ڪتاب جو نالو: شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو
مصنف: غلام شبير پيراهين
ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
ڪيٽيگري: لطيفيات
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 25 جنوري 2017 ع
پڙهيو ويو: 1439 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 438 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو“ تحقيق تي مبني ڪتاب آهي جنهن جو ليکڪ غلام شبير پيراهين آهي.
”شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو“ ۾ جُملي (52) بزرگ شاعرن جي مواد کي جمع ڪرڻ ۾ ڪافي مستند ڪتابن ۽ (ph.d) ٿيسز کي سامهون رکيو ويو آهي. جيئن ڪٿي ڪا غلطي جي گنجائش نه رهي سگهي. ڪو به تحقيقي ڪم ”حرف آخر“ ناهي هوندو. پر پوءِ به ”راقم“ هر وجه هر ممڪن ڪوشش ڪري صحيح ۽ مستند مواد ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • سنڌ سلامت پاران
  • انتساب
  • اداري پاران
  • ليکڪ پاران
  • مهاڳ : غلام رسول اڪرم سومرو
  • ٻه اکر : ڪريم بخش چنا
  • لطيفي فڪر جو پيروڪار : علي حسن سرڪي
  • ليکڪ جو تعارف : غلام فريد پيراهين
  • باب پهريون ”شهنشاهه لطيف ؓ “

  • شهنشاهه لطيف جي سوانع تي هڪ نظر
  • شاهه حبيب جي شادي
  • شاهه حبيب جو ڪوٽڙي لڏي اچڻ
  • شهنشاهه لطيف ؓ جو استاد وٽ پڙهڻ
  • ”شهنشاهه لطيف ؓ جي دُعا ڪرڻ:“
  • شهنشاهه لطيف ؓ جو سير سفر واور دور
  • شهنشاهه لطيف ؓ جي شادي
  • ”شهنشاهه لطيف ؓ جو ڀٽ تي رهڻ:“
  • ” شاهه حبيب جي وفات“
  • مخدوم محمد معين ٺٽوي جي جنازي نماز پڙهائڻ
  • ”شهنشاهه لطيف ؓ جي وفات“
  • شهنشاهه لطيف ؓ جا گادي نشين

  • 1. سيد جمال شاهه ”درگاهه ڀٽائي جو پهريون گادي نشين“
  • 2. سيد قائم شاهه
  • 3. سيد قائم الدين شاهه
  • 4. سيد لطف علي شاهه (اول)
  • 5. سيد علي بخش شاهه (اول)
  • 6. سيد الله بخش شاهه
  • 7. سيد لطف شاهه علي شاهه (ثاني)
  • 8. پير علي بخش شاهه علڻ سائين (1288هه _ 1352هه)
  • 9. پير ميان شاهه ڏنو
  • 10. سيد الله بخش شاهه المعروف سيد غلام شبير شاهه
  • 11. سيد نثار حسين شاهه (ڀٽائي) (1366هه _ 1436هه)
  • 12. سيد وقار حسين شاهه
  • ”شهنشاهه لطيف جي رسالي جا ناياب بيت“
  • باب ٻيون : شهنشاهه لطيف کان اڳ جا بزرگ شاعر

  • حضرت فريد الدين عطار رح (513هه_ 627هه)
  • حضرت خواجه معين الدين چشتي اجميري رح ( 536هه _ 633هه)
  • سلطان سخي سرور (وفات _ 512 هجري)
  • حضرت شيخ جلاالدين تبريزي رح (560 هه _ 642 هه)
  • بابا فريد (گنج شڪر) 569 هه _ 664 هه)
  • حضرت شيخ جمال الدين هانسوي رحمته الله عليه (583 هه _ 659 هه)
  • حضرت علاو الدين احمد صابر رحه (529 هه _ 690 هه)
  • حضرت شاهه صدرالدين عارف رحمته الله عليه (621 هه _ 684 هه)
  • حضرت خواجه نظام الدين اولياءَ رح (636 هه _ 725 هه)
  • حضرت سيد جلال الدين بخاري المعروف (مخدوم جهانيان) (707 هه _ 788 هه)
  • حضرت سيد محمد گيسو دراز رحمته الله عليه (721 هه _ 825 هه)
  • سنڌي ٻولي جو پهريون شاعر ”قاضي قاضن“ (870 هه _ 958 هه)
  • حضرت شيخ سليم چشتي رحمته الله عليه (884 هه _ 979 هه)
  • حضرت مخدوم نوح سرور هالائي (911 هه_ 998هه)
  • شاهه خير الدين عرف جيئي شاهه سکر وارو (911 هه _ 1027 هه)
  • حضرت ميان مير رحمته الله عليه ( 938 هه _ 1045 هه)
  • سيد حيدر شاهه حقاني ”رضوي“ (915 هه _ 1039 هه)
  • حضرت شاهه عبدالڪريم بُلڙي وارو (944 هه _ 1032 /هه)
  • حضرت شاهه حسين رحمته الله عليه (945 هه _ 1008 هه)
  • حضرت مجدد الف ثاني (971 هه _ 1034 هه)
  • شاهه لطف الله قادري (1020 هه _ 1090 هه)
  • باب ٽيون : شهنشاهه لطيف جي دؤر جا بزرگ شاعر

  • بُلي شاهه (1091هه – 1199هه)
  • مخدوم محمد معين ٺٽوي رحه (1093هه- 1161هه)
  • ميون محمد مبين چوٽياروي (1100هه- 1196هه)
  • ميان صاحبڏنو فاروقي (1101هه-1192هه)
  • مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحه (1104هه-1174هه)
  • شاهه ولي الله رحمة الله عليه (1114هه-1176هه)
  • سيد محمد صالح شاهه: ”لوءِ صاحبان وارو“ (1122هه-1182هه)
  • سلطان الاولياءَ، خواجه محمد زمان لنواري وارو (1125هه- 1188هه)
  • صوفي سلام الله شاهه ”ٿر ڌڻي“ (1130هه-1183هه)
  • حضرت پير سيد وارث شاهه رحه (1130هه- 1199هه)
  • مخدوم عبدالله نرئي وارو (1150هه-37/ 1236هه)
  • شهيد مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي رحه (1152هه-1192)
  • باب چوٿون : شهنشاهه لطيف کان پوءِ جا بزرگ شاعر

  • مهراڻي جو مير سيد راضي شاهه ”لڪياري“ (1167هه-1260هه)
  • حضرت سيد محمد راشد (روضي ڌڻي) جيلاني رحه (1170هه- 1233هه)
  • حضرت سيد محمد حسن شاهه جيلاني (1193هه- 1253هه)
  • پير محمد اشرف شاهه (ڪامارو شريف) (1214هه- 1277هه)
  • سائين بچل شاهه (1222هه-1321هه)
  • خوش خير محمد فقير هيسباڻي (1224هه-1294هه)
  • قادر بخش ”بيدل“ (1230هه- 1289هه)
  • حضرت حافظ محمد صديق رحه (ڀرچونڊي شريف) (1234هه-1308هه)
  • حضرت مولانا سيد تاج محمد امروٽي رحه (1260هه- 1343هه)
  • خواجه غلام فريد (سرائڪي بزرگ شاعر) (1261هه-1319هه)
  • صوفي رکيل شاهه (1262هه-1359هه)
  • حضرت پير سيد مهر علي شاهه رحه (1275هه- 1354هه)
  • محمد محسن بيڪس (1275هه- 1298هه)
  • حضرت مولانا احمد سائين (خانڳڙهه شريف) (1290هه-1352هه)
  • محمد فقير کٽياڻ (1292هه-1360هه)
  • محمد فقير گهوٽو (1298هه-1380هه)
  • صوفي فقير جانڻ چن سائين (1312هه-1416هه)
  • چيزل شاهه (1332هه- 1404هه)
  • باب پنجون : مضمون ۽ مقالا

  • مضمون ۽ مقالا
  • سمبارا پبليڪيشن جا شايع ٿيل ڪتاب

  • حق ۽ واسطا

    هن ڪتاب جا حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو
    موضوع: تحقيق
    ليکڪ: غلام شبير پيراهين
    ڇاپو پهريون: ڊسمبر 2016ع
    ڪمپوزنگ/لي آئوٽ: شاهزيب ميمڻ/عبداللطيف ڪُڙيو
    ٽائيٽل: رضوان گل
    ڇپائيندڙ: پيراهين اڪيڊمي ميرپورماٿيلو
    ڇپيندڙ: سمبارا پبليڪيشن
    سيد آرڪيڊ آفيس نمبر 8 عبرت گهٽي گاڏي کاتو حيدرآباد
    03003513966
    مُلهه: 300 روپيا

    SEHNSAHAH LATIF AIN BUZRIG SHAIRAN JO TAZKRO
    (Reserch)
    By: Ghulam Shabir Pirahin
    Sambara Publication Hyderabad
    03003513966

    ڪتاب ملڻ جا هنڌ:
    ڀٽائي ڪتاب گهر حيدرآباد،. فڪشن هائوس حيدرآباد، ادبي بورڊ بڪ اسٽال تلڪ چاڙهي حيدرآباد، قليچ ڪتاب گهر سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد، ڪنگ پن بڪ هائوس پريس ڪلب حيدرآباد، ڪامريڊ بڪ اسٽال ڄامشورو. رابيل ڪتاب ڀٽائي ڪتاب گهر حيدرآباد،. فڪشن هائوس حيدرآباد، ادبي بورڊ بڪ اسٽال تلڪ چاڙهي حيدرآباد، قليچ ڪتاب گهر سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد، ڪنگ پن بڪ هائوس پريس ڪلب حيدرآباد، ڪامريڊ بڪ اسٽال ڄامشورو. رابيل ڪتاب گهر لاڙڪاڻو، مهراڻ ڪتاب گهر لاڙڪاڻو. وسيم ڪتاب گهر شڪارپور، سنڌيڪا ڪتاب گهر سکر. تهذيب بڪ اسٽور خيرپور ميرس، ٿر ڪتاب گهر مٺي. الفتح نيوز ايجنسي سکر.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (329) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو“ تحقيق تي مبني ڪتاب آهي جنهن جو ليکڪ غلام شبير پيراهين آهي.
    ”شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو“ ۾ جُملي (52) بزرگ شاعرن جي مواد کي جمع ڪرڻ ۾ ڪافي مستند ڪتابن ۽ (ph.d) ٿيسز کي سامهون رکيو ويو آهي. جيئن ڪٿي ڪا غلطي جي گنجائش نه رهي سگهي. ڪو به تحقيقي ڪم ”حرف آخر“ ناهي هوندو. پر پوءِ به ”راقم“ هر وجه هر ممڪن ڪوشش ڪري صحيح ۽ مستند مواد ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
    هي ڪتاب سمبارا پبليڪيشن حيدر آباد پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري دوست ساجد سنڌيءَ جا جنهن سمبارا پبليڪيشن پاران ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي، ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    انتساب

    سنڌ جي عظيم تاريخدان مؤرخ ۽ محقق پير حسام الدين شاهه راشدي جي اسم گرامي سان پنهنجي هي تحقيق منسوب ڪريان ٿو. جنهن بنيادي ماخذن کي فارسي زبان مان سنڌي ۾ آڻي سنڌي ادب ۽ تاريخ ۾ بي پناهه واڌارو ۽ سڌارو آندو.

    الله جِن نالوءِ، تِئن مُون وڏو آسرو،
    خالِق! تُنهنجي کاندِ جو، پَرو پاندُ نه ڪوءِ،
    نالو، رَبُ! سَندوءِ، رَهِيو آهِمِ روح ۾.
    (سُر ڏهر)




    غلام شبير پيراهين


    اداري پاران

    جتي شهنشاهه لطيف جا پارکو ۽ پروانا اڄ به سندس بيتن ۾ موجود هزارهان لفظن جي گهرائي ۾ معنيٰ خيزي ماپڻ لاءِ ڪوشان آهن، اتي لطيف سرڪار جي فن ۽ فڪر جو ڇيد ڪرڻ جي سگهه کان بي نياز نقاد هوائن ۾ هنبوشيون هڻڻ واري مشق ۾ اڄ به مصروف عمل آهن.شاهه جي فڪري پهلوئن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ وارا ذهن ۽ متلاشي اکيون وت آهر وندر طور سوچ ۽ ويچار سان پنهنجن خيالن جي خوشبوءَ کي پنن تي پٿارڻ جي جستجو ۾ مگن نظر اچن ٿا پر انهن مشڪل رستن کان نا آشنا ڪي عشاق لطيفي رمز ۾ رڱجي پنهنجو نانءُ ڄڻ ته يوسف جي خريدارن ۾ لکرائي پنهنجي موجودگيءَ جو احساس ڏيارين ٿا، لطيفي جي اهڙن سچن عاشقن ۽ پيروڪارن ۾ غلام شبير پيراهين جا پنڌ ۽ پيچرا به قابل داد ۽ عقيدتمندن جون اکيون ٿڌيون ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن.
    شاهه لطيف جي شاعري ۽ سندس زندگيءَ جي واقعن ۽ وارتائن کي مختلف حوالن سان گڏ سهيڙي غلام شبير پيراهين اڪيلي سر لطيفي ادب کي لڳاتار 3 ڪتاب ڏنا آهن، جيڪو سندس شهنشاهه لطيف سان جنوني لڳاءَ ۽ عقيدت جو ڀرپور اظهار آهي، ڪتابن سان بي تحاشه چاهه رکندڙ هن فقير منش جاکوڙي ليکڪ فقط شاهه جي شيدائي جو ئي ٿيڻ ڇو چاهيو ، اهو به هڪ الڳ داستان ٿي سگهي ٿو، پر جهڙي نموني غلام شبير پيراهين پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ آڌار شاهه جي پيغام جي پرچار ڪري رهيو آهي، اها يقينن کيس اهڙي ماڳ تائين ضرور رسائيندي جتي متوالن لاءِ موکيءَ جا مٽ پلٽجندي ڪا ويرم نه لڳندي آهي، اسان جي دعا جا گل به غلام شبير پيراهين لاءِ هميشه جيان ٽڙندا رهندا ته جيئن هو اسان کي اڃان به لطيفي رنگ جا نوان رخ پسائيندو رهي.

    ساجد سنڌي
    سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
    03003513966


    ليکڪ پاران

    پاڇاهِي نهَ پاڙِيان، سَرتيونُ سُئيءَ ساڻُ
    ڍَڪي اُگهاڙن کي، ڪِينَ ڍَڪيائيِن پاڻُ،
    ٻِيهَر ڄاپِي ڄاڻُ، اِبَر جي اوصاف کي،

    شروع پالڻهار جي نالي سان جنهن زمين ۽ آسمان کي جوڙيو. سج ۽ چنڊ کي روشني عطا ڪئي. ڏينهن کي انسان جو وسيلو بڻائي. رات کي سڪون جو مسڪن بڻايو. ڏينهن کي مهينن ۾ ۽ مهينن کي سالن ۾ سفر جو ساٿي بڻائي. هڪ اهڙي تاريخ کي جنم ڏنو. جو اها تاريخ قبل مسيح کان هجري سن ۽ عيسوي سالن جوويس ڍڪي، اڄ تائين روشن مثال قائم ڪيو آهي. جو تاحيات قائم و دائم رهندو.
    ترتيب ڏنل پهرين ڪتاب ”شاهه لطيف تاريخ جي آئيني ۾“ به شهنشهاهه لطيف جي ڄمڻ کان وفات تائين. هم عصر بزرگ شاعرن سان روح رهاڻين تائين، سير تفريح جي سفر تائين ۽ چيل ڪلام جي ڪلياڻ کان بلاول تائين ترتيب ڏنل مواد. 2008 ع ۾ جيئن ئي ڇپجي منظر عام تي آيو. ته دل وارن دوستن، ڏات ڌڻين، قلمڪارن شامل مواد کي ساراهيو. پسند ڪيو. ۽ نيڪ مشورن کان آگاهه به ڪيو.
    هن ڏکئي دور ۾ ڪتاب کي ترتيب ڏيڻ کان پوءِ ڇپرائڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي. پورا ست سال گذرڻ بعد. دوستن جي پراسرار خواهش تي قلم کڻي ٻيئن ڪتاب؛ ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي، شخصيتون ۽ درسگاهون“ کي ترتيب ڏنو. جو 2015ع ۾ دوستن جي دعائن سان ڇپجي مارڪيٽ ۾ پهتو. ته ڪافي دوستن، ڏات ڏيڻن، ليکڪن، اديبن شاعرن جي مليل مانائتي موٽ وڌيڪ اُتساهه ڏنو. شهنشاهه لطيف متعلق مواد. ۽ بزرگ ۽ هم عصر شاعرن تي شامل مواد کي تمام گهڻو ساراهيو ويو. ۽ ڪافي دوستن ”بزرگ شاعرن“ تي لکڻ لاءِ زور به ڀريو.
    پهريان ڪتاب ۾ آيل بزرگ شاعرن ۾ حضرت عبداللطيف ڀٽائي (1102هه_ 1165هه) حضرت سچل سرمست (1152هه _ 1242هه) حضرت قلندر لعل شهباز (538هه _ 673هه) صوفي شاهه عنايت شهيد ( 1065هه _ 1130هه) روحل فقير (1146هه _ 1219هه) سيد موسيٰ شاهه (وفات 1173هه) سيد حاجن شاهه ( ماڙي شڪارپور) 1367هه _ 1434هه) سيد شاهه مردان شاهه ثاني (ڇٽ ڌڻي) 1347هه _ 1434هه) سيد انور شاهه ”جهان پور شريف“ (1324هه _ 1381هه) حضرت سلطان باهو (1038هه _ 1103هه) راضي فقير لاشاري (1317هه _ 1384هه) حضرت شاهه عبداللطيف امام بري سرڪار (1026هه _ 1119هه) حضرت بهاوالدين ذڪريا ملتاني (566هه ___ 661هه) حضرت داتا گنج بخش علي هجويري (400 هه _ 465هه ) حضرت شاهه شمس تبريز (584 _ 670هه) حضرت مولانا جلال الدين رومي (604هه _ 672هه) حضرت بو علي قلندر ( 604هه _ 724هه) سر فهرست آيل آهن.
    بزرگ شاعرن جي سن وار ڄاڻ معلوم ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي محنت ڪري مختلف ۽ مستند ڪتابن جو مطالعو ڪرڻو پئي ٿو. جو اسان جي مانوارن قلم ڌڻين: (بزرگ شاعرن) جي سن وار کي تمام گهٽ کنيو آهي. اگر جي بزرگ شاعرن جي پيدائش ۽ وفات وارو سن هجري کي کنيو ويو آهي. ته عيسوي سال کي نذر انداز ڪيو يو آهي. ڪنهن حتمي سن تي پهچڻ جي ڪوشش نه ڪيئي ويئي آهي. جي هجري سن درست ڏنل آهي، ته اُهو عيسوي سن وري غلط آهي. پر جي عيسوي سن صحيح آهي. ته هجري سن صحيح طرح مطابقت نه ٿو رکي.“
    هن ڪتاب ۾ تاريخي ڪتابن: تاريخي تقويم ۽ ”جُوهر تقويم“ جهڙن بنيادي ڪتابن کي سامهون رکي هر ”بزرگ شاعر“ جي سن وار کي صحيح نموني ڀيٽي منظر عام تي آندو ويو آهي. ۽ ڪوشش ڪري بزرگ شاعرن جي تاريخ ۽ مهيني کي به ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪيئي ويئي آهي. جيئن اصل تاريخ مهينو ۽ سال سامهون اچي سگهي.
    هن تحقيقي ڪم ڪرڻ تي هڪ سئو جي لڳ ڀڳ ڪتابن ۽ مختلف رسالن کي سامهون رکي اصل تاريخ تي پهچڻ جي ڪوشش ويئي آهي. ڪتاب: ”شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو“ : کي پنجن بابن ۾ ورهايو ويو آهي.
    پهريون باب: شهنشاهه لطيف جي ڄمڻ، پڙهڻ، سير تفريح، شادي جي رسم ڀٽ کي وسائڻ. ۽ وفات ۽ سندس گادي نشينن تي مواد تي تحقيقي ڪتابن جا حوالا به سامهون رکيا ويا آهن.
    ٻيون باب: ”شهنشاهه لطيف“ کان اڳ جا بزرگ شاعر جيڪي 500 هجري کان 1100 هجري تائين جي دور جا گذريا آهن. انهن ۾ (21) بزرگ شاعرن جو مختصر ته سهي. پر جامع احوال سن وار سر فهرست آندو ويو آهي. شامل ڪجهه بزرگ شاعرن کان ”شهنشاهه لطيف“ متاثر ٿو ڏسجي. جن ۾ : قاضي قاضن، شاهه عبدالڪريم بُلڙي وارو، مخدوم نوح سرور، شاهه لطف الله قادري ۽ ٻيا سر فهرست آهن.
    ٽيون باب : سندس هم عصر بزرگ شاعرن جو احوال ڪتب آندو ويو آهي. جنهن ۾ شهنشاهه لطيف رح ۽ هم عصر بزرگ شاعرن هڪٻئي وٽ اچي روح رهاڻيون ۽ قرب ڀريون ڪچهريون ڪيُون، جو اُهي ڪچهريون اڄ تائين قائم و دائم رهنديون پيون اچن.
    چوٿون باب : ”شهنشاهه لطيف ” کان پوءِ جا (18) بزرگ شاعر ڪتاب جي زينت بڻيل آهن جو گهڻي ڀاڱي ”شهنشاهه لطيف“ جهڙي بزرگ شاعر کان متاثر ٿا ڏسجن. ۽ ڪن بزرگ شاعرن ته ”شهنشاهه لطيف“ جي چيل ڪلام کان متاثرٿي هُو بَهوُ شاعري کي ”ڪلام جو روپ“ ڏيئي سامهون رکيو آهي.
    پنجون باب : مضمون ۽ مقالا شامل ڪيا ويا آهن، هي اُهي مضمون ۽ مقالا ڏنا ويا آهن. جيڪي ليکڪن، اديبن ۽ شاعرن. جنهن سِڪ منجهان ”شهنشاهه لطيف“ کي لفظن سان ڀيٽا ڏيئي. مضمون ۽ مقالي جي روپ ۾ ساراهيو. تن کي سِڪ منجهان سانڍي آخري باب ۾ جاءِ ڏني ويئي آهي.
    ڪتاب: ”شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو“ ۾ جُملي (52) بزرگ شاعرن جي مواد کي جمع ڪرڻ ۾ ڪافي مستند ڪتابن ۽ (ph.d) ٿيسز کي سامهون رکيو ويو آهي. جيئن ڪٿي ڪا غلطي جي گنجائش نه رهي سگهي. ڪو به تحقيقي ڪم ”حرف آخر“ ناهي هوندو. پر پوءِ به ”راقم“ هر وجه هر ممڪن ڪوشش ڪري صحيح ۽ مستند مواد ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

    تاڃِي توريائونُ، ته عيب نِڪتا اڳيان،
    ڪوٺي ڪاپائِيتن کي، پَرِ ۾ پُڇيائُون،
    اَگلڙِي آئون، مُون کان ڀِڙا ڀَڳا نهَ ٿِيا.

    مٿي ذڪر ڪيل اهڙي نوعيت جو هي پهريون ڪتاب آهي. جو ”شهنشاهه لطيف“ کان اڳ، هم عصر ۽ پوءِ جي بزرگ شاعرن تي (سن وار) ترتيب کي سامهون رکي لکيو ويو آهي. ڪتاب ۾ ”بزرگ شاعرن“ کي شامل ڪيو ويو آهي. پو پوءِ به ”شهنشاهه لطيف“ جهڙو بزرگ شاعر. مڙني بزرگ شاعرن کان ” صف اول“ ۾ شامل آهي.
    تحقيقي طرح سان ڪتاب کي لکيو ويو آهي. جو هجري سال ۽ عيسوي سال کي به سامهون رکيو ويو آهي. ۽ شامل مواد تي به مڪمل ڌيان ڏنو ويو آهي. ڪتاب کي هر طرح سان جامع ۽ مستند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، تاجو (100) ڪتابن جو مواد. هڪ ڪتاب ۾ شامل ڪري ”ادب“ ۾ هڪ منفرد ڪتاب آندو ويو آهي.
    آئون پنهنجي پيارن ”ڏات ڌڻين“ ۾ شهنشاهه لطيف جي بيتن تي تحقيقي ڪم ڪندڙ صف اول جي تحقيقدان محقق نقاد: پروفيسر غلام رسول ” اڪرم“ سومرو. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، پروفيسر محمد پنهل ڏهر، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ کهڙو، اُستاد لغاري. پروفيسر سرور سيف، ذوالقررنين شاهه (ڀٽ شاهه)، نور سنڌي، راهب علي لاڙڪ ۽ علي حسن سرڪي جهڙا ”قلم ڌڻي“ هن ادبي سفر جا ساٿي آهن. بيوس علي حسن چڍڙ جهڙي پرين پياري جو قرب به وسارڻ جوڳو نه آهي، جنهن سٺا ڪتاب ڏيڻ جي عنايت ڪئي.
    ڪتاب: ”شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو“ ۾ ڪريم بخش چنا“ کي وساري نه ٿو سگهان. جو سندس صلاح مشوار ۽ مستند ڪتابي مواد آڻڻ ۾ هن بزم جو حصو آهن. سندس جا لکيل ”مهاڳ“ سنڌ جي اديبن ۽ دانشورن کي حيران ڪريو ڇڏين ...... پرين پياري سٻاجهڙي شاعر ”ساجد سنڌي“ جا ٿورا ڳڻڻ جهڙا آهن. جو اڳ جيئن. هن ڪتاب کي به بهترين نموني ڇپرائي. سنڌ واسين تائين پهچايو آهي......... آخر ۾ آئون وري به دعائن ۽ نيڪ مشورن جو طلبگار رهندس. ڪتاب کي پڙهڻ بعد ڪا غلطي نظر اچي ته ٻڌائڻ جي عنايت ڪندا. جيئن آئيندا. اُن کي صحيح نموني سنواري ۽ سينگاري سگهجي. شهنشاهه لطيف جي چند سِٽن سان کلي ڏيندا اجازت. سڪ سلامت ساٿ سلامت.

    سَتُرُ ڪَر سَتَارَ، آءُ اُگهاڙِي آهِيان،
    ڍَڪِين ڍَڪَڻهارَ، ڏيئِي پاندُ پَناههَ جو.

    خادم العلم
    غلام شبير پيراهين
    (ميرپور ماٿيلو)
    03003196297


    مهاڳ : غلام رسول اڪرم سومرو

    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي دنيا جي مڙني شاعرن جو سرموڙ شاعر سمجهيو ٿو وڃي، اُهو هن ڪري ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو ڪلام پوري عالمِ اسلام لاءِ ته ڇا مگر پوري ڪائنات جي عوام الناس لاءِ نه صرف ناصحانو ڪلام آهي مگر پوري سنسار جي خوشحالي لاءِ به دعا جو درجو رکي ٿو.
    حضرت ڀٽ ڌڻي هر دل عزيز شاعر آهي، هر مڪتب فڪر جو هن کي پنهنجو شاعر سمجهي ٿو. مسلمانن جو شاعر ته آهي ئي آهي مگر سنڌ جي هندن جو به سنڌي قومي شاعر آهي.
    حضرت شاهه صاحب هر ڪاسبي ۽ هر هنرمند جو ته شاعر آهي مگر عالمن، استادن، وڪلين، ڊاڪٽرن ۽ سپاهين جو به شاعر آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي رکوالن (سپاهين) منجهان هڪ سنڌي سپوت حضرت ڀٽ ڌڻي بابت نهايت ئي سهڻي اناز ۾ هي ڪتاب لکيو آهي، هن ڪتاب کي پنجن بابن ۾ ورهايو اٿس، پهرين باب جو عنوان آهي “شهنشاهه لطيف جي سوانح”، هن عنوان ۾ شاهه حبيب جي شادي، ڪوٽڙي کان لڏڻ، شاهه لطيف جي تعليم، مغل بيگ جي گهر وڃي دعا ڪرڻ، سير ۽ سفر تي روانو ٿيڻ، شادي خانه آبادي، ڀٽ کي وسائڻ، شاهه حبيب جي وفات، معين ٺٽوي جي جنازي نماز پڙهائڻ، شاهه لطيف جي وفات بابت ته احوال لکيل آهي مگر پهرين کان ٻارهين گادي نشين تائين جو مختصر جامع احوال لکي پڙهندڙن جي ڄاڻ ۾ اضافو آندو اٿس.
    ٻين باب ۾ مشهور مسلمان شاعرن منجهان ڪجهه شهرت يافته شاعرن جي احوال سان ڪجهه سنڌ جي بزرگ شاعرن منجهان قاضي قاضن، حضرت مخدوم نوح سرور قاضي قاضن جي ڏهٽي ۽ مغلن جي دور جي مشهور صوفي بزرگ ميان مير لاهوري، سيد حيدر شاهه حقاني رضوي، حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙي واري ۽ شاهه لطف الله قادري متعلق به لکيو اٿس.
    ٽين باب ۾ به انهن بزرگ شاعرن جو احوال لکيو اٿس جيڪي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جا همعصر ۽ سيهوڳي شاعر هئا. مختلف ڪتابن تان مواد هٿ ڪري يڪ جاءِ لکڻ وارو سندس تعريف جوڳو عمل آهي. چوٿين باب ۾ هن ڪتاب جي مُرتب غلام شبير صاحب حضرت ڀٽ ڌڻيءَ کان پوءِ دنيا ۾ پڌري ٿيڻ وارن بزرگن منجهان سيد محمد راشد (روضي ڌڻي)، جڳ مشهور درگاهه ڀرچونڊي شريف جي باني حضرت حافظ محمد صديق رحمت الله عليه جي مرشد ڪريم سيد محمد حسن شاهه جيلاني، پير محمد اشرف ڪاماري شريف واري بزرگ، خوش خير محمد فقير هيسباڻي، حضرت حافظ محمد صديق باني خانقاه عاليه ڀرچونڊي شريف. سيد تاج محمود امروٽي (حضرت حافظ محمد صديق جي مريد)، حضرت احمد سائين خان ڳڙهه شريف، محمد فقير کٽياڻ ۽ چيزل شاهه کان ٻين به بزرگ شاعرن جو احوال لکي پڙهندڙن جي علمي پياس اجهائي آهي.
    شعر، مضمون ۽ مقالا واري عنوان ۾ ڪتاب جي مرتب وڏي جاکوڙ ڪري ڪجهه شاعرن، ٿورن مضمون ۽ مختصر مقاله نگارن جا نالا ۽ سندن عنوان لکي هن تاثر ڏيڻ جي ڪوشس ڪئي اٿس ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جا مداح، هزارن جي تعداد ۾ موجود آهن. جن نظم خواه نثر ۾ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ سان پنهنجي عقيدت جو اظهار وقت به وقت پئي ڪيو آهي.
    مطلب ته سون ڪتابن جو نچوڙ هن ڪتاب ۾ ائين گڏ ٿيل آهي، ڄڻ ماکي جون مکيون هزارين گلن جو رس چوسي ماکي جي مٺڙي ڦُڙي ڦڙي کي اچي گڏ ڪندي آهي. غلام شبير صاحب کي اهڙي محبت ڀري محنت کي ساراهڻ بنا رهي نه ٿو سگهان.


    غلام رسول اڪرم سومرو
    ميرپور ماٿيلو


    ٻه اکر : ڪريم بخش چنا

    سئو سِرن پائي، جي تند برابر توريان،
    اٽل اوڏهين ٿئي، جيڏانهن ٻيجل ٻُرائي،
    سکڻو هڏ آهي، سِر ۾ سڄڻ ناههِ ڪي.

    هيستائين شهنشاهه لطيف تي سوين ڪتاب لکجي ۽ ڇپجي چڪا آهن پر جڏهن موضوعاتي وچور جي ڳالهه ڪجي ته تشنگي اڃان به باقي رهي ٿي. غلام شبير اهڙو باصلاحيت ماڻهو آهي. جنهن کي تحقيق ڪرڻ جو فن اچي ٿو. بي انتها مصروفيت، وسائل جي ڪمي ۽ مشڪلات ۾ فراواني هوندي به هن پاڻ ملهايو آهي ۽ ههڙو شاندار ڪتاب لکي شهنشاهه لطيف رح جون دُعائون کٽيون آهن.
    اردو ۾ مقولو آهي. “ذراهٽ ڪه” يعني اهڙو ڪم ڪجي. جيڪو نرالو ۽ دل کي ڇهندڙ هُجي. غلام شبير کي اهو ادبي جذبو ۽ علمي چاهه ويهڻ نه ٿو ڏي. هي ڪتاب گواهه آهي. ته هُن هجري، عيسوي سن ڳولڻ، سُهي ۽ سچو مواد ڏيڻ ۾ ڪيڏي نه محنت ڪئي آهي. اها سندس تحرير جي عظمت آهي. جو شخصيتون پاڻ ڳالهائين ٿيون. هن کين لفظن جو روح ڦوڪي اَمر بڻائي ڇڏيو آهي. اها ڏات وسيع مطالعي ۽ فقط ادبي مشاهدي سان ئي حاصل ٿيندي آهي. جيڪا تمام ٿورن ماڻهن جي نصيب ۾ ايندي آهي. سندس محنت قابل قدر ۽ صد تحسين جي لائق آهي. جوهي ڪتاب “شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو” پنهنجي سڀني خوبين سان لطيفي ادب ۾ هڪ بهترين واڌارو آهي. ڪتاب توهان جي هٿ ۾ آهي. پاڻ ئي فيصلو ڪريو ته شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن تي لکي ڄڻ صدين کان لطيفي ادب ۾ رهيل خال کي پورو ڪري غلام شبير پنهنجو ادبي فرض ۽ لطيف جي قرض کي ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
    الله تعاليٰ کيس عمر دراز جون سڀ خوبيون عطاءُ فرمائي ۽ اهڙا شاندار ادبي ماخذ لکڻ جي طاقت ڏي ته جيئن وطن عزيز سنڌ جي علم ۽ ادب لاءِ هميشه جاکوڙيندو ۽ واڌارو ڪندو رهي.(آمين)

    مٿي اُتي منهنجي، جي ڪوڙين هون ڪپار،
    ته واريو واريو واريان، سِسيءَ کي سئووار،
    ته پڻ تند تنوار، مونهان مٿانهون مڱڻا.

    ڪريم بخش چنا
    (ميرپور ماٿيلو)
    03075816348


    لطيفي فڪر جو پيروڪار : علي حسن سرڪي

    لطيفي فڪر جو پيروڪار غلام شبير پيراهين

    فقير طبع، سهڻي سلوڪ ۽ مٺڙي گُفتار وارو غلام شبير پيراهين علم ادب جي دنيا ۾ هڪ محقق ۽ جاکوڙي ليکڪ آهي. هو علم ۽ ادب ۾ پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿو.
    هي دوست شاهه لطيف جي فن ۽ فڪر سان بي انتها درجي جي محبت ۽ عقيدت رکندڙ ۽ ”لطيف“ جو پانڌيئڙو پڻ آهي. هن لکڻ جي شروعات ريڊيو لسنر طور ڪئي. کيس ريڊيو جي لهر ئي ادبي دنيا ۾ روشناس ڪرايو. پوءِ غلام شبير هٿ ۾ قلم کنيو. ۽ تاريخ، پيرن، فقيرن، اولياءِ ڪرام ۽ شاعرن تي لکي مڃتا ماڻيندو ويو.
    سندس سڀاءُ ۾ سڀني سان خير خواهي ڪرڻ آهي. من ۾ ساڙ، حسد، دوکو ۽ ڪرود ناهي. ڪنهن شفاف ندي جيان هميشه اڇو ۽ اجرو رهيو آهي. اڄ شمار بهترين ليکڪن ۽ محققن ۾ ٿئي ٿو.
    غلام شبير پهريان به ٻه انمول ڪتاب سنڌي ادب جي جهول ۾ وڌا آهن. جن ۾: ”شاهه لطيف تاريخ جي آئيني ۾“ ۽ ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي شخصيتون ۽ درسگاهون“ سرفهرست آهن. لطيفي فڪر تي هي ٽيون ڪتاب آهي. جنهن ۾ انهن بزرگن جو ذڪر ٿيل آهي. جيڪي لطيف سائين کان اڳ، پوءِ ۽ سندس حياتي ۾ موجود رهيا. ۽ انهن بزرگن ۽ شخصيتن جو ڀٽائي سائين جي زندگي ۽ ڪلام تي سڌي توڙي اڻ سڌي طرح اثر پڻ آهي. اهي پنهنجي دؤر ۾ لڪل ياقوت ۽ موتي گوهر پڻ آهن.
    دُعا آهي ته غلام شبير جو قلم ڪڏهن به جهيڻو نه ٿئي. ۽ هُو اڳي کان به اڳرو لکندو رهي. (آمين)

    علي حسن سرڪي
    لقمان خيرپور
    20 سيپٽمبر 2016
    03083629021


    ليکڪ جو تعارف : غلام فريد پيراهين

    نالو: شبير احمد
    ادبي نالو: غلام شبير پيراهين
    والد صاحب جو نالو: مرحوم ڌڻي بخش پيراهين
    پيدائش: 20 محرم 1394هه مطابق 13 فيبروري 1974ع
    پيدائش جو هنڌ: ڳوٺ اختيارو سير (مڇالي مسو واهه) تعلقو ميرپور ماٿيلو. ضلعو (سکر) موجوده ضلعو گهوٽڪي
    تعليم: پرائمري 1984ع، مئٽرڪ 1989ع، انٽرسائنس 1991ع، بيچلر آف سائنس 1994ع، ماسٽر آف آرٽ (سنڌي) 1997ع، بيچلر آف ايجوڪيشن 1998ع.
    وابستگي:ضلع رابطه سيڪريٽري: ريڊيو لسنر معلوماتي انجمن سنڌ ضلعو گهوٽڪي
    ميمبر: ريڊيو پبليڪيشن. (ايڊيٽوريل بورڊ)
    آڊيٽر: وڄڻوٽ ادبي ثقافتي سوسائٽي
    شادي: سال 1992ع ۾ شادي ڪئي، کيس (7) پٽ: غلام فريد، غلام وحيد، غلام نويد، غلام سعيد، غلام رشيد، ياسر عرفات ۽ فرحان شبير ۽ نياڻي (بينظير) اولاد ۾ شامل آهن.

    مڃتا ايوارڊ:
    1. مهرڻ معلوماتي انجمن سنڌ طرفان سال 1995ع ۾ (اعزازي سرٽيفڪيٽ)
    2. ڀٽائي معلوماتي انجمن ٺٽو پاران 1995ع ۾ (اعزازي سرٽيفڪيٽ)
    3. ريڊيو پبليڪيسن (ڦلجي اسٽيشن) پاران 1997ع ۾ (اعزازي سرٽيفڪيٽ)
    4. ريڊيو پاڪستان خيرپور جي پروگرام “نئون سج” پاران 1998ع ۾ (اعزازي سرٽيفڪيٽ)
    5. “بيدار” سماجي فورم سنڌ پاران سال 2016ع جو (بهترين ليکڪ) جو ايوارڊ (شيلڊ)

    ڇپيل ڪتاب:
    1. “شاهه لطيف تاريخ جي آئيني ۾”: سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران 2008ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو.
    2. “شاهه عبداللطيف ڀٽائي شخصيتون ۽ درسگاهون”: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد سنڌ پاران 2015ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.

    ڇپيل مضمون/مقالا:
    1. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي (مضمون) 1997ع
    2. حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو (مضمون) 1997ع
    3. حضرت سچل سرمست (مضمون) 1997ع
    4. حضرت قلندر لعل شهباز (مضمون) 1997ع
    5. “شاهه جا سُر” سال: 1997ع، ادبي صفحي “ٻاررن جي بختور” ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا.
    6. مقالو: ڀٽائي سائين جي پير موسيٰ شاهه سان “لوءِ صاحبان” ۾ رهاڻ. سال 2015ع
    7. مضمون “جو کيڙي سوکائي”: صوفين جو سرتاج: صوفي شاهه عنايت شهيد سال 2015ع
    8. مضمون: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سيد موسيٰ شاهه (موسن شاهه) سان (لوءِ صاحبان) گهوٽڪي ۾ رهاڻ: سال 2015ع
    9. شاهه سائين جو ترائي تان ڀيرو ۽ اوتارو: سال 2015ع

    نوڪري:
    5 آگسٽ 2002ع ۾ (ميرٽ) تي ڊسٽرڪٽ پوليس ۾ (ڪانسٽيبل) طور ڀرتي ٿيو جو مختلف ڪورس ڪرڻ بعد ڊيوٽي سرانجام ڏيڻ ۽ ادبي ڪم ۾ هميشه اڳڀرو رهيو آهي. گهر ۾ موجود ”ڀٽائي لائبريري“ ۾ جڏهن به ڪجهه ٽائيم ملندو آهي ته سدائين ڪتابن کي پڙهڻ ۽ لکڻ ۾ مشغول نذر ايندو آهي. دُعا آهي. رب سائين کيس وڏي ڄمار عطا ڪري جو سندس ”قلم“ مان اسان سنڌ واسين لاءِ بهترين ڪتاب لکندو رهي.

    نيڪ دعائن سان
    غلام فريد پيراهين


    باب پهريون ”شهنشاهه لطيف ؓ “

    شهنشاهه لطيف جي سوانع تي هڪ نظر

    1. شهنشاهه لطيف، جهڙي عظيم صوفي بزرگ شاعر جو جنم سونهاري سنڌ جي سر زمين تي ٿيو. سندس جنم ڏينهن ۽ جاءِ ولادت تي مختلف اديبن، ليکڪن ڏاهن، مختلف سن ۽ جاءِ ولادت بابت رايا ڏنا آهن. جن جو احوال هيٺ عرض رکجي ٿو.
    1. ڊاڪٽر ارنيٽ ٽرمپ: شهنشاهه لطيف جو جنم : 1680ع ۽ وفات 1161 هجري 1747ع ڄاڻايو آهي.
    2. مير عبدالحسين سانگي: اولياءِ صاحب جي ولادت (1102هه) ”ڀئي پور“) ۾ ٿي. (لطائف لطيفي ص _ 31).
    3. مولانا دين محمد وفائي: شاهه سائين جي ولادت 1102هه مطابق 1690ع. هالا تعلقي جي ڳوٺ (ڀئي پور) ۾ ٿي. (لطف اللطيف ص _ 21 _ 22)
    4. مرزا قليچ بيگ: شاهه سائين جي ولادت: 1102 هجري مقدس يا 1689 عيسوي حيدرآباد ضلعي جي هالن جي تعلقي ۾. کٽياڻين جي ڳوٺ جي ويجهو (ڀئي پور) ۾ ڄايو هو. ڄمڻ جي جاءِ هالا حويلي هئي. (احوال شاهه عبدالطيف ڀٽائي : ص _ 9)
    5. گر بخشاڻي ( هالا حويلي) . شاهه جي ولادت جي جاءِ ڄاڻايو آهي. ۽ جنم 1102 هجري مطابق 1689_ 1690 عيسوي ڌاري ڄائو هو. (مقدمه لطيفي : ص _ 15)
    6. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: عام طرح آيو آهي. ته شاهه صاحب جي امڙ ”ڌياڻي“ خاندان مان هئي. ۽ شاهه صاحب ” هالا حويلي“ ۾ ڄائو. ولادت 1102هه (1690ع) ۾ ٿي. (لطيفي لات ص _ 17).

    جڏهن ته هجري ۽ عيسوي سال جي اصل حقيقت کي معلوم ڪرڻ لاءِ ”تقويم تاريخي“ ۽ جُوهر تقويم“ جو مطالعو ڪرڻو پيو. جنهن جي پڙهڻ کانپوءِ اسان کي تاريخ، مهينو ۽ سال جي اصل حقيقت سامهون آئي. انهي حساب سان شهنشاهه لطيف جي جنم جو احوال عرض رکجي ٿو.
    شهنشاهه لطيف جو جنم: ڏينهن ڇنڇر پهرين رجب 1102 هجري مطابق 31 مارچ. 1691ع تي ٿيو. جنم جو هنڌ: ”سوئي قندر“ آهي.

    حوالا: تقويم تاريخي: عبدالقدوس شاهه هاشمي: سال 1965ع.
    جُوهر تقويم: ضياءُ الدين لاهوري: سال 2004ع.
    سنڌ جو شاهه: بدر ابڙو : سال 2014ع . (روشني پبلي ڪيشن ڪنڊيارو).


    شاهه حبيب جي شادي

    شاهه حبيب جي شادي عرس فقير ڏيري“ جي نياڻي سان ٿي جيڪو ” سُئي قندر“ ۾ رهندو هو. تنهن مان پهريون ٻار نالي ”عبدالطيف“ ٿيو. جيڪو گُذاري ويو. وري ٻيون ٻار پيدا ٿيو. جنهن جو نالو ”عبدالطيف“ رکيو ويو. سو به گُذاري ويو. ٽيون ٻار ”عبدالطيف“ پيدا ٿيو. جيڪو ڀٽ جي بستي جو بادشاهه ۽ شاعرن جو سرتاج بڻيو. يعني شهنشاهه لطيف جو جنم سُئي قندر ايراضي ۾ ٿيو. هم نام (2) ڀائرن جون قبرون به ”سوئي قندر“ مقام ۾ آهن:
    حوالو: (شاهه عبدالطيف ڀٽائي مقالا ۽ مضمون: ڊاڪٽر بني بخش خان بلوچ ص 19_ 21)

    شاهه حبيب جي شادي ”مخدوم عربي دياني“ جي نياڻي سان ٿي. روايتون ڳنڍيون ويون آهن. جڏهن ته مخدوم عربي دياڻو. هالا ڪنڊيءَ ۾ (980 هجري) ۾ وفات ڪري ويو. جنهن جي ڪرامتن جو ذڪر ”بيان العارفين“ ۾ موجود آهي.
    مخدوم عربي دياڻو: شاهه ڪريم جو همعصر هو. جڏهن شاهه دياني وفات ڪئي. ته اُن وقت شاهه ڪريم بُلڙي وارو (پيدائش 20 شعبان 944 هه (22 جنوري 1538) 36 سالن جي عمر جو هو. مخدوم دياڻي ۽ شاهه حبيب جي وچ ۾ ٽن نسلن جو فرق آهي. اهڙي طرح مٿين روايت دُرست ٿي نه ٿي سگهي. (سنڌ جو شاهه : بدر ابڙو ص _ 35).


    شاهه حبيب جو ڪوٽڙي لڏي اچڻ

    شاهه حبيب 1108 هجري مطابق 97/1696ع ۾ ”سئي قندر“ جي بستي کي اولوداع چئي ”ڪوٽڙي مفل“ جاوڻ وسايا. سندس خواهش هئي. ته سُهڻي لطيف کي هتي تعليم ڏيارجي. اهڙي طرح آخوند نُور محمد ڀٽي وٽ پڙهڻ لاءِ موڪليو ويو. اُن وقت شهنشاهه لطيف جي عمر ڇهه سال هئي.
    آخوند نُور محمد ڀٽي ”وائي“ يا وانءِ ڳوٺ جو ويٺل هو. اِهو ڳوٺ ڀٽ شاهه کان ٻه ڪوهه (ڇهه ڪلو ميٽر) فاصلي تي هو. لالواڻي: اڏيري کان چار ميل ۽ ڀٽ شاهه کان 12 ميل جو فاصلو ڄاڻايو آهي.
    حوالا: (قلم جنين جي هٿ ۾ : مراد علي مرزا ص _ 55) (سنڌ جو شاهه : بدر ابڙو : ص _ 49)

    جڏهن ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي خيال موجب: ڪوٽڙي لڏي اچڻ وقت. شاهه صاحب جي جڏهن عمر 12 سال ٿي. ته سئي قندر مان لڏي ڪوٽڙي ۾ اچي رهيا.


    شهنشاهه لطيف ؓ جو استاد وٽ پڙهڻ

    شهنشاهه لطيف پنهنجي اُستاد آخوند نُور محمد ڀٽي وٽ (الف) پڙهڻ جو شروعاتي سبق ورتو. ” منهنجي نظر ۾“ : ته شهنشاهه لطيف الف جو اُچار واري. سڀ سبق ساهه ۾ سانڍي ”ي“ تائين ياد ڪري ڇڏيا هئا.“ سُهڻي لطيف کي ظاهري ۾ هڪ اُستاد جي رهنمائي وٺڻي هئي. باقي جاسبق مالڪ حقيقي طرفان اڳ ۾ ئي اندر سمائجي چڪا هئا. اهڙي طرح استاد جي رهنمائي نصيب ٿي.
    شهنشاهه لطيف جي استاد نور محمد ڀٽي جو شاهه حبيب وٽ اچڻ هميشه ٿيندو هو. ايتريقدر جو جڏهن سُهڻي لطيف ”ڀٽ شاهه“ کي پنهنجو مَسڪن بڻايو. ته پاڻ پنهنجي استاد نُور محمد ڀٽي کي گُهرائي. اوطاق ليڪي ڏنائين. ۽ ڀٽ تي پاڻ وٽ رهايائين. اهڙي ريت نوجواني واري دور ۾ توڙي پوءِ شهنشاهه لطيف جو پنهنجي استاد سان ملڻ، ويهڻ ۽ صحبت ڪرڻ جو سلسلو جاري رهيو.
    (شاهه جو رسالو (ڇاپي ۽ قلمي نسخن سان ڀيٽيل) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ص _ 8)


    ”شهنشاهه لطيف ؓ جي دُعا ڪرڻ:“

    ”ڪوٽڙي“ : جتي شهنشاهه لطيف جن رهندا هئا. مرزا مغل بيگ نالي هڪ سکر ماڻهو رهندو هو. جنهن جو خانداني شجرو ”چنگيز خان“ سان ملي ٿو. هڪ ڀيري مرزا مغل بيگ جي نياڻي بيمار ٿي پيئي. دستور موجب تعويذ ڦل ۽ دُعا ڦيڻي لاءِ شاهه حبيب کي سڏايو ويو. اتفاقا طبيعت صحيح نه هئڻ ڪري سُهڻي لطيف کي روانو ڪيائين. مغل پردي جا پابند هئا. سُهڻي لطيف ڇوڪري جي آڱر کي وٺي. ڌڻي در دعا ڪئي. ته ” جنهن جي آڱر سيد هٿ ۾، تنهن کي نه ڪو لهر، نه ڪو لوڏو.“
    مغل شهنشاهه لطيف جي چيل دُعا کي سمجهي نه سگهيا. ۽ اسان جي ليکڪن ۽ اديبن وري شاهه سائين کي ”عشق جي چوٽ“ ڄاڻائي ڇڏيو. جيڪو سراسر غلط آهي.
    شهنشاهه لطيف مالڪ در دُعا عرض ڪيو ته ”لهر ۽ لوڏي کان پناهه ۾ رک“ پو سُتت ئي مرزا مغل بيگ جي نياڻي تندرست ٿي ويئي. پر مغلن مريدي وري واٽ کي ڇڏي. دشمن بڻجي پيا. اهڙي طرح شاهه صاحب کي اُتان لڏڻو پيو.
    هڪ ڏينهن اتفاقا مرزا مغل بيگ جي حويلي ۾ چورن حملو ڪيو. ۽ زالن کان زيور ڦري هليا ويا. اُن وقت گهر ۾ مرد موجود نه هئا. شهنشاهه لطيف ڳوٺ جوننگ سُڃاڻندي هنن سان وڃڻ جي لاءِ تيار ٿيو.پر مرزا مغل بيگ مدد وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ۽ پاڻ وڃي چورن سان مُنهن مقابل ٿيا. ويڙهه هلندي هلندي مرزا مغل بيگ پنهنجي خاندان سميت مارجي ويو. هڪ صغير ٻار نالي ” گولو“ بچيو. جنهن ڪري ”گولي“ سميت عورتون شاهه حبيب جي پناهه ۾ اچي ويٺيون. ۽ مرزا مغل بيگ جي نياڻي جو شهنشاهه لطيف سان شادي ڪرڻ جو راضپو ڏيکاريو. ۽ شادي بعد ڇوڪرو نالي ”گولو“ به گذاري ويو.
    حوالو:
    شاهه جو رسالو: علامه غلام مصطفيٰ قاسمي قاسمي سال 2015ع . مهراڻ ايڪڊمي شڪارپور ص _ 17)
    ڪتاب : ( قلم جنين جي هٿ ۾: مراد علي مرزا ص _ 58)
    ڪتاب: (مقدمه لطيفي: پروفيسر هوتچند مولچند گر بخشاڻي. ص _ 24)


    شهنشاهه لطيف ؓ جو سير سفر واور دور

    شهنشاهه لطيف 18 سالن جي عمر ۾ (1120هه _ 1708ع) زندگي جو خاص الخاص ”طلب، تلاش ۽ پروڙ وارو دور هو.“ پهريان پندرهن سال (1120هه _ 1135هه) (1708ع _ 1723ع) تائين. جنهن ۾ سندس سلوڪي طلب ۽ تحقيق وارا پنڌ پيچرا هئا. ۽ پوين پنجن کان ستن سالن (1135هه _ 1142هه) (1723ع _ 1730ع) جنهن ۾ ٻاهرين سفر کان علاوه (ڀٽ) تي توجهه ڏيڻ هو. انهي ٻنهي دورن ۾ حق ۽ حقيقت جي طلب ۽ تلاش جا جيڪي نتيجا نڪتا. اُنهن جا اُهڃاڻ شهنشاهه لطيف جي پوئين دور واري زندگي ۾ نمايان نظر آيا.
    عملي ۽ فڪري ڪشالي جا (پنج) رخ جن ۾ (1) سير سفر ڪرڻ (2) شادي جي رسم ادا ڪرڻ (3) شاهه ڪريم (وڏي ڏاڏي) جي طور طريقي کي سجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ.(4) سلوڪ ۽ معرفت جي اعلا فڪر ۽ ڄاڻ لاءِ شاهه ڪريم جي بيان ڪيل نُڪتن. ۽ مولانا جلالدين رومي جي مثنوي ۾ سمايل رازن کي پروڙڻ. (5) ٻين جي تلقين لاءِ پنهنجي فڪر کي سنڌي بيتن ۽ والدين ذريعي ظاهر ڪرڻ هو پهه ڪيائين.
    (شاهه جو رسالو : ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ . سال 2012 ص _ 12)
    شهنشاهه لطيف پنهنجي سفر جي شروعات انهن ماڳن سان ٿي. جتي اڳ هو پنهنجي والد صاحب سان گڏجي ويندو هو. انهن ۾ مٽياري، گنجوٽڪر، بُلڙي، ۽ ٺٽو هئا. اتر طرف (پراڻن) هالن جو تاريخي شهر ڪوٽڙي کي ويجهو هو. جو پڻ ”ساداتن“ جو پهريون ماڳ هو. هالن کان ڏهه ميل اوڀر طرف ” گولي پير جو مقام“ هو. جو اُتي پڙ ڏاڏو جلال شاهه (جمال شاهه) شهيد جو مزار هو. نصرپور ۾ وڏو شاعر ۽ درويش ميون شاهه عنايت رضوي رهندو هو. جتي به شهنشاهه لطيف جو وٽس وڃڻ ٿيندو هو. روايت آهي ته شاهه صاحب درد واري حالت ۾ هو. ته شاهه عنايت جي حويلي ٻاهران ”ٻانهي“ ملين. انهي کي نياپي طور هو لفظ چئي شاهه عنايت ڏانهن موڪليو. ته ”در تي ڪري دانهن، در تي ڪري دانهن “. ميون عنايت رضوي اِهو نياپو ٻُڌندي در تي آيو. ته شهنشاهه لطيف تي نظر پيس. تڏهن فرمايائين ته:
    ڪُلهي لائي ٻانهن، کڻي پرين ڪنديس پنهنجو“.
    شهنشاهه لطيف. شاهه عنايت رضوي کان تمام گهڻو متاثر ٿيو. ايتري قدر جو ”سُرن جي ترتيب“ ۽ وائي جو خاڪو“ به شاهه عنايت جو ئي کنيو.
    (شاهه جو رسالو: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ . ص _ 13)
    ( لطيف سائين جا لاڙ تان ڀيرا: محمد سومار شيخ ص 110 _ 112)
    شهنشاهه لطيف نصرپور ۾ آيو. شاهه عنايت کان سکيائين. شاهه لطف الله قادري کان پروڙيائين. جمال شاهه، ڏاتي فقير خواجه محمد زمان کان معرفت جا وڏا نڪتا ورتائين ۽ بڙ جي ڍوري ۾ (رمضان جت جي ڳوٺ) ۾ اُهي نڪتا بطور امانت عبدالعظيم شاهه عرف وڏل شاهه کي ڏنائين. جنهن اِهو نڀاهي. گنج جوڙيو. انهي ڪري شاهه جو اهو سفر ”گنج“ لاءِ هڪ سفر هو. (لطيف سائين جا لاڙ تان ڀيرا: محمد سومار شيخ 108_ 109).
    ساڱري ڍوري ڪناري سان اتران ” مشائخ هوٿي“ جي درگاهه هئي. جيڪو پاڻ يا کانئس پوءِ سند ٻه پهتل فرزند ”احمد ۽ محمد“ ميين شاهه ڪريم سان مليا هئا. ٻين مهمانن بزرگن ۾ درويش آچر، شيخ ڀرڪيو ڪاتيار، درويش پلي پنيو سهاڙ، مخدوم محمد اسماعيل سومرو (اگهم ڪوٽي). شيخ موسو، رُڪن الدين، ميرڻ ڪاتيار، مهراڻ فقير نهڙيو، (1) مخدوم صابرو لهاري جو ٽنڊو الهيار (حيدرآباد) جي ڀرسان آرامي آهي لطيف سائين جي آمد جو ٻُڌي. ملاقات لاءِ ڪهي آيو. ٻئي بزرگ هڪٻئي سان احترام سان مليا. پر مخدوم جو هڪ ساٿي لطيف سائين کي ٽوڪڻ لڳو. ۽ سندس اوڍيل کٿي جي توهين ڪيائين. تڏهن لطيف سائين مخدوم صابرو لهاري کي ”گلاب جو گُل“ چئي. سندس ساٿي کي ”ڪنڊو“ شمار ڪيو. ۽ شهنشاهه لطيف فرمايو ته:
    ” پنوهارڪي پهي، جي هوند چکيائين،
    ته ميهار ڪي مهي، ساجهر ڇڏيائين.
    شهنشاهه لطيف انهن درويشن جي ماڳن کان ڀيرا ڪيا.
    ( 1 فڪر لطيف: تنظيم فڪرو نظر سنڌ (سکر) ص _ 64)
    ( 2 فڪر لطيف: قربان علي ميمڻ . ص _ 72)
    شهنشاهه لطيف عمر ڪوٽ جي ايراضي ۾ ” ليهور“ جا کنڊرات ڏسڻ بعد ” اصحابي“ جي مزار تي وڃي چلو ڪريو. جنهن جي مزار تعلقي عمر ڪوٽ جي ايراضي ” ڪينجهه“ جي ڀڙي جي اوڀر طرف ڪافي پنڌتي هاڪڙي جي ڪناري سان آهن. جنهن لاءِ مشهور آهي ته اُتي ” ماتا“ جي بيماري وارن کي وٺي ويندا آهن جيڪي هڪدم صحتمند ٿي موٽندا آهن.
    ”اصحابي“ جي مزار کان پوءِ شهنشاهه لطيف ليهور جي کنڊرن جي اتر طرف سومرا دور جي مشهور بزرگ ”حسن باگواڻي“ يا ” حسن باغبان“ جي مقبري تي ويهي چلو به ڪڍيو. ۽ بزرگ جي ڏهاڙي تي ”سماع جون محفلون مچائي، صوفيانه بزرگ جو رواج پڻ وڌو“.جيڪو رواج اڄ ڏينهن تائين قائم آهي. (لطيف جا ٿر تان ڀيرا: معمور يوسفاڻي ص _ 68_ 69)
    شهنشاهه لطيف ڪڇ ڏانهن به سير سفر ڪيو. ڪوٽير ۽ نارائڻ سر کان اڳتي ”گوهر شريف“ ۾ سندس ملاقات ڪڇ جي مشهور شاعر صالح فقير گوهريءَ سان ٿي. صالح فقير شاهه صاحب کي ڏسندي فرمايو ته:
    ” سيد پير سمونڊ، هي ڄامن سندو ڄام“
    اگهيو در الله جي، تنهن ڪامل جو ڪلام،
    پري پڇيو پانڌيا، تنهن گوهر سندو گام،
    ڪو نه رهيو ڪو خام، سڀ سکي ٿيا صالح چئي.
    تنهن تي شهنشاهه لطيف فرمايو ته:
    ” صالح ئي سُڌير، سڻ هيئين سين ڳالهڙي،
    منجهان لنئون لطيف چئي، پرت سان پس پير،
    ڌاران منهن مُرشد جي، کوءِ کنڊون ٻن کير،
    اسم جو اڪسير، ويهه تنهن سان واڳجي !.
    اهو بيت ٻڌي صالح فقير شاهه صاحب جو معتقد بنجي ويو.
    (فڪر لطيف _ ص _ 153)
    شهنشاهه لطيف کي (سنڌ جهڙي سرزمين) تي فخر آهي. جو سنڌ جي تاريخ ۾ کيس ”سنڌ جو محافظ“ سڏيو وڃي ٿو.
    3 ڊاڪٽر ارنيٽ ٽرمپ جي چوڻ موجب: ” ته شاهه هڪ فاضل ۽ عالم شخص هو. جنهن ڪجهه تعليم درسگاهه مان ۽ ڪجهه تعليم جي تجربي گاهه مان حاصل ڪئي هئي.
    حوالو : شاهه جو رسالو : مولف : غلام محمد شاهواڻي ص _ 19)
    ڊاڪٽر گر بخشاڻي رسالي جي مقدمي ۾ چوي ٿو. ”ته شاهه عربي ۽ فارسي جو عالم هو. پنهنجي مادري زبان تي ڪُلي ضابطو هو. نه فقط ائين. پر ٻين ٻولين ۾ سان پڻ ڪي قدر واقفيت هُيس. جهڙوڪ: بلوچي، سرائڪي، هندي، پنجابي وغيره. سندس تاريخي معلومات به وسيع هئي. قرآن شريف، مثنوي مولانا روم ۽ شاهه ڪريم جو رسالو اڪثر ساڻس هموار هوندا هئا.“
    جن لاءِ پاڻ چيو اٿس: ته
    پڙهيو ٿا پڙهن، ڪڙهن ڪين قلوب ۾.


