ڪتاب جو نالو: عظيم هستين جا عظيم قول
مصنف: فقير محمد سنڌي
ڇپائيندڙ: قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو
ڪيٽيگري: ڏاهپ / اخلاقيات
شايع ٿيڻ جو سال: 2012
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 26 جنوري 2017 ع
پڙهيو ويو: 1628 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 753 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”عظيم هستين جا عظيم قول“ نامياري ليکڪ فقير محمد سنڌيءَ جو مرتب ڪيل آهي.
”عظيم هستين جا عظيم قول“ حضور ﷺ اصحاب ، اولياء الله ۽ انهن کان علاوه درويشن، حڪيمن، فلاسافرن، سياڻن ۽ دانائن جي اقوال ۽ اخلاق تي هڪ اجمالي نظر سان مختصر پر جامع انداز تيار ڪيل مجموعو آهي. هن ڪتاب جي پڙهڻ سان خودشناس انسان پاڻ ۾ ضرور تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ڪندو ته انسان کي انسان جي قول ۽ فعل جي سهاري جي ضرورت آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  •   دنيا جِي خوبصورت دُعا
  • سنڌ سلامت پاران
  • اداري پاران
  • پنهنجي پاران
  • حضرت محمد ﷺ
  • حضرت ابوبڪر صديق﷦ ؓ
  • حضرت عمر فاروق ؓ ﷦
  • حضرت عثمان غني ﷦ ؓ
  • حضرت علي المرتضيٰ ﷦ ؓ
  • حضرت امام حسن ؓ
  • حضرت امام حسين ﷦ ؓ
  • حضرت امام جعفر صادق عليه السلام
  • حضرت امام ابو حنيفه رحمة الله عليه
  • شيخ عبدالقادر جيلاني رحمة الله عليه
  • خواجه حضرت حسن بصري رحمة الله
  • حضرت سفيان ثوري رحمة الله عليه
  • حضرت ابراهيم بن ادهم رحمة الله عليه
  • امام محمد غزالي رحمة الله عليه
  • حضرت جنيد بغدادي رحمة الله عليه
  • حسين بن منصور حلاج رحمة الله عليه
  • حضرت حڪيم لقمان
  • حضرت مجدد الف ثاني ؒ
  • اعليٰ حضرت احمد رضا خان بريلوي ؒ
  • شيخ سعدي ؒ
  • رهبر سنڌ مفڪر اعظم سائين جي ايم سيد
  • خليل جبران
  • قائد اعظم محمد علي جناح
  • ڊاڪٽر علامه محمد اقبال ؒ
  • بقراط
  • شيڪسپيئر وليم
  • مولانا ابو الڪلام آزاد
  • سيد صبغت الله شاهه شهيد
  • مهان ڪوي شيخ اياز
  • مددي ڪتاب
  • آخری پںو

  • حق ۽ واسطا

    حق ۽ واسطا “قلمڪار پبليڪيشن” وٽ

    ڪتاب جو نالو : عظيم هستين جا عظيم قول
    ليکڪ : فقير محمد سنڌي
    پهريون ڇاپو : جنوري 2012
    ڇپرائيندڙ : قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو
    ڪمپوزنگ : ڪاتب پريس، اسٽيشن روڊ لاڙڪاڻو

    ملهه: 80/= روپيه

    Azim Hastiyun Ja Azim Qoal
    By: Faqeer Muhammad Sindhi
    1st Edition: Jan. 2012
    Published by: Kalamkar Publication Larkana



    رابطي لاءِ

    فقير محمد سنڌي، نگران قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو، سنڌ
    Mobile # 0346-3390445


      دنيا جِي خوبصورت دُعا

    خاموش زندگيءَ کي
    هوشُ تڏهن اچي ٿو،
    جڏهن اولاد کي
    دل جي آڳر تي ڏسجي ٿو.
    غلام مرتضيٰ (سمير علي)
    علي مرتضيٰ (علي بابا)

    دعا لاءِ هٿ
    منهنجي ڪاڻ
    هر وقت کڄندا رهن ٿا،
    عظيم ماءٌ جا.
    جو مان هِنَ دنيا ۾ موجود آهيان.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (328) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”عظيم هستين جا عظيم قول“ نامياري ليکڪ فقير محمد سنڌيءَ جو مرتب ڪيل آهي.
    ”عظيم هستين جا عظيم قول“ حضور ﷺ اصحاب ، اولياء الله ۽ انهن کان علاوه درويشن، حڪيمن، فلاسافرن، سياڻن ۽ دانائن جي اقوال ۽ اخلاق تي هڪ اجمالي نظر سان مختصر پر جامع انداز تيار ڪيل مجموعو آهي. هن ڪتاب جي پڙهڻ سان خودشناس انسان پاڻ ۾ ضرور تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ڪندو ته انسان کي انسان جي قول ۽ فعل جي سهاري جي ضرورت آهي.
    هي ڪتاب قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو پاران 2012ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين فقير محمد سنڌيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    “قلمڪار” پبليڪيشن جي طرفان ڪوشش رهي آهي ته عوام الناس کي نفع بخش ڪتاب پيش ڪجن، انهي ارادي سان ڪيئي ڪتاب پيش ڪيا آهن مگر هيءُ ڪتاب “قلمڪار ڪائونسل” جي انتخاب موجب وقت جي ضرورت محسوس ڪندي چونڊ ڪئي وئي آهي.
    “عظيم هستين جا عظيم قول” حضور ﷺ اصحاب ، اولياء الله ۽ انهن کان علاوه درويشن حڪيمن، فلاسافرن، سياڻن ۽ دانائن جي اقوال ۽ اخلاق تي هڪ اجمالي نظر سان مختصر پر جامع انداز ۾ مجموعو تيار ڪيو آهي جنهن جي پڙهڻ سان خودشناس انسان پاڻ ۾ ضرور تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ڪندو ته انسان کي انسان جي قول ۽ فعل جي سهاري جي ضرورت آهي، تڏهن ته الله تعاليٰ انسان جي هدايت لاءِ انبياء، اولياء ۽ صالحين کي هادي و مهدي سڏي، کين قرآن مجيد ۾ تعريف ڪئي ڇو ته اهي احڪم الحاڪمين جي امر و نهي جا حامل آهن انهن جي رهنمائي عوام الناس لاءِ نُورٌ عَليٰ نُورُ آهي.
    هي مجموعو موصوف مؤلف جي فراهم ڪيل سرمايہ ۽ ادب و اخلاق جو اهم ذخيرو آهي جيڪو عوام الناس لاءِ عام فهم، ديني و دنوي ۽ اخلاقي طور تي مفيد ۽ ڪارآمد آهي جنهن ۾ عظيم هستين جا خيالات و مشاهدات ۽ ارشاات موجود آهن.


    جي.ايم. “رئيساڻي” مدئجوي
    قلمڪار پبلڪيشن لاڙڪاڻو


    پنهنجي پاران

    علم هدايت ۽ عشق هادي آهي

    زندگيءَ جو دارومدار عملن تي آهي، عمل ٻه قسم آهي. هڪ عمل قولي ۽ ٻيو عمل فعلي آهي، مگر “هدايت” قولي ۽ فعلي عمل آهي.
    “هدايت” جو ذريعو فقط الله تعاليٰ عزوجل آهي “قُلۡ اِنَّ هُدَي اللهِ هُوَ الۡهُدَيٰ پاره 7، سورة انعام (يعني اي “محمد رسول” صلي الله عليه وسلم کلي عام ماڻهن کي) چئي ڇڏ ته بلاشڪ الله هدايت ئي هدايت آهي.
    “هدايت” الله تعاليٰ جي ذريعي انبياء تائين، انبياء کان اصحابن تائين، اصحابن کان تابعين تائين، تابعين کان تبع تابعين تائين، تبع تابعين کان اولياءَ تائين ۽ اولياء کان عوام الناس تائين پهچندو رهيو آهي.
    “هدايت” دنياءَ آخرت جي هر علم کي محيط آهي، علم به ٻه قسم آهي. هڪ علم هدايت ۽ ٻيو علم هنر آهي. “علم هدايت” اعمال و نيّات ۽ اخلاقيات جي سڌاري لاءِ آهي، باقي علم هنر فقط دنيا جي ترقي ۽ روزي ڪمائڻ جو واحد وسيلو آهي. اهڙيءَ طرح هيءَ دنيا آخرت لاءِ ڪمائڻ جو هڪڙو ئي هنڌ آهي، تنهن ڪري هنر هن دنيا جي لاءِ آهي ۽ هدايت آخرت جي لاءِ آهي.
    الله جي هدايت فقط قرآن مجيد جي ذريعي آهي، جنهن کي ڪَمَاحَقَةٗ سمجـهـڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ آخري نبي و رسول “محمد رسول الله” صلي الله عليہ وسلم جي ضرورت پئي، هينئر انبياء جو سلسلو ختم آهي مگر آخري نبي “محمّد رسول الله” صلي الله عليہ وسلم جي حيات طيبه نظامِ حيات لاءِ ڪافي آهي، جنهن ۾ هدايت ربي ۽ افعال و اقوال رسول صلي الله عليه وسلم جي ذريعي عوام الناس کي هدايت ملڻ ممڪن آهي. اهڙي هدايت جا سرچشما خود اصحاب رسول، تابعين، تبع تابعين ۽ اولياء الله آهن.
    اولياءَ الله جو سلسلو قيامت اچڻ تائين رهندو. هاڻي اولياءَ الله ئي هدايت جا ذريعا آهن. البت انهن کان علاوه اهي ماڻهو به هدايت جا ذريعا آهن، جيڪي پنهنجي زندگيءَ ۾ مشاهدات ۽ تجربات جي ذريعي بهتري ڪري، پنهنجي عقلِ سليم جي ذريعي بهتر فعل يا قول پيش ڪن ٿا ته جئين ٻيا به انهيءَ راهه جا راهي ٿي “هدايت” کي پهچن ۽ عمل صالح ڪندي پنهنجو ۽ ٻين جو ڀلو ڪن.
    بحرڪيف دنيا ۽ آخرت جي ڀلائيءَ لاءِ تمام مختصر طور ۽ تمام ٿورڙن هستين جا اقوال قلمبند ڪيا آهن ته جئين پڙهي پر جهي دنيا ۽ آخرت کي سنواري وٺون ڇو ته هيءَ دنيا آخرت جي کيتي آهي. آءٌ مانواري سائين سرمد چانڊئي جو شڪرگذار آهيان جنهن بيڪ ٽائيٽل لکي ڏنو ۽ انهن دوستن جو احسان مند آهيان جن علمي ۽ فني صلاحون ڏنيون انهن ۾ سرمد چانڊيو، عزيز قاسماڻي، اصغر جان کوسو، حيدري لال ڏنو رند، حضور بخش بروهي، قمرالدين مغيري شامل آهن.

    17 جنوري 2012

    فقير محمد سنڌي
    علي مرتضيٰ جو گهر
    جيلس بازار لاڙڪاڻو


    حضرت محمد ﷺ

    حضرت محمد ﷺ

    پيغمبر اسلام، خاتم النبيين فخر ڪائنات احمد مرسل پاڻ ڪريم 22 اپريل 571ع ۾ ڏينهن سومر مڪي مڪرم ۾ حضرت عبدالله پٽ عبدالمطلب جي گهر پيدا ٿيا. والده ماجده جو نالو حضرت بي بي آمنه هو چاچي جو نالو حضرت ابوطالب ڏاڏيءَ جو نالو فاطمه بنت عمرو، ناني جو نالو وهب پٽ عبدمناف ۽ نانيءَ جو نالو برهه بنت عبدالعزي عربن جي دستور مطابق پاڻ ڪريم جو ننڍپڻ حضرت حليمه سعديه جي هنج ۾ گذريو.
    12 سالن جي عمر ۾ پنهنجي چاچي سان گڏ شام ملڪ ويو جيڪو نبي ڪريم ﷺ جو پهريون سفر هو واپار جي لحاظ کان، رستي ۾ راهب حضور ﷺ جي نبوت جي تصديق ڪئي. 25 سالن جي عمر ۾ پاڻ ڪريمن شادي حضرت خديجه سان ڪئي. حضرت خديجه جي ان وقت عمر 40 سال هئي. نبوت کان اڳ پاڻ ڪريم ﷺ غارِ حرا ۾ ويندا هئا. 610ع ۾ جڏهن پاڻ ڪريمن جي عمر 40 سال ٿي ته حضرت جبريل عليہ السلام وحي کڻي آيو ۽ فرمايائين ته الله پاڪ توهان کي پيغمبر مقرر ڪيو آهي. پهرين وحي پاڻ ڪريمن تي جيڪا نازل ٿي اها هئي “پڙهه الله جي نالي سان جيڪو توهان جو رب آهي. جنهن پيدا ڪيو انسان کي خون جي ڊڳ مان ۽ توهان جو رب بزرگي وارو آهي”. نزول وحيءَ جو سڄو قصو حضرت خديجه کي ٻڌايائون حضرت خديجه پنهنجي رشتيدار ورقه پٽ نوفل وٽ وٺي وئي. جيڪو وڏيءَ عمر جو ضعيف هو جنهن جي اکين جي روشني ختم هئي، العصر نصراني مذهب جو هو ۽ ديني علم کان بخوبي واقف هو، ان سڄي ڳالهه ٻڌي ڪري چيو هيءُ اهو ئي ناموس بقول توريت آهي، جيڪو موسيٰ عليہ السلام وٽ آيو هو، پاڻ ڪريم تي جن ايمان آندو انهن ۾ پهرين پنهنجي گهرواري حضرت خديجه پنهنجو غلام زيدبن حارث پاڻ ڪريمن جو دوست حضرت ابوبڪر ۽ سؤٽ حضرت علي المرتضيٰ شامل هئا، ان دوران پاڻ ڪريمن تبليغ جو سلسلو شروع ڪيو، ان دوران پاڻ ڪريمن کي تمام گهڻيون تڪليفن جو منهن ڏسڻو پيو، ڪفار ۽ مشرڪين جا رويا انتها تي پهچي چڪا هئا..
    622ع ۾ حضرت ابوبڪرؓ کي گڏ ڪري مڪي مڪرم کان مديني شريف هجرت فرمائي. پاڻ ڪريمن جنگ بدر، جنگ احد، ۽ جنگ خندق ۾ حصو ورتو 1000 هزار صحابه جي نگراني ۾ مڪو مڪرم فتح ٿيو مڪي مڪرم کان پاڻ ڪريم معراج تي روانا ٿيا، 9 هجري ۾ حضور ﷺ. حضرت ابوبڪر ؓ جي قيادت ۾ پهريون قافلو حج لاءِ روانو ڪيو. 10 هجري ۾ پاڻ ڪريمن ﷺ حج جو فرض ادا ڪيو ۽ اتي ئي آخري خطبو فرمايو. جنهن کي انسانيت جو منشور چوندا آهن، حج کان واپسي تي حضور ﷺ شام تي حملي جو حڪم فرمايو ۽ اچانڪ 27 صفر 11 هجري تي پاڻ ڪريمن ؐ جي طبعيت ۾ ناچاڪي ٿي، 12 ربيع الاول جو پاڻ ﷺ جو روح مبارڪ رفيق اعليٰ جي طرف روانو ٿيو. پاڻ ڪريمن کي 13 ازواج مطهرات هيون، چار ڌيئرون حضرت زينبؓ، رقيهؓ، اُم ڪلثومؓ ۽ حضرت فاطمه الزهره پاڻ ڪريمن کي 3 پٽ حضرت قاسم، حضرت عبدالله ۽ حضرت ابراهيم هئا.

    حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ

    • الله جو حق سندس ٻانهن تي هي آهي ته ان جي عبادت ۽ ٻانهپ ۾ اچن. جڏهن ٻانها الله جو هي حق اداڪن ته پوءِ الله تي ٻانهن جو حق آهي ته انهن کي عذاب ۾ نه وجهي.(مسلم ۽ بخاري)
    • ايمان جون ستر کان به وڌيڪ شاخون آهن. حياءَ به ايمان جي هڪ شاخ آهي. (مسلم ۽ بخاري)
    • جيڪو توهان مان ڪا برائي ڏسي ۽ طاقت رکندو هجي ته پنهنجي هٿ سان (يعني زور ۽ سگهه سان) ان کي مٽائڻ درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. (مسلم شريف)
    • توهان مان ڪوبه شخص تيستائين مومن نٿو ٿي سگهي جيستائين ان جون نفسياتي خواهشون منهنجي آندل هدايت جي پوئواريءَ ۾ نه اچن. (شرالسنہ)
    • توهان جنت ۾ تيستائين نٿا وڃي سگهو، جيستائين ايمان وارا نٿا ٿيو ۽ توهان پورا مومن نٿا ٿي سگهو. (مسلم شريف)
    • اسلام جي خوبي ۽ ڪمال ۾ هي به داخل آهي ته ماڻهوءَ فضول ۽ غير مفيد ڪمن ۽ ڳالهين کان پاسيرو هجي. (ابن ماجه، ترمذي)
    • دين خير خواهيءَ جو نالو آهي. (نسائي ۽ مسلم)
    • غصو ايمان کي ايئن خراب ڪندو آهي، جيئن ايريو ماکيءَ کي خراب ڪندو آهي. (البيهقي في شعب الايمان)
    • مسلمان بزدل ۽ بخيل ٿي سگهي ٿو پر ڪوڙو ڪڏهن به ٿي نٿو سگهي. (رواه مالڪ، البيهقي في شعب الايمان)
    • ماڻهن ۾ هميشه فضول سوالن ۽ بيڪار بحثن جو سلسلو جاري رهندو. (بخاري ۽ مسلم)
    • الله تعاليٰ منهنجي امت کان دل ۾ اڀرندڙ برن خيالن ۽ وسوسن کي معاف ڪري ڇڏيو آهي. (بخاري شريف)
    • هر هڪ کي انهيءَ جي توفيق ملندي آهي جنهن لاءِ هو جيئي ٿو. (بخاري ۽ مسلم)
    • جڏهن به ۽ جتي به الله جا ڪي ٻانها ويهي الله جي ياد ۽ ان جي فرمانبرداري جون ڳالهيون ڪندا آهن ته لازمي طرح فرشتا سندن چوڌاري جمع ٿي ويندا آهن. (صحيح مسلم)
    • الله تعاليٰ جو ارشاد آهي ته منهنجو معاملو ٻانهي سان سندس يقين مطابق هوندو آهي. (بخاري ۽ مسلم)
    • الله پاڪ جي فرمانبرداري ايتري ۽ اهڙي طرح ڪيو جو ماڻهو چون ته ديوانو آهي. (مسند احمد)
    • توهان مان سڀ کان بهتر اهو آهي. جيڪو قرآن جو علم حاصل ڪري ۽ ٻين کي ان جي تعليم ڏئي. (بخاري شريف)
    • الله تعاليٰ هن ڪتاب (قرآن مجيد) جي ڪري ڪيترين قومن کي مٿاهون ڪندو ۽ ڪيترين کي هيٺاهون سٽيندو. (صحيح مسلم)
    • جيڪو الله تعاليٰ کان نه گهري ان تي الله تعاليٰ ناراض ٿيندو آهي. (جامع ترمذي)
    • هر ماڻهو خطاڪار آهي ۽ خطاڪارن کان اهي ڀلا آهن جيڪي دلئون توبهه ڪن ۽ الله ڏي موٽي اچن. (ترمذي – ابن ماجه)
    • پنهنجي اولاد جو احترام ڪريو ۽ سٺي تربيت ذريعي کين ادب سان سينگاريو. (ابن ماجه)
    • جنت ماءُ جي قدمن هيٺان آهي. (رواه احمد - نسائي)
    • عورت تي سڀ کان وڏو حق سندس مڙس جو آهي. (مستدرڪ حاڪم)
    • جنهن به پاڻ وٽ رهندڙ ڪنهن يتيم ٻار سان بهتر سلوڪ ڪيو ته مان ۽ اهو ماڻهو جنت ۾ ٻن آڱرين وانگر ويجهو هونداسون. (جامع ترمذي)
    • جنهن قوم جي دستر خوان تي يتيم هوندو آهي ۽ کائڻ ۾ قوم ان کي شريڪ ڪندي آهي. شيطان ان قوم جي ويجهو نه ايندو آهي. (طبراني، مجمع الزوائد)
    • سائل جو حق آهي، توڙي جو اهو گهوڙي تي سوار ٿي اچي. (ابودائود)
    • توهان جا زيردست توهان جا ڀائر آهن. الله پاڪ کين توهان جو زيردست بڻايو آهي. (بخاري ۽ مسلم)
    • پنهنجي خادم جون غلطيون معاف ڪريو توڻي جو ستر دفعا ڏينهن ۾ هجن. (سنن ابي دائود)
    • مومن مومن جو آئينو آهي. کيس ان ۾ عيب نظر اچي ته ان جي اصلاح ڪري. (بخاري شريف)
    • سڀئي ماڻهو انسانيت جي حقن ۾ برابر آهن. (مشڪوات شريف)
    • سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ وارو تڪبر کان بچيل آهي. (بيهقي)
    • ٻن ماڻهن جي وچ ۾ انهن جي اجازت کان بغير نه ويهو. (سنن ابي دائود)
    • جنهن شراب جو گهڻو مقدار نشو پيدا ڪري ان جو ٿورو مقدار به حرام آهي. (ابي دائود – ترمذي – ابن ماجه)
    • ڪوڙي شاهدي شرڪ جي برابر ڪئي وئي آهي. (سنن ابي دائود)
    • ظالم حڪمران جي سامهون حق جو ڪلمو چوڻ افضل جهاد آهي. (جامع ترمذي – سنن ابي دائود)
    • حلال جي ڪمائي سٺي ماڻهوءَ لاءِ بهترين سرمايو آهي. (مشڪوات)
    • وياج سان مال توڻي جو ڪيترو ئي وڌي وڃي ليڪن ان جو آخري انجام قلت ۽ ڪمي آهي. (مسند احمد)
    • جيڪو شخص غير آباد زمين کي آباد ڪندو ته ان کي ان جو ثواب ملندو. (رواه ابن حبان – واسناده علي – شرط مسلم)
    • جنهن ماڻهوءَ به ڪنهن جي شيءِ کسي ورتي يا ڦري ورتي اهو اسان مان ناهي. (ترمذي شريف)
    • کاڌو پنهنجي پاسي کان کائو ۽ وچ ۾ هٿ نه وجهو، ڇاڪاڻ ته برڪت وچ ۾ نازل ٿيندي آهي. (جامع ترمذي)
    • سون ۽ ريشمي ڪپڙي جو استعمال منهنجي امت جي عورت لاءِ حلال ۽ مردن لاءِ حرام آهي. (جامع ترمذي)
    • مون جنت ۾ ڏٺو، گهڻا ماڻهو اهي هئا جيڪي دنيا ۾ مسڪين هئا. (بخاري ۽ مسلم)
    • پڪ ڄاڻو ته هڪ جاهل سخي الله تعاليٰ کي هڪ ڪنجوس عابد کان زياده پيارو هوندو آهي. (بخاري - مسلم)
    • توهان ٻين وانگر ريسالا نه ٿيو جو چوڻ لڳو ته جيڪڏهن ماڻهو احسان ڪندا ته اسان به احسان ڪنداسين. (ترمذي)
    • ڪنهن مسلمان جي حاجت کي پورو ڪرڻ ڏهه سال اعتڪاف جي ثواب کان به وڌيڪ ثواب آهي. (طبراني، مجمع الزاوائد)
    • جيڪو ماڻهو جنهن سان محبت رکي ٿو قيامت جي ڏينهن انهيءَ سان گڏ ئي اٿاريو ويندو. (بخاري - مسلم)
    • توهان پنهنجي ڪنهن ڀاءُ جي مصيبت تي خوشيءَ جو اظهار نه ڪندا ڪريو. (ترمذي)
    • مسلمان تي لعنت ڪرڻ ان کي قتل ڪرڻ جي برابر آهي. (بخاري شريف)
    • چغلخور ماڻهو جنت ۾ نه وڃي سگهندو. (بخاري شريف)
    • مومن جي طبيعت ۽ فطرت ۾ هر خصلت جي گنجائش آهي سواءِ خيانت ۽ ڪوڙ جي. (مسند احمد - بيهقي)
    • هر دين جي ڪانه ڪا نکريل وصف هوندي آهي. ۽ دين اسلام جي نکريل وصف حياءُ آهي. (مد طا امام مالڪ – ابن ماجه – بيهقي)
    • حياءُ ۽ ايمان ٻئي هميشه گڏ ئي رهندا آهن، جڏهن ٻنهي مان ڪوبه هڪ کڄي ويو ته ٻيو به هٿان نڪري ويندو آهي. (بيهقي)
    • وضوءَ ۾ پاڻيءَ جو اسراف نه ڪيو توڻي جو ڪنهن وهندڙ نهر جي ڪناري تي ئي ڇونه هجو. (مسند احمد – ابن ماجه)
    • جڏهن جمعي جو ڏينهن اچي ته اوهان غسل ڪري نماز تي ايندا ڪريو. (صحيح بخاري)
    • خيرات سان مال ۾ گهٽائي نه ايندي آهي. بلڪ اضافو ٿيندو آهي. (صحيح مسلم)
    • رمضان صبر جو مهينو آهي ۽ صبر جو بدلو جنت آهي. (بيهقي)
    • جهڙي طرح ساوڪ کان خالي ۽ خشڪ زمين تي پاڻيءَ جي وسڪاري سان شادابي اچي وڃي ٿي، پڪ ڄاڻو ته موت کان پوءِ حياتي به ايئن ئي موٽڻي آهي. (زرين)
    • قيامت جي ڏينهن بد ترين حالت ان ماڻهوءَ جي هوندي جنهن ٻين جي دنيا جي خاطر پنهنجي آخرت تباهه ڪئي. (بيهقي)
    • سٺا ماڻهو اهي آهن جيڪي قرض کي خوش دليءَ سان ادا ڪندا آهن. (مسلم شريف)
    • الله تعاليٰ فساد کي پسند نٿو ڪري. ان لاءِ زمين تي فساد نه ڪريو.
    • ڏيڻ وارو هٿ وٺڻ واري جي هٿ کان بهتر آهي.
    • پاڙيسريءَ جي حد چاليهه گهرن تائين آهي.
    • مسلمانن ۾ سٺو گهر اهو آهي. جنهن ۾ يتيم آهي ۽ ان سان سٺو سلوڪ ڪيو وڃي.
    • جيڪڏهن توهان ۾ ڪنهن کي ڪاوڙ اچي ته وضو ڪري. (ابو دائود)
    • گهر وٺڻ کان پهرين پاڙي واري کي ڏسي وٺو.
    • تهمت هڻڻ وارو جنت ۾ داخل نه ٿيندو.
    • جيڪو ماڻهو ڪوڙو قسم کڻي سو پنهنجو گهر جهنم ۾ ٿو ٺاهي.
    • جسم ۽ لباس جي پاڪيزگي نصف ايمان آهي.
    • جيڪو شخص نرميءَ (جهڙي صفت) کان محروم رهيو، اهو ڀلائيءَ کان به محروم رهيو. (مسلم شريف).
    • مان ان لاءِ موڪليو ويو آهيان ته اخلاقي خوبين کي ڪمال تائين پهچايان. (مؤطا امام مالڪ)
    • اهو شخص بي دين آهي، جنهن ۾ ديانتداري ڪونهي.
    • مڪر، دوکو ۽ خيانت ڪرڻ وارو دوزخ ۾ ويندو. (ترمذي شريف)
    • دولتمند تي حسد نه ڪريو. دولت جون لذتون فاني ۽ عارضي آهن.
    • واعدو هڪ فرض آهي. جنهن کي پورو ڪرڻ ضروري آهي.
    • ٻانهي جي دل ۾ ڪڏهن به ايمان ۽ بخل هڪ جڳهه تي گڏ رهي نٿا سگهن. (نسائي)
    • رب پاڪ جي نظر ۾ اهو عظيم آهي. جنهن جا اخلاق بلند آهن.
    • حياءُ ايمان جي نشاني آهي. (مسلم شريف)
    • جيڪي ماڻهن تي رحم نه ٿا ڪن، الله تعاليٰ انهن تي رحم نه ٿو ڪري.
    • رب پاڪ جي ويجهو بهترين دوست اهو آهي. جيڪو دوست جو خير خواه آهي.
    • جيڪڏهن توکي نيڪي ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ٿئي ۽ برائي ڪرڻ ۾ پڇتاءُ پوءِ سمجهه تون مومن آهين.
    • خدا جو قسم اهو ايماندار ناهي. جنهن جو پاڙي وارو هن جي شر کان محفوظ ناهي. (مسلم شريف)
    • مومنن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪامل اهو آهي. جيڪو اخلاق ۾ سڀني کان وڌيڪ ڪامل هجي. (ترمذي شريف)
    • توهان مان وڌيڪ ڀلو اهو آهي. جيڪو فرض ادائيگي ۾ ڀلو آهي.
    • رب پاڪ کان ڊڄو ڇاڪاڻ ته رب پاڪ باطن کي ايئن ڏسندو آهي. جيئن ظاهر کي ڏسي ٿو.
    • سٺي ۽ مٺي ڳالهه به صدقو آهي. (ترمذي شريف)
    • پنهنجي گهر جي ڀت ايتري مٿي نه ڪريو جو توهان جي پاڙيسريءَ جي هوا بند ٿي وڃي.
    • جيڪو حلال آهي اهو واضع ۽ روشن آهي ۽ جيڪو حرام آهي سو به پڌرو ۽ چٽو آهي.


    حضرت ابوبڪر صديق﷦ ؓ

    حضرت ابوبڪر صديق﷦ ؓ
    (573ع – 634ع)

    خليفه اول جليل القدر صحابي حضور ﷺ جو غار جو يار مردن ۾ پهريون ايمان آڻڻ وارو پنهنجي دور خلافت ۾ ڪوڙي نبي سڏرائڻ وارن کي ختم ڪري ڇڏيائين، عراق ۽ شام فتح ڪيائين. پاڻ مڪي شريف ۾ پيدا ٿيو والد جو نالو قحافه ۽ امڙ جو نالو سلمه هئس. قرآن پاڪ تي تمام وسيع عبور هئس. صحابه ڪرامن جو امام به بڻيو، مسلمانن جو پهريون حج به انهن جي قيادت ۾ ٿيو، وفات 63 سالن جي عمر 13 هجري ۾ ٿيس.

    حضرت ابوبڪر صديقؓ

    • اي انسانو! الله تعاليٰ توهان لاءِ جيڪا باهه ٻاري رکي آ ان کي نماز جي ذريعي وسايو.
    • توهان مان ڪوئي به ڪنهن مسلمان کي حقير نه سمجهي ڇاڪاڻ ته حقير مسلمان به الله تعاليٰ جي ويجهو وڌيڪ معزز آهي.
    • عقلمند جي سڃاڻپ گهٽ ڳالهائڻ آهي.
    • صدقو فقير جي سامهون عاجزي ۽ ادب سان پيش ڪر، ڇاڪاڻ خوش دلي سان صدقو ڏيڻ قبوليت جي نشاني آهي.
    • روءُ ان ڏينهن تي جيڪو ڏينهن تنهنجي زندگي مان گذري ويو ۽ ان ۾ تون ڪابه نيڪي نه ڪري سگهين.
    • ميوو ڏيڻ واري وڻ کي نه وڍجو.
    • جهاد ڪفر جهاد اصغر آهي. ۽ جهاد نفس جهاد اڪبر آهي.
    • جنهن تي نصيت اثر نه ڪري اهو سمجهي وڃي ته ان جي دل ايمان کان خالي آهي.
    • گلا ۽ شڪايت کان زبان کي بند رکو، ان سان راحت حاصل ٿيندي.
    • بُري ماڻهن جي گڏ رهڻ کان اڪيلائپ بهتر آهي.
    • مومن جو ايترو علم ڪافي آهي جو هو الله تعاليٰ کان ڊڄي ٿو.
    • تون دنيا ۾ رهڻ جي سامان ٺاهڻ ۾ لڳي ويو آهين.
    • گناهن کان توبه ڪرڻ واجب آهي. گناهن کان بچڻ واجب کان بهتر آهي.
    • عدالت جيڪو به ڪري بهتر آهي. جيڪڏهن امير ڪري ته اڃا بهتر آهي.
    • زندگي سادي ۽ مختصر ٿيڻ کپي نه ته قيامت جي ڏينهن حساب ڪتاب ۾ وڏي پريشاني ٿيندي.
    • علم جي ڪري ڪنهن به خدائي جي دعويٰ نه ڪئي. پر مال جي سبب جي ڪري گهڻن ماڻهن خدائي جي دعويٰ ڪئي.
    • پيغمبرن جي ميراث علم آهي ۽ فرعون ۽ قارون جو ورثو مال آهي.
    • جڏهن ڪنهن قوم ۾ بي حيائي گهڻي ٿي ويندي آهي ته الله تعاليٰ ان قوم تي بلائون ۽ عذاب نازل ڪندو آهي.
    • مرد شرم ڪرين ته سٺو آهي. جيڪڏهن عورتون شرم ڪن ته اڃا بهتر آهي.
    • اهي ماڻهو بهترين ناهن جيڪي آخرت لاءِ دنيا ڇڏي ڏين بهترين ته اهي آهن جيڪي دنيا ۽ آخرت ٻنهي کي حاصل ڪن.


