ڪتاب جو نالو: سروس بخير
مصنف: اقبال بلوچ
ڇپائيندڙ: ساڀيان پبليڪيشن حيدرآباد
ڪيٽيگري: مختلف موضوع
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 30 جنوري 2017 ع
پڙهيو ويو: 626 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 181 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”سروس بخير“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري شاعر ۽ ڪهاڻيڪار اقبال بلوچ جي ٽريزري آفيس مان رٽائر ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي نوڪري بابت يادگيرين تي مشتمل آهي.
اقبال بلوچ جو ڪتاب “سروس بخير” اصل ۾ سندس زندگي جي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ همت، محنت، مشقت، مسلسل جدوجهد، ثابت قدمي، بک ۽ ڏکن سان مقابلي جو داستان آهي... علم سان دوستي ۽ عزت سان جيئڻ جو سبق ۽ انسان دوستي جو درس ۽ روشن ضميري حق-سچ اخلاقي قدرن، ادب-احترام ۽ محبت جي ڪهاڻي آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا
  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپنا
  • اداري پاران
  • پنهنجي طرفان : يادون لوڙهي مون ويون
  • مهاڳ : حق-سچ لکڻ وارو ليکڪ
  • امهاڳ : شرميلي شعور جي مالڪ جو سفر
  • اقبال بلوچ-انگن کان اکرن تائين
  • اڳواٽ معافي
  • باب پهريون : يادگيريون

  • واچوڙا وجود ۾
  • خزاني جي نوڪري
  • مون کي مليو پيار
  • سرواڻ جو جنم
  • دل جو دورو
  • خزاني جا اديب
  • خزاني جا ڪلاڪار
  • صاحب جي زال آفيسر
  • هڪ خوشي
  • ڏک ڀريا لمحا
  • آئون به راهي هن راهه جو
  • ٽريزري جا عشق
  • هڪ درد ڀريو واقعو
  • باب ٻيون : ٽريزري جون سدا بهار شخصيتون

  • هڪ دلير، بهادر ۽ ايماندار آفيسر غلام محمد بلو بلوچ
  • سدائين مسڪرائيندڙ سائين محمد خان مگسي
  • سفاري سوٽ پائيندڙ آفيسر سائين دوست محمد لاشاري
  • مولائي آفيسر نظام الدين منگي
  • ٻليون پاليندڙ آفيسر وزير احمد کنڀاٽي
  • ڪي ڪي ماڻهو موتي داڻو الطاف حسين منگي
  • دليون چورائيندڙ، من موهيندڙ اي بي جتوئي
  • سدائين ٽوپ پائيندڙ غلام صديق ميمڻ
  • خدائي خدمتگار گل محمد ميمڻ
  • دلير ۽ مڙس ماڻهو سميع الله خان
  • وقت کان اڳ جدا ٿيندڙ آفيسر منظور احمد قريشي
  • بي باڪ ۽ بهادر آفيسر مشتاق احمد شيخ
  • هڪ بي ڊپو، هڪ دلير، هڪ دوست، هڪ شوقين آفيسر سيف الله مگسي
  • هڪ صاف سٿرو آفيسر غلام سرور ميمڻ
  • انتهائي پرخلوص انسان غلام محمد بروهي
  • هاءِ بلوچا حق نواز بلوچ
  • اندر ۾ ڏاڍو پيارو عبدالحفيظ ديدڙ
  • ڀٽو ته ڀٽو-هي سائين به ڀٽو نذير احمد ڀٽو
  • اهڙا سٺا ماڻهو به آهن هر دل عزيز شمشير حيدر کوکر
  • ٺٽي جو وينجهر منظور علي وينجهر
  • نيت صاف منزل آسان شفيع محمد شاهه
  • آفيسر جو پٽ آفيسر محمد منير لاشاري
  • سدا بهار، يارن جو يار اشرف جانوري
  • هڪڙو يار وسيم جروار
  • پنهنجن غمن کي لڪائي ٻين جي چهرن تي مرڪون ڏيندڙ محمد اياز ابڙو
  • عجز ۽ انڪساري وارو شخص طارق مبين سهتو
  • نه ته هي وزير هجي ها... احسان ابڙو
  • تون به ڪو آهين وسرڻ جهڙو غلام قادر ميمڻ
  • هڪ بااخلاق نوجوان بشير احمد هاليپوٽو
  • حقن جو محافظ سيد منصور شاهه
  • ڪمپيوٽر جي دنيا جو ماهر افتخار احمد خان
  • اندر جو صاف انسان سدائين هاءِ بلڊ پريشر محمد جمن لغاري
  • فيض ڏيندڙ شخص محمد ظهير الدين خان
  • سدائين ڪنڌ هيٺ سائين غلام حسين شاهه
  • شادين جو شوقين غلام سرور ٿيٻو
  • هڪ سخي مرد پر هو پٽيوالوپير بخش (پيرو)
  • باب ٽيون : وري يادگيرين ورايو اسانکي

  • ويا سي وينجهار
  • وساريان نه وسرن
  • اسان به گهڻن کي روئاري وينداسين
  • سينيئرن سان جٺيون
  • منهنجو آخري پيغام
  • الله تعاليٰ جون مهربانيون
  • آزاد نظم
  • آزاد نظم

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا

    هن ڪتاب جا حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: سروس بخير
    موضوع: ٽريزري آفيس جون يادگيريون
    ليکڪ: اقبال بلوچ
    ڇاپو پهريون: ڊسمبر 2016ع
    ڳاڻيٽو: هڪ هزار
    ڪمپوزنگ: شاهزيب ميمڻ ۽ عبداللطيف ڪُڙيو
    ٽائيٽل: نعيم ديسوالي
    ڇپائيندڙ: ساڀيان پبليڪيشن حيدرآباد
    ڇپيندڙ: سمبارا پبليڪيشن
    سيد آرڪيڊ آفيس نمبر 8 عبرت گهٽي گاڏي کاتو حيدرآباد
    03003513966

    مُلهه: 200 روپيا

    SARVICE BAKHAIR
    (Memories of Treasury Office)
    By: Iqbal Baloch
    Sambara Publication Hyderabad
    03003513966

    ڪتاب ملڻ جا هنڌ:
    سمبارا ڪتاب گهر حيدرآباد، ڀٽائي ڪتاب گهر حيدرآباد، فڪشن هائوس حيدرآباد، ادبي بورڊ بڪ اسٽال تلڪ چاڙهي حيدرآباد، قليچ ڪتاب گهر سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد، ڪنگ پن بڪ هائوس پريس ڪلب حيدرآباد، ڪامريڊ بڪ اسٽال ڄامشورو. رابيل ڪتاب گهر لاڙڪاڻو، مهراڻ ڪتاب گهر لاڙڪاڻو. وسيم ڪتاب گهر شڪارپور، سنڌيڪا ڪتاب گهر سکر. تهذيب بڪ اسٽور خيرپور ميرس، ٿر ڪتاب گهر مٺي. الفتح نيوز ايجنسي سکر.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سروس بخير“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري شاعر ۽ ڪهاڻيڪار اقبال بلوچ جي ٽريزري آفيس مان رٽائر ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي نوڪري بابت يادگيرين تي مشتمل آهي.
    اقبال بلوچ جو ڪتاب “سروس بخير” اصل ۾ سندس زندگي جي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ همت، محنت، مشقت، مسلسل جدوجهد، ثابت قدمي، بک ۽ ڏکن سان مقابلي جو داستان آهي... علم سان دوستي ۽ عزت سان جيئڻ جو سبق ۽ انسان دوستي جو درس ۽ روشن ضميري حق-سچ اخلاقي قدرن، ادب-احترام ۽ محبت جي ڪهاڻي آهي.
    هي ڪتاب ساڀيان پبليڪيشن حيدر آباد پاران 2016ع ۾ سمبارا پبليڪيشن وٽان ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري دوست ساجد سنڌيءَ جا جنهن سمبارا پبليڪيشن پاران ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي، مهربانيون سائين اقبال بلوچ جون جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ارپنا

    ملڪاڻي شريف جي هڪ بهترين انسان ۽ بدين ٽريزري جي 1975ع ۾ ڀرتي ٿيل، ويجهڙ ۾ اسان کان وڇڙي ويل، مرحوم بهرام خان لغاري جي نانءُ ، جنهن مون کي ٽريزري جي حوالي سان ڪم جو پهريون اکر سيکاريو ۽ تلهار جي مٽيءَ مان ڳوهيل منهنجي اڃا تائين جي پياري دوست لياقت علي خواجه جي نانءُ، جنهن مونکي ٽريزري جو تمام گهڻو ڪم سيکاريو.

    هن جيون جي چو واٽي تي
    ڪي يار مليا ها قرب منجهان،
    وقت جو اهڙو واءُ لڳو
    ڪو ڪاڏي ويو ڪو ڪاڏي ويو،
    هڪ ٻيڙي هئي سا ٻڏندي وئي
    ۽ تاڪ ان جا ترندا ويا،
    هڪ ولر هيو سو وڇڙي ويو
    ڪو ڪاڏي ويو ڪو ڪاڏي ويو۔
    (استاد بخاري)


    اداري پاران

    ساڀيان پبليڪيشن جو پهريون ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ آهي، جيڪو اقبال بلوچ جي ٽين تصنيف ’سروس بخير‘ جي روپ ۾ سندس عملي زندگيءَ جي يادگيرين تي مشتمل آهي، اداري پاران هي پهريون ڪتاب آهي. سچ پچ ته هن ڪتاب ئي اسان جي پبليڪيشن واري خواب کي ساڀيان جو روپ بخشيو آهي.
    ساڀيان پبليڪيشن جو قيام سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪرڻ واري جذبي تحت دوستن جي خواهشن تي عمل ۾ آيو. اوهان پڙهندڙن ۽ ليکڪ صاحبان جو سهڪار رهيو ته اشاعت جو سلسلو انشاءَ الله جاري رهندو. في الحال ته هيءَ شروعات يوسف جي خريدارن ۾ پنهنجو نالو لکرائڻ جي ڪوشش مثل آهي.
    اقبال بلوچ گهڻي عرصي کان لکي رهيو آهي ۽ ’سروس بخير‘ کان اڳ سندس ڪهاڻين ۽ شاعريءَ تي مشتمل 3 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. اسان جي دعا آهي ته اقبال بلوچ ائين ئي مسلسل لکندو رهي ۽ سنڌي ادب جي جهول ۾ خوبصورت موتي ڀريندو رهي..ادارو



    ساڀيان پبليڪيشن
    حيدرآباد


    پنهنجي طرفان : يادون لوڙهي مون ويون

    منهنجي ادبي دنيا جي کيتر ۾ هي مجموعي طرح منهنجو چوٿون ڪتاب آهي، هن کان ڪهاڻين جو مجموعو “سانول جا سور” (2013)، “اي منهنجي شهر جي مٽي” شاعري جو مجموعو (2014) ۽ ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو “جيئڻ جنين ڪاڻ” (2016) کانپوءِ هي منهنجو چوٿون ڪتاب “سروس بخير” (ٽريزري آفيس جون يادون) آفيس جي يادگيرين تي مشتمل “بايو آٽو گرافي” آهي. هي ڪتاب منهنجي 41 ساله سروس جي يادگيرين تي مشتمل ڪتاب آهي، جيڪو مارچ 1976ع جڏهن کان نوڪري Join ڪيم، تڏهن کان لکيو اٿم ۽ ڪوشش ڪئي اٿم ته پهرين ڊسمبر 2016، جنهن ڏينهن خير سان 60 سالن جي عمر ۾ پهچندي پنهنجي نوڪري جي لڳ ڀڳ 41 سال تي پهچندي رٽائرڊ ٿي رهيو آهيان، ممڪن حد تائين آخري ڏينهن تائين پنهنجي آفيس جي لمحي لمحي جي يادگيرين کي سهيڙي هن ڪتاب ۾ آندو اٿم. ڪتاب لکڻ ويٺس ته سمجهه ۾ نه پئي آيو لکڻ جي شروعات ڪيئن ۽ ڪٿان ڪجي پر پوءِ قلم لکندو ويو، ڪاغذ ڀرڀا ويا، ياد ڪندو ويس، لکندو ويس... ڪوشش ڪئي اٿم ته مون جيڪو محسوس ڪيو، جيڪي ڏٺو، جيڪي ڪيو جي آڌار تي، هوبهو ۽ سچ لکيو اٿم. ڪن مرحلن ۾ مون کي ڏکيو سچ به لکڻو پيو آهي، ڪن مرحلن ۾ مون سچ به هوندي لکي نه سگهيو آهيان ۽ ڪٿي سچي سچ کي به لڪائي ويو آهيان، پر تنهن هوندي به جيڪي ڪجهه لکيو اٿم، اهو بلڪل سچ لکيو اٿم. اهو بلڪل ائين لکيو اٿم، جيئن ڏٺم، جيئن محسوس ڪيم، ڪتاب کي دلچسپ بنائڻ لاءِ ڪٿي ڪٿي، رک رکاءِ کان ڪم نه ورتو اٿم... هن ڪتاب جي لکڻين ۾ ڪو به وڌاءِ نه آهي، ڪا به بناوٽ، سجاوٽ نه آهي، ڪو ڪوڙ نه آهي، مبادا منهنجو مشاهدو ڪٿي ڪمزور ٿي ويو هجي، يا ڪنهن شخصيت تي لکندي، هن جي بر عڪس هجي، تڏهن پنهنجي پر دل مطمئن اٿم ته منهنجي سمجهه موجب جيڪو لکيو اٿم، سچ لکيو اٿم. ائين به ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن کي منهنجو لکيو ڏکيو لڳي، هو دل ۾ ڪري يا ڪنهن جي دل آزاري ٿئي، ان لاءِ آئون انهن کان يا انهن جي پونئرن کان معافي جو طلبگار ئي ٿي سگهان ٿو.
    هونئن ته يادگيرين جا ڪيترائي ڪتاب سنڌ جي اديبن جا اچي چڪا آهن پر منهنجي خيال ۾ صرف نوڪري (Service) جي حوالي سان لکيل بايو آٽو گرافي جو هي ڪتاب اميد ته پڙهندڙن جي دلچسپي فراهم ڪندو ۽ آئون پنهنجي زندگي جو هي انوکو ۽ نرالو ڪتاب توهان جي هٿن تائين پهچائي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان. اميد ته منهنجي علمي، ادبي لڏي کي ۽ خاص ڪري منهنجي آفيس جي سڀني ساٿين کي هي ڪتاب وڻندو. انهن هي ڪتاب پڙهي ٿورو به مسڪرايو ته منهنجي محنت قبول ٿي پوندي. مون اها به ڪوشش ڪئي آهي ته هن ڪتاب ۾ نوڪري دوران پيش آيل سڀني واقعن کي زير قلم آڻيان ۽ مون سان گڏ نوڪري ڪندڙ هر هڪ ساٿي جو ذڪر ڪريان، پر ممڪن آهي ته ڪي واقعا وسري به ويا هجن يا سون جي تعداد ساٿين مان ڪن ساٿين (Collegus) جو ذڪر رهجي به ويو هجي يا ڪن جا نالا به رهجي ويا هجن، اهو سڀ ڪجهه ڄاڻي ٻجهي نه ٿيو هوندو. ڪتاب لکڻ شروع ڪيم ته جيڪو واقعو ياد ايندو ويو لکندو ويس، ممڪن آهي کوڙ ساريون ڳالهيون ۽ واقعا رهجي به ويا هجن پر منهنجي يادگيرين موجب گهڻو ڪجهه ۽ اهو سڀ ڪجهه لکيو اٿم، جيڪو ممڪن، اخلاق جي حدن ۽ دائرن ۾ لکي پئي سگهيس.
    اميد ته منهنجن سڀني پيارن کي هڪ ڪتاب پيارو لڳندو.
    آئون ٿورائتو آهيان، منهنجي پياري دوستن، ڀاءُ ڊاڪٽر رضا چانڊيو جو جنهن منهنجي عرض تي ڀرپور ۽ پيارو مهاڳ لکيو.
    آئون ٿورائتو آهيان سنڌ جي ڀلوڙ ليکڪ اعطم ڀٽي جو جنهن بهترين لفظن سان ڀيٽا پيش ڪئي آهي.
    سڀني سڄڻن جو ٿورائتو آهيان جنهن به هن ڪتاب لاءِ ڪجهه نه ڪجهه لکيو آهي. خاص مهرباني دوست احسان راهوجو جي جنهن جي ساٿ ۽ تعاون سان منهنجا حوصلا ۽ قدم وڌيا آهن.

    خلوص منجهان
    اقبال بلوچ
    حيدرآباد
    03332601988


    مهاڳ : حق-سچ لکڻ وارو ليکڪ

    “اقبال”-جو نالو وٺڻ سان ٽريزري آفيس اکين آڏو ايئن پئي ڦرندي آهي، جهڙوڪ ٽريزري آفيس اقبال بلوچ جي ٻي سڃاڻ يا تعارف هجي...!!.
    جڏهن به سندس آفيس ۾ وڃبو، سدائين ڪم ۾مصروف-دوستن جا هجوم سندس جي چوڌاري ڪي ويٺل، ته ڪي وري بيٺل-! ڪرسي خالي نه ملندي... ٽيبل تي انيڪ قسم جون رنگبرنگي بال پينون ۽ مارڪرز ملندا... ٽيبل جي شيشي هيٺان دوستن جي نمبرن سان گڏوگڏ اخبارن جون ڪٽنگس، لطيف سائين جا بيت ۽ قرآن شريف جون آيتون ملنديون”... سدائين تازو توانو، کلمُک انرجيٽڪ، اٿي بيهي آڌرڀاءُ ڪندو... گلي ملي ڪرسي تي ويهاري پوءِ پاڻ ويهندو. نياز نوڙت ۽ پيار جو انداز هميشه متاثر ڪندڙ... حال احوال وٺي وري پنهنجي ڪم ۾ جنبي ويندو.... وقفي وقفي سان پيو ڳالهائيندو بور ٿيڻ به نه ڏيندو ۽ پنهنجو ڪم به ڌيان سان ڪندو... رجسٽر اهڙو ته پيار ۽ پاٻوهه ۽ احترام سان کڻندو جهڙوڪر ڪو سندس جو وڻندڙ ڪتاب هجي! پيار سان پنا اٿلاءِ رنگبرنگي پينن سان ويٺو ٺاهي ٺاهي لکندو.... ايئن لڳندو ڄڻ ڪو سونارو ڪنهن قيمتي سيٽ ۾ ننگ پيو پيوست ڪندو هجي!!.يا ڪو ڪنڀار پنهنجي ٿانءَ تي چٽ چٽيندو هجي... يا ڪو مصور پينٽنگ ۾ محوو خيال هجي.. ان مان سندس ڪم سان ذاتي دلچسپي ۽ فڪر جو چٽو اظهار اکئين پيو ڏسجي!!...
    --اقبال بلوچ سان منهنجو ناتو سندس ڪتاب ڇپجڻ کان اڳ جو آهي... اقبال کي مان ڪتابن کان وڌيڪ سڃاڻان-هي منهنجو دوست به آهي، ڀاءُ به آهي، ته هڏ ڏوکي ۽ همدرد به---!
    “اقبال” حساس ۽ انسانيت سان محبت ڪندڙ، دل جو سخي، سچو ۽ محنتي ماڻهو آهي... سندس شخصيت ۽ اخلاق ڪنهن تعريف جا غلام نه آهن. ڊپلوميسي ۽ خوشامندي ڄڻ ته سکيو ئي ڪونهي---“سچ” منهن تي چوڻ ۽ لکڻ ايتري تائين جو پنهنجي پاڻ کي به نه بخشڻ-تمام ڏکيو ۽ گهاٽي وارو ڪم آهي. هي بخوبي ڄاڻي ٿو ته پنهنجا پلؤ سچ سان ٻڌي جيئڻ ڪا مزاڪ ڪانهي---سچ واقعي وزن ۾ ڀاري ۽ ڳورو ٿئي ٿو، سچ سان نباهه مشڪل ترين نباهه آهي. پر منهنجو يار اڃا تائين نڀائيندو اچي-جنهن لاءِ کيس جس ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي.

    سوري سڏ ٿيو ڪا هلندي جيڏيون
    وڃڻ تن پيو نالو نينهن ڳنهن جي...
    (لطيف)
    اقبال کي خبر آهي ته سچ سج جيان آهي. ان کان ڪو به انڪار ڪري نٿو سگهي، سچ چوڻ وارو ڪڏهن به ڪنهن جي بليڪ ميل ۽ فريب ۾ نٿو ڦاسي. انسان جو معيار ۽ عظمت جُڙي ئي عملي ڪردار سان ٿو. هر فرد جي سوچ ۽ ترجيحات سندس شخصيت جيان الڳ الڳ ٿين ٿا... سچ چوڻ وارو سدائين بي ڊپو ۽ مطمئن رهي ٿو. سچ جو هڪ الڳ رستو ٿئي ٿو. جيڪو بنا ڪنهن ٻئي کي تڪليف يا رنج رسائڻ جي منزل تائين رسائي ٿو. سچو ماڻهو ئي سماج جي زخمن ۽ اهنجن جي صحيح طرح سان نشاندهي ڪرڻ سان گڏوگڏ صحيح تشخيص ۽ اعلاج لاءِ ايمانداري سان نسخا آڇي سور کي ناسور ٿيڻ کان بچائي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته سندس جو ضمير ۽ خمير هر دم سجاگ رهن ٿا. ان لاءِ هو نيڪ نيتي ۽ نيڪ عملي سان خود کي قرباني ۽ جدوجهد لاءِ هر وقت تيار رکي ٿو. سچو ماڻهو ڪڏهن به نااميد يا ناڪام نٿو ٿئي.،. سچو ماڻهو سختگير آزمائش ۽ دُشوار راهن هوندي به هميشه ثابت قدم ۽ تڪميل سفر جي آرزو سان گڏ سرخرو ۽ سرفراز ٿيڻ لاءِ سرگردان رهي ٿو-۽ پنهنجي لياقت کي ضايع ٿيڻ نٿو ڏئي.
    شيخ اياز جي هڪ گيت جو بند آهي...

    “ڏات وڏي شيءَ ناهي،
    پر سچ وڏي شيءَ آهي،
    ۽ جو سچ مچائي،
    سو مچ وڏي شيءَ آهي!!”.
    ڪنهن کي خبر هئي ته 1956-12-01 تي شهر تلهار ضلع بدين ۾، حسن علي بلوچ جي گهر ۾ پيدا ٿيندڙ ٻار “اقبال” وڏو ٿي ادبي دنيا ۾ پنهنجو نالو روشن ڪندو. “اقبال بلوچ” جي لکڻ جو انداز سڀني کا الڳ ٿلڳ سادي ٻولي پر هوندو سچ آهي... لڳ ڀڳ 40 سالن کان مسلسل لکندو اچي، سندس قلم جي نوڪ ڪڏهن سُڪي ڪونهي...!! ڪڏهن ڪهاڻي، ڪڏهن مضمون، خاڪا-مطلب ته ادب جي ڪنهن نه ڪنهن صنف لکڻ ۾ سدائين رڌل...!!
    هيل تائين سندس جا 02 ڪتاب، هڪ ڪهاڻي جو مجموعو “سانول جا سور” ۽ ٻيو شاعري جو مجموعو “اي منهنجي شهر جي مٽي” ڇپجي چڪا آهن. جن ڪافي مڃتا ۽ مشهوري ماڻي آهي... محمد اقبال بلوچ جو هاڻي ادبي دنيا ۾ نالو ڪو نئون ناهي بلڪه هي پنهنجو پاڻ مڃائي چڪو آهي. هي تازو ڇپجڻ وارو ڪتاب “سروس بخير” پنهنجو مٽ پاڻ آهي. سٽاءِ جي لحاظ کان ڪتاب کي ٽن بابن ۾ ورهايو ويو آهي پهريون باب “يادگيريون” ٻيون باب “ٽريزري جون سدا بهار شخصيتون” ٽيون باب “يادگيرين ورايو اسانکي”. ڪتاب پڙهڻ سان ايئن لڳو ڄڻ هن پنهنجي 40 سالن جي ڪهاڻي حرف به حرف ايمانداري سان پنن تي اتاري آهي سندس 40 سالن جي هن Autobiography ۾، ڪتاب “سروس بخير” ۾ ٽريزري جو يادگيرون لکندي، اقبال بلوچ جڏهن وجود ۾ يادن جون ڦيريون ڦرندي، دردن جون ڍيريون اوچتو کولي ٿو ويهي ته: انتهائي پريشان ٿو ڏسڻ ۾ اچي. خزاني جي آفيس ۾ ڪم ڪندي 40 سال کيس اک ڇنب جيان لڳن ٿا... لکي ٿو ته “25 مارچ 1976” ٿي نوڪري Join ڪئي هيم، ۽ پهرين ڊسمبر 2016، يعني هن سال جي آخري مهيني جي پهرين تاريخ 60 سالن جو ٿيندي ئي رٽائر ٿي ويندس......، اڳتي ساروڻيون ساريندي شگر مل جي نوڪري کان وٺي خزاني جي نوڪري تائين سموري ڪهاڻي، ايتري تائين جو ماءُ جو رات جو ننڊ مان اوٿارڻ ۽ گڏجي روئڻ تائين سڀ ڪجھ انتهائي ايمانداري سان لکيو آهي... خزاني جي نوڪري ڪيئن ملي ۽ ان وچ ۾ ڪهڙن مهربانن مهرباني ڪئي؟ ڏکئي وقت ۾ ڪهڙا سڄڻ ڪم آيا. اقبال سڀني جا ٿورا ڳڻيا آهن. ڪنهن کي به ناهي وساريو.
    ٽريزري آفيس ۾ نوڪري جو آڊر ٿيڻ، Joining کان وٺي ڪم سکڻ، ۽ دوستن وٽان مدد ۽ مڃتا ملڻ تائين، سمورو سربستو احوال تاريخن ۽ روين سان گڏ...، اقبال بلوچ اهڙي ته شاندار نموني سان لکيو آهي جهڙوڪر پڙهڻ وارو اتي موجود هجي. سندس يادگيريون پڙهڻ سان ايئن ٿو لڳي جهڙوڪر ادا اقبال بلوچ منڍ کان ئي اهو سڀ ڪجھ ڊائري تي لکندو آيو هجي، يا شايد منڍ کان وٺي سندس من ۾ ڪتاب ڇپرائڻ جو ارادو هو... نه ته بروقت ايترو سڀ ڪجھ ياد اچڻ يا ڪٺو ڪرڻ ممڪن نٿو لڳي. بدين ٽريزري آفيس ۾ مختلف دوستن سان واسطو پوڻ... نئين نئين نوڪري، ڪم سکڻ ۽ وري اُتان پوءِ حيدرآباد بدلي ٿي اچڻ... مطلب ته نوڪري دوران جهڙوڪر وک وک جو ذڪر ٿيل آهي.
    حيدرآباد ٽريزري آفيس بابت ساروڻيون ساريندي “مونکي مليو پيار” جي عنوان سان لکي ٿو ته “مونکي انهي زماني ۾ سڄي آفيس ۾خوش قسمت سمجهيو ويندو هو، جو مون وٽ ڊاڪٽرياڻيون اچي ويهنديون هيون، پنهنجي آفيس جي ڪم ڪار کانسواءِ ڪچهريون پيون هلنديون هيون، چانهه پاڻي بمبئي جا ڪيڪ، علي بابا جي ڪافي، ڪيفي صلاح جي چانهه جا دور پيا هلندا هئا...!”
    ادا اقبال اهو سراسر سچ لکيو آهي ان جو آئون پاڻ شاهد آهيان پر سندس جو اهو لکڻ ته “آئون نرم مزاج ماڻهو هئس، منهنجو نرم رويو، پيار ڀريو لهجو، ڊاڪٽرن ۽ ڊاڪٽرياڻين کي موهي وڌو...” لاءِ ڪجھ به چئي نٿو سگهجي. سونهن ۽ ساڃاهه سان، جن جو پيچ پيو-سي ته صبح جو ساجهر ئي اچي حاضر ٿيندا هوندا. سي پنهنجي پاڻ کي ڪٿي ٿا روڪي سگهن. ....

    نيرانا ئي نيڻ، نيئي آڇ پرين کي!
    ستر کاڌا کيڻ، جہ ڏٺو منهن محبوب جو.
    شاهه
    _______
    پهرين باب ۾ خزاني جي نوڪري، مونکي مليو پيار، سرواڻ جو جنم، دل جو دورو، خزاني جا اديب، خزاني جا ڪلاڪار، صاحب جي زال به آفيسر، هڪ خوشي، ڏک ڀريا لمحا، آءُ به راهي هن راهه جو، ٽريزري جا عشق ۽ هڪ درد ڀريو واقعو جي هيڊنگس ڏئي اقبال بلوچ، جيڪي ويچار ونڊيا آهن سي سڀ پڙهڻ وٽان ۽ سارهائڻ جوڳا آهن، البت مونکي هڪ خوشي پڙهي سچ پچ ته اکين مان ڳوڙها، اچي ويا پاڻ روڪي نه سگهيس. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته خدا ڪارڻ ڪنهنجي مدد ڪرڻ، ڪنهنجي ڪم اچڻ، اجايو نٿو وڃي. ان جي ڀرپور موٽ ملي ٿي، ۽ الله وٽ ان جو اجر عظيم آهي... ۽ غريب بي پهچ جي دعا آسمانن تائين سڌو سئون رسي ٿي ۽ قبول ٿئي ٿي. ڪنهن سان خداڪارڻ سٺو هلڻ، پيار جا ٻه ٻول ڳالهائڻ، مرڪي ملڻ ۽ مدد ڪرڻ هڪ سٺي انسان هجڻ جون وصفون آهن... توهان ادا اقبال بلوچ جو ڪتاب پڙهي ڏسو ته توهانکي خبر پوندي ته ٽريزري آفيس ۾ ڊاڪٽرن سان سٺو هلڻ، مان کيس ڪيترو فائدو ۽ پيار مليو... ان وقت جڏهن کيس دل جو دورو پوي ٿو يا کيس سرواڻ پٽ ڄمي ٿو،.... اقبال بلوچ خود پنهنجي ڪتاب ۾ ٿورا مڃيندي لکي ٿو ته ڊاڪٽرن طرفان مونکي ايترو پروٽوڪول، عزت ۽ پيار مليو جو ارد گرد وارا حيران ۽ پريشان ٿي ويا سڄي وارڊ ۾ مٺائي ورهائي وئي،...
    اقبال بلوچ پنهنجي ڪتاب ۾ ٻين به ڪافي دوستن جو ذڪر ڪيو آهي، جن کي ڏکئي وقت ۾ اقبال بلوچ ڪم آيو هو....! ان ۾ ڪو به شڪ آهي ئي ڪونه ته، انسان جي خدمت افضل عبادت آهي. مالڪ ڪريم راضي ۽ خوش ٿئي ٿو...
    --اتي مونکي هڪ قصو ياد اچي ٿو ته: هڪ عبادت گذار بندي جي من ۾ خيال آيو ته هي جيڪا مان عبادت ڪيان ٿو سا الله وٽ قابل قبول آهي يا نه؟ ڪيئن پڪ ڪريان جيئن مونکي دلي اطمينان ٿئي، ان لاءِ ڇا ڪيائين جو سڪل ٽاري درياءِ جي ڪپ تي کوڙي عبادت ۾ مشغول ٿي ويو، ۽ دل ۾ اهو خيال رکيائين ته جيستائين اها سائي نٿي ٿئي، تيستائين اٿڻو ناهي... جي سائي ٿي ته معنى منهنجي عبادت الله وٽ قبول پئي. عبادت ۾ مشغول هو ته هڪ راهه ويندڙ شخص هن کي عبادت ۾ مشغول ڏسي بيهي رهيو ۽ سندس کان اهڙي نموني عبادت ڪرڻ جو مختصر پڇي پاڻ به ان کان ٿلهو سڪل ٽار درياءَ جي ڪپ تي کوڙي، عبادت ڪرڻ ويهي رهيو جيئن هن عبادت ٿي ڪئي ايئن هي به ڪرڻ لڳو... ٿوري دير کانپوءِ هڪ پوڙهو پاڻي پيئڻ جي نيت سان ڪپر تي ويهي ٻڪ سان پاڻي پيئڻ لڳو، ڪپر آلو هجڻ ڪري اچانڪ پوڙهي جو پير ترڪي ويو ۽ دريا ۾ هليو ويو... ٻڏڻ لڳو. پاسي ۾ بيٺل مسافر وٺي رڙيون ڪيون ته مونکي ترڻ نٿو اچي پوڙهو ٻڏي ويندو... جلدي ڪر پر عبادت گذار بندي وراڻيو ته جيستائين هي ٽاري سائي نٿي ٿئي مان نه اٿندس... مسافر رهي نه سگهيو پنهنجي عبادت ترڪ ڪري جان جي پرواهه ڪرڻ بنا وٺي درياءَ ۾ ٽپ ڏنائين ڏکيو سکيو جيئن تيئن ڪري پوڙهي کي اچي ڪپر تي ڪڍيائين، جڏهن پوئتي لوڻو هڻي ڏٺائين ته سندس سڪل ٽار سائو ٿي چڪو هو جڏهن ته عبادت گذار جو اڃا تائين ساڳو سڪل هو.
    باب ٻئي ۾ اقبال بلوچ ٽريزري جون سدا بهار شخصيتون جي عنوان سان پنهنجن ٽريزري جي ساٿين کي مان ڏيندي پنهنجي سوچ، تعلق، ۽ ڪردار جي ڪسوٽي تي پرکي مختصرن مگر جامع تعارف لکيا آهن. لڳ ڀڳ 36 دوستن جو ذڪر، فڪر ۽ اظهار ٿيل آهي.
    جيئن ته هر ماڻهو جو مزاج ۽ سوچ مختلف ٿئي ٿي. ذوق شوق، اُٿڻ ويهڻ، ۽ ترجيحات الڳ الڳ ٿين ٿا اهڙي سمي 36 مختلف شخصيتن جي باري ۾ لکڻ سندن سان مزاج مطابق ٺاهي رکڻ ۽ راءِ ڏيڻ سندس وسيع تعلقات ۽ قرب جو انوکو مثال آهي.
    ڪتاب ۾ باب ٽيون “وري يادگيرين ورايو اسانکي” جي عنوان سان وڇڙي ويل دوستن کي ساري سندن ياد کي تازو ڪرڻ ۽ ڀيٽا ڏيڻ سان گڏوگڏ، ڪجھ رهجي ويل انهن دوستن جو ذڪر آهي جن جو تعارف هن ڪتاب ۾ ناهي ڏنل پر پوءِ به سندن نالا وٺي ياد ڪرڻ اقبال بلوچ جي سخاوت ۽ دوستي جي حوالي سان باوفا هجڻ جو ثبوت آهي....، اقبال بلوچ حساس ۽ انسانيت سان محبت ڪندڙ ۽ سڀني جو خيرخواه، خيال ڪندڙ، محبتي ماڻهو آهي، سندس ۾ اها ڳالهه کيس معتبر ۽ محترم بڻائي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو سندس دوستي جو حلقو وسيع تر آهي. هو ڪڏهن به اڪيلو ناهي ٿيو.