    شهنشاهه لطيف ؓ جي شادي

    شهنشاهه لطيف جي شادي مرزا مغل بيگ جي نياڻي سان ٿي. شاهه لطيف جي ان وقت عمر 22 سال هئي. اِها شادي جي رسم 1124 هجري مطابق 1712ع ۾ ”ڪوٽڙي مغل“ ۾ ٿي. جڏهن ته ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنهنجي 2 ڪتابن لطيف جو پيغام ص _ 31 ۽ ٻئي ڪتاب لطيفي لات ص _ 21) تي سُهڻي لطيف جي شادي وقت عمر 24 سال ڄاڻائي آهي. جيڪا غلط آهي. ڊاڪٽر صاحب هجري ۽ عيسوي سال ته صحيح ڄاڻايا آهن. پر شهنشاهه لطيف جي عمر غلط ڄاڻائي آهي. ان وقت سهڻي لطيف جي عمر 22 سال هئي.
    جيڪڏهن لطيف سرڪار جي عمر 24 سال هئي. ته پوءِ هجري سال جو 1126هه هجڻ لازم هجي ها.
    شهنشاهه لطيف جي شادي مرزا بيگ جي نياڻي نالي ” سعيده بيگم“ سان ٿي. جنهن کي شاهه جا مريد ۽ معتقد ادب وچان تاج المخد رات ( پردي وارين زالن جو ڇٽ يا سرتاج) سڏيندا هئا. بيبي صاحبه پاڪدامن پرهيزگار ۽ روزي نماز جي سخت پابند هئي. ۽ گهر جو ڪم ڪار به خود پاڻ ڪندي هئي.
    حوالو: شاهه جو رسالو: علامه غلام مصطفيٰ قاسمي سال 2015 مهراڻ ايڪڊمي شڪارپور ص _ 17)
    ڪوٽڙي مغل ويران ٿي رهيو هو. شهنشاهه لطيف شادي کان پوءِ اُتان لڏي. اچي (ڀٽ) وسائي. بيبي صاحبه شاهه سائين جي حياتي ۾ ئي وفات ڪئي. پوءِ پاڻ ڪڏهن به شادي جو ارادو نه ڪيو.
    ”تاج المخدرات“ مان شهنشاهه لطيف کي اولاد ڪو نه ٿيو. ڪن مهينن کان پوءِ اُميد واري ٿي. جنهن تي حويلي ۾ سرهائي ٿي. ۽ خوشي جي لهر لڳي ويئي. هڪ ڏينهن هڪ فقير شهنشاهه لطيف جي خدمت ۾ تکو تکو ڀڄندو ۽ سهڪندو آيو. پاڻ تکي اچڻ جو پڇيو. جنهن تي فقير وراڻيو. ته بيبي صاحبه اُميد واري سان آهي. ۽ پَلي کائڻ جي خواهش ڏيکاري هوائون. شهنشاهه لطيف کي ان ڪم تي ڪاوڙ آئي. ۽ فرمايائين ته ” اولاد اڃا ڄائو ڪو نه آهي. ته فقيرن کي رُلائي ٿو. پوءِ جي ڄمندو ته الائي ڪهڙا ڪلور ڪندو. اهڙي ٻار جي گُهرج ڪانه آهي. الله الله ڪندڙ فقير سڀ منهنجو اولاد آهن.“ ٻار پيٽ اندر سُڪي ويو. شهنشاهه لطيف پنهنجي فقيرن کي ئي پنهنجو اولاد سمجهندا هئا. ۽ ”ابا“ ۽ ”ادا“ جهڙن لقبن سان سڏ ڪندا هئا.
    حوالو: ڪتاب : ( لطف اللطيف : مولانا دين محمد وفائي ص _ 73).
    مٿين حقيقت مان ظاهر ٿيو ته شهنشاهه لطيف کي ليکڪن هروڀرو (عشق جي چوٽ لڳي) ڄاڻائي غلط ڪيو آهي، جيڪڏهن سُهڻو لطيف عشق جي شادي ڪري ها. ته پنهنجي پيدا ٿيندڙ ٻار لاءِ اهڙي دُعا هرگز نه گُهري ها. جو پيٽ اندر ئي سُڪي ويو. ڇو ته سندس فقير ئي اولاد مثل هئا.


    ”شهنشاهه لطيف ؓ جو ڀٽ تي رهڻ:“

    شهنشاهه لطيف (1140 هجري _ 28/1727ع) ڌاري ڀٽ تي سڪونت اختيار ڪرڻ جو ارادو ڪيو. اهڙي ريت سندس مستقل طور رهڻ (1142هه _ 30 /1729ع) آهي ۽ 1143هه 1730ع ۾ جايون ٺهرائڻ آهي.


    ” شاهه حبيب جي وفات“

    شهنشاهه لطيف جي والد شاهه حبيب جي وفات (ڀٽ شاهه) تي 1144 هجري 32/1731ع) ۾ ٿي. وفات جو سال ميان محمد صادق نقشبندي، هيٺين عربي ماده مان ڪڍي .
    ” اَلموتُ جِسر يُوصِل الحبيبَ لِلِقاءِ الحبيبِ“ 1144هه
    يعني: ”موت هِڪ پَل آهي. جيڪا هڪ دوست (حبيب) کي ٻئي دوست سان ملائي ٿي. پوءِ جڏهن شهنشاهه لطيف جڏهن والد صاحب جو قبو تعمير ڪرايو. ته اِهو ساڳيو تاريخي فقرو سامهون در تي لکرايائين. جيڪو اڃا تائين موجود آهي.
    ( شاهه جو رسالو: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ص 31_ 21_ 17)
    ( لطيفي لات: ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي _ ص _ 23).
    شهنشاهه لطيف (42) سالن جي عمر جا هئا. ته والد شاهه صاحب هن جهان مان موڪلاڻي ڪئي. ۽ پاڻ (21) سال زندگي جا (ڀٽ شاهه) جي بستي ۾ گذاريا.(1161 هجري _ 1748ع) شهنشاهه لطيف جي سفر جو آخري سفر هو.


    مخدوم محمد معين ٺٽوي جي جنازي نماز پڙهائڻ

    ( مخدوم محمد معين ٺٽوي وفات 1161هه) جي وفات ٿي. ٻنهي بزرگن جي هڪ بهترين ۽ آخري محفل هئي. جو راڳ ٻُڌندي ئي مخدوم محمد معين ٺٽوي الله پاڪ کي پيارو ٿي ويو.
    شهنشاهه لطيف مخدوم صاحب جي جنازي نماز پڙهائڻ بعد جنازي سان ڪانڌي ٿيڻ بعد موٽندي پنهنجي زبان ۾ ڏک ڀريا لفظ چيا ته ” ٺٽي ۾ پنهنجي يار جي خاطر اچڻ ٿيندو. هاڻي هي آخري ڀيرو اچڻ ٿيو.
    (معيار سالڪان طريقت: مير علي شير قانع ٺٽوي)
    مخدوم محمد معين ٺٽوي جي وفات سن 1161 هجري ۾ ٿي. جنهن جي تصديق ” قانع“ جي ڏنل تاريخي ماده:
    ” قطره در تجر واصل شد“ مان ٿئي ٿي. 1161هه.
    شهنشاهه لطيف جي باري ۾ (قانع معيار: سالڪان طريقت ص _ 665) ۾ لکيو آهي ته سيد جي ڪرامتن مان هڪ هيءُ به ڪرامت هئي. ته جنهن ڏينهن مخدوم محمد معين جو جنازو مڪليءَ ڏانهن کنيو ٿي ويا. ته سيد، موصوف به جنازي جي پُٺ ۾ جنازي سان گڏ هلندو پئي ويو. جڏهن شهر جي وچ ۾ پهتا. ته سيد، جنازي جي پويان پري ٿي بيٺو. هلندي جنازي خود پاڻ کي ڦيري پنهنجو مُنهن سيد موصوف يعني (شهنشاهه لطيف) ڏانهن ڪيائين. ته جيئن سيد موصوف ڏانهن پُٺي نه ٿئي. مُنهن هُجي.
    معيار سالڪان طريقت: مير علي شير قانع ٺٽوي _ ص _ 665 _ ( سنڌي ادبي بورڊ _ ڄامشورو سنڌ .سال 2010ع)


    ”شهنشاهه لطيف ؓ جي وفات“

    اهڙي ريت شهنشاهه لطيف، 63 سالن جي عمر ۾ ڏينهن جمعو 31 ڊسمبر 1751ع _ مطابق (14 صفر 1165 هجري) ۾ وفات ڪئي. عيسوي سن مطابق ڪُل عمر 60 سال (9) مهينا هئي.

    حوالا:
    (تقويم تاريخي _ (عبدالقدوس هاشمي) 1965ع)
    (جُوهر تقويم : (ضياءُالدين لاهوري) 2004ع)
    (سنڌ جو شاهه: (بدر ابڙو) 2014ع.)

    جڏهن شهنشاهه لطيف وفات ڪئي ته وفات واري ڏينهن تي سندس ڪيترن ئي مريدن ”فراق“ سبب روئي روئي دم ڏنو.
    (معيار سالڪان طريقت ص _ 664) سال 2010ع
    تخته الڪرام ص _ 388 _ ڇاپوٽيون 1989ع)
    شهنشاه لطيف لاءِ راڳ روحاني خوراڪ هو. جو راڳ جي رَس ۾ ئي هي جهان ڇڏيائين. پورا (21) ڏينهن مراقبي هڪ هنڌ ويهي رهيا. هڪ ڏينهن مراقبي واري ڪوٺي مان نڪري هڪ سو گهڙن پاڻي سان غسل ڪري اندر وڃي ويٺا. عارفانه سنڌي ڪلام جوراڳ ٿيندو رهيو. برابر (3) ڏينهن راڳ جي مجلس رهي. فقير ڏسن ته شاهه صاحب جي روح جو پکي هن خاڪي پڃري مان پرواز ڪري چُڪو آهي. اهو واقعو (14 صفر 1165 هه) ۾ ٿي گذريو.
    شهنشاهه لطيف جي جسم مبارڪ کي ساڳين ڪپڙن ۾ پردي اندر غسل ڏنو ويو. جيئن سندن وصيت ڪيل هئي. غسل جو ڪم ميان ولي محمد ولد آخوند نُور محمد ڀٽي ادا ڪيو. ۽ سُهڻي لطيف کي وصيت : موجب/(ڀٽ) جي بستي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس والد شاهه حبيب جي مزار اتر طرف 8 کان 9 وکن تي آهي.
    ( شاهه جو رسالو: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ص _ 43)
    (لطف اللطيف: مولانا دين محمد وفائي ص _ 131).
    وفات جي تاريخ مخدوم محمد ابراهيم هالائي. ۽ محمد پناهه ”رجا“ هيٺين شهرن مان ڪڍي آهي.
    ”زد نعره در فراق دگر کرد سينه چاک
    شد محو در مراقبه جسم لطيف پاک“
    محمد پناهه ”رجا“ 1165هه
    شاهه صاحب ذوالمواهب ( ذوالمناقب) سيد عبدالطيف،
    آنکه قطب وقت، خود بوده ست در اسرار حق.
    مخدوم محمد ابراهيم هالائي 1165هه
    ( لطف اللطيف : 132) (شاهه جو رسالو: ڊاڪٽر بلوچ ص _ 43)


    شهنشاهه لطيف ؓ جا گادي نشين

    1. سيد جمال شاهه ”درگاهه ڀٽائي جو پهريون گادي نشين“

    شهنشاهه لطيف 14 صفر 1165 هجري مطابق 31 ڊسمبر 1751ع ۾ وفات ڪئي. سندس اولاد نه هجڻ ڪري. گادي تي ويهڻ لاءِ گهڻائي اميد وار ٿيا، کيس چيو هو ته ”پنهنجي جاءِ هڪ هنڌ آهي.“ شهنشاهه لطيف جو اِهو اشارو کيس آخرين آرام گاهه طرف ڏنو هو. پوءِ اِها ڳالهه سچي ثابت ٿي. ۽ شهنشاهه لطيف جمال شاهه کي اِهو به چيو هو ته ”مون کان پوءِ تُون ئي منهنجي گادي تي وهندين“ فقيرن ۾ محبت فقير، جمال شاهه جي فائدي ۾ هو. هن جو نظريو هو ته جمال شاهه هوبهو (ڀٽ ڌڻي) جو هم شڪل آهي. ۽ محمد عالم موجب، ته ”سيد شريف“ گادي تي ويهي.
    شهنشاهه لطيف جي وفات کان پوءِ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي تعاون سان 1165 هجري مطابق 1752ع ۾ سيد جمال شاهه کي شهنشاهه لطيف جي گادي جو پهريون سجادهه نشين مقرر ڪيو ويو.
    محبت فقير: جنهن وٽ شهنشاهه لطيف جا ڪپڙا هئا. سيد جمال شاهه کي پارايا ويا. مريدن ۽ خليفن جو جمال شاهه جي بدن تي شهنشاهه لطيف جا پاتل ڪپڙا ڏٺا. ته اُهي وڏي حب مان اچي جمال شاهه کي چنبڙيا. ۽ شهنشاهه لطيف کي ياد ڪندي روئڻ لڳا. سيد جمال شاهه جي حفاظت لاءِ (160) سالار (فقير) حفاظت ڪندا هئا. پر ڪجهه عرصي بعد ٻنهي ڌرين ۾ ٺاهه ٿي ويو.
    ميان غلام شاهه ڪلهوڙو پنهنجي والدهه مائي گُلان جي خواهش تي شهنشاهه لطيف جي قبر مٿان مقبرو ٺهرائڻ شروع ڪيو. ميان غلام شاه پئسا سيد جمال شاهه کي ڏيندو هو. اهڙي طرح سيد جمال شاهه عيدن رازي جي معرفت ڪم ڪندڙن کي پئسا ڏيندو هو. اِهو قبو 1754ع ۾ جڙي راس ٿيو.
    ٻي روايت ته : شهنشاهه لطيف وٽ هڪ ” چنگل گهوڙي“ هوندي هئي. جا ڏسي ناز نخرا ڪندي. شاهه صاحب وري مٿس چڙهندو هو. شهنشاهه لطيف جي وفات بعد چون ٿا. ڳوڙها ڳاڙيندي هئي. ۽ ڪنهن کي به چڙهڻ نه ڏيندي هئي. جڏهن شهنشاهه جي گادي تي اُميدوار گڏ ٿيا. گهوڙي کي سنڀرائي وٺي آيا. هر هڪ اڳيان وٺي ويس. پر گهوڙي ڪنهن ڏي به خيال ڪو نه ڪيو. جڏهن سيد جمال شاهه وٽ سامهون آندائون. تڏهن خوشي مان ”ناز نخرا“ ڪرڻ لڳي. سيد جمال شاهه آساني سان مٿان چڙهي ويٺس. ۽ چڪر ڏيئي واپس موٽائي آيو. پوءِ سڀني جي صلاح مشوري سان سيد جمال شاهه (گادي نشين) ٿيو. جڏهن به گادي نشين وفات ڪندو آهي. ته اُنهي جا ڪپڙا ”محبت فقير“ جي جانشينن جي هٿ ۾ رهندا آهن. محبت فقير کان پوءِ سندس خليفو تمر فقير ٿيو.
    سيد جمال شاهه : شهنشاهه لطيف جي گادي تي (38) سال ”سجاده نشيني“ جافرض سر انجام ڏنا. ۽ پاڻ 1203 هجري مطابق 1789ع ۾ وفات ڪئي. کيس شهنشاهه لطيف سان گڏ رکيو ويو.

    حوالا:
    لطيف سائين جا لاڙتان ڀيرا: محمد سومار شيخ 1986ع
    احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي: مرزا قليچ بيگ ڇاپو پنجون 1987ع
    جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري 2004ع


    2. سيد قائم شاهه

    سيد قائم شاهه جي والد صاحب جو اسم گرامي سيد جمال شاهه هو. والد صاحب جي وفات 1203 هجري 1789ع ۾ ٿي. جنهن بعد پاڻ شهنشاهه لطيف جي گادي جا ٻيون نمبر (سجاده نشين) مقرر ٿيا. ۽ گادي نشينن ۾ تمام گهٽ عرصو گادي نشين رهيا. وفات بعد شهنشاهه لطيف جي روضي جي اولهه طرف مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ۽ مزار مٿان عاليشان مقبرو به جوڙايو ويو.


    3. سيد قائم الدين شاهه

    سيد قائم شاهه جي وفات بعد. سيد قائم الدين شاهه شهنشاهه لطيف جي گادي جا ٽيون نمبر (سجاده نشين) مقرر ٿيا. سندس زندگي جو وڌيڪ احوال ڪو نه ٿو ملي. وفات بعد حضرت شاهه حبيب رحه جي روضي اندر مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.


    4. سيد لطف علي شاهه (اول)

    سيد لطف علي شاهه جي پيدائش سيد قائم الدين شاهه جي گهر ۾ ٿي. والد صاحب جي وفات بعد شهنشاهه لطيف جي گادي جا چوٿون نمبر (سجاده نشين) مقرر ٿيا. وفات بعد مڙهه کي حضرت شاهه حبيب رح جي روضي اندر جاءِ ڏني ويئي.


    5. سيد علي بخش شاهه (اول)

    سيد علي بخش شاهه (اول) جي والد صاحب جو نالو سيد لطف علي شاهه هو. والد صاحب جي وفات بعد شهنشاهه لطيف جي گادي جا پنجون نمبر (سجاده نشين) مقرر ٿيا. زندگي جو سربستو احوال ڪو نه ٿو ملي. وفات بعد کيس حضرت شاهه حبيب جي روضي اندر دفنايو ويو.


    6. سيد الله بخش شاهه

    سيد الله بخش شاهه جو جنم سيد علي بخش شاهه جي گهر ۾ ٿيو. والد صاحب جي وفات ڪري وڃڻ بعد پاڻ شهنشاهه لطيف جي گادي جا ڇهون نمبر (سجاده نشين) مقرر ٿيا. سندن آخري آرام گاهه حضرت شاهه حبيب جي روضي اندر آهي.


    7. سيد لطف شاهه علي شاهه (ثاني)

    سيد لطف علي شاهه (ثاني سال 1870ع مطابق 87/ 1286 هجري ۾ شهنشاهه لطيف جي گادي جا ستون نمبر (سجاده نشين) مقرر ٿيا. تقريباً (30) سال سجاده نشيني جا فرض سرانجام ڏنا. سال 1317 هجري مطابق 1899ع ۾ هن جهان مان موڪلاڻي ڪئي. کيس شهنشاهه لطيف جي روضي اندر ڪٽهڙي ٻاهريان ڀر ۾ جاءِ ڏني ويئي.


    8. پير علي بخش شاهه علڻ سائين (1288هه _ 1352هه)

    پير علي بخش شاهه جو جنم 1288 هجري مطابق 1871ع ڌاري ٿيو. والد صاحب جو اسم گرامي پير لطف علي شاهه (ڀٽائي) هو. پير علي بخش شاهه کي ”علڻ سائين“ جي نالي سان سڃاتو ويندو هو. شاعر هجڻ سان تخلص ”علڻ“ رکيائين. پاڻ مٽياري سيدن جي ”جرار پوٽا“ پاڙي مان. شاهه عبدالڪريم بُلڙي واري جي اولاد مان هو. ۽ شهنشاهه لطيف جو (اٺون) نمبر (گادي نشين) هو.
    پير علي بخش شاهه (علڻ سائين) سنڌي ۽ فارسي جي تعليم ميان محمد ڀٽي کان حاصل ڪئي. 1317 هجري مطابق 1899ع ۾ سندس والد پير لطف علي شاهه. هن فاني جهان مان موڪلاڻي ڪئي. اهڙي ريت وڏي فرزند هئڻ ڪري پير علي بخش شاهه (درگاهه ڀٽائي) جو اٺون گادي نشين مقرر ٿيو.
    پير علي بخش شاهه (علڻ سائين) فقيري طبيعت جا مالڪ هئا. ۽ ”شهنشاهه لطيف“ جي ڪلام کي ”سوز“ سان ڳائيندا هئا. اڪثر ”جمع“ جي رات فقيرن سان گڏجي ڳائيندو هو. شاعر هئڻ سان گڏوگڏ روزي نماز جو به پابند هو. راڳ جي ايتري ته ڄاڻ هئس. جو سنڌ جا اڪثر ڳائڻا (فنڪار)وٽس هميشه ايندا رهندا هئا. تنبورو سدائين ڪُلهي تي رکيل هوندو هو.
    درگاهه شهنشاهه لطيف ۽ مسجد جي اڪثر تعمير سندس دور حاضر ۾ ٿي. ڄام مٺا خان جوڻيجو (درگاهه) جي خاص معتقدن مان هو. سندس ڪوششن سان ”ملاکڙي“ ايترو ته زور ورتو. جو ماڻهن جي اچڻ ۾ اضافو ٿيو. ۽ ميلو به وڌي ويو. پاڻ گهوڙن ڌارڻ جو تمام گهڻو شوقين هو.
    پير علي بخش شاهه ”علڻ سائين“ 1346 هجري مطابق 1928ع مطابق درگاهه جي نذراني مان ملندڙ رقم ۽ مريدن ۽ عقيدتمندن جي تعاون سان ”شهنشاهه لطيف“ جي روضي اڳيان هڪ عاليشان ورانڊو جوڙايو. جنهن ۾ ونگن سان (7) دروازا جوڙايا ويا. پنج دروازا روضي جي سامهون اوڀر طرف کان ۽ ٻه دروازا ڏکڻ پاسي کان جوڙايا ويا. ۽ ورانڊي جي ڇت شيشم جي ڪاٺ ۽ ڪاشيءَ جي سِرُن سان جوڙائي ويئي. ديوارن تي ڪاشيءَ ۽ چٽساليءَ جو بهترين ڪم ڪرايو ويو.
    شهنشاهه لطيف جي روضي سان گڏ جامع مسجد ۾ به ورانڊو جوڙايو ويو جنهن ۾ به ست دروازا جوڙايا ويا. پنج دروازا مسجد جي سامهون اوڀر طرف ۽ ٻه دروازا ڏکڻ طرف کان جوڙايا ويا. اِهو ڪم 1348هه 10 ربيع الاول مطابق 16 اگسٽ 1929ع ۾ پورو ٿيو.
    درگاهه شهنشاهه لطيف کان لکي دروازي تائين ۽ لکي دروازي کان جامع مسجد جي ٻانگي واري دروازي تائين. بهترين سنگ مرمر جو فرش به هڻايو ويو. روضي ۽ مسجد اندر سنگ مر مر جا (6) عدد نهرا ۽ خوبصورتي سان ”تراشيل پلر“ لڳل آهن. اهي پلر مڪرانه راجستان (انڊيا) کان آيا هئا. تراشيل پلر ٺاهڻ وارو ڪاريگر عبدالخالق هو. مسجد ۽ روضي جي ورانڊن ۾ نصب ٿيل اهڙا پلر سنڌ جي ڪنهن به درگاهه تي لڳل نه آهن.
    پير علي بخش شاهه (علڻ سائين) جو اهل تشيعت طرف تمام گهڻو لاڙو هو. شاهه عبدالڪريم بُلڙي ۽ شهنشاهه لطيف جي خليفن انهي ڪري. سندن دستار جو رنگ ڪارو ڪيو هو. محرم جي ڏينهن ۾ هُو ماتم ڪندا هئا.
    پير علي بخش شاهه (علڻ سائين) ٽي شاديون ڪيون:
    پهرين شادي شڪارپور جي سيدن مان ڪئي هئي. جنهن مان علي اڪبر شاهه، ڏنل شاهه بچل شاهه ۽ يار محمد شاهه پيدا ٿيا.
    ٻي شادي کوکرن جي سيد بقادار شاهه ”ميرڻ پوٽي“ جي نياڻي سان ڪئي. جنهن مان وڏو فرزند شاهه ڏنو شاهه ۽ امام علي شاهه پيدا ٿيا.
    ٽئين شادي: سالاري جي سيدن مان ڪئي. جنهن مان غلام شاهه پيدا ٿيو.
    پير علي بخش شاهه (علڻ سائين) 14 محرم 1352 هجري مطابق 18 مئي 1933ع تي هن جهان مان موڪلاڻي ڪئي. سندس وفات بعد وڏي فرزند ميان شاهه ڏنو کي گادي نشين مقرر ڪيو ويو. آخري آرام گاهه شهنشاهه لطيف جي روضي اندر ڪٽهڙي ٻاهريان ڀر ۾ آهي.


    9. پير ميان شاهه ڏنو

    پير ميان شاهه ڏنو جي ولادت 1311 هجري مطابق 1814ع ۾ ٿي. والد صاحب جو اسم گرامي پير علي بخش شاهه (علڻ سائين) هو. والد صاحب جي وفات بعد 1352 هجري مطابق 1933ع ۾ شهنشاهه لطيف جي گادي جو (نائون) نمبر گادي نشين مقرر ٿيو.
    پير ميان شاهه ڏني کي (شاهن سائين) به ڪري سڏيندا هئا. روزي ۽ نماز جو پابند هو. پاڻ ٻه شاديون ڪيون.
    پهرين شادي مان ميان غلام شبير شاهه عرف الهه بخش شاهه پيدا ٿيا.
    ٻي شادي حيدرآباد مان ڪئي. جنهن مان الطاف حسين شاهه ۽ غلام محمد شاهه پيدا ٿيا.
    پير ميان شاهه ڏنو (باب معليٰ القاب) حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي تي لکي دروازو لڳرايو. اِهو دروازو سلطان کتري رهندڙ مڪرانر مڪرانه (راجستان) تيار ڪيو. ۽ سن 1367 هجري. 1948ع ۾ لڳرايو ويو. اُن وقت درگاهه جو ڪنجي بردار آچر فقير هو.
    پير ميان شاهه ڏنو: درگاهه ڀٽائي تي روضي اڳيان ورانڊي تي به ڪم ڪرايو. جو ڪاشي جي سِرن تي سجاده نشين (شاهه ڏنو شاهه) اِهو ڪم 1372 هجري 1953ع ۾ مڪمل ٿيو. پاڻ شهنشاهه لطيف تي وقتن بوقتن ڪم جي نگراني ڪئي. 1957ع ۾ مسافر خاني جو به ڪم ڪرايو. ۽ توسيع ڪري مسافر خاني کي وڏو ڪرايو ويو. پنهنجي دور ۾ جامع مسجد اندر به چٽسالي جو به ڪم ڪرايو. اِهو ڪم 1387 هجري مطابق 1966ع ۾ سندس نگراني ۾ ٿيو.
    سيد شاهه ڏنو شاهه پنهنجي دؤر ۾ ”عزاداري“ کي وڌايو. سال 1952ع ۾ پاڻي واري جهاز ۾ 50 کان 60 ماڻهن کي ساڻ ڪري ”ڪربلا معليٰ“ عراق ويا. سيد ثابت علي شاهه جا ”مرثيه“ کيس ايترا ته پسند هئا جو (10) محرم الحرام تي پنج ڄڻا جن ۾ سيد غلام شاهه (ننڍو ڀاءُ) ميرل شاهه ۽ نُور محمد شاهه (فرزند غلام شاهه) سيد محمد شاهه (ذوالقرنين شاهه جو ڏاڏو) گڏجي (مرثيه) چوندا هئا. ”سيد شاهه ڏنو شاهه“ کي موسيقي سان به تمام گهڻو شوق هوندو هو. ايتري قدر جو سنڌ جا فنڪار سندس خدمت ۾ اچي حاضر ٿيندا هُئا. استاد بڙي غلام علي خان (ڪلاسيڪل فنڪار) سدائين ڀٽ شاهه تي اچي محفل کي مچائيندو هو. ۽ سندس راتين جون راتيون (ڀٽ شاهه) تي رهڻ کي مناسب سمجهندو هو.
    سيد شاهه ڏنو شاهه (38) سال شهنشاهه لطيف جي گادي جا فرض سرانجام ڏيندي. رمضان 1390 هجري مطابق نومبر 1970ع ۾ هن جهان مان موڪلاڻي ڪئي. کيس حضرت سيد حبيب شاهه جي روضي اندر مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

    حوالا:
    1. ياد رفتگارن : ( محمد زمان طالب الموليٰ : ٻيو ڇاپو 1994ع
    2. (جنب گذاريم جن سين: جي ايم سيد سال 1979ع : ص : 37، 38، 41، 42)
    3. (فڪر لطيف: جنوري فيبروري 2014ع: چيف ايڊيٽر: خورشيد ٻگهيو ص، 29، 33، 34)
    4. جوهر تقويم: ضياءُالدين لاهوري 2004ع
    5. سيد ذوالقرنين شاهه (ڀٽ شاهه) کان مليل ڄاڻ


    10. سيد الله بخش شاهه المعروف سيد غلام شبير شاهه

    سيد غلام شبير شاهه جي پيدائش 35/ 1934ع ڌاري 1353 هجري ۾ ٿي. والد صاحب جو نالو سيد شاهه ڏنو شاهه هو. پاڻ والد صاحب جي وقت ۾ ئي ڀٽ شاهه درگاهه جا (ولي عهد) هئا. ادبي ڪمن ۾ هميشه اڳڀرا هوندا هئا. نوجواني واري دؤر ۾ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي ڪمن ڪارن ۽ اشاعت واري سلسلن. 1954ع کان 1964ع تائين پنهنجو پاڻ ملهايو.
    سال 1958ع ۾ هفتيوار اخبار ”اللطيف“ حيدرآباد مان جاري ڪئي. جنهن جا پاڻ باني هئا. اخبار (اللطيف) جي ايڊيٽر جا فرائض سيد سخاوت علي شاهه ڏيندو هو. ۽ سيد وڏل شاهه جون خدمتون به هن اخبار سان واڳيل هُيون.
    سيد غلام شبير شاهه درگاهه تي مجلسون ڪرائڻ، وڏا وڏا جلسا ڪرائڻ ۽ ديني ڪمن ۾ به هميشه اڳڀرا رهيا. ننگر و نياز جو بندوبست به خود پاڻ ڪندا هئا. پاڻ سادا بلڪه محفل جا مور هئا. حڪمت جي به سُٺي ڄاڻ هئي جو پاڻ دهلي مان حڪمت جي ڄاڻ به حاصل ڪئي هئائون. کيس ”حڪمت جو ماهر“ سڏيو ويندو هو.
    سيد غلام شبير شاهه کي چئن پٽن جي اولاد ٿي. جن ۾ سيد نثار حسين شاهه، سيد مظهر علي شاهه، سيد غلام رضا شاهه ۽ سيد شوڪت حسين شاهه عرف اقبال حسين شاهه. شاهه سائين جي اڍائي سئو سال عرس مبارڪ جي موقعي تي ثقافت کاتي طرفان ”گنج شريف“ جي ڀٽ شاهه تي وزيراعظم پاڪستان محترمه بينظير ڀٽو ۽ سجاده نشين ڀٽ شاهه. سيد غلام شبير شاهه (گنج شريف) جي مهورت ڪئي.
    18 ذوالحج 1407 هجري بمطابق 14 آگسٽ 1987ع ڏينهن سومر تي ”توله پليٽ فارم“ جي رسمي افتتاحي تقريب ٿي جنهن ۾ سيد غلام شبير شاهه ”توله پليٽ فارم“ جو افتتاح ڪيو.
    نومبر 1970ع مطابق رمضان 1390 هجري ۾ والد صاحب جي وفات بعد شهنشاهه لطيف جي گادي جا پاڻ ڏهون نمبر (سجاده نشين) مقرر ٿيا. ۽ زندگي جا (33) سال هن گادي سان واڳيل رهيا.
    سيد غلام شبير شاهه مارچ 2003ع مطابق محرم 1424 هجري ۾ وفات ڪئي کيس حضرت شاهه حبيب جي روضي اندر جاءِ ڏني ويئي.


    11. سيد نثار حسين شاهه (ڀٽائي) (1366هه _ 1436هه)

    سيد نثار حسين شاهه جي پيدائش پهرين رمضان المبارڪ 1366 هجري بمطابق 20 جولاءِ 1947ع ۾ سيد غلام شبير شاهه جي گهر (ڀٽ شاهه) ۾ ٿي. پاڻ پرائمري تعليم (ڀٽ شاهه) مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ ”مخدوم هاءِ اسڪول“ هالا مان پاس ڪيو. ڪجهه ٽائيم نوابشاهه مان. ۽ وڌيڪ تعليم ڪراچي جي نيشنل ڪاليج مان حاصل ڪئي.
    سيد نثار حسين شاهه گريجوئيشن 69 _ 1968ع ۾ نيشنل ڪاليج ڪراچي مان ڪئي، پاڻ تمام سادي طبيعت جو مالڪ هو. سندس هميشه ”نهج البلاغه“ ۽ ”شاهه جو رسالو“ مطالعي هيٺ رهندا هئا. ۽ کين تمام گهڻو پسند به ڪندو هو. شعر شاعري سان لڳاءُ هوندي: شهنشاهه لطيف جو هي بيت سدائين ياد هوندو هو.

    اَبر جي اوصاف، وري ڄاپي ڄاڻي ڪو،
    ڪو نه ڍڪيئين پاڻ، ڍڪندي وتي لوڪ کي.

    شهنشاهه لطيف اهڙي نصيحت ڪندي فرمائي ٿو ته:
    ” اي انسان! توُن هيڏي وڏي دعويٰ ٿو ڪرين، پر تُون اَڃان سُئي جي ٽڪرکي به ڪو نه سڃاتو آهي.“
    اسلامي تاريخ موجب 12 سال 15 ڏينهن ۽ عيسوي تاريخ موجب، 11 سال (8) مهينا (5) ڏينهن شهنشاهه لطيف جي گادي جا سجاده نشين جا فرض سرانجام ڏنا.
    سيد نثار حسين شاهه”شاهه لطيف فائونڊيشن“ جو 81 _ 1980ع ۾ بنياد وڌو. ۽ پاڻ اِن جو چيئرمين مقرر ٿيو. هندستان، برطانيه،آمريڪا سميت مُلڪن جا دورا به ڪيا. سندس زندگي ۾ باءِ پاس سميت مختلف آپريشن به ڪرايا.1985ع ۾ دل جي تڪليف سبب آمريڪا ويو. جتي ڪامياب باءِ پاس آپريشن ٿيو. 2013ع ۾ دل تڪليف سبب ڪراچي جي اسپتال ۾ ”پيس ميڪر“ لڳايو ويو........
    سيد نثار حسين شاهه کي چار ڀاءُ ۽ ٻه ڀيڻون هُيون. ڀائرن ۾ مظهر علي المعروف نياز حسين، غلام رضا سائين، اقبال سائين ۽ اظهر سائين. جيڪي عمر ۾ ننڍا هئا.
    سيد نثار حسين شاه ٻه شاديون ڪيون پهرين شادي درگاهه بُلڙي شاهه ڪريم جي خاندان مان ڪئي، جنهن مان ٻن پٽن ۽ ٽن نياڻين جي اولاد ٿي.پٽن ۾ سيد وقار حسين شاهه ۽ سيد مصطفيٰ شاهه. ٻئين شادي مان هڪ پٽ هڪ نياڻي جي اولاد ٿي. پٽ جو نالو سيد خاور حسين شاهه آهي.
    مارچ 2003ع بمطابق محرم 1424 هجري ۾ والد سيد غلام شبير شاهه هن جهان مان موڪلاڻي ڪئي. ته ريتن رسمن بعد. 21 صفر 1424هجري بمطابق 24 اپريل 2003ع تي شهنشاهه لطيف جي گادي جو (11) يارهون گادي نشين مقرر ڪيو ويو.
    پاڻ گادي نشين واري دور ۾ هڪ ” نئين رسم“ جو بنياد وڌو. ”جو هر جمع تي هٿ ۾ ٻُهارو کڻي (شهنشاهه لطيف) جي درگاهه تي ٻهاري ڏيندو هو.“ ۽ پاڻ کي ”ڀٽائي جي در جو ٻُهاريدار سڏائيندو هو.“
    ”شهنشاهه لطيف جا تبرڪات“: جمني (وٽو). پائڻ وارا ڪپڙا، جُتي، مُصلو، تسبيح اڃا تائين (ڀٽ شاهه) تي پوين وٽ محفوظ آهن. جو 16 صفر تي سجاده نشين: شهنشاهه لطيف جا ڪپڙا، ٽُوپي، پٽڪو، گودڙي پائي آيل مُريدن کي ديدار ڪرائيندو آهي. شهنشاهه لطيف جا اِهي تبرڪات 16 صفر تي ڏيکاريا ويندا آهن.
    شهنشاهه لطيف جي (271) هين عرس مبارڪ جي موقعي تي ” شاهه لطيف عالمي ادبي ڪانفرنس“ 15 صفر 1436هجري بمطابق 8 ڊسمبر 2014ع تي ٿي. جنهن جي صدارت ڊاڪٽر غلام علي الانا ڪئي. جڏهن ته خاص مهمان سيد نثار حسين شاهه جن هئا. پاڻ شهنشاهه لطيف جون هي آخري تقريبُون ڏسي. (21) ڏينهن بعد 6 ربيع الاول 1436هجري بمطابق، 29 ڊسمبر 2014ع تي صبح سوير (70) سالن جي عمر ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. کيس شاهه حبيب جي روضي مبارڪ ۾ پنهنجي والد سيد غلام شبير شاهه جي ڀر ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
    8 ربيع الاول 1436 هجري مطابق 31 ڊسمبر 2014ع تي سندس پڳ دار پٽ سيد وقار حسين شاهه (ڀٽائي) کي. شهنشاهه لطيف جي درگاهه جون ذميواريون سونپيون ويون. درگاهه شاهه ڪريم بُلڙي واري جي گادي نشين: سيد اسد شاهه ڪريمي. سيد وقار حسين شاهه کي شهنشاهه لطيف جو تاريخي لباس (حال ڌاڳا) اوڍائي: 10/9 ربيع الاول 1436 هجري بمطابق پهرين جنوري 2015ع تي شهنشاهه لطيف جي گادي جو ٻارهون سجاده نشين مقرر ڪيو ويو.

    حوالا:
    1: ڪتاب: شاهه عبداللطيف ڀٽائي شخصيتون ۽ درسگاهون: غلام شبير پيراهن. سال 2015ع
    2: امرتا: (شاهه لطيف نمبر) : فقير محمد ڍول. سال
    3: جوهر تقويم: ضياءُالدين لاهوري سال 2004ع
    4: ڪاوش ۽ ڪوشش اخبار 2014ع
    5: فڪر لطيف: تنظيم فڪر و نظر سنڌ. ص _ 34


    12. سيد وقار حسين شاهه

    سيد وقار حسين شاهه جو جنم 18 محرم الحرام 1395 هجري مطابق 31 جنوري 1975ع. جمع جي ڏينهن تي ٿيو. والد صاحب جو اسم گرامي سيد نثار حسين شاهه هو. سيد نثار حسين شاهه (2) شاديون ڪيون. جن مان (3) پٽن ۽ (4) نياڻين جي اولاد ٿي.
    سيد وقار حسين شاهه ماسٽر جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪئي. پنهنجي والد صاحب جي قائم ڪيل ”شاهه لطيف فائونڊيشن“ کي شهر شهر ۾ متعارف ڪرايو آهي. ۽ شهنشاهه لطيف جي پيغام کي هر هنڌ پهچائڻ ۾ ڪردار اهم رهيو آهي.
    سيد وقار حسين شاهه کي نياڻين کان علاوه هڪ پٽ جي اولاد آهي جنهن تي ڏاڏي جو نالو: سيد غلام شبير شاهه رکيل آهي. پاڻ ادبي سرگرمين ۾ به هميشه اڳڀرا رهيا آهن. شهنشاهه لطيف جي (272) هين عرس مبارڪ جي موقعي تي ادبي ڪانفرنس جيڪا 15 صفر 1437 هجري مطابق 28 نومبر 2015ع تي (ڀٽ شاهه) ۾ ٿي. ان جا پاڻ خاص مهمان هئا.
    سيد وقار حسين شاهه ڪتاب ”روحاني رمزون“ کي ترتيب ڏيئي شايع ڪرايو آهي. 31 ڊسمبر 2014ع اربع مطابق 9/ 8 ربيع الاول 1436 هجري تي پاڻ شهنشاهه لطيف جي گادي جا (12) هون نمبر (سجاده نشين) مقرر ٿيا.
    ”آل پاڪستان مشائخ ڪائونسل“ جوڙي ويئي آهي. جنهن ۾ (8) گادين جا گادي نشين گڏ ٿي. سيد وقار حسين شاهه کي ”آل پاڪستان مشائخ ڪائونسل“ جو صدر چونڊيو آهي.


    ”شهنشاهه لطيف جي رسالي جا ناياب بيت“

    آتڻ اورانگهي وِيا، اڱَڻِ مُون اَفسوسُ،
    ديوانِيءَ سين دوسُ، ساٿِي آهي سُڃَ ۾.
    شاهه جو رسالو: غلام محمد شاهواڻي. (سُر حسيني، داستان اٺون بيت 2: سال 2012ع صفحو 464. سنڌيڪا ايڪڊمي ڪراچي).

    اکر جو الف جو، سو مرندي سيئن م مڃ،
    سوڪي هينئين سَڃ، جو الف کي اوڏو ٿئي.
    شاهه جو رسالو: محمد عثمان ڏيپلائي: (سُر يمن ڪلياڻ، داستان پنجون، بيت- 35 سال: آڪٽوبر 2009 صفحو: 54 مهراڻ ايڪڊمي شڪارپور).

    جا مُهاڙِ مِهارَ، سو مُنهن مينهن نه ٿِيو،
    ڪَپَرُ ڪارونڀار، ڪيئن لنگهينديون ڪُنڍِيُون.
    شاهه جو رسالو: علامه آءِ آءِ قاضي: (سُر سهڻي. داستان پنجون، بيت 17 صفحو 782. سال 1993ع سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو/حيدرآباد سنڌ).

    گندُ جن جي گوڏِ ۾، ڪَڍَنِ ڪالوڙا،
    لوڙيون کينِ لطيفُ چي، آسَڻَ اَ جُوڙا،
    تَماچِي توڙا، وَڻِي ويچارَنِ سِين.
    شاهه جو رسالو: عثمان علي انصاري: (سُر ڪاموڏ، داستان پهريون، بيت 17 سال: جون 2013ع صفحو 437 ثقافت کاتو حڪومت سنڌ).

    هوتَن ڪارڻِ هيرَ، نيڻَ نِهارا مُون ڪيا،
    پنهون ڀري پير، پُڇي مانَ پِيا ديين.
    شاهه جو رسالو: مرزا قليچ بيگ: (سُر ڏهر فصل ٻيو بيت 17 سال: 2007ع. ص: 496 سنڌ لنگويج اٿارٽي حيدرآباد سنڌ).

    زُمَر زُ خرف سومرا، تن ۾ تونهين تُون،
    لَئون منجهه لطيف چئي، آهي لَحم لَبنِ لُون،
    مارُن موڪل مُون، وريو ورق وصال جو.
    شاهه جو رسالو: محمد قاسم راهمون (ساڪري): (سُر مارئي، داستان پنڌرهون. بيت 17 سال 2011ع روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو صفحو 664)

    سَختي شَهادت جي، شادي جو ڏينهن،
    ذَرو ناهه يِزيد ڏي، نِسورو ئِي نينهن،
    مَرُڪَ وَٺو مِينهن، عَلِي جي اولاد تي.
    شاهه جو رسالو: سگهڙ حاجي الهداد جنجهي (سُر ڪيڏارو بيت 10. داستان پهريون. صفحو 137 سال ڇاپو ٻيو: جون 2008ع ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد سنڌ).

    تارا! تيلاهِين، تو ڏانهُ گهڻو نِهاريان،
    سَڄڻ جيڏا هِين، تون تيڏا هِين اُڀِرين.
    شاهه جو رسالو: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: (سُر کنڀات، داستان پهريون بيت 19 صفحو 82 سال 2012ع سنڌيڪا ايڪڊمي ڪراچي).

    وَٺِيو وَڃِجُ واٽ، ڪَنڌُ مَ ڦيرِجُ ڪيڏ هِين،
    لوڻي ڦير لَپاٽ، لڳنديئي لطيف چئي.
    شاهه جو رسالو: علامه غلام مصطفيٰ قاسمي: (سُر مومل راڻو. فصل چوٿون بيت 2 صفحو 444. سال جنوري 2015ع. ڇاپو پنجون، مهراڻ ايڪڊمي شڪارپور).

    وانءُ اورانگهي اوريان، پيءُ مَ طَهُورا،
    وِچان جي وصال کي، سي سَڀِ اَجُورا،
    حاصِلُ حُضورا، سَمي جي سَڀُ ٿِئي.
    شاهه جو رسالو (حمائل سائيز): استاد لغاري: (سُر بلاول. داستان ٻيو، بيت 8، صفحو 181. سال 2015ع سُهڻي سنڌ ايڪڊمي کپرو سنڌ).


    باب ٻيون : شهنشاهه لطيف کان اڳ جا بزرگ شاعر

    حضرت فريد الدين عطار رح (513هه_ 627هه)

    حضرت خواجه فريد الدين عطار رح جي ولادت شعبان 513هه مطابق نومبر 1119ع نيشاپور ۾ ٿي. والد صاحب جو اسم گرامي، ابي بڪر ابراهيم هو. ” تنڪرته الاولياءَ“ جيڪو خواجه فريد الدين عطار رح جو لکيل آهي. اُن ۾ نسبي نالو: محمد ڪنيت ابو خاسد/ابو طالب لقب فريد الدين تخلص ”عطار“ والد صاحب وقت جو هڪ صوفي بزرگ هو. ۽ قطب الدين حيدر جو مريد هو.
    خواجه صاحب شروع ۾ هڪ وڏي شفا خاني جو مالڪ هو. هڪ ڏينهن اتفاق سان هڪ فقير اچي صدا هنئي. ۽ چيائين ته تُون پنهنجي ڪاروبار ۾ مصروف آهين. پنهنجو فڪر ڪر، اڳتي هلي ڇا ڏيندين“. اِهي لفظ چئي چپ ڪيائين. ته خواجه صاحب چيو. ته ”جيئن تون ڏيندين“. فقير اُتي جو اُتي سُمهي پيو. ۽ زبان مان لا اِله اِلا الله چوندي ئي دم پرواز ڪري ويو. خواجه فريد انهي عمل کان تمام گهڻو متاثر ٿيو. ۽ شفا خاني ۾ پيل سامان ماڻهن ۾ مفت ورهائي. فقيري جو رستو اختيار ڪيائين.
    خواجه صاحب شيخ رڪن الدين اسڪاف جي خدمت ۾ اچي حاضر ٿيو. ۽ ڪافي سال سندس خدمت ۾ گذاريا. پاڻ شيخ مجدالدين بغدادي جي هٿ تي بيعت ڪئي. ۽ سلوڪ جو منزلون طئي ڪيون. ۽ مرشد جي فيض مان فيضاب ٿيا.
    تذڪره نوسيين جي لکڻ موجب ته مون مولانا جلاالدين رومي رح جي والد حضرت بهاوالدين نيشاپور ۾ حضرت فريدالدين ” حضرت عطار“ سان ملاقات ڪئي هئي. اُن وقت مولانا رومي جي عمر ڇهه سال هئي. مولانا رومي کي ڏسندي ”عطار“ سُڃاڻي ورتو. ۽ پيار ڪندي ۽ اِن ننڍڙي نينگر کي پنهنجي مثنوي ”الاهي نامه“ سوکڙي طور ڏني. جيڪا تصوف جي رازن ۽ رمزن سان ڀريل آهي. ۽ فرمايائين ته:
    ”زود باشد که اين پسر در سوفتگاران عالم زند“

    واقعه شهادت:
    تذڪره نگار خواجه صاحب جي شهادت معتلق ڄاڻائيندي لکن ٿا. ته تاتارين جي هنگامي ۾ ”خواجه عطار“ کي هڪ سپاهي گرفتار ڪري وٺي وڃي رهيو هو. ته هڪ رستي ويندڙ سپاهي کي چيو ته ”هن ضعيف مرد کي قتل نه ڪر. آءُ ڏهه هزار اشرفيون ڏيان ٿو. هن کي ڇڏي ڏي.“ سپاهي لالچ ۾ ايندي اڳتي وڌيو. ۽ وري هڪ ٻيو شخص مليو. جنهن به ڪافي ڳري رقم ڏيڻ جي آڇ ڪندي. هن بزرگ کي حوالي ڪرڻ لاءِ چيو. پر ان سپاهي سڀ آڇون پوئتي ڪندي حضرت خواجه فريدالدين عطار رح کي سِر سِسِي کان جُدا ڪري. شهيد ڪري ڇڏيو. هن اولياءَ الله جي بزرگ جي شهادت 627 هجري 1230ع ۾ ٿي. آخري آرام گاهه نيشاپور ۾ آهي.
    پاڻ نثر ۽ نظم ۾ ڪافي ڪتاب لکائين. قاضي نورالله شوستري جي ڪتاب ” مجلس المومنين“ ۾ سندس ڪتابن جو تعداد 114 ملي ٿو. مشهور ڪتابن ۾: تذ ڪرت الاولياءَ، منطق الطير، مصيبت نامه، اسرار نامه، الاهي نامه، ديوان بيرنامه، پند نامه، وصيت فامه، خسرو نامه، شرح القلب، فصلت نامه، بلبل نامه، جواهر نامه، هيلاج نامه، بسير نامه، حيدر نامه، مختار نامه، اشتر نامه، مظهر العجائب، لسان الغيب ۽ هفت وادي وغيره ڪتابن ۾ شمار ٿين ٿا.
    خواجه فريدالدين عطار جي شعرن جو تعداد ٻه لک ٻه هزار سٺ آهي. ڪتاب ”تذڪره الاوليا“ ڪتابن ۾ وڌيڪ مشهور آهي. سموري شاعري تصوف جي رنگ ۾ رکيل نظر اچي ٿي. مولانا جلال الدين رومي به سندن شاعري ۾ تعريف ڪئي آهي. پنهنجي ڪتاب ”نفحات الائنس“ ۾ فرمايو آهي. ته ”توحيد جا جيترا اسرار ۽ نُڪتا ۽ وجد حال جون جيتريون حقيقتون ”عطار“ جي مثنوين ۽ غزلن ۾ ملن ٿيون. اوتريون ٻئي ڪنهن به صوفي وٽ نه ٿيون ملن.“
    خواجه فريدالدين عطار ”منطق الطير“ ۾ جيڪي مضمون آندا آهن. سي سمورا سچل سائين پنهنجي ڪلام ۾ بيان ڪيا آهن.