    حضرت عمر فاروق ؓ ﷦

    حضرت عمر فاروق ؓ ﷦
    (583ع – 644ع)

    صحابي رسول، اسلام جو ٻيو خليفو.
    والد جو نالو خطاب هجرت حبش کان پوءِ اسلام قبول ڪيائين، تمام غزوات ۾ حضورﷺ سان گڏ رهيو، حضرت ابوبڪر جي بعد ساڍا ڏهه سال تائين خليفته المسلمين رهيو. ايران جا ڪجهه حصا مصر ۽ بيت المقدس فتح ڪيائين مصر ۾ هڪ درياهه ٺهرايائين مردم شماري ڪرايائين سن هجري جو آغاز ڪيائين بيت المقدس کي باقاعدي ادارو ٺاهيائين، وڌ گهٽ 22 لک مربع ميل ايراضي تي ان جي حڪومت هئي. هڪ هزار ڇهه ٽيهه شهر فتح ڪائين.
    پاڻ ڪريمن جو وڏو شيدائي هيو، ماڻهن جي ڪمن جي حوالي سان تمام گهڻو مشهور هيو.

    حضرت عمر فاروق﷦ ؓ

    • جيڪو ماڻهن جي مال ۽ دولت کان نا اميد ٿيندو آهي. اهو سڀني کان بي پرواهه ٿيندو آهي.
    • بهترين وضو شيطان کي توهان کان پري ڀڄائي ڇڏيندو آهي.
    • ان امير جي ڪابه عزت ڪونهي جنهن مسلمان مارايا. ۽ نه ئي ان بدبخت جو ڪو مقام آهي.
    • مان هن امت ۾ سڀ کان وڌيڪ منافق عالم کان خوف زده ٿيندو آهيان ڇاڪاڻ ان جي زبان عالم هوندي آهي. پر ان جي دل ۽ عمل
    جاهل هوندا آهن.
    • اڄ جو ڪم سڀاڻي تي نه ڇڏيو.
    • دانش مند ماڻهو اهو آهي. جو پنهنجي افعالن کي نيڪ ڪري سگهي ٿو.
    • جيڪو توکي تنهنجي عيبن کان واقف ڪري اهو تنهنجو دوست آهي.
    • تنهنجي محبت حد کان وڌيڪ نه هجي ۽ نه تنهنجي نفرت
    • گهڻو کلڻ موت کان غلفت جي نشاني آهي.
    • نصيحت لاءِ موت ئي ڪافي آهي.
    • عدل مظلوم لاءِ جنت ۽ ظالم لاءِ جهنم آهي.
    • جيڪو برائي کان بي خبر آهي. اهو برائي ۾ مبتلا هوندو.
    • مومن خدا ۽ رسول جي مخالفين سان دوستي ناهن رکندا توڙي جو اهي پيءُ ماءُ ڇو نه هجن.


    حضرت عثمان غني ﷦ ؓ

    حضرت عثمان غني ﷦ ؓ
    (575ع ، 656ع)

    حضرت عثمان غنيؓ، اسلام جو ٽيون خليفو ۽ جليل القدر صحابي، پيدائش مڪي شريف ۾ والد جو نالو عفان ۽ والده جو نالو، اروي هئس. عشره مبشره ۾ شامل حضور اڪرم جون ٻه صاحبزاديون سان هن جو نڪاح ٿيو. انهيءَ حوالي سان ذوالقرنين به سڏجڻ لڳو. مسلمانن جو پهريون بحري ٻيڙو تيار ڪرايو. قبرص فتح ڪيائين. 644ع ۾ خليفو بڻيو عهد خلافت ۾ اسلامي سلطنت جون سرحدون وسيع ٿيون. جنگ بدر کان علاوه احتمام غزواتن ۾ پاڻ ڪريمن ﷺ جو ساٿي رهيو. تمام سخي مرد هو.

    حضرت عثمان غني ؓ ﷦

    • تلوار جو وار جسم کي زخمي ڪندو آهي. ۽ خراب ڳالهه روح کي زخمي ڪندي آهي.
    • افسوس آهي ان ماڻهو تي جيڪو حساب کي حق سمجهي ٿو ۽ پوءِ به مال گڏ ڪري ٿو.
    • گناهه ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ دل کي بي قرار ڪندا آهن.
    • تعجب آهي ان ماڻهو تي جيڪو موت کي حق سمجهي ٿو. پوءِ به کلي ٿو
    • سڀني کان وڌيڪ گناهگار اهو آهي جيڪو ماڻهن جي برائين کي بيان ڪندو رهندو آهي.
    • خاموشي ڪاوڙ جو بهترين علاج آهي.
    • مان ڪڏهن به ڳائڻ وڄائڻ ۾ شريڪ ناهيان ٿيو.
    • تعجب آهي ان ماڻهو تي جيڪو دوزخ تي ايمان رکي ٿو.
    • مان ڪڏهن به ڪنهن برائي ۽ بدي جي تمنا ناهي ڪئي.
    • اهڙي ڳالهه هرگز نه ڪريو جو ٻڌڻ واري کي سمجهه ۾ نه اچي.
    • الله تعاليٰ سان محبت رکڻ واري کي اڪيلائپ پسند هوندي آهي.
    • جيڪڏهن تون گناهه ڪرڻ چاهين ٿو. ته اهڙي جڳهه تلاش ڪر جتي رب پاڪ نه هجي.
    • جانور پنهنجي مالڪ کي سڄاڻي ٿو. پر ڪيترائي انسان اهڙا آهن جيڪي پنهنجي خالق کي ڪونه ٿا سڄاڻين.


    حضرت علي المرتضيٰ ﷦ ؓ

    حضرت علي المرتضيٰ ﷦ ؓ
    (600ع، 661ع)

    صحابي رسول ﷺ اسلام جو چوٿون خليفو، حضرت محمدﷺ جو سؤٽ، ڀاءُ ۽ نياڻو پاڻ ڪريمن جو، حضرت ابوطالب جو پٽ هيو. ڏَهَنِ سالن جي عمر ۾ ٻارن ۾ پهريون اسلام قبول ڪيائين حضورﷺ جي تربيت ۾ رهيا، صلح حديبيه کي تحرير ڪيائين، غزوهه تبوڪ ۾ مديني جي حفاظت ڪيائين 653ع ۾ خليفو بڻيو، جنگ جمل ۾ شريڪ هيو مديني منور جي بجائي ڪوفي کي صدر مقام ٺاهيو نهروان جي جنگ سبائيون کي شڪست ڏنائين ڪاتب وحي هيو، حضرت ابوبڪرؓ، حضرت عمرؓ ۽ حضرت عثمانؓ اهي سياسي مسئلن تي هن سان مشورو ڪندا هئا، شير خدا، لقب اسد الله حضورﷺ فرمايو. مان علم جو شهر ۽ علي ان جو دروازو آهي. خارجي ابن ملجم شهيد ڪيس.

    حضرت علي المرتضيٰ ﷦ ؓ

    • جنهن شخص ۾ ڇهه عادتون هونديون آهن. اهو جهنم جي باهه کان پري ۽ جنت جو طلبگار هوندو آهي.
    o الله تعاليٰ کي سڄاڻي ان جي عبادت ڪرڻ
    o شيطان کي سڄاڻي ان جي مخالفت ڪرڻ
    o حق کي سڄاڻي ان جي اتباع ڪرڻ.
    o باطل کي سڄاڻي ان کان بچي رهي.
    o دنيا کي سڄاڻي ان کي ترڪ ڪجي.
    o آخرت کي سڄاڻي ان جو طلبگار رهي.
    • مان توهان کي الله تعاليٰ کان ڊڄڻ ۽ دنيا کي ڇڏڻ جي وصيت ڪريان ٿو. دنيا توهان کي ڇڏڻ واري آهي.
    • جڏهن ماڻهون مري ويندو آهي. ان جي نماز پڙهڻ جي جڳهه ۽ آسمان جي جڳهه جتان ان جا عمل چڙهندا آهن. ان تي روئندا آهن.
    • انسان جو سڀ کان وڌيڪ دشمن ان جو پيٽ آهي.
    • معاف ڪري ڇڏڻ دشمن تي فتح حاصل ڪرڻ آهي.
    • بي عقلي سڀ کان وڌيڪ غريبي آهي.
    • ڪنهن جي ايمان جو اندازو ان جي واعدن مان لڳايو.
    • گهڻي هوشياري دراصل بدگماني آهي.
    • سردار ٿيڻ چاهين ٿو ته بري سان نيڪي ڪر.
    • عالم اهو ئي آهي جنهن جو پنهنجي علم تي عمل هجي.
    • سڀ کان بهترين لقمون اهو آهي جيڪو پنهنجي محنت جو حاصل ٿيل هجي.
    • موت هڪ بي خبر ساٿي آهي.
    • دين خزانو آهي. ۽ علم ان جو رستو آهي.
    • گناهه تي شرمندگي جو احساس گناهه کي ميٽي ڇڏي ٿو.
    • توهان وڏن جي عزت ڪريو، ننڍا توهان جي عزت ڪندا.
    • معافي نهايت سٺو احسان آهي. ۽ احسان انسان کي غلام بڻائي ڇڏيندو آهي.
    • جڏهن تون ڪنهن تي احسان ڪرين ته ان کي لڪيل رک.
    • موت کان وڌيڪ سچي ۽ اميد کان وڌيڪ ڪائي شي ڪوڙي ڪونهي.
    • عقلمند هميشه غم ۽ فڪر ۾ مبتلا هوندو آهي.
    • دوستي هڪ پاڻ پيدا ڪرڻ وارو رشتو آهي.


    حضرت امام حسن ؓ

    حضرت امام حسن ؓ
    (3هه - 51- 50 هه)

    نالو مبارڪ، حسن، حضورﷺ جن پاڻ رکيو سيدنا امام حسن جي نسب جو سلسلو والد مڪرم جي طرفان ۽ والده سائڻ جي طرفان حضرت عبدالمطلب سان ملي ٿو حضرت حسن جي ولادت ٽئي هجريءَ جي رمضان المبارڪ مهيني ۾ 15 تاريخ تي ٿي.
    سيدنا حضرت امام حسن عليہ السلام جن پنهنجي والد گرامي سيدنا حضرت علي المرتضيٰ عليہ اسلام جي شهادت کان پوءِ ٻئي ڏينهن هجرت جي چاليهه 40 سال رمضان المبارڪ جي ٻاويهين تاريخ ڇنڇر جي ڏينهن خلافت جي مسند تي جلوهه افروز ٿيا.
    پاڻ خلفاءِ راشدين ۾ آخري خليفا هئا. حضور اڪرمﷺ. جن جو ارشاد مبارڪ آهي ته مون کان پوءِ خلافت 30 سال هوندي بعد ۾ بادشاهي راڄ قائم ٿيندو. سيدنا امام حسن سائين ڇهن مهينن کان پوءِ ان جي ڪري خلافت تان هٿ کنيو هو جو پاڻ بادشاهن جي لپيٽ ۾ اچڻ پسند نه ٿي ڪيائون. خلافت تان هٿ کڻي حضرت معاويہ سان صلح ڪري پاڻ ربيع الاول مهيني سن 41 هجري ۾ خلافت تان دستبردار ٿيا. امام حسن جي رحلت 5 ربيع الاول سن 50-51 هجري ۾ ٿي. زهر سان رحلت ڪندڙ شهيد آهي. آخري آرام گاهه جنت البقيع ۾ آهي.

    حضرت امام حسن ﷦ ؓ

    • جنهن وٽ عقل ناهي ان وٽ ادب ناهي. جنهن وٽ همت ناهي. ان وٽ ڪاميابي ناهي، جنهن وٽ دين ناهي ان وٽ حياءُ به ناهي.
    • پنهنجي تعريف وڌيڪ ڪرڻ موت جو باعث آهي.
    • عابد اهو ئي آهي جيڪو الله تعاليٰ جي وراثت تي راضي رهي.
    • توهان کي پنهنجي اندر جي اسرار کي رکڻ لازمي آهي. ان لاءِ ته الله تعاليٰ ضميرن جي راز کي ڄاڻڻ وارو آهي.
    • آئون ان جڳهه ڏي وڃي رهيو آهيان جنهن جڳهه ڏي هاڻي کان وٺي ڪوئي پهريان ناهي ويو. ۽ مان ان مخلوق کي ڏسي رهيو آهيان. جنهن کي مان پهريان ڪڏهن به ناهي ڏٺو.
    • عادل بڻجڻ چاهيو ٿا ته جيڪو شخص توهان جو دوست ٿيڻ چاهي ٿو. ان کي پنهنجو دوست ڪريو.
    • ٽي شيون انسان کي هلاڪ ڪن ٿيون، حسد، حرص ۽ تڪبر.
    • حرص سان ماڻهو مصيبت ۾ ڦاسي پوي ٿو.
    • مسلمان اهو آهي جيڪو پاڙيسري تي احسان ڪري.
    • تڪبر سان دين ۽ ايمان وڃي ٿو. جڏهن شيطان تڪبر جي ڪري مردود ۽ لعنتي ٿيو.
    • چپ رهڻ وارو آرام سان رهي ٿو. ۽ سلامتي کي ڏسي ٿو.
    • جيڪو شخص قدر خير ۽ شرمن الله تي ايمان نه رکي اهو ڪافر آهي.


    حضرت امام حسين ﷦ ؓ

    حضرت امام حسين ﷦ ؓ
    (4 هجري - 61 هه)

    نواسو رسول ﷺ ۽ شهيد ڪربلا مديني منور ۾ پيدا ٿيو. والد بزرگوار حضرت علي المرتضيٰؓ، ۽ والد ماجده حضرت فاطمهؓ هئي. حضرت معاويه ؓ جي وفات بعد خلافت جو معاملو ماڻهن جي رضا تي ٿيو. يزيد جي بيعت ڪئي شامين عراقين حضرت امام حسين ؓ جي هٿ مبارڪ تي بيعت جو فيصلو ڪيو. جڏهن ته امام پاڪ ڪوفي روانو ٿيو. يزيد جي گورنر عبيدالله ابن زياد اهل ڪوفي کان يزيد جي لاءِ بيعت ورتي.
    حضرت امام حسينؓ فيصلي جون متعرد شڪلون پيش ڪيون. ابن زياده قبول نه ڪيون. آخرڪار حق ۽ باطل ٿيو. حضرت امام حسين کان علاوه پنهنجا 2 پٽ ۽ ٻيا اهل خاندان شهيد ٿيس. انهن جون مزارون ڪربلا معليٰ ۾ آهن.

    حضرت امام حسين ؓ﷦

    • شفيق ترين تنهنجو ڀاءُ تنهنجو دين آهي.
    • ڀاءُ اهو ئي آهي جو نصيحت ڪندو رهي. ۽ شفقت ۽ محبت ۾ ان جو پابند نه بڻجي.
    • دولت جو بهترين صرف اهو آهي ته ان کي عزت ۽ آبرو سان برقرار رکجي.
    • وڏي درجي جو معاف ڪرڻ وارو اهو آهي. جو بدلي وٺڻ جي طاقت
    رکندو هجي ۽ درگذر کان ڪم وٺي.
    • سردار ٿيڻ چاهيو ٿا ته حرڪت ۽ عمل، جدوجهد کي پنهنجو معمول بڻايو.
    • پنهنجي محنت جي صلي جو واجب کان وڌيڪ اميد نه رکو.
    • جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته ماڻهو توهان جي تعريف ڪن ته نيڪ ڪم ڪريو.
    • ذليل اهو ئي آهي جيڪو بخيل آهي.
    • محنت اها آهي ته توهان پنهنجي واعدي کي پورو ڪريو.
    • اهي سڀ هليا ويا جنهن سان مان محبت ڪندو هئس ۽ هاڻي اهي ماڻهو آهن جنهن کي مان پسند ناهيان ڪندو.
    دنيا جو رنگ بدلي ويو ۽ نيڪي کان محروم ٿي ويا. ڪوئي ڪونهي جو ظالم کي ظلم کان روڪي، وقت اچي ويو آهي مومن سچائي جي رستي تي بي چين ٿي نڪري پون. ۽ پنهنجو سڀ ڪجهه الله تعاليٰ جي لاءِ قربان ڪن.


    حضرت امام جعفر صادق عليه السلام

    حضرت امام جعفر صادق عليه السلام
    (83 هه – 148 هه)

    حضرت امام جعفر صادق رحمة الله عليہ السلام بن امام محمد باقر عليہ السلام ۽ سندن والده جناب اُم فروه بنت قاسم بن محمد بن ابوبڪر جن هئي. پاڻ 83 هجري مطابق 702ع اڱاري جي ڏينهن مديني منور ۾ پيدا ٿيا. سندن ڪنيت ابو عبدالله، ابو اسمٰعيل آهن. القاب صادق، صابر، فاضل ۽ طاهر هئا. پاڻ وڏا عالم فاضل۽ امام هئا. پاڻ 15 شوال 148هه ۾ 65 سالن جي ڄمار ۾ دارالفاني کان دارالبقا ڏانهن روانا ٿيا جنت البقيع ۾ مدفن آهن.

