب ٻن ٽن سالن جي مختصر عرصي ۾ آندو اٿم، اميد اٿم ته هي ڪتاب به سنڌ جي لائبريرين، درسگاهن، ادبي ميدانن کان ٿيندو، سنڌ جي تاريخ تائين پهچندو، توهان جي هٿڙن مان ٿيندو توهان جي دل تائين پهچندو.
    پنهنجي زندگي ۽ ادبي زندگي جو حال احوال گذريل ٻن ڪتابن ۾ ڏيئي چڪو آهيان، تنهن ڪري هن ڪتاب ۾ شامل نه پيو ڪريان.
    آءُ انتهائي شڪرگذار آهيان سنڌ جي ٻن عظيم شخصيتن ۽ ادبي کيتر ۾ گهڻو ۽ سٺو لکندڙ محترم زيب نظاماڻي ۽ محترم مٺل جسڪاڻي جو جنهن منهنجي هن ڪتاب تي مهاڳ ۽ امهاڳ لکيو، ٿورائتو آهيان ناصر بلوچ جو جنهن مختصر تبصرو لکيو.
    بيحد گهڻو ٿورائتو، پنهنجي دوست احسان راهوجو جو، جنهن هي ڪتاب اوهان جي هٿن تائين پهچائڻ ۾ آخري حد تائين منهنجي مدد ڪرڻ ۾ شامل رهيو.
    هڪ مهيني بعد منهنجو چوٿون ڪتاب منهنجي نوڪري جي يادگيرين تي مشتمل ”ٽريزري آفيس جون يادون“ به اوهان جي هٿن تائين پهچائي پنهنجي 41 سالا نوڪري تان 60 سالن جو ٿي 2016/12/01 تي رٽائرڊ ٿيندس انشاءَ الله.
    ادبي کيتر ۾ آءُ اوهان سان گڏ آهيان، ساٿ سلامت سنڌ سلامت.

    بيحد خلوص منجهان

    اقبال بلوچ
    حيدرآباد


    ڪهاڻيون

    اڌڙوٽ دوست

    هڪ آفيسر دوست، جيڪو اڌڙوٽ عمر جو هو، هن جي زال گذاري وئي، هڪ دوست سان گڏجي هن سان تعزيت ڪرڻ ويس، ويچارو ڏاڍو ڏک منجهان روئي رهيو هو، مون دلاسو ڏيندي چيومانس: ”ادا. الله پاڪ وڏو مهربان آهي“.
    چيائين: ”منهنجن ننڍڙن ننڍڙن ٻارڙن جو ڇا ٿيندو....!“
    چيومانس: ”ادا الله پاڪ بي پرواهه بادشاهه آهي.“
    خير ڳالهه آئي وئي ٿي وئي. ڪجهه مهينن بعد هن ٻي شادي ڪري ڇڏي، ڀوڳ چرچو ڪندي چيومانس: ”ادا. هن عمر ۾ ٻي شادي ڪئي اٿئي.... ڪٿي تنهنجا ننڍڙا ٻار ڏکيا نه ٿين.“
    چيائين: ”انهن ننڍڙن ٻارڙن لاءِ شادي ڪئي اٿم، ٻار ننڍا آهن، انهن جي سار سنڀال لاءِ شادي ڪرڻ ضروري هئي.“ وري ڪئي سال گذري ويا. ڳالهه آئي وئي ٿي وئي. سائين جن هاڻ رٽائرڊ ٿي چڪا هئا.
    وري خبر پئي ته هن جي ٻي زال به انتقال ڪري وئي، وري به تعزيت جو سلسلو هليو ۽ ڪجهه مهينن بعد هن وري ٽين شادي ڪئي، جيئن ته آءُ هن جو پراڻو دوست هوس، سو شادي جي مختصر دعوت ۾ آءُ به شريڪ هوس. هن دفعي مون ٽوڪ ۽ طنزيه انداز ۾ چيومانس:
    ”ادا هن عمر ۾ توکي شادي جي ڪا به ضرورت نه هئي.“
    انتهائي ڏکايل انداز ۾ چيائين: ”ادا! ڇا ڪريان. اولاد سڀ وڏا ٿي چڪا آهن، هر ڪو شادي ڪري الڳ الڳ ٿو رهي. آءُ صفا اڪيلو ٿي پيو هوس جو زندگي اڪيلي گذارڻ ڏاڍي ڏکي ٿي پئي هئي، سو مجبورن شادي ڪيم.“ منهنجو ڪنڌ هيٺ ٿي پيو ۽ سوچيم.
    هن ٻي شادي ڪئي ته ٻار ننڍا هئا ..... ۽ هن ٽين شادي ڪئي ته ٻار وڏا ٿي ويا هئا.
    مون کي ڄڻ هن لاجواب ڪري ڇڏيو.


    جهرمر جهرمر ڪهڪشان

    عورتن جي عالمي ڏهاڙي تي هتي به هڪ شاندار پروگرام رٿيل هو، مون کي به ڪارڊ مليو ته هليو ويس، هڪ هوٽل جي عاليشان، سينگاريل بلبن ۽ روشنين سان سجايل هي هال مهڪي ۽ چمڪي رهيو هو.
    آهستي آهستي لينڊ ڪروزر گاڏيون ۽ ٻيون مختلف قسمن جي گاڏين جي آمد شروع ٿي، انهن گاڏين مان وڏن گهراڻن جون عورتون سج دج سان هال ۾ داخل ٿيون، آهستي آهستي هال ڀرجي ويو، اندازن سو ڏيڍ سو عورتن جو تعداد هو، هال ۾ پنجاهه کن مرد به هئا، جنهن ۾ گهڻو تعداد، صحافين، ڪئميرامين ۽ وڊيو ٺاهيندڙن جو هيو.
    منهنجون نظرون هيڏانهن هوڏانهن گهمن ٿيون، هر عورت جيڪا انتهائي ممڪن حد تائين ڪنوار جيان سينگاريل هئي، اعليٰ قسم جا ڪپڙا پهريل ٻانهن ۾ سون جون ڏهه ڏهه چوڙيون، سونين منڊين سان سڀئي آڱريون سينگاريل، هزارين رپين جا سينڊلز ۽ چپلون ميڪ اپ جا تهه ڳاڙها پيلا منهن، پائوڊرن ۽ سرخين جا تهه ڄميل لپ اسٽڪ سان مختلف رنگن جا چپ، وار کليل ڄڻ ته بيوٽي پارلرز مان ڪنوار جيان سينگارجي سڌو هتي آيون هجن، وڏن ماڻهن جون وڏيون ۽ اعليٰ ذوق رکندڙ بيگمات، ٺاٺا، باٺا ڪرڻ ۾ پوريون، هڪ ٻئي سان حال احوال ڪپڙن جو، زيورن جو، ڳالهين ۾ ڄڻ، ڪپڙن، زيورن ۽ ميڪ اپ جو مقابلو ڪنديون هجن، ڄڻ ته هن ادبي پروگرام ۾ نه پر ڄڻ فيشن شو ۾ آيون هجن.
    پروگرام شروع ٿئي ٿو، انهن مان واري واري سان تقرير ڪرڻ لاءِ سڏ ڪيو ويو، ست اٺ اعليٰ تعليم يافته (اهي به سينگاريل ۽ سنواريل) تقريرون ڪرڻ لاءِ آيون، انهن سڀني جي تقريرن ۾ انهن عورتن لاءِ درد هيو، اسان جي ٻهراڙي جون عورتون اڄ به دردن ۾ رهن ٿيون، انهن تي مرد ظلم ٿا ڪن، انهن کي پيڙهيو ٿو وڃي، انهن تي ظلم ڪيو ٿو وڃي، انهن کي سولي تي ٽنگيو ٿو وڃي، انهن تي هر روز ظلمن جا پهاڙ ٿا ڪرن، انهن کي ڪاري ڪري ماريو ٿو وڃي، بيگمات جي تقريرون ڄڻ ايڪوسائونڊ جا لائوڊ ٿي ڦاڙيا.
    آءُ مٿين جملن واريون جذباتي تقريرون انتهائي غور ۽ فڪر سان ٻڌم، ڪئميرائن جون روشنيون، انهن ميڪ اپ سان سٿيل بيوٽي پارلرن کان موٽيل، اعليٰ، عمدا ۽ مهانگن ڪپڙن ۾ سجيل عورتن (بيگمات) جي منهن تي پون ٿيون، ڪئميرائن جا فليش چمڪن ٿا.
    سوچيان ٿو انهن بيگمات کي ڪهڙي خبر.... دردن جي..... سورن جي .... سولين جي يا ڪاروڪاري جي .... رستن ۾ ڪمن ڪندڙ عورتن جي .... گهرن ۾ پورهيو ڪندڙ مظلوم عورتن جي .... ٻنين ۾ هارپو ڪندڙ محنت ڪش عورتن جي ۽ رستن چوواٽن تي هٿ ڊگها ڪري پنندڙ عورتن جي.
    اڄ جي سيمينار ۾ انهن غريب عورتن جي ڦٽن تي ڪهڙا پها رکيا ويا، انهن جي غير رسمي ۽ جاهليت وارن رسمن خلاف ڪهڙا قدم کنيا ويا.
    پروگرام ختم ٿئي، هڪ ٻئي سان ڪپڙن ۽ زيورن جو مقابلو ڪندڙ بيگمات هڪ ٻئي کان موڪلائي اعليٰ قسمن جي گاڏين ۾ چڙهي ڪروڙن رپين جي عاليشان بنگلن ۾ وڃي آرامي ٿينديون.
    آءُ به پروگرام مان ٻاهر اچان ٿو، پنهنجو پاڻ ڀڻڪان ٿو.... هون .... اعليٰ شوق رکندڙ بيگماتن جون اعليٰ لٻاڙون ... اجائي بڪواز .... هت سيمينارن ۾ لکن جا خرچ ... گهر ڏانهن ايندي جيجل ماءُ اسپتال سامهون جڳهن ۾ ويٺل پنندڙ ۽ خيرات گهرندڙ عورتن ۽ انهن جي معصوم ٻارڙن تي نظر ٿي پويم، معصوم ٻارڙن جي کير لاءِ مائرن جي ٿڃ سڪل..... انهن جا ٻار ڪچرن ۽ گند جي ڍير مان، مانيون ڳولهي ڳولهي کائي رهيا هئا.


    (نوٽ: عورتن جو عالمي ڏينهن سڄي دنيا ۾ ملهايو ويو، انهي موقعي تي لکيل تاثر)


    اڌورا خواب

    هنن کي اسان جي جاءِ ۾ رهندي، ڪجهه عرصو ئي مس گذريو هو، هن جو خاندان ۽ اسان جي گهر جا ڀاتي، ڄڻ هڪ گهر جيان ٿي ويا هئا.
    اسان جو ضلعو نئون ٺهيو هو، نئين ضلعي جي قيام سان، نوڪرين جون ڀرتيون هليون پئي ۽ ڪي ڪامورا ٻين ضلعن مان به بدلي ٿي آيا هئا.
    منهنجو پيءُ به روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ سپرينٽيڊنٽ هو، هو به بدلي ڪرائي، پنهنجي اباڻي ضلعي ۾ آيو هو، اسان جي سڄي فيملي هن ئي شهر ۾ رهندي هئي ته بابا جي ڄڻ عيد ٿي وئي، جو پنهنجي گهر ۽ پنهنجي فيملي سان گڏ رهڻ لاءِ اچي ويو هو.
    بابا جو هڪ دوست ۽ هن جي آفيس جو هڪ ساٿي محسن علي به بابا سان گڏ بدلي ٿي آيو هو، ڪجهه وقت ته هن Out Back ڪيو، پر پوءِ جلدي ٿڪجي پيو.
    اسان جي ڀر واري جاءِ جيڪا بابا جي جاءِ هئي، هميشه مسواڙ تي رهندي هئي، بابا هن کي هن جي اصرار تي اها جاءِ مسواڙ تي ڏني ته هو پنهنجي فيملي وٺي آيو ۽ اچي پنهنجي ڪٽنب کي رهايائين.
    اسان جو گهر وڏي ڪٽنب وارو هو پر هنن جو ڪٽنب ڇهن ڀاتين تي مشتمل هو، اسان جي ڀاتين ۾ آءُ سڀ کان ننڍو هوس ۽ هن جي ڀاتين ۾ رابيل سڀ کان ننڍي هئي، آءُ پرائمري پڙهي مڊل اسڪول ۾ داخل ٿي چڪو هوس ۽ رابيل پرائمري جي آخري ڪلاس ۾ پڙهي رهي هئي.
    رابيل تمام گهڻي سهڻي ۽ گڏڙي جيان هئي تمام گهڻي ذهين، شرارتي هئي، پنهنجن ڳاليهن ۽ شرارتن سان هر ڪنهن جي دل موهي ڇڏيندي هئي.
    رابيل جو گهڻو وقت مون سان گذرندو هو، مون سان ڪچهريون ڪندي هئي، اسان ٻئي ٻاتن ٻاتن ٻولڙن سان، ڳالهائيندي، رلندي ملندي، جيون جا ننڍڙا لمحا گذاري رهيا هئاسين، رابيل جي ماءُ ڪنهن سوڌي سامان لاءِ رابيل کي بازار موڪليندي هئي ته مون کي سڏي چوندي هئي.... ابا منور.... رابيل سان گڏجي وڃ ۽ آءُ خوشي خوشي رابيل سان گڏ ويندو هوس، رابيل ۽ آءُ ٻاتڙيون ٻاتڙيون ڳالهيون ڪري، اسڪول جي پڙهائي بابت، هڪ ٻئي کي بيت ٻڌائيندي، هڪ ٻئي کي شيون کارائيندي، سٺا ٻاراڻا دوست ٿي ويا هئاسين ۽ ائين سال کن گذري ويو.
    هڪ ڏينهن آءُ هن لاءِ مِلڪ ٽافي ۽ ببل گم وٺي آيس، جو اهي ٻئي شيون هن کي وڻنديون هيون، دل ۾ پهريون دفعو ڊپ محسوس ڪندي سوچيم ته هن کي اهي شيون ڪيئن ڏيان، پر جڏهن ڏنمانس ته خوشي سان وٺندي چيائين.... منور، تون ڇا مون کي ايترو ڀائيندو آهين، مون چيومانس ها رابيل .... تون مون کي ڏاڍي وڻندي آهين، دل چوندي آهي ته جيڪا شئي آءُ کاوان، اها شئي تون به کائين. پوءِ هر روز هن کي ملڪ ٽافي ۽ ببلگم ضرور ڏيندو هوس ته هو کِل خوشي وچان وٺي کائيندي هئي ۽ پوءِ هن به منهنجي لاءِ Chips وٺڻ شروع ڪيا، مون کي پٽاٽن سان ٺهيل چپس وڻندا هئا، ۽ پوءِ اهو شين وارو سلسلو اسان جو شروع ٿي ويو، تيئن ئي اسان جي ٻاراڻي دوستي پختي ٿيندي پئي وڃي، اسان جي پاڙي ۾ گهرن کان ٿورو پرڀرو هڪ واهه وهندو هو، پاڙي جون سڀ عورتون انهيءَ واهه ۾ ڪپڙا ڌوئينديون هيون ۽ پاڙي جا سڀ ننڍا ٻار انهيءَ واهه ۾ وهجندا هئا، اهو هر روز معمول هوندو هو، سڀ ٻار جيئن ئي اسڪول مان واپس ايندا هئا، ڪپڙا بدلائي سڌو واه جو رخ ڪندا هئا، ڏسندي ڏسندي سڄو واه ٻارڙن سان ڀرجي ويندو هو.
    رابيل مون کان اڳ اسڪول مان اچي ويندي هئي ۽ ٻاهر گهٽي ۾ اسان جي دروازي تي ويهي منهنجو انتظار ڪندي هئي، جيئن ئي آءُ پهچندو هوس ڪپڙا بدلائي، اسان به وهنجڻ لاءِ واهه ۾ پهچي ويندا هئاسين، اسان به ٻين ٻارن وانگر پاڻي اندر لِڪ لِڪوٽي راند ڪندا هئاسين، پر رابيل سڀني ٻارن کي منع ڪري ڇڏيو هو ته هن سان ڪير به هي راند نه ڪندو، هو صرف مون سان لِڪ لِڪوٽي راند ڪندي هئي، چوندي هئي ته صرف تون ئي مون سان هي راند ڪر ۽ مون کي ڳولهي هٿ ڪر.... ۽ پوءِ صرف آءُ ئي هن سان راند ڪندي ڳولهيندو هوس ۽ هو به صرف مون کي ئي ڳولهيندي هئي، آءُ هن کي ڀاڪر پائي ڳولهي وٺندو هوس ته هن کي ڪو به حجاب يا اعتراض نه ٿيندو هو ته منهنجو هٿ هن جي جسم جي ڪهڙي حصي تي لڳو يا مون هن کي ڀاڪر پائي ڳولهي ورتو، آءُ ڀاڪر پائي هن کي ڳولهي وٺندو هوس ته خوشي وچان مون کي چنبڙي پوندي هئي.
    گهر جي ٻاهرين گيٽ تي ٽن ڏاڪن واري سيمينٽ سان ٺهيل دِڪي تي ويهي اسان کوڙ ساريون ڪچهريون ڪندا هئاسين، وچين نماز مهل، اسان امام بارگاهه ڀرسان ڄارين مان پيرون پٽڻ ويندا هئاسين، هو ڄارين مان مِٺا مِٺا پيرون پٽي جهول ڀريندي هئي، ڄارين جي ڇانو ۾ ويهي کائيندا هئاسي ۽ آءُ هن لاءِ گيدوڙي جي وڻ مان ليار پٽي ايندو هوس- مون کي ليار نه وڻندا هئا پر رابيل شوق سان کائيندي هئي، ٻير جي وڻ مان پٿر هڻي آءُ ٻير ڇاڻيندو هوس ۽ هو ڊوڙي ڊوڙي ڪرندڙ ٻيرن کي هٿ ڪري جهولي ڀريندي هئي، امام بارگاهه پويان انبن جو باغ هوندو هو- انهي مان ڪچڙيون انبڻيون کڻي ايندو هوس جو رابيل کي ڪچڙيون انبڻيون جام وڻنديون هيون ۽ ڪيترا دفعا ائين ڪرڻ سان باغ جي مالهي جون مارون به کاڌيون هيم.
    پاڙي جا سڀ ٻار شام جو گڏ ٿيندا هئا، اسان جي گهر اڳيان هڪ وڏو ٿلهو هوندو هو- انهي ٿلهي تي راند ڪندا هئاسين.
    ڦر ڦِر سونٽو
    ڦر ڦِر سونٽو
    دٻلي ڇڻڪائي ڏي
    سون سون پائي ڏي....
    چوطرف ڏهه پندرهن ٻار دائري جي صورت ۾ اکيون بند ڪري ڪنڌ هيٺ ڪري، ٻن ٽنگن جي وچ ۾ ڪنڌ جهڪائي ويهندا هئاسين زناني پوتي سان ٺهيل سونٽو ڪنهن ٻار جي پويان رکندا هئاسين جڏهن رابيل جي واري ايندي هئي ته هو منهنجي پويان سونٽو رکي پنهنجي ننڍي هٿڙي سان هلڪڙو چهاءِ ڏيئي مون کي ٻڌائي ڇڏيندي هئي، ته آءُ سمجهي ويندو هوس ته رابيل سونٽو منهنجي پويان رکيو آهي ۽ آءُ به رابيل سان ائين ئي ڪندو هوس.
    ست ٺڪريون راند ڪندي آءُ موقعو ڏيندو هوس ته رابيل ست ٺڪريون ٺاهي وٺي ۽ بال به نه لڳيس..... ائين اسان جي بهارن سان ڀريل پتڪڙا پتڪڙا ڏينهڙا .... موجن وارا .... مستين وارا... کن پل ۾ پئي گذريا... شعوري طرح ۽ لاشعوري طرح، مون کي خبر ئي نه پئجي رهي هئي ته رابيل منهنجي دل جي ڪيترو ويجهو ٿي چڪي هئي ۽ رابيل به ڪڏهن لفظن جو اظهار نه ڪندي مون کي پنهنجي دل جي ڪنهن ڪُنڊ پاسي تي ضرور ويهاري ڇڏيو هو.
    ائين اسان جا ننڍڙا پتڪڙا پير شايد جواني جي پهرين ڏاڪي کي ڇُهي رهيا هئا، پنهنجي ڌيءَ جي وڌندڙ جسم کي محسوس ڪندي، (جو هن جي وڌندڙ جسم سان لڳي رهيو هو ته هن جا قدم به جواني جي ڏاڪي تي چڙهي رهيا هئا) هڪ ڏينهن رابيل جي ماءُ هن کي چيو .... پٽ رابيل تون هاڻ وڏي ٿيندي پئي وڃين، ڇوڪرن سان راند نه ڪندي ڪر ته رابيل کي اهو احساس ئي نه ٿيو هو ته هو واقعي جواني جي راهه تي تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻي رهي هئي، چيائين امان.... مون سان منور هوندو آهي، پر وري به چيائين .... منور کان جُدا ٿي ٻي ڪنهن سان راند نه ڪجانءِ..... ڪڏهن ائين ٿيو به نه هيو جو رابيل مون کان سواءِ ٻي ڪنهن سان راند ڪندي هجي.... تڏهن به سختي سان منع ڪندي ماءُ چيس ته اڄ کان پوءِ تون واه ۾ نه وهنجندين .... تڏهن رابيل کي اوچتو احساس محسوس ٿيڻ لڳو....ڀانءِ ... هو جوان ٿي وئي آهي ۽ مون به چيو مانس ته رابيل تون وڏي پئي ٿئين..... اڄ کان پوءِ پاڻ واه ۾ نه وهنجنداسين ٺيڪ آهي منور .... رابيل ڄڻ منهنجو چوڻ مڃي ورتو- آءُ ته ڪڏهن ڪڏهن وهنجي وٺندو هوس پر رابيل منهنجي چوڻ کي آخري ليڪو سمجهي ڪڏهن به نه وهنجندي هئي.... البت واه جي ڪپ تي ويهي ٻين ٻارن کي ۽ مون کي ڏسندي هئي.
    آءُ هر روز هن کي پڙهائيندو به هوس، هُن جي ماءُ مون کي تمام گهڻو ڀائيندي هئي.
    منهنجن مائٽن يا رابيل جي مائٽن اسان ٻن کي هميشه گڏ ڏسندي ڪڏهن به اَرها نه ٿيا هئا..... يا ڪڏهن به اهو محسوس نه ڪيو ته اسان ٻن وچ ۾ ڪنهن به قسم جي بي شرمائي يا بي حيائي جي ڪا ڳالهه هجي ۽ ائين هو به ڪو نه.... ته اسان ٻن جي ڪچهرين ۾ ڪنهن قسم جو اڍنگو لفظ به نڪتو هجي ته اسان هڪٻئي سان بي انتها پيار ڪريون ٿا.
    اسان جا ٻاراڻا قدم، ننڍڙي جواني ڏانهن وڌي چڪا هئا، آءُ ميٽرڪ ۾ اچي پهتو هوس ۽ رابيل مون کان هڪ ڪلاس پوئتي هئي، هاڻ اسان سڀ رانديون ڇڏي ڏنيون هيون، صرف ببل گم ۽ ملڪ ٽافيون رابيل کي ڏيندو هوس ۽ رابيل به اسڪول مان موٽندي مون لاءِ چپس ضرور وٺي ايندي هئي، هاڻ اسان جون ڪچهريون يا ته رابيل کي هوم ورڪ ڪرائيندي هن جي گهر ۾ ٿينديون هيون يا گهر جي ٻاهران دروازي جي چائنٺ تي ٺهيل سيمينٽ جي دڪي تي ويهي ڪندا هئاسين، تان جو آءُ انٽر تي اچي پهتس ۽ رابيل مئٽرڪ پاس ڪري چُڪي هئي، ته ائين اوچتو خبر پئي ته رابيل جي پيءُ کي پروموشن ڏيئي ڪراچي بدلي ڪيو ويو، رابيل جي گهر ۾ خوشيون هيون پر رابيل مون کان جدا نه ٿيڻ پئي چاهيو.... اسان ٻنهي جو غم سڀني محسوس ڪري ورتو هو، پر .... اسان ڪجهه به نه ڪڇي سگهياسين... هفتي، ڏهه ڏينهن اندر هو هتان شفٽ ٿي چڪا هئا.
    رابيل مون کان تمام گهڻو پري هلي ويئي هئي.... اسان ته اڃا پيار جا ٻول ٻوليائي ڪو نه هئا.... اسان ته اڃا مٺڙين مٺڙين ڳالهين جي شروعات ئي نه ڪئي هئي، آءُ ته اڃا همت ئي نه ساري سگهيو هوس ته رابيل کي چئي سگهان ها ته رابيل آءُ توسان ڪيترو پيار ٿو ڪريان.... ۽ رابيل به مون کي بي انتها چاهيندي به انهن لفظن جو اظهار نه ڪري سگهي هئي، اسان ته اڃا انهن لفظن جو اظهار نه ڪري سگهيا هئاسين ته اسان هڪٻئي کان ڪڏهن به جدا نه ٿينداسين، ته جدا ٿي وياسين.... اسان هڪٻئي کان جدا ٿي وياسين.... اسان جي ٻاراڻي محبت جيڪي ننڍڙي گلاب جي گل جيان هئي.... اهو گلاب جو گل اسان پوکيو ضرور هو، پر اهو گل اڃا ٽڙيو نه هيو..... اسان کي انهي گلاب جي گل جي اُسرڻ، ٽڙڻ جو انتظار هيو، هن جي خوشبو سان واسجڻ جو انتظار هيو..... ته اهو گلاب جو گل ڄڻ ڪنهن پٽي ورتو هجي..... ۽ اهو گل ڪومائجي ويو هجي، مون ۽ رابيل جيڪي خواب دل تي دل ۾ سانڍيا هئا، اهي بنا تعبير جي تُٽي چڪا هئا. سڀ خواب اڌورا رهجي ويا.... سڀ تعبيرون اڌ ۾ رهجي ويون.....


    نماڻي جا نيڻ

    مون جيئن ئي ڪائنات جو فون اٽينڊ ڪيو ته هن جي روئڻ جو آواز آيو، هو مسلسل روئي رهي هئي، ڪائنات جو فون ڪيڏي مهل به اچي اٽينڊ ضرور ڪندو آهيان، ڪائنات هن جيون ۾ مون کي سڀ کان وڌيڪ پياري آهي، آءُ هن جو روئڻ ٻڌي نه سگهندو آهيان، هن جي اکين ۾ ڳوڙها ڏسي نه سگهندو آهيان، آءُ هن جو پيءُ ته نه آهيان پر هو مون کي پاپا سڏي ٿي، هو چوي ٿي توهان منهنجا بيسٽ فرئنڊ پاپا آهيو، تڏهن هو مون کي سچي پچي پنهنجي سڳي ڌيءُ لڳي ٿي، هو مون کي سڳو پيءُ سمجهي ٿي ۽ سڳي پيءُ جهڙي عزت ڏي ٿي، آءُ به کيس دادلي ڌي وانگي ڀائيندو آهيانس، ڇو جو مون کي پنهنجي اولاد ۾ ڪا به ڌيءُ نه آهي، مون کي تمنا هئي، ڏاڍي جستجو هئي ته هڪ ڌيءُ منهنجي اولاد ۾ هجي، پر نه ٿي، خيالن ۾ آءُ پهه پچائيندو هوس ته مون کي هڪ ڌي هوندي ته ايترو پيار ڪندس، ايترو ڀائيندس جو هن کي دنيا جي ٻي ڪنهن به پيار جي طلب نه ٿيندي ۽ واقعي جي هجي ها ته منهنجي بي انتها گهڻي دادلي هجي ها.
    ڪائنات کي به آءُ سڳي ڌيءُ جيئان ڀائيندو آهيان، هو 20 سالن جي آهي، هن کي ٻه ڀيڻون ۽ ٽي ڀائر به آهن، هي ڌيئرن ۾ سڀ کان ننڍي آهي، پنهنجي پڙهائي ۾ بي انتها هوشيار، انتهائي گهڻو بااخلاق ۽ شڪل شبيهه سهڻي ۽ ڪردار ۾ سيرت سان ڀريل ۽ وڏي ڳالهه ته گهر جي ڪم ڪار ۾ دلچسپي رکندڙ، صفائي سٺائي ۾ باڪمال ۽ کاڌي پيتي ۾ هن جو هٿ بي انتها سٺو تمام سٺو رڌ پچاءُ به ڪندي آهي ائين چئجي ته ننڍي عمر ۾ گهر کي سنڀاليندڙ ۽ سمجهه دار ڇوڪري.... گهر کي سگهڙ عورتن جيان سنواريو سينگاريو ويٺي آهي، آءُ هن جي گهر اڪثر ويندو آهيان، هن جو پيءُ منهنجو سڳو سوٽ ٿئي..... هونئن به سڀ ڀاتي منهنجي عزت ڪندا آهن، پر آءُ هنن جي گهر صرف ڪائنات جي ڪري ويندو آهيان، هو مون کي زور ڀريندي رهندي آهي ته پنهنجي ڌيءُ وٽ روز اچان پر آءُ ڪڏهن ڪڏهن ويندو آهيان، هر روز وڃن منهنجي لاءِ ممڪن ڪونهي، پر موبائل تي صبح و شام ڳالهائيندي آهي، هو مون سان هر ڳالهه ونڊيندي آهي، پنهنجون فرمائشون، مون سان ڪندي آهي، ڏهه رپيا به خرچي وٺڻي هجيس ته مون کان وٺندي آهي، پنهنجي هر ڳالهه مون سان سليندي آهي، هن پنهنجي مستقبل جي هر واڳ منهنجي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏي آهي، پنهنجي ماءُ پيءُ جون دل آزاريندڙ ڳالهيون به مون سان شيئر ڪندي آهي.
    آءُ فون تي هن جو مسلسل روئڻ ٻڌي رهيو هوس، پنج منٽ کن سڏڪي سڏڪي چيائين پاپا.... توهان مون کي وٺي وڃو.... يا منهنجي شادي ڪرائي ڇڏيو، توهان مون کي هن گهر جي عذاب مان جان ڇڏايو، آءُ نه ٿي رهڻ چاهيان، هن جهنم ۾.... يا آءُ مرڻ چاهيان ٿي، مون کي اجازت ڏيو ته خودڪشي ڪريان.... آءُ هن گهر ۾ احساس محرومي واري زندگي گذارڻ نه ٿي چاهيان، هو سڏڪي سڏڪي مسلسل هڪ ساهه ۾ چئي وئي، آءُ جي هن جي ڀر ۾ هجان ها ته هن جا ڳوڙها هٿن سان اگهان ها.
    مون چيومانس منهنجي ڌي توکي ڇا ٿيو، ڪهڙن عذابن ۾ پئي آهين، جو مرڻ جو پئي سوچين، چيائين آءُ هن گهر جي ايڏي ساري خدمت ڪريان ٿي، ڀائرن کي بابا کي پلنگ تي ويٺي کاڌا کارايان ٿي، پر منهنجا ڀائر جو آهن جو چوويهه ڪلاڪ منهنجي سر تي موچڙا کنيو بيٺا آهن، ته هي کپي، هي نه کپي، هيئن ٿيو..... هونئن ڇو نه ٿيو، هي شئي پچائي اٿئي، هو شئي ڇو نه پڪي، منهنجي ماءُ آهي جيڪا پٽن جو بدلو هر وقت انهي ڪري وٺي ٿي جو هو هن جا پٽ آهن، منهنجي ٻن ڀينرن جي شادي ٿي وئي آهي، منهنجي به ڪرائي ڇڏيو.
    مون چيومانس ڌي.... جتي ڪٿي ڳالهه ساڳئي آهي، هتي به تنهنجي لاءِ پينگها ڪو نه رکيا ويندا جو توکي ويهاري پيا جهولائيندا.... اهي گهريلو ڳالهيون جتي ڪٿي آهن..... اهي مسائل ۽ مسئلا هر گهر ۾ آهن.... مون سمجهايو ته سمجهي وئي، هونئن به منهنجي هر ڳالهه سمجهي ويندي آهي.
    امان آهي جو پنهنجن کريل پٽن کي مٿانهون ٿي ڪري، جاهل، اڻ پڙهيل، رات ڏينهن مڇون مروڙيون گهر ۾ ويٺا رعب ڪن، نڪما..... جاهل .... اڻ پڙهيل، نه نوڪري نه تعليم .... سڄو ڏينهن ڪبوتر پالڻ جو شوق.... امان جو آهي جو پٽ پٽ ڪريو ساهه پئي نڇاور ڪري .... هو باهه مان هڪ ساهي وري چئي وئي.
    مون ڪائنات کي سمجهايو.... پر هن جي ماءُ ۽ پيءُ کي نه ٿو سمجهائي سگهان....
    مون ڪائنات کان واعدو ورتو ته تون ڪڏهن به ڪا نه رئندي، ڪڏهن به مرڻ جون ڳالهيون نه ڪندي ۽ ڪجهه به غلط نه سوچيندينءَ. هن مون سان واعدو ڪيو پر آءُ هن جي گهر جي جاهلانه ماحول مان هڪ منٽ به مطمئن ڪو نه هوس.