    حوالا:
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي دور ۾ تصوف جا سلسلا:ڊاڪٽر عباد مظهر
    قصص الاولياءَ:محمد حسيب القادري
    تذڪره اولياءَ:حضرت شيخ فريد الدين عطار
    سنڌ جو عطار(حضرت سچل سرمست):ڊاڪٽر نواز علي شوق


    حضرت خواجه معين الدين چشتي اجميري رح ( 536هه _ 633هه)

    حضرت خواجه معين الدين چشتي اجميري جي ولادت باسعادت 536 هجري مطابق 1141ع ۾ سنجرستان (سجستان) ۾ ٿي. والد صاحب جو نالو سيد غياث الدين هو. سندس نسبي سلسلو خواجه معين الدين بن سيد غبارت الدين بن سيد ڪمال الدين بن سيد احمد حسين بن سيد طاهر بن سيد عبدالعزيز بن سعيد ابراهيم بن حضرت امام موسيٰ رضا بن حضرت امام موسيٰ ڪاظم بن حضرت امام جعفر بن امام قربن حضرت امام زين العابدين بن حضرت امام حسين بن حضرت علي المرتضيٰ رضي الله تعاليٰ عنه سان ملي ٿو.
    پاڻ جڏهن19 کان 20 سالن جي عمر جا ٿيا. ته والد صاحب هن جهان مان موڪلاڻي ڪري مالڪ ملڪ جي بارگاهه ۾ وڃي ابدي آرامي ٿيا. والد صاحب جي وفات کان پوءِ ڀائرن ملڪيت تقسيم ڪئي. خواجه صاحب کي هڪ باغ ۽ ڪجهه زمين جو ٽڪرو حوالي ڪيو. پاڻ اُن مان گذر سفر ڪرڻ لڳا.
    هڪ ڏينهن پاڻ باغ ۾ ويٺا هئا. ته هڪ بزرگ نالي ابراهيم قلندر باغ ۾ داخل ٿيو. پاڻ سهڻي نموني اُن جو آڌر ڀاءُ ڪيو. ۽ هٿن کي چُميو. ۽ وڻ جي هيٺيان ويهاري باغ مان انگور آڻي حوالي ڪيا. بزرگ ابراهيم قلندر اُن انگورن کي کائي پنهنجي پاسي مان (کَلي) ڪڍي. پنهنجي لبن تي رکي حضرت خواجه اجميري کي ڏني. ۽ دُعا ڪئي ته کاءِ پاڻ جڏهن کاڌائون رب العالمين طرفان ڏنل سب ڪجهه اندر ۾ سمائجي ويو. پاڻ حقيقي منزل کي اچي رسيا.
    خواجه صاحب پنهنجو باغ ۽ زمين کي غريبن ۽ مسڪين ۾ تقسيم ڪري سمر قندر روانا ٿيا. ڪجهه ڏينهن رهڻ کان پوءِ ”علم ظاهري“ مان سرشار ٿي. عراق وڃڻ جو ارادو ڪيو. الله وارن بزرگن سان روح رهاڻيون ٿيون . ۽ نيشاپور جي قصبه هارون ۾ حضرت عثمان هاروني جي خدمت ۾ حاضر ٿيا. جتان فيض مان فيضان ٿيا. ۽ مريد ٿي فرقه خلافت حاصل ڪيو . پاڻ سالن جا سال پنهنجي مُرشد وٽ اچي. فيض وٺندا هئا. پاڻ پورا 20 سال 6 مهينا مُرشد جي خدمت ۾ گذاريا. اِن پوري عرصي ۾ مرشد جو سفر خرچ به پنهنجي سِر تي کنيو. ڪافي حج به ڪيا. پان مُرشد کان اڍائي سالن ۾ ”فرقه خلافت“ حاصل ڪيو.
    قصبه هارون کان پهريون سفر ” قصبه سنجان“ طرف ٿيو. جتي حضرت شيخ نجم الدين ڪبريٰ سان ملاقات ٿي. پورا اڍائي مهينا بزرگ جي خدمت ۾ گذاريا. ۽ بعد ۾ بغداد شريف کان ”جبل جودي“ تي پهتا. هي اُهو جبل آهي. جتي حضرت نوح عليه السلام جي ٻيڙي تيار ٿي هئي. حضرت غوث اعظم رحمته الله عليه جي زيارت نصيب ٿي. پنج مهينا ست ڏينهن حجره زيارت گاهه ۾ گذاريا. حضرت غوث پاڪ سان گڏ جيلان ۽ بغداد جو سير ڪيو. ۽ بغداد ۾ حضرت شيخ ضياء الدين سان ملاقات ٿي ۽ شيخ شهاب الدين سهروردي سان به روح رهاڻي ٿي. ۽ همدان ۾ خواجه واحد الدين ڪرماني جي صحبت ۾ چند ڏينهن رهيا. ۽ يوسف حمداني سان به ملاقات جو شرف حاصل ٿيو.
    بعد ۾ تبريز ۾ حضرت ابو سعيد تبريزي جي هم صحبت ٿي. (صنهان ۾ خواجه محمود اصفهاني سان ملڻ جو موقعو مليو. جتي خواجه ابو سعيد مهندي سان به مليا. ۽ زيارت شرف حاصل ٿيو. غزني ۾ ڪجهه ڏينهن شمس العارفين شيخ عبدالواحد غزنوي سان ملاقات ٿي. ڪافي اولياءَ ڪرامن سان ملاقات جو شرف نصيب ٿيو. ۽ ڪجهه بزرگن کان فيض مان فيضابي ملي.
    ”انيس الارواح“ ۾ تحرير آهي ته:
    حضرت خواجه معين الدين چشتي هڪ دفعي فرمايو ته مرشد حضرت خواجه عثمان هاروني مڪي معظمه ۾ زيارت ” خانه ڪعبته ۾ منهنجو هٿ وٺي بارگاهه الاهي ۾ عرض ڪيو. ۽ منهنجي لاءِ دُعا فرمائي..... غيب کان آواز آيو. ته ”معين الدين“ اسان قبول ڪيو. ۽ مرشد وري ”روضه رسول“ ۾عرض ڪيو. ته آواز آيو ته قطب المشائخ هند جي ولاديت اسان تو کي عطا ڪئي. مُرشد حضرت خواجه عثمان هاروني ڏاڍا خوش ٿيا. ۽ هندستان وڃڻ جي اجازت ڏني.
    خواجه صاحب پنهنجي مرشد کان موڪلائي تبريز، استر آباد ۽ حرات ۾ ڪجهه ڏينهن رهڻ کان پوءِ شيخ عبدالله انصاري جي حجره شريف ۾ به گذاريو. پاڻ هڪ ڏينهن ۾ ”قرآن پاڪ جا 2 ختم ڪڍندا هئا“.
    حضرت خواجه معين الدين چشتي هندستان ۾ اسلام جي تبليغ ۾ غير مسلم ۽ مسلم کي ايترو ته مائل ڪيو. جو لکن جي تعداد ۾ غير مسلم اچي مسلمان ٿيا. ۽ ڪافي مسلمان اچي مريد بڻيا. دهلي کان روانا ٿي اجمير شريف جي سر زمين تي قدم رکيو. ان وقت حاڪم اجمير راجه پرٿوي هو. راجه پرٿوي جي والده نجمومي هئي. هن ٻارهن سال پهريان پنهنجي پٽ کي چيو هو.ته هڪ بزرگ پيدا ٿيندو. جنهن جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ تنهنجي سلطنت ختم ٿي ويندي.
    پاڻ هڪ وڻ هيٺيان قيام فرمايو. مگر هڪ شخص اچي چيو ته سائين هتي مهاراج جا پکي رهندا آهن، هت نه ترسو اڳتي وڃو. پاڻ اتان روانا ٿي. انا ساگر وٽ اچي قيام پذير ٿيا. جڏهن صبح ٿي. ته مهاراجه جي ماڻهن جڏهن پکين کي ڏٺو. ته پکي هڪ ئي جاءِ ٿي پنڊ پهڻ ٿي ويا آهن. سموري حقيقت راجه کي ٻڌائي. ته اِن فقير جي بددعا سان مسئلو پيش آيو آهي. سڀئي صلاح مشورو ڪري حضرت جن وٽ آيا. پاڻ فرمايائون. ته وڃو خدا تعاليٰ جي حڪم سان توهان جا پکي (ڪڪڙ) صحيح سلامت آهن. جڏهن اُهي اُن جگه تي آيا. ڪڪڙ ۽ ٻيا پکي اُٿي بيهي رهيا. پوري علائقي ۾ ڳالهه مشهور ٿي ويئي. دشمن اسلام وڃي راجه کي سموري حقيقت ڪئي. ته راجه وراڻيو ته اُن فقير کي هتان بيدخل ڪيو وڃي. هڪ جٿو مقرر ٿي حضرت جن وٽ سامهون آيو. ۽ تڪليف پهچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. حضرت جن مٽي کڻي ”آيت الڪرسي“ دم ڪري انهن جي منهن ۾ هنيائون. جنهن جي منهن تي مٽي لڳي پورو جسم خشڪ ٿي سُڪي ويو. ۽ بقايه ڀڃي شهر پهتا. ٻئي ڏينهن تي راجه سميت حضرت جن جي سامهون اُن تلاءُ وٽ اچي جمع ٿيا. جيئن ئي حضرت جن جي نظر پيئي ته سڀني جي جسم ۾ حرڪت پيدا ٿي ويئي. ۽ بيهوش ٿيڻ لڳا. اُن وقت رام ديو مهنت ”مجمد ڪثير“ ساڻ ڪري حضرت جن سامهون پيش ٿيو. ۽ سلام عرض ڪيو. ۽ مخالفن سامهون مقابلو ڪري. اُنهن کي پريشان ڪيو. حضرت جن رام ديو مهنت کي هڪ پيالو پاڻي جو شُڪاري پيئڻ لاءِ چيو. ۽ جڏهن پيتائون ته ڪفر جو رنگ دور ٿي ويو. ۽ اندر روشن ٿي پيو. پاڻ اچي حضرت معين الدين جا مريد بڻيا. پاڻ اِن جو نالو ”شادي ديو“ رکيو. پوري اجمير ۾ اِها ڪيفيت رهي ته هي ڪو وڏو جادوگر آهي.
    راءِ پٽورا هندستان مان وڏي جادوگر (جي پال جوڳي) کي گهرايو. جي پال جوڳي ڏيڍ هزار چيلا ساڻ ڪري مقابلو ڪرڻ لاءِ اجمير اچي پهتو. سڀ اچي انا ساگر پهتا. حضرت معين الدين پهريان ئي وضو ڪري. پنهنجي چوگرد عصاءِ مبارڪ“ جو دائرو ڏيئي. فرمايائون ته انشاءَ الله دشمن ڪڏهن به هن دائري اندر داخل نه ٿي سگهندو. جئپال جوڳي جڏهن سامهون آيو. ۽ ڏيڍ هزار جيڪي گڏ هئا. جن جو پير دائري اندر داخل ٿيندي ئي بيهوش ٿي ويا. حضرت جن ”شادي ديو“ کي حڪم ڪيو. ته ”انا ساگر“ مان پيالو پاڻي جو ڀري آ. جڏهن شادي پيالو پاڻي جو ڀري آيو. ته انا ساگر جو سمورو پاڻي ختم ٿي ويو. ۽ جي پال وائڙو ٿيڻ لڳو. ۽ حضرت جن کي سامهون ٿي چوڻ لڳو ته خدا جا بنده فقير ڪنهن کي تڪليف ته نه ڏيندا آهن. ۽ ظلم نه ڪندا آهن. تنهن تي حضرت معين الدين ”شادي ديو“ کي چيو ته ”انا ساگر“ ۾ وڃي هي پاڻي جو پيالو هار. پاڻي هارڻ سان ”انا ساگر“ پاڻي ۾ ڀرجي ويو.
    جي پال جادوگر جادو وسيلي پهاڙن مان نانگ گُهرايا. اُهي نانگ سامهون ايندي رُڪ ٿي ويا. هي عمل ناڪام ٿيندي جي پال آسمان مان باهه گهرائي. باهه جا ڍڳ ٿي ويا. مگر ڪجهه به وصول نه ٿيو. آخر ڪار جي پال ڪڪڙ کي هوا ۾ ڇڏي ان تي چڙهي روانو ٿيو. حضرت جن اها ڪيفيت ڏسي حڪم ڪيو ته جي پال کي ڳولي سامهون پيش ڪيو. جي پال کي آڻي سامهون پيش ڪيو ويو. حضرت معين الدين جي قدمن ۾ ڪري جي پال مسلمان ٿيو. ۽ عرض ڪيو ته دُعا ڪيو ته تا قيامت زنده رهان. حضرت جن بارگاهه عالي ۾ دُعا گهري. ۽ جي پال کي چيو ته الله تعاليٰ تو کي حيات دائمي بخشي. مگر تون پوشيده رکهه. جي پال اجمير جي پهاڙن ۾ موجود آهي. جو زيارتي گُم ٿيندو آهي. جي پال اُن جي رهبري ڪندو آهي. اڃايل لڳايل زيارتي کي کاڌو پهچائيندو آهي. حضرت معين الدين اجميري جي پال جو نالو عبدالله رکيو. راءِ پنهوار جڏهن جئپال جي اها ڪيفيت ڏسي ڏاڍو شرمنده ٿيو. ۽ والدهه به کيس چيو ته ٻارهن سال پهريان مون چيو هو. هي اُهو ئي شخص آهي.
    حضرت معين الدين چشتي 589 هجري مطابق سن 1193ع ۾ لاهور ۾ حضرت داتا گنج بخش علي هجويري جي درگاهه تي اچي چلو ڪاٽيو. ۽ ڪجهه عرصو رهڻ بعد اجمير واپس وريو. پاڻ غوثي، قطبي، ۽ قطب الاقطابي جي مقام مان گذري قطب وحدت يعني مرتبه محبوبيت سان فائز ٿيا.
    حضرت خواجه معين الدين چشتي پاڻ بلندياپي جا شاعر به هئا. سندس شعرن جو تعداد (7000) ست هزار آهي. پاڻ 6 رجب المرجب 633هجري مطابق 16 مارچ 1236 ع ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ”اجمير شريف“ ۾ آهي. روضي جي پهريان تعمير جو ڪم خواجه حسين ناگوري ڪرايو. شاهه جهان بادشاهه پنهنجي دور ۾ روضه ڀرسان مسجد تعمير ڪرائي.

    ”اجمير شريف“
    اجمير شهر 493 هجري مطابق 1100ع ۾ آباد ٿيو. 1192ع ۾ محمد غوري هن شهر کي فتح ڪيو. 1195ع ۾ قطب الدين ايبڪ هن شهر کي پنهنجي سلطنت ۾ شامل ڪيو. 1398ع ۾ راجپوتن جي قبضي هيٺ اچي ويو. 1455ع کان 1531ع تائين مالواجي سلاطينن جي قبضي ۾ رهيو. اڪبر بادشاهه هن شهر کي پنهنجي سلطنت ۾ شامل ڪيو. اڪثر ڪري خواجه مين الدين چشتي (اجميري) جي مزار تي زيارت ڪرڻ لاءِ ايندو هو. 1721ع ۾ راجپوتن ٻيهر قبضو ڪيو. ۽ وري مرهٽن جي قبضي هيٺ اچي ويو. اِنهن 1818ع ۾ اجمير شهر کي انگريزن جي حوالي ڪيو.

    حوالا:
    اسلام شاهڪار انسائيڪلو پيڊيا: سيد قاسم محمود
    دنيا جون 125 عظيم شخصيتون: راڻي شمس بلو
    دنيا ڪي عظيم لوگ: سيده اعجاز بانو رضوي
    تذڪره اولياءَ برصغير پاڪ و هند:مرزا محمد اختر دهلوي


    سلطان سخي سرور (وفات _ 512 هجري)

    صوفي بزرگ ”سخي سرور سلطان“ ملتان جي ڳوٺ ”ڪرسي ڪوٽ“ ۾ پيدا ٿيو. ( پر انسائيکلوپيڊيا پاکستانيڪا ص (545) تي پيدائش جو هنڌ موضع: شاهه ڪوٽ ضلع ديرا غازي ڄاڻايو آهي.
    نالو ”سيد احمد“ لقب ” سلطان سخي سرور“ هو. شروعاتي تعليم مولوي اسحاق کان حاصل ڪئي. حضرت شهباالدين سهروردي کان تصوف ۾ فيض حاصل ڪيو. سلطان سخي سرور اسلام جي تبليغ لاءِ هر ڳوٺ، شهر وسطي واهڻ ۾ وڃي ماڻهن کي اسلام جي دعوت ڏني. زندگي جو گهڻو حصو اسلام جي تبليغ لاءِ وقف ڪيو.
    پاڻ ڪجهه عرصو لاهور ۾ رهيا. ۽ پوءِ بغداد شريف روانا ٿيا. غوث الاعظم شيخ عبدالقادر جيلاني جي خدمت ۾ رهي فيض و برڪت حاصل ڪيو. بغداد ۾ ڪجهه عرصو رهڻ کان پوءِ واپس پشاور آيا. ۽ پشاور کان ڌونڪل (وزيرآباد) طرف روانا ٿيا. ڪجهه سال ”وزير آباد“ ۾ رهي ماڻهن کي اسلام جي تبليغ کان واقف ڪيو.
    وزير آباد کي خير آباد چئي ملتان واپس آيا. حاڪم ملتان ڳهڻو خان سندس حسن اخلاق کان ايترو ته متاثر ٿيو. جو پنهنجي نياڻي سان (سخي سرور) جي شادي ڪرائي ڇڏي. حاڪم ملتان تمام گهڻو مال ۽ روڪ رقم مُهيا ڪئي پر پاڻ مال ۽ ملڪيت غريبن ۾ تقسيم ڪري ڇڏي. انهي سخاوت جي ڪري ” سخي سرور“ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو.
    سخي سرور ملتان کي خير آباد چئي پنجاب صوبي جي ضلعي ديرا غازي خان کان 35 ڪلو ميٽر (22) ميل اولهه طرف (شاهه ڪوٽ) ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي. زندگي جا باقي ڏينهن ”شاهه ڪوٽ“ ۾ رهي اسلام جي تبليغ کي عام ڪيو.
    ”سخي سرور“ جي ”اسلامي پرچار“ ڪن ماڻهن کي اک ۾ ڪنڊي جيان لڳي. آخر دشمن وار ڪري ” سخي سرور“ کي گهر واري سميت 1117ع مطابق 512 هجري ۾ شهيد ڪري ڇڏيو. (انسائيکلوپيڊيا پاکستانيڪا: ص 554) تي شهادت جو سال 1181ع ڄاڻايو آهي. انسائيڪلو پيڊيا پاڪستانيڪا، وفات جو سال حقيقت ۾ 1118 ڄاڻايو آهي پر پروف جي غلطي سبب 1181ع لکجي ويو، پر هجري سال 512 کي چيڪ ڪرڻ سان عيسوي سال 1117ع بيهي ٿو. نه ڪي 1118ع.) سندس مزار مبارڪ ڪوهه سليمان جي دامن ۾ ديرا غازي خان فورٽ منرو شاهراهه تي واقع آهي. مزار مبارڪ مٿان عاليشان مقبرو ڄاڻايل آهي. راقم خود مزار مبارڪ تي وڃي حاضري ڀري ۽ ڌڻي در دعا گُهري.
    (3) اپريل 2011ع تي ”سخي سرور“ جي سالياني عرس مبارڪ جي موقعي تي ظالمن (درگاهه) تي بم جو حمل ڪيو جنهن ۾ (112) زائرين شهيد ٿي ويا. ۽ (200) جي لڳ ڀڳ ماڻهو زخمي ٿي ٿيا.

    حوالا:
    دنيا ڪي عظيم لوگ: سيده اعجاز بانو رضوي:سال 1992ع
    انسائيڪلو پيڊيا پاڪستانيڪا: سيد قاسم محمود: مارچ 1998 ص 545)
    جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري 2004ع


    حضرت شيخ جلاالدين تبريزي رح (560 هه _ 642 هه)

    حضرت شيخ جلال الدين تبريزي جو جنم شهر تبريز ”ايران“ ۾ ٿيو. پاڻ 560 هجري مطابق 1165ع ۾ شيخ محمد جي گهر ۾ جنم ورتو. کيس ”سلطان الانبياءَ“ سڏيو وڃي ٿو. پاڻ شيخ ابو سعيد تبريزي جا مريد هئا. پنهنجي مُرشد جي وفات بعد حضرت شيخ شهاب الدين سهروردي جي خدمت ۾ ڪافي وقت گُذاريو. شيخ شهاب الدين سهروردي هر سال بغداد کان حج تي روانا ٿيندا هئا. جڏهن پاڻ پوڙائپ ۾ آيا. ته ٺريل کاڌو نه کائي سگهندا هئا. حضرت شيخ جلال الدين تبريزي پاڻ ماني ۽ تازي ڀاڄي تيار ڪري ديڳڙي مٿي تي رکي هميشه گُهرڻ محل تازو ۽ گرم کاڌو خدمت ۾ پيش ڪندا هئا.
    حضرت شيخ جلال الدين تبريزي رح سير سياحت ۾ حضرت بهاو الدين زڪريا (ملتاني) سان هميشه هميشه گڏ رهيا. ۽ سفر دوران شهر ۾ درويشن سان ملي روح رهاڻي ڪري دلي سڪون حاصل ڪيو.
    پاڻ نيشاپور ۾ حضرت فريد الدين عطار جهڙي ڀلاري بزرگ سان ڪچهري ٿي. جڏهن پاڻ واپس آيا. ته حضرت بهاوالدين ذڪريا پڇيو ته درويشن مان ڪچهري ۾ڪهڙو وڌيڪ پسند آيو. ته پاڻ فرمايائون ته حضرت فريدالدين عطار جي ڪچهري ڏاڍي پسند آئي. جنهن پهچڻ محل پُڇيو ته فقير ڪٿان آيا آهيو. مُون وراڻيو ”بغداد“ مان. پاڻ پُڇيائون. ته ”بغداد“ مان ڪهڙا ڪهڙا درويش ”مشغول بحق“ آهن. جو آئون ڪو به خاطر خواهه جواب نه ڏيئي سگهيس.
    پاڻ سير سفر ۾ ملتان شريف جي ڀلاري سر زمين تان گهمندا. حضرت بابا فريد ”گنج شڪر“ جي شهر ۾ پهتا. بابا فريد کي ماڻهو ”قاضي بچر“ جي نالي سان پڪاريندا هئا. پاڻ ماڻهن کان پُڇا ڪيائون ته هن شهر ۾ ڪو درويش آهي. ماڻهن ٻڌايو ته ”قاضي بچه“ آهي. جو مسجد ۾ رهندو آهي. ۽ حضرت قطب الدين بختيار ڪاڪي رحمته الله عليه جو مريد آهي.
    شيخ جلال الدين تبريزي ملڻ لاءِ اچي رهيو هو. ته رستي ۾ هڪ شخص انار پيش ڪيو. پاڻ انار کي هٿ ۾ وٺي. حضرت بابا فريد مسعود گنج شڪر (قاضي بچه) جي سامهون انا رکي. کائڻ لاءِ پيش ڪيو. پر بابا فريد کي روزو هو. پاڻ نه کاڌائون. انار مان هڪ داڻو زمين تي ڪريو جُو بابا فريد اُهو داڻو کڻي پنهنجي ”دستار مبارڪ“ ۾ رکي ڇڏيو. ۽ شام جو ان داڻي سان روزو کوليو. کائڻ سان طبيعت ۾ بهتري ۽ دل ۾ روشني پيدا ٿي. جڏهن بابا فريد پنهنجي مُرشد حضرت خواجه قطب الدين بختيار ڪاڪي جي خدمت ۾ پيش ٿيو. ته پاڻ فرمايائون ته ”مسعود جو انار جو داڻو تنهنجي قسمت جو هو. تو کي ملي ويو.
    شيخ جلال الدين تبريزي: سفر کي جاري رکندي جڏهن دهلي پهتا، ته سلطان شمس الدين التمش کيس استقبال ڪيو. اِها خبر جڏهن نجم الدين صغريٰ جو وقت جو ”شيخ السلام“ هو. کي سُٺي نه لڳي. جو پنج سو اشرفيون جي لالچ ڏيئي هڪ طوائف جنهن جو نالو ”گوهر“ هو. الزام لڳائڻ تي آماده ڪيو.
    جڏهن اها شڪايت سلطان التمش کي پهتي ته فورن دهلي جا مشاهير ۽ مشائخ گهرايا ويا. (200) سو کان وڌيڪ اولياءِ ڪرام دهلي ۾ جمع ٿيا.
    جمع نماز بعد سڀ مسجد منار ۾ گڏ ٿيا. سلطان التمش. نجم الدين صغريٰ کي چيو ته جو وڻي پنهنجو امين مقرر ڪر. نجم الدين صغريٰ: حضرت بهاوالدين ذڪريا رحمته الله عليه کي پنهنجو امين مقرر ڪيو.
    ”گوهر خاتون“ مجلس ۾ حاضر ٿي. ۽ جڏهن شيخ جلال الدين تبريزي کي سڏايو ويو ته مسجد جي دروازي داخل ٿيندي سڀ اولياءِ ڪرام ” تعظيم“ لاءِ اٿي بيٺا.
    حضرت بهاوالدين زڪريا (رحمته الله عليه) اڳتي وڌي شيخ جلال الدين جا جوتا هٿ ۾ کنيا. ته سلطان التمش ڏسي ڪري مقرر (امين) کي چيو ته توهان جي ايتري عزت ڪرڻ سان معاملو ته حل ٿي ويو.
    حضرت بهاوالدين زڪريا رح فرمايو ته ” مُون تي واجب آهي ته شيخ جلال جي پيرن جي مٽي کي اکين جو سُرمون بڻايان“ ڇو ته 7 سال سفر ۾ پيرو مرشد جي خدمت ڪندي گڏ گذاريا آهن. امر حق الله بخوبي ظاهر آهي.
    حضرت بهاوالدين زڪريا رح جڏهن اُن خاتون کان پُڇا ڪئي. ته اُن سازش جو سمورو احوال سامهون پيش ڪيو.
    حضرت شيخ جلال الدين دهلي ۾ حضرت خواجه قطب الدين بختيار ڪاڪي رحمته الله عليه جي خدمت ۾ پيش ٿيو. ۽ فيض برڪت مان فيضاب ٿيو. ۽ کيس خرقه خلافت حاصل ڪيو. ڪافي وقت رهڻ کان پوءِ اجازت ملي. اجازت ملندي پاڻ فرمايائون ته ”ته جڏهن هن شهر ۾ آيس ته خالص سون هُيس. ۽ هتان چاندي ٿي وڃي رهيو آهيان.“
    بدايون ۾ ڪجهه عرصو رهڻ بعد قاضي ڪمال الدين جعفري سان ملڻ ويا. معلوم ٿيو ته قاضي صاحب نماز پڙهي رهيا آهن. پاڻ مُسڪرايو ۽ فرمايو ته ”ڇا قاضي صاحب کي نماز پڙهڻ ايندي آهي.“ جڏهن قاضي صاحب اهي لفظ ٻڌا ته گرم ٿيڻ لڳو . هڪ رات خواب ۾ قاضي صاحب ڏٺو. ته شيخ جلال الدين عرش تي مصلو وڇائي نماز پڙهي رهيا آهن. ٻئي ڏينهن پاڻ جيئن ئي ملاقات ڪيائون ته فرمايائون ته.
    ” ته آئون معافي جو طلبگار آهيان.“ پوءِ قاضي صاحب جو پٽ برهان الدين سندس مريد ٿيو.
    شيخ جلال الدين بدايون مان سفر سانڀا هو ٿي بنگال پهتو. ۽ مستقل رهائش اختيار ڪئي. ۽ زندگي جا بقايه ڏينهن بنگال ۾ گذاريا. تعليم ۽ تدرس جو عمل شروع ڪيو. مسجد ۽ خانفاهه تيار ڪئي.
    هڪ ڏينهن پاڻ درياءَ جي ڪناري وضو ڪري رهيا هئا. ۽ ماڻهن کي مخاطب ٿيندي فرمايو ته دهلي جو ”شيخ (الاسلام)“ فوت ٿي ويو آهي. اچو ته نماز جنازه پڙهون. نماز کان فارغ ٿي فرمايائون ته ”شيخ الاسلام دهلي اسان کي شهر کان ٻاهر ڪڍيو. پر اسان جي شيخ هنکي دنيا کان ئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.“
    جڏهن معلوم ڪيو ويو ته واقعي انهي ٽائيم سُڌ پئي شيخ الااسلام دهلي ( نجم الدين صغريٰ) وفات ڪري چڪا آهن.
    سلطان الاصفياءَ شيخ جلال الدين تبريزي رح 642 هجري سن 1244ع ۾ هن جهان مان موڪلاڻي ڪئي. مزار مبارڪ (سلهٽ) بنگال ۾ واقع آهي. خواجه علي خاص مريد هو.

    حوالا:
    تذڪره الياءَ پاڪ و هند:ڊاڪٽر ظهور الحسن شارب
    فوائد الفواد ص.46-146
    اخبار الاخيار ص.84-160
    جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري


    بابا فريد (گنج شڪر) 569 هه _ 664 هه)

    حضرت بابا فريد ”گنج شڪر“ جي پيدائش 29 شعبان 569 هجري بمطابق 4 اپريل 1174ع ۾ ملتان شهر کان 10 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي ڪو ٺيوال ۾ ٿي. اڪثر ڪري بابا فريد جي تاريخ پيدائش تي ليکڪن مختلف هجري عيسوي سن ڄاڻايا آهن. (سير القطاب سيرالاقطاب) ڪتاب 595 هجري. ڪجهه تذڪره نگارن 584 هه ۽ 569 هجري پيدائش جو سال ڄاڻايو آهي. مگر اڪثر مؤرخن 569 هجري کي مستند قرار ڏنو آهي. ۽ روضه مبارڪ تي به 569 هجري لکيل آهي. هجري کان پوءِ جڏهن اسان عيسوي سال کي ڏسنداسين ته 1174 عيسوي سال هجري جي حساب مستند بيهي ٿو. جيڪو صحيح آهي. اسان جي 5 درجي جي سنڌي ڪتابن ۾ به 1179 ڄاڻايو آهي. جنهن مطابق هجري جو سال 574 بيهي ٿو. ڪڏهن به پيدائش ۾ 5 سالن جو فرق بيهڻ مناسب ڪو نه ٿو لڳي. خير وڌيڪ اسان جا مؤرخ ۽ ليکڪ ئي روشني وجهي سگهن ٿا.
    بابا فريد جي پيءُ جو اسم گرامي مولانا جمال الدين سليمان بن شعيب ۽ والده ماجده جو نالو مريم بيبي هو. سندس والد صاحب اُن ڏينهن ۾ ڪوٺيوال جو قاضي هو. سندس وڏا اصل ڪابل جا رهاڪو هئا. ڪابل جو بادشاهه فرخ شاهه سندس ڏاڏي جو ڏاڏو هو. فرخ شاهه جي وفات کان پوءِ سلطنت کي زوال آيو. ۽ ڪابل جي حڪومت عزنيءَ جي بادشاهه کي ملي. چنگيز جي ڏاڍين خلاف جهاد ڪندي. سندس ڏاڏي شهادت ماڻي.
    بابا فريد جا وڏا ڪابل جو اباڻو وطن ڇڏي لاهور آيا. اُن کان پوءِ قصور ۽ ملتان ڀر سان ڪوٽيوال جي ڌرتي کي مسڪن بڻايو. بابا فريد جو پورو نالو فريد الدين ”مسعود“ هو. شروع ۾ پنهنجي والد صاحب کان روحاني تعليم حاصل ڪئي. ۽ بعد ۾ قاري محمد وٽ قرآن پاڪ حفظ ڪرڻ بعد وڌيڪ علم حاصل ڪرڻ لاءِ مولانا منهاج الدين جي مسجد ۾ فقه جي مشهور ڪتاب ”نافع“ پڙهڻ شروع ڪيو. پاڻ مطالعو ڪري رهيا هئا. ته خواجه بختيار ڪاڪي مسجد ۾ داخل ٿيندي فرمايو ته ”نافع“ تو کي ڪهڙو نفعو ڏيندو. پاڻ فرمايائون ته نفعو ملي يا نه ملي پر توهان جي ته نظر ڪرم ضرور نفعو ڏيندي. ڪجهه عرصي کان پوءِ خواجه بختيار ڪاڪي جي هٿ تي دست بيعت ملڻ بعد ٻيئي ملتان کان دهلي روانا ٿيا. ۽ خواجه بختيار ڪاڪي مخاطب ٿيندي چيو ته حصول علم جي ڪوشش ڪر. ۽ پاڻ ملتان واپس آيا. ضروري علم حاصل ڪرڻ بعد وڌيڪ علم جي تعليم لاءِ قنڌار پهتو. علماءَ ڪرامن سان ملي بغداد شريف روانو ٿيو. جتي سندس ملاقات خواجه معين الدين چشتي اجميري سان ٿي. 5 سالن جي سفر ڪرڻ بعد پاڻ ملتان واپس آيا. بابا فريد جي فيض ماڻهن کي ايترو ته ويجهو ڪيو جو پري پري کان ماڻهن اچي هٿ ٿي ڪلمه شهادت جو ورد ورتو. ۽ مسلمان ٿيا. ۽ هزارن جي تعداد ۾ مريد بڻيا . پاڻ پنهنجي مرشد قطب الدين بختيار جي اسرار تي ”پاڪ پتن“ جي سرزمين کي تاحيات مسڪن بڻايو. ۽ عبادت ۾ هميشه مشغول رهيا.مختلف تذڪرن ۾ آيل آهي ته پاڻ حضرت غوث بهاو الدين زڪريا حضرت لعل شهباز قلندر ۽ حضرت سرخ بخاري سان گڏ هندستان جي ڪافي علائقن جو سير به ڪيو. عام طور تي چار يار درويشن طور سڃاتا وڃن ٿا.
    بابافريد جو شهنشاهه لطيف جي ڪلام تي ڪافي اثر آهي. جيئن پاڻ فرمائي ٿو ته
    سرو ور پنهنجي هيڪڙو، م ڦاهي وال پچاس،
    اي تن لهرين گڏ ٿيا، سچي تيري آس،
    مٿين بيت تي شهنشاهه لطيف جو بيت هن طرح آهي ته
    سر تي پکي هيڪڙو، پاڙهيري پنجاهه،
    اَٿم آس الله، لڏي لهرن وچ ۾،
    بابا فريد پنجابي، سرائڪي ۽ ڪشميري ۾ شاعري ڪئي. ۽ سنڌي شاعري جا لفظ به سندس ئي شاعري ۾ ملن ٿا. پاڻ 27 سال اسلام جي تبليغ ڪئي. سندس درگاهه واري دروازي کي ”بهشتي دروازو“ چيو ويندو آهي. جيڪو خواجه نظام الدين اولياءَ تعمير ڪرايو هو. بابا فريد کي مالڪ جو حقيقت عشق ڏسي کيس ”شڪر گنج“ جهڙي لقب سان نوازيو ويو. پاڻ سڄي زندگي قرآن و سنت جي مطابق گذاري. ۽ 664 هجري بمطابق 1266ع ۾ 95 سالن جي عمر ۾ مالڪ حقيقي جي بارگاهه ۾ ابدي آرامي ٿيا. سندس وفات واري سن ۾ به ڪافي تضاد آهي. سيد الاقطاب مطابق 690هه، راحت القلوب مطابق 687هه، خزينته الاصفياءَ مطابق 670 هه جوهر فريدي، سيد الاولياءَ، اخبارالاخيار ۽ سفينته الالياءَ مطابق 664 هجري کي صحيح قرار ڏنو آهي. ۽ ڪشلوخان وري 660 هجري وفات جو سال ڄاڻايو آهي. وڌيڪ علم جا ڄاڻوئي روشني وجهي سگهن ٿا.

    حوالا:
    دنيا ڪي عظيم لوگ:سيده اعجاز بانو رضوي 1993ع
    هيرا ته ڏسو: شيخ اياز/بخشل باغي 2011ع
    حضرت بهاؤالدين ذڪريا: سيد ارتضيٰ علي ڪرماني 2003ع
    سنڌي پنجون ڪتاب:
    تذڪره اولياءَ برصغير پاڪ وهند: مرزا محمد اختر دهلوي
    جو هر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري 2004ع
    اسلامي شاهڪار انسائيڪو پيڊيا


    حضرت شيخ جمال الدين هانسوي رحمته الله عليه (583 هه _ 659 هه)

    حضرت شيخ جمال الدين هانسوي جي ولادت باسعادت 583 هجري بمطابق 1187ع ۾ ”غزني“ ۾ ٿي. سندس نسبي سلسلو حضرت امام ابو حنيفه رحمته الله عليه سان ملي ٿو. پاڻ حضرت بابا فريد الدين مسعود ”گنج شڪر“ جا مريد ۽ خليفا هئا.
    حضرت بابا صاحب کيس تمام گهڻو پيار ڪندا هئا. ايتريقدر جو پاڻ پنهنجي مريد وٽ زندگي جا ٻارهن سال ” هانسي شهر“ گڏ گذاريا.
    حضرت بابا فريد الدين پاڻ چوندا هئا ته : ”جمال اسان جو جمال آهي. ۽ دل چوندي آهي ته جمال جي چوگرد طواف ڪيان.“
    حضرت بابا فريد جڏهن به ڪنهن کي خلافت نامو عطا ڪندو هو ته اُن شخص کي تاڪيد ڪندا هئا. ته هانسي وڃي شيخ جمال الدين رحمته الله عليه کان خلافت نامي تي مُهر لڳرائي اچ. اگر جمال اُن خلافت نامي تي مهر لڳرائيندو هو ته پاڻ اُن کي مستند سمجهندا هئا. نه ته بس!
    حضرت شيخ جمال الدين هانسوي جي هڪ نوڪرياڻي هئي. جيڪا پاڪدامن پرهيزگار هئي حضرت بابافريد گنج شڪر رح اِن کي (مومنن جي ماءُ) ڪري سڏيندو هو. هڪ دفعي بابا صاحب (مومنن جي ماءُ) کي خاطب ٿيندي چيو ته ”اسان جو جمال ڇاڪري رهيو آهي.“ ته ”مومنن جي ماءُ) وراڻيو ته جنهن ڏينهن کان جمال توهان سان مليو آهي. اُنهي ڏينهن کان دنيا جو هر ڪم ڪار، جائيداد، ۽ خطابت کي ترڪ ڪري ڇڏيو آهي. ۽ سدائين رب جي رياضت ۽ عبادت ڪندي گذري ٿي. جنهن تي بابا صاحب ڏاڍو خوش ٿيو. ۽ چيائين ته ”الحمدالله“
    حضرت شيخ جمال الدين کي (2) پٽن جي اولاد ٿي. پاڻ ”عالم“ زاهد هئا. ظاهري ۽ باطني علم ۾ بي نظير هئا. پاڻ هڪ ڪتاب به لکيو جنهن جو نالو ”مُلهمات“ رکيو. ڪتابت سان گڏو گڏ هڪ بهترين ضف جا شاعر به هئا.
    پاڻ فرمايائون ته ”قبر جنت جي باغن ۾ هڪ باغ آهي.
    حضرت شيخ جمال الدين هانسوي هڪ دفعي ڳوٺ ۾ دعوت تي ويو. ۽ فارغ ٿي اجازت ورتي اُن ميزبان عرض ڪيو ته جيتري تائين بارش نه پوندي ايتري تائين اجازت نه ملندي. ڇو ته انهي سال بارش نه پئي هئي. ميزبان جي اصرارتي پاڻ بارگاهه الاهي ۾ هٿ مٿي ڪري مالڪ کي ٻاڏايو. مٿان مالڪ جو منظور ڪرڻ. ۽ اُنهي رات تمام گهڻي بارش پيئي. پوءِ پاڻ اجازت وٺي گهوڙي تي سوار ٿي (هانسي) واپس آيا.
    حضرت شيخ جمال الدين هانسوي رحمته الله عليه زندگي جون (76) بهارون ماڻي 659 هجري مطابق سال 1261ع ۾ هن دنيا مان رحلت فرمائي. مزار مبارڪ ”هانسي شهر“ هريانه انڊيا ۾ موجود آهي.

    حوالا:
    تذڪره اولياءَ پاڪ وهند: ڊاڪٽر ظهور الحسن شارب 2000ع
    جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري 2004ع


    حضرت علاو الدين احمد صابر رحه (529 هه _ 690 هه)

    هن ڀلاري بزرگ جو اصل نالو ”علي احمد“ خطاب ” مخدوم“ ۽ ”صابر“ ۽ لقب علاو الدين هو. پاڻ حضرت عبدالرحيم جي گهر ۾ 19 ربيع الاول 529 هجري ”هرات“ ۾ اک کولي. انهي حساب سان پاڻ 10 مارچ 1196 ۾ ڄاوا.
    والده ماجده جو نالو ”هاجرا“ هو. ۽ ”جميله خاتون“ جي لقب سان مشهور هئي.
    پاڻ ننڍپڻ ۾ هڪ ڏينهن کير پيئندا هئا. ته ٻئي ڏينهن تي کير نه پيئندا هئا. يعني ته اُن ڏينهن روزو رکندا هئا. جڏهن ٻيون سال شروع ٿيو. ته ٽيئن ڏينهن تي کير پيئندا هئا. ۽ ٻه ڏينهن نه پيئندا هئا. يعني ٻه ڏينهن روزي ۾ هوندا هئا. جڏهن ٻن سالن جاٿيا. ته کير پيئڻ ڇڏي ڏنو. ۽ جڏهن چوٿون سال شروع ٿيو. ته زبان مان ڪلمه طيب پڙهڻ جو آواز شروع ٿيو. ۽ فرمايائون ته: ” لاَمَوجُودَ اِلاَاللهَ.“ ( الله جي سواءِ ڪو معبود نه آهي.)
    ڇهن سالن جي عمر ۾ کائڻ پيئڻ تمام گهٽ رهيو. زياده وقت ننڍي هوندي کان ئي عبادت ۾ رهيو. ستن سالن جي عمر ۾ ” تهجد“ کي پابندي سان پڙهڻ شروع ڪيو.
    پاڻ جڏهن پنجن سالن جا ٿيا ته والد صاحب حضرت عبدالرحيم رح 17 ربيع الاول 597 هجري بمطابق : 26 ڊسمبر 1200ع ۾ وفات ڪري ويا. والد جي وفات بعد تعليم ۽ تربيت جي ذميواري والده جي نگراني هيٺ رهي. اجوڌن شهر ۾ حضرت بابا فريد مسعود گنج شڪر رحمته الله عليه جي زير نگراني ۾ عربي، فارسي کان علاوه فقه، حديث، تفسير منطق معاني وغيره حاصل ڪئي. ۽ اجوڌن ۾ پنهنجي والده سان گڏ پنهنجي مامي حضرت بابا مسعود گنج شڪر رح وٽ رهڻ لڳا. سندس مامي مريدات ۾ کاڌي پيتي تقسيم ڪرڻ جي ذميواري سندس جي حوالي ڪئي. پاڻ پورا 12 سال انهي عرصي ۾ ڪجهه به نه کاڌو. حضرت بابا صاحب کي جڏهن اهو معلوم ٿيو ته پاڻ فرمايائون ته ”علاو الدين احمد صابر“ اڄ کان وٺي تون ”صابر“ جي خطاب سان ڄاتو سڃاتو ويندين.
    حضرت علاوالدين احمد صابر جي والده ڪجهه عرصو هرات رهڻ بعد واپس اجوڌن ۾ زندگي جا ڏينهن گذاريا ۽ 2 محرم 614 هجري بمطابق (11) اپريل 1217ع ۾ وفات ڪري ويئي. پاڻ اجوڌن ۾ زندگي جو ڪافي حصو پنهنجي مامي جي سرپرستي هيٺ گذاريو. ۽ بيعت مشرف حاصل ڪيو. ۽ سن 625 هجري. بمطابق 1228ع تي حضرت بابا فريدالدين ”گنج شڪر“ کان خرقه خلافت عطا ٿي. ۽ دهلي جي ولايت به حوالي ٿي. دهلي رواني ٿيڻ کان پهريان/هانسي وڃي جمال الدين کان خلافت نامه تي مهر لڳائي اَچ.
    پاڻ هانسي پهچي حضرت جلال الدين جي خانقاهه تي چنڊريل تي سوار ٿي پهتا. نماز بعد حضرت علاو الدين مرشد کان مليل خلافت نامه حضرت جمال الدين هانسوي جي سامهون رکيو. ۽ مهر لڳائڻ لاءِ عرض رکيو. حضرت جمال الدين هانسوي ڏيئي ذريعي روشني ڪرائي خلافت نامو پڙهڻ شروع ڪيو. پر هوا جي تيز هلڻ ڪري ڏيئو اُجهامي ويو. پاڻ فرمايائون ته خلافت نامي تي سُڀاڻي دستخط ڪئي ويندي. حضرت علاؤالدين اهو ٻڌندي ڦوڪ ڏني ته ڏيئي ۾ روشني واپس اچي ويئي.
    حضرت جمال الدين هانسوي کي اها ڳالهه صحيح نه لڳي. ۽ چيائين ته:
    ”تاب دم زون شما دهلي کجا دار وکه بيک دم زدن تمام دهلي را خواهيد سوخت“
    ( دهلي وارا ڪڏهن تو کي برداشت ڪندا جو ٿوري دير ۾ تُون دهلي کي باهه ڏيئي مٽي ڪري ڇڏيندين.)
    حضرت جمال الدين هانسوي خلافت نامو ڦاڙي ڇڏيو. حضرت علاو الدين غصي ۾ چيو:
    ” ته تُون منهنجي مثال کي ختم ڪيو، پر مان تُنهنجي سلسلي کي ختم ڪري ڇڏيو“
    حضرت جمال الدين هانسوي پڇيو ته ”از اول کان از آخر“. يعني شروع کان يا آخر کان.
    ته حضرت علاو الدين فرمايو، ”شروع کان“.
    حضرت علاو الدين احمد صابر واپس اجوڌن اچي سمورو احوال حضرت بابا فريد الدين مسعود گنج شڪر کي عرض رکيو. ته بابا صاحب فرمايو ته ” جمال جي ڪيل ڪم کي فريد سبي نه سگهندو.“
    پوءِ بابا صاحب حضرت علاو الدين احمد صابر کي ”ڪلير جي ولايت“ حوالي ڪئي. پاڻ اچي ڪلير پهتا. ڪلير انهي زماني ۾ هڪ وڏو شهر هو. ۽ گهڻي آبادي تي مشتمل هو. اِنهي شهر ۾ ڪافي تعداد ۾ علماءَ، فاضل ۽ مشائخ رهندا هئا. جمع جي نماز لاءِ چار سو چنڊريل آيا. رئيس ڪلير جي ماڻهن جي نافرماني حد کان وڌي چُڪي هئي. پاڻ جمع جي نماز لاءِ مسجد ۾ ُ وڃي پهرين صف ۾ ويٺا. حضرت علاو الدين احمد صابر کي پهرين صف ۾ ويٺل ڏسي. ۽ ٻيا جيڪي متعقد ساڻ هئا. سڀني کي گهٽ وڌ ڳالهايو ويو.
    حضرت علاو الدين احمد صابر اتان اُٿي مسجد جي ٻاهر اچي ويٺا. ۽ مسجد طرف ڏسي فرمايائون ته ” ڇا تُون انهن ماڻهن کي صحيح سلامت ڇڏي ڏنو“ بس حضرت جا اِهي لفظ چوڻ ۽ مسجد جو هڪدم ڪرڻ. سڀ ماڻهو مٽي ۾ دٻجي فوت ٿي ويا.
    ۽ بي روايت ته: جڏهن ماڻهو رڪوع ۾ هئا ته حضرت صاحب مسجد کي حڪم ڪيو ته تُون به سجدوڪر. مسجد انهي محل هيٺ اچي ڪري ۽ سڀ ماڻهو فوت ٿي ويا.
    سندس والده جي اسرار تي حضرت بابا فريد الدين گنج شڪر رحمته الله عليه جي نياڻي خديجه بيگم عرف شريفه سان نڪاح جي رسم ادا ڪئي. حضرت علاو الدين جي والد ماجده سندس جي حجري ۾ روشني ڪئي. ۽ خديجه بيگم کي وٺي اچي حجري ويهاريو. جڏهن پاڻ حجري ۾ تشريف فرما ٿيا ته حجري ۾ روشني ۽ عورت کي ويٺل ڏسي پڇيائون: ته توهان ڪير آهيو؟ خديجه بيگم وراڻيو ته ”توهان جي زال“
    پاڻ فرمايائون ته ” ته اهو ممڪن نه آهي. جو هڪ دل ۾ ٻن جي محبت جي جڳهه موجود هجي، قطعا گنجائش نه آهي.“
    پنهنجي زبان مان اهي الفاظ نڪرڻ جو حجر کي باهه لڳي ويئي. ۽ حجري ۾ ويٺل ڪنوار سڙي خاڪ ٿي ويئي.
    پاڻ رياضت عبادت ۾هميشه اڳڀرا رهيا. فنا اعليٰ درجو حاصل هو. حضرت بابا فريد گنج شڪر کيس تمام گهڻو پيار ڪندا هئا. ۽ سندس چيل لفظن ۾ ته: ”ته مُنهنجو ظاهر و باطن علم شيخ نظام الدين بدايوني کي پهتو. ۽ علم ظاهري ۽ باطني شيخ علاو الدين علي احمد کڻي ويو.“
    ۽ حضرت بابا صاحب ٻئي هنڌ فرمايو ته: ” منهنجي سيني جي علم شيخ نظام الدين کي بدايوني ذات ۾ ۽ منهنجي دل جي علم شيخ علاو الدين علي احمد صابر کي ذات ۾ سيرياب ڪيو.
    پاڻ سدائين روزي ۾ رهندا هئا. بارگاهه الاهي ۾ چيل دُعا هميشه قبول ٿيندي هئي. شعر شاعري سان سُٺو لڳاءَ هو. فارسي ۾ تخلص ”احمد“ هندي ۾ تخلص ”صابر“ ۽ علاوالدين“ هئا.
    ”شاعري“
    اس طرح ڊوب اس مين اي ”صابر“
    که بجز هو ڪي غير هو نه رهي.
    ”غزل“
    امروز شاه شاهان مهمان شدست مارا.
    جبريئل با ملائڪ دربان شدت مارا.
    سندس بُد دعا سان ”ڪلير“ جو شهر ويران ٿيو. ۽ پري پري تائين آبادي جون نانءُ نشان به نه رهيو.
    حضرت علاوالدين احمد صابر رح 13 ربيع الاول 690 هجري مطابق 16 مارچ 1291ع ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.
    حضرت شمس الدين ترڪ پاني پتي سندس خليفو هو. ۽ پوءِ جانشين مقرر ٿيو. جنهن کان پوءِ سلسله صابري چشتي هلندو پيو اچي.

    حوالا:
    تذڪره اولياءِ پاڪ و هند: ڊاڪٽر ظهور الحسن شارب
    اسلامي شاهڪار انسائيڪلوپيڊيا: سيد قاسم محمود
    جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري


    حضرت شاهه صدرالدين عارف رحمته الله عليه (621 هه _ 684 هه)

    حضرت شاهه صدر الدين عارف رح جي ولادت حضرت بهاو الدين زڪريا ملتاني رحمته الله عليه جي گهر ۾ 621 هجري بمطابق 1224ع ۾ ٿي. سندس نالو صدر الدين لقب ”عارف“ ڪنيت ”ابو الفانم“ هئي. پاڻ ڀائرن ۾ وڏا هئا. ٻين ڀائرن ۾: حضرت برهان الدين، حضرت ضياءَ الدين حضرت علاوالدين، حضرت شهاب الدين، حضرت قدوت الدين، حضرت شمس الدين رحمته الله عليه ڀائر هئا. پاڻ والد صاحب جي هٿ تي بيعت ڪئي. ۽ خرقه خلافت حاصل ڪيو.
    حضرت شاهه صدرالدين عارف جڏهن حج تي ويا. اته انهي سال فرغانه جي شهزادي راستي جو به حج بيت الله اچڻ ٿيو. شهزادي راستي جو حُسن ڏسڻ وٽان هو. سندس ٻين رياستن جا شهزادا به شادي ڪرڻ جي اوسيئڙي ۾ ويٺا انتظاريون ڪرڻ لڳا. مگر شهزادي راستي جي شادي سان ڪا به دلچسپي نه هئي. ڇو ته هو هڪ عابده ۽ زاهده خاتون هئي. سندس والد سلطان جمال الدين به هڪ صاحب ڪمال بزرگ هو. هڪ دفعي پيءُ هئڻ جي حيثيت ۾ خواهش پُڇي. مگر شهزادي راستي عرض ڪيو. ته ” بابا خدا جي حڪم جو انتظار آهي. مالڪ جي حڪم کان سواءِ ڪو ئي ڪم تڪميل تي نه ٿو پهچي.“ اهو لفظ ٻڌي والد صاحب خاموش ٿي ويو.
    هڪ دفعي شهزداي راستي بيت الله جو طواف ڪري رهي هئي ته اتفاق سان نظر وڃي حضرت شاهه صدرالدين عارف تي پيئي. جو چند قدمن تي طواف ڪري رهيو هو. شهزادي راستي محسوس ڪيو. ته اِن اجنبي مان نُور چمڪي رهيو آهي.۽ پنهنجي نوڪرياڻي کي چيو ته پڇا ڪر ته هي نوجوان ڪير آهي. ۽ ڪٿان آيو آهي. نوڪرياڻي پڇا ڪرڻ بعد ٻڌايو ته هي نوجوان شاهه صدرالدين عارف مشهور بزرگ حضرت بهاوالدين زڪريا ملتاني جو فرزند آهي. شهزادي چيو ته مون کي پڪ هئي ته هي ڪو عام ماڻهو نه آهي.
    حج بيت الله جي واپسي بعد شهزادي راستي پنهنجي نوڪرياڻي معرفت والد محترم تائين اِها خبر پهچائي. جو والد صاحب سمجهي ويو. ته الله تبارڪ و تعاليٰ جو طرف کان وقت اچي ويو آهي. پاڻ ڌيءَ جي انتخاب تي ڏاڍا خوش ٿيا. ۽ فرغانه کان ملتان شريف پهتا. جڏهن حضرت بهاوالدين زڪريا رح کي اچڻ جي خبر پيئي ته پاڻ خانقاهه کان نڪري معزز مهمانن جو استقبال ڪيو.
    ٻئي ڏينهن تي سلطان جمال الدين ۽ حضرت زڪريا ملتاني جي وچ ۾ ٻن خانداني رشتن درميان قريبي رشتي جي ڳالهه ٻولهه ٿي. ۽ پوءِ اها نڪاح جي تقريب ملتان ۾ منعقد ٿي. ملتان ۽ ٻين شهرن جا وڏا وڏا مشائخ علماءَ اِن يادگار شادي ۾ شريڪ ٿيا. اُن وقت غالبا حضرت غوث بهاوالدين زڪريا ملتاني رحمته الله عليه جي عمر مبارڪ 56 سال هئي. غوث پاڪ جي (وفات 666 هجري ۾ ٿي).
    روايت آهي ته نڪاح بعد جڏهن شهزادي راستي حضرت بهاوالدين زڪريا رح جي گهر آئي ته پاڻ احترام ۾ اُٿي بيٺا.سلطان جمال الدين جڏهن هن دنيا مان موڪلاڻي ڪئي ته وراثت مان حصه آهر جيڪو به شهزادي راستي کي حصي ۾ مليو پاڻ سموري دولت مسڪينن ۽ غريبن ۾ تقسيم ڪري ڇڏي. ۽ هڪ دفعي شاهه صدرالدين عارف کي عرض ڪيو. ته ”(توهان جي هوندي مون کي دنيا جي ڪا به دولت ياد نه ايندي)“.
    بي بي راستي مان شاهه رڪن عالم رحمته الله عليه جي پيدائش ٿي. جنم جو سال 9 رمضان المبارڪ 649 هجري بحوالا: (ڪتاب ” الله ڪي ولي“ جناب خان آصف مرحوم ص 509).ان تحت عيسوي تاريخ ۽ سال 26 نومبر 1251ع جنم جو سال بيهي ٿو. بحوال: (ڪتاب: جوهر تقويم: ضياءَالدين لاهوري) 2004ع.
    حضرت شاهه صدرالدين عارف پنهنجي پٽ شاهه رڪن الدين ”ابو الفتح“ جو ستن سالن جي عمر جو هو. ساڻ ڪري درياءَ جي ڪناري پهتا. پاڻ وضو ڪري نماز ادا ڪري رهيا هئا.ته ايتري ۾ هرڻين جو هڪ ولر جو ساڻ هرڻي جو ننڍڙو ٻچڙو به هو. شاهه رڪن الدين اُن کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي. مگر پڪڙي نه سگهيو.
    حضرت شاهه صدرالدين عارف نماز کان فارغ ٿي شاهه رڪن الدين کي قرآن شريف جوسبق ڏنو ڏهه مرتبه پڙهڻ باوجود به سبق ياد نه ڪري سگهيو. جڏهن ته ٽن مرتبه پڙهڻ سان سبق ياد ٿي ويندو هو.
    حضرت شاهه صدرالدين عارف جڏهن حقيقت معلوم ڪئي ته پاڻ هرڻي جي ٻچڙي کي پڪڙڻ واري حقيقت کان آگاهه ڪيو. ۽ چيائين ته فلان طرف ولر روانو ٿي ويو. حضرت شاهه صدرالدين ڪجهه پڙهي اُنهي طرف شُڪارو ڏنو. ته هرڻين جو ولر واپس اچي پهتو. شاهه رڪن الدين ڊوڙي وڃي اُن ٻچڙي کي پڪڙيو. ۽ ڏاڍو خوش ٿيو انهي خوشي ۾ هڪ سيپارو حفظ ڪري ورتو. پوءِ اُن هرڻي ۽ ٻچڙي کي پنهنجي درگاهه تي وٺي آيا.
    حضرت شاهه صدرالدين عارف 63 سالن جي عمر ۾ 23 ذوالحج 684 هجري بمطابق 19 فيبروري 1286ع ۾ وفات ڪئي. سندس مزار مبارڪ ملتان شريف ۾ (والد صاحب) سان گڏ آهي.
    ڪتاب: مراته الاسرا: عبدالرحمٰن چشتي ص 818 تي وفات جو سال 684 هجري ظاهر ڪيو آهي ۽ ڪتاب: تذکره اولياءَ پاڪ وهند: ڊاڪٽر ظهورالحسن شارب به صفي 61 تي ساڳي تاريخ ۽ هجري سال ڄاڻايو آهي ۽ وفات جي عيسوي تاريخ ۽ سال تي نظر وجهجي ته سيرت پاڪ شيخ ابوالفتح رڪن الدين: پير سيد ارتضيٰ علي ڪرماني ص . 66 تي عيسوي سال 1285 ڄاڻايو آهي. جيڪو بلڪل غلط آهي. جو (ماده تاريخ: جوهر تقويم ۾ 19 فيبروري 1286ع بيهي ٿو. جيڪو صحيح ۽ درست وفات جو سال آهي.)
    شاهه صدر الدين عارف جي وفات بعد حضرت شاهه رڪن الدين ”ابوالفتح“ گادي نشين مقرر ٿيا. شاهه صدر الدين جي خدمت ۾ جيڪي خليفه مقرر هئا تن ۾ حضرت شيخ جمال الدين خندان اوڇوي حضرت شيخ احمد معشوق، حضرت صلاح الدين درويش، حضرت شيخ علاوالدين محبوب الله، حضرت شيخ حسام الدين بدايوني وغيره صاحب فضيلت خليفه هئا.
    پاڻ فرمائيندا هئا: ته صحت ايمان جي نشاني آهي. ۽ نيڪي سان خوشي حاصل ٿيندي آهي.
    صدرالدين عارف جي علمي يادگار ”ڪنزالفوائد“ آهي. جنهن کي سندس مريد خواجه ضياءَ الدين ترتيب ڏنو.

    حوالا:
    سيرت پاڪ حضرت شيخ ابل فتح رڪن الدين عالم سهر وردي: سيد ارتضيٰ علي ڪرماني
    تذڪره اولياءَ پاڪ و هند:ڊاڪٽر ظهور الحسن شارب
    جوهر تقويم: ضياءَ الدين راهوري


    حضرت خواجه نظام الدين اولياءَ رح (636 هه _ 725 هه)

    نظاميه سلسلي جي باني بزرگ حضرت نطام الدين اولياءَ جي پيدائش 27 صفر 636 هجري آڪٽوبر 1238ع ۾ ”بدايون“ ۾ ٿي. والد صاحب جو اسم گرامي خواجه احمد هو. سندن نسبي سلسلو حضرت امام حسين عليه السلام سان ملي ٿو.پاڻ پنجن سالن جا ٿيا. ته والد صاحب هن جهان مان موڪلاڻي ڪئي. 16 سال جي عمر ۾ دينيات ۽ فلسفه ۾ سُٺي مهارت حاصل ڪئي. حضرت بابا فريد گنج شڪر جي خدمت ۾ حاضر ٿي فيض مان فيضياب ٿيو. ۽ پنهنجو مُرشد بڻايو.
    اُن وقت عمر 20 سال هئي. بابا فريد گنج شڪر پهرين ڏينهن کان ئي خليفو مقرر ڪيو. پاڻ بابا فريد وٽ 15 رجب 655 هه کان 3 ربيع الاول 656 هه تائين رهيو. مرشد کان موڪلائي دهلي روانو ٿيو.
    پاڻ دهلي جي مولانا شمس خوارزمي جيڪو وقت جو فاضل ۽ ڪامل بزرگ هو.کان ” علم دين“ جي ڄاڻ حاصل ڪئي. مولانا ڪمال الدين صاحب پنهنجي هٿن مبارڪن سان ”سند فضيلت“ رکي ڏني. سلطان غياث الدين بُلبُن به مولانا ڪمال الدين کي پنهنجو پيش امام بڻايو. مولانا هميشه فرمائيندا هئا. ته ”مون وٽ سواءِ نماز جي ٻيو ڪجهه ڪين آهي.“
    خواجه نظام الدين اولياءَ کي خرقه خلافت 21 ربيع الاول 672هه ۾ عطا ٿيو، دهلي ۾ رهڻ دوران خواجه صاحب وٽ هزارن جي تعدد ۾ ماڻهن اچي فيض ورتو، دهلي جا اڪثر بادشاهه سندن اقيدتمند هئا.
    خواجه صاحب آخري عمر ڌاري پاڻ ست ڏينهن بلڪل نه ڳالهايو ۽ اٺين ڏينهن خواجه اقبال کي گهرائي چيائون ته نقد ۽ جيڪو به سامان آهي غريبن ۽ مسڪينن ۾ تقسيم ڪيو وڃي. ڪپڙن جي ڳٺڙي گهرائي. اُن ۾ هڪ دستار هڪ چولو هڪ مصلو ۽ سَند خلافت مولانا برهان الدين غريب حوالي ڪيا. ۽ دکن جي طرف روانو ٿيو. هر شيءَ هڪ هڪ خليفي کي عنايت ڪئي. مگر حضرت شيخ نصيرالدين محمود چراغ دهلوي حاضر ٿيو. جيڪو رهجي ويو. پر پاڻ ٿوري ئي دير ۾ چراغ دهلوي کي گهرائي. جيڪي تبرڪات ”خواجگان چشت“ کان وٺي موجود هئا ۽ والد صاحب معرفت مليا هئا. شيخ نصير الدين محمود چراغ دهلوي جي حوالي ڪيا. ۽ نماز عصر ادا ڪئي.
    پاڻ 17 ربيع الثاني 725 هجري مطابق 1325ع ۾ وفات ڪئي. سندن روضو مبارڪ بمقام غياث پور دهلي ۾ آهي. وفات کان چار سال پهريان شيخ رڪن الدين کي وصيت ڪئي هئائون ته جڏهن آئون گذاري وڃان ته منهنجي جنازي سان گڏ سماع (راڳ) جو بندوبست ڪيو وڃي. ۽ پورا 8 ڏينهن سماع جاري رهي. شيخ رڪن الدين خواجه نظام الدين اولياءَ جي جنازي نماز جي امامت ڪئي. ۽ قوال گهرائي سماع شروع ڪرايو. خليفن اعتراض ڪيو پر پاڻ پورا ست ڏينهن سماع ڪرايو. جڏهن حضرت جن جو لاش مبارڪ ”سماع“ جو ورد ۾رستي تان گذري رهيو هو ته هڪ عورت پنهنجي دروازي تي ”امير خسرو“ جي ”غزل“ ڳائي رهي هئي. ته
    ” اي تماشا گاه عالم روئي تست، تو کجا بهر تماشا ميروي.
    اهو اواز ٻڌڻ سان حضرت نظام الدين اولياءَ جو هٿ مبارڪ ڪفن کان ٻاهر نڪتو. شيخ رڪن الدين ڊوڙي وڃي ان عورت کي روڪيو. جيتري تائين جنازو قبر جي قريب نه آيو. ايتري تائين اولياءَ صاحب جو هٿ ٻاهر رهيو. قبر ۾ لاهڻ وقت شيخ نصير الدين چراغ دهلوي عرض ڪيو ته
    ” برهان شما ازين هم عبيشتر، است اگر دست گرد آيد بهتر باشد چراکه قدمه سيد، درميان ست.“
    اهو عرض ٿيڻ شرط هٿ ڪفن اندر ٿي ويو. شيخ رڪن الدين اولياءَ صاحب جو مڙهه قبر ۾ لاٿو. ۽ ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ بيهوش ٿي ويو. هوش اچڻ تي پڇيو ويو. ته پاڻ فرمايائون ته جڏهن آئون لاش کي قبر ۾ رکيو ته روحانيت رسول مقبول حاضر ٿيا. ۽ برادرم شيخ نظام الدين کي بغل ۾ کنيو انهي وجه کان آئون بيهوش ٿي ويس.
    اڪبر بادشاهه حضرت امير خسرو سندن عقيدتمندن مان آهن. محمد تفلق جي دور حڪومت ۾ پاڻ راهه رباني جو رستو ورتو. ۽ مالڪ ملڪ جي جهان ۾ ابدي آرامي آهن.