    حضرت امام جعفر صادق ﷦ عليه السلام

    • دل جي اک عبادت سان کلندي آهي. ۽ ان جي پهچ لامڪان تائين هوندي آهي.
    • نفس الله تعاليٰ جو مخالف آهي. ۽ نفس جي مخالفت الله تعاليٰ جي دوستي آهي.
    • بدلي وٺڻ جي طاقت هوندي ڪاوڙ کي پئي وڃڻ افضل ترين جهاد آهي.
    • مصيبت ۾ آرام جي تلاش مصيبت کي ترقي ڏيڻ آهي.
    • توبه ڪرڻ آسان پر گناهه ڇڏڻ مشڪل آهي.
    • ٻين جي مال تي حرص نه ڪرڻ سخاوت آهي.
    • گناهه ناسور آهي. جيڪڏهن نه ڇڏيو ته برابر وڌندو رهندو.
    • صبح جو عزت حاصل ڪرڻ لاءِ بازار ضرور ويندا ڪريو.(يعني واپار ڪندا ڪريو).
    • جيڪو زبان تي قابو نه ٿو رکي اهو پشيمان ٿيندو.
    • پنهنجي ڪمن ۾ انهن ماڻهن کان صلاح وٺو جيڪي خوف خدا رکندا آهن.
    • الله تعاليٰ جي منع ڪيل شين کان رڪجي وڃو ته عابد ٿيندو الله جي وراثت تي راضي رهو ته مسلمان آهيو.


    حضرت امام ابو حنيفه رحمة الله عليه

    حضرت امام ابو حنيفه رحمة الله عليه
    (80 هه - 150 هه)

    فقہ حنفي جو باني؛-
    نالو نعمان، ڪنيت ابوحنيفه ۽ لقب امام اعظم، ڪوفي ۾ پيدا ٿيو، جن جو شاگرد رهيو امام محمد ۽ امام يوسف جا نالا قابلي ذڪر آهن، الاثار نالي ڪتاب مرتب پاڻهن فلاح ۽ بهبود جا ڪم هن جو منشور هيو. حضرت ابو هريره ؓ ﷦کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته منهنجي بعد هڪ اهڙو مرد ظاهر ٿيندو جيڪو منهنجي امت ۾ امام ابو حنيفه جي نالي سان سڃاتو ويندو. ۽ ان جي هٿ تي الله تعاليٰ منهنجي سنت کي زنده رکندو.

    حضرت امام ابو حنيفه رحمة الله عليه

    • علم دنيا جي نفعي لاءِ حاصل ڪيو وڃي ته دل ۾ گهر ناهي ڪندو.
    • جيڪو علم کي دنيا حاصل ڪرڻ لاءِ پرائي ٿو. علم ان جي دل ۾ جڳهه نه ٿو ٺاهي.
    • جنهن کي علم معاصي ۽ خراب ڳالهين کان باز نه رکيو ان کان وڌيڪ گناهه گار ڪير ٿو ٿي سگهي.
    • دنيا سان گڏ تعلقات گهٽ ڪرڻ اها ئي انسان دنيا کان ضروري شيون کڻي ۽ غير ضروري ڇڏي ڏي.
    • آخرت جي گرم گرزن کان دنيا ۾ ڪوڙا کائڻ بهتر آهي.
    • ڪوئي به توهان سان سهڻو سلوڪ ڪري يا نه ڪري اوهان ان سان
    بهترين ورتاءُ ڪيو.
    • عفو ۽ درگذر کان ڪم وٺو ۽ هميشه ڀلائي جي تعليم ڏيو.
    • جيئن به ٿي سگهي ماڻهن ۾ محبت ۽ اخوت جو اظهار ڪريو.
    • سڀني کي سلام ڪيو. جيڪڏهن اهي ڀلي خراب به ڇونه هجن پنهنجي نفس ۽ پنهنجي احوال جو خيال ڪيو. بدامني پيدا نه ڪيو ڀلي توهان سان ڪو ائين ڪري به توهان انهن سان هرگز ايئن پيش نه اچو.
    • ڪنهن کي خوشي حاصل ٿي ته ان کي مبارڪ ڏيو.
    • جيڪڏهن ڪنهن کان غلطي ٿي وڃي ان کي معاف ڪيو.
    • هر هڪ سان سهڻي نيت سان پيش اچو.
    • جيڪڏهن ڪوئي مصيبت ۾ گرفتار ٿي ته ان جي مدد ڪريو.


    شيخ عبدالقادر جيلاني رحمة الله عليه

    شيخ عبدالقادر جيلاني رحمة الله عليه
    (470هه - 561هه)

    جيلان ۾ پيدا ٿيو. والد بزرگوار جو نالو سيد ابو صالح ۽ امڙ سائڻ جو نالو فاطمه هئس. ماءُ پيءُ جي نسب مطابق حضرت سيدنا علي المرتضيٰ ﷦ سان ملن ٿا. صاحب ڪرامت بزرگ هيو. علم تفسير، حديث، فقه، ڪلام لغت، نحو، مناظره، النساب ۽ قراعت ۾ ڪمال حاصل هئس. ۽ ڪافي ڪتابن جو خالق به هيو.

    حضرت غوث پاڪ رحمة الله عليه

    • تنهنجي ڳالهائڻ مان خبر پئجي ويندي ته تنهنجي دل ۾ ڇا هي.
    • عقل وارو پهريان دل کان پڇندو آ پوءِ وات سان ڳالهائيندو آ.
    • جيڪو ماڻهو پنهنجي نفس جو استاد ناهي، اهو ٻين جو استاد ڪيئن ٿي سگهندو.
    • جنهن مخلوق کان گهريو اهو رب پاڪ جي در کان اَنڌو آهي.
    • تون نفس جي تمنا پوري ڪرڻ ۾ مصروف آهين ۽ اهو توکي برباد ڪرڻ ۾.
    • بدگماني گهڻن فائدن کي بند ڪري ڇڏي ٿي.
    • ايئن ڏسو جو ڏسي ٿو. ايئن محبت ڪريو جيئن توهان سان محبت ڪري ٿو. ان جي ٻڌو جيڪو توهان جي ٻڌي ٿو. پنهنجو هٿ ان کي ڏيو جيڪو وٺڻ لاءِ تيار آهي.
    • الله تعاليٰ جي دشمنن کي راضي رکڻ عقل ۽ دانش کان پري هجڻ آهي.
    • تون ڪوشش ڪندو ڪر ته گفتگو جي شروعات تنهنجي طرف کان نه ٿيڻ گهرجي ۽ تنهنجو ڳالهائڻ جواب ٺاهي.
    • موت کي ياد رکڻ نفس جي تمام بيمارين جي دوا آهي.
    • خالق جو فرمانبردار اهو آهي، جيڪو مخلوق تي شفقت ڪري.
    • ظالم مظلوم جي دنيا خراب ڪندو آهي ۽ پنهنجي آخرت.
    • غير ضروري ڳالهه جو جواب ڏيڻ کان زبان کي بند رک تانجو تون فضول ڳالهه ڪري نه ويهين.


    خواجه حضرت حسن بصري رحمة الله

    خواجه حضرت حسن بصري رحمة الله
    (645ع – 728ع)

    دنيا ۽ اسلام جو جليل القدر صوفي بزرگ حضرت خواجه حسن بصري 21 هجري 645 عيسوي ۾ مديني منور ۾ پيدا ٿيو. ۽ پاڻ بصري شهر ۾ پالنا حاصل ڪيائون تنهن ڪري بصري شهر جي مناسبت سان سڃاتا ويندا آهن. حضرت خواجه حسن بصري جي والد ماجد جي نالي جي باري ۾ مورخين اسلام ۾ اختلاف ملي ٿو. ڪجهه مورخن هن جي والد جو نالو “سيار” لکيو آهي، پر حضرت صاحب جي والد جو جيڪو مشهور نالو آهي. موسيٰ بن راعي، داراسڪوه واري سفينته الاولياءَ ۾ حضرت حسن بصري جي ڪنيت “ابو سعيد” بيان ڪئي. جواهر کپائڻ جي ڪري حضرت حسن بصري کي حسن لولوئي جي نالي سان سڃاتو ويندو هيو. حضرت حسن بصري جي والده حيزه، ام المومنين حضرت ام سلمه رضي الله تعاليٰ عنہ جي خادم هئي. علم ظاهر ۽ باطن جو حضرت علي ڪرم الله وجه کان حاصل ڪيائين پر بعض مورخين اسلام لکيو آهي ته پاڻ امام حسن رضي الله تعاليٰ عنه جا شاگرد ۽ مريد هئا. حضرت خواجه حسن بصري جڏهن ته نسلي حوالي کان حبشي هيو. پر رب پاڪ هن کي نهايت فصيح السان بڻائي ڇڏيو هو. حجاج بن يوسف به فصاحت جي مقابلي ۾ پاڻ کي ڪم ترخيال رکندو هو. پاڻ امام الحديث هيو. ۽ ٻئي طرف بصري ۾ سڀ کان وڏو فقهه تي عبور رکندو هو.

    حضرت حسن بصري رحمة الله عليه

    • جيڪو ڪم حڪمت کان خالي آهي. اهو آفت آهي. جيڪو خاموشي کان خالي آهي، اهو غفلت آهي. جيڪو نظر حڪمت کان خالي آهي. اهو ذليل آهي.
    • ڪوڙو سڀ کان پهريان پاڻ کي نقصان ڏيندو آهي.
    • غم سان روح ۾ توانائي ايندي آهي.
    • جنهن کي خدا ذليل ڪرڻ چاهي، اهو دولت جي تلاش ۾ لڳي ويندو آهي.
    • جيڪو ماڻهو دنيا ۾ رهي ڪري دنيا جي محبت کان بچي ٿو، ان پنهنجي پاڻ کي به فائدو ڏنو ۽ ٻين کي به.
    • جيڪا توقع توهان ٻين کان رکو ٿا، پهرين ان کي توهان تڪميل تائين پهچايو.
    • عقلمند ڳالهائڻ کان پهرين سوچيندو آهي ۽ بيوقوف ڳالهائڻ کان پوءِ.
    • اکين ۽ زبان جي آزادي روح لاءِ قيد آهي.
    • دنيا جو عذاب اهو آهي ته توهان جي دل مرده ٿي وڃي.
    • انسان جو سڀ کان وڏو دشمن ان جو نفس آهي.
    • بدماڻهن جي صحبت نيڪين کان بدگمان ڪندي آهي.
    • جيڪڏهن جهنم جي باهه تي راضي آهين ته بيشڪ گناهه ڪندو رهه جيڪڏهن نه ته گناهن کان رڪجي وڃ.


    حضرت سفيان ثوري رحمة الله عليه

    حضرت سفيان ثوري رحمة الله عليه

    حضرت سفيان ثوري رحمة الله عليہ 8 صدي عيسوي جو هڪ عظيم المرتبت ۽ نهايت برگزيده ولي الله آهي. پاڻ شريعت ۽ طريقت م ڪامل ۽ علوم رسالت ﷺ جا سچا وارث آهن. ۽ ان لاءِ ماڻهو حضرت سفيان ثوري کي “امير المومنين” جو بلند مرتبي خطاب سان نوازيندا هئا. پاڻ علم ظاهري ۽ باطني تي مڪمل دسترس رکندا هئا، ۽ گهڻائي مشائخ عظام حضرت سفيان ثوري جي صحبت ۾ روحاني ۽ باطني فيض حاصل ڪندا هئا.

    حضرت سفيان ثوري رحمة الله عليه

    • جيڪو الله تعاليٰ جي دوستن کي دوست رکي ٿو، اهو الله تعاليٰ کي دوست رکي ٿو. جيڪو الله تعاليٰ جي احترام ڪرڻ وارن جو احترام ڪري ٿو، الله تعاليٰ جو احترام ڪري ٿو.
    • بدن جي لاءِ دنيا جي خوراڪ حاصل ڪيو ۽ دل جي لاءِ اخروي غذا جي تلاش ڪيو.
    • توهان لاءِ سٺي دولت اها آهي، جيڪا توهان جي قبضي ۾ ناهي.
    • علم عمل سان ڳالهائيندو آهي، جيڪڏهن انسان عمل ڪري ته صحيح نه ته علم هليو وڃي ٿو.
    • اهو ماڻهو موت لاءِ تيار ناهي ٿيو، جنهن کي اهو خيال آهي ته هو سڀاڻي زنده هوندو.
    • حڪومت ۽ عورت کي ڇڏڻ صبر کان وڌيڪ ڪوڙو آهي.
    • يقين ڪامل اهو آهي ته جڏهن ماڻهو تي مصيبت جو وقت اچي ته الله تعاليٰ تي الزام نه لڳائي ۽ ان کي راحت تصور ڪري، ان جو شڪريو ادا ڪري.
    • ماڻهن سان واقفيت گهٽ ڪر، ڇاڪاڻ ته ان واقفيت ۾ سوائي نقصان کان ڪجهه به حاصل نٿو ٿئي. ۽ انسان کي تڪليف هميشه واقفڪار ڏيندو آهي، پر اجنبي نه.
    • منهنجو نيڪ عمل ظاهر ٿي وڃي ته مان ان کي ڳڻپ ۾ ناهيان آڻيندو.


    حضرت ابراهيم بن ادهم رحمة الله عليه

    حضرت ابراهيم بن ادهم رحمة الله عليه
    (705ع – 786ع)

    حضرت ابو اسحاق ابراهيم بن اڌم منصور، حضرت خضر جو شاگرد ۽ مريد هو، حضرت خضر امام ابو حنيفه وٽان علم جي تحصيل ڪئي هئي. حضرت ابراهيم بلغ جو، امير هو، پاڻ حضرت فضيل ۽ حضرت سفيان ثوري جو صحبتي هو، حضرت جنيد بغدادي فرمايو: مفاتيح العلوم ابراهيم. حضرت ابراهيم وٽ علم طريقت ۽ معرفت جون ڪنجيون.

    • اهو ماڻهو خوشنصيب هوندو آهي. جنهن الله تعاليٰ جي طرف توجه ڪئي ۽ دنيا کي بهتر آخرت جي اميد تي صرف ڪيائين.
    • انسان جو نفس ته هڪ ماني تي به گذارو ڪري وٺندو آهي.
    • غور ۽ فڪر عقل جو مغذ آهي.
    • مان هڪ راهب کان پڇيو توهان ڪٿان کائيندا آهيو. ان چيو مونکي ان جي ناهي خبر، رب جليل کان پڇهه ته اهو توکي ڪٿان کارائيندو آهي.
    • جو پيٽ ڀري کائيندو ان کي عبادت ۾ مزو نصيب نه ٿيندو.
    • جيڪو وڌيڪ سمهندو ان جي عمر ۾ برڪت ناهي ٿيندي.
    • جيڪو ماڻهن جي رضا مندي ڇاهي اهو الله تعاليٰ جي رضامندي کان نااميد ٿي وڃي ٿو.
    • جيڪو گلا غيبت ۽ فضول ڳالهيون گهڻيون ڪندو اهو دين اسلام تي ناهي مرندو.
    • نيڪ ماڻهوءَ جي دوستي دل کي تازگي بخشيندي آهي.


    امام محمد غزالي رحمة الله عليه

    امام محمد غزالي رحمة الله عليه
    (450 هه – 505 هه)

    عظيم الشان فقهي، عالم ۽ فاضل، مولوي، محقق ۽ مصنف هو. حضرت امام غزالي شه طابران واقع طوس يعني ملڪ خراسان ۾ سن 450 هجري ۾ پيدا ٿيو. غزالي جو والد رسيون جو ڪاروبار ڪندو هو امام غزالي جو به ان سان گڏ ويندو هو. رسن وڪڻڻ واري کي غزال به سڏيو ويندو آهي. امام غزالي رحمة الله عليہ جو پورو نالو ابو حامد محمد بن محمد احمد هيو. لقبحجة اسلام ملين. امام غزالي رحمة الله عليہ فلسفين کي حصن ۾ تقسيم ڪري پيش ڪيائين. 1 پهريون دهڙو ماديت پسند يعني دهريو. جيڪي خداجي وجود کان انڪاري آهن ۽ دنيا کي ابديت جو دليل ڏيندا آهن 2 ٻيون دهڙو توحيد پرست جيڪي دا جي وجود کي تسليم ڪندا آهن ۽ ان کي هڪ ڪري مڃيندا آهن 3 ٽيون دهڙو فطرت پرست “طبيعًا جو آهي جيڪي لازمي طور سان وجود خالق جو مخالف ناهن پروح جي فنا ٿين جي خلاف آهن.