    پيار جي ورهاست

    هفتي، ڏهه ڏينهن کان احسان جي گهر مان گوڙ گمسان، روڄ راڙو ۽ جهڳڙن جو آواز اچي رهيو آهي، صبح شام، مائٽن جي اچ وڃ، فيصلا روئڻ جو آواز.... احسان جو گهر اهو گهر هو، جت امن امان، بلڪل خاموشي رهندي هئي، ڪڏهن به ڪنهن به پاڙي واري هن جي گهر مان وڏي آواز واري ڳالهائڻ جو آواز به نه ٻڌو هو، اتي اڄ فيصلا پئي ٿيا.... احسان جو گهر جيڪو عاليشان بنگلو هو، جتي زندگي جي هر سهولت جو سامان هو، هن گهر ۾ ڀاتي ئي ٽي هئا، زال مڙس ۽ هڪ ڌي .... هن گهر جي پيار ۽ محبت جا چرچا..... ڳائبا هئا، زال مڙس جي وچ ۾ بي انتها محبت هئي ۽ هڪ ڌي هنن جي دادلي ڌي هئي.... انهن کي اولاد ئي هڪ ڌي جي صورت ۾ ٿي.
    مون کي خبر هئي ته احسان جي گهر اهو گوڙ ۽ شور، هل ۽ هنگامو، فيصلا ۽ نياءَ ڇا جا هئا، پندرهن ڏينهن اڳ احسان ٻي شادي ڪئي هئي جيئن اها خبر هتي پئي ته جهڳڙا فساد شروع ٿي چڪا هئا، ڏينهن رات فيصلا پئي ٿيا، احسان جو گلو ويهي رهيو هو، ڳالهائڻ جو آواز نه پئي نڪتس.
    احسان ۽ آءُ هڪ ئي آفيس ۾ هئاسين، گڏ جوائن ڪيو هوسين، سو اسان جي دوستي آفيس جي پهرين ڏينهن کان آهي، انهي حساب سان اڄ تائين هڪٻئي جا عزيز ترين دوست آهيون.
    نوڪري مليم ته ڪجهه سالن بعد شادي ڪيم ۽ پنهنجي لاءِ گهر پئي ڳوليم ته احسان پنهنجي پاڙي ۾ مون کي مسواڙ تي جاءِ وٺي ڏني، احسان ۽ هن جا ڀائر سڀ انهي گهٽي ۾ الڳ الڳ جاين ۾ رهندا هئا، ۽ منهنجي احسان جي ڪري سڀني سان دعا سلام ٿي، منهنجي زال کي به سڀ تمام گهڻي عزت ڏيندا هئا، ڏسندي ڏسندي مون کي اهو محسوس نه ٿيو ته اسان اڪيلا زال مڙس ڪٿي رهيا پيا آهيون، مائٽن وارو ماحول ٿي ويو هو، ڪجهه سالن بعد احسان به شادي ڪئي، هن هڪ پلاٽ ورتو هو، پوءِ آهستي آهستي جاءِ ٺهرايائين، اڄ هتي هن جو عاليشان بنگلو هو، پوءِ اسان ڄڻ هڪٻئي جا ٿي وياسين.
    ويهه سال گذري چڪا هئا، اسان جي شادين کي ۽ هڪڙي پاڙي ۾ گڏ رهندي پنجويهه سال گذري چڪا هئا، انهي دوران منهنجو ماشاءَ الله وڏو ڪٽنب ٿي چڪو هو، مون کي پنج ٻار ٿي چڪا هئا ۽ احسان کي صرف هڪ ٻار ڌي هئي..... ٻيو اولاد نه ٿيو، احسان جو گهر هڪ جنت نما گهر هو.
    خوشين ۽ ٽهڪڙن جي فضا هئي، هر وقت خوشين ڀري ماحول ۾ هنن جي زندگي جو لمحو لمحو گذريو، هنن جي گهر ۾ پيار ۽ محبت هئي، ڪڏهن به ڪنهن جهڳڙي جو آواز به نه ٻڌو ويو هو، جهڳڙو ته پري ٿيو، پر وڏي آواز ۽ ڳالهائڻ به نه هوندو هو، احسان جي زال شادي کان ڏهن سالن بعد هڪ ڌي کي جنم ڏنو..... ڌي کي پيدا ڇا ڪيائين، پاڻ بيمار ٿي پئي، احسان پنهنجي گهرواري سان بي انتها پيار ڪندو هو ۽ دل و جان سان چاهيندو هو، پنهنجي سڳي سوٽ هيس..... هن پنهنجي زال جو علاج شروع ڪيو.... ڏسندي ڏسندي هو گهڻو بيمار رهڻ لڳي، مقامي ڊاڪٽرن کان علاج ڪرائيندي ڪرائيندي ڪراچي جي آغا خان اسپتال تائين پهتو.
    هو مون سان هر حال اوريندو هو، اسان ٻئي هڪ ٻئي سان ڏک سک ونڊيندا هئاسين، ڄڻ ته ڏکن سکن ۾ ساٿ نڀائيندا هئاسين، هن پنهنجي زال جي بيماري جو هر حال مون کي ٻڌائيندو رهندو هو، هن کي Breast Cancer ٿي پيو هو، ڪهه سالن بعد هن ڇاتي جو هڪ پاسو آپريشن ڪرائي ڪڍرائي ڇڏيو هو، پر پوءِ به هو پنهنجي بيماري مان آجي نه ٿي هئي، هاڻ هن کي بلڊ ڪينسر ٿي چڪو هو، گلاب جي گلن جيان ٻهڪندڙ چهرو ڪومائجي هڏائين پڃري جهڙي ٿي وئي هئي، زرد چهرو .... بي انتها بيماري جي حالت ۾ بستري داخل ٿي چڪي هئي، احسان هن جي علاج ۾ سڀ ڪجهه لٽائي چڪو هو، بس ها هو هڪ زنده لاش هئي، زال جي علاج ۾ هن وسان ڪين گهٽايو، اڄ تائين مهيني ۾ هڪ ٻه دفعا آغا خان اسپتال ڪراچي ويندا آهن، ننڍي عمر ۾ وڏي آزارن ۾ پئجي وئي، احسان جي زال هڪ زنده لاش هئي.... چوويهه ڪلاڪ بستري تي هوندي هئي، دنيا جي هر ڪم ڪار کان لاچار هئي..... دنيا جي لاهين چاڙهين کان بلڪل بي خبر.... هيڏانهن احسان لاءِ دنيا جو وڏو امتحان هو، هو زال سان ملڻ لاءِ ترسي چڪو هو، هو انتهائي شريف ۽ محبت ڪندڙ انسان هو پر هڪ مرد به هو.
    زال جي محبت ۽ قربت کانسواءِ اڪيلو اڪيلو ٿي پيو هو، هن کي هڪ زال جي ضرورت هئي، مايوس ۽ ويڳاڻو ويڳاڻو رهڻ .... اداس رهڻ لڳو هو.
    هڪ ڏينهن مون سان حال اوريندي چيائين يار آءُ ڪو پوڙهو به نه ٿي ويو آهيان، مون کي هڪ پيار ڪندڙ زال جي ضرورت آهي، آءُ صحت مند مرد آهيان، زال کان سواءِ زندگي گذارڻ مشڪل ٿي پئي آهي، آءُ ٻڌي حيران ٿي ويس، مون چيو ڇا ٿو چاهين..... چيائين ٻي شادي ڪرڻ ٿو چاهيان..... مون سمجهايو مانس ته تنهنجي ڌي هاڻ سمجهدار آهي.... هن کي هاڻ تهنهنجيي ضرورت آهي، هن قدم کڻڻ کان اڳ زال ۽ ڌي کي اعتماد ۾ ضرور وٺجان، ته هن چيو زال ته ڪيترا دفعه چئي چڪي آهي ته ڀلي ٻي شادي ڪر.... ۽ هن ٻي شادي ڪرڻ جي موڪل به ڏني آهي، گذريل هڪ ٻن سالن کان هن چئي ڇڏيو آهي ته ڀلي ٻي شادي ڪر.... پر سوچيندي سوچيندي ڌي جي وڌندڙ عمر ذهن ۾ اچي ٿي ته ڪٿي ڌي احساس محرومي ۾ مبتلا نه ٿي وڃي، پر پوءِ چيائين، ادا.... مون ڌي کي به اعتماد ۾ وٺي ڇڏيو آهي، هن به اجازت ڏني آهي، زال ته اڳئي چئي پئي ته ٻي شادي ڪر پر الڳ رهائجان، ٻي زال کي ڪنهن الڳ گهر ۾.
    هاڻ ڏهه ڏينهن اڳ هن نڪاح ڪيو آهي، الڳ فليٽ به ورتو آهي.
    مون پڇيومانس ته احسان پوءِ هي ڇا جو جهيڙو آهي، ڇو تنهنجي گهر ۾ فساد شروع ٿي چڪا آهن، محبتن وارو گهر ڇو نفرتن ۾ تبديل ٿيو آهي، جنهن گهر مان ڳالهائڻ جو آواز به نه ٻڌندا هئاسين، اتي اڄ فيصلا پيا ٿين، ته چيائين، آءُ به زندگي مان بيزار ٿي چڪو آهيان جڏهن هنن هر ڳالهه جي اجازت ڏني هئي.... پوءِ ڇو جهڳڙا شروع ڪيا اٿن. زال ۽ ڌي جي اجازت کانپوءِ ئي ٻي شادي ڪئي اٿم، هاڻ جڏهن نڪاح ڪيو اٿم تڏهن هنن قيامت برپا ڪري ڏني آهي.
    ٻي شادي جو ٻڌي هنن کڻي گوڙ ڪيو آهي ۽ ٻڙڌڪ کڻي مچايو آهي.
    صبح و شام گوڙ کڻي ڪيو آهي، احسان ٻي شادي ڪري چڪو هو..... آهستي آهستي گوڙ گمسان گهٽ ٿي ويا هئا، هاڻ احسان آفيس به اچڻ لڳو آهي، انتهائي خوشگوار....ناخوشگوار.... ٻنهي سان زندگي پيو گذاري.


    جيئڻ جنين ڪاڻ

    آچر جو ڏينهن هيو، ٻنپهرن جو هڪ ٿيو هو، آءُ گهر ۾ ويٺو هوس، هڪ فون آئي ڏٺم ته نئون نمبر هو .... فون اٽينڊ نه ڪيم .... وري ٻيو دفعو فون آيو، جيئن هيلو ڪيم ..... ته هتان آواز آيو ..... اسلام عليڪم .... هڪ زنانو آواز ..... معاف ڪجو مون اوهان کي ڊسٽرب ته نه ڪيو.....
    جي توهان ڊسٽرب به ڪيو ته به ٺيڪ آهي، مون وراڻيو.....
    حڪم ڪريو..... مون توهان کي نه سڃاتو ۽ نه ئي توهان جو نمبر مون وٽ سيوِ آهي.
    آءُ توهان کي ڏسڻ چاهيان ٿي، هن چيو.....
    مون وراڻيو، توهان پنهنجو تعارف ته ڪرايو.
    چيائين توهان مون کي ڏسندا ته سڃاڻي ويندا ..... پليز .... ڪلاڪ، اڌ ڪلاڪ، توهان مون کي ڏيڻ چاهيندا، ڪي ورهيه ٿيا آهن، توکي نه ڏٺو اٿم .....
    پر پليز .... توهان ڪير آهيو، ڪٿي آهيو ۽ ائين ڪيئن ٿو ملي سگهان، توهان کي منهنجو نمبر ڪيئن ۽ ڪٿان مليو .... ڇا توهان مون کي چڱي طرح سڃاڻو به ٿا......
    هاها..... توهان اڪبر آهيو ۽ هاڻ سنڌي ادب جا بهترين شاعر ۽ ڪهاڻيڪار اڪبر بلوچ آهيو .... ڄڻ هن منهنجو سڄو تعارف ڪرائي ورتو. اڃا به چئين ته تنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جو نالو به ٻڌايان.
    ۽ توهان .... وري به مون هن کان نالو پڇندي چيو...... توهان پنهنجو نالو ته ٻڌايو......
    سڀ ڪجهه فون تي ٻڌائي ڇڏيان ته توکي ڏسندس ڪيئن .... مهرباني ڪري جلدي اچ .... جيئن ڪجهه دير توکي ڏسي سگهان ..... هن ڄڻ التجا ڪئي. آءُ هن وقت پزا هٽ ۾ ويٺي آهيان .....
    مون چيو..... آءُ توکي ڪيئن سڃاڻندس.
    هن چيو ..... آءُ توکي پاڻيهي ئي سڃاڻي وٺندس.
    بس پليز جلدي اچ..... مون وٽ ٽائيم ڪونهي، بس توکي ڏسان ۽ پوءِ هلي وڃان.
    بس مون گاڏي ڪڍي ۽ سڌو پزاهٽ پهتس. جيئن گاڏي بيهاريم، هو ٻاهر اچي بيٺي هئي ۽ مون کي سلام ڪندي، ٿورو مڃيندي، چيائين ..... تو منهنجو چوڻ مڃيو ۽ هليو آئين تنهنجا اهي وڙ ....لک ٿورا ..... مون جيئن ئي هن کي ڏٺو، مون کان هلڪڙي آواز نڙي ۾ گهٽيل آواز واري رڙ نڪري وئي..... پرڀات تون.....!!
    اندر وٺي وئي، هڪ ڪنڊ واري ٽيبل تي ويٺاسين....ٻنپهرن جو ٽائيم هو.... پزاهٽ خالي پيو هو، هڪ ٻن ٽيبلن تي ماڻهو هئا.
    اڪبر مون کي سڃاڻي ورتئي نه .... مون پنهنجو تعارف ئي نه ڪرايو ته تو منهنجو نالو وٺي ڇڏيو.
    ها پرڀات .... تون ئي ته منهنجي حياتي هوئين..... تون ئي ته منهنجي لاٽ هئين..... تون ئي منهنجي روشني هوئين..... منهنجو آدرش ..... منهنجو آواز ..... ۽ منهنجي جيون ۾ روشني جو ڪرڻو ..... ۽ آءُ توکي ڪيئن نه سڃاڻي سگهندس.
    ها اڪبر ..... اڄ تو کي پنجويهه سالن کانپوءِ ڏٺو اٿم..... مون توکي هڪ پل لاءِ به وساريو نه آهي. مون توکي ڪڏهن به دل مان ڪڍيو نه آهي.
    ايئن چوندي ..... هن جي اکڙين مان ڳوڙها وهي نڪتا ..... آواز ڀرجي ويو .... هن کي ڏسي منهنجون اکيون به آليون ٿي ويون، شايد پنجويهه سالن کانپوءِ هڪٻئي کي ڏسڻ جي خوشي جا ڳوڙها هئا.
    هن جو ننڍڙو پٽ جيڪو شايد پلي لينڊ ايريا ۾ کيڏي رهيو هو، اهو هن وٽ اچي ويو، هو عمر ۾ ايترو ننڍو هو جو ڪو به سوال نه ڪري سگهيو، هو صرف مون کي ڏسندو رهيو، تيسيتائين پزا جي پليٽ به اچي وئي....
    پرڀات تڪڙ ۾ هئي..... جو پزا جو آرڊر اچڻ سان ئي ڏئي چڪي هئي.
    اکڙين مان ڳوڙها وهائيندي چيائين اڪبر... آءُ تنهنجي گنهگار آهيان.... آءُ تنهنجي خطادار آهيان ..... جو توکي چاهيندي به تنهنجي ٿي نه سگهيس، توکي دل ئي دل ۾ مجازي خدا مڃيندي به توکي حاصل نه ڪري سگهيس، تنهنجو پيار نه ماڻي سگهيس، تون منهنجو ڪلهه به پيار هوئين ۽ اڄ به منهنجو پيار آهين. هان..... هي وٺ ..... پزا جو هڪ پيس .... گرهه ٺاهيندي پنهنجن هٿن سان مون کي ڏنائين، چيائين اڪبر منهنجي هٿ وارو هي گره ته کاءُ......
    ها پرڀات...... تون چوندي هئين ته پيار سدائين رهندو آهي، سدائين دل ۾ وسندو آهي، شادي ڪرڻ يا نه ڪرڻ سان ڪو به فرق نه پوندو آهي، جنهن سان پيار هوندو، تاحيات هن سان ئي رهندو آهي ۽ آءُ سدائين هن جي اها ڳالهه رد ڪندي چوندو هوس..... نه پرڀات پيار حاصل ڪرڻ جو نالو آهي، جنهن سان سچو پيار هجي..... هن کي حاصل نه ڪجي يا هن سان گڏ زندگي نه گذارجي ته اهڙي پيار کي سِڪون ۽ آهون نصيب ٿينديون آهن...... جدائي جون شامون ..... جدائي جون راتيون......
    مون کان پڇيائين...... تو شادي ڪئي....... تنهنجي زال خوش قسمت هوندي جو تو جهڙو پيار ۽ پيار ڪندڙ ور مليو هوندس، تنهنجي زال ڪيئن آهي، سهڻي ته آهي نه ...... ٻار ڪيترا اٿئي...... تنهنجي زندگي ڪيئن پئي گذري...... تون ڪيئن آهين ..... سکيو آهين نه ..... سٺو پيار مليو اٿئي نه..... پرڀات کي شايد تڪڙ هئي جو هڪ ساهه ۾ ڪيترا سوال ڪري وئي..... يا منهنجي آتما.... هڪ ساهه ۾ ٻڌڻ پئي چاهيائين.....مون سڀني ڳالهين جو جواب هڪڙي جواب ۾ ڏنومانس ته روئي پئي......
    مون چيومانس..... پرڀات تون ئي ته منهنجي زندگي هئين..... تون ئي منهنجي روشني هئين..... بس ٻي ڪنهن زندگي ۽ ٻي ڪنهن پرڀات کي حاصل ڪرڻ جي طلب ئي نه رهي.....
    پرڀات تون ئي ته چوندي هوئين ته شادي ڪرڻ يا نه ڪرڻ سان ڪو به فرق نه ٿو پوي، محبت سدا قائم رهندي آهي.... دلين ۾ سدا وسندي آهي ته پرڀات مون تنهنجي ڳالهه جو ڀرم رکيو آهي ۽ اهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته منهنجي پرڀات صرف تون ئي هئين.... ۽ تون ئي آهين..... ۽ تون ئي رهندين..... منهنجي دل چاهيو ته هن جو ڳوڙها، پنهنجي هٿن سان اگهان، هن جو سر پنهنجي جهولي ۾ وجهي هن کي پرچايان..... هن کي ڀاڪر پائي چميون ڏيان..... هن جا وهيل ڳوڙها پي وٺان..... پر اهو سڀ ڪجهه نه ڪري سگهيس، ٽيهه سال پوئتي هليو ويس، آءُ ۽ پرڀات هڪڙي ئي اڱڻ ۾ وڏا ٿيا هئاسين..... اکر ڀوري راند ڪندي ننڍپڻ گذريو هو، هو اکر ڀوري راند کٽيندي هئي ته موٽ ۾ پنج روپئي وارو سڪو ڦري وٺندي هئي..... مون کٽيو، مون کٽيو.... چئي خوش ٿيندي هئي.
    اسان ٻئي بلور بلور....گل ٻوڙڻ واري راند کيڏندا هئاسين.... هو سدائين اها راند کٽي ويندي هئي... پوءِ منهنجا کٽيل بلور.... واپس ڪندي چوندي هئي.... ڇا ياد ڪندين..... وٺ بلور.... ۽ پوءِ آءُ پنهنجا سڀ بلور هن کي ڏيئي ڇڏيندو هوس، هو سڀ بلور هڪ دٻي ۾ وجهي کڙڪائي کڙڪائي خوش ٿيندي هئي ۽ مون کي ڀاڪر ۾ ڀري چوندي هئي، اڪبر تون ڪيڏو نه سٺو آهين.....
    اسان ٻارڙن جي ريل گاڏي واري راند ڪندا هئاسين.....
    جو کير پئي..... سو وير ٿئي
    ڏند زور وٺن لڱ چست ٿين.....
    ڏي کير امان.... پي پڙهڻ وڃان.
    ننڍڙن ٻارڙن جي ريل.... هڪ ٻئي جا چولا پڪڙي، ريل ٺاهيندا هئاسين..... پاڙي واري گهٽي، جيڪا گهرن کان امام بارگاهه تائين سڌي سڌي ويندي هئي، پرڀات به منهنجي پويان.....چولو پڪڙي انهي راند ۾ شامل هوندي هئي.....پوءِ زور سان بيت چوندا هلندا ڊوڙندا هئاسين.....
    ڏي کير امان....
    پي پڙهڻ وڃان....
    وري ٻيو بيت....
    جهو جهو ماٽي.....لسي پيون گهاٽي.....
    ائين..... رانديون ڪندي جيون جا پتڪڙا پتڪڙا قدم اڳتي ڊوڙي رهيا هئا.
    پرڀات اڪثر ڇوڪرين سان ”ٽاپو“ راند ڪندي هئي....توڙي جو اها راند ڇوڪرين جي هوندي هئي، پر مون کي شامل ڪرڻ لاءِ ضد ڪندي هئي، ٻيون ڇوڪريون نه مڃينديون هيون، ته هڪ ڇوڪرو اسان ڇوڪرين سان گڏ ڪيئن راند کيڏندو ته هي انهي راند ۾ شامل نه ٿيندي هئي.
    ائين اسان جا ننڍپڻ جا ڏينهن کلندي، ڪڏندي گذري رهيا هئا.
    جيئن ته پرڀات منهنجي سوٽ هئي.... سڳي چاچي جي ڌيءَ..... هڪ ئي اڱڻ ۾ اسان جا اٺ ڏهه گهر هئا.... منهنجي ڏاڏي....پنهنجن سڀني پٽن ۽ ڌيئرن کي هڪ ئي اڱڻ ۾ گڏ ويهاريو هو، جو هڪ ٻئي جو گهر اچڻ وڃڻ ائين ئي رهندو هو، ويتر جو هڪ ٻئي جا سوٽ ماسات هئاسين ته ڪنهن به قسم جي اچ وڃ يا ڪچهرين ڪرڻ جي رنڊ روڪ نه هوندي هئي، پرڀات ٻنپهرن جي ۽ رات جي پنهنجي حصي جي ماني مون وٽ کڻي ايندي هئي، اسان ٻئي گڏجي ماني کائيندا هئاسين.
    اسان هلڪڙي هلڪڙي جواني ۾ قدم رکي چڪا هئاسين، منهنجي ماءُ اسان ٻنهي جي پيار کي پرکي ورتو هو، اسان کي ايترو ويجهو ڏسي ڏاڍي خوش ٿيندي هئي، ۽ پرڀات کي ڏاڍو پيار ڪندي هئي ۽ پرڀات به امان جي ڏاڍي عزت ڪندي هئي.
    پرڀات جي مون سان ويجهڙائپ ڏسي، سندس ماءُ اعتراض ڪرڻ لڳي، پنهنجي ڌيءُ کي روز چوندي هئي... ته اها ڳالهه مون کي پسند نه آهي ته تون اڪبر جي ويجهو ٿيندي پئي وڃين، پر پرڀات پنهنجي ماءُ جي ڳالهه نه مڃيندي هئي، ڇو جو هو پنهنجي پيءُ جي دادلي ڌيءُ هئي ۽ سندس پيءُ اسان کي ڀائيندو به هو ته چاهيندو به هو ته پرڀات جي شادي سندس ڀاءُ جي گهر ٿئي.
    هاڻ پرڀات جوان ٿي چڪي هئي ۽ سهڻي به تمام گهڻي هئي، چهري تي قدرتي رونق ۽ روشني هيس، جو سڀني کي پئي وڻندي هئي.
    اسان جي اڱڻ ۾ پرڀات جي جواني جا چرچا هلڻ لڳا هئا، سندس مڱڻي ۽ شادي جون ڳالهڙيون گهلڻ لڳيون هيون، جڏهن سندس ڪنن تي اهي ڳالهڙيون پهتيون ته مون کي چيائين....اڪبر....توهان پنهنجي ماءُ پيءُ کي چئو ته منهنجو سڱ تنهنجي لاءِ گُهرن ۽ بابا وارن سان اچي ملن رڳو مڱڻي ٿي وڃي ۽ پوءِ بس....
    وايو منڊل ۾ پرڀات جي گهر، هن جي سڱ ۽ مڱڻي جون ڳالهيون هلڻ لڳيون ته مون پنهنجي ماءُ پيءُ کي سڱ گهرڻ لاءِ موڪيلو، انهن به دير نه ڪئي، باقاعده سڱ گهرڻ ويا، منهنجو چاچو ته راضي ٿي ويو، پر منهنجي چاچي نابري واري ۽ پنهنجي دل جي ڳالهه ڪڍندي چيائين.... اسان کي سوچڻ جو موقعو ڏيو، ڇو جو پرڀات منهنجي وڏي ۽ سهڻي ڌيءُ آهي، جيڪا آءُ پنهنجي ڀاءُ جي پٽ کي ڏيڻ چاهيان ٿي.
    مون کي ۽ پرڀات کي انهي ڳالهه جو گمان ئي نه هيو.... اسان سوچيو هو ته يڪدم ها ٿي ويندي ۽ مڱڻي به ٿي ويندي، منهنجي ماءُ چيو....پرڀات ۽ اڪبر هڪٻئي کي چاهين ٿا، ڀائين ٿا، هڪٻئي سان پيار ڪن ٿا، تڏهن پرڀات جي ماءُ چيو هو ته اهي ٻار آهن، ٻارن جا فيصلا ڪي مڃبا آهن ڇا؟ منهنجو چاچو جيڪو اسان جي سڱ ۾ راضي هو پر هن به في الحال ماٺ جو روزو رکيو.
    پرڀات کي هن جي ماءُ منع ڪيو ته هاڻ هو مون سان نه ملي.... هو اسان جي گهر به نه وڃي.
    تڏهن به پرڀات روز شام جو منهنجي ڀيڻ جي گهر اچي ويندي هئي، اتي اسان ٻئي پينگهي ۾ لڏندي لڏندي پينگهي جي ٽڙڪاٽ جي آواز ۾ کوڙ ساريون ڪچهريون ڪندي، وچن ڪرڻ لڳاسين، وعدا وٺندا رهياسين، هڪ ٻئي سان گڏ جيئڻ جا قول قرار ڪرڻ لڳاسين ۽ رات جو امان روز ڪچهري ڪرائيندي هئي، اسان جي گهر جي ٿلهي تي امان سگري ٻاريندي هئي، انهي سگري جي چوطرف سڀ چاچا، چاچيون، سوٽ، ڀائر، ڀينرون هر روز اچي ويهندا هئا، هر روز چانهه جو ديڳڙو چڙهندو هو ۽ ڪچهري مچي ويندي هئي، ويهه پنجويهه ماڻهن جي چانهه سان گڏ ڪچهري ۾ مزو ٿي ويندو هو، آڌي رات تائين کل ڀوڳ جا چرچا هلندا هئا، پرڀات به ڊوڙي ڊوڙي اچي سڀني کي هٽائي منهنجي ڀرسان ٻانهن ۾ ٻانهن ڏيئي بلڪل مون کي چنبڙي ويندي هئي، سڀني کي اهو ڀانور ڪرائيندي هئي ته اڪبر منهنجو آهي، متان مون کان ڪير کسڻ جي ڪوشش ڪري..... ۽ مون سان ٻانهه ۾ ٻانهه ڏيئي وجهي سڀني کي ٻڌائي ۽ ڏيکاري رهي هئي ته آءُ صرف اڪبر جي آهيان.
    هاڻ پينگهي جي لوڏ ۾ اسان جي ڪچهرين جو موضوع، اسان جي پنهنجي شادي جو هوندو هو، چوندي هئي، دل جي دڙڪن جي آخري ساهه تائين آءُ اهو ڪرڻ نه ڏينديس ته منهنجي شادي ٻي هنڌ ٿئي، ۽ وري ٻي پل مون کي سمجهائيندي هئي ته اڪبر شادي....محبتن جو معراج نه آهي....محبت ازل کان ابد تائين رهندڙ هڪ لازوال رشتو آهي، جيڪو ڪڏهن به ٽٽندو نه آهي، جهرندو نه آهي، دل ۾ سدائين وسندو رهندو آهي، آءُ تنهنجي دل ۾ آهيان ۽ تون منهنجي دل ۾ آهين، آءُ چوندو هومانس، پرڀات اها دلين واري محبت جي فلسفي کي آءُ نه ٿو مڃان، تون مون سان گڏ نه هجين.... زندگي جي هر موڙ تي تنهنجو ساٿ مون سان نه هجي...زندگي جي پيار پريت لمحن ۾ تون مون سان گڏ نه هجين پاڻ هڪٻئي کي ڇهي نه سگهون، تون مون کان پري هجين ۽ آءُ توکي ڏسي به نه سگهان، رسي به نه سگهان، پنهنجا وجود هڪٻئي کان جدا هجن.... ته اها محبت منهنجي نظر ۾ لا محبت آهي.... پر هو پنهنجي فلسفي تي قائم رهندي دليل ڏيندي هئي ۽ آءُ ماٺ ٿي ويندو هوس، اهو وقت اچي ويو.... پرڀات پنهنجي ماءُ جي اڳيان هارائي وئي، هي هن جي پهرين شڪست هئي، جيڪا ماءُ هن کي ڌمڪي جي صورت ۾ ڏني هئي ته جيڪڏهن تو شادي منهنجي ڀاءُ جي پٽ سان نه ڪئي ته آءُ خودڪشي ڪري ڇڏينديس....هن ڳالهه کان پوءِ پرڀات هارائي....پري....تمام گهڻو پري هلي وئي، ڏسڻ کان به پري.... جهٽ پٽ ۾ شادي ڪري ڇڏي متان پرڀات بدلجي وڃي.... يا ڪو انقلابي قدم نه کڻي وٺي، هو پري هلي وئي، اسان هڪٻئي کي ڏسڻ کان به پري، پر سڪي وياسين.
    پرڀات جي مڙس جو فون آيو ته آءُ ڪٿي ۽ ڪيڏي مهل اچان ته پرڀات هن کي چيو تون ڪلاڪ کن ۾ ريشم گلي وٽ اچجان.
    تڏهن مون چيومانس....پرڀات تنهنجا سڀ مائٽ حيدرآباد شفٽ ٿي ويا آهن، تون ڇو نه ٿي شفٽ ٿئين، تڏهن چيائين ته منهنجو مڙس چوي ٿو ته جيسيتائين اڪبر حيدرآباد ۾ آهي يا جيسيتائين جيئرو آهي، تيسيتائين شفٽ نه ٿينداسين.....
    پرڀات مون کي ٻڌايو ته مون چيومانس جي اها ڳالهه آهي ته ڇا تون اڪبر کي منهنجي دل ۽ روح مان ڪڍي سگهين ٿو.
    ڀانءِ ..... پرڀات جي مڙس کي ڪيڏو خوف هو.... اسان جي دلين جي ڌڙڪنن جو ....
    مون شادي نه ڪئي هئي، پرڀات کي چيم، تنهن جي محبت واري فلسفي ۾ ڪيتري سچائي آهي ۽ منهنجي محبت جي سلسلي ۾ ڪيتري سچائي آهي، جو مون توکان سواءِ ٻي ڪنهن سان زندگي گذارڻ جو سوچيو ئي ڪو نه....
    ڪجهه دير بعد پزاهٽ مان نڪري هو ريشم گلي هلي وئي ۽ مان پنهنجي گهر موٽي آيس.....