    حوالا:
    اسلامي شاهڪار انسائيڪلوپيڊيا:سيد قاسم محمود
    دنيا جون 125 عظيم شخصيتون
    دنيا ڪي عظيم لوگ:سيده اعجاز بانو رضوي
    تذڪره اولياءَ پاڪ و هند:ڊاڪٽر ظهور الحسن شارب


    حضرت سيد جلال الدين بخاري المعروف (مخدوم جهانيان) (707 هه _ 788 هه)

    حضرت سيد جلال الدين بخاري جو اصل نالو سيد جلال الدين حسين، ڪنيت ابو عبدالله. لقب مخدوم جهانيان (جهان گشت) آهي. ۽ عام طور ”مخدوم جهانيان“ سڏيو وڃي ٿو. سندس پيدائش اُچ شهر ۾ 15 شعبان 707 هجري مطابق 19 جنوري 1308ع ۾ سيد احمد ڪبير جي گهر ۾ ٿي. پاڻ شروعاتي تعليم اُچ ۾ علامه قاضي بهاو الدين کان حاصل ڪئي. قاضي صاحب جي وفات بعد ملتان مان شيخ موسيٰ ۽ مولانا مجدالدين جهڙا شفيق استاد مليا. وڌيڪ تعليم ”مدينه“ مان حاصل ڪئي.
    حضرت سيد جلال الدين بخاري رح جو سير سفر سان به ڏاڍي دلچسپي هوندي هئي. جو پاڻ ئي سو کان وڌيڪ بزرگن سان مليا. انهن کان فيض و برڪت حاصل ڪيو. پاڻ ڪيترائي سال ”مڪي شريف“ ۾ رهيا. عرب ملڪن عراق، شام، مصر، بلخ، خراسان وغيره جي ڌرتي تي سير سياحت ڪئي.
    پاڻ پنهنجي والد صاحب کان سلسله سهروردي ۾ بيعت ڪئي. سلطان محمد تفلق شاهه جي دور حڪومت ۾ منصب شيخ السلامي و مسند خانقاهه محمدي عهدي تي مقرر ڪيو ويو. سيوستان ۽ اُن جي آس پاس واري علائقن تي عهدي جو بهتر نموني استعمال ڪيو. حضرت شيخ رڪن الدين ”ابو الفتح“ جي حڪم تي عهدي تان استعيفيٰ ڏني. ملازمت مان فارغ ٿي مدينه منوره جو رخ ڪيو. شيخ عفيف الدين عبدالله المطري کان خرقه خلافت حاصل ڪيو. ۽ اُتي ڪافي ڪتابن پڙهڻ جو موقعو به مليو. تهجد کان فارغ ٿيڻ بعد عبدالله المطري کان ”صحام“ ”عوف“ ۽ رسائل سلوڪ جا سبق ورتا.
    پاڻ ڇهه سال ”مديني شريف“ ۽ ”مڪي شريف“ ۾ گذاريا. ۽ 752 هجري ۾ سفر کان فارغ ٿي. واپس موٽيا انهي سفر ۾ سيد صدر الدين ڪماش ۽ شيخ حميد الدين بن محمود الحسني سمر قندي سان سفر ۾ روح رهاڻيون ڪيون ۽ فيض و برڪت حاصل ڪيو.
    حضرت نصير الدين چراغ ”دهلوي“ جي خدمت ۾ رهڻ جو موقعو به مليو. ۽ اُن کان خرقه خلافت حاصل ڪيو. سلطان فيروز تفلق به معتقد هو. پاڻ جنهن به بزرگ سان مليا قرب ونڊيو ۽ ان کان ئي فيض حاصل ڪيو.
    پاڻ فرمايائون ته:
    ”اولياءَ الله ڪنهن ماڻهن يا ڪنهن شيءَ کان نه ڊڄندا آهن. بس حق تعاليٰ کان.“
    حضرت سيد جلال الدين بخاري رح هڪ دفعي پاڻ نماز پڙهي رهيا هئا ته سندس ننڍو پٽ جنهن جي عمر چار سال هئي سندس جي مصلي تي کيڏي رهيو هو. پاڻ نماز کان فارغ ٿيا. ۽ سيد شمس الدين کي چيو ته.” اِن ننڍڙي جو زنده رهڻ مشڪل نظر اچي ٿو“ ظهر جي وقت اُن ننڍڙي کي بخار آيو. ۽ اُنهي رات وفات ڪري ويو.
    پاڻ ڪجهه عرصو بيمار به رهيا ۽ 10 ذوالحج 788 هجري بمطابق 2 فيبروري 1387ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه اُچ شريف ۾ آهي.
    ( جڏهن ته اسلامي شاهڪار رانسڪائيڊپا سيد قاسم محمود ص : 1441) تي جنم 14 شعبان 707 هه / 19 جنوري 1308 ع ۽ وفات : 758 هه _ 1384ع) ڄاڻايو آهي.

    حوالا:
    تذڪره اولياءَ پاڪ و هند:ڊاڪٽر ظهور الحسن شارب
    اسلام شاهڪار انسائيڪلوپيڊيا: سيد قاسم محمود
    جوهر تقويم:ضياءَ الدين لاهوري


    حضرت سيد محمد گيسو دراز رحمته الله عليه (721 هه _ 825 هه)

    حضرت سيد محمد گيسو دراز حسيني سيد آهن. ۽ نسبي سلسلو حضرت امام زين العابدين سان ملي ٿو. سندس پيدائش 4 رجب 721 هجري مبطابق 30 جولاءِ 1321ع ۾ سيد يوسف حسيني (دهلي) جي گهر ۾ ٿي. والده ماجده ( ملڪ الامراءَ) سيد ابراهيم مستوفي گورنر (دولت آباد) جي ڀيڻ هئي. سندس وڏي ڀاءُ جو نالوسيد حسن هو. (تذڪره اوليا پاڪ و هند، ڊاڪٽر ظهور الحسن شارب ص 132، 133، 134، 135 )
    حضرت سيد محمد گيسو دراز جو اصل نالو ”محمد“ ڪنيت ”ابو الفتح“ لقب صدرالدين ” ولي الاڪبر“ ”الصادق“ ۽ ” خواجه بنده نواز گيسو دراز“ جهڙن لقبن سان مشهور هئا. پاڻ پيرو مرشد حضرت نصير الدين محمود (دهلي) جي صحبت مان گهڻو ڪجهه پرايو، جومُرشد: ادب ، عشق و محبت ۽ عقيدت جاگڻ سمايل ڏسندي ڏاڍا خوش ٿيا. ۽ هڪ شعر چئي ” گيسو دراز“ جي لقب سان نوازيو. جو اڄ تائين گيسو دراز“ نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.
    مُرشد پاران ساراهه ۾ چيل بيت:
    هرکه مريد سيد گيسو دراز شد،
    والله خلاف نيست که اور عشق باز شد.
    پاڻ اِن شعر کان پوءِ ” گيسو دراز“ نالي سان مشهور ٿيا. حضرت خواجه نظام الدين اولياءَ ( رحمته الله عليه) کان بيعت ورتي. ۽ حضرت نصير الدين محمود چراغ دهلوي کان روحاني فيض سان مالا مال ٿيا. پهريان ” سيد راجه“ سڏائيندا هئا. ۽ انهي وجه کان ” دکن شهر“ ۾ ” راجو قتال“ جي نالي سان شهرت ماڻي.
    2 رمضان 728 هجري ۾ سندس والد صاحب دهلي کان اهل و عيال سميت ”دولت آباد“ طرف روانا ٿيا. ۽ 7 رمضان 729 هجري ۾ (دولت آباد پهتا. ٻن سالن بعد والد صاحب 5 شوال 731 هجري بمطابق 12 جولاءِ 1331ع ۾ وفات ڪئي. سندس والده ماجده ڪجهه سال ( دولت آباد) ۾ رهڻ بعد پنهنجي ڀاءُ ( گوهر دولت آباد)سيد ابراهيم مستوفي سان ڪجهه اختلافن سبب دولت آباد کي خيرآباد چئي. ” خلد آباد“ ۾ اچي رهيا. ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ خلد آباد کان دهلي رهڻ کي وڌيڪ بهتر سمجهيو.
    حضرت سيد گيسو دراز شروعاتي تعليم پنهنجي والد صاحب ۽ نانا سائين جي سر پرستي هيٺ حاصل ڪئي. قرآن شريف حفظ ڪرڻ بعد. ۽ خلد آباد ۾ رهڻ دوران ”علم ظاهري“ جي شروعات ڪئي. جڏهن پاڻ ”دهلي“ واپس آيا. ته ”علم ظاهري“ ۾ سُٺي مهارت حاصل ڪري چڪا هئا. سندس تعليم جي ميدان ۾ مولانا شرف الدين ڪٿيلي، مولانا تاج الدين بهادر ۽ قاضي عبدالمقتدر جهڙن شفيق استادن جو مٿان سايو رهيو. پاڻ ڪافي ڪتابن جو مطالعو ڪيو. ۽ ” علم ظاهري“ جا سڀ سبق (اوڻويهه سال) جي عرصي ۾ سکي پورا ڪيا.
    مرشد حضرت نصير الدين چراغ دهلوي جهڙي ڀلاري بزرگ کان 16 رجب 736 هجري مطابق 2 مارچ 1336ع تي ” دست بيعت“ سان سرفراز ٿيا. ۽ ڪجهه عرصي بعد خرقه خلافت سان نوازيو ويو. اُن وقت عمر 15 سال هئي.
    حضرت گيسو دراز رحمته الله عليه. 7 ربيع الثاني 801 هجري 17 ڊسمبر 1398ع دهلي مان هميشه لاءِ موڪلائي ڪري اچي ”گواليار“ پهتا. گواليار ۾ ڪجهه عرصو مولانا علاو الدين جي صحبت ۾ گذاريو. پوءِ ” ڀانڌير“ ”چنديري“ ۾ ڪجهه وقت رهڻ بعد. ” بڙودا“ ”سلطان پور“ کان سير سفر ڪندي. ” خلد آباد“ جي ڌرتي کي تاحيات رهڻ جو پڪو پهه ڪيو. اهل و عيال سميت (خلد آباد) اچي رهيا.
    والده ماجده جي اصرار تي مولانا سيد احمد بن مولانا جمال الدين مغربي جي نيڪ نياڻي ( رضا خاتون) سان شادي ڪئي. اُن وقت سندس عمر چاليهه سال هئي. سندس 2 پٽن ۽ ٽن نياڻين جي اولاد ٿي. سيد حسين عرف سيد محمد اڪبر حياتي ۾ ئي وفات ڪئي. ٻيون نمبر پٽ حضرت محمد يوسف عرف سيد محمد اصغر هڪ درويش ڪامل بزرگ هو. ۽ نياڻين ۾ بي بي فاطمه عرف ستي بيگم، بي بي بتول، بي بي اُم الدين نياڻيون هُيون.
    حضرت سيد محمد گيسو دراز ” گلبرگه“ ۾ تفسير و حديث جا سبق ڏنا. پاڻ بلندي پايي جو مصنف هو. سندس ڪتابن جو تعداد (105) ملي ٿو.
    ڪتاب ”الاسماءَ“ مشهور تصنيف آهي. ترجمه عوراف (فارسي) تفسير القرآن ( ملنتفط) قرآن شريف جي پهريان پنجن سيپارن جو” تفسير“ . شرح مشارق الانوار، شرح تعرف شرح آداب المريدين ( عربي) (فارسي) ”خاتم شرح فصوص الحقم“ اسماءَ الاسرار، صدائق الانس، شرح فقه اڪبر، شرح الهامات حضرت غوث العظم وغيره مشهور ڪتاب آهن.
    پاڻ هڪ بلند پايي جا شاعر به هئا. شاعري ۾ ”محمد“ تخلص رکيائون. غزل ۽ رباعي تي تمام گهڻي مهارت هئي.
    ”شاعري“
    ترا حسن است از انداز بيرون ، مرا اندوه غم هر روز افزون،
    ”سندس چيل قول ۾ ته:“
    1. ترڪ دنيا کان بهتر ڪا به نيڪي نه آهي.
    2. هر شيءَ ۾ هڪ آفت هوندي آهي. عشق جون 12 آفتون آهن. هڪ ابتدا ۽ بي انتها.
    پاڻ فرمايائون ته :
    جمع جي رات چار رڪعتون پڙهو. پهرين رڪعت ۾ سورته فاتحه کان پوءِ 101 دفعا لاَ اِلاَ اِلا انت سبحانڪ اني کُنت مِن الظالمين. في سجينا و نجيناه من اللغم و کذالڪ نجي المومنين.
    ٻي رڪعت ۾ سورته کان بعد ا101 دفعا رب اني مسني الضروانت ارحم الراحمين.
    ٽي رڪعت ۾ سورته فاتحه کان بعد 101 دفعا:
    افوض امري الي الله اِن لله بصير بالعباد.
    چوٿي رڪعت ۾ سورته فاتحه بعد 101 دفعا
    حسبي الله و نعم الوڪيل نعم الموليٰ ونعم النصير.
    پڙهي سلام بعد:
    ”رب اني مغلوب فانتصر“ سو دفعا پڙهي. پوءِ شڪارو دل تي ڏجي. ۽ سر جهڪائي قبلي طرف سڄي پاسي ۽ کاٻي پاسي شڪارو ڏيئي. مالڪ مهربان جي ذڪر ۾ رهجي.
    حضرت سيد محمد گيسو دراز رحمته الله عليه 16 ذي القعد 825 هجري پهرين نومبر 1422ع ۾ رحلت فرمائي. سندس آخري آرام گاهه (گلبرگه) ۾ آهي.

    حوالا:
    تذڪره اولياءِ پاڪ وهند: ڊاڪٽر ظهور الحسن شارب
    اسلامي شاهڪار انسائيڪلوپيڊيا: سيد قاسم محمود
    جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري.


    سنڌي ٻولي جو پهريون شاعر ”قاضي قاضن“ (870 هه _ 958 هه)

    سنڌي ٻولي جو پهريون شاعر: قاضي قاضن جو جنم 870 هجري مطابق 1446ع ڌاري ”بکر“ شهر ۾ قاضي ابو سعيد بن زين الدين بکري جي گهر ۾ ٿيو. سندس تربيت علمي گهراڻي ۾ ٿي. جنهن ۾ مُلا شيخ، مخدوم، قاضي ۽ وڏا وڏا عُلماءِ دين پيدا ٿيا. ڄام ننڍي جي دور ۾ تعليم ۽ تربيت سندس والد بزرگوار جي زير سايه ٿي. پاڻ پنهنجي جيئري ئي عالمن، عارفن، بزرگن ۽ وقت جي بادشاهن وٽ به عزت ۽ مرتبو ماڻيو. ۽ گهڻن ئي بزرگن جي صحبت ۾ گذاريو.
    قاضي قاضن ڪافي هنڌن تي وڃي علم حاصل ڪيو. سندس قرآن پاڪ پورو ياد هو. علم حديث ۽ علم تفسير ۾ وڏو دخل هو. شروعاتي تعليم پنهنجي والد صاحب کان بکر ۽ سيوهڻ مان حاصل ڪئي. سيوهڻ شهر ۾ والد صاحب جو مدرسو پڻ هو.
    فارغ التحصيل ٿيڻ کان پوءِ پاڻ درس و تدريس جو سلسلو شروع ڪيو. ڪيترن ئي شاگردن کائنس علمي فيض پرايو. سندس شاگردن مان ڪيترائي ناليوارا عالم ٿيا. جن سندس نالي کي قائم رکيو. پاڻ نه صرف پنهنجي وقت جو جيد عالم هو. پر علماءِ ڪرام جي ضف جو سر موڙ هو.
    هيرو ٺڪر راءِ ڏيندي لکي ٿو. ته ” سندس سوچ، محاوري، محاڪات ۽ عبارت کان کائنس پوءِ وارا ڪيترا ئي شاعر متاثر رهيا. جن ۾ شاهه ڪريم ۽ شهنشاهه لطيف جهڙا عظيم شاعر به متاثر رهيا. قاضي قادن جو ڪلام ” تصوف جي اصولن، اُن جي باريڪ نقطن، رمزن ۽ رازن سان ڀريل آهي. روحاني راهه تي هلندڙن لاءِ هن جو ڪلام مشعل راهه سمان آهي.“ هيرو ٺڪر وڌيڪ راءِ ڏيندي لکي ٿو. ته
    ” قاضي قادن جي شروع ڪيل موضوعن تي شاهه عنايت ۽ شاهه لطيف سڄا سُر لکيا.“ ۽ دادو ديال جي ڪلام تي قاضي قادن جو وڏو اثر آهي“.
    تاريخ معصومي ۾ آهي ته: ”قاضي زهد ۽ پرهيزگاري سان سينگاريل هو. ۽ ”وحدت والوجود“ جو قائل هو. هن همئه اوست جو پرچار ڪيو آهي.
    ڪريم بخش خالد راءِ ڏيندي لکي ٿو ته ” مُرشد لاءِ جوڳي جولفظ سڀ کان پهرين قاضي قادن استعمال ڪيو. ۽ ٻئي هنڌ لکي ٿو ته ” دنيا جي علم ۽ معلومات کي واڳو سان مشابهت ڏيڻ سندس خيال جي نزاڪت ظاهر ڪري ٿو.“ اهل سنڌ تسليم ڪن ٿا. ته قاضي قاضن وڏي پايي پايي جو شاعر هو. ظاهري ۽ باطني علمن سان مالا مال هو. طريقت، معرفت ۽ حقيقت جو مسافر هو.
    اسان جو عظيم شاعر شهنشاهه لطيف به قاضي قاضن جي رنگ ۾ رڱيل آهي هن قاضي قاضن جا محاورا ۽ چوڻيون ڪثرت سان علي اعلان استعمال ڪيا آهن
    قاضي قاضن ظاهر ۽ باطني علمن جي مطالعي بعد فرمائي ٿو ته
    مُون مطالعي سپرين، لوڪان نحو صرف،
    سوئي پڙهيو، سو پڙهان، سوئي سو حرف.
    وصل جا ورق پڙهندي قاضي قاضن جي تصور کي شهنشاهه لطيف هن طرح بيان ڪيو آهي.
    ڪيو مطالعو مون، هو جو ورق وصال جو،
    تنهن ۾ تون هي تون، ٻي لات نه لحظي جيتري
    قاضي صاحب کي جڏهن ظاهري استادن ٻڌايو ته ” محشر جي ڏينهن ستر سج تپندا. گرمي جي شدت وڌي ويندي. ته چيائين ته جي اُن ڏينهن به پرين ملن ته آئون سمجهندس ته اهو سڀ ڪجهه جهڙ لڳو پيو آهي.“
    هڪ ڏينهن هڪ ملامتي بزرگ مسجد ۾ آيو. ۽ قبلي طرف مُنهن ڪري سُمهي پيو. قاضي قاضن اُن مسجد ۾ نماز پڙهندو هو. جيئن ئي ڏٺائين ته دُرو کڻي هڻڻ جو سوچيائين ته ڇا ڏسي ته پيرن جي جاءِ تي بزرگ جو مٿو رکيو پيو آهي. ۽ مٿي جي جاءِ تي پير ڏاڍو حيران ٿيو. اُن بزرگ قاضي جي طرف نگاهه ڪئي. ۽ چيائنيس ته” پير جيڏانهن وڻيئي تيڏانهن ڪر ، پر دل پنهنجي خاوند ڏانهن رک.“ اُن بعد درو هيٺ رکيائين ۽ خُدا جي طالبن مان ٿيو.
    جوڳي جا ڳايوس، ستو هوس ننڊ ۾،
    تِهان پوءِ ٿئوس، سندي پريان پيچري
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ تاريخ فرشته جي حوالن منجهان ظاهر آهي. ته قاضي قادن: شاهه حسن ارغون جي دور (927 هجري کان 947 هجري) يعني 1521ع کان 1540ع تائين (20) ويهارو سال ”قاضي القضاته “ جي عهدي تي فائز رهيو.
    جڏهن ته صحيح نموني تاريخ تي نظر وجهڻ کان پوءِ انهي حقيقت تي پهتاسي ته قاضي قاضن 928 هجري کان 932 هجري تائين، يعني چار سال (شاهه حسن ارغون) جي دور ۾ بکر جو ” قاضي القضاءَ“ عهدي تي فائز رهيو.
    قاضي قاضن زندگي جا يارهن سال مديني پاڪ جي سرزمين ۾ گذاريا. ۽ 958 هجري مطابق 1551ع ۾ مديني پاڪ ۾ ئي رحلت فرمائي. سندس آخري آرام گاهه مديني پاڪ ۾ آهي. قاضي قاضن کي چئن پٽن: محمد يعقوب، عبدالغفار، محمد شفيع ۽ محمد صلاح ۽ هڪ نياڻي ( بي بي فاطمه) اولاد هئي. جيڪا رابعه جي لقب سان مشهور هئي. حج تان واپس ورڻ کان پوءِ کيس ”بيبي حاجياڻي“ ڪري ياد ڪندا هئا.

    ”قاضي قاضن جاهم عصر بزرگ ۽ شاعر“:
    سيد محمد جو پنوري ( 847 هه _ 910 هه ) مخدوم بلاول ( 856 هه _ 929 هه) سيد علي ثاني (وفات 971 هه) قاضي ڏتو سيوهاڻي (وفات 970 هه). شيخ معروف ۽ شيخ عثمان، سيد حيدر سنائي (وفات 936 هه) شيخ قاسم سنڌي. شيخ ابراهيم بن عمر سنڌي، شيخ عبدالله متقي، سيد صفائي (وفات _ 991 هه) مخدوم لطف الله عرف مخدوم نوح (911 هه _ 998 هه) شاهه ڪريم بُلڙي وارو ( 944 هه _ 1030هه) دادو ديال ( 1544ع _ 1603ع) مير محمد معصوم بکري (944 هه _ 1014 هه) مطابق قابل قدر، لائق، عالم بزرگ ۽ هم عصر شاعر هئا.
    قاضي قاضن: سمن ۽ ارغوتن جو دور ڏٺو، سندس شاعري جي ضف ”بيت“ ”دوهاڇند“ آهي. سندس ڪلام تي ” تصوف“ جو رنگ رچيل آهي. کيس سنڌي شاعري جو ” نشانبر شاعر“ به چيو وڃي ٿو. شاهه ڪريم بلڙي واري جي سوانع ” بيان العارفين“ ۾ قاضي قاضن جا پهريان ست بيت مليا. هيرو ٺڪر (112) بيت هندستان جي ”هرياڻا“ شهر مان جيڪي ” ديوناگري“ لپي ۾ لکيل هئا. هٿ ڪري ” قاضي قادن جو ڪلام“ جي نالي سان اگسٽ 1978ع هند ۾ ڪتابي صورت ۾ آڻي ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ مئي 1997ع ۾ سنڌ تحقيقي بورڊ حيدرآباد (سنڌ) مان ڇپرائي منظر عام تي آندو. قاضي صاحب جون ڪيترن ئي عالمن، بزرگن، صالحن، ولين، عاملن ۽ عارفن سان ملاقاتون ٿيون. انهن الله وارن مان: شيخ ابراهيم بن عمر، شيخ عبدالله متقي، پير آسات، شيخ عبدالله بن سعد در ٻيلوي، مولانا محمد قاسم والد عيسيٰ مسيح الاولياءَ، شيخ طاهر محدث، شيخ هدايت الله، شيخ عثمان ۽ شيخ معروف ۽ ٻين سان صحبتون رهيون ۽ قرب ڀريون ڪچهريون ڪيون.
    قاضي قاضن انهن ڏينهن ۾ وڌيڪ ”سنڌي“ بيت چيا. جيڪي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مشهور ۽ مقبول ٿي ويا. ايتري قدر جو شاهه ڪريم، دادو ديال شاه لطف الله قادري، ميين شاهه عنايت رضوي، صوفي شاهه عنايت، جهوڪ واري ۽ شهنشاهه لطيف تائين سينه به سينه پهتا.
    قاضي قاضن سنڌي شعر جي تاريخ ۾ سڀ کان پهريون سنڌي شاعر آهي. جنهن سنڌي بيتن ۾ ”وحدت والوجود“ واري نظريي ۽ فڪر واري شاعري ڪئي آهي. حضرت سچل سرمست جو وجودي فڪر وارو اسلوب قاضي قاضن کي ويجهو آهي. جو پوءِ سچل سرمست نئين نموني اختيار ڪيو.
    قاضي قاضن: بکر، سيوهڻ، درٻيلو، ٺٽو، پاٽ، ۽ ٽلٽي شهر ۾ مختلف علمن جي ماهر استادن وٽ ويو. جتان علم حديث، علم تفسير، علم قرات، تجويد، اصول، فقه، تصوف، ۽ علم فرائض ۾ ڪافي مهارت حاصل ڪئي ۽ قرآن پاڪ جو حافظ به ٿيو.
    سال 947 هجري مطابق 1540ع ۾ گجرات جي گادي واري شهر احمد آباد ويو. جو اهو سفر همايون جي آمد سببان ٿيو. ساڳئي سال ۾ گجرات کان مديني پاڪ ڏانهن روانو ٿيو. جو خان اعظم سفر ۾ ساڻ هو.
    ”قاضي قاضن جي ڪلام مان ڪجهه سٽون“:_
    ڀوري ڀڳهءِ جان، اَمُل اساري پيو،
    سُري صرافين وان، ٻئيي اڌ هٿ ڪري.

    جان جان ڪنڌي ڪانهن، تان تون ترهي تات ڪر،
    ڪپر سندي دانهن، مَتان اُلهي اوچتي.

    ”سنڌ جي تاريخ تي هڪ نظر“
    ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو. ڄام سنجز جي وفات کان پوءِ بادشاهه جي گادي تي ويٺو. تخت نشين ٿيڻ سان وڏو لشڪر وٺي بکر ۾ آيو. ۽ هڪ سال رهي ڦورن جو پاڙون پٽي ٻئي هر قسم جو ذخيرو وڏي انداز ۾ بکر ۾ رکيائين.
    شاهه بيگ ارغون جي دور ۾ بکر جي علائقي جي ماڻهن بغاوت ۽ فساد شروع ڪيو. مير فاضل ڪوڪلتاش 47 ڌاريجن کي وٺي آيو. جيڪي اُن علائقي جا مکيه ۽ طاقتور زميندار هئا. شاهه بيگ ارغون کي گوش گذار ڪيو. شاهه بيگ قاضي قاضن ڏانهن نهاريو، ته قاضي قاضن چيو ته: ”هي ملڪ سيلابي آهي. هن زمين ۾ ڪنڊا گهڻا ڄمندا آهن. تنهن ڪري چنجور (واهولو) هميشه هٿ ۾ رکڻ گهرجي“ صلاح مشورو ڪرڻ بعد ڇنڊ ڇاڻ ڪري (27) ماڻهن کي قتل ڪيو ويو. جيڪي ڏوهن ۾ ملوث هئا ۽ 20 ماڻهن کي آزاد ڪيو ويو. ( تاريخ معصومي ص: (130). شاهه بيگ ارغون ٻه دفعا سنڌ تي حملا ڪيا. ڄام فيروز جي چوڻ تي ٻيهر حملو ڪيو. جنهن جي مدد لاءِ ٻيهر شاهه بيگ ارغون سنڌ جو رخ ڪيو. ۽ ٺٽي شهر کي فتح ڪرڻ لاءِ قدم وڌايا.
    ماڻهن مزاحمت ڪئي. ته قتل عام شروع ڪيائين. اُن دوران قاضي قاضن شاهه بيگ ڏانهن درد ڀريو خط موڪليو.جنهن ڪري شاهه بيگ قتل عام بند ڪرڻ جو حڪم ڪيو. نه فقطه قاضي قاضن جي خط لکڻ تي. هن جي گهراڻي کي به باعزت بري ڪيائين پر ظلم جي باهه بند ڪرڻ ۽ وسائڻ جو به حُڪم ڪيائين.
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ: قاضي قاضن جي فيصلن ۽ راين بابت راءِ ڏيندي چئي ٿو ته:
    ”قاضي قادن ملڪ ۾ امن امان ۽ صلح جو خواهان هُيو. ۽ انهي سلسلي ۾ پنهنجي راءِ ڪفايت ديانت داري سان ڏنائين.“

    حوالا:
    1. ( قاضي قادن جو ڪلام : هيرو ٺڪر . مئي 1997 : سنڌ تحقيقي پورڊ حيدرآباد سنڌ)
    2. اسلامي شاهڪار انسائيه ڪلو پيڊيا: سيد قاسم محمود: ص : 1296)
    3. تاريخ معصومي: مير معصوم بکري.
    4. جوهر تقويم : ضياءَالدين لاهوري: اپريل 2004).


    حضرت شيخ سليم چشتي رحمته الله عليه (884 هه _ 979 هه)

    حضرت شيخ سليم چشتي رحمته الله عليه جو جنم: دهلي ۾ محله: ”علاوالدين زندهه پير“ ۾ بهاوالدين جي گهر ۾ 884 هجري مطابق 1479ع ۾ ٿيو. سندس والده ماجده جو نالو بي بي احد ۽ شيخ موسيٰ وڏو ڀاءُ هو.
    حضرت شيخ سليم چشتي رح جو نسب سلسلو: شيخ سليم بن بهاوالدين بن شيخ سلطان بن شيخ آدم بن شيخ موسيٰ بن شيخ مودود بن شيخ بدر الدين بن شيخ فريدالدين مسعود گنج شڪر رحمته الله عليه سان ملي ٿو.
    سندس وڏا اجوڌن کان هجرت ڪري لڌيانه ۾ آيا. ڪجهه عرصو رهڻ بعد دهلي ۾ سڪونت اختيار ڪئي. پوءِ والد صاحب دهلي کان هجرت ڪري ”فتح پور سيڪري“ ۾ اچي رهائش پذير ٿيا. شيخ سليم چشتي رح کي عرب ۾ ماڻهو ”شيخ الهند“ جي لقب سان ياد ڪندا آهن. پاڻ ننڍي هوندي کان ئي الله پاڪ جي بارگاهه ۾ سجدو ڪيو ۽ سندس پيشاني تي ساري جو داڻو (چانور) چُنڀجي ويو. جو اهو نشان ڪافي عمر تائين رهيو. ۽ ڪافي تڪيلف به برداشت ڪرڻي پئي. پاڻ اُن کي ڪڍڻ جي ڪوشش به ڪيائون پر دل ۾ خيال آيو ته ماڻهو کلون ڪندا. ننڍي هوندي ئي والد صاحب هن جهان مان موڪلاڻي ڪئي. پوءِ سندس نظرداري وڏي ڀاءُ شيخ موسيٰ ڪئي.
    پاڻ پنهنجي وڏي ڀاءُ کان سفر تي نڪرڻ لاءِ اجازت گُهري. مگر وڏي ڀاءُ اولاد نه هوندي اجازت نه ڏني. ڇو ته سندس کي پٽ جي اولاد نه هئي. پاڻ پنهنجي وڏي ڀاءُ کي چيو ته نا اُميد نه ٿيو. پٽ ڄمندو. (9) مهينن بعد وڏي ڀاءُ کي پٽ ڄائو پوءِ پاڻ وڏي ڀاءُ کان موڪلائي سفر تي روانا ٿيا.
    فتح سيڪري جا وڻ ڇڏي. سر هند شهر جورخ ڪيو. جتي (ملڪ العلماءُ) شيخ مجدد الدين جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. ۽ ڪافي عرصو رهيو. جتان ”علم ظاهري“ حاصل ڪيو. اِن رهڻ دوران ”قصبه بدالي“ به وڃڻ ٿيندو هو. جو حضرت شيخ زين العابدين چشتي رح جهڙي ڀلاري بزرگ جي مزارون تي دِلي سڪون ميسر ٿيندو هو.
    931 هجري مطابق 1525ع ۾ (حرمين شريف) جي زيارت نصيب ٿي. ڪجهه عرصو (مڪي شريف) ۾ رهيا. ۽ مديني شريف ۾ به رهڻ جو شرف حاصل ٿيو.
    عرب، عجم، خراسان، بصرا ۽ شام جو سير سفر زندگي جو حصو رهيا.عرب کان سير سفر ڪندي. هندستان واپس آيا. ۽ ”فتح پور سڪري“ ۾عبادت ۽ رياضت ۾ وقت گُذرڻ لڳو. باغ لڳرايائون. کوهه کوٽايائون. ۽ خانقاهه به تيار ڪرائي ويئي. سير سفر ۾ ڪافي بزرگن سان ڪچهريون نصيب ٿيون. اُنهن درويشن ۽ بزرگن ڪافي فيض حاصل ڪيو. حضرت شيخ ابراهيم چشتي رحمته الله عليه جي هٿ تي بيعت ڪئي. ۽ خرقه خلافت حاصل ٿيو.
    962 هجري 1555 ع ۾ ”بيت الله“ جو سندن شرف حاصل ٿيو. ۽ سير سفر ڪندي 976 هجري بمطابق 1568 ع وطن واپس آيا. پهرين سفر دوران واپسي بعد شادي جهڙي نعمت نصيب ٿي. ۽ ٽن پٽن جي اولاد عطا ٿي. جن ۾ شيخ بدر الدين شيخ قطب الدين ۽ شيخ تاج الدين، شيخ تاج الدين اڍائي سال جي عمر ۾ وفات ڪري ويو. شيخ بدرالدين سندس جي وفات بعد گادي نشين مقرر ٿيو. ۽ قطب الدين شهنشاهه جهانگير جي عهد ۾ هڪ وڏي عهدي تي فائز رهيو.
    پاڻ هڪ دفعي حجري کان مسجد طرف وڃي رهيا هئا ته هڪ فقير اُن ٽائيم سمهي رهيو هو. پاڻ اُن کي اُٿاريائون ۽ فرمايائون ته: ”فقيرن کي ڪنهن سان وڙهڻ نه گهرجي“ اِهو ٻڌي فقير شرمنده ٿيڻ لڳو. ۽ چيائين ”ته واقعي خواب ۾ آئون وڙهي رهيو هوس.“
    پاڻ ”فتح پور سيڪري“ ۾ رهندي ئي ماڻهن کي ” شاهي عمارات“ تيار ٿيڻ کان (15) سال پهريائين چيو هو ته پنهنجا مڪان ڪشادا ۽ ويڪرا ٺهرايو. جو ڪو وقت ايندو جو جڳه ٺهرائڻ مشڪل ٿي ويندي.
    حضرت شيخ سليم چشتي رحمته الله عليه (95) سالن جي عمر ۾ 29 رمضان المبارڪ 979 هجري بمطابق : 14 فيبروري 1572ع ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاهه ”فتح پور سيڪري“ ۾ آهي جتي آرامي آهن.
    پاڻ ٿڌي پاڻي سان روزانو غسل ڪندا هئا. ڀل ڪيتري به سردي هجي. ۽ فرمايائون ته:
    ”درويشن جي هڏين ۾ عشق الاهي جا بيشمار سوراخ آهن.“

    حوالا:
    تذڪره اولياءِ پارڪ وهند: ڊاڪٽر ظهور الحسن شارب
    جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري 2004ع


    حضرت مخدوم نوح سرور هالائي (911 هه_ 998هه)

    مخدوم نعمت الله صديقي هالائي جي فرزند مخدوم نوح سرور سائين جي ولادت با سعادت 27 رمضان المبارڪ 911 هجري مطابق 21 فيبروري 1506ع ۾ ٿي. پيدائش سمن بادشاهه جي سونهري دور ۾ ٿي. پاڻ ستن ڏينهن جا ٿيا. ته آذان ٻڌڻ شرط ڪلمه شهادت پڙهيائون. جنهن کي ڪافي ماڻهن ٻڌو. قرآن پاڪ جي تعليم مخدوم عربي دياڻي جي مدرسي ۾ پڙهندي هڪ ڏينهن غسل ڪندي ڪشف واري حالت ۾ سهڻي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم ۽ حضرت علي سائين رضي الله تعاليٰ عنه جي زيارت جو شرف حاصل ٿيو. ۽ ڦرهي تي سهڻي سردار صلي الله عليه وآله وسلم ڪجهه سٽون لکي ڏنس. ۽ کيس سبق ڏنائين جنهن کان پوءِ سمورا علوم مٿس کلي پيا. ۽ انهي ڏينهن لا الا الاالله جي ذڪر جي تلقين ڏيڻ جي اجازت به ملين.
    انهي دور ۾ ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو (914 هجري، 1508 ع) ۾ وفات ڪئي. ۽ سونهاري سنڌ تي ڌارين جي ڪاهه شروع ٿي ويئي. شاهه بيگ ارغون 1521 ع _ 927 هجري ۾ ڄام فيروز سمي کي شڪست ڏيئي ارغون جو جهنڊو هن سرزمين تي بلند ڪيو. ارغون جي دور ۾ همايون بادشاهه شيرشاهه کان شڪست کائي سنڌ ۾ 1540ع _ 947 هجري ۾ سنڌ ۾ آيو.
    950 هجري 1543ع تائين شاهه حسن ارغون ۽ همايون جي وچ ۾ ڪشمڪش هلندي رهي. اڃان سنڌ پاڻ سنڀاليو ئي مس ته شاهه حسن ارغون کان پوءِ عيسيٰ ترخان ۽ محمود بکري درميان خونريز جنگيون شروع ٿيون مخدوم نوح سرور ڄام نظام الدين سمي کان وٺي. ارغون ۽ تر خان جا دور به ڏٺا. سندس ڄمڻ واري دور ۾ سنڌ ۾ ”مهدوي تحريڪ“ ۾ ”بلاولي تحريڪ“ جو زور هو.
    مخدوم صاحب کان جڏهن ڪو به سوال پڇيو ويندو هو ته پاڻ علمي نموني ۾ اهڙو ته جواب ڏيندا هئا. جو وڏا علماءَ حيران رهجي ويندا هئا. هڪ دفعي ٺٽي شهر ۾ علماءَ ۽ طالبن کي قرآن پاڪ جي هڪ آيت جون ايتريون ته معنائون فرمايائون جو سڀ حيران ٿي ويا. ۽ ڏسندي ڏسندي عجب ۾ پئجي ويا. پاڻ 36 تفسيرن جا نالا وٺندي فرمايائون ته فلاڻي تفسير ۾ هن ريت ۽ فلاڻي ۾ هن ريت آهي. جن مان عالمن ڪي سمجهيون ڪي نه سمجهيون. آخر ڪار، عالمن ۽ طالبن عرض ڪيو ته ” اسان جي حق ۾ دعا گهرو.“ پاڻ فرمايائون ته ”آءُ الحمد پڙهان ٿو، آوهان آمين چوندا وڃو.“ جڏهن الحمد پوري ڪيائون ته حاضر مجلس آمين چوندڙ ولايت جي درجي کي رسيا.
    پاڻ مريدن ۽ متعقدن جي هدايت لاءِ بيت چوندي فرمايو ته
    ماڪ نه ڀانيو ماڙ هئان. پيئي جا پرڀات،
    روئي چڙهي رات، ڏسي ڏکوين کي.
    مخدو صاحب جي والد مخدوم نعمت الله صديقي جا به ڪيترائي معتقد ۽ مريد هئا. سندس فرزند مخدوم نوح جي ولادت با سعادت جون پيشگوئيون به ڪيترن درويشن جي واتان ٻُڌي چڪو هو.
    مخدوم نوح پنهنجي آخري بيماري واري وقت ۾ پڻ ڪن رفيقن ۽ پيارن جي جُدائي محسوس ڪندي فرمايائون ته.
    نه سي جوڳي جوءِ ۾ ، نه ساسُکي چاٽَ
    ڪاپڙين ڪنواٽ، وڏيءَ ويل پلاڻيا.
    مخدوم نوح سرور رح جهڙي ڀلاري بزرگ 27 ذوالقعد 998 هجري مطابق 27 سيپٽمبر 1590ع ۾ مالڪ حقيقي جي بارگاهه وڃي ابدي آرامي ٿيا. مخدوم صاحب چار شاديون ڪيون. جن مان ٻارهن فرزند ۽ نياڻين جي اولاد ٿي. جن ۾ 1 ِميان امين محمد 2 ميان حامد 3 ميان نور محمد 4 ميان احمد راهو 5 ميان دائود 6 ميان موسيٰ 7 ميان هارون 8 ميان يوسف 9 ميان آدم 10 ميان ميران محمد 11 ميان ابراهيم ۽ 12 ميان جلال الدين چوٿين گهرواري مان ڪو به اولاد نه ٿيو مخدوم صاحب جي آخري آرام گاهه (هالا شهر) ۾ آهي.

    حوالا:_
    1 (مخدوم نوح سرور رح جا سهيوڳي: پروفيسر محبوب علي چنا)
    2 (شاهه عبد اللطيف ڀٽائي جي دور ۾ تصوف جا سلسلا : ڊاڪٽر عابد مظهر)
    3 حديقته الاولياءَ: سيد عبدالقادر ٺٽوي.
    4 جوهر تقوم: ضياءُ الدين لاهوري.


    شاهه خير الدين عرف جيئي شاهه سکر وارو (911 هه _ 1027 هه)

    غوث العظم شيخ عبدالقادر جيلاني رحمته الله عليه جي ٻارهين پيڙهي مان سيد خير الله عرف خير الدين شاهه جو جنم 911 هجري بمطابق 6_ 1505ع ۾ بغداد شريف ۾ ٿيو. والد صاحب جو اسم گرامي سيد احمد بغدادي آهي.
    سيد خير الدين شاه المعروف ( جيئي شاهه) بغداد کان مڪي شريف راهي ٿيا. 41 سالن جي عمر ۾ 14 سال حرمين شريف ۾ تحصيل علم ۾ مصروف رهيا. فراغت حاصل ڪرڻ کان پوءِ باب اسلام سنڌ جي شهر ”هالا“ ۾ مخدوم نوح صديقي رحمته الله عليه جي صحبت مان. ۽ مخدوم صاحبن جي خليفي عالم ۽ عارف حضرت شاهه عبدالڪريم بُلڙائي کان فيض ياب ٿي. خرقو خلافت ڍڪي سکر جي سُهڻي سرزمين ۾ اچي قدم رکيا.
    شاهه خيرالدين پُراڻي سکر ۾ هڪ ٽڪري تي پنهنجي جاءِ جوڙي عبادت ۾ مصروف رهيا. اها ساڳئي ٽڪري آهي. جنهن تي سول سرجن سکر جو بنگلو آهي. مير محمد معصوم شاهه جو پوٽو مير زڪريا. سڌو فقير ۽ جمال الدين هن ڀلاري بزرگ جي خدمت ڪرڻ لڳا. ۽ کائنس فيض حاصل ڪيائون.
    خداد خان پٺاڻ جي ڪتاب ”لب تاريخ سنڌ“ ۾ هڪ روايت موجب. ته سندس دور ۾ ڪو درويش وٽس ايندو ويندو هو. هڪ سال هو نه اچي سگهيو. ته شاهه خير الدين پڇا ڪئي. ته معلوم ٿيو ته دريا خوردي سبب درويش جي خانقاهه واري ۾ دڄجي ويئي آهي. اهو ٻُڌي پاڻ گهوڙي تي چڙهيو. ۽ اُن ماڳ تي آيو. جڏهن مٿان وريل واري ۽ مٽي اُٿلايائون. ته درويش واري ڪوٺڙي جو نشان مليو. دروازو کوليائون. ته سبحان الله درويش صحيح سلامت سجدي ۾ ڏٺائون. جنهن تي شاهه خيرالدين کيس مخاطب ٿيندي چيو ته:
    ” نه تون ڪعبو نه تون قبلو،
    رهين ٿو منجهه سجود،
    ويساري پاڻ کي، ملين ساڻ دريا،
    اهو ٻڌي هُن درويش جواب ڏنو ته:
    ڪوهه ڪندو تن، قبلو جن سڃاتو سلطان،
    پرين اسين پاڻ، سجدو ڪريون ڪنهن کي.
    پاڻ 85 سالن جي عمر تائين گهوڙي تي سواري ڪئي. اهڙي ريت زندگي جون 115 بهارون ڏٺيون. ۽ سومر 27 رمضان المبارڪ سن 1027 هجري 7 سيپٽمبر 1618ع ۾ جهان مان موڪلاڻي ڪئي. سندس وفات جي تاريخ ڪنهن شاعر هيٺين ريت فرمائي آهي.
    شاهه خيرالدين په ۾ برج شرف
    مقبل درگاهه ايزد سرمدي
    سال تاريخ وصالش عقل گفت
    مرشد ڪامل طريق احمدي ____ 1027 هه
    شاهه خيرالدين المعروف (جيئي شاهه). بنا اولاد جي لاڏاڻو ڪيو. جنهن ڪري سندس گادي تي سڌ و فقير ويٺو. پوءِ ان جو فرزند درويش يحيٰ مسند جو مالڪ ٿيو. انهي ٻنهي درويشن جا حضرت مخدوم نوح جي جماعت ۽ فرزندن سان گهاٽا تعلقات رهيا.
    هن وقت درگاهه جا مجاور پيرزادا. مٿيئن درويش جو اولاد چيا وڃن ٿا. جن جي درگاهه حوالي آهي. ۽ سنڀال ڪن ٿا.
    1174 هجري 1760ع ۾ ميان غلام محمد مجاور هڪ عاليشان مقبري مٿان گنبذ تيار ڪرايو. شاهه خيرالدين درويش جڏهن بغداد کان سکر جي سرزمين تي قدم رکيا. ته هن خطي کي پنهنجو اصلي وطن ٺاهي. پيار ۽ محبت ۽ پنهنجي علم جي رستي عوام جي دلين ۾ ائين سمائجي ويو. جو انهي بزرگ جي سچائي، پيار ۽ خلوص ڏسي ماڻهن مٿان نالو ئي (جيئي شاهه) رکي ڇڏيو. جو اڄ تائين پراڻي سکر ۾ موجود درگاهه (جيئي شاهه) جي نالي سان سُڃاتي وڃي ٿي.
    نه ڪعبو، نه تون قبلو، نه رهيو سجود،
    جنهن وڃايو وجود، تهلاءِ سائر گڏ ٿي.
    (شاهه خير الدين)

    حوالا:
    تذڪره مشاهير سنڌ: مولانا دين محمد وفائي (جلد II، III ص:53، 54، 55)
    ڳالهيون منهنجي سنڌ جون: شوڪت خواجائي
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي شخصيتون ۽ درسگاهون: غلام شبير پيراهين :ص:60)
    جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري 2004ع


    حضرت ميان مير رحمته الله عليه ( 938 هه _ 1045 هه)

    حضرت ميان مير ؓ جي ولادت با سعادت سيوستان (سيوهڻ) ۾ قاضي سائين ڌتي جي گهر ۾ 938 هجري مطابق: 1532ع ۾ ٿي. والده ماجده جو نالو ” فاطمه“ هو. جيڪا قاضي قاضن جي ڌيءَ هئي. اصل نالو: مير محمد هو. حضرت ميان مير رح جا چار ڀائر هئا: قاضي، قاضي عثمان، قاضي طاهر ۽ قاضي محمد، ۽ سندس ٻه ڀينرون هيون. جن ۾ بي بي جمال خاتون، بي بي بادي. پاڻ ”ميان مير“ ”شاهه مير“ ”ميان جيو“ ”بالاپير“ جهڙن لقبن سان مشهور هئا.
    پاڻ جڏهن ستن سالن جي عمر جا ٿيا ته والد صاحب هن جهان مان موڪلاڻي ڪئي. پنهنجي والده ماجده کان ”علم باطني“ جي تعليم شروع ڪئي. اُن وقت عمر مبارڪ ٻارهن سال هئي. والده کان موڪلائي جهنگلن ۽ بيابانن ۽ باغن ۾ رهڻ شروع ڪيو. سدائين حق تلاش لاءِ بي چين رهندا هئا. ۽ سمورو وقت رياضت ۽ عبادت ڪندي گذرندو هو.
    پاڻ حضرت خضر رحمته الله عليه جا مريد ٿيا. ۽ ياد الاهي ۾ گذاريندي خرقه خلافت سان به سرفراز ٿيا. ”علم ظاهري“ لاءِ لاهور ۾ مولانا سعد الله جي خدمت ۾ حاضر ٿيا. ڪجهه عرصو رهڻ بعد مولانا نعمت الله کان ”علم“ جي ڄاڻ حاصل ڪيائون. سندس اصلي حالات جي ڪنهن کي به ڄاڻ نه هئي. ڇو ته ڏينهن جو بزرگان دين جي مزارن تي وڃي فيض و برڪت حاصل ڪندو هو. ۽ رات جو باغن، جهنگلن ۽ غيرآباد جاين ۾ وڃي عبادت الاهي ۾ مشغول رهندو هو. لاهور اچڻ وقت عمر 25 سال هئي.
    لاهور ۾ ڪجهه عرصو رهڻ بعد ”سرهند“ وڃڻ جو مناسب سمجهيو. پر پاڻ ”سرهند“ ۾ بيمار ٿي پيا. اُتي حاجي نعمت الله سرهندي تمام گهڻي خدمت ڪئي. پاڻ انهي خدمت عيوض هڪ هفتي ۾ حاجي نعمت الله سرهندي کي فيض مان وڏي درجي تي پهچائي ڇڏيو. بيماري ۾ ڪشف ذريعي غوث الاعظم ميران محي الدين حضرت عبدالقادر جيلاني رحمته الله عليه جي طرف اچي حاضر ٿيا. جتان پاڻي جو پيالو پيئڻ لاءِ عنائيت ٿيو. جتان تازا توانائي ٿي خدا تعاليٰ جو شڪر ادا ڪيو.
    پاڻ ”سرهند“ ۾ هڪ سال جو عرصو گذارڻ بعد لاهور واپس آيا. ۽ ”باغبانون“ محلي ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي. ماڻهن کي حق جي راهه تي هلڻ الله تبارڪ و تعاليٰ جي عبادت، رياضت ۽ تعليم حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪيائون. ڪيترائي ماڻهون اچي خدمت ۾ فيض مان فيضاب ٿيا. سندس ڪماليات جا جوهر ڏسي شهنشاهه جهانگير ملڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. ۽ هڪ شخص کي روانو ڪري خدمت ۾ موڪليو. ته آئون لاهور آيو هوس. آوهان لاءِ معلوم ڪيو. پر آوهان لاهور ۾ نه هئا. جي نه ته آئون خود خدمت ۾ حاضر ٿيان ها. پر مهرباني ڪري اسان ڏانهن اچڻ جي عنايت ڪيو.
    پاڻ جهانگير جي درخواست منظور ڪئي.۽ جهانگير تمام گهڻو متاثر ٿيو. ۽ ميان صاحب کي چوڻ لڳو ته : ”سلطلنت ۾ موجود هيرا جواهر“ منهنجي لاءِ پٿر جي سِر برابر آهن سائين جن مِهر ڪن ته ”دنوي تعلقات“ سڀ ختم ڪري ڇڏان.“
    پاڻ فرمايائون ته ”جهانگير خلق جي خدمت لاءِ هڪ ماڻهو مقرر ڪيو. ته پوءِ توهان کي مان پاڻ سان گڏ وٺي هلان. ۽ عبادت الاهي ۾ مشغول رهون. شهنشاهه شاهه جهان ٻه دفعه خدمت ۾ حاضر ٿيو. پاڻ نصيحت ڪندي فرمايائون ته : ” عادل بادشاهه کي پنهنجي رعيت ۽ سلطنت جي خبر هجڻ گهرجي. ۽ همت ڪري تمام ولايت کي آباد ڪرڻ ۾ مصروف رهجي .اگر رعيت آسودا هوندي ۽ مُلڪ آباد هوندو ته سپاهه آسودا ۽ خزانو ڀريل هوندو.“
    شاهجهان تمام گهڻو متاثر ٿيو. ۽ دستار ۽ کجي مان ٺهيل تسبيح خدمت ۾ عرض رکي. پاڻ دستار واپس ڪئي. ۽ تسبيح قبول ڪري ورتي. ۽ بعد ۾ هڪ مُريد کي ڏيئي ڇڏيائون.
    حضرت ميان مير رحمته الله عليه: هڪ دفعي وصيت ڪندي فرمايائون ته مُنهنجي وفات بعد مون کي ڪلراٺي زمين ۾ دفن ڪجو. جو مُنهنجون هڏيون ڪلراٺي زمين ۾ ڳري وينديون.۽ نانءُ نشان به نه بچندو ۽ نه هي منهنجي قبر تي مقبرو اڏائجو.
    صورتي در قبر مرگ ويران خوشتراست،
    نيستي مانند من با خاک يکسان خوشتراست،
    پاڻ 17 ربيع الاول 1045 هجري بمطابق 21 اگسٽ 1635ع ۾ وفات ڪئي. سندس مزار مبارڪ لاهور لڳ ميان مير ڳوٺ ۾ آهي.وفات وقت عمر مبارڪ 107 سال هئي.

    حوالا:
    تذڪره اولياءِ پاڪ و هند: ڊاڪٽر ظهور الحسن شارب
    اسلامي شاهڪار انسائيڪلوپيڊيا
    جوهر تقويم:ضياءَ الدين لاهوري


    سيد حيدر شاهه حقاني ”رضوي“ (915 هه _ 1039 هه)

    سيد حيدرشاهه حقاني جي پيدائش سن: 915 هجري بمطابق 1509 ع بکر ۾ ٿي. شروعاتي تعليم بکر مان ئي حاصل ڪئي. وڏڙن سان گڏجي بکر کان روهڙي ۾ آيو. ۽ روهڙي کي آخري مسڪن سمجهي. هميشه لاءِ هن سر زمين تي رهڻ جو پڪو پهه ڪيو.
    شيخ عبدالباقي صديقي بکري جڏهن استنبول ويو. ته استنبول ۾ رهڻ دوران سندس شادي بزرگ شيخ نجم الدين جي ڌيءَ: سان ٿي. شيخ نجم الدين پنهنجي (ڌيءَ) کي ڪابين ۾ ”وار مبارڪ“ ڏنو هو. شيخ عبدالباقي جڏهن پنهنجي گهرواري سان استنبول کان بکر پهتو. ته هنن اُن وار مبارڪ کي ظاهر نه ڪيو. ڪافي وقت گذرڻ کان پوءِ سيد حيدر شاهه حقاني کي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن خواب ۾ ارشاد ڪيو ته ” اسان جو وار مبارڪ آوهان جي شهر جي ڀر سان بکر ۾ شيخ عبدالباقي صديقي وٽ آهي. اُن کي چئو ته اُن جي عام زيارت ڪرائي.“ سيد حيدر حقاني پاڻ بکر ۾ وڃي شيخ عبدالباقي سان مليو. ملڻ بعد شيخ عبدالباقي چيو ته خواب جو سمورو احوال بلڪل صحيح آهي. ۽ وار مبارڪ سندن محفوظ آهي.پر هڪ ٻئي شخص جي شاهدي هئڻ ضروري آهي. انهي ڪري في الحال ”وار مبارڪ“ کي ظاهر نه ڪندس.
    مولوي محمد علي بکري هڪ ٻئي بزرگ جو پڻ ذڪر ڪندي چئي ٿو ته مخدوم عبدالملڪ در ٻيلوي حج جي ارادي سان ”حجاز مقدس“ ويل هو. خواب ۾ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو. ته سنڌ جي شهر بکر ۾ شيخ عبدالباقي صديقي وٽ اسان جو ”وار مبارڪ“ رکيل آهي. وڃي اُن کي ظاهر ڪرايو.مخدوم صاحب حج کان واپس ”بکر“ شهر پهتو. بکر ۾ سيد حيدر حقاني سان خواب وارو سمورو حال احوال ڏنو. پوءِ ٻيئي ڄڻا شيخ عبدالباقيءَ وٽ پهتا. ۽ کيس ”وار مبارڪ“ جي ظاهر ڪرڻ لاءِ چيائون. اهو واقعو سن 1545ع بمطابق 952 هجري جو آهي.
    پوءِ اهو ”وار مبارڪ“ ظاهر ڪيو ويو. ۽ سيد حيدر شاهه حقاني ان ”وار مبارڪ“ جي سهڻي نموني سان سنڀال ڪئي. ۽ اڄ ڏينهن تائين ”وار مبارڪ“ جي زيارت ڪرائي وڃي ٿي.
    سيد حيدر شاهه حقاني کي ”نبوت جي باغ جو ٽڙندڙ گل“ جي نالي سان سڏيو ۽ سڃاتو وڃي ٿو. ۽ ميزبان حسين عليه السلام“ جي لقب سان به ياد ڪيو ويندو آهي. ۽ کيس حضرت امام حسين عليه السلام جي زيارت جو شرف 980 هجري 1572ع ۾ حاصل ٿيو. سندس گڏ پٽ سيد عبدالستار شاهه ۽ سندس ڀائيٽو سيد ابوالمعالي بن شاهه عيسيٰ به زيارت وقت گڏ هئا. زيارت وقت سيد حيدر شاهه جي عمر 65 سال هئي.
    سيد حيدر شاهه حقاني جي وفات 21 شعبان المعظم 1039 هجري مطابق. 15 اپريل 1630ع روهڙي ۾ ٿي. ۽ سندس آخري آرام گاهه به روهڙي شهر جي (سيد محلي) ۾ واقع آهي. اُن وقت ۾ ” سائيدي محلي“ طور سڃاتو ويندو هو. مقبري ويجهو ”ڪربلا جو پڙ“ آهي.
    پاڻ انهي جڳهه تي دفن آهن جتي ويهي عبادت ڪندا هئا. مقبري واري ڪمري وچ تي چار مزارون آهن. ۽ چوديواري ٻاهران سيد اُڀن شاه ۽ درگاهه جي خدمت گار هڪ عورت جي آهي.
    سيد حيدر حقاني جي خانداني شجري ۽ روايتن مان معلوم ٿيو ته سندس هڪ فرزند نالي سيد عبدالستار شاهه هو. عبدالستار شاهه 1041هجري مطابق 1631ع ۾ هن جهان مان موڪلاڻي ڪئي. ۽ مزار والد صاحب جي ڀرسان آهي.