    محبتي ميڙي ڳوٺ ٻڌجي هڪڙو،
    انهي جي ويڙهي، پاڻهين ايندو سپرين
    شاهه
    آخر ۾ آخري پيغام جي عنوان سان نوجوان دوستن کي پنهنجي تجربي ۽ سروس جي بنياد تي صلاح ڏيندي چوي ٿو ته: “آءُ ويندي ويندي پنهنجي آفيس جي نوجوان ڪليگس کي اپيل ڪندس ته انهن مان جيڪي ماڻهن سان وابسته Public Dealing ٽيبلن تي ڪم ڪن ٿا جھڙوڪ پينشن سيڪشن ۾ هڪ ننڍڙي ملازم پٽيوالي کان وٺي وڏي آفيسر تائين، يتيم ٻارڙن ۽ بيوه عورتن جو واسطو پوي ٿو انهن سان مٺي زبان ۽ نرم لهجي سان ڳالهائجو، ڪڏهن ڪڏهن انسان جو نرم مزاج جي گفتگو مٺي زبان، ۽ وڏن وڏن ڪنهنجن دردن ڪنهنجي مايوسين، ڪنهن جي غمن کي مٽائي ٿي ڇڏي، انهن سان خلق خدا جي خدمت به ٿي ويندي، عبادت به ٿي ويندي، ۽ توهان جي خدمت به ٿي ويندي، ۽ توهان ڪيتريون ئي ڪمايون ڪمائي ويندا”...

    آخر ۾ ڪل سروس جو نتيجو يا رزلٽ هن بيت جي صورت ۾ ٻڌائي ٿو ته...

    جهڙو ماڻهو تهڙو ناڻو،
    هر ڪو پنهنجي اگھ اگهاڻو،
    جيڪو ماڻهو ڪونه وڪاڻو،
    سو ئي ماڻهو موتي داڻو.

    ادا اقبال جو ڪتاب “سروس بخير” اصل ۾ سندس زندگي جي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ همت، محنت، مشقت، مسلسل جدوجهد، ثابت قدمي، بک ۽ ڏکن سان مقابلي جو داستان آهي... علم سان دوستي ۽ عزت سان جيئڻ جو سبق ۽ انسان دوستي جو درس ۽ روشن ضميري حق-سچ اخلاقي قدرن، ادب-احترام ۽ محبت جي ڪهاڻي آهي....
    اقبال بلوچ جا اڳ به ڇپيل ڪتاب پسند ڪيا ويا هيا، پڙهندڙن وٽان کيس سٺي موٽ ملي هئي، پر هي ڪتاب انهن ڪتابن کان منفرد ۽ اڳين سڀني کان مٿاهون، شاندار، نرالو ۽ دل کي وڻندڙ، ڇهندڙ، پيارو ڪتاب آهي. پڙهندڙن تي انشاءالله سٺو اثر ڇڏيندو.

    ادا اقبال بلوچ کي اهڙو ڪتاب لکڻ تي “لک مبارڪون”


    هر دم دعاڳو
    -رضا چانڊيو
    مير ڪالوني ٽنڊوڄام


    امهاڳ : شرميلي شعور جي مالڪ جو سفر

    يادون نه رڳو ماضيءَ جو اثاثو پر زندگيءَ جو حصو آهن ، يادون حياتي جي ڪتاب جو اهڙو باب آهن ، جنهن جا ورق جڏهن کُلندا آهن ته حقيقتن جو عڪس ائين عيان ٿيندو آهي جيئن مئخاني جو رقص محبتن جا جام ڇُلڪائيندو آهي ، يادون خُود به ته هڪ اهڙو جام آهن ، جنهن جو چُڪو هر انسان چکيندو آهي ، يادن جا اهي ڍُڪ ڪنهن لئه زهر ته ڪنهن لئه وري ماکي مثل بڻيل هوندا آهن ، يادون زندگيءَ جو هڪ اهڙو امتحان به آهن جن ۾ ڪڏهن سوال جو جواب عجب جي نشاني بڻيل هوندو آهي ته ڪڏهن وري جواب جي آڏو سوال به شرمندگيءَ واري حالت ۾ سربسجود هوندو آهي ، يادون ته لِڪ لِڪوٽي راند به آهن ، اهي ئي يادون حجاب به آهن ته نقاب به آهن ، اهڙا نقاب جن جي کُلڻ سان زمانا وري ٿا پون ، معاشرا لُڏي ٿا پون ، سماج سڪوڙجي ٿا وڃن ، يادن جي سهاري ته گهايل من به سُڪون جي مصلي تي وڇائجي وڃن ٿا ، انساني زندگيءَ جي جياپي ۾ يادن جي ڪردار کي ، ان جي اهميت کي ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز نٿو ڪري سگهجي ، يادون ڀلي کڻي مثبت هجن يا منفي هجن ، انهن جي اهميت کان غافل ماڻهو جي ڪردار تي ماتم ئي ڪري سگهجي ٿو . يادن جا به عجيب اسرارآهن، اهي ڪڏهن ڪڏهن شعوري طور يا ڪڏهن لاشعوري طور اهڙو آستانو آباد ڪنديون آهن ، جتي پريت ۽ پيار جا پيغام اُڏامندا رهندا آهن يادگيرين جي باري ۾ دنيا جي عالمن ۽ اديبن ، دانشورن ، شاعرن ، اهل علم ، اهل قلم ۽ باشعور ماڻهن ، پنهنجي پنهنجي سمجهه ، سوچ، فهم۽ عقل موجب تعريف بيان ڪئي آهي ، يادن جا لاتعداد قِسم به ٿي سگهن ٿا ، مگر ڪي يادگيريون ماضي جي زندگيءَ جو تاج ثابت ٿينديون آهن ته ڪن يادن جي اکين ۾ وري زبان نه هوندي آهي پر جيڪي اکيون ، يادن کي زبان عنايت ڪنديون آهن ، اهي اکيون چُمڻ لائق ئي هونديو آهن ، اقبال بلوچ پنهنجي يادگيرين جي هن ڪتاب “ سروس بخير ” ۾ يادن جي روشنيءَ جا اهي وڻ آباد ڪيا آهن ، جن جي ڇانوَ ۾ هن سون جهڙي جواني ڏئي وار چاندي ڪيا آهن ، هن تجربن جي اها ڳنڍ کولي پڙهندڙ جي آڏو پيش ڪئي آهي جنهن ۾ هن جي گُذاريل زندگيءَ جي ٽن حصن جو سرمايو سمايل آهي ، جنهن سفر ۾ سندس راتين جا اوجاڳا به شامل آهن ته ڏينهن جي ٿڪاوٽ جا ٺڪاءُ به پيوست آهن ، عمر جي لهڻ ۽ چڙهڻ سان گڏ ، نوڪري جي ڏاڪي به ڏاڪي تي هن جيڪي قدمن جا نشان ڇڏيا آهن ، هي مجموعو انهن نشانن جو اکين ڏٺو شاهد آهي ، هن ڪتاب ۾ سِڪ ۽ اُڪير جو سمنڊ ڇوليون هڻندي نظر اچي ٿو، هن ڪتاب ۾ اقبال جي سانورن صُبحن جون لاتعداد ڪهاڻيون آهن ، ڊگهين ڪارين راتين جا داستان به لِڪل آهن ، جن کي مڪمل معنى ۽ مفهوم سان بيان ڪرڻ لاءِ اڃا زمانا گهرجن ، اقبال جي يادگيرين جي اکين ۾ آسمان جهُومي ٿو، چنڊ مُرڪي ٿو ۽ ستارا سرگوشيون ڪن ٿا ، انهن يادگيرين ۾ هوا جي خوشبو به ته سمايل آهي .
    هر تخليقڪار بخوبي اهو سمجهي ٿو ته لکڻ لاءِ سڪ جو جذبو لازمي آهي، سڪ جو اهو جذبو ئي زندگي، سونهن ۽ سچائي جو ڳولائو هوندو آهي، ڳولا جو اهو سفر صدين کان جاري آهي ۽ صدين تائين جاري رهڻو آهي، اگر پيار جو انتهائي اهم بنيادي فطري جذبو ، انساني زندگيءَ جي هر تخليقي عمل جو محرڪ نه هجي ها ته شايد اهو ٿڪائيندڙ سفر اڻپورو ئي رهجي وڃي ها. اهو ئي سبب آهي جو اسانجي لاڏلي ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ شاعر دوست اقبال بلوچ پاران سونهن جو سفر جاري آهي ، سندس من ۾ سڪ جو جذبو پوري جوڀن سان ٽمٽار آهي ، هن جي پيار جا پيچرا اڃا تائين کُٽي ناهن سگهيا ، ختم نه ٿي سگهيا آهن، انهن کي مات نه ملي سگهي آهي ، هو ادب جي دنيا سان ائين ئي معمور آهي جيئن ڪنهن ساز ۾ سنگيت لڪل هوندو آهي. تجربن ۽ ڪيفيتن جو بنيادي سرچشمو زندگي آهي. اقبال بلوچ جا جذبا ۽ احساس، رنجشون ۽ راحتون، ڏک ۽ سک، حسرتون ۽ اميدون، محروميون ، مجبوريون، تجربا ۽ ڪيفيتون، اهي سڀ سندس زندگي جا رُوپ آهن جن جي عڪاسي هن پُرخلوص انداز ۾ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پوءِ اها عڪاسي چاهي ڪهاڻي جي صورت ۾ هجي يا شاعري جي رُوپ ۾ هجي يا نثر جي ڪنهن صنف جي شڪل ۾ هجي ، جذبن جي اظهار لاءِ لڙڪن کي لفظن جي جاءِ وٺڻي ئي پوندي آهي ڇو ته دل جي ڪيفيت بيان ڪرڻ ۾ لفظ مجبور نظر ايندا آهن ، اهي ئي لفظ زندگيءَ جون سچايون ۽ تلخ حقيقتون، محسوس ڪرائيندا آهن. اهي ئي لفظ انسان جي اندر جي اک بڻجي ، معاشري تي گهري سوچ جي سمنڊ جيان ڇوليون هڻائيندا آهن ، تخليقي عمل جو اهو ئي ته راز آهي جيڪو ڪائنات جي خوبصورتي کي ڳولي . کوٽي ، پڌرو ۽ چِٽو ڪري ٿو . ان تخليقي عمل ۾ انتها درجي جو درد به شامل آهي ته مُسرت ۽ خوشي جو هر سامان به موجود آهي، اقبال بلوچ جي تخليقي سگهه ڀلي کڻي چوڏهين جي چنڊ جو ڏيک نه ڏيندي هجي ، پر ان جي امُيد ۽ آس جو چنڊ سندس لکڻين کي روشني جو مينار ارپيندو پيو اچي . اقبال بلوچ جي لکڻين ، سندس ۽ پڙهندڙن جي وچ ۾ فاصلي جي ڏوري کي وڌيڪ وقت تائين حائل رهڻ نه ڏنو آهي ، ان جو مکيه سبب اهو آهي ته سندس ٻولي ۽ لهجو سادو، سليس ۽ انتهائي آسان آهي ، جنهن ڪري سندس پيغام کي سمجهڻ ۾ ڪا به تڪليف ۽ مشڪلات محسوس نٿي ٿئي ، اقبال بلوچ جي لکڻين جو انداز منفرد آهي ، سندس لکڻين جا موضوع ، هن ئي سماج جي اندر ، سندس ئي چئوگرد ڦرندا نظر اچن ٿا ، هو شهري نفسيات کان به واقف آهي ته ڳوٺاڻِي تهذيب جو به ترجمان آهي . هن وٽ جماليات جا جوهر به آهن ته شعور سان گهري وابستگيءَ جو فلسفو به آهي ، سندس مشاهداتي اک سندس لکڻين کي نج ۽ سادو سودو عوامي رنگ ارپي منفرد بڻايو آهي .
    مون ڪٿي پڙهيو هو ته ماڻهو، اهڙو چريو داناءُ آهي جيڪو ڪڏهن ڪک جو ته ڪڏهن لک جو بنجي پوندو آهي، جيڪڏهن لک جو آهي ته سموري ڪائنات کيس سُهڻي نظر ايندي آهي ، جيڪڏهن ڪک جو آهي ته سندس اندر جو آئينو ڀڄي ڀور ڀور ٿي پوندو آهي ، سمورا عڪس ٽڪرا ٽڪرا ٿي وکري ويندا آهن. منهنجي دل ٿي چوي ته اقبال بلوچ ، لَک جو ماڻهو آهي ، جيڏو سندس سڀاءُ سهڻو آهي ، ايڏي ئي هي ڪائنات کيس سهڻي نظر ٿي اچي ، هو دل جو درياءُماڻهو آهي جنهن سموري زندگيءَ محبتن کي گڏ ڪري پنهنجي تعميري ڪردار جي نه رڳو پرچار ڪئي آهي پر ان جي ڀرپور حفاظت پڻ ڪئي آهي. هن لاءِ بس محبت ئي ڪافي آهي. جنهن کي هن سموري زندگيءَ ڀاڪرن ۾ ڀري رکيو آهي ، محبت کانسواءِ هن کي ٻيو ڪجهه به گهربل ناهي. اقبال جي زندگيءَ محبتن جو محور ۽ مرڪز رهي آهي. هو محبت ڏئي به ڄاڻي ٿو ته وٺي به ڄاڻي ٿو ، ان جي باوجود به اقبال بلوچ هڪ عام ماڻهو وانگر زندگيءَ گذاري آهي ، شايد چڱن جون چڱايون رب العزت دنيا ۾ ٻين ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ ئي خلقيون آهن ، تڏهن ته هن عزت ، محبت ، دوستيون ۽ تعلقات به اهڙا ئي پيدا ڪيا آهن ، جن تي کيس پاڻ به فخر آهي ته سندس حلقي جي دوستن ۽ سڄڻن جو ڳاٽ به اُوچو آهي، هو پنهنجي عام زندگي ۾ به ماکيءَ کان به مِٺو، محبتي ۽ ٻين کي ساهس ڏيڻ وارو ماڻهو آهي ، مونکي ائين ٿو محسوس ٿئي ته چِڙ ، بيزاري ۽ غُصي سان سندس پَري جو به واسطو ناهي ، صبر ۽ مُسڪراهٽ سان ڄڻ ته سندس لنئون لڳل آهي، تڏهن ته هن پنهنجي يادگيرين کي مسڪراهٽن جا گُل ارپڻ لاءِ هي قلمي پورهيو ڪيو آهي ، اهڙو قلمي پورهيو جيڪو سندس نوڪري واري عرصي جي يادگيرين تي مشتمل آهي ، اهي يادگيريون جيڪي کيس تلهار جي ننڍڙي علائقي کان سنڌ جي دل حيدرآباد واري شهر ۾ وٺِي آيون ، جتي هن پنهنجي همعصرن سان جيڪو وقت گذاريو ، پنهنجن دوستن کي جن رنگن ۾ جيئن به جتي به ڏٺو، جن آفيسرن ، همعصر ۽ همسفر دوستن سان هن ڪم ڪيو ، ويندي بالا آفيسرن کان وٺي پٽيوالن تائين ، اهي سموريون ڪارگذاريون سندس قلم جي زينت بڻجي ويون . اقبال ڀلي کڻي ڪنهن صفا وڏي عهدي جو مالڪ نه رهيو هجي پر هو جنهن عهدي تي رهيو ، ان عهدي لاءِ اقبال تمام وڏو ماڻهو رهيو ، ڇاڪاڻ جو محبتون ميڙڻ کان وڏو ڪو عظيم ڪارنامو آهي ئي ڪو نه ، تنهنڪري هن جيڪا به نوڪري ڪئي ، اها ئي هن جي محبتن جي دنيا رهي .
    مولانا دين محمد وفائي ڪٿي لکيو هو ته “ نوڪري ننڍي هجي يا وڏي، اوچي هجي يا اعليٰ، سرڪاري هجي يا غير سرڪاري، حڪم هلائڻ جي هجي يا حڪم مڃڻيا حڪم پهچائڻ جي، پنهنجن جي هجي يا پراين جي، ديس جي هجي يا پرديس جي، ڪچي هجي يا پڪي . ڪن نوڪرن کي عملدار ۽ آفيسر چيو وڃي ٿو، ، بهر صورت نوڪري آخر نوڪري آهي. نوڪري ڪندڙ نوڪرن جا سوين قسم ۽ سندن مختلف ۽ جدا جدا نالا رکيل هوندا آهن، ڪي انهن رکيل نالن جي رعب تاب ۾ هلندا رهندا آهن، ڪي وري پنهنجي عهدن جي آڌار تي سڃاتا ويندا آهن. نوڪريءَ کان پوءِ نياز، نوڙت، نهٺائي، نرمائي، نواڻ، نيچو ۽ ننڍائيءَ جهڙيون خوبيون به نوڪري ڪندڙ ملازم سان اچي ملنديون آهن. هاڻي دارو مدار آهي نوڪري ڪندڙ تي ته هو مٿين خاصيتن تي عمل ڪري ٿو يا وري الٽو ۽ ابتو عارضي عهدن جي آڌار تي آڪڙبو ۽ ارڏايون ڪندو رهي ٿو.” آئون سمجهان ٿو ته ان حوالي سان اقبال بلوچ جي سڃاڻپ عهدو نه رهي آهي پر عهدي جو شان ۽ مان، بلند ڪرڻ رهي آهي ، هن نوڪري جي دوران اخلاق ، انسانيت، ايمانداري ، ديانتداري، شرافت ، شائستگي، آرام ، اطمينان ۽ سُڪون سان پنهنجن عائد ٿيل ذميدارين کي انتهائي سهڻي طريقي سان استعمال ڪري، پيار ، محبت ،عزت ۽ آبروءَ سان اهو سمورو سفر طئه ڪيو آهي ، ان سفر ۾ کيس جيڪي جواهر نظر آيا ، جيڪي خُوبيون ۽ خاميون نظر آيون ، انهن کي هن تاريخ جي سيني ۾ محفوظ ڪرڻ جي عملي ڪوشش ڪئي آهي.
    ڪيترائي نوڪري ڪندڙ نوڪري کي ڪندا آهن ۽ ڪن کي وري نوڪري ڪندي آهي، جن کي نوڪري ڪندي آهي انهن کان گهڻو ڪري ماڻهو پري رهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، پر جيڪي نوڪري کي ڪندا رهندا آهن سي انسان ئي حقيقي ۽ صحيح معنيٰ ۾ پنهنجي عهدن جو شان ۽ مان برقرار رکي سگهندا آهن ، اقبال بلوچ بلوچ جو شمار به انهن ماڻهن ۾ ڪري سگهجي ٿو. جيڪي صرف پنهنجي شان ۽ مانُ جي لاءِ رڙهندا ۽ وڙهندا رهيا آهن ، اقبال پنهنجي بنيادي حيثيت کي ياد ڪري خير ۽ خوبيءَ سان وقت گذارڻ واري عمل کي نه رڳو بهتر سمجهي ٿو پر ان تي شُڪر به بجا آڻي ٿو. هن فقير منش شخص پنهنجي نوڪري جي عرصي ۾ ڇا ڇا نه ڏٺو آهي ۽ ڇا ڇا نه پسيو آهي. جيڪڏهن انهن ڪچهرين، محفلن ۽ مجلسن جي مشاهدن ۽ منظرن کي قلم جي سگهاري سگهه ڏني وڃي ته ڪيئي ڪتاب ترتيب ڏئي سگهجن ٿا. ان جي باوجود به سندس هي قلمي ڪاوش اسان جهڙن جيتامڙن لاءِ هڪ وڏو اتساهه آهي ، سندس تجربن جي ڪهاڻي ٻُڌي اسانجي زندگيءَ تي چڙهي ويل بوريت ، بيزارگيءَ ۽ ٿڪاوٽ جي ڄڻ ته دز لهي وئي آهي ، هن ڪتاب جي ڪهڙي دستاويزي حيثيت ٿي جُڙي ، اهو فيصلو ته پڙهندڙن تي ئي ڇڏيل آهي پر اقبال بلوچ مان اها اُميد رکي سگهجي ٿي ته جيئن هن پنهنجي نوڪري جو سفر بخير گذاريو آهي ، ائين ئي يا ائين کڻي چئجي ته ان کان وڌي چڙهي باقي رهيل زندگيءَ ادبي سرگرمين جي سفر ۾ ، شرميلي شعور جي سفر ۾ ، سنڌي ٻولي ، علم ۽ ادب جي واڌ ويجهه لاءِ وقف ڪندو ته سندس نالي جي مٿان تاريخ جا گُلابي گُل هميشه خُوشبوءَ واسيندا رهندا. تخليقڪار لاءِ تخليق جي ڪا به رات ، آخري رات ناهي ڇو ته تخليق جو سفر، سفرِ مسلسل آهي پر ڪنهن شاعر جي لفظن جي ان مفهوم جيان من ۾ اها مانڌاڻ متل ئي رهندي ته اي اقبال ! تنهنجي حُسنِ اخلاق تي سڄي رات ويهي پنا ڪارا ڪجن پر افسوس جو تنهنجي معيار جا لفظ ملي نه سگهيا ۽ رات گُذري وئي .

    اعظم ڀٽي
    پير محلا ٽنڊو محمد خان
    E-mail: azam772003@yahoo.com
    Face book: azam.bhatti.370
    Cell: 03332807110


    اقبال بلوچ-انگن کان اکرن تائين

    هڪ آڊيٽر جو ٻئي آڊيتر تي لکڻ جو ڪم ته پل صراط تي هلڻ آهي، هونءَ اسان انگن اکرن ۽ حساب ڪتاب جي دنيا جا ماڻهو آهيون، ڪنهن کي ٻڌايون به ٿا ته اسان جي ادب جي دنيا سان دلچسپي آهي ته ماڻهو شرارتي نظرن سان ڏسيو اسان کي مرڪي ڏسي “اڇا اڇا” چون ٿا. بينڪر ۽ آڊيٽر جو اديب ٿيڻ معجزي ۽ ڪرامت کان گهٽ ناهي پر تمام ٿورن ماڻهن کي خبر هوندي ته اردو ادب ۾ جميل الدين عالي کان وڍي اردو مزاح جي بادشاهه ليکڪ مشتاق يوسفي به بڪنگ ۽ آڊٽ/اڪائونٽنگ جي شعبي سان وابسته رهيا آهن ته اسان جي اڪائونٽس جي دنيا سان وابسته سنڌي ادب جو هڪ وڏو نالو تاج بلوچ صاحب به هو، جنهن جو پبليڪيشن سميت تنقيدي ادب، اردو توڙي سنڌي شاعري ۾ به وڏو ڪردار ۽ نالو رهيو آهي. اسان جي هن دوست اقبال بلوچ کي به ونڊ ان بلوچ کان ملي هجي يا نه پر گهٽ ۾ گهٽ جڏهن به سنڌي ادب جي ڳالهه هلي ٿي ته اسان اهو خوشي سان چونداسون ته اسان اڪائونٽس وارن جو به سنڌي ادب ۾ حصو پتي آهي، اسان جي دنيا رڳو ليجر، اسٽيٽمنٽون، بل، انگ اکر ناهن، اها گواهي اقبال صاحب جي علمي ۽ قلمي ڪم مان ملي ٿي، هو انگن کان گهٽ هڻي اکرن جي دنيا طرف وڃي ٿو. هو ليجر ڏسندي ڪتاب لکي ٿو. اهو ئي هو ڪمال ڪري ٿو. لاڙ پٽ جي هن حليم طبيعت جي ڇٽيهه لکڻي ٻروچ سان اسان جي ٻٽيهه دلين جا ٻٽيهه هزار رشتا رهيا آهن. هن جون ادبي سرگرميون هن کي منفرد شخصيت جو مالڪ بنائين ٿيون، هو انگن اکرن جي دنيا مان وقت بچائي شاعري سان ڪيئن ٿو نڀائي؟ ڪتابن سان ڪيئن ٿو نڀائي؟ علمي قلمي رشتن جي راڄ ڪاڄ ۾ اٿي ويٺي ڪيئن ٿو ڪري؟ سا اسان جهڙن لاءِ عجب ۽ حيراني جي ڳالهه آهر پر اسان لاءِ وڌيڪ ته اها فخر جي ڳالهه آهي جو هو اسان مان آهي ۽ هن سان اسان جو تعلق دنياوي ٽائيم ٽيبل موجب ڀلي ڪيترو به هجي پر لڳي ائين ٿو ڄڻ ته ساڻن جنم جنم جو سڱ ۽ رشتو آهي. بقول ڀٽائي سائين جي ته “نڪاڪن فيڪون هئي، نڪو لِڱ لحم بنيو هو نه بت ۾ اڃا ڪي آدم تنها اڳي سڱ تو ساڃاهه سپرين اقبال بلوچ صاحب جنهن سان اسان جي دلين جو ڪڙو ڪڙي ۾ لوهارن جيان لپيٽيل آهي، ان جي ادبي ڪاوشن کان ته سنڌ جا ادبي حلقا واقف ئي آهن پر هن جي سڀاءَ، طبيعت، مزاج کان اسان “بي ادب” دوستن کان وڌيڪ ڪير واقف هوندو؟ اسان هن جو وجود ٽيبل پويان ڪرسي تي فريم ٿيل اهڙي تصوير جيان به ڏٺو جنهن جي چهري تي سنجيدگي سان مڪس ٿيل مسڪراهٽ رهي ٿي. هن هزارين نه پر لکن جي تعداد ۾ پنن تي صحيحون ڪندي به لکڻ جي قلم کي سنڀاليو آهي ۽ جڏهن رٽائرمينٽ جي سرحد تي پهتو آهي ته هن پنهنجي جيون ڪٿا ڪتابي صورت ۾ آڻي نه رڳو سندس شهر تلهار کي نئين سر متعارف ڪرايو آهي پر هن سنڌي ۾ لکيل جنم ڪٿائن ۾ هڪ اضافو ڪيو آهي. هڪ ڳالهه آءُ ضرور ڪندس ته آءُ نه ڪو اديب نه ليکڪ بس مون کي ڪتاب وڻندا آهن، اديب وڻندا آهن، انهن عزت، قدر ڪرڻ پاڻ تي فرض ٿو سمجهان، ڇو ته شهر جي بازار ۾ به مون کي ڪتابن جا دڪان وڻن ٿا، هن جيون ڪٿا ۾ اقبال صاحب پڪ سان اسان جهڙن گنهگارن دوستن سان رعايت ڪري ڪک رکيا هوندا. اهي احسان اقبال صاحب جا لاهي ڪونه سگهبا. جيون ڪٿا يا آتم ڪٿا لکڻ ان ڪري ڏکيو ڪم آهي جو ان ۾ دنيا جو ڪو به ليکڪ سؤ فيصد سچ لکڻ جو رسڪ کڻي ئي نٿو سگهي. خاص طور اسان جهڙي سماج ۾ جتي بقول شيخ اياز جي ته سچ وڏو ڏوهاري آهي. بهرحال اقبال صاحب جيون ڪٿا جي هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪري ڪوزي ۾ اهو سڀڪجهه بند ڪري پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، جيڪو هن جي آسپاس گذريو آهي، هن جي زندگي گلين، گهٽين، ڳوٺن شهرن، رشتن ناتن، خوشين غمين جو جيڪو مشاهدو ماڻيو آهي سو هن صاحب پنهنجي جيون ڪٿا ۾ ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي، سچ پچ ته اسان جو اقبال صاحب هن قلمي ڪاوش تي کيرون لهني مبارڪون لهڻي.

    آفتاب احمد جوڻيجو
    دادو


    اڳواٽ معافي

    هن ڪتاب ۾ جيڪو ڪجهه لکيو اٿم، اهو ذاتي مشاهدي ۽ اکين ڏٺي احوال موجب لکيو اٿم، منهنجي ڪتاب ۾ لکيل ڪنهن به ذڪر ۾ ڪنهنجو متفق هئڻ به ضروري نه آهي، ڪتاب پڙهندي، ڪنهن به ساٿي جي احوال يا ذڪر ۾ يا هنن مان ڪنهن جي مرحوم ٿي ويلن جي اولاد مان ڪنهن جي دل آزاري ٿي هجي، ڪنهن کي به ڪا ڳالهه ڏکي لڳي هجي، يا ڪنهن جي دل Heart ٿي هجي، انهي لاءِ آئون اڳواٽ معافي جو طلبگار آهيان ۽ ڪنهن به ساٿي جو ذڪر يا نالو رهجي ويو هجي، انهي کان به هي نيازمند معافي جو طلبگار آهي.


    خلوص منجهان
    اقبال بلوچ
    ڊي اي او حيدرآباد


    باب پهريون : يادگيريون

    واچوڙا وجود ۾

    واچوڙا وجود ۾ يادن جون ڦيريون ،
    دردن جون ڍيريون اُکلي پيون اوچتو .
    (ڊاڪٽر رضا چانڊيو)