    امام محمد غزالي رحمة الله عليه

    • خاموشي پاڻ هڪ عبادت آهي.
    • قرض ڏيڻ جي طاقت هوندي هئي. هڪ لمحو به دير ڪرڻ ظلم آهي. جيڪڏهن قرض ڏيندڙ جي اجازت سان.
    • الله تعاليٰ جو هر فيصلو عقل ۽ عدل تي مبني هوندو آهي. ان لاءِ ڪڏهن به زبان تي شڪايت نه آڻيندا ڪريو.
    • محتاجن کان مهانگو خريد ڪرڻ احسان آهي ۽ صدقي کان بهتر آهي.
    • غريب مهمان اچي ته قرض وٺي به ان جي خدمت ڪريو.
    • روضيءَ ۾ عيب نه ڪڌو پسند نه اچي ته نه کائو.
    • ٽي شيون انسان کي تباهه ڪنديون آهن حرص، حسد ۽ غرور.
    • انسان جو سڀ کان وڏو ڪارنامو اهو آهي ته پنهنجي دل ۽ زبان تي قابو رکي.
    • ٻارن جي اصلاح اسڪول ۾ آهي ۽ عورت جي گهر ۾.
    • حاسد دشمن ڏي پٿر اڇلائيندو آهي ۽ اهو واپس ان کي لڳندو آهي ۽ اهو دشمن کلندو آهي.
    • پنهنجي معاملات ۾ هوشيار ۽ چست رهڻ ۽ سوچي سمجهي ڪم ڪرڻ سعادت جي ڪنجي آهي.
    • ظالم جي موت تي ڏکارو ٿيڻ به موت آهي.
    • حقوق العباد جي نفي ڪرڻ وارو ظالم آهي.
    • توهان وٽ وقت خام مال جيان آهي. ان مان جيڪو چاهيو ٺاهي وٺو.
    • سچي ڳالهه ٻڌي سچي ڳالهه چوڻ جي همت پيدا ٿيندي آهي.


    حضرت جنيد بغدادي رحمة الله عليه

    حضرت جنيد بغدادي رحمة الله عليه
    (215 هه– 298هه)

    شيخ الشائخ، اهل طريت، امام الائمه شريعت ابو القاسم حضرت جنيد بن محمد بن جنيد بغدادي بغداد ۾ پيدا ٿيو. حضرت جنيد بغدادي جي تاريخ ولادت ۾ ڪافي مورخن کي اختلاف آهي. برحال اها طئي ٿيل حقيقت آهي ته حضرت جنيد بغدادي ٽيئن هجري صديءَ خليفي مامون رشيد جي دور خلافت ۾ بغداد ۾ پيدا ٿيو. سڄي عمر بغداد ۾ رهيو حضرت سفيان ثوري رحمة الله تعاليٰ عليہ جي تلامذهه جو شاگرد ۽ پنهنجي مامي شيخ سري سقطي رحمة الله عليہ جو مريد ٿيو.
    هڪ دفعي ڪنهن هن جي مامي کان پڇيو ته ڪوئي اهڙو مريد توهان جو جيڪو توهان جي مقام کان پنهنجي مرشد کان مٿي ٿي ويو هجي؟ پاڻ فرمايائون ته ها! اهو جنيد آهي. حضرت جنيد بغدادي تقريبًا 2 سئو استادن کان تعليم حاصل ڪئي.

    حضرت جنيد بغدادي رحمة الله عليه

    • ڪائنات ۾ چار شيون آهن. سخاوت، نصيحت، الفت ۽ شفقت.
    • مرد سيرت سان آهي نه صورت سان.
    • ان شخص سان محبت ڪريو، جيڪو نيڪي ڪري وساري ڇڏي.
    • جڏهن محبت ڪامل ٿي ويندي آهي ته ادب جو شرط ڪري پوندو آهي.
    • الله تعاليٰ جي ربوبيت کي سڄاڻو.
    • آزادي حاصل نٿي ٿي سگهي جيستائين عبوديت پوري نه ٿئي.
    • صادق اهو آهي جيڪڏهن ان کي ڏسو ته ان کي ايئن ڏسو جيئن توهان ٻڌو هو.
    • سب رستا بند آهن سواءِ محمدﷺ جي طريقي کان جيڪو ان تي هلي ته منزل حاصل ڪندو.
    • تصوف پنهنجي پسند کي ختم ڪري ڇڏڻ جو نالو آهي.
    • ڪوئي شخص الله تعاليٰ جي توفيق کان بغير ان تائين نه ٿو پهچي سگهي ۽ الله تعاليٰ تائين پهچڻ جو رستو محمدﷺ جي اقتداءَ ۽ اتباع آهي.


    حسين بن منصور حلاج رحمة الله عليه

    حسين بن منصور حلاج رحمة الله عليه
    (244هه – 309 هه)

    حسين بن منصور بن محميءَ جليل القدر صوفي بزرگ ٿي گذريو آهي. ابو الغيث الحسين ابن منصور حلاجؒ ،جنيد بغداديؒ جي شاگردن مان وڏي شهرت ماڻي فارسي، اردو سنڌي ۽ پنجابي شعارن خوب سندس تذڪرو ڪيو آهي. سندس نالو حسين مگر پيءُ جي نالي منصور سان مشهور آهي. شاعرن جي بدولت منصور ۽ سرمد خوب شهرت ۽ هميشه واري حياتي ماڻي آهي. سندس ولادت تستر ۾ ٿي ۽ وڏڙو ٿيو ته حضرت سهل تستري ؒ جي شاگد اختيار ڪيائين ان کان پوءِ بغداد هجرت ڪري آيا. هڪ ڏينهن جنيد بغدادي ؒ چيس ته؛ صحبت ۽ ملاقات لاءِ باهوش هئڻ ضروري آهي. جيڪڏهن تون صاحب الهوش هجين ها ته سهل تستري ۽ عثان مڪيؒ سان تنهنجو اهو طرز عمل نه هجي ها. حسين بن منصور جواب ڏنس ته اي شيخ! صحو (هوش) ۽ سڪر (بي هوشي) انسان جون ٻه صفتون آهن ۽ جيستائين انسان جون صفتون فنانه ٿيون ٿين تيستائين هو الله تعاليٰ کان محجوب ۽ مستور رهي ٿو. جنيد ؒ يس ته تون صحو ۽ سڪر جو مفهوم نه سمجهيو آهي. صحو تعلق بالله جي صحيح ڪيفيت جو نالو پر سڪر اشتياق جي دت ۽ عشق جي انتها کي چوندا آهن انهن مان ڪابه هڪ صفت انساني ڪوشش سان حاصل نه ٿي ٿي سگهي. اي ابن منصور تنهنجي گفتگو مان جهالت ۽ بيوقوفي ظاهر ٿئي ٿي. منصور ابن حلاج پنهنجي مشهور تصنيف ڪتاب طواسين ۾ توحيد جو خلاقو “انا الحق” جي لفظن ۾ پيش ڪيو آهي. ان سبب ڪري کيس الاحادجي گناهه ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ اڪثر بغداد جي اصل تصوف حضرات ساڻس حمايت جي بجاءِ بيزاريءَ جو اعلان ڪيو.
    سهل بن عبدالله تستري به حسين جي انهيءَ بي صبري، تيز رفتاريءَ ۽ اصطرابي ڪيفيت کي ڏسندي، سندس پيءُ منصور بن محميءَ کي چيو ته؛ “حسين کي کپي ته شرعي حدن اندر رهي سوچڻ سيکي وٺي ۽ صبر سان عڪس گاهه جو نظارو ڪري”.
    منصور بن محمي پٽ جي هيڻي حالت ڏسي چيس ته! حسين ........ شاعري عذاب ڏيندڙ ۽ ڏکارو جذبو اٿئي ۽ انهيءَ جو انجام به دردناڪ ٿيندو آ...........جنهن ساڻ تنهنجو روح ڪڏهن به سيراب ڪونه ٿيندو”
    خليفه مقدر عباسي جي حڪم تي گرفتار ٿيو، ان ئي موت جي سزا ڏنس.

    حسين بن منصور حلاج رحمة الله عليه

    • پنهنجي نفس جي نگهباني ڪريو، جيڪڏهن توهان ان کي حق ۾ نه لڳائيندؤ ته اهو توهان کي حق تعاليٰ کان هٽائي ڇڏيندو.
    • حق تعاليٰ سان گڏ رهو. جيڪو ان توهان تي واجب ڪيو آهي. ان جي فرضن کي ادا ڪندا رهو. ان سان توهان کي الله تعاليٰ جي محبت حاصل ٿيندي.
    • اولين ۽ آخرين جي علمن جون چار کليل ڳالهيون آهن.
    • (1) الله تعاليٰ جي محبت، (2) متاع قليل يعني دنيا کان نفرت. (3) ڪتاب منزل جو اتباع. (4) تفير حال کان خوف.
    • خلق عظيم اهو آهي ته توهان رب ڪريم کي سڄاڻي ورتو. آهي ته ماڻهن جون سختيون توهان تي اثر ڪونه ڪنديون.
    • خيال حق اهڙي شيءِ آهي جنهن جي برابر ڪائي شي برابر ٿي نٿي سگهي.


    حضرت حڪيم لقمان

    حضرت حڪيم لقمان

    حضرت لقمان بن باعور بن ناحور تارخ آهي. وهب جو قول آهي ته حضرت لقمان ايوب عليہ السلام جو ڀاڻيجو هو. مقاتل چيو ته حضرت ايوب عليہ السلام جي ماسي جو پٽ هو. واقدي چيو ته بني اسرائيل ۾ قاضي هو ۽ هي به چيو ويو آهي ته پاڻ هزار سال زنده رهيو ۽ حضرت دائود عليہ السلام جو زمانو لڌائين ۽ ان کان علم حاصل ڪيائين ۽ ان جي زماني ۾ فتويٰ ڏيڻ ڇڏي ڏنائين، جيتوڻيڪ اڳ ۾ فتويٰ ڏيندو هو. سندس بنوت ۽ اختلاف آهي. گهڻا عالم انهيءَ طرف آهن ته پاڻ حڪيم هو، نبي نه هو. حڪمت عقل ۽ سمجهه کي چوندا آهن. قرآن پاڪ ۾ سورة لقان جيڪا حڪيم لقمان جي نالي سان آهي. سورة لقمان ۾ حڪيم جي پٽ جو ذڪر به ملي ٿو.
    حضرت لقمان حڪيم جي نالي سان گڏ حڪيم جي معنيٰ حڪمت ڪرڻ وارو (يوناني طبيب) ۽ ڊاڪٽر نه آهي پر حڪيم ان ڪري سڏيو ويو آهي جو الله تعاليٰ کيس سمجهه، سياڻپ، دانائي ۽ ڏاهپ جو مالڪ بڻايو.
    قرآن پاڪ ۾ فرمان آهي ته اسان لقمان کي وڏي حڪمت، سمجهه ۽ سياڻپ عطا ڪئي آهي. حڪيم لقمان حسحاس قبيلي جي هڪ رئيس وٽ غلام هو. حڪيم لقمان سدائين سچ ڳالهائيندو هو، هميشه رزق حلال کاڌائين ۽ خلق کي وعظ ڪندو هو ۽ سدائين سوچ ويچار ۽ فڪر جي حالت ۾ رهندو هو. حضرت لقمان حڪم پنهنجي پٽ کي نصيحت ڪندي چيو؛
    “الله تعاليٰ سان شرڪ اصل نه ڪجانءِ والدين جي احسانن جو به شڪر ڪجي. الله کان ڪابه شي ڳجهي نه آهي، الله تعاليٰ هر جاءِ تي ڏسي ۽ پسي ٿو. نماز پابندي سان قائم ڪندو رهه. ماڻهن آڏو وڏائي ڪري زمين تي نه هل، ڇو ته الله کي آڪڙ ۽ وڏائي پسند نه آهي. حضور اڪرمﷺ جي زماني ۾ “سويد” نالي عرب وٽ حڪيم لقمان جو رسالو جنهن ۾ نصيحتون سهڻا سخن لکيل موجود هو”.
    حضرت لقمان حڪيم جي آخري آرام گاهه فلسطين جي علائقي ۾ آهي.

    حضرت حڪيم لقمان

    • جيڪا ڳالهه ماڻهن کي خراب لڳي اها نه ڪر.
    • جڏهن خلقت وٽ اچين ته زبان جي نگهباني ڪر.
    • بي عمل ۽ بي علم کان پاسو ڪر.
    • ڪابه شيءِ تنهنجي ويجهو نعمت آخرت کان وڌيڪ پياري نه هجي.
    • حڪمت ۽ دانائي مفلس کي بادشاه بڻائي ٿي.
    • رستي ۾ بزرگن کان اڳ ۾ نه هل اها بي ادبي آهي.
    • وقت جي جيڪڏهن قيمت آهي ته ان جو صحيح استعمال ڪر.
    • جدوجهد نه ڪرڻ محتاجي جو ڪارڻ آهي.
    • پنهنجي راز کي لڪائي رکجانءِ ۽ پنهنجي عزت بچائجان.
    • ڪاوڙ هرگز نه ڪر ان جي شروعات چريائپ آهي ۽ آخرت پشيماني.
    • عقل مند جي دوستي اختيار ڪر ان ۾ فائدو وڌيڪ آهي.
    • سج اڀرڻ جي وقت نه سم ڇاڪاڻ ته اهو وقت عبادت جو آهي، ان وقت سمهڻ بد بختي آهي.
    • عقل جهڙي ڪابه دولت ناهي ۽ جهالت جهڙي ڪابه غريبي ناهي.
    • جيتري حد تائين ٿي سگهئيءَ ماڻهن کان پري رهه تان جو تنهنجي سلامت ۽ نفس پاڪ رهي.
    • علم دل ايئن زنده رکندو آهي جيئن مينهن جو پاڻي خشڪ زمين کي.
    • خدا ۽ موت کي ڪڏهن به نه وسار پنهنجي نيڪي ۽ ٻين جي برائي کي وساري ڇڏ.


    حضرت مجدد الف ثاني ؒ

    حضرت مجدد الف ثاني ؒ

    شيخ احمد سرهندي، حضرت مجدد الف ثاني رحمت الله عليہ برصغير پاڪ هند ۾ سورهين صدي عيسوي ۾ پيدا ٿيو. پاڻ عظيم صوفي، مفڪر ۽ مبلغ اسلام هو مجدد الف ثاني ؒ مغين جي دور حڪومت ۾ هن دنيا ۾ روح نما ٿيو. صوفي تصورات کي سرانجام ڏيندو رهيو. لقب مجدد الف ثاني ؒ مشهور ٿيو. حضرت محمد ﷺ کان هڪ روايت جي مطابق ته هر صدي جي آغاز ۾ مذهب اسلام کي نئون ڪرڻ لاءِ هڪ عظيم مسلمان رهنما پيدا ٿيندو.

    حضرت مجدد الف ثاني ؒ

    • سڄي مخلوقات ۾ سڀني کان وڌيڪ محتاج انسان آهي.
    • آخرت جو ڪم اڄ ئي ڪري ڇڏ، ۽ دنيا جو ڪم سڀاڻي تي ڇڏي ڏي.
    • ڪفر کان پوءِ سڀ کان وڏو گناهه دل آزاري آهي. اهو چاهي مومن هجي يا ڪافر.
    • رب پاڪ جي دشمنن سان الفت رکڻ رب پاڪ سان دشمني آهي.
    • جنهن وٽ گهر واري، گهر نوڪر ۽ سواري آهي ته اهو بادشاهه آهي.
    • ڪوئي جاهل ولي ٿي نه ٿو سگهي ۽ نه ئي ٿيندو.
    • الله وارن ۾ ڪرامت نه ڳولهيو ۽ ان جي وجود کي ڪرامت ڄاڻو.
    • دنيا جون مصيبتون به ظاهر طور زخم وانگر تڪليف ڏين ٿيون. پر حقيقت ۾ ترقيءَ جو موجب آهن.
    • ٻارن تي رحم اچڻ الله تعاليٰ جي رحمت جي نشاني آهي.
    • ظاهر دراصل باطن جو نمونو آهي.
    • دنيا ۾ آرام ڪندڙ بيوقوف ۽ عقل کان دور آهن.
    • محبت ذاتي فنا جي حقيقت آهي.
    • سنت ۽ بدعت ٻئي پوري طور تي هڪ ٻئي جو ضد آهن.
    • واسطو ۽ وسيلو جيتري قدر گهڻو آهي. ته ايتري قدر رستو ويجهو ۽ روشن هوندو آهي.
    • سعادت مند اهو آهي جنهن جي دل دنيا کان ٿڌي ٿي وئي هجي ۽ الله تعاليٰ جي محبت جي گرمي ۾ گرم ٿيو هجي.
    • جنهن رب ڪريم زبان کي ڳالهائڻ لاءِ قوت عطا ڪئي ۽ اهو ئي دل کي قوت ذڪر عطا فرمائيندو آهي.