    حوالا:
    ڪتاب مقالا ت خانائي: ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي
    تذڪره مشاهير سنڌ: مولانا دين محمد وفائي
    جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري


    حضرت شاهه عبدالڪريم بُلڙي وارو (944 هه _ 1032 /هه)

    سنڌي شاعري جووهائو تارو حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو جو جنم 20 شعبان 944 هجري، مطابق، 20 جنوري 1538ع مٽياري شهر ۾ ٿيو. والد صاحب جو نالو سيد لعل محمد عرف الله هو. سندس وڏا هرات جا ويٺل هئا. جيڪي هرات مان اچي هالا ڪنڊي ۾ رهيا. سيد حيدر هالا ڪنڊي ۾ هڪ سال پنج مهينا رهيو. والد جي وفات جو ٻڌي هرات ويو. ۽ اُتي ئي 3 سال 27 ڏينهن زندگي جا گذاريندي وفات ڪئي.
    سنڌ ۾ سيد حيدر کي پٽ جي اولاد ٿي. جنهن جو نالو ”مير علي“ رکيائون. مير علي کي ٻن پٽن جي اولاد ٿي. سيد شرف الدين ۽ سيد احمد، پير علي محمد راشدي جي بقول ته حضرت شاهه عبدالڪريم مير علي هراتي جي نائين پيڙهي مان هو. پاڻ ننڍو ئي هو ته والد صاحب وفات ڪري ويو. ڇهن سالن جي عمر ۾ مڪتب ۾ قرآن پاڪ جا ٻه سيپارا پڙهيو. ۽ ننڍي هوندي کان ئي سماع جي محفل ۾ ويندو هو. پاڻ جواني جو گهڻو عرصو مسجد شريف ۾ الله جي عبادت ڪندي گذاريو. اشراق ادا ڪرڻ بعد. گهر ايندا هئا. خاص ڪري کاڌي پيتي ۽ رڌ پچاءُ جوڪم به گهڻي قدر پاڻ ئي ڪندا هئا. اوليائن ۽ بزرگن جي مزارن تي به ويندا هئا.
    حضرت شاهه عبدالڪريم اڃا ننڍو ئي هو. ته ڀاءُ شادي ڪرائي ڇڏي. ڀاءُ جي وفات کان پوءِ سڄي ڪُٽنب جي پرورش جو بار به سندس سِر تي پيو. ٻني ٻاري جو ڪم ڪار ڪري گذر سفر ڪيائون. مخدوم نوح سندس مرشد هو.
    حضرت شاهه عبدالڪريم کي 8 پٽ ۽ ٽن نياڻين جي اولاد ٿي.
    پٽن ۾ : 1 . سيد لعل شاهه عرف الله شاهه (سيد للو). هن تي ڏاڏي سائين جو نالو رکيل هو. جو ننڍپڻ ۾ ئي وفات ڪري ويو.
    2. سيد عبدالرحيم: هي به پنهنجي والد بزرگ جي زندگي ۾ ئي وفات ڪئي.
    3. سيد جلال: بيحد حسين هو ۽ عبادت ڪندو. پيءُ جي حياتي ۾ ئي هالن کان اچي رهيو هو. ته رستي ۾چورن هٿان شهيد ٿي ويو.
    4. سيد برهان: عبادت ۾ يگانو ۽ قوت ۾ نهايت سگهارو هو.هي پڻ پيءُ جي حياتي ۾ گُذاري ويو.
    5. سيد لل لله مجذوب: راهه طريقت جو پانڌئيڙو ۽ راهه حقيقت جو واقف هو. اِن جي باري سندس والد جن چوندا هئا. ته ”بيشڪ کيس ايمان جي ڪامل صفائي نصيب ٿي آهي.“ هي پيءَ جي وفات بعد ڪجهه وقت زنده رهيو.
    6. سيد دين محمد: پيءُ وفات وقت هن کي سڏي ولايت جي امانت ڏني پاڻ مٿو ڪوڙائي، ڪفني ڍڪي، ڪاري چادر ڪلهي تي سجاده نيشني جي حيثيت ۾ گادي تي ويٺو. وڏو مالدار هو. گهوڙيسواري ڪندو هو.
    7.سيد محمد حسين: شاهه ڪريم هن کي ”خادم الفقرا“ جولقب ڏنو هو. ۽ چيائين ته اسان امير المومنين حضرت امام حسين رضي الله تعاليٰ عنه جي محبت ۾ هن جونالو ”حسين“ رکيو آهي.
    8. سيد عبدالقدوس: ننڍپڻ ۾ گذاري ويو. هي ننڍي هوندي ڇوڪرن کي گڏ ڪري راند بجاءِ ذڪر ڪرائيندو هو.
    بزرگ شاهه عبدالڪريم جي ولادت کان ٻه سال پوءِ 1540ع ۾ شاهه حسن ارغون جي زماني ۾ همايون شير شاهه سوري کان شڪست کائي لاهور ۽ اُچ کان ٿيندو. روهڙي جي ويجهو پهتو. شاهه جن کيس پڄائڻ لاءِ اچ کان بکر تائين درياهه جا ڪنارا ويران ڪري ڇڏيا. همايون جا ماڻهو اها حالت ڏسي اٺ ۽ گهوڙا ذبح ڪري کائڻ لڳا. شاهه حسن ارغون کي 1554ع مطابق 962 هجري ۾ اڌ رنگ جي بيماري ٿي پيئي. ڪن جو چوڻ آهي. ته سندس زال ” ماهه بيگم“ کيس زهر ڏيئي مارايو.
    شاهه عبدالڪريم جيتوڻيڪ حڪومت سان ڪو به تعلق نه رکندو هو. تڏهن به خدا جي خلق جي خدمت لاءِ ڪڏهن ڪڏهن ڪامورن وٽ ڪهي ويندو هو. جيڪڏهن ڪنهن سان زيادتي ۽ ظلم ٿيندو هو. ته بي اختيار ٿي ويندو هو. مطلب ته هن اسلامي اصولن موجب انسانيت جودرس ڏنو. ۽ انسانن جي اخلاق ۽ ڪردار جي اصلاح ڪئي.
    جا پوک ڪريم پوکي، سا لطيف لڻي، جا لطيف لڻي تنهن مان سڄي سنڌ سيرياب ٿي..... واقع اسان پنهنجي محبوب کي صحيح سڃاتو آهي.
    شاهه ڪريم فرمائي ٿو ته:
    اسين سڪون جن کي، سي تان اسين پاڻ،
    هاڻي وڃ ڪمان، صحيح سڃاتا سپرين.
    هن دور جو بي مثال شاعر شاهه ڪريم آهي. سندس ڪلام ”بيان العارفين“ مان (94) بيت (شعر) اسان تائين پهتا آهن. سنڌي کان علاوهه عربي جا 29 لفظ ۽ فارسي جا 8 لفظ به سندس ڪلام ۾ مليا آهن جن جو انداز وڻندڙ آهي. ۽ شاهه ڪريم جو ڪلام مان 92 بيت مليا آهن. (ميمڻ عبدالمجيد (سنڌي)
    نيه نياپي نه ٿئي، سڌين سيڻ نه هون،
    ڪاريين راتين رت ڦڙا، جان جان نيڻ نه رون،
    حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو 7 ذوالقعد 1032 هجري مطابق 1623ع ڳوٺ بُلڙي ۾ وفات ڪيائين. سندس عمر 88 سال هئي. اسان جي مانوارن ڪافي ليکڪن وفات جو عيسوي سال 1622، 1624، 1625، ۽ 1626ع ڄاڻايو آهي. پر جڏهن وفات (88) سالن موجب هجري 1032 جي حساب سان 1623 ع تي صحيح مستند بيهي ٿو.
    مضمون جي لحاظ کان شاهه لطيف جي شعر تي شاهه ڪريم جي ڪلام جو اثر ٻن نمونن جو نظر اچي ٿو. هڪ ته شاهه صاحب جا ڪيترا بيت، شاهه ڪريم جي بيتن جي ڀران چيان آهن. ۽ ٻيو هي ته شاهه صاحب شاهه ڪريم جي بيت وارو مضمون پنهنجي بيت ۾ پيش ڪندي پنهنجي بيت ۾ جدت ۽ انفراديت پيدا ڪئي.
    سوئي هيڏان ، سوئي هوڏان،سوئي من وسي،
    تنهن سندي سوجهري، سوئي سوپسي،
    (شاهه ڪريم)
    شهنشاهه لطيف انهي فڪر جي بيت ۾ وضاحت ڪندي فرمائو ٿو.
    سوهي، سوهو، سو اجل سو الله،
    سو پرين، سو پساهه، سو ويري، سو واهرو.
    (شاهه لطيف)
    شهنشاهه لطيف شاهه ڪريم جو مقبرو پنهنجي هٿن مبارڪن سان جوڙايو. مقبري لاءِ ڪاشي جون سِرون ملتان مان آڻي تمام سهڻي نموني مقبرو تيار ڪرايو. مقبري واري جاءِ بُلڙي کي اڳ ”سيدپور“ چوندا هئا. مائي بُلڙي جيڪا ملاح ذات جي نالي ”مائي حوا“ هئي. جنهن کي مائڻ بُلڙي ڪري ڪوٺيدا هئا. اڄ تائين سندس نالو ”بُلڙي“ طور سڃاتو وڃي ٿو.

    حوالا:
    بين العارفين 2. شاهه ڪريم جو ڪلام
    3. شاهه ڪريم سنڌي شاعري جو وهائو تارو
    4. مخدوم نوح جا سهيوڳي
    5. جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري


    حضرت شاهه حسين رحمته الله عليه (945 هه _ 1008 هه)

    حضرت شاهه حسين رحمته الله عليه جي پيدائش 945 هجري مطابق 39/1538ع اڪبر بادشاهه جي دور ۾ لاهور ۾ ٿي. والد صاحب جو نالو عثمان رحمته الله عليه هو. ڏاڏي جو نالو ”ڪاحيس هو. ذات جي لحاظ سان ڏهاڏا قوم سان تعلق هو. وڏا غريب خاندان سان تعلق رکندا هئا. ۽ ڪپڙن ٺاهڻ جو ڪم ڪندا هئا.
    (جنم 954هه. 1539ع ) اسلامي شاهڪار انسائيڪلوپيڊيا ص 1044) ڄاڻايو آهي پر حقيقت ۾ 945 هجري بجاءِ 954هه طور لکجي ويو آهي، جو عيسوي سال 1539 سامهون اچڻ سان صحيح نشاندهي ٿئي ٿي.
    سلطان فيروز شاهه تعلق جي عهد حڪومت ۾ حضرت شاهه حسين جو والد بزگوار اسلام قبول ڪيو. سندس پهريون نالو ” ڪلسن راءِ“ هو. مسلمان ٿيڻ بعد عثمان رحمته الله عليه رکيو ويو. والد صاحب حضرت امام حسين عليه السلام سان عقيدت هجڻ ڪري پنهنجي پٽ جو نالو ”حسين“ رکيو.
    حضرت شاهه حسين ستن سالن جي عمر جا ٿيا. ته والد صاحب مولانا ابوبڪر رحمته الله عليه جي مدرسي ۾ داخل ڪرايو. پاڻ ٽن سالن جي عرصي ۾ قرآن شريف جاست سيپارا حفظ ڪيا. هڪ ڏينهن خدا رسيدا بزرگ شيخ بهول دريائي مدرسي ۾ تشريف فرما ٿيا. اوچتو نذر وڃي شاهه حسين تي پيئي. شيخ بهلول مولانا ابوبڪر رح کان پڇيو ته هن ٻار جو نالو ڇا آهي. مولانا فرمايو ته هي منهنجو شاگرد حسين آهي. شيخ بهلول وري پڇيو ته هي ڇا پڙهي رهيو آهي مولانا فرمايو ته قرآن پاڪ جا ست سيپارا حفظ ڪيا اٿس. اٺين سيپاري جي تياري ۾ آهي. والد صاحب جو نالو عثمان آهي. الله تعاليٰ پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي.“
    شيخ بهلول جڏهن شيخ عثمان جي متعلق ٻڌو ته سمجهي ويو. ته مون کي لاهور به ان جي تربيت لاءِ موڪليو ويو آهي. شيخ بهلول مولانا کي چيو . ” ته اِن ننڍڙي کي چؤ ته وضو ڪرڻ لاءِ پاڻي کڻي اچي. پوءِ ڀَل درياءَ راوي جو پاڻي هجي.“
    مولانا شاهه حسين کي چيو ته جلدي ۾ درياءَ راوي کان پاڻي ڀري اَچ. شاهه حسين پاڻي ڀري اچي اڳيان پيش ڪيو. شيخ بهلول پاڻي وٺي وضو ڪيو. ۽ قبله طرف منهن ڪري شاهه حسين لاءِ دُعا فرمائي:
    ” يا الله ! هن کي فقيرن جي گروهه ۾ شامل ڪر“.
    اُن بعد مولانا ابو بڪر جي مدرسي ۾ شيخ بهلول ڪافي مهينا ترسي پيو رمضان شريف جي چنڊ نظر اچڻ کان ٻه ٽي ڏينهن پهريان شيخ بهلول مولانا ابوبڪر کي چيو ته ”منهنجي خواهش آهي. ته رمضان شريف ۾ توهان جو شاگرد شاهه حسين تراويح ۾ قرآن پاڪ پڙهي ٻڌائي.“ مولانا حيرت مان اظهار ڪندي فرمايو ته اِهو ڪيئن ممڪن آهي. جو شاهه حسين ته صرف ست سيپارا حفظ ڪيا آهن. ڪيئن قرآن شريف مڪمل پڙهي ٻڌائيندو.
    شيخ بهلول چيو ته توهان صرف پنهنجي شاگرد کي اجازت ڏيو. ته پوءِ ڏسون ٿا ته پردا غيب مان ڇا ٿو ظاهر ٿئي. شيخ بهلول شاهه حسين جي ذميواري کڻي پهرين رمضان شريف تي شاهه حسين تراويح پڙهائڻ شروع ڪئي. اُن وقت سندس عمر 10 سال هئي. ساري علائقي ۾ حيرت ڇائنجي ويئي. خود شاهه جن پاڻ به عجيب غريب آزمائش تي حيران ٿيڻ لڳو. شاهه حسين ستن سيپارن پڙهڻ بعد شيخ بهلول جي سامهون اچي عرض ڪيو. ته مون کي جيترو ياد هُيو. پڙهي ٻڌايم اڳتي ياد نه آهي.
    شيخ بهلول فرمايو ته وڃ درياءَ مان وضو لاءِ پاڻي کڻي اچ. ۽ فرمايو ته درياءَ تي هڪ نوراني چهري وارو بزرگ ملندو. بزرگ جو چئي اُهو ئي ڪرڻو آهي. شاهه حسين درياءَ مان پاڻي ڀري. ڏسي ته هڪ سبز پوش بزرگ اڇن وارن سان سامهون سلام ڪيو. ۽ چيائين ته ” مان خضر آهيان.الله تعاليٰ مون کي تنهنجي علم لاءِ موڪليو آهي. ته مان توکي علم باطني جي تعليم ڏيان. جڏهن تون علم لدني پڙهي ويئن. ته ڪو ئي چيز نه رهندي. تون فيض الاهي سان مهارت حاصل ڪندين. ۽ باطني علم جو پردو به کلي ويندو. ٿوررو پاڻي مُنهنجي هٿن تي هار ته جيئن تنهنجي جسم تي اهو پاڻي هڻان ۽ تمام علم جا دروازا کُلي وڃن.“
    حضرت شاهه حسين اهي لفظ ٻڌندي سر پيرن تي رکيو. حضرت خضرعليه السلام فرمايو. ” اي ڇوڪرا پنهنجو سر منهنجي پيرن تي نه رک ۽ مٿي کڻ“
    شاهه حسين عرض ڪيو ته ”جڏهن الله تبارڪ و تعاليٰ توهان کي منهنجي لاءِ موڪليو آهي ته مان سر ڪيئن مٿي ڪريان.“
    حضرت خضر عليه السلام نرمي سان شاهه جن کي چيو ته ”پاڻي منهنجي هٿن تي هار. پاڻي جو هارڻ ۽ حضرت خضر عليه السلام اُهو پاڻي شاهه حسين جي منهن ۾ هنيو. پاڻي جو هڻڻ تمام رازن جا پردا کلي ويا. حضرت خضر عليه السلام فرمايو: ته ”اي حسين اسان تو کي خدا جي پاران تحفو ڏيئي ڇڏيو. هاڻ پنهنجي شيخ ڏانهن وڃ. اُن کان رهنمائي حاصل ڪر.۽ منهنجا سلام چئيج.“
    شاهه حسين شيخ بهلول وٽ واپس آيو. ته شيخ بهلول چوڻ لڳو. ته حسين اهو راز هرگز ڪنهن کي به نه ٻڌائجان، ڇو ته تو کي اِن نعمتن جو فائدو ملي چڪو آهي. حضرت خضر عليه السلام تو کي ڪيئن قرآن پاڪ ياد ڪرايو.“
    شاهه حسين نماز تراويح ۾ مڪمل قرآن شريف ٻڌايو. ته سڀئي ماڻهو حيران ٿي ويا.

    حضرت شاهه حسين جي وفات:
    حضرت شاهه حسين جمادي الثاني 1008 هجري بمطابق ڊسمبر 1599ع ۾ وفات ڪئي. وفات وقت عمر مبارڪ 63 سال هئي. وصيت موجب شاهدرا نزديڪ درياءَ راوي دفن ڪيو ويو. 13 سال بعد درياءَ راوي ۾ سيلابي پاڻي آيو. ۽ شاهه حسين جو جسم مبارڪ قبر مان ڪڍي بابوپورا موجوده باغبانپورا لاهور جي زمين ۾ جسم مبارڪ کي زمين ۾ لاٿو ويو. جتي سندس آخري آرام گاهه آهي. مزار مبارڪ کي مغل بادشاهه اورنگزيب عالمگير تعمير ڪرايو.
    مورخين لکن ٿا. ته هڪ رات شاهه حسين قلعي ۾ محفل مچائي رهيو هو ته اُن محفل ۾ ”ماڌو“ به موجود هو. جڏهن پاڻ ”ماڌو“ جي ڪپڙن کي ڏٺو ته خيال آيو ته ڪپڙا ميرا ۽ بوءِ ڪري ويا اٿس. پنهنجي ساٿين کي چيو ته هڪدم وڃي ”ماڌو“ جا ڪپڙا درياءَ کان ڌوئي اچو. انهي فرمائش تي سڀ ماڻهو حيران ٿي ويا. ته هن انڌيري رات ۾ قلعي جي دروازي تي پهريدار مقرر بازارون بند.درياءِ تي ڪير به وڃڻ ڪين ڏيندو.
    شاهه حسين فرمايو ته ڪنهن کان به نه ڊڄو. توهان ٻاهر نڪرو. سج نڪري چڪو هوندو. جڏهن ”ماڌو“ جا ڪپڙا کڻي ٻاهر نڪتا ته واقعي روشني ٿي چڪي هئي. قلعي جي اندر ۽ ٻاهر هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ مصروف هو. ساٿي درياءَ تي وڃي ڌوٻي کان ڪپڙا ڌورائي واپس کڻي آيا. ته محفل بلڪل هلي رهي هئي. ۽ قلعي اندر بلڪل اڌ رات جو ٽائيم ٿي چُڪو هو. محفل ۾ماڻهن ڏسي حيران ٿي ويا.
    شاعري مان ڪجهه سٽون:
    ربا! ميري حال دا محرم تُون
    اندر توُن هين، باهر تون هين، رُوح روح وچ تُون.

    هک دوئي، تِن، چار، پنج ڇهه، سَت، اَسيي، اٺهه، نَون !
    چرخه چائي سڀهي گهر گئيان، رهي اڪيلي اک هون.

    حوالا : کلام حضرت شاهه حسين رحمته الله عليه: مولانا غلام حسن قادري جولاءِ 2014ع. لاهور
    (اسلامي شاهڪار انسائيڪلوپيڊيا: سيد قاسم محمود....... سال 2000ع ص _ 1044)
    جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري 2004ع


    حضرت مجدد الف ثاني (971 هه _ 1034 هه)

    حضرت مجدد الف ثاني جي پيدائش 26 جون 1564ع. بمطابق 16 ذي القعد 971 هجري ۾ ”سرهند“ ۾ ٿي. نالو ” احمد“ ۽ لقب (بدر الدين) مشهور ٿيو. سندس پيءُ جو نالو شيخ عبدالاحد بن زين العابدين هو. شروعاتي تعليم پنهنجي والد صاحب کان ورتائين. وڌيڪ تعليم لاءِ سيالڪوٽ ۾ مولانا ڪشميري کان حديث جي تعليم حاصل ڪئي. 17 سالن جي عمر ۾ ظاهري علم جي تعليم کان واقف ٿيو.
    اڪبر بادشاهه جي نَون رتن ۾ ابو الفضل ۽ فيضي (جي سنڌي هئا) حضرت مجدد الف ثاني سان اوچتو مليا. اِهي ٻيئي ڀائر علم جي حيثيت ۾ڪافي اڳتي هئا. مجدد ثاني ابو الفضل جي مجلس ۾ ڪيئي ڀيرا شريڪ ٿيو. ۽ جڏهن هڪ دفعي فيضي جي گهر ويو. ته بنا نقطن جي قرآن مجيد جو تفسير لکندي ڏنائين. پاڻ انهي ڪم کان تمام گهڻو متاثر ٿيو. هن کي ڏاج ۾ ڪافي مال ۽ دولت ملي هئي. جو هن هڪ مسجد ۽ حويلي ٺهرائي هئي. هن چشتيه سلسلي جي بيعت ڪئي هئي. پاڻ حضرت خواجه محمد باقي باالله جي هٿ تي 1008 هجري مطابق 1600ع ۾ بيعت ڪئي.
    مجدد الف ثاني سهرورديه ۽ قادريه طريقا پنهنجي والد کان حاصل ڪيا. ۽ منزلون طئي ڪيون. مُرشد کان اجازت وٺي سرحد واپس آيو. ۽ اُن کان پوءِ لاهور ويو. ته هن جو مرشد انتقال ڪري ويو. ۽ واپس دهلي آيو. مُرشد حضرت باقي الله جي وفات کان ٻه سال پوءِ اڪبر بادشاهه به وفات ڪئي. اڪبر بادشاهه جي وفات بعد جهانگير تخت تي ويٺو. تخت تي ويهندي ئي مجدد الف ثاني کي درٻار ۾ گهرايو. ۽ هڪ سال بعد گواليار جي قلعي ۾ قيد ڪرائي ڇڏيو. پر پنهنجي غلطي تي احساس ٿيو. ۽ هن کي قيد مان آزاد ڪيو ويو. ۽ ڪافي ساري عزت ڪرڻ لڳو. جهانگير بادشاهه آخري عمر ڌاري مجدد ثاني کي اجازت ڏني. ته هو وڃي ”سرهند“ ۾ اسلام جي تعليم کي اجاگر ڪري.
    پاڻ واپس آيا. باقي ڏينهن مسلمانن کي مذهبي عقيدن متعلق ڪافي سارو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي. جو ڪوششن ايترو ته رنگ لاتو. جو ڪافي ماڻهن متاثر ٿي. اسلام جي صحيح رستي تي هلڻ کي لبيڪ چيو. ۽ انهي صف ۽ شامل ٿي ويا.
    حضرت مجدد الف ثاني 10 ڊسمبر 1624ع بمطابق 28 صفر 1034 هجري ۾ هن جهان مان لاڏاڻو ڪيو. ۽ مالڪ جي بارگاهه ۾ وڃي ابدي آرامي ٿيا. آخري آرام گاهه ”سرهند شهر“ ۾ آهي. عيسوي سال مطابق عمر 60 سال ۽ هجري سال مطابق 63 سال ٿين ٿا.
    ( ڊاڪٽر مظهر ڪتاب: شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي دور ۾ تصوف جا سلسلا ۾ جنم 1564 ڄاڻائيندي عمر 60 سال وفات 1626 عيسوي ڄاڻائي ٿو.)

    حوالا:
    ڪتاب 1. “شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي دور ۾ تصوف جا سلسلا”
    2. هيرا ته ڏسو 3. اسلامي شاهڪار انسائيڪلوپيڊيا
    4. جواهر تقويم


    شاهه لطف الله قادري (1020 هه _ 1090 هه)

    شاهه لطف الله قادري صوفي بزرگ، عالم ۽ شاعرٿي گُذريو آهي. سندس پيدائش 1020 هجري مطابق 1611ع ۾ ”اگهم ڪوٽ“ واري ايراضي ۾ ٿي. پاڻ شروعاتي تعليم به ”اگهم ڪوٽ“ ۾ درسگاهن مان حاصل ڪئي. ”اگهم ڪوٽ“ سهروردي توڙي ”قادري“ طريقن جي بزرگن جو وڏو مرڪز هو. شيخ اسحاق بن سلطان بن بهلول قادري به ”اگهم ڪوٽ“۾ رهي ”قادري طريقي“ کي وسيع ڪيو.
    شاهه لطف الله قادري ديني تعليم مڪمل ڪرڻ بعد. قادري طريقي سان منسلڪ ٿي ويو. سندس علمي فضيلت اهڙو ته رنگ لاتو جو بزرگي واري رنگ ۾ رنگجي قادري طريقي جي ”مرشد“ واري منزل ماڻيائين. سندن نيڪ گفتگو طريقت جي راهه کي روشن ڪيو.
    جڏهن شهنشاهه لطيف جي پيدائش ٿي. شاهه لطف الله قادري ٻارنهن سال پهريان مالڪ حقيقي کي پيارا ٿي چُڪا هئا. ” شاهه عبدالطيف“ جي جواني واري دور ۾ شاهه لطف الله قادري جو ڪلام مشهور ٿي چڪو هو. شاهه لطف الله:قاضي قاضن، شاهه ڪريم جهڙن شاعرن جي ايجاد ڪيل موضوعن کي زنده رکيو. پاڻ شاعري ۾ ڪافي اضافا آندا ۽ خاص ڪري شاعري جي حوالي سان شاهه لطف الله قادري جا ”ڊگها بيت“ ايجاد ڪيل صنف ۾ جاءِ ولارين ٿا. ۽ شاعرن جي فهرست ۾ سندن نانءُ کي نروار ڪن ٿا.
    شاهه لطف الله قادري جا تصوف ۾ به گڻ نمايان نذر اچن ٿا. جو (2) لکيل ڪتاب تحفته السالڪين ۽ منهاج المعرفت سن 1078 هجري ۾ هڪ الڳ جاءِ والارين ٿا.
    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام تي شاهه لطف الله جواثرنمايان نظر اچي ٿو. جو شاهه سائين به سندس شاعري کان متاثر ٿي. شاعري چئي آهي. جو هڪ هنڌ شاهه لطف الله ٿو چئي ته:
    هي پڻ وڃي وسري، هن هنين جي تات،
    سڀ سڀوئي حال، پيهي ڪن پروڙيو،
    ته وري شاهه سائين متاثر ٿيندي هينئن چيو آهي ته
    نڪاهن جي تات، هي پڻ وڃي وسري،
    سو سڀوئي حال، منهجان ئي معلوم ٿئي.
    شاهه لطف الله قادري ”وراڻ“ يا ”تڪرار“ واري شاعرانه فني خصوصيت کي استعمال ڪري. پوين شاعرن لاءِ هڪ مثال قائم ڪيو آهي. جنهن بعد انهي خصوصيت کي ميين شاهه عنائيت ۽ شاهه سائين پنهنجي شاعري ۾ استعمال هيٺ آندو.
    شاهه لطف الله کان اڳ جيڪي سنڌي عالمن يا شاعرن جون جيڪي به تصنيفون ملن ٿيون. سي عربي يا فارسي ۾ آهن. شاهه لطف الله قادري پهريون عالم ۽ عارف هو. جنهن پنهنجي مادري ٻولي ”سنڌي“ ۾ پنهنجو رسالو جوڙيو. علمي مسئلا، سنڌي ۾ ڪتاب لکڻ ، ۽ پنهنجي مادري زبان ۾ پڙهڻ ۽ سکڻ سڀئي مقصد تعليم ۽ ترتيب جي نظر ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. سندن ڪلام ۽ سوانح تي مڪمل رسالو شايع ٿيل آهي.
    شاهه لطف الله قادري 1090 هجري 1679 ع ۾ رحلت ڪئي.

    سُڄي جو اَتانگههُ، تنه ۾ ڪئائون تَڪيا،
    اوءِ نه ڪِنه پير نه پيچري، اندرِ وِه وئا.

    هَر دم حضُور جَن کي، سي ڪِئين رُڃ رهِن،
    اوءِ او ري ڪَنِ، نه آسِرو، تاڻيو توڙ وَڃِن،
    واديَ تِنه رَهِن، ڳُجهائين ڳُجهه جا.

    حوالا:
    شاهه لطيف الله قادري جو ڪلام: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڇاپو ٽيون سال 2010ع
    ڍوليو ڍٽ ڌڻي: معمور يوسفاڻي سال 2003ع
    جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري ڇاپو ٻيون سال 2004ع


    باب ٽيون : شهنشاهه لطيف جي دؤر جا بزرگ شاعر

    بُلي شاهه (1091هه – 1199هه)

    بُلي شاهه، جذب ۽ شڪر، عشق ۽ محبت، وجد ۽ سماع جو صاحب هو. هو عابد ۽ زاهد هو. سندس پيدائش 1680ع بمطابق 1091 هجري ۾ ٿي. اصل نالو سيد عبدالله شاهه هو. سندس پيدائش اُچ شريف (بهاوالپور) ۾ ٿي. بهاوالپور ڪلهوڙن جي صاحبي ۾ بهاول خان ڪلهوڙي جو ٻڌايل آهي. جنهن ڪري نالي سان منسوب ڪيو ويو. (انسائيڪلو پيڊيا، پاڪستانيڪا: سيد قاسم محمود سال 1998ع ص (304) تي بُلها شاهه جو جنم 1692ع ڄاڻايو آهي.)
    بُلي شاهه جي والد ”سخي شاهه محمد درويش“ آچ گيلانيان ۾ رهندو هو. مذهبي تعليم جي ابتدا آچ مان شروع ڪئي. پر هڪ روايت موجب. ابتدائي تعليم مولانا غلام مرتضيٰ قصوري ۽ مولانا غلام محي الدين قصوري کان حاصل ڪئي. قرآن مجيد ناظره پڙهيو. ۽ انهي کان سواءِ گلستان بوستان، منطق، نحو، معاني، ڪنز قدوري ۽ شرح و قايع جا سبق پڙهيا.
    بُلي شاهه شاهه عنايت قصوريءَ جو نالو ٻڌندي ئي سندس ديدار لاءِ لاهور روانو ٿيو. جنهن کان تمام ئي گهڻو متاثر ٿيو. اُمتي هئڻ جي باوجود به بلها شاهه پنهنجو مُرشد بڻايس. شاهه عنايت ذات جو آرائين ۽ قصور علائقي جو رهواسي هو. پاڻ مرشد طرفان رکيل نالو بُلهي شاهه سڏرايائين. سڄي عمر شادي نه ڪئي.
    بُلي شاهه مرشد پاران رکيل نالي کي ساراهيندي. وڏي فخر سان هي بيت چيو ته:
    جهڙا سانون سيد آکي، دوزخ ملن سزائيان،
    جهڙا سانون آرائين آکي، بهشتين پينگان پائيان.
    ترجمو: (جيڪو اسان کي سيد چوي. ان جون جايون دوزخ ۾ هونديون.
    جيڪو اسان کي آرائين چوي اهو بهشت جي پينگهن ۾ لڏندو).
    يقينن اسان جا صوفي بزرگ وڏي ۾ وڏا مذهبي اڳواڻ هئا. اهي دنيا جي هر ڪميونسٽ کان زياده ترقي پسند ذهن رکندا هئا. ڪيڏا نه بهترين شعر اسان کي سمجهاڻي ڏين ٿا ته:
    راتين جاڳين ڪَرين عبادت، راتين جاڳن ڪتي، تينون اُتي.
    بُلي شاهه جي وفات 1785ع 1199هه ۾ ٿي، جڏهن ته انگريز محقق (مسٽر آسبورن) ۽ خزينه الافياءَ 1757ع، 1171هه ڄاڻائي آهي.
    بُلي شاهه جي ڪلام ۾ 156 ڪافين جو تعداد سمايل آهي. ڪافين کان علاوه مختلف صنفون به ڪلام ۾ اچن ٿيون. جن ۾ اٺواره، باران ماه، دوهيڙي، سي حرفي، گنڍان، سرفهرست آهن.
    جيئن شاهه سائين سُر رام ڪلي ۾ ڏينهن جي حوالي سان شاعري ڪئي آهي. بُلها شاهه. اٺواره ۾ هفتي جي ڏينهن جي لحاظ سان انهن ڏينهن جي ديني حيثيت ڄاڻائي آهي.
    جڏهن شيعه. سُني جو تضاد اُڀري ٿو. اُنهن ڏينهن ۾ مفل تحريڪن جي وڪڙ ۾ گروهه بندي جو شڪار ٿيڻ لڳا. تڏهن بُلها شاهه انهي تضاد کي پنهنجي شاعري ۾ هينئن بيان ڪيو ته:
    (نه آءُ مومن آهيان نه ڪافر نه ئي سيد، آءُ ڪٿي به قيد ناهيان منهنجا چوڏنهن طبقا ئي روشن آهن). آءُ سڀني کان فارغ آهيان. جيڪو چوان سو درست مڃيندا.
    بُلي شاهه اهڙن مذهبي تعصبن کان آجو هو. پنهنجي مُرشد جي هدايت موجب ”حق ۽ سچ“ چوڻو هو.
    شاهه سائين ۽ بُلي شاهه جي ڪلام ۾ هڪجهڙائي آهي. جيڪي ڳالهيون شاهه سائين شاعري ۾ قطب آنديون آهن. هُو بَهُو بُلهي شاهه جي شاعري ۾ ڏسجن ٿيون.
    بُلي شاهه به شاهه لطيف جيئن: مُلن لاءِ هي لفظ قطب آندا آهن ته: (ڇو ٿو ڪتابن جون ٻورين پڙهين، پنهنجو دماغ ڏوهن سان ڀرين. پوءِ شڪل وڃئي ٿي بڻبي جلادن جهڙي. ان کان اڳيان ته اڃا به اڙانگو سفر اٿئي!).
    بُلي شاهه به شاهه سائين جيئن سسئي مان تمام گهڻو متاثر ٿو ڏسجي.
    شاهه لطيف ۽ بُلي شاهه جو کاهوڙي هڪ ئي آهي. ٻنهي وٽ ڏور منزل تي پيرين پيادي پهچڻ ئي اصل مقصد حاصل ڪرڻ آهي.

    حوالو:
    1. هيرا ته ڏسو: سهڙيندڙ بخشل باغي 2011ع.
    2. شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ پاڪستاني ٻولي جا صوفي شاعر: ڪمال ڄامڙو، طارق عزيز شيخ: 1998ع
    3. اسلامي شاهڪار انسائيڪلو پيڊيا سيد قاسم محمود ص 401. 4. جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري.


    مخدوم محمد معين ٺٽوي رحه (1093هه- 1161هه)

    مخدوم محمد معين ٺٽوي جي ولادت مخدوم محمد امين جي گهر ۾ 1093هجري مطابق 1682ع ۾ ٿي. مخدوم محمد امين وڏو عالم ۽ ديندار هو. جنهن جي شادي ٺٽي جي مشهور شاعر مير منشي فاضل خان جي ڌيءَ سان ٿي. جنهن مان مخدوم محمد معين جو جنم ٿيو. ننڍپڻ ٺٽي ۾ ئي گذريو. مخدوم محمد معين کي ”مخدوم ٺارو دل“ به سڏيندا هئا. مخدوم محمد معين شروعاتي تعليم ٺٽي مان ئي حاصل ڪئي. مختلف علم تحصيل جا سبق حاصل ڪندي. تصوف جي تعليم ميان ابوالقاسم نقشبندي کان ورتي ۽ وڌيڪ تعليم لاءِ دهلي طرف روانا ٿيا. جتي حضرت شاهه ولي الله جي صحبت نصيب ٿي. پاڻ ڪافي سال شاگرد ٿي حديث، فقه جي ڄاڻ، علميت ۽ صحبت مان فيض جا نڪتا حاصل ڪيا. ۽ ڪافي اڳتي نڪري ويا. جو بقول شاهه ولي الله جي ته:
    ”بيشڪ تحقيق جي ضمن ۾ تون شير تي سوار ٿي ويو آهين“
    مخدوم محمد معين ابن عربي جي رسالي ”فصوص الحڪم“ کي دل جان سان پڙهندي سندس ”صوفيانه مسلڪ“ جو حامي ٿي پيو. علم ۽ فضيلت جا ڱڻ ڏسي ماڻهن ”ميون ٺارو“ جهڙي لقب سان ياد ڪندا هئا ۽ مخالف ماڻهو ڳالهيون ٻڌي فتوائون حاصل ڪري دِل ۽ من کي ٺاريندا هئا ۽ مخدوم محمد معين ”بيراڳي“ جي بدران ”ميون ٺارو“ سڏڻ شروع ڪيو.
    شهنشاهه لطيف به علم ۽ ادب جا ڱڻ ڏسي سندس خدمت ۾ اچي حاضر ٿيندو هو ۽ قرب واريون ڪچهريون ڪري واپس ويندو هو. انهن قرب وارين ڪچهرين ۾ بدين جي سانول فقير ونگي جي جمال شاهه شاهه ڪريم بُلڙي واري جي زمان شاهه، ٻٽيهل جي دودي نهڙي ۽ کاري جي ابراهيم آڌيلي کي پنهنجو دلي دوست سمجهي اچي مانجهاندو ڪندو هو. شهنشاهه لطيف انهن بزرگن سان رهاڻيون رچائي. دِلي دوست مخدوم محمد معين ”مخدوم ٺاري“ جو مهمان ٿيندو هو. جو هي ٻيئي بزرگ شريعت جا صاحب، تصوف جي تارازي ۾ راتين جو راتيون ۽ ڏينهن جا ڏينهن پيا ترندا هئا. ايتري قدر جو ڪافي ڏورانهين منزلن تان دِل گهريا دوست بزرگ ڪهي اچي ٺٽي ۾ قرب واريون ڪچهريون ڪندا هئا ۽ اهڙي ريت شهنشاهه لطيف، مخدوم محمد معين ۽ لاڙ جي بزرگن جون رهاڻيون ٺٽي جو شهر جي ئي مرڪز رهيون.
    مخدوم محمد معين کي شهنشاهه لطيف جي صحبت ايترو ته مائل ڪيو جو هي بيت چوڻ لڳو ۽ بيتن ۾ ”بيراڳي“ تخلص طور قطب آندو. ۽ (5) پنج ڪتاب جيڪي تصوف تي مشتمل هئا. شهنشاهه لطيف جي اثراتن هيٺ رهي لکيائين. ايتري قدر مخدوم محمد معين شهنشاهه لطيف جو”فدائي“ هو. ”جو خود شهنشاهه لطيف سان ملڻ لاءِ ”ڀٽ شاهه“ ويندو هو. ۽ شهنشاهه لطيف به ٺٽي ايندو هو“. مخدوم صاحب رسالو ”اويسي“ به شهنشاهه لطيف لاءِ لکيو هو.
    مخدوم محمد معين ٺٽوي کي راڳ ۽ سماع ۾ تمام گهڻو مزو ايندو هو. ايتري قدر جو راڳ ٻڌندي ئي وفات ڪيائين. سندس وفات 1161 هجري مطابق 1748ع ۾ ٿي. وفات وقت شهنشاهه لطيف موجود هو، سندس جنازي نماز به شهنشاهه لطيف پڙهائي ۽ واپس موٽندي پاڻ فرمايائون ته: ”ٺٽي اچڻ مخدوم صاحب جي ڪري ٿيندو هو. اڄ کان اچڻ بند ٿي ويو. مخدوم صاحب جي آخري آرامگاهه مڪلي ٽڪري تي ئي حضرت ابوالقاسم نقشبندي جي پيراندي کان آهي. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو مُرشد سيد سعيد الله سورتي به مخدوم محمد معين جي مڃتائن مان هو. مخدوم صاحب ڪافي ڪتاب به لکيا. تقريباً (105) ڪٽاب ٽماهي مهراڻ آڪٽوبر نومبر ڊسمبر 2013ع صفحي 71، 72، 73 تي الفابيٽڪل فهرست ڏني ويئي آهي. جن مان ڪجهه ڪتابن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.
    انوار الوجد من منع المجد، بياض الحديث، ثبت الاسانيد، رسالـﺒ اوسيـﺒ شرح ديوان حافظ، شرح المثنوي المعنوي، لباب الاسرار ۽ وصل الاصل في ابطال النقل وغيره آهن.
    مخدوم محمد معين ٺٽوي هڪ ئي وقت ۾ علم تفسير، حديث، فقه، تصوف، فلسفه، منطق، نحو، معاني، بيان، نجوم، موسيقي، ڪيميا ۾ ڪافي مهارت رکندو هو. تقريباً تصنيفون عربي ۽ فارسي ۾ آهن.

    ”مددي ڪتاب“
    1. لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ: پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي الانا ص 361=.
    (Ph.d ٿيسز)
    2. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي سوانح حيات ۽ علمي خدمتون: ڊاڪٽر عبدالرسول قادري (Ph.d ٿيسز).
    3. فڪر لطيف: تنظيم فڪر و نظر سنڌ سکر.
    4. لطيف سائين جا لاڙ تان ڀيرا: محمد سومار شيخ.
    5. تذڪره مشاهير سنڌ (حصه اول) مولانا دين محمد وفائي.
    6. ٽِماهي مهراڻ آڪٽوبر ڊسمبر 2013ع.


    ميون محمد مبين چوٽياروي (1100هه- 1196هه)

    ميون محمد مبين چوٽياروي جهڙي ڀلاري بزرگ جو جنم 1100 هجري مطابق 1689ع ۾ اوڀائي نالي بزرگ درويش جي گهر ۾ ٿيو، (ڪتاب سنڌ جا درسگاهه: داد سنڌي ص 22) تي ميون محمد مبين جو والد (اوڀائيو) ڄاڻايو آهي. جڏهن ته ڊاڪٽر عبدالرسول قادري (ڪتاب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، سوانع حيات ۽ علمي خدمتون) ص 196 تي ميون محمد مبين بن مجاهد بن اوڀايو ڄاڻائي ٿو.
    ميون محمد مبين ٺٽي مان تعليم حاصل ڪئي. ميون شاهه عنايت رضوي سان تمام گهڻي محبت هوندي هئي. ايتري قدر جو هڪ دفعي رضوي صاحب ميون محمد مبين کي مخاطب ٿيندي چيو ته ”ابا ڏيئو ٻرندو رهندو ۽ جي وٽ سنهي ٿي، ته به اُجهامندي ڪو نه“.
    ميون محمد مبين مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحه سان گڏ تعليم حاصل ڪئي، پاڻ صرف و نحو ۽ علم فقه جو وڏو ڄاڻو هو. اندازاً 1140 هجري مطابق 1728ع ۾ ٺٽي مان مڪمل تعليم حاصل ڪري پنهنجي آبائي ماڳ ”چوٽياريون“ ۾ موٽي آيو. ساڳئي سال ۾ دستاربندي“ ٿي. پاڻ ڳوٺ ”چوٽياريون“ ۾ هڪ ننڍو مڪتب به کوليو، جنهن ۾ تعليم جي شمع کي روشن ڪيو. ڪجهه عرصي کان ننڍڙو مڪتب ”سنڌ جي عظيم درسگاهه“ بنيو.
    ميان صاحب جي 1140هجري ۾ ننڍڙي مڪتب. جڏهن وڏي درسگاهه جي شڪل اختيار ڪئي ته ننڍڙي مسجد مان شفت ڪري. وڏي جاءِ ۾ آندو ويو. درسگاهه گڏ هڪ ڪتبخانو به قائم ڪيو ويو، پاڻ زندگي جا پنجاهه سال هن درسگاهه جي خدمت ڪندي گذاريا، عربي ۽ فارسي تي تمام گهڻو عبور هو. پاڻ هميشه ”مسڪين محمد مبين“ لک پڙهه ۾ ڪم آڻيندو هو.
    چوٽياري درسگاهه ۾ پري پري کان شاگرد اچي تعليم حاصل ڪندا هئا. مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي جهڙي ڀلاري بزرگ به ”محمد مبين“ جي هن درسگاهه ۾ سندن رهبري ۾ علمي ۽ فڪري تعليم حاصل ڪئي، چوٽيارين جي ڪتبخاني ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو بياض. جيڪو مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي پنهنجي هٿن سان لکيو هو. اڃا تائين موجود آهي.
    ميون محمد مبين ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ شهنشاهه لطيف همعصر هئا. ميون محمد مبين ڪيريو (درسگاهه چوٽياري جي باني) 5 محرم سن 1196 هجري مطابق 21 ڊسمبر 1781ع ۾ هن فاني دنيا مان موڪلاڻي ڪئي. کيس ”چوٽياريون“ جي مقام ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. جتي سندس مزار عام و خاص لاءِ زيارت گاهه آهي.
    ”شهنشاهه لطيف“ اڪثر سانوڻ ۾ ميون محمد مبين وٽ ويندو هو. هڪ ڀيري گڏجي ماني کاڌائون ۽ پوءِ صحبت ۾ ويٺا ته گهڻو ويهي رهيا ۽ ڪافي دير ٿي ويئي. جڏهن شهنشاهه لطيف موڪلايو. ته ميين مبين چيو ته : ”جهڙ ڦڙ آهي ترسي پئو“.
    شهنشاهه لطيف جواب ۾ چيو ته” ”رداءِ جا رضا جي سا اوڇڻ آديسين“. پوءِ موڪلائي روانو ٿيو. اِها چيل سٽ رسالي جي ”سُر رام ڪلي“ جي هڪ بيت ۾ موجود آهي.

    مددي ڪتاب
    1. شاهه جو رسالو شاهه جو ڪلام جلد پهريون: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ 1989ع ص:56
    2. سنڌ جا درسگاهه: دادا سنڌي. ادبي بررڊ: 2014ع.
    3. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي سوانع حيات ۽ علمي خدمتون: ڊاڪٽر عبدالرسول قادري.
    4. جوهر تقويم: سال 2006ع. ضياءَ الدين لاهوري 2004ع.


    ميان صاحبڏنو فاروقي (1101هه-1192هه)

    درازا شريف جي درگاهه جو سلسلو خواجه محمد حافظ المعروف ميان صاحبڏنو کان شروع ٿئي ٿو، ميان صاحبڏنو جي ولادت سن 1101هجري مطابق 1689ع ۾ ٿي. حضرت سچل سرمست رحه پنهنجي ڏاڏي ۽ درگاهه درازا شريف جي باني ميان صاحبڏني کي پنهنجي چيل ڪلام ۾ ادب ۽ احترام سان ياد ڪيو آهي. جيتوڻيڪ هن وقت درگاهه درازا شريف کي حضرت سچل سرمست جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي.
    ميان صاحبڏنو کي ”موراڳي“ ”سوائي“ به چيو ويندو هو، هڪ روايت موجب ته ميان صاحب هڪ دفعي گهوڙي تي سوار ٿي نوڪري تي وڃي رهيو هو. جو ڪوٽڙي ڪبير ۽ ڏيوڻي جي وچ تي هڪ مجذوبه عورت رستو روڪيندي چوڻ لڳي ته ”صاحبڏنه! خدا توکي ڳولي ٿو. ۽ تُون ڪيڏانهن ٿو وڃين؟
    ميان صاحب اهو لفظ ٻڌي اچي جهنگ وسايو، چاليهن چلن ڪڍڻ کانپوءِ حضرت خواجه عبدالله جيلاني اچي پنهنجي مريد ڪيو، سندس فيض مان مُرشد کان خلافت جو خرقو حاصل ڪري. پنهنجي مُرشد جي چوڻ تي پنهنجي خاندان جو هر فرد سجاده نشين ٿي سندس بيعت ڪئي.
    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جڏهن درازان ۾ آيو، ته کٻڙن جي پاڙن ۾ هڪ غار ۾ ميان صاحبڏنو کي مخاطب ٿيندي چيو ته ”ادا يار کي لڪائڻ نه گهرجي“. نيٺ ڪڍائي ٻاهر وهاريائين. ٻي روايت ۾ ته شاهه صاحب ئي ”خواجه صاحب کي سلوڪ جي راهه تي هلڻ جي ترغيب ڏني“. وري حضرت سچل سرمست رحه پنهنجي ڏاڏي ميان صاحبڏني جي سلوڪ واري راهه تي هلڻ ۾ ”شاهه عبيد الله جيلاني ۽ بيبي رابعه بصري“ جو ذڪر ڪري ٿو.
    خواجه محمد حافظ عرف ميان صاحبڏنو فاروقي هڪ بلند پايي جو شاعر هو. شاعري ۾ پاڻ کي ڪِٿي ”صاحبڏنو“ ته ڪٿي ”حافظ“ جو لفظ تخلص طور استعمال هيٺ آندو آهي. خواجه صاحب سنڌي، سرائڪي ۽ فارسي ۾ بهترين شاعري ڪئي. پاڻ هڪ هنڌ هيئن فرمائي ٿو ته:
    ڪامل پنهنجي ڪانڌ، اوهان خبر آندي خاصي،
    اڏو ٿيو نه عشقي، اها بات نه اوهان باسي،
    آهيو اوهان به اداسي، پر ڪاريءَ مس ڪارا ڪيو.
    خواجه صاحب کي 2 پٽن جي اولاد ٿي. ميان صلاح الدين حياتي ۾ ئي وفات ڪري ويو، ۽ ميان عبدالحق سندن وفات بعد گادي نشين ٿيو، جنهن جي تربت حضرت سچل سائين واري روضي ۾ آهي.
    ميان صاحبڏنو فاروقي 1192 هجري مطابق 1778ع ۾ موڪلاڻي ڪري وڃي ابدي آرامي ٿيا، سندس آخري آرام گاهه درازا شريف ۾ آهي. وفات وقت عمر 91 سال هئي.
    ميان صاحبڏني جي فرزند حضرت خواجه عبدالحق 1120 هجري مطابق 1708ع ۾ پيدا ٿيو. زندگي جو (94) بهارون ڏسي 1214 هجري 1799ع ۾ وفات ڪئي.
    خواجه عبدالحق جي مزار تي سچل سائين جون هي سٽون اُڪريل آهن:
    مرشد ڪامل حقيقت يار، وارث دين احمد مختيار،
    گوهر بحرانه واحد، ليس في الدار غيره ديار،
    سال تاريخ اوست مظهر حق، ميم ماومن ازميان بردار. (1214هه).
    شهنشاهه لطيف جي اچڻ وقت خواجه صاحب هڪ غار ۾ ويٺو هو، شاهه صاحب غار مٿان بيهي چيو ته: ”هت پڪل گدري جي بوءِ اچي ٿي“ پوءِ اندر وڃي خواجه صاحب سان مليو. ۽ چيائين ته: ”يار کي لڪائڻ نه گهرجي“ پوءِ روح رهاڻيون ڪيون. پوءِ انهي هنڌ جايون ۽ مسجد ۽ کوهه کوٽايو ويو“.

    مددي ڪتاب
    1. سچل سرمست ۽ اُن جا هم عصر شاعر: ڊاڪٽر مخمور بخاري (Ph.d) ٿيسز (مقالو) 2011ع
    2. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي دؤر ۾ تصوف جا سلسلا: ڊاڪٽر عابد مظهر 3 جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري 2004ع.


    مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحه (1104هه-1174هه)

    مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحه جي پيدائش 10 ربيع الاول 1104 هجري مطابق 19 نومبر 1692ع خميس جي رات لاڙ طرف ”ميرپور بٺوري“ ضلعي ٺٽي ۾ ٿي مخدوم صاحب جا وڏا پهريان سيوهڻ ۾ اچي رهيا. مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي والد عبدالغفور پنهور به سيوستان (سيوهڻ) جي عالمن مان هڪ هو. پاڻ سيوهڻ مان لڏي ”بٺوري“ ضلعي ٺٽي م اچي رهيو.
    مخدوم محمد هاشم جو نسب نامو: مخدوم هاشم بن عبدالغفور بن عبدالرحمان بن عبداللطيف بن عبدالرحمان بن خير الدين السندي البتورائي ثم البهرام پوري ثم التتوي.
    مخدوم صاحب فارسي، صرف ونحو ۽ فقه جي ابتدائي تعليم پنهنجي والد وٽ پڙهيو. وڌيڪ تعليم لاءِ ٺٽي جو رخ ڪيائين. ڇهن مهينن جي عرصي ۾ مخدوم محمد سعيد وٽ عربي تعليم ۽ شرح جا سڀ سبق ياد ڪيائين. سندن ذهانت ڏسي شهر جا وڏا عالم حيران ٿي ويا. ۽ پوري شهر جا ماڻهو سندس حد کان وڌيڪ عزت ڪرڻ لڳا.
    مخدوم صاحب نون سالن جي عمر ۾ عربي، فارسي علم حديث ۽ باقي ڪتاب مخدوم ضياءَ الدين ٺٽوي وٽ پڙهي پورا ڪيا. اوچتو مٿان والد صاحب عبدالغفور 1113 هجري مطابق 1702ع ۾ وفات ڪري ويو. کيس گهڻو صدمو رسيو. آخرڪار علم حديث ۽ تفسير جي سعادت 1135 هجري 1722ع حرمين شريفين جي سفر دوران حجاز مقدس جي عالمن کان حاصل ٿي. پاڻ حج به ڪيو. مڪي شريف ۽ مديني شريف جي عالمن کان علمي ڄاڻ ملي ۽ عالمن وٽان سَنَدُون به حاصل ڪيائين.
    مخدوم صاحب جن عالمن کان تعليم حاصل ڪئي. انهن ۾ سنڌ جا عالم سڳورا هيءَ آهن. مخدوم صاحب جو پهريون استاد والد صاحب عبدالغفور هو.ان کانپوءِ مخدوم سعيد ٺٽوي، مخدوم ضياءَ الدين ٺٽوي، رحمت الله ٺٽوي، مخدوم معين ٺٽوي: مولانا دين محمد وفائي جي بقول ته مخدوم محمد هاشم، ٺٽوي صاحب عربستان ۾ جن استادن کان علم حاصل ڪيو. انهن ۾ شيخ عبدالقادر حنفي مڪي. هن بزرگ جي وفات 1138 هجري 1726ع ۾ ٿي.
    شيخ عيد بن علي مصري. سندس تعلق مصر ملڪ سان هو. هن بزرگ 1140 هجري مطابق 1728ع ۾ وفات ڪئي.
    شيخ ابو طاهر محمد مدني: هي بزرگ مخدوم صاحب ۽ شاهه ولي الله جو به استاد رهيو.
    ميان نور محمد ڪلهوڙي پنهنجي دؤر حڪومت ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي کي وڏو قاضي ۽ شريعت جو نگران مقرر ڪيو. ميان غلام شاهه ۽ ميان سرفراز ڪلهوڙو درويش صفت ۽ علم دوست حڪمران هئا. جن عالمن ۽ عارفن جي قدرداني ڪئي.
    مخدوم صاحب حرمين شريفين جي سفر کان موٽندي سن 1136 هجري مطابق 1723ع ۾ ”سورت بندر“ ۾ قادري سلسلي جي بزرگ ”سيد سعد الله سُورتي“ کان روحاني تعليم حاصل ڪئي. پورو هڪ سال سندس خدمت ۾ رياضت ۽ عبادت ۾ گذاريو. ۽ خلافت جو خرقو ڍڪي سَند حاصل ڪئي. ۽ پنهنجي مُرشد کان اجازت ملڻ بعد صفر 1137 هجري آڪٽوبر 1724ع ۾ ٺٽي واپس آيو.
    سيد سعد الله سورتي 1099 هجري 1688ع ۾ غلام محمد سلوني جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ جڏهن حرمين جي زيارت کان موٽندي ”سورت“ ۾ اچي رهيو. ان ڪري ئي کيس ”سورتي“ سڏيو وڃي ٿو. ”سورت“ هندستان ۾ گجرات ضلعي جو هڪ شهر آهي. سيد سعد الله سورتي 27 جمادي الاول 1138 هجري مطابق 1726ع ۾ ”سورت“ ۾ ئي وفات ڪئي.
    مخدوم صاحب پنهنجي والد صاحب جي وفات کانپوءِ ميرپور بٺوري کان لڏي اچي ”بهرام پور“ ۾ رهيو ۽ پاڻ ماڻهن کي بدعتن ۽ غير شرعي ڪمن کان روڪڻ لڳا. پر ماڻهن ڪجهه به ڪين ٻڌو. پاڻ مجبورن ”بهرام پور“ کي ڇڏي ٺٽي ۾ اچي رهيا. اُتي هڪ مدرسي جو بنياد رکيائون. ”اگر محلي“ ۾ مدرسي جو نالو ”دارالعلوم هاشميه“ رکيو. جنهن ۾ ڪيترائي علم جا پروانا خدمت ۾ اچي حاضر ٿيا. ۽ فيض وٺڻ لڳا. پري پري کان ماڻهو اچي مدرسي ۾ پڙهڻ لڳا.
    مخدوم صاحب هر جمع تي جامع مسجد خسرو (دابگران واري مسجد) يا ”دبگير مسجد“ ۾ اچي وعظ فرمائيندو هو. پاڻ هڪ برک عالم ۽ استاد هئا. سندن هَاڪ پوري سنڌ، هند، عرب و عجم ۾ مشهور هئي. مخدوم صاحن کان جن بزرگن تعليم حاصل ڪئي. اُنهن ۾: سيد شهمير شاهه مٽياروي، مخدوم مئيڏنه نصرپوري، مخدوم عبدالرحمان (وڏو فرزند). سيد محمد صالح شاهه جيلاني گهوٽڪي وارو، مخدوم ابوالحسن صفير ٺٽوي مدني، مخدوم عبداللطيف (ٻيو نمبر فرزند). شاهه فقير الله علوي شڪارپوري. مخدوم عبدالله منڌرو (نرئي وارو). مخدوم عبدالخالق ٺٽوي. مخدوم نور محمد نصرپوري شيخ الاسلام مراد سيوهاڻي. عزت الله ڪيريو (چوٽيارين) جو رهاڪو هو. حافظ آدم طالب علم ٺٽوي. نور محمد خسته ”ٽکڙائي“. مخدوم صاحب جا شاگرد هئا.
    مخدوم صاحب سنڌي عربي ۽ فارسي ٻولي ۾ ڪتاب لکيا. عربي جا ڪتاب ”جامعـﺒ الازهر“ يونيورسٽي مصر جي نصاب ۾ پڙهايا ويندا آهن. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مخدوم صاحب جي هڪ عربي ڪتاب مان ڪتابن جو تعداد عربي، فارسي ۽ سنڌي ۾ (105) ڄاڻايا آهن. عربي ۾ 74 ڪتاب، فارسي ۾ 21 ڪتاب ۽ سنڌي ۾ 10 ڪتابن جا نالا ڄاڻايا آهن.
    سنڌي ڪتابن ۾: زاد الفقير، قوت العاشقين، راحت المؤمنين، سايه نامه، بناء اسلام، تفسير هاشمي، تحفته التائبين، اصلاح مقدمـﺒ الصلوات. تنبيه نامو، عربي ۾ مظهر الانوار، فاڪهـﺒ البستان. فرائض الاسلام. الوصيـﺒ الهاشميه، بياض هاشمي، ڪفايته القاري.
    فارسي ڪتابن ۾ : حيات الصائمين، مدح نامه سنڌ، اصلاح مقدمـﺒ الصلواة وغيره.
    مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي عمر 70 سالن جي قريب ٿي ته 16 ربيع الاول 1174 هجري تي تيز بخار ٿيو، پاڻ 6 رجب المرجب خميس جي ڏينهن 1174 هجري مطابق 9 فيبروري 1761ع ۾ هن فاني جهان مان موڪلاڻي ڪئي. مخدوم صاحب کي غسل سيد عبدالقادر شيرازي، ميان محمود، سعد الله، فخر الدين، ابراهيم رنگريز ۽ حافظ آدم طالب علم ڏنو. جنازي نماز مخدوم محمد باقر پڙهائي. ڏهه هزار ماڻهن جنازي نماز ۾شرڪت ڪئي. سندس آخري آرام گاهه مڪلي ٽڪري تي آهي.
    مخدوم صاحب کي ٻه فرزند ۽ هڪ نياڻي جي اولاد ٿي. فرزندن ۾ مخدوم عبدالرحمان هي قرآن پاڪ جو حافظ وڏو عالم ۽ صوفي هو. 51 سالن جي عمر ۾ 5 ربيع الاول 1181 هجري مطابق پهرين آگسٽ 1767ع ۾ وفات ڪئي.
    مخدوم عبداللطيف: هي مخدوم صاحب جو ٻيو نمبر فرزند هو. ولادت 14 شعبان 1144 هجري ۾ قرآن پاڪ جو حافظ، حديث جو وڏو عالم هو. 45 سالن جي عمر ۾ 17 ذوالقعد 1189 هجري ۾ ٺٽي ۾ وفات ڪئي. مڪلي جي ٽڪري تي والد صاحب جي پيراندي ۾ دفن آهي.
    شهنشاهه لطيف ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي همعصر بزرگ آهن. ٻنهي بزرگن جي ملاقاتن جو سلسلو ۽ روح رهاڻيون 54- 1153 هجري تائين قائم رهيون. مخدوم صاحب شهنشاهه لطيف سان دلي طرح پيار ڪندو هو. ايتري قدر جو پنهنجي پٽ جو نالو به شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي نسبت عبداللطيف رکيو هئائين.
    حوالا: 1. مخدوم هاشم ٺٽوي سوانع حيات ۽ علمي خدمتون: ڊاڪٽر عبدالرسول قادري
    2. فڪر لطيف، تنظيم فڪر وَ نظر سنڌ (سکر). 3. جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري.