    خزاني جي نوڪري

    خزاني آفيس ۾ ڪم ڪندي اجهو چاليهه سال گذري ويا، ڪلهه جي ڳالهه ٿي لڳيم جو 25 مارچ 1976ع تي نوڪري جوائن ڪئي هيم ۽ پهرين ڊسمبر 2016ع يعني هن سال جي آخري مهيني جي پهرين تاريخ تي خيرن جو 60 سالن جو ٿيندي رٽائر ٿي ويندس، نوڪري جو آخري سال گذاريندي هاڻ ڏينهن پيو ڳڻيان ته باقي هيترا ڏينهن بچيا آهن، انهيءَ چاليهه سالن جي دور ۾ ڪيتريون ئي يادگيريون، ڪيتريون ڳالهيون صرف آفيس ۽ نوڪري جي حساب سان آهن يا وابسته رهيون آهن، جيڪي آئون چاهيان ٿو، پنن تي اتاري ڪتابي شڪل ۾ اچڻ کپن. ياد اٿم جڏهن ميٽرڪ 1973ع ۾ پاس ڪرڻ بعد باواني شگرمل ۾ نوڪري ملي ته اها نوڪري سيزنل نوڪري هئي، جو شگرمل جيترا مهينا ڪمند جي پيڙائي ڪندي هئي، اوترا مهينا نوڪري ( سيزنل) هلندي هئي ۽ اها نوڪري به شفٽن واري نوڪري هوندي هئي، ٽي شفٽون هلنديون هيون. پهرين شفٽ اٺ وڳي کان چار وڳي تائين، ٻي شفٽ شام چار وڳي کان رات ٻارنهن وڳي تائين ۽ ٽين شفٽ رات ٻارنهن وڳي کان صُبح جو اٺ وڳي تائين هلندي هئي، ٻه شفٽون ته خوشي خوشي ڪري ويندو هوس، پر ٽين شفٽ سرديءَ جي راتين ۾ مون کان نه ٿيندي هئي، ارڙهن سالن جي ڪچڙي عمر ۾ امان رات جو ننڊ مان اٿاريندي هئي ته ڊيوٽي تي روئي روئي ويندو هوس. امان مون کي روئيندي نه ڏسي سگهندي هئي ۽ پاڻ به روئي پوندي هئي ۽ چوندي هئي ته تنهنجو پيءَ ٻي شادي ڪري پاڻ کي ڇڏي نه وڃي ها ته توکان نوڪري ڪڏهن به نه ڪرايان ها، ٻه سال اها سيزنل نوڪري ڪيم ۽ انٽر پاس به ڪيم ته بدين ضلعي کي حيدرآباد کان الڳ ڪري الڳ ضلعي جي حيثيت ( 1975ع جي جولاءِ مهيني) ملي، نئين ضلعي ۾ جام نوڪريون ملي رهيون هيون، جو ڪيتريون ئي آفيسون نيون کليون هيون.
    اسان جو هڪ مهربان مائٽ علي احمد چانڊيو هو، جيڪو تلهار جي شگرمل جو ڪين مئنيجر هو، انهي کي منهنجي ماءُ روئندي چيو ته ابا ! منهنجي پٽ کان اها رات واري ڊيوٽي نه ٿي ٿئي، هن کي بدين ۾ ضلعي ۾ ڪا نوڪري وٺي ڏينس، هُن واعدو ڪيو ته آئون هن کي نوڪري وٺي ڏيندس، علي احمد چانڊيو وڏي رسائي وارو ماڻهو هو. هن کي اسيمبلي ميمبرن ۽ وڏن ماڻهن تائين رسائي هئي، هن مون کي لوڪل گورنمينٽ ۾ نوڪري وٺي ڏني ، يونين ڪائونسل سيراڻي جي سيڪريٽري جي نوڪري، لوڪل گورنمينٽ بدين جي چيئرمين محترم امداد خواجا اها نوڪري ڏني، جيئن ته يونين ڪائونسل سيراڻي تمام گهڻي پري هئي، امداد خواجا جي مهرباني سان اتي ويس ته ڪڏهن به ڪونه، پر پگهار هر مهيني ملندي هئي، اها نوڪري به آخرڪار ڇڏيم.
    هڪ ڏينهن مون کي علي احمد چانڊيي چيو ته ابا ! سڀاڻي بدين ڊپٽي ڪمشنر آفيس وڃجان. اتي منهنجي نالي ۽ نبي بخش ڀرڳڙِي ( ان وقت جو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر) جي نالي سان ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر عبدالرحيم خشڪ سان ملجان، منهنجو اصرار هو ته پهرين ڏينهن مون سان گڏجي هلو پر هن مون کي همت ڏياري اڪيلو وڃڻ جو چيو. آئون ٻئي ڏينهن بدين جي ڊپٽي ڪمشنر آفيس پهتس، عبدالرحيم خشڪ جو ڪمرو ڳولهي هٿ ڪيم، هڪ شيدي پٽيوالو دروازي تي بيٺو هو. هو ملڻ نه پيو ڏي، چِٽ تي نالو لکي موڪليم، نبي بخش ڀرڳڙي ۽ علي احمد چانڊيو جي معرفت پنهنجو نالو لکيم، يڪدم مون کي گهرايائين، سامهون ڪُرسي تي ويهاري، پٽيوالي کي چيائين ته هن کي چانهه پيار ! آئون دل ئي دل ۾ ڏڪان پيو، جيتري دير ويٺو هوس، ڪرسي کي ٺيڪ ڏيئي نه ويٺس. جيتري دير ۾ چانهه پيتم، اوستائين پنهنجي ٽائيپسٽ کي سڏ ڪيائين ۽ چيائين، ڪالهه جيڪا درخواست، نبي بخش ڀرڳڙي ۽ علي احمد چانڊيو صاحب جن ڏيئي ويا هئا، محمد اقبال بلوچ جي نالي، هن جو آرڊر بدين خزاني آفيس جو ٽائيپ ڪري کڻي اچ ، اهو ڏينهن24 مارچ 1976ع جو ڏينهن هو، عبدالرحيم، ڊپٽي ڪمشنر غياث الدين جوڻيجو کان صحيح ڪرائي کڻي آيو، ٿوري دير بعد آرڊر منهنجي هٿ ۾ ڏيندي چيائين، سڀاڻي ٽريزري آفيس، جيڪا گرائونڊ فلور تي آهي، اتي وڃي جوائن ڪجان. مون کي خبر نه هئي، ٽريزري آفيس ڪهڙي آفيس آهي، اها ڪهڙيِ بلا آهي، يا هن آفيس ۾ ڪهڙو ڪم ٿيندو آهي؟ آئون گهر اچي انهيءَ آرڊر کي بار بار پڙهي رهيو هوس ، ٽريزري آفيس ۾ اٺين گريڊ جي اڪائونٽس ڪلرڪ جي نوڪري هئي، امان شڪراني جي نماز جو مصلو وڇائي ڇڏيو هو.
    ٻئي ڏينهن 25 مارچ 1976ع جو ڏينهن هو، صبح نوين وڳي آفيس پهچي ويس. هڪ ڏينهن اڳ عبدالرحيم خشڪ صاحب جي پٽيوالي اها آفيس ڏيکاري هئي. پٽيوالي هڪ ٻن ماڻهن سان به ملايو، مونکي اهو ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي ته انهيءَ آفيس ۾ منهنجو ننڍپڻ جو دوست ۽ پنهنجي شهر تلهار جو رهواسي لياقت علي خواجا به اتي ملازم هو، جنهن مون کي ڏسي اچي ڀاڪر پاتو ۽ نوڪري جي مبارڪ ڏنائين. ٻي ڏينهن لياقت خواجا سان گڏجي آفيس پهتس، لياقت علي خواجا مون کي جوائننگ رپورٽ لکي ڏني، لياقت خواجه ۽ ڪجهه ٻيا بدين ٽريزري جي پهرين کيپ ۾ مقرر ٿيا هئا. جيڪا جولاءِ 1975ع ۾ مقرري ٿي هئي، ڪجهه پوسٽون خالي هيون، جيڪي آهستي آهستي ڀري رهيا هئا، بس لياقت جو ساٿ مليو، منهنجو ڊپ، منهنجي هٻڪ منهنجي گهٻراهٽ سڀ ختم ٿي ويا هئا. هن سان گڏجي ان وقت جي ٽريزري آفيسر دوست محمد لاشاري جي ڪمري ۾ وياسين، لياقت منهنجو تعارف هن سان ڪرايو ، آرڊر ۽ جوائننگ رپورٽ ڏيندي چيائين، سائين هي اقبال بلوچ، پنهنجي آفيس جو نئون ڪلرڪ آهي. دوست محمد لاشاري انتهائي شفيق انسان لڳي رهيو هو، هن صحيح ڪري ان وقت جي ٽريزري آفيس جي اڪائونٽنٽ ارباب محمد يوسف ڏانهن موڪليائين، هن اهو آرڊر محمد اڪبر، جيڪو بدين ٽريزري جو اسٽيبلشمينٽ جو انچارج هو، انکي ڏنو، اهڙي طرح آئون باقاعده بدين ٽريزري آفيس جو هڪ حصو بنجي ويس.
    پهرين ڏينهن لياقت مون کي سڀني دوستن سان ملايو، منهنجي ياد موجب ڪي نالا ڪجهه هن طرح هئا.
    دوست محمد لاشاري، ٽريزري آفيسر
    ارباب محمد يوسف، اڪائونٽنٽ
    محمد انور پٺاڻ، اسسٽنٽ اڪائونٽنٽ
    محمد اڪبر، اسٽيبلشمينٽ انچارج
    ڀڳڙو مل، سينيئر ڪلرڪ
    عبدالرحمان پرهياڙ، پينشن انچارج
    رفيق احمد جعفري، غلام حسين جمالي، غلام مرتضيٰ پتافي، الهنواز ميمڻ، بهرام خان لغاري، عبدالستار سومرو، محمد سليمان شيدي، بشير پٽيوالو ۽ الهه رکيو چوڪيدار هئا.
    جيئن ته آئون نئون هوس ۽ لياقت خواجا منهنجو دوست هو، آئون هن وٽ وڃي ويهندو هوس، مون کي اڪائونٽنٽ طرفان اها هدايت ملي ته سڀني کي ڏسان، انهن جي ڀر ۾ ويهي، اهو پرکيان ته هو ڪم ڪهڙو ۽ ڪيئن ٿا ڪن، لياقت مون کي سڀني سان ملايو، ڪجهه ڏينهن کانپوءِ منهنجي ٻانهن بهرام خان لغاري جي حوالي ڪئي وئي ته هن کي ڊسپيچر جو ڪم سيکاريو، آفيس ۾ جيڪو به نئون ملازم ڀرتي ٿيندو هو، ان کي پهرين پهرين ڊسپيچر جو ڪم ڏنو ويندو هو. مون کان پوءِ جيڪو ڀرتي ٿيو، انهيءَ کي به ڊسپيچر جي سِيٽ ڏيئي، مون کي اڪائونٽس سيڪشن ۾ موڪليو ويو، اها جهڙوڪ هڪ روايت هئي، اڪائونٽس سيڪشن مان نڪتل شخص پڪو پُختو ٿي نڪرندو هو، اهڙي طرح ٽريزري جي ڪم جون پهريون لفظ سيکاريندڙ ۽ ڪم ڪرائيندڙ پهريون شخص بهرام خان لغاري (ملڪاڻي شريف جو رهاڪو) هو، جنهن کي اڄ به آئون پنهنجو استاد سمجهان ٿو.
    لياقت علي خواجه جيڪو منهنجو دوست ۽ ننڍپڻ جو ساٿي هو، هن جي ساٿ جي ڪري مونکي هر قسم جو ڪم، هر کاتي جي ڪم سکڻ ۾ ڪابه ڏکيائي نه ٿي رهي هئي، کيس بجيٽ سيڪشن جي ڪم جي ذميواري مليل هئي، هن جو ڪم سولو هو ۽ آئون جلد سکي ويس، بس بجيٽ ڏسڻي هوندي هئي، فنڊز تحت بل پاس ڪرڻو هوندو هو، بهرام خان لغاري به سٺو دوست ٿي ويو، انتهائي پيار ڪندڙ ۽ شفيق انسان هو، ٽيون جيڪو ٽريزري جو همسفر ساٿي منهنجو دوست ٿيو، اهو هو رفيق احمد جعفري، اهي سڀ بدين ٽريزري جي پهرين کيپ ۾ ڀرتي ٿيا هئا، رفيق احمد جعفري به انتهائي سٺو دوست هو، هو سنڌ جي عظيم شاعر شمشير الحيدري جو ڀاءُ هو، پاڻ هن وقت سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن سنڌ جا مرڪزي چيئرمين آهن، وٽس ڊپازٽ جي ٽيبل هئي، انهي ٽيبل تي پي ڊبليو ڊي ۽ پي ايل اي جا چيڪ پاس ٿيندا هئا، هن کان شوق سان ڪم سکيم، جيئن ته بدين ضلعو جلد ترقي ڪري رهيو هو، 1977ع ڌاري هن شهر ۾ بيشمار بينڪون به کلي رهيون هيون، منهنجن قريبي دوستن لياقت علي خواجا ۽ رفيق احمد جعفري کي حبيب بينڪ ۾ نوڪريون مليون، انهن ٻنهي بدين ٽريزري مان استعيفيٰ ڏئي، بينڪ جي ڊيوٽي جوائن ڪئي، آئون اڪيلو ٿي ويو هوس، اڃا سال کن مس ٿيو هو، جو اهي هي آفيس ڇڏي ويا، اڃا ڪجهه مهينا ٻيا گذريا هئا ته منهنجو دوست ۽ مهربان استاد بهرام خان لغاري به نوڪري تان استعيفيٰ ڏئي ويو، جيئن ته هو سٺو زميندار هو ۽ پنهنجي تر جو چڱو مڙس ۽ وڏيرو هو، هن کي هونئن به نوڪري جي پرواهه ڪونه هئي، هن شوقيه نوڪري ورتي هئي، هن کي نوڪري واري باس ۽ غلامي واري حيثيت پسند نه هئي، هو انتهائي دلير ۽ بي ڊپو انسان هو، وڏو زميندار ۽ چڱو مڙس هئڻ جي باوجود هن کي هٺ، وڏائي ۽ وڏ ماڻهپو ڪڏهن به نه هو، هو يارن جو يار هو، اهو به استعيفيٰ ڏئي ويو ته آئون اڪيلو، صفا اڪيلو ٿي ويس، بهرام خان سان آخري دم تائين ( تازو2014 ۾ گذاري ويو) منهنجي ۽ لياقت جي دوستي قائم رهي.
    جيئن ته منهنجن ويجهن ٽنهي دوستن استعيفا ڏني ته منهنجي به ترقي ڪري مونکي اڪائونٽس سيڪشن مان آڊٽ سيڪشن ۾ رکيو ويو، ڪجهه نوان ماڻهو به ڀرتي ٿيا، تن ۾ اميد علي لاشاري ۽ محمد بخش ڀرڳڙي شامل هئا، ائين مختلف ٽيبلن تي ڪم ڪري، سڄي آفيس جو ڪم سکي ورتم، مون کي ڪم سکڻ جو جنون هو ته هر ڪم مون کي اچڻ کپي، پينشن جو ڪم عبدالرحمان پرهياڙ کان سکيم، هو هر مهيني جي پهرين تاريخن ۾ پينشن جي رش سبب مون کان مدد به وٺندو هو ۽ ڪم سکڻ جي ڪري آئون هن جي هر وقت مدد ڪندو هوس. ايئن ڪافي ڪم سکي ورتم، آڊٽ جو ڪم به ائين ڀڳڙي مل جي مدد ڪندي سکيم، ڀڳڙو مل آڊٽ جي ڪم جو ماهر هو، اصل عمرڪوٽ جو هو، ميرپورخاص ٽريزري مان ترقي ڪري بدين بدلي ٿي آيو هو، انتهائي قابل ماڻهو هو، گهٽ ڳالهائڻ وارو سڄو ڏينهن ڪم وٺندو هو ۽ شام جو پڪوڙا ۽ ڊبل روٽي کارائيندو هو ته اسان خوش ٿي ويندا هئاسين. انور خان پٺاڻ وٽ به گزيٽيڊ آڊٽ جي ذميواري هئي، مون کي به چاچا انور پٺاڻ سان گڏايو ويو، بدين جو هر ماڻهو هن کي چاچا انور ڪري سڏيندو هو، سڄو ڏينهن گُهمندو هو، ڪم آئون ڪندو هوس، خرچي وصول هُو ڪندو هو پر منهنجي بدين جي گزيٽيڊ آفيسرن سان تمام گهڻي رسائي ٿي وئي، گزيٽيڊ آفيسرن جا بِل پاس ڪرڻ ڪري، منهنجي واقفيت ۽ واسطيداريءَ ۾ اضافو ٿيو، بدين ضلعي جا هڙئي آفيسر، ڊاڪٽر توڙي ليڪچرار منهنجا سڃاڻو ٿي ويا، سڀئي مون کي عزت واري نگاهه سان ڏسندا ۽ سڃاڻندا هيا، آئون ليڊي ڊاڪٽرن توڙي فيميل ليڪچرارز جي نگاهن جو مرڪز به رهيس.
    اسٽمپ سيڪشن اڪبر خان جي نگراني هيٺ هلي رهيو هو، عبدالستار سومرو سندس اسسٽنٽ هو. دوست محمد لاشاري جي بدلي ٿيڻ بعد محمد عظيم مغل (1 سيپٽمبر 1977ع کان 11 آگسٽ 1979ع) ڪٿان بدلي ٿي هتي آيو. هو ڪم جو ايڏو هوشيار نه هو پر پنهنجي رعب ۽ سختيءَ سان آفيس هلائڻ لڳو ، ڄڻ ته بيجا قسم جي سختي ڪرڻ لڳو، جيئن ته پري پري کان ماڻهو نوڪري تي ايندا هئا، آئون خود بدين کان پنجويهه ميل پري تلهار کان ويندو هوس، دوست محمد لاشاري هڪ ڪلاڪ جي ڇوٽ ڏني هئي ته پري کان جيڪي اچن ٿا، اهي ڀلي ڏهين وڳي اچن پر پوءِ هن اها ڇوٽ به ختم ڪئي ته هرڪو نوين وڳي پهچي وڃي، پاڻ آفيس جي سامهون ئي سرڪاري ڪوارٽر ۾ رهندو هو، پاڻ ته پهچي ويندو هو پر اسٽاف وارن مٿان به وقت تي پهچڻ لاءِ سختي ڪرڻ لڳو، پوءِ هن جي خلاف عبدالرحمان پرهياڙ جي اڳواڻي ۾ آفيس جي سڄي عملي انتهائي سخت احتجاجي تحريڪ هلائي، بک هڙتال ڪري بدلي ڪرڻ جا مطالبا ڪرڻ لڳا، ڊپٽي ڪمشنر منظور ڀٽو جي مداخلت سبب بک هڙتال ختم ٿي، هن به سختي ختم ڪئي ۽ پوءِ جلدي بدلي به ٿي ويو.
    انهي وچ ۾ يوسف جي رٽائر ٿيڻ بعد سونهارو خان بلوچ ۽ پوءِ محمد خان مگسي اڪائونٽنٽ ٿي آيا، انهن ٻنهي اسٽاف کان دوستاڻي نموني ۽ نهايت شفقت واري طريقي سان ڪم ورتو، سائين محمد خان مگسي ته ايترو پيار ڏنو، جو اسان لاءِ اهو چيو ويندو هو ته هي ڇورا محمد خان مگسي جا کريل آهن، هو انتهائي پيار سان آفيس جو ڪم وٺندو هو، جو هر مهيني جي مقرر ڪيل تاريخ کان هڪ ڏينهن اڳ اسان اڪائونٽ ، اي جي سنڌ جي آفيس موڪلي ڏيندا هئاسين، پوءِ سڄو مهينو سائين محمد خان مگسي جي اجازت سان پيا گهمندا ڦرندا هئاسين، نه ڪا ٽائيم جي پابندي هئي، نه ڪا مستقل مزاجيءَ جي پرواهه هئي ، هو واقعي پيار سان آفيس جو ڪم وٺڻ ڄاڻندو هو، بدين ۾ مونکي، اميرعلي لاشاري ۽ محمد بخش ڀرڳڙي کي دل سان ڀائيندو هو.
    هن کانپوءِ سليم الدين خان ( 21 ڊسمبر 1980ع کان 5 نومبر 1983ع ) بدين جو ٽريزري آفيسر ٿي آيو، هو ڪراچي جو اردو ڳالهائيندڙ، انتهائي پيارو ۽ شفيق انسان هو، هو پاڻ ڪم سيکاريندو هو، اڪائونٽ سيڪشن ۾ ويهي پاڻ ڪم ڪندو هو ۽ ڪلرڪن سان گڏجي اڪائونٽ ٺاهي پورو ڪرڻ ۾ مدد ڪندو هو، اسٽاف جي هر ماڻهو کي دل سان ڀائيندو هو، هن جي اکين ۾ تعصب جي نظر ڪڏهن به نظر نه آئي، اسٽاف جي طرفان به هن کي تمام گهڻي عزت ۽ تمام گهڻو پيار مليو، اڄ به بدين جو پراڻو ٽريزري جو اسٽاف هن کي پيار جي نگاهه سان ياد ٿو ڪري، الله پاڪ کيس حياتي ڏي، ويهه سالن کان وڌيڪ عرصو ٿي ويو آهيس، رٽائر ٿيندي، هن وقت ڪراچي ۾ رهي ٿو. اهڙي طرح مختلف آفيسرن ۽ اڪائونٽنٽس جي ماتحت رهندي حيدرآباد شفٽ ٿيڻ جو شوق ٿيو 1984ع ۾ ڪمشنر حيدرآباد کي درخواست ڏنم، بدين مان حيدرآباد بدلي ڪرڻ جي، تڏهن ٽريزري آفيسز ڪمشنر جي ماتحت هيون، بدلي ۽ مقرري ڊويزنل ڪمشنر ڪندو هو، 1984ع ۾ به ڊويزنون هيون، حيدرآباد ڊويزن ۽ سکر ڊويزن.
    ڪمشنر منهنجي درخواست تي نوٽ لکيو ته بدين ۽ حيدرآباد جي ٽريزري آفيسرن کان اين او سي وٺي اچ، تڏهن مون کي ڪمشنر حيدرآباد جي پي . اي ، شفيق احمد فون ڪري ٻُڌايو، آئون حيدرآباد آيس، تڏهن حيدرآباد جو ٽريزري آفيسر سنڌ جو هر دلعزيز ۽ مهان شخص محترم غلام محمد “ بلو“ بلوچ هو، غلام صديق ميمڻ (جيڪو حيدرآباد ٽريزري جي مشهور شخصيت هو) هن سان گڏجي غلام محمد “ بلو” بلوچ سان مليس، هن يڪدم اين او سي جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جو حيدرآباد ٽريزري ۾ اسٽاف جي کوٽ هئي، نه صرف اين او سي ڏنائين پر ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن کي فون ڪري يڪدم آرڊر ڪرڻ جي گذارش به ڪيائين، هيڏانهن بدين آفيس ۾ تڏهن ٽريزري آفيسر محمد ڇٽل خواجا ( 11 جنوري 1984ع کان 31 جولاءِ 1988ع) هو، هن به ٻئي ڏينهن مون کي اين او سي ڏني، آئون ٻئي اين او سيز کڻي ڪمشنر آفيس ۾ جمع ڪرائي آيس. جنهن ڪم لاءِ غلام محمد “بلو” بلوچ فون ڪري، اهو ڪم ممڪن ئي نه هو ته نه ٿئي، هو انتهائي ايماندار ۽ دبنگ آفيسر هو، هفتي کن اندر منهنجي بدلي جو آرڊر اچي ويو، آرڊر کڻي غلام محمد بلوچ وٽ آيس، هن منهنجي آرڊر مٿان سنڌي ۾ لکيو “ شڪر الحمد الله” ۽ چيائين ته بدين مان رلِيو ٿي اچي، پوءِ هتي جوائن ڪر، آئون آرڊر کڻي بدين پهتس، بدين جو ٽريزري آفيسر محمد ڇٽل خواجه مون کي رلِيو نه پيو ڪري، هڪ ٻه ڏينهن منٿ ميڙ ڪئي مانس، اميد علي لاشاري ۽ محمد بخش ڀرڳڙي به کيس چيو، پر هو ضد ڪري ويهي رهيو، مون چيو مانس ته سائين ! پوءِ اين او سي ڇو ڏنوَ ؟ ڳالهه وڃي جهڳڙي تائين پهتي، غلام محمد بلوچ کي اچي چيم ته سائين ! هو مون کي نه پيو ڇڏي، نه صرف غلام محمد بلوچ هن کي فون ڪري دٻڙاٽ ڏنا پر ڪمشنر کان به فون ڪرائي، مون کي رِليو ڪرڻ جو حڪم ڪرايو ۽ پوءِ هن رِليو ڪيو، اهڙي طرح 24 مئي 1984ع تي حيدرآباد ٽريزري ۾ اچي جوائن ڪيم، بدين ۾ مون کي بي شمار دوست مليا، پر انهن مان اميد علي لاشاري ، محمد بخش ڀرڳڙي ۽ محمد رفيق منڌرو اهڙا دوست هُيا جن سان اڄ تائين دوستي قائم آهي، نه صرف دوستي پر اسان جا خانداني لاڳاپا به اڄ تائين قائم آهن.
    حيدرآباد جوائن ڪيم، سائين غلام محمد بلوچ ، مونکي ، شهاب الدين جي حوالي ڪيو، جيڪو اڪائونٽس سيڪشن جو انچارج هو، هن مون کي پنهنجو اسسٽنٽ ڪري رکيو، ائين آهستي آهستي اڪائونٽس سيڪشن کان ٿيندو، مختلف سيڪشنز ۾ پنهنجي بدلي ڪرائيندو رهيس، ڪم ته گهڻو ڪري هر سيڪشن جو سکيل به هئس ۽ جنون به اهو ئي هو ته هر ڪم سکيل هجان، بس بدين ۽ حيدرآباد جي ٽريزري آفيسن ۾ فرق اهو هو جو هتي رش ۽ عوامي رابطو ۽ ميل جول تمام گهڻو هوندو هو، هر روز هر سيڪشن ۾ سون جي تعداد ۾ ماڻهو پنهنجن پنهنجن آفيسن جو ڪم ڪرائڻ ايندا هئا،چون ٿا ته اڄ تائين حيدرآباد جي ٽريزري آفيس، پاڪستان جي وڏي ۽ وڏي ٽريزري آفيس آهي، هن وقت به جيتوڻيڪ 2005ع کان هن ضلعي مان چار ضلعا ٺٽي چڪا آهن، مٽياري، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار ۽ ڄامشورو، پر اڄ به حيدرآباد ٽريزري آفيس ۾ اها ئي رش آهي، اهو ئي جاهه و جلال آهي، اها ئي رونق آهي، سوين ماڻهو مختلف سيڪشنز ۾ اڄ تائين اچن ٿا ، توڙي جو پگهارن جو سڄو نظام ڪمپيوٽرائيز ٿي ويو آهي.
    ڳالهه پئي ڪيم پنهنجي ته آئون مختلف سيڪشنز ۾ رهيس، اڪائونٽس سيڪشن، جنهن جو انچارج شهاب الدين، محمد فريد انصاري، علي احمد مرزا، مشتاق شيخ، منظور احمد ڀٽي، علي شير بروهي، غلام نبي قريشي، عبدالستار مگسي، علي احمد سومرو، محمد خان کوسو، عبدالستار سومرو، وزير احمد کنڀاٽي اڪائونٽنٽ هو، ايئن اڪائونٽس سيڪشن کانپوءِ آئون پينشن برانچ ۾ ويس، جتي علي احمد ميمڻ انهي برانچ جو انچارج هو، رُکو رُکو ماڻهو هو، ڪنهن سان ڳالهائيندو ڪونه هو. انهيءَ برانچ ۾ الهه بچايو ڪليري انتهائي يار ويس ماڻهو هو، ڪم سيکارڻ وارو ماڻهو هو، ننڍن کي ڀائيندو هو، مون کي پينشن جو ڪم الهه بچايو ڪليري ٽنڊي ڄام واري سيکاريو، جيڪو انتهائي اخلاق وارو، سلڇڻو ۽ يار ويس هو، ڪجهه وقت پينشن برانچ ۾ رهي، مڪمل ڪم سکي ورتم، پوءِ غلام صديق ميمڻ سان گڏيس ، جنهن مونکي ڊپازٽ جو ڪم سيکاريو. آڊٽ سيڪشن ۾ ڪم سکڻ لاءِ، انهيءَ سيڪشن ۾ آرڊر ڪرايم، غلام رسول ميمڻ سيڪشن انچارج هو، انهي سيڪشن ۾ مون سان گڏ غلام محمد بروهي، سيف الله مگسي، عبداللطيف ۽ ٻيا دوست گڏ هيا، اتي گهڻو عرصو ڪيم، پوءِ سينٽرل آڊٽ گزيٽيڊ ۾ ڪم ڪيم، جتي محمد منير لاشاري سيڪشن انچارج هو، مون سان گڏ غياث الدين، محمد نجيب خان هئا، پوءِ آڊٽ گزيٽيڊ ۾ سائين محمد خان مگسي منهنجو آرڊر ڪري انهيءَ سيڪشن ۾ موڪليو، انهيءَ برانچ جو انچارج چاچا گل محمد ميمڻ هو، مون سان گڏ شمس الدين خاصخيلي، عبدالستار مستوئي، عبدالستار مگسي، محمد اسلم ابڙو ۽ ڪجهه ٻيا به دوست هئا، مون کي هيلٿ سيڪشن مليو ۽ گڏوگڏ ايجوڪيشن به، آئون ڊاڪٽرن ۽ ليڪچرارن ۾ تمام گهڻو مشهور ٿي ويس، آئون ڊاڪٽرن ۾ ايترو ته مقبول ٿي ويس جو سڄي حيدرآباد ، هيلٿ ڊپارٽمينٽ ۽ سول اسپتال ۾ منهنجي نالي جي هاڪ هوندي هئي، ليڊي ڊاڪٽرن ۾ پڻ تمام گهڻو مقبول هوس، هاڪ انهيءَ ڪري ٿي جو آئون انهيءَ سيڪشن ۾ نوجوان هوس، ڊاڪٽر جي پگهارن جا بل انهيءَ ڏينهن پاس ڪري ڏيندو هوس، جيڪو ڪم عمومن ٽن ڏينهن ۾ ٿيڻ جهڙو هوندو هو، اهو هڪ ڏينهن ۾ ڪري ڏيندو هوس، ليڊيز ڊاڪٽرن کي ته گهر ويٺي بل پهچائيندو هوس پر ڪا به خرچي به نه وٺندو هوس، سڄي عمر انهيءَ خيال ۾ رهيس ته خرچي وٺندس ته منهنجي اها حيثيت ۽ اهميت نه رهندي ۽ سدائين پي . آر ٺاهڻ ۾ لڳل هوندو هوس، ڏسندي ڏسندي آئون حيدرآباد ٽريزري جو خاص ڪري هيلٿ ۽ ايڊوڪيشن جي انهن مقبول ماڻهن ۾ شمار ٿي ويس، جن جو نالو نمايان طور ورتو ويندو هو ۽ مون کي تمام گهڻي عزت، شهرت ۽ پيار ۽ محبت نصيب ٿي، جنهن لاءِ آئون هميشه الله پاڪ جو شڪرانو بجا آڻيندو آهيان، اها شهرت اڄ به نصيب اٿم. 1991ع ۾ حڪومت جي ڪيل فيصلي موجب ٽريزري آفيس ۾ هر ضلعي اندر اي. جي سنڌ وارن جي برانچ کولي وئي، ٽريزري جو نالو ختم ڪيو ويو، ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس جي نالي سان نالو رکيو ويو، اتان ئي ٽريزري ۽ ٽريزري اسٽاف جو زوال شروع ٿي ويو، اي. جي سنڌ جي برانچ پهرين پهرين حيدرآباد ۾ قائم ٿي، ڪراچي اي. جي سنڌ آفيس مان پنجويهه ، ٽيهه کن ماڻهن جي بدلي ٿي، جن حيدرآباد واري آفيس ۾ اچي ديرا ڄمايا ، ٽريزري وارن کي يرغمال بڻايو ويو، سڀئي اهم سيڪشن اسان کان کسيا ويا، ٽريزي اسٽاف کي اڪائونٽس سيڪشن تائين محدود ڪيو ويو، قبضي واري صورتحال پيدا ٿي وئي، ٽريزري اسٽاف پهريون دفعو، لاچار، بيوس ۽ مجبور ٿي پيو هو، انهن جي مرهون منت ۽ تابع ٿي ويو هو، ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر به ، اي. جي سنڌ سائيڊ جو آفيسر رکيو ويو، انهيءَ وقت سائين محمد خان مگسي ٽريزري آفيسر هو، هن کي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر ڪري رکيو ويو، سائين محمد خان مگسي، غلام رسول پنهور ۽ سونهارو خان بلوچ قانوني جنگ وسيلي ويڙهاند ڪئي ته اي. جي سنڌ جي الڳ بلڊنگ قائم ڪئي وڃي، جيڪو ڪم هو ڪراچي ۾ ڪندا هئا، اهي هتي اچي الڳ بلڊنگ ۾ ڪن ۽ ٽريزري وارا پنهنجو ڪم، جيڪو ڪن ٿا، اهي ڪندا، ٽريزري عملو بک هڙتال تي لهي ويو، هر روز چار ڪلاڪ ٽريزري آفيس جي گيٽ تي بک هڙتال ٿيندي هئي، ٽريزري عملي سان گڏ يڪجهتي طور ٻيا سرڪاري ملازم به بک هڙتال ۾ شريڪ ٿيا پر اها جنگ قانوني توڙي بک هڙتال واري، ٽريزري وارا هارائي ويا. آهستي آهستي سڀ ڪجهه صحيح ٿيڻ لڳو پر اڄ تائين به اي. جي سنڌ وارا ٽريزري عملي کي ۽ ٽريزري وارا وري، اي جي سنڌ واري عملي کي تعصب جي تنگ نظر سان ڏسن ٿا. ٻنهي هڪ ٻئي کي دل سان تسليم نه ڪيو آهي، توڙي جو هاڻ پنجويهه سال گذري چڪا آهن، هڪ ٻئي سان گڏجي ڪم ڪريون پيا پر الائي ڇو اها محبت، اها انسيت، هڪٻئي کان نه ملي سگهي آهي، آئون مختلف سيڪشنز کان ٿيندو اٺين گريڊ کان سترهين گريڊ تائين پهچندي، هن وقت جي پي فنڊ سيڪشن جو انچارج اڪائونٽنٽ آهيان، جي پي فنڊ سيڪشن ۾ ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان مون کي پندرهن سان ٿي ويا آهن ۽ خير سان سروس جا چاليهه سال گذري چڪا آهن، اجهو هاڻ خير سان پهرين ڊسمبر 2016 تي رٽائر ٿي ويندس.


    مون کي مليو پيار

    حيدرآباد بدلي ٿي آيس، مختلف سيڪشنز کان ٿيندو سائين محمد خان مگسي مون کي سڃاڻي ورتو هو ته آئون ڪم جو به هوشيار آهيان، نرم دل، ٿڌي مزاج ۾ پيار سان رهندڙ ماڻهو آهيان، هن مون کي آڊٽ گزيٽيڊ ۾ هيلٿ سيڪشن ۾ رکيو، آفيسر، سڃاڻي پوءِ انهن ملازمن کي پبلڪ ڊيلنگ واريون ذميواريون ڏيندا هيا، جيڪي ٿڌي مزاج جا ۽ پيار ڪندڙ ماڻهو هجن، سو مون کي به اها ئي ذميواري ڏني وئي، جنهن ۾ حيدرآباد جي ڊاڪٽرن جي ٽيبل تي مون کي رکيو ويو، جيئن مون ڳالهه پئي ڪئي ته آئون نرم مزاج ماڻهو هوس، منهنجي نرم رويي، پيار ڀريي لهجي، ڊاڪٽرن ۽ ڊاڪٽرياڻين کي موهي وڌو، منهنجو سڌو سنئون ڊاڪٽرن سان واسطو ٿيو.
    انهن جي پگهارن جا بل آئون پاس ڪندو هوس، حسب روايت اهي مهيني جي آخري تاريخن ۾ پگهار جو بل ٺاهي، صحيح ڪري آفيس ۾ ڏئي ويندا هئا، مهيني جي آخري تاريخ تائين اهي بل پاس ڪري، آفيسر کان صحيح ڪرائي انهن کي ڏيڻا هوندا هئا، جيئن اهي پهرين تاريخ اسٽيٽ بئنڪ مان ڪيش ڪرائي سگهن، مهيني جي آخري هفتي ۾ ته اسان وٽ يا اسان جي آفيس ۾ ڄڻ ميلو متل هوندو هو، منهنجي سيڪشن ۾ منهنجي ٽيبل تي وري ڊاڪٽرن جو ميلو متل هوندو هو، منهنجي سامهون ويٺل عبدالستار مستوئي وٽ ايجوڪيشن جي ٽيبل هئي، هن وٽ وري ليڪچرارز، مردن توڙي عورتن جو ميلو متل هوندو هو، گهڻين ليڊي ڊاڪٽرياڻين کي ته بل به ٺاهڻ ڪونه ايندو هو، انهن کي بل به آئون ٺاهي ڏيندو هوس، حالانڪه بل ٺاهڻ اسان جو ڪم نه هو پر بهتر ۽ مثبت موٽ ڏيڻ واري طريقي سبب اسان ائين ڪندا هئاسين، ڊاڪٽرياڻيون اچي ويهنديون هيون ته صحيح ڪٿي ڪريون؟ گهڻين ڊاڪٽرياڻين کي بل پاس ڪرائي گهر پهچائيندو هئس، مون کي انهي حساب سان ڊاڪٽرن جي بي انتها محبت ملي، تمام گهڻو پيار مليو، اها محبت اڄ ڏينهن تائين به قائم آهي، توڙي جو هاڻ سڄو سسٽم ڪمپيوٽرائيزڊ ٿي ويو آهي، آفيس ۾ هاڻ ميلا ختم ٿي ويا آهن، ميلا ڇا ؟ هاڻ قسمت سان ڪو ڊاڪٽر يا ڊاڪٽرياڻي آفيس ۾ اچن ٿا، جو پگهار جو سسٽم ڪمپيوٽرائيزڊ هئڻ سبب انهن جو پگهار انهن جي بينڪ اڪائونٽ ۾ هليو ٿو وڃي، باقي ڪجهه ٻيا ڪم، جنهن ۾ پينشن ، جي پي فنڊ ، موڪلن جا سرٽيفڪيٽ يا ڪنهن ڊفرنس وغيره لاءِ اچڻو ٿو پوي ته اهي ڪم ته قسمت سان ٿيندا آهن. مون کي انهيءَ زماني ۾ سڄي آفيس ۾ خوش قسمت سمجهيو ويندو هو، جو مون وٽ ڊاڪٽرياڻيون اچي ويهنديون هيون، پنهنجي آفيس جي ڪم ڪار کانسواءِ ڪچهريون پيون هلنديون هيون، چانهه پاڻي، بمبئي جا ڪيڪ، علي بابا جي ڪافي، ڪيفي صلاح جي چانهه جا دور پيا هلندا هئا ۽ ائين ئي عبدالستار مستوئي کي به خوش قسمت سمجهيو ويندو هو، جو هن کي ايجوڪيشن جي ٽيبل جي حوالي سان فيميل ليڪچرار وٽان انسيت ملي، ايجوڪيشن کاتي ۾ ڪم ڪار هجي ۽ ستار مستوئي جي نياپي ۽ چِٺي تي ڪم نه ٿئي اهو ممڪن ئي نه هو ۽ ائين صحت کاتي جي پاسي ڪوبه ڪم ڪار هجي ۽ منهنجو ڪم نه ٿئي، ائين به ممڪن ئي نه هو، مون به پنهنجي دوستن، غريب مٽن مائٽن جي ڊاڪٽرن وٽ مفت مدد ڪرائي، دوائن درمل جي حساب سان، ڪنهن اسپتال ۾ داخل ٿيڻ، انهن جي سار سنڀال ڪرڻ، ڊاڪٽرن کان وڌيڪ ڊاڪٽرياڻيون ، منهنجي ڳالهه کي عزت ڏينديون هيون، ڄڻ انهيءَ وجهه ۾ هونديون هيون ته اسان هن جو ٿورو ڪيئن لاهيون، 1988ع کان 1992ع تائين هيلٿ سيڪشن مون وٽ هو، پنجويهه سال گذرڻ بعد به منهنجي ڊاڪٽرن يا ڊاڪٽرياڻين سان اڄ به اها ئي عليڪ سليڪ آهي، سڀئي ڊاڪٽر اڄ به مون کي اها ئي عزت ڏيندا آهن، جيڪا پنجويهه سال اڳ هئي، توڙي جو اسان سڀ سينيئر ٿي ويا آهيون پر محبتن جو اهو رشتو قائم آهي، ڄاڻ سڃاڻ جاري آهي، آئون نون ڊاڪٽرن کي نٿو سڃاڻان پر سينيئر ڊاڪٽر سڀ منهنجا سڃاڻو آهن، بيشڪ مون جيتري محبت انهن کي ڏني، اها ساڳئي محبت اڄ تائين مون کي ملي پئي.
    مون ڪڏهن به ڊاڪٽرن کان خرچي پئسو پائي نه ورتي، منهنجي هميشه اها ئي ڪوشش رهي ته پئسي کي اهميت نه ڏجي، پنهنجا سُٺا واسطا ٺاهجن ۽ انهيءَ شيءَ ۾ آئون ڪامياب ٿي ويس، بيشڪ آئون پنهنجي همسفر ۽ همعصر دوستن ۾ پئسو ميڙڻ وارو ثابت نه ٿي سگهيس پر منهنجي ڄاڻ سڃاڻ، منهنجي عزت ، مانُ ، مرتبو ۽ مون کي ملندڙ محبت، انهن سڀني کان وڌيڪ آهي، جن پئسو ميڙيو پر عزت نه ٺاهي سگهيا، پوءِ هو مون کي بيوقوف سمجهن ٿا ۽ آئون انهن کي بيوقوف سمجهان ٿو، اهو فيصلو وقت ئي ڪري رهيو آهي ته منهنجي عزت، مان ۽ مرتبو اڄ به قائم آهي ۽ رب پاڪ سدائين قائم رکندو.
    توسان گهاريل گهڙيون وسرن نه ٿيون،
    زندگي جون سي راحتون وسرن نه ٿيون،
    تو ڏنيون پيار سان پيار اچي مون کي،
    سي من جون چاهتون وسرن نه ٿيون.
    (غلام مصطفيٰ عباسي)


