ڪتاب جو نالو: سونهن سمبارا (ريڊيو اسڪرپٽ)
مصنف: فقير محمد سنڌي
ڇپائيندڙ: قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو
ڪيٽيگري: مختلف موضوع
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 31 جنوري 2017 ع
پڙهيو ويو: 667 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 122 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ليکڪ فقير محمد سنڌيءَ جي لکيل ريڊيو اسڪرپٽس ۽ سيلف انٽرويوز تي مشتمل ڪتاب ”سونهن سمبارا“ اوهان اڳيان پيش آهي آهي.
فقير محمد سنڌي لاڙڪاڻي جي F.M چئنل تي کوڙ پروگرام ڪيا آهن ۽ هفتي ۾ ٽي ڏينهن پروگرام ڪندا آهن، جنهن ۾ سونهن سمبارا، اسلام عليڪم لاڙڪاڻو، سائي ڌرتي سونهن سمبارا صبح جو 8:10 کان 9 وڳي تائين پنجاهه منٽن جو پروگرام آهي اڳتي هلي سونهن سمبارا پروگرام ختم ڪري اسلام عليڪم لاڙڪاڻو جي نالي سان پروگرام شروع ڪيو ويو. سائي ڌرتي آبادگارن جي لاءِ پروگرام آهي جيڪو شام جو 5:10 کان 6 وڳي تائين پنجاهه منٽن جو پروگرام آهي. سمورا پروگرام ڏاڍا مقبول اٿس انهن مٿين پروگرامن ۾ فقير محمد جيڪي اسڪرپٽ لکيا ۽ پڙهيا انهن کي گڏ ڪري سهيڙي سونهن سمبارا جي نالي سان ڪتاب ڇپرايو ويو آهي جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • انتساب
  • سنڌ سلامت پاران
  • پنهنجي پاران : ڪائنات جون ڳجهارتون!
  • محنت زندگي جو حسن آهي
  • ڪتاب ”سونهن سمبارا“ هڪ خوبصورت ادبي گلدستو!
  • گلدستو
  • اسڪرپٽس

  • حصو پهريون
  • حصو ٻيو
  • حصو ٽيون
  • حصو چوٿون
  • براڊڪاسٽرس جا سيلف انٽرويو

  • لامحدود خواهشون، محدود زندگيءَ لاءِ عذاب آهن.
  • ڪيم روح رهاڻ ! خليل ڪاڪيپوٽو
  • سڄڻ سفر هليا : ھدايت منگي
  • مون کي پنهنجي ٻولي تي فخر آهي : علي مراد ٽانوري
  • سنڌ واهه منهنجي زندگيءَ جو جياپو آهي؟ وسند علي مہر
  • مان زندگيءَ ۾ رنگ ڀريندو آهيان : عابد ڪاظمي
  • مون لاءِ ته تنھائي عيش مثل آهي؟ خالد حسين چانڊيو
  • مون محنت سان زندگيءَ کي حسين بڻايو آ : بهادر علي مهر
  • منهنجو بنيادي تعارف آهي؟ مشہد علي اوٺي
  • ريڊيو پاڪستان ۽ آءٌ : سيد شبير شاهه
  • زندگيءَ جو سرسبتو احوال؟ مشتاق تونيو
  • ڪجھه بي ترتيب ڳالهيون؟ عبدالجبار آزاد منگي
  • منهنجي تهذيب جا رنگ نرالا ! امتياز شاهاڻي
  • عشق جو آواز : حاجي حُسين جلباڻي
  • سنڌي ادب ۾ تنقيد جي آجيان ڪرڻ گھرجي! شاهين سنڌي
  • انسان جي قول ۽ فعل ۾ تضاد نه هجي! سيد تاج علي شاهه
  • منھنجو نڀاءٌُ مارُن سان! خاور قبولائي
  • منھنجو مختصر تعارف زندگي جو! سهراب گوپانگ
  • درد زندگيءَ جو اهم حصو آهن! محمد ايوب شيخ
  • محسنن جي شناسائي ضروري آهي! ڪامل امداد جتوئي
  • ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج : نعمت الله جوڻيجو
  • مـختـصـر تـعــارف : سرفراز علي جتوئي
  • سڪ سرڪ جي : ارباب علي ميمڻ
  • سنڌي ادب ۾ جيجل جي لولي سمايل آهي؟ صدرالدين ڪلہوڙو
  • تصويرون زندگيءَ جو حصو آهن : شرف الدين مغيري
  • زندگي پنھنجي جوهر ۾ رقص آهي : فقير محمد سنڌي
  • پـيـر پـروڙي کـڻ : نادر حسين جوڻيجو
  • آخری پںو

  • حق ۽ واسطا

    حق ۽ واسطا ”قلمڪار پبليڪيشن“ وٽ

    ڪتاب جو نالو : سونهن سمبارا
    (ريڊيو اسڪرپٽ)
    ليکڪ : فقير محمد سنڌي
    پهريون ڇاپو : 2016ع

    ڇپرائيندڙ : قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو
    ڪمپوزنگ : ڪاتب پريس، اسٽيشن روڊ لاڙڪاڻو

    مُلہه: 250 روپيه


    Soonh’n Sambara (Radio Script)
    By: Faqeer Muhammad Sindhi
    1st Edition: 2016
    Published by:
    Kalamkar Publication Larkana


    رابطي لاءِ

    فقير محمد سنڌي، نگران قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو، سنڌ
    Mob # 0306-3480700
    Mob # 0346-3390445


    انتساب

    منهنجي زندگيءَ تي تمام گہڻن ماڻهن جا عڪس آهن. انهن عڪسن جي ڪري اڄ دنيا ۾ منهنجو ڳاٽ اونچو آهي. جن کان زندگيءَ ۾ پئي هر وقت سکيو آهي اِن لاءِ هن ڪتاب جو انتساب
    شاهه لطيف جي پارکو
    هدايت منگي،
    قانون جي ڄاڻو، شاعر
    امتياز شاهاڻي،
    شاعر، ڪهاڻيڪار،
    دلبر چانڊيي
    لاءِ
    جن کان هر وقت ريڊيو پاڪستان تي
    اتساهه پئي مليو.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سونهن سمبارا“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب ليکڪ فقير محمد سنڌيءَ جي لکيل ريڊيو اسڪرپٽس ۽ سيلف انٽرويوز تي مشتمل آهي.

    فقير محمد سنڌي لاڙڪاڻي جي F.M چئنل تي کوڙ پروگرام ڪيا آهن ۽ هفتي ۾ ٽي ڏينهن پروگرام ڪندا آهن، جنهن ۾ سونهن سمبارا، اسلام عليڪم لاڙڪاڻو، سائي ڌرتي سونهن سمبارا صبح جو 8:10 کان 9 وڳي تائين پنجاهه منٽن جو پروگرام آهي اڳتي هلي سونهن سمبارا پروگرام ختم ڪري اسلام عليڪم لاڙڪاڻو جي نالي سان پروگرام شروع ڪيو ويو. سائي ڌرتي آبادگارن جي لاءِ پروگرام آهي جيڪو شام جو 5:10 کان 6 وڳي تائين پنجاهه منٽن جو پروگرام آهي. سمورا پروگرام ڏاڍا مقبول اٿس انهن مٿين پروگرامن ۾ فقير محمد جيڪي اسڪرپٽ لکيا ۽ پڙهيا انهن کي گڏ ڪري سهيڙي سونهن سمبارا جي نالي سان ڪتاب ڇپرايو ويو آهي جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي.

    هي ڪتاب قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون فقير محمد سنڌي صاحب جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پنهنجي پاران : ڪائنات جون ڳجهارتون!

    علم جا هاڻي ته تمام شعبا منظر عام تي آهن. جيڪڏهن اڄ جو انسان ڪتاب کي چڱي ريت پڙهي ته ان جو هر لفظ ڪارآمد آهي. ڪائنات ۾ هزارين ڳجہارتون لڪل آهن، جن کي انسان جي عقل ۽ علم ظاهر ڪيو آهي. جنهن ۾ سماجي بيهڪ، ادب، فلاسافي، سياست جا گُـرَ، جاگرافيائي حالتون، تاريخي اهڃاڻ، ٽيڪنالوجي جي ڀرمار، ثقافت جو نماءُ ۽ مذهب کي هر شيءِ ۾ ڳولڻ. اهي سڀ جو سڀ پهلو ڪتابن جي وسيلي انسان ذات تائين پهتا آهن. جيڪڏهن ڌيان سان ڏسجي ته سائنس جي جدت ۾ اچڻ سان انسان ذات جي زندگيءَ ۾ ڪيتريون آسانيون پهتيون آهن اهڙي طرح توهان ريڊيو کي ڏسو، ريڊيو جي به هڪ پنهنجي ڪهاڻي آهي. برِصغير جو اڃا ورهاڱو ڪونه ٿيو هو، انگريز حڪومت جو راڄ هو. مارڪوني ڪمپني کي ريڊيو سيٽ کپائڻا هئا، جنهن جي ڪري هنن هندستان ۾ ريڊيو اسٽيشن قائم ڪرڻ پئي گهري. اهڙي طرح سرمائيدار انگريزن ڪوشش وٺي ننڍا ننڍا ٽرانسميٽر لڳايا. هوڏانهن وري بي بي سي وارن هنن کي هٿي ڏئي پنهنجي نشريات جي دائري کي وڌايو ته مارڪوني ڪمپنيءَ کي ويتر ٽيڪ ملي ۽ برِصغير ۾ ريڊيو جا سيٽ کپڻ شروع ٿيا. حالت وڃي اتي پهتي جو سرمائيدار ۽ واپاريءَ ريڊيو کي پنهنجي ذاتي عياشي لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن ۾ هُنن جي محبوبائن جي پسند جا ڪلام نشر ٿيندا هئا. اها هڪ وڏي ڪهاڻي آهي، جنهن تي هن وقت بحث نه ٿو ڪري سگهجي. پر 1935ع کان پوءِ ريڊيو کي سرڪاري دائري ۾ آندو ويو.
    مارڪوني 1896ع ۾ عظيم سمنڊ، بحر او قياس جي ٻئي سري تائين ريڊيو سگنل پهچائڻ ۾ ڪامياب ويو، پر اڄ تائين ان جي فن مان دنيا لاڀ حاصل ڪري ٿي.
    وري ٻئي پاسي نظر ڪجي ٿي ته وقت، خلا ۽ روشنيءَ جي رفتار کي به انسان فتح ڪري چڪو آهي. فڪري انداز سان اڄ جو شعور پنهنجون صفون درست ڪرڻ ۾ مشغول آهي. ائين ئي ضرورت آهر ريڊيو پاڪستان وقت به وقت ترقيءَ جي منزل طرف روان رهندو پيو اچي. ضرورت مطابق ريڊيو اسٽيشن لاءِ پروڊيوسر، انجنيئر ۽ نيوز ڪاسٽر کي تربيت ڏيڻ لاءِ هڪ اڪيڊميءَ 1971ع ۾ قيام رکيو ويو، جنهن جو اڳتي هلي ٽريننگ جو اسڪول بجاءِ هاڻي پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن آهي.
    انسان طبعي لحاظ کان حيوان به آهي، پر روحانيت کيس حيوانن کان ممتاز بڻائي ٿي.
    دنيا ۾ ڪافي شيون آهن، جن جي ايجاد جي ڪري انهن جي نالن کي دنيا ياد پئي ڪندي آهي. اسان جي ملڪ ۾ ريڊيو پاڪستان جو شعار، قُولُوا للناسِ حُسنا، جنهن جو ترجمو آهي ”ماڻهن کي سٺي ڳالهه چئو.“
    1947ع بعد ريڊيو پاڪستان جو وجود پيو، جنهن ۾ پشاور، ڍاڪا ۽ لاهور تان براڊ ڪاسٽنگ سروس جو آغاز ٿيو. ان وقت ريڊيو پاڪستان جي سربراهه طور ذوالفقار علي بخاري آيو، جنهن کي باباءِ ريڊيو چيو وڃي ٿو.
    مشهور براڊڪاسٽر قاضي احمد سعيد جيڪو شروعات يعني آل انڊيا ريڊيو کان وٺي (1943ع کان 1984ع) تائين ريڊيو پاڪستان سان واڳيل رهيو.
    قاضي احمد سعيد کي اهو اعزاز حاصل آهي ته ريڊيو پاڪستان لاءِ بهترين (Matto) ”قُولُوا للناس حُسنا“، جيڪا سورة البقره جي 83 آيت ڪريما آهي. تنهن کي هن منتخب ڪيو.
    ايف ايم ريڊيو کي فري فارم ريڊيو Free From Radio به چيو ويندو آهي. اهڙي طرح آهستي آهستي ترقي يافته ملڪن کان پوءِ ريڊيو پاڪستان 1993ع ۾ ميڊيم ۽ شارٽ ويوز نشريات سان گڏ ايف ايم چينل به متعارف ڪرايا ۽ ائين ئي لاڙڪاڻي شهر کي به ايف ايم چينل 101، 24 سيپٽمبر 1995ع تي مليو ساڳي ئي شهر جي مايه ناز شخصيت محترمه بينظير ڀٽو صاحبه ان جو افتتاح ڪيو جيڪا ان وقت ملڪ جي وزير اعظم هئي.
    ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو قائم ٿيڻ کان پوءِ علائقي جي تمام ماڻهن کي ان جي نشريات مان لاڀ حاصل ٿئي ٿو، جنهن ۾ واپاري، سرمائيدار، ادب دوست، زراعت جو شعبو، فنڪار ۽ سگہڙ شامل آهن. صحت، تعليم ۽ امن امان جا مسئلا براهِه راست ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو نشر ڪندو رهيو آهي ۽ هر وقت ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي ڪوشش اها ئي رهي آهي ته، سٺو ٻول اهڙو نشر ڪجي جنهن مان سڀ انسان متاثر ٿي پنهنجو مستقبل سمجهي اڳتي قدم وڌائين. ڪنهن داناءَ جو قول آهي ته؛
    ”جنهن ڏينهن آدم آزاديءَ جي اميد پَلي ڇڏي. ان ڏينهن کان قيامت شروع آهي. ڇو ته زندگي جي وجود لاءِ ڪوبه ڪارڻ باقي نه رهندو“. ان ئي سفر ۾ مون به مسلسل ڪوشش ڪري اوهان سڀني دوستن لاءِ هي ڪتاب سونهن سمبارا ترتيب ڏنو آهي. جنهن ۾ ريڊيو اسڪرپٽ، براڊ ڪاسٽرن جا سيلف انٽرويوز ۽ ادب دوستن جا تصويري البم شامل آهن.
    جن دوستن ڪتاب بابت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو انهن ۾ محترم جيئل اوڏ، محترم جهانگير عباسي ۽ محترم عيسيٰ ميمڻ شامل آهن. انهن سڄڻن جا لک ٿورا. سنڌ جي نامياري شاعر ۽ محقق محترم سرمد چانڊيي جا وڏا وڙ، جنهن وقت تي بيڪ ٽائيٽل لکي ڏنو. سونهن سمبارا جي سفر ۾ جن دوستن، پروف ريڊنگ، مواد جي چونڊ ۽ تصويرن جي مدد ڪئي، انهن ۾ سرمد چانڊيو، جيئل اوڏ، جهانگير عباسي، عيسيٰ ميمڻ، عزيز منگي، مرتضيٰ مير، رفيق آزاد شيخ، عزيز قاسماڻي، آزاد مجتبيٰ گهانگهرو، حاجي حسين جلباڻي، جي ايم رئيساڻي، ڪامريڊ ڪريم بلوچ، ۽ پنهل شامل آهن، جن دوستن جا نالا ۽ تصويرون وسري ويا آهن، انهن دوستن کان معذرت ٿو گهران.
    آخر ۾ اها ئي ڳالهه ته؛
    تجربو اهڙو دوست آ، جيڪو تڏهن ملندو آ، جڏهن اسان سڀ ڪجھه وڃائي ويهندا آهيون.