    ڪُلها ننڍا بار وڏا

    لياقت ۽ مون کي گڏ نوڪري ملي هئي هڪڙي ئي آفيس ۾ ملي ته اسان جي دوستيءَ جا ٻنڌڻ ڪجهه وڌيڪ مضبوط ٿي ويا هئا.
    اڄ کان ٽيهه سال اڳ جڏهن اسان ٻئي اندازن ويهه سالن جا هئاسين ته نوڪري ملي هئي، اسان ٻنهي جون شاديون به هڪڙي سال ٿيون هيون، جڏهن اسان جي عمر پنجويهه سال کن هئي، اهو هڪڙو اتفاق هو ته لياقت جو ۽ منهنجو پيءُ اسان جي شادين بعد هڪ ٻئي پويان گذاري ويا.
    جيئن ته لياقت پيءُ کان پوءِ پنهنجي ڪٽنب جو وڏو ڀاتي هو ته گهر جو سربراهه ٿي ويو، هن جي ڪلهن تي سندس گهر جو وڏو بار پئجي ويو، لياقت کان ننڍا چار ڀينرون ۽ ٻه ڀائر هئا ۽ آءُ پنهنجي خاندان ۾ سڀني ڀينرن ۽ ڀائرن کان ننڍو هئس.
    اسان ٻئي نوڪري بعد حيدرآباد لڏي آياسين، جو نوڪري به هتي هئي، لياقت پنهنجو پورو خاندان وٺي شفٽ ٿيو هو ۽ آءُ صرف پنهنجي زال وٺي حيدرآباد آيو هئس. اسان سدائين گڏ هوندا هئاسين، اسان فليٽ به هڪڙي ئي فلور تي آمهون سامهون مسواڙ تي ورتا هئا، اسان سدائين هڪ ٻئي جي ويجهو ۽ بي حجاب رهيا هئاسين، اسان جي گهر جي ڀاتين ۾ ڪو حجاب نه هيو، هونئين ته اسان صرف دوست هئاسين، پر هڪ ٻئي جي گهر اچ وڃ يا تعلقات ۾ ..... آفيس ۾ ..... گهر ۾ گهمڻ ڦرڻ ۾ ...... چڪر چاڙي ۾ هميشه گڏ هوندا هئاسين.
    جيئن ته لياقت تمام وڏي ڪٽنب کي سنڀاليندڙ اڪيلو ڪمائيندڙ هو، هن جي نوجوان ڪلهن تي وڏو بار هو، تنهن ڪري هن پنهنجو پاڻ کي اعتدال پسند ۽ محتاط رهندڙ شخص بنائي ڇڏيو هو، اجائي خرچ .... گهمڻ ڦرڻ، کائڻ پيئڻ ۾ تمام گهڻو محتاط ٿي ويو هو، جتي به گهمڻ ڦرڻ ويندا هئاسين ته آءُ ڪوشش ڪندو هئس ته خرچ جو بار هن تي نه پوي، آهستي آهستي هن جون چار ڀينرون جوان ٿي رهيون هيون، ماءُ جي بيماريءَ جو خرچ، ڀينرن ۽ ڀائرن جي پڙهائيءَ جو خرچ، پنهنجي زال جو خرچ ۽ پاڻ يارهين گريڊ جو سرڪاري ملازم، نوڪريءَ وارو پگهار گهٽ محسوس ڪرڻ لڳو ته شام جو هڪ اخبار جي آفيس ۾ نوڪري ڪرڻ لڳو، مون سان هر حال اوريندو هو، هن جو مرڪون ختم ٿي ويون هيون، هن جي چهري تي سنجيدگي اچي وئي هئي، هن جي ڪلهن تي وڏا بار پئجي ويا هئا، پنهنجي بيمار ماءُ، نوجوان ڀيڻن جي شادي ۽ ڀينرن، ڀائرن جي پڙهائي جو وڏو فڪر رهندو هو ته الائجي ڇا ٿيندو ۽ ڪيئن ٿيندو، پر آءُ هن جي قدم قدم تي حوصله افزائي ۽ همت ڏياريندو هئس ۽ هر وک تي هن جو ساٿ نڀائيندو رهيس.
    ائين وقت جو ڦيٿو ڦرندو رهيو، هڪ ڀيڻ جو رشتو آيو ته طئي ٿي ويو ۽ هن جي شاديءَ جي تيارين ۾ لڳي ويو، هوڏانهن مون کي به هڪ پٽ جو اولاد ٿيو ته لياقت کي به ڌيءَ ڄائي هئي، اسان پنهنجي دنيا ۾ خوش هئاسين، لياقت جي هر ڏکئي وقت پئسن جي کوٽ ۾ آءُ ئي هن جي هر مشڪل گهڙي ۾ ساٿ ڏيندو هئس، هن جي ڀيڻ جي شادي ۾ مون هن جي ڀرپور مدد ڪئي.
    ايئن لياقت آهستي آهستي هڪ هڪ ڀيڻ کي پڙهائيندو رهيو ۽ شادي به ڪرائيندو رهيو، لياقت جي زندگي، جدوجهد، پگهار ۽ نوڪري جو مقصد ئي اهو وڃي رهيو هو ته ڀيڻن ۽ ڀائرن کي اعليٰ مقام تي پهچايان.
    هڪ ڀيڻ ڊاڪٽر، هڪ ڀيڻ نرس، هڪ ليڪچرار ۽ هڪ ڀيڻ ٽيچر جي عهدن تي پهچي چڪيون هيون، هن جا ڀائر اڃا پڙهي رهيا هئا ۽ هن جي زال به ليڪچرار ٿي چڪي هئي، اهو سڀ ڪجهه لياقت جي همت، حوصلي ۽ سندس زال جي ڀرپور ساٿ سان ٿي رهيو هو، لياقت سدائين چوندو هو ته اهو سڀ ڪجهه، الله پاڪ، امان جي دعائن سان ڪري رهيو آهي.
    هاڻ هن جي آخري ڀيڻ جي شادي ٿي چڪي هئي، مون وٽ آيو، ڪچهري ڪندي چيائين ته ادا .... خدا پاڪ جا لک شڪرانا جو آءُ پنهنجي حوصلي، همٿ ۽ زال جي ساٿ سان، امان جي دعائن سان هن ڏکئي مرحلي سان گذري ويس، جو ڀيڻن کي اعليٰ مقام ٿي پهچائي ۽ پنهنجن گهرن ۾ پهچايم، مون به چيومانس.. ها ادا هن ڏکئي مرحلي ۾ تنهن جي زال جو ساٿ مڃڻو پوندو، جنهن هر موڙ تي توسان ڏکن سکن ۾ گڏ رهي ۽ هڪ باڪردار عورت جو روپ اختيار ڪيو.
    چيائين خدا جا لک شڪر، جنهن سڀ ڪجهه سولو ڪيو، ڀيڻون پڙهيون به، پرڻجي به ويون، ۽ پنهنجن پنهنجن گهرن واريون ۽ نوڪرين واريون به آهن، نهايت شاداب زندگي گذاري رهيون آهن، هاڻ سندس ماءُ به گذاري وئي هئي، پنهنجي پٽ لياقت کي ڄڻ دعائن سان سينگاري وئي هئي.
    اڄ لياقت جي ٻن ڀائرن جي شادي هئي، لياقت ڏاڍو خوش هو، چيائين ”ادا اڄ منهنجي زندگيءَ جا سڀ مقصد پورا ٿي چڪا آهن، ڀائرن جي شادي ٿي، اهي به پڙهي پار پيا آهن، هڪ ڊاڪٽر ته هڪ انجنيئرنگ پڙهي چڪا آهن، خدا ڪندو سکيا ستابا ٿي ويندا، مون سڀني کي ٻچن وانگر پاليو آهي، سدائين خوشحال رهندا.“
    هو منهنجي گهر آيو .... هو گهرَي ننڊ ۾ سمهي رهيو هو. ڄڻ سالن جا اوجاڳا هجنس. هن اڄ سک جي ننڊ ڪئي هئي، ڄڻ ته سڄي زندگي جي ٿڪ هڪ ننڊ ۾ لاهيندو هجي. مون محسوس ڪيو ته ڄڻ هن سڀ ڪجهه حاصل ڪري ورتو هجي.
    پنهنجن ڀائرن ۽ ڀينرن جي هر ڳالهه مان مطمئن ٿيندڙ هن با همت شخص جو پنهنجو اولاد به جوان ٿي چڪو هو، کيس به ٻه پٽ، ٻه ڌيئرن جو اولاد هيو.
    ريٽائرمينٽ جي قريب حوصله مند پنهنجي دوست کي چيم ”يار پنهنجن ڀينرن ۽ ڀائرن کي سُکيو ستابو ڪري تو اطمينان جو ساهه کنيو آهي، ته تنهنجو پنهنجو اولاد نوجوان ٿي چڪو آهي“. نهايت ئي اطمينان سان چيائين ته ”ادا .... اها ئي زندگي آهي، منهنجي زندگي بس الله توڪل تي گذري آهي ۽ آئنده به الله پاڪ منهنجن ٻچڙن جو ٻيڙو پار ڪندو“.
    هن جي وڏي ڌيءَ ڊاڪٽري جي آخري سال ۾ هئي ۽ ٻيو نمبر ڌيءَ ڊاڪٽري جي ٻي سال ۾ پڙهي رهي هئي.
    هيڏانهن منهنجا به چار ٻار نوجواني جي ڏاڪي تي چڙهي رهيا هئا، هن جي وڏي ڌيءَ جو سڱ آيو، مڱڻو ڪري ڏاڍو خوش ٿيو هو.
    چيائين ادا آئنده سال ريٽائرڊ ٿيندس ۽ جيڪي ريٽائرمينٽ جا پئسا ملندا انهن مان ٻنهي ڌيئرن جي شادي ڪندس. ڄڻ ته هن سک ۽ اطمينان جو ساهه کنيو هجي.
    آءُ پنهنجي زال سان گڏجي سندس ٻي نمبر ڌيءَ جي سڱ پنهنجي پٽ لاءِ گهرڻ ويس ..... ته مونکي ڀاڪر پائي، چنبڙي چنبڙي، روئي روئي، مون کي چمي رهيو هو ۽ ٻئي هٿ سان پنهنجي زال کي ڀاڪر پائي، روئندي چيائين. ”ڏس بختاور .... تون ۽ منهنجو هي دوست .... مون سان هر وک وک تي مون سان گڏ نه هجو ها ته شايد ... مان به هن دنيا ۾ نه هجان هان.....
    ڄڻ ته هن اسان کي ڀاڪرن ۾ وجهي اطمينان جو ساهه کنيو هجي.


    سهڻي ۽ پارس

    آءُ ۽ منهنجو دوست ڳوٺ ڇڏي شهر ۾ آباد ٿيا هئاسين، ڪو گهڻو عرصو نه گذريو هو، پر ذهن ۾ اهو هو ته اسان جي ڳوٺ ۾ ڇوڪرين جا اسڪول نه آهن ۽ اسان پنهنجن نياڻين کي ضرور پڙهائڻ پئي چاهيو، ڇوڪرن جا وري به اسڪول هئا، پڙهائي جڏي سڏي هئي، اسان ٻنهي جا پُٽ، ڌيئرن کان وڏڙا هئا، اهي انهن جڏن سڏن اسڪولن ۾ پڙهي رهيا هئا، جيسيتائين اسان جون ڇوڪريون وڏڙيون ٿين، انهن جي پڙهائي خاطر، اسان شهر ڏانهن لڏڻ جو سوچي ڇڏيو هو، حيدرآباد لڏڻ جي لاءِ اسان کي ڪيترن ئي مسئلن، مشڪلاتن مان پار پوڻو پيو، ٻارن جي پڙهائي ۽ مسواڙ جا فليٽ وٺڻ ۽ شهر ۾ رهڻ بعد ڪيترن ئي مشڪل مرحلن مان گذرڻو پيو ۽ آهستي آهستي مشڪلاتن مان ٻاهر به نڪرڻ لڳاسين، مون کي هڪ پٽ هڪ ڌيءُ هئي ۽ منهنجي دوست کي به هڪ پٽ هڪ ڌيءُ هئي، جيئن ته وڏي فيملي نه هئي، تنهن ڪري اسان کي گهڻو وقت نه لڳو تڪليفن مان نڪرڻ مان، جلدي سيٽ ٿي وياسين، هاڻ اسان کي حيدرآباد ۾ رهندي پنج سال گذري چڪا هئا، اسان ٻئي جيتوڻيڪ ڳوٺن جا هئاسين، پر کليل ذهن جا مالڪ هئاسين، سجاڳ ذهن ۽ علم ادب دوست هئاسين، اسان ٻئي هاءِ اسڪول جا استاد هئاسين، اسان ٻنهي جي سوچ اها هئي ته اسان جا ٻار خصوصن اسان جون ڌيئر سٺن ۽ وڏن اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪن، ڪنهن منزل تي پهچن ته اسان لک کٽيو، جيئن ته اسان ننڍپڻ جا گهرا دوست هئاسين فليٽ به هڪ ئي جڳهه تي، آمهون سامهون ورتل هئا، فيملي لاڳاپن جي حساب سان اسان اهو ڪڏهن به محسوس نه ڪيو هو ته اسان هڪ ٻئي کان الڳ آهيون، ڄڻ ته سڳا ڀائر هئاسين، انهي حساب سان اسان جي ٻارڙن ۾ حجاب جا پردا نه هئا، اسان هميشه پنهنجن ٻارڙن کي اهو به درس ڏيندا هئاسين ته ڪڏهن به ۽ ڪٿي به ڪو ذلت آميز قدم نه کڻجو، جنهن سان اسان جا ڪنڌ جُهڪي وڃن، يا اسان جو سٺو ذهن سجاڳ ذهنن کي اسان کي ڪنهن پيڙا مان گذرڻو پوي، اسان جا ٻار اسان جي گهر جي ماحول مطابق سڌريل هئا آهستي آهستي اهي وڏڙا ٿي رهيا هئا، اسان ٻنهي جا پٽڙا، ڊاڪٽري جي پهرين سال ۾ پڙهي رهيا هئا، هو پاڻ ۾ به سٺن ۽ سڳن ڀائرن جيان رهڻ لڳا هئا، هر وقت گڏ گهمندا ڦرندا هئا، ائين اسان جون ڌيئرون به هاڻ مئٽرڪ پاس ڪري چڪيون هيون، فرسٽ ايئر لاءِ ڪاليج ۾ داخل ٿي چڪيون هيون، اهي به پاڻ سدائين گڏ هونديون هيون، اسان ٻنهي پنهنجن ڌيئرن کي هڪ ئي ڪاليج ۾ داخل ڪرايو جيئن سدائين گڏ هجن، اسان جي گهرن ۾ هڪ تهذيب يافته ماحول هو، گڏوگڏ آزادي به هئي، ڪنهن قسم جي اجائي رنڊڪ نه هئي ته ڪو ڇوڪرين کي ٻاهر نه ڇڏجي، گهمڻ ڦرڻ لاءِ قيد ڪجي، يا موبائيل نه ڏجي، پر ايتري ذهني آزادي نه هئي جو هر قسم جي ڇڙواڳي هجي.
    منهنجي پٽ ۽ ڌيءُ ٻنهي وٽ موبائيل هو، Net هئي، ڪمپيوٽر استعمال ڪندا هئا، مون سڀ ڪجهه وٺي ڏنو هو ته جيئن هر ڳالهه ۾ هوشيار هجن ڪمپيوٽر USE ڪندي انهن کي ڪڏهن ڪڏهن ليڪچر ڏيندو هوس ته ڪنهن به ناڪاري شئي ڏانهن نه وڃجو، صرف هاڪاري شين طرف هججو، پنهنجي پڙهائي ۽ ڪمپيوٽر ڪورس تحت سبق حاصل ڪجو، ائين منهنجو دوست به اهڙي سجاڳ ۽ کليل ذهن جو مالڪ هو، اسان ڪيڏانهن به ويندا هئاسين ته گهڻو ڪري گڏجي ويندا هئاسين، جيئن هوٽلنگ ڪرڻ، گهمڻ ڦرڻ، شاپنگ.... جي مرد سان گڏ به نه هجون، پر اسان جي خاندان جون عورتون جتي ڪٿي گڏ هونديون هيون، اسان جي نوجوان ٻارن ۾ تمام گهڻي دوستي هئي، اسان جون ڌيئرون هاڻ انٽر ۾ پهچي چڪيون هيون، انهن ٻن ۾ تمام گهڻي انڊر اسٽيڊنگ هئي، نوجوان عمر، لا ابالي عمر .... موبائيل ۽ نيٽ جون استعمال ڪندڙ - پر اسان کي يقين هو ته هو ٻئي سٺيون آهن، اسان کي انهن تي اعتماد هو، هو بااخلاق آهن، اسان کي يقين هو ته هو ڪڏهن به بي اعتباري وارو قدم نه کڻنديون ۽ اسان جي اعتماد ۽ اعتبار کي نه ٽوڙينديون، هڪ ڏينهن مون کي فون آيو، الائي جي ڪنهن جو فون هيو، نئون نمبر هو، چيائين ادا ڇا توهان ايترا فار ورڊ ٿي چڪا آهيو ڇا؟ يا برگر فيملي ٿي وئي آهي توهان جي؟ چيومانس ڇا ٿيو؟ چيائين تنهنجي ڌيءُ ۽ ٻيون ٻه ٽي ڇوڪريون چار پنج ڇوڪرن سان انڊس هوٽل ۾ چانهه ۽ ڪافي پي رهيون هيون، ايترو مس چيائين ته منهنجي پيرن هيٺيان زمين نڪري ويئي، جڏهن مون پنهنجي دوست کي فون ڪري ٻڌايو ته هن جو آواز به ڀرجي آيو هو، اسان جڏهن گهر پهتاسين ته اسان جون ڇوڪريون گهر ۾ ويٺل هيون.
    فون ڪندڙ شايد اسان جو پاڙيسري هو، پر نالو نه ٻڌايائين، چيائين اهي سڀ رسيس جي ٽائيم تي هوٽلن ۾ وڃي Refreshment ڪندا آهن، موڪل جي ٽائيم گهر اچي ويندا آهن، مون پنهنجي زال سان سڄو حال احوال ڪيو، ڳالهه کي Ignore ڪيوسين، ڪجهه ڏينهن بعد هڪ دفعو وري ساڳئي انداز ۾ فون آئي ته اسان جون ڌئيرون، ساڳين ماڻهن سان ساڳئي هوٽل ۾ ويٺيون آهن، اسان ٻئي دوست انڊس هوٽل هليا وياسين، اسان انهن کي ڏٺو، اسان جي پيرن هيٺيان ته زمين نڪري وئي، اسان کي ڏسي اسان جي ڌئيرن مٿان ڄڻ ته آسمان ڪري پيو، هو ٻئي اسان کي ڏسي اٿي بيٺيون ۽ ٻاهر نڪري ويون، انهن سان گڏ ويٺل ٻه ڇوڪريون ۽ چار ڇوڪرا به اٿيا، انهن سڀني کي اهو اندازو ئي نه هيو ته هي سڀ ڪجهه ڇا ۽ ڪيئن ٿي ويو، سهڻي ۽ پارس ڇو اٿيون، انهن هڪ ٻئي سان ڳالهايو، هو سڀ اٿي ويا ۽ اسان چانهه پيئڻ لاءِ ويهي رهياسين ته ڪجهه صلاحون ڪريون، اڄ اسان ٻنهي جي اکين سان ڏٺو ظاهري ته ڪا ڳالهه نه هئي، پر اسان جي لاءِ وڏي ڳالهه هئي، اسان جي ذهنن ۾ اها ڳالهه به برداشت ڪرڻ جي به سگهه نه هئي، اسان ايتري ڇڙواڳي، جيڪا اسان جي طرفان نه ڏنل هئي، ناقابل برداشت هئي، اسان ٻنهي جا کليل ذهن ئي بند ٿي رهيا هئا، مون گهر اچي سهڻي کان پڇيو ته توهان رسيس مهل ڪاليج ڇڏي هوٽلن ۾ ڇو ويندا آهيو، ايتري اجازت توهان کي ڪنهن ڏني آهي. سهڻي روئي پئي ماءُ کان مدد گهري ان کي چنبڙي پئي ۽ تيز روئڻ لڳي، ماءُ چيس سهڻي مون کي توهان مان اهيا اميد نه هئي، نه امان مون ۽ پارس ڪجهه به نه ڪيو آهي، بس اسان ڪاليج جي سهيلين جو ساٿ ڏنو، مون چيو سهڻي جڏهن توهان جو ڪاليج صرف گرلز ڪاليج آهي ته اهي چار ڇوڪرا .... توهان جا دوست ڪيئن بنيا.، نه بابا نه، اهي ڇوڪرا اسان جا دوست نه آهن، اهي ته ....، هن اڃا وضاحت پوري نه ڪئي هئي، مون هن کي چماٽ وهائي ڪڍي، پڇيو مانس.... ڇا سهڻي سڀاڻي کان توهان کي ڪاليج نه ڇڏيان. هوءَ ماءُ کي چنبڙي روئڻ لڳي، آءُ اٿي هليو آيس، شام جو واپس گهر آيس، سهڻي مون کان معافي گهري رهي هئي، ٻاڏائي رهي هئي، بابا آئينده اهڙي حماقت نه ڪندس. ڪا به غلطي نه ٿيندي ڀلي مون کي ڪاليج نه موڪليو، ڀلي مون کان موبائيل ڪمپيوٽر ڦري وٺو، پر اڳتي اهڙي غلطي نه ڪندس، منهنجي اکين کان پري ٿي وڃ، منهنجون اکيون الائي ڇو لال ٿي ويون هيون، ڳوڙها اکين ۾ ڀرجي آيا هئا، منهنجي زال به روئي پئي هئي، الله پاڪ خير ڪيو آهي، اهڙو ڪجهه نه ٿيو آهي، بس ڌيءُ کان ناداني ٿي وئي آهي، معاف ڪرينس منهنجي زال يڪ ساهي چئي وئي، مون چيو غلطي هڪ دفعو ٿيندي آهي، سهڻي کان پڇ هو ڪيترا دفعا ڪاليج ڇڏي وئي آهي، ڇا توکي يقين آهي ته هن ڪا به غلطي نه ڪئي هوندي، سهڻي قرآن پاڪ ۽ الله رسول جا قسم کڻي کڻي روئي رهي هئي، نه بابا الله پناهه ۾ رکي، مون کان ۽ پارس کان ڪا به غلطي نه ٿي آهي، ڪو به برو ڪم نه ڪيو آهي، بس اسان کان هوٽل تائين وڃي چانهه پيئڻ ۽ ڪمپني ڪرڻ جي غلطي ٿي آهي، ٻه ٽي ڏينهن هو ڪاليج نه ويون، شايد اسان جي جواب جي انتظار ۾ هيون، اسان ٻنهي دوستن ويهي سوچيو، منهنجي دوست به پارس بابت سڀ ڪجهه ٻڌايو ته هو به سهڻي وانگر روئي رهي هئي، اسان ٻنهي هڪ دفعو وري پنهنجو ذهن ڪشادو ڪيو، سهڻي ۽ پارس هڪ دفعو وري ڪاليج وڃڻ لڳيون، انهن کي چيوسين ته اميد ته اها غلطي توهان جي آخري غلطي هوندي، اسان جي پٽن پنهنجين ڀيڻن کي سمجهايو، ائين هڪ دفعو زندگي واري اڳتي وڌي چڪي هئي، اسان جا چار ئي ٻار ڊاڪٽر بنجي چڪا هئا، اسان ٻئي دوست پنهنجن پٽن ۽ ڌئيرن جي شادين جي تيارين ۾ لڳي وياسين.
    هاڻ اسان دوست نه پر مائٽ هئاسين.


    عظيم فنڪار

    سليم بي روزگاري ۾ فوٽو اسٽيٽ ڪاپين جا خرچ ڀري ڀري ٿڪجي پيو هو، پر ڪٿي به نوڪري نه پئي مليس، نه پئسو نه سفارش سندس پيءُ به ماستر ماڻهو، عيال وڏو گهر مسواڙ تي هر روز صبح جو ماءُ پيءُ جي دڙڪن جو ناشتو کائي، اهو لفافو کڻي، سڄو سڄو ڏينهن مختلف آفيسن ۾ انٽرويو ڏيئي، ڌڪا جهلي، اخبارن جون ڪٽنگس هٿ ڪريو، ٻنپهرن کان پوءِ مون وٽ آفيس ۾ اچي ويندو هو، گهڻو ڪري ٻنپهرن جي ماني اسان گڏجي کائيندا هئاسين، نهايت خوش طبع ۽ سٺي اخلاق وارو منهنجو ننڍپڻ جو هي دوست بي روزگاري کان مايوس پر کلڻو ملڻو، خوش گفتار ۽ خوش اخلاق نوجوان هو، جنهن مهل به ڪچهري ڪندو هو ته پنهنجا ڏک وسري ويندا هئس، ڪچهري جو ڪوڏيو، ڳجهارتون ۽ لطيفا ته سون جي تعداد ۾ ياد هوندا هئس، دل جو صاف ۽ سٺو انتهائي من موهيندڙ هي شخص ڪنهن مهل پنهنجي هٿن جي ٿاپ سان ٽيبل تي هٿن سان موسيقي واري انداز يا ماچيس جي دٻي سان آڱرين سان موسيقي جي رنگ سان، سنڌي ۽ اردو گانا ڳائيندو هو، ته سڀني کي وڻندو هو، محمد رفيع، لتا ۽ نورجهان جا گانا ته هن کي بر زبان ياد هوندا هئا، جيتوڻيڪ هو مون وٽ آفيس ۾ هر روز ايندو هو، پر هن جو آفيس ۾ هر روز اچڻ مون کي ناگوار نه لڳندو هو، ڪيڏي مهل هن جي مڌر آواز ۾ گانا ٻڌڻ لاءِ چوندو هو مانس .... ته ٽيبل تي هٿ هڻي شروع ٿي ويندو هو، ننڍي آواز ۾ ڳائيندو هو ته جيئن آفيس جو ماحول ڊسٽرب نه ٿئي، تڏهن منهنجي ارد گرد ويٺل منهنجا آفيس ڪليگ اچي هن جي ڀرسان ويهي مختلف گانن جون فرمائشون ڪري ويهي ٻڌندا هئا، ته شام وارو ٽائيم اسان جو لطف ڀريو ٿي پوندو هو.
    هڪ ڏينهن چيو مانس ته سليم تون ته باقاعده ڳائڻ جي سکيا وٺي فنڪار ڇو نه ٿو ٿئين هاڻ ته کوڙ سارا سنڌي چينل به اچي ويا آهن ته چيائين ادا ..... منهنجو ماءُ پيءُ انتهائي غربت واري حال ۾ مون کي پڙهايو آهي، منهنجي گهر وارن جون مون ۾ وڏيون اميدون ۽ آسرا آهن، جيئن ته آءُ وڏو پٽ آهيان، انهي ڪري هو چاهين ٿا .... ته مون کي ڪا سٺي نوڪري ملي پوي، ته جيئن انهن جو غربت جو سهارو ٿي پوان، مون چيومانس ته سليم....... تون پنهنجون نوڪري جي سلسلي ۾ ڪاوشون جاري رک .... انٽرويوز ڏيندو رهه .... ۽ ڪميشن به پاس ڪر ..... تيستائين تنهنجي لاءِ آءُ هڪ دوست کي چوان ٿو، نوڪري ملي پوي ته ڳائڻ وچائڻ ڇڏي ڏجان، تنهنجو آواز ڏاڍو سٺو آهي، رڳو ٿوري تربيت جي ضرورت آهي، منهنجي ڳالهه سان سهمت ٿي ويو، جيئن ته آءُ هڪ آفيس ۾ آفيس اسسٽنٽ هوس، گڏوگڏ علمي ۽ ادبي ماڻهو به هوس ته منهنجو واسطو ادبي ماڻهن سان هو، ريڊيو پاڪستان جو ڊائريڪٽر منهنجو دوست هو، هن کي فون ڪيم ۽ ٻي ڏينهن هن کي ساڻ وٺي ريڊيو پاڪستان هليو ويس، ڊائريڪٽر هن جو آواز ٻڌو ۽ هڪڙي پروڊيوسر کي سڏ ڪري سليم کي هن جي حوالي ڪندي چيائين ..... هن کي ٿوري تربيت جي ضرورت آهي، آواز سٺو آهي، اميد ته سٺو فنڪار ثابت ٿيندو، هن پروڊيوسر هڪ فنڪار جي وسيلي هن تي ڏهن پندهن ڏينهن محنت ڪئي، هن چيو .... بس سليم جو آواز سٺو آهي، رڳو شاعرن جي شاعري کي ڳائڻ واري انداز ۾ سکي پيو ...... ته اڳتي وڌي پوندو، ائين ڪجهه مهينن ۾ هو ريڊيو پاڪستان جو مقبول فنڪار بڻجي ويو، هڪ ڏينهن منهنجي لاءِ بمبئي بيڪري جو ڪيڪ وٺي آيو، چيائين ڀاءُ اڄ ريڊيو پاڪستان ۾ پهريون گانو رڪارڊ ڪرائي آيو آهيان .... ۽ پوءِ سليم اڳتي نڪري ويو .... هو هاڻ مختلف چينلز ۾ نظر اچڻ لڳو .... ڳائڻ ۾ .... ماڊلنگ ۾ .... هن فنڪار ٿوري عرصي ۾ تمام گهڻي ۽ وڏي شهرت ماڻي ورتي.
    هاڻ سليم .... اسان وٽ گهٽ نظر ايندو هو، مختلف محفلن ۾ چينلز ۾ مصروف ٿي ويو، مون به دعا ڪئي مانس ته الله پاڪ ڪندو هي فنڪار شهرت ماڻيندو ۽ پنهنجن پيرن تي بيهڻ جهڙو ٿي ويندو ۽ ٿيو به ايئن جو هن شهرت تمام گهڻي حاصل ڪري ورتي.
    هن جا ماءُ پيءُ، ڀيڻ ڀائر .... تمام گهڻو خوش هئا، هڪ ته سليم عزت ۽ شهرت ماڻي ورتي هئي ۽ ٻيو ته هو خوشحال ٿي رهيا هئا.....
    اڄ هن جي پهرين سي ڊي رليز ٿي رهي هئي، هن کان اڳ هن جون ڪيتريون آڊيو ڪيسٽون جاري ٿي چڪيون هيون، هن کي سي ڊي جي معاوضي جا ڏهه لک رپيا مليا هئا .... ايڏي وڏي رقم هن کي پهريون دفعو ملي هئي .... تمام گهڻو خوش هو، منهنجي آفيس آيو، مون سان پيرين پئي مليو، ۽ ڀاڪر پائي روئي ڏنائين .... خدا جا لک شڪرانا بجا آڻيندي، چيائين يار ..... اهو سڀ ڪجهه توهان جي ڪري ٿيو آهي، اڄ منهنجي آفيس جا دوست هڪ وڏي فنڪار سان ملي رهيا هئا، مٺائي گهرائي کاڌي سين، مون چيومانس ... ته ادا ..... بس الله پاڪ ڪڏهن ڪڏهن ايئن وسيلا به پيدا ڪندو آهي.
    ڏسندي ڏسندي منهنجو هي غريب دوست مالامال ٿي ويو، هن جون ڪيتريون ئي ڪيسٽون ۽ سي ڊي رليز ٿي چڪيون هيون، هو سنڌ جي هر محفل جو سينگار ٿي ويو هو، هر چينل جو مقبول فنڪار هو، هن جي ارد گرد فنڪار ئي فنڪار هئا، اداڪار، صداڪار، پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر هن جا دوست هئا.
    هاڻ هن هڪ عاليشان ڊبل اسٽوري بنگلو به ورتو هو، هيٺ هن جا ماءُ پيءُ ڀينرون ڀائر ۽ مٿين فلور تي هي پاڻ رهندو هو، پنهنجي زال سان گڏ ...هاڻ هو لکن جو ليکا ڪندو هو، هڪ لک پتي ماڻهو هو .... هن جي زال هن مان خوش هئي .... هن جا ماءُ پيءُ، ڀينر ڀائر هن مان خوش هئا .... ٻه ٻه ٽي ٽي گاڏيون .... عزت..... شهرت ... ڄڻ ته راتورات امير ٿي ويو.....
    چون ٿا ته ڪرسي جو نشو ۽ پئسي جو ڍئو به هر ڪنهن کان هضم نه ٿيندو آهي، سليم کان به شهرت ۽ پئسي جو ڍئو هضم نه ٿي سگهيو، سندس عياشين جي ڪري آهسته آهسته هن جي شهرت ۾ گهٽتائي اچڻ لڳي، ڪمال کي ته زوال آهي پر سليم پنهنجي ڪماليت واري زندگي پنهنجن هٿن سان زواليت ۾ تبديل ڪري رهيو هو، هو پنهنجو پاڻ کي برباد ڪري رهيو هو.
    آءُ به رٽائرڊ ٿي پنهنجي فيملي وٺي، پنهنجي ڳوٺ شفٽ ٿي ويو هوس .... ڪجهه ٻني ٻارو وٺي انهن جي سنڀال ۾ لڳي ويس. سليم سان منهنجا واسطا به زوال پذير ٿي ويا هئا، ايئن ڪيترا سال گذري ويا، هرڪو پنهنجي زندگي گذاري رهيو هو، هڪ ڏينهن اخبار ۾ پڙهيم ... سنڌ جي مقبول فنڪار سليم بلوچ کي انتهائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي، ته مون کي تمام گهڻو ڏک پهتو، انهي ارمان ۾ حيدرآباد روانو ٿيس.... سڌو هن جي گهر ويس .... آءُ انهي عاليشان بنگلي جي ٻاهران بيٺو هوس. خبر پئي ته انهن هي بنگلو وڪڻي ڇڏيو آهي، ڪنهن فليٽ ۾ شفٽ ٿي ويا آهن .... ڏس پتو معلوم ڪري انهي فليٽ تائين پهتس .... آءُ جو پهتس ته سڀ گهر جا ڀاتي مون کي ڏسي، مون کي چنبڙي روئي رهيا هئا .... هن جون ڌيئرون ۽ هن جي زال زارو قطار روئي رهيون هيون، ڪچهري ڪندي خبر پئي ته بابا عياشين جي زندگي گذاريندي بيماري ٿي پيو، انهي بيماري جي ڪري بنگلو وڪڻي ڇڏيو، آهستي آهستي سڀ گاڏيون وڪڻي ڇڏيون هاڻ هن فليٽ ۾ مسواڙ تي رهيا پيا آهيون ..... منهنجي اکين مان ڳوڙها وهي پيا .... منهنجي اڳيان قيامت جو منظر ڦري آيو، ڇا ته هن پئسو ڪمايو، عزت حاصل ڪئي .... شهرت ماڻي .... هن پنهنجي ۽ پنهنجي گهر وارن جي زندگي خوشحال ۽ شاداب ڪري ڇڏي هئي، اهو سڀ ڪجهه هن عياشين ۾ ڦٽائي ڇڏيو .... جڏهن هن شراب ۽ شباب جون عياشيون شروع ڪيون هيون ته هن جي بربادي بابت مون هن کي ڏاڍو سمجهايو هو .... پر پوءِ آهستي آهستي هو مون کان به پري ٿي ويو هو .... هن جو پٽ روئي رهيو هو ته هاڻ بابا جي علاج لاءِ به پئسا نه آهن.
    ڪجهه ڏينهن بعد سنڌ فنڪار ايسوسيئيشن طرفان خبر ۽ اپيل ڇپيل اخبار ۾ پڙهيم ۽ سرڪار کي اپيل ڪيل هئي ته سنڌ جي عظيم فنڪار سليم بلوچ جو علاج سرڪاري خرچ تي ڪرايو وڃي ۽ سرندي وارن کي واهر جي اپيل ڪيل هئي، خبر پڙهيم ته منهنجي دل بيهي رهي، وار ڪانڊارجي ويا، دل ۾ آيو ته سليم کي وڃي چوان ته سليم ڇا تون ايترو غريب هوئين، يا تون سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جو حقدار آهين جو تنهنجي علاج لاءِ اپيل ڪئي وئي آهي ..... ها سليم تون ته لکا پتي شخص هوئين .... تو وٽ عاليشان بنگلو ..... گاڏيون .... بينڪ بيلنس ... عزت شهر جو اعليٰ مقام .... اهو سڀ ڪجهه چار ڏينهن جي چاندني ۾ لٽائي ڇڏيو .... برباد ڪري ڇڏيو ....
    آءُ کيسي ۾ اٺ ڏهه هزار رپيا وجهي .... ڪراچي لاءِ روانو ٿو ٿيان ته پنهنجي دوست سليم جو منهن به اسپتال ۾ ڏسي اچان ۽ ڪجهه پئسا به علاج لاءِ ڏيئي اچانس....