    سرواڻ جو جنم

    سيپٽمبر 1990ع جو آخري هفتو هو، منهنجي گهر اولاد جي آمد جا ڏينهن ويجها هئا، ڪجهه ويجهن چند دوست ڊاڪٽرن ۽ ڊاڪٽرياڻين سان صلاح ڪيم ته گهر واريءَ کي ڪٿي داخل ڪجي، صلاح مشوري بعد ڊاڪٽر آفتاب منير جو ئي نالو فائنل ٿيو ته ان وٽ ئي علاج لاءِ داخل ٿجي، ڊاڪٽر آفتاب منير جي علاج سان پهرئين ٻار جي آمد ٿي هئي، هن اڳواٽ ٻڌائي ڇڏيو هو ته ايندڙ ٻار آپريشن وسيلي ٿيندو، مون ڊاڪٽر دوستن سان اها صلاح ڪئي ته آغا خان ۾ گهر واريءَ کي داخل ڪرايان يا ٻي ڪنهن پرائيوٽ اسپتال ۾، پر مون کي سڀني منع ڪئي ۽ صلاح ڏني ته سول اسپتال ۾ داخل ڪرائي، سول اسپتال جو علاج بلڪل مشهور هو ته ليول بلڪل هيٺ آهي، آئون تيار نه هوس، پر سڀني ڊاڪٽرياڻين مون کي منع ڪئي ته اسان جي هوندي تون ٻئي هنڌ، ٻي ڪنهن اسپتال ۾ داخل نه ڪرائي، انهن جي صلاح مڃي مون سول اسپتال ۾گهر واريءَ کي داخل ڪرايو، 4 آڪٽوبر 1990ع تي فجُر جي وقت منهنجي گهر واريءَ ، پٽ کي جنم ڏنو، اسپتال داخل ٿيڻ کان پٽ جي جنم، پوءِ اسپتال مان رخصت ٿيڻ تائين، منهنجي گهر واريءَ ، منهنجي پٽ جي تيمارداريءَ ، انهن جي سار سنڀال جي حوالي سان ڊاڪٽرن ۽ ڊاڪٽرياڻين پاران جيڪا شاندار موٽ ۽ مثبت نتيجا مليا، ان مان ائين محسوس ٿي رهيو هو ته ڄڻ آئون ڪو وزير هجان، مون کي نٿي لڳو ته ڪو آئون ڪو ڪلرڪ آهيان، ڊاڪٽرن جو اهو پروٽوڪول منهنجي محبتن جو صلو هو، جيڪو مون کي، منهنجي گهر واريءَ کي ۽ منهنجي پٽ کي ملي رهيو هو. رات ڏينهن ڊاڪٽرياڻيون منهنجي گهر واريءَ جي سارسنڀال لاءِ مٿان بيٺيون هونديون هيون، هر قسم جو خيال پيون رکنديون هيون. منهنجو پيدا ٿيل پُٽ جنهن جو مون نالو “سرواڻ حسن” رکيو هو، ان کي کڻي پيون گهُمائينديون هيون، منهنجي گهر واريءَ گائني وارڊ نمبر هڪ ۾ داخل هئي، مون کي ائين لڳي رهيو هو ته سڀئي ڊاڪٽرياڻيون انهيءَ ڳالهه ۾ رڌل هيون ته اهي منهنجي آفيس ورڪ ۽ ڪيل محبت جو ٿورو لاهي رهيون هيون.
    ان وقت سول اسپتال جي ميڊيڪل سپرينٽينڊنٽ کان وٺي بيهوشي واري ڊاڪٽر عبدالڪريم سيال کان وٺي، ڊاڪٽر نياز حسين، محمد ياسين گائني وارڊ ون وارو منهنجو دوست، جيڪو ڪلرڪ هو، ڊاڪٽر روشن آرا قاضي، ڊاڪٽر خليل قاضي، آپريشن ڪندڙ ڊاڪٽر خالده قاضي، ڊاڪٽر ياسمين قاضي، ڊاڪٽر اشرف ڀرڳڙي، ڊاڪٽر تسنيم منور ميمڻ، ڊاڪٽر نسرين ميمڻ، ڊاڪٽر لال خان لغاري، ڊاڪٽر خورشيد صديقي، شائسته شاهه، ڊاڪٽر افروز سومرو، ڊاڪٽر غزاله شاهه، ڊاڪٽر ناهيد شاهه، ڊاڪٽر نيلوفر شاهه، ((اهي ٽئي ڀيڻون) پروفيسر ڊاڪٽرآفتاب منير ميمڻ جا ٿورا آئون ڪڏهن به وساري نه سگهندس، جن منهنجي محبت جي موٽ شاندار محبتن سان ڏني، انهن مان هر هڪ هڪٻئي کان ٻه وکون اڳتي وڌائيندي اهو ثابت ڪيو ٿي ته ڄڻ انهن منهنجا ٿورا هڪ ئي ڌڪ ۾ لاهي ڇڏيا.
    جنهن ڏينهن سرواڻ ڄائو، انهيءَ ڏينهن سڄي وارڊ ۾ هر هڪ ڊاڪٽر کي بمبئي بيڪري جا ڪيڪ ڏنا هئم ۽ سڄي وارڊ ۾ مٺائي ورهائي هئم، بقول ڊاڪٽرن جي ته وارڊ ۾ ڪيڪ ورهائيندڙ آئون پهريون ماڻهو هئس ۽ پنهنجي نظر ۾ هيڏو وڏو پروٽوڪول ماڻيندڙ به آئون پهريون شخص هئس.
    “ ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا ” ، خير سان سرواڻ به هن وقت پنجويهن سالن جو ٿي ويو آهي، پر هر ڊاڪٽرياڻي کي منهنجو پٽ سرواڻ اڄ به ياد آهي ۽ اهي اڄ به دعائون ٿا ڪن.
    ٻه ٽي گيت واريم،
    ٻه ٽي ديپ ٻاريم،
    ٻه ٽي ڦول هاريم،
    تنهنجي آجيان ۾.


    دل جو دورو

    جولاءِ 1991ع ۾ جيئن اي جي سنڌ جي شاخ کلي، منهنجي بدلي هيلٿ سيڪشن مان ڪئي وئي، مختلف سيڪشنز مان بدلي ٿيندي 2000ع ۾ محترم اي بي جتوئي منهنجي بدلي جي پي فنڊ سيڪشن ۾ ڪئي، 2005ع ۾ آئون پنهنجي آفيسر محمد منير لاشاري ۽ طارق سهتو سان هر روز ٻنپهرن جي ماني آفيس ۾ گڏجي کائيندو هئس ، مئي 2005ع تي هڪ ڏينهن حسب دستور ماني گهرايم، گڏجي ماني کائڻ ويٺاسين، مون جيئن پهريون گرهه ماني جو وات ۾ وڌو ته مون کي مٿا کان پگهر نڪرڻ لڳو، دل ۾ مُنجهه پيدا ٿي، پهريون گرهه ئي وات جي اندر نه ويو، طارق مون کي گاڏي ۾ وجهي ديوان مشتاق وٺي ويو، اتي ايمرجنسي ۾ مون کي داخل ڪيو ويو، ڊاڪٽرن چيو ته هن کي سيريس اٽيڪ پيو آهي، يڪدم داخل ڪيو ويو، گهر وارن کي اطلاع ڪيو ويو، منهنجو دوست ڊاڪٽر نظير ميمڻ ۽ زمان بلوچ جيڪي ديوان مشتاق جا پروفيسر هئا، ڊاڪٽر نظير ميمڻ شعبي جو سربراهه هو ، انهن کي سڏايو ويو، اهي به آفيس جي حوالي سان منهنجا ويجها دوست هئا، ڊاڪٽر زمان بلوچ ته منهنجن ويجهن دوستن مان هو، انهن منهنجو علاج شروع ڪيو، ڏهه ڏينهن داخل هوس، ڊاڪٽر نظير ميمڻ انجوگرافي جو چيو. پوءِ اسرا اسپتال ۾ انجوگرافي ڊاڪٽر نديم قمر ( سيد قمر الزمان شاهه جو پٽ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير نويد قمر جو ڀاءُ) ڪئي، هن چيو ته رپورٽ موجب منهنجا ٽئي وال بند آهن، هن باءِ پاس جو چيو، 10 جون 2005ع تي ڪراچي جي نيشنل اسپتال ۾ باءِ پاس آپريشن ڪرايم، الله جي بابرڪت نعمتن سان چڱو ڀلو ٿي گهر آيم، انهيءَ دوران ديوان مشتاق ۾ 10 ڏينهن داخل هوس ته سول اسپتال جا سمورا ڊاڪٽر منهنجي مٿان اٿلي پيا هئا، منهنجو ڪمرو دوست ڊاڪٽرن سان ڀريو پيو هوندو، 15 سالن کان پوءِ به ٽريزري ۾ دوست ٿيل ڊاڪٽرن مون کي وساريو ڪونه هو، منهنجي علاج ۽ سار سنڀال ۾ وسان ڪنهن به نه گهٽايو هو، هر وقت جنهن رات منهنجي سار سنڀال لاءِ ديوان مشتاق اسپتال جي ڪمري ۾ موجود رهندا هئا. اتي آئون سول اسپتال جي منهنجي دوست ياسين کي ڪڏهن ڪونه وساري سگهندس ، جيڪو هر وقت مون وٽ رهيو، مون سان گڏ رهيو، منهنجي حاضري ۾ موجود رهيو، ڊاڪٽر نظير ميمڻ ۽ هن جي گهر واريءَ ڊاڪٽر سلمه ڏينهن ۾ ٽي دفعا ڏسڻ ايندا هئا، ڊاڪٽر زمان بلوچ ته منهنجو دوست هو، هر وقت مون سان گڏ رهيو، اهي سڀ آفيس جي انهن ڪمن سبب منهنجا دوست هئا، انهن منهنجي محبت جو جواب ڀرپور محبت سان ڏنو، انهن ڊاڪٽرن جي اها محبت مون کي اڄ به ياد آهي ته ڊاڪٽرن ۽ ڊاڪٽرياڻين جو مون کي ڏسڻ لاءِ ميلو متل هوندو هو، اهي محبتون مون جيڪي آفيس ۾ ڏنيون، اهي مونکي سڀني عنايتن ۽ مهربانين سان واپس به مليون، تڏهن ته چوندا آهن ته محبت ڪڏهن به رائيگان نه ويندي آهي، مون ته عبادت سمجهي آفيس جو ڪم ڪيو هو، ڪنهن قسم جي پئسي ڏوڪڙ جي لالچ نه ڪئي، سڃاڻپ ۽ دوستي جي ناتي سان ڊاڪٽرن جا ڪم گهر ويٺي ڪيم، ته مون کي به محبتن جا انبار مليا، انهن محبتن منهنجا جهول ڀري ڇڏيا جيڪي مون کان ڪڏهن به ڪونه وسرندا.

    مين اب ڪي لوٽا تو صديون ڪي عمر لائون گا،
    ڪه تيري پاس مختصر نهين رهنا مجهي.

    جرڪي جرڪي جيئرا آهيون،
    مرڪي مرڪي مرندا آهيون،
    مرندي مرندي بچندا آهيون،
    جيئرا هئاسين جيئرا آهيون.


    خزاني جا اديب

    1984-1985ع جي زماني ۾ حيدرآباد جي خزاني آفيس ۾ سنڌ جو ڀلوڙ ۽ ناليوارو شاعر تاج بلوچ، ايڊيشنل ٽريزري آفيسر جي حيثيت ۾ آيو، سندس نالو سنڌ جي وڏن شاعرن ۾ ان وقت ئي شمار ٿيندو هو ۽ سندس ڪمرو، شاعرن ، شاعرائن ۽ اديبن سان هميشه ڀريل هوندو هو، هو اسان جو آفيسر هو. آئون به هن جي ماتحت ٿي رهيس، سندس ڪمري ۾ هر وقت اديب نظر ايندا هئا، ڪم گهٽ، ادبي محفل گهڻي لڳندي هئي، عورت اديبائن جو وڏو تعداد سندس حلقي ۾ شمار ٿيندو هو، سندس ڪمري ۾ هر روز عورت اديبائن جو وڏو تعداد ڪچهري لاءِ ايندو هو، ڪم جي معاملي ۾ هو هوشيار آفيسر هو، پئسي يا خرچي وٺڻ جي سلسلي ۾ هو چوندو هو ته پنج سئو ڏي ته بل پاس ڪريان، بل پاس ڪرائيندڙ چوندو هو ته پنج سئو رپيا ته نه ڏيندس، ڀلا چار سئو، ڀلا ٽي سئو، پڇاڙي ۾ ائين چوندو هو ته ڀلا سگريٽ جو پاڪيٽ ڏيندين ؟ جي اهو به نه ملندو هو ته (مذاق واري موڊ ۾) چوندو هو ته ڀلا ڀُونڊو ڏيندين ؟ اهو ڏي ته بل پاس ڪريان، مطلب ته هو ڀوڳ ڀوڳ ۾ خرچي به وٺندو هو پر ماڻهن کي تنگ نه ڪندڙ آفيسر هو، مثبت موٽ ڏيندڙ آفيسر هو، پوءِ جلدي اتان ڪراچي هليو ويو، ان کانپوءِ مون وڏيون ڪچهريون مرحوم عبدالستار مگسي جي ٽيبل تي ڏٺيون، هو وڏو اديب نه هو، پر ريڊيو جا ڊراما ضرور لکندو هو ۽ پاڻ ريڊيو جو صداڪار به هو، وڏي ڪٽنب جو مالڪ هو، نوڪري ۽ گهٽ پگهار مان پُورت نه ٿيندي هيس ته شام جو آفيس مان اٿي، ريڊيو پاڪستان ويندو هو، اتي رات تائين ڊرامن ۾ صداڪاري ڪندو هو، ڊراما نويسي سان گڏ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو بهترين صداڪار هو، ريڊيو پاڪستان جا وڏا وڏا صداڪار ۽ فنڪار شام جو آفيس ۾ اچي هن جي ٽيبل تي ميڙاڪو مچائيندا، جيئن ته مون به 1976ع کان لکڻ شروع ڪيو هو، 1984ع ڌاري بدين کان حيدرآباد بدلي ڪرائي شفٽ ٿي آيو هوس، جيڪو ڪچو ڦِڪو لکندو هوس، اهو اچي ستار مگسي کي ڏيکاريندو هوس، ستار مگسي وٽ، روزاني شام جو ايڊيٽر حيات علي شاهه بخاري به ايندو هو، اهو منهنجو مواد ،گهڻو ڪري ننڍيون ڪهاڻيون لکندو هوس، سو حيات علي شاهه بخاري مون کان وٺي ويندو هو ۽ شام اخبار ۾ منهنجو اڪثر مواد شايع ٿيندو رهندو هو، ها ! ڳالهه پئي ڪيم ستار مگسي وٽ محفل جي ته هن وٽ ريڊيو پاڪستان مان نصير مرزا، محمد انور هڪڙو، نور محمد خاصخيلي، صالح محمد شاهه، حيات علي شاهه بخاري، نور گهلو ۽ ٻيا ڪيترائي صداڪار، فنڪار ۽ اديب اچي مڙندا هئا، آئون به انهن جي ڪچهري ۾ شامل ٿي ويندو هوس، اها محفل هر روز شام جو مچندي ضرور هئي، پوءِ سج لٿي مهل ستار مگسي ۽ ٻيا ڪجهه ريديو پاڪستان، ڪجهه گهر ۽ آئون به پنهنجي گهر هليو ويندو هوس.
    اهڙي طرح خزاني آفيس ۾ تاج بلوچ، آئون (اقبال بلوچ) ستار مگسي، انهن ملازمن ۾ شامل هئاسين جيڪي ليکڪ ۽ شاعر رهيا، تاج بلوچ هاڻ ڪراچي ۾ سوجهرو رسالو ڪڍي ٿو، رٽائر ٿيندي ويهه سال ٿي ويا اٿس، عبدالستار مگسي 1996ع ڌاري 42 سالن جي ڄمار ۾ اسان کان وڇڙي ويو ۽ آئون رٽائرمينٽ جي قريب، جي حياتي رهي ته 1 ڊسمبر 2016ع تي خيرن جو رٽائر ٿيندس.
    منهنجا هيستائين ٻه ڪتاب، هڪ ڪهاڻين جو مجموعو“ سانول جا سور” ۽ هڪ شاعري جو مجموعو “اي منهنجي شهرجي مٽي” جي نالي سان ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن ۽ رٽائرمينٽ کان اڳ انشاءَ الله ٻيا ڪتاب به آڻڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهيان. انشاءَ الله خزاني آفيس جو هي ملازم چار پنج ڪتابن جو تخليقار به ٿي ويندو، ماڻهو مون کي هميشه اهو چوندا آهن ته خزاني آفيس جي خُشڪ ماحول ، اڪائونٽس واري پاسي جو هي سرڪاري ملازم، اديب ۽ شاعر ڪيئن ٿيو، آئون واقعي انهن جي ڳالهه مڃيندي پاڻ محسوس ڪندو آهيان ته ٽريزري جو ڪم انتهائي خشڪ آهي، انهيءَ آفيس جو ڪو ملازم اديب يا شاعر ٿئي ته وڏي تعجب خيز ڳالهه هجي ٿي، اتي تاج بلوچ، ستار مگسي ۽ منهنجو اديب هجڻ ۽ منهنجو انهن ماڻهن کي اهو ئي جواب هوندو آهي ته خُدا هر شيءَ جو تخليقڪار آهي، اسان جون تخليقون به خدا جي ڏنل نعمتن مان عظيم نعمتون آهن، جيڪو خُدائي تحفو آهي. هتي آئون محمد ملوڪ لنڊ (جيڪو هن وقت سانگهڙ ٽريزري آفيس ۾ آهي) کي به ڪڏهن ڪونه وساريندس، جيڪو بيشڪ حيدرآباد جي آفيس ۾ ڪونه رهيو آهي پر هو سنڌ جي عظيم ليکڪن ۾ شمار ٿئي ٿو، هن جا لڳ ڀڳ ڇهه ست تاريخ جي موضوعن تي لکيل ڪتاب مارڪيٽ ۾ آيل آهن، سندس هر ڪتاب پنج سئو صفحن کان وڌيڪ آهي. ٽريزري سان لاڳاپيل منهنجو دوست احسان راهوجو به سنڌ جي بهترين شاعرن ۽ اديبن ۾ شمار ٿئي ٿو، جيڪو پڻ هن وقت ٽنڊي محمد خان ٽريزري آفيس ۾ ملازم آهي ، سنڌ جو نوجوان ليکڪ ۽ شاعر اعظم ڀٽي به سٺن ليکڪن ۽ شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو، ٽنڊو محمد خان ۾ علمي ۽ ادبي سرگرمين کي اوج تي پهچائڻ ۾ سندس وڏو ڪردار آهي ، جيڪو پڻ هن وقت ٽنڊي محمد خان ٽريزري آفيس ۾ آهي، اهڙي طرح سنڌ ۾ ٻيا به کوڙ سارا اديب ۽ شاعر خزاني آفيس ۾ هوندا، جن جي مون کي ڄاڻ نه آهي، يا انهن جا نالا ذهن ۾ نه پيا اچن.
    تون تاريخ ۾ ڳولهيندين ته آئون ڪتاب ٿي ملندس،
    جي خيالن ۾ ڳولهيندين ته آئون خواب ٿي ملندس،
    اي استاد ! آئون حسن جو شهزادو ته نه آهيان،
    پر تون گلن ۾ ڳولهيندين ته آئون گلاب ٿي ملندس.
    (استاد بخاري)


    خزاني جا ڪلاڪار

    هونئن ته سنڌ هيرن جي کاڻ آهي، سنڌ ۾ هن وقت 29 ضلعا آهن، انهن مان 24 ضلعن ۾ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسون آهن، انهن ۾ بي شمار فنڪار، اداڪار ۽ ڪلاڪار هوندا پر جيستائين مون کي خبر آهي، آئون اهو ئي هن باب ۾ ذڪر ڪري رهيو آهيان، حيدرآباد ۾ مرحوم عبدالستار مگسي ماضي ۾ ٽريزري آفيس جو اهو ڪلاڪار هو، جنهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ بي شمار ڊرامن ۾ صداڪاري ڪئي پر پاڪستان ٽيليويزن ( پي ٽي وي ) جي به بيشمار ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا.
    هن وقت حيدرآباد ٽريزري ۾ ڪم ڪندڙ اسان جو بهترين آفيسر محمد نذير ڀٽو، سنڌ جو بهترين فنڪار به آهي، هن پنهنجو پاڻ کي ٽي وي چينلز ۽ ريڊيو پاڪستان تي متعارف ڪڏهن به نه ڪرايو آهي پر هن دوستانه نجي محفلن ۾ ضرور ڳايو آهي، هو هڪ بهترين فنڪار ۽ سريلي آواز جو مالڪ آهي.
    آغا ثناءُ الله ، جنهن سڄي ڄمار حيدرآباد جي خزاني آفيس ۾ ڪم ڪيو، اهو هن وقت سترهين گريڊ ۾ ترقي ماڻي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس مٽياري ۾ فرائض سرانجام ڏئي رهيو آهي، بلاشڪ هو سنڌ جو هڪ بهترين راڳي آهي، هو سنڌ توڙي هند ۾ شاندار شهرت جو مالڪ آهي، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو مشهور راڳي آهي، هر سنڌي ٽي وي چينلز تي سندس آواز جو جادو جاري رهندو پيو اچي، بيشمار ڪيسٽون ۽ سي ڊيز رليز ٿي چڪيون اٿس، هي اسان جي سنڌ جو بهترين سرمايو آهي، اسانکي فخر آهي ته هي اسان جي آفيس ۾ اڃا تائين سروس ۾ آهي، شايد 2016ع جي آخر ۾ رٽائرمينٽ جي عمر ۾ پهچندو. منهنجي دُعا آهي ته قدرت کيس هميشه ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون عطا ڪري، ائين ئي سنڌي موسيقي جي خدمت ڪندو رهي.
    ان کان علاوه ٽريزري آفيس ٽنڊو محمد خان جا ٻه سب اڪائونٽنٽ ذيشان ميمڻ ۽ عاصم اشرف ميمڻ آهن، جيڪي 2011ع ۾ ڀرتي ٿيا ، انهن به سنڌي ٽي وي چئنلز جي ڪجهه سنڌي ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا آهن، پر هو پنهنجي اداڪاري واري شوق کي اڳتي جاري رکي نه سگهيا ، هن وقت ٽريزري آفيس ٽنڊو محمد خان ۾ ڪم ڪري رهيا آهن .


    صاحب جي زال آفيسر

    اها بدين ٽريزري آفيس جي ڳالهه آهي شايد 1980ع واري سال جي ! هڪڙو ٽريزري آفيسر بدلي ٿي آيو، لڳ ڀڳ 55 سالن جو هو پر عمر ۾ اڃا به وڌيڪ لڳندو هو، بيمار به لڳندو هو، ٻه ٽي ڏينهن ته تعارف ۾ گذريا، هفتي ڏهن ڏينهن کانپوءِ اسانجي آفيس جي سڀني ڪلرڪن کي سندس بنگلي تي گهرايو ويو، اهو آفيسر پنهنجي ڊرائنگ روم ۾ سامهون ويٺو هو پوءِ هن جي زال به ڊرائنگ روم ۾ آئي، هن جي زال انتهائي سهڻي هئي، عمر ۾ ننڍي به هئي، لڳ ڀڳ پنجويهه ڇويهه سالن جي بيحد حسين عورت هئي، اسان جي مُنهن تي انهيءَ اسان جي صاحب سان رعب ڪري ڳالهائي رهي هئي، اسان سڀ سمجهي وياسين ته هن جي زال پنهنجي عمر ۽ حُسن جي ڪري هن تي حاوي آهي ۽ هن اها شادي هڪ وڏي عمر واري پوڙهي آفيسر سان انهيءَ ڪري ڪئي آهي جو هو ٽريززري آفيسر هو، هن آفيسر جي اها ننڍي نيٽي زال، ٽيون نمبر زال هئي .
    اسان سڀني سان هن جي زال، پنهنجو تعارف ڪرايو ۽ اسان سڀني کان اسانجو نالو پڇيو ۽ ڪهڙي ڪهڙي ٽيبل تي ڪم ڪندا آهيون، اهو به پڇيائين، شايد ٽريزري جي ڪم ڪار ، ٽيبل ۽ سيڪشن جي ڄاڻ هيس، اسان بدين جا 16 ڄڻا ئي ڪلرڪ هئاسين، هُن اڪائونٽس سيڪشن وارن کي چيو، توهان نه اچجو، باقي اسان ستن ، اٺن ڄڻن کي حڪم ڪيو ته صاحب جو جيڪو به روز ڪمائي جو حصو ٿئي، اهو مون کي روز ويندي شام جو گهر پهچائجو، اسان حڪم جي تعميل ڪندي، جيڪي سڻڀين ٽيبلن وارا ڪلرڪ هئاسين، اهي روز شام جو صاحب جو حصو پهچائڻ ويندا هئاسين، هفتو کن اهو قصو ائين هليو، هڪ ڏينهن مون کي چيائين ته تون سڀني کان حصو وٺي نالا ۽ رقم لکي، مون تائين پهچائي ، حڪم جي تعميل ڪندي آئون ائين ڪندو هوس، هو صاحب ٿورو عرصو رهيو پوءِ بدلي ٿي هليو ويو پر هي هڪ اڻ وسرندڙ واقعو منهنجي ذهن تي اڻ مٽ نقش جيان چٽجي ويو.
    مون ڏات انوکي آندي آ،
    ٿي تند وڙهي تلوارن سان،
    ٿا تنهنجا ڀاري برج لڏن،
    تون هيڻو آ هٿيارن سان.
    (شيخ اياز)


    هڪ خوشي

    2007-2008ع ڌاري مون وٽ جي پي فنڊ سيڪشن ۾ زراعت جي ٽيبل هئي، هو پنهنجو ڪيس کٽي آيو، هڪ درويش صفت انسان هو، اچڻ شرط چيائين : ابا ! مون تنهنجي تعريف ٻڌي آهي، چيومانس ادا ! تعريف ان پروردگار جي، جنهن اسان سڀني کي خلقيو آهي، منهنجي مٿي تي هٿ ڦيريندي دُعا ڪندي چيائين : هڪ عرض ڪريان، مون وراڻيو : جي ادا ٻڌايو، چيائين: هي منهنجو ڪيس آهي، جي پي فنڊ جا پئسا ڪڍرائڻ ٿو چاهيان، هڪ لک رپيا ڪڍرائڻا آهن، منهنجي ڌيءَ سخت بيمار آهي، هن کي ڪينسر جي بيماري آهي، مونکي اڄوڪي ڏينهن ۾ هي بل پاس ڪرائي ڏين ته سڀاڻي آئون هن کي ڪراچي کڻي وڃان ۽ ها آئون غريب آهيان، خرچي طور به هڪ رپيو به ڪونه ڏيندس، هڪ ته آئون غريب آهيان، ٻيو ته مولوي به آهيان. ايگريڪلچر ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري اٿم ۽ مٿان ڌيءُ به بيمار اٿم. چيو مانس: تون ڀلي هڪ رپيو به خرچي نه ڏي پر اهو ممڪن ڪونهي ته تنهنجو هي ڪم هڪ ڏينهن ۾ ٿي وڃي، هن ايلاز ڪيا، منهنجي اڳيان تصور ۾ هن جي بيمار ڌيءُ جو معصوم چهرو سامهون اچي ويو، ٻيا سڀ ڪم هڪ پاسي ڪري، هن جي ڪم کي لڳي ويس، جيتري دير مون هن جو ڪم ڪيو، هن هٿ کڻي دعائون پئي ڪيون، مون هن جي هڪ لک رپين جي پيمينٽ اٿارٽي اڪائونٽنٽ کان صحيح ڪرائي، پوءِ آفيسر کان به وڃي صحيح ورتم، ايتري تڪڙي ۽ هٿوهٿ ڪم ڪرڻ تي اڪائونٽنٽ ۽ آفيسر کي به سموري روئداد ٻڌايم. هڪ ڏينهن ۾ اها اٿارٽي هن کي ڏنم،جيڪو ڪم عموما ٽن ڏينهن ۾ ٿيندو آهي، ٻئي ڏينهن صبح جو پنهنجي ڊپارٽمينٽ مان بل ٺهرائي کڻي آيو، اهو بل به هٿو هٿ پاس ڪرائي ڏنم، پنهنجي آفيس مان چيڪ ٺهرائي، هن جي حوالي ڪيم، چيڪ تائين پهچڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ هفتو لڳي ويندو آهي پر مون هن جو اهو ڪم ٻن ڏينهن ۾ ڪرايو، سو به بنا ڪنهن لالچ جي، ڳالهه آئي وئي ٿي وئي، ڪجهه هفتن بعد مون کي ٽنڊي ڄام جي ڪيترن ئي ماڻهن ٻڌايو ته فلاڻي مولوي، ٽنڊي ڄام جي مسجد ۾ جمع نماز جي پيش امامت کانپوءِ جيڪا دُعا گهري، انهيءَ دعا ۾ هن منهنجو نالو وٺي دُعا گهري هئي، جڏهن اها خبر مون کي ماڻهن ٻڌائي ته مون کي ڏاڍي خوشي ٿي هئي ۽ مون خدا جا لک شڪرانه ادا ڪيا.
    اهڙي نموني ئي هڪ ٻيو بزرگ جيڪو حج تي وڃي رهيو هو، هن جو ڪم به مون بنا لالچ جي تڪڙو ڪري ڏنو هو، هن مون کي ڪعبه شريف مان فون ڪري، مون کي ياد ڏياريندي چيائين ته مون تنهنجي لاءِ حج پڙهندي، نالو وٺي دُعا ڪئي آهي. اهي ڪجهه اهڙيون دُعائون آئون اڃا تائين وساري نه سگهيو آهيان، منهنجي باءِ پاس آپريشن وارن ڏينهن ۾ ڪيترن ماڻهن دُعائون ڪيون، هڪ ماڻهو نجف اشرف عراق مان حضرت علي عليه السلام جي روضي تي دُعا گهرندي، مون کي فون ڪئي ۽ خيرت جو پڇيو، ٻئي هڪ ماڻهو ايران ۾ امام علي رضا عليه السلام جي روضي تي دُعا ڪندي مون کي فون ڪئي.
    عالم جا الله ! آهيون، تنهنجي آسري،
    اهدنا صراط المستقيم، هادي ٿي همراهه،
    واحد ڪانهي واهه، تو سوا تِر جيتري.
    (شاهه ڀٽائي)


    ڏک ڀريا لمحا

    مون کي خزاني آفيس ۾ تمام گهڻو ڏک منهنجي دوست منهنجي ساٿي، منهنجي همسفر عبدالستار مگسي جي بيوقتائتي موت تي ٿيو هو، هو 42 سالن جي عمر ۾ خزاني آفيس وارن کان سدائين لاءِ موڪلائي هليو ويو.
    ٻيو ڏک جيڪو مون کان نٿو وسري، اهو عبدالستار مستوئي جو، جيڪو تازو چار پنج سال اڳ فوت ٿيو آهي، آئون جيئن صبح جو 10 وڳي ڌاري آفيس پهتس، حسب روايت آفيسر سان ملڻ لاءِ هن جي ڪمري ۾ ويس ته منهنجو دوست، همسفر ساٿي عبدالستار مستوئي آفيسر کان موڪل وٺي رهيو هو ته سائين منهنجي طبيعت صحيح نه آهي، آئون وڃان ٿو، ائين جو چيائين ته مون هن جي منهن ۾ ڏٺو، هن جي نرڙ تان پگهر وهي رهيو هو، آئون سمجهي ويس ته هن کي اٽيڪ ٿيو آهي، مون کي چيائين يار ! مونکي گاڏي ۾ کڻي هلي، گهر پهچائي، مون چيو ته آئون هاڻ ئي آفيس پهتو آهيان، وري به چيومانس، ترس ته آئون سامان پنهنجي ٽيبل تي ڇڏي اچان، واپس آئون ڏهن منٽن ۾ آيس، تيستائين هو ڪنهن سان گڏ وڃي چڪو هو، يارهين وڳي هن جي گهران اطلاع آئي ته جيئن هو گهر پهتو، هن جي طبيعت وڌيڪ خراب ٿي پئي، هلال احمر وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ ئي دم ڏنائين، هن جي موت جو اطلاع يارهين وڳي پهتو. ڪيترا مهينا منهنجو ضمير مون کي ملامت ڪندو رهيو ته ڪاش ! آئون ان مهل ئي کيس پنهنجي گاڏي ۾ دل جي اسپتال وٺي وڃان ها. ڪيترا مهينا آئون اهو ڏک وساري نه سگهيو هوس ۽ اڃا تائين اهو ڏک دل ۾ گهر ڪري ويٺل آهي.
    جيڪي پل توکان جدا ڀوڳيون پيا،
    هر گهڙي ڄڻ ڪا سزا ڀوڳيون پيا.
    (فهميده شرف بلوچ)


    آئون به راهي هن راهه جو

    هونئن پنهنجو پاڻ تي لکڻ يا پنهنجي تعريف ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم ليکيو ويندو آهي، پنهنجي تعريف ڪرڻ، ٻي کي پسند به نه ايندي آهي، تعريف اها جيڪو ٻيو ڪري پر هيڏو سارو ڪتاب لکندي، اهو مون موزون سمجهيو ته ڪجهه لفظ پنهنجي لاءِ به لکي ڇڏيان 1 ڊسمبر 1956ع تي تلهار ضلعي بدين ۾ پيدا ٿيس، 25 مارچ 1976ع تي بدين ٽريزري ۾ اڪائونٽس ڪلرڪ طور ڀرتي ٿيس، مئي 1984ع ۾ حيدرآباد ٽريزري ۾ بدلي ٿي آيس، 1 سيپٽمبر 2015ع تي پروموشن ذريعي ٽنڊي الهيار ۾ ويس، 1 ڊسمبر 2015ع تي واپس حيدرآباد بدلي ٿي آيس. ائين کڻي چوان ته 1 ڊسمبر 2016ع تي60 سالن جو ٿيندي نوڪري جي حوالي سان هاڻ ڪجهه ڏينهن جو مهمان آهيان، ٽريزري آفيس ۾ چاليهه سالن کان مٿي نوڪري ڪيم. آئون آفيس ڪم ۾ ڪيترو هوشيار رهيس، ڪيترو باڪردار رهيس، ڪيترو بااخلاق رهيس، ڪيترو بداخلاق رهيس، ڪيترو خوش لباس رهيس، ڪيترن کي دلين ۾ جايون ڏنم، ڪيترن مون کي دلي دوست بنايو پر هڪ ڳالهه آئون دعويٰ سان چوندس ته مون هر سيڪشن ۾ ڪم ڪيو، هر ٽيبل تي رهيس، هر ڪم مان واقف رهيس، ٽريزري جو هر ٽيبل جو هر ڪم ڪيم، هينئر به رٽائر ٿيندي جي پي فنڊ سيڪشن جو اسسٽنٽ اڪائونٽس آفيسر آهيان، پر جتي به رهيس، جنهن سيڪشن ۾ رهيس، جنهن ٽيبل تي رهيس، آئون دل سان ٿو چوان ته مون پنهنجي نوڪري کي عبادت سمجهي ڪم ڪيو، ڪڏهن به لالچ ۽ حوس نه رکيم ، ڪا به لوڀ نه رکيم.
    منهنجي دل ۾ هميشه اهو جذبو رهيو ته ماڻهن جي خدمت ڪريان، آفيس جو ڪم، پبلڪ ڊيلنگ عبادت طور ڪيم، بس عبادتن ۾ به ڪڏهن ڪڏهن ڪوتاهيون ٿي وينديون آهن، بطور انسان، هڪ گناهگار انسان طور مون کان به ڪوتاهيون ٿيون هونديون پر دل مطمئن اٿم ته مون پنهنجي آفيس جو ڪم عبادت سمجهي ڪيو، شل الله پاڪ منهنجا گناهه معاف فرمائي ۽ منهنجي جيڪا به ڪيل عبادت آهي، اها پنهنجي حُضور ۾ قبول فرمائي.
    جيڪو آهي پيار ۾ نفرت ۾ نه آهي،
    مون توکي چاهي ڇاڇا سان سمائيو.
    (شيخ اياز)