    شاهه ولي الله رحمة الله عليه (1114هه-1176هه)

    عظيم محدث ۽ جيد عالم حضرت شاهه ولي الله جي پيدائش 10 فيبروري 1703ع مطابق 4 شوال-1114 هجري دهلي ۾ ٿي. والد صاحب جو اسم گرامي شاهه عبدالرحيم هو. شاهه ولي الله جو اصل نالو عظيم الدين (قطب الدين) شاهه ولي الله هو. شروعاتي تعليم پنهنجي والد شاهه عبدالرحيم کان حاصل ڪئي. ستن سالن ۾ قرآن پاڪ حفظ ڪيو. سورهن سالن جي عمر ۾ مامي عبيد الله بن محمد ڦلتيءَ جي نياڻي سان شادي ٿي. جنهن مان چئن ٻارن جو اولاد ٿيو. سال 1720ع ۾ جڏهن سترهن سال جا ٿيا. ته والد شاهه عبدالرحيم هن جهان مان موڪلاڻي ڪئي. والد صاحب جي وفات کان پوءِ پاڻ مَسند سنڀالي. ٻه ڀيرا حج جي سعادت نصيب ٿي. پاڻ حديث جي علم ۾ وڏي مهارت رکندا هئا.
    1722ع بمطابق 1134 هجري ۾ قائم ڪيل مدرسي ۾ درس وتدريس جو ڪم شروع ڪيو. سندس خاندان ۾ وڏا اولياءَ الله، عالم، زاهد ۽ مفڪر پيدا ٿيا. 1143 هجري مطابق سن 1730ع ۾ حرمين شريف جي سعادت نصيب ٿي.
    1732ع شاهه ولي الله جڏهن حرمين شريف کان واپس آيا ته ان وقت حالتون تمام خراب هُيون، مرهٽن، سکن جي لُٽ مار، نادر شاهه جون قهري ڪارروايون مسلمانن لاءِ عذاب بڻيل هُيون، پاڻ هندستان ۾ رهي هر حالت کي مُنهن ڏنو. مسلمانن لاءِ هر طرح جون ڪوششون ورتيون.
    1150 هجري مطابق 1737ع ۾ 36 سالن جي عمر ۾ قرآن شريف جو (فتح القرآن) نالي سان فارسي ۾ ترجمو ڪيو. سندس پوءِ ڪيترن ئي علمي ۽ ادبي تحريڪن جنم ورتو. انهن علمي ۽ ادبي تحريڪن ۾ شاهه ولي الله جو وڏو حصو رهيو آهي.
    پاڻ عربي ۽ فارسي ۾ ٻه شرحون لکيون، فقه ۽ تصوف جي علم تي ڪافي مهارت حاصل هئي. انهي سبب پاڻ تصوف تي. بهترين ڪتاب ”حجة الله بالغه“ لکيو.
    مولانا شاهه عبدالعزيز، مولانا رفيع الدين، قاضي ثناءَ الله پاڻيپتي، شاهه عبدالغني ۽ مولانا شاهه عبدالقادر جهڙا جيد عالم، سندس مشهور شاگردن ۾ شمار ٿين ٿا. پاڻ ڏکئي وقت ۾ به مسلمانن جي رهبري ڪئي.
    شاهه ولي الله ڪافي سارا ڪتاب به لکيا. سندس لکيل ڪتاب ”حجة الله بالغه“ ايترو ته مقبول ٿيو. جو دنيا جي مشهور يونيورسٽين جي درسي ڪتابن ۾ پڙهايو وڃي ٿو. سندس لکيل ڪتابن ۾ 26 ڪتاب فارسي ۾ ۽ 25 ڪتاب عربي ٻولي ۾ لکيل آهن.
    شاهه ولي الله جي ڪافي ڪتابن کي ”ولي الله ايڪڊمي“ حيدرآباد سنڌ شايع ڪيا آهن.
    پاڻ قرآني علمن کان علاوه انسانيت جا چار بنيادي اخلاق پيش ڪيا آهن. انهن چئن اخلاقن ۾ اعليٰ فهم ۽ فڪر سمايل آهي. پاڻ ٽن اصولن ۾: خود پهتل جفا ڪش ۽ ڪفايت شعار ٿيڻ ۽ پاڻ کي اسراف کان بچڻ جو سبق ڏنو آهي.
    شاهه ولي الله (محدث دهلوي) 19 محرم الحرام 1176 هجري مطابق 10 اگسٽ 1762ع ۾ وفات ڪئي.

    حوالا:
    1. (شاهه ولي الله جا سنڌي هم عصر: معمور يوسفاڻي: 2004ع)
    2. (دنيا ڪي عظيم لوگ: سيده اعجاز بانو رضوي: 1992ع)
    3. (دنيا جون 100 عظيم شخصيتون: محمد عثمان ڀٽي)
    4. جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري.


    سيد محمد صالح شاهه: ”لوءِ صاحبان وارو“ (1122هه-1182هه)

    سيد محمد صالح شاهه جي ولادت 1122 هجري مطابق 1710ع ۾ حضرت سيد پير موسيٰ شاهه جي گهر ”لوءِ صاحبان“ ۾ ٿي. ڪنيت ”شرف الدين“ ”ابو جمال“ ۽ لقب ”مُتقي“ هو. پاڻ ننڍي هوندي کان ئي پرهيزگار ۽ سخاوت جا ڪوڏيا هئا.
    سندس شروعاتي دؤر والد صاحب جي رهنمائي ۾ گذريو ۽ بعد ۾ ٻارهين صدي جي وڏي محدث. علم جي ڄاڻو ۽ بزرگ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحمة الله عليه وٽ حاضر ٿيا. ۽ مدرسي ۾ تعليم جا سڀ سبق ياد ڪيائون. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحه جو مدرسو پوري سنڌ ۾ تعليم جي حوالي سان اوّل صف ۾ شمار ٿيندو هو. جتان ڪافي عالم ۽ بزرگن تعليم مڪمل ڪري پنهنجي ماڳ اچي ماڻهن کي اسلام جي تعليم کان واقف ڪيو.
    سيد محمد صالح شاهه مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحه جهڙي ڀلاري بزرگ کان تعليم پوري ڪري فيض مان فيضياب ٿيو. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي اُن وقت ”صحيح بخاري شريف“ جو قلمي نسخو پنهنجي هن پياري شاگرد کي پنهنجي هٿن مبارڪ سان ڏنو ۽ اجازت ڏني ته وڃي پنهنجي حاصل ڪيل تعليم مان ماڻهن کي اسلام جي ترغيب ڏي. ۽ خراب ڪمن کان آجو ڪراءِ. سيد محمد صالح شاهه وٽ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي طرفان ڏنل ”بخاري شريف“ اڄ به پوين وٽ صحيح سلامت موجود آهي.
    سيد محمد صالح شاهه پاڻ شريعت جو صاحب ۽ طريقت جو ڪامل ولي هو. سندس والد صاحب پير موسيٰ جي رهنمائي هيٺ به ڪافي وقت گذريو. والد صاحب کان به گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو هئائين. حضرت پير موسيٰ شاهه ڇنڇر جي ڏينهن 8 ذوالحج 1173 هجري بمطابق 22 جولاءِ 1760ع ۾ دارالبقا طرف موڪلاڻي ڪئي ۽ جامع مسجد لڳ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. حضرت پير موسيٰ شاهه جي وفات بعد 1173ع هجري ذوالحج مهيني ۾ سيد محمد صالح شاهه کي سجاده نشيني جي مسند تي ويهاريو ويو. پاڻ ڪافي ماڻهن کي علم جي لاٽ ڏني ۽ ڪافي مريد سندس فيض مان فيضياب ٿيا.
    سيد محمد صالح شاهه جامع مسجد ۾ توسيع ڪري اتريون گُنبذ ۽ حصو تعمير ڪرايائون بعد ۾ سيد محمد عابد شاهه به مسجد جي ڏاکڻي گنبذ ۽ ان جي حصي کي تعمير ڪرايو. جامع مسجد ”لوءِ صاحبان“ جيڪا ٽن گنبذن تي مشتمل آهي. هي 84 ٿنڀن واري مسجد جنهن جي هڪ هڪ سِر تي قرآن پاڪ جو ختم ٿيل آهي. 1148 هجري 1735ع ۾ جڙي مڪمل تيار ٿي.
    جامع مسجد کي اِهو به شرف حاصل آهي جو شهنشاهه لطيف ملتان کان واپس ڪاشي سرون ساڻ ڪري. ٻيڙي رستي هن سر زمين ۾ قدم رکيا ۽ عصر جي نماز فرض حضرت پير موسيٰ شاهه جي اسرار تي پيش امام ٿي پڙهائي هئائون.
    سيد محمد صالح شاهه زندگي جون (60) بهارون پوريون ڪندي 11 شوال 1182 هجري. مطابق 17 فيبروري 1769ع ۾ رحلت فرمائي. سندس مقبرو وڏي خانقاهه ۾ موجود آهي.

    مددي ڪتاب
    مولانا: 1. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، سوانع حيات ۽ علمي خدمتون: ڊاڪٽر عبدالرسول قادري
    2. مون ۾ آهين تون: سيد مُرشد گيلاني
    3. جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري.


    سلطان الاولياءَ، خواجه محمد زمان لنواري وارو (1125هه- 1188هه)

    سلطان الاولياءَ خواجه محمد زمان جي پيدائش 22 رمضان المبارڪ 1125 هجري. بمطابق پهرين آڪٽوبر 1713ع خميس تي حاجي عبداللطيف نقشبندي جي گهر ۾ ٿي. سندس ابا ڏاڏا عربستان جا ويٺل هئا. اُتان اچي سنڌ ۾ ٺٽي جي پسگردائي ۾ رهيا. سندن پرهيزگاري ڏسي آسپاس جا ماڻهو مريد ٿيڻ لڳا.
    ننڍي هوندي ئي خواجه محمد زمان قرآن پاڪ جي تعليم پنهنجي والد صاحب کان ورتي ۽ قرآن مجيد جو ختم به پورو ڪيو. ظاهر علم حاصل ڪرڻ لاءِ ٺٽي جي مخدوم محمد صادق نقشبندي جي مدرسي ۾ داخل ٿيو. مخدوم محمد صادق هڪ جيد عالم هو.
    مخدوم محمد زمان پاڻ عربي پڙهڻ شروع ڪيو، شيخ محمد (ابوالمساڪين) ڏسندي ئي خواهش ظاهر ڪئي ته خواجه صاحب کي پنهنجو مريد ڪيان. خواجه صاحب ظاهري علم ۽ سلوڪ جا سڀ اسباب سکي اچي خدمت ۾ حاضر ٿيو. شيخ صاحب راضي ٿيندي چيو ته ”خدائي راهه ۾ ڀاءُ محمد زمان مريدي جي لڙهه ۾ شامل ٿيو. کيس طريقت جي تعليم جو اجازو ڏنم ته شريعت ۽ طريقت تي قائم رهندو“.
    پوءِ پنهنجي دستار مبارڪ لاهي خواجه صاحب جي سر تي رکيائين. کيس پنهنجي مسند تي ويهاري پنهنجي مريدن کي حڪم ڏنائين ته هٿ هٿ ۾ ڏيئي خواجه صاحب جي بيعت ڪريو ۽ شيخ محمد اِهو به چيو ته جيڪو سندس بيعت نه ڪندو. اهو منهنجو مريد نه آهي.
    خواجه صاحب فرمايو ته: ”قديم مشائخن مان ڪنهن به اڄ تائين اهڙي قسم جو مجازو نه ڏنو آهي. جو پنهنجي جيئري هڪ مريد کي مسند تي ويهاري“. مُرشد جو حرمين وڃڻ بعد خواجه محمد زمان ڪجهه وقت سندس خانقاهه تي رهيا ۽ گهڻن ئي ماڻهن کي فيض ڏنائون. پوءِ پاڻ ٺٽي کان اچي لواري شريف ۾ رهيا.
    مخدوم محمد زمان جو والد شيخ عبداللطيف نقشبندي سن 1149 هجري 1736ع ۾ هن جهان مان موڪلاڻي ڪئي. هڪ سال بعد 1150 هجري 1737ع ۾ خواجه صاحب نئون شهر آباد ڪيو. جنهن جو نالو ”لواري“ رکيائون.پاڻ لواري ۾ پنهنجي رب سان ايتري قدر ته مشغل هوندا هئا. جو ساري رات مراقبي ۾ ويهي تهجد ۽ فجر جي نماز سومهڻي جي وضوءَ سان ادا ڪندا هئا. ڪافي سارا سال ائين ئي گذاريائون. مسافرن وانگي مسجد ۾ اڪيلا ويٺا هوندا هئا. شام جي وقت گهر وڃڻ پسند ڪندا هئا. ماني کائڻ بعد وري واپس مسجد جو مُنهن ڪندا هئا. سندس فيض جي خوشبوءِ ساري مُلڪ ۾ پکڙجي ويئي، هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو اچڻ لڳا.
    شهنشاهه لطيف جهڙو اولياءَ الله ۽ عظيم شاعر پيري ۾ اچي پنهنجي شاگرد جي شاگرد وٽ زيارت لاءِ آيو ۽ چورائي موڪليائينس ته اجازت ملي ته اندر اچون. خواجه صاحب خادم کي چيو ته: ”شاهه صاحب کي وڃي چئو ته هڪدم ترسو، اسين پاڻ اوهان جي استقبال لاءِ اچون ٿا“. شاهه صاحب خود هليو آيو ۽ چيائين ته:
    سامي سفر هليا، ڪو پروڙي پنڌ،
    جن هيٺاهان ڪنڌ، آئون نه جيئندي اُن ري.
    خواجه صاحب چيو ته:
    ڪين آهين، ڪين ٿيندي، وڃين ڪين ڪماءِ،
    لاڳاپا لوڪ جا، ”لا“ سين سڀ لهراءِ،
    سامي پوءِ سلنداءِ، ڳالهه پريان جي ڳجهه جي.
    ڪافي سارن بيتن جي ڏي وٺ ٿي. ڳچ وقت روح رهاڻيون ڪيون، جڏهن شهنشاهه لطيف موڪلايو ته خواجه صاحب خليفت جي چادر ڍڪايائون، چون ٿا ته شاهه صاحب وفات محل وصيت ڪئي هئي ته: ”هي چادر مون کي ڪفن ۾ ڏجو“. پوءِ اها چادر ڪفن جي مٿان وڌائون. ۽ دفن بعد وري سندس قبر مبارڪ تي پڙ ڪري چاڙهيائون.... ميان غلام شاهه ڪلهوڙي پنهنجي ديوان خانچند جي هٿان ”لواري“ جي جاگير مخدوم صاحب کي لکت ۾ ڏياري موڪلي. مگر مخدوم صاحب وٺڻ کان انڪار ڪيو.
    حضرت خواجه محمد زمان جن جي مريد مان چاليهه ڄڻا ڪمال صاحب ۽ پنهنجي وقت ۾ بي مثال هئا. انهن چاليهن مان چار ڄڻا سندن خاص خليفا هئا. جن ۾ شيخ عبدالرحيم گرهوڙي، حاجي ابو طالب اگهمي، شيخ حاجي محمد صالح، حافظ هدايت الله خواجه صاحب پنهنجو مڪان جوڙائي اُن ۾ اڪيلا رهڻ لڳا ۽ چيائون ته: ”وضو بنا ڪو به اندر نه اچي ۽ سواءِ مراقبي جي ٻيو نه ڪي ڪري نه ڪي ڳالهائي“. اڪثر ساري رات اُن هجري ۾ ويهندا هئا ۽ فرمايائون ته ”هر ڪنهن جمعه رات سئو ڀيرا پيغمبر صلعم تي دردو پڙهن“. سندس 2 ملفوظات: ابيات سنڌي ۽ ملفوظات باقي جون عربي شرح مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي لکيون. 4 ذوالقعد ڇنڇر 1188 هجري بمطابق 6 جنوري 1775ع ۾ 63 سالن جي عمر ۾ پنهنجي مالڪ مهربان جي ڌرتي ۾ وڃي ابدي آرامي ٿيا.
    عارف ۽ عُشاق، پَسڻ گُهرن پرين جو،
    جنت جا مشتاق، اَڃا اوراهان ٿئا.

    سامي هَلَن هيڪلا، پاڻ ڇڏيائون پوءِ،
    پُڇن لالن لوءِ، ڪُلهي ڪينَرڪين جو.

    حوالا:
    1. ابيات سنڌي: خواجه محمد زمان لواري وارو
    2. لطيف جا لاڙ تان ڀيرا محمد سومار شيخ 1986ع
    3. تذڪره مشاهير سنڌ جلد 2، 3 مولانا دين محمد وفائي ص 366
    4. جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري.


    صوفي سلام الله شاهه ”ٿر ڌڻي“ (1130هه-1183هه)

    صوفي سلام الله عرف ”ٿر ڌڻي بادشاهه“ جي پيدائش 6 محرم الحرام 1130 هجري مطابق 28 نومبر 1717ع ۾ ٿي. والد صوفي شاهه عنايت شهيد 40 ڏينهن بعد صفر ڪيو. چوندا آهن ته الله پاڪ جي نيڪ بندن کي پهريان ئي خبر پوندي آهي. مالڪ جي پار سُتت هلڻو آهي. جڏهن حضرت صوفي صاحب جي شهادت جو وقت نزديڪ آيو، تڏهن پاڻ اندر حويلي ۾ ويا. اُن وقت شاهه سلام الله پينگهي ۾ سمهيل هوا. پاڻ پنهنجو تاج مبارڪ لاهي مٿانئن رکي صاحبزادي کي هنج ۾ کنيائون. اُن وقت هدايت ڪيائون ته شاهه سلام الله جي ننڍي هوندي شادي ڪرائي ڇڏجو. شهادت کان ڪجهه ڏينهن اڳ شاهه سلام الله کي ناناڻن موڪليو ويو. جيڪي گجرات ۾ رهندا هئا. شاهه سلام الله جڏهن ميرانپور واپس آيو ته اُن وقت عمر 15 سال هئي. پاڻ جواني ۾ ئي ڪفني پائي ٺٽي ۾ شاهه عبداللطيف ٺٽوي جيڪو وڏي ڄمار جو هو کان فيض حاصل ڪيائون. اجازت وٺي ميرانپور واپس آيا. ڪنهن کي به ٻڌائڻ بنا سفر جي تياري ڪري نڪري پيو. ”راول “ نالي فقير کاڌ خوراڪ پائي کڻي پويان هلڻ لڳو، ٿر جا گس ڏيندي جيسلمير جوڌپور کان چڪر ڪاٽيندا. ”ڏيرا ٿر“ ضلعي خيرپور جي ڀٽ (تجل شريف) کان اوڀر طرف پنهنجو آستانو اڏيائون. زندگي جون يارنهن بهارون هڪ هنڌ گُذاري هاڻوڪي ڀٽ تي اچي باقي ڏينهن گذارڻ جو پڪو پهه ڪيو. پاڻ رياضت ۾ ڪافي تڪليفون برداشت ڪيون. ۽ ڪافي وقت بيخوديءَ جي عالم ۾ غرق ٿي ويندا هئا. سندن فقير ڏک تڪليف ۾ هميشه گڏ گڏ رهيا. جڏهن پاڻ ”تجل“ جي بستي کي برسائڻ لاءِ فقيرن کي چيو ته اها ڳالهه نور محمد ڪلهوڙي کي پهتي ته صوفي سلام الله ساڳي طرح زور وٺي ويو آهي ته پوءِ اسان هلاڪت ۾ اينداسين. هنن جو اصل کان ئي حسد فقير صاحبن سان هو. کيس شهيد ڪرڻ لاءِ تجويز سوچي. ٽي دٻليون، زهر قاتل جون ڏنائون، جو اُهو شخص کڻي صوفي سلام الله وٽ جيئن ئي پهتو ته پاڻ فرمايائون ته ”ابا جيڪا توکي امانت ملي آهي سا اسان کي ڏي“. اُن شخص دهشت وچان ٽيئي دٻليون اڳيان رکيون، پاڻ هڪ دٻلي مان ڦڪي ڀريائون. ۽ هڪ دٻلي بدن کي مليائون. ۽ هڪ دٻلي مٿي ۾ وجهي. چادر پائي سمهي پيا. اَٺن پهرن بعد اُٿي ويٺا. اهڙي حالت ڏسي اهو ماڻهو ڏاڍو شرمسار ٿيو، موٽي سموري حقيقت حاڪم اڳيان بيان ڪئي. نور محمد ڪلهوڙي جيڪا سازش ڪئي سا صوفي سلام الله ناڪام ڪري ڇڏي.
    صوفي سلام الله ڪڏهن ڪڏهن شهنشاهه لطيف جا بيت ٻڌندو هو ته” پسند به ڪندو هو. ۽ دهرائيندو به هو“. جڏهن ڪو به بيت مريد ٻڌندا هئا. ته اچي صوفي سلام الله کي ٻڌائيندا هئا. شاهه سائين جو بيت ”(ٻڌندڙ ٻوڙن کي، ڪي هاتڪ هٿ وجهن)“ پاڻ اهو بيت ٻه ٽي دفعا دهرايو ۽ فرمايائون ته: ”ڪنهن جو به سهارو نه وٺجي. نه ته اُهو سهارو ڏيندڙ ٻيهر مهڻو ڏيندو“. پوءِ پاڻ فرمايائون ته:
    ”ٻُڏندي ٻوڙن کي، تون هاتڪ هٿ مَ لاءِ،
    سڀان ائين چونداءِ، ته اسان تو اڪاريو“.
    جڏهن اهو بيت شهنشاهه لطيف کي ٻڌڻ ۾ آيو ته پاڻ فرمايائون ته” اهڙي عظيم انسان سان ملڻ گهرجي“. پاڻ سلام الله سان جهوڪ ملڻ آيو. اُن وقت سلام الله تخيل جي دنيا ۾ ويٺل هو. ٻنهي بزرگن جي پورا ٽي ڏينهن ٽي راتيون روح رهاڻيون ٿيون. مٿين بيت تي بحث مباحثو به ٿيو. شاهه سائين پنهنجي لفظن تي قائم رهيو. ٻنهي بزرگن جي رهاڻ پوري لاڙ ۾ اڄ ڏينهن تائين ڪچهرين ۾ بيان ڪري ياد تازي ڪرائي ويندي آهي. ان ڪچهري کانپوءِ صوفي سلام الله جهوڪ کان موڪلائي (تجل شريف) روانا ٿيا. ”اتي هر هڻڻ دوران“. آخري وصال وقت فقيرن کي فرمايو ته اسان کي هت تجل واري ڀٽ دفن ڪجو، پر اسان جا عزيز اسان جو لاش ميرانپور کڻي ويندا.
    صوفي سلام الله 25 ذوالحج 1183 هجري مطابق 22 اپريل 1770 عيسوي تي وفات ڪئي. (پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي مانجهي: ڪتاب صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر ۾ جيڪا (Ph.d ٿيسز) سال 2010ع ۾ ڇپي، وفات جو عيسوي سال 1766ع ڄاڻايو آهي. جڏهن اسان هجري سال سان عيسوي سال ڏسنداسين ته 1183 هجري ۾ 1770 عيسوي سال بيهندو. جيڪو درست ۽ صحيح آهي نه ڪي 1766ع.
    صوفي سلام الله کي ”تجل“ ۾ ئي دفنايو ويو پر ڪجهه ٿوري ئي عرصي ۾ لاش ڪڍرائي جهوڪ جي سر زمين آندو ويو ۽ اُتي ئي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. سائين غلام مهدي جي بقول ته ”صوفي سلام جا هڏ جهوڪ ۾ ۽ سڏ تجل شريف ۾ آهن“.
    صوفي سلام الله جنهن جاءِ تي پهريان دفن ٿيل هو. اُن جاءِ تي هڪ ٿلهو جوڙائي ڇڏيائون. مير سهراب خان ٽالپر پنهنجي دؤر ۾ ٿلهي واري جاءِ ”تجل“ تي روضو جوڙايو. جتي صُوفي سلام الله جا تبرڪات رکيل آهن. ۽ انهي جاءِ کي ”تجل شريف“ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. ۽ هر سال 25 کان 27 ذوالحج تي ساليانو ميلو لڳرايو وڃي ٿو. هندستان پاڪستان جي صوبن: بلوچستان پنجاب (ملتان) ۽ سنڌ جا مريد گڏ ٿي سلامي ڀريندا آهن.
    صُوفي سلام الله کان پهريان ڪو به سنڌي شاعر ”شهنشاهه لطيف“ جي بيت کي نه وراڻيو هو. صوفي صاحب ئي هو. جنهن سان ملڻ لاءِ شهنشاهه لطيف ميرانپور (جهوڪ) ۾ مليا. ۽ روح رهاڻيون ڪيون.

    حوالا:-
    1. لطيف سائين جا لاڙ تان ڀيرا: محمد سومار شيخ:
    2. صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر: پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
    3. جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري


    حضرت پير سيد وارث شاهه رحه (1130هه- 1199هه)

    حضرت پير سيد وارث شاهه جي ولادت باسعادت 5 ربيع الثاني 1130 هجري مطابق 22 جولاءِ 1718ع ۾ سيد گُل شير شاهه جي گهر ۾ ”ضلع شيخوپورا“ جي علائقي ”چنڊياله شيرخان“ ۾ ٿي. (ڪلام: حضرت سيد وارث شاهه: مولانا غلام حسن قادري: 2014ع انس پبليڪيشنز لاهور).
    حضرت سيد وارث جي والد جو اسم گرامي سيد گل شير ٻٽيهين پيڙهي ۾ حضرت سيدنا علي المرتضيٰ رضي الله تعاليٰ عنه سان وڃي ملي ٿو.
    (ڪلام حضرت وارث شاهه: مولانا غلام حسن قادري: جولاءِ 2014: لاهور)
    جڏهن ته سيد وارث شاهه مشائخ قادريه، سيد قطب شاهه جو پٽ هو.
    (اسلامي شاهڪار انسائيڪلو پيڊيا: سيد قاسم محمود ص 1539) تي ڄاڻايو آهي.
    منشي گوپال داس ”تاريخ گوجرانوالا“ ۾ بيان ڪيو آهي ته مغل بادشاهه اڪبر جي زماني ۾ شير خان پٺاڻ نالي هڪ شخص شاهي ملازم هو. جنهن ضلع شيخوپورا جي اٺن (8) ميلن تي هڪ ڳوٺ ٻڌو. جنهن جو نالو ”شيرڪوٽ“ رکيو ويو.
    حضرت سيد وارث شاهه ابتدائي تعليم جنڊيالا شير خان جي مقامي مسجد مان حاصل ڪئي. بعد ۾ ”قصور“ شهر ۾ حافظ غلام مرتضيٰ جو ”مخدوم قصور“ جي لقب سان مشهور هو. جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. جنهن کان گهڻو ڪجهه پرايو. جو پنهنجي استاد کي پنهنجي تصنيف ”هير وارث شاهه“ ۾ هڪ شعر ۾ هينئن ڄاڻايو آهي ته: وارث شاهه جنڊيالا جي رهڻ واري ”مخدوم قصور“ جو شاگرد آهي“.
    ڊاڪٽر فقير محمد فقير لکيو آهي ته حضرت بابا بُلي شاهه ۽ حضرت سيد وارث شاهه ٻيئي ڄڻا حافظ غلام مرتضيٰ جا شاگرد هئا. جڏهن حافظ صاحب کي خبر پيئي. ته وارث شاهه ” هير“ لکي آهي ته ناراض ٿي پيو. سيد وارث شاهه ”قصور“ اچي پنهنجي اُستاد کي ”هير“ جا ڪجهه شعر پڙهي ٻڌايا ته حافظ غلام مرتضيٰ کي شعر ٻڌندي ئي مٿان وجداني ڪيفيت طاري ٿي ويئي.
    حضرت سيد وارث شاهه ڪافي ٻولين تي مهارت رکندڙ هو. جنهن ۾ عربي، فارسي، پنجابي، هندي، سنسڪرت، بلوچي، سنڌي ۽ ٻين ٻولين کي سکيو. جن تي کيس ڪافي عبور حاصل هو. طبي علم جي به ڪافي ڄاڻ هئي ۽ موسيقي ۾ به مختلف راڳن جي بخوبي ڄاڻ هئي. جنهن جو اظهار پنهنجي شاعري ۾ ڪيو آهي. پاڻ فقه، تفسير حديث و تاريخ، تصوف و عرفان جهڙن عِلمن ۾ هميشه بهترين ڄاڻ رکندڙ هئا. علم موسيقي علم نجوم ۽ علم طب اندر ۾ سمايل هو.
    حضرت سيد وارث شاهه ڪافي ملڪن ۽ شهرن جو سير سفر به ڪيو. جن ۾ حجاز مقدس. فلسطين، مصر، شام، عراق ۽ ايران جهڙن ملڪن مان سفر ڪندي برصغير پاڪ و هند جي علائقن: ڪشمير، ڪلڪته، آگرا، مدراس، دهلي، بمبئي، پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪافي علائقن ۾ سير سفر ڪيو ۽ روحاني فيض به حاصل ڪيو.
    حضرت سيد وارث ”پاڪ پتڻ“ مان بيعت حاصل ڪئي، واپس اچي ڪجهه عرصو لاهور ۾ رهيا ۽ بعد ۾ وري قصور شهر جو رخ ڪيو. قصور شهر ۾ رهڻ دوران ”ملڪه هانس“ جو رخ ڪيو. جتي پاڻ مسجد شريف ۾ ”هير وارث شاهه“ جي تصنيف جي لکڻ جي شروعات ڪئي ۽ اُتي ئي لکي پورو ڪيو. پاڻ ”قصه هير رانجها“ ۾ فرمائين ٿا ته تمام گهڻن تاريخي جاين جو سفر ڪيو. (هير وارث شاهه) لکڻ کان پهريان. تاريخي عمارتن کي ڏٺو. جن جو تعلق اِن قصي سان هو. ”تخت هزارا“ به وڃڻ ٿيو. اُتي رانجهي جي مسجد ۽ غسل خاني کي ڏٺو. ۽ رانجهي جي مسجد ۾ ڪجهه ڏينهن ”اعتڪاف“ به ڪيو.
    پاڻ دوستن سان گڏجي ”جهنگ سيال“ به ويا. جتي ”هير“ جي ڳوٺ ۾ ماڻهن کان هير جي رهڻي ڪهڻي متعلق به ڄاڻ ورتي. هير جي ڳوٺ ۾ هڪ پوڙهي عورت (ڀاڳ ڀري) کان سموري حقيقت جي ڄاڻ ملي. جهنگ سيال کان پوءِ پاڻ ”ڪوٽ قبولا“ تشريف فرما ٿيا. جتي حضرت سليم چشتي رحمة الله عليه جي مزار مبارڪ تي حاضري ڀري.
    سيد طالب بخاري حضرت سيد وارث شاهه جي ڀاءُ سيد قاسم شاهه رحمة الله عليه جي هڪ شعر مان سن ولادت ڪڍي آهي.
    یارا سے تیہہ ہجری آیا پانچ ربیع الثانی،
    دن جمعے دا وقت تہجد جمیا وارث جانی۔
    چوڌري محمد افضل پنهنجي (Ph.d) مقالي ۾ 1130 هجري سن ولادت ڄاڻايو آهي. (اسلامي شاهڪار انسائيڪلو پيڊيا جي مصنف: سيد قاسم محمود 1135 هه يا 1140هه) اندازاً ڄاڻايو آهي. ص 1539)
    ۽ اُتان ئي پاڪ پتڻ جو رخ ڪيو. پاڪ پتڻ کان پوءِ ”ملڪه هانس“ واپس اچڻ ٿيو. جتي اچي ”هير وارث شاهه“ جي شروعات ڪئي ۽ پائيه تڪميل تي پهچايو.
    حضرت سيد وارث شاهه ڪافي ڪتاب تصنيف ڪيا. جن ۾ : شرح قصيده برده شريف، سسئي وارث شاهه، ”باران ماهه“، سي حرفي، دوهڙي، عبرت نامه، معراج نامه، نصيحت نامه، چوهڙيڙي نامه، اشترنامه لکيل تصنيفن ۾ شمار ٿين ٿا.
    بزرگ شاعر حضرت سيد وارث شاهه 1199 هجري مطابق 1785ع ۾ هن جهان مان موڪلاڻي ڪئي ۽ آخري آرام گاهه ”ملڪه هانس“ پاڪ پتڻ پنجاب ۾ آهي.
    (سيد قاسم محمود: اسلامي شاهڪار انسائيڪلو پيڊيا ۾: وفات جو سال 1798ع ڄاڻايو آهي. ص 1540).
    شاعري جو نمونو، ڪجهه سٽون عرض رکن ٿيون.
    الله باقي عالم فاني،
    سرور عالم يار حقاني،
    چھوڑ گئے فرقان نشانی،
    باغ رہیا گلزار دی دا۔
    گھر رب دے مسجد ان ہندیاں نہیں،
    ایتھے غیر شرغ ناہیں واڑیئے اوئے۔

    حوالا:-
    1. ڪلام حضرت پير سيد وارث شاهه مرتب مولانا غلام حسن قادري جولاءِ 2014 (لاهور).
    2. (اسلامي شاهڪار انسائيڪلو پيڊيا: سيد قاسم محمود)
    3. (جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري)


    مخدوم عبدالله نرئي وارو (1150هه-37/ 1236هه)

    مخدوم عبدالله نرئي وارو به وڏي مرتبي جو بزرگ عالم ٿي گذريو آهي. هن کي مخدوم عبدالله منڌرو به چيو وڃي ٿو. هي بزرگ ذات جو ”منڌرو“ هو. ۽ بدين جي ”مانڌر“ واري ايراضي جو رهندڙ هو. مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي: مخدوم عبدالله جي پيدائش تاريخ جو سن 1150 هجري بمطابق 1737ع ڄاڻايو آهي. والد جو نالو ميان محمد هو. مخدوم صاحب ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ٺٽي جهڙي عظيم شهر مان حاصل ڪئي. ڇو ته ٺٽو شهر علماءِ ڪرام جو حوالي سان صف اول ۾ شمار ٿئي ٿو. جتي وڏا علماءَ ڪرام پيدا ٿيا آهن. پاڻ ٺٽي جي وڏي بزرگ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي کان قرآن شريف جي تعليم حاصل ڪئي. مخدوم عبدالله هوشيار شاگردن ۾ شمار ٿيندو هو. ديني تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي استاد جي اسرار تي پنهنجي ڳوٺ ”نرئي“ ۾ درس ۽ تدريس جو سلسلو شروع ڪيو.
    تبليغ اسلام کان به ماڻهن کي روشناس ڪرايو. سندس مهارت ڏسي پري پري کان وڏا عالم اچي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ درس مان مستفيض ٿيا.
    مخدوم عبدالله ”نرئي“ ۾ رهي ڪري ماڻهن کي سُٺي اخلاق سان پيش اچڻ، ملڻ، جلڻ، ڳالهائڻ اٿڻ ۽ ويهڻ هر مسئلي متعلق اهڙي طرح سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي جو ماڻهن ۾ دين جي باري ۾ ايتري ته محبت پيدا ٿي جو ڪجهه عناصرن کي اها ڳالهه نه وڻي. جو سندن خلاف ٿي بيٺا ۽ دشمن بڻجڻ لڳا.
    مخدوم صاحب جي دل ۾ ته هميشه محبت جا گُل سجايل هئا جو خون خرابي ٿيڻ کان بهتر سمجهي. ڪڇ جي ڳوٺ ”سُٿري“ (تعلقي ابڙاسي) طرف رهڻ کي ترجيح ڏني ۽ اُتي اچي رهيا. بقايه زندگي آخري دم تائين ڳوٺ ”سُٿري“ کي ئي پنهنجو مسڪن بڻايو ۽ الله تعاليٰ جي عبادت ۾ مشغول ٿي ويا.
    مولانا محمد صادق ٺٽوي جهڙي عالم: مخدوم صاحب کي هڪ خط ۾ ”جامع اڪمالات بديع السجايا“ ۽ وري ٻئي خط ۾ ”معدن الفضائل الجلية منبع الڪمالات المعنويه الاخ في الله شيخ عبدالله“ ڪري ساراهيو آهي. مخدوم محمد زمان لواري ۽ مخدوم عبدلله ”نرئي“ واري جي به پاڻ ۾ خط ڪتابت ڪافي هئي.
    مخدوم عبدالله ڪافي ڪتاب ترتيب ڏنا. جيڪي پوين وٽ موجود آهن. ڪجهه ڪتابن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو.
    ڪنز العبرت، قمر المنير، بدرالمنير، نور الابصار، خرينه اعظم، تفسير يوسف، هفت بهشت، غزوات، خزية الابرار، شجاعت سيد الانام خلفاءِ راشدين، سنڱ نامو، ايمان مجحل ۽ مفصل، نڪاح جي ترتيب ۽ ورثو. ڪتابن ۾ شمار ٿين ٿا.
    مخدوم عبدالله ”نرئي“ واري بزرگ تقريباً 88 سالن جي ڄمار ۾ 37/1236 هجري بمطابق 1821ع ۾ موڪلاڻي ڪئي. سندس آخري آرام گاهه ڪڇ طرف ڳوٺ ”سٿريون“ ۾ آهي.

    مددي ڪتاب
    1. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي دؤر ۾ تصوف جا سلسلا: ڊاڪٽر عابد مظهر 2012ع
    2. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي سوانع حيات ۽ علمي خدمتون: ڊاڪٽر عبدالرسول قادري سال 2006ع
    3. مقالات خانائي: ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي: سال 2006ع
    4. هي جڙ اسانهين: ڊاڪٽر اسد جمال پلي:


    شهيد مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي رحه (1152هه-1192)

    ڀلاري بزرگ:مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي جا وڏا جيسلمير مان لڏي اچي شاهه ڳڙهه ۾ رهيا. ڪجهه عرصو رهڻ بعد سنڌ جو رخ ڪيائون ۽ پهرين پهرين اچي راڻيپور جي بستي ۾ وارد ٿيا. خيرپور رياست جي شهر راڻيپور ۾ مخدوم سعد الله مڱريو جي گهر ۾ عبدالرحيم گرهوڙي جي پيدائش ٿي. پيدائش جو سال 1152 هجري مطابق 1739ع آهي. اِها تصديق (شمس العلماءَ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو ڪلام گرهوڙي ص -14) روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو- سال 2005ع ) ۾ ڪئي آهي. عبدالرزاق راز ۽ ڊاڪٽر عبدالرسول قادي به ”راڻيپور“ جنم هنڌ ڄاڻائين ٿا جڏهن ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پيدائش جو هنڌ ”واڙ“ تعلقو کپرو ضلعو سانگهڙ ڄاڻايو آهي. جيڪو گهڻي ڀاڱي صحيح نه آهي.
    مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي جو والد صاحب راڻيپور جي سرزمين ڇڏي اچي ميرپور خاص جي علائقي ۾ رهيا. گرهوڙي صاحب ظاهري علوم ميرپورخاص ۾ اچڻ بعد حاصل ڪيو. چوٽيارين جيڪو هڪ علم جو هڪ وڏو مرڪز هو. ميين محمد مبين (جنم 1100 هري) وٽان ظاهري تعليم جون سڀ منزلون حاصل ڪيون ۽ سڀني کان اصول توڙي فروغ ۾ گوءِ کڻي ويو.
    پاڻ ظاهري علومن سان آراسته هوندي به هميشه باطن ڏي مائل هوندو هو ۽ خواهش هوندي هُيس ته ڪو باڪمال روحاني بزرگ ملي ته اُن جو دامن وٺان. هڪ روايت موجب ته پاڻ ٻارنهن مهينا شاهه عنايت الله صوفي رحه جي خاص خليفي ميان ابن سمي ”اوڙاهه“ جي صحبت ۾ جهوڪ شريف تي گذاريائين ۽ وٽانئس گهڻو فيض پرايائين. آخر ۾ خليفي ابن سمي گرهوڙي صاحب کي چيو ته. ”اسان کان جيڪو پڳي سا ڪئي سون. هاڻ لنواري شريف وڃو، جتي اوهان جي عقده ڪشائي ٿيندي.
    گرهوڙي صاحب لنواري جي بزرگ سلطان اولياءَ خواجه محمد زمان لنواري جي خدمت ۾ رهي گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو ۽ بيعت به ڪئي جن مٿس روحاني راز پلٽيا ۽ فرمايائونس ته: اهو سڀ قطب آهي“. گرهوڙي صاحب حضرت سلطان اولياءَ جو وڏو خليفو هو. زماني جي عجائبين ۽ بي نظير هستين مان ٿي گذريو آهي. اُن بعد کيس پنهنجي وطن ڏانهن موٽي وڃڻ جو امر ٿيو ۽ پاڻ اچي ميرپورخاص ۾ رهيو. گرهوڙي صاحب علم جي زيور سان ايترو ته سينگاريل هو. ”جو سنڌ جو وڏو جيد عالم سڏيو ويو“. وڏا وڏا عالم فاضل ۽ فتوائون ڏيندڙ به نالو ٻڌي حيران ۽ پريشان ٿي ويندا هئا. پاڻ سموري زندگي دين اسلام جي خدمت ڪندي گذاري ۽ سدائين دل ۾ شهادت جي تمنا هوندي هئي. ڪٿي ڪو غلط ڪم ٿيندي ڏسندا هئا ته اُتي جو اُتي اُن جون پاڙون پٽي ڇڏيندا هئا.
    خيرپور رياست جي ٿرواري علائقي ۾ مهاڏيو جي مڙهي هئي. اِنهي مڙهي جو بنياد 500 هجري مطابق 1107ع ۾ پيو. ٻارهين صدي هجري جي آخر ۾ مهاڏيو جي مڙهي جو مهنت سوامي دت گرنالي هو. جو پنهنجي ننڍي ڀاءُ گرت گر جي حمايت سان وڏي هستي رکندو هو. گرهوڙي صاحب کي جڏهن غلط ڪمن جي سُڌ پيئي پاڻ لنواري واري رستي ويندي ڪن دوستن کان ٻڌو ته ان مڙهي تي اڳي کان به وڌيڪ غلط ڪم ٿي رهيو آهي. سوچيائين ته ”بتخانو ڊاهڻ ضروري آهي“. حاضرين مان هڪ درويش کي خواجه گُل محمد صاحب ڏي موڪليائين ته وڃي احوال پهچائي ۽ پاڻ پوئتي موٽيو. انهي درويش خواجه صاحب جي حضور ۾ پهچي عرض ڪيو ته گرهوڙي صاحب مون کي اماڻڻ وقت هيٺيون بيت روئي پڙهيو:
    جنهن ڪن ٽوپايا ڪوڏ مان، تنهن کي ڪڄاڙو؟
    ماڻس ستاڙو، پڻس نالو ڪين ڪي.
    خواجه صاحب سنيهو سُڻي، ڏاڍو افسوس ڪيو ۽ فرمايائون ته ”حضرت گرهوڙي پنهنجي عمر جي پُڄاڻي ڏٺي آهي“.
    گرهوڙي صاحب وڏي آواز سان ”آهي ڪو غازي جو جهاد في سبيل الله ۾ سر ڏيئي“. ايُانڪ نَعبُدُ و اياڪ نستعين“ جا نعرا هڻڻ لڳو. گرهوڙ کان پهرين منزل ”رڪُن ڍليار“ وٽ ڪيائون جو کپري کان 5 ميل اوڀر ۾ آهي. اتي ٿيٻن وٽ ”سرينهن“ جي وڻ هيٺ ٺاريائون. مارو ۽ الياس ٿيٻو ٻئي ڀائر جهاد لاءِ تيار ٿيا. الياس کي گهر جي سار سنڀال لاءِ ڇڏيائون. مارو کي ساڻ کنيائون، راڙ جي سيدن ۾ آيا. پر سيدن هلڻ کان انڪار ڪيو. ڪامل نالي ڪوري ساٿ ۾ شامل ٿيو. آخرڪار راڙ کان رڙهي اچي مهاڏيو جي مڙهي کي ويجهو ٿيا. سامي ۽ سندس ڀاءُ گرت گر مڙهي جا اڳواڻ سنڀاليندڙ هئا. گرهوڙي صاحب جا چار ئي شرط ”سامي“ قبول ته ڪيا. مجاهدن ۽ هندن جي لڙائي شروع ٿي وئي. گرهوڙي صاحب ”اياڪ نعبُدُ واياڪ نستعين“ واري آيت پئي دُهرائي. ايتري ۾ سامي دت گر ڪاري گهوڙي تي چڙهيل ڪٽاري چيلهه سان ٻڌل ۽ نيزو هٿ ۾ لشڪر اڳيان گهوڙي کي ٽپائيندو ڪڏائيندو نظر آيو. رامڻ ٽالپر جي بندوق سان سامي گهوڙي تان ڪريو. پر هڪ ٽنگ رڪيب ۾ ڦاسي پيئي. 72 مسلمانن انهي لڙائي ۾ حصو ورتو. دشمن جا ڪي ماڻهو جن ۾ لکاني چانهين گرهوڙي صاحب تي بندوق ڇوڙي پر بندوق ڦاٽي پيئي. بندوق اڇلي بڙڇيون هنيائين. ستابي گجو ترار جا ڌڪ هنيا. هنڱورئي ۽ راڄڙ مٿس ڪهاڙين جي وار ڪئي.
    مارو ٿيٻو جڏهن هي حال ڏٺو تڏهن ڊوڙندو ڊوڙندو ”ابو ابو“ ڪري گرهوڙي جي مٿان اچي پيو ۽ انهن ساڳين نامرادن کيس ترار هڻي ماري وڌو. گرهوڙي صاحب ايڏن زخمن هوندي به ٽي ڏينهن جيئرا رهيا. سامي جي لشڪر تي اهڙي راهي مصيبت ڪڙڪي جو سڄو لشڪر ناس ٿي ويو ۽ گرهوڙي صاحب جا ڪيترائي ماڻهو شهيد ٿي ويا. پاڻ پنهنجي لشڪر کي حُڪم ڏنائون ته مڙهين کي ڊاهيو ۽ بُتن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو. پوءِ انهي جاءِ تي مسجد ٺهرايائون.
    گرهوڙي صاحب جي شهادت جو واقعو 1192 هجري 1778ع ۾ پيش آيو. سندس لاش مبارڪ کي (گرهوڙ شريف) جي زمين ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. شهادت وقت عمر مبارڪ 40 سال هئي.
    مهاڏيو جي مڙهي واري شهر جو نالو مٽائي. ”دينپور“ رکيو ويو. اُتي جا مجاور اڃان به گرهوڙ درگاهه تي ايندا آهن ۽ هر سال اُتان جي ”کجور“ نذراني طور کڻي ايندا آهن.
    مير احمد خان شاهاڻي مزار مٿان مقبرو جوڙايو. گرهوڙي صاحب ڪافي ڪتاب به لکيا ۽ شاعري ۾ به پاڻ اڳڀرا رهيا آهن، سندس شاعري سُرن تي مشتمل آهي.
    سُر ڪلياڻ، سريمن ڪلياڻ، سر رام ڪلي، سُر آسا، سُر بروو، سُر سسئي، سُر سهڻي، سُر مومل راڻو، سُر ڪاموڏ، سُر ڪيڏارو، سُر سارنگ، سُر رپ، سُر ڏهر، سُر ڪاپائتي، سُر پرڀاتي، سُر ڪارايل، سُر ڌناسري ۽ اڀيات متفرقه تي شاعري پنهنجا جوهر ڏيکاري ٿي.
    گرهوڙي صاحب جي لکيل ڪتابن ۾: فتح فضل (عربي) شرح ابيات (سنڌي-عربي) رساله گل نما (فارسي). مڪتوبات (فارسي) ۽ مجموعه رسائل (سنڌي)، هن مجموعي ۾ فقه، تصوف ۽ اخلاقيات جي موضوع تي ڄاڻ ڏنل آهي. حقيقت محمدي وغيره سرفهرست آهن.
    پاڻ شهنشاهه لطيف جي واکاڻ ٻڌندي ٻڌو ته لطيف جي بيتن ۾ قرآن شريف سمايل آهي. تڏهن پاڻ فرمايائون ته:
    آهي عبداللطيف تي، رضامندو رحمان،
    جوڙي جنهن قرآن، سنڌي ۾ صحيح ڪيو.
    چوٽيارين جي مدرسي ۾ ميين محمد مبين ڪيريو (وفات 1196 هجري) وٽ جڏهن شهنشاهه لطيف پهتو ته نوجوان عبدالرحيم گرهوڙي کي ڏسي، شهنشاهه لطيف پاڻ سان گڏ ويهاري رهاڻ رچائي ۽ موڪلائڻ محل گرهوڙي صاحب کي ”هڪ لٺ، هڪ ترار ۽ هڪ جمني“. جيڪا کيس هڪ کوهه مان ملي هئي. حوالي ڪيئي. پاڻ اِنهي ايراضي ۾ هڪ ڀٽ تي ويهي چلو ڪڍيو، جنهن جا نشان اڃان تائين موجود آهن. ”ترار ۽ جمني“ درگاهه جي گادي نشينن وٽ اڃان تائين موجود آهي.
    چون ٿا ته گرهوڙي صاحب پنج شاديون ڪيون. هڪ پٽ جي اولاد ٿيس جو ننڍي هوندي ئي گُذاري ويو. چار نياڻين جي اولاد ٿي. هڪ نياڻي پنهنجي ڀائٽي عبدالله کي پرڻائي ڏنائين. باقي ٽي نياڻيون سيد حاجي قطب علي شاهه، سيد پير شاهه ۽ سيد ڪرم علي شاهه کي پرڻائي ڏنائين. انهن نياڻين مان ئي سيد گهراڻو وڌيو. جو اڄ تائين گادي نشين سيد ٿيندا پيا اچن.
    ”ڪلام مان چونڊ“
    اچن جي اوطاقَ، مون سارِيندي سُپرين،
    مون جهڙي مشتاق، ڏِسيو لاهي ڏکڙا. (سُر بروو).

    ويهي تِير وَساءِ، ساڻيهِي سَڄَڻَ جا،
    سپَرَ سُورَ ڪنڍياءِ، مَرَڻُ باس ته مِير ٿِيين. (سُر يمن ڪلياڻ)

    پڙهيو سڀ وسار، وسريو الف ياد ڪر،
    ناحق ڪيم نهار، پنا ٻيا پرين لئي.

    حوالا:
    1. ڪلام گرهوڙي: شمس العلماءَ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو.
    2. ابيات سنڌي: شاهه مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي
    3. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي سوانع حيات ۽ علمي خدمتون ڊاڪٽر عبدالرسول قادري.
    4. فڪر لطيف: تنظيم فڪر و نظر سکر سنڌ
    5. مخدوم عبدالرحيم گهوڙي: سائين بخش تاج محمد قبولائي.
    6. جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري.


    باب چوٿون : شهنشاهه لطيف کان پوءِ جا بزرگ شاعر

    مهراڻي جو مير سيد راضي شاهه ”لڪياري“ (1167هه-1260هه)

    سيد راضي شاهه جي ولادت (1167هه-1754ع) ۾ دونهائو شريف ۾ ٿي. سندس اصل نالو سيد صالح محمد شاهه هو. والد صاحب جو اسم گرامي سيد نور شاهه هو. سيد راضي شاهه 8-9 سالن جو هو ته درويش: ابن فقير پلي پاڻ سان گڏ وٺي. ”کن“ جي خانن کي سدس جلال جي جلوي جي جهلڪ پَسائي. راضي شاهه وٽ حق گوئي جو اهو انداز ”درويش ابن فقير“ وٽان منتقل ٿيو ۽ هن بزرگ اُن جي بهتر نموني سنڀال ڪئي.
    هڪ دفعي سيد راضي شاهه مير صاحبن وٽ آيو. مير صاحبن وٽ راضي شاهه جي وڏي عزت هئي ۽ کيس وڏي عزت ڏنائون ۽ چاندي واري کٽ ڏياريائونس. ساڳئي ٽائيم تي اتفاق سان هڪ ٻيو سيد اچي پهتو جنهن کي مير صاحبن رواجي کٽ ڏياريائونس ۽ ڪچهري شروع ٿي ته مير صاحبن: راضي شاهه کان سوال ڪيو ته قبلا! مروان ڪنهن کي چئبو آهي. راضي شاهه جواب ڏنو ”وڏا مروان ته اوهين آهيو. جو ٻه اکيائي ڪئي اٿو. مون کي چاندي جي کٽ ۽ هن غريب سيد کي رواجي کٽ ڏياري اٿو“.
    مير صاحبن ”راضي شاهه“ کي چهنبدار ترار تحفي طور ڏني ۽ اتفاق سان جڏهن اها ترار گڏ هڪ کنيو پئي آيو ته اُن کان ڪري پئي. سيد راضي شاهه اها ترار کڻڻ کان منع ڪئي ۽ اتي ئي ڇڏي هليا آيا. سندس ڪريل شيءَ ڪڏهن به نه کڻندا هئا.
    راضي شاهه کي فيض ”پراڻ جي پيرن“ کان مليو. جيڪي فقير ۽ فيض جي لحاظ کان اڄ تائين مشهور رهيا آهن. سندس اهڙو انداز هن بيت مان ئي ظاهر ٿئي ٿو.
    هو والي ساريم وڳ جا، جن جو ناهه نظير،
    رسندا راضي شاهه چئي، ”پراڻ وارا پير“،
    فاقيواڻ فقير، ڪندا مهر ”موهر“ ۾.
    جوڳين جي اها دنيا اهڙي دنيا آهي جنهن ۾ ڪنهن ظاهري مقصد، طمع ۽ تمنا جو عمل دخل نه آهي. اهڙي دنيا کي راضي شاهه ”ابناس“ جو ويس ڍڪيندي هيئن فرمايو آهي.
    نڪي ڳولين ڳوٺ کي، نڪي پهر پڇن،
    نڪي سُوجهن سڄ کي، نڪي رُڄ رهن،
    اوطاقون ”ابناس“ ۾، اڏيون آديسين،
    ويٺاسي وِنجهلن، وَرنهه اِنهيءَ وِرونهه ۾.
    ڪڏهن ڪڏهن ويٺي ڏڪي ويندا هئا ۽ پنهنجي فقيرن کي فرمائيندا هئا ته: اُبا! هي دنيا فاني آهي، هر ڪنهن کي هتان هلڻو آهي، ان ڪري سدائين انهي سفر جي تياريءَ ۾ رهجي ۽ خدا جو خوف دل ۾ رکجي، روئي روئي ان جي اڳيان زاريون ڪجن!“
    سيد راضي شاهه سير سفر به ڪيو. سندس مچ ۽ تڪيا جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، نوابشاهه، بدين ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾ آهن. انهن مان ئي تڪيا هڪ نوشهروفيروز جي ڀر ۾ ٻيو حسن جو ڀاڻ ۽ ٽيون ڍير (نزد نئون ڪوٽ) تڪيا مشهور آهن.
    سيد راضي شاهه ذوالحج مهيني جي پهرين ڏهاڪي 1260هه مطابق 20 ڊسمبر جي لڳ ڀڳ 1844ع ۾ لاڏڻو ڪيو. کين تڪيئي ڀرسان دفن ڪيو ويو.
    راضي شاهه جو ڪلام (168) بيتن تي مشتمل آهي سندس ڪلام.
    1. سر ڪلياڻ، 2. سريمن ڪلياڻ، 3. سر سارنگ، 4. سر مارئي، 5. سر راڻو، 6. سر رام ڪلي، 7. سُر ليلان چنيسر، 8. سُر سامونڊي، 9. سُر ڪيڏارو، 10. سر سسئي، 11. متفرقه بيت 11 عدد-پاراتي جا 12 بيت 2 سرائيڪي بيت شامل آهن.
    سندس گڏ ڪيل ڪلام کي معمور يوسفاڻي (مهراڻي جو مير) جي نالي سان ترتيب ڏنو هو. جن کي نومبر 2010ع ۾ شايع ڪرايو ويو.

    1. الله اکين کان اوڏڙو، پسڻ کان پاڪ،
    اڏي ڪا نه اوطاق، رهي هميشه هر جاءِ ۾. (سُر ڪلياڻ).

    2. لِمون لوڌي ڇڏيو، مائٽن ماري،
    سپڙ سُڌاري، ڏکيو ڏوليءَ چاڙهيو. (سُر بلاول).

    حوالا: 1. ڪتاب مهراڻي جو مير: مرتب معمور يوسفاڻي نومبر 2010ع
    2. جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري 2004ع.