    باجي

    اڄ خبر پئي ته ”باجي“ گذاري وئي، سڀني جي باجي، سڄو ڳوٺ، سڄو پاڙو، هن کي باجي جي نالي سان سڏيندا هئا، ايتري قدر جو هن جا پٽ به هن کي باجي جي نالي سان سڏيندا هئا، ڄڻ ته هو سڀني جي باجي هئي، جيئن هو پرڻجي ڳوٺ ۾ آئي ته گهوٽ جي ڀيڻن هن کي باجي، باجي ڪري سڏيو ته ڇا، جو سڄي ڳوٺ وارن کڻي هن کي هن نالي سان سڏڻ شروع ڪيو، ڏسندي ڏسندي اهو نالو هر وات ۾ پئجي ويو، اصل ۾ ته هن جو نالو زينت النساءِ هو، پر اڌ نالو زينت صرف هن جو مڙس وٺندو هو، گهڻن ماڻهن کي ته هن جي اصلي نالي جي خبر ئي نه هئي.
    ڪيترا سال اڳ هن جو مڙس روزگار سانگي پنهنجي ڳوٺ ڇڏي، ڪيترا سال گم ٿي ويو هو، جڏهن گهڻن سالن بعد ڳوٺ موٽيو ته هڪ سدا ملوڪ ڇوڪري سان پرڻجي آيو هو، هن شادي ڪڏهن ۽ ڪٿي ڪئي ۽ ڪٿان ڪئي بس ڪنهن کي به ڪا خبر نه پئي، پر جڏهن هو پنهنجي ڳوٺ پنهنجي زال کي وٺي آيو ته سڀني کي ڏندين آڱريون پئجي ويون ته اهڙي سدا ملوڪ ۽ سهڻي ڪنوار هن کي ڪيئن ۽ ڪٿا ملي، جيڪو روزگار لاءِ پريشان هو، مائٽن جي جهيڙن جهٽن ۽ طعنن سبب بنا ٻڌائڻ جي ڳوٺ ئي ڇڏي ويو هو، سڄو ڳوٺ اٿلائي پٿلائي ڏسجي ته اهڙي سهڻي ڇوڪري سڄي ڳوٺ ۾ نه هئي.
    محمد علي، مائٽن جي جهيڙن ۽ طعنن کان تنگ ٿي جڏهن پنهنجي ڪپڙن جا ٻه ٽي وڳا کڻي مائٽن سان وڙهي واءُ مينهن وانگر ڪاوڙجي ڳوٺ مان نڪتو هو ته ڪنهن کي به ڪا ڪل نه ڏنائين ته هو ڪيڏانهن پيو وڃي، ۽ پوءِ به ڪنهن کي به اها خبر نه ڏنائين ته هو ڪٿي آهي، زنده به آهي يا نه، مسلسل اٺ سال گم هو، پر جڏهن موٽيو ته هڪ سهڻي ڪنوار گڏ وٺي آيو ۽ ٻيو درزڪو ڪم ساڻ کڻي آيو، ايترا پئسا کڻي آيو هو، جو زال کي سنڀالي ۽ درزڪي ڪم لاءِ دڪان کولي ورتائين، ڏسندي ڏسندي هن جي ڪم جي هاڪ پئجي ويئي، هو هڪ بهترين ٽيلر ماستر هو، هن مائٽن کي ڪو به بار نه وڌو نه روزگار جو ۽ نه ئي شادي جو.
    محمد علي هڪ بهترين انسان هو، هر ڪنهن سان ادب ۽ اخلاق سان پيش ايندو هو، ۽ ڪچهرين جو به ڪوڏيو هوندو هو، ويتر جو پنهنجو دڪان کوليائين ته علم ادب دوست ماڻهو به اچي هن سان ڪچهريون ڪندا هئا ۽ ائين هو هر دلعزيز شخصيت بنجي ويو، هن جي زال زينت، پنهنجي سونهن سان گڏ عقل به کڻي آئي هئي، هن پنهنجن ساهرن سان بي انتها پيار ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ڳوٺ جي مائٽن کي به تمام گهڻي عزت ڏيندي هئي، موٽ ۾ به کيس تمام گهڻو پيار مليس، ڳوٺ جون هڪ جيڏيون ڄڻ ته هن جون سهيليون ٿي ويون، ڏسندي ڏسندي هن جي به نيڪ نامي ٿيڻ لڳي، هي به عورتن ۾ هر دلعزيز شخصت بنجي وئي.
    محمد علي ٿوري وقت ۾ گهڻي ترقي ڪرڻ لڳو، پنهنجي جاءِ ٺهرائي ورتائين، وقت تيزي سان گذري رهيو هو، هن کي ٻار به ٿيڻ لڳا، محمد علي جا ماءُ پيءُ گذاري ويا، ٻه ڀيڻون به پرڻجي چڪيون هيون ۽ پٽن جي اولاد ۾ هو اڪيلو پٽ هو.
    هاڻ هن کي چار ٻار ٿي چڪا هئا، چار ئي جوان ٿي چڪا هئا، ٻه ڌيئر ٻه پٽ.
    آهستي آهستي هنن ٻنهي جا قدم پيري ڏانهن وڌي رهيا هئا، هنن جي وڏي ڌيءَ رخسانه سدا ملوڪ ماءُ جهڙي سهڻي هئي، هن جا رشتا اچڻ لڳا، ويهن سالن جي عمر ۾ به هن جي شادي هن جي سئوٽ سان ٿي وئي ۽ پوءِ جلدي هن جي وڏي پٽ جي به شادي ٿي.
    جيئن ته رخسانه ماءُ جي دادلي هئي ۽ عمر جي به ننڍي هئي ۽ هن جو گهر سندس گهر جي سامهون ئي هو، پنهنجي گهر جو به ڪم ڪار پاڻ ڪندي هئي ۽ ڌيءَ کي ماني ڪرڻ به نه ڏيندي هئي، ايئن هن جو گهڻو وقت ڌيءُ جي گهر گذرندو هو.
    ٻيا به ڪجهه سال وڌيڪ گذري چڪا هئا، هاڻ هن جي باقي ڌي ۽ پٽ جي به شادي ٿي چڪي هئي، هاڻ ٻي ڌيءُ کي به وقت ڏيندي هئي، جيئن ته ٻي ڌيءُ ڪهه پرڀرو هئي، پهرين ڌيءَ جي گهر وقت گهڻو گذاريندي هئي، هاڻ ته رخسانه کي به ٻار ٿيڻ لڳا ته ڄڻ باجي هنن جي خدمت ۾ لڳي وئي.
    جيئن ته هن جي گهر ۾ ٻه پٽ پرڻجي چڪا هئا، ٻه ننهرون اچي ويون هيون، هنن کي به اولاد ٿيڻ لڳو هو، هاڻ ماءُ تي پٽن زور وڌو ته امان هاڻ تنهنجي گهر ۾ به ننهرون آهن، اسان کي به اولاد آهي، تون سڄو ڏينهن رخسانه جي گهر پورهيت جيان زندگي گذاري رهي آهين، تنهنجون ننهرون اعتراض ٿيون ڪن ته اسان جي اولاد کي ڪڏهن ڪڇ تي ڪو نه ٿي کڻي ڪڏهن پيار به ڪو نه ڪيو اٿئي هنن سان.
    بس اٿان ئي هن جي زندگي ۾ ڦيرو آيو، گهر ۾ جهيڙا شروع ٿي ويا، گهر ۾ تلخي ٿيڻ لڳي، جنهن گهر ۾ محبتن جا مانڌاڻ مچندا هئا، اتي باهه ڀڙڪي رهي هئي، ڏسندي ڏسندي گهر ۾ جهڳڙا وڌي ويا، انهن جهڳڙن ۾ محمد علي کي دل جو دورو پيو ۽ هو گذاري ويو، ڄڻ باجي نڌڻڪي ٿي وئي.
    هڪ ڏينهن پٽن ماءُ کي چيو، امان جيڪو تون رات جو سمهڻ ٿي اچين، اهو به نه ايندي ڪر ۽ وڃي پنهنجي ڌيءُ ۽ ناٺي جي گهر ۾ رهو، ۽ هاڻ سڄي پاڙي جي باجي ڌيءُ جي گهر رهڻ لڳي، باجي شگر جي مرض ۾ ويڙهجي چڪي هئي، ويتر جو فالج جو حملو ٿيس، ته کٽ ڀيڙي ٿي ويئي، زماني جي حالتن پلٽو کاڌو جنهن ڌيءُ ۽ هن جي ٻارڙن جي هن سڄي عمر خدمت ڪئي، هاڻ اها خدمت جي ذميداري ”رخسانه“ تي اچي پئي، رخسانه به پنهنجي بيمار ماءُ جي خدمت ڪرڻ ۾ وسان نه گهٽايو، هن پنهنجي ماءُ جي هر طرح جي خدمت ڪرڻ لڳي، ڄڻ پنهنجي عمر جي خدمتن جو حساب پنهنجي ماءُ کي ڏيئي ڇڏيو، پٽن ۽ ننهرن هن مان هٿ ڪڍي ڇڏيا هئا، ناٺي بيماري جي حالت ۾ نفرت ڪرڻ لڳو هو، هاڻ سڄي ڳوٺ جي باجي پنهنجي ڌي جي گهر ۾ هڪ پاسي هڪڙي کٽ جي حوالي ٿي چڪي هئي، هي سدا ملوڪ سهڻي بااخلاق ۽ باڪردار عورت بيمار هڏائون پڃرو ۽ سڪي ڪنڊا ٿي چڪي هئي، هي محتاج ٿي پئي هئي، زندگي ۽ دنيا هن لاءِ مذاق بنجي ويئي هئي، پٽن ته هٿ ڪڍي ڇڏيا هئا پر ٻنهي ڌيئرن ماءُ مان هٿ نه ڪڍيا، رخسانه هر پل هر گهڙي ماءُ جو ساٿ پئي ڏنو، رخسانه وارا ايترا شاهوڪار نه هئا، جو هن جي بيماري جو علاج سولائي سان ڪرائي سگهن يا ماءُ جي خدمت لاءِ ڪو نوڪر چاڪر رکي سگهن، پٽن ته بيماري لاءِ به هٿ ڪڍي ڇڏيا هئا، ڌيءُ جي گهر ۾ پنهنجا آخري پساهه کڻي رهي هئي.
    ايئن ٻه ٽي ڏينهن اڳ سڀني جي باجي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ داخل ٿي هئي، اڄ سڀني جي باجي گذاري وئي.
    هن جو وڏو پٽ گهٽي جي ڌڳ تي پنهنجن پٽن ۽ ڀاءُ سان گڏ بيهي رهيو، جيئن ايمبولينس پهتي، هو ماءُ جو جنازو کڻائي پنهنجي گهر ۾ آيو، هن جي ڌي رخسانه جي اها ضد هئي ته جنازو منهنجي گهر هلندو، جتي هن سڄي عمر گذاري آهي، پر اها جنگ رخسانه جو ڀاءُ کٽي ويو.
    آخري منهن ڏسندي سڀني جي وات ۾ اها ئي ڳالهه هئي ته ابا ماءُ سڀاڳي هئي جو پنهنجي پٽن جي هٿن ۾ سرهي ٿي.


    تسبيح مڻيادار

    بس اها منهنجي مجبوري هئي جو آفيس پهچندي ئي پنهنجي Boss جي سلامي لاءِ هن جي ڪمري ۾ وڃي، سلام ڪرڻو پوندو هو ..... ڏاڍي خار ايندي اٿم هر روز، جڏهن هو هٿ به سولو نه ٿو ڏي ۽ سلام جو جواب به نه ٿو ڏي، پر ڇا ڪريان دل نه چاهيندي به صبح جو سلام ڪرڻو ٿو پوي، جو اها منهنجي مجبوري هئي جو آءُ هن جو ڪلرڪ هيس.
    اڇي ڏاڙهي مٿي تي ٽوپي اڇي ..... پنج وقت نماز .... ڏهه دفعا عمره ادا ڪيل، ٻه ٽي حج جي سعادت به ماڻي چڪو آهي، سدائين هٿ ۾ تسبيح ..... اکيون پوريل، وات ۾ ڀڻ ڀڻ جو انداز ...... تسبيح .... تي آڱرين جو ٺڪاءُ .... الله هو .... الله هو ۽ درود شريف جو ورد .... ٻيو جيڪو به ڏسيس، ڄڻ ته ديوانو ٿي پويس ته هي ڪيڏو الله لوڪ ماڻهو آهي، درويش نيڪ صفت ۽ مومن ماڻهو .... پر اها مون کي ۽ آفيس اسٽاف ۽ آفيس ۾ ايندڙ غريب ماڻهن کي خبر هئي ته هو اندر جو ڪيڏو ابليس ۽ نمرود ماڻهو آهي .... هر وقت هر ڪم ۾ رشوت طلب ڪندو هو ايتري قدر جو غريب بيواهن جو به خيال نه ڪندو هو جو هنن جا پنج، اٺ، ڏهه هزارن جا چيڪ پاس ڪندو هو ته خرچي طلب ڪندو هو، آفيس جو اسٽاف، هن جي ماتحت ڪم ڪندڙ ته هن آفيسر مان بيزار هئا ..... اوستائين ڪاغذ تي صحيح نه ڪندو هو، جيسيتائين هن کي خرچي نه ملندي هئي پوءِ هو ڪاغذ، ڪنهن بيوه جو هجي يا غريب پينشن وٺندڙ جو.....
    آءُ هن جو ماتحت ڪلرڪ هوس، پر سينيئر هئڻ جي ناتي هن سان حجتي به هوس ۽ ويجهو به هوس، ڪڏهن ڪڏهن ڀوڳ ٺڪاءُ ڪندي چئي به ڏيندو هو سانس ..... ته سائين ........ هر ڪاغذ ۽ هر فائيل تي پئسا نه ملندا آهن ....... بيواهن ۽ غريب پينشر جي فائلن تي صحيح ڪندا ڪريو ..... هنن کان خرچي اسان به نه وٺندا آهيون ته توهان کي خرچي ڪيئن ڏينداسين، چوندو هو ..... بابا مون کي هر سال عمري جي لاءِ وڃڻو آهي ...... ۽ واقعي هو هر سال عمري تي ويندو هو ...... چوندو آهي، توهان خرچي وٺو نه وٺو ..... مون کي ڏيو...... جو عمري جو خرچ ڪٿان ڪڍندس.....
    چوندو هو مانس ..... توهان تسبيح ۽ درود شريف جو ورد ائين ڪندا آهيو .... ڄڻ سچا مومن هجو، تسبيح سدائين توهان جي هٿ ۾ هوندي آهي ۽ چپن تي الله پاڪ ۽ نبي پاڪ (صه) جو نالو ڀلا .... اها تسبيح الله واري آهي ..... يا سياستدانن واري آهي .... ته چڙي پوندو هو ..... چوندو آهي، ابا .... ڀلا .... منهنجا ٻچا ماڻهن جو اولاد آهن، اهي نانگ ته ڪونهي جو مٽي کائيندا ..... اهي ماني کائيندا ۽ ماني کائڻ لاءِ خرچي وٺڻي پوندي.......
    هڪ ڏينهن چيومانس ته سائين توهان جي خرچي وٺڻ تي ڪنهن کي به اعتراض ڪونهي پر غريبن جو خيال ڪندا ڪريو، غريب ..... پٽون ۽ پاراتا ٿا ڏين توهان کي ..... توهان هنن جي فائلن تي صحيح نه ٿا ڪريو ته اهي بد دعائون ٿا ڏين بس ڪجهه خيال ڪريو .... سڄو ڏينهن تسبيح ذريعي الله الله ته ڪريو ٿا، پر الله جي غريب مخلوق جو خيال نه ٿا ڪريو .... اها ڳالهه ڌڻي کي به پسند نه آهي ..... پر منهنجي ڳالهه تي ويتر هو وڙهي پوندو هو.
    هڪ ڏينهن چيومانس ته سائين، الله پاڪ کي تنهنجي اها عبادت ڪڏهن به قبول نه پوندي مون کي چيائين .... هل هل تون آيو آهين نصيحت ڪرڻ وارو ... جزا ۽ سزا الله ڄاڻي .... آئون ماٺ ئي ڪري ڇڏيندو هوس ... جو هو منهنجو بوس هو، اٿندي اٿندي چيو مانس ته سائين الله پاڪ جو شڪر ڪريو..... جو وري .... پنج اٺ هزار روز ڪمائي ٿا وڃو .... ڪجهه غريبن جو دعائون به حاصل ڪندا ڪريو .... پر هو ..... پنهنجي ڪنهن به حال مان خوش نه هو .....
    هڪڙي هٿ ۾ تسبيح، چپن ۾ درود شريف آڱرين جو ٺڪاءُ .... انهي تسبيح واري هٿ سان ڪاغذ تي صحيح ڪندو ۽ ٻي هٿ سان خرچي وٺندو هو، ڏوڪڙ کيسي ۾ وجهي وري ورد شروع ....
    ائين وري هڪ ڏينهن اوچتو اهو سائين ڏهه هزارن جي رشوت ۾ ڪنهن سڳ سوڌو جهلرائي وڌس ..... گرفتار ٿي ويو ۽ جيل جي هوا کائڻ لڳو، آفيس وارن ۽ غريبن اٻوجهه ماڻهن ته خوشي منجهان مٺايون ورهايون ..... ڪنهن کي به پنهنجي آفيسر جي گرفتار ٿيڻ جو ڪو به ڏک ڪو نه هو.
    آئون هڪ ڏينهن جيل ۾ ملڻ ويو مانس ..... پري کان ڏٺم .... سائين روئي رهيو هو .... تسبيح کي چمي چمي اکين مان ڳوڙها وهائي رهيو هو .... اها ئي تسبيح تي آڱرين جو هلڻ .... چپن ۾ درود شريف جو ورد .... مون سمجهيو ته هن کي غريب ۽ اٻوجهه ماڻهن کي ستائڻ جو غم ٿيو هوندو، پنهنجي گرفتاري ۽ عزت نفس روئاريو هوندس، پشيمان ٿيو هوندو پر چيائين، ادا ..... منهنجا ٻچا .... نانگ ته نه آهن جو مٽي کائيندا.....


    پهريون پيار

    جيئن مشاعرو ختم ٿيو، هال مان نڪتس، ٻن دوستن سان گهر وڃڻ لاءِ اڃان ٻاهر ئي بيٺو هئس منهنجي ويجهو اچي نازيه سلام ڪيو، جنهن ڪجهه دير ئي اڳ ۾ بهترين شاعري پڙهي خوب داد حاصل ڪيو هو، مشاعري ۾ نازيه جي نالي سان سڏ ڪيو ويو هو، پر هوءَ اصل ۾ نزهت هئي، مون به ڪيترن ئي سالن بعد ڏٺو هيومانس، رسالن اخبارن ۾ نازيه جي نالي سان لکيل شاعري مون ڪيترا ڀيرا پڙهي هئي، پر مشاعري ۾ ايترو ويجهو ٻڌڻ جو اتفاق هي پهريون دفعو ٿيو هو، مون کي چيائين، سانول تون ڪيئن آهين، توهان مون کي سڃاتو ڇا .... مون پڇو مانس .... مون کي چيائين ..... ها جيڏي مهل تون اسٽيج تي اچي شاعري پڙهي هئي، مون توکي سڃاڻي ورتو هو، هونئن آئون پنهنجي اصل نالي سان لکندو رهيو آهيان .... مون کي به شڪ ٿي ويو ته هي نزهت آهي پر چهرو تمام گهڻو بدليل هو، سانول ڪجهه مهينا اڳ تنهنجي ڪهاڻين جو مجموعو ”سانول جا سور“ آيو آهي، اهو به مون پڙهيو آهي، سانول، ڪهڙا سور اٿئي، طنز ڪندي ڪتاب جون مبارڪون ڏنائين....... چيائين سانول لڳي ٿو ته توهان مون کي سڃاتو ڪونهي، ائين چئي موبائل ڪڍيائين ..... سانول پنهنجو نمبر تي ڏي، مون کي مس ڪال ڏيندي چيائين آئون تنهنجي نزهت آهيان، جڏهن هن تنهنجي نزهت چيو ته مون کيس سڃاڻي ورتو هو، سانول مون توکي ڪڏهن به نه وساريو آهي.
    منهنجو ذهن پنجويهه سال پوئتي هليو ويو، نزهت سان گهاريل پل پل ياد اچي ويو، سانول وڌيڪ ڪچهري سڀاڻي فون تي ڪنديس، ائين چئي هوءَ اڳتي وڌي، ڊرائيور شايد سندس انتظار ۾ هو، نزهت، ادبي دنيا ۾ نازيه هئي، انهيءَ نالي سان ئي لکندي هئي، ڇپجندي آهي ۽ سڃاتي به ويندي آهي، هوءَ سنڌ جي ڀلوڙ شاعره آهي، آئون به هن جيان، هر رسالي ۾ چپجندو آهيان، پر مشاعرن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ويندو آهيان، سنڌي اردو فسادن ۾ آئون لطيف آباد ڇڏي، جڏهن سنڌي وسندين ڏانهن رخ ڪيو هئم ته منهنجي هڪ دوست پنهنجي بند جاءِ کولي مون کي ڏنائين، چيائين سانول جييترو عرصو چاهين اوترو وقت رهي پئو، ڀلي مسواڙ به نه ڏجانءِ، انهيءَ ڪري جو اڄڪلهه ڪامريڊ جاين تي قبضا پيا ڪن، سو تون آرام سان رهو، پوءِ آئون ڪيترائي سال رهيس هڪ جاءِ بنا مسواڙ جي ۽ ٻيو ڀر ۾ رهندڙ هڪ سٺي فيملي جو ساٿ مليو ته ڄڻ زندگي پرسڪون ٿي وئي، آئون پنهنجي زال ۽ ٻن ٻارن سان گڏ اچي رهيس.
    اسان جي ڀر ۾ گهر ۾ رهندڙ منور پنهنجي زال ۽ بيواهه ڀيڻ سڪينه ۽ سڪينه جي ڌيءَ نزهت سان رهندو هو پنجن ڀاتين تي مشتمل هي گهراڻو انتهائي قربائتو هو، اسان هڪٻئي جي گهر، گهر ڀاتين وانگر ايندا ويندا هئاسين، منهنجي گهر واري ۽ منهنجن ٻن ٻارن کي هو تمام گهڻو ڀائيندا هئا، منهنجا ٻار ته سڄو ڏينهن نزهت جي چيلهه ۽ ڀاڪرن ۾ هوندا هئا ۽ سڪينه ته سڄو ڏينهن منهنجي زال وٽ ويٺي هوندي هئي جو هن کي ڪڏهن به اڪيلائپ جو احساس ٿيڻ ئي نه ڏنو.
    آئون آفيس مان شام جو گهر ايندو هئس پنهنجي هڪ ڪليگ جو اڪائونٽ جو ڪم گهر کڻي ايندو هئس جيڪو رات جو ڪندو هئس ۽ رات جو ادبي ڪم لکڻ پڙهڻ جو به ڪندو هئس ۽ رات دير تائين جاڳڻو پوندو هو، سڪينه سڄو ڏينهن اسان جي گهر ويٺي هوندي هئي، منهنجي زال جي هم عمر هئي ۽ پاڻ ۾ سنگت به گهڻي ٿي وئي هين.سڪينه بيواهه ۽ واندي عورت هئي، هن جو ٽائيم سٺو پئي گذريو، مون سان به حال احوال اوريندي هئي ۽ ڪچهريون به ڪندي هئي، ڪچهرين ۾ هڪٻئي سان ڪو به حجاب نه هو، مون محسوس ڪيو، هوءَ دل ئي دل ۾ مون کي چاهيندي ضرور هئي، آئون هن سان واسطا ۽ لڳ لاڳاپا رکان پر دل جي ڳالهه ٻاهر ڪڏهن به نه ڪڍي ۽ نه ئي کيس اهڙو موقعو مليو هو، جو اسان کي اڪيلائي جو وقت مليو هو، منهنجي زال جي به نظر هن ۾ هوندي هئي ۽ شڪ به ڪندي هئي ته متان هنن جا ڪي واسطا نه ٿي وڃن پر هن به منهنجي زال کي اهڙو موقعو نه ڏنو هو ته هوءَ مون کي چاهي ٿي، اهو ته نظرن ئي نظرن ۾ محسوس ڪيو هو ته مون سان تعلقات رکڻ ٿي چاهي ۽ انهيءَ شڪ ۾ منهنجي زال ڪڏهن به گهر اڪيلو نه ڇڏيو هو ۽ نه ئي ڪا اهڙي ڳالهه ٿي هئي جو هو سڪينه سان واسطا ٽوڙي يا مون کي ڪجهه چوي ..... بس هن اهڙي ڪا ڳالهه ظاهر ڪرڻ به نه ڏني هئي نزهت جي ڌيءَ، عمر ۾ مون کان تمام گهڻي ننڍي هئي، هوءَ پنهنجو هوم ورڪ مون وٽ ڪندي هئي ۽ مون کان Help وٺندي هئي، آئون نزهت کي اهي رسالا ڏيکاريندو هئس، جن ۾ منهنجون ڪهاڻيون ۽ شاعري شايع ٿيندي هئي، هوءَ چوندي هئي، الا ...... منهنجو نالو ڪڏهن ايندو رسالن ۽ اخبارن ۾ .... هن جي شوق کي ڏسندي آئون هن کي رسالا ڏيندو هئس ته ڪهاڻيون ۽ شاعري پڙهندي ڪر..... پوءِ تون جلد لکڻ به شروع ڪندين ته تنهنجو مواد آئون رسالن کي موڪليندس۽ تنهنجو به ايئن نالو ايندو ۽ پوءِ جلدي هن لکڻ به شروع ڪيو ۽ پنهنجي پهرين نظم ڏيکاريائين، مون ڪجهه غلطيون ڪڍي نظم ٺاهي Ok ڪيم ۽ هوءَ ڏاڍي خوش ٿي هئي ۽ مون کي ڀاڪر پائي چنبڙي پئي هئي ۽ مون هن کي پهريون دفعو چُمي ڏني هئي ته هوءَ ڏاڍي خوش ٿي هئي ۽ پوءِ هن آهستي آهستي شاعري رواني سان لکڻ شروع ڪئي ۽ آئون هن جي شاعري کي Ok ڪندو هئس ته هوءَ مون کان شاباش جي چمي وٺندي هئي، منهنجي شاباش جي ڏنل چُمين کي هن پيار ۾ بدلائي ڇڏيو هو.
    آئون پنهنجي ڪليگ جي آفيس جي اڪائونٽ جو ڪم رات جو ڪندو هئس هو مون کي ٽي هزار رپيا معاوضي جا ڏيندو هو ۽ پاڻ هر مهيني پگهار وٺي هليو ويندو هو، آئون آفيس جو ڪم ڪري پوءِ ادبي ڪم ڪندو هئس، ويتر جي نزهت جو ساٿ هوندو هو ته دير تائين ويهي ڊائري ۾ شاعري لکندي هئي ۽ مختلف رسالا به پڙهندي هئي، منهنجي زال سوير ٻارنهن لڳي کان اڳ سمهي رهندي هئي، منهنجي زال جو نزهت تي ڪڏهن به شڪ نه ٿيو هو، پر اهو به پسند نه هئس ته هوءَ دير تائين رات جو ويهي ٿي، چوندي هئي ٺيڪ آهي نزهت توکي پيءُ وانگر سمجهي ٿي، پر هڪ نوجوان ڇوڪري به آهي، ڪڏهن ڪڏهن چوندي هئي ”ڪپهه ۽ باهه“ گڏ نٿا رهي سگهن، آئون هن کي تسلي ڏيندو هئس ته ماٺ ٿي ويندي هئي، جيئن ته منهنجي ۽ نزهت جي عمر ۾ وڏو فرق هو ته ڪنهن کي به انهيءَ ڳالهه جو گمان نه هو ۽ اعتراض به ڪو خاص ڪنهن کي نه هو، هڪ رات مون کي چيائين سانول اڄ مون کي ٻنهي پاسي چُمي ڏجانءِ جو مون ٻه نظمون لکيون آهن، هن دفعي ڪپهه ۽ باهه واري ڳالهه ٿي وئي هئي، چنبڙيل جسم کي هٽايم ته چيائين سانول تون مون سان شادي ڪري سگهين ٿو، هن جو اهو جملو ٻڌي آئون حيران ٿي ويو هئس، چيم نزهت ڇا پئي چوين، چيائين سانول تون منهنجو محسن آهين، تون منهنجو استاد آهين، تون هڪ پيارو انسان آهين ۽ پيار ڪندڙ عظيم انسان به آهين، اسان هڪٻئي جي ويجهو به ٿي چڪا هئاسين، تمام گهڻو ويجهو، هڪٻئي سان پيار به ڪرڻ لڳا هئاسين، ايئن اسان جو پيار پڪڙجي پيو هو ..... هڪ رات دير تائين نزهت گهر نه وئي...... ته هن جي ماءُ اچي ويئي هئي ..... اسان ڊرائنگ روم ۾ ادبي ڪم ڪندا هئاسين ۽ اتي ئي ويهندا هئاسين، نزهت جي ماءُ سڀ ڪجهه ڏسي ورتو هو، نزهت جي ماءُ تمام گهڻي فراخدلي ڏيکاري، ڪنهن سان به ڳالهه نه ڪيائين، تمام گهڻي بهادري کان ڪم وٺندي ڪا ڳالهه نه پڇي، آهستي آهستي ڌيءَ کي رات جو دير تائين ويهڻ کان روڪي ڇڏيائين ۽ جلدي ٻن ٽن مهينن اندر هن جي شادي پنهنجي ڳوٺ، نزهت جي سئوٽ سان ڪرائي ڇڏي، نزهت تمام گهڻو پري هلي وئي، هيڏانهن هتي اسان کي رهندي ست، اٺ سال ٿي ويا هئا، منهنجي دوست اچي هڪ ڏينهن چيو، ادا آئون هاڻ هيءَ جاءِ وڪڻان پيو، توهان پنهنجو بندوبست ڪريو، ائين آئون اهو پاڙو ۽ اهو گهر ڇڏي ويس، وچ ۾ ويهه سال گذري ويا، هر ڪو پنهنجي پنهنجي حساب سان ڪو ڪٿي، ڪو ڪٿي زندگي گذارڻ لڳا هئا، ماشاءَ الله منهنجا ٻار به جوان ٿي چڪا هئا، ايئن ٻي ڏينهن نزهت جو فون آيو ۽ پوءِ هر روز مون سان ڪچهري ڪرڻ لڳي هئي ۽ چوندي هئي سانول پاڻ وري ملي سگهون ٿا، ڪنهن پل لاءِ، گهڙي کن لاءِ، ڪنهن سٺي موسم ۾ ..... ڪنهن سٺي ماحول ۾ ..... آئون هن کي سمجهائيندي چوندو هئس، نزهت ..... پنهنجي ملڻ جي موسم، پنهنجي عمر سان گڏ .... گذري چڪي آهي، پنهنجو اولاد جوان ٿي چڪو آهي، پنهنجي اها ئي محبت قائم رهي ته سٺي ڳالهه چئبي. ايئن نزهت منهنجي ڳالهه سمجهي ويندي هئي، هر روز ڪچهري ۾ پنهنجي مڙس جا سور، هن جي بيوفائي ۽ پنهنجي مڙس جي ٻي شادي بابت ڳالهيون ڪندي روئي پوندي هئي، هن کي سٺو پيار نه مليو هو، هن جي زندگي غير مطمئن ۽ بي سڪون واري گذري رهي هئي، سدائين روئندي چوندي هئي .... سانول مون کي منهنجو پهريون پيار جيڪو تو سان ٿيو ڪڏهن به وساري نه سگهي آهيان ۽ نه وسارينديس.