    ٽريزري جا عشق

    چوڻي آهي ته عشق ۽ مُشڪ ڪڏهن به لِڪي نٿا سگهن ، جڏهن جڳ جهان جا عشق لِڪي نه سگهيا ته خزاني آفيس جا عشق ڪيئن لِڪي سگهندا ،خزاني آفيس سان سلهاڙيل ماڻهن منهنجي لاءِ به اهو چيو ته مون به آفيس ۾ عشق ڪيا آهن ، پر ائون اهو ئي چوندس ته جڏهن مون تي ماڻهو عاشق هئا ته آئون تمام گهڻو ڊڄندو هئس، ڪنهن ڏانهن ڪنڌ کڻي نهاريندو به ڪونه هئس ، نه ئي ڪنهن جي دعوت تي انهن وٽ ڪڏهن ويس ، جڏهن ڊپ جهلي جهلي عشق ڪرڻ لاءِ تيار ٿيس ته آئون پوڙهو ٿي چُڪو هئس ۽ اهي ماڻهو به ڏوهٽن ۽ پوٽن وارا ٿي ويا ، زمانا گذري ويا ، دور مٽجي ويا ، عاشقي ۽ معشوقي ختم ٿي وئي ، ها ڪجهه عشق مون هن آفيس ۾ پنهنجي اکين آڏو گهُمندي ڦرندي ڏٺا ، انهيءَ معاملي ۾ مون سڀ کان پهرين ، هن آفيس جي آفيسر مرحوم وزير احمد کنڀاٽي کي ڏٺو، جنهن وٽ چار چڱا چهرا سدائين ويٺا هوندا هئا ، عاشق مزاج ماڻهو هو ، دل ۽ کيسي جو پڻ سخي ماڻهو هو ، تاج بلوچ ، جيڪو پڻ هن آفيس جو آفيسر رهيو ۽ هن وقت به سنڌ جو ڀلوڙ شاعر آهي ، ان جو ڪمرو ته سدائين معشوقن سان ڀريو پيو هوندو هو ،سندس ڪيترائي عشق مون محسوس ڪيا ، زياده تر معشوق ادبي لڏي سان تعلق رکندڙ شاعرائون هيون ، تاج بلوچ نالي ۾ به نهال هو، سنڌ جو ڀلوڙ شاعر به هو ته پي ٽي وي تي پروگرام به ڪندو هو ، انهيءَ حوالي سان معشوقن جو تعداد به وڌيڪ هوندو هئس ، حق نواز بلوچ ته هڪڙي آفيسرياڻي کي هميشه گڏ ويهاريو ويٺو هوندو هو ،عبدالستار مستوئي به گهڻن ئي زلفن جو اسير ٿيو ، عبدالستار مگسي مرحوم به ريڊيو جي ٻن ٽن فنڪارائن جي زلفن جو قيدي ٿيو ، سائين محمد خان مگسي به گهڻين ئي نيڻن جي نهار ۾ جڪڙيل هو ، پر هڪڙي سانولي عورت ته هر وقت سائين وٽ ڪچهريون ڪندي ويٺل ڏٺِي ويندي هئي ، ان حد تائين جو اها عورت ، سندس بدلي ٿيڻ کانپوءِ به مگسي مگسي ڪندي وتندي هئي ، ائين کڻي چئجي ته ان عورت جو معشوق سائين محمد خان مگسي هو ، انهيءَ ڪٽ جوڙ جي دنيا ۾ ليئو پائجي ٿو ته سائين محمد خان مگسي جو ڀائيٽو ۽ هن وقت ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر سيف الله مگسي ته ان ڊوڙ ۾ سڀني کان اڳتي نڪتل آهي عاشقي ۽ معشوقي واري اها راند هو اڃا تائين کيڏي رهيو آهي ،دل جو ته بادشاهه آهي ، ڏيتي ليتي جي ڪا به پرواهه نه اٿس ،هي بيپرواهه بادشاهه هٿ جو کُليل ۽ سخي مرد آهي ، انهيءَ ڪري هن گهڻين ئي کي پنهنجي پيار جي پالوٽ ۾ پاليو آهي ، سندس معشوقن جو هن وقت به هڪ وڏو تعداد اڃا تائين موجود آهي ، انهيءَ معاملي ۾ سندس همسفر ساٿي غلام سرور ٿيٻو به ڪنهن کان پوئتي پيل نه آهي ، ان به ڪيترن ئي وجودن کي پنهنجي پئسي واري محبت ۾ ڦاسايو آهي . ان سلسلي ۾ اڃا به ٿورو اڳتي وڌي اي بي جتوئي جو ذڪر نه ڪجي ته اها به ڪنجوس پائي سڏبي ، هو حيدرآباد ۾ آيو هو ته انتهائي خُوبرو نوجوان ۽ ڪٽ مست طبعيت رکڻ وارو شخص هو ، هي انهن ڀاڳوند ماڻهن ۾ شامل آهي ، جنهن تي گهڻا ئي دنيا وارا گهور گهور پيا ٿيندا هئا، ڪيتريون ئي قاتل نظرون کيس پنهنجي زلفن جي قيد ۾ قابو ڪرڻ لاءِ آتيون هونديون هيون ، پوءِ هو به ڪُسجي ويو، محبتن ۾ گرفتار ٿي ويو، گهايل نطرن جو گهايل بڻجي لاتعداد زلفن جو اسير بڻجي ويو، بس ڀاڳ ڀاڳ جي بازي آهي ، ڪنهن ڏانهن ڪير ڏسي ئي ڪو نه ، ته ڪنهن جي پويان وري اڻ کٽ سلسلو جاري رهندو پيو اچي ، ڪي سِڪندي مري ويا ته ڪي وري ڀڄندي نظر آيا ، دنيا جي دستور جو چرخو پيو ڦِري . ٽريزري جي عشق جا داستان بيان ڪرڻ جي حوالي سان شريف بيگ لغاري به انهيءَ ڊوڙ ۾ گوءِ کڻڻ ۾ ڪنهن کان پوئتي نه رهيو آهي ، سندس همسفر ساٿي اسان جو نوجوان طارق مبين سهتو به ان سلسلي ۾ انتهائي ڀاڳ وارو آهي . اسانجي هردلعزيز آفيسر الطاف منگي جا ڀاڳ به عشق جي دنيا ۾ ڪنهن کان گهٽ ناهن ، ڪيترن ئي زلفن جي ڇانوَ ۾ هن به آسيس ورتي آهي ، لاتعداد نظرن جا تير هو به برداشت ڪندو رهيو آهي ، انهيءَ قطار ۾ سندس همسفر دوست ۽ هن ئي آفيس جو آفيسر شمشير الحيدر ته اڃا به وڌيڪ ڀاڳن وارو آهي جو سندس معشوقن جو هڪ وڏو انگ اڃا تائين به موجود آهي ، جيتوڻيڪ هو هن وقت اي جي سنڌ ڪراچي ۾ آهي ، ويجهڙائي جي مونکي خبر ناهي ته ڪيتري وفاداري سان نينهن جا ناتا نڀائيندو پيو اچي پر اها خبر ضرور اٿم ته هو به تمام گهڻين دلين جي ڌڙڪن بڻيل آهي ، ڀلا ڪنهن جي ڀاڳ سان ڪهڙي ريِس ڪجي ، سائين نظير احمد ڀٽو جا به ڀلا ڀاڳ آهن ، انهيءَ زنجير ۾ ڀٽو صاحب به چڱي طرح جڪڙيل آهي ۽ انهيءَ پيار واري زنجير مان پاڻ کي آزاد نه ڪرائي سگهيو آهي ، ڀاڳ ته اياز ابڙي جو به پوئتي نه هو ، هڪڙو عشق ڪيائين پر اهو مُشڪ نه ٿي سگهيو ، ڦشڪ ٿي ويو ، پاڻ کي زنجير مان آجو ڪرائي ڇڏيائين ، اهي ته ڪجهه عشق جا اهڙا سلسلا هئا جي ڪي ڪجهه ٿي چڪا ۽ ڪجهه هلي رهيا آهن پر هاڻ انهيءَ ٽريزري آفيس ۾ عشق ۽ محبت جو سلسلو ختم ٿيندو نظر پيو اچي ، هاڻ ڄڻ ته اها عشق ۽ محبت رهي ئي نه آهي ، ڇاڪاڻ جو هن وقت معشوقن جو هڪ وڏو انگ ، انشورنس ڪمپني وارين ، ڪارڊن وڪڻڻ وارو جو آهي ، پيزا هٽ ۽ مختلف هوٽلن جا ڪارڊ وڪڻڻ وارين جو سلسلو اڳي جيان حساب ڪتاب کان وڌيڪ آهي ، پر هاڻ نوجوان نسل ۾ بنا ڪنهن حساب ڪتاب واري محبت ۽ عشق جو جذبو نه رهيو آهي ، نه ئي معشوقن کي محبت جي زنجير ۾ جڪڙائڻ جي ضرورت يا وقت آهي . ايڪ هاٿ سي لو ، ايڪ هاٿ سي دو واري روايت جنم وٺِ چڪي آهي ، هاڻ محبت بس فقط ڏيتي ليتي واري محبت ٿي وئي آهي ، هر ڪنهن جا پنهنجا ڀاڳ آهن ، رهي نالو الله جو ، سڀ ڳالهيون هتي ئي رهجي ويون، صرف يادون ئي رهجي ويون آهن ، جيڪي سدائين ياد رهنديون !

    توسان يار وئي منهنجي دلڙي اڙي ،
    گهاري ڪانه سگهان مان هڪڙي گهڙي ،
    تنهنجي سُورن ۾ وئي جان ڳري ،
    مِل يار اچي ٻه ٽي پير ڀري .
    (ڪاظم ٽالپر)


    هڪ درد ڀريو واقعو

    چاليهه ايڪيتاليهه سالا نوڪري دوران ڪيترائي افسوسناڪ واقعا ڪنن سان ٻُڌم ۽ اکين سان ڏٺم پر هڪ اهڙو واقعو منهنجي اندر کي چيري ڦاڙي ، دل ۾ نقش ٿي اڻ وسرندڙ نشان ڇڏي ويو آهي .
    2004ع جو هي واقعو اڄ به چٽي ريت ياد اٿم ته انهيءَ وقت ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر حيدرآباد سيد ذوالفقار علي شاهه هو ، انهيءَ وقت ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر ٿِري ، ان وقت جو نهايت ئي سُٺو آفيسر محترم غلام محمد بروهي هو ، جنهن وٽ پينشن ۽ جي پي فنڊ جي چارج هئي ، سال 2001-2002ع جون ڪجهه پينشن اٿارٽيون آيون هيون ، جيڪي حسبِ روايت اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ ڪراچي مان اينديون هيون ، جن جي ادائيگي اسانجي آفيس کي ڪرڻي هوندي هئي ، ڪم موجب اٿارٽيون آيون ۽ پينشنرن کي ادائيگي به ٿي وئي ، 2003-2002ع ۾ انهيءَ سيڪشن جو انچارج آفيسر محترم غلام محمد بروهي رٽائر به ٿي چڪو هو ،ان وقت انهيءَ سيڪشن ۾ مرحوم عبدالستار مستوئي ، مرحوم عبدالغني لاشاري به هئا ، جن کي پينشن سيڪشن ۾ وڏي ڄاڻ رکندڙ سمجهيو ويندو هو ، اڳتي هلي اها خبر پئي ته اي جي سنڌ وٽان اهڙيون پنجٽيهه اٿارٽيون نڪتيون ، جن جي ادائيگي اسانجي آفيس ڪري چڪي هئي ، اهي پنجٽيهه ئي اٿارٽيون جعلي آهن ، ايف آءِ اي ۽ اي جي سنڌ جي انڪوائري ٽيم آفيس ۾ اچي ٿرٿلو مچايو ، ايف آءِ آر ڪٽي وئي ، جنهن ۾ پينشن سيڪشن سان وابسته سڀني ملازمن جا نالا شامل ڪيا ويا ، جن ۾ مرحوم غياث الدين ، اڪائونٽنٽ طور ، مرحوم عبدالغني لاشاري، اسسٽنٽ اڪائونٽنٽ طور، سب اڪائونٽنٽ غلام قادر ميمڻ ، شمس الدين خاصخيلي ، سردار احمد پٺاڻ ۽ آفيسر طور مرحوم غلام محمد بروهي جا نالا شامل ڪيا ويا ، اي جي سنڌ ۽ ناڻي کاتي جي انڪوائري ٽيم مٿين سڀني ملازمن کي زميوار قرار ڏنو ۽ انهن سڀني ملازمن کي شوڪاز نوٽيس به مليا ۽ ڪيس نيب جي حوالي ڪيو ويو ، انهيءَ ساڳئي ڪيس جي سلسلي ۾ نيب جي ٽيم 2012ع ۾ آفيس ۾ اچي داخل ٿي ، ان وقت ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر محترم سڪندر ابڙو ۽ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر محترم مشتاق شيخ هئا ، نيب جي ٽيم رٽائر ٽريزري آفيسر غلام محمد بروهي ، غلام قادر سميت ، شمس الدين خاصخيلي ، سردار احمد پٺاڻ، عبدالغني لاشاري ۽ غياث الدين جي گرفتاري جا وارنٽ کڻي آئي ، غلام محمد بروهي جيڪو انهيءَ وقت بيماريءَ واري حالت ۾ بستري ڀيڙو ٿيل هو ، انهيءَ کانسواءِ سڀني کي گرفتار ڪري کڻي وئي ۽ کين پنجٽيهه ڏينهن پنهنجي تحويل ۾ رکي ، بعد ۾ جڊيشل تحويل ۾ سينٽرل جيل ڪراچي اماڻيو ويو ، جيڪي ٽن مهينن تائين جيل ۾ رهڻ بعد ضمانت تي آزاد ٿيا ، اڄ تائين اهو ڪيس نيب جي عدالت ۾ هلندڙ آهي ، هن وقت انهيءَ ڪيس ۾ ذميوار ڄاڻايلن مان غلام محمد بروهي، غياث الدين ۽ عبد الغني لاشاري وفات ڪري چڪا آهن ، ڪيس ته ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي ، ڪورٽ ئي اهو فيصلو ڪندي ته ڪير ڏوهي آهي يا ڪير نه آهي پر حقيقت اها آهي ته مٿيان وفات ڪندڙ ماڻهو انهيءَ ڪيس جي ذهني دٻاءُ سبب ئي گذاري ويا . عبدالستار مستوئي ان ئي ڪيس جي سلسلي ۾ 2007ع ۾ ڊيوٽي دوران دل جو دورو پوڻ سبب گذاري ويو ، جڏهن ته سردار احمد پٺاڻ ، 2014ع ۾ سٺ سالن جي عمر ۾ رٽائر ٿيو آهي ، غلام قادر ميمڻ کي مسلسل ٻاويهه مهينن بعد هاڻ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس ٽنڊو محمد خان ۾ پوسٽنگ ملي آهي ، ڪيس اڃا به هلندڙ آهي ، خبر ناهي انهن بيڏوهي دوستن کي ڪڏهن انصاف ملندو ؟

    اب تو ڪهين يه ختم هو رسته گمان ڪا ،
    شيشي مين دل ڪي ساري يقين بال هوگئي،
    جس واقعه ني آنکهه سي ڇيني ٿي ميري نيند ،
    اس واقعي ڪو اب تو ڪئي سال هو گئي .


    باب ٻيون : ٽريزري جون سدا بهار شخصيتون

    هڪ دلير، بهادر ۽ ايماندار آفيسر غلام محمد بلو بلوچ

    غلام محمد “بلو” بلوچ، 1980ع جي ڏهاڪي ۾ حيدرآباد جو ٽريزري آفيسر ٿي رهيو هو، انتهائي دبنگ، بي ڊپو، دلير، بهادر ۽ ايماندار آفيسر هو، هن ڪڏهن به ڪنهن کان به رشوت ته پري رهي پر خرچي طور به هڪ ٽڪو به ڪنهن کان نه ورتو، ايستائين جو سرڪاري طرح ڪنهن سفر ۾ ويندو هو ته ٽي. اي بل ٺاهيندو هو ته لکندو هو ته دوست جي گاڏي ۾ ويس، نو ڪِليم ! رات جو هڪڙي دوست جي گهر رهيس، نو ڪِليم ! واپسي ۾ ايس آر ٽي سي بس ۾ آيس، بس انهيءَ بس جو ڀاڙو وغيره اسي يا سئو رپيا ! جتي ٻيا آفيسر هڪ رات ڪراچي ۾ رهائش ڪن، ٻئي ڏينهن ميٽنگ اٽينڊ ڪري واپس ايندا هئا ته هزارن جو ٽي اي ، ڊي اي جو بل ٺهندو هو، اتي هي ايمانداري سان جيڪو خرچ ڪندو هو اهو ئي ڪِليم ڪندو هو. آفيس ۾ پنهنجو ڪم نهايت ايمانداري ، دٻدٻي ۽ رعب سان ڪندو هو، ڪو خان، خان جو پُٽ هجي، ڀلي ڪنهن وزير يا سيڪريٽري جي فون اچي، پر سمجهندو هو ته هي ڪم غيرقانوني، بي ايماني يا سفارش طور ورتو پيو وڃي ته ڪڏهن به نه، ڪنهن جو به نه ڪندو، پوءِ ڀلي اهو ڪم ڪجهه هزارن جو هجي، پر سمجهندو هو ته هي لکن رپين جو ڪم آهي پر جڏهن کيس اهو محسوس ٿيندو هو ته هن ڪم ۾ بي ايماني نه آهي ته اهو ڪم بنا ڪنهن رک رکاءَ ڪري ڇڏيندو هو، هو انتهائي سچائي سان پنهنجو ڪم ڪندڙ انسان هو، هر ماڻهو جي ڪم لاءِ سفارشي طور هلي وڃي مخلصانه نموني ڪم ڪندو هو، پوءِ ڀلي ڪنهن غريب جو ڪم ڇو نه هجي، انگريزي جو ماهر هو، ڊرافٽنگ ۾ پڻ وڏي مهارت هئس، ڪوبه ماڻهو گهر به هلي ويندو هوس ته پاڻ ڊرافٽ لِکي ڪري سيڪريٽري تائين، ڪمشنر تائين پاڻ وڃي ڪم ڪرائيندو هو، هن جو ڊرائنگ روم سدائين غريب سرڪاري ملازمن سان ڀريو پيو هوندو هو، ٽريزري عملي لاءِ ته ڄڻ هو فرشتو هوندو هو، ڳالهائڻ ۾ تيز، هرڪو سمجهندو هو ته دڙڪي سان ٿو ڳالهائي پر رويو انتهائي پيار ڪندڙ هوندو هئس. جڏهن ڪمري ۾ ڪنهن ڪم سانگي اسان کي گهرائيندو هو ته هيڪر ته اسانجو اڌ ساهه نڪري ويندو هو ته هن گهرايو ڇو آهي؟ چون ٿا ته سنڌ يونيورسٽي جي ڪاريڊور ۾ مهتاب چنا، ليليٰ بانو، خير النساءَ جعفري، تنوير جوڻيجو،گڏجي ڪاريڊور مان لنگهنديون هيون ته وڏا وڏا پاڻ کي خان سڏائيندڙ مرد ڊپ وچان هٽي پاسو ڪندا هئا، اهڙي طرح ڪورٽ واري ڪاريڊور (جتي ٽريزري آفيس پراڻي بلڊنگ) مان جڏهن بلو صاحب لنگهندو هو ته ڄڻ راڪاس گهمي ويندو هو، سڀ پنهنجن پنهنجن سيٽن تي وڃي ويهندا هئا، انتهائي پيار ڪندڙ، انتهائي سخت به، ڪم وٺڻ جي صورت ۾ انتهائي ايماندار آفيسر، هڪ بهادر، ٻين کي ڪم ايندڙ آفيسر، بي ڊپو ۽ کرو انسان مون پنهنجي حياتي ۾ اهڙو آفيسر نه ڏٺو آهي. ٽريزري جي تاريخ ۾ غلام محمد بلوچ مرحوم جو نالو سونهري اکرن ۾ لکيو ويندو.
    اکين کي اکين سان ملائڻ به ڄاڻون،
    ڳنڍي نينهن ناتو نڀائڻ به ڄاڻون،
    ڪڍايون ڪنڌ ڪيئن ٿا اوکي مهل ۾،
    سنگت لاءِ سر ڪپائڻ به ڄاڻون.
    (استاد بخاري)


    سدائين مسڪرائيندڙ سائين محمد خان مگسي

    آئون جڏهن بدين ۾ هوس ته سائين محمد خان مگسي اڪائونٽنٽ جي حيثيت ۾ آيو هو، مون کي تمام گهڻو ڀائيندو هو، اسان ٽن ڄڻن ، مونکي، اميد علي لاشاري ۽ محمد بخش ڀرڳڙي کي انتهائي سٺي نموني ڀائيندو هو، اسان ٽنهي کي پنهنجن ٻچن وانگر سمجهندو هو، ٻيا آفيس وارا، اسان ٽن سان ساڙ کائيندا هئا، بس اهو سائين محمد خان مگسي جو پيار ڪرڻ جو سٺو انداز هو، جيڪو هر ڪم ۾ هوشيار هوندو هو، وقت تي ڪم ڪري ڏيندو هو ، جيڪو به آفيس جي هر ڪم ڪار ۾ چاهه رکندو هو، هي ان کي ڀائيندو هو، اسان ٽئي ڪم وارا ملازم هئاسين، ڊپارٽمينٽل امتحان ڏيڻ واري ڳالهه تي، ڏاڍو زور ڏيندو هو، پڙهائيندو هو، ڪم پاڻ سيکاريندو هو، بس هن جي ڳالهه نه مڃي ته امتحان واري ڳالهه، الائي ڇو ڪونه مڃين، انهيءَ ڊپ کان ته امتحان پاس ڪنداسين، پروموشن ملندو ۽ بدليون ٿينديون، بدلين جي ڊپ کان امتحان ئي نه ڏنوسين. جڏهن 1986ع کان پوءِ سائين محمد خان مگسي ٽريزري آفيسر جو پروموشن وٺي حيدرآباد آيو ته ڄڻ حيدرآباد وارن جا چهرا ٻهڪي پيا هئا، هو حيدرآباد ۾ ڪيترا سال اڳ اڪائونٽنٽ به رهي چڪو هو، هاڻ هو ٽريزري آفيسر هو، اسٽاف سان بي انتها مطلب ته تمام گهڻو پيار ڪندڙ آفيسر هو، ڪم وٺڻ، ڪم سيکارڻ جو هن کي خاص ڏانءُ هو، پنهنجي اسٽاف کي پنهنجي ڪمائي مان خرچي ڏيندو هو، ڪم وارن کي اڳيان آڻيندو هو، اهم، ذميداري واريون ۽ ڪم واريون ٽيبلون يا سيڪشن ڏيندو هو. مون کي به اڪائونٽس سيڪشن مان بدلي ڪري آڊٽ گزيٽيڊ ۾ رکيائين، چيائين ته تون ذهين ۽ ڪم وارو آهين، اڪائونٽس سيڪشن ۾ ڇا پيو ڪرين، مون چيو مانس ! سائين سفارش ڪونهي، تڏهن مٿي آڻين ئي ڪونه ٿا، سائين مونکي مٿي آندو، آڊٽ گزيٽيڊ سيڪشن ۾ مون کي هيلٿ سيڪشن ۾ رکيائين، پوءِ جنهن نموني هيلٿ سيڪشن ۾ مون کي عزت ملي ۽ جيڪا شهرت حاصل ڪيم، اها بيان ڪري چڪو آهيان.
    ها ڳالهه پئي ڪيم، محمد خان مگسي جي، هو انتهائي، دلبر، کلڻو ملڻو ۽ خوشگوار طبيعت رکندڙ، هميشه کلندڙ ۽ مسڪرائيندڙ آفيسر هو، پنهنجي اسٽاف جي هر فرد جو ڪم، بنا پڇڻ جي صحيح ڪندو هو، ڪير به ڪم کڻي ويندو هوس ته صحيح ڪري ڇڏيندو هو. مڪيشن ۽ منڌر ڪپور جا گانا، هر وقت گنگنائيندو رهندو هو، لوسي چوڻ وارو سندس انداز انتهائي پيارو هوندو هو، انهيءَ کي ئي ڀائيندو هو، جنهن کي لوسي چوندو هو، شام جو هَئو مئو ٽري ويندو هو ته هي هڪ ٽنگ مٿي ڪري رکندو هو، سگريٽ مٿان سگريٽ پيئندو هو، محمد رفيع ۽ مڪيش جا گانا زير لب ڪندو هو ته ڪم جا انبار نڪري ويندا هئا، رات جو آفيس مان نڪرندو هو ته ٽيبل خالي ڪري ويندو هو، هر ڪم هٿ سان ڪبو هو، صحيح ڪرڻ مهل هڪ هٿ قلم اڳيان رکي صحيح ڪندو هو، جيئن ٻيو ڪو صحيح ڪندي ڏسي نه وٺي، هي به بي ڊپو آفيسر هو. اي. جي سنڌ جي آفيس کُلڻ وقت هن ڀرپور طريقي سان تحريڪ ۾ حصو ورتو، ٽريزري وارن جو ساٿ ڏنو، پر اها تحريڪ ڪامياب نه ٿي سگهي. رٽائر ٿيڻ کانپوءِ خُودداري جي انتها اها هئس جو هن آفيس ۾ قدم به نه رکيو، پينشن وٺڻ لاءِ ٻاهر ڪينٽين تي اچي ويهندو هو، اتان ئي هليو ويندو هو. سائين محمد خان مگسي جهڙو دوست آفيسر، کلڻو ۽ سدائين مسڪرائيندڙ آفيسر، اسٽاف جي عزت ڪرڻ وارو آفيسر، اجايو آفيسري وارو رعب نه ڪندڙ آفيسر، عزت ڏيندڙ ۽ عزت وٺڻ وارو آفيسر مون تمام گهٽ اهڙا ماڻهو ڏٺا آهن، اهڙا ۽ اهي سڀ گُر سائين محمد خان مگسي ۾ هئا. اڄ به سائين محمد خان مگسي جتي جتي به رهيو، اتي اتي هن جي تعريف ۽ احترام جي جذبن سان کيس ياد ڪيو ٿو وڃي ۽ سدائين هن مرحوم سائين کي انتهائي احترام ۽ دلي جذبن سان ياد ڪيو ويندو. شال الله پاڪ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ بلند درجا عطا ڪري.
    وسري سارولوڪ پر نه وسرين تون،
    توکي ڪيڏو مون سانڍيو آهي ساهه ۾
    (شاهه ڀٽائي)


    سفاري سوٽ پائيندڙ آفيسر سائين دوست محمد لاشاري

    بدين ۾ مارچ 1976ع ۾ مون ٽريزري آفيس جوائن ڪئي ته منهنجو پهريون ٽريزري آفيسر سائين دوست محمد لاشاري هو، بس وچولو آفيسر هو، نه گهڻي سختي ڪندو هو، نه گهڻو پيار ڪندو هو، انتهائي نفيس انسان هو، ڪپڙا لٽا انتهائي صاف سٿرا پائيندو هو، طبيعت ۾ نفاست هيس، صفائي پسند آفيسر هو،ڪم جو هوشيار هو پر گهڻي ڪچهري ڪرڻ يا ڪمري ۾ ڪنهن کي ويهاري، اجائي گپ شپ ڪرڻ کان پاسو ڪندو هو، انهيءَ ڪري هن جو دوستانه ماحول وارو دوستن جو حلقو گهٽ هيو، اخبار وٺندو هو، ڪنهن کي ڏيندو ڪونه هو، صرف مون کي انهي شرط سان ڏيندو هو ته اخبار ۾ سَر نه پوي، هلال پاڪستان ۽ امن اخبار وٺندو هو، آئون به انتهائي خيال ڪندو هوس ته اخبار ۾ سر نه وجهڻ ڏيندو هوس، ڪمري ۾ فنائل ۽ فنس جو استعمال روز ڪندو هو، ڪمري ۾ اتفاقن ڪا مک گهڙي پوندي هئي ته پٽيوالن جو خير نه هوندو هو، شيشا پڇي ڇڏيندو هو، پر مک ڀڄائي ڪڍندو هو، سفاري سوٽ پائيندڙ هي آفيسر به هميشه عزت جي نگاهه سان محسوس ڪيو ويندو، برين ٽيومر جي جهٽڪي سبب ڪيترا سال اڳ فوت ٿي چڪو آهي. هو ويندي ويندي پنهنجو هڪ پٽ ٽريزري آفيس کي ڏئي ويو، محمد منير لاشاري جي شڪل ۾، جنهن جو ذڪر اڳتي هلي ڪندس.

    تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو،
    ڄڻ ته سنڌو جي ٻي ڪناري ويو.
    (شمشير الحيدري)


    مولائي آفيسر نظام الدين منگي

    1980ع کان 1990ع واري ڏهاڪي جي پهرين سالن ۾ حيدرآباد ۾ نظام الدين منگي حيدرآباد ضلعي جو ٽريزري آفيسر رهي چڪو آهي، پاڻ انتهائي سٻاجهو ۽ سادو انسان هو، ٽريزري اڪائونٽس جو ماهر هو، بابلا ڪري هر اسٽاف واري کي سڏ ڪندو هو، ڪم سيکاريندي يا ڪم وٺندي ائين چوندو هو ته بابل اڪائونٽ جي ڇا پوزيشن آهي ؟ ائين کڻي چئجي ته بابل هن جو تڪيه ڪلام هوندو هو، اسٽاف وارن يا پنهنجي ڪنهن به ماتحت عملي کي ڪڏهن به دڙڪو نه ڏنائون. انتهائي پيار وارو لهجو هوندو هوس. پاڻ شيعه فرقي سان تعلق رکندو هو ۽ ان فرقي جو سختي سان پابند هوندو هو، ائين چئجي ته پڪو مولائي هو ته وڌاءُ نه ٿيندو، آفيس ۾ پهرين محرم کان ڏهين محرم تائين پيرين اگهاڙو ايندو هو، ڪارا ڪپڙا پائيندو هو، ڪڏهن به ڪنهن جي دل نه رنجايائين، روهڙي جو رهاڪو هو، هتي ٽريزري ڪوارٽرز ۾ رهندو هو، هروڀرو ڪنهن سان حُجت به نه هيس، پنهنجي ڪمري ۾ اجايون ڪچهريون نه ڪندو هو، ڪنهن قسم جي ڪا ٺاٺ باٺ نه هيس، نه ئي ڪڏهن ڪو سندس ڪمرو ڀريل نظر ايندو هو جنهن ۾ ڪچهريون پيون هلنديون هجن، ٽائيم جو پابند هو، صبح پنهنجي ٽائيم تي ايندو هو، شام پنهنجي ٽائيم تي هليو ويندو هو، هي مولائي، دل جو پاڪ صاف، بابل آفيسر ڪجهه سال اڳ گذاري ويو آهي. سندس هڪ پٽ محمد علي منگي ٽريزري ۾ اڪائونٽنٽ آهي ، ٽنڊو محمد خان ۽ حيدرآباد ضلعن ۾ پڻ اڪائونٽنٽ جي حيثيت ۾ ڪم ڪري چڪو آهي.

    نوڪر علي ڪا هون مين خادم حسين ڪا،
    ڪرتا رهون گا حشر تڪ ماتم حسين ڪا.


    ٻليون پاليندڙ آفيسر وزير احمد کنڀاٽي

    وزير احمد کنڀاٽي، حيدرآباد ٽريزري ۾ 1980ع کان 1990 واري ڏهاڪي ۾ اڪائونٽنٽ هو، پاڻ رٽائرمينٽ کي ويجهو ٿيڻ وقت ترقي ڪري آفيسر به ٿيو، انتهائي شفيق، سٻاجهو ۽ دوست آفيسر رهيو، اسٽاف وارن کي ڏاڍو ڀائيندو هو، اوڌر سوڌر يا مدد ڪرڻ ۾ هو هميشه اڳڀرو رهيو، هر ايندڙ فقير کي ڪڏهن به خالي هٿين واپس نه موٽايائين، معاف ڪرڻ وارو لفظ ته ڪڏهن سندس وات تي به نه آيو، مون کيس سدائين غريبن جي مدد ڪندي ڏٺو، هٿ جو کليل ۽ ڇُوٽ آفيسر هو، پاڻ تمام گهڻين ڳالهين جو شوقين رهيو پر سڀ کان وڌيڪ هن کي جيڪو شوق هو، سو ٻليون پالڻ جو هو ، آفيس جي وڏي هال ۽ اڪائونٽس سيڪشن جو انچارج هو، هڪ وڏي ٽيبل اڳيان ويهندو هو، چار پنج ٻليون، هن جي پيرن هيٺان ويٺيون هونديون هيون، هڪڙي ٻلي، هن جي خاص ٻلي هوندي هئي، جيڪا ٽيبل مٿان ويٺي هوندي هئي، جنهن جي مٿي تي هٿ پيو گهمائيندو هو، توڪل تي ڪم ڪندو هو، بل چيڪ ڪرڻ يا اڪائونٽ چيڪ ڪرڻ جو ڪم، ٻين کان خرچي ڏيئي ڪرائيندو هو، هي صرف صحيح ڪندو هو، ڪڏهن به ڪنهن کي رنجايائين ڪونه، انتهائي مخلص ۽ پيار ڪندڙ ماڻهو هو، وزير احمد کنڀاڻي اصل ٺٽي جو رهاڪو هو، سندس ٽي چار پٽ هن وقت اعليٰ عهدن تي فائز آهن، پاڻ 1990ع جي ڏهاڪي ۾ گذاري ويو، اسان سندس پيار ۽ شفقت وارو رويو ڪڏهن به ڪونه ڀلجي سگهيا آهيون.