    حضرت سيد محمد راشد (روضي ڌڻي) جيلاني رحه (1170هه- 1233هه)

    حضرت سيد محمد راشد (روضي ڌڻي) جي ولادت 6 رمضان المبارڪ 1170 هجري مطابق 25 مئي 1757ع ۾ ٿي. والد صاحب جو اسم گرامي سيد بقا محمد شاهه هو. پاڻ قادري طريقي سان منسلڪ هئا ۽ مخدوم محمد اسماعيل پريالوءِ واري جو خاص خليفو هو. سيد بقا محمد شاهه
    (1135هه-1198هه) 63 سالن جي عمر ۾ واٽ ويندي چورن هٿان شهادت ماڻي.
    روضي ڌڻي جي فيض عام ڪري سکر ضلعي جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ روحانيت ۽ معرفت جا چشما ڦٽي نڪتا: چنانچه: ”ڪنگري“ مان ”سوئي“ سيراب ٿي. ۽ ”سوئي“ مان ”ڀرچونڊي“ ڀرجي نڪتي. ۽ ڀرچونڊي مان ”امروٽ“ ضلعي سکر ۾ ۽ ”دين پور“ سابق رياست بهاوالپور علم ۽ عرفان جا مرڪز بڻيا.
    سيد محمد راشد (روضي ڌڻي) رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ ٿڃ نه وٺندا هئا. جنهن جي ڪري (روضي ڌڻي) مشهور ٿيا. جڏهن سندن مزار مبارڪ تي گُنبذ جي تعمير ٿي. ۽ روضو شريف بڻجي ويو. ته ماڻهن کين ”روضي ڌڻي“ يعني ”صاحبِ روضه“ جي نالي سان ياد ڪرڻ لڳا.
    پاڻ اڃا ٻنڌڻن ۾ ئي هئا ته مخدوم محمد اسماعيل (پريالوءِ) اُتي آيا. سندن والد سيد محمد بقاءَ شاهه پنهنجي صاحبزادي کي دُعا ڪرڻ لاءِ مخدوم صاحب اڳيان پيش ڪيو. پاڻ نه رڳو خوش ٿيا پر بي اختيار هي چئي ڇڏيائون ته ”هي اُهو ٻار آهي جنهن کان دنيا جو گهڻو حصو فيضياب ٿيندو“.
    حضرت سيد محمد راشد (روضي ڌڻي) شروعاتي تعليم پنهنجي والد سيد بقاءَ محمد شاهه کان حاصل ڪئي. قرآن پاڪ جي تعليم حافظ زين الدين مهيسر کان ورتي. قرآن پاڪ جي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ کين فقير الله علوي شڪارپور جي مدرسي ۾ داخل ڪرايو ويو. وڌيڪ تعليم لاءِ ڪوٽڙي ڪبير ۾ مخدوم يار محمد وٽ عربي جي تعليم حاصل ڪئي. ڪجهه وقت لاءِ کهڙن جي بزرگ مخدوم احمدي وٽ به تعليم حاصل ڪيائون ۽ بعد ۾ ڳوٺ آريجا (لاڙڪاڻي) ۾ حضرت مولانا محمد آريجويءَ وٽ داخل ٿيو.
    پاڻ جڏهن ”ڪوٽڙي ڪبير“ ۾ طالب علمي جو زمانو گذاري رهيا هئا ته سندن والد پاڻ اچي پهريون نقشبندي ۽ پوءِ قادري طريقي ۾ داخل ڪيو. سيد محمد راشد (روضي ڌڻي) نقشبندي سلسلي جي بزرگن ۾ حضرت امام رباني مجدد الف ثاني رحه ۽ قادري طريقي جي رهبر حضرت محبوب سبحاني سيد عبدالقادر جيلانيءَ سان پنهنجو روحاني رشتو قائم ڪيو. سندن اولاد ”راشدي“ جي نالي سان مشهور آهي. سندس جو خاندان علم و فضل، شرافت ۽ وجاهت جي لحاظ کان سنڌ جي نامياري خاندان ۾ سڃاتو وڃي ٿو.
    سيد محمد راشد (روضي ڌڻي) جو نسبي سلسلو (36) پيڙهي ۾ سيدنا حضرت علي ڪرم الله وجهه سان ملي ٿو، اڳ ۾ جيڪي گادي نشين گذريا تن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو.

    ”پاڳارا پيرن جي گادي جو سلسلو“

    1. پير سيد صبغت الله شاهه رحه ثاني عرف (راجا سائين)
    2. پير سڪندر علي شاهه رحه عرف (شاهه مردان شاهه ثاني)
    3. پير صبغت الله شاهه ثاني رحه عرف (سورهيه بادشاهه)
    4. شاهه مردان شاهه اول رحه ”المقلب“ (ڪوٽ ڌڻي).
    5. علي گوهر شاهه ثاني رحه المقلب (محفه ڌڻي).
    6. جزب الله شاهه رحه المقلب (تخت ڌڻي).
    7. علي گوهر شاهه اول رحه المقلب (بنگلي ڌڻي).
    8. پير صبغت الله شاهه اول رحه المقلب (تجر ڌڻي).
    9. پير سيد محمد راشد رحه المقلب (روضي ڌڻي).

    سيد محمد راشد (روضي ڌڻي) جا اٽڪل يارنهن سئو خليفا هئا. جيڪي مختلف جڳهن تي خانقاهون قائم ڪري رشد ۽ وهدايت سان گڏوگڏ تصوف جي تند تنواريندا رهيا.
    حضرت پير سيد محمد راشد (روضي ڌڻي) جمع جي ڏينهن پهرين شعبان 1233 هجري مطابق 6 جون 1818ع ۾ هن جهان مان موڪلاڻي ڪئي ۽ جسم مبارڪ کي ”رحيمڏنو ڪلهوڙو“ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. پوءِ علي گوهر شاهه ”اصغر“ سندن ۽ پنهنجي والد سيد صبغت الله شاهه جي پيتي قبرن مان ڪڍرائي ڪري موجوده ”ڪنگري“ جي مقام تي دفن ڪرايو. جيڪو هاڻي ”پير ڳوٺ“ جي نالي سان مشهور آهي.
    حضرت سيد محمد راشد ”روضي ڌڻي“ کي ارڙهن فرزند پيدا ٿيا. اُنهن مان چار فرزند سندن حياتي ۾ گذاري ويا. باقي چوڏهن صاحبزادن جا نالا هيٺ بيان ڪجن ٿا.
    1. سيد صبغت الله شاهه، 2. پير محمد شاهه، 3. پير هدايت الله شاهه، 4. پير محمد ياسين شاهه، 5. پير محمد بقاء شاهه، 6. پير محمد صادق شاهه، 7. پير محمد شاهه، 8. پير حامد شاهه، 9. پير محمد اسماعيل شاهه، 10. پير مهدي شاهه، 11. پير محمد احسن شاهه، 12. پيرغلام محي الدين شاهه، 13. پير مبارڪ شاهه، 14. پير شاهنواز شاهه سندن فرزند ارجمند هئا.....
    پير سائين روضي ڌڻي جي وصال کان پوءِ سندن فرزند، سيد صبغت الله شاهه (اول) مسندنشين ٿيو. پاڻ (خليفه الله) جي خطاب سان مشهور هئا.
    پير سائين ”روضي ڌڻي“ پنهنجي گفتگو ۾: ”شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ ۽ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ کي سڪ سان ياد ڪندا هئا“. ۽ سندن بيت محبت سان پڙهندا هئا. هڪڙي ڏينهن مريدن مان ڪنهن شخص سندن حضور ۾ شاهه ڀٽائي ۽ گرهوڙيءَ فقير بابت عرض ڪيو ته: ”ڪهڙي طرح هئا“؟
    پير سائين فرمايو ته: ”شاهه صاحب کي عشق ۽ محبت ۽ طلب جو بيحد شوق گهڻو هو“. ۽ ”گرهوڙي بزرگ وري حقيقت ۽ اسرار جا درياهه هئا“.
    سيد محمد راشد (روضي ڌڻي) سنڌ جو پهريون وڏو عالم ۽ قادري طريقي جو اڳواڻ هو. جنهن سڀ کان اڳ ”شهنشاهه لطيف“ جي بيتن ۾ سمايل عارفانه فڪر کي سڃاتو ۽ اُنهن کي اهميت ڏيندي پنهنجي وعظ ۽ نصيحت ۾ بيان ڪيو.
    سيد محمد راشد ”روضي ڌڻي“ جي ”ملفوظات شريف“ پنهنجي اصلوڪي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿي. فاضل مترجم فقير قربان علي جي تحقيق موجب. ”ملفوظات شريف“ جي ڇهن حصن ۾ ”اڻويهه سئو يارنهن“ روايتون آهن. چار مڪتوب خط، پنج وقتي وظيفا ۽ وصال بابت هڪ فصل شامل آهن. سڀ کان وڌيڪ روايتون ڪڙئي گنهور واري وڏي خليفي فقير محمود نظاماڻي جون بيان ڪيل آهن. جن جو تعداد (1093) آهي.
    خليفو محمود نظاماڻي ملفوظات شريف ۾ لکي ٿو ته: ”مان درگاهه مبارڪ تي هوندو هئس. جڏهن فقيرن جون جماعتون ڪيترن طرفن کان اينديون هُيون ته کين ڏسڻ سان ”پير سائين“ جن کي شوق ۽ ذوق غالب ٿيندو هو. منهن مبارڪ ڳاڙهو رتيءَ ورن ٿي ويندو هو. فقيرن کي وجد ۽ جوش اچي ويندو هو ۽ منجهن روڄ پئجي ويندو هو. پاڻ انهي وقت هي سنڌي بيت فرمائيندا هئا:
    ڀلي ڪئي ڀؤنرن، جي واس وٺڻ آئيا،
    تنين کي ڪونرن، ڏنا هنڌ هيانو ۾.
    حضرت سيد محمد راشد ”روضي ڌڻي“ جي شعر جون چند سٽون هيٺ ڏجن ٿيون.
    جان جان جوءِ نه پسن، جنهن لاءِ جوڳي ٿيا،
    تان تان ڪاپڙين، ورهه وهامي راتڙي.

    آگم ڪيو اچن، سڄڻ ساوڻ مينهن جيان،
    پاسي تن وسن، جي سڀ ڄماندر سڪيون.

    مددي ڪتاب:
    1. سنڌ جا بَرَ، بَحَرَ ۽ پهاڙ: غلام رباني آگرو: 1997ع.
    2. خانقاهه ڀرچونڊي شريف جي ادبي تاريخ: ڊاڪٽر الهوسايو سومرو. 2015ع.
    3. جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهور 2004ع.
    4. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي سوانع حيات ۽ علمي خدمتون: ڊاڪٽر عبدالرسول قادري
    5. شاهه جو رسالو شاهه جو ڪلام جلد پهريون: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ: 1989ع ص 59


    حضرت سيد محمد حسن شاهه جيلاني (1193هه- 1253هه)

    حضرت سيد محمد حسن شاهه جيلاني جي ولادت 1193 هجري مطابق 1779ع ۾ ٿي. پاڻ شرقپور (شاهن جي وستي) جا رهاڪو هئا. سندن وڏا شاهدر لڳ ”لاهور“ جي نزديڪ رهن ٿا. پاڻ ”سوئي شريف“ جي مشهور خانقاهه جا باني آهن. هي مشهور خانقاهه تعلقي ڏهرڪي ضلعي گهوٽڪي ۾ واقع آهي.
    سيد محمد حسين شاهه جيلاني جڏهن سمجهدار ٿيا ته مُرشد جي تلاش ۾ ملتان شريف، اُچ شريف، بغداد شريف ۽ مڪي شريف کان مديني شريف پهتا. اُتي کين خواب ۾ سهڻي نبي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جي زيارت نصيب ٿي ۽ کين سيد محمد راشد (روضي ڌڻي) ڏانهن وڃڻ لاءِ حڪم مليو. حضرت سيد محمد راشد (روضي ڌڻي) سيد محمد حسن شاهه جيلاني لاءِ فرمايو ته:
    ”ڪجهه خلفائن کي اُنهن جي خواهش مطابق خلافت ڏني ويئي، ڪجهه کي مون پاڻ پنهنجي مرضيءَ سان خلافت عطا ڪئي ۽ ڪجهه کي الله تعاليٰ جو حڪم مليو ته اُنهن کي خلافت ڏيو. هي پنجابي سيد (حضرت محمد حسن شاهه جيلاني) منهنجي خليفن مان هِن ٽئيي نمبر گروهه سان واسطو رکي ٿو.
    حضرت سيد محمد حسن شاهه جيلاني پنهنجي مُرشد حضرت محمد راشد (روضي ڌڻي) کان فيض وٺي. حُڪم ملڻ سان (سوئي شريف) آيا. اُن وقت شرڪ ۽ بدعت عروج تي هئي ۽ ٻئي طرف انگريزن جي قابض ٿيڻ ڪري مسلمانن جي اخلاقي ديني ۽ روحاني حالت ابتڙ هئي. پاڻ ان حالت ۾ دين محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جي آبياري جو ڪم شروع ڪيو: سيد محمد فاروق القادري جي بقول ته حضرت سيد محمد حسن شاهه جيلاني (مائي سوائي) جي درخواست تي پنهنجي مُرشد جي حُڪم تي 32/ 1231 هجري ۾ هن جاءِ تي قدم رکيو. (ص 57، 2005ع).
    حضرت سيد محمد حسن شاهه جيلاني جو نسبي سلسلو (25) پيڙهي ۾ سيدنا محي الدين شيخ عبدالقادر جيلاني رحمة الله عليه سان ملي ٿو. پاڻ شريعت جا پابند، صاحب تقويٰ وزهد ۽ عارف باالله هئا. دين جي تبليغ لاءِ اڪثر سفر ڪندا هئا.
    روحاني خدمتن ۾: قرآن مجيد جي تعليم، قرآن مجيد جا حافظ پيدا ڪرڻ، ماڻهن کي راهِه حق ڏيکارڻ، غير شرعي عملن کان نفرت ۽ جهاد ڪرڻ، نشي آور شين کان پرهيز ڪرڻ شامل آهن.
    ”سيد احمد شاهه بريلوي سِکن سان جنگ جوٽڻ لاءِ مالي اخلاقي ۽ افرادي مدد وٺڻ لاءِ درگاهه سيد محمد راشد (روضي ڌڻي) تي آيو. ڪجهه ڏينهن قيام ڪرڻ کان پوءِ سيد محمد حسن شاهه جيلاني وٽ ملاقات ڪرڻ لاءِ ”سوئي شريف“ آيو ۽ ڪجهه وقت رهيو.
    حضرت حافظ محمد صديق (ڀرچونڊي شريف) جا بزرگ به حضرت سيد محمد حسن شاهه جيلاني جي خليفن مان ذڪر لائق آهن. سندس جي ئي ڪوششن سان درگاهه ”سوئي شريف“ آباد رهندي ٿي اچي ۽ گادي نشين ”سانول سائين“ جي شادي ڪرائي ۽ اهڙي ريت سانول سائين جو اولاد پيڙهي به پيڙهي درگاهه (سوئي شريف) جو مسندَ نشين ٿيندو پيو اچي.
    حضرت سيد محمد حسن شاهه جيلاني باني (سوئي شريف) جن جو وصال رات جي وقت 26 ذوالقعد 1253 هجري مطابق 27 فيبروري 1838ع ۾ ٿيو.
    (جڏهن ته سيد محمد فاروق القادري ۽ ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي: وصال جي تاريخ 26 زوالقعد 1254 هجري بمطابق 1888ع. تحرير ڪئي آهي) هجري سن ۽ تاريخ جي حساب سان عيسوي سن 1839ع بيهڻ گهرجي. ٿي سگهي ڇپائي جي غلطي ڪري 1838ع جي جاءِ تي 1888ع لکيو ويو آهي.

    حوالا:-
    1. خانقاهه ڀرچونڊي شريف جي ادبي تاريخ: ڊاڪٽر الهوسايو سومرو: سال 2015ع، ص 54، 55، 56، 57.
    2. جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري 2004ع.


    پير محمد اشرف شاهه (ڪامارو شريف) (1214هه- 1277هه)

    پير محمد اشرف شاهه قريشي هڪ سٺو بزرگ شاعر ٿي گذريو آهي. پير غوث محمد شاهه جي گهر ۾ سن 1214 هجري مطابق 1799ع ۾ تعلقي ٽنڊي باگي جي ڳوٺ ڪرم خان جمالي ۾ اک کولي. پاڻ قرآن پاڪ پڙهڻ بعد ابوالحسن جي سنڌي کي به مطالعي هيٺ رکيو. والد صاحب جيان پاڻ به هالن جي سيد محسن شاهه جو ارادتمند ٿيو.
    پير محمد اشرف شاهه جڏهن به سفر جي تياري ڪندا هئا ته پهريان ڪنگري ۾ پير صاحب پاڳاري جي خاندان سان سُٺا تعلقات هئا. اُتان روح رهاڻيون ڪري روهڙي ۾ فقير قادربخش بيدل جهڙي ڀلاري بزرگ سان به گفتگو ڪري اچي لوءِ صاحبان ۾ ٿڪ ڀڃيندا هئا، ڀرچونڊي شريف ۾ به روحاني ۽ صوفياڻي محفلن جا حوالا ملن ٿا. ڀرچونڊي شريف ۾ سندن ڪافيون، مداحون وڏي شوق ۽ ذوق سان ڳائجن ۽ ٻڌجن ٿيون. پاڻ ڀرچونڊي شريف کان ٿيندا. رياست بهاوالپور جو رخ ڪندا هئا ۽ ملتان شريف تائين پنهنجي سفر کي جاري رکندا هئا. بهاوالپور جي نواب محمد صادق اول سندس 700 ايڪڙ زمين نذراني طور ڏني.
    انهي سفر دوران ڪافي ماڻهو مريد ۽ معتقد بڻيا. سندس ڪلام ۾ رب جي رضا تي راضي رهڻ جو سبق سمايل آهي. پاڻ پنهنجي شاعري ۾ شهنشاهه لطيف وانگر (وحدت الوجود) جو ذڪر به ڪيو اَٿس. سندس هڪ ڪافي جيڪا پاڻ پنهنجي جوان پٽ جي شهادت تي چئي هئائين:
    ڪافي: مڃ عاشق تون، برسر جيڪا رب جي رضا.
    1. ٿي شاڪر ڪر شڪر جا بڻي سا بڻي،
    سا سڀوئي حق جا واحد کي وڻي،
    رهه سدائين خوش تر، ماڻ صبر جا مزا.
    (1230هجري 1815ع) ۾ والد پير غوث محمد شاهه جڏهن ”بڪيرا“ تعلقي ٽنڊي الهيار ۾ وفات ڪئي ته کيس جنازي کي آڻي ”ڪاماري“ ۾ آندو ويو ۽ اُتي ئي دفن ڪيو ويو. پنهنجي جوان پٽ کي جڏهن ڳوٺ ”راڄو نظاماڻي“ ويجهو شهيد ڪيو ويو ته پاڻ قاتلن کي خون معاف ڪري پنهنجي پٽ کي به ”ڪاماري“ جي زمين ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو. انهن ڀلارن بزرگن جي ڪري ئي ”ڪاماري“ مان ”ڪامارو شريف“ سڏجڻ لڳو ۽ پاڻ ڪاماري شريف ۾ باقي زندگي جا ڏينهن الله تعاليٰ جي عبادت ڪندي گذاريا.
    پير محمد اشرف جي والده جو مقبرو تعلقي ٽنڊي باقي جي ديهه ”مينا“ ۾ آهي. پير محمد اشرف شاهه هڪ ڪامل ولي ۽ بزرگ کان علاوه پاڻ ڪافي مولود ۽ مداح جا بهترين شاعر هئا. سندن چيل ڪلام کي 1914ع ۾ حاجي پير خان محمد قريشي ”خانقاهه ڪامارو شريف“ پاران ڇپرائي پڌرو ڪيو.
    ڪاماري شريف جي هن قادر الڪلام شاعر بزرگ آچر جي رات عشاءَ وقت 14 ربيع الاول 1277 هجري مطابق 30 سيپٽمبر 1860ع تي هن ڌرتي کي خيرآباد چئي موڪلاڻي ڪئي. کيس ٽنڊوالهيار جي ”ڪامارو شريف“ جي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
    پير محمد اشرف کي هڪ نياڻي جي اولاد هئي. جنهن جي شادي پاڻ پنهنجي عزيز پير جان محمد سان ڪرائي هئي. وفات کان پوءِ پير جان محمد (درگاهه) جا گادي نشين مقرر ٿيا ۽ مسجد جو ڪم به ڪرايو. پير محمد اشرف 1263 هجري 1847ع ۾ مسجد جي تعمير ڪرائي هئي ۽ وقتن باوقتن مسجد جو ڪم ٿيندو رهيو. پير حاجي جان محمد، مسجد ۽ حال جو اضافو ڪري 1324 هجري ۾ اِهو ڪم مڪمل ڪرايو.

    حوالا:-
    1. تذڪره مشاهير سنده: مولانا دين محمد وفائي. سال 1991ع.
    2. خانقاهه ڀرچونڊي شريف جي ادبي تاريخ: ڊاڪٽر الهوسايو سومرو (Ph.d ٿيسز: سال: جنوري 2015ع ص 222، 223، 224، 225).
    3. جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري: 2004ع


    سائين بچل شاهه (1222هه-1321هه)

    بزرگ بچل شاهه جي پيدائش 1222هجري، بمطابق 1807ع ۾ مانجهند ضلعي دادو ۾ ٿي. فارسي ۽ عربي جي تعليم اندر ۾ سمايل هيس جيڪا حاصل ڪيائين. عبادت ۽ رياضت ۾ لاڙو ننڍي هوندي کان ئي هوس. مانجهند ۾ تصوف ۽ ويدانيت جو ڏاڍو زور هو. بچل شاهه درويشين ۽ سنتن جي صحبت جو ڏاڍو پياسي هو. تنهن ڪري اها گفتا ٻڌي شهر ڇڏي جهنگ جو راهي ٿيو.
    ڪجهه وقت جهنگ ۾ عبادت ڪرڻ کان پوءِ سير سفر جو شوق جاڳيو. هند ۽ سنڌ جو ڪافي سفر ڪيائين. سفر ڪندي ڪشمير پهتو، جتي (ڄمون) شهر ۾ الف شاهه نالي هڪ درويش بزرگ سان روح رهاڻ ٿي. الف شاهه جيڪو پهريان ڪشمير جي راجا جي فوج ۾ سپهه سالار رهي چڪو هو. پوءِ سڀ ڪجهه ڇڏي فقيري جو رستو اختيار ڪيائين، ڪجهه عرصو رهڻ کان پوءِ مرشد جي حڪم موجب سکر آيو ۽ سکر اچي باقي زندگي جا ڏينهن عبادت ۾ گذارڻ لڳو. پري پري کان سندس عقيدتمند وٽس اچڻ لڳا، مسلمانن کان علاوه هندو به ڪافي تعداد ۾ وٽس ايندا هئا.
    پهرين وقت ۾ وٽس سماع جون محفلون به ٿينديون هيون. خيرپور جي والي مير علي مراد خان (لب تاريخ سنڌ) جي مصنف خدا داد خان پٺاڻ جي ساڻس بيحد عقيدت هئي.
    اُن وقت جي بزرگن ۽ درويشن سان ڪافي روح رهاڻيون ڪيائين، سندس صحبتن مان جان الله شاهه ٽيون (حضرت بيدل سائين جو مرشد) حضرت قادر بخش بيدل ۽ سندس فرزند بيڪس جا نالا قابل ذڪر آهن. ولايت راءِ ۽ شش جيوت سنگهه جيڪي قمبر (لاڙڪاڻي) جا رهواسي هئا. وقتن بوقتن اچي روح رهاڻيون ڪندا هئا.
    بچل شاهه هڪ اعليٰ درجي جو شاعر پڻ هو. جڏهن جوش ۽ جذبي ۾ اچي ويندو هو. شعرن جا شعر چوندو ويندو هو، جيڪي ڄڻ پهريان ئي ياد هئا. شاعري جو تعداد ته تمام گهڻو هو. پر ضايع ٿي ويو. سندس ڪلام ۾ تمام سهڻي نموني تصوف جا نڪتا سمايل آهن. پاڻ وحدت الوجود جو قائل هو.
    بچل شاهه هڪ صدي جو ڊگهو عرصو زندگي ماڻي. 3 مئي 1906ع 9 ربيع الاول 1324هجري ۾ سندس هميشه لاءِ موڪلاڻي ڪئي. سندس آخري آرامگاهه سکر ۾ اولهه طرف سکر بئراج جي لڳ بچل شاهه مياڻي نالي ڳوٺ ۾ آهي. پاڻ انهي سر زمين کي ”پريم ننگر“ ۽ ”حيات ننگر“ جو نالو ڏنائين. بچل شاهه جي مزار مٿان عاليشان قبو ٺهيل آهي، درگاهه درياءَ جي ڀرسان آهي. مزار سامهون انبن جا وڻ آهن. انگريزن جي دؤر ۾ پاڻ ان جڳهه کي اهڙو ته پيار ۽ قرب ڏنو جو اها جاءِ پهريان ( مياڻي) نالي سان سُڃاتي ويندي هئي. پوءِ (بچل شاهه مياڻي) جي نالي سان سڏجڻ لڳي. جيڪا اڄ ڏينهن تائين (بچل شاهه مياڻي) نالي سان مشهور آهي. دُعا آهي ته سونهاري سنڌ مٿان انهن بزرگن ۽ درويشن جا سايا مٿان قائم و دائم رهن. (آمين)

    مددي ڪتاب:
    1. تذڪره شعرا سکر: (ميمڻ عبدالمجيد سنڌي)
    2. ڳالهيون مُنهنجي سنڌ جون) ليکڪ شوڪت خواجائي، سال 1999ع).
    3. جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري 2004ع.


    خوش خير محمد فقير هيسباڻي (1224هه-1294هه)

    خوش خير محمد جي پيدائش 1224 هجري عيسوي سال 1809ع ڳوٺ ڀونئرن. تعلقي ڪنڊياري ۾ ٿي. والد صاحب جو نالو رئيس عرض محمد هيسباڻي هو. پاڻ 20 سال زندگي جا هن ڳوٺ ۾ گذاريا. بقايه زندگي پنهنجي والد صاحب سان گڏ ڪنڊياري جي ڳوٺ ”ٽڳڙ“ ۾ گذاري. مولوي عبدالقدوس کان تعليم مڪمل ڪري. پير عبدالحئي نقشبندي جو مريد ٿيو. جنهن کان تصوف جي روحاني ۽ معنويٰ ڄاڻ حاصل ڪئي.
    خوش خير محمد فقير جي صوفي عبدالستار اول (جهوڪ شريف) محمد يوسف عرف نانڪ يوسف (اڳڙه وارو). بيدل فقير روهڙي وارو ۽ فقير غلام حيدر شر ڳوٺ (منگهو فقير) سان گهاٽي دوستي هئي. هو پاڻ ۾ چار يار ڳڻيا ويندا هئا ۽ سندس ئي روح رهاڻيون ٿينديون هيون.
    فقير سائين پنهنجي دؤر جو صوفي شاعر هو. سندس ڪلام جو وڏو ذخيرو هو. پر جيڪو مليو سو (184) ڪافين تي مشتمل آهي ۽ ”خوش“ خير محمد هيسباڻي جي نالي سان ”ڪلام ڇپجي منظر عام تي آيو آهي. سندس صوفياڻي ڪلام ۾ تصوف جا باريڪ نڪتا سمايل آهن. شاعري پڙهڻ سان جيءُ جهريو پوي. فقير سائين جي ساري ڪلام ۾ ميٺاج جي مڻيان پيل آهي. جو پڙهڻ تي بار بار مجبوري ڪري ٿي.
    خوش خير محمد فقير هيسباڻي (70) بهارون ماڻي 2 محرم 1294 هجري بمطابق 17 جنوري 1877ع ۾ وفات ڪري ڳوٺ ٽڳڙن ۾ مالڪ حقيقي جي حضور ۾ وڃي ابدي آرامي ٿيا. درياءَ جي پائڻ ڪري سندس لاش کي ڪڍرائي ”ڪرونڊي“ تعلقي فيض گنج ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. جتي هر سال 19، 18، 17 ذوالحج عرس مبارڪ ملهايو ويندو آهي.
    خوش خير محمد فقير هيسباڻي جي ڪلام مان ڪافي:
    جهلي تاب حسن جو ڏسي تجليون،
    سارو جبل ويو ڪوهه طور جليون.

    تنهنجي پنبڻين جا پيڪان چوان،
    اهي ڀالا بڙڇيون، بان چوان،
    نت ابڙو سيف ايران چوان،
    ڪيڏو ڪيس ڪرن ڪاريون ڪجليون.
    خوش خير محمد جي وفات بعد سندس پٽ دُرمحمد کي گادي نشين مقرر ڪيو ويو. خوش خير محمد کي سچل سرمست بعد سنڌي ۽ سرائڪي جي بهترين ڪافي گو شاعرن بيدل، حمل فقير، مصري شاهه جهڙن ڪافي گو شاعرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. سندس ڪلام جو ذخيرو 174 ڪافين تي مشتمل ”ڪلام“ ”خوش خير محمد هيسباڻي“ نالي ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي.
    سنڌي سرائڪي ڪافي جون ڪجهه سٽون:
    سُهڻي صورت ويک سبحان ڪهون، اي جهان سارا لامڪان آيا.
    جبريل سلام پيغام ڏيندا. اسان ڪلام اُتي اسلام آندا،
    ڪنهن وحي دي واتون ڪو نه سڻيا، احمد عربي دي ذوق زبان آيا.

    حوالا:
    صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر: پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي مانجهي سال: 2010ع.
    خانقاهه ڀرچونڊي شريف جي ادبي تاريخ: ڊاڪٽر الهوسايو سومرو جنوري 2015ع.
    جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري.


    قادر بخش ”بيدل“ (1230هه- 1289هه)

    فقير قادر بخش ”بيدل“ هڪ صوفي شاعر بزرگ عالم هو، ٽالپرن جي دؤر ۾ سن 1230 هجري مطابق 1814ع ۾ ميان محمد محسن جي گهر ۾ پيدا ٿو. پيدائشي شهر روهڙي آهي. سندس وڏا ملتان جا رهواسي هئا جيڪي اتان لڏي اچي روهڙي ۾ رهائش پذير ٿيا. بيدل سائين، حديث، قرآن، فلسفه ادب ۽ تصوف جي تعليم باقاعده حاصل ڪيائين، سندس اصل نالو ”عبدالقادر“ هو.
    بيدل سائين حضرت عبدالقادر جيلاني سائين جو احترام رکندي. پنهنجو نالو عبدالقادر کان قادر بخش رکيائين. سندس وڏا پاٽولڪو ڌنڌو ڪندا هئا.
    سندس والد محمد محسن مير جان الله شاهه جو مريد هو. کيس عرض ڪيائين ته پٽ جي ضرورت آهي. مرشد الله تعاليٰ جي بارگاهه ۾ عرض رکيو جو مالڪ مهربان راضي ٿيو. جو سندس محمد محسن کي پٽ ڄائو جو دائي کيس اچي مبارڪ ڏني ته پٽ ڄائو آهي. پير پيرن کان منڊو آهي. پاڻ اُن وقت مُرشد مير جان الله شاهه وٽ ويٺا هئا. تنهن تي مير جان الله شاهه چيو ته ”منڊو نه چئوس، هو روهڙي جو جهنڊو ٿيندو“.
    بيدل سائين کي هڪ ڏينهن قلندر لعل سيوهاڻي جي سِڪ ٿي جو پاڻ روانو ٿي اچي سيوهڻ پهتو. اتان ايترو ته فيض پرايائين جو اچڻ بعد شعر چوڻ لڳو. شعر جي ڏات پيءُ کان ورثي ۾ ملي هئي. پاڻ سيوهاڻي لعل جي شان ۾ هڪ مدح به چئي اٿس ۽ هڪ غزل به چيو اٿس. سندس عقيدت ڪيترن ئي سنڌي، فارسي ۽ سرائڪي غزلن ۾ ڏيکاري اٿس.
    بيدل سائين پيرڳوٺ ۾ بزرگ ۽ شاعر پير علي گوهر شاهه ”اصغر“ کي مثنوي معنوي جو درس ڏنائين ۽ بعد ۾ پريالي ۾ مخدوم محمد اسماعيل جي درگاهه تي حاضري ڀري واپس روهڙي آيو. پاڻ وحدت الوجودي جو شاعر هو ۽ ڪلام ۾ بار بار ”همه اوست“ جو ذڪر ڪيو آهي. صوفي بزرگن ۽ شاعرن کان تمام گهڻو متاثر ٿيو.
    بيدل سائين 14 سالن جو هو ته والد محمد محسن دارالبقا ڏي روانو ٿيو. پاڻ سير سفر ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ديدار ڪرڻ لاءِ ڀٽ شريف ويو. اتائين شاهه عنايت الله جي زيارت لاءِ جهوڪ شرف پڻ ويو ۽ شاهه عنايت جي باري ۾ نهايت جگر ڏاريندڙ غزل فارسي ۾ چيو اَٿس. ”ديوان بيدل“ ۾ سنڌي ۽ سرائڪي (325) ڪافيون شامل آهن.
    ڪنڊڙي جي روحل نمبر ٻئي، دونهين ڳوٺ جي فقير جعفر علي شاهه ۽ سکر جي ڀائي موتيرام جنهن جو ٽڪاڻو ساڌ ٻيلي جي سامهون بندر تي آهي. تن جي پاڻ ۾ چؤياري هوندي هئي. چئني يارن هڪ ئي ڏينهن تي هي خاڪي چولو ڇڏيو.
    فقير قادر بخش ”بيدل“ (2) شاديون ڪيون. پهرين شادي مان هڪ نياڻي ۽ ٻي شادي مان ٻه پٽ ڄاوا. بيدل سائين کي 2 پٽ ۽ هڪ نياڻي جي اولاد ٿي. وڏي پٽ تي پنهنجي پيءُ جو نالو محمد محسن رکيائين. ننڍي پٽ جو نالو محمد فريد رکيائين. روهڙي جا ماڻهو جا ماڻهو عام طرح سائين بيدل کي ”سائين وڏو“ ۽ محمد محسن بيڪس کي ”سائين ننڍو“ ڪري ياد ڪندا آهن. بيڪس سائين پنهنجي پيءُ قادر بخش ”بيدل“ جو مريد هو.
    بيدل سائين جو غلام محمد درزي شڪارپوري سان اهڙي ته پريت ٿي ويئي جو محبوب جي محبت ۾ مست ٿي ”مجازي استاد“ جي آستاني تي ڦيرا ڏيڻ لڳو. ميان غلام محمد 1261 هجري ۾ گذاري ويو جي غلام محمد نه مري ها ته شايد بيدل سائين جي مزار به شڪارپور ۾ هجي ها. پر قدرت کي ائين منظور نه هو. محبوب جي مرڻ کانپوءِ بيدل سائين روهڙي جا وڻ وسايا ۽ روهڙي جو نالو روشن ڪيو. بيدل سائين 16 ذوالقعد 1289 هجري. بمطابق 15 جنوري 1873ع ۾ هن جهان مان موڪلاڻي ڪئي. سندس آخري آرم گاهه روهڙي ۾ ريلوي اسٽيشن ويجهو آهي. جتي هر سال 3 ڏينهن عرس مبارڪ وڏي ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو آهي. بيدل سائين 23 ڪتاب لکيا.
    ايڪائي ۾ ايڪ ٿيو، اَچي جان جِسم
    ويئي رسم، وحدت سندي وِير ۾.
    (وحدت نامو)
    فقير قادر بخش ”بيدل“ وقت جو سٺو شاعر ۽ عالم هو ته به ”لطيفي شعر“ جي گهيري ۾ گهريل هو. ۽ وک به ٻاهر کڻي نه سگهيو آهي. سندس سمورو ڪلام ”شهنشاهه لطيف“ جي ڪلام جي اثر هيٺ آهي.
    شهنشاهه لطيف جون سٽون:
    مرڻا اڳي جي مئا، مري ٿيا نه مات،
    هونداسي حيات، جيئڻا اڳي جي جيا.
    ”بيدل سائين“ جواب ۾ چيو ته:
    مرڻو اڳي جي مرين، ته باقي رهي نه ذات،
    هميشه حيات، مرد نه مرن ڪڏهن.

    حوالا:-
    1. (تذڪره مشاهير سنڌ: مولانا دين محمد وفائي):
    2. (پنج گنج: فقير قادر بخش ”بيدل“ سال 2000ع. شاهه لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي).
    3. ڳالهيون منهنجي سنڌ جون: شوڪت خواجائي.
    4. روهڙي جا روشن ستارا: ڊاڪٽر هدايت پريم.
    5. جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري.
    6. بيدل جو سنڌي ڪلام: بولچند وسومل راجپال.
    7. ڍوليو ڍٽ ڌڻي: معمور يوسفاڻي.


    حضرت حافظ محمد صديق رحه (ڀرچونڊي شريف) (1234هه-1308هه)

    حافظ محمد صديق جو جنم پهرين رمضان المبارڪ 1234 هجري مطابق 24 جون 1819ع خميس جي ڏينهن تي ٿيو. والد سڳوري جو نالو ميان محمد ملوڪ هو. حافظ محمد صديق جي ولادت جي ٿوري ئي عرصي بعد سندس والد هن جهان مان موڪلاڻي ڪئي. ننڍپڻ ۾ پرورش سندن والده ڪئي. شروعاتي قرآن شريف جي تعليم محمد موسيٰ ڀٽو کان حاصل ڪئي. وڌيڪ پڙهڻ لاءِ راجن پور ۾ ميان محمد عثمان جي مدرسي ۾ ويهاريو ويو. ڪجهه وقت (سوئي شريف) جي مدرسي ۾ روحاني، ظاهري و باطني تعليم حاصل ڪرڻ ۽ قرآن شريف حفظ ڪرڻ کانپوءِ حضرت سيد محمد حسن جيلاني کي پنهنجو مُرشد ڪيو.
    حافظ محمد صديق صوفياءِ ڪرام جي سلسلن سُهروردي ۽ چشتي سلسلي جي بزرگن سان به تمام گهڻي عقيدت هوندي هئي. ايتري قدر جو پير محمد اشرف ڪاماري شريف وارو بزرگ جڏهن سفر تي نڪرندو هو ته پاڻ ڪنگري، روهڙي، گهوٽڪي کان ٿيندو ڀرچونڊي ۾ روح رهاڻيون ڪري. بهاوالپور کان ملتان ويندو هو.
    حافظ محمد صديق پنهنجي مُرشد جي پيروي ڪندي خانقاهي نظام جو بنياد ذڪر الاهي، محبت واتباع رسول صلي الله عليه وآله وسلم، ديني غيرت ۽ جميعت، شريعت و طريقت ۾ هم آهنگي، خدمت خلق تي رکيو.
    حافظ محمد صديق سڄي عمر پنهنجي مالڪ جي عبادت ڪندي گذاري. پاڻ شادي به نه ڪيائون. پنهنجي مريدن کي پنهنجي روحاني اولاد ڪري سمجهندا هئا. سادو کائڻ پسند ڪندا هئا. سنت نبوي مطابق ”جبو مبارڪ“ پائيندا هئا ۽ مٿي تي مخروط نما ڪپڙي جي ٺهيل ٽوپي پائيندا هئا. ڀرچونڊي شريف جي پوري جماعت ۾ اڄ تائين انهي لباس جي سڃاڻپ قائم و دائم آهي.
    حافظ محمد صديق جي تصنيفن ۾: ”رسالو سلوڪ جي“: تصوف جي موضوع تي آهي. پاڻ روحاني ۽ صوفيانه اصلاحن کي رسالي ۾ آڻي. هينئن بيتن جي صورت ۾ ويس ڍڪايو آهي ۽ فرمائي ٿو ته:
    ته جيڪي خلاصو سلوڪ جو، موقوف اِت ٿيو،
    هڪ صفائي دل جي، نقش پاڪ ٻيو.
    ملفوظات شريف: حافظ محمد صديق جا ملفوظات فارسي ۾ مولوي محمد شريف جمع ڪيا. اصل قلمي نسخي جو سڀ کان پهرين اردو ۾ ”جام عرفان“ جي نالي سان سيد محمد فاروق ترجمو ڪرايو ۽ سنڌي ۾ ترجمو 2008ع ۾ ڊاڪٽر عبدالوحيد انڍڙ ”ملفوظات مالڪان المعروف گنجينئه عرفان“ جي نالي سان ڪيو.
    چاليهه حديثون، ڪنزالامت (مجموعه حديث): حافظ محمد صديق جو هي 66 منتخب حديثن جو مجموعو فارسي ترجمي سان آهي. علامه مير حسان الحيدري حديثن جي هن مجموعي کي ”ڪنز الامت“ جو نالو ڏنو آهي.
    حافظ محمد صديق ڀرچونڊي جي فيض مان لکين ماڻهن فيض پرايو جيڪي وقت جا وڏا علماءَ مفتي ٿي گذريا آهن: حضرت حافظ محمد عبدالله المعروف هادي سائين، حضرت مولانا غلام محمد دينپوري، حضرت مولانا سيد تاج محمد امروٽي، حضرت مولانا عبدالغفار (خانڳڙهه شريف) جليل القدر جهڙا بزرگ سرفهرست آهن.
    حضرت حافظ محمد صديق 74 سالن جي عمر ۾ 10 جمادي الثاني 1308 هجري مطابق 21 جنوري 1891ع تي هن فاني جهان مان موڪلاڻي ڪري وڃي ابدي آرامي ٿيا. سندس وصيت مطابق مسجد شريف جي ڏاکڻي طرف ٿلهي تي (ڀرچونڊي شريف) ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ٻن سالن بعد 1310 هجري مطابق 1893ع ۾ سجاده نشين حافظ محمد عبدالله مزار مبارڪ مٿان عاليشان روضو تعمير ڪرايو.
    حافظ محمد صديق جي وفات بعد ڀرچونڊي شريف جو پهريون گادي نشين سندس ڀائٽيو حافظ محمد عبدالله المعروف (هادي سائين) کي ڪيو ويو. ڇو ته حافظ محمد صديق پنهنجي مُرشد جيان شادي نه ڪيائون، ان ڪري ڪو به اولاد نه هو. سندس ڀائٽيو حافظ محمد عبدالله کي وصال کان هڪ سال اڳ ۾ پنهنجي جماعت جي باري ۾ محبت ۽ شفقت سان اچڻ جي تاڪيد فرمائي هئائون ۽ کيس ظاهري باطني جي تعليم ۽ تربيت به ڏنائون ۽ شادي جو احتمام به حافظ محمد صديق خود ئي ڪيو هو. حافظ محمد عبدالله کي هڪ پٽ جي اولاد عطا ٿي جنهن جو نالو حضرت پير عبدالرحمان عرف ڀورل سائين رکيو جو والد جي وفات بعد گادي نشين مقرر ٿيو.
    حافظ محمد عبدالله جو جنم 1283 هجري مطابق 1866ع ۾ ٿيو ۽ پاڻ 38 سال گادي تي فائز رهيا. اڱاري جي رات 25 رجب 1346 هجري مطابق 18 جنوري 1928ع ۾ 63 سالن جي عمر ۾ موڪلاڻي ڪئي. کيس حافظ محمد صديق جي مزار ڀرسان جاءِ ڏني ويئي. وفات بعد سندس پٽ حضرت پير عبدالرحمان عرف ڀورل سائين گادي جا ٻيو نمبر سجاده نشين مقرر ٿيا. حضرت عبدالرحمان عرف ڀورل سائين جي پيدائش 1310 هجري بمطابق 1892ع ۾ ٿي. روحاني ۽ باطني فيض پنهنجي والد حافظ محمد عبدالله کان حاصل ڪيو. حضرت مولانا احمد سائين (درگاهه خانڳڙهه شريف) پنهنجي هٿن مبارڪن سان حضرت ڀورل سائين کي ٽئين ڏينهن تي درگاهه ڀرچونڊي شريف جي گادي تي ويهاري دستاربندي جي رسم ادا ڪئي.
    حضرت پير عبدالرحمان عرف ڀورل سائين 9 جمادي الاول 1380 هجري مطابق 30 آڪٽوبر 1960ع تي آچر ڏينهن وفات ڪئي ۽ والد ڀرسان روضي اندر مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
    درگاهه ڀرچونڊي شريف جو ٽيون سجاده نشين حضرت پير عبدالرحيم شهيد (جنم 1330هه 1912ع) مقرر ٿيو. پاڻ قرآن پاڪ جا 15 سيپارا حفظ ۽ 15 سيپارا ناظره پڙهيا. پاڻ 10 جمادي الاول 1380هه مطابق 31 آڪٽوبر 1960ع تي ٽيون نمبر گادي نشين مقرر ٿيا. والد صاحب کان ئي خرقو خلافت عطا ٿيو. هن صوفي درويش کي 21 سيپٽمبر 1971ع مطابق 29 رجب 1391 هجري شام جي ڏهرڪي شهر ۾ گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو. هن ڀلاري بزرگ کي 13 پٽ ۽ نوَ نياڻين جي اولاد ٿي.
    درگاهه جو چوٿون گادي نشين سندس پٽ حضرت پير عبدالحليم شهيد کي مقرر ڪيو ويو. پير عبدالحليم شهيد جي پيدائش 1928ع مطابق 1346 هجري ۾ ٿي. پاڻ 8 جان نثارن سان فجر جي نماز ادا ڪندي 12 جمادي الاول 1393 هجري مطابق13جون 1973ع تي فائرنگ دوران مسجد ۾ ئي شهادت ماڻي. کيس حافظ محمد صديق جي روضي اندر قدمن ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. تنهن بعد پير عبدالخالق قادري (موجوده) پنجين سجاده نشين طور آگسٽ 1973ع ۾ گادي نشين مقرر ٿيو.
    حضرت پير عبدالخالق جو جنم 12 ربيع الاول 1376 هجري مطابق 17 آڪٽوبر 1956ع تي ڀرچونڊي شريف ۾ حضرت پير عبدالحليم شهيد جي گهر ۾ ٿيو. 80 واري ڏهاڪي ۾ شادي جي رسم ادا ڪئي. کيس ٻه پٽ ٽن نياڻين جي اولاد عطا ٿي. پاڻ مهمان نواز ۽ سخي دل انسان آهن ۽ حق ۽ سچ جو ساٿ ڏيندڙ انسانن جي سرفهرست ۾ اول آهن. پاڻ هر سال قومي ۽ بين الاقوامي ڪانفرنس ڪوٺائين ٿا. حافظ ملت ڪانفرنس جو آغاز سال 1992ع کان شروع ڪرايو جو اڄ ڏينهن تائين اهو سفر جاري ۽ ساري آهي. حافظ ملت اڪيڊمي جو بنياد به پاڻ رکيائون جو حافظ ملت اڪيڊمي هن وقت تائين درجن کان مٿي تحقيقي ڪتاب شايع ڪري بهترين فرض سرانجام ڏنو آهي.

    حوالا:-
    1. خانقاهه ڀرچونڊي شريف جي ادبي تاريخ: ڊاڪٽر الهوسايو سومرو. (2015) (Ph.d ٿيسز).
    2. جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري 2004ع.


    حضرت مولانا سيد تاج محمد امروٽي رحه (1260هه- 1343هه)

    سنڌ ڌرتي بيشمار بزرگن کي جنم ڏنو آهي. انهن مان مولانا تاج محمد امروٽي جهڙو بزرگ به نمايان نروار آهي. هن ڀلاري بزرگ جي پيدائش تي متضاد حوالا ملن ٿا: عبدالرحمان جتوئي سندس ولادت: 1859ع لکي آهي. سيد محمود شاهه بخاري 1857 يا 1858ع ڄاڻائي ٿو. محمد علي چراغ 1844ع لکي آهي. (صحيح جنم جو سال) مشهور اديب محمد بخش ”قمر“ ۽ محقق ميمڻ عبدالمجيد سنڌي موجب 28 ذوالقعد 1260 هجري، مطابق 22 مارچ 1841ع آهي.
    ولادت ضلعي خيرپور جي ڳوٺ ”ڳاڙهي موري“ ۾ ٿي. مولانا تاج محمد امروٽي شروعاتي تعليم پنهنجي والد صاحب سيد عبدالقادر شاهه عرف (ڀورل شاهه) کان حاصل ڪئي. فارسي جي تعليم پيرڳوٺ مان حاصل ڪئي ۽ عربي جي تعليم مولانا عبدالقادر پنهواري کان پڙهي. روحاني ڄاڻ جي مڻيا حاصل ڪرڻ لاءِ ڀرچونڊي شريف جي بستي ۾ پهتا. ڀلاري بزرگ حافظ محمد صديق وٽ روحانيت جي رمزن جا سبق ورتا. حافظ صاحب مولانا امروٽي کي پنهنجو ٻيو نمبر خليفو مقرر ڪيو. پورن چاليهن ڏينهن ۾ روحانيت جا سڀ سبق حاصل ڪري ورتائين. حضرت محمد صديق کين خلافت جو خرقو پارائي اجازت ڏني ته اسلام جي تبليغ کي ”امروٽ شريف“ ۾ وڃي عام ڪري ماڻهن کي سلوڪ جا سبق سيکار محبت ۽ پريت جا گُڻ ڏي.
    مولانا تاج محمد امروٽي اجازت ملڻ بعد امروٽ شريف ۾ اسلام جي تبليغ ۽ اشاعت جو سلسلو جاري رکيو. جمع جي ڏينهن وڏي اجتماع جي شڪل ۾ نڪرندا هئا. مولود ۽ نعتون پڙهندي مسجد ۾ داخل ٿيندا هئا.
    انگريزن جي دؤر ۾ سکر بئراج جي تعمير وقت درياءَ جي ٻنهي پاسن کان وڏا واهه کوٽايا ويا. ٻهراڙي جون مسجدون جيڪي واهن جي وچ ۾ اچن پيون. انهن کي شهيد ڪيو پئي ويو. انهن مسجدن ۾ جوڻيجو مسجد، ڪلواڙي مسجد، ابيجاڻي مسجد مشهور آهن. مولانا تاج محمد امروٽي جهڙي ڀلاري بزرگ پنهنجي جماعت سوڌو جهاد ڪيائون. آخرڪار انگريز حڪومت کي مجبورن پنهنجو فيصلو واپس وٺڻ تي مجبور ڪيو ۽ کير ٿر ۾ پلر تيار ڪري مسجد ساڳي جاءِ تي جوڙائي وئي.
    شيخ الهند مولانا محمود الحسن جيڪا ريشمي رومال جي تحريڪ شروع ڪئي، اُن ۾ مولانا تاج محمد امروٽي ڀرپور حصو ورتو. هن تحريڪ جو مقصد ئي انگريزن کي ملڪ مان تڙي ڪڍڻ هو. هن تحريڪ ۾ ”ريشمي رومال“ تي خط لکيا ويندا هئا. هڪ خط انگريز حڪومت کي هٿ اچي ويو جو گرفتاريون ڪندي سنڌ ۾ ٻين بزرگن سان گڏ مولانا تاج محمد امروٽي جهڙي بزرگ کي به گرفتار ڪيو ويو.
    مولانا امروٽي دين جي تبليغ ۽ اشاعت لاءِ وڏا ڪم ڪيا. قرآن پاڪ جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيائون. جنهن جو نالو ”الهام قرآن“ رکيائون. مولانا جي ڪيل ڪم ايترو ته رنگ لاتو جو هزارن لکن جي تعداد ۾ اچي غير مسلم مسلمان ٿيا. پاڻ سنڌي ٻولي جا بهترين شاعر هئا. سندن شاعري ۾ ”حسن“ کي تخلص طور قطب آندو.
    مولانا امروٽي ٽي شاديون ڪيون صرف هڪ پٽ جي اولاد عطا ٿي. جنهن جو نالو ”حسن شاهه“ رکيو. حسن شاهه 12 سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو. مولانا پنهنجي سڪيلڌي پٽ جي جدائي سبب پنهنجو شاعري ۾ تخلص ”حسن“ کي ترجيح ڏني.
    1. ”سورة ياسين“ ۽ ”سورة رحمان“ جو سنڌي ۾ منظوم ترجمو ڪري. قادري پريس محمود المطابع امروٽ مان ڇپرايائون ۽ ماهوار سنڌي رسالو ”هدايت الاخوان“ به جاري ڪيو ويو. سندس مڪمل رسالو (عرفان امروٽي عرف ڪليات) شايع ٿيل آهي.
    2. حضرت مولانا تاج محمد امروٽي ”يوسف زليخان“ جي قصي کي ”پرت نامو“ جو نالو ڏيئي. مثنوي جي صورت ۾ لکيائين ۽ پنهنجي مرشد حافظ محمد صديق (ڀرچونڊي شريف) جي شان ۾ به کوڙ سارا بيت چيائين سندس چيل شاعري مان هڪ بيت نموني طور ڏجي ٿو.
    جڏهن پاڻ پيدا ٿيو. عالم ٿيو اظهار،
    طﮣٰ ياسين تنهنجي شان ۾، نازل آهن نروار،
    ايڏو اجهو آسرو، اُمت جو آڌار،
    ڄائي تنهين ڄام جي، ڀڳا ڪوٽ ڪفار،
    حامي هن ”حسن“ کي ڏيو دلاسو دلدار.
    3. مولانا تاج محمد امروٽي 72 سالن جي عمر ۾ 5 نومبر 1929ع مطابق 3 جمادي الثاني 1343 هجري تي هن فاني جهان مان موڪلاڻي ڪئي.
    حضرت مولانا امروٽي صاحب، حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جي شان ۽ مان تان قربان ٿيندي شاعري ۾ هن ريت اظهار فرمايائون ته:
    تُنهنجي عشق اُتاريا خيال سندا، سندي سامان ڪنا،
    جند جان جُثو، مڏيون مال سڄا، قربان لکين هڪ مان نه رڳو.
    پاڻ هڪ هنڌ وري هينئن ٿو فرمائي.
    سڄڻ جي سُونهن کي پڌرو، اکين دل سان ڏسڻ گهُرجي،
    ٻيائي کي ڇڏي هڪدم، هِڪائي هڪ ٿيڻ گُهرجي.

    حوالا:-
    1. (خانقاهه ڀرچونڊي شريف جي ادبي تاريخ: ڊاڪٽر الهوسايو سومرو)
    2. انسائيڪلو پيڊيا پاڪستانيڪا: سيد قاسم محمود: 1998 ص-187).
    3. (جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري).


    خواجه غلام فريد (سرائڪي بزرگ شاعر) (1261هه-1319هه)

    خواجه غلام فريد جو جنم ديرا غازي خان جي سر زمين ڳوٺ مٺڻ ڪوٽ (چاچڙان شريف) ۾ 26 ذوالقعد 1261 هجري بمطابق 26 نومبر 1845ع ۾ ٿيو. جڏهن پاڻ چئن سالن جو ٿيو. 1849ع ۾ والده به وفات ڪري ويئي. والد صاحب جو نالو مولانا خدابخش المعروف حضرت محبوب الاهي هو. مولانا خدابخش سُتت ئي 1853ع مطابق 1269 هجري ۾ هن فاني دنيا مان رحلت ڪئي پوءِ سندس پرورش وڏي ڀاءُ غلام فخر الدين ڪئي ۽ خواجه غلام فريد کي مُرشدي جو سڳو به وڏي ڀاءُ غلام فخر الدين ٻڌو. خواجه غلام فريد جو تاريخي نالو خورشيد عالم رکيو ويو. پر خواجه غلام فريد نالي سان شهرت ملي. 8 سالن جي عمر ۾ قرآن مجيد جي مڪمل تعليم ڪرڻ کانپوءِ عربي ۽ فارسي ۾ ثانوي تعليم شروع ڪئي. پاڻ ننڍي هوندي کان ئي ذهين ۽ هوشيار هئا. نواب صادق محمد خان والي رياست بهاوالپور سندس خاندان جو ابن ڏاڏن کان عقيدتمند هو. سندس پراسرار خواهش تي خواجه غلام فريد پنهنجي مامي غلام محمد ۽ استاد مولانا قائم الدين سان گڏجي نواب صادق وٽ پهتا. نواب صاحب سُٺي خدمت چاڪري ڪئي ۽ دعاءِ فيض ورتو.
    ماءُ ۽ پيءُ کان پوءِ سندس جو سهارو وڏو ڀاءُ مولانا غلام فخر الدين به 1288 هجري بمطابق 1862ع ۾ هن جهان کان موڪلاڻي ڪئي. خواجه غلام فريد جي 18 ورهين جي هن عرصي ۾ سندس وڏي ڀاءُ جي موت جهوري وڌو. پنهنجي ڀاءُ جي وفات کانپوءِ مسند سنڀالڻو پيو. 28 ورهين ۾ دنيا کان علحدگي اختيار ڪري شهنشاهه لطيف وانگي جيئن ڀٽ کي وسايو، تيئن غلام فريد روهي جي جهنگ ۾ پرسڪون دڙي کي پنهنجو آستانو بڻايائين. زندگي جا پورا 18 سال هڪئي جڳهه تي رياضت ۽ عبادت ۾ گذاريائين. هڪ سئو کان وڌيڪ ماڻهن سان گڏ 1292 هجري 1875ع ۾ خواجه غلام فريد کي حج جي سعادت نصيب ٿي. پاڻ قافلي جي صورت ۾ ملتان کان لاهور، لاهور کان دهلي ۽ دهلي کان اجمير شريف. ممبئي رستي عربستان ويا. پاڻ مختلف شهرن ۾ پنهنجي مريدن سان هر شهر ۾ عظيم هستين جي مزارن تي حاضري ڏني ۽ ملاقاتون ۽ روح رهاڻيون ڪيون. انهي سفر دوران پنهنجي ڪنهن به مريد کي خرچ ڪرڻ نه ڏنو. خود خرچ برداشت ڪيائين. اُن وقت ۾ به 36 هزار روپيا رستي جو خرچ آيو. حج تان واپس اچڻ بعد باقي زندگي جا ڏينهن مٺڻ ڪوٽ ۾ گُذاريائين.
    حياتي جي آخري ڏينهن ۾ مٺن پيشابن جو مرض ٿي پيو ۽ خارش جي ڦرڙين جي جهوري وڌو. تان جو هن سرائڪي زبان صوفي شاعر بزرگ سال 1901ع ۾ جولاءِ جي 24 تاريخ ۽ ربيع الثاني جي 7/6 تاريخ 1319 هجري ۾ 56 سالن جي عمر ۾ هن فاني دنيا کان موڪلاڻي ڪئي. سندس قبر مبارڪ مٺڻ ڪوٽ ۾ آهي. جتي هر سال 3 ڏينهن عرس مبارڪ وڏي ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو آهي.
    سندس والد صاحب مولانا خدابخش کي جيئن، اردو، پنجابي، سنڌي، سرائڪي، فارسي ۽ عربي ٻولين تي خاصو عبور حاصل هو. تيئن خواجه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ سنڌ ۽ سنڌي ثقافت کي سهڻي انداز ۾ شاعري جو روپ ڏنو آهي. رياست بهاوالپور جو والي نواب صادق محمد خان (چوٿون) سندس مريد هو.
    بلوچستان جو سردار نواب قيصر خان مگسي، خواجه غلام فريد جو وڏو عقيدتمند هو. هُو جڏهن به خواجه صاحب سان ملڻ ايندو هو ته سنڌ جا راڳي ۽ وڄتا پاڻ سان گڏ وٺي. سندس حاضري ۾ شريڪ ٿيندو هو.
    خواجه غلام فريد جي ڪلام ۾ 271 ڪافيون آيل آهن. جيڪي وڇوڙي جي آلاپ ۾ چيون اٿس. سندس ڪلام ۾ شاهه لطيف جي هڪجهڙائي نظر اچي ٿي. سندس صوفين جيئن هڪ ئي خيال نظر ايندو هو. پاڻ هڪ هنڌ هينئن فرمائي ٿو.
    هر صورت وچ يار دا جلوه ڪيا آسمان زمين،
    احدا هابڻ احمد آيا موهين چين بچين.
    خواجه غلام فريد به شاهه سائين جيئن ”سسئي“ کي پنهنجي ڪلام ۾ وڌيڪ ڳايو آهي. 66 ڪافيون پنهنجي ڪلام ۾ سسئي کي نروار ڪن ٿيون ۽ ڪلام ۾ (5) ڪافيون مومل راڻي واري قصي لاءِ وقف ڪري ڇڏيون اٿس.

    حوالا:-
    اسلامي شاهڪار انسائيڪلو پيڊيا سيد قاسم محمود ص 1241)
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ پاڪستاني ٻولين جا صوفي شاعر: ڪمال ڄامڙو طارق عزيز شيخ نومبر 1998ع.
    جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري.