    فقير محمد سنڌي
    لاڙڪاڻو - سنڌ


    محنت زندگي جو حسن آهي

    منهنجي پياري دوست فقير محمد سنڌيءَ جو بچپن ڏاڍي سخت حالتن ۾ گذريو ۽ هن وقت تائين اهي ڳالهيون هي وساري نه سگھيو آهي.
    تمام ڀروسي وارو دوست، محبتي جفا ڪش، محنت کان منهن موڙڻ هن کي سخت نفرت آهي ۽ جيڪي ماڻهو محنت کان منهن موڙن ٿا سي ان کي پسند ڪونهن هن جي طبيعت ۾ سخت مزاجي آهي پر دل جو تمام نرم، ناريل وانگر ٻاهران سخت پر اندران نرم آهي هي ظاهري نمائش کان نفرت ڪرڻ وارو پوري محنت ۽ لگن سان نيهن جو ڪم پورو ڪرڻ وارو دوست آهي جڏهن هن کي ٿوري واندڪائي ملي ٿي ته دوستن جي محبتن ۾ وقت گذاري ٿو اهو سمورو وقت هي فل انجواءِ ڪري ٿو ۽ ان کي ڄڻ ٽانڪ ملي وڃي ٿو ۽ پنهنجو پاڻ ۾ توانائي محسوس ڪري ٿو.
    سندس جنم 07.01.1983 عيسوي سن 22 ربيع الاول 1403 هجري، 24 پوهه 2039 بڪرمي سنبت جمعي جو ڏينهن پنهنجي ناني محمد بچل شيخ جي گھر نانو پڌر لاڙڪاڻي ۾ ٿيو پرائمري تعليم شاهه محمد سنڌي اسڪول لاڙڪاڻي مان ورتائين، ان بعد ايم اي سنڌي ادب ۾ ڪيائين، مولوي عالم فاضل جو امتحان ۽ درس نطامي جو ڪورس پاس ڪيائين. هن ادبي دنيا ۾ 1995ع ۾ پير پاتو ۽ هن جي پهرين شاعري 1997ع ۾ ميرپور بٺوري جي هڪ رسالي ۾ ڇپي.
    فقير محمد سنڌي جو ادبي کيتر ۾ تمام اوچو مقام آهي سندس شايع ٿيل ڪتاب شاعري ۾ وچن وفا جا 2004، جاني جيون جوڙ 2008، قلم ڪار قوي 2009ع، عظيم هستين جا عظيم قول، سنڌ جي تاريخ (سهڙيل تاريخ وار) گڻ جنهن جا ڳائن ماڻهو (فن ۽ شخصيت)، سنڌ جي تاريخ جو هڪ ورق ۽ هي ڪتاب سونهن سمبارا جيڪو سنڌي ادب جو سرمايو آهن ان کان علاوه هن جا پنج يا ڇهه اڻ ڇپيل ڪتاب موجود آهن جيڪي آهسته آهسته ڇپائي هيٺ ايندا.
    فقير محمد سنڌي 2005 کان ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪم ڪري رهيو آهي هن ريڊيو تي اچڻ جي لاءِ ڪافي دفعا آڊيشن ڏنا پر ڪامياب ڪو نه ٿيو ۽ هن همت ڪانه هاري نيٺ آڊيشن ۾ ڪامياب ٿي ويو. ان وقت ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جا اسٽيشن ڊائريڪٽر جناب محمد علي ڀانڀڻ جن هئا.
    پروگرامن جو وچور جيڪي فقير محمد سنڌي F.M چئنل تي ڪيا ۽ هفتي ۾ ٽي ڏينهن پروگرام ڪندا آهن جنهن ۾ سونهن سمبارا، اسلام عليڪم لاڙڪاڻو، سائي ڌرتي سونهن سمبارا صبح جو 8:10 کان 9 وڳي تائين پنجاهه منٽن جو پروگرام آهي اڳتي هلي سونهن سمبارا پروگرام ختم ڪري اسلام عليڪم لاڙڪاڻو جي نالي سان پروگرام شروع ڪيو ويو. سائي ڌرتي آبادگارن جي لاءِ پروگرام آهي جيڪو شام جو 5:10 کان 6 وڳي تائين پنجاهه منٽن جو پروگرام آهي سمورا پروگرام ڏاڍا مقبول آهن منهنجي پياري دوست انهن مٿين پروگرامن ۾ جيڪي اسڪرپٽ لکيا ۽ پڙهيا انهن کي گڏ ڪري سهيڙي سونهن سمبارا جي نالي سان ڪتاب ڇپرايو آهي جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي، اوهان جڏهن ان کي پڙهندا پوءِ خبر پوندي ته ڪتاب ڪيترو لاڀائيتو آهي اسڪرپٽس کان علاوه ڪتاب ۾ سندس ساٿي براڊ ڪاسٽرن جا سيلف انٽرويوز به شامل آهن جھڙوڪ خليل احمد ڪاڪيپوٽو، علي مراد ٽانوري، سيد عابد عباس ڪاظمي، وسند علي مهر، مير بهادر علي مهر، مشهد علي اوٺي، خالد حسين چانڊيو، سيد شبير شاهه، ارباب علي ميمڻ، سرفراز علي جتوئي، نعمت الله جوڻيجو، ڪامل امداد جتوئي، در محمد ڪٽپر عرف شاهين سنڌي، سهراب گوپانگ، خاور قبولائي، شرف الدين مغيري، صدرالدين ڪلهوڙو، مشتاق تونيو، حاجي حسين جلباڻي، ايوب شيخ انهن ۾ ڪيترائي صاحبِ ڪتاب شاعر ۽ اديب آهن جيڪي منهنجا به قابلِ احترام دوست آهن.
    ان سيلف انٽرويوز جي ڪري ڪتاب ۾ اڃان وڌيڪ نواڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿي اسڪرپٽس ۾ نصيحت جوڳيون ڳالهيون پيش ڪيون ويون آهن انسانيت جو درس ڏنل آهي بزرگن جي سٺن سٺن قولن سان گڏ تمام سٺي شاعري به پيش ڪيل آهي. تاريخي واقعا، صحت مند رهڻ جا گر، آبادگار ڀائرن لاءِ مفيد ۽ ڪارآمد صلاحون، زمين مان گند گاهه صاف ڪرڻ، وقت سان فصل کي ڀاڻ ڏيڻ، ڪلراٺي زمين ۾ ڪهڙي پوک ڪرڻ گھرجي، ڏاهي هاري وارا گُر بيان ٿيل آهن. نوجوانن کي الڳ هدايتون ڪيون اٿائين ته الله جي رحمت مان نااميد نه ٿيو، خودڪشيون معني نااميديون يا زندگي مان بيزار نه ٿيو اڪثر مرد ۽ عورتون پيار ۾ ناڪامي بيروزگاري يا ڪنهن موذي بيماريءَ جي ڪري زندگي جو ڏيئو وسائي ڇڏن ٿا انهن کي پيغام پهچائڻ سان گڏ التجا ڪري ٿو ته خدارا پنهنجي سوچ کي ٿورو تبديل ڪريو، بلند حوصلو پيدا ڪريو، مشڪل گھڙي جو مقابلو ڪرڻ سکو، خودڪشي ڪرڻ بزدلي آهي، ٻئي هنڌ لکيو اٿس ته جيڪو ماڻهو هن دنيا ۾ اچي ٿو تنهن کي ڏک، ڏوجرا، مفلسي، درد، بيماريون پيش اچن ٿيون ان ڪري ان کي جڳائي ته شروعات ۾ ئي پنهنجي دل کي همت، صبر ۽ تحمل سان مضبوط ڪرڻ گھرجي ۽ مصيبت جو برد باري ۽ همت سان مقابلو ڪرڻ گھرجي نوڙت ۽ خوش اخلاقي بابت چون ٿا ته نوڙت نهٺائپ يا عاجزي الله تعاليٰ جي آڏو ڪرڻي آهي ۽ ٻين انسانن سان خوش اخلاقي سان پيش اچڻو آهي يعني انهن سان سهڻي حلت رکڻي آهي.
    پر ائين ڪو نه پيو ٿئي اهڙي اولاد کي اهو سِٽاءُ ڏنو ٿو وڃي ته هن وقت اوهان پنهنجي ماءُ پيءُ سان پيار ڪو نه ٿا ڪيو ۽ غلط سلوڪ ڪري انهن کي گھرن مان ڪڍي ٿا ڇڏيو ياد رکو اوهان جي اولاد به اوهان سان اهڙو سلوڪ روا رکندي.
    توهان جَوَ پوکي ڪڻڪ ڪو نه لڻندا ٻئي هنڌ تمام سٺو انسانيت جو درس ڏنو ويو آهي ۽ چيو ويو آهي ته ڏينهن جي ڪمن ڪارن ڪرڻ لاءِ توهان مسڪرائيندي اٿو جيڪو ماڻهو ننڊ مان مسڪرائي جاڳي ٿو ان جو سڄو ڏينهن خوشي سان گذري ٿو. بي ادب بي عقل آهي، بي همت انسان ماڻپي کان خالي هوندو آهي، ڀلو انسان اهو آهي جيڪو پنهنجي زندگي صاف ۽ سٿري حقيقت ۾ اهڙو الله لوڪ انسان وڏي عهدي دولت ۽ طاقت رکندي به پنهنجي رب جي آڏو عاجزي ڪندو رهي ٿو ۽ ٻين انسانن سان ان جو ورتاءُ تمام سٺو هوندو آهي ۽ سڀني کي عزت جي نگاهه سان ڏسندو آهي. اولاد به يا نصيب، جن ڪاڻ جياس سي ڪلهي ڪانڌي نه ٿيا. اڄ ڪلهه عام ٿي پيو آهي ته اڄ جو اولاد پنهنجي پوڙهي والدين کي گھر مان لوڌي ڪڍن ٿا جيڪي پوڙهائپ ۾ لاوارث بڻجي پيرن فقيرن جي درگاهن تي وڃي ڌڪا ٿاٻا کائي پنهنجي زندگي گذارن ٿا پوڙهن والدين لاءِ کليل وڏن اڱڻن وارا گھر به سوڙها ٿي ويا آهن هن عمر ۾ ته هنن پوڙهن کي پيار ۽ محبت جي ضرورت آهي.
    سمورا اسڪرپٽ منهنجي نظر مان گذريا ۽ مون ائين محسوس ڪيو ته مان مخزن اخلاص پڙهي رهيو آهيان.


    جيئل اوڏ
    لاڙڪاڻو
    03337570210


    ڪتاب ”سونهن سمبارا“ هڪ خوبصورت ادبي گلدستو!