    قصا ڪنهن يادگيري جا وري مقدر بڻيا آهن،
    اهي يادون اهي ڳوڙها اهي مرڪون اهي سپنا،
    وساريل ورق ماضي جا وري دل تي وريا آهن.
    (شيخ اياز)


    ڪي ڪي ماڻهو موتي داڻو الطاف حسين منگي

    جڏهن پيارن، دل گُهرين ۽ بيپناهه دلين ۾ جايون وٺندڙ ماڻهن جو ذڪر ڪبو ته هن وقت ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس حيدرآباد جي آفيسر محترم الطاف حسين منگي جو نالو سرفهرست لکيو ويندو، الطاف حسين منگي کي الله پاڪ بيپناهه نعمتون عطا ڪيون آهن، هو هڪ بهترين، بلند پايه، بااخلاق ۽ بيحد پيار ڪندڙ بهادر آفيسر آهي، هن ۾ ڪابه هٺ ۽ وڏائي نه آهي، هو نياز ۽ نوڙت سان هلندڙ، الله پاڪ جو ڏنل اهو تحفو آهي، جنهن هر ماڻهو جي دل ۾ جاءِ پيدا ڪئي آهي. هڪ سخي مرد، هوشيار آفيسر هڪ پيار ڪندڙ ۽ پيار وٺندڙ، عزت ڏيندڙ، عزت وٺندڙ حيدرآباد جي مقبول ۽ شهرت پائيندڙ آفيسرن ۾ شمار ٿيندڙ آهي، سائين جن به اي. جي سنڌ سائيڊ جا آفيسر آهن، پر هن هر ڪنهن سان پيار ڪيو آهي، ڪڏهن به ڪنهن به اسٽاف واري سان ڏاڍي آواز ۾ به نه ڳالهايو آهي،
    اسٽاف جي سدائين عزت ڪندڙ هي آفيسر اسان سڀني جي دلين ۾ خوشبو جيان مهڪيل رهيو آهي، سدائين کلندڙ، ملندڙ، مسڪرائيندڙ، پيار ڪندڙ هي آفيسر سدائين اسان جي هٿڙن جي کنيل دعائن ۾ شامل رهندو، شل الطاف منگي جو سايو اسان سڀني جي مٿان سدائين قائم رهي، هو ان ميويدار وڻ جيان ڇانوَ ڪندڙ وڻ آهي، جيڪو ميوو به ڏيندو ۽ ڇانوَ به ڏيندو آهي. شل رب باڪ الطاف حسين منگي کي وڏي حياتي ڏي، خُدا خوش رکيس ، سدائين مهڪندو آهي ۽ سدا آباد هجي.

    تون کلين ٿو ته ڄڻ گل ٽري ٿا پون،
    ماٺ تنهنجي خزان گل ڇڻي ٿا پون،
    دل جي ويران رڻ تي ڪڪر بانورا،
    ڇانورو ٿي رهين ها ته ڇا ٿي ٿئي.
    (راشد مورائي)


    دليون چورائيندڙ، من موهيندڙ اي بي جتوئي

    جولاءِ 1991ع ۾ خزاني آفيس حيدرآباد ۾ اي. جي سنڌ جي شاخ کلي ۽ ٽريزري آفيس ۾ ضم ٿي وئي، جيڪا اڃا تائين قائم آهي ۽ هاڻ هر ضلعي ۾ ائين آهي اي. جي سنڌ ڪراچي مان اٽڪل ويهه ، پنجويهه ماڻهن تي مشتمل اي جي سنڌ جو عملو آيو، انهيءَ عملي ۾ هڪ خوبرو نوجوان ۽ سهڻو سمارٽ نوجوان اڪائونٽنٽ به هو، جنهن جو نالو اي. بي جتوئي هو، مون کي به اصل نالي جي خبر تمام گهڻي عرص بعد پئي، هو آڊٽ برانچ گزيٽيڊ جو سيڪشن انچارج هو، ، انهيءَ سيڪشن ۾ ايجوڪيشن ، هيلٿ ۽ گزيٽيڊ آفيسرن جي پگهارن جا بل پاس ٿيندا هئا، انهيءَ سيڪشن مان اسان کي هٽايو ويو ۽ اي. جي سنڌ جي عملي قانوني آرڊرن تحت قبضو ڪيو، ها مون ڳالهه پئي ڪئي اي. بي جتوئي صاحب جي جيڪو هن وقت ترقي ڪري ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر جي عهدي تي پهتل آهي. ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس حيدرآباد ۾ ڪيترا دفعا پنهنجا فرض سرانجام ڏئي چڪو آهي، ها ڳالهه پئي ٿي، 1991ع ۾ جڏهن هو خوبرو نوجوان هو، انتهائي دلڪش شڪل شبيهه جو مالڪ، بلند اخلاق لهجو، نرم گفتار، هر ڪنهن سان اخلاق سان ملڻ ۽ هر ڪنهن جي ڪم اچڻ سبب هن گهڻن ماڻهن کي پنهنجو عاشق بنائي ڇڏيو، انهيءَ وقت سڄي آفيس ۾ مون کان پوءِ اهو نوجوان هو، جنهن سان گهڻن ماڻهن عشق ڪيو، هي واحد خوبرو نوجوان هو، جنهن تي جنس مخالف جا ٽولا عاشق ٿي پيا، هي گهاٽين زلفن جو اسير ٿي پيو، گهڻين جي من کي موهيائين، گهڻين جي دلين ۾ نقش ٿيو هوندو، هن گهڻين سان عشق جون ڳالهيون ڪيون هونديون پر ها ڪنهن پڪڙي وڌس، ڪنهن ڪِلين بولڊ ڪري وڌس، هن کي تمام گهڻن ماڻهن جون دعائون به حاصل ٿيون آهن، بيشڪ هو دعائون کٽيندڙ آفيسرن ۾ شمار ٿئي ٿو، بلوچن وارو پهاڪو ڪڏهن ڪڏهن هن تي ٺهڪي ٿو اچي ته “ ٽپي ته درياهه ٽپي وڃي، دل نه جهلي ته ڪَسي به نه ٽپي سگهي” ، ڪڏهن ڪڏهن بهادر ٿو ڏسجي، ڪڏهن ڪڏهن صفا ڊڄي ٿو وڃي، ڪجهه سال اڳ ميرپورخاص روڊ تي هڪ المناڪ حادثي جو شڪار ٿيو، ايڏو ته دردناڪ حادثو پيش آيس، جو هر وات مان هن جي لاءِ دُعا پئي نڪتي، يقينن انهن دعائن جي طفيل الله پاڪ هن کي ٻي زندگي بخشي، هي سهڻو ۽ بلند اخلاق آفيسر ، اڄ به اسان جو آفيسر آهي، هن اسان جي دلين تي راڄ ڪيو آهي ۽ هن جي دل ۾ به بيپناهه پيار وسندڙ آهي، هي پيارو ماڻهو اصل سعيدآباد جو آهي، هاڻ قاسم آباد م رهي ٿو ، الله پاڪ شل امان ۾ رکيس.

    جي سامهون اچي ٿو ته تابش ٿي ماري،
    لِڪين ٿو ته ڳولا جي خواهش ٿي ساري،
    جي ڪاوڙ ڪرين ٿو ته ڪاوڙ ڪهي ٿي،
    جي پرچين ٿو ته نوازش ٿي ماري.
    (احمد خان مدهوش)


    سدائين ٽوپ پائيندڙ غلام صديق ميمڻ

    آئون جڏهن 1984ع ۾ بدين مان حيدرآباد بدلي ڪرائي آيس ته منهنجي بدلي جي سلسلي ۾ غلام صديق ميمڻ منهنجي مدد ڪئي هئي، جو بدين جي اڪائونٽنٽ محمد انور پٺاڻ پهرين پهرين مون کي غلام صديق ڏانهن موڪليو هو، هن جي چٺي کڻي پهرين پهرين غلام صديق ميمڻ سان مليو هوس، پهرين ملاقات ۾ مون محسوس ڪيو ته هو هڪ پرڪشش شخصيت جو مالڪ نه هو، سندس مٿي تي سدائين سنڌي ٽوپي (سنڌي ٽوپ) پاتل هوندو هو، هي سنڌي ٽوپ اُڀو اُڀو هوندو هو، خاص ٺهرائيندو هو، جيئن هو پائيندو هو ته ٽوپ مٿي ۾ پورو ۽ فِٽ ٿي بيهندو هو، جيڪو چُرندو به نه هو، مونکي پوءِ خبر پئي ته اهو ٽوپ هُو پنهنجي گنجي مٿي کي لڪائڻ لاءِ پائيندو هو، پاڻ نپٽ گنجو هو، حالانڪه 1984ع ۾ هو بلڪل نوجوان هو، شڪل شبيهه ڪا خاص نه هئس پر اکر صاف هئس، منهنجي پهرين ملاقات هن سان ٿي ته بدلي ٿيڻ کانپوءِ آئون هن جي ئي ويجهو رهيس، پاڻ ان وقت اسسٽنٽ اڪائونٽنٽ هو، ڊپازٽ جي ذميواري مليل هيس. غير سنجيده ماڻهو، اجايو پنهنجو پاڻ کي هوشيار ۽ سُٺو سمجهندو هو ۽ سمجهندو هو ته مون جهڙا ڪپڙا ڪير ڪونه ٿو پائي. بيشڪ هو سُٺي پوشاڪ پائيندڙ هو، کائيندو، پيئندو به سُٺو هو پر حد کان وڌيڪ پاڻ کي اُتم به سمجهندو هو، پنهنجي قدبت کان وڌيڪ سمجهندو هو. اسٽاف وارن کي اڌارا پئسا ڏيندو هو پر پگهار تي ڇِڪي وٺندو هو، جيڪو نه ڏيندو هوس، ان کي ٻئي دفعا پئسا اُڌارا نه ڏيندو هو، اسان جهڙا غريب اسٽاف وارا مهيني جي آخري ڏينهن ۾ هن کان اڌارا پئسا وٺندا هئا، سدائين ڏيندو هو، انڪار نه ڪندو، پر پگهار ملندي ئي هو ڇِڪي وٺندو هو، اسان جهڙا يا جنکي ڪارپت سٺي رکڻي هوندي هئي، اهي هن کي پگهار ملندي ئي اوڌر ورتل پئسا واپس ڪندا هئا، هن جي کيسي مان ان وقت به هزارين رپين جا نوٽ نڪرندا هئا، سدائين کيسو ڀريو پيو هوندو هوس، غريبن جي مدد نه ڪندڙ غلام صديق ميمڻ ٻي ڪنهن منفي قسم جي سرگرمي جو شوقين نه هو، ها البته وزير احمد کنڀاٽي ، الهه رکيو ميمڻ سان هر روز آفيس مان شام جو اُٿي حيدرآباد جي ريشم گلي ضرور ويندو هو ، ريشم گلي سڄي لتاڙي، ڇوٽڪي گهٽي مان جليبيون کائي رات جو اٺين وڳي ڌاري گهر ويندا هئا.
    بدن ۾ نزلو هوندو هيس، جنهنڪري سِميل ايندي هيس پرفيوم ۽ پائوڊر جو استعمال تمام گهڻو ڪندو هو، آفيس جي الماري ۾ مختلف قسم جا پرفيوم ۽ پائوڊر پيل هوندا هيس، هر اڌ ڪلاڪ ۾ پيو هڻندو هو، غلام صديق ميمڻ، اصل مٽياري جو رهاڪو هو، پاڻ ٽريزري ڪم جو انتهائي هوشيار ماڻهو هو، ٽريزري فنانشل رُولز هن کي بر زبان ياد هوندا هئا، ٽريزري ڪم جو انتهائي ڄاڻو ۽ هوشيار هو، هر ٽيبل جو ڪم ايندو هيس، منهنجو گهڻي ڪم ۾ استاد به رهيو، مون کي گهڻو ڪم سيکاريائين پر سڀني کي ڪم نه سيکاريندو هو. پروموشن ٿيس، ٽريزري آفيسر ٿي 2000ع واري ڏهاڪي ۾ دادو ويو پر دادو هن کي لڳو ڪونه، ٽي چار مهينا مس گذريا هئا، اتي بيمار ٿي پيو ۽ جلدي 52 سالن جي عمر ۾ انتهائي، هوشيار، ذهين، پنهنجو پاڻ کي سٺو سمجهندڙ آفيسر غلام صديق ميمڻ اسان کان وڇڙي ويو. ريشم گلي گهمندڙ هي آفيسر، تمام گهڻن ماڻهن جي ذهنن ۾ نقش ٿيل آهي ۽ هميشه گهڻن کي ياد رهندو.

    ڀاڳ جو شيشو ڌڪجي پيو آ،
    عڪس اندر جو مٽجي پيو آ.
    (قاضي منظر حيات)


    خدائي خدمتگار گل محمد ميمڻ

    حيدرآباد ٽريزري م هڪ خدائي خدمتگار نالي شخصيت جو اصل نالو گل محمد ميمڻ آهي، جنهن کي سدائين چاچا گل محمد جي نالي سان سڏيو ويندو آهي، ننڍو توڙي وڏو، ڪلرڪ توڙي آفيسر هن کي چاچا گل محمد جي نانءُ سان سڏيندا آهن، مطلب ته سڀني جو چاچا گل محمد ميمڻ آهي، جڏهن آئون حيدرآباد ٽريزري ۾ آيس ته چاچا گل محمد اسسٽنٽ اڪائونٽنٽ هو، پوءِ هو اڪائونٽنٽ ٿيو، آڊٽ گزيٽيڊ جو سيڪشن انچارج هو، هن جي ٽيبل تي ٽن طرفن کان اسڪول واريون بينچون رکيل هونديون هيون، انهن بينچن تي هر روز ميڙا متا پيا هوندا هئا، ليڪچرار، پروفيسر ۽ ڊاڪٽر سدائين ويٺا هوندا هئا، چون ٿا ته گل محمد ميمڻ خرچي طور ڪڏهن به هڪ رپيو به نه ورتو پر سدائين خدائي خدمتگار رهيو، جڏهن آفيس جو نظام ڪمپيوٽرائيزڊ نه هو، هو ڊاڪٽرن توڙي ليڪچرارن ۽ پروفيسرن جا بل پاس ڪرائي، پاڻ اسٽيٽ بينڪ مان ڪيش ڪرائي، انهن کي آفيس ۾ پگهارون ورهائي ڏيندو هو، گهران بل وٺي ايندو هو، آفيس ۾ پنهنجن هٿن سان بل پاس ڪرائيندو هو ۽ پوءِ انهن کي پئسا گهر ويٺي به پهچائيندو هو، انهيءَ ڪري هن جي هلندي پُڄندي ايجوڪيشن توڙي صحت کاتي ۾ چڱي خاصي هئي، پنهنجا توڙي پنهنجن دوستن ۽ پنهنجن مٽن مائٽن جا ڪم، اسڪول هجي، ڪاليج هجي توڙي يونيورسٽي هجي، مارڪن جو ڪم هجي، يا داخلا جو ڪم، هلڪي ڦلڪي نوڪري هجي، يا دوا درمل يا ڪنهن اسپتال ۾ ڪنهن به قسم جي علاج وغيره جو ڪم هجي ته چاچا گل محمد جو نالو ئي ڪافي هوندو هو، جهڙي طرح هو انهن جا ڪم ڪندو هو، ا اهڙي طرح کيس به عزت مليل هئي، پر اها افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته چاچا گل محمد جي خزاني آفيس ۾ يعني پنهنجي آفيس جي اسٽاف جي هر ماڻهو سان هڻ وٺ هئي، ۽ وڙهندو رهيو، آفيس اسٽاف جو اهڙو ڪو ماڻهو رهيل نه هو، پٽيوالي کان وٺي آفيسر تائين، جنهن چاچي گل محمد جي جهڳڙي جو ذائقو نه چکيو هجي، اڄ به جهڙي طرح هن جي ٻاهر عزت آهي، اوتري ئي آفيس ۾ آهي، هر ماڻهو هن کي عزت جي نگاهه سان ڏسي ٿو، هن کي رٽائر ٿيندي ڏهه سالن کان مٿي عرصو گذري چڪو آهي، پر اڄ به آفيس ۾ مختلف ماڻهن جون پينشن جو بنديون کنيو پيو بل پاس ڪرائيندو آهي ۽ جي پي فنڊ جا ڪيس کنيو پيو هلندو آهي، سينيئر جي حساب سان هرڪو هن سان هٿ ضرور ملائيندو آهي، پر عزت جي نگاهه نه ملي سگهي آهيس.
    سئو وڃائجي پر سِڪ نه وڃائجي ،
    هزار وڃائجي پر هُج نه وڃائجي ،
    ڪروڙ وڃائجي پر قُرب نه وڃائجي ،
    پدم وڃائجي پر پريت نه وڃائجي .


    دلير ۽ مڙس ماڻهو سميع الله خان

    حيدرآباد ٽريزري ۾ هڪ دلير ۽ مڙس ماڻهو آفيس ۾ رهيو، جنهن جو نالو هو، سميع الله خان، هو اردو ڳالهائيندڙ هو، پر انتهائي دلير ۽ مڙس ماڻهو ٿي رهيو، حيدرآباد ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر ٿي رهيو هو، ڪنهن کان به ڊڄندو نه هو، جي ڪم ڪندو هو ته دليري سان ڪندو هو، جي نه ڪندو هو ته هن وٽ ڪم نه ڪرڻ جو جواز هوندو هو، ڪنهن به هٿان بليڪ ميل نه ٿيندو هو يا ڪنهن جي ٽيليفون تي ڊڄي ڪم ڪري ڇڏي، ائين نه هو، انتهائي بهادري ۽ دليري سان آفيسري هلائي رٽائر ٿيو، هاڻ ڪراچي ۾ رهي ٿو.
    مخلص هر کسي کي ساٿ رهتا هون،
    شايد اسي لئي خالي هاٿ رهتا هون.


    وقت کان اڳ جدا ٿيندڙ آفيسر منظور احمد قريشي

    قلندر جي نگري سيوهڻ شريف جو هي مولائي آفيسر منظور احمد قريشي، جيتوڻيڪ ننڍي عمر ۾ هڪ ٽريفڪ حادثي ۾ اسان کان جدا ٿي ويو پر کيس اسان اڃا تائين وساري نه سگهيا آهيون، هو هڪ بهترين ڄاڻ رکندڙ ۽ هوشيار آفيسر هو، محبت وارو لهجو هيس، ڪڏهن به دڙڪي واري انداز ۾ نه ڳالهايائين، پياري انداز ۾ ڪم ڪندو هو ۽ ڪم به پيار واري انداز ۾ وٺندو هو، جيڏانهن به بدلي ٿيندي هيس، ٽريزري قانون جي ڪتابن جون ڳٺڙيون ٻڌي ايندو هو، جيئن وڪيل پنهنجي آفيسن ۾ قانون جي ڪتابن جون الماريون سينگاريندا آهن، ايئن ئي سائين منظور احمد قريشي به پنهنجي ڪمري ۾ هڪ الماري ٽريزري جي ڪتابن سان سجائي رکندو هو، ٽريزري ۽ روينيو جو هر هڪ ڪتاب وٽس موجود هوندو هو، ڪوشش ڪندو هو، جيڪو به ڪم ڪندو هو، اهو ٽريزري رُولز موجب ڪندو هو، ڪو دلير ۽ بهادر آفيسر نه هو، پر لهجو انتهائي هيٺائين وارو، نياز ۽ نوڙت وارو هوندو هوس، ڪم جو هوشيار هو، ٽريزري جا اهي فائيل هن وٽ موجود هوندا هئا،ج ن ۾ سرڪيولرز هوندا هئا، هن وٽ سالن جا پراڻا پراڻا سرڪيولرز هوندا هئا، جن سرڪيولرز ڪڍيا هئا، انهن وٽان نه ملندا هئا پر منظور قريشي وٽ ٽريزري ۽ روينيو سان منسلڪ هر سرڪيولر ملندو هو، انهن سرڪيولرز مان هر ڪو فيضياب ٿيندو هو. هو حيدرآباد مان بدلي ٿي نوابشاهه ويو هو، هو روز آئوٽ بيڪ ڪندو هو، قاسم اباد ۾ صبا فليٽس ۾ رهائش پذير هو، هڪ ڏينهن ڊيوٽي تي ويندي هن جو وين سان المناڪ حادثو پيش آيو، انهيءَ حادثي جو شديد شڪار ٿيو ۽ موقعي تي دم ڌڻي حوالي ڪيائين، هن جي جنازي نماز ۾ هر اک آلي هئي، سندس ڀاءُ بشير احمد قريشي هن وقت ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس ڄامشوري ۾ آفيسر آهي، سندس خاندان اڄ به انهيءَ ساڳئي فليٽ ۾ آباد آهي، شل مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جاءِ ملي.
    شــل موت ! تو ۾ پوي مـوتُ، تون جو آئين اوچتو،
    گــهــڻا ئـــــي ڪُــــونـڌر گـهــايــئي، ارڏا ۽ اڻـــمــــوٽ،
    لاڙو ڪــــــرين ها لــطيـفُ چئي، ڪانه پوي ها کوٽ،
    گــهايئي اهڙا گهوٽ، جَـنـِـيـن مُـنـد نه هئي مرڻ جي.


    بي باڪ ۽ بهادر آفيسر مشتاق احمد شيخ

    حيدرآباد خزاني آفيس ۾ آئون جڏهن 1984ع ۾ آيس ته مشتاق احمد شيخ سب اڪائونٽنٽ هو، مون کي به اڪائونٽس سيڪشن ۾ رکيو ويو، جتي هو سيڪشن انچارج هو، پگهارن جي بِلن جو انچارج هو، اڪائونٽس سڪيشن جو ماهر ۽ هوشيار هو، انهيءَ وقت پوري آفيس ۾ ٻه چار ماڻهو ئي هوشيار سمجهيا ويندا هئا، انهن چند ماڻهن مان مشتاق شيخ به هڪ انتهائي ذهين ماڻهو هو، هن ننڍي عمر ۾ ڊپارٽمينٽل امتحان پاس ڪيو، جلدي پروموشن ٿيندا ويس، جلدي اسسٽنٽ اڪائونٽنٽ ٿيو، پوءِ اڪائونٽنٽ ٿيو ۽ پوءِ ترقي ماڻي آفيسر به ٿيو، اها منفرد ڳالهه آهي ته هن جي تقريبن سڄي عمر حيدرآباد ۾ گذري، سڀ پروموشن هتي ئي ٿيس، مشتاق شيخ ، ايم بي بي ايس ڪري ڊاڪٽري پاس ڪئي پر ڊاڪٽر ٿيڻ بجاءِ هن ٽريزري جي نوڪري کي ترجيح ڏني ۽ 60 سالن جي عمر تائين خزاني آفيس ۾ رهيو. هو انتهائي شفيق، اسٽاف سان پيار ڪندڙ، پنهنجو سمجهندڙ، همدرد، هڏ ڏوکي، پنهنجائپ وارو رويو رکندڙ آفيسر هو، هو پنهنجي اسٽاف ۾ مقبوليت ماڻيندڙ شخص هو، ايف آءِ اي جا مسئلا هجن، اينٽي ڪرپشن جا مسئلا هجن، نيب جا مسئلا هجن، پوليس جو مسئلو هجي يا هيڊ آفيس جا مسئلا هجن، اسٽاف جي هر ماڻهو جو مسئلو، پنهنجو مسئلو سمجهندو هو، پنهنجي گهران، هڙان وڙان خرچ ڪري اسٽاف وارن جو دفاع ڪندو هو.
    ياد ڪنهنجي ذهن تان مٽجي نه ٿي،
    دل چري آهي صفا چري،
    سِڪ ويتر ٿي وڌي گهٽجي نه ٿي،
    ٿوپلجڻ چاهيان مگر پلجي نه ٿي.
    (علي محمد سولنگي)
    هميشه اسٽاف وارن جي ڪم ايندڙ، هر مسئلي ۾ مدد ڪندڙ ڊاڪٽر مشتاق احمد شيخ جون خدمتون، هن جون همدرديون، هن جي مدد ڪرڻ وارو وقت، اسٽاف وارن سان پيار سان پيش ايندڙ هي ماڻهو هميشه اسان جي دلين ۾ رهندو هو، هر وقت کيس عزت جي نگاهه سان ڏٺو ٿو وڃي، خدا تعاليٰ هن جو مان ، مرتبو ۽ عزت جا درجا بلند ڪيا آهن. تازو 2014ع ۾ رٽائر ٿيو آهي، اصل هالا جو هي ماڻهو، حيدرآباد جي خزاني آفيس جي هر ماڻهو جي دل ۽ عزت جي نگاهه سان محسوس ڪيو ويو آهي ۽ سدائين عزت جو رتبو ملندو رهندس. انتهائي دلير، بهادر، همدرد ۽ مددگار آفيسر جي حيثيت سان محسوس ڪيو ويو آهي.
    منهنجو ساهه سمنڊ، لهر لهر ۾ تون،
    ڪڏهن نه ڀانيو مون، پري توکي پاڻ کان.
    (شيخ اياز)


    هڪ بي ڊپو، هڪ دلير، هڪ دوست، هڪ شوقين آفيسر سيف الله مگسي

    حيدرآباد جي آفيس ۾ هڪ بي ڊپو، هڪ دلير، هڪ بهادر ۽ هڪ شوقين آفيسر، ڪلرڪ کان وٺي آفيسر تائين رهندڙ سيف الله مگسي نالي هي انسان، هڪ شفيق انسان ۽ هر هڪ سان پيار ڪندڙ آفيسر ٿي رهيو آهي، اهڙا آفيسر ۽ اهڙا ماڻهو دنيا ۾ گهٽ هوندا آهن، هن وقت ٺٽي ضلعي ۾ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، ننڍي عمر ۾ امتحان پاس ڪرڻ سبب نوجواني جي عمر ۾ آفيسر ٿي ويو، حالانڪه عمر ۽ سروس ۾ اسان کان به ننڍو آهي پر امتحان هن کي هن جي چاچي محمد خان مگسي، جيڪو به هتي آفيسر رهي چڪو هو، انهيءَ ڏياريو، هن ئي کيس پڙهايو ۽ پاس ڪرايو، پنهنجي چاچي وانگر هي به بهادر انسان آهي، صحيح ڪرڻ جو بادشاهه آهي، ڪڏهن ڪنهن ڪم لاءِ هن وٽ نه ٿي ئي نه آهي، اسٽاف جي هر ماڻهو جي مدد ڪرڻ ۽ عزت ڪرڻ ته هو پنهنجي شان سمجهندو آهي، هن کي به خدا تعاليٰ اوتري ئي عزت سان نوازيو آهي، هر ماڻهو کيس عزت جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٽريزري آفيس جي جدوجهد هجي، يا آفيسر جي ڪنهن ڪم ۾ ڪو دفاع ڪرڻو هجي ته مڙس ماڻهو ٿي وڙهندو آهي، هميشه آفيس جي عزت کي هن مٿيون درجو ڏنو آهي، آفيس جي عزت کي هن هميشه بلند رکيو آهي. غريبن جي سدائين مدد ڪندڙ، بي ڊپو، هر ڳالهه ۾ مڙسي ۽ بهادري سان محنت ڪندڙ ۽ بهادري سان هر مسئلي کي منهن ڏيندڙ هي آفيسر سيف الله مگسي، ٻين به ڪيترن ئي ڳالهين جو شوقين رهيو آهي، گهمڻ ڦرڻ، کائڻ پيئڻ ۽ عيش و عشرت ڪرڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي، انتهائي دليري، بهادري، جفاڪشي، جا نفشاني، مدد ڪرڻ ۽ عزت ڪرڻ وارو هي آفيسر هميشه اسان جي دلين ۾ عزت جي نگاهه سان رهيو آهي ۽ هميشه رهندو، خدا تعاليٰ وڏي حياتي ڏيندس، اسان جون دعائون هن سان هميشه گڏ رهنديون.
    جانب جيئن شال، چمڪين چوڏهين چنڊ جيان،
    جو ڪابو جهان کي، تنهنجي جون جمال،
    ملندا ڪونه مثال، ساجن تنهنجي سونهن جا.
    (شاهه ڀٽائي)


    هڪ صاف سٿرو آفيسر غلام سرور ميمڻ

    غلام سرور ميمڻ به حيدرآباد جي ڪجهه انهن آفيسرن ۾ شمار ڪندس، جيڪي صاف سٿري زندگي گذاري ويا، تازو هاڻ ٻه ٽي سال اڳ رٽائر ٿيو آهي، هو ڪو خاص دلير ۽ بهادر آفيسر نه هو، هر ڪم ڊڄي ڊڄي، سنڀالي سنڀالي ڪندو هو، ته ڪٿي غيرقانوني ڪم نه ٿي وڃي، ڪٿي ڪو ڇنڊو نه پوي، ڪٿي ڪا ڳالهه نه ٿي پوي، هڪ ڪرڻ جهڙو ڪم به سئو دفعا سنڀالي سنڀالي سوچي سمجهي پوءِ صحيح ڪندو هو، هروڀرو ڪنهن خرچي پاڻي جي لالچ نه رکندڙ هي آفيسر سائين غلام سرور ميمڻ پنهنجي اسٽاف وارن سان انتهائي ڌيمي ۽ پيار واري انداز ۾ ڳالهائيندو هو. غلام سرور ميمڻ جي وڏي خوبي اها هئي ته هن ڊپارٽمينٽ جو امتحان ڏيارڻ ۾ اسٽاف وارن کي هميشه همٿايو، زوري فارم ڀرائيندو هو، همت افزائي ڪندو هو، مفت ۾ پڙهائيندو هو، ڪتاب ڏئي همت ڏياريندو هو ۽ پيپرن ۾ پاس ڪرائڻ جي هر ممڪن ڪوشش به پنهنجي سر ڪندو هو، مون جهڙا ڪيترائي اڄ جيڪي خزاني آفيس ۾ آفيسر آهن، غلام سرور ميمڻ جي محنتن ۽ همتن جي ڪري آهن، انهي معاملي ۾ آئون غلام سرور ميمڻ کي هميشه سلام پيش ڪندو رهندس، پاڻ حال حيات آهن، اصل دادو جا آهن، هن وقت قاسم آباد ۾ رهن ٿا. ٽريزري جي امتحان پاس ڪرائيندڙ سائين غلام سرور ميمڻ صاحب کي هميشه ياد رکندي، دُعا آهي ته شل خدا پاڪ هن عظيم انسان ، ٽريزري آفيس جي ملازمت جي لاءِ ڀلو سوچيندڙ هن آفيسر جي حياتي وڏي ڪري ۽ سدائين صحتمند رکي. آمين.
    پيار ڏئي موت کي تو آ جيئاري ڇڏيو ،
    منهنجي دل جو سڄو وهم آ ماري ڇڏيو.
    (مشتاق ميمڻ)


    انتهائي پرخلوص انسان غلام محمد بروهي

    مرحوم غلام محمد بروهي به ڪنهن زماني ۾ حيدرآباد جي خزاني آفيس ۾ ترقي ڪري ڪري آفيسر بڻيو، انتهائي سادو، سٻاجهو ۽ پيار ڪندڙ آفيسر هو، ڪڏهن به ڪنهن سان ڦٽايائين ڪونه، هن کي محبت، پيار ڪندڙ ۽ دوست آفيسر محسوس ڪيم، هي آفيسر انتهائي عجز ۽ انڪساري وارو، نياز ۽ نوڙت وارو، پياري انداز ۾ ڳالهائڻ وارو، انتهائي برجستو آفيسر، ڪجهه سال اڳ فالج جي بيماري سبب گذاري ويو.
    تنهنجي لهجن جي ٿڌي هير گهلي جي پياسين،
    هاءِ مٽجي وئي موسم سوال ڪنهن کان ڪجي.
    (تنوير عباسي)


    هاءِ بلوچا حق نواز بلوچ

    اسان وٽ هڪ آفيسر اهڙو به رهيو، جيڪو تمام گهڻو دل وارو ۽ بي ڊپو آفيسر هو، جنهنجو نالو هو حق نواز بلوچ، ڪنهن کان به ڊڄندو نه هو، ڪيترين ئي ڳالهين ۾ شوق رکندڙ هي آفيسر، پنهنجي آفيس جي ڪمري ۾ دروازو بند ڪرائي ڪجهه ماڻهن سان ڪچهريون ڪندو هو. هي شوقين ۽ بهادر آفيسر ڪجهه سال اڳ رٽائرمينٽ کان پوءِ گذاري ويو، پنهنجي ڪم سان ڪم رکندڙ، ڪنهن سان به هروڀرو ڪچهريون نه ڪندڙ هن آفيسر جي دوستي جو حلقو تمام گهٽ هو، هن جو هڪڙو پنهنجو مزاج هو، پنهنجو انداز هوس، انهي ڪري هو مقبول آفيسر نه هيو، پنهنجو وقت وڄائي، بلوچانه انداز ۾ عيش و عشرت ڪري رٽائر ٿيو.
    جيئڻ اسان جو ڪجهه اهڙو آهي،
    جتي جيئون ٿا زندگي آهي.
    (تنوير عباسي)


    اندر ۾ ڏاڍو پيارو عبدالحفيظ ديدڙ

    عبدالحفيظ ديدڙ صاحب هن وقت اسان وٽ آفيسر آهي، منهنجي چاليهه سالا سروس ۾ مون هن کي پهريون دفعو ڏٺو آهي، لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزن جو هي آفيسر هن وقت حيدرآباد ۾ اي ڊي اي او ون جي عهدي تي آهي ، انتهائي دلير ، بهادر ، انتهائي پيار ڪندڙ ۽ رلڻو ملڻو آفيسر آهي، ملڻ جُلڻ ۾ انتهائي پيار وارو انداز رکندڙ انهن آفيسرن ۾ شمار ٿئي ٿو، جيڪي جتي ڪٿي سيٽ ٿي وڃن، ٽريزري جي حقن جي لاءِ هر جدوجهد ۾ شامل ٿيندڙ آفيسر اسان وٽ به ٿوري وقت ۾ مقبوليت ماڻيندڙ شخصن ۾ شمار ٿئي ٿو، الله تعاليٰ وڏي حياتي ڏيس، انتهائي پيارو آفيسر آهي ۽ پيار ڪندڙ، دوست ٿيندڙ، عجز ۽ انڪساري رکندڙ، هي آفيسر عبدالحفيظ ديدڙ ڪم جو هوشيار ۽ دٻدٻي واري انداز ۾ هلندڙ هڪ بهادر آفيسر آهي.
    اسان حال دل جو نه اوري سگهياسين،
    وصل جون گهڙيون به حجابن ۾ گذريون.
    (استاد بخاري)