    صوفي رکيل شاهه (1262هه-1359هه)

    صوفي سيد رکيل شاهه جو جنم 18 ربيع الاول 1262 هجري بمطابق 15 مارچ 1846ع ۾ ٿيو. والد صاحب جو اسم گرامي ميان نور محمد شاهه هو. جيڪو بلوچستان جي ڳوٺ حليم شاهه تعلقي ميرپور جو رهاڪو هو. سيد نور محمد شاهه ڪجهه عرصو رهڻ بعد باقي زندگي جا ڏينهن درگاهه فتح پور (گنداوا) ۾ اچي گذاريا. صوفي رکيل شاهه به ننڍپڻ جا ڏينهن فتح پور ۾ گذاريا. 8 سالن جي عمر جا ٿيا ته قرآن پاڪ جي تعليم لاءِ مولوي وٽ ويهاريو ويو. جتي پاڻ قرآن پاڪ جي تعليم کان علاوه عربي ۽ فارسي جي تعليم به حاصل ڪئي. 14 سالن جي عمر ڻ جرڳي جي رڪنيت مليس. سندس خاندان ۾ عزيز شاهه، ميان اول شاهه ۽ ميان عبدالنبي شاهه به نالي وارا بزرگ ٿي گذريا آهن.
    سيد رکيل شاهه کي پنهنجي وڏي ڀاءُ عبدالنبي شاهه چيو ته ”اسان کي تلقين ڪرڻ جو امر ڪونهي تنهن ڪري پنهنجي امانت حاصل ڪرڻ لاءِ شاهه عنايت شهيد جي درگاهه (جهوڪ شريف) وڃي پنهنجي امانت حاصل ڪر“.
    ميان عبدالنبي ڪجهه ڏينهن بعد ئي گذاري ويو. رکيل شاهه چوٿين ڏينهن تي ٽيجهي جي رسم پوري ڪري جهوڪ شريف ڏانهن روانو ٿيو. روهڙي ۾ جان الله شاهه رضوي جي درگاهه تي حاضري ڀري پوءِ پنهنجي مُرشد جي مڪان طرف روانو ٿيو. جهوڪ جي درگاهه تي پهچي گادي جي مسند تي ويٺل عبدالستار صوفي جي هٿ تي بيعت ڪري ذڪر جو ورد ورتائين. ڪجهه عرصو رهڻ بعد مُرشد جي فيض مان فيضياب ٿي واپس فتح پور پهتو. مالڪ جي رياضت ۽ عبادت ۾ زندگي گذارڻ لڳو. سندس روح جي رمز ۽ حق جي طلب شاعري مان نمايان نظر اچي ٿي. پاڻ سنڌي، سرائيڪي، بلوچي ۽ فارسي ۾ شاعري ڪئي.
    ميرانپور جا مڱتا، ڪر پرين جي پچار،
    دست وتم دلبر جو، اجهي عبدالستار،
    سڪ ٻڌايم سندرو، ڏينهن چڱي ڪنهن وار،
    اندر ۾ هو جي تند تنوار، ”رکيل“ اٿم نئون نئون يار جي.
    ”سرائڪي ڪافي“
    هر مظهر وچ يار يگانا، صورت بشري اندر دا ترت تڙاوڻ،
    صوفي صاف تي رند سڏاوڻ، مار طبل شاهي اعليٰ شان،
    بانگ الستي تي جسم جڳايا، حال ”رکيل“ اهو فيض هلايا،
    عبدالستار ٿي سر سمجهايا، محنت ٻاجهون نهين عشق آسان.
    صوفي رکيل شاهه کي چئن پٽن جي اولاد ٿي. 1. سخي عبدالغني شاهه 2. محمد ڪامل شاهه 3. صوفي معصوم شاهه 4. صوفي سائين چيزل شاهه.
    سيد صوفي رکيل شاهه 97 سال جي عمر ۾ 1359 هجري مطابق مئي 1940ع ۾ وفات ڪئي. سندن آخري آرامگاهه ”فتح پور“ بلوچستان ۾ آهي.

    حوالا:-
    1. ياد رفتگان: مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ: ٻيو ڇاپو 1994ع ص 120- 121).
    2. صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر: پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي مانجهي. 2010ع. ص 523، 524، 525)
    3. جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري 2004ع.


    حضرت پير سيد مهر علي شاهه رحه (1275هه- 1354هه)

    حضرت پير مهر علي شاهه (گولڙا شريف) جن جي ولادت باسعادت پهرين رمضان المبارڪ 1275 هجري بمطابق 14 اپريل 1859ع سومر تي ٿي. والد صاحب جو اسم گرامي پير سيد نذر دين شاهه (اجي صاحب) هو. پوٽهاري زبان ۾ والد کي ”اجي“ چيو وڃي ٿو. پاڻ (اجي صاحب) جي لقب سان مشهور هئا.
    پير نذر دين شاهه هڪ جيد عالم ولي الله هو، پنهنجي سموري زندگي الله تعاليٰ جي عبادت ڪندي گُذاري. سندس نسبي سلسلو 25 واسطن سان غوث الاعظم رحمة الله عليه ۽ 36 واسطن سان حضرت امام حسن رضي الله تعاليٰ عنه سان ملي ٿو.
    حضرت پير مهر علي شاهه چئن جي عمر ۾ عربي جو پهريون قاعدو پڙهڻ شروع ڪيو. تقريباً هر وقت پڙهڻ سان لڳاءُ هوندو هو. هڪ دفعي پاڻ خانقاهه جي ڀر ۾ جهاڙين ۾ وڃي قاعدو کڻي سبق ياد ڪري رهيا هئا. گرمي جي موسم هئي. اُتي ئي ننڊ اچي ويئي. اتفاق سان پير سيد فضل دين شاهه نماز ظهر جو وضو ڪري رهيا هئا. جڏهن ٻاهر نڪتا ته نذر وڃي پير مهر علي شاهه تي پيئي. جو قاعدو سيني تي پيل هو ۽ ننڊ ۾ هئا. کڻائي گهر پهچايو. پير مهر علي شاهه جو شوق شروع کان ئي تعليم سان هو. ۽ پنهنجي رب کي ننڍي عمر کان ئي ريجهائڻ شروع ڪيو.
    پير مهر علي شاهه ”مدرسي“ ۾ مڪتبي تعليم دوران ئي روزي ۾ رهندا هئا ۽ سخاوت جا ڪوڏيا هئا. پاڻ پڙهڻ کان علاوه ٻارن کي وري پڙهائيندا به هئا. پاڻ پوءِ شڪر ڪوٽ ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي. ڏينهن جو انگه شريف پڙهڻ ويندا هئا. ۽ شام جو ”شڪرڪوٽ“ ۾ ٻارن کي سبق ياد ڪرائيندا هئا. هڪ ئي وقت (شاگرد ۽ استاد) رهيا.
    پير مهر علي شاهه جي شڪر ڪوٽ ۾ هڪ درويش بزرگ بابا نور ماهي سان ملاقات ٿي. بابا نور ماهي هر يارهين شريف تي حضرت غوث الااعظم رحمة الله عليه جي نالي هڪ دنبو ذبح ڪندو هو. هڪ دفعي جڏهن پاڻ دنبو وٺي رستي ۾ اچي رهيا هئا ته اُن دُنبي سان وري لاڏ ڪوڏ به ڪري رهيا هئا. پير مهر علي شاهه اهو لڪاءُ ڏسي هلڪي سيٽي وڄائي ته بابا نور ماهي مخاطب ٿيندي چيو ته ”اي منهنجي محبوب جا دُنبا“ ته پير مهر علي شاهه پاڻ اُن کي ڏسڻ لڳا. ايتري ۾ بابا نور ماهي خلوص محبت واري لهجي ۾ چيو ته:
    ”جو انسان علم حاصل ڪرڻ جي بعد ڪجهه تقسيم نه ٿو ڪري
    اُهو اُن وڻ جيئان آهي جيڪو ميوو نه ٿو ڏي“.
    انهي محبت ڀرين لفظن مان پير مهر علي شاهه تي بيحد اثر ٿيو. پاڻ ”انگه شريف“ ۾ مولانا سلطان محمود رحه جي مدرسي ۾ اڍائي سال رهيا. حصول علم حاصل ڪيو ۽ خوش نويسي سکڻ لاءِ منشي غلام احمد ساڪن وٽ رهي سکڻ جو شوق حاصل ڪيو. مُنشي صاحب کي خوش نويسي ۾ خطن لکڻ تي تمام گهڻو عبور حاصل هو. پير مهر علي شاهه ”علي ڳڙهه“ ۾ به پڙهڻ ۾ مصروف رهيا ۽ سهارن پور ۾ سندس قابليت ۽ ذهانت ڏسي وڏا علماءَ ڪرام اچي بحث مباحثو ڪندا هئا. پاڻ مولانا احمد علي رحمة الله عليه کان بخاري شريف ۽ مُسلم شريف ٻنهي جي سَند حاصل ڪئي. اُن وقت عمر 20 سال هئي ۽ 1295 هجري 1878ع سال هو. ننڍي عمر ۾ تمام وڏي درجي تي پهچي چڪا هئا.
    پاڻ پنهنجي استاد حضرت مولانا احمد علي رحه کان حديث جي سَند حاصل ڪرڻ ۽ اجازت ملڻ بعد گهر واپس آيا. ۽ ”گولڙا شريف“ جي مسجد ۾ درس ۽ تدريس جي عمل کي شروع ڪيو. (50) جي قريب شاگردن ديني تعليم حاصل ڪئي. پاڻ حضرت خواجه شمس الدين سيالوي رحمة الله عليه جي هٿن تي دست بيعت جي اعزاز سان خلافت جو فرقو حاصل ڪيو. پاڻ خواجه شمس الدين سيالوي جا آخري خليفا هئڻ جو به اعزاز حاصل ڪيو. خواجه صاحب پنهنجي سڀني شاگردن مان وڌيڪ پير مهر علي شاهه کي عقيدت ۽ احترام سان ڏسندا هئا ۽ ڪافي سارن اعزازن سان نوازيو. خواجه صاحب جي هوندي ڪنهن کي به اجازت نه هئي ته ڪنهن ٻئي جي هٿ تي بيعت ڪئي وڃي. خواجه شمس الدين سيالوي جي باقاعده حڪم تي هزار جي قريب معروف عالم مولوي سيد احمد به ”سيال شريف“ ۾ حضرت پير مهر علي شاهه جي هٿ تي بيعت ڪئي. ڪافي سارا عقيدت مند حضرت پير مهر علي شاهه کي قدر منزل عزت جي نگاهه سان ڏسندا هئا. انهي درگاهه سان شاگرد ۽ استاد جو رشتو قائم ۽ دائم رهيو ۽ پير مهر علي شاهه جي استاد مرشد خواجه شمس الدين سيالوي رحمة الله عليه 24 صفر 1300 هجري بمطابق 4 جنوري 1883ع تي انتقال ڪيو.
    پير مهر علي شاهه ڪافي ڪتاب به لکيا: جن ۾ تحقيق الحق في ڪلمة الحق، اعلاءِ ڪلمة الله، خطن ۽ تحريرن جو مجموعو ”مڪتوبات طيبات“ شايع ٿيا.
    1307 هجري 1890ع پاڻ حج بيت الله جي زيارت ڪئي. خواجه عبدالرحمان به گڏهو. حضرت پير مهر علي شاهه جي ننڍي ڀاءُ پير ملايت شاهه کان روايت آهي ته هڪ دفعي شادي جي تقريب ۾ پهچڻ لاءِ ريلوي اسٽيشن پهچڻو هو. مڪمل تياري ٿي چُڪي هئي. مگر پير مهر علي شاهه واپس گُهرايو ۽ چيائين ته اِن گاڏي ۾ نه وڃو. ڏاڍو زور ڀريو ويو مگر وڃڻ کان روڪيائين. آخرڪار اُها ريل گاڏي هلي ويئي ۽ لالا موسيٰ جي قريب هڪ ٽرين سان ٽڪرائجي ويئي ۽ ڪافي سارو نقصان ٿيو ۽ بعد ۾ ئي سڄي حقيقت جي وجه معلوم ٿي ويئي.
    هڪ دفعي اراتمند بيان ڪندي فرمايو ته جڏهن هو روس ۾ هيو ته خواب ۾ پير مهر علي شاهه رحمة الله عليه جي زيارت نصيب ٿي. ۽ پاڻ فرمايائون ته: هانگ ڪانگ ۾ تنهنجي گهران چوري ٿي آهي. اُنهي وقت سفارتخاني جي معرفت گهر رابطو ڪيو ته معلوم ٿيو ته واقعي چوري ٿي ويئي آهي. پر ڪجهه ڏينهن بعد سامان واپس مليو. سفارتخاني جو پورو عملو حيران ٿي ويو.
    حضرت پير مهر علي شاهه 29 صفر المظفر 1356 هجري بمطابق 12 مئي 1937ع تي شام جي وقت گولڙا شريف ۾ وفات ڪئي.
    ٻئي ڏينهن ربيع الاول جي پهرين تاريخ تي شام جو ساڍي ڇهين بجي مولانا مولوي قاري غلام محمد جنازي نماز پڙهائي جنازي نماز ۾ تقريباً پوڻا ٻه لک ماڻهو شريڪ ٿيا، اِ ن موقعي تي محڪمه ريلوي اسپيشل ٽرينون هلايون جو ڪافي تعداد ۾ مريد اتي جنازي نماز ۾ شريڪ ٿيا.
    پير مهر علي شاهه جي وصال کان پوءِ سندس پٽ پير غلام محي الدين المعروف ”بابوجي“ رحمة الله عليه جي خواهش تي مدينه منوره جي نقشي تي روضو تعمير ڪرڻ جي شروعات ڪرائي. مسجد شريف جي ٿلهي جي برابر ڪيو ويو. ڪجهه ماڻهن کي پاڻ خواب ۾ ارشاد فرمايو ته مون تي بوج ڇو وڌو ويو آهي. پوءِ پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪري شام وقت تابوت کي 6 فوٽن تي رکيو ويو، ڇو ته پهريان 20 فوٽ تابوت هيٺ ٿي چڪو هو.
    شام جي وقت تابوت نڪرڻ وقت ايتري ته خوشبوءِ فضا ۾ ڦهلجي ويئي جو ڪافي ڳوٺن جا ماڻهو رات جو اچي گڏ ٿيا.بزرگ مهر علي شاهه جي روضي مبارڪ جي تياري ۾ 20 سال لڳا. سنگ مر مر سان روضو تعمير ڪيو ويو. سنگ مر مر جوڌپور رياست مڪرانه مان گهرايو ويو. حضرت پير غلام محي الدين المعروف (بابوجي) جي ولادت 1309 هه ڊسمبر 1891ع ۾ ٿي ۽ وفات پهرين جمادي الثاني 1394 هه مطابق 22 جون 1974ع ۾ ٿي. سندس کي والد صاحب سان گڏ رکيو ويو.

    حوالا:-
    1. سيرت حضرت پير مهر علي شاهه: مولانا ناصر حسين قادري عطاري سال 2014ع لاهور).
    2. (اسلامي شاهڪار انسائيڪلوپيڊيا: سيد قاسم محمود)
    3. (انسائيڪلوپيڊيا پاڪستانيڪا: سيد قاسم محمود ص: 784)
    4. (جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري).


    محمد محسن بيڪس (1275هه- 1298هه)

    بزرگ شاعر فقير قادر بخش ”بيدل“ جو فرزند فقير محمد محسن (بيڪس) جو جنم 28 جمادي الثاني 1275 هجري بمطابق2 فيبروري 1859ع ۾ روهڙي ۾ ٿيو. هن پنهنجي استاد آخوند عبدالله کان تربيت حاصل ڪئي. جيڪو پنهنجي وقت جو هڪ وڏو مدبر عالم ۽ بزرگ هو. بيڪس پنهنجي والد صاحب کي مرشد ڪري. هنن لفظن ۾ ظاهر ڪيو آهي. جڏهن سندن وفات ٿي:
    بيدل مُرشد منهنجو، سائين غريب نواز هو،
    بيڪس خادم دَرَ جي کي، عشق جو آغاز هو.
    جڏهن ”بيدل“ سائين وفات ڪئي ته اُن وقت بيڪس جي عمر 14 سال هئي. بيڪس پنهنجي شاعري ۾ حسن ۽ عشق جي رازن کي تمام سهڻي نموني ۾ شاعري جو روپ ڏيئي پيش ڪيو آهي. حقيقت ۾ 23 سال ٿورڙي عرصي ۾ جيڪا هن اسان کي شاعري ڏني آهي. سا بهترين ڪمال درجي جي آهي. سندس شاعري ڏوهيڙن ۽ ڪافين تي مشتمل آهي. بيڪس پنهنجو پاڻ کي تمام صاف سٿرو رکندو هو. ايتري قدر جو ڏينهن ۾ ٻه ٽي دفعا تيل ڦليل سان وهنجندو هو. سنڌ جي سُڃاڻ پَٽڪو سندس ايترو ته پسند هو جو پائڻ ۾ اُن کي وڏي ترجيح ڏيندو هو ۽ مٿي تي سدائين پاتل رهندو هو. گلابي ۽ مڪس رنگ جي پٽڪي کي گهڻو تڻو استعمال هيٺ آڻيندو هو. ملتاني گهيتلو به پيرن جي سونهن هئي. پاڻ گهٽ ڳالهائڻ کي ئي پسند ڪندو هو.
    بيڪس رياضت ۽ عبادت جو قائل هو. کيس روح کي راحت ڏيڻ لاءِ رات جي وقت اڪيلائي ۾ جهونگاريندو هو. هن بزرگ شاعر جي ”ڪنعيي لعل“ سان بيحد محبت هوندي هئي. جو هن کان پري نه ٿيندو هو. سندس سچي محبت ايترو ته گهمايو. جو صبح کان شام تائين مستي جي عالم ۾ پيو هميشه ياد ڪندو هو.
    بيڪس اِن محبت کي پنهنجي ڪلام ۾ شاعري جو روپ ڏيئي ڪيڏو نه فدا ڪري ڇڏيو اٿس ۽ چئي ٿو ته:
    حال واقف يار همدم، هُج هميشه همقدم،
    دم نه هڪڙو ٿي تُون ڌار، آءُ ته پرچون پاڻ ۾.
    سندس شاعري ۾ درد جي شدت ۽ حسن جي حقيقت سمايل آهي. پاڻ سنڌي، سرائڪي، هندي ۽ فارسي ۾ شاعري ڪئي. پيءُ ۽ پٽ (2) اهڙا نالا آهن جو هڪ ئي نالي طور گڏ چيا وڃن ٿا. يعني (بيدل بيڪس).
    بيڪس ننڍي عمر 23 سالن جي ڄمار ۾ 5 رمضان المبارڪ 1298 هجري بمطابق پهرين آگسٽ 1881ع ۾ هن فاني جهان کان موڪلاڻي ڪئي. سندس موڪلاڻي تي شاعر نواب شاهه سڪايل پر درد نظم چيو. ”ديوان بيڪس“ سيد عبدالحسين شاهه موسوي، سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪيو آهي:
    شاعري جون سٽون:
    هِئن نه لائق هوءِ، مارڻ مسڪينن کي،
    ڇوري ڇڏي ڇپرين، متان پڇتائين پوءِ،
    هِيئَن نه گهريو هوءِ، بيڪس کي بيران ڪَيئي.

    آهون ۽ دانهون، ويچاريءَ وڏيون ڪيون،
    وٺيو گس گوندر جا، ڀڳائين ٻانهون،
    پنهون آڳاهون، سڏ نه سڻي مئي جا.

    حوالا:-
    1. صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر: پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي مانجهي 2010ع
    2. ڳالهيون منهنجي سنڌ جون: شوڪت خواجائي 1999ع.
    3. روهڙي جا روشن ستارا: ڊاڪٽر هدايت پريم. 2011ع.
    4. مضمون ۽ مقالا: سهيڙيندڙ: خانم خديجه دائود پوٽو. 1978ع.
    5. سيوهڻ صدين کان: خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي.


    حضرت مولانا احمد سائين (خانڳڙهه شريف) (1290هه-1352هه)

    حضرت مولانا احمد سائين جو جنم 1290 هجري مطابق 1873ع ۾ خانڳڙهه ۾ ٿيو. والد صاحب جو اسم گرامي حضرت مولانا عبدالغفار هو. ديني تعليم پنهنجي والد صاحب کان حاصل ڪئي. وڌيڪ تعليم لاءِ ڀرچونڊي شريف، فتح پور ۽ لوءِ صاحبان گهوٽڪي ۽ حصول تعليم جي سلسلي ۾ همايون شريف ۽ درويش نائچ مان حاصل ڪئي.
    حضرت مولانا احمد سائين اٽڪل 22 سال تعليم جي حصول ۾ وقف ڪيا. 1325 هجري مطابق 1907ع ۾ والد صاحب جي وفات کان ٽئين ڏينهن دستاربندي واري رسم: حافظ محمد عبدالله (شيخ ثاني) (ڀرچونڊي شريف) واري پنهنجي هٿن مبارڪن سان ادا ڪئي.
    حضرت مولانا احمد سائين 30 سالن جي عمر ۾ حضرت ميان عبدالله (هادي سائين) ڀرچونڊي شريف واري کان خلافت جو خرقو حاصل ڪيو. پاڻ ديني تعليم کان علاوه دين جي تبليغ، پرچار به ڪندا هئا ۽ پاڻ دين جي باري ۾ ڪتاب لکي عام ماڻهن تائين پهچائڻ جي ڪوشش به ڪندا هئا. شاعري سان به سُٺي دلچسپي رهي پنهنجي چيل ڪلام ۾ مداح، مناجات ڪافيون ۽ مولود سرفهرست جاءِ والارين ٿا. سندس چيل مولود تمام گهڻو مشهور آهن.
    حضرت مولانا احمد سائين جي سي حرفي ايتري ته مشهور آهي جو صبح جي وقت خاص ڪري عبادتگاهن ۾ پڙهي وڃي ٿي. سي حرفي جي شروعات هنن اڍائي سٽن جي ٿلهه سان ٿئي ٿي.
    اول ڀي تون آخر ڀي تُون، باطن ڀي تون ظاهر ڀي تُون،
    بيشڪ تون آ بيرنگ بيچون، خاوند خالق ارض سماءَ،
    لَا اِلاه اِلَا الله.
    انهي سي حرفي جو ذڪر (الف) کان وٺي (ي) تي ختم ٿئي ۽ آخري هنن سٽن سان سي حرفي جي پڄاڻي ٿئي ٿي.
    حسبي ربي جل الله، ما في قلبي غير الله،
    نُور محمد صلي الله، مڪه مدينه بيت الله،
    لَا اِلاه اِلَا الله، محمد رسول الله. (صلي الله عليه وآله وسلم).
    حضرت مولانا احمد سائين پنهنجي مرشد سان عقيدت ۽ محبت جو اظهار پنهنجي شاعري ۾ ڪيو آهي، پاڻ هڪ شادي ڪيائون جنهن مان هڪ پٽ جي اولاد نالي ميان محمود پيدا ٿيو. ميان محمود جي پيدائش 1315 هجري مطابق 1897ع ۾ ٿي.
    حضرت مولانا احمد سائين 63 سالن جي ڄمار ۾ اڱاري رات 23 شوال 1352 هجري مطابق 27 جنوري 1935ع ۾ هن فاني جهان مان موڪلاڻي ڪئي. سندس آخري آرام گاهه خانڳڙهه شريف ضلعي گهوٽڪي ۾ آهي. حضرت مولانا محمد قاسم مشوري ۽ ميان عبدالغفور مهر جهڙن ڀلارن بزرگن کي پاڻ خرقه خلافت جهڙي نعمت سان نوازيو.
    حضرت احمد سائين جي ڇپيل ڪتابن ۾ (مشڪوات شريف) سنڌي ۾ حديث شريف جو ترجمو:
    هن سنڌي ترجمي کي ”مرات الشريح“ جو نالو ڏيئي حضرت ڀورل سائين (ڀرچونڊي شريف) (8) جلدن ۾ پنهنجي خرچ تي ڇپرائي پڌرا ڪيا. بياض احمدي ۾ 127 ڪافيون آهن جيڪو 89 صفحن تي مشتمل آهي ۽ آخر ۾ 8 ڪافيون ۽ غزل شامل ٿيل آهن. حضرت احمد سائين ننڍا رسالا به ترتيب ڏنا جن کي ”مظهر“ جو نالو ڏنائون. ڀرچونڊي شريف جي پهرين سجاده نشين جي تعريف ۾ سندس چيل شعر:
    وَهه ڪجلا تنهنجا تجلا، گهور ڪيون دل گهائين ٿا،
    زهر عبادت تقويٰ طاعت، وسريا ٻيا سڀ وَسلا،
    هڪو مَسئلا يار پڙهايا، مَحو ٿيا ٻيا مَسئلا،
    اڳي هياسي عقل اڪابر، هاڻي ٿياسي ڪَملا.

    حوالا:-
    خانقاهه ڀرچونڊي شريف جي ادبي تاريخ: ڊاڪٽر الهوسايو سومرو ص 179- 180.
    جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري 2004ع.


    محمد فقير کٽياڻ (1292هه-1360هه)

    بزرگ شاعر محمد خان جي ولادت حيدر خان کٽياڻ جي گهر ڳوٺ سليمان کٽياڻ تعلقي هالا ۾ سن 1876ع بمطابق 1292 هجري ۾ ٿي. سندس وڏا افغانستان کان لڏي سنڌ ۾ اچي رهيا. فوج ۾ هوندي بهادري ۽ ڪاميابين تي کين جاگيرون مليون. 1914ع ۾ جرمن واري لڙائي ۾. پير پاڳاري پاران موڪليل دستي ۾ محمد خان پنهنجي سرڪردگي هيٺ ڪاميابي جون منزلون ماڻي واپس وريو. پر ڪجهه وقت کان پوءِ نوڪري کي الوداع چئي. فقيري واري رمز ۾ جڪڙجي ويو، سنڌي، سرائڪي، اردو، هندي، فارسي ۽ عربي ٻولين ۾ شاعري جا سڀ سبق ياد ڪيائين. پاڻ پير صاحب پاڳاري جو مريد هو، مُرشد کان موڪلائي، ولي محمد لغاري جو طالب ٿيو.
    سخي قبول محمد ڪلام ٻڌي پيشاني تي چُميون ڏيندي چوندو هو ته: ”ان ڪوناري کي چمان ٿو، جنهن مان هي سخن پچي نڪتا آهن“. فقير محمد کٽياڻ هڪ هنڌ چئي ٿو ته:
    عاشق اصل اويسي وحدت وصال ويسي،
    مشهور ٿيو مهيسي ”محمد“ مٿي اگهاڙو.
    پاڻ بهترين شاعر هئا. سندس ڪلام ۾ تصوف ۽ عشق جا عجب اسرار سمايل آهن. سندس چيل شاعري روح کي راحت ۽ دل کي سڪون ڏيئي ٿي.
    زاهد زناري جو، ڇا صحيح ڪندو سر،
    هِيءُ بکيا پني پني بهشت جي، هو دم جو جپي در،
    هِيءُ مهر منگي مرشد کان، هو گُر ۾ ٿئي گرَ،
    ”محمد“ پيالو ڀر، ڪو مرد پيئي مئخاني ۾.
    پاڻ جڏهن فقيري اختيار ڪيائون ته ”محمد فقير کٽياڻ“ مشهور ٿيو، ادب، شاعري، تهذيب ۽ اخلاق جا ڱڻ سندس سيني ۾ سمايل هئا. سندن گفتگو ڪرڻ تي آيل ماڻهو واپس موٽڻ جو سوچيندا به نه هئا.
    محمد فقير کٽياڻ جي وفات 4 فيبروري 1941ع (8) محرم 1360 هجري ۾ ٿي. پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي مانجهي: پنهنجي Ph.d ٿيسز ۾ 8 محرم 1359 هجري مطابق 1939ع وفات جو سن ظاهر ڪيو آهي. لِهٰذا مذڪوره هجري تاريخ ۽ سال تي نظر وجهي ته به عيسوي تاريخ 15 فيبروري 1940ع بيهي ٿو. (نه ڪي 1939ع).
    هي هي، هو هو هئو هئون هونگارو،
    نفي ۽ سري کان اخفا اشارو،
    ريکب قلب ڪٽل گندهار روحي،
    گياني گلي ٿيو پنجم پيارو.

    مددي ڪتاب:
    1. يادر فتگان: (مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ: ص-122- 123)
    2. صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر: پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي مانجهي: (Ph.d ٿيسز: 2010). ص- 577).
    3. جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري: اپريل 2004ع.


    محمد فقير گهوٽو (1298هه-1380هه)

    محمد فقير گهوٽو، ”اويسي طريقي“ جو بزرگ شاعر هو. سندس ولادت 1298 هجري مطابق 1881ع ۾ ٿي. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ حسين ٻيلي (گهوٽڪي) مان حاصل ڪئي. پاڻ جڏهن سفر ڪري ”پيران پير“ سرڪار جن جي روضي تي پهتا. ته دِلي سڪون مليو ۽ ڪجهه عرصو رهڻ مناسب سمجهيو، کيس خواب ۾ ارشاد ٿيو ته: ”خير الدين شاهه سکر واري وٽ وڃي سلامي ڀر“.
    محمد فقير گهوٽو پيران پير سرڪار جي روضي تان خوشي جا گيت ڳائيندي سفر سانباهو ٿيا. اچي ”خير الدين شاهه عرف جيئي شاهه“ جا سلامي ٿيا. پاڻ هن بزرگ جي مزار تي پورا 14 سال قيام ڪيو ۽ حاضري ڀري سندس ئي درگاهه تان فيض مان فيضياب ٿيا.
    پاڻ هميشه ئي سائي رنگ جي پوشاڪ پائڻ کي ترجيح ڏيندا هئا. ڇو ته ”اويسي طريقي“ سان منسلڪ هئا. شاعري ۾ سنڌي سرائڪي ۽ فارسي زبانن تي سٺو عبور حاصل هو. ٽنهي زبان ۾ پنهنجي اندر جو آواز تمام سهڻي انداز ۾ پيش ڪيو آهي. شاعري قلمي صورت ۾ موجود آهي.
    محمد فقير گهوٽو سادي طبيعت جو بزرگ شاعر هو. کيس ڪافي مريد مزار تي اچي دِلي سڪون حاصل ڪندا آهن ۽ پنهنجي مرشد کي شاعري جي ويس ۾ ڀيٽا پيش ڪندا آهن، سندس چيل ڪلام ۾:
    ٿلهه: بشر بهانو ڀول ڀڃي، الانس سري الله چوان.
    ڄڻيو نه ڪنهن جو ڄايو آ، صورت سڀ ۾ سمايو آ،
    هتي رائي پنهنجو آيو آ، محمد قل هو الله چوان.
    هن ڀلاري صوفي بزرگ شاعر 1380 هجري مطابق 1960ع ۾ سکر شهر ۾ وفات ڪئي. کيس مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، سندس آخري آرام گاهه ڳوٺ حسين ٻيلي (گهوٽڪي) ۾ آهي. جتي هر سال عرس مبارڪ ملهايو ويندو آهي. کيس ڏورانهين علائقن مان مريد اچي درگاهه تي حاضري ڀريندا آهن.

    مددي ڪتاب:
    1. ياد رفتگان: (مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ٻيو ڇاپو 1994ع)
    جو هر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري: 2004ع.


    صوفي فقير جانڻ چن سائين (1312هه-1416هه)

    صوفي جانڻ چن جو جنم 1895ع بمطابق 13/ 1312 هجري سنڌ جي هڪ ڳوٺ ٿرڙي هاجران ۾ ٿيو. پاڻ صوفي شاعر هو. سندس شاعري ۾ محبت ۽ اُلفت نظر اچي ٿي. ڦوهه جواني ۾ مجازي محبت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جا چڪر ڏياري، پاڻ مُرشد مهدي سائين جي سڪ ۾ شاهپور جهانيان پهتا، جتي مُرشد جو ديدار ٿيڻ، اُهي پنڌ پيچرا، غمن وارا گس، هڪ لحظي ۾ لهي ويا. مُرشد جو سامهون ديدار درشن: شاعري جي روپ ۾ سمائجي ويو، ڪومايل گل ٽري پيا، پکين جا وار ڄڻ مٿان ڇانءُ ڪري گرمي کي روڪي، ٿڌڙي هوا جو جُهوڪون ڏيندا رهيا. سڀ عجب اسرار من ۾ سانڍي مُرشد کي هينئن منٿ ڪئي.
    چن جانڻ گهوري، ڏنو سر سوري،
    اڇليائين اڏي تي، تڪي نه توري،
    اٿم اميدون، هوندم قبر تي.....
    فقير جانڻ چن غريبن جو يار. اڙين جو آڌار، هڪ سچو ۽ کرو انسان هو، هميشه سچ جي سڙڪ ورتائين. پوءِ ڀل ڪو ڪيڏو وڏو اڳواڻ ڇو نه هجي، مد مقابل سامهون ٿي حق سچ وارا چيل لفظ، سندس اڳيان ڪنڊن بجاءِ گُل ٿي نڪتا، حقيقت ۾ پاڻ هڪ سماج سڌارڪ ٿو ڏسجي، حق ۽ سچ جو پيروڪار هو.
    فقير جانڻ چن کي جڏهن سرڪار زمين ڏني ته پاڻ اُها زمين جيڪا
    (150) جريبن تي مشتمل هئي. غريبن ۾ ورهائي ڇڏي. پاڻ صوفي رنگ ۾ سمايل هو. گيڙو ڪپڙا، ڳچي ۾ چڙا، پيرن ۾ ڇير ٻڌي، مالڪ اڳيان محبت جا گيت ڳائي، مالڪ کي ريجهائڻ، سادو کائڻ، سادو اٿڻ ويهڻ ئي هڪ صوفي جي سوچ آهي. جيڪا مالڪ محبوب اڳيان عجز انڪساري ۾ پيش ڪري صوفي ٿي ڪري ثابت ڪري ڏيکاري.
    فقير سائين کي جڏهن مرشد مهدي سائين اجازت ڏني ته پاڻ سنڌ، پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان جو سير سفر ڪيو، ڪيترائي طالب ڪيائين، جن ۾ فقير حب علي، منٺار علي، حُر علي، حميد علي، پتنگ علي، سامان علي، نثار علي جن سندس حق ۽ سچ جو فيض ورتو.
    پاڻ هڪ ڏينهن مهدي سرڪار جي درٻار ۾ پهتا، مهدي سائين کي جيڪو ڏيڻو هو، سو ڏنائين ۽ چيائين ته ”هي عشق جو آب اٿيئي جو تاحيات رهندو“! جنهن کي سيني سان لائي فقير هينئن پيش ڪيو.
    محبوب منهنجي جا آهن، مظهر نوان نوان،
    مثل بي مثال، به نظارا نوان نوان.
    فقير کي پنجتن پاڪ سان عشق هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪلام چوندي ئي وجد واري ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي. سدائين اکين مان ڳوڙها هڪ سمنڊ جيئن ڇوليون هڻندا رهندا هئا. ايتريقدر جو سونهاري به آلي ٿي ويندي هئي. سندس چيل ڪلام چئن جلدن ۾ هڪ ڪتابي صورت ۾ ”حق اثبات“ جي نالي سان مارچ 1997ع ۾ شايع ٿيو.
    فقير سائين هڪ صدي جو سفر پورو ڪري 24 ڊسمبر 1995ع بمطابق 1416 هجري تي هن فاني جهان کان موڪلاڻي ڪئي. سندس آخري آرام گاهه موندر لاکا تعلقي وارهه ويجهو نصيرآباد لاڙڪاڻي ۾ آهي.

    حوالو:-
    ڪتاب سونهان منهنجي سنڌ جا ليکڪ سليم چنا سال 2014ع.
    جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري 2004ع


    چيزل شاهه (1332هه- 1404هه)

    صوفي درويش چيزل شاهه جي پيدائش جمادي الثاني 1332 هجري مطابق: مئي 1914ع ۾ ٿي. والد صاحب جو اسم گرامي صوفي سيد رکيل شاهه هو. شروعاتي تعليم پنهنجي والد کان (فتح پور بلوچستان) ۾ ئي حاصل ڪئي. ديني تعليم کان علاوه عربي، فارسي ۽ اردو جي تعليم مولوي پير بخش شاهه وٽان پرائي پنهنجي پيءُ سان گڏ درگاهه (جهوڪ شريف) تي هر سال سماع جي محفل ۾ پهچي صوفي ذڪر ۽ فڪر ۾ ماڻهن کي جهومائي ڇڏيندا هئا ۽ سموري محفل ۾ واهه واهه جا گيت گونجي اٿندا هئا. پاڻ پنهنجي پيءُ جي هٿ تي بيعت ڪئي. بزرگ رکيل شاهه وڏي مڻيا ۽ مريدي وارو هو چيزل شاهه به پيءُ واري واٽ وٺي جهوڪ جي سر زمين ۾ طالبي ۽ مريدي جا سبق سکيا، بزرگن جي محفل ۾ ويهي فيض مان فيضياب ٿيو.
    سيد رکيل شاهه جي لاڏاڻي کان پوءِ پاڻ گادي جا سجاده نشين مقرر ٿيا، ذڪر ۽ سماع کان پوءِ فقيرن سان ڪيل ڪچهري به ڪافي ماڻهن کي (فتح پور) جي درگاهه تي اچڻ تي مجبور ڪيو. کيس ڪافي مريد جهر جهنگ ۾ سندس چيل ّبيتن ۾ ڪافين کي جهونگارڻ لڳا. چيل ڪلام ۾:
    جان جلي وئي جندڙي ساري، برهه ڀڀڙ اچي ٻاريو آ،
    آ برهه جا ڀڙڪا، ڪن جي ڪڙڪا، ساهه کي سورن ساڙيو آ.
    چيزل شاهه ٻه شاديون ڪيون جن مان ٽن پٽن جي اولاد مالڪ جي حضور مان عطا ٿي. جن ۾ سائين صادق علي شاهه، نياز حسين شاهه، رکيل شاهه عرف علي اڪبر شاهه.
    چيزل شاهه جي چيل ڪلام جي ذخيري کي ڪتابي صورت ۾ آڻي ”بحر عميق“ جي نالي سان ڇپرايو ويو. پنهنجي والد صاحب کان فيض ملڻ ۽ پنهنجي شاعري ۾ رکيل شاهه کي ”رکيل“ جي نالي سان هينئن نروار ڪري شاعري جو روپ ڏيئي ساهه ۾ سانڍيو.
    ڪر سجدو سر قتلام ميان،
    ڏس ري کي يي لام، ميان.
    صوفي چيزل شاهه 15 شعبان 1404 هجري مطابق 16 مئي 1984ع اربع ڏينهن تي وفات ڪئي. آخري آرمگاهه ڳوٺ فتح پور ”گند ا واهه“ رياست قلات بلوچستان ۾ آهي.
    صوفي چيزل شاهه سندس صوفياڻيون صدائون بيت جي صورت ۾ آڻي. هينئن بيان فرمايون آهن.
    آ ڌوتي الف کون، واندا ڪين ويهن،
    پهريون پنهنجي نفس کي، ٿا پل پل پرزا ڪن،
    سامهون ٿيا سبحان کي، ٿاساري رات رڙن،
    اٿي اسر ويل تي ٿا سيني سوز سڙن،
    سهڻا ”چيزل“ ٿا پورپون، جو دم دم دونهان درجا.
    سندس چيل ڪلام جي مجموعي کي فتح چند ڪنعيا لعل ”بحرالعميق“ جي نالي سان 1987ع ۾ حيدرآباد مان ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڪلام ۾ چيزل شاهه جون 186 ڪافيون 31 بيت ۽ ٻه عدد ٽيهه اکريون شامل آهن.

    حوالا:-
    1. ياد رفتگان: مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ٻيو ڇاپو 1994ع.
    2. صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر: پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي مانجهي: سال 2010ع.
    3. جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري.


    باب پنجون : مضمون ۽ مقالا

    مضمون ۽ مقالا

    ”شهنشاهه لطيفؓ “ کي جن، ليکڪن، اديبن، شاعرن بي پناهه اڪير ۽ سِڪ منجهان ساريو ۽ ساهه ۾ سانڍيو. اُنهن ڏات ڌڻين وري شهنشاهه لطيف کي مضمون ۽ مقالي جي روپ ۾ زينت بخشي ۽ جن سٽن ۾ ياد ڪيو. تن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو.

    No: (مضمون ۽ مقالا) لکندڙ: ليکڪ، اديب، شاعر
    1 مضمون: حبيب شاهه جي حويلي ۽ شاهه لطيف جو ننڍپڻ ولي محمد طاهر زادو
    2 مقالو: شاهه جا شيدائي ۽ سندن شرح جو معيار محمد هنڱورجو
    3 مضمون: افراتفري، انتشار جو دؤر ۽ شاهه آغا سليم
    4 مقالو: شاهه جي عظمت جا اسباب شمس العلماءَ علامه دائود پوٽو
    5 مقالو: شاهه لطيف جي شاعري ۾ انسان دوستي ڊاڪٽر شير مهراڻي
    6 مقالو: شاهه لطيف جي ڪلام ۾ انسان دوست رويا ڊاڪٽر مخمور بخاري
    7 مقالو: تصوف ۽ تصوف جي بنيادي اصولن ۾ شارح شاعر لطيف نوناري
    8 مضمون: شاهه عبداللطيف جي ڪلام ۾ اسلامي قدرن جي اهميت عبدالرحيم ڏيٿو
    9 مقالو: ڀٽائي ۽ وارث شاهه ۾ عوامي رنگ ۽ فڪري هڪجهڙايون اقرار پيرزادو
    10 مضمون: شاهه اُميد جو شاعر آغا سليم
    11 مقالو: نياز ۽ نوڙت، شاهه جي نظر ۾ سردار علي شاهه ”عاصي“
    12 مقالو: ڪاڇي جي ڪنڌي ۽ شاهه لطيف عزيز ڪنگراڻي
    13 مضمون: ”اي نه عورت هوءِ“. شاهه سائين جو فڪر ۽ فلسفو ج، ع منگهاڻي
    14 نظم: سڀ ڪجهه تو مٿان گهوري ڇڏيان ميون خان ”موج“ لغاري
    15 مضمون: شاهه فطرت پرست ۽ انارڪسٽ آغا سليم
    16 مقالو: ڀٽائي جي شعر ۾ اشاريت مير شفيع محمد علوي
    17 مقالو: شاهه لطيف جي ڪلام ۾ عبادت جو تصور ڊاڪٽر بشير احمد ”شاد“
    18 مقالو: ڀٽائي سائين جي پير موسيٰ شاهه سان ”لوءِ صاحبان“ ۾ رهاڻ غلام شبير پيراهين
    19 مقالو: لطيف سائين جي امر ڪوِتا موتي رام ايس رامواڻي
    20 ”نذر عقيدت“: بدر بار شاهه عبداللطيف ڀٽائي سيد علي شاهه لڪياري
    21 مضمون: ناٿ ڏٺائون نانهن ۾. آغا سليم
    22 مقالو: شاهه عبداللطيف، جديد دؤر جو باني اين اي بلوچ
    23 مقالو: شاهه لطيف جي ڪلام ۾ انسان شناسي پروفيسر ڊاڪٽر نور افروز خواجه
    24 مقالا: شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سماع، ويدانت آور جوگي ڊاڪٽر سلطانه بخش
    25 مقالو: سرائيڪي میں “ہیر رانجھا“ کے منظوم قصوں کا تعارفی تنقیدی مطالعہ محمد ممتاز خان
    26 مقالو: راڳ بابت ڀٽائي سرڪار ۽ دنيا جي عظيم فلاسافرن جا ويچار محمد اسلم ڀٽو
    27 مقالو: شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري ۾ ”وجدان“ پروفيسر محمد سليم ميمڻ
    28 مضمون: ڀٽائي جي فڪر تي غير جذباتي ٿي سوچڻ جي ضرورت ڊاڪٽر فهميده حسين
    29 مقالو: لطيفي تحقيقي جا فڪري رُخ محمد حسين ڪاشف
    30 مضمون: شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ تاريخ نذير ناز
    31 مقالو: شاهه جي شاعري ۾ اذيت پسندي برڪت بلوچ
    32 مقالو: شاهه لطيف جي شاعري ۾ زورائتو اُچار تنوير عباسي
    33 مقالو: سي ئي جوڀن ڏينهن سليم ڀٽو
    34 مقالا: ”هو“ اقلیم عشق کا اعتبار (شاھ لطیف اُور رومی کے افکار کے تناظر میں) ڈاکٹر علی کمیل قز لباش
    35 مقالو: شاهه عبداللطيف جي ڪلام ۾ تاريخي لفظ ڊاڪٽر نواز علي شوق
    36 مقالو: شاهه لطيف پڙهيل هو وقار حسين ٻانڀڻ
    37 مقالو: شاهه جي رسالي ۾ موجود سنڌي پرڪاش راڳن جو اڀياس سڪندر ساگر
    38 مضمون: چوڏس چٽاڻو آغا سليم
    39 مقالو: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام ۾ حقيقت محمدي جو ذڪر مولانا عبداللطيف سڪندري
    40 مضمون: رُون رُون ڪري رازُ (تحقيقي مضمون) سليم ڀٽو لطيفي
    41 مقالو: شاهه ۽ سچل جي شاعري ۾ ڏک جو عنصر ڊاڪٽر فهميده حسين
    42 مقالو: لطيفي فڪر جا مزاحمتي رويا محمد حسين ڪاشف
    43 مضمون: ڪڇي ڪاڇوٽي، نانگن ٻڌي نينهن جي لطيف پيرزادو
    44 مضمون: شاهه ۽ Sublime آغا سليم
    45 مقالو: شاهه لطيف جي شاعري ۾ لاشعوريت ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ کهڙو
    46 مقالو: شاهه جي شعر جا نفسياتي نڪتا پروفيسر عبدالڪريم لغاري
    47 مقالو: شاهه جو رسالو: سماجهي ترقي جو منشور ڊاڪٽر مهر النساءِ لاڙڪ
    48 مقالو: شاهه ڀٽائي جو رسمن بابت مطالعو پروفيسر لطف الله بدوي
    49 مضمون: شاهه تصوراتي عڪسن جو شاعر آغا سليم
    50 مقالو: جهڙا آيا جڳ ۾، تهڙا ويا موٽي طارق عزيز تنيو
    51 مقالو: بنی نوع انسان سے محبت کرنے والا عظیم صوفی شاعر شفيق احمد شفيق
    52 مضمون: شاہ عبداللطیف بھٹائی، سندھ دھرتی کا فخر غالب عرفان
    53 مقالا: “شاہ لطیف کے کلام میں سندھ اُور مکران کے مشترکہ ثقافتی ورثہ کی جھلکیاں”: حڪيم بلوچ
    54 مضمون: سُر ڏهر سجاڳي جو سڏ ڊاڪٽر اسد جمال پلي
    55 مقالو: ڀٽائي جي شاعري ۾ رنگي جا رنگ امين چانڊيو
    56 مضمون: ڏک تنين کي ڏِک آغا سليم
    57 مقالو: شاهه لطيف جو پهريون شارح ارنيسٽ ٽرمپ ڊاڪٽر نواز علي شوق
    58 مقالو: شاهه جي رسالي ۾ ماءُ ڊاڪٽر اسد جمال پلي
    59 مقالو: شاهه جستجو ۽ جدوجهد جو شاعر مراد علي مرزا
    60 مقالو: لطيف جي ڪلام ۾ انساني ڪردار جي پرک پروفيسر محمد سليم ميمڻ
    61 مقالہ: شاہ عبداللطیف بھٹائی پنجابی زبان و ادب کے تناظر میں اختر وصال سليمي
    62 مضمون: جي رُڃن راهه پُڇن. آغا سليم
    63 مقالو: جانب تُون جيڏو آهين، شان شعور سين سليم ڀٽو لطيفي
    64 مقالو: ڀٽائي سائين جو ڪلام کير ٿر جون ٻوليون ۽ لهجا جوهر بروهي
    65 گلگت بلتستان کی شاعری پر شاہ عبداللطیف بھٹائی کے افکار کے وجودی اثرات احسان شاهه
    66 مقالو: صوفي فڪر ۽ لطيف محمد حسين ڪاشف
    67 مقالو: شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي نظر ۾ ”هنج“ پکي نذير ناز
    68 مضمون: کوہ نہ جُھار يیں جکرو آغا سليم
    69 مقالو: شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي وائي جو اڀياس ۽ موسمياتي تجزيو ذوالفقار علي قريشي
    70 مقالو: شاهه جي ڪلام ۾ روحاني منزل جو ذڪر ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ
    71 مقالو: موسيقي ۽ شاهه ڊاڪٽر آفتاب ابڙو
    72 مقالو: شاهه جي شعر ۾ انساني مزاج ۽ فطرت جي عڪاسي ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
    73 مضمون: مومل ۽ مينڌري جو ماڳ معمور يوسفاڻي
    74 مقالو: شاهه لطيف ۽ سچل سرمست ۾ نظرياتي فرق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
    75 مقالو: شاهه لطيف جي شاعري ۾ فطرت جا رنگ ڊاڪٽر رحمان گل پالاري
    76 مقالو: شاهه لطيف جي ڪلام ۾ تشبيهن ۽ استعارن جو استعمال ڊاڪٽر فهميده حسين
    77 مقالو: موجوده دؤر ۾ شاهه لطيف جي اهميت محمد حسين ڪاشف
    78 مقالو: سُر ڪيڏارو ۽ اُن ۾ سمايل عورت جو عظيم ڪردار نذير ناز
    79 مقالو: مارئي (حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي) جي سورمي پروفيسر غلام احمد بدوي
    80 مضمون: ”شاہ عبداللطیف بھٹائی کا نظریہ تصوف اور وحدہُ لا شریک سے عشق” محمد حسيب القادري
    81 مقالو: راڻو شاهه جي ڪلام جو اڻموٽ ڪردار نواب ڪاڪا
    82 مقالو: شاهه لطيف جي ڪلام ۾ سجاڳيءَ جو سڏ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
    83 مضمون: نوجوان ۽ شاهه ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
    84 مقالو: لطيفي لفظن تي ويچار پريتم پياسي
    85 مضمون: شاهه لطيف جي شاعري ۾ مومل جو ڪردار ۽ ڪاروڪاري جي رسم ڊاڪٽر فهميده حسين
    86 مقالو: کاهوڙي خفي سان محمد حسين ڪاشف
    87 مقالو: شاهه لطيف ڀٽائي جا آئيڊيل جوڳيئڙا نذير ناز
    88 مقالہ: شاہ لطیف زندہ فطرت کے تابندہ شاعر اياز جاني
    89 مقالو: شاهه جي ڪلام ۾ سهپ ۽ صبر ڊاڪٽر بشير احمد ”شاد“
    90 مقالو: شاهه جي ڪلام ۾ خوشيءَ جو فلسفو ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
    91 مقالو: شاهه جي ڪلام ۾ زندگي جو فلسفو ڊاڪٽر غلام علي الانا
    92 مضمون: شاهه صاحب ۽ اسان جون جوابداريون جي ايم سيد
    93 مقالو: مابعد جديديت ۽ صوفي مت (شاهه جي شاعري جي پس منظر ۽ پيش منظر ۾) ڊاڪٽر غفور ميمڻ
    94 مقالو: ڪوڙي ڪايائون تنهنجون طارق عزيز تنيو
    95 مقالو: شاهه جي رسالي ۾ گرامر ۽ اعرابن جو جائزو استاد لغاري
    96 مقالو: شاهه لطيف جي ڪلام جي روشني ۾ حُسن ۽ جمال جو اڀياس ڊاڪٽر غلام علي الانا
    97 مضمون: شاهه سائين جو ترائي تان ڀيرو ۽ سندس اوتارو غلام شبير پيراهين
    98 مقالو: شاهه جي شاعري ۾ ”وارن“ جو ذڪر ڪريم بخش چنا
    99 لطيفي شعر ۽ مشاهدي جا رنگ نذير ناز
    100 مقالو: شاعر جو سماجي ڪردار ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو
    101 تحقيقي مضمون: بيت نه پر آيتون، شاهه جي دعويٰ ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگهيو
    102 مقالو: شاهه ۽ عشق پروفيسر ستار سومرو
    103 مقالو: ٻاجهارو ٻيلي ڌڻي ڊاڪٽر غلام علي الانا
    104 مضمون: مصور شاعر، لطيف ۽ سرڪيڏاري ۾ رنگ قاضي منظر حيات
    105 مقالو: شاهه لطيف سنڌي ٻولي جو معمار (لسانياتي جائزو) ڊاڪٽر غلام علي الانا
    106 مقالو: تاجدار تصوف ڀٽ ڌڻي بادشاهه عبدالوحيد انڍڙ
    107 مقالہ: شاہ عبداللطیف بھٹائی پر تعلیمی تحقیق ایک جائزہ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
    108 مقالو: شاهه لطيف بابت حڪايتون ۽ روايتون مير عبدالحسين سانگي
    109 مضمون: پنهنجو آهين پاڻ آڏو عجيبن کي فقير علي ڏنو نظاماڻي
    110 مقالو: لطيف شناسي لاءِ نيون سوچون ۽ نوان قدم ڊاڪٽر غلام علي الانا
    111 مقالو: عدد ناهي عشق ڊاڪٽر تهمينه مفتي
    112 مقالو: شاهه جي شاعري ۾ اخلاقي قدر نذير ناز
    113 مقالو: سُر سامونڊي، وفا شعار ونيءَ جي محبت جو لازوال داستان جاويد شيخ
    114 مقالو: شاهه لطيف ۽ سندس دؤر جون سماجي حالتون ڊاڪٽر احسان دانش
    115 مقالو: علم البيان جي روشني ۾ شاهه لطيف جي ڪلام جو مطالعو ڊاڪٽر غلام علي الانا
    116 مقالہ: عورت تاریخ مذاہب اور فلاسافر کے آئینہ میں ڈاکٹر محمود علی شاہ
    117 مضمون: شاهه لطيف ”کاهوڙڪي کير“ جو ”لوڪ طبيب“ ذوالفقار خاڪي
    118 مقالو: مارئي جي موٽ ۽ ملير جو تصور بدر ابڙو
    119 مقالو: سُررام ڪلي جي روشني ۾ جوڳ ۽ جوڳي پنٿ جو اڀياس ڊاڪٽر غلام علي الانا
    120 مضمون: “شاہ عبداللطیف بھٹائی کا پیام، جدید انسان کے نام” محمد موسیٰ بھٹو
    121 مقالو: شاهه جو پيغام هر دؤر لاءِ مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي
    122 مضمون: شاهه صاحب جي تخيل واري سنڌ جي ايم سيد
    123 مقالو: شاهه لطيف سنڌ جي ماڻهن جي جذبن ۽ احساسن جو ترجمان شاعر ڊاڪٽر غلام علي الانا
    124 مقالو: گر بخشاڻي، عاشق لطيف غلام حسين رنگريز
    125 مقالو: ڌرتي جيڏو شاعر شاهه لطيف مريم مجيدي
    126 مضمون ڪو جهن سندا ڪم، ڪري ڪير ”ڪريم“ ري ارباب نيڪ محمد
    127 مقالو: ڀٽائي جو پيش رو شاهه ڪريم ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو
    128 مقالو: تصوف جو سنڌي مڪتبئه فڪر شاهه جي رسالي جي روشني ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا
    129 مضمون: ڀٽائي جي ڪردارن جو قدر ڪيميا سليم ڀٽو لطيفي
    130 مقالو: شاهه ڪريم ۽ شاهه لطيف ۾ هڪجهڙايون گل شير ڏاهري
    131 مقالو: شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري ۾ عورتاڻي ٻولي جو استعمال شازيه پتافي
    132 مقالو: گنجي ۾ گُڻ هئا ڊاڪٽر غلام علي الانا
    133 مضمون: شاہ عبداللطیف کی سوانح حیات اور شاہ کی زندگی پر اثر انداز ہونیوالے اہم واقعات ڈاکٹر محمود علی شاہ
    134 مقالو: زندگي، عمل ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي نُور محمد شاهه
    135 مضمون: تصوف اور شاعری کا روشن آفتاب حضرت شاہ عبداللطیف بھٹائی مولانا اعجاز الحق قدوسی
    136 مقالو: شاهه لطيف عزم ۽ استقلال جو داعي ڊاڪٽر غلام علي الانا
    137 مقالو: شاهه جي ڪلام جي روشني ۾ سنڌي عورت جو مطالعو حسن بانو سومرو
    138 مضمون:نئون نياپو آئيو غلام حسين مشتاق سروري
    139 مضمون: سنڌ جو علمي پسمنظر ۽ مشرقي شاعرن ۾ شاهه جو درجو حڪيم محمد يعقوب قادري
    140 ڪتاب: شاهه لطيف جي بيتن جو تنقيدي ۽ تحقيقي جائزو پروفيسر غلام رسول اڪرم سمون


    سمبارا پبليڪيشن جا شايع ٿيل ڪتاب

    سمبارا پبليڪيشن جا شايع ٿيل ڪتاب

    1. هاءِ هٺيلا هوڏي پريتم (مضمون/تاثر) ساجد سنڌي
    2. سمنڊ ۾ سپ (شاعري) سرڪش سنڌي
    3. اڌوري رچنا (شاعري) منظور سمون
    4. ٻاراڻي ادب جو مسيحا (مضمون/تاثر) هاشم لطيفي
    5. شاهه عبداللطيف ڀٽائي (مضمون/معلومات) غلام شبير پيراهين
    6. هوائن جي هندوري ۾ (شاعري) وفا عظيم جلباڻي
    7. اوجاڳيل آڱريون (شاعري) امر منصور چوهاڻ
    8. مُرڪون محبوبن جون (شاعري) ”شاد“ جلباڻي
    9. رڻ رڙيون ٿو ڪري (شاعري) نسرين الطاف
    10. غلطي معاف (مضمون) جاويد جوکيو
    11. شاهه لطيف جا شيدائي (تحقيق) راهب لاڙڪ
    12. ڪٺيس ڪويڄن (تنقيد/تحقيق) مبارڪ علي لاشاري
    13. دادلوءِ: تاريخ جي آئيني ۾ (تحقيق) پروفيسر فدا حسين”فدا“
    14. سويرن جا اُلڪا (شاعري) ملزم سومرو
    15. لفظ هوا ۾ خوشبوءِ (ريڊيو اسڪرپٽ) جبار آزاد منگي
    16. مٽيءَ جو آسمان (شاعري) علي اظهار
    17. ڇا؟ (شاعري) منظور سمون
    18. سار جا رستا (شاعري) فرحان اڄڻ
    19. اکين ۾ مند ميهنوڳي (شاعري) سائل پيرزادو
    20. سُڌِ سچل جي (تحقيق) علي حسن سرڪي
    21. بچهڙي آنکهه کا ماتم (اردو ناول) ساجد سومرو
    22. ٻانڌي جي تاريخ (تحقيق) شبير احمد عباسي
    23. پياسيءَ جون پڪارون (شاعري) شاهن ”پياسي“ گبول
    24. هينئڙي منجهه هڳاءُ (شاعري) مخمور رضا
    25. اُماس راتيون اداس رستا (شاعري) فهميده شرف بلوچ
    26. دل صحرا، سمنڊ اکيون (شاعري) شاد جلباڻي
    27. ٻهه ٻهه ڪندڙ ٻالڪ (ٻاراڻي شاعري) اويس ڀٽو
    28. جاڳ ازل جي (شاعري) جاويد سوز هالائي
    29. فوٽو گرافر جي آتم ڪٿا (آتم ڪٿا) غلام علي کوساڻي
    جانورن جو واڙو (پرڏيهي ناول) اياز ڀٽو
    گيڙوءَ رتا خواب (شاعري) واحد سوز ملاح
    من گهريو مشتاق بخاري (مضمون/تاثرات) احسان راهوجو
    مُنهنجي مُئي کانپوءِ (شاعري) زخمي چانڊيو
    جيئڻ جنين ڪاڻ (ڪهاڻيون) اقبال بلوچ
    شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو (تحقيق) غلام شبير پيراني


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 534
    ڪتابن جو مشاهدو: 553164
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 213182
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