    سون سستو ماني مهانگي

    ڪڏهن ڪڏهن ڳوٺ ويندو آهيان ته رات جو منهنجا ڪجهه عزيز اچي مڙندا آهن، ڪچهري ڪندي آڌي رات ٿي ويندي آهي، حالانڪه اهي ڪچهريون، اهي ميڙ ۽ ميڙاڪا، محبتون ۽ قربتون ختم ٿي ويون آهن، پر اسان جي ڳوٺ، عيد برات تي، جڏهن شهرن ۾ رهندڙ ڳوٺائي اچن ٿا ته ڳوٺ جا چار چڱا اچي مڙندا آهن، اسان به هاڻ بزرگن واري لسٽ ۾ اچي ويا آهيون جو ٻه ٽي ڄڻا اچي مون سان ملندا آهن ۽ هڪ ٻه رات ڪچهريون ٿينديون آهن.
    اڄ رات به عيد رات هئي چڱا خاصا ماڻهو اچي ڪچهريءَ ۾ شريڪ ٿيا ڳوٺ واري اوطاق ۾ ڄڻ ميڙاڪو مچي ويو، ٽهڪن جا ٽهڪ لڳي ويا، ڪچهري ۾ هڪڙي پڇيو ..... ابا .... اها ته ڏي خبر عرب بادشاهه واري خبر مون ٻڌي آهي ته هن پنهنجي پيءَ کي شادي جي ڏاج ۾ سون جو ڪمرو ٺهرائي ڏنو آهي، جيسيتائين آئون ڳالهايان جيسيتائين ٻي ٻه سُر ڀرائيندي چيو ..... اي ادا سون جو ڪمرو ڇا، هن ته باٿ روم به سون جو ٺهرائي ڏنو آهي.
    هاڻ ..... هڪ ٻئي بزرگ رڙ ڪندي چيو ڇا ڪاڪوس به سون جو .... پر هن سون جي ڪاڪوس ۾ هوءَ بادشاهه زادي ڪندي ڇا ..... اڃان ڪو ٻيو ڳالهائي ها ...... مون وچ ۾ ڳالهايو .... سائين بس وڏن ماڻهن جون وڏيون ڳالهيون، مون سڄي ڳالهه انهن کي تفصيل سان سمجهائي..... بس يار ..... ڪٿي چور سڃا ته ڪٿي ڍور سڃا ..... ڀلا هوءَ سون جي ڪاڪوس ۾ به اهو ئي ڪندي جيڪو اسان مٽيءَ جي ڪاڪوسن ۾ ڪندا آهيون، مون وري به ڳالهه ڪٽيندي اڳتي ڳالهائڻ جو موقعو نه ڏنو .... مون چيو .... ٻي ڪا ڳالهه ڪريو ..... ڇو اچي ..... سون جي باٿ روم پويان اچي پيا آهيو..... مون پنهنجي ننڍي ڀاءُ کان پڇيو، ڏي خبر پاڻ چندو ڪري، ڳوٺ جي غريبن لاءِ راشن ۽ ڪپڙن لاءِ پئسا گڏ ڪيا هئا اهو راشن ۽ عيد جا ڪپڙا غريبن تائين پهتا، منهنجي ڀاءُ تفصيل ڏيندي چيو ته چندي وارن پئسن مان ايترو ٿيو جو پنجاهه غريبن جي گهرن ۾ عيد کان اڳ راشن ۽ ڪپڙا پهچي ويا، وڌيڪ تفصيل ٻڌائيندي چيائين، هڪ ٿيلهي ۾ ڏهه ڪلو اٽو، پنج ڪلو چانور، کنڊ، چانهه، سيويون، کير جا دٻا، گرم مصالحو ۽ روڪڙا پنج سئو رپيا انهن غريبن جي گهر تائين پهچاياسين، چيائين ادا پنهنجي ڳوٺ ۾ ڏاڍي غربت آهي، غريب تمام گهڻا آهن پر اسان ڪوشش ڪري ڪجهه غريب ۽ بيواهن تائين راشن پهچايو آهي، مون کي ڄڻ سڀ تفصيل ٻڌائي ويو، اتي هڪ غريب روئي رهيو هو، مون هن کان پڇو مانس ڇا ٿيو ادا .... ڇو ٿو روئين، روئيندي چيائين..... ادا توهان جو موڪليل راشن ۽ ڪپڙا مليا، توهان جي مهرباني ڇا اسان جي زندگي سدائين ائين گذرندي.... مون دلاسو ڏيندي چيومانس، بس ادا روئڻ بند ڪر، دل هلڪي نه ڪر، الله پاڪ وڏو آهي ڪنهن نه ڪنهن وسيلي ڌڻي رزق پهچائيندو آهي، هڪ ٻئي همراهه به روئيندي چيو ..... ته ادا انهن جا سمهڻ جا ڪمرا ۽ ڪاڪوس به سون جا، اسان آهيون جو آهيون جو ٽي ويلا ماني به نٿا کائي سگهون.
    عيد ڏينهن نماز، ختم ٿي بيواهن جا يتيم يتيم ٻار جهوليون جهليو بيٺا هئا، ڏهه رپيا، ويهه رپيا، ماڻهن پئي ڏنا، هونئن ڳوٺ وارن کي اها خبر هوندي آهي ته انهن مان ڪير حقدار آهي يا نه .... سڀ حقدار هئا، سڀني کي خبر هئي ته اهي ٻار ڪنهن جا ڪنهن جا هئا، سڀ يتيم ۽ غريب هئا، اسان جهڙا چند ماڻهو ڪجهه مڇي مانيءَ وارا آهن، جيڪي شهرن ۾ رهندا آهن، ڪجهه دڪان وارا، ڪجهه هوٽلون هلائيندڙ آهن، ڳوٺ جا اڪثر غريب غربت جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهيا آهن، اسان جي هر سال عيد وارن ڏينهن ۾ ميٽنگ ٿيندي آهي ته غريبن ۽ بيواهن کي ڪهڙي نموني سنڀالجي انهن کي پنڻ تي مجبور نه ڪجي، انهن جي نوجوان ٻارڙن کي روزگار سان ڪيئن لڳائجي اسان هڪڙي ٽرسٽ به قائم ڪئي آهي ٽرسٽ جو ڪم ئي اهو آهي ته ٻارن کي پڙهائي، اڳتي هلڪي ڦلڪي نوڪري ۾ لڳائجي، غريب بيواهه عورتن کي سلائي مشينون ڏيندا آهيون، انهن جي ڇوڪرين کي پڙهائي سان گڏ سلائي ڪڙهائي سينٽر کولي ڏنا آهن، پڙهنديون به آهن ۽ سلائي ڪڙهائي به سکن ٿيون، جن مان ڪجهه ماسترياڻيون به ٿي ويون آهن، ايئن غربت جي خاتمي ۾ اسان چند ماڻهو لڳا پيا آهيون، جو اهي ڳوٺ وارا سڀ اسان جا پنهنجا مائٽ آهن، اسان غربت کي ختم ته نه ڪري سگهيا آهيون پر چڱي خاصي غربت گهٽ ڪري سگهيا آهيون.
    هڪڙو مائٽ ..... مون ڏانهن هٿ ٻڌي بيهه رهيو ۽ مون ڏانهن مخاطب ٿيو .... چيائين ابا ...... الله توکي سکيو رکي ...... هڪڙي مدد ڪرين ته چوانءِ ..... مون چيو ها ابا چئو، چيائين...... منهنجي گهرجي ڇت ٽمي ٿي گهر پراڻو ٿي ويو آهي، هيل جي زور واري برسات ٿي ته منهنجو گهر ڪِري پوندو ..... ابا .... مون کي گهر جي مرمت ڪرائي ڏيو..... مون هن سان واعدو ڪيو ته ٽرسٽ تنهنجي گهر جي مرمت ۾ مدد ڪندي پر مون کي ڳوٺ جي مائٽن جا اڪثر گهر ذهن ۾ ڦري آيا جن جا گهر قابل مرمت هئا.
    عيد جا ٻه ڏينهن گذاري واپس شهر اچي ٿو وڃان ٻه ڏينهن بعد آفيسون به کلي ٿيون وڃن، آئون آفيس ۾ ويهان ٿو، آفيس جي سڀني پٽيوالن کي گهرائي، سڀني کي سئو سئو رپيا خرچي ڏيان ٿو، آفيس کان شام جو گهر ايندي گاڏي ۾ ويهان ٿو، آفيس جي ارد گرد گهمندڙ پينو فقيرن جو ٽولو اچي ٿو وڃي، جيڪي روز هوندا آهن پر عيدن جي موقعي تي وڌيڪ به هوندا آهن ۽ ضرور ايندا به آهن آئون هڪ سئو جو نوٽ ڪڍي هڪڙي ڇوڪري کي ڏيان ٿو چوانس ٿو ته سڀني کي ڏهه ڏهه رپيا ورهائي ڏجان سڀ دعائون ٿا ڏين، ٻئي ڏينهن گهران نڪران ٿو نيشنل بينڪ جي سامهون ماڻهن جي قطار لڳي پئي آهي، ڪاڙهي ۽ اس ۾ هيءَ قطار انهن ماڻهن جي هئي، جيڪي بجلي ۽ گئس جا بل پياري رهيا هئا، ايئن ڪيترائي تصور ذهن ۾ اچن ٿا ۽ بس اسٽاپن جا سول اسپتالن جا، اسٽيشن جا ..... دوائن وٺڻ وارن جا، غربت ۾ پلجندڙ ڪکائن جهوپڙين ۾ رهندڙ غريبن جا، غربت سبب پنهنجا جسم وڪڻندڙ عورتن جا، غربت سبب پنهنجون عزتون پنهنجن هٿن سان لٽائڻ جا عصمت دري جا واقعا..... اخبارن ۾ پڙهندڙ هزارين بيروزگاري سبب خودڪشين جا واقعا، معصوم ٻارڙن کي وڪرو ڪرڻ جا واقعا، اهي سڀ ذهن ۾ ڦري اچن ٿا ته اتي سعودي بادشاهه جي پنهنجي ڌيءَ کي ڏاج ۾ ڏنل سون سان ٺهيل باٿ روم جو تصور ذهن ۾ اچي ٿو ته دنيا جي اڌ آبادي ماني جي ڳڀي بدران مٽي کائين ٿا، مانيءَ جي ڳڀي لاءِ در در ڀٽڪن ٿا، ڪچرن جي ڍيرن مان هزارين ٻارڙا ماڻهن جو اڇلايل کاڌو کائين ٿا، تڏهن هن نظام تي اکين مان ڳوڙها نڪري ٿا پون، ٽشو سان اکين مان نڪتل ڳوڙها اگهان ٿو.

    (نوٽ: سعودي عرب جي بادشاهه پنهنجي ڌيءَ جي شاديءَ جي موقعي تي ڏاج ۾ سون سان ٺهيل ڪمرو ۽ سون سان ٺهيل باٿ روم به ڏنو آهي، انهيءَ خبر مان متاثر ٿي هي ڪهاڻي لکي اٿم.)


    دفن ٿيل راز

    هوءَ جڏهن به حيدرآباد ايندي آهي خريداري يا ڪنهن ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ لاءِ، هن جو اچڻ مهيني ۾ هڪ يا ٻه دفعا ضروري ٿيندو آهي، گهڻو ڪري هوءَ پنهنجي سهيلين سان ايندي آهي، هن جي سهيلين جو هڪ مخصوص ٽولو آهي، انهي ڪري به سهيلين سان ايندي آهي جو آزادي سان گهمي سگهن هيءَ ۽ هن جون سهيليون آزاد ۽ کڙپيل قسم جون عورتون آهن، هونئن ته هن جو پورو نالو گلشن آرا آهي، پر ڳوٺ ۾ هر ڪو کيس گلان ڪري سڏيندو آهي، جيئن حيدرآباد ايندي آهي ته مون کي ميسيج يا فون ڪندي آهي ته اڄ آئون اچان پئي ۽ مٿان وري نادر شاهي حڪم به ڪندي آهي ته متان ٻنپهرن جي ماني کاڌي اٿئي، آئون به ذهني طرح تيار ۽ دلي طرح خوش ٿي ويندو آهيان ته لنچ گڏ ڪنداسين، هوءَ جيئن پهچندي آهي، آئون به گاڏي کڻي، گلان کي ساڻ ڪري ڪنهن سٺي هوٽل ۾ اچي ماني کائيندا آهيون، هاڻ گلان اچي پنجاهه سالن جي لڳ لڳ ٿي هوندي، پر نازن نخرن، انداز ۽ چال چلت، ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي انداز ۾ هوءَ پاڻ کي جوانڙي سمجهندي آهي، زبان جا چشڪا وٺڻ ۾ هو لطف اندوز ٿيندي آهي، هوءَ سدائين پاڻ کي ڪٽ مست ٿي سمجهي، پاڻ کي لالي ۽ پائوڊر سان ٿڦيو، نئين ۽ فيشن ايبل ڪپڙن سان سجايو، سينگاريو، پاڻ کي عمر کان ننڍو سمجهڻ جي هام پئي هڻندي آهي ۽ سدائين پاڻ کي جوان ڏيکارڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هوندي آهي ۽ انهي ڪوشش ۾ ڪامياب به ٿي ويندي آهي، توڙي جو ڏوهٽن پوٽن واري ٿي وئي آهي پر جواني واري مستي اڃان سر تي سوار اٿس، هن سان گڏ سندس ٻه ٽي سهيليون جيڪي اڪثر گڏ هونديون اٿس، اهي به هن جو جوڙ آهن، اهي به وات ڳاڙهيون ۽ ڪٽ مست لڳيون پيون آهن، حيدرآباد شهر ۾ پهچي ٽڙ پکڙ ٿي وينديون آهن شام سج لٿي طئي ٿيل پروگرام موجب حيدر چوڪ تي اچي گڏ ٿينديون آهن ۽ گڏجي ڳوٺ روانيون ٿينديون آهن، اچڻ شرط پڇندي آهي ته تنهنجو گهر خالي آهي.....؟ جي خالي هوندو آهي ته گهر هلڻ جو چوندي آهي، گهر ايندا آهيون ملڻ ۽ ماني کائڻ کانپوءِ چوندي آهي، يار توسان ملندي آهيان ته سالن جا ٿڪ لهي ويندا آهن، توسان ملي باغ و بهار ٿيو وڃان، انهي جي عيوض هوءَ مون کان هڪ ٻيو ڪم به ضرور ڪرائيندي آهي ته آئون هن کي المنظر هوٽل تي ضرور وٺي وڃان ۽ کيس ڄامشورو المنظر هوٽل تي وٺي ويندو آهيان پنهنجي پهرين پيار سان ڪچهري ڪرڻ المنظر هوٽل تي ضرور ايندي آهي.
    گلان ننڍي هوندي کان ئي شرارتي، چلولي ۽ ڇوڪرن سان راند روند ڪرڻ واري ڇوڪري هئي، جيتوڻيڪ هن جا مائٽ کيس منع ڪندا هئا ته ڇوڪرن سان راند روند يا مذاق ۽ لهه وچڙ ۾ نه اچ، پر هوءَ نه مُڙندي هئي، هوءَ اڃان مس وڏي ٿي هئي، نوجواني جي نوخيز عمر ۾ انهن راند ڪندڙ ڇوڪرن مان هڪ پاڙي جي ڇوڪري فريد سان، دوستي ٿي ويس ۽ هن سان کري پئي، مائٽن اهو ئي ڀلو سمجهيو ته ڇوڪريءَ جي وڌيڪ بدنامي ٿي پوي ته ننڍي عمر ۾ ئي شادي ڪري ڇڏيائون، هن جي شادي به اتفاق سان اهڙي گهر ۾ ٿي، جتي هن سان گڏ صرف هن جي سس رهندي هئي، هن جو مڙس نوڪري سانگي شهر ۾ رهندو هو جيڪو هفتي هفتي ايندو هو، گلان چوري چوري پنهنجي دوست فريد کي پنهنجي گهرائيندي هئي، تنهن زماني ۾ ڳوٺ ۾ بجلي ڪو نه هوندي هئي، رات جو ڏهين، يارهين وڳي کانپوءِ ڄڻ ته خاموشي جو راڪاس گهمي ويندو هو، هوءَ آڌي رات کان، صبح واري ٻانگ تائين، پنهنجي دوست فريد سان رات گذاريندي هئي، شايد هن کي هن جو پهريون پيار مڙس کان وڌيڪ هو، اهڙي هوشياري ۽ خبرداري سان گلان پنهنجي دوست فريد کي گهرائي، هن سان سڄي رات گذاريندي هئي جو ڪنهن کي به ايتري قدر جو ٻي ڪمري ۾ ستل سندس سس کي به خبر پوڻ نه ڏيندي هئي، ايئن هڪ ڀيرو مون آڌي رات جو هنن کي ڏسي ورتو، اسان جو ويڙهو هڪڙو هو، انهي ويڙهي ۾ اٺ ڏهه گهر هئا، آئون دير تائين پڙهندو هئس، باٿ روم ويندي مون هن کي ڏسي ورتو ۽ هن به مون کي ڏسي ورتو هو، پنهنجي دوست کي روانو ڪيائين ۽ مون کي پنهنجي ڪمري ۾ وٺي آئي ۽ روئي روئي منٿون ڪرڻ لڳي ته آئون اهو راز ڪنهن کي به نه ٻڌايان ۽ انهي راز کي لڪائڻ لاءِ هن مون سان دوستي رکڻ جو چيو ۽ پهرين رات تي پنهنجو جسم منهنجي حوالي ڪري ڇڏيائين، منهنجي به ڀرپور جواني هئي ۽ ملڻ کانپوءِ مون هن سان واعدو ڪيو ته آئون اهو راز ڪنهن کي به نه ٻڌائيندس، هن به مون سان دوستي رکڻ ۽ سڄي عمر نڀائڻ جو واعدو ڪيو، جيتوڻيڪ آئون گلان جو مائٽ هئس، مون کيس سمجهايو هو ته فريد هڪ ڌاريو ڇوڪرو آهي، پاڙيسري ضرور آهي، هن روئي ٻاڏايو ته هن سان مون کي بيحد گهڻو پيار آهي، هفتي ۾ هڪ ٻه دفعا هن سان ملنديس ۽ توسان هر روز ملنديس، هن کانسواءِ آئون رهي نه سگهنديس، پر هاڻ ته هو مون کانسواءِ به رهي نه پئي سگهي ۽ آئون به هن کانسواءِ رهي نه پئي سگهيس، مون سان هر روز ملندي هئي، اهو سلسلو اسان جو ڪيترائي سال هليو، تان جو فريد حيدرآباد شفٽ ٿي ويو ۽ منهنجي به شادي ٿي وئي، گلان به پنهنجي ڪچڙي جواني مان ٻاهر نڪري آئي هئي هن کي ٽي ٻار ٿي چڪا هئا.
    مون کي به نوڪري حيدرآباد ۾ ملي پنهنجي زال سان گڏ آئون به حيدرآباد لڏي آيس، هاڻ بس اسان جي ملاقات جو هي سلسلو ائين هلندڙ آهي جو گلان حيدرآباد ايندي آهي ته ٻنپهرن جي ماني ضرور گڏ کائيندا آهيون ۽ المنظر تي ضرور ويندا آهيون، جتي هوءَ فريد سان ٻانهن ٻانهن ۾ ڏيئي المنظر هوٽل جي ڀرسان سنڌو درياهه جي ڪپ تي ويهي ڪلاڪ ٻه ڪچهري ڪندا آهن ۽ پوءِ ڀاڪر پائي موڪلائيندا آهن، هن جو اهو راز لڪائيندي لڪائيندي ڪيترائي ورهيه گذري ويا آهن، انهي راز جي لڪائڻ عيوض سندس دوستي مون سان اڄ به قائم آهي، توڙي جو اسان ٻئي هاڻ عمر ۾ وڏا ٿي ويا آهيون، اهو سلسلو گلان جو اسان ٻنهي سان اڃان تائين هلندو اچي، فريد هن جو پهريون پيار ۽ آئون هن جو ٻيو پيار هئس، منهنجي دل ۾ دفن ٿيل هي راز اڃان تائين دفن ٿيل آهي ۽ شايد دفن ئي رهجي وڃي.


    ان باڪس ڪچهري

    منهنجي فيس بڪ جي پروفائيل ۾ هڪ فرينڊ رڪيسٽ (Friend Request) آيو، گل جي نالي سان هن جو پروفائيل کولي ڏٺم، ڪنهن به قسم جو فوٽو لڳل نه هيو، اهو سمجهي نه سگهيس ته گل مرد آهي يا عورت..... بهرحال (Accept) ڪيومانس.... يڪدم ميسيج آيو توهان مون کي پنهنجو دوست بنايو.... ان لاءِ مهرباني .... مون جواب ۾ ويلڪم لکيو مانس.....
    ٻئي ڏينهن انباڪس (In Box) ۾ گل نمودارر ٿيو، هن لکيو .... اسلام عليڪم .... ۽ ٻيو ڪجهه هن طرح لکيل هو .... توهان جي هڪ ڀيرو وري مهرباني جو توهان مون کي دوست بنايو.
    مون به وعليڪم سلام، لکي پڇيو مانس، ڇا توهان مون کي سڃاڻو ٿا، جو بار بار مهرباني پيا مڃو .... چيائين .... نه ... سڃاتو ته ڪو نه اٿم، پر توهان جي فوٽوز مان اندازو ڪيو اٿم ته توهان گريٽ پرسنلٽي جا ماڻهو آهيو، توهان ڪيئن آهيو؟ آخر ۾ لکيل هو.
    آئون ٺيڪ آهيان، مون جواب ڏنو، هن لکيو. توهان ڏاڍا سٺا آهيو،... مون لکيو ته توهان کي ڪيئن خبر پئي ته آئون سٺو آهيان، گل لکيو .... توهان جي پروفائيل جي تصويرن ۽ مواد مان لڳي ٿو ته توهان نوجوان آهيو ۽ سٺا لکندڙ به آهيو ته يقينن سٺا انسان به هوندا.
    مون پڇيو مانس..... پهرين ته اهو ٻڌايو ته گل مرد آهي يا عورت.......؟
    هن لکيو ته مان عورت آهيان منهنجو نالو غلام فاطمه آهي، پيار وارو نالو گل اٿم.... ۽ آئون ڪراچي ۾ رهان ٿي.... مون چيو... ٺيڪ آهي .... توهان منهنجي تعريف ڪئي .... توهان جي مهرباني ... پر آئون نوجوان نه پر سٺ سالن جو پوڙهو آهيان.
    هن لکيو... ته اوهان سٺ سالن جا لڳو ته ڪو نه ٿا، توهان جون تصويرون ته سٺيون آهن جنهن ۾ توهان جوان ٿا لڳو.....
    مون پڇيومانس ..... توهان ڇا ڪندا آهيو.
    هن چيو، مان فل ٽائيم، گهر جي جاب ڪندي آهيان جيڪا توهان جي نوڪرين کان وڌيڪ ڏکي ۽ فل ٽائيم نوڪري آهي.
    بلڪل توهان صحيح پيا چئو، توهان جي گهر ۾ ٻيو ڪير آهي .... مون پڇيو مانس.
    هڪ پٽ ويهه سالن جو اٿم ۽ ڌيءُ پندرهن سالن جي آهي ... هن جواب ڏنو، مون سان گڏ آهن.
    توهان جو مڙس؟ مون پڇيو.
    هن چيو، طلاق ٿي وئي....
    ڇو؟
    چيائين.... شڪي مزاج هو، ظلم ڪندو هو ..... ڳوٺ ۾ ئي طلاق ٿي وئي. آئون پنهنجي ٻارن کي وٺي ڪراچي آيس.... ۽ اتي ئي رهان ٿي.
    مون هن جي عمر پڇي ته هن ٻڌايو ته چاليهه سالن جي آهيان.
    مون صلاح ڏيندي چيو مانس.... اڃا جوان آهيو.... ٻي شادي به ڪري سگهو ٿا.
    چيائين .... هاڻ ٻار جوان آهن، شادي نٿي ڪري سگهان، پر جي توهان چاهيو ته توهان سان دوستي ڪري سگهان ٿي، مون کي هڪ سچي دوست ۽ سچي سهاري جي ضرورت آهي.
    هن جو اهو جملو پڙهي، مون کان ڇرڪ نڪري ويو، ٿوري دير لاءِ خاموش ٿي ويس ۽ ڪجهه به جواب نه ڏنم...
    چيائين ..... توهان ڪو جواب نه ڏنو.
    جواب ڏنو مانس ته توهان ڪراچي ۾ ٿا رهو ۽ آئون حيدرآباد ۾ ٿو رهان. ٻيو ته تنهنجي ۽ منهنجي عمر ۾ وڏو فرق آهي، پنهنجي دوستي نه ٿي هلي سگهي.
    چيائين، توکي ته خوش ٿيڻ کپي، مان توکان ويهه سال ننڍي آهيان، هڪ ننڍي نيٽي دوست پئي ملي ۽ ها ..... پيار ڪرڻ وارا عمر نه ڏسندا آهن، آئون توسان پيار ڪريان ٿي....
    مون چيو مانس .... محترمه هڪ ڏينهن جي ڳالهه ٻولهه ۾ توکي مون سان پيار به ٿي ويو....؟ پيار ڪا ايڏي سستي شئي ٿي پئي آهي ڇا .... جو وڃي بازار مان وٺي اچجي.... تو نه مون کي ڏٺو آهي ۽ نه ئي مون توکي ڏٺو آهي.....
    ٿوري دير جي چيٽنگ (Chatting) ڪرڻ جو به اڄ پهريون ڏينهن آهي، مون ته تنهنجو فوٽو به نه ڏٺو آهي ۽ توکي پيار به ٿي ويو، چيائين .... فوٽو هاڻ ئي موڪليان ٿي.... ان باڪس ۾ فوٽو موڪليائين.
    پڇيائين.... آئون پسند آيس...
    چيم...ها .... پر پنهنجي دوستي نٿي ٿي سگهي پاڻ هڪ ٻئي کان پري آهيون....
    چيائين.... اهو توتي آهي ته تون مون سان ڪڏهن ملڻ ٿو اچين.... تون چاهين ته مون سان هر روز ملڻ اچين سگهين ٿو.... تو مون سان ملڻ لاءِ سڀاڻي ئي اچ... آئون ۽ منهنجو ملڻ توکي پسند نه اچي ته چئجان...... توکي هر صورت ۾ خوش ڪنديس..... ائون ۽ منهنجو گهر تولاءِ حاضر آهن، منهنجا ٻار صبح جو هليا ويندا آهن، صبح کان شام تائين آئون پنهنجي گهر ۾ اڪيلي هوندي آهيان، پاڻ ٻئي پنج ڇهه ڪلاڪ، منهنجي گهر آرام سان گذاري سگهون ٿا..
    پهرين ئي ڪچهري ۾ ايتري حجت ۽ ايتري محبت ڏسي، منهنجي مردانه طبيعت ۾ هورا کورا ٿيڻ لڳي، پر دل کي قابو ۾ ڪيم، چيومانس، تون ڪهڙي قسم جي عورت آهين، اڃا پنهنجي ملاقات به نه ٿي آهي، ايتري آفر ڪري ڇڏيئي، مون کي پنهنجو جسم ڏيڻ لاءِ آماده ٿي وئي آهين، ڇا توکي ائين لڳي ٿو ته آئون توسان وفا ڪندس؟ تنهنجو سهارو ٿيندس؟ تنهنجو سچو دوست ثابت ٿي سگهندس؟
    چيائين، ها مون لڳي ٿو، تون منهنجو سهارو ثابت ٿيندين، تون سڀاڻي اچ.... منهنجو فون نمبر هي اٿئي..
    هن پنهنجو فون نمبر ڏنو ۽ مون کان به ورتائين، تو جڏهن مون کي پرکي ئي ورتو آهي ته ٺيڪ آهي، آئون جلد توسان ملڻ لاءِ ايندس، پر تنهنجي گهر ۾ نه.... ڪنهن هوٽل ۾ (Lunch) ڪنداسين ۽ هڪٻئي کي ڏسي به وٺنداسين ۽ پرکي به وٺنداسين.
    چيائين..... تون ته مون کي پسند آهين، آئون دوستي لاءِ تيار آهيان، پر الله ڪري آئون توکي پسند اچان، فوٽو ۾ آئون توکي پسند آيس؟..
    چيم.... فوٽو ۾ ته سٺي آهين، پر دل جي الائجي ڪيئن آهين...
    چيائين ... ڪنهن به قسم جي مون ۾ لالچ نه آهي، آئون توسان سچو پيار ڪنديس. منهنجو سڄو جسم تنهنجي حوالي هوندو.
    مون کان وري ڇرڪ نڪري ويو دل ۾ آيو ته هينئر ئي اڏامي وڃانس.
    مون چيو مانس.. ايتري وڏي ڳالهه تو ڪري ڇڏي آهي، ڇا تون ايتري شريف آهين.... مون کان اڳ تو اها ڳالهه ڪيترن سان ڪئي آهي، ڪيترا دوست بنايا اٿئي؟
    چيائين .... خدا جو قسم آئون شريف آهيان.... اها منهنجي مجبوري آهي، مجبوري جي اڳيان... مجبور آهيان، مڙس جي طلاق بعد سڄو بار منهنجي ڪلهن تي اچي ويو آهي، ڳوٺ جي جاءِ مسواڙ تي ڏنل آهي، اتان آيل مسواڙ جا پئسا هتي ڏيندي آهيان، منهنجو پٽ ويهه هزار آڻيندو آهي، بس وقت ڏاڍو ڏکيو ٿو گذري، بس .... تون منهنجو سهارو ٿي وڃ، آئون تو سان سچو پيار ڪنديس. مون کي صرف ويهه هزار مهيني ۾ ڏجان انهي جي عيوض جيترو چاهين... اوترو تون مون وٽ اچي سگهين ٿو..
    مون چيو مانس.... تنهنجو جسم .... تنهنجي زبان... ايترو سستو ٿي پيو آهي، جنهن جو سودو تون فيس بڪ جي ذريعي ڪري رهي آهين.... تون ته پنهنجي جسم جي سوداگر آهين، تنهنجي جسم جا ته ڪيترائي خريدار هوندا....
    مون چيومانس .... سوري (Sorry) آئون تنهنجو دوست نٿو ٿي سگهان ۽ نه ئي مون وٽ توکي ڏيڻ لاءِ ماهوار ايتري رقم آهي، آئون ته پنهنجن ٻچن ۽ گهر ۾ پورو آهيان.
    چيائين.... مون تنهنجو پروفائيل ڏٺو آهي، تنهنجي نوڪري سٺي آهي، تون خوشحال ماڻهو آهين.. تون هڪ سٺي آفيس ۾ آفيسر آهين.... يقينن تو وٽ پئسو به سٺو آهي. تون منهنجي پورائي ڪري سگهين ٿو.
    مون چيو مانس.... مون کي ڪنهن به ويڪائو جسم ۽ تو جهڙي بازاري قسم جي عورت جي دوستي جي ڪا به ضرورت ناهي.
    هن چيو، تون منهنجي بي عزتي پيو ڪرين.
    مون چيومانس.... تو جهڙين بازاري عورتن جي ڪا به عزت نه هوندي آهي.
    ڏٺم رات جا ٽي ٿي ويا هئا، ڪمپيوٽر بند ڪري، سڄي رات جاڳي گذاريم.....
    ٻي ڏينهن هن مون کي Unfriend ڪري ڇڏيو....
    ٻي رات منهنجي موبائيل تي ميسيج لکيائين ته مون توهان جو نمبر ڊليٽ ڪري ڇڏيو آهي ۽ توهان به منهنجو نمبر ڊليٽ ڪري ڇڏيو ۽ مهرباني ڪري ڪنهن سان به ڳالهه نه ڪجو .... ۽ مون هن جو نمبر پنهنجي موبائيل تان ڊليٽ ڪري ڇڏيو....