    نوجوان اديب ۽ منهنجي انتهائي پياري دوست ليکڪ فقير محمد سنڌيءَ جي ڪتاب ”سونهن سمبارا“ جو مسودو گذريل ٻن هفتن کان منهنجي پڙهڻ واري ٽيبل تي ٻين ڪتابن سان گڏ موجود رهيو آهي جنهن جي مواد کي آءٌ هر رات جو ڏاڍي محبت ۽ توجھ سان پڙهندو رهيو آهيان جيڪو مجموعي طور تي ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. پهريون حصو فقير محمد جي لکيل/ پڙهيل ريڊيو اسڪرپٽ تي ٻڌل آهي جيڪو هنُ جي مطالعي، فڪري مشاهدي سان گڏ اونهي ادبي ذوق جو پڻ حسين امتزاج به آهي. هنن اسڪرپٽن ۾ هن عام رواجي انداز کان هٽي خالص ادبي اسلوب سان حضور پاڪ ﷺ جن جي ولادت باسعادت، سائنس جي ڪرشماتي موضوعن، ٽپال جي عالمي ڏيهاڙي، آبادگارن جي مسئلن کان علاوه ريڊيو جي دنيا جي بي تاج بادشاهه شخصيت سيد صالح محمد شاهه کي ڀيٽا ڏني آهي ته وري ڪاڪو ڀيرومل مهر چند آڏواڻي، نقاد ممتاز حسين پٺاڻ، ڪهاڻيڪار ڪيهر شوڪت، راڳي سرمد سنڌي، برک شاعرن اميد خيرپوري، پيرل قنبر ۽ نثار بزمي ۽ ٻين کوڙ سارن اديبن کي به ياد ڪيو آهي زندگي جي ٻين ڪيترن ئي موضوعن تي به پراثر اسڪرپٽ لکي شاهه، سچل، دادن فقير، شيخ اياز، استاد بخاري، حسن درس، سرمد چانڊيو ۽ ڪجھ ٻين شاعرن جي چونڊ ٺهڪندڙ شعرن، جا چار چنڊ به لڳايا اٿائين.
    جڏهن ته ”سونهن سمبارا“ جو ٻيو حصو ڪيل انٽرويوز ۽ ڳالهه ٻولهه تي مشتمل آهي. هن ۾ گھڻائي اهڙين شخصيتن جي آهي جيڪي ريڊيو جي دنيا سان ئي لاڳاپيل رهيون آهن جن ۾ خليل ڪاڪيپوٽو، علي مراد ٽانوري، خالد چانڊيو، وسند علي مهر، عابد ڪاظمي، شاهين سنڌي، مشهد اوٺي، نعمت الله جوڻيجو، حاجي حسين جلباڻي، محمد ايوب شيخ، امتياز شاهاڻي ۽ ڪامل امداد جتوئي جي علاوه ڪجھ ٻيا به شامل آهن. ڪتاب جي ليکڪ جو هڪ پنهنجو ڏنل راءِ مطابق انٽرويو شامل نه هئڻ گھرجي ها ۽ اهُو ڪنهن ٻئي ڪتاب ۾ يا ڪنهن ٻئي ليکڪ پاران ڏجي ته وڌيڪ بهتر ٿئي ها. مجموعي طور تي هن صحي ۾ ڇويهن شخصيتن جا پروفائيل ٽائيپ انٽرويوز شامل آهن جن ۾ اڪثريت تخليقي ادب بدران آواز جي دنيا يعني ريڊيو سان واڳيل آهن پر هنن پروفائيلز جي پنهنجي اهميت ضرور آهي جو هنن جي مطالعي سان اسان کي هي به پروڙ پوي ٿي ته ڪاميابي ماڻڻ لاءِ هنن جي جاکوڙ ۽ جستجو اسان جي لاءِ به روشن راهه مثل آهي.
    سنڌي ادب جي سرجڻهارن ۾ نماڻو ۽ نرالو نانءُ فقير محمد سنڌي جو به آهي جيڪو پنهنجي فقيري نالي جيان مزاج به فقيري رکندي ماٺيڻي ورتاءُ وارو محبتي انسان آهي. نام نهاد اديبن، اسڪالرن ۽ دانشورن کان وڌيڪ جاکوڙيندڙ سرجڻهار آهي جيڪي پنهنجي نانءُ جي مشهوري لاءِ ادب ۾ به دو نمبري ڪردار ادا ڪري رهيا آهن فقير محمد سنڌي جي سادي ۽ سچي شخصيت جا گھڻا پهلو جيئن هن کي سچو، کرو، صاف گو اديب ثابت ڪن ٿا جيڪو منافقي ۽ ادبي گروهه بندي جي ٻاهرين ٻني تي بيٺل نظر ٿو اچي تئين ادبي حوالي سان به هؤ هڪ سگھارو ليکڪ، محقق، نقاد، ڪالم نگار، شاعر، پبلشرر هوندي هاڻ وري ريڊيو اسڪرپٽ ليکڪ، ڪمپئر طور تي به پاڻ ملهائي رهيو آهي. هڪ ئي وقت ادب جي مختلف صنفن ۾ پاڻ مڃرائيندڙ اسان سڀني جو هي دوست هميشہ هڪ ڪنڊائتو ويهي مصروفِ عمل رهندي ڪجھ به نه ڪرڻ کان گھڻو ڪجھ ڪندي ادب جي واڌ ويجھ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهي ٿو. اهو به سچ آهي ته ساڻس گذريل ڏهن سالن جي ويجھڙائي واري عرصي ۾ مون هيمشہ هن کي ائين مصروف ٿي رهندي ڏٺو آهي. هن جي انهيءَ فڪر، محنت ۽ جاکوڙ جي دلڪش ترجماني سندس ئي هيءُ شعر پڻ ڪري ٿو.
    چاپلوسي بنہه نه ڪرڻ گھرجي
    زندگي پنهنجي جوهر ۾ رقص آهي
    ادب جي شعبي ۾ ريڊيو اسڪرپٽ هينئر باقائده سان ادبي صنف ٿي ويو آهي جيڪو اردو ادب ۾ گھڻي وقت کان موجود آهي جنهن جو مثال ريڊيو اسڪرپٽ مجموعن سان گڏ ڪيترائي ريڊيائي ڊرامن جا ڪتاب به آهن جيڪي هاڻ شاهڪار جو درجو رکن ٿا جن جي لکندڙن ۾ امتياز علي تاج، اشفاق احمد، ڪمال احمد رضوي، احمد نديم قاسمي، ڪرشن چندر، حجاب امتياز علي، مرزا اديب ۽ فردوس حيدر اهم آهن. ائين سنڌي ۾ ممتاز مرزا، آغا سليم، مراد علي مرزا به اهم آهن. گذريل ڪجھ سالن کان ڪيترن ئي اديبن جا ريڊيو اسڪرپٽ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيا آهن جن ۾ فقير محمد سنڌي جو هي ڪتاب ”سونهن سمبارا“ پڻ خوبصورت اضافو آهي هي ڪتاب ان گلدستي جيان آهي جنهن جو هر گل پنهنجي سندرتا کي ظاهر ڪندي گلدستي جي خوبصورتي ۾ اضافو ڪندو آهي ائين هن ڪتاب ۾ شامل هر طرح جو مواد به گلن جي خوشبوء جھڙو واسُ ڏئي ٿو.
    آءٌ فقير محمد سنڌي کي دلي طور تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو جو هي ريڊيو جي پروگرامن لاءِ لکيل/ پڙهيل اسڪرپٽ مواد کي ڪتاب ”سونهن سمبارا“ ۾ سموهي انهن لفظن کي ورتايو آهي جيڪي ريڊيو جي نشرياتي لهرن تي جاري ٿي اسان جي سماعتن تي پڄي وڃي وري هن دنيا جي شورشرابي واري زندگي ۾ وڃائجي ويا ها ۽ هاڻي هڪ ڀيرو وري ڪتابي صورت ۾ محفوظ ٿي سنڌي ادب جي هر دؤر جي تاريخ جو پڻ خوبصورت ادبي گلدستو بڻجي ويا آهن.


    جھانگير عباسي
    20 جولاءِ 2016


    گلدستو

    اسان جي پياري دوست فقير محمد سنڌي جي ريڊيو تي پيش ڪيل خيالن جو خوبصورت گلدستو سونهن سمبارا جي نالي سان توهان ۽ اسان جي هٿن ۾ آهي هن ڪتاب ۾ شامل ريڊيو اسڪرپٽ نه صرف فقير محمد سنڌي جي فڪري ۽ علمي پرواز کي واضح ڪن ٿا پر اهي خيال ريڊديو جي بندشن ۾ هڪ مقرر ڪيل معيار مطابق لکيا ويا آهن جنهن ۾ ڪمپيئر کي هر طرف کان پنهنجو دامن بچائي هلڻو ٿو پوي اداري جي ساک ۽ پنهنجي پت کي بچائڻ ڪو معمولي ڪم نه آهي فقير محمد سنڌي جنهن جي خمير ۾ سنڌيت شامل رهي آهي جنهن جي سوچن ۾ سنڌ جو ذڪر به ڊوڙي رهيو آهي فقير محمد توهان کي اهو متحرڪ ڪردار نظر ايندو جيڪو پيٽ گذر لاءِ ته سڄو ڏينهن مشغول رهي ٿو پر باقي به جيڪو وقت بچي ٿو اهو به پنهنجي علمي، ادبي ڪمن ۽ سرگرمين ۾ گذاري ٿو پنهنجي ذهني فڪري خوراڪ حاصل ڪري ٿو ان جو اهو نتيجو آهي ته هن جا اٺ ڪتاب ڇپيل آهن ۽ ان سان گڏوگڏ 20 ڪتاب پنهنجي اداري قلمڪار پبلڪشن پاران شايع ڪرايا اٿائين اهو ڪم ڪيترو ڪٺن آهي ان جو اندازو ان کي ٿي سگھي ٿو جيڪو ماڻهو ان مرحلي مان گذريو هوندو ۽ يا گذرندو جيتوڻيڪ هن ڪم کي به اسان صرف يوسف جي خريدارن ۾ نالي لکرائڻ برابر سمجھون ٿا ڇاڪاڻ ته هن کي اڃان به زندگي جو گھڻو سفر ۽ ڪم ڪرڻو آهي ۽ اهو ئي ڪم يقينن فقير محمد سنڌي کي تاريخ ۾ جڳهه ضرور ڏيندو سندس هي ڪتاب سونهن سمبارا ريڊيو جي ٻڌندڙن جي امانت آهي جيڪو سنڌي ادب ۾ پڻ خوبصورت اضافو آهي جنهن لاءِ فقير محمد سنڌي کي مبارڪون ۽ کوڙ ساريون محبتون پيش ڪجن ٿيون.


    عيسيٰ ميمڻ


    اسڪرپٽس

    حصو پهريون

    سائين منہنجا!
    هر روز سج اڀرڻ سان گڏ توهان جي نئين ڏينهن جو آغاز ٿي وڃي ٿو. ڪيترائي نوان ڪم ۽ ذميواريون توهان جي ڌيان جون منتظر هونديون آهن. ڏينهن جي ڪاميابي ۽ خوشگوار جو انحصار وڏي حد تائين توهان جي رويي ۽ طرز تي آهي ان ڳالہه جي ڄاڻ رکڻ ضروري آهي. ته توهان ڏينهن جو استقبال ڪيئن ٿا ڪريو. ڏينهن جي ڪمن ڪارن ڪرڻ لاءِ توهان مسڪرائيندي اٿو ٿا يا توهان کي مجبوري ۾ اٿڻو پوي ٿو.
    ماڻہو جيڪڏهن مسڪرائيندي ننڊ مان جاڳي ٿو ته ان جو سڄو ڏينہن خوشي سان گذري ٿو.

    بزرگن ٺيڪ ئي چيو آهي ته سخت محنت سان ڪنهن کي به تڪليف نه پہچندي آهي اسان کي اڪثر انساني جسم جي سخت هجڻ تي تعجب ٿيندو آهي، ته بيماري ٿڪاوٽ سردي ۽ گرمي جي اثرن کي ڪہڙيءَ طرح آساني سان دور ڪري ڇڏيندو آهي. اسان جي معاشري ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون مائرون موجود آهن جيڪي وڌيڪ اولاد هجڻ باوجود بغير ڪنهن ڪم ڪندڙ ملازم رکڻ جي پوري گھر جو اڪيلي سر ڪم ڪنديون رهنديون آهن. ۽ نه ئي اسان جي معاشري ۾ اهڙين عورتن جي گھٽتائي آهي جيڪي گھر يا آفيس جو سڄو ڏينهن ڪم ڪرڻ کانپوءِ به هو شام جو ايترو وقت ڪڍنديون آهن، جنهن ۾ هو ٻين سرگرمين ۾ به حصو وٺنديون آهن. جھڙوڪ سلائي ڪرڻ ۽ ٻارن کي تعليم وغيره ڏيڻ، ان جي ابتڙ اهڙيون عورتون به آهن جيڪي هميشہ ٿڪاوٽ جو شڪار رهنديون آهن.
    هڪ مشہور چيني مثال آهي ته سڀاڻي جي فڪر نه ڪريو. اهو پاڻ پنہنجي فڪر ڪندو توهان لاءِ اڄ جي فڪر ئي ڪافي آهي. ان مثال مان هرگز اهو مطلب ناهي ته انسان مستقبل کان بلڪل بي فڪر هجي. ماضي ۽ مستقبل بحرحال انساني زندگي تي اثر انداز ٿين ٿا. حال کي ان کان الڳ ڪري پنہنجي زندگي جي ڊوڙ نٿا کٽي سگھون. اڄ جا معاملا حل ڪرڻ ۾ صرف ڪريون توهان ڏسندا ته هڪ خوشگوار ڏينهن ڪيئن پنہنجو پاڻ مستقبل جي ضمانت بڻجي وڃي ٿو.

    سال 2007ع جو آخري سج هن ملڪ جي سموري قوم کي ڏکن، غمن ۽ لڙڪن ۾ ڇڏي الوداع ڪري رهيو آهي. گذري ويل سال ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ سال رهيو، ڇاڪاڻ ته جمہوريت جي علمبردار، وفاق جي علامت ۽ واديءَ مہراڻ جي راڻي بينظير ڀٽو هاڻي اسان ۾ نه رهي آهي. واقعي موت ۽ وقت ڪنہن جو انتظار ناهن ڪندا.

    سنڌيءَ ۾ عام چوڻي آهي ته ٻارهين ڪوهين ٻولي ٻي اها چوڻي سموري دنيا جي ٻولين لاءِ صادق آهي. دنيا جي مکيو ٻولين جو جائزو وٺبو ته اهي ننڍين ٻولين جو مجموعو نظر اينديون مکيو ٻولي ننڍين ٻولين ۾ تقسيم در تقسيم ٿي وڃي ٿي. قومن جو ٺہڻ ۽ ڊهڻ ٻوليءَ جي عمل سان وابستا آهي.

    سامعين محترم.
    پاڻ به پنہنجي علم مان فائدو پرايو حسد نه ڪيو ڇو ته مون حاسد کان ڪنهن به ظالم کي مظلوم سان مشابہه نه ڏٺو آهي. حاسد خود بخود تباهه ٿي ويندو آهي. اڌ علم هي آهي جو تقرير ڪندڙ عالم پنہنجي تقرير ۾ سلجھيل هجي. بي ادب بي عقل آهي. بي همت انسان ماڻپي کان خالي هوندو آهي. جنہن ۾ حياءَ شرم ناهي ان ۾ دين ناهي عقل مان صحيح فائدو، ان انسان ورتو جنہن ٻين انسانن ۾ رهي پنہنجي صاف ۽ سٿري زندگي گذاريندي ٻين سان سٺو ورتاءُ ڪيو.
    