    اعليٰ حضرت احمد رضا خان بريلوي ؒ

    اعليٰ حضرت احمد رضا خان بريلوي ؒ
    (14 جون 1856ع آڪٽوبر 1921ع)

    ممتاز عالم دين، مترجم ۽ مفسر قرآن، نعت گو شاعر جي حيثيت سان نمايان مقام حاصل ڪيائين.
    امام احمد رضا خان ؒ جي ولادت با سعادت بريلي شريف (هندستان) جي پاڙي جسوليءَ ۾ 10 شوال المڪرم 1272 هجري ڇنڇر جي ڏينهن ٻيپهري جي وقت بمطابق 14 جون 1856ع تي ٿي. پيدائش جي سال جي اعتبار کان سندن تاريخي نالو المختار 1272هه آهي. سندن نالو مبارڪ محمد آهي ۽ سندن ڏاڏي کين احمد رضا چئي ڪري سڏيو ۽ ان ئي نالي سان مشهور ٿيا. اعليٰ حضرت ؒ رڳو تيرنهن سال ڏهه مهينا ۽ چئن ڏينهن جي عمر ۾ تمام رائج علمن جي تڪميل پنهنجي والد سڳوري رئيس المتڪلمين حضرت مولانا نقي علي خان ؒ کان سند الفراغ حاصل ڪري ورتائون، انهيءَ ئي ڏينهن پاڻ هڪ سوال جي جواب ۾ پهرين فتويٰ لکي هئائون. فتويٰ کي صحيح ڏسي سندن والد سڳوري فتويٰ جي گادي کين سونپي ڇڏي ۽ پاڻ آخري وقت تائين فتويٰ ڏيندا رهيا.
    اعليٰ حضرت بي انداز علوم جليلہ سان نوازيل هو. پنجاهه علمن ۾ قلم کنيائون ۽ حسن جوڳا ڪتاب تحرير فرمايائون. ۽ فقط هڪ مهيني ۾ قرآن شريف جو حفظ ڪيائون. مختلف عنوانن تي تقريبًا هڪ هزار ڪتاب لکيا اٿائون.پاڻؒ قرآن مجيد جو ترجمو ڪيو، جيڪو اردو جي موجوده ترجمن ۾ سڀني تي فوقيت رکي ٿو. سندن ترجمي جو نالو ڪنزا الايمان آهي.
    لاڏاڻو 25 صفر المظفر 1340هه بمطابق آڪٽوبر 1921ع جمعة المبارڪ جي ڏينهن هندستان جي وقت مطابق 2 لڳي 38 منٽن تي عين اذان جي وقت سندن مزار مبارڪ بريلي شريف ۾ اڄ به عام ۽ خاص لاءِ زيارت گاهه بڻيل آهي.

    امام احمد رضا خان بريلوي ؒ

    • غير عالم جو واعظ ڪرڻ حرام آهي.
    • مان نعت چوڻ قران پاڪ کان سکي.
    • جيڪڏهن توهان ڪنهن عالم وٽ وڃو ته پنهنجو ذهن ٺاهي ويندا ڪريو ته اسان علم کان خالي آهيون، تڏهن ئي ان علم جو فيض حاصل ڪري سگهندؤ.
    • ڪتاب تعليم جو بهترين ذريعو آهي.
    • شريعت اصل آهي ۽ طريقت ان مان نڪتل دريا،
    • ناجائز ڳالهه جو تماشو ڏسڻ به ناجائز آهي. ڀولو نچائڻ حرام آهي ۽ ان جو تماشو ڏسڻ به حرام آهي.
    • هر اهو جانور چاهي حلال هجي يا حرام. انهن کي وڙهائڻ حرام آهي.
    • الله تعاليٰ جي حڪمن ۾ بهانو نه ڳولهيو ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ دل جي ڳالهين کي ڄاڻن وارو آهي.
    • قبر کي مٿي ٺاهڻ خلاف سنت آهي.
    • بغير علم جي صوفي کي شيطان ڪچي دهاگي جي لغام پارائي ٿو.
    • تلاوت قران پاڪ تي پئسا وٺڻ حرام آهن.


    شيخ سعدي ؒ

    شيخ سعدي ؒ
    (1189ع، 1291ع)

    شيخ سعدي ؒ جو اصل نالو مشرف الدين مصلح، پيءُ جو نالو عبدالله ۽ تخلص سعدي آهي. شيخ مشرف الدين مصلح بن عبدالله شيرازي سعدي ايران جي مشهور شهر شيراز ۾ پيدا ٿيو، شيخ سعديءَ جو استاد علامه ابن الجوزيؒ آهي شيخ سعدي ممتاز فارسي شاعر ۽ صوفي بزرگ هيو.
    شيخ سعدي بلند پائي ڪمال جو شاعر آهي. گلستان ۽ بوستان ڪتاب سعديءَ کي بلندين جو مقام ڏياريو.
    آخري آرام گاهه شيراز شهر ۾ ٻين صوفين وانگر پنهنجي خانقاهه ۾ ئي دفن ٿيل آهي.

    شيخ سعدي ؒ

    • علم جي بغير انسان الله تعاليٰ کي به نه ٿو سڄاڻي.
    • سلام پهريان ڪندا ڪريو ۽ هر هڪ سان شريفاڻو رويو سلوڪ ڪيو.
    • مذهب رڳو ماڻهن جي خدمت لاءِ آهي. تسبيح جي داڻن ۾ ۽ نه وري مصلي ۾.
    • حسن بغير سينگار جي دل کي موهي وجهي ٿو.
    • جيڪو هوش ۾ آهي اهو ڪڏهن تڪبر ناهي ڪندو.
    • شينهن بک تي مرڻ پسند ڪندو آهي پر ڪتن جو اوبر ناهي کائيندو.
    • خدمت سان خوش قسمتي حاصل ٿيندي آهي.
    • جڏهن پيٽ خالي هوندو آهي ته جسم روح بڻجي ويندو آهي ۽ اهو جڏهن ڀريل هوندو آهي ته روح جسم بڻجي ويندو آهي.
    • ظالم کان وڌيڪ ڪوبه بدقسمت ماڻهو ناهي. ڇاڪاڻ ته مصيبت جي وقت ان جو ڪوبه مددگار ناهي هوندو.
    • جيڪو ماڻهو سٺي وقت ۾ ڀلائي نه ٿو ڪري. اهو ڏکي وقت ۾ ڏک ڏسي ٿو.
    • جيڪڏهن ڪم پئسن ۾ ٿي ٿو وڃي ته جان کي خطري ۾ نه وجهو.
    • عورتن کان مَشوَرو وٺڻ تباهي آهي.
    • جنهن کي ننڍي هوندي ادب نه سيکاريندو وڏي هوندي ان ۾ سٺائي نه ايندي.
    • جيڪڏهن توکي ٻين جي تڪليف جو احساس ناهي ته تون ان جي قابل ناهين ته توکي انسان چئجي.
    • جيڪو پنهنجن سان وفا نه ٿو ڪري. سياڻن جي ويجهو اهو آهي ته اهو ڪنهنجو به دوست نه ٿيندو.
    • عقلمند ماڻهو ايستائين ناهي ڳالهائيندو جيستائين خاموشي نه ٿي وڃي.
    • جيڪڏهن روزي عقل سان حاصل ٿئي ها ته دنيا جا بيوقوف بک مري وڃن ها.
    • جيڪڏهن ڪوئي توکان عاجزي سان گهري رهيو آهي ته ان کي ڏئي ڇڏ نه ته ڪوئي ظالم توکان زورئي کسي ويندو.
    • جيڪو شخص ڪنهن عالم سان بحث ڪري ٿو ۽ ايئن سمجهي ٿو ته ماڻهو ان کي عالم چون، ته سمجهي وڃو اهو جاهل آهي.


    رهبر سنڌ مفڪر اعظم سائين جي ايم سيد

    رهبر سنڌ مفڪر اعظم ؒ سائين جي ايم سيد
    (1904ع کان 1995ع.

    سيد غلام مرتضيٰ ولد سيد ميان محمد شاهه، سائين سنڌي، فارسي، عربي ۽ انگريزي ۾ تعليم حاصل ڪئي 20 اپريل 1910ع تي شادي ڪيائون. سياست جي شروعات 7 فيبروري 1920ع ۾ لاڙڪاڻي مان خلافت ڪانفرنس کان ڪيائون ان وقت سيد جي عمر 16 سال هئي 8 مارچ 1920ع اهو ڏينهن هو. جنهن ڏينهن تي سائين جي ايم سيد پنهنجي زندگيءَ ۾ پهرين بغاوت ڪئي. سائين جي ايم سيد جو روحاني رهبر، علامه آءِ آءِ قاضي ۽ سياسي عقيدو رکندڙ ۾ بادشاهه خان، خان عبدالغفار خان شامل آهن سيد پنهنجي پاڻ “شيو” ڏاڙهي ٺاهيندو هو. سوبه هميشه وانگر بغير آرسيءَ جي سائين صحيح طور سنڌيءَ ۾ غلام مرتضيٰ شاهه ۽ انگريزيءَ ۾ سڌو سنئون جي ايم سيد لکندو هو.
    سائين جي قوت سماعت ٻڌڻ جي طاقت انتهائي تيز هئي درگاهه حيدر شاهه سنائي جو چوڏهون سجاده نشين هو. پاڻيءَ جي جهاز ۾ ٻه ٽي ڀيرا ڪراچي کان بمبئيءَ جو سفر ڪيائون. ٽن لائبريرين جو مالڪ (1) سن ۾ (2) سن جي حويلي ۾ (3) حيدر منزل ڪراچي ۾.
    سيد جو عشق جي موضوع تي لکيل ڪتاب دريا دل ۽ داستان محبت آهي. سائين جي ايم سيد کي پاڪستان جي تقريبن سڀني حڪمرانن جيل ۾ قيد رکيو. ايمنسٽي انٽرنيشنل ضمير جو قيدي 1994ع ۾ پهرين نمبر تي سن جي سيد کي قرار ڏنو 30 ڊسمبر پهريون ڀيرو 1993ع تي خاص عدالت هئي جتي نه جج هو نه ٻيو عملو.

    ٻيو ڀيرو اپريل 1994ع تي جڏهن سائين کي عدالت ۾ آندو
    ويو ان ڀيري به جج نڪري ويو.
    1995ع 25 اپريل تي سيد جو سنڌي قوم کي جسماني طور وڇوڙو ٿيو ته ان وقت به سنڌ ڄائي بينظير ڀٽو جي حڪومت هئي. ضمير جي قيدي پنهنجي ملڪ ۾ 30 سال قيد ڪاٽيو جي ايم سيد جي عمر 91 سال 3 مهينا 8 ڏينهن هئي. پنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ سنڌي قوم لاءِ مسلسل جدوجهد ڪئي. ڪافي ناياب ڪتاب جيڪي پاڻ لکي پنهنجي قوم جي حوالي ڪيا.

    سائين جي ايم سيد ؒ

    • مون وٽ پارٽيون، دستور ۽ معاهدا ڪڏهن به مقصد کان وڌيڪ مقدس ۽ پوڄا لائق نه رهيا آهن.
    • اصول ۽ ضمير تي هلي اڪيلو رهجي وڃجي، بجاءِ ان جي ته خودي ۽ خود داري کي ختم ڪري ڪاميابي ۽ طاقت هٿ ڪجي.
    • وقتي صبر ۽ صلح زماني جي دستور موجب عارضي ڪاميابي کي پهچائن ٿا. بهتر اهو آهي ته مشڪلاتن کي منهن ڏجي.
    • ادب قومي زندگي جو آئينو هوندو آهي. ان ڪري سنڌي ادب کي وطن جي محبت ۽ ماروئڙن جي سڪ سان ڀرپور ڪرڻ پوندو.
    • ذهني ۽ مادي آزادي اسان جي جنم جو حق آهي. پر انهيءَ جي حاصلات قومي شعور. قرباني ۽ اخلاق جي بلنديءَ کانسواءِ مشڪل آهي.
    • ڪوبه شخص اوستائين انفرادي ترقي ۽ دائمي عزت حاصل نه ٿو ڪري سگهي، جيستائين ان جي قوم آزاد، منظم ۽ ترقي يافته ناهي.
    • بي عزتي، بزدلي بي همتي بداخلاقي قومي زندگيءَ لاءِ موت جي برابر آهي.
    • قومي عمارت جو مکيه پايو ٻولي / زبان آهي. جي ٻولي سلامت ناهي ته قومي عمارت جو خير ڪونهي.
    • قومن جو وجود سندن زبان زنده هئڻ سان رهي ٿو.
    • هر قوم کي پنهنجي زبان ۽ ثقافت هوندي آهي.
    • جيئن ماڻهون فاني آهن، تيئن سندن پيدا ڪيل نظريا به عارضي ٿين ٿا. قدرت جون پيدا ڪيل قومون ئي بقا ماڻين ٿيون.
    • قومون فردن جي قربانيءَ سان ئي بڻبيون ۽ ترقي ڪنديون آهن.
    • قطري جو معراج سمنڊ ۾ سمائجڻ ۾ رکيل آهي. ۽ شخصن جو عروج قوم ۾ فنا ٿيڻ سان ٿئي ٿو.
    • قوم ملڪ کانسواءِ ٺهي نٿي سگهي ۽ زبان ڪنهن قوم کانسواءِ ڪا حيثيت نٿي رکي.
    • اهو مسلم اصول آهي ته جسماني غلامي قومون کي ختم ڪري نه سگهندي آهي.
    • قومن جو وجود عقيدن جي بنياد تي رکڻ غلط آهي.
    • ڪلچر هڪ اڻ کٽ اظهار خيال جذبي ۽ عمل جو نالو آهي.
    • جهڙي طرح ساري انسان ذات بنيادي طرح هڪ جنس آهي پر سڃاڻپ ۽ نظام لاءِ قبيلن ۽ قومن ۾ ورهايل آهي.
    • سنڌي ڪلچر جي عقيدي جا مکيه جزا ڇهه آهن؛
    (1) محبت (2) عدم تشدد (3) رواداري (4) لاڪوفيت / غير جانبداري (5) حق خود ارادي / آزادي لاءِ ۽ (6) قومي آزادي.
    • هر قوم جو ڪلچر يا سڀيتا جو ذخيرو سندن ادب ذريعي محفوظ رهي ٿو.
    • سنڌ حسن، سرسنگيت، سخاوت، فن ۽ فڪر، محبت ۽ انسانيت جي اعليٰ گڻن جي سدا سهاڳڻ سرزمين رهي آهي.
    • حب الوطني سنڌي ڪردار جو مکيه جزو آهي.
    • لطيف سائين اسان جي قومي سڃاڻپ آهي. لطيف سنڌ جي حبالوطني، سخاوت، سرويچيءَ قديم رواياتن ۽ مقصدن لاءِ سر ڏيڻ وارين خاصيتن کي ستن سورمين جي روپ ۾ ڳائي، پنهنجي رسالي ۾ زنده ڪري ڇڏيو آهي.
    • راڳ روح جي راحت ۽ دماغ جي تراوت جو باعث ٿئي ٿو.
    • ڪشاده دلي راڳ سان ڳنڍيل آهي ۽ سچائي اخلاق سان وابسطه آهي.
    • زندگي خود هڪ وڏو رقص آهي.
    • سياسي غلامي جو ڌڪ عارضي آهي. قومي ڪردار ڪلچر ۽ زبان جي ڪمزوري ۽ پستي دائمي قسم جي غلامي آهي.
    • انسان جي قومي هستي صرف پنهنجي ثقافت کي زور وٺرائڻ سان ئي سلامت رهي ٿي.
    • فلسفي مون کي معصوميت کان ٻاهر ڪڍي شڪن جي دنيا ۾ ڌڪيلي ڇڏيو.
    • فلسفي مون کي عشق جي معنيٰ ۽ مطلب سان شناخت ڪرائي.
    • فلسفو علم جو جوهر آهي. ان کانسواءِ علم بي جان آهي.
    • تاريخ مون کي زمين جي صدين کان لڪل خزانن جي خبر ڏني.
    • آ جنهن ڳالهه کي حق سمجهان ٿو. ان کي لڪائڻ گناهه سمجهي سچ چئي ڏيڻ ۾ هٻڪان نه ٿو.
    • سادگي وڏي ۾ وڏو حسن آهي. سادگي فطرت جي ڏات آهي ۽ نمائش عيبن جو لڪائڻ آهي.
    • وقتي مصلحتن جي بنياد تي اخلاقي معيار کي ختم ڪرڻ دامشمندي نه آهي.
    • صحيح عمل، صحيح عقيدي کان وڌيڪ سودمند آهي.
    • انسان جي بهترين لياقت ۽ صلاحيت صالح اخلاق صحيح عقيدن اتحاد ۽ محبت تي منعصر آهي.
    • حياتيءَ جي هر لمحي کي قيمتي ڄاڻي. ان کي نفسياتي خواهشن کان آزاد ڪري انسانذات جي ڀلائي لاءِ ڪم آڻجي.
    • سچ اهو آهي جنهن جو اقرار ڪرڻ لاءِ سندس سخت مخالف پڻ پاڻ کي مجبور ڀانئين.
    • اسان کي وجود وڃائڻ يعني فرد کي انسانذات جي مفاد لاءِ ايثار ۽ قرباني جو سبق سيکارڻو آهي.
    • عمل صالح ڪنجي آهي. مطلوب کي پهچڻ جي.
    • صحيح ۽ اعليٰ مقصد اهي ئي ٿي سگهن ٿا. جن مان شخصي فائدي جي عيوض ملڪي ۽ قومي فائدي جو حصول ٿئي.
    • صحيح گفتگو اها ٿي سگهي ٿي. جا سچائيءَ تي مبني هوندي آهي. اها کليل ۽ خلوص واري هئڻ گهرجي.
    • انسان جيڪڏهن برو ڪم ڪري ٿو ته ان لاءِ به جواز ڳولي ٿو.
    • اهو قدرت جو قانون آهي ته هر ڪم لاءِ تنظيم ۽ تربيت جي ضرورت ٿئي ٿي.
    • سوشلزم سواءِ قوم آزاديءَ جي بي فائدي آهي.
    • آزادي حسن آهي ۽ غلامي کان وڌيڪ ٻي ڪابه بدصورتي نه آهي.
    • هر هڪ ماڻهو آزاد پيدا ٿيو آهي. ۽ آزادي سندس جنم جو حق آهي.
    • منهنجي محبت ۽ نفرت، دوستي ۽ دشمنيءَ جو مرڪز سنڌ رهي آهي ۽ رهندي.
    • قومي جذبو ۽ آزاديءَ جي خواهش. سنڌين جي روايات جو مکيه جزو پئي رهيا آهن.
    • جن جو حال درست نه آهي. ان جي روشن مستقبل جي اميد رکڻ بي سود آهي.
    • جتي سونهن آهي اتي خدا جو نور آهي.
    • حسن عشق جو ڪارڻ ۽ روح جي راحت آهي.
    • حسن خلقت ڪائنات جو محرڪ آهي.
    • جيئن گلاب جي گل سان ڪنڊا به شامل رهن ٿا. اهڙي طرح هر خوبصورت نظاري پويان بدصورتي به ڇپيل رهي ٿي.