    مري جيئاري ويو

    اميد علي کي اسان جي پاڙي ۾ رهندي ڪيترا سال گذري چڪا هئا، هاڻ ته هن سان هن جي خاندان سان، اسان جي دعا سلام کان وڌيڪ مائٽن جهڙو سلوڪ ٿي ويو هو، هن جو پورو خاندان انتهائي قربائتو هو، وڏي فيملي هئي اٺ ڏهه ڀاتين تي مشتمل هي گهراڻو، غربت واري زندگي گذاري رهيو هو.
    اميد علي پاڻ پوليس کاتي ۾ سپاهي هو، هونئن پوليس کاتي وارا سپاهي ڏاڍا بي رخا ٿيندا آهن پر اميد علي هڪ ته بهادر ڏاڍو هو ۽ ٻيو تمام گهڻو رلڻو ملڻو ۽ بااخلاق هو، پنهنجي غربت ڪڏهن به ظاهر نه ڪندو هو، سدائين پيو مسڪرائيندو هو.
    هڪ ڏينهن ٽوڪ ڪندي چيومانس ته اميد علي پوليس جا سپاهي ايترا خلوص، محبت وارا ته نه هوندا آهن، پر تون ته انهن جي ابتڙ آهين، چيائين انهي ڪري جو آئون ايماندار آهيان.
    ها! اميد علي انتهائي ايماندار ۽ بهادر سپاهي هو، خرچي يا رشوت جي حساب سان ڪنهن کان هڪ رپيو به نه وٺندو هو، ايتري قدر جو ٿاڻي تي رشوت جي خرچي مان هو پنهنجو حصو ڪڏهن به نه وٺندو هو، پر ڪم ٻين سپاهين کان به ٻيڻو ڪندو هو ۽ ايمانداري سان ڪندو هو.
    جيڪا ٽيم، ڀتاخورن، ڌاڙيلن ۽ مافيا جي خلاف وڙهندي هئي، انهي ٽيم ۾ هن جي بهادري سبب هن کي ضرور شامل ڪيو ويندو هو، هاڻ ته هو ٿاڻي جو صوبيدار به ٿي ويو هو، ڪنهن کي منٿلي نه پهچائڻ تي سدائين بدلين جا آرڊر هٿ ۾ کڻيو پيو رُلندو هو، ڪڏهن هڪ ٿاڻي تي ته ڪڏهن ٻئي ٿاڻي تي هوندو هو، ايماندار آفيسر هئڻ سبب هن جي هاڪ ته ڊپارٽمينٽ ۾ گهڻي هوندي هئي.
    ننڍڙن چورن، لوفرن ۽ پاٿاريدارن لاءِ ته هو اڪيلو ئي ڪافي هو، جنهن ٿاڻي تي رهندو هو انهي شهر ۾ چورن ۽ لوفرن کي مجال جو ڪا چوري يا دهشتگردي ڪري سگهن، ڪنهن کان ڊڄندو نه هو، ڀلي خان، خان جو پٽ هجي، جي ڪنهن ڏوهه ۾ پڪڙجي پيو ته في الحال ٿاڻي تي پهچائي بند ڪري ڇڏيندو هئس.
    آئون ڪڏهن ڪڏهن حيران ٿي ويندو هئس ته هو صرف پنهنجي پگهار مان، ايڏي وڏي خاندان جي سنڀال ڪيئن ٿو ڪري، ٻچن کي ڪيئن ٿو نپائي ۽ ڪيئن ٿو پڙهائي.
    سچي ڳالهه ته اها هئي هو صرف کاڌي ۾ ئي پورا هئا، باقي گهر ۾ ڪجهه ڪو نه هئن هن جا ماءُ ۽ پيءُ سدائين بيمار رهندا هئا، هن سان گڏ هن جو هڪ ننڍو ڀاءُ، ننڍي ڀيڻ به رهندا هئا، هن جي زال هن کي ڇهه ٻار ڄڻي ڏنا هئا ته ويتر سورن ۾ پئجي ويا هئا، هو پنهنجي ماءُ پيءُ جي علاج لاءِ سدائين پريشان رهندو هو، جو هو ٻنهي جو علاج، پنهنجي ٺلهي پگهار مان نه ڪرائي سگهندو هو.
    منهنجي هن سان گهڻي گهرائپ ٿي وئي هئي گهڻو ڪري دل جا حال مون سان ئي اوريندو هو، آئون هن جي ماءُ پيءُ جي علاج ۽ دوائن ۾ سندس مدد ڪندو هئس، مون کان انهي مدد تي هٻڪائيندو هو، شرمسار به ٿيندو هو، انڪار نه ڪندو هو ڇو ته هو مجبور هو.
    هن جي زال، منهنجي ماءُ، منهنجي زال سان ڏک سور اوريندي هئي ۽ پنهنجي مڙس جي ايمانداري تي سدائين پريشان به رهندي هئي ...... ۽ سدائين ٻنهي اکين مان ڳوڙها پيا ڳڙهندا هئس، ماني پيٽ لاءِ پريشان، ٻارن جي سولي پڙهائي به نه ٿيڻ تي زنجيده هوندي هئي، ويتر جو بيمار ماءُ ۽ پيءُ، ڀيڻ ۽ ڀاءُ جو بار به هن تي هو سدائين روئڻ لاءِ مجبور هئي، گهڻو ڪري هن جي زال مهيني جي ويهن ٻاويهن ڏينهن ۾ اسان جي گهران اٽو، چانور ۽ کنڊ پتي پئي اوڌر تي وٺندي هئي، ان واعدي تي ته اڳئين مهيني واپس موٽائي ڏيندي پر هو ان پوزيشن ۾ ئي نه هئي ۽ منهنجي زال به ڪڏهن هن کي اوڌر واپس ڪرڻ لاءِ نه چيو.
    ائين هن غريب گهراڻي جو وقت گذري رهيو هو، عيدن براتن تي مان سندن مدد ڪندو هئس.
    هن جي گهر ۾ بک هئي، بيماريون هيون، هن جا ٻار تعليم لاءِ سورن ۾ هئا، اوچتو هڪ ڏينهن ٻڌوسين ته اميد علي ڌاڙيلن سان مقابلي ۾ وڙهندي شهيد ٿي ويو آهي، کيس پوليس جي سلامي ۾ دفنايو ويو، گهر ۾ هڪ ئي ڪمائڻ وارو هو اهو به الله کي پيارو ٿي ويو.
    ڪجهه مهينا مس گذريا ته هنن جي زندگي ۾ ڦيرو اچي ويو، ڪيترن ئي سالن کان رهندڙ مسواڙ واري جاءِ مالڪ کان خريد ڪري ورتي هئائون.
    اميد علي جي وفات کان اڳ سندس ماءُ پيءُ گذاري ويا هئا، هاڻ هن جي گهر ۾ آسودگي ڏسڻ ۾ پئي آئي، اميد علي کي شهادت جو رتبو ملڻ تي، ڌاڙيلن سان مقابلي ۾ مارجي وڃڻ تي پوليس کاتي کان ٽيهه لک رپيا مليا هئا، اهڙا ٻيا پينشن وغيره جا ويهه لک رپيا مليا هئا، هن جي وڏي پٽ کي پوليس ۾ نوڪري ڏني وئي هئي، هن جي وڏي ڌيءَ کي هيلٿ ورڪر جي نوڪري ملي وئي هئي، هن جي ڀيڻ جي به شادي ٿي وئي.
    اميد علي جو اولاد، سندس جيئري سٺي زندگي جا صرف خواب ڏسندو رهيو، پر انهن جي خوابن جي تعبير هن جي مرڻ کانپوءِ ئي هنن کي ملي ۽ سڀ سولا ٿي پيا هئا.
    پاڙي ۾ هر ڪنهن جي وات ۾ اها ئي ڳالهه هئي ته اميد علي جنهن پنهنجي حياتي ۾ سک جو ساهه نه کنيو ۽ نه ئي هن جي خاندان ٽي ويلا سولي ماني به کاڌي هن جي مرڻ بعد هن جو گهر ۽ هن جو اولاد ته سکي ٿي پيو.
    پاڻ، شهيد ٿي ويو پر پنهنجي گهروارن کي سولو ڪري ويو.


    پياري تنهنجي پريت

    ڪيترن سالن بعد هو حيدرآباد آئي هئي، مون کي فون ڪيائين ته ڪيئن به ڪري اڄ آءُ هن سان ملان، پڇيومانس تون ڪٿي آهين، چيائين مولا علي جي قدم گاهه وٽ بيٺي آهيان، آئون پهتس ته هن سان گڏ هن جو ننڍو پٽ ۽ ڌي به گڏ هئا.
    روزينه جو چهرو سامهو ن اچي ويم، جڏهن هو ويهه سالن جي هئي ته مڙس چاليهه سالن جو هو، هو پنهنجي مڙس جي ٻي زال هئي، پرڻجي آئي هئي، اسان جي گهر جي سامهون هن جو گهر هو، هن جو مڙس هڪ ريزڪي دڪان هلائيندو هو، هن جي گهر ۾ ٻه ڪمرا هئا، هڪ ۾ هڪڙي زال پنهنجن چار ٻارڙن سان رهندي هئي ۽ ٻي ڪمري ۾ روزينه رهندي هئي، هڪ ٻئي جي سامهون گهر هجڻ سبب، اسان جا هڪٻئي سان مائٽن جهڙا تعلقات هئا، ايتري قدر جو هن جي گهر جا ٻار سڄو ڏينهن اسان جي گهر ٽي وي ويٺا ڏسندا هئا جو هن وٽ ٽي وي نه هوندي هئي، ڪجهه ٽائيم ته روزينه به اچي ٽي وي ڏسندي هئي، آهستي آهستي هن مون سان ڳالهائڻ شروع ڪيو، مون کي پاڻي پيارڻ ۽ چانهه ڏيڻ جو ڪم، پنهنجي سر تي کنيائين، اهو هڪ بهانو هو، انهي بهاني اک ڀڃي وٺندي هئي، پنهنجن هٿن جون آڱريون منهنجي هٿ سان زور سان لڳائي ويندي هئي، چانهه جي ٽائيم تي ته هو ضرور اسان جي گهر اچي ويندي هئي ۽ منهنجي چانهه جو ڪوپ پاڻ کڻي مون کي ڏيندي اٽڪ مٽڪ ڪري ڪڏهن ڳلن تي چهنڊڙي به پائي ويندي هئي، ائين آهستي آهستي پياري انداز سان ڳالهائڻ، حجت ڪرڻ ۽ مذاق به ڪرڻ شروع ڪيو هئائين، آءُ هن جو هم عمر هوس، عمر به هن کان ٻه ٽي سال وڏو هوس.
    آءُ انٽر پاس ڪري چڪو هوس، شوگر مل ۾ ڪلرڪي جي نوڪري ملي وئي هيم ۽ بي اي ۾ داخلا وٺي ڇڏي هيم، ڏينهن جو نوڪري ڪندو هوس ۽ رات جو پڙهندو هوس، اسان جي گهر کان ٿورو پرڀرو هڪ هڪ اوطاق هوندي هئي، جنهن جو هڪ دروازو اسان جي گهرن جي اڱڻ مان هوندو هو ۽ ٻيو دروازو ٻاهر گهٽي ۾ هو، گهٽي وارو دروازو بلڪل روزينه جي گهر جي سامهون هوندو هو، مون پنهنجي لاءِ انهي اوطاق واري ڪمري ۾ قبضو ڪيو.
    جيئن ته روزينه سڄو ڏينهن اسان جي گهر ۾ ئي هوندي هئي، ڪم ڪار ۾ منهنجي ماءُ جو به هٿ ونڊائيندي هئي ۽ منهنجي هڪ ڀيڻ کي ته هن ساهيڙي بنائي ڇڏيو هو، جيڪا هن جيڏي ئي هئي، هونئن به ٽي وي جي بهاني فرمان علي جا ٻار ۽ هن جون ٻئي زالون اسان جي گهر ۾ ئي هونديون هيون، منهنجي ماءُ ۽ ڀيڻون به قربائتيون هيون، هونئن به روزينه منهنجي ڪري پنهنجو پيار هنن سان وڌائي ڇڏيو هو، ائين روزينه جي شادي کي ٻه ٽي سال گذري چڪا هئا، هن کي اڃان ڪو به ٻار نه ٿيو هو، هڪ دفعو مون کي چيائين رات جو پڙهڻ مهل گهر وارو دروازو بند ڪري گهٽي وارو دروازو کولي ڇڏجان، آءُ رات جو دير سان تو وٽ اينديس، توسان اڪيلي ۾ ڪچهري ڪنديس، موقعو ملندي ئي تو وٽ اچي وينديس، آءُ هن جي انهي ڳالهه کي سمجهي چڪو هوس ته هو اڪيلائي ۾ مون سان ڪهڙي ڪچهري ڪندي، حالانڪه اها ڳالهه مون کي به دل ۾ هئي ته ڪڏهن چوانس ..... پر دل جهلي اڃان نه سگهيو هوس، ته هن دل جهلي ورتي هئي ۽ هڪ ڏينهن حڪم ڪندي چيائين، در کي ڪڙو نه ڏجان، ٻيڪڙي ڇڏجان، آءُ پاڻيهي ئي اچي وينديس، چيومانس سنڀال ڪجان ڪٿي مري نه پوين، مڙس ڪٿي تنهنجو به خون نه ڪري ۽ مون کي به مارائي نه وجهين چيائين، تون کٽڪو نه ڪر، منهنجو مڙس روز رات جو دڪان تان ايندو آهي، ماني کائي شراب پي، مون سان مليو نه مليو، جيئن سمهندو آهي ته دنيا جهان کان موڪلائي ويندو آهي، باقي آءُ پنهنجي سهيلي (مڙس جي ٻي زال) جي خبر لهي پوءِ اينديس، هو به سڄو ڏينهن ڪم ڪار ڪري ٻارن سان سمهندي آهي ته ڄڻ بيهوش ٿي ويندي آهي.
    ائين هڪ رات روزينه مون وٽ اچي وئي، اچڻ شرط دروازو بند ڪري مون سان گڏ سمهي رهي .... ها ....اها هن جي پهرين رات مون سان گڏ هئي .... هن مون کي بي انتها پيار ڪيو هو ..... تمام گهڻو پيار ..... هو ته شادي شده عورت هئي، زماني جي سڀ خبر هيس، پر آءُ ڪنوارو هوس ..... ۽ ڪنهن به عورت سان پهريون دفعو ملي رهيو هوس ..... مون کي پيار ڪرڻ سيکاريو ۽ آئون ڏڪي رهيو هوس ۽ پوءِ ٻي رات، ٽي رات ۽ پوءِ تقريبن هر روز آئون سڀ ڪجهه سمجهي ويو هوس، هن مون کي صرف ڊپ هو ته اسان کي ڪير ڏسي نه وٺي، باقي اسان ٻئي خوش هئاسين ..... آهستي آهستي منهنجو ڊپ به ختم ٿي چڪو هو .... هن جي روز اچي ملڻ سان خوش به رهڻ لڳو هوس هڪ پياري زندگي ۽ پيار ڪندڙ ڇوڪري بنا شادي جي ملي وئي هيم.
    روزينه تمام گهڻي سهڻي هئي عمر جي ننڍي هئي، پر بي انتها پيار ڪندڙ عورت به هئي، هن منهنجي زندگي بدلائي ڇڏي هئي، ڏينهن کٽندو ئي نه هيو، دل چوندي هئي، جلدي آڌي رات ٿئي، روزينه مون وٽ اچي.
    ائين تقريبن هر روز روزينه مون وٽ آڌي رات ۽ پوءِ صبح جو آذان تائين مون وٽ هوندي هئي، هن جو مڙس ايترو ته شراب پيئندو هو جو اها به خبر نه پوندي هيس ته هن جي ڀر ۾ زال به ستل آهي يا نه، هو مون مان خوش هئي، مون مان مطمئن هئي هن پنهنجو سڀ ڪجهه مون کي ارپي ڇڏيو هو.
    ائين اسان مسلسل پيار جا ٽي چار سال مس گذاريا هئا ته منهنجي شادي ٿي وئي ۽ منهنجي شادي بعد اسان جي ملڻ جو سلسلو بند ٿي ويو، مون کي هڪ پيار ڪندڙ زال ملي وئي هئي، پر هو بي مزا زندگي گذاري رهي هئي .... مون ڏانهن نياپا موڪليندي هئي ته منهنجي گهر ۾ اچي مون سان ملندو ڪر..... هڪ دفعو گهٽي ۾ هٿ ٻڌي بيهي رهي ۽ ٻاڏائيندي چيائين خدا جو واسطو اٿئي مون کي نه ڇڏجان مون سان ڪڏهن ڪڏهن ملجان منهنجي گهر اچجان ..... آئون پاڻيهي بندوبست ڪنديس ..... پر پوءِ اهو ملڻ وارو سلسلو ڪڏهن به نه ٿي سگهيو.
    ايسيتائين آئون ايم اي ڪري چڪو هوس ڪميشن به پاس ڪيم ته ليڪچرار جي نوڪري حيدرآباد ۾ ملي وئي ..... آئون پنهنجي زال سان حيدرآباد شفٽ ٿي ويو هوس، هر ڪو پنهنجي حال ۾ پنهنجي نموني زندگي گذاري رهيو هو.
    مهيني ۾ هڪ ٻه دفعا آئون پنهنجي ماءُ سان يا ڀيڻن سان ملڻ لاءِ ڳوٺ ايندو هوس ته هن کي به ڏسي وٺندو هوس، هن به سڀ آسرا پلي ڇڏيا هئا.
    ائين اسان هڪ ٻي کان گهڻو پري ٿي ويا هئاسين، وچ ۾ ڪيترن ئي سالن جي وٿي ٿي چڪي هئي هاڻ منهنجا ٻار به نوجواني جي ڏاڪڻين تي چڙهي رهيا هئا ۽ هن جا به ٻه ٻار اچي وڏا ٿيا هئا.
    منهنجو ڀيڻون پرڻجي چڪيون هيون ۽ منهنجا والدين گذاري چڪا هئا ..... منهنجا ٻه ڀائر نوڪرين سانگي ڪو ڪٿي ته ڪو ڪٿي وڃي وسيو هو .... ڳوٺ اچڻ هاڻ ته عيد برات، يا مرڻي پرڻي ٿيندو هو .... هو هڪ ڏينهن حيدرآباد آئي .....۽ مون کي فون ڪيائين آئون به بنا دير هن وٽ قدم گاهه وٽ پهتس، مون اهو ٻڌايو ويو ته روزينه تمام گهڻو بيمار ٿي پئي آهي جو هن کي هيپاٽائيٽس جي بيماري لڳل هيس، پر اڄ هن کي هتي روبرو ڏسي منهنجا لڱ ڪانڊارجي ويا، زمين پيرن هيٺان نڪري وئي..... ڇا ته هن جو حسن هو، ڇا ته هن جي نوجواني هئي ۽ اڄ ڇا ته هو هڏائون پڃرو پئي نظر آئي، هن جي بدن جو ذرو ذرو ڪمزور، ساڻو ۽ سائو نظر پئي آيو.
    بلڪل ختم ٿي وئي هئي، منهنجي وات مان صرف ٻه لفظ نڪتا ..... روزينه..... توکي هي ڇا ٿي ويو آهي ۽ هن جي وات مان صرف هڪ لفظ نڪتو ته تون بي وفا آهين ...... منهنجي سيني تي پنهنجو منهن رکي روئي رهي هئي ۽ جڏهن روئي بس ڪيائين ته چيائين منهنجي خبر به نه ورتئي، منهنجي مڙس جي مرڻ بعد ته خبر وٺين هان ته مئيس يا بچيس، واقعي مون هن سان پيار ڀريا لمحا ڪيترن سالن تائين گذاريا هئا پر هن جي ڏکن وارن لمحن ۾ مون هن جي ڪا خبر نه ورتي هئي، مون کي چيائين منهنجي نظر ختم ٿيندي پئي وڃي، مون کي ڪنهن سٺي اکين جي ڊاڪٽر کي ڏيکار ...... پنهنجي پٽ ۽ ڌيءُ کي شهر روانو ڪيائين ته توهان پنهنجون شيون وٺي اچو ۽ آئون ڊاڪٽر کي اکيون ڏيکاري اچان، آئون هن کي اکين جي اسپتال وٺي ويس......
    ڊاڪٽر کان واندا ٿياسين ته چيائين قدم گاهه جي ڀرسان مسافر خاني ۾ هڪ ڪمرو وٺي آئي آهيان، مون کي اتي ڇڏ ..... آئون هن کي اتي وٺي آيس. جيئن ڪمري ۾ آياسين ته هوءَ مون کي چنبڙي پئي هئي، چمين ۽ ڀاڪرن ۾ ڀريندي چيائين آئون توسان آخري دفعو ملڻ ٿي چاهيان، انڪار نه ڪجان، منهنجي ڳوڙهن کي ڏس، منهنجي اندر کي ڏس.
    ۽ آئون هن سان مليس شايد هن جي خواهش موجب، هن سان آخري دفعو ملي رهيو هوس.... هو منهنجي ٻانهن ۾ سمهي رهي هئي...... ڄڻ آخري پساهه سڪون سان کڻي رهي هئي، چيائين منهنجي ڌي جي پارت هجي هفتي بعد ئي ٻڌم ته روزينه گذاري وئي ..... شايد مون سان آخري دفعو ملڻ لاءِ جيئري هئي.... پنهنجي نڪتل اکين مان ڳوڙهن کي روڪي نه سگهيس......


    نينهن نڀايا جوين تون (سرائيڪي ڪهاڻي)

    ميڏي پڦي ڳوٺ مٺل چانڊيو وچ پرڻيل هئي...... اهو ڳوٺ اسان ڏي ننڍڙي شهر ڪنون اٺ ڪوه پري ها: ميڏا ته اُهبن ڳوٺ وچ قضا ڪاڻ وڃڻ ٿيندا ها. پر بابا ۽ امان گهڻا ڪر آندي ويندي رهندي هن ميڏي پڦي دا مڙس اساڏا هم ذات ضرورها پر ڪو ويجها مائيٽ نه ها. اهين ڳوٺ وچ سواءِ پڦي دي ڪو به مائٽ نه ها... ها ذات ساڳئي هئي . اوين چاآکيجي ته ميڏي پڦي داريان وچ پرڻيل هئي. هُڻ ته اوندي اولاد به آڻ جوان ٿي هئي. هڪ پٽ سوڍا ۽ هڪ ڌي سورٺ نالي، انهان دي اولاد هئي. او سب اسان ڪن، شادي مرادي، مرڻي پرڻي ته آندي ئي رهندي هن.... پر اوين به مهني وچ هڪ ڏون دفعه چڪر به ڏيندي هن . ميڏا بابا آپڻي ڀيڻ ڪون تمام گهڻا ڀائيندا ها... ميڏي امان به اُنهان تي ساه پئي ڇوڙيندي هئي. جڏهن اسان ڏي گهرآندي هن ته سوڍا ۽ سورٺ ته مين نال ئي هوندي هن. سورٺ نال ته ڏاڍيان ڪچهريان به ٿينديان هن. سورٺ مين نال ٺهندي به گهڻا هئي، اسان ڏا پيار ڏيک تي اسان ڏهين دي ماوان ولهور پئي ٿينديان آهن.. سوڍا مين جيڏا ها ۽ سورٺ ميڪنون پنج سال ننڊي هئي.. اُنهان دي ڳوٺ وچ اڃان تائين به بجلي نه هئي ۽ نه ئي ڪي بنيادي سهولتان هن.... مڊل اسڪول مس ها.. ويهه ٽيهه گهران نال آباد اهو ڳوٺ ٻني ٻاري تي آباد ها.. ڳوٺ دي سب ماڻهو، ٻني ٻاري ۽ مال وٿاڻ تي گذران ڪريندي آهن... تعليم صفا نه هئڻ دي برابر هئي..
    سورٺ ته اٺ ڪلاس پڙه گهر وچ ٻاه رهي پر سوڍا وڌيڪ پڙهڻ ڪيتي اسان ڏي شهر آ ڳيا ها. اسان ڏا شهر به ڪو خاص وڏا شهر نه ها.... هڪ ننڍا شهر ها پر هاءِ اسڪول ، ڪاليج، دي تعليم دي سهولت موجود هئي بجلي، پاڻي ، روڊ رستا، اوين چا اکيجي ته هڪ وڏا ء سڌريل ڳوٺ ۽ ننڊا شهر ها. سوڍا اٺ ڪلاس پاس ڪر تي وڌيڪ پڙهڻ خاطر اسان ڏي ڳوٺ آ ڳيا ها..... اسان نائين ڪلاس ڪُنون گڏ پڙهڻ لڳوسي. سوڍا اسان دي گهر رهندا ها. تنهنڪري سوٽ ڪنون وڌيڪ اسان دوست به ٿي ڳئُي هسي. سدائين گڏ گهمندي ڦرندي هسي، ڪڏهن ڪڏهن سوڍا ڳوٺ ويندا ها ته ميڪون به گڏ گهن ويندا ها.. هڪ رات ترس تي واپس آويندي هسي. مين ته سورٺ ڪيتي ويندا هم جو اونڌي سڪ لڳندي هم. ميڪون سورٺ آهدي هئي ته علي نواز تون هر هفتي سوڍي نال آويندا ڪر... هڪ رات، ڏون راتان ته رهنداهي سوڍا... سورٺ آکيا ؛ علي نواز تين نال ڪچهري ڪريندي ميڪون مذا به آندا هي ۽ ميڪون تيڏي سڪ به لڳدي هي، پر هر هفتي مين نه وينداهم . پڦي به ميڪون گهڻا ڀائيندي هئي. شايد دل وچ اها نيت ڪيتي ويٺي هئي ته علي نواز ڪون مين آپڻي ڌي سورٺ، نال شادي ڪرويسان ۽ علي نواز ڌي ڀيڻ آپڻي سوڍي ڪيتي گن آسان. انٽر پاس ڪرڳيوسي سورٺ به اٺان ڪلاس پاس ڪر ڇوڙيا ها. مين پڦي ڪون منٿان ڪيتيان هن نه سورٺ پڙهائي وچ ڏاڍي هوشيارهي، ايڪون وڌيڪ، پڙهاوڻ ڪيتي، اسان ڪن ڇوڙ... گهر ته آپڻاهي. سورٺ به پڙه پوسي... سورٺ دي ماءِ ڪون ته ڪو اعتراض نه ها، پر سورٺ دي بابا اجازت نه ڏيتي ته ڌي ذات ، جوان ٿي ڳئي هي وڌيڪ ، پڙهاوڻ مناسب ڪونهي.
    ٻارهين ڪلاس پاس ڪرڻ ڪنون بعد موڪلان ٿي ڳيان هن سوڍي مين نال اهو طح ڪيتا، ته ڏون مهني گرميان واليان موڪلان، آپ ميڏي ڳوٺ گزاريسون مين ته دل وچ باغ بهار ٿي ڳيم ته سورٺ نال ڪچهريان ٿيسن ۽ ميڪون اجازت به مل ڳئ.. امانءِ بابا آکيا ته ڀلي وڃ.
    پڦي دا مڙس ها ته ڌاريا پر اسان ڪون ڀائيندا به ها.. ويتر جو سوڍا ميڏا دوست ها ته وڌيڪ ڀاوڻ لڳاها. سورٺ به دل وچ جهمريان پاوڻ لڳي هئي.. ميڏي ته خدمت او دل نال ڪرڻ لڳي هئي... ڪا به ڪسر نه ڇوڙيندي هئي ته ميڏي خدمت وچ ڪا گهٽتائي ٿي وڃي. صبح دا جوين اٿڌاهم چانهه آڻ ڏيندي هئي ۽ يڪدم مکڻ نال ماني به چا آندي هئي ۽ اپڻي هٿان نال کويندي هئي. آهدي هئي علي نواز، شال سدائين مين تيڪون اوين ئي آپڻي هٿان نال ماني کواوان.
    علي نواز امان آهدي هي ته مين تيڏي شادي علي نواز نال ڪرويسان. ها علي نواز ڪيا اهو سچ هي، تون مين ڳوٺاڻي نال شادي ڪريسين.. هاسورٺ تون صرف ميڏي هوين.. مين تين نال ئي شادي ڪريسان. سورٺ جتنا ميڪون پيار ڪريندي هوين. ميڏي دل وچ به تيڏي ڪاڻ تمام گهڻا پيار هي مين تين نال ئي پيار ڪرينداهم.
    سورٺ هُڻ ته سدا ملوڪ چوڪري ٿي پئي هئي. اوندا نوجواني والا بدن اُڀر آيا ها.. جواني نال ته اصل مارپئي گتيس... وال وڏي ... رنگ دي ڀوري سهڻيان اکيان وچ سُرما پائيندي هئي ته جن پري لڳدي هئي... سڄي ڳوٺ دانڪ ٿي پئي هئي.. ڳوٺ دي هر نوجوان دي اها مرضي آهي ته سورٺ ميڏي ڪنوار ٿيوي . پر سورٺ ته ڪنهن ڪون گاه ئي ڪونه گتيندي هئي.
    ڳوٺ دي سڀ مرد صبح نال ڪوڏر ڪلهي تي رکي، ڪهاڙي هٿ وچ چاتي، ٻنيان وچ هلي ويندي هن.. مين ۽ سوڍا بس گهر وچ هوندي هسي. سوڍي دا ته آپڻا ڳوٺ ها، اهو آپڻي سوٽ نال ملڻ ڪيتي . انهان دي گهر هليا وينداها ميڪون به ڪڏهن ڪڏهن گِن وينداها... پر ميڏي دل هميشه اهو آهدي هئي ته مين سورٺ ڪن بيٺاهووان ، پڦي نال ڪچهري ڪران.
    سورٺ ميڏي ڪيتي، چانهه پاڻي، ٻوڙ ماني آپڻي هٿان نال ٺاهيندي هئي، ۽ آپڻي هٿان نال کويندي هئي.... جڻ ته ميڏي خدمت وچ ئي لڳي پئي هوندي هئي.
    ڪڏهن ڪڏهن هئو ، مئو ٽليل هوندا ها ته مين سورٺ دي ٻانهن ڇڪ تي ڀاڪر وچ ڀريندا همس ۽ چميان به ڏي گنداهمس.
    او به زور نال چنبڙ پوندي هئي هڪ منٽ وچ ڀاڪر وچون نڪل تي آهدي هئي.. الا ڪير ڏيک نه گهني، مين ته مرويسان، ميڪون بابا. مار ڇوڙيسي.
    ترس ته مين ڏيکان ، ڪير آندا ته ڪونهي پيا... لوڙهي ڪنون، پري پري تائين نظر ڦيريندي هئي.. ول آڻ ميڪون ڀاڪر وچ ڀريندي هئي... اسان چميان ۽ ڀاڪر والي حد تائين گهڻا ويجهي ٿي ڳئي هسي ـ سورٺ دي به دل آهدي هئي.. مين هر روز اوين علي نواز نال ڀاڪران ۽ چميان وچ هووان ۽ ڪچهري ڪران...
    علي نواز جلد ڪر آپڻيان مائٽان ڪون موڪل ميڪون پرڻا تي گن هل. مين وڌيڪ تين ڪنون سوا اڪيلي نه پئي ره سگهدي هان.
    اوين نه ٿيوي ته بابا ميڏي شادي آپڻي ڪنهن ڀائٽي ، ڀاڻيجي نال ڪروا ڇوڙي تيڪنون مين سواءِ ڪو نه ره سگهسان علي نواز... اٿان سڀ اڻ پڙهيل .. مال وٿاڻ والي ڪنهن جاهل نال ميڪون پرڻايو ني ته، ميڏي زندگي زهر ٿي ويسي. علي نواز .. مين تيڪون هٿ پئي ٻڌيندي ها.... جلد ميڪون گن وڃ ..
    مين اونڌي سڀ ڳالهه سمجهه ڳياهم.. مين اکيومس.. تون دل نه لاه.. تون ميڏي هوين تين ڏي ماءِ به آک چوڙيا هي تون ڪيون پئي کٽڪا ڪريندي هوين. سورٺ به آپڻي ماءِ دي ڳالهه پچون. آپڻي اميد دي ڏيئي ٻال ڇوڙي هن. اکيان دي ڳوڙهي چا اگهدي هئي.. بس سورٺ ڪجهه وڌيڪ پڙه گنان ، جو نوڪري ڪرڻ جهڙا ٿي پووان ته تيڪون شادي ڪر گن ويسان.
    رات دا هرڪو سويل سمهه رهنداها. اڱڻ وڏا هُوندا ها .. هر ڪنهن دي گهر الڳ الڳ لوڙهيان وچ هوندي هن.. گهڻا ڪر ڪکاوين گهر ، پر ڪهندي ڪهندي ڪچي مٽي نال ٺهيل گهر به هوندي هن.
    سورٺ واليان دا گهر به ڪچي مٽي نال . ٺهيل گهر ها.... ڏون ڪمري، اڳون ورانڊا.. ۽ هڪ وڏا اڱڻ ۽ ٻاهرون لوڙها ڏنل هوندا ها.. مين ۽ علي نواز ورانڊي وچ سمهدي هسي باقي پڦي .. والي ۽ سورٺ ٻاهر اڱڻ وچ سمهدي هن. رات دي نائين ڏهين بجي ڄڻ ته خاموشي دا راڪاس ڦرويندا ها ڳوٺ وچ هرڪو ٻنيان ٻاري ۽ ڊور وٿاڻ داڪم. ڪرتي سمهدي هن ته جڻ ڪرفيو لڳ ويندا ها..... سويل سمهدي هن جو صبح سويل اٿڻان به هونداهنين.
    سمهڻ مهل پڦي سورٺ ڪون آکيندي هئي .. امان سورٺ جيستاءِ سوڍا ۽ علي نواز جاڳدي پئي هن تيساء تون سمهندي نه ڪر... متان ڪو چانهه پاڻي دي ضرورت پووين.. ۽ ها سمهڻ مهل انهان ڪون کير ضرور پليندي ڪرين... انهان دي سمهڻ ڪنون پچي تون سمهندي ڪرين... سورٺ ته اهو چاهيندي هئي... ويتر جو ماءِ نين اوين آکيس ته اونڌي دل دي گل ٽڙ پئ هن.. اونڌا من موج ڀريا ٿي پيا ها. اوندي دل دا باغ سورج مکي وانگي کُل پيا ها...
    سوڍا هرروز آپڻي سوٽ نال ملڻ ڪيتي رات دا ماءِ پيو دي سمهڻ بعد... ڀيڻ ڪون ٻڌا ويندا ها ته مين سوٽ دي گهر پيا ويندا هم ...
    سمهڻ مهل ميڪون آهدا ها علي نواز هڻ تون سمهه راه.... مين سوٽ دي گهرون ٿي.... آپڻي آڻ سمهه رهسان... اوين سوڍا هرروز هليا ويندا ها.. سورٺ ڪون خبر هئي .. ته سوڍا ڪڏي پيا ويندا.. هي ۽ ڪنهن مهل واپس آسي.... سورٺ آپڻي ڀرادي ڳالهه ڪنهن نال به ڪونه ڪريندي هئي...
    هڪ رات سورٺ ڪنون پچيا مانس سورٺ سوڍا ڪيڏي ويندا هي .. اون اکيا آپڻي مگيندي سوٽ ڪن ويندا آهي.
    مين موقعا پائي اکيومس .. تون به مين نال سمهدي ڪر....
    ڳالهه ڪون سمجهه ڳئي.
    اکيس.. سڄا ڏينهن ته تين نال گڏ هان .. مين اکيومس ته رات دي ڪجهه پل مين نال گزار...
    چڱا چڱا .. دل رک هندوري وچ.... هڪ رات کير ڏيندي ، ميڏي هٿ ڪون زور ڏتا ته مين او ڪون ڇڪ تي ڀاڪر وچ چاڀريا...
    ڀاڪر وچون چڙواتي شرماوڻ لڳي، اکيس علي نواز سمهين نا..... مين آندي پئي هان ... ماءِ پيو دي خبر گدس... اهي اگهور ننڊ وچ ستل هن.... سوڍا .. آپڻي سوٽ دي گهر هليا ڳيا ها... اوڪون اها پڪ هئي ته سوڍا صبح دي ٻانگ مهل واپس آسي، ميڏيان اکيان ڇت وچ هن ... مين چمڪندڙ ستاران ڪون ٻيا ڳڻان، تنهن مهل ننڍي ننڍي قدم چائي ميڏي کٽ وچ ٻڌل مهاري مٿي ڪرتي، سورٺ ميڪن اڳئي. مين جا ڀاڪر وچ قابو ڪيتو مانس. اوڪون چمڻ لڳم، ميڏا هٿ حرڪت ڪرڻ لڳا. سورٺ نين به مين نال پيار ڪرڻ شروع ڪيتا. اسان ڌي جسم هڪ تي ڳئي هن.... سورٺ نين اکيان بند ڪر ڇوڙيان هن . چپان وچ چپ رکيل هن...ميڏي بدن وچون سيڪڙات نڪلڻ لڳي هن... اسان پيار دي پالوٽ وچ لڙه ڳئي هسي حياتي دي سدا مهڪندڙ پل اسان هڪ ٻئي دي جسم وچ قيد ڪر چوڙي هن...
    اوين سورٺ ۽ ميڏي پيار دي پالوٽ... هر روز رات ٿيوڻ لڳي. جنهن رات سوڍا نه وينداها ... اها رات اسان نه ملدي هسي. کن پل وچ مهنا گذر ڳيا.
    هڪ ڏينهن سوڍي پڇيا .. جي اسان ڌي ڳوٺ بور ڪيتا هووي ته واپس هلون.. مين آکيا نه اهڙي ڪا ڳالهه ڪونهي... ٺيڪ هي هڪ ڏون ڏينهان وچ واپس هلسون .. مين ڪجهه سوڍي دي ڳالهه دا ڀرم رکيم ...
    ٻي ڏينهن صبح دا، مکڻ ۽ ماني دا گره ميڪون کويندي سورٺ آپڻي هٿ ٻڌڻ لڳي.
    ڏيک .. علي نواز خدا دا سونهن هوئي. اڃا نه وڃ. ڀلا ڪهڙي تڪڙ هوئي، اڃا ته مين تيڪون پيار ئي ڪونهي ڪيتا. ميڪون اڃا تيڏي پيار دي ضرورت هي. تون نه وڃ ماءِ ڪون آکيس.. امان ڏيک ته علي نواز ڳوٺ وڃڻ ڪيتي پر چا کولي هنس.
    پڦي به اکيا... ڪيون پٽ ڪا گهٽتائي تي پئي هي ڪيا اساڌي مهمان نوازي وچ. سورٺ رو پئي. مين اکيومس ڀلا روء نه مين ڪونهي پيا ويندا هان. پوتي ڌي پلاند نال سورٺ آپڻي ڳوڙهي اگهي ڏنڌ ڪڍ تي کل پئي. اوين سوڍي ڪون ته هلڻ دي نڪڙ ڪونه هئي جو او آپڻي سوٽ نال هر روز ملڻ ويندا ها.
    اوين مهني دار ٿيل پروگرام ڏون مهني وچ بدل گيا.
    ڏون مهني گذار واپس آپڻي ڳوٺ پئي آيم ته سورٺ تي اکيان وچ ڳوڙهي هن. باهر تائين آئي هئي.. پچاڙي وچ هٿ ٻڌي اتلا اکياهس. علي نواز... ميڪون جلد شادي ڪر گن وڃين. تيڪون خدا دا واسطا هي.. مين اونڌي ڳوڙهي اگهه تي پڦي ڪون آکيا هم ...پڦي سورٺ ميڏي هي، متان ٻي هنڌ پرڻان چوڙينس ايڏا ظلم نه ڪرين.... پڦي ميڪون اکيا ها ... علي نواز الڪا نه ڪر سورٺ تيڏي هي... تون شادي ڪر ايڪون گن وڃين.
    سوڍي ته وڃ ٻني سنڀالي ۽ مين يونيورسٽي وچ داخلا گن تي. اٿان ئي هاسٽل وچ رهڻ لڳم.
    هڪ فعي ڳوٺ آيم. ته امان بڌايا .. ابا تيڌي سورٺ دي شادي پئي ٿيندي هي... دعوت آئي هي..
    ميڏي پيران هيٺون زمين نڪل ڳئي ڏينهن وچ تاري نظر آوڻ لڳي.
    امان سورٺ ميڏي هي .. تسان ڪيا. ڪجهه ڪونه ڪيتا... هڻ وڃو شادي دي تاريخ طع ڪرائو.
    امان سورٺ ميڪنون سوا مرويسي... مين اوڪنون سواء مر ويسان .
    ماءِ اکيا... پٽ مين گهڻي حيلي ڪيتي... پوتيان پيران وچ گتيومس... پر سورٺ دا پيو پڙ ٻڌ تي بيهه رهيا ته سورٺ مين آپڻي ڀرا دي پٽ ڪون ڏيسان .. جو ڀرا نال وعدا ڪيتا هم ميڻ گهڻي وسس ڪيتم .. پر ميڏا هڪ به وس نه هل سگهيا..
    امان ۽ بابا والي سورٺ دي شادي وچ شريڪ ٿيون ڪيني گهرون نڪل پئي هن..
    ميڏي اڳيان تي ڳوڙهي ختم تي نه پئي ٿيون... رب جاڻي سورٺ دا ڪيال حال هوسي...