    ڀٽو ته ڀٽو-هي سائين به ڀٽو نذير احمد ڀٽو

    هن وقت ۾ حيدرآباد ۾ هڪ اهڙو آفيسر تازو 2015ع واري پروموشن واري لسٽ ۾ ترقي جي منزل ماڻي، حيدرآباد ۾ اي ڊي اي او ٿري جي عهدي تي آفيسر آهي، جنهن جو نالو آهي، نذير احمد ڀٽو، هو حيدرآباد ۾ڪيترائي دفعا اڳ به اچي چڪو آهي، سب اڪائونٽنٽ ۽ بعد ۾ ترقي جي منزل ماڻي اسسٽنٽ اڪائونٽنٽ ٿيو ته حيدرآباد خزاني ۾ پوسٽنگ ٿي هيس، تڏهن اسان سڀ، جي پي فنڊ سيڪشن ۾ گڏ هوندا هئاسين، پوءِ اڪائونٽنٽ جي منزل ماڻي، مختلف ضلعن ۾ رهيو، هاڻ هڪ دفعو ٻيهر آفيسري واري منزل ماڻي حيدرآباد آيو آهي. سائين نذير احمد ڀٽو، يارن جو يار، دوستن جو دوست، ڪچهرين جو ڪوڏيو، انتهائي دلير ۽ بهادر آفيسر آهي، ڪڏهن به منهن ۾ گُهنج نه پيا اٿس، هميشه چهري تي مسڪراهٽ رکندڙ، هي آفيسر، پنهنجي اسٽاف ۾ هڪ پيار ڪندڙ ۽ پيار وٺندڙ آفيسر آهي، پنهنجي ماتحت عملي کي ڪڏهن به ائين نه سمجهندو آهي ته هو منهنجا ماتحت آهن، هميشه دوست سمجهندو آهي ۽ دوستن وارو لهجو ئي ڳالهائڻ ۽ ڪم وٺڻ ۾ رکندو آهي ۽ هن آفيس ۾ هڪ مقبول دوست آفيسر آهي. هن وقت جي پي فنڊ ۽ پينشن سيڪشنز جو هي آفيسر، انتهائي حساس دل، نرم لهجو رکندڙ، فنڪارانه طبيعت رکندڙ ، سنڌ جي ڪيترن ئي شاعرن جي شاعري بر زبان ياد اٿس، جڪا هر وقت پيو گُنگنائيندو آهي، استاد بخاري سان والهانه انداز ۾ محبت رکندڙ آهي ، نذير احمد ڀٽو، اسان سڀني جي دلين ۾ هميشه زندهه رهندو. هي نوجوان آفيسر، هميشه اسان جي دعائن ۾ رهندو، شل رب پاڪ هن عظيم ڪم ۾ عام ماڻهن جي دعائن ۾ رهي ۽ خدمتن جي عيوض دعائون ماڻيندو رهي، شل سدا خوش هجي.
    اهڙو تون الله جو تحفو آهين،
    جنت کان پري ڪير ٿيڻ چاهيندو.
    (منظور منگي)


    اهڙا سٺا ماڻهو به آهن هر دل عزيز شمشير حيدر کوکر

    منهنجو هي ڪتاب جڏهن اشاعت جي آخري مراحل ۾ داخل ٿي چڪو هو، تنهن ڏينهن ۾ اسان جو هر دلعزيز آفيسر الطاف حسين منگي جي بدلي ٿي چڪي هئي، جنهن بابت آرٽيڪل هن ڪتاب ۾ موجود آهي ۽ بلڪل ٻئي ڏينهن هڪ ٻيو هر دلعزيز شخصيت جو مالڪ محترم شمشير حيدر کوکر ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس حيدرآباد جي حيثيت ۾ Join ڪري چڪو آهي.
    شمشير حيدر جي جيتري به تعريف ڪجي اوتري گهٽ آهي، ڪجهه سال پهريان هو ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس جي حيثيت ۾ هن آفيس ۾ ڪيترا سال رهي چڪو آهي، انهي زماني کان هو اسان جي دلين ۾ داخل ٿيندڙ انسان آهي. انتهائي برجستو ۽ بهادر آفيسر آهي، گهٽ ڳالهائڻ ۽ ٿورو ڳالهائڻ وارو هي آفيسر ڪجهه سال اڳ بدلي ٿي واپس هيڊ آفيس A.G.Sindh Karachi هليو ويو ۽ هاڻ هڪ دفعو وري Promotion وٺي اسان وٽ آيو آهي، جيئن ته آءُ ڳالهه ڪري چڪو آهيان ته ڪجهه سال اڳ اسان جي آفيس ۾ سائين جن هئا ته اسان سڀني کي عزت ڏيڻ وارو هي آفيس، اسان سڀني جي دلين ۾ اڳتي جاءِ ٺاهي چڪو هو، هڪ دفعو وري اسان وٽ آيو آهي ته ڄڻ ائين لڳي ٿو اسان جي گهر جو هڪ پيارو ۽ وڏو ڀاءُ ڪجهه عرصو ٻاهر رهڻ بعد اسان جي گهر واپس موٽي آيو آهي.
    اصل لاڙڪاڻي جو هن وقت فيملي سوڌو ڪراچي ۾ آباد اهي.
    شمشير صاحب انتهائي قابل، عزت ڏيڻ وارو شخص آهي، ڪوشش ڪندو آهي ته هن سان ڪنهن کي تڪليف نه ٿئي. ڪٿي ڪنهن شڪل مرحلي ۾ ڪو اسٽاف وارو اچي وڇي ته ڪنهن آفيس ۾ يا ڪنهن ڏکي مرحلي ۾ پاڻ ئي هن مسئلي کي منهن ڏيندو آهي ۽ Face ڪرڻ لاءِ پاڻ اتي هليو ويندو آهي پر اسٽاف کي مشڪل مرحلي ۾ وجهڻ نه ڏيندو آهي.
    هڪ دفعو وري موٽي آيو آهي ته ڪنهن کي به ائين نه لڳو ته ڪو اوپرو آفيسر اسان وٽ آيو هجي، هر ڪنهن کي دل سان آجيان ڪئي ۽ هر هڪ جي منهن تي مرڪ موٽي آئي.
    هي اسان جو سدا بهار ۽ نوجوان ۽ اخلاق وارو عظيم آفيسر سدائين خوش هجي ۽ اسان جي دلين ۾ سدائين وسندو رهي ۽ هي عظيم ۽ بااخلاق شخصيت جو مالڪ شمشير حيدر وڏي سنگت رکندڙ شخصيت جو مالڪ آهي، دوستن، احبابن جو هڪ وڏو حلقو سندس دوستي ۾ شامل آهي... شيعه مذهب سان تعلق رکندڙ هي سخي مرد، نذر نياز ڪندڙ، خبر خبران ڪندڙ ۽ غريبن جي سار لهندڙ هن جهڙا ماڻهو هت دنيا ۾ تمام گهٽ آهن.
    مولا سدائين خوش رکيس، پنهنجن ٻچڙن سان، گهر وارن سان ۽ دوستن سان سدائين، خوش ۽ آباد هجي. منهنجي اها کيس لاءِ دل سان نڪتي آهي... هي سدا بهار شخصيت سدائين سک ۽ سلامتي سان هجي.


    ٺٽي جو وينجهر منظور علي وينجهر

    تازو 2015ع ۾ جيڪي پروموش ٿيا، انهن ۾ محترم منظور علي وينجهر ترقي جي منزل ماڻي حيدرآباد ۾ هن وقت اي ڊي اي او ٽُو جي عهدي تي آفيسر آهي، منهنجي، هن وقت هن سان پهرين ملاقات آهي، سدائين ٺٽي ٽريزري ۾ رهيو، نوجوان آفيسر آهي، انتهائي پيارو انسان آهي، هن جي طبيعت ۽ مزاج مان لڳي ٿو ته هن جو دوستي وارو حلقوو تمام گهڻو هوندس. نرم لهجي وارو، هي آفيس به انهن آفيسرن ۾ شمار ڪندس، جيڪي دلين ۾ جايون ٺاهين ٿا.
    توسان رسي ڀلا ڪير جيئڻ چاهيندو،
    هي زهر ڀلا ڪير پيئڻ چاهيندو.
    (منظور منگي)


    نيت صاف منزل آسان شفيع محمد شاهه

    اسان جي حيدرآباد جي خزاني آفيس ۾ هڪ اهڙو من موجي ماڻهو، نيتن جو صاف، انتهائي عجز ۽ انڪساري وارو، نهايت شفيق ۽ مهربان ماڻهو، هر وقت دُرود جو وِرد زبان تي، توڪل ۽ اعتبار ڪرڻ ماڻهو، هر وقت ڪم ۾ هجي يا واندو ويٺو هجي، هن جي زبان مان اهي ئي لفظ پيا نڪرندا هئا“ الله منهنجي توبه” ، هر وقت هن کي توبه توبه ڪندي ٻڌم. انتهائي طبيعت جو ماٺار ماڻهو، اسان جو ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر ٿي رهيو، ان جو نالو هو، سائين شفيع محمد شاهه ، گهڻو اعتبار ڪندو هو ۽ ڪنهن به قسم جي ڪابه لالچ نه رکندڙ، هي پيارو انسان هن وقت ڪراچي ٽريزري آفيس ۾ آفيسر آهي. سائين هميشه هڪ بهترين، پيار ڪندڙ ۽ پيار وٺندڙ انتهائي پر خلوص نيتن وارو ماڻهو رهيو، سائين شفيع محمد شاهه جي صاف نيت هئڻ ڪري هن جي منزل سدائين آسان رهي ۽ آئنده به ڌڻي در دعا آهي ته سدائين منزل آسان رهندس، سدا شاد ۽ آباد هجي.
    تون ته آهين گلاب جانان،
    توسان ڪهڙو حساب جانان.
    (نثار احمد ناز)


    آفيسر جو پٽ آفيسر محمد منير لاشاري

    محمد منير لاشاري به اسان وٽ بدين ۾ جڏهن آئون هئس، اتي اسسٽنٽ اڪائونٽنٽ جي حيثيت ۾ آيو هو، منهنجي دوستي هن سان بدين ۾ ٿي، پوءِ هي بدلي ٿي مختلف ضلعن ۾ رهيو، پنهنجي رٽائرمينٽ جي آخري ڪجهه سالن ۾ هو حيدرآباد ۾ ايڊيشنل ٽريزري آفيسر ٿي آيو. انتهائي اخلاق وارو هي آفيسر محمد منير لاشاري ڪڏهن ڪڏهن غير سنجيده به ٿي ويندو هو، جيئن ته آئون هن جو دوست به هيس ۽ ماتحت جي حيثيت ۾ رهيس ته منهنجو خيال به ڪندو هو پر اسٽاف وارا هن جي غير سنجيده رويي جون دانهون به ڪندا هئا، ڀوڳ ‎ٺڪاءُ به ڪندو هو، اجائي لالچ نه هيس، دوست محمد لاشاري هن جو پيءُ جيڪو پڻ ٽريرزري آفيسر هو ۽ پاڻ به انهي حيثيت ۾ رهيو، پاڻ سٺن ماڻهن ۾ شمار ٿيندو هو، ڪڏهن ڪڏهن جهڳڙا به ڪندو هو، ڪڏهن ڪڏهن غير سنجيده ٿيندي هائيپر به ٿي پوندو هو، گهٽ وڌ به ڳالهائيندو هو پر وڏي خُوبي اها هيس جو جلدي محسوس ڪري وٺندو هو ته مون غير سنجيده رويو رکيو، پوءِ معافي وٺڻ ۾ به دير نه ڪندو هو، پر ڳالهه پهرين ڏينهن تي ختم ڪري ڇڏيندو هو، اڪائونٽ جو هوشيار هو ۽ ٽريزري جي گهڻن ذميوارين تي سٺي نموني ڪم ڪيائين، پاڻ پنج ڇهه سال اڳ شايد 2010ع ڌاري 60 سالن جي عمر ۾ رٽائر ٿيو، اڃا حال حيات آهي، خدا تعاليَ کيس وڏي حياتي ڏي، پاڻ اصل دادو جو آهي، هن وقت قاسم آباد ۾ رهي ٿو.
    جڏهن کان دُور ٿي وياسين،
    سڄو ئي سُور ٿي وياسين،
    بظاهر ته خوش ٿا ڏسجون،
    اندران بس چُور ٿي وياسين.
    (صنم نجيب)


    سدا بهار، يارن جو يار اشرف جانوري

    حيدرآباد جي خزاني آفيس ۾ هڪ من موهيندڙ خوش لباس، خوش اخلاق، خوب سيرت ۽ خوبصورت، نوجواني ۾ آفيسري جو مزو چکيندڙ، سدا بهار شخصيت محمد اشرف جانوري به رهيو آهي، زندگي جو ڳچ عرصو حيدرآباد ۾ رهيو آهي، هينئر دادو ضلعي ۾ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، ڪم جو هوشيار ۽ ذهين ماڻهو آهي، انتهائي بااخلاق ۽ سٺي زبان، نياز ۽ نوڙت سبب هر هنڌ مقبول آهي، هيڊ آفيس هجي يا سيڪريٽريٽ جي ڪنهن سيڪريٽري ۾ڪم هجي، ڪنهن غريب پٽيوالي جو ڪم هجي يا ڪنهن ڪلرڪ جو، وس پُڄندي هو هر ڪنهن جو ڪم ڪندو آهي، سندس راهي رسائي، وس ۽ پهچ ، وڏن وڏن ڪامورن تائين آهي، انهيءَ جو سبب اهو آهي جو دل جو درياهه آهي، پئسي جي سخاوت گهڻي اٿس، بلند پايه، اخلاق سبب هو هردلعزيز شخصيت آهي، هي انهن ماڻهن مان آهي، جنهن کي هرڪو دلين ۾ جاءِ ڏيندو آهي، پاڻ هر ڪنهن جي عزت ڪندڙ ۽ هر ڪنهن کان عزت وٺڻ خُوب ڄاڻي ٿو. ڳالهائڻ جي انداز ۾ توڙي عام زندگي ۾ هو انتهائي نرم لهجو رکندڙ شخص آهي، اصل دادو ضلعي جو هردلعزيز شخص آهي، هر ڪنهن جي دل ۾ وسڻ وارو هي شخص محترم اشرف جانوري، انهن چند آفيسرن مان آهي، جيڪي نوجوان آفيسر آهن، پنهنجي بهترين اخلاق سبب تمام گهڻو مشهور آهي ۽ دوستي جو هڪ وڏو ۽ وسيع حلقو رکي ٿو، الله پاڪ وڏي حياتي بخشيس، غريبن جي خدمت ڪرڻ جو وڌيڪ موقعو مليس، اسان جي دعائن ۾ سدائين آباد رهندو، شل ڪوسو واءُ نه لڳيس.
    تون شبنم گل ڪو ڀِنل لڳين ٿو،
    ڪنهن شاعر جو ڪو تازو غزل لڳين ٿو،
    آ قسم مون کي سنڌ جي سهڻي شام جو،
    تون ڪينجهر ۾ ڄڻ ڪو ڪنول لڳين ٿو.
    (نثار احمد ناز)


    هڪڙو يار وسيم جروار

    حيدرآباد جي آفيس ۾ منهنجي سروس لڳ ڀڳ35 سال کن رهي، 35سالن جي دور ۾ آفيس جي ساٿين ۾ منهنجا ڪيترائي ساٿي رهيا،عبدالستار مگسي کان وٺي بشير هاليپوٽو تائين، پر هڪ اهڙو ساٿي به رهيو ۽ اڃا تائين منهنجو ساٿي آهي، اهو آهي وسيم جروار، چون ٿا ته دل جنهن سان لڳي، جو منهنجي دل جو هي ويجهو ساٿي وسيم جروار مون کان هڪ سال پوءِ رٽائر ٿيندو، آئون دل سان اقرار ٿو ڪريان ته وسيم جروار جي ساٿ مون کي ڪڏهن به اهو محسوس نه ڪرڻ ڏنو ته منهنجا سڳا ڀائر مون کان دُور آهن، پري آهن، وسيم جي هوندي مون ڪڏهن به پاڻ کي اڪيلو نه سمجهيو آهي، اڄ تائين هن سان منهنجا فيملي لاڳاپا آهن، آئون پنهنجي دل جا حال هجن، احوال هجن، مشڪل مرحلا هجن، غمن جون گهڙيون هجن، خوشين جا لمحا هجن، ڪا صلاح هجي، ڪا مصلحت هجي، ڪنهن مشڪل گهڙي جو ساٿ هجي، منهنجي دل جو حال هجي، مون هميشه دل جو احوال وسيم جروار سان اوريو آهي، پنهنجي ذاتي مسئلن ۾ به مون هن سان صلاح مصلحت ڪئي، هن ساٿ ۽ دوستي ۾ آئون هميشه ڀرجهلو رهيس. شادي هجي، غمي هجي، ٻاهر وڃڻو هجي، ڪيڏانهن گهمڻ وڃجي، هميشه اسان گڏ هوندا آهيون، آخر ۾ ائين کڻي چوان ته چاليهه سالا سروس ۾ ڪو اهڙو هڪڙو پيارو دوست، پيارو ساٿي، جي اگر ڪير آهي ته هڪڙو ئي نالو منهنجي دل مان نڪرندو، اهو آهي، وسيم جروار، وسيم جروار.
    شل اسان جون محبتوب، قربتون، سدائين قائم ۽ دائم رهن.
    جدائي جو غم رهي ڪين سگهيو،
    سواءِ توکان جاني رهي ڪين سگهيو،
    حياتي ۾ مون کان جدا ڪيئن ٿجان،
    زندگي جو هيءَ ڏک سهي ڪيئن سگهيو.
    (اقبال بلوچ)


    پنهنجن غمن کي لڪائي ٻين جي چهرن تي مرڪون ڏيندڙ محمد اياز ابڙو

    اسان جي حيدرآباد جي خزاني آفيس ۾ 1996ع جي بينچ ۾ ڀرتي ٿيلن ۾ هڪ اهڙو شخص به ڀرتي ٿيو، جنهن جي چهري تي سدائين مُرڪ سجايل رهي آهي، هن وقت اڪائونٽنٽ جي عهدي تي آهي، هي به انهن آفيسرن ۾ شمار ٿئي ٿو، جيڪي ننڍي عمر ۾ ڊپارٽمينٽل امتحان پاس ڪري ننڍي عمر ۾ ئي آفيسر ٿي ويا، جاٽنگ ۽ ساٽنگ کان وٺي اڪائونٽس جي ماهر، هن هر دلعزيز شخص محمد اياز ابڙو کي ڪير نه سڃاڻي، ٽريزري آفيس ۾ نه هجي ها ته يقينا شوبز جي دنيا جو بهترين اداڪار هجي ها، هو مختلف ماڻهن جون هُوبهُو، بلڪل پرفيڪٽ آواز ۾ نقلون ڪڍڻ جو ماهر آهي، جنهن جي نالي چئوس، ان جو آواز بلڪل هُو ساڳئي انداز ۽ آواز ۾ ٻڌائيندو آهي، آفيس ۾ ڪچهري هجي يا شادي مرادي ۾ ڪٿي گڏجون ، جتي اياز ابڙو ويٺل هوندو اتي ٽهڪ ۽ ٽهڪڙا هوندا، کل ڀوڳ جو ماهر، ڪچهري جو ڪوڏيو، سدائين پيو ماڻهن کي کلائيندو آهي، آفيس جي پٽيوالي کان وٺي آفيسر تائين، سڀ ملازم هن جي ڳالهين مان لطف اندوز ٿيندا آهن، آفيس ۾ ڪم دوران هر ٽيبل تي ڪم ڪندڙ ، انتهائي ذهين ۽ هوشيار آهي، اخلاق ۾ انتهائي بلند درجو رکي ٿو، عزت ڏيئي به ڄاڻي ٿو ۽ اهڙي ئي عزت کيس موٽ ۾ ملندي به آهي، انتهائي بهادري سان هر مسئلي کي مڙسي واري انداز ۾ منهن ڏيندڙ اياز ابڙو پنهنجي اندر جا بيشمار غم لِڪايو، چهري تي سدائين مُرڪون سجايو ۽ ٻين سان محبتون ونڊيندي وقت گذاريندو آهي. محمد اياز ابڙو منهنجي انهن پيارن دوستن مان آهي، جنهن جي محبتن ۽ ساٿ جي هميشه ضرورت محسوس ڪندو آهيان. مون کي خبر آهي ته اندر ۾ هو ڪيترو ورهايل آهي، ڪيترا غم اٿس، پر دل ۽ چهري تي سدائين خوشيون ۽ مُرڪون ميڙا ڪري ويٺل اٿس. منهنجي دعا آهي ته هن جا الله پاڪ سڀ غم دور ڪري ۽ سدائين خوش ۽ آباد هجي.
    جي تون اچين ته منهنجي محفل مچي پوي،
    دل هي دردن ورتي جهومي نچي پوي،
    آ شهر ۾ پچار ته استاد ٿو مري،
    جي سونهن ساٿ ڏي ته بخاري بچي پوي.
    (استاد بخاري)


    عجز ۽ انڪساري وارو شخص طارق مبين سهتو

    طارق مبين سهتو، اسان جي سينيئر اسٽاف جو ماڻهو آهي، هينئر سترهين گريڊ جي عهدي تي پهتل اسسٽنٽ اڪائونٽس آفيسر آهي، هڪ انتهائي بلند پايه شخص آهي، عجز ۽ انڪساري وارو طارق سهتو، باڪردار به آهي ته هر ڪم ۾ مهارت به اٿس، هر ٽيبل تي ڪم ڪندڙ انتهائي هوشيار آهي، هر ماڻهو وٽ مقبول آهي، هر ڪنهن جي عزت ڪندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو هن کي به بيپناهه عزت ملي آهي، هي هن وقت حيدرآباد جي آفيس ۾ آهي. سندس اخلاق ۽ انسانيت کان هرڪو متاثر آهي. شل رب پاڪ وڏي حياتي ڏيس، سدائين ترقي جون منزلون ماڻي.
    جهڙو ماڻهو تهڙو ناڻو، هرڪو پنهنجي اگهه اگهاڻو،
    جيڪو ماڻهو ڪونه وڪاڻو، سوئي ماڻهو موتي داڻو.
    (ابراهيم منشي)


    نه ته هي وزير هجي ها... احسان ابڙو

    1996ع جي بينچ ۾ ڀرتي ٿيل نوجوانن ۾ هڪ اهڙو بيباڪ، ڳالهائڻ وارو ، بهادر شخص ۽ جيالو ڀرتي ٿيو، جنهنجو نالو احسان ابڙو آهي، اُٿندي ئي هن جيڪي جلوا ڏيکاريا، بهادري جا ۽ ڳالهائڻ جا، بيباڪي جا، جو هي ٽريزري يونين جو صدر چونڊجي ويو، جيالو ته اڳ ئي هو، ويتر جو هي صدر چونڊجي ويو ته ٽريزري جي حقن جي حاصلاتن لاءِ هي هميشه ٻه قدم اڳتي رهيو، انتهائي بهادر شخص آهي، ٽريزري جي ڪنهن به شخص کي ڪا مشڪلات هجي، اهو احسان ابڙو کي چوندو هو، احسان ابڙو هميشه پنهنجو سمجهي، نه رڳو اسان سان، پر هر ڪنهن سان قدم به قدم گڏ رهيو. پي پي پي جي جيالي جي حيثيت ۾ چيف مسنٽر کان پرائم منسٽر تائين، وزير اعليٰ سنڌ هائوس کان وٺي، زرداري هائوس تائين هن جو آواز ٻڌو ويندو آهي، بس هن کي مارايو ته هن جي پنهنجي زبان مارايو آهي، گار ته سندس وات ۾ اٿس، جي گار وات ۾ نه هجيس ها ته آئون يقين سان چوان ٿو ته هي سنڌ جي وزيرن مان هڪ وزير هجي ها. بهرحال هي هڪ بهادر ۽ بي ڊپو انسان آهي، ڊپارٽمينٽل امتحان نه ڏيڻ سبب سب اڪائونٽنٽ آهي. هن جي بهادري کي آئون سدائين سلام ڪندو آهيان ۽ هن جي زبان واري لهجي کي ناپسند ڪندو آهيان، تنهن هوندي به اسان جي آفيس جو هر دلعزيز شخص آهي، دعا آهي ته سدائين سلامت هجي، شاد هجي، آباد هجي، اسان سينيئر هئڻ سب رٽائر ٿيڻ وارا آهيون، هاڻ احسان ابڙي ۽ اياز ابڙي واري بينچ سينيئر واري حيثيت ۾ اچي رهي آهي. ادا احسان ابڙو ! ٽريزري ۽ ٽريزري وارن جي پارت هجيوَ.
    عرش والو ميري تقدير پر سلامت رکهنا،
    فرش ڪي ساري خدائون سي الجهه بيٺا هون.


    تون به ڪو آهين وسرڻ جهڙو غلام قادر ميمڻ

    منهنجا هن آفيس ۾ ڪي ٿورا ئي دوست هاڻ وڃي رهيا آهن، جيڪي مون کي پيارا آهن، انهن پيارن دوستن ۾ هڪ پيارو ۽ دل وارو دوست غلام قادر ميمڻ به آهي، سروس جو ڳچ عرصو حيدرآباد ۾ اسان گڏ رهيا آهيون، گڏجي ڪم ڪيو آهي، اٿيا ويٺا گڏ آهيون، هڪٻئي کان چڱي ريت واقف آهيون ، انتهائي خلوص وارو هي سچو انسان هن وقت ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس ٽنڊي محمد خان ۾ پنهنجا فرائض سرانجام ڏئي رهيو آهي، دل جو صاف آهي، خوش اخلاق ۽ خوش گفتار آهي، هر وقت کِل ڀوڳ ، چرچا ڪرڻ سندس مزاج جو حصو آهن منهنجو ته ويجهو دوست آهي، هن نه ڪڏهن رُوپ وڃايو آهي ، نه پنهنجائپ وڃائي آهي ، لک وڃائڻ جي باوجود به هن لڇڻ نه وڃايا آهن ، قُرب نه وڃايو آهي ، هن پريت نه وڃائي آهي . هي سڀني سان دوستي نڀائڻ جو گُر ڄاڻي ٿو، “ لائجي ته نڀائجي ” واري چوڻي جو مجسم پيڪر هي شخص پنهنجي طبعيت ۽ مزاج ۾ بهترين قسم جو محنتي ۽ جدوجهد ڪندڙ آهي ، پنهنجي نجي زندگي ۽ نوڪري واري زندگي ۾ اوترا ئي وڏا ڏُک ۽ غم سَٺا آهن، وڏا درد مليا اٿس، ان جي باوجود به وڏا وڏا درد سندس همت ۽ حوصلي کي شڪست نه ڏئي سگهيا آهن هاڻ انهن غمن کي برداشت ڪري ڪري لال ٿي ويو آهي، انهن غمن ۽ ڏکن هوندي به همت، جرئت ۽ استحڪامت واري زندگي گذاري رهيو آهي، باهمت ۽ حوصله مند غلام قادر ميمڻ، وچ واري عمر رکي ٿو، ٽريزري جي هر ڪم مان واقف آهي، جي پي فنڊ ، پينشن ، آڊٽ ، اڪائونٽس سميت هر قسم جو ڪم بهترين طريقي سان سرانجام ڏئي سگهي ٿو ۽ ڏنو به اٿس. ڪمپيوٽر جي ڪم جو ماهر آهي ۽ انگريزي ڊرافٽنگ به ڏاڍي سٺي اٿس، مون ڪيترائي دفعا محسوس ڪيو آهي ته هي انتهائي برجستو آهي، بهادر آهي، حوصله مند آهي ۽ هر ڪنهن جي ڪم ايندڙ آهي، منهنجو هر مشڪل گهڙي ۾ هن ساٿ ڏنو آهي، پنهنجي ذاتي مزاج ۾ مختلف همعصرن جي سمورن خُوبين ۽ خامين کان نه رڳو واقف آهي پر انهن جون نقلون ڪرڻ ، پيروڊيون ٺاهڻ جو پڻ وڏو ماهر آهي ، سندس هڪ بهترين خُوبي اها به آهي ته خير خيرات جي ڪمن ۾ بي ڌڙڪ پنهنجو حصو ڳنڍيندو آهي ، غريبن ۽ مسڪينن جي هر وقت مدد ڪندو رهي ٿو، الله پاڪ کيس صحتِ ڪامله سان گڏ وڏي حياتي ڏي، اڃا سروس گهڻي پئي آهيس. منهنجي دعا آهي ته هي ڀلوڙ انسان پنهنجن ڏکن ۽ غمن کي شڪستون ڏئي ، انهن مان نکري نروار ٿئي ۽ باقي عمر پنهنجي ٽريزري جي نوڪري همت ، جرئت ، بهادري، خيرخوبي ۽ خوشي سان گذاري.
    روح کي راحت ملي ٿي ته توسان ملي،
    جيئري جنت ملي توسان ملي،
    درد دانهن تو سوا گهاءُ گهاٽن تو بنا،
    اهنج کي آٿت ملي تو سان ملي.
    (سيما عباسي)


    هڪ بااخلاق نوجوان بشير احمد هاليپوٽو

    2011ع جي نئين ڀرتي ۾ حيدرآباد جي آفيس ۾ ڪيترائي نوجوان ڀرتي ٿيا، انهيءَ وڏي کيپ ۾ ڪيترائي بااخلاق نوجوان ۽ بلند پايه شخص به ڀرتي ٿيا، جن ۾ بشير احمد هاليپوٽو، غلام سرور راهپوٽو، سيد محمد علي شاهه، نويد باجاري، سيد منصور شاهه، ممتاز مگسي، ممتاز جانوري، حسن عمران چنا، حسن شاهه ۽ ٻيا به ڪيترائي، جنن جي ڪردار ۽ اخلاق کان آئون بيحد متاثر آهيان،خاص طور آئون ذڪر ڪندس، بشير احمد هاليپوٽو جو جيڪو نوجوان هوندي، انتهائي خانداني، برجستو، بُردبار ۽ بااخلاق شخصيت جو مالڪ آهي، هڪ آفيس ڪم ۾ جنون جي حد تائين شوق رکي ٿو، ڪم ۾ گرفت اٿس، ڪمپيوٽر جي ڪم ۾ مهارت جي حد تائين ڄاڻ رکي ٿو، سندس وڏي سان، سينيئر يا جونيئر سان، مطلب ته هر ڪنهن سان عزت، شان ۽ مانُ جي حد تائين پيش ايندو آهي، انتهائي بااخلاق ۽ باڪردار شخص آهي، اهڙن نوجوانن کي يقينن اڳتي وڌڻ کپي، منهنجي صلاح آهي ته اهڙن هوشيار فردن کي هر ڪم سکڻ کپي ۽ امتحان پاس ڪري اڳتي نڪرڻ گهرجي.
    هي چانڊوڪي چيٽ جي اجائي نه آهي ،
    امرتا آهي تنهنجي منهنجي پيار کي .


    حقن جو محافظ سيد منصور شاهه

    هڪ ٻئي شخص سيد منصور شاهه جو به ذڪر نه ڪريان ته منهنجي قلم جي ڪنجوسپائي ٿيندي، هي به هڪ بااخلاق ، باڪردار ۽ بيباڪ شخص آهي، وڏي ڳالهه اها به آهي جو بيباڪ هوندي، اخلاق سان هلندڙ شخص آهي، آفيس جي حقن لاءِ مون سدائين هن کي اڳتي، وڙهندي، ڳالهائيندي محسوس ڪيو آهي، هميشه انهيءَ جستجو ۾ هوندو آهي ته آفيس کي ڪيئن هلائجي، ڪيئن سنوارجي، حقن جي حفاظت ڪيئن ڪجي، اسٽاف جي ٻڌي ڪيئن هجي، توڙي جو نوجوان آهي، پر نيت صاف آهيس، ڪنن جو ڪچو به آهي، حقن ۽ جذبن لاءِ اڳتي نڪري ايندڙ هي شخص بهترين اخلاق وارو ۽ سٺي شهرت رکندڙ نوجوانن ۾ شمار ٿيندو، منهنجي دعا آهي ته منصورشاهه سدائين خوش هجي.
    ڪٿي روشني ته ڪٿي شام هوندي ،
    منهنجي هر خوشي تنهنجي نام هوندي.


    ڪمپيوٽر جي دنيا جو ماهر افتخار احمد خان

    موجوده ڪمپيوٽر جي ٽيڪنالاجي واري دور ۾ هن وقت ٽريزري آفيس جو ڪمپيوٽر سيڪشن ريڙهه واري هڏي جي حيثيت رکي ٿو ، اسانجي آفيس ۾ هن وقت ڪمپيوٽر سيڪشن جو انچارج محترم افتخار احمد صاحب آهي ، پوري ضلعي جي ڪمپيوٽر واري ڪم جو نگران آهي ، ڪمپيوٽر جي حوالي سان هي وڏي مهارت رکندڙ ۽ ان ڪم جو ڄاڻو شخص آهي ، شايد ئي اهڙو ڪو ٻيو هُجي ، عزت سُٺي ڏيندو آهي پر فراخدلي نه اٿس ، ڪنهن جو به ڪم پوي ، ان مهل ئي ڪري ڏي ، اهو ممڪن ئي ناهي ، اهو ئي سبب آهي جو سندس ان رويي سبب آفيس جا همسفر دوست هن جي موٽ واري انداز مان هميشه ناخُوش رهندا آهن ، هر ڪنهن کي اهو ئي محسوس ٿيندو آهي ته هي شخص پنهنجي مرضي موجب ئي ڪم ڪندو آهي ، عام طور سندس حوالي سان اها راءِ جُڙيل آهي ته هي رُکو رُکو ماڻهو اهي ، بهتر ۽ مثبت موٽ ڏيندڙ نه آهي ، هن ۾ ڪم پوندو آهي ته ڪوشش اها ڪبي آهي ته اهو ڪم نه چئجي ته بهتر آهي ڇاڪاڻ جو مثبت موٽ ملڻ جو امڪان نه هوندو آهي ، تنهنڪري ٻين جي اڳيان شرمندگي ٿيندي آهي ، پر ڪنهن ڪنهن مهل مِٺو به ٿي ويندو آهي ، ان جو سبب خُدا ئي بهتر ڄاڻي ٿو، عام ماڻهن جو خيال اهو آهي ته هي نرم مزاج ۽ سُٺي طبعيت رکندڙ نه آهي ، منهنجو خيال آهي ته افتخار احمد صاحب ڪمپيوٽر سيڪشن جي انچارج جي حيثيت ۾ ڪم ۾ وڏي مهارت رکي ٿو ۽ ان ڪم تي مڪمل ڪنٽرول پڻ اٿس ، بس ! دُعا آهي ته شال سدائين خوش هجي .

    بعد مُدت سي اُسي ديکا لوگو ،
    وه ذرا ڀي نهين بدلا لوگو . (پروين شاڪر)


    اندر جو صاف انسان سدائين هاءِ بلڊ پريشر محمد جمن لغاري

    محمد جمن لغاري هن وقت ٽريزري آفيس ۾ جي پي فنڊ سيڪشن ۾ سينيئر آڊيٽر طور ڪم ڪندڙ آهي ، سندس شمار چند سينيئر ملازمن ۾ ٿئي ٿو ، هن سال 2016ع ۾ ئي رٽائر ٿي ويندو، هن دوست مختلف سيڪشنز ۾ ڪم ڪيو آهي ، هن وقت پنهنجي نوڪري جا آخري ڏهاڙا جي پي فنڊ سيڪشن ۾ گذاري رهيو آهي ، سدائين چيڙاڪ طبعيت رکندڙ ۽ هاءِ بلڊ پريشر ۾ رهندڙ هي شخص پنهنجي اندر دل جو انتهائي صاف ۽ شفاف شخص آهي پر ٿوري ٿوري ڳالهه تي چِڙي پوندو آهي ، ائين لڳندو آهي ته ماڻهن سان وڙهي ٿو ، اسٽاف جا ملازم به ائين ئي سمجهندا آهن ته اسان سان وڙهي ٿو ، ننڍڙي ڳالهه تي به بلڊ پريشر هاءِ ٿي ويندو اٿس ، اصل ۾ هاءِ بلڊ پريشر جي بيماري اٿس يا نه پر ظاهري طور ائين لڳي ٿو ته کيس هاءِ بلڊ پريشر جي بيماري آهي ، سندس طبعيت ڪجهه وڌيڪ چيڙاڪ تڏهن کان محسوس ڪئي وڃي ٿي ، جڏهن کان سندس نوجوان پُٽ ريل گاڏي جي حادثي ۾ انتقال ڪري ويو، ان نوجوان پُٽ جي وڇوڙي سندس جيءُ صفا جهوري وڌو ، هاڻي صفا هيڻو ٿي ويو آهي ، ٽنڊي ڄآم سان تعلق رکندڙ هي سينيئر آڊيٽر طبعيت ۾ تيز هئڻ جي باوجود ، وري ٿوري دير بعد متاثر ماڻهن کان معافيون به پيو گهُرندو آهي ، تنهنڪري هاڻي سندس طبعيت کي هر ڪو سمجهي به ويو آهي ڄاڻي واڻي ڪنهن کي ڏُک نه پهچائيندو آهي پر هاڻي چيڙاڪ طبعيت سبب ڪنهن کي سندس ڳالهه تان ڏُک به نه ٿيندو آهي ، کِل ڀوڳ کان پَري ، بلڪل سنجيده مزاج رکندڙ ، پنهنجي ڪم سان ڪم رکندڙ هي اسانجو پيارو دوست محمد جمن لغاري اندر جو بلڪل صاف انسان آهي ، مالڪ کيس صبر ۽ محبت جي جذبي سان گڏ سدائين سلامت رکي .