    شاهه عبدالطيف ڀٽائي هڪ اهڙي محسن هستي آهي جنہن جي ڪري سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ثقافت سڃاتي وڃي ٿي. سندس ڪلام ئي آهي جيڪو سنڌ واسين کي پنہنجي وجود جو احساس ڏياري ٿو. ۽ هنن کي يقين آهي ته جيسين تائين شاهه جو ڪلام زنده آهي. ته سنڌي قوم جو ڪير وار به ونگو نٿو ڪري سگھي ڇو ته شاهه جي ڪلام ۾ سموريون اُهي خوبيون موجود آهن. جنہن سان هن معاشريءَ جي اصلاح ڪري سگھجي ٿي.
    چـڱــا ڪـن چـڱائـيـون، مَــٺـــايــون مُــٺــن
    جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙسيئي ڪن
    (شاهه سائين)

    
    ادب زندگيءَ کان سواءِ مڪمل ئي ناهي جيڪڏهن زندگي آهي ته پوءِ ادب جو تصور ممڪن آهي. ادب جو زندگيءَ سان گھرو تعلق آهي جيئن دل جو جسم سان.
    اديب هر وقت حق جي ترجماني ڪري ٿو ۽ اديب کي ڪرڻ به ائين ئي گھرجي ظالم جو مقابلو ۽ مظلوم جي مدد ڪري حق ۽ باطل جي وچ ۾ ڀرپور نموني ڪردار ادا ڪري.
    
    تاريخ جي مطالعي مان ڪافي مثال قائم ڪري سگھجن ٿا. جيڪڏهن ڳالہه ڪيون سنڌ جي ڪلچر جي ته اسان جو ڪلچر ڪن ڪن حالتن مان گذريو آهي. هن کي ڪہڙيون مشڪلاتون پئي پيش آيون آهن. جڏهن چنگيز خان ۽ هلاڪو خان وچ ايشيا، ايران ۽ عراق جي حڪومتن تي فتح حاصل ڪئي ته ايران جي زبان ۽ ڪلچر سلامت هئڻ ڪري مورڳو هو انہيءَ کي اختيار ڪري ٿا وٺن ۽ اهڙي طرح ساڳي حالت منگولن جي چين ۾ ٿي.
    چين ته فتح ٿي ويو پر انہن جي ڪلچر کي هنن کي اپنائڻو پيو، سنڌ جي تاريخ تي نظر ٿا وجہون ته سنڌ، ڪافي عرصو ٻين جي هٿ هيٺ رهي آهي. جن سنڌين تي پنہنجي زبان ۽ ڪلچر کي مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر سنڌي زبان سنڌي ڪلچر اڄ به زنده آهن.
    سکن واري سڌ، متان ڪا مونسين ڪري،
    انــدر جـنـيـن اڌ، ڏونـگر سي ڏورينديون.
    (شاهه سائين)
    
    سائين منہنجا!
    زندگي به ڪمال جي شيءَ آهي. ۽ هن جا انيڪ پاسا ٿين ٿا. ۽ ان جي ڪوجہائين تان پردو کڻڻ لاءِ سماج کي دانائن جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته اُن لاءِ بالغ ۽ بلند معيار کپن. اڳ ڪي اهڙا داناءُ هئا جن پہاڪا ٺاهيا پر سندن نالو نشان ڪونہي. اڪيلو نالي وارو مڙس جنہن اهو بار پنہنجن ڪلہن تي کنيو ۽ اڳين سڀني دانائين جي سڪ لاٿي. سوهو وتايو (وطايو) فقير وتايو اسان جو عوامي فيلسوف آهي، جنہن زندگيءَ جي ڪوجھائين کي اعليٰ سطح کان ڏٺو ۽ انہن تان پردو کنيو رُپئي کي ڏسي چيائين ته! توکي الله چوڻ واجب ناهي. پر ڪم الله کان اڳ ٿو ڪرين! ڳوٺ کي باہه لڳي ته وتايو رَلي کڻي وڃي دڙي تي ويٺو ۽ چيائين ته ڪڏهن سڃائي به ڪم ايندي آهي. ڳوٺ مان چوري ٿي ۽ ماڻهن پيرو کنيو. پر وتايو سڌو وڃي مقام ۾ پہتو ۽ چيائين ته چور ڦري گھِري آخر هت ايندو.
    
    سنڌ جي تاريخ
    اها ڊائري آهي.
    جنہن ۾ بادشاهن جي حڪومت، وڏيرن جي غداري.
    ۽
    عوام جو، عذاب جي راڪاسن کي
    ڳڙڪائڻ لکيل آهي.
    (ڊاڪٽر ملڪ نديم)
    
    محترم سائين!
    صحتمند رهڻ به زندگيءَ جي لاءِ ضروري آهي. صحت اسان پنہنجي پاڻ صحيح ڪري سگھون ٿا. غير معياري شيون گھٽ استعمال ڪريون. وقت سر کاڌو واپرايون ڏينہن ۾ 10 کان 12 گلاس پاڻي پيئو. پاڻي جسم ۾ موجود چرٻيءَ کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿو ۽ کاڌي جي خواهش کي گھٽائي ٿو. گھڻي مقدار ۾ پاڻي پيئڻ سان جسم ۾ موجود ذخيرو فليوڊ نيڪال ٿي وڃي ٿو. پراڻي دور جا ماڻہو تندرست رهندا هئا. ڇاڪاڻ ته اُهي هڪ شہر کان ٻئي شہر سفر پنڌ ڪندا هئا. جڏهن توهان تڪڙو پنڌ ڪريو ٿا. توهان پنہنجي پاڻ ۾ محسوس ڪندؤ ته توهان پاڻ ۾ هلڪائي ۽ تڪڙائي محسوس ڪندؤ توهان جي ساهه کڻڻ جو عمل تڪڙو ۽ گھرو ٿيندو آهي. ۽ سٺي صحت لاءِ مختلف کاڌا ضروري آهن، پر کاڌن جي چونڊ کي هڪ ئي بيٺڪ دوران محدود ڪريو.


    هر گھڙي ڪنہن آس تي ڦٿڪي پئي
    زنــدگـي ڄـڻ ٽـيـاس تـي ڦـٿـڪي پـئي

    دوستــن ڇـڏيـو امـالـڪ هـيـڪـلـو
    دوستي وشواس تي ڦٿڪي پئي

    رات جو پوئين پہر جا وري جُہري
    شـاعـري احـسـاس تي ڦـٿـڪي پـئـي
    (اظهر ٻانڀڻ)

    عزيزان مَن!
    سماجي ۽ معاشي ڪوتاهين ۽ ڪن جي اخلاقي ڪُڌاين تان پردو کڻڻ لاءِ سنڌ ۾ آڳاٽي وقت کان ٻن قسمن جا عاقل ۽ حريف ساماڻا. هڪڙا سام وجھندڙ ۽ ٻيا مسخرا ”سانگ“ سنڌ جو قديم ڊراما آهن، ۽ سانگ سٽيندڙ هتان جا آڳاٽا اداڪار بڻجي. ڳوٺ جي نااهل پٽيل، يا ڪن ماڻہن جي اڍنگي هلت يا ڪنہن اجائي رسم ۽ ٻين سماجي ڪوتاهين کي پنہنجي سانگ يا ڊرامي ذريعي وائکو ڪندا ۽ ويٺلن کي کلائڻ سان گڏ سبق پڙهائي ڇڏيندا هئا.

    ڄمڻ کان مرڻ جي وچ ۾ جيڪو سفر آهي ان کي اسين زندگي چوندا آهيون. ۽ ان ننڍڙي سفر کي هر ما‎ڻہو پنہنجي طريقي انداز فڪر ۽ فلسفي سان طئي ڪري هڪ ڏينہن اوچتو ئي اوچتو دنيا کي الوداع چئي هميشہ لاءِ هليو ٿو وڃي انهن مان ڪجھ ماڻهو گمنامي ۾ هي جھان ڇڏي ٿا وڃن ۽ ڪجھ ماڻهو هيءُ جھان ڇڏي ڪري به هر وقت زنده هئڻ جو احساس ڏياريندا آهن، جيڪڏهن انسان کي زندگي ملي ٿي ته پوءِ ڪجھ ڪري ڏيکاري. گمنامي جي موت کان ته ڪجھ ڪري وڃڻ بهتر آهي. اصل ۾ ڏسجي ته پيدائش موت جو پيغام آهي.

    مائرن جي دلين ۾ پٽ ٿيڻ جي تمنا تمام گھڻي هوندي آهي. ۽ پٽ ٿيڻ کان پوءِ سنڌي مائرون ان جي گھوٽ ٿيڻ جا خواب ڏسڻ شروع ڪنديون آهن، ۽ انهن جي مَنَ ۾ تمنا اها به هوندي آهي ته منهنجو پٽ ڊاڪٽر، انجنيئر، وڪيل يا وري بزنس مين وغيره ٿئي، مائرن جي دلين ۾ اولاد لاءِ انيڪ خواهشون پلجنديون رهنديون آهن، ڪا به ماءٌ ائين ڪو نه چاهيندي ته ان جو پٽ بااخلاق، سچو، سلڇڻو، باڪردار ۽ وفادار نه ٿئي. انسان ڪہڙي ڪردار جو آهي اهو ان جي فطرت ۾ اها شيءَ سمايل هوندي آهي.

    پيءُ پٽ سان مخاطب ٿيندي چويس ٿو.
    ابا! هاڻي جڏهن مون کي ڪراڙو ڏسين ٿو ته پہرين اهڙو ڪو نه هئس اهو ته مان هاڻي ٿيو آهيان. ٿورو صبر ڪر ۽ مون کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪر. جيڪڏهن ماني کائيندي مان ميرو ٿو ٿيان ۽ مان ڍنگ سان ڪپڙا نٿو پہري سگھان ته ٿورو جھل ڪر ۽ اُهي گھڙيون ياد ڪر جڏهن ڪلاڪن جا ڪلاڪ اُهي عمل مان توکي سيکاريندو هئس.
    نيڪي ۽ بديءَ جي وچ ۾ ايتري ننڍڙي ليڪ هوندي آهي جو اها نظر نه ايندي آهي. نيڪي ڪرڻ وقت جلدي ڪندا ڪريو نيڪي ڪرڻ وقت دوڪانداري نه ڪندا ڪريو. ڇاڪاڻ ته ان عمل سان نيڪيءَ جو عمل داغدار ٿي پوندو آهي اهو توهان کي ڏسڻ ۾ نه ايندو. رڳو انسانن جي خدمت ڪريو هيءَ نيڪي جيڪڏهن توهان پوري ڪئي ته ان جو اجر تمام گھڻو آهي.

    آبادگار ڀائرو!
    ڪمپوسٽ (هٿرادو ڀاڻ) هڪ قسم جو زمين کي سڌارڻ وارو عمل آهي. جنهن کي اسان ڪيميائي ڀاڻ جي بدلي ۾ استعمال ڪري سگھون ٿا.
    ڪمپوسٽ هر لحاظ کان سستو آهي بلڪه ان کي بنا خرچ جي به ٺاهي سگھجي ٿو.
    ڪمپوسٽ جي استعمال سان زمين جي سطح بناوت ۽ افاديت ۾ سڌارو اچي ٿو.
    ڪمپوسٽ زمين اندر هوا خوري ۽ زمين جي وَت واري حالت کي وڌائي ٿو.
    ڪمپوسٽ وجھڻ سان زمينون زرخير ٿين ٿيون ۽ ٻوٽن جون پاڙون تڪڙ ۾ واڌ ڪن ٿيون.
    نامياتي مادو ڪمپوسٽ اندر خودي فائديمند جيوڙن کي خوراڪ مہيا ڪري ٿو. جنهن سان زمين صحتمند ۽ ٻوٽن کي متوازن خوراڪ ملي ٿي.

    منہنجا سائين!
    سماجي زندگيءَ جا طور طريقا انهيءَ ۾ سماج سان واسطو رکندڙ ڳالہيون اچي وڃن ٿيون. کاڌو، لباس، گھر کاڌي جي قسمن انهن جي تيار ڪرڻ جي طريقن مقرر وقتن بابت هر قوم وٽ سندن قبيلائي روايات ملڪي پيداوار آب هوا، زندگيءَ جي ارتقا مطابق جدا جدا رواج پڻ رهيا آهن. ڪي چانورن کي گھڻو پسند ڪن ٿا، ڪي وري ڪڻڪ، جُوئرِ ٻاجھري، کير، مکڻ ته گوشت ته وري ڪي مڇي ۽ ڀاڄين تي گذر ڪن ٿا.
    اهڙي ريت کاڌن جي تياري جا مختلف طريقا آهن. مغربي ملڪن ۾ کاڌو هڪ نموني جو تيار ٿئي ٿو. مشرقي ملڪن مان چين، جپان طرف جدا قسم جا کاڌا تيار ٿين ٿا. پاڪستان ۾ ٻئي قسم جا طعام ٺهن جيڪي ٻين ملڪن کان بنہه مختلف آهن. لباس ۾ هر ملڪ جا ماڻہو موسمي حالتن کي نظر ۾ رکي لباس پہرين ٿا، گھرن جي اڏاوت به هر ملڪ ۽ شہر جي پنهنجي پنهنجي آهي.

    پريم نگر جي پانڌيئڙن کان پنڌ پري ناهي!
    ڳالہه اڃا ٻي آهي!
    مــستن تي مـدهـــوشيءَ جو الـزام ڏنو آهي!
    ڳالہه اڃا ٻي آهي!
    هنج اڏاري ساري سر ۾ ڪانئر پيا ڪاهي!
    ڳالہه اڃا ٻي آهي!
    مــور هٺــيلامــاٺ رهيا پر ڄاڻ ڏنــي ڄاهــي!
    ڳالہه اڃا ٻي آهي! (سرمد چانڊيو)

    سنڌي زبان جنهن جو پتو سندن قديم موهن جي دڙي واري سڀيتا جي زماني کان پئجي سگھيو آهي. ته ان کان وٺي اها وجود ۾ آئي آهي، سنڌي زبان ٻاهرئين اثر هيٺ ٻين ڪيترين زبانن جا لفظ پاڻ ۾ سمائي ڇڏيا آهن.
    جڏهن سنڌ عربن جي تسلط هيٺ آئي ته عربن سنڌ ۾ سنڌيءَ جي عيوض سرڪاري زبان عربي ڪئي. پر سنڌي زبان پنهنجي جاءِ تي اٽل رهي. مغلن پنهنجي دور حڪومت ۾ فارسيءَ کي مسلط ڪيو، انگريزن وري پنهنجي ٻوليءَ کي سرڪاري زبان طور ملڪ تي مڙهيو، پر سڀني جو حشر سٺو نه ٿيو. پر سنڌي زبان پنهنجي جوهر ۾ اڃان به اڳ ڀري آهي.