    خليل جبران

    خليل جبران
    (1883ع، 21 آگسٽ 1931ع)

    عظيم مفڪر ۽ لبناني شاعر اهڙيون تصنيفون لکيائين جو دنيا جي قائم هجڻ تائين ماڻهن جي ذهن کي سجاڳ ڪنديون رهنديون. نيويارڪ ۾ رابطه قليمه رئيس رهيو. مصوري سان تمام چاهه هئس.
    1895ع ۾ آمريڪا هلي ويو ۽ پوءِ اتي رهيو، وطن کان پري هجڻ جي باوجود پنهنجي تاريخ عرب ثقافت، پريس ۽ وطن سان قريبي طور تي وابسطه رهيو، عورت، شادي ۽ مذهب جي باري جو انهن چيو ان کي نظرياتي راهه نه پر عملي سوچ جو آئين دار آهي. ڪافي ڪتاب ترتيب ڏنائين جو هن وقت تائين اهي ڪتاب شاهڪار ڪتابن جي فهرست ۾ اچن ٿا.

    خليل جبران

    • جلا وطني کان وطن جو قيد بهتر آهي.
    • آرزو اڌ زندگي آهي ۽ بي حسي اڌ موت.
    • فلسفو ان وقت وجود ۾ آيو جڏهن انسان زمين جي پئداوار کي کاڌو ۽ بد هضمي جو شڪار ٿيو.
    • مقتول لاءِ اهو ئي ڪافي آهي ته هو قاتل ناهي.
    • دل هميشه دماغ کي بيوقوف بڻائيندي آهي.
    • ڪنڊن کان ڊڄڻ واريون آڱريون گلن جي نرميءَ کي ڪڏهن به محسوس ڪري نه ٿيون سگهن.
    • قومي ترقيءَ ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ بد ديانتي آهي.
    • لامحدود پيار صرف پيار لاءِ ٿيندو آهي.
    • رڪاوٽن کي اورانگهڻ ئي عظمت جي نشاني آهي.
    • اهو ممڪن ناهي ته توهان ساڳئي وقت مسڪرايو به ۽ بي رحم به ٿي وڃو.
    • حقيقت ۾ سٺو ماڻهو اهو آهي. جيڪو انهن ماڻهن جو ساٿ ڏيندو آهي جن کي ماڻهو برو چوندا آهن.
    • ڪيتري قدر انڌو آهي اهو ماڻهو جيڪو پنهنجي کيسي مان ٻين جي دل خريد ڪري ٿو.
    • جيڪو ماڻهو جيترو گهڻو ڳالهائيندو آهي. ايترو ئي بي عقل هوندو آهي.
    • بغض ۽ حسد هڪ بيجان لاش آهي پوءِ توهان ۾ ڪير آهي جو ان جي قبر ٺاهڻ پسند ڪندو.


    قائد اعظم محمد علي جناح

    قائد اعظم محمد علي جناح ؒ
    (1836ع، 1948ع)

    پاڪستان جو باني ممتاز قانون دان ۽ سياست دان ڪراچي ۾ پيدا ٿيو. ۽ جديد تحقيق مطابق جهرڪ شهر ۾ پيدا ٿيو. 1896ع ۾ بيريسٽر جو امتحان پاس ڪيائين. 1905ع ۾ ڪانگريس ۾ 1913ع ۾ ملسم ليگ جو رڪن ٿيو. 1910ع ۾ چوڏنهن نقطه پيش ڪيائين جيڪي قيام پاڪستان جو باعث بڻيا 1930ع ۾ گول ميز ڪانفرنس ۾ حصو ورتائين. مارچ 1940ع ۾ ان جي صدارت ۾ قرارداد پاڪستان منظور ٿي پاڪستان جي قيام جو حصو ممڪن ٿيو. پاڪستان ٺهڻ تي گورنر جنرل بڻيو ۽ وفات تائين ان عهدي تي فائز رهيو. آخري آرام گاهه ڪراچي ۾ اٿس.

    قائد اعظم محمد علي جناح ؒ

    • جيڪڏهن ڪجهه بڻجڻ چاهيو ٿا ته هڪ لمحو به ضايع نه ڪيو.
    • اسان کي نا اميد مايوس ۽ پوئتي ٿيڻ نه گهرجي.
    • جمهوريت لاءِ مساوات ۽ رواداري جي ضروريت هوندي آهي.
    • هڪ ٻئي تي اعتماد ڪرڻ سان تعاون وڌي ٿو.
    • حڪومت جو پهريون فرض امن امان برقرار رکڻ آهي.
    • محنت ڪيو ايمانداري ۽ خلوص جي دامن کي مضبوطي سان پڪڙيو.
    • علم تلوار کان به ويڪ طاقتور آهي. ان لاءِ علم کي پنهنجي ملڪ ۾ وڌايو ڪوئي به توهان کي شڪست ڏئي نه سگهندو.
    • اسان جي نجات صرف حضور ڪريمﷺ جي اسوه حسنه تي هلڻ ۾ آهي.
    • جيڪڏهن ڪاشيءَ سٺي آهي ته اهو عين اسلام آهي.
    • سياست کي مذهب کان الڳ ڪري نٿو سگهجي.
    • مان توهان کي مصروف هئڻ جو تاڪيد ڪيان ڪم ڪم ۽ ڪم.
    • اسان کي تهذيب ۽ شرافت کي ڪڏهن به هٿ مان ڪڍڻ نه گهرجي.
    • وڏي کان وڏو ننڍي کان ننڍو اسان سڀ ملڪ جا خادم آهيون.
    • جمهوريت جو مطلب اهو آهي ته اڪثريت قانون ٺاهيندي آهي. ۽ اهو نافذ ڪندا آهن.


    ڊاڪٽر علامه محمد اقبال ؒ

    ڊاڪٽر علامه محمد اقبال ؒ
    (9 نومبر 1877ع کان 21 اپريل 1938).

    شيخ نور محمد جي گهر سيالڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. والده جو نالو امام بي بي هئس. 1930ع ۾ الله آباد ۾ تصور پاڪستان جو خاڪو پيش ڪيو. قائداعظم سان هن جي خطو ڪتابت رهي ڪيترن ڪتابن جو خالق هيو آخري آرام گاهه لاهور ۾ بادشاهي مسجد جي احاطي ۾ آهي.
    شاعر سياستدان ۽ فلاسافر، شاعري ۾ نئي روح ڦوڪيائين ۽ انڊيا جي مسلمانن ۾ سياسي شعور کي روشناس ڪرايائين تصنيفون، بانگ درا، بال جبرئيل، ضرب کليم، جاويد نامه، زبور خودي، پيام مشرق، ارمغان حجاز ۽ اسراري خودي آهن.

    ڊاڪٽر علامه محمد اقبال ؒ

    • جڏهن شاعر جي اک کليل هوندي آهي ته دنيا جي بند هوندي آهي. جڏهن شاعر اکيون هميشه لاءِ بند ڪندو آهي ته دنيا جون اکيون کلي وينديون آهن.
    • قومون فڪر کان محروم ٿي تباهه ٿي وينديون آهن.
    • عاشق تي موت حرام آهي.
    • جيڪو مسئلو انسان حل نه ڪري سگهي ان کي قدرت ڪندي آهي.
    • مصيبت جي طرح گمراهي به اڪيلي ناهي ايندي.
    • هر ماڻهون جي طبيعت آسمان سان ملندي آهي ۽ زبان زمين سان.
    • تجربي مان ثابت ٿيو آهي ته ماڻهو اخلاق ۽ ديانت جا وڏا دشمن آهن.
    • معيشت جو فڪر روح جو قاتل آهي.
    • دين جي حقيقت اها آهي ته انسان ڪوڙ ۽ حرام خوري کان پرهيز ڪري ۽ هر حال ۾ الله پاڪ جي رضا تي راضي رهي.
    • زندگي ٻين کان قرض ناهي وٺي سگهندي، ان کي پاڻ پنهنجي روح جي اندر روشن ڪرڻ جي ضرورت آهي.
    • زندگي موت جي شروعات آهي ۽ موت زندگي جو آغاز
    • جيڪڏهن انسان ٿيڻ چاهيو ٿا ته انسانيت جو احترام ڪريو.


    بقراط

    بقراط
    (377 ق م - 460 ق م)

    مشهور يوناني سائنس دان، طبابت ۾ وڏو نالو پيدا ڪيائين.

    بقراط

    • جيڪو نفس کي زنده رکڻ پسند ڪري ٿو، ان تي لازم آهي ته اهو نفس کي ماري.
    • سب کان وڌيڪ مفلس حالي وارو اهو آهي. جنهن وٽ عمل صالح نه هجي.
    • جيڪڏهن توهان کي بک گهڻو ستائي ته ان وقت ماني کائيندا ڪريو.
    • حقيقت ۾ وڏو ماڻهو اهو آهي. جنهن کي ماڻهو وڏو ماڻهو سمجهن پر هو پاڻ کي وڏو نه سمجهي.
    • ڳالهه کان سواءِ ڪڏهن کلندا نه ڪريو.
    • اسان دولت سان زال خريد ڪري سگهون ٿا. پر دوست نه.
    • وڌيڪ گرم کاڌو کائڻ. سج جي طرف ڏسڻ، مٿي تي گرم پاڻي هارڻ نشي واريون شيون استعمال ڪرڻ نظر لاءِ نقصانڪار آهن.
    • علم وڌيڪ آهن، عمر گهٽ، اهو سک جنهن سان سڀ علم اچن.
    • سٺي ڳالهه جنهن به چئي آهي اها سٺي آهي. ان کي غور سان ٻڌو.
    • اسان دولت سان نرم هنڌ خريد ڪري سگهون ٿا. پر ننڊ نه.
    • عورتن جي چوڻ تي عمل نه ڪر هميشه سک سان رهندين.
    • مايوسي انسان لاءِ سڀ کان وڏي دشمن آهي ۽ الله تعاليٰ جي طرفان عذاب آهي.
    • اسان دولت سان ڪتاب حاصل ڪري سگهون ٿا پر علم نه.
    • ڪاوڙ ڪڏهن ڪڏهن قابل کان قابل انسان کي به بيوقوف بڻائيندي آهي.
    • جنهن بيماري جو سبب معلوم هجي. ان جي شفا به موجود آهي.
    • جنهن درکان شڪ اندر داخل ٿيندو آهي ان دروازي کان محبت ۽ اعتماد ٻاهر نڪري ويندو آهي.


    شيڪسپيئر وليم

    شيڪسپيئر وليم
    (1561ع کان 1616ع)

    انگريزي زبان جو سڀ کان وڏو شاعر ۽ ڊرامه نويس شيڪسپيئر پنهنجا ڊرامه ٻين ڊرامه نويسن وانگر هي ڇا آهي؟ مان ڊرامه تيار ڪندو هو. ان جو حليو مٽائي پيش ڪندو، بلڪل نئي شيءِ معلوم ٿيندي هئي.
    انگريزي ادب ۾ شيڪسپيئر پهريون شاعر ۽ بعد ۾ اديب ڊرامه نگار آهي. ڊرامه ۽ ان جو نظم اعليٰ معيار جا آهن.

    شيڪسپيئر

    • جيڪو شخص پيار جي نظر کي نه ٿو سمجهي، اهو زماني جي ٺوڪرن ۾ رهندو آهي.
    • مٺي زبان هزارين دشمنن کان بچائي ٿي.
    • سڀ کان وڌيڪ ان کي ملندو آهي. جيڪو مطمئن آهي.
    • محبت اکين سان نه، پر دل سان ڏسندي آهي، انهيءَ ڪري محبت جي ديوتا کي انڌو چيو ويندو آهي.
    • دوست جي ڪيفيت تي غور ڪرڻ ان سان نيڪي آهي.
    • دنيا ۾ سڀ کان خطرناڪ ڪاوڙ جوانيءَ جي آهي.
    • توهان کي ڇا گهرجي؟ جيڪو ڪجهه گهرجي، اهو تلوار جي طاقت بدران مرڪ سان حاصل ڪريو.
    • شرم جي ڪشش حسن کان وڌيڪ هوندي آهي.
    • انسان کي پنهنجي موت تائين جدوجهد ڪرڻ گهرجي.
    • پنهنجي خيالن کي جيل خانو نه بڻايو.
    • منهنجو يقين آهي، فڪر انساني زندگيءَ جو دشمن آهي.
    • توهان جو عقل ئي توهان جو استاد آهي.
    • هر چمڪڻ واري شيءِ سون ناهي هوندي.
    • زندگي هر شخص کي پياري آهي ليڪن بهادر انسان جي لاءِ عزت زندگي کان وڌيڪ پياري آهي.
    • هر مقصد ۾ الله تعاليٰ جي وڏائي، ملڪ جي ڀلائي ۽ حق جي تلاش کي مدنظر رکو.
    • دلين کي فتح ڪرڻ لاءِ تلوارن جي ضرورت ناهي بلڪه عمل جي ضرورت هوندي آهي.


    مولانا ابو الڪلام آزاد

    مولانا ابو الڪلام آزاد

    ڄم 1888ع وفات 1958ع اصل نالو محي الدين احمد، مولانا ابو الڪلام آزاد انڊين سابق وزير تعليم انڊيا. مصنف ۽ مترجم قرآن پاڪ آهي. نيشنل ڪانگريس جو ستون مسلمان صدر ۽ سڀ کان ننڍي ڄمار ۾ ڀارت جي صدارت ماڻيندڙ عالم هيو. هو آخر تائين ورهاڱي جي خلاف هيو.

    مولانا ابو الڪلام آزاد

    • زندگي نه ڀڙڪو کائڻ جو نالو آهي. نه وسامي وڃڻ جو زندگي نالو آهي، دکيل رهڻ جو.
    • دنيا جا سڀئي مذهب حق تي آهن. پر مذهبن جا پيروڪار حق کان ڦري ويا آهن.
    • ناداني ۽ ناعاقبت انديشي سدائين زوال پذير طاقتن جي ساٿي هوندي آهي.
    • جيڪڏهن قيدين کي پنهنجي ووٽ سان پنهنجو جيلر چونڊجڻ جو حق ملي وڃي ته ان سان اهي آزادنه ٿي ويندا.
    • انسانن جي بد عمليءَ جي ڪري تعليم جي حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي.
    • آزاديءَ جو ٻج تيستائين انگور جي نٿو سگهي جيستائين ظلم جي پاڻيءَ سان ان جي آبياري نه ٿئي.
    • جڏهن به انصاف ۽ نا انصافيءَ جي وچ ۾ مقابلو ٿيندو ته آخري فتح انصاف جي ئي حصي ۾ ايندي.
    • دنيا اميدن ۽ آرزوئن جي نه پر حقيقتن ۽ نتيجن جي جاءِ آهي.
    • خدا جي آواز کان پوءِ جيڪو سڀ کان وڏو آواز ٿي سگهي ٿو سا محمد ﷺ جي زبان هئي.
    • دنيا ۾ هر فڪر ۽ هر عمل لاءِ ٻه ئي رستا آهن. هڪڙو رستو اميد جو ۽ ٻيو نااميديءَ جو.
    • قانون بلڪل بيڪار آهي، جيڪڏهن ڪائي نافذ ڪرڻ واري طاقت ڪانهي.
    • جاهليت جو ٻيو نالو تفرقو آهي ۽ اسلام جو ٻيو نالو جماعت ۽ لازمي طرح جماعت آهي.
    • آزاديءَ جي طالبن لاءِ پهرين منزل زندان ۽ قيد جي ئي آهي.
    • توهان جي اڳيان همت جي گهٽتائي جو نالو تقدير آهي.
    • خنجر لوهه جي ٻن پاسن واري تلوار کان وڌيڪ خطرناڪ آهي.
    • اڌ کان وڌيڪ وعدا عمومًا ناقابل اعتماد هوندا آهن.
    • هر انسان، انسان هئڻ جي ناتي انسان آهي توڙي جو، اهو مٿي تي تاج ۽ هٿ ۾ حڪومت جي ڇا؟ رکندو هجي.