    جهوري جنهن جندڙي

    رات جا ٽي ٿيا هئا. آءُ اڃا پوري طرح ننڊ ۾ به نه هوس، جو رات جو دير تائين جاڳندي ڏيڊ بجه کان پوءِ ته ستوهوس، جو اڃا ننڊ به نه آئي هئي، منهنجي هڪ دوست جي فون آئي.... هن ٻڌائيندي چيو ته ادا... خبر اها آهي .. جو پنهنجي دوست حسن جو ايڪسيڊنٽ ٿي پيو آهي، آءُ بستري تي سڌو ٿي ويهندي رڙ واري انداز ۾ پچانس ٿو.. حسن جو ايڪسيڊنٽ ....؟ ڪٿي ۽ ڪيئن؟
    هن چيو مونکي به خبر پئي آهي ته پونم پئٽرول پمپ وٽ، فلاءِ اوور واري ٿنڀي سان هن جي پنهنجي ڪار وڃي لڳي آهي... چڱو وڏو حادثو ٿيو آهي.
    الله پاڪ شل حياتي ڏيس... پوءِ اچ ته هلي اتي پهچون ـ هن چيو .. توهان پهچو آءُ پهچان ٿو.
    آڌي رات جو وقت هو. مون پنهنجي پٽ کي چيو جيڪو LAP TOP ۾ ڪو ڪم ڪري رهيو هو ۽ جاڳيو پئي... هن کي صورتحال ٻڌائيندي چيم ته گڏجي هلون.
    اسان ٻئي ڄڻا پونم پئٽرول پمپ وٽ پهتا سين . تيستاءِ منهنجو دوست به پهچي ويو. اتي پهچيِ ڏٺم ته ڪار ٿنبي سان ٽڪرايل هئي. پر ماڻهن ڪار جي سيٽ ۽ اسٽيئرنگ وچ ۾، ڦاٿل حسن کي ڪڍي ورتو هو . جيڪو هيٺ روڊ تي بيهوش پيل هو. خبر پئي ته انهي حادثي کي ڪلاڪ کان مٿي جو وقت ٿي ويو آهي.... پر هتي پهتل ٻن حدن جي پوليس وارن ۾ اهو اٽڪاءُ ۽ بحث مباحثو هلي رهيو هو ته حسن کي اسپتال ڪهڙي حد جي پوليس کڻائي وڃي.....
    ٻن پوليس گاڏين ۾ پهتل بي شمار پوليس وارن کان اهو فيصلو نه پئي ٿي سگهيو ته اها جاءِ جتي اهو حادثو ٿيو آهي، اها حد ڪهڙي ٿاڻي جي آهي.
    حسن کي مغز وارو ڌڪ لڳل هو.... ڪار جي اندر بي انتها رت وهيل هو ۽ ٻاهر به روڊ تي ليٽيل حسن جي مغز ۽ منهن مان رت وهي رهيو هو..
    اسان ٻنهي دوستن اتي پهچي... انهن پوليس وارن کي سمجهائيندي چيو ..ته اسان پنهنجي گاڏي ۾ پنهنجي ذميواري تي ، زخمي کي اسپتال ٿا پهچايون ۽ اتي هلي توهان به فيصلو ڪري وٺجو ته اهو ڪيس ڪهڙي ٿاڻي جو آهي.
    مون چيو ڪٿي ائين نه ٿئي ته توهان جي فضول جي تڪرار ۾ اسانجو دوست اسان کان جدا نه ٿي وڃي.. پر پوليس نابري واري بيٺي هئي. ته هي پوليس ڪيس آهي. توهان ويجها به نه ٿيو ۽ اجايو بحث به نه ڪريو.
    عين انهي ٽائيم تي اتان لنگهندڙ هڪ ڄاڃين جي بس اچي بيٺي، جنهن ۾ گهوٽ ڪنوار کان سواءِ، مرد ۽ عورتون بس ۾ سوار هيون. اهي سڀ مرد توڙي عورتون بس مان لهي پيون ۽ حسن کي کڻي، بس ۾ وڌائون. پوليس وارن کي انهن چيو ... ته لال بتي ۾ اچي اهو فيصلو ڪري وٺجو ته هي ڪيس ڪهڙي ٿاڻي جو آهي.
    اسان به انهن جي پويان پنهنجي گاڏين ۾ روانه ٿيا سين.
    اها بس وارن جي پنهنجي مڙسي هئي، جيڪا انسان جي همدردي طور هڪ نوجوان کي بچائڻ لاءِ ڪئي هئي.... . ها حسن اڃا ته نوجوان هو. چاليهه سالن جو مس هو .... شايد نشي ۾ خبر نه پيس... جو ڪار تيز رفتاري سبب وڃي فلاءِ اوور جي ٿنڀي سان وڃي ٽڪرجي پئي هئي....
    بس ٻن ميلن جي مفاصلي تي لال بتي ته هئي. پنج منٽن ۾ لال بتي پهچي وياسين.
    بيهوش حسن کي اسٽريچر تي سمهاري سول اسپتال جي عملي I.C.U ۾ آندو. موجود ڊاڪٽرن حسن جو علاج شروع ڪيو. وڏن ڊاڪٽرن کي طلب ڪيو ويو... اهي ڊاڪٽر اڃا پهتائي ڪو نه هئا ته حسن پنهنجو روح پرواز ڪري ڇڏيو هو.... موجود ڊاڪٽرن تصديق ڪئي... ته هي نوجوان هاڻ هي فاني دنيا ڇڏي چڪو آهي. تيستائين حسن جا وارث به پهچي چڪا هئا.
    اسان پوليس جي حدن وارن جهڳڙن تي خون جا ڳوڙها وهائي رهيا هئا سين ۽ هن جي لاش سان گڏ روانه ٿيا سين.


    جي ترسي پوين ها

    گهڻي عرصي بعد بدين ويو هوس. هوئن ته بدين ۾ وڏو عرصو گذاريو اٿم . هيڪاندا اٺ سال هتي نوڪري ڪئي هيم . دوستن جو هڪ وڏو هلڪو هتي هيو.
    شام سج لٿي بس اسٽاپ تي واپس حيدرآباد اچڻ لاءِ ويگن جي ڀرجڻ جو انتظار پئي ڪيم، اتي هڪ پراڻو دوست مليو . وڏا ڀاڪر پائي ملياسين. ڪنهن زماني ۾ته سٺو دوست هيو. پر اڄ ڪيترن سالن بعد مليا هئاسين. وڏي پاٻوه ۽ سڪ منجهان ملي رهيو هو. پوءِ وڏيون ميارون به ڏنائين ته اچين ڪونه ٿو. وساري ڇڏيو اٿئي، هنجو پيار وارو لهجو ڏسي دل ۾ ٿيو ته واقعي هن جي ميار پنهجي جڳهه تي جائز آهي. بس ويگن ڀرجڻ ۾ ٻن ماڻهن جي کوٽ هئي ته آءُ هن کان موڪلائڻ لڳس ته پنهنجي سيٽ تي ويهان عين موڪلائڻ واري ٽائيم تي ترسي پوڻ جي صلاح ڪندي چيائين ادا رهين پوين ها ته ڏاڍيون ڪچهريون ڪريون ها. گهر هل پر تنهنجي ڀاڀي گهر ۾ ڪونهي، پر چانهه آءُ ئي ٺاهي وٺندس پر الله ڪري کير وارو موٽي نه ويو هجي. منهنجي زال مائٽن ويئي آهي، رات جو اچي نه اچي، پر خير، ماني ڪٿي نه ڪٿي کائي وٺنداسين. ها اسان وٽ سڄي رات لوڊ شيڊنگ جي ڪري بجلي به نه هوندي آهي، مڇرن جو ته آزار آهي سڄي رات ويهي گذاريندا آهيون. ها ادا شام به ٿي ويئي آهي. ستين بجه هتان آخري ويگن ويندي آهي. هن ويگن کان پوءِ هڪ ويگن، جي سواري نه مليس ته هي آّخري ويگن آهي.. صبح جو توهانکي آفيس به پهچڻو هوندو، آءُ هن جي ترسڻ واري صلاح کي سمجهي ويو هوس، موڪلائيندو چيو مانس حيدرآباد مون وٽ اچجان، پاڻ رات جو ڪچهري به ڪنداسين، توکي ماني ٽڪي منهنجي زال پچائي کارائيندي. چانهه به ملندي.
    رات جو بجلي جي لوڊ شيڊنگ به نه ٿيندي آهي. مڇرن جو آزار به ڪونهي . رات جو توکي ڇڏيندس ئي ڪونه جو آخري ويگن جو کٽڪو ڪجي. رات جون خوب ڪچهري ڪنداسين صبح جو نيرن ڪري آءُ آفيس ويندس تون بدين هليو وڃجان.
    هن کان ڀاڪر پائي موڪلائي ويگن ۾ وٺيس... ويگن بدين جون حدون اورانهگي حيدرآباد ڏانهن رواني ٿي چڪي هئي ۽ آءُ ويگن ۾، دل تي دل ۾ هن جي صلاح واري لفظن کي دهرائيندي، دل ئي دل ۾ مسڪرائي رهيو هوس.......


    مــاڻـهو جـو ٻـچو

    پندرهن سالن جو ڇوڪر..... سڄي گهر جو ڪم ڪار .... ٿانو ٻهاري، ٻهارو پوچو، صفائي سٺائي، چنڊ ڦوڪ ۽ گاڏين جي صفائي بعد ٻنپهرن جي ماني، پچائي، گهر جي مالڪياڻي اڳيان رکي ٿو.
    انهن تازين پچيل مانين مان ٻه تازيون مانيون ڪڍي، نوڪر کي ڏيندي، مالڪياڻي چوي ٿي .... هي مانيون وڃي، ڊاگي کي ڏيئي آ.....
    ڇوڪرو، مالڪياڻي جي پاليل ڪتي ڊاگي کي مانيون ڏيئي اچي ٿو. اهو ڊاگي... مالڪياڻي جي ايئرڪنڊيشڊ روم ۾ هزارين روپين جي صوفه سيٽ تي ويٺو هو. ڀر ۾ ويٺل عاليشان پلنگ تي مالڪياڻي پاليل ٻلي سان پيار ڪندي کير پياري رهي هئي...
    هڪ ماني ڇوڪر کي ڏيندي ڇڙپ سان چيائين هي وٺ کاءِ ماني.....
    سڄي ڏينهن جو ٿڪل ۽ ساڻو ٿيل هي ڇوڪرو رات جو گيرج ۾ سمهي رهندو آهي.


    دعـائـون

    جيئن مون گاڏي بيهاري، مٿان اچي، هڪ سهڻي ڇوڪري، جيڪا عمر ۾ نوجوان ننڍي نيٽي هئي. هٿ وڌائيندي، ناز ۽ نخري واري انداز ۾ چيائين، پنجاه روپيه ڌي .... دعا ڪندي سانءِ... مون چيو مانس ڪهڙي دعا ڪندين. چيائين، لال ڪنوار ملندئي.
    چيومانس .... آءُ پوڙهو هينئر سٺ سال جي ڄمار ۾ ڪهڙي لال ڪنوار ملندي،
    چيائين ، مون جهڙي ته ملي ويندي....
    هو بيشڪ سهڻي هئي، نوجوان هئي، ناز ۽ نخرن جو انداز هيس…
    منهنجي نظر هن جي وڌيل پيٽ تي پئي.. تقريبا اٺ مهنن جو ٻار پيٽ ۾ هيس...
    پيٽ ڏانهن اشارو ڪندي چيو مانس اهو ٻار ڪنهنجو اٿئي.....
    چيائين منهنجي مڙس جو ٻيو ڪنهنجو...... !

    چيومانس . رڳو ٻار ٿو تنهنجي پيٽ ۾ وجهي، پر توکي گهر ۾ ويهاري کارائي نه ٿو سگهي....
    چيائين هو پاڻ پني ٿو، مونکي ڇا کارائيندو.
    چيومانس..... اهي دعائون تون پنهنجي مڙس لاءِ ڪر ته هن حالت ۾ توکي گهر ۾ ويهاري کارائي سگهي.


    آئون بيوه آئون غريب

    آءُ هڪ پرائيوٽ اسڪول جي پرنسپال جي آفيس ۾ ويٺو هوس. ته هڪ مائي اندر آئي ۽ پرنسپال جيڪو اسڪول جو مالڪ هو ..... هنکي هٿ ٻڌي مخاطب ٿيندي چيائين... سائين آءُ غريب بيوه آهيان . منهنجي ننڊڙي توهان جي اسڪول ۾ پڙهي ٿي. هن جي في آءُ نه ٿي ڀري سگهان. مهرباني ڪري، خدا ترسي ڪريو. في معاف ڪريو.
    پرنسپال عورت ڏانهن ڏسندي چيو امان منهنجي اسڪول جي في هونئن ته پنج سو روپيه آهي پر توکان آءُ اڳئي اڍائي سو روپيا وٺان ٿو جو تون غريب آهين. آ.ءُ سڀني غريب پڙهندڙن سان گڏ تنهنجي ننڊڙي کي يونيفارم ۽ ڪتاب مفت ڏيندو آهيان ۽ غريب کان آءُ في به اڌ وٺندو آهيان.
    اسڪول جو پرنسپال واقعي خدا ترس هو .... هو غريبن جي ٻارڙن کي مفت يا اڌ في ۾ پڙهائيندو هو ..... يونيفارم ۽ ڪتاب به مفت ڏيندو هو....
    پر اها مائي هٿ ٻڌي ٻاڏائي رهي هئي ته مون غريب کان في صفا نه وٺو..
    پرنسپال... مائي ڏانهن ڏسندي چيو .... امان تنهنجي وات ۾ ڇا آهي... ڇا پئي کائين.
    آءُ اها ٻنهي جي ڳالهه ٻولهه خاموشي سان ٻڌي رهيو هوس...
    مائي چيو ... ابا وات ۾ مين پوري ۽ گٽڪو پيل اٿم..
    ۽ هٿ ۾ مٺيون سوپاريون هيس..
    ادي... هر روز ڪيترن پئسن جو اهو نشو ٿي ڪرين ...
    بس ابا، انهن گٽڪن ۽ سوپارين ۾ سو روپيا خرچ اچيو وڃي، مٿان وري چانهه به ٻه ٽي دفعه پيان ٿي بس آءُ سڄو ڏينهن پورهيو ڪريان ٿي.... پئسا ٻچن جي کاڌي ۽ منهنجن گٽڪن ۾ ئي پورا آهن.
    پرنسپال چيو.. هر روز سو روپين جو نشو ڪري مهيني ۾ ٽي هزار نشي ۾ وڃائين ٿي. پر ٻچن جي ننڊڙي جي في جا اڍائي سو روپيا نه ٿي ڏيئي سگهين.
    پرنسپال .. مائي کي ڏاڍو شرمائي رهيو هو پر اها مائي هٿ ٻڌڻ ۽ منٿون ڪرڻ ۾ پوري هئي.. وات ۾ گٽڪو کائيندي. روئي ٻاڏائي رهي هئي ته منهنجي ننڊڙي جي في معاف ڪريو ... آءُ غريب .. آءُ بيوه.
    آءُ ماني جي وات ۾ پيل گٽڪي ۽ هٿ ۾ پيل سوپارين جي پڙين کي ڏسي رهيو هوس.


    DEATH CASE

    اهو مسلسل پنجون ڇهون دفعو هو جو منهنجي سيڪشن ۾ هڪ اڌ ڙوٽ عمر جي عورت جي روئڻ ، رڙين جي آواز سان ڏاڍيان ڳالهائي رهي هئي. آءُ پنهنجي ڪمري مان اٿي اتي اچان ٿو، پنهنجي آفيس جي Concerned ڪلرڪ کان پڇان ٿو. ته هي ادي ڇو روئي ٿي. هن جو ڇا مسئلو آهي.... آءُ هن مائي کي وٺي پنهنجي ڪمري ۾ ويهاريان ٿو. پنهنجي ڪلرڪ کي به سڏ ٿو ڪريان.
    عورت روئي روئي چئي رهي هئي ته ادا منهنجي مڙس کي گذاري اٺ مهينا ٿيا آهن.... آءُ بيوه. منهنجا يتيم ٻار..... منهنجي مڙس جا پئسا مونکي اڃا نه مليا آهن ... مون پڇيو مانس توهانجوڪيس ڪنهن وٽ آهي ۽ ڪڏهن جمع ٿيو آهي. چيائين توهان جي آفيس ۾ اٺ مهنن کان جمع ٿيل آهي.
    اها ڳالهه ممڪن ٿي ڪونهي جو اٺن مهنن کان ڪو ڪيس. اسان جي آفيس ۾ التوا ۾ پيل هجي، يا ته ڪيس پاس ٿي ويندو آهي يا Objection سان واپس ڪيو ويندو آهي. ڪنهن خرچي پاڻي جي حساب سان به نه رڪيل هوندو جو اهو ڪيس Death Case هو...
    منهنجو Concerned ڪلرڪ باربار اهو چئي رهيو هو ته سائين اسان امان يعني هن جي مرحوم مڙس جو ڪيس ڳولهيو آهي. اسان In Word ڪتابن کان وٺي ، اڄ جي Diary تائين چيڪ ڪيو، پر ڪٿي به مرحوم جو ڪيس جمع نه ٿيل هو. آءُ سمجهي ويس ته هن جي مرحوم مڙس جيڪو Teacher هو پڪ سان هن جي هيڊ آفيس ۾ ڪيس ڦاٿل هوندو. ٻئي ڏينهن مون انهي آفيس جي هيڊ ڪلرڪ کي سڏايو. اها بيوه عورت به آئي. خبر پئي ته اهو ڪيس اسان جي آفيس ۾ جمع ئي نه ڪيو ويو آهي. شايد خرچي پاڻي جي حساب سان انهن جي آفيس ۾ ڪيس ڦاٿل هو ..... ٻي ڏينهن وري اها بيوه آئي ۽ انهي آفيس جو هيڊ ڪلرڪ به ڪيس کڻي آيو...
    مون بيوه عورت کي سمجهائيندي چيو امان توهان هروڀرو اسان جي آفيس وارن کي پٽ پاراتا ۽ گهت وڌ ڳالهائي رهيا هئا..... توهان جو ڪيس ته توهان جي آفيس ۾ ئي التوا ۾ پيل هو .... بيوه عورت، پنهنجي آفيس جي هيڊ ڪلرڪ کي پٽ پاراتا ڏيڻ لڳي.
    هيڊ ڪلرڪ مونکي ٻه ڪيس ڏنا جيڪي مون In Word ڪرائڻ لاءِ موڪليا.
    هڪڙو ڪيس هن بيوه جي مرحوم مڙس جو جيڪو اٺ مهنه اڳ گذاري ويو هو. ۽ ٻيو ڪيس رٽائرڊ هڪ زنده ماڻهو جو، جيڪو صرف اٺ ڏينهن اڳ رٽائرڊ ٿيو هو .
    مون هيڊ ڪلرڪ کي چيو ..... يار ڪجهه ته خيال ڪريو، ٻيو نه ته ڊيٿ ڪيس جو خيال ڪريو...
    اٺ مهنا اڳ گزاري ويندڙ ۽ اٺ ڏينهن اڳ رٽائر ٿيندڙ ماڻهن جا ڪيس اڄ گڏ کڻي آيا آهيو. ڪجهه يتيمن جو خيال ڪندا ڪريو.... پر هن جون اکيون صاف صاف ٻڌائي رهيون هيون ته هن ائين ڇو ڪيو هو...


    ٽريفڪ چالان

    ٽريفڪ سگنل تي پهتس، انهي کان اڳ لال بتي ٻري چڪي هئي، پر مون سوچيو، آخري لمحن ۾ آءُ گاڏي ڪڍي ويندس ۽ گاڏي ڪڍي به ويس ٻه ٽريفڪ سپاهي فرشتن وانگر سيٽيون وڄائيندي، منهنجي ڪار اڳيان اچي بيهه رهيا، توهان ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪري ڪئي آهي، ٽريفڪ سپاهي مون کي قانون ٻڌايو...
    مون چيو مانس، اڃا ڳاڙهي بتي مس ٻري هئي، آءُ نڪري آيو هوس، مون دليل، پنهنجي بچاءَ ۾ ڏيندي چيو.
    توهان ڇا ڪندا آهيو؟ هن مون کان پڇيو، مون پنهنجي آفيس جو ڪارڊ ڏيکاريندي چيو مانس، خزانه آفيس ۾ اڪائونٽ آفيسر آهيان، پوءِ ته سائين، توهان جو چالان پڪو آهي، مون چيو مانس، ڀلي چالان ڪريو، گهٽ ۾ گهٽ منهنجي غلطي جا پئسا گورنمينٽ جي اڪائونٽ ۾ ته ويندا.....
    ٻي ٽريفڪ سپاهي سر ڀرائيندي چيو.
    صاحب جو چالان نه ڪر، صاحب خرچي ڏيندو، پهرين سپاهي چيو سائين، توهان جي گاڏي ڪمپيوٽر واري ڪئميرا ۾ اچي چڪي آهي، تنهن ڪري توهان کي چالان ڀرڻو پوندو.
    مون چيو. بسم الله منهنجي غلطي آهي، تون چالان جي پرچي ڪڍ ته پئسا ڏيانءَ.
    سپاهي چيو ڇڏيو سائين چالان کي ٻه سئو رپيا خرچي ڏيو....
    مون چيو ٻه سئو رپيا نه سئو رپيا ڏيندس.
    ٻنهي سپاهين راضپو ڏيکاريو.
    مون چيو مانس اها خرچي وٺندين ته تو واري ڪمپيوٽر واري ڪئميرا توکي خرچي وٺندي ڏسندي ڪو نه .... ٻئي سپاهي هڪ ٻئي جو منهن ڏسڻ لڳا. بس سائين سمجهي وڃو... مون به سمجهي ورتو هن منهنجي هٿ مان سئو رپين جو نوٽ وٺي مٺي ۾ بند ڪري ڇڏيو.