    پوري دنيا جي انسانن جي زنده رهڻ جو دارومدار نباتات مان حاصل ٿيندڙ شين تي آهي. اهو سڀ ڪجھ اسان کي زمين مان ملي ٿو. ۽ اڄ ڏينهن تائين اسان زمين مان پئي حاصل ڪيو آهي. پر زمين ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندي پئي وڃي ۽ زمين ۾ خوراڪي جزن جو توازن گھٽجي ويو آهي جنهن سان پيداوار وڌڻ بدران گھٽجي رهي آهي، اسان پيدوار وڌائڻ لاءِ ڪيميائي ڀاڻ جو استعمال ڪريون ٿا. جنهن مان وقتي فائدو ته ٿئي ٿو. پر زمين کي ان جو ڪو به فائدو نٿو پہچي ڇو ته اهو ڀاڻ ٻوٽن ۾ جذب ٿيو وڃي.

    يارب!
    تنهنجي ساٿ کانسواءِ
    دنيا جو هر ساٿ
    عارضي آهي.
    مونکي ايتري سگھ ڏي
    ته جڏهن مان تنهنجي
    پويان اچان ته منهنجا پير
    نه ٿڪجن! (شيخ اياز)
    اي انسان، تون ڪير آهين، جو پنهنجي عقل ۽ دانائيءَ تي مغرور ٿو ٿين؟ ڇا تي ٿو پنهنجي قابليت ۽ لياقت جي ٻٽاڪ هڻين؟
    عاقل ۽ داناءُ جو پهريون ڪم اهو آهي ته ماڻهو پاڻ ڄاڻي ته آءٌ نادان ۽ ڪمزور آهيان، جي ڀانئين ته ٻين جي نظر ۾ تنهنجو ڪو قدر ٿئي ته پاڻ کي داناءُ سمجھڻ جي ناداني ڇڏي ڏي. جھڙي طرح خوبصورت زال جو حسن، صفا ۽ سادي لباس ڪري پاڻ وڌي ٿو. تهڙيءَ طرح سادي ۽ حياءَ واري هلت عقل ۽ دانائيءَ جو تمام وڏو سينگار آهي.

    جيڪو ماڻهو هن دنيا ۾ اچي ٿو تنهن کي ڏک ڏوجھرا، مفلسي، درد، بيماريون ۽ ٻيا ايذاءَ پيش اچن ٿا. تنهنڪري اي انسان توکي جڳائي ته شروعات ۾ ئي پنهنجي دل کي همت، صبر ۽ تحمل سان مضبوط ڪر، انهيءَ لاءِ ته جيڪو مصيبت جو حصو تنهنجي نصيب ۾ اچي سو وڏيءَ بُرد باريءَ سان سہين.
    جھڙيءَ طرح اُٺ ريگستان مان لنگھندي بار جي تڪليف گرمي ۽ اُڃ بک سهي وڃي ٿو. ۽ ماندو نٿو ٿئي، تهڙي طرح همت وارا ماڻهو به ڏکن ۽ جاکوڙن ۾ پنهنجا ڳڻ سنڀاليو کنيون وڃي. با همت ماڻهو نصيب جي مخالفت جي پرواهه ڪا نه ٿو رکي. ان جي کؤنس ڪري هن جي وڏي دل سست نٿي ٿئي، هن جي خوشي ۽ آسودگي نصيب جي موافقت تي تعلق نٿي رکي.

    محترم سامعين!
    پـوپٽـن جو خيال ڪجو! هنن کي به نظمن جيئان
    ڊائريءَ ۾ بند ڪَيؤَ ته هنن وٽ ڪجھ به نه بچندو.

    سنڌ تاريخ جي گھڻن دورن مان گذري آهي، ڪيترن ماڻهن جي تصادم جو ميدان رهي آهي. ڪي وقت اهڙا به آيا جو ظاهري سندن بخت جو ستارو هميشہ لاءِ لٿل ڏسڻ ۾ پئي آيو، پر تاريخ شاهد آهي. ته انهن سارين مشڪلاتن مان پار پئي سنڌ هميشہ پاڻ جھليندي اڀرندي ۽ اڳتي وڌندي رهي آهي. سنڌي پاڙيسري رهڻ جا ڪوڏيا آهن. سنڌ جا رهاڪو دنيا جي تسليم ڪيل اصول مطابق جدا گانه قوم آهن. اهي اصول جدا وطن جدا زبان مخصوص ڪلچر تاريخي روايات، سياسي ۽ اقتصادي مفاد ٺهرايا ويا آهن، هن ڌرتيءَ جي ماڻهن جا احساس ئي پنهنجا آهن. سنڌؤَ جي ڇولين وانگي تاروتار ته ڪڏهن وري ماٺارجو احساس به هنن جي جيءَ ۾ موجود رهي ٿو.
    سنڌ منهنجي امان
    (عابده پروين)

    سامعين محترم!
    وڻ جي واڌ ويجھ لاءِ پاڻيءَ جو هجڻ نهايت اهميت جوڳو آهي. پاڻيءَ کان سواءِ وڻ جو صحتمند رهڻ يا زنده رهڻ مشڪل عمل آهي، ۽ اهو پاڻيءَ ئي آهي جيڪو وڻ کي زنده رکڻ لاءِ پاڙن کان وٺي پنن تائين مسلسل ورڪ ڏئي ٿو ۽ وڻ لاءِ جياپو پيدا ڪري ٿو. پاڻي خارج ٿيڻ ڪري وڻن جي گرميءَ جو درجو مناسب رهي ٿو. وڻن کي پاڻي ڏئڻ وقت انهن جي عمر، وڻن جو قسم، آب هوا، ۽ زمين جي خاصيت کي نظر ۾ رکي ڪري پاڻيءَ ڏئڻ تمام اهم آهي.


    سامعين محترم!
    هڪڙي شخص ڪنهن بزرگ کي چيو. فلاڻو شخص منهنجي گلا ڪندو ٿو وتي. بزرگ چيس اُن سان نيڪي ڪر شرمسار ڪرينس ٻيو ته تون هر وقت چڱو ٿي رهه ۽ چڱائي ڪندو رهه. پوءِ وس ڪري ماڻهو تنهنجي شڪايت نه ڪندا. ڏس ته جڏهن يڪتاري جي تار سڌي هوندي ته ڳائڻو هروڀرو ڪليءَ کي مہٽو ڪو نه ڏيندو آهي.
    هر شخص جي چهري مٿان

    سامعين محترم! بي وقتي ملاقات
    اميد جي ابتڙيا اوچتو اچي ويندڙ ملاقاتي توهان جو تمام گھڻو وقت زيان ڪري سگھن ٿا. توهان جي ڪمن ۾ مداخلت جو سبب بڻجن ٿا. ۽ توهان جي خيالن جي ڳانڍاپي کي ٽوڙي وجھن ٿا. جنهن سان توهان جي ڪم جي صلاحيت متاثر ٿئي ٿي. دير به وقت جي چور آهي. دير ڪرڻ جو لاڙو اسان جي سماج جو حصو بڻجي ويو آهي. جنهن جي ڪري ڪافي زندگيون ان دير جي ڪري متاثر ٿينديون آهن.

    وڏا ڳالہه ٿا ڪن گذريل وقت واهه جو عجيب وقت ۽ برڪت ڀريو زمانو هو! افسوس اهڙو وقت اڄ اکيئن نٿو ڏسجي! اهڙي وقت لاءِ اکيون سڪن پيون، ۽ دل بيقرار آهي. اهو وقت اهو هو جنهن جي ڏسڻ پسڻ سان اکين کي اهڙي ته راحت ٿي آئي ۽ دلين کي اهڙو ته آرام پہتو ٿي، جهڙو موسم بهاريا گلابي مند ۾ انسان کي خوشي ملي.
    انهيءَ وقت سڪار جي سهڻي ۽ دلپذير هير لڳندڙ هئي، ماڻهو ميامتا راءِ ڀريا ڀاڳيا هئا. ڪفايت ۽ قناعت، ٿوري گھڻي تي راِضي رهڻ، پنهنجي پالڻہار پروردگار کان ڊڄڻ ۽ کيس ياد ڪرڻ، صبر ۽ همت، محبت ۽ مروت اهي ۽ اهڙا ٻيا نيڪ اخلاق ماڻهن ۾ موجود هئا.

    سائين منهنجا! اي منهنجي جگر جي ٽڪرا ! هي ٻڌ.
    دل ۾ خواهشون رکڻ انساني فطرت آهي پر انهن جي ضابطي ۾ اچڻ حيوانيت آهي ۽ توهان انسان آهيو هميشہ انسان وارو ئي ڏيک ڏيو.
    هڪ رات تيل ڏيئي جي وَٽِ کان پڇيو ! آئون تنهنجي پيٽ مان آهستي آهستي لنگھندو انسانن کي اَهسُ ڏيڻ واسطي آخر تائين سڙهندو رهندو آهيان، سہائي جي سعيي ۾ رهندڙ سامي اهميت ڏيئي کي ڏين ٿا جا ڳالہه مون کي بنهه نه ٿي وڻي آخر ائين ڇو؟
    وَٽِ چيس!
    بددل نه ٿي روشني ڏيڻ عبادت آهي، بارگاهه الاهي ۾ دعا گھرڻ واسطي هٿن جو هجڻ کان وڌيڪ پاڪ ۽ صاف دل جي هجڻ جو لازمي آهي.

    سائين منهنجا!
    دنيا ۾ ڪاروبار تمام گھڻا آهن، پر انهن جي پرک ڪنهن ڪنهن وٽ هوندي آهي. پرک کان سواءِ ڪاروبار هلي نٿو سگھي. تور ماپ جو اندازو شينءَ کي پرکڻ جو اندازو جنس جي ڄاڻ هر ڪنهن وٽ پنهنجا ماپا طور طريقا آهن پر سوناري وٽ ڪسوٽي تمام قيمتي شيءِ آهي. ڪسوٽي هڪڙو ننڍڙو ڪارو پٿر هوندو آهي. جو سون جي صرافن وٽ رکيل هوندو آهي.

    سون کي پرکڻ لاءِ ٻي ڪا به اهڙي شيءِ ڀروسي جھڙي ناهي جھڙي ڪسوٽي، ماڻهو جنهن تنهن ڳالہه ۾ چوندا آهن ته مون فلاڻي سنگتيءَ کي ڪسوٽي تي پرکي ڏٺو آهي، ته هو سچو آهي.

    سائين منهنجا!
    زندگي لاگيتن پرو جيڪٽز جو نالو آهي هڪ پراجيڪٽ ۾ ڪيترائي ڪم ڪرڻا هوندا آهن. تنهن ڪري هڪئي وقت ۾ مختلف ڪم ڪرڻا پوندا آهن. ان لاءِ ڪيترن کي ماڻهن جي وچ ۾ ڳانڍاپو هم آهنگي ۽ هڪ جھڙائپ جو هجڻ ضروري آهي.
    انہيءَ جو هڪ عمدو مثال چنڊ تي ماڻهو موڪلڻ وارو ڪم ان ڪم تي هزارين مرد ۽ عورتن ڪم ڪيو آهي.
    جڏهن چنڊ تي پہچڻ کان پوءِ اها ڪاميابي سڀني جي ڪاميابي سڏبي. ڇا جي ڪري ان ڪوشش ۾ سڀني جو حصو آهي جيڪو به ڪم ڪريو پُر اعتماد ٿي ڪريو ۽ ڪاميابيءَ لاءِ به پُر اميد رهو.

    آبادگار ڀائرو!
    ڪلراٽي زمين نه صرف پاڪستان جو پر پوريءَ دنيا جو هڪ اهم مسئلو آهي. هڪ اندازي جي مطابق پوري دنيا ۾ تقريبن 955 ملين هيڪٽر زمين هن مسئلي جي ور چڙهيل آهي. جڏهن ته پاڪستان ۾ زرعي زمين جو تقريبن 20 سيڪڙو (.6.7 ملين هيڪٽر) هن ناسور ۾ مبتلا آهي. جنهن ۾ ماحولياتي اثرن جھڙوڪ گھٽ برسات، وڌيڪ گرمي پد، سم ۽ سمنڊ جي ويجھڙائپ ڪري تيزيءَ سان اضافو ٿي رهيو آهي. جنهن جا اثر ملڪي معيشت تي پئجي رهيا آهن.
    هن ملڪ جي باشعور ماڻهن کي سجاڳ ٿيڻ گھرجي ۽ پنهنجي ملڪ جي ادارن جي مدد سان ڪلراٺي زراعت کي متعارف ڪرائجي ڪلر واري زمين جي پيداواري صلاحيت ۾ اضافو ڪري. انهن مان وڌ کان وڌ معاشي فائدو حاصل ڪري سگھجي ٿو.

    ڪلچر هڪ اڻ کٽ اظهارِ خيال، جذبي ۽ عمل جو نالو آهي جهڙي طرح ساري انسان ذات بنيادي طرح هڪ جنس آهي پر سڃاڻپ ۽ نظام لاءِ قبيلن ۽ قومن ۾ ورهايل آهن. اهڙي طرح آخر طور جملي انسان ذات جو ڪلچر به هڪ ٿيڻو آهي. ليڪن هر ملڪ ۽ قوم وٽ هزار ورهين جي تجربي، معلومات، ماحول، جي اثرن نسلي رجحانن ۽ باهمي ميلاپ بعد ڪلچر به سرججي پرورش پائي خاص صورت وٺي ٿو. جو سندن قومي ورثو بڻجي پوي ٿو.