    سيد صبغت الله شاهه شهيد

    سيد صبغت الله شاهه شهيد
    (1909ع کان 1943ع )

    پير صبغت شاهه ٻيو 1909ع ۾ پيدا ٿيو. 1922ع ۾ چوڏهن سالن جي عمر ۾ گادي نشين ٿيو. پير سائين سورهيه بادشاهه کي 28 آگسٽ 1930ع تي 8 سال سزا ٻڌائي ويئي. ۽ پير صاحب کي هندستان جي مختلف جيلن ۾ رکيو ويو. الد جو نالو شاهه مردان شاهه 25 نومبر 1936ع تي پير صبغت الله شاهه کي هندستان ۾ قيد ڪيو. ڦاسي واري سزا تي 20 مارچ 1943ع تي عمل ڪيو ويو.

    سورهيه بادشاهه

    • شهادت اسان جو تاج آهي، اڳتي وڌي ان کي پائڻ عبادت آهي.
    • قيد جا بند ڀڄو، مدد گهرندڙ جي مدد ڪريو ۽ بکايل کي کارايو.
    • دشمن کي فرصت نه ڏجي، جيترو ٿي سگهي اوترو جلد کپائجيس.
    • هٿيار ڌارڻ مڙس جو ڪم آهي.
    • دشمن کان وير ضرور وٺجي ته جيئن ٻيهر ڪنهن کي جرئت نه ٿئي.
    • جيڪو به اوهان مان راءِ ڏياچ بڻجي اهو پنهنجو سر هٿن سان ڪپي، ٿالهه ۾ رکي اسان کي ڏيڻ لاءِ تيار ٿئي.
    • آزادي ڪڏهن به خيرات ۾ نه ملندي آهي.
    • غلام بڻجي جيئڻ کان لاش بڻجڻ (مري وڃڻ) هزاربار بهتر آهي.
    • مرد سڄي عمر ۾ هڪ دفعو مرندو آهي. ۽ بيغرت ڏينهن ۾ ڏهه ڀيرا پيو مرندو آهي.
    • جيڪڏهن اسان جي قسمت م شهادت لکيل هوندي ته سڀ اسان کي مرڪندي موڪلائيندي ڏسندا.
    • معافي نامن تي دستخط ڪرڻ وارا ڪڏهن به انقلابي تحريڪون هلائي نٿا سگهن.
    • انسان آزاد پيدا ٿيو آهي ۽ آزاديءَ سان رهڻ هن جو جنمي حق آهي. اهو حق هن جو خطرن سان ايئن ڳنڍيل آهي جيئن رڳن ۾ رت ڦڦڙن ۾ ساهه ۽ دماغ ۾ هوش هوندو آهي.
    • قوم ۽ ديس جي دشمن خلاف جهاد ڪرڻ عين عبادت آهي انگريزي حاڪمن خلاف وطن يا ڪفن آزادي يا موت جو نظريو نظر ۾ رکي دشمن سان مرد ٿي مقابلو ڪجي.
    • ڪوڙ ڳالهائيندڙ هميشه خوار رهندو ۽ سچ ڳالهائيندڙ سدائين سرخرو رهندو.
    • بهادر انسان اهو آهي جيڪو پنهنجي نفس تي ڪنٽرول ڪري.
    • غلط ڪمن کان پاسو ڪيو ڇو ته غلط ڪمن ۾ ڀلائي نه آهي.
    • ظالم حڪمرانن آڏو ڪڏهن به نه جهڪبو.
    • حرص ۽ لالچ نه ڪريو. مرد جو ڪم آهي ته لالچ کان پري رهي.
    • سادگيءَ سان زندگي گذاريو ۽ پاڙيسرين سان سٺو ورتاءُ ڪريو.
    • ڪڏهن به سچين ڳالهين ۽ سچ ڳالهائيندڙ مٿان ڪاوڙ نه ڪريو.
    • علم پرايو ۽ باعزت زندگي گذاريو. غريبن تي رحم ڪرڻ سٺي ڳالهه آهي.
    • ڪوڙي تي خدا جي لعنت هوندي آهي.
    • نمازون پڙهو، روزا رکو، غريبن تي ظلم نه ڪريو.
    • شراب جوا ۽ حرامخوريءَ کان پري رهو.
    • هزارين سالن جي عبادت هڪ گناهه جي مقابلي ۾ گهٽ آهي. مطلب ته گناهن کان پري ڀڄو ۽ گناهن کان نفرت ڪريو.


    مهان ڪوي شيخ اياز

    مهان ڪوي شيخ اياز
    (1923ع کان 1997ع)

    نالو مبارڪ علي، ادبي نالو شيخ اياز پيءُ جو نالو شيخ غلام حسين شاديون (1) 1948ع ۽ 1955ع شاعريءَ جي شروعات ڏهن يارهن سالن جي عمر کان، ڪهاڻيءَ جي شروعات، سورنهن، سترن سالن کان، ڄاڻندڙ ٻوليون، سنڌي، اردو، هندي، فارسي، پنجابي، انگريزي. رهائشون، شڪارپور جيڪا جنم ڀومي هئس ۽ پوءِ سکر ۽ ڪراچي ۾ رهيو.
    شيخ اياز کي 3 دفعا گرفتار ڪيو ويو ۽ 3 ڪتاب ضبط ڪيا ويا. ڀؤنر ڀري آڪاس ٻيو ڪلهي پاتم ڪينرو ٽيون جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي . جيل ۾ لکيل ڪتاب، ساهيوال جيل جي ڊائري ڪپر ٿو ڪن ڪري. وڻندڙ سنڌي ڪتاب، قديم سنڌ ڀيرومل نثر، شاهه جو رسالو. نظم.
    فارسي استاد – مولوي عبدالغفور
    ادبي استاد – کيئل داس فاني
    تدريسي استاد – هاسانند پرسواڻي
    زندگيءَ تي گهرو اثر – حشو ڪيو لراماڻي.
    شاعريءَ جي تخليق وقت – محويت ۽ جذب ڪيفيت شاعريءَ ۾ ترجيح – نظم کي وڻندڙ صنف بيت ۽ نظم وڪالت جي پيشيءَ کان ڪنهن حد تائين مطمعن هيو. شاعري جن ٻولين ۾ ترجمو ٿيس – انگريزي، اردو، سرائڪي، جرمن گريڪ، روسي، پنجابي.

    مهمان ڪوي شيخ اياز

    • تون ڪائنات کي سمجهڻ ڇوٿو چاهين ڪٿي اهو توکي ٻه اڌ ڪري نه ڇڏي.
    • رڳو سوئر کي وڄ ٿيندا آهن ڇا؟ ماڻهوءَ جا وڄ ان کان به تکا آهن رڳو توکي نظر نه ٿا اچن.
    • ڀائپي، دوستي سڀ ٺيڪ، گستاخي چڱي نه آهي.
    • عورت جي وڏي ۾ وڏي خوبصورتي هن جي سچائي آهي.
    • ايتريءَ حد تائين ڪنهن سان گستاخ نه ٿيءُ جو اها حد اورانگي نه سگهين.
    • ساڙ جون اکيون پيليون آهن. انهيءَ ڪامڻ جو ڪو علاج نه آهي.
    • ماڻهن کي عقل هوڙ ويهارو ورهين کان پوءِ نڪرندو آهي، ڪنهن ڪنهن قوم کي پنهنجيءَ تباهيءَ کان اڳ عقل هوڙ نه نڪرندي آهي.
    • موت ته هر ڪنهن کي ماري ٿو ڇڏي، افسوس آهي انهن تي جن کي زندگي ماري ٿي ڇڏي.
    • هر مرض جو آخري علاج موت آهي.
    • ڇت تي ڪرڙي پاڻ کي سڀ کان اوچو ٿي سمجهي!
    • چوندا آهن ته گڏهه هينگ ڪندو آهي ته شينهن کان ڇرڪ نڪري ويندو آهي.
    • هن قوم جو پٽڪو نه ٿي، جتي ٿيءُ، پٽڪو لاهيندي اها ويرم نه ڪندي.
    • تون جيترو موت کان ڊڄين ٿو ان کان وڌيڪ مان زندگيءَ کان ڊڄان ٿو.
    • جي سنڌ ڪڏهن اٿي ته توکان ساري تاريخ جو بدلو وٺندي.
    • سڀ دشمن حرامي نه ٿيندا آهن، سڀ دوست حلالي نه ٿيندا آهن.
    • تون سمجهين ٿو ته هر ڪنهن کي ٺگي سگهندين موت کي نه!
    • مجاز هر حقيقت کان وڌيڪ خوبصورت آهي.
    • لفظ ڪنهن جو وجود به ثابت نه ٿا ڪري سگهن هو نيٺ “ڪجهه به نه” ۾ شامل ئي ٿي وڃي ٿو. انهيءَ اپار مايا ۾ جا اسان جي سمجهه کان مٿي آهي.
    • چنڊ ڀلي سمجهي ته هو آسمان تي آهي. چشمي ۾ هو ڪارونجهر جي پيرن ۾ هوندو آهي.
    • افسوس انهيءَ موتيءَ تي، جنهن کي هنس نه چڳيو آهي.
    • ڇا مجاز حقيقت جي پل آهي. مجاز ته اهو درياهه آهي. جنهن ڪيئي پليون لوڙهي ڇڏيون آهن.
    • اي ازلي حقيقت! جي تون هن عورت جيتري خوبصورت آهين ته تون مون کان جدا ڇو ٿي هئينءَ؟
    • تنهنجو شڪر آهي منهنجا رب! اڄ مون کي اڌ ماني ۽ پورو ڪتاب نصيب ٿيو آهي.
    • يا خدا مون کي نانگ کان ڏنگاءِ، ڪنهن همعصر سان نه ملاءِ.
    • جي تو ماڻهو اکين مان نه سڃاتو ته هن کي ڪڏهن به سڃاڻي نه سگهندين.
    • تون تقدير کان بچي ويندين، تون ايڏو ڏاهو آهين.
    • اندر جا ڪارا انسان! تنهنجا اڇا وار مون کي ٺڳي نه ٿا سگهن.
    • منهنجيءَ دل ۾ ايترو پيار آهي جو ان ۾ ساڙ جي لاءِ ڪائي جاءِ نه آهي.
    • مون کي تولاءِ نفرت ڪٿي آهي؟ رڳو جيئرن جي فهرست مان تنهنجو نالو ڪٽي ڇڏيو اٿم.
    • تون سمجهيو آهي ته خدا جي رسيءَ کي مظبوطيءَ سان جهليو آهي! تنهنجو هٿ ته ڦاسيءَ جي ڦندي ۾ آهي جو تنهنجي ڳچيءَ ۾ پيو آهي.
    • محبت اهو گل آهي، جو ڇڻي ٻيهر نه ڦٽندو آهي.
    • ڇا ڪتو ايترو برو آهي؟ ماڻهوءَ کان ويو!
    • موت هڪ اونداهي سرنگهه آهي. جنهن جي ٻئي پاسي روشني ئي روشني آهي.
    • تون سنڌ ۾ ڀٽائيءَ کان وڏو شاعر ڏسڻ چاهين ٿو؟ توکي اکيون آهن؟
    • تون چاهين ٿو ته مان اهو ڪجهه لکان جو تنهنجي سمجهه ۾ اچي سگهي، پهريون پاڻ کان پڇ ته توکي سمجهه آهي سهي!
    • سياست ۽ سچ ٻه متضاد شيون آهن.
    • سچا ماڻهو سياست ۾ ورلي ايندا آهن. سياسي ماڻهو سچا ورلي ٿيندا آهن.
    • سچ سراڻ وانگر آهي، تون ڪيستائين زندگيءَ کي مڏي چاقونءَ وانگر بند ڪري رکندين؟
    • ڇا تون پنهنجي ڪفن ۾ ڪيڙا ڏٺا آهن؟ توکي چڪ وجهي ڪيڏو نه ڇرڪي رهيا آهن؟
    • مان ڄاريءَ ۾ ٻيهر اچان! تو پنهنجو ڄار ڏٺو آهي؟ هنڌان هنڌان ڦاٽو پيو آهي.
    • موت اهو ڌاڙيل آهي جو توکي ڌاڙ ڌاڙ ڪرڻ جو وجهه به نه ڏيندو.
    • تون پهرين پنهنجي پاڙيسريءَ سان ته چڱو هل! انسان ذات ته وڏي ڳالهه آهي.
    • ماڻهوءَ جي پِٽَ گوليءَ وانگر آهي جا بندوق ۾ واپس اچي نه سگهندي.
    • ٻين کي ماڻهپو سيکارڻ وارا! ڇا تون پاڻ کي ماڻهو ڪري سگهيو آهين؟
    • هو توکي ڏسي سڙي رهيو آهي. ڀلي سڙي آخر باهه تنهنجي ته نه آهي، هن جي پنهنجي آهي!
    • ڏينهن ۽ رات ٻه پکي آهن. جي سج ۽ چنڊ جا آنا لاهي اڏامي ويندا آهن.
    • هي دونهين جا بادل آهن يا گهٽائون آهن. انسان! فطرت سان ڪيڏو نه کوئنسي رهيو آهين!
    • سنڌ جا سپوت! ڇا تو انهيءَ جو تعين ڪيو آهي ته سنڌي ڪنهن کي ٿو ڪوٺين؟


    مددي ڪتاب

    o مسلم شريف – مسلم بن حجاج تشيري مطبوعہ اصح المطابع ڪراچي.
    o نسائي.
    o مسند احمد.
    o صحيح بخاري شريف – محمد بن اسماعيل بخاري مطبوعہ اصح المطابع ڪراچي.
    o مشڪوات المصابيح – ولي الدين محمد بن عبدالله الخطيب ڪراچي.
    o المستدرڪ حاڪم – محمد عبدالله – الحاڪم انيشا بوري – بيروت بنان.
    o طبراني.
    o ترمذي شريف – محمد بن عيسيٰ بن سورة الترمذي – سعيد – ايم.ايڇ ڪراچي.
    o ابو دائود.
    o بيهقي شريف.
    o مؤطا امام مالڪ
    o جنرل ناليج – انسائيڪلو پيڊيا – زاهد حسين انجم – جهانگير لاهور.
    o خزينه اقوال زرين – محمد الياس عادل لاهور
    o عظيم شخصيات کي عظيم اقوال محمد الياس عادل لاهور.
    o ڪون ڪياهي – 2002 – ٽي.ايم- ڏوگر – لاهور.
    o حرف حرف هڳاءُ – مرتضيٰ سيال – سنڌيڪا اڪيڊمي.
    o پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زبان، جي.ايم سيد، روشني پبليڪيشن.
    o شهيد انا الحق، حسين بن منصور حلاج، غفار ڀٽو، علي مرتضيٰ پبليڪيشن ڪراچي.
    o حرگوريلا جنگ، ايڇ. ٽي لئمبرڪ، عطا محمد ڀنڀرو، روشني پبليڪيشن.
    o ٻه ماهي قلمڪار، مهينا، ڊسمبر، جنوري 2010-2011.
    o گلستان، شيخ سعدي شيرازي.
    o حر تحريڪ ۽ سوريه بادشاهه، منصور قادر جوڻيجو، ساگر پبلشنگ هائوس.
    o ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو! سهيل ميمڻ، جي.ايم سيد فائونڊيشن.
    o جيئم جا قول، وحيد ڪلوڙ، رياض شيخ، سهيل ميمڻ.
    o ڇا ته شخص هو. عبدالواحد آريسر، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو.
    o هرڻ اکي ڪيڏانهن، شيخ اياز.
    o سر لوهيڙا ڳڀٻا، شيخ اياز.
    o تاريخ و تعريف تصوف ۽ تذڪره علماءِ تصوف، نجي الله عباسي.


    آخری پںو


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 493
    ڪتابن جو مشاهدو: 469391
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 188206
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