    تون ته آهين گُلاب جانان !
    توسان ڪهڙو حساب جانان !
    (نثار احمد ناز)


    فيض ڏيندڙ شخص محمد ظهير الدين خان

    ڪراچي اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ جي آفيس مان بدلي ٿي ڪيترو ئي عرصو حيدرآباد جي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس ۾ رهندڙ شخص محمد ظهير الدين خان هن وقت ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس ميرپورخاص ۾ ڪم ڪري رهيو آهي ، انتهائي سنجيده طبعيت رکندڙ هي شخص هر ڪنهن سان نه وچڙندو آهي ، سندس دوستيءَ جو ڪو وڏو ۽ وسيع حلقو ته ناهي پر تمام گهڻو فيض ڏيندڙ انسان آهي ، ڪوشش ڪري پنهنجي اسٽاف جي دوستن کي زوري ڪم سيکاريندو آهي ، اردو ڳالهائيندڙ هي اسانجي آفيس جو دل جي حوالي سان سف گُو انسان آهي ، ڪنهن به قسم جي اقرباپروري ، ذهني انتشار يا ڪو به تعصب وغيره بلڪل به نه اٿس، هر ممڪن ڪوشش ڪندو آهي ته پنهنجي اسٽاف جي ماڻهن کي ڪم سيکاري ، جيڪڏهن ڪير ڪم سِکڻ جي حساب سان هلي به ويندو اٿس ته انڪار ڪنهن به صورت ۾ نه ڪندو آهي ، مونکي سندس اها خُوبي سدائين وڻندي آهي ته هو پاڻ ننڍي توڙي وڏي جي تمام گهڻي عزت ڪندو آهي ، ڪم سيکارڻ دوران به ڪنهن به قسم جي ڪنجوسپائيءَ نه ڪندو آهي ، هر ڪنهن کي دل سان ڪم سيکارڻ جي ڪوشش ڪندو آهي . سندس سروس ۾ اڃا به گهڻو وقت پيو آهي . اميد ته اڃا به گهنا دوست سندس بهترين طبعيت ۽ ڪم سيکارڻ واري شاندار مزاج مان فيضياب ٿيندا . آئون هميشه کيس بهترين انسان جي نظر سان ڏسندو آهيان ، ڇاڪاڻ جو عزت ڏيندڙ ۽ عزت وٺندڙ شخص ئي بهترين انسان هوندو آهي ، هي به انهن انسانن مان هڪ آهي ، شال سدائين سرهو رهي ، خوشيون سندس زندگيءَ ۾ خزانا بڻجي اينديون رهن ، الله پاڪ وڏي ڄمار ڏيس ۽ انسانذات کي وڌيڪ فيض پهچائڻ جي توفيق عطا ڪريس . آمين .

    تون تاريخ ۾ ڳوليندين آءُ ڪتاب ٿي ملندس ،
    جي خيالن ۾ ڳوليندين ته آءُ خُواب ٿي ملندس .
    (استاد بخاري)


    سدائين ڪنڌ هيٺ سائين غلام حسين شاهه

    آئون ڪجهه ماڻهن لاءِ لِکي آيو آهيان ته اُهي فيض پهچائيندڙ شخص رهيا آهن ، جيڪي استادي ڏيڻ ، ڪم سيکارڻ يا پنهنجا شاگرد ٺاهڻ ۾ ڪا به هٻڪ محسوس نه ڪندا آهن پر خوشي محسوس ڪندا آهن ، پر ڪي اهڙا ماڻهو به آهن جن وٽ فيض ڏيڻ وارو عنصر سندس نَس ۾ ئي شامل نه هوندو آهي ، سائين غلام حسين شاهه پينشن واري ڪم جو تمام گهڻو ماهر ليکيو ويندو آهي ، محسوس ائين ٿيندو آهي ته غلام حسين شاهه کانسواءِ پينشن سيڪشن ڪيئن هلندو ؟ هلندو به يا نه ؟ پر حقيقت ۾ ائين ناهي ، دنيا جو گاڏو هلڻو آهي ، رُڪڻو ناهي ، غلام حسين شاهه کان اڳ به پينشن سيڪشن هلندو هو ، هاڻ ته هُو هلائي پيو ۽ ان کانپوءِ به اهو سيڪشن هلندو ، بس هن وقت هُن پنهنجو پان کي پينشن سيڪشن جو بي تاج بادشاهه بڻائي ڇڏيو آهي ، آفيس جو ڪوبه ملازم يا ڪو عوامي ماڻهو وٽس هلي ويندو آهي ته صرف هڪ جهلڪ سان ڏسندو آهي ته ڪير آهي ، پوءِ ڪنڌ هيٺ ڪري ڪاغذ وٺندو آهي ۽ ڪاغذن بابت ڳالهائيندي ڳالهائيندي تاريخ ڏئي ڇڏيندو آهي ، عام ماڻهو يا آفيس سان سلهاڙيل ڪنهن دوست جي وچ ۾ ڪو به فرق نه رکندو آهي ، جيڪا پنهنجي آفيس جي اسٽاف جي دوستن کي اهميت ڏيڻ گهرجي ، اها اهميت ڏيڻ واري اک هُن وٽ ناهي ، مثبت موٽ ڏيڻ واري طبعيت رکندڙ شخص به نه آهي ، آفيس جي دوستن وٽ سندس باري ۾ هميشه اها شڪايت رهندي آهي ته ڪنڌ کڻي سولو ڳالهائي به ڪونه ٿو ، تنهنڪري مون جهڙا ڪيترائي ماڻهو پيا لنوائيندا آهن ته هن وٽ ڪم لاءِ نه وڃجي ، ڪنهن ڪنهن مهل خيال رکي به ويندو آهي پر اها ڳالهه ڪنهن معجزي کان گهٽ نه هوندي آهي ، بيشڪ هو پينشن جي ڪم جو بهترين ماهر آهي پر کيس مثبت موٽ ڏيندي پنهنجي جونيئرن کي به ڪم سيکارڻ کپي ۽ پنهنجا سُٺا شاگرد پيدا ڪرڻ کپن ، جيڪي سندس نالي کي ڳائيندا رهن ، جيستائين هي دنيا پئي هلندي ، ڪم ڪار به پيا هلندا ، رهندو نالو الله پاڪ جو ، منهنجو خيال آهي ته فيض رسائيندڙ ، محبت ڪندڙ ، مدد ڪندڙ ، ڪي چڱا اکر سيکاريندڙ ، سُٺو رويو رکندڙ ، ڪنڌ مٿي کڻي عزت ڏيندڙ شخص ئي ماڻهن جي دلين کي موهي ٿو، مسڪراهٽ به وڏا وڏا غم مِٽائي ٿي ڇڏي ، سندس مُسڪرائي ڳالهائڻ وارو انداز به رٽائر ملازمن جي ڪيل پنڌن کي سجايو رکي سگهي ٿو ، اها مُسڪراهٽ رٽائر ملازمن جي ڌِڪا کائڻ وارن زخمن جو مرهم به بڻجي سگهي ٿي ، شال الله پاڪ کيس خوش رکي ، ڪجهه سالن ۾ رٽائر ٿي ويندو پوءِ شايد کيس احساس ٿئي ته مُسڪرائي ڳالهائڻ به ڪيتري اهميت رکي ٿو.

    اپني ناراضگي ڪي ڪوئي وجه تو بتائي هوتي ،
    هم زماني ڪو ڇوڙ ديتي تجهي مناني ڪي ليئي .
    (پروين شاڪر)


    شادين جو شوقين غلام سرور ٿيٻو

    هيڏي ساري ٽريزري جي يادگيرين جي ڪتاب ۾ آئون ٽريزري جي دنيا جي شوقين ، وسيع ۽ ڪُشاده دل رکندڙ ، هميشه کِلائيندڙ ، محفلن جي جان ۽ شادين جي شوقين شخص غلام سرور ٿيٻو جو ذڪر نه ڪريان ته تمام گهني بي واجبي ٿيندي ، جيڪا بي واجبي هُن سان ببه هوندي ته مونسان به هوندي ، غلام سرور ٿيٻو هن وقت ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس ڄامشورو ۾ اڪائونٽنٽ جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رهيو آهي ، نوڪري واري زندگيءَ جو ڳچ عرصو ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس حيدرآباد ۾ گذاريو اٿس ، مختلف سيڪشنز ۾ ڪم ڪيو اٿس، گهڻن ئي ڪمن ۽ ڳالهين ۾ مهارت رکي ٿو ، دنياداري جي حوالي سان اُٿي ويٺي به سُٺي اٿس ، جڏهن اسسٽنٽ اڪائونٽنٽ هو ته آئوٽ آف ٽرن جي حيثيت ۾ آفيسر به ٿي ويو هو ، پر موجوده وقت ۾ آئوٽ آف ٽرن جي حيثيت ۾ آفيسر ٿيڻ ناممڪن آهي ، بحرحال اهو هن جي شوخ طبعيت ، دنياداري واري اُٿي ويٺي جو ڪمال آهي جو چوڏهين گريڊ جو ملازم هوندي به سترهين گريڊ جي آفيسري واري عهدي تي رهي ، آفيسرن واري بورڊ تي پنهنجو نالو لِکرائي ويو ، هونئن ته غلام سرور ٿيٻو کِلمُک ۽ دلپسند شخصيت جو مالڪ آهي ، تمام گهڻين ڳالهين جو شوقين آهي پر گهڻين شادين جي شوق به هن جي شخصيت کي نِکاري اڳيان اڳيان رکيو آهي ، چون ٿا ته هن پنج شاديون ڪيون آهن پر هن وقت صرف هڪ زال اٿس ، ذاتي زندگيءَ ۾ ڪيترو به رنگين مزاج ۽ شوقين هُجي پر من جو موجي ۽ ڀلو ماڻهو آهي ، عزت ڏيڻ ۽ عزت وٺڻ جو بهترين ڏانءُ اٿس ، ڪوشش ڪندو آهي ته هر ڪنهن سان دلبرانه نموني رهي. اڃا نوجوان آهي ، اڃا نوڪري جو وقت به کوڙ سارو پيو اٿس، تمام گهڻو عرصو آفيسر ٿي رهندو ، بس دُعا آهي ته سندس زندگيءَ خوشين سان ٽمٽار رهي ، شال سدائين سرهو ۽ سدا سلامت رهي .

    تون کِلين ٿو ته ڄڻ گُل ٽِڙي ٿا پوَن ،
    ماٺ تنهنجي خِزان گُل ڇڻي ٿا پوَن .
    (راشد مورائي)


    هڪ سخي مرد پر هو پٽيوالوپير بخش (پيرو)

    حيدرآباد ٽريزري آفيس ۾ ٻيا به ڪيترائي پٽيوالا هئا ۽ اڃا به آهن پر انهن ۾ پير بخش عرف پيرو بلڪل نِرالو پٽيوالو هو ، هو ٽريزري آفيس جو خاص پٽيوالو هو ، ٽريزري آفيس جي ڪري ئي کيس هرڪو مانهو خرچي پاڻي پيو ڏيندو هو، ان وقت پنجاهه روپيه خرچي به وڏي ڳالهه هوندي هئي ،پر هي ڏهه ويهه روپيه به وٺندو هو، انڪار نه ڪندو هو، انڪار ته سندس زندگيءَ جي ڊڪشنري ۾ ئي ڪونه هو، سخي مرد هو، هو خرچي جا مليل پئسا پنهنجي آفيس جي الماري جي هڪ خاني ۾ گڏ ڪندو هو، انهن پئسن مان همعصر دوستن کي پيو کارائيندو ، پياريندو هو ، ايتريقدر جو هو آفيس جي سندس مرتبي کان مٿي جي وڏن وڏن ڪلرڪن کي به اُڌار طور پئسا ڏيندو هو، هر مهيني جي آخري تاريخن ۾ وڏا وڏا ڪلرڪ کُٽي پوندا هئا ته هن کان پئسا اُڌارا وٺندا هئا، هن ڪڏهن به اهو حساب نه رکيو ته ڪنهن وٽ سندس ڪيترا پئسا آهن ، اها وٺڻ واري جي ايمانداري تي ڇڏيل هوندو هو ته هن ڪيترا پئسا ورتا ۽ ڪيترا واپس ڪيا، مون به کانئس ڪيترائي ڀيرا اُڌارا پئسا ورتا هئا ، ان معاملي ۾ هن ڪڏهن به انڪار نه ڪيو ، ڏهه سال کن اڳ وفات ڪري ويو، وفات وقت ڪيترن ئي ماڻهن تي سندس هزارين روپيه رهيل هئا ، جيڪي سڀ کائي ويا، هن جو ننڍو ڀاءُ دُر محمد عرف دُرو اڄ به ٽريزري آفيس ۾ پٽيوالو آهي ۽ هن جو پيءُ به اسانجي آفيس ۾ پٽيوالو هو ، پير بخش عرف پيرو جي هڪ سُٺي ماڻهو واري خُوبي ، سخاوت ، بهترين مزاج، ڪُشاده دل ۽ مُسڪرائيندڙ چهري کي آئون هميشه ياد رکندس ، اهرا ماڻهو دنيا ۾ هوندا به گهٽ آهن ۽ جلدي هليا به ويندا آهن ، شال ڪائنات جو ڌڻي سندس درجا بُلند ڪري . آمين .
    گهايئي اهي گهوٽ ، جن مُند نه هئي مرڻ جي ! ( شاهه)


    باب ٽيون : وري يادگيرين ورايو اسانکي

    ويا سي وينجهار

    منهنجي سروس دوران، منهنجي زندگي جو چاليهه سالن جو وقت خزاني آفيس ۾ گذريو، 60 سالن جي عمر مان چاليهه سال هڪ هنڌ گذارڻ، اتي زندگي جون ڪيتريون ئي يادون وابسته ٿيو وڃن، هي زندگي، جيئرن جي ميلن سان سجيل آهي، جيڪي اسان جيئرا آهيون، اڃا به گڏ آهيون، پر منهنجي سروس دوران، مونکان يا خزاني آفيس کان پنهنجي سروس دوران رٽائرمينٽ کان اڳ ۽ جيڪي ساٿي گذاري ويا، انهن کي آئون ڪيئن ٿو وساري سگهان. حيدرآباد جي آفيس منهنجو دوست عبدالستار مگسي، منهنجي زندگي جو هڪ حصو هو، اهو گذاري ويو، نوڪري دوران نوجواني جي عمر يعني 42 سالن جي عمر ۾، هو هڪ پيارو انسان اسان کان موڪلائي ويو، نوجواني جي عمر ۾ هڪ ٻيو ساٿي به گذاري ويو، اهو هو عبدالعزيز جمالي، 30 ، 32 سالن جي عمر ۾ هڪڙي حادثي ۾ انتقال ڪري ويو، هن ننڍي عمر ۾ ٽريزري جو امتحان پاس ڪيو، جنهن ڏينهن هو حادثي ۾ گذاري ويو، انهيءَ ڏينهن ٽريزري جي وڏي امتحان جي رزلٽ آئي، سڄي سنڌ مان هو هڪ ڄڻو پاس ٿيو هو، شايد اها خبر هو گهر وارن تائين نه پهچائي سگهيو هو، جو واپس ويندي، هالا روڊ تي ڳوٺ ويندي حادثو پيش آيو هوس. عبدالستار مستوئي به 50 سالن جي عمر ۾ تازو ٻه ٽي سال اڳ اسان کان موڪلايو. محمد علي جتوئي انتهائي اخلاق وارو ساٿي، نوڪري دوران، اسان کان موڪلايو، اهڙي طرح سليم شيخ به پنهنجي نوجواني واري عمر ۾ گذاري ويو، منظور قريشي اسان جو آفيسر هو، اهو به روڊ حادثي ۾ گذاري ويو، ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر محمد حفيظ به ريل گاڏي جي حادثي ۾ گذاري ويو، اهڙي طرح بدين ٽريزري ۾ نوڪري دوران غلام حسين جمالي، عزيز جمالي به گذاري ويا، تازو منظور ڀٽي به گذاري ويو.
    ڪڏهن به توتي دوار دل جا نه ٻُوٽبا،
    تون ڀلي هلي آ ٻه لڙڪ آلا تڏهن به هوندا،
    متان چوين آجيان نه ٿيندي،
    (شيخ اياز)


    وساريان نه وسرن

    هن وقت جڏهن آئون هي ڪتاب لکي رهيو آهيان، تڏهن منهنجي رٽائرمينٽ ۾ فقط ڪجهه ڏينهن جو وقت وڃي رهيا آهن، هاڻ ته آئون نوڪري جا آخري ڏينهن ڳڻي رهيو آهيان، منهنجي چاليهه سالا سروس ۾ سوين ساٿي منهنجا همعصر ، همسفر رهيا،ڪوشش ڪندس سڀني جو ذڪر نالو وٺي ڪريان پر اهو ممڪن ئي نه آهي ته سڀ جا سڀ ياد پون، بهرحال انهن ساٿين مان ڪيترن جو ذڪر ڪنهن نه ڪنهن نموني ڪري آيو آهيان، جڏهن ته منهنجا ڪيترائي آفيسر، ڪيترائي ساٿي، جيڪي سروس دوران ڪنهن خاص قابلِ ذڪر ڳالهين ۾ حصيدار نه رهيا، تنهنڪري انهن جو ذڪر نه ڪري سگهيس، پر اهي هن آفيس جو حصو ضرور رهيا، انهن آفيسرن ۾ عبدالحفيظ خان، برڪات احمد رضوي، مستقيم الحسن، اورنگزيب پٺاڻ، محمد اڪبر خان، غلام عباس سومرو، لالا فضل ميمڻ، غلام رسول ميمڻ، مرحوم حبيب الله پنهور، مرحوم دوست علي، مرحوم عبدالستار مستوئي، شمس الدين خاصخيلي، شير احمد لاڙڪ، محمد اسلم ابڙو، سردار احمد پٺاڻ، علي احمد ميمڻ، الهه بچايو ڪليري، منصور عالم ميمڻ، منظور احمد ڀٽي، مرحوم غلام محمد بروهي، مرحوم فريد احمد، مرحوم انصاري، مرحوم شهاب الدين ، مير اوصاف ٽالپر، سرفراز احمد، هن وقت به عزيز سانگي، عزيز شيخ، نثار کوکر، غلام حسين شاهه، ممتاز مگسي، اعجاز راهپوٽو، پرويز ابڙو، ممتاز جانوري، عارف عباسي، شاهه نواز هوت بلوچ، اياز احمد شاهاڻي، محمد علي شاهه، حنيف ملڪ، شاهد احمد چنا، جاويد، محمد نجيب خان، علي رضا ابڙو، سائين حسن شاهه، سائين ذوالفقار شاهه ۽ ٻيا ڪيترائي نالا شامل آهن. پٽيوالن ۾ اسان جي آفيس ۾ مرحوم پيربخش سومرو کي ڪيئن ٿو وساري سگهجي، هن وقت به مالڪ ڏنو مگسي، عالم، اعظم ۽ ٻيا ڪيترائي دل جي دفتر ۾ درج آهن. بدين ٽريزري ڏانهن اک ٿو کڻان ته مون کي ڪيترائي دلبر ۽ دل وارا دوست ذهن تي اچن ٿا، هن وقت بدين ٽريزري ۾ وڃجي ته اسان جي ساٿ جو ڪوبه ماڻهو نه ملندو، انهن ۾ اميد علي لاشاري، محمد بخش ڀرڳڙي، محمد رفيق موسيپوٽو، رازق ڏنو گاڏهي، سليم گاڏهي، چاچا انور پٺاڻ، مرحوم غلام حسين جمالي، منهنجا سٺا دوست رهيا، انهيءَ کان علاوه فياض علي رند، رياض لاشاري، محمد اڪرم راجپوت، غلام مصطفيٰ راجپوت، غلام مصطفيٰ سرائي، محمد ناصر، سائين ظفر شاهه، اقبال مگسي، محمد صالح جتوئي، اقبال لاڙڪ، مس سعيه نوري، مس افشان، مشتاق احمد ڏيپر، خير محمد لنڊ، مس ڀاونا ، مس تنزيله سومرو ، عبدالرحمان پرهياڙ، عارف قمبراڻي، غلام نبي قريشي، عبدالستار سومرو، عبدالغفور ميمڻ، بشير قريشي، علي شير بروهي، صابر علي، علي احمد سومرو، شاهه نواز ٻوڪ، پير سيد سومار شاهه، وارث پنهور، علي ميمڻ، سيد اسد شاهه همسفر ساٿين ۾ شامل آهن .

    ها شام جڏهن ٿيندي هوندئي ،
    ڪا ياد منهنجي ايندي هوندئي،
    گهر جي در تي بيهي خالي ،
    رستن ڏي نهاريو هوندئي ،
    مونکي نه وساريو هوندئي .


    اسان به گهڻن کي روئاري وينداسين

    آئون پنهنجي سروس جا چاليهه سال گذاري، نوڪري جي بلڪل آخري ڏهاڙن ۾ هلندي، انشاءَ الله هن سال يعني 1 ڊسمبر 2016ع تي پنهنجي 60 سالا سالگرهه ملهائيندي رٽائر ٿيندس، پنهنجي زندگي جو هڪ وڏو عرصو هن آفيس ۾ گذاري ڇڏيم، جڏهن ته مون ٻه ڪتاب مارڪيٽ ۾ آندا، هڪ ڪهاڻين جو مجموعو ، “ سانول جا سور” ۽ ٻيو شاعري جو مجموعو “ اي منهنجي شهر جي مٽي” ، انهن ٻنهي ڪتابن جي مهورتي تقريب سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ شاندار تقريب تحت ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي ادبي لڏي جي وڏي تعداد کانسواءِ منهنجي آفيس جي دوستن جي به وڏي انگ شرڪت ڪئي، سڀني پنهنجن تقريرن توڙي راين ۽ تبصرن ۾ ائين چيو ته ٽريزري آفيس جي هڪ خُشڪ اڪائونٽس واري شعبي ۾، هڪ اديب ڪيئن پيدا ٿيو؟ واقعي آئون به سمجهان ٿو ته خزاني آفيس ۾ سدائين اڪائونٽ جو ڪم ، خشڪ ڪم رهيو آهي، ايترو ٽائيم ئي ڪونهي جو ويهي پڙهجي ۽ پوءِ لکجي ۽ ڪتاب لِکي وري اهو ڇپائي پڌرو ڪجي. ٽريزري جي ڪم ڪار ۽ خشڪ اڪائونٽس جي ڪم ۾ جتي اسان سڀ اڪائونٽس جو حساب ڪتاب ڪري ڪري گنجا ۽ انڌا ٿي ويا آهيون، گنجا هئڻ ڪري مٿي تي ٽوپيون ۽ انڌو ٿي وڃڻ ڪري اکين تي چشما چڙهي ويا آهن ، اتي هڪ اديب جو پيدا ٿيڻ، واقعي مون کي به عجيب ٿو لڳي پر ائين نه آهي ته صرف آئون ئي اديب آهيان، خزاني آفيس ۾ محمد ملوڪ لنڊ جهڙا بهترين تاريخدان به آهن، جن جا اٺ ، نوَ ڪتاب ڇپجي اچي چڪا آهن، احسان راهوجي جهڙا خُوبصورت شاعر به آهن، اعظم ڀٽي جهڙا نوجوان اديب به موجود آهن. جيڪي اڄ به اڃا تائين به لِکن پيا ، ڇپجن پيا، سو ڳالهه پئي مون پنهنجي ڪئي، ٻه ڪتاب آڻي چڪو آهيان، هي ٽيون ڪتاب هن وقت توهان جي هٿن ۾ آهي ۽ هڪ ڪهاڻين جي مجموعي جو چوٿون ڪتاب به انشاءَ الله جلد آڻيندس. سو مون کي هن آفيس ۾ پنهنجي آفيسرن کان، گڏ رهندڙ دوستن ۽ ساٿين کان، ماتحت عملي کان ۽ آفيس جي حوالي سان واسطيدار تمام گهڻن ماڻهن جو ايترو ته پيار مليو، محبت ملي، پنهنجائپ ملي، ڀائپي ملي، انسيت ملي، هر کاتي جي ماڻهو جو بي پناهه پيار مليو، منهنجي نَس نَس انهن جا ٿورا نٿي لاهي سگهي، آئون زندگي ڀر ملندڙ اهڙي پيار کي ڪڏهن به وساري نه سگهندس پر ويندي ويندي اهو ضرور چوندس ته اسان هليا وينداسين، پوءِ گهڻن کي روئاري وينداسين.

    جڏهن هن دنيا مان گذاري وينداسين،
    اسان به گهڻن کي روئاري وينداسين.

    اسان سان ڪچهريون ڪريو دوستو،
    هليا وينداسين اوچتو اوچتو.


    سينيئرن سان جٺيون

    2011ع ۾ سنڌ جي سمورن ٽريزري آفيسن ۾ فنانس ڊپارٽمينٽ پاران سالن کان خالي پيل جاين تي سوين ملازم ڀرتي ڪيا ويا ، انهيءَ سلسلي ۾ صرف حيدرآباد ۾ پنجويهه ، ٽيهه کن ماڻهو ڀرتي ٿي آيا، انهن پنهنجن آرڊرن سان گڏ، سفارشن جي فون به گڏ آندي ته کين ذميواري ڏني وڃي، نتيجي ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ اسان جهڙا پنج ، اٺ سينيئرز جيڪي رهيا هئا، انهن جي ڪم کي يرغمال ڪيو ويو، سڀني کي چيو ويو ته سيڪشن خالي ڪريو يا ٽيبل ڏيو نه ته توهان کي بدلي ڪيو ويندو ۽ ائين ٿيو به سهي، نتيجي طور اسان سڀ هڪ پاسي ٿي وياسين، نوڪري بچائڻي هئي، سو اسان سڀ نوڪري بچائڻ ۾ لڳي وياسين، مجبورن هڪ پاسي ٿي وياسين، بس جنهن ۾“ الله راضي، ڪيا ڪري گا قاضي”، ۽ انهن نين ڀرتين ۾ ڪجهه ماڻهو ڏاڍا سٺا به مليا آهن.


    منهنجو آخري پيغام

    آئون ويندي ويندي پنهنجي آفيس جي نوجوان ڪُليگس کي آخري پيغام ڏيندي اپيل ڪندس ته انهن مان جيڪي عام ماڻهن سان وابسته يعني عوامي رابطي وارين ٽيبلن تي ڪم ڪن ٿا ، جهڙوڪ: پينشن سيڪشن ۾ هڪ ننڍڙي ملازم يعني پٽيوالي کان وٺي وڏي آفيسر تائين ، يتيم ٻارڙن ، بيواهه عورتن ۽ بزرگن سان واسطو پوي ٿو ، انهن سان سدائين مِٺي زبان ، نرم لهجي، پيار ۽ محبت سان ڳالهائجو ، ڇاڪاڻ جو ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ته “ محبتون جڏهن وڇڙي وينديون آهن ته زندگيءَ تڏهن يتيم ٻار ۽ بيواهه عورت جيان لڳندي آهي ” ، سو ان لحاظ کان ڪڏهن ڪڏهن اسانجي نرم مزاج واري گفتگُو ، مِٺي زبان ، وڏن وڏن اهنجن ، دردن ، ڪنهن جي مايوسين ، ڪنهن جي غمن ۽ ڏُکن کي مٽائي ٿي ڇڏي ، انهيءَ عمل سان خلقِ خُدا خوش به ٿي ويندي آهي، عبادت به ٿي ويندي ۽ توهان جي خدمت به ٿي ويندي ۽ توهان ڪيتريون ئي ڪمايون ڪمائي ويندا .

    جهڙو ماڻهو تهڙو ناڻو ،
    هرڪو پنهنجي اگهه اگهاڻو ،
    جيڪو ماڻهو ڪونه وڪاڻو ،
    سوئي ماڻهو موتي داڻو .
    (ابراهيم منشي)


    الله تعاليٰ جون مهربانيون

    هاڻ جڏهن منهنجو هي ڪتاب “سروس بخير” اشاعت جي بلڪل آخري مرحلن ۾ آهي ۽ منهنجي رٽائرمينٽ ۾ اجهو ڪجهه ڏينهن (15 ڏينهن) مس وڃي بچيا آهن، تڏهن هن ڪتاب جو آخري صفحو لکي رهيو آهيان. خدا پاڪ جي لک مهربانين ۽ شڪراني سان پنهنجي نوڪري جا چاليهه سال نو مهينه پورا ڪري رهيو آهيان. منهنجي پوري سروس دوران خدا پاڪ جو شڪر آهي جو مون ڪڏهن به ڪنهن ايجنسي، ڪنهن ڪورٽ، ڪنهن ڪيس ڪنهن شنوائي يا ڪنهن انڪوائري جو منهن نه ڏٺو آهي ۽ ايتري قدر جو پوري نوڪري دوران مون پنهنجي هيڊ آفيس جو به ڪڏهن منهن نه ڏٺو آهي. ايتري صاف سٿري، پاڪيزه ۽ سٺي نوڪري ڪرڻ تي پنهنجي ضمير کان مطمئن ٿيندي الله پاڪ جا لک لک شڪرانه بجا ٿو آڻيان ۽ ڌڻي تعاليٰ هر آفت، هر بلا ۽ هر مصيبت کان محفوظ رکندو. (آمين)


    آزاد نظم

    جوان دل
    آفيس جو 58 سالا پوڙهو آفيسر........
    اکين تي (Plus) ۽ (Minus)جا جدا جدا چشما....
    مٿي تي هڪ وار به نه ............
    صفا گنجو........
    لکندي هٿ ٿا ڏڪنس.....
    کائڻ مهل ڏند ٿا کڙڪنس......
    ويهي ٿو ته پٺن تان گُڪ نڪري ٿو اچيس....
    هر روز ٿو پينشن جو حساب ڪرائي.......
    مٿين سال رٽائر ٿيان ته هيترا لک ملندا...........
    ۽ هن سال رٽائر ٿيان ته هيترا ................
    اهي پئسا ملندا ته گهر وٺندس
    ٽي پٽ اٿم ، انهن جون شاديون ڪندس.
    چار ڌيئر جي شادي لاءِ سدائين پريشان....
    جڏهن ....
    آفيس ۾ ايندڙ ويندڙ عورتن کي ٿو ڏسي ته وات
    پٽجيو ٿو وڃينس.........
    گنجي مٿي تي هر هر ڦڻي ٿو ڏي................
    ڏند ٿو شيڪي ..............
    چشمن کي ٿو بدلائي ..........
    اکين سان عورتن جي بدن جو طواف ٿو ڪري...........
    اڇين مڇن تي هٿ ٿو ڦيري................
    ٽي شاديون ڪندڙ هي آفيسر......
    وڏي وات سان،
    وڏي هام ٿو هڻي .........
    ته چوٿين شادي ڪندس.............
    چوٿين شادي
    چوٿين شادي
    چوٿين شادي چوندي.....
    دل مطمئن ٿو ڪري
    ته پوڙهو آهيان ته ڇا
    دل ته جوان آهي.

    نوٽ:منهنجي شاعري جي ڪتاب. “اي منهنجي شهر جي مٽيءِ ” تان ورتل


    آزاد نظم

    منهنجي موڪلاڻي

    ڪيئن موڪلايان توکان
    اي منهنجا وقت
    تون منهنجي پريت
    تون منهنجي جيت
    توسان گڏ گذاريندي
    ڪي ورهيه گذري ويا
    زندگي جا چاليهه سال،
    زندگي توسان
    وعدا توسان
    وچن تو سان
    تو سان گڏ رهندي
    عزم منهنجو
    ولو لو منهنجو
    جدو جهد منهنجي
    ته شدت منهنجي
    منهنجي عقيدت
    منهنجي عباد ت
    منهنجي محبت
    ته منهنجي خدمت
    ڪٿي خادم
    ته ڪٿي مخدوم
    شُهرت به توسان
    ته عزت به توسان
    شان به مليو
    ته مان به مليو
    ڪجهه شرارتون
    ڪجهه مستيون
    ڪم سکڻ جو جنون
    ڪم ڪرڻ جي عبادت
    عشق به تو وٽ
    معشوقي به تو وٽ
    محنت، عظمت ۽ خوشحالي
    جنم جنم جو جنم توسان
    اي منهنجي چاليهه سالا زندگي جا قدم
    هاڻ جڏهن توکان موڪلائيندي،
    دل ٿي ڀرجي اچيم
    اکين مان ڳوڙها ٿا نڪرن
    اهو ڏينهن به اچڻو هو
    جو موڪلائيندس پنهنجن پيارن کان
    دل گهرين دوستن کان
    روح جي رشتي کان
    سڄڻن ۽ ساٿين کان
    ها اي منهنجا وقت
    توکان جدا ٿيندي
    قدم لڙکڙائن ٿا
    واپسي تي دل نه ٿي چويم
    ڪيئن ڪبا هاڻ توسان عشق
    ڪنهنجو ٿيندس هاڻ معشوق
    ڪنهن جي اداهاڻ ڏسبي
    ڪنهنکي ڪو نخرو ڪيئن ڏيکاربو
    ڪنهن سان وعدا هاڻ ڪيئن ڪبا
    ڪنهنکي هاڻ وچن ڪيئن ڏبا
    اي منهنجي زندگي جي حقيقت
    توکان جدا مان ٿيان ٿو
    ويندي ويندي ڇڏي ٿو وڃان
    سڀ پنهنجون يادون
    سڀ پنهنجون محبتون
    ڪي چٽيل نقش
    ڪي اڻ مٽ عڪس
    ها منهنجو وچن آهي توسان
    تو سان گهاريل گهڙيون
    تنهنجو محبتون
    تنهنجو عنايتون
    تنهنجي قربت
    تنهنجا فاصلا
    ڪڏهن به ڪو نه وساريندس
    پرهاڻ گهڙي اچي وئي آهي
    توکان موڪلائڻ جي
    توکي الوداع چوڻ جي
    الوداع الوداع
    اي منهنجا وقت
    الوداع


    نوٽ: منهنجي رٽائرٽمنٽ تي لکيل تاثراتي آزاد نظم
    تاريخ:20-11-2016


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 538
    ڪتابن جو مشاهدو: 567603
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 216110
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