    سائين منهنجا!
    هر شيءَ جي پنهنجي بيہڪ ٿيندي آهي، ۽ ان بيہڪ جي ڪري اها شيءَ بخوبي سڃاتي ويندي آهي جيئن اسين سامونڊي جھازن جي بيہڻ واري هنڌ کي سامونڊي بندر ڪوٺيون ٿا.
    اهڙي ريت اسان وري هوائي جھاز جي بيہڻ واري هنڌ کي هوائي اڏو يا وري ايئرپورٽ سڏيون ٿا. يا وري جتي ننڍيون گاڏيون سفر ڪري اچي هڪ هنڌ بيہنديون آهن اسان ان کي بس اسٽينڊ يا وري بسن جو اڏو. جڏهن اسان درياءُ جي علائقي ۾ پہچون ٿا ته اسان کي اتي ٻيڙيون ۽ ان جي بيہڻ جي جاءِ جنهن کي پتڻ ٿو چئجي. درياءَ تي پتڻ به تمام ضروري هنڌ آهي. پتڻ ۽ ٻيڙيءَ جي مدد سان درياءَ پار ڪري وڃي سگھون ٿا، اُٺ پتڻ تي تمام مشڪل سان ٻيڙيءَ ۾ چڙهندو آهي. پتڻ جي ٻيڙي جڏهن الله جي آسري نڪرندي آهي تڏهن ان جو ڏيک ڏسڻ وٽان هوندو آهي.

    

    نوجوان شاعر، شيخ فرازي جو غزل

    منهنجو چين قرار شهر ۾ گم ٿي ويو
    گلڙن جهڙو پيار شهر ۾ گم ٿي ويو

    اهڙي ريت ويو هُو مون کان جہٽ گذري
    ڄن هو ننڍڙو ٻار شم ۾ گم ٿي ويو

    رڪشن جو دونهون ۽ گوڙ هيو ڪافي
    سورٺ جو سينگار شهر ۾ گم ٿي ويو

    سوچيم جنهن سان روئي هلڪو بار ڪيان
    سو ماڻهو هر وار شهر ۾ گم ٿي ويو

    توکي ڳولي ڳولي شيخ فرازي اڄ
    تنهنجو تعبيدار شهر ۾ گم ٿي ويو



    سائين منهنجا!
    سيني ۾ دل، دل ۾ درد، درد ۾ تشنگي، تشنگي ۾ آرزو، آرزو ۾ حسرت، حسرت ۾ حجاب، حجاب ۾ اميد، اميد ۾ خيال، خيال ۾ تصور، تصور ۾ تصوير، تصوير ۾ تون، تون ۾ اداءَ، اداءَ ۾ حياءَ، حياءَ ۾ نزاڪت، نزاڪت ۾ شرارت، شرارت ۾ غصو، غصي ۾ بناوٽ، بناوٽ ۾ محبت، محبت فدا جي حسين تخليق آهي.
    دلين جا مالڪ.........................

    منہنجا سائين!
    هر ملڪ ۾ هزار ورهن جي روايات بعد آب هوا، جدا جدا نسلن جي رواجن، ماحول، مذهبي عقيدن وغيره جي اثرن ڪري اتي جي رهاڪن جا ڪي قومي ڪردار ٺہن ٿا.
    سندن طبيعت جو جزو بڻجي زندگيءَ تي اثر ڪري هنن جي ڪردار کي صورت وٺائين ٿا.
    هن ۾ حب الوطنيءَ جو زياده مادو ٿئي ٿو. ته ڪي وري قوم فروشيءَ تي هريو وڃن.
    هي بزدل ۽ بي همت ٿين ٿا ته ڪي سرويچ ۽ با همت آهن، ڪن خود مطلبيءَ کي پيشو ڪري ورتو آهي ته ڪي ان کي بد اخلاقي ڄاڻن ٿا.
    ڪن قومن ۾ وفاداريءَ جو زياده مادو آهي، ڪن ۾ دوکو ۽ ٺڳي وڌيڪ عروج تي آهي. اهڙي طرح سان مختلف قومن ۾ ڪردار جون جدا جدا وصفون ٿين ٿيون.


    حصو ٻيو

    دغا باز سان دل دُوباري نه رک،
    محبـت به نقصـان واري نه رک،
    خزاني سندو خرچ ڀاري نه رک،
    اگر ڪار ڌارين ته لاري نه رک.
    (دادن فقير)

    عام چوڻي آهي ته پرهيز علاج کان بہتر آهي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ به ناهي، اسان پنهنجي ماحول ڏي نظر ڪري ڏسنداسين ته اسان ڪيترا بيوس آهيون يا وري بي سمجھ!
    ڪنهن کي رڳو ڪا تڪليف ٿئي ته اسان رڳو ڊاڪٽرن جا ڏنل نسخا واپرائڻ ۾ پورا هوندا آهيون فلاڻي دوا اِها نه ته هيءَ دوا تيستائين ماڻهوءَ ئي پورو.
    اهڙي طرح وري اسان سان زراعت ۾ به ساڳيو مسئلو شل نه ڪو جيت زمين ۾ ڏسون سڌو ڊيلر وٽ ادا وارو ڪر ڪا سٺي جيت مار دوا ڏي پوءِ هجي ڪڻڪ جو فصل سارينءَ جو فصل بس اسان کي ڪيستائين جيت مارڻا آهن!
    ٻيلي ڏاها ٿيو ائين نه ڪريو علاج کان پہريائين مرض جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ ضروري آهي. سجاڳي ضروري آهي پر تڪڙ نه ڪرڻي آهي نه ته پوءِ نقصان جو انديشو ڪر کنيو بيٺو آهي.

    رقص وجد جي حالت آهي جنهن ۾ جانور پکي ماڻہو موج ۾ اچي خوشيءَ جي انتہائي درجي کي پہچن ٿا. اهل دل انسانن ان کي آرٽ ۾ وڏو درجو ڏنو آهي.
    هنن جو چوڻ آهي ته زندگي خود هڪ وڏو رقص آهي، جنہن کي جيترو خوش اسلوبيءَ سان ادا ڪيو اوترو سجائي ٿيندي.
    سائين منہنجا!
    کاڻين مان اسان کي ڪافي ڌاتو ملندا آهن، جيڪي اسين پنہنجي زندگيءَ جي ڪنہن نه ڪنہن موڙ تي ڪم آڻيندا آهيون، اهڙي طرح کاڻين مان ٻين ڌاتن وانگر ميٽ به کوٽي ڪڍندا آهيون.
    ميٽ تمام سٺي شيءَ آهي، شيخ سعدي فارسيءَ جو تمام وڏو شاعر آهي، جنهن پنهنجي ڪتاب ”گُلستان سعدي“ شروعات ان بيت سان ڪئي آهي ته هڪ ڏينهن مون کي پنهنجي پرينءَ جي هٿن مان سُرهو ميٽ تڙ تي مليو.
    سعديءَ ٿو چوي. مون ميٽ کان پڇيو ته تون ميٽ آهين يا ڪو عنبر يا مشڪ آهين جو تنهنجي سرهاڻ ڪري آءُ مگن ٿي ويو آهيان؟
    ميٽ وراڻي ڏني ته آءُ آهيان ته اها ئي ساڳي سستي مٽي، پر ڪجھ وقت گل جھڙي پرينءَ سان گڏ گذاريو اٿم.
    انہيءَ سٺڙي سان گڏ ويہڻ ڪري مون ۾ اهو گڻ ٿيو آهي، نه ته آهيان ته اها ئي ساڳي ميٽ جي مٽي ميٽ جو رنگ هلڪو پيلو هوندو آهي. پر ان تان پاڻ هڪ رنگ کي وڌيڪ نالو ملي ويو آهي.
    اسين ميٽ جھڙي رنگ کي ميٽائون رنگ چئون ميٽ تان رنگ کي نالو مليو آهي نه رنگ تان ميٽ کي.

    سائين منهنجا!
    اسان جي سرزمين قديم دور کان تصوف، سلوڪ ۽ معرفتن جو اهم مرڪز رهي آهي. هن ملڪ جي سڀني صوبن ايتري قدر جو وفاقي دارالحڪومت ۾ به صوفين جا عاليشان مقبره ان ڳالہه جي گواهي ڏئي رهيا آهن ته مقبرن ۾ آرام ڪرڻ وارا وڏا بزرگ هن خطي کي پنهنجي روحاني فيض سان فائدو پہچائي رهيا آهن، ۽ اسان جي دلين ۾ سلوڪ ۽ معرفتن جا ڏيئا روشن ڪيا ۽ هن نفسا نفسيءَ جي دور ۾ جلوهه افروز آهن. جنهن ۾ صوفين جي دنيا ۾ حضرت شاهه لطيف رح، حضرت لعل شہباز رح، سچل سرمست رح ۽ ڪافي ٻيا بزرگ آهن جن هن نفسا نفسيءَ جي دور ۾ دلين تي نفرتن ۽ عدواتن جون مُہرون لڳل آهن تن کي پنهنجي سلوڪن وسيلي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
    اڄ جو انسان هڪ ٻئي جي رت جو اُڃارو ٿو لڳي. ضرورت ان ڳالہه جي آهي ته اسان پنهنجي صوفي بزرگن جي ڪلام کي ٻڌي پڙهي انہيءَ تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ۽ اهو پيغام ٻين تائين به رسايون جيئن انہن سبقن مان فائدو حاصل ٿي سگھي. ۽ پاڻ ۾ امن ۽ ڀائيچاري سان رهون، جيڪا هن وقت جي اهم ضرورت آهي.

    سائين منهنجا!
    قلم تو ڪيس ڪيا جيڪي، تـنـهـنـجا گھـاوءَ جي ڏسـنـديـن.
    هينئي تاريخ کي چہبڪ، سي ميساري ڪيئن سگھندين
    رنجايـئـي روح کـي منهـنجي، ۽ نه ڪيـہـڪاءُ آيـئـي ڪـو.
    تــــکــــا تــــلــــوار کـان هـاسـي، پـنـهنـجـا وَار جـي ڏسـنـديـن.
    (اصغر باغي)


    صحت ۽ خوبصورتي لاءِ ڀرپور ننڊ تمام ضروري هوندي آهي. ننڊ جو خوبصورتيءَ سان گھرو تعلق آهي، ننڊ کان سواءِ توهان خوبصورتيءَ جي اميد نٿا ڪري سگھو. عام طور هر ماڻہو روزانو رات جو ست کان اَٺ ڪلاڪ آرام ڪري ٿو. اڪثر ڪيترا ماڻہو گھٽ آرام ڪندا آهن. آرام ڪرڻ دوران ماڻہو جو جسم هارمونز پيدا ڪندو آهي، جنهن سان انسان کي توانائي حاصل ٿيندي آهي. جنهن ڪري ما‎ڻہو ٽي کان چار ڪلاڪ وڌيڪ ڪم ڪري سگھندو آهي. ننڊ دوران فطري عمل ذريعي انساني جسم جا سيل تازا ٿي ويندا آهن. ننڊ سان دماغ کي سڪون ملندو آهي. جيڪو جسم جي مختلف مطالبن کي پوري ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو آهي ۽ سوچ ويچار ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي آهي توهان جي، چمڙيءَ کي جن شين جي ضرورت هوندي سڄو ڏينهن ڪم ڪرڻ سان توهان جي چمڙيءَ جا ٽشوز سڪڻ لڳندا آهن ۽ اوهان جون اکيون ڪجھ نه ڪجھ ڏسنديون رهنديون آهن. مسڪرائڻ يا ڳالہائڻ ۾ به حرڪت هوندي آهي. سمہڻ دوران جسم جون سڀ حرڪتون رڪجي وينديون آهن، ۽ اهڙي طرح ماڻہو کي آرام ملندو آهي.
    شاعريءَ جي مالها ۾ غزل جون ڪجھ سٽون
    کيـت کـورا ٿـيـا، ڏيـنـهـن ڏاڍا تتـا،
    آءٌ ڪاري گھٽا، اڄ ته ڇوڙي ڇتا!

    واءُ سان ونجھ ڪيـڏو وڙهــن ٿـا پيا!
    جـئـن اَڻائو لـڳو، مُڙس مـانجھي متا!

    روز جھلڪا لڳا، روز خوشبو پڳي،
    واءُ کان مـون وتـا، پـار تنهنـجا پـتـا!
    (شيخ اياز)

    سائين منهنجا!
    اها حقيقت آهي ته اسان جي زندگيءَ ۾ ڏکن جو تعداد گھڻو ۽ خوشين جو تعداد تمام گھٽ آهي.
    ڪنهن کي ايترو نه ستائجي جو هو جيڏي محبت ٿو ڪري اوتري نفرت ڪري وجھي.
    اسان اُن ٿوهر مثل آهيون جيڪو ٻين کي ته ڇا، پر پنهنجو پاڻ کي به ڪنڊن کان سواءِ ڪجھ نه ٿو ڏئي سگھي.
    مان ڪنهن جي دل نه ڏکائي آهي. ڇو جو مون وٽ به ته دل آهي نه هروڀرو ڪنهن جي جذبن سان کيڏڻ به ته پاپ جو ڪم آهي. منهنجي آس پاس اهڙا ماڻهو ڇا لئه ٿا رهن جن جي چهري جي مٿان چهرو چڙهيل آهي.
    آواز رحمان مغل
    هر شخص جي چهري جي مٿان.........

    سائين منهنجا!
    پہرين ڳالهه ته مَرد يا عورتون خودڪشي ڇو ٿا ڪن؟ انهيءَ جا ڪيترا سبب آهن. الله تعاليٰ قرآن ۾ فرمايو آهي، جنهن جو ترجمو آهي ته! ”الله جي رحمت مان نا اميد نه ٿيو“ خودڪشي معنيٰ نا اميدي يا زندگي مان بيزار ٿيڻ. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته اهي ڪهڙيون ڳالهيون ۽ مجبوريون آهن جيڪي انسان کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿيون ڪجھ ماڻهو حالات کان تنگ هئڻ جي ڪري خودڪشي ڪندا آهن. اڪثر مرد ۽ عورتون پيار ۾ ناڪام ٿيڻ تي خودڪشي ڪندا آهن. حقيقت ۾ ٿيڻ ائين کپي ته مالي حالات پيار ۾ ناڪام ٿيڻ يا ڪنهن ٻئي سبب ڪري خودڪشي ڪرڻ بجاءِ انهن جو همت ۽ مردانگيءَ سان مقابلو ڪجي. زندگي رنگين آهي انهيءَ کي خودڪشيءَ جي موضي مرض جي ور چاڙهڻ نه گھرجي خودڪشي اڄڪلہه عام ٿي رهي آهي. گذارش آهي ته خدارا پنهنجي سوچ کي ٿورو تبديل ڪريو ۽ بلند حوصلو پيدا ڪريو، هر مشڪل گھڙي جو مقابلو ڪرڻ سکو، خودڪشي ڪرڻ بزدلي آهي. زندگيءَ کان فرار جو رستو بزدلي آهي. پاڻ ۾ جيئڻ جو حوصلو پيدا ڪريو ۽ محنت جدوجھد جي عمل کي تيز ڪيو. انشاءَ الله ڪاميابي اوهان جا قدم چمندي.