    شهر جي هڪ ڇوڪري

    تاثراتي ڪهاڻي
    هڪ حقيقت هڪ فسانو
    ”شهر جي هڪ ڇوڪري“

    هي انهي زماني جي ڳالهه آهي، جڏهن تلهار ڀرسان سعيدپور ڪاليج ۾ سائين محمد هاشم چنه پرنسپال ٿي آيو هو ۽ آءُ بدين جي ٽريزري آفيس ۾ ڪم ڪندو هوس. (Gazitted Audit)جي ٽيبل مليل هئي، يعني بدين ضلع جا جيڪي گزيٽيڊ 17 گريڊ ۽ هن کان مٿي) آفيسرن جي پگهارن جا بل آءُ پاس ڪندو هوس، اهڙي طرح منهنجو واسطو ڊائريڪٽ آفيسرن سان هو، سائين محمد هاشم چنه نئون نئون پرنسپال ٿي آيو هو، هُو انتهائي قابل ۽ بهترين علمي ادبي شخصيت جو مالڪ هو، انهي زماني ۾ منهنجو لکڻ پڙهڻ به عروج تي هو، هر نڪرندڙ سنڌ جي رسالي يا اخبار ۾ منهنجو ڪو نه ڪو مواد شايع ٿيندو رهندو هو، ڪنهن ۾ ڪا ڪهاڻي ته ڪنهن ۾ ڪا شاعري يا ڪنهن ۾ ڪو مضمون به شايع ٿيندو رهندو هو، هلال پاڪستان اخبار جي ايڊيٽوريل صفحي ۾ منهنجو هڪ مضمون نمايان حيثيت سان شايع ٿيو هو. جنهن جو عنوان هو ”شاهه لطيف جي انسانيت سان محبت“ انهن ڏينهن ۾ شاهه ڀٽائي جو عرس مبارڪ ملهائجي رهيو هو، انهي مناسبت سان منهنجو هي مضمون شايع ٿيو هو، جيئن ته سائين محمد هاشم چنه ادب شناس ماڻهو هو ۽ پاڻ ٽريزري آفيس جي حساب سان منهنجو سٺن دوستن ۾ هڪ هو، جيتوڻيڪ پاڻ پرنسپال ۽ گزيٽيڊ آفيسر هو، جو آءُ انهن ادب دوستن ماڻهن ۽ آفيسرن جو گهڻو خيال رکندو هوس. سائين قابل استاد، بهترين منتظم سان گڏ هڪ Active استاد به هو، هو ڪوشش ڪندو رهندو هو ته ڪاليج ۾ غير نصابي سرگرميون به هجن ۽ هر مهيني ٻي مهيني هن ڪاليج ۾ ڪو نه ڪو Function ٿيندو رهندو هو، آفيس جي ڪم جي حساب سان هو سائين منهنجي ويجهو ته هو پر ويتر جو منهنجو مضمون هلال پاڪستان جهڙي مشهور اخبار ۾ پڙهيائين ته مون کي شاباس ڏنائين، سائين مون کان عمر ۾ وڏو هو ۽ حيثيت ۾ به تمام گهڻو مٿي هو، آءُ ته ٽريزري آفيس ۾ 8 گريڊ جو اڪائونٽس ڪلرڪ هوس، پر هن اديب هئڻ تي مون کي هميشه شاباسون ڏيئي همتون وڌائيندو هو ۽ چوندو هو، پٽ اڳتي وڌندو رهجان..... ۽ مون کي چيائين ته آئنده مهيني اسان ڪاليج ۾ ”لطيف ڊي“ پيا ملهايون، منهنجي خواهش آهي ته اهو مضمون تون انهي فنڪشن ۾ پڙهجان .... ته مون چيو مانس ته سائين آءُ اديب ۽ لکندڙ ضرور آهيان پر اسٽيج تي اچي پڙهڻ سان منهنجون ٽنگون ڏڪنديون آهن ۽ مون کي Tacking power نه آهي، اسٽيج تي نه پڙهي سگهندو آهيان، پر هن منهنجي تمام گهڻي حوصله افزائي ڪئي ۽ منهنجو حوصلو وڌايائين ۽ مون کي هرحال ۾ دل ٻڌي مقالو پڙهڻ جو زور ڀريائين، پوءِ هن جي چوڻ تي دل ٻڌم ۽ تياري ڪيم.
    انهي زماني ۾ منهنجي پاڙي ۾ هڪ ڇوڪري رهندي هئي ”امينه بلوچ“ منهنجي عمر هن وقت 22، 23 سال هئي ۽ امينه بلوچ مون کان ٽي چار سال ننڍي هئي، هونئن ته هو بلوچ هئا، پر اسان جا مائٽ نه هئا، پر مائٽن جهڙا لڳ لاڳاپا ضرور هئا، اسان هڪٻئي جي گهر بنا حجاب ايندا ويندا هئاسين، جيئن ته امينه اسان جي گهر ايندي هئي ۽ منهنجي ماءُ هن کي قرآن شريف پڙهائيندي هئي ۽ مون سان هو ڇوڪري مڙئي گهڻو ٺهندي هئي، مون سان ڪچهريون ڪندي هئي، اڃا وڌيڪ ويجهو ٿيڻ لاءِ مون کي چيائين ته مون کي ٽيوشن پڙهايو. مون هڪدم ها ڪئي، اسان اڃا به ويجها ٿي ويا هئاسين، هو انهي ڳالهين کان هٽي ڪري انهي ڳالهه تي وڌيڪ خوش ٿيندي هئي ته آءُ اديب ۽ لکندڙ آهيان هڪ ڏينهن چيائين جنهن به رسالي يا اخبار ۾ تنهنجو ڪو به مواد شايع ٿئي، اهو مون کي ضرور ڏيندو ڪر ..... ۽ پوءِ چيائين آءُ ڪجهه لکان ته منهنجي رهنمائي ڪندين .... مون خوشي سان ها ڪئي ۽ پوءِ هن ننڍڙا ننڍڙا آزاد نظم لکڻ شروع ڪيا ۽ آءُ هن کي غلطيون ڪڍي درست ڪري ڏيندو هوس ۽ پوءِ هن جا نظم به ڇپجڻ لڳا، هو منهنجي تمام گهڻن خيالن ۾ به ويجهو ٿي چڪي هئي، اسان هڪٻئي جا سهانا سپنا ڏسڻ لڳا هئاسين، جيئن ته انهي زماني ۾ ڪنهن به برائي جو ڪو تصور به نه هو، ۽ نه ئي فون ۽ موبائل جو ڪو رواج هو، بس اسان هڪٻئي سان ادبي ڪچهريون ۽ ٽيوشن ۽ امان وٽ قرآن شريف پڙهڻ جي بهاني سان اسان هڪٻئي جي قريب تر ٿي ويا هئاسين. جيئن ته انهي وقت ”امينه بلوچ“ سعيدپور ڪاليج ۾ پڙهندي هئي، شايد فرسٽ ايئر پاس ڪري انٽر ۾ آئي هئي.
    مون هن سان اها ڳالهه ڪئي ته سائين محمد هاشم چنه مون کي ”لطيف ڊي“ جي دعوت به ڏني آهي ۽ چيو اٿائين .... ته مقالو به پڙهان ته هو تمام گهڻو خوش ٿي ۽ مون کي چيائين ته تون ضرور اچجان ۽ منهنجي سامهون ٿي ويهجان ۽ آءُ توکي اسٽيج تي ڏسڻ چاهيان ٿي ۽ تنهنجي شهرت ڏسڻ چاهيان ٿي.
    بس پوءِ مون به تياري ڪئي ته اسٽيج تي مقالو ڪئين پڙهبو آهي ۽ پنهنجي دل جهلڻ ۽ ٽنگون نه ڏڪڻ جي (Practice) گهر ۾ ڪرڻ لڳس. ڪڏهن ڪڏهن امينه کي سامهون ويهاري به Practice ڪندو هوس. جيئن ته امينه مون تي گهڻو زور ڀريو ته پوءِ چيومانس.... ها تنهنجي چوڻ تي ضرور پڙهندس. اهو ڏينهن اچي ويو. فنڪشن کان ڪجهه ڏينهن اڳ سائين محمد هاشم چنه مون کي ڪارڊ ڏنو ۽ ايندڙ آچر تي فنڪشن ۾ اچڻ ۽ مقالي پڙهڻ جو چيائين.
    آئون پنهنجي بدين ٽريزري جي ٻن دوستن اميد علي لاشاري ۽ محمد بخش ڀرڳڙي سان گڏ سعيدپور ڪاليج پهتاسين، فنڪشن شروع ٿي چڪو هو، اسٽيج جي ڀرسان شاگردياڻيون ويٺل هيون، تمام گهڻيوڻ ڇوڪريون ويٺل هيون، اسٽيج جي سامهون گهڻا ڇوڪرا ويٺل هئا ۽ پهرين صف ۾ بدين ضلع جا خاص چند مهمان ۽ ڪاليج جا استاد ويٺل هئا.
    فنڪشن جون ٻه نشستون رکيل هيون، پهرين نشست ۾ ”شاهه لطيف ڀٽائي“ تي مقاله پڙهڻ ۽ ٻي نشست محفل موسيقي جي هئي، انهي فنڪشن جي صدارت سنڌ جو عظيم شاعر استاد بخاري ڪري رهيو هو ۽ صدارت تاجل بيوس ڪري رهيو هو ۽ خاص مهمانن ۾ سنڌ جا ٻه چار نالي وارا اديب به هيا.
    پهرين نشست شروع ٿي ”امينه بلوچ“ بلڪل منهنجي سامهون سامهون ۽ ويجهو ويٺي هئي جو مون کي چڱي طرح ڏسي پئي سگهي، ٻن ٽن شاگردن جي مقالي پڙهڻ بعد، مون کي سڏ ڪيو ويو، اسٽيج سيڪريٽري منهنجو تعارف تمام سٺي نموني ڪرايو، مقالو شروع ڪيم، اهو ساڳيو مقالو جيڪو هلال پاڪستان اخبار ۾ ڇپيو هو..... ”شاهه لطيف جي انسانيت سان محبت ”ايڏي وڏي اسٽيج ۽ سون جي تعداد ۾ ويٺل سامعين جي اڳيان پڙهڻ جو هي منهنجو پهريون موقعو هو، اسٽيج تي ڊائس اڳيان بيٺم ته ٽنگون ڏڪڻ لڳيون، پر ڪجهه منٽن ۾ سنڀالي ورتم، ڊائس اڳيان رکيل هو، پت رهجي آئي، مقالو تمام وڏو لکيل هو، جيئن پڙهندو ويس، داد ملندو رهيو تمام گهڻو داد مليو، شايد سڀني کان وڌيڪ تاڙيون به وڄنديون رهيون، جيئن هيٺ لٿس مون کي سڀني ڀاڪر پائي مبارڪون ڏنيون ۽ سائين محمد هاشم چنه مون کي اچي ڀاڪر پاتو ۽ داد ڏنو ۽ مبارڪ به ڏني، تمام گهڻي همت افزائي محسوس ڪيم ۽ امينه جون شاباسون ۽ خوشيون مون کي اکين ئي اکين ۾ ملي رهيون هيون، مون کي سعيد پور ڪاليج جو اهو مليل مان ۽ شان اڄ به ياد آهي.
    هاڻ محفل موسيقي جي نشست شروع ٿي چڪي هئي، صدارت استاد بخاري ۽ خاص مهمان احمد خان مدهوش هئا، ٻين مڪامي فنڪارن سان گڏ سنڌ جا ٻه عظيم فنڪار، استاد منظور علي سخيراڻي ۽ استاد قمر سومرو خاص فنڪار هئا، انهي محفل جا ...... اسٽيج تي اعلان ڪيو ويو ته ڪير به هن محفل ۾ شريڪ ٿيڻ چاهي ته پنهنجو نالو لکرائي سگهي ٿو، جيئن ته امينه بلوچ منهنجو سٺي مقالي پڙهڻ تي خوش هئي ۽ اسان گڏجي Refreshment به ڪئي هئي، هن پنهنجن سهيلين سان منهنجو تعارف به ڪرايو هو.
    مون وڌيڪ هن کي Impress ڪرڻ لاءِ ۽ خاص هن جي لاءِ هڪ ڪلام هن کي ٻڌائڻ پئي چاهيم ته اسٽيج تي وڃي ڪلام ذريعي پنهنجي دل جو حال ٻڌايانس، حالانڪه ضرورت نه هيم، اسان ٻنهي کي هڪ ٻئي جي دل جي جذبن جي چڱي طرح پروڙ هئي، سو اسٽيج سيڪريٽري وٽ وڃي هڪ ڪلام ڳائڻ لاءِ پنهنجو نالو لکرايم، ڪجهه دير بعد مون کي به سڏ ڪيو ويو، اسٽيج سيڪريٽري مون کي سڏ ڪندي ڪجهه هن طرح چيو ته ”اقبال بلوچ“ اسان جي تر جو هڪ نالي وارو ادبي نالو آهي، جنهن شاهه لطيف تي اڄ جي محفل ۾ مقالو پڙهي تمام گهڻو داد حاصل ڪيو، اسان جي خوش قسمتي آهي جو هن ڪلام ڳائڻ لاءِ پنهنجو نالو لکرايو آهي، اهڙي طرح هن مون کي سڏ ڪيو، امينه بلوچ ۽ هن جون ساهيڙيون تاڙيون وڄائي رهيون هيون، جيئن ته آءُ ڪو به فنڪار نه هيس ۽ نه ئي موسيقي بابت ڪا ڄاڻ هئي..... هي به منهنجو پهريون تجربو هو، مون ته صرف امينه کي ٻڌائڻ پئي چاهيو ... حالانڪه فرمائش به ڪري پئي سگهيس.
    مون استاد بخاري جو ڪلام جيڪو قمر سومري ڳايو هو ۽ سنڌ ۾ لازوال حيثيت سان مشهور ٿيو هو.
    چڱو دل لڳي جو تو بدلو ڏنو آ
    جيڪي پڇڻ آيا، تن به رنو آ
    وفادار آهيان وفا ڪم آ منهنجو
    ڀلي ڪر جفا سائين، جفا ڪم آ تنهنجو
    ساري رات روئندي روئندي بستر بنو آ
    جيڪي پڇڻ آيا تن به رنو آ......
    جيئن مون ڪلام شروع ڪيو، منهنجو سُر ..... بي سرو ٿي ويو، منهنجو آواز هڪ پاسي، موسيقي ٻي پاسي..... آواز ويهڻ لڳو..... دل جي ڌڪ ڌڪ تيز ٿيڻ لڳي..... منهنجو سُر ۽ آواز موسيقار ۽ سازندن سان ملي نه رهيو هو ۽ منهنجي ڳايل ڪلام تي زبردست قسم جي هوٽنگ شروع ٿي وئي، هڪ مصرع مس ڳائي سگهيس، هوٽنگ ۽ سيٽين جي آوازن مون کي ڪنفيوز ڪري ڇڏيو ۽ آءُ روئڻ هارڪو ٿي ويس ۽ اسٽيج تان لهي آيس.
    مون کي هر ڪنهن اهو پئي چيو ته تو اهو ڇا ڪيو ۽ ڇو ڪيو ..... مون کي ڪا به ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي رهي هئي، دل ۾ پريشان ۽ پشيمان ٿي رهيو هوس. جيئن منهنجو ڪلام ختم ٿيو ته استاد بخاري مون تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته اسان جي سهڻي ۽ سٺي اديب اقبال بلوچ کي آخر ڪهڙي ضرورت هئي جو منهنجي شاعري جي ٻيڙي ٻوڙڻ جي ڳائڻ نه اچي ته خواري نه ڪرائجي مٿان قمر سومري کي سڏ ڪيو ويو، هن اچڻ شرط اهو چيو ته آءُ اهو ئي پهرين ڪلام ٻڌايان ٿو جنهن جي اقبال بلوچ ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي هئي، استاد قمر سومري اهو ئي ڪلام ٻڌايو ته پنڊال ۾ واه واه ٿي وئي هئي.
    آءُ پنهنجي شرم ۾ ڪنڌ هيٺ ڪري ويٺو هوس جيئن ڪنڌ مٿي ڪيم ته امينه ۽ هن جي سهيلن جو گروپ غائب هو ..... آءُ به پنڊال مان نڪري دوستن سان گڏ تلهار اچي ويس. مون کي مقالي پڙهڻ ۾ جيڪا شهرت ۽ عزت نصيب ٿي .... اها عزت مون ڪلام ڳائڻ تي وڃائي ڇڏي.
    مون کي مليل اها عزت ۽ مليل اها خواري اڄ به ياد آهن ۽ سدائين ياد رهندا.


    ويـــران حـويـلي

    اهو پهريون دفعو هو جو مون خير محمد جي واتان خود ڪشي ڪرڻ جو لفظ ٻڌو هو. ڪجهه عرصي کان مايوس ڪندڙ ، زندگي کان بيزار ٿيندڙ، بي چيني ۽ بي قراري جون ڳالهيون ڪرڻ لڳو هو . پر آءُ هن کي همت ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندو هوس هونئن ته هو پاڻ به انتهائي بهادر همت واريو خو ش لباس ۽ خوش گفتار ماڻهو آهي. هن پنهنجي زندگي به هميشه حوصلي ۽ بهادري سان گذاري آهي. پر اڄ هن جي اکين مان نڪتل ڳوڙها مون پهريون دفعو ڏٺا هئا. هميشه کلندڙ ، مسڪرائيندڙ ۽ ادب سان شوق رکندڙ ماڻهو، کيس لکڻ پڙهڻ جو به ڏاڍو شوق اٿس. هو بي شمار ادب پڙهي ۽ لکي چڪو آهي. هاڻ ته هنجا چار پنج ڪتاب به مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن. ڪچهرين جو ڪوڏيو، با اخلاق ، سنجيده طبعيت وارو هي خير محمد هميشه خوشگوار طبعيت ۾ پنهنجي زندگي گذاري ٿو . انهي ڪري آءُ هنکي هميشه خوش خيرمحمد جي نالي مان سڏيندو آهيان.
    خير محمد منهنجو ننڊپڻ جو دوست آهي. جڏهن هن ٻارهين ڪلاس پاس ڪئي هئي ته سندس پيءُ گذاري ويو هو . آءُ هنجو اهو واحد دوست هوس جو هن جي پي جي وفات بعد ، ٽيجهي جي رسمن تائين ، هن سان گڏ ئي ويٺو هوس. تڏي تي هنجا ٻيا ننڊا ڀائر ۽ مٽ مائٽ ته موجود هئا، پر مون هنکي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيو هو. هر ڏک ۽ سک وارين ڳالهين ۾ مون هنجو ساٿ نه ڇڏيو هو . انهن ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هن جو هڪ ڀاءِ جيان ساٿ ڏيندو پيو اچان. اسان جي دوستي، ان گهاٽي وڻ جيان آهي، جنهن ۾ ٿڌي ڇانو به هوندي آهي ته ميوو به حاصل ٿيندو آهي.
    خير محمد جو پيءُ گذاري ويو ته گهر جو سڄو بار وڏي پٽ هئڻ جي حيثيت ۾ هن جي ننڊڙن ڪلهن تي اچي پيو، توڙي جو هو عمر جو ننڊو هو . پر هن جي ماءِ پنهنجي پٽ کي پڙهائڻ ۽ اڳتي وڌائڻ خاطر اهو بار پنهنجن ڪلهن تي کڻي وروتو هو جو هن گهر ۾ هڪ ننڊڙو دڪان کولي ورتو هو . پاڙي جون سڀ عورتون هن کان شيون ۽ سيڌو سامان خريد ڪري وٺنديون هيون. خير محمد جي گهر ۾ هنجا چار ڀائر ٻه ڀيڻون ۽ هڪ ماءِ هيس. پيءُ جي وفات بعد هميشه اهو محسوس پيو ڪندو هو ته هو ئي هاڻ گهر جو وڏو آهي. هنکي ئي سڀ ڪجهه سنڀالڻو آهي. هنکي ئي گهر هلائڻو آهي. دل جي هر ڳالهه مون سان ڪندو هو .. آءُ به هنکي همت ڏياريندو رهندو هوس ته ٿورو اڳتي پڙهي پئو ته ڪا سٺي نوڪري ملي پئي. ڪلرڪ يا ماستري مان ڪجهه ڪونه ٿيندو. مونکي خبر هئي هنکي چار ڀائرن، ٻن ڀيڻن ڱي پالڻو آهي. پڙهائڻو آهي، شاديون ڪرڻيون آهن، ماءِ هنکي پڙهايو ته هن B.A پاس ڪري ورتي ته هنکي بينڪ جي نوڪري ملي وئي. نوڪري دوران M.A به ڪري ورتائين. هن جي ماءِ جا سڀ ڏک ختم ٿي رهيا هئا. آهستي آهستي خير محمد گهر جو وڏو ثابت ٿي ويو هو ۽ گهر کي سنڀالي ورتائين. جيئن ته بينڪ جي نوڪري سٺي هئي ۽ پگهار به سٺو ملندو هوس. هن پنهنجي پاڻ کان ننڊن ڀائرن ۽ ڀيڻن کي سنڀالي ورتو هو . سڀني کي تعليم جي زيور سان سينگارڻ لڳو. آهستي آهستي سڀ ڀائر ۽ ڀيڻون اڳتي پڙهي قدم قدم وڌائي رهيا هئا. هاڻ ته هن به شادي ڪري ورتي هئي. ماءِ جي ساٿ ۽ دعائن سان، خير محمد جو گهر هڪ خوشحال ۽ خوشين وارو گهر ٿي پيو هو. نهايت ئي آسودا ٿي پيا هئا. هن جي ماءِ گذاري وئي پر پنهنجي پُٽ کي دعائن سان اُڏي ويئي. هميشه مونکي چوندو هو ته الله جو شڪر آهي مونکي ماءِ جون دعائون آهن. مون هن جي ٻچن کي پاليو، ۽ هن مونکي دعائن جا ڊڳ ڏيئي ڇڏيا ۽ منهنجي دنيا آباد ڪري ويئي.
    آهستي آهستي زماني جو گاڏو هلندو رهيو. هنجا ڀائر ۽ ڀيڻون پڙهي رهيون هيون ۽ هنکي پنهنجا ٻار به ٿيڻ لڳا هئا.
    خير محمد جيئن آسودگي واري زندگي گذارڻ لڳو. تيئن پنهنجن مائٽن جي غريب ٻارڙن تي به هٿ رکڻ لڳو هو . جيڪي ٻار پڙهي نه سگهندا هئا . يا تعليم جو خرچ نه ڀري سگهندا هئا. انهنکي هو پڙهائڻ لڳو. اسڪول جو خرچ . فيون. يونيفارم ، ٽيوشن ۽ سيڌو سامان بيواهن ۽ غريبن کي ڏيڻ لڳو. اڄ به ڪيترائي نوجوان، اعلي نوڪري ٿي پهتل آهن، انهن مان گهڻا، خير محمد جي ڏنل مدد جي ڪري پهتا آهن. کيس کوڙ سارين بيواهن ۽ يتيمن جون دعائون به رسيل اٿس. هن اڳتي هلي ڪجهه ساٿين ۽ دوستن جي ساٿ ۽ سهڪار سان ٽرسٽ به قائم ڪيو. جنهن ۾ بيواهن جي سار سنڀال لهڻ يتيم ٻارڙن کي پڙهائڻ ، سلائي مشينون وٺي ڏيڻ. تعليم ۽ شادين جي خرچ پڙهائي کان وٺي نوڪري وٺي ڏيڻ، هن ڪار خير جا ڪيترا ئي ڪم شروع ڪيا. هنجا ٻه ڀائر به پڙهي نوڪرين وارا ٿي پيا هئا. اهي به هن سان گڏ هئا. ٻن ڀيڻن جي شادي ڪرائي ڇڏي هئي. هو به پنهنجن پنهنجن گهرن ۾ خوشحال زندگي گذاري رهيو هيون. ائين حياتي جا ڪيترا ئي ڏهاڪا گذري چڪا هئا. هو سٺ سالن جو ٿي بينڪ مان رٽائرڊ ٿي چڪو هو . هن بينڪ مان ملندڙ پئسن مان ٽرسٽ کي وڏايو هو ۽ باقائده ميموريل سوسائٽي جو قيام عمل ۾ اچي چڪو هو.
    هنجا پنهجا ٻار به نوجوان ٿي چڪا هئا. ٻه وڏا پٽ شادي به ڪري چڪا هئا. ٻن ڌيئرن کي پرڻائي به چڪو هو. هن پنهنجن سڀني ڀائرن ۽ پٽن کي هڪ ويڙهي ۾ ويهاريو هو. سڀ هڪ هنڌ هئا. هڪ ويڙهي ۾ هڪ وڏي حويلي ۾ ... هنجو گهر حويلي جي نالي سان مشهور هو، اها حويلي سدا مهڪندڙ ۽ سدا آباد هئي. آهستي آهستي وقت ڦري رهيو هو . هنجا ڀائر نوڪرين وارا ٿي پيا هئا. شاديون ڪري الڳ الڳ ٿي رهيا هئا. نوڪرين ۽ شادين جي بهاني ڪو ڪراچي ته ڪو حيدرآباد لڏي ويو هو . هنکي ڀائرن جي جدائي جو به وڏو صدمو هو . پر عورتن جي جهڳڙن سبب هو صرف ماٺ ٿي ويندو هو . ائين هن جي شاداب ۽ ڀريل ڀريل حويلي آهستي آهستي خالي ٿي رهي هئي. هنجو اولاد به هاڻ هن سان وڙهڻ لڳو هو ته سڀ ملڪيت ٽرسٽ جي حوالي ڪري چڪو آهي. پنهنجن ڀائرن ۽ ڀيڻين تي لٽائي چڪو آهي. هاڻ جيڪو بچيو آهي، اها يتيم ٻارڙن ۽ بيواهن تي لٽائي رهيو آهي. هن جي زال پنهنجن پٽن سان گڏ هئي. هن پنهنجي اولاد کي لکايو پڙهايو... هڪ پٽ ڊاڪٽر ته هڪ پٽ انجينئر ٿي چڪا هئا . اهي به اعلى مقام تي پهتل هئا.... پئسي لٽي ۾ اهي به خوشحال هئا... پر تڏهن به انهن جي نظرن ۾ اهو ته هن پنهنجي فرض نڀايو آهي، سڄي ملڪيت ڀائرن، ڀيڻن ۽ ٽرست تي لٽائي ڇڏي آهي. هن هڪ دفعو پنهنجي خوشحال ۽ شاهوڪار ڊاڪٽر پٽ کان ڪجهه پئسا گهريا هئا... هن ڏيڻ کان انڪار ڪندر چيو ته پنهنجا پئسا ميموريل سوسائٽي ۾ لٽائي چڪو آهين. هاڻ اسان کا ٿو گهرين.. اها ڳالهه ياد ڪندي، هو هميشه غمگين ٿي ويندو هو. شايد پنهنجي پٽ جو اهو غم هن ڪڏهن نه وساريو نه آهي. هن پنهنجي اولاد ۽ زال جو ڏنل اهو طعنو به نه وساري سگهيو آهي، جنهن ۾ هنن چيو ته اهو هن سڀ ڪجهه فرض طور ڪيو آهي.... هن پنهنجي پٽن جو اهو جهڳڙو به ڪڏهن نه وساريو آهي، جنهن ۾ هنن ملڪيت ورهائڻ جي ڳالهه ڪئي هئي.
    هن جي گهر ۾ هاڻ هر روز ٻڙدڪ متل هوندو هو ... انهي جهڳڙي سبب هنجا سڀ ڀائر الڳ ٿي ويا هئا.....
    پر هنجا پٽ به هاڻ هن سان گڏ رهندي به هنکي اڪيلو ڪري چڪا هئا.... هن جو سوشل بائيڪاٽ ٿيل هو .. هر ڪو پنهنجي پنهنجي زال سان پنهنجي ڪمرن ۾ بند هوندا هئا.... هو محسوس ڪندو هو ته آءُ اڪيلو ٿي ويو آهيان... ڪو به پٽ مون سان ڪچهري نه ٿو ڪري ... سڀني جو اهو ئي خيال هو ته هن پنهنجي ملڪيت اسان کي ڏيڻ بجاءِ لٽائي آهي... ڀائرن کي ڏني آهي.
    خوش خير محمد پنهنجي اولاد جي روش سبب اڪيلو ٿي پيو هو. بيمار رهڻ لڳو هو.
    خوش خير محمد هاڻ صرف خير محمد وڃي رهيو هو ... هڪ بزرگ ٻيو اولاد جو روش جو غم کيس جهوري رهيو هو. هاڻ جو هنجو گهڻو وقت ٽرست جي آفيس ۾ مون سان گڏ گذرندو هو.
    هڪ ڏينهن حسب دستور مون سان حال اوريندي غمگين نظر آيو. هونئن ته هر حال جي هر ڳالهه جي مونکي خبر هئي... جو گهر جو ۽ دل جو سڄو حال مون سان ئي اوريندو هو .. اڄ مون هن جي اکين ۾ ڳوڙها پهريون دفعو ڏٺا هئا. آهستي آهستي هنجا پٽ حويلي ڇڏي . شهرن ۾ وڃي آباد ٿيا هئا. هو منهنجي اڳيان روئي پيو هو ته مون کيس ڀاڪر ۾ کڻي ڀريو هو . هنکي هن جي بهادري سان گزاريل قدم قدم ياد پئي ڏياريو. هنکي ياد ڏياريم ته تون ڪيترو نه بهادر آهين، تنهنجي زندگي ڪيڏي نه جرئتن سان ۽ بهادري سان گذاري آهي... ته هن اکين جا ڳوڙها اکين ۾ ئي روڪيندي چيو.. ها ادا اولاد جي رويي مون کي رئاڙي ڇڏيو آهي.. هنن جي تبديل ٿيل روش مونکي جهوري ڇڏيو آهي. منهنجي چوڻ تي هن وعدو ڪيو ته آئنده خود ڪشي جو لفظ زبان تي نه آئيندس.
    مون هنجا ڳوڙها پنهنجن هٿن سان اگهي ورتا هئا.. اکين مان نڪرڻ ڪو نه ڏٺا هيم. پر مون به سوچيو ته هن جي پنهنجي اولاد هن جي بهادري کي جهوري رهي هئي، هن جي اولاد هنکي اڪيلو ڪري ڇڏيو هو . هو سڀ ڪجهه هوندي اڪيلو ٿي پيو هو.
    پاڻ کي ويڳاڻو ويڳاڻو محسوس ڪرڻ لڳو هو . هن جي سدا مهڪندڙ ۽ وسندڙ حويلي ، ويران حويلي جو روپ ڏيئي رهي هئي...
    منهنجي ساٿ ۽ ٽرسٽ جي ڪمن سبب هو همت وارو ته ٿي پوندو هو. پر هو هاڻ بيمار رهڻ لڳو هو. اڪيلو ٿي پيو هو . دل چويم ٿي ته هن جي پٽن کي وڃي سمجهايان ته توهانجو بابا، توهان کان سواءِ پاڻ کي اڪيلو اڪيلو محسوس ٿو ڪري توهانکي ساري ٿو پر آءُ اهو سڀ ڪجهه نه ڪري سگهيس . ويران حويلي ۾ آءُ هن سان گڏ آهيان، هڪ روشن ستاري جيان، هڪ جرڪندڙ زندگي جيان... اسان ويران حويلي کي آباد ڪريو ويٺا آهيون. هنکي سڀ ڇڏي ويا آهن ، پر آءُ هن سان گڏ آهيان، هڪ آسري جيان، هڪ اميد جيان ۽ هڪ اعتبار جيان.


    آخري پنا

    سمبارا پبليڪيشن جا شايع ٿيل ڪتاب

    1. هاءِ هٺيلا هوڏي پريتم (مضمون/تاثر) ساجد سنڌي
    2. سمنڊ ۾ سپ (شاعري) سرڪش سنڌي
    3. اڌوري رچنا (شاعري) منظور سمون
    4. ٻاراڻي ادب جو مسيحا (مضمون/تاثر) هاشم لطيفي
    5. شاهه عبداللطيف ڀٽائي (مضمون/معلومات) غلام شبير پيراهين
    6. هوائن جي هندوري ۾ (شاعري) وفا عظيم جلباڻي
    7. اوجاڳيل آڱريون (شاعري) امر منصور چوهاڻ
    8. مُرڪون محبوبن جون (شاعري) ”شاد“ جلباڻي
    9. رڻ رڙيون ٿو ڪري (شاعري) نسرين الطاف
    10. غلطي معاف (مضمون) جاويد جوکيو
    11. شاهه لطيف جا شيدائي (تحقيق) راهب لاڙڪ
    12. ڪٺيس ڪويڄن (تنقيد/تحقيق) مبارڪ علي لاشاري
    13. دادلوءِ: تاريخ جي آئيني ۾ (تحقيق) پروفيسر فدا حسين”فدا“
    14. سويرن جا اُلڪا (شاعري) ملزم سومرو
    15. لفظ هوا ۾ خوشبوءِ (ريڊيو اسڪرپٽ) جبار آزاد منگي
    16. مٽيءَ جو آسمان (شاعري) علي اظهار
    17. ڇا؟ (شاعري) منظور سمون
    18. سار جا رستا (شاعري) فرحان اڄڻ
    19. اکين ۾ مند ميهنوڳي (شاعري) سائل پيرزادو
    20. سُڌِ سچل جي (تحقيق) علي حسن سرڪي
    21. بچهڙي آنکهه کا ماتم (اردو ناول) ساجد سومرو
    22. ٻانڌي جي تاريخ (تحقيق) شبير احمد عباسي
    23. پياسيءَ جون پڪارون (شاعري) شاهن ”پياسي“ گبول
    24. هينئڙي منجهه هڳاءُ (شاعري) مخمور رضا
    25. اُماس راتيون اداس رستا (شاعري) فهميده شرف بلوچ
    26. دل صحرا، سمنڊ اکيون (شاعري) شاد جلباڻي
    27. ٻهه ٻهه ڪندڙ ٻالڪ (ٻاراڻي شاعري) اويس ڀٽو
    28. جاڳ ازل جي (شاعري) جاويد سوز هالائي
    29. فوٽو گرافر جي آتم ڪٿا (آتم ڪٿا) غلام علي کوساڻي
    30. جانورن جو واڙو (پرڏيهي ناول) اياز ڀٽو
    31. گيڙوءَ رتا خواب (شاعري) واحد سوز ملاح
    32. من گهريو مشتاق بخاري (مضمون/تاثرات) احسان راهوجو
    33. مُنهنجي مُئي کانپوءِ (شاعري) زخمي چانڊيو
    34. جيئڻ جنين ڪاڻ (ڪهاڻيون) اقبال بلوچ


    آخري پنو


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 535
    ڪتابن جو مشاهدو: 556877
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 213953
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