    سائين منهنجا!
    دنيا ۾ ماڻهن کي جيڪي نفسياتي معاملا ۽ مسئلا ٿين ٿا. انهن کي عام طور تي ڊپريشن ڪوٺيو وڃي ٿو. ڊپريشن جا مختلف سبب هجن ٿا. جن ۾ ڪو گھرو صدمو ڏک معاشي مسئلا يا بيروزگاري اهي چند سبب آهن جن جي ڪري اها صورتحال پيدا ٿئي ٿي. پر جيڪڏهن ڪو ڊپريشن جو شڪار ۽ انهن منجھان ڪو به سبب ان تي لاڳو نٿو ٿئي ته پوءِ ان جو اصل سبب ڳولڻ ڏکيو ٿي وڃي ٿو. حقيقت اها آهي ته ڊپريشن جو هڪڙو واضح سبب هيءَ به ٿي سگھي ٿو ۽ ڪافي اسان جي زندگيءَ ۾ جيڪي شيون لاڳو آهن انهن مان اِن مرض کي ڳولہي سگھجي ٿو مثلن گھٽ ننڊ ڪرڻ واري عادت، گھٽ ننڊ ڪرڻ سان ڊپريشن ۾ واڌ جو خطرو رهي ٿو.
    سگريٽ ڇڪڻ! گھڻي عرصي کان اها ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته سگريٽ ڇڪڻ جي ڪري به ماڻهو ڊپريشن جو شڪار ٿئي ٿو. انٽرنيٽ تي گھڻو ويہڻ جديد دؤر ۾ نوجوان انٽرنيٽ تي ڪيترائي ڪلاڪ چيٽنگ ڪندا رهن ٿا.
    نوجوان پنهنجي ڏينهن جو گھڻو وقت وڃائين ٿا. اهڙي قسم جا نوجوان توڙي ٻار ڊپريشن جو شڪار ٿي سگھن ٿا. ٻارن سان گھٽ ويجھڙائپ وارو واسطو جيتوڻيڪ ڪنهن سان به سٺا لاڳاپا نه هجڻ جي نتيجي ۾ ڊپريشن پيدا ٿئي ٿو.
    سخت گرميءَ واري موسم! جي ڪري ماڻهو ڊپريشن ۾ وٺجي وڃي ٿو. اهو شايد ان ڪري به آهي جو انساني جسم تي به گرم موسم جا اثر پوندا آهن.

    سائين منهنجا!
    اسڪول اهو آسماني ڪڪر آهي جيڪو انساني غيرآباد زمين کي علم جي ڦڙن سان سيراب و شاداب ڪري ٿو.
    اسڪول اهو ڪارخانو آهي جتي انساني مشينن جا پرزا تيار ڪيا وڃن ٿا. اسڪول انهيءَ اسٽيشن جو نالو آهي جتي انساني زندگي جي نالي هر قسم جي مال جا گودام موجود آهن. اسڪول اهو پارس پٿر آهي جنهن کي لڳڻ سان انسان جي دل سچ ٿيو پوي.
    اسڪول دنيا جي ڪُلف جي ڪنجي آهي. توهان ڏٺو هوندو ته وڪيل، وزير، حاڪم، سپاهي، جج، هنر مند، سياستدان، سائنسدان، ڊاڪٽر، انجنيئر وغيره سڀ اسڪول جا پيدا ڪيل تيار ڪيل آهن. اسڪول قوم جي فيصلا ڪُن ڪورٽ آهي ۽ اتي ئي قوم جي آئيندي جو خيال ڪريو. پنهنجي ٻارن کي اسڪول جي خوبصورت زيور کان محروم نه ڪيو. مطلب ته اسڪول ئي دنيا ۾ انسان ذات جي هر سڌاري جو واحد وسيلو آهي.
    فصلن، ڀاڄين، باغن ۽ گلن ٻوٽن تي حملو ڪندڙ تقصان ڪار جيتن ۽ بيمارين جي ڪري نه رڳو آبادگارن جو اندازي کان وڌيڪ پيداواري نقصان ٿي رهيو آهي ۽ کين ڏينهون ڏينهن فصلن تي ٿيندڙ پيداواري خرچ ۾ ايندڙ واڌ جي ڀيٽ ۾ نفعو گھٽ ٿي رهيو آهي پر ساڳئي وقت سندن پيداوار جي ڪرندڙ معيار جي نتيجي ۾ عالمي مارڪيٽ ۾ اُن جي گھرج يا کپت گھٽجي رهي آهي نه صرف اهو پر هاڻ ته مقامي مارڪيٽ ۾ به ٻاهرين ملڪن جون عام واهپي واريون شيون جھڙوڪ، ٿوم، ناسپاتيون، چڻا وغيره عام جام وڪرو ٿي رهيا آهن.
    ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پنهنجي پيداوار وڌائڻ سان گڏ اُن جي معيار کي بہتر بڻايو وڃي ان سلسلي ۾ نقصان ڪار جيتن ۽ بيمارين کي ضابطي ۾ آڻن طرف خاص ڌيان ڏيڻ گھرجي!

    خدا حسين آهي هو حسن کي پسند ڪري ٿو. جانور ۽ ماڻهو ۾ اهو تفاوت آهي ته جانور بي لباس آهي پر ان جي جڳہه تي انسان لباس پائي ٿو، ۽ معاشرو جيئن جيئن ترقي جا قدم اڳتي وڌائي رهيو آهي ته لباس ۾ به ڏينهون ڏينهن تبديلي ۽ ترقي اچي ٿي. سنڌي لباس ۾ جيڪي به نمونا آهن اُهي ثقافت جو شہڪار مثال آهن.


    يارب!
    ڪاش!
    تنهنجو ساٿ ابدي رهي،
    مون کي هٿ کان ائين وٺ،
    جيئن ٻار کي هٿ کان وٺبو آهي. (شيخ اياز)


    تون جڏهن جوڳين جئين رولاڪ هئين، ڪيترو وشال ۽ حسناڪ هئين پر هاڻ پيار جون مڙيئي مندون، تون ويب سائيٽ تي وڃائي ڇڏيون پنهنجي عشق جون شرميليون ڌنون، جيڪي توکي سرندي کي ٻڌائيڻون هيون، سي تو انٽرنيٽ جي بي حساب ۽ بي حجاب پيانو تي ڳائي ڇڏيون ٻڌائي ڇڏيون ڪمپيوٽر جي بي انت ساگر جي پاتال ۾ لہندي لہندي توکي چانڊوڪين جي درياءَ ۾ ترڻ مُکڙي جي مہڪ کي ماڻن پوپٽن کي پاٻوهه مان ڏسڻ ۽ کُلي هوا ۾ ساهه کڻڻ وسري ويو آ. چيٽنگ تو مان چور جي چنچلتا چوسي ورتي آهي، بحرحال چوڻ جو مطلب اهو ته دور سان گڏ سڀ ڪجھ آهستي آهستي بدلجي ويو آهي. زماني سان گڏ زماني جا طور طريقا، گھرجون تقاضائون ۽ معيار جا ماپا به ساڳيا ناهن رهيا. زمانو الائي ڇو شارٽ ڪٽ ۽ ري مڪس جي رنگن جو ديوانو بڻجي ويو آهي.
    احساسن جي اکين آڏو اها هڪ اهڙي المناڪ ۽ ڀيانڪ حقيقت آهي. جنهن کي اسان جھڙا ڪنهن نه ڪم جا چريا ماڻهو عظيم الميو چون ٿا. هاڻي انتظاري ۽ بيقراري کي ڪير ڄاڻي به نه ٿو.


    سائين منهنجا!
    ڌڻيءَ سڳوري سچ ۽ حق جي ڳولا ڦولا ڪرڻ لاءِ اسان کي نه رڳو قومي روايتون ورثي ۾ ڏنيون آهن پر اسان جي ضمير جو آواز به اڳواڻي ڪرڻ لاءِ ڏنو اٿس. ۽ جتي به اهي ٻئي اسم هڪ ٻئي جي مخالفت ۾ سَندرو سَاهي بيهن ته سمجھڻ گھرجي ته ڪاٿي نه ڪاٿي ڀُل ٿي آهي. ڪنهن به فرد يا سڄي انسان ذات جي ضمير کي جاڳائڻ ۽ دائمي ڳانڍاپي قائم ڪرڻ لاءِ ڪا به مہان قرباني ڏيڻ، ايڏي وڏي ڪارج آڏو تڇ آهي. توڙي جو ڪُڙم، قبيلو، ڪٽنب، شہر، جنم ڀومي، ۽ ماڻہپو، اُهي سڀ ڌار ڌار کيتر آهن، پر انهن سڀني اسمن ۾ پنهنجي سگھ ۽ سچائي کي هڪ وڏي مراد حاصل آهي. ڌڻي سڳورو انسان ذات جي اڻٽر خوشحاليءَ کي خبرداري سان ڏسي پسي رهيو آهي ۽ پنهنجن پوئلڳن جي اندر ۾ ذهانت، ويچار ۽ پريم جي مبارڪ خواهش ۽ جذبن کي جاڳائي رهيو آهي ۽ هڪ سرواڻ جيان سرواڻي ڪري رهيو آهي. ته جيئن آدم ذات اجاين ٻين ڪمن ۾ ڦاسي نه پئي ۽ سنئون سڌو دڳ وٺي هلي.

    پُور بـيـا پُوري ويا، آسَڻ اَڄُ صُبُـوح،
    خستوريءَ خوشبوءِ، آهي آديسين ۾.
    (سرپورب)
    الله تعاليٰ جي ذات خود محبت آهي، ۽ محبت جي ڪري ئي هن ڪائنات جا جزا ڪل سان ڳنڊيا پيا آهن، سندن مقصد آهي ته اِلاهي محبت جي درياهه ۾ سمائجي وڃون، الله تعاليٰ جي ذات، محبت، نيڪي ۽ جمال آهي، غير مڪمل سالڪ کي عاشق سڏبو آهي، جيڪو ڪنهن مڪمل انسان جي محبت جو محتاج هوندو آهي، جنهن کي معشوق سڏيو ويو آهي. ادنيٰ درجي وارا اعليٰ درجي وارن کي کنيون مٿي وڃي رهيا آهن ۽ آخرڪار چوٽيءَ تي پہچي ويندا، حواس پنهنجن حواسن جي دنيا جي چند شين کي ظاهر ڪري سگھن ٿا. ذهن ۽ عقل وسيلي قدرت جا ڪي ٿورا راز پروڙي سگھجن ٿا. پر محبت انسان کي سندس منزل مقصود يعنيٰ اصل مبدا تي پہچائي سگھي ٿي.
    محبت انسان جي ذهني اک کولي ٿي ۽ کيس الله تعاليٰ جو مشاهدو ڪرائي ٿي. مادي شين سان محبت ڪرڻ ۽ خواهشن جو غلام ٿي پوڻ روح لاءِ ڌاريون شيون آهن. اُهي شيون گڏجي سندس پرواز کي روڪين ٿيون.

    سائين منهنجا!
    خوبصورت ڪہاڻيڪار، ڊرامه نگار ۽ شاعر
    ”ڪيہر شوڪت“
    خوبصورت سوچن ۽ حسين منظر نگاري کي لفظن جي مالا ۾ پوئي سموئي دلڪش جملا ترتيب ڏئي سنڌي سماج جي عڪاسي کي دلفريب ڪہاڻين جو روپ ڏئي امر ادب تخليق ڪندڙ پيارو ماڻهو ڪيہر شوڪت 2 فيبروري 1952ع تي دادو شہر ۾ جنم ورتو، ڪيہر شوڪت جو اباڻو ڳوٺ آگاڻي تعلقو لاڙڪاڻو آهي.
    آگاڻي ڳوٺ سنڌ ڌرتي جو هڪ دلڪش حصو آهي. هي ڳوٺ زيتونن جي واپار ڪري ڏيہان ڏيہه مشہور آهي اهڙي شاهوڪار ڳوٺ ۾ نه صرف ڪيہر شوڪت رهيو پر هي ڳوٺ سنڌ جي هڪ ٻئي نامياري اديب ملڪ آگاڻي جي به جنم ڀومي آهي.
    ڪيہر شوڪت ننڍپڻ کان ڪہاڻيون پڙهڻ ۽ لکڻ شروع ڪيون. ڪجھ ذهني پختگي بعد کيس ادب سان لڳاءُ ٿيس، اهڙي طرح سندس ڪہاڻيون به جديد سنڌي معاشري جي اڏاوت لاءِ حقيقي عڪس پيش ڪري ٿي.
    پاڪستان ٽيليويزن تي سندس پہريون سنڌي ڊرامو. گھُٽ سال 1978ع ۾ سينيئر پروڊيوسر مسٽر محمد بخش سميجي پيش ڪيو. اردو ڊرامي سج گرهڻ ڪيہر شوڪت کي بلندين تائين پہچايو. ڪيہر شوڪت شاعري ۾ به پاڻ ملہايو ۽ شاعري کي به گھڻو وقت ڏنائين، آخر ۾ هن کي ڳلي جي بيماري سان مقابلو ڪرڻو پيو. پر هن مفاد تي ڪاميابي ماڻي نه سگھيو خاموشي سان سول اسپتال ڪراچي ۾ ڳلي جي آپريشن ۽ پنهنجي گرجُدار آواز کي واپس موٽائڻ خاطر تاريخ 21 اپريل تي بستري داخل ٿيو، ۽ 22 اپريل تي سندس آپريشن ٿيو پر 23 اپريل 1999ع تي اسپتال ۾ انجيڪشن غلط لڳڻ ڪري منجھند جو دل جو دورو پوڻ سبب اسپتال ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين.
    ڪيہر شوڪت کي ڀيٽا طور هيءُ موسيقي جو اسم
    ڏور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا. آواز- رحمان مغل
    

    اکڙين وهايا تولئه، بي اخيار ڳوڙها!
    جيئڻ جي حوصلي لئه ڇڏيا ٻه چار ڳوڙها!ٰ

    ڌرتي سونهن جو تون مرڪز بلال آهين،
    گلڙن جي ماڪ وانگر بوندون بهار ڳوڙها!

    عزيز بلال بروهي


    شاعريءَ به دل کي سڪون بخشيندي آهي

    غزل

    صبوح شام هي هن بيقرار هوندو آ،
    اوهان اچو نه، اچو انتظار هوندو آ.

    اسان ته وقت ملاقات جو به طئه نه ڪيو،
    اهو اسان کي ڪٿي اختيار هوندو آ.

    جڏهن ته باک ڦٽڻ تي گمان ناهي ڪبو،
    تڏهن به رات کٽڻ جو ته بار هوندو آ.

    اهو اوهان جي نظر جو ڪمال آهي پرين!
    جگر ۾ جوش اکين ۾ خمار هوندو آ.

    خدا گواهه ته گل مون حجاب کان نه ڇٽيا،
    اوهان اڳيان ته سلامي بہار هوندو آ.

    اوهان مڃو نه مڃو عشق هر عتاب سٺو
    مگر هي حسن سدا بي ميار هوندو آ.

    (سرمد چانڊيو)

    سائين منهنجا!
    انسان جي مَنَ ۾ روشني آهي. مطلب ته اها خارجي روشني هجي يا داخلي. جن مان پہرين جيڪڏهن هن ڌرتيءَ کي روشن ڪري ٿي ته ٻي وري انسان جي مَنَ کي منور ڪري ٿي. پر اهي سڀ آهن، خدا جي خدائيءَ جا مظہر باقي ان جو نالو کڻي توهان ڪہڙو به رکو....... ۽ نيڪي جيڪا زرتشت جي نظر ۾ هر فہميدي ماڻہوءَ جي سوچ ۽ ان جي ذات جي علم کي ڄاڻڻ ۽ ان جي پابند ڪرڻ ۾ سمايل آهي.
    اهائي اسان کي روشني يا نور تائين رسائي سگھي ٿي.
    جيڪو سونہن ۽ سندر تا جو احساس ڏياري ٿي وري زندگي کان الڳ ٿي ڪري فڪر ڪرڻ جي ڪوشش ڪامياب ٿي سگھي ٿي عقليت ۽ نظرين جي افاديت هڪ عہد کان ٻي عہد تائين بدلبي رهي ٿي. پر حقيقت جو وجود سدائين قائم رهي ٿو. جيڪو حقَ جو مظہر آهي مذهب ان جو داعي ۽ درس ڏيندڙ آهي. هو سڀني سچاين کي پاڻ ۾ سمائيندڙ ۽ انساني ارتقا جو ساٿ ڏيندڙ آهي.

    پيار جو، پريت جو هڪ ترانو کپي،
    تنهنجي يادن جو مون کي خزانو کپي.
    هڪڙي پل ۾ نڀائي نه سگھبو پرين،
    پاڻ کي پيار لاءِ هڪ زمانو کپي.

    (عزيز منگي)

    سائين منهنجا!
    انسان جي دل پنهنجي خالق جي محبت سان ٽمٽار رهي ٿي. ۽ هُو سدائين اڻ ڄاتل ۽ اڻ سڃاتل قوّت جي راز کي ڳولي لہڻ ۾ اهڙيءَ ريت سرگردان رهي ٿو. جھڙي ريت هڪ عاشق پنهنجي دنياوي معشوق جي ديدار ڪرڻ لاءِ سرگردان رهي ٿو. هي اهڙو ته مشترڪ جذبو آهي. جو نسل رنگ ۽ ملڪي درجي جا سمورا فرق ميٽجيو وڃن.
    ان ڪري معشوق لاءِ سڪ، آلاپ ۽ تڙپ ۾ ڪو به فرق نه هوندو آهي. سندس ٻوليون ۽ محاورا ڀلي جدا جدا هجن پر سندن مول مطلب ۾ ڪو به فرق نه هوندو آهي.
    سندن تفصيل ۾ فرق ٿي سگھي ٿو. پر اصول ۽ بنيادي جذبي ۾ ڪو به فرق ڏسڻ ۾ نه ايندو آهي، سمورن جو مقصد الله تعاليٰ جو قرب حاصل ڪرڻ هوندو آهي. ان ڪري مولانا رومي چوي ٿو ته؛ جيڪڏهن مالڪ جي سڪ سچي آهي ته کيس ضرور ڳولي لہڻ ۾ ڪامياب ٿيندو.

    تنهنجي!
    هٿن ۾،
    ايڏي شفا آهي،
    جو ڇہڻ سان ئي،
    مان!
    وري جِي پيو آهيان.
    ايندو سڄڻ سائين. عابده پروين

    سائين منهنجا!
    ڪجھ انسان پنهنجي سوچ ۽ فڪر کي رنگين گلن وانگر ايترو ته خوبصورت بنائي ڇڏيندا آهن. جو ناخوش رهندي به خوش رهندا آهن، زندگيءَ مان ننڍڙيون ننڍڙيون خوشيون چونڊي ڪڍڻ سندن ڪمال هوندو آهي ۽ خوشين مان فائدو وٺڻ ڪجھ مخصوص فرد جي ذهني قوتن جي پيدا وار هوندي آهي. مايوسيءَ ۽ پريشانيءَ جو ماحول پاڙ کان پَٽي ڦٽي ڪرڻ به سندن فن هوندو آهي پر سائين اهڙي ٿڌي دل ۽ دماغ جا ماڻهو اسان جي معاشري ۾ موجود آهن، پر اسان جي آس پاس جو ماحول حالات، واقعات، ذهن ۽ ڪردار تي اثر ضرور ڇڏين ٿا. نامناسب رويو حساس ماڻهن کي ٿورو مونجھاري ۾ ضرور آڻي ڇڏي ٿو.
    ٺيڪ آ اسان ڪنهن جي سوچ تي اعتراض نه ٿا ڪري سگھون پر ان جو اهو مطلب به هرگز نه هجڻ گھرجي ته جنهن جو ڪو بنياد ئي نه هجي اهڙي سوچ پالجي.

    دنيا اندر پاڻي جون ضرورتون ڏينهون ڏينهن وڌنديون پيون وڃن. ڇاڪاڻ ته پاڻي انساني آبادي سان گڏ فصلن ۽ جانورن لاءِ پڻ ضروري آهي. جڏهن ته انساني کاڌ خوراڪ جي خود ڪفالت لاءِ زراعت ۽ ٻين مقصدن خاطر پاڻي جي استعمال ۾ اڃا به اضافو ايندو ۽ پاڻيءَ جي وڌيڪ کوٽ پيدا ٿيندي ان لاءِ پاڻي جي مخلتف وسيلن کي صحيح استعمال ۾ آڻڻ ضروري ٿي پيو آهي. اسان جو آبادگار به پاڻيءَ جي مسئلي کي منهن پيو ڏئي زراعت لاءِ زمين جو سڌارو پاڻيءَ جو بندوبست ٻج جو بندوبست ان کان پوءِ ڀاڻ جو اُلڪو ان کي مارڪيٽ تائين پہچائڻو سڀ مسئلا هاريءَ جي ذهن ۾ گردش ڪندا آهن. جي فصل کي لڳي جيت ۽ بيماري ته هاريءَ جي ننڊ ئي حرام محنت ئي ڪلر جي پاڻيءَ ۾ نه پيئڻ جو آسرو ۽ نه ئي وري تلاءَ ٺاهڻ جي اميد ان لاءِ هاريءَ کي سجاڳ ۽ ملڪي ادارن کي اڳتي اچڻو پوندو!


    سائين منهنجا!
    نَارُ
    نار جي لوٽين مان ڪرندڙ
    پاڻي کي
    سج جي ڪرڻن چيو
    اسان ٻئي ملي
    جگمڳائي
    رهيا آهيون.
    ڇا ته جادو آ

    اُٿي اور الله سان سورج مُکيءَ سنگ
    جنهن جي پيلي رنگ، اُوريو سج اُڀار سان

    اُٿي اور الله سان، نڪتي آهي باک
    اکيون ڳاڙهي ڊاک، جاڳي جنهن لئه تو ڪيون

    (شيخ اياز)
    سائين منهنجا!
    هن وقت دنيا جا سڀ سائنسدان خاص طور تي ڌرتيءَ جا ماهر ڄاڻو ۽ تارا ڄاڻڪ اِهو مڃين ٿا ته، زمين تي حياتي صرف سج ۽ انهيءَ جي روشني جي ڪري برقرار آهي، سج جي تباهيءَ سان شمسي نظام به تباهه ٿيندو، جيڪو سڄي ڪائنات جي تباهيءَ جو سبب بڻبو. سج توانائي جو آخري مستقل سرچشمو آهي. ايٽمي توانائي جيڪا هينئر يا کڻي ائين چئجي ته هاڻوڪي صديءَ ۾ ڳولي وئي آهي. ان کان سواءِ انسان جي جياپي کي برقرار رکڻ لاءِ قدرت سج جي توانائي عطا ڪئي آهي. سج جي گرمي ۽ روشنيءَ سان زمين تي عضوي حياتي برقرار رهي ٿي انهيءَ وسيلي بارش ٿئي ٿي. جنهن سان اسان جا ٻني ٻارا ساوا ستابا رهن ٿا. سج جي ڪري ئي هوائون گھلنديون رهن ٿيون. ۽ ان سج ذريعي ئي اسان لاءِ ڪوئلي ۽ تيل جا ذخيرا مہيا ٿيا آهن. مقصد ته انسان جي زندگي سج جي گرمي ۽ روشيءَ سان برقرار آهي.
    عمر ته گذري وِيئي باهُو باقي چار ڏهاڙا هُو،
    ڏس، ڪيڏا گجگاٽ ڪيائين نيٺ ٿڪو آ دريا هُو،
    سامہون سمنڊ شفق جي، هيٺيان پوياڙيءَ جا پاڇا هُو،
    سوچيو آهه ڪڏهن تو اِن تي لوڙهي ويندو ڇا ڇا هُو.

    (شيخ اياز)
    سائين منهنجا!
    جتي پَد مَڻيون پيار جي پٽن تي پريت سان ٻيلهڙا کڻي ڪُونجن جي قطارن جيان گھور موٽن ٿيون جتي معصوم ٻارڙا ماءُ کان لڪي وسڪاري جي ٿڌين هوائن ۾ ٽوڀن ۽ تراين ۾ وهنجڻ لاءِ ڀڄي نڪرن جتي ڪرڙ، ڪانڊيرا ۽ روهيڙا وسڪاري جو سائو لباس پہرڻ کان پوءِ فردوس جو ڏيک ٿا ڏين جتي هڪ پاسي همرچي جا مَڌُر سنگيت سرن سان ڀٽون به پڙاڏو ٿيون ڏين ۽ اُتي پکين جون مٺيون لاتيون ٻڌڻ ۾ ٿيون اچن. جتي دُلاورن ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ زندگي جي راهن تي درد ۽ پيڙائن جا پوکيل ٿوهر، پاڙ، پہاڙ کان پٽي ڪنهن اڇلائي ڇڏيا آهن.
    جنت الفردوس آهن ٻئي ڪنڌيون مہراڻ جو
    آواز الله ڏنو جوڻيجو
    سرڪش سنڌي. سنڌي قومي شاعريءَ جو غنائتو آواز جنهن ۾ هُن جي مزاحمتي موج رکندڙ ”ڪوتا“ هجي يا ٻہَگڻي نارجي ٻٽيءَ مرڪ جھڙي وڻندڙ عشقيه شاعري هجي هو ٻنهي هندورن ۾ هيج سمان آ.
    لطيفي فلسفي سڄڻ ۽ ساڻيہه استاد بخاريءَ جي ڌرتيءَ سرتي کان شيخ اياز جي مٽيءَ جي رنگ جو حسين تسلسل پيار ۽ آزادي آڇيندڙ سرڪش اڄ اسان جي ميڙ جو ساٿي نه رهيو آهي. اڄ هن جي ڏات اداس آهي ۽ ڏات ڌڻي ڏک جي عالم ۾ آهن.
    سرڪش جي غزل جون ڪجھ سٽون ٿيون ياد اچن.

    دل ڪڍي تنهنجي پيرن ۾ رکبي
    سونہن ساري سويرن ۾ رکبي
    هر تمنا، محبت وفا ۾
    ڪڻڪ جي وَل آ، ديرن ۾ رکبي
    ماڪ سان آهه ڌوتل جواني
    کاءُ تونِ تنهنجي نيرن ۾ رکبي.

    قدر ۽ ڪاٿي کان پرڀرا ٿي بيٺل اسين پراڻ پِڻي کان جند نه ڇڏائي سگھيا آهيون. اها ڳالهه جتي نظر ايندي ته اسان جي مادي ۽ معاشي گھرجون ايترو ته وڌي ويون آهن جيڪي اسان جي وجود جو پورائو نه ٿيون ڪري سگھن نتيجي ۾ اسين اعليٰ ۽ ساراهڻ جُوڳي مقام کان ڪريل دنيا ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون.
    دنيا اهڙي ماڳ تي اچي پہتي آهي جتي قدرن جي ڀڃ ڊاهه جي ڪري زندگي بي ترتيب انتشار خوف ۽ هراس جو ڪارڻ بڻجي رهي آهي صحيح ڏِس ۾ وکون کڻڻ لاءِ تڪليف ضرور آهي. پر مايوسي ناهي ڪجھ اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي شاباس ۽ صلي کان بي پرواهه ڏينهن رات اونداهين کي تڙڻ لاءِ روشني جي ڳولا ۾ آهن.

    ويہه وڃي وٽ تن قلم جنين جي هٿ ۾،
    ميٽئي اَنگ اگيون، واري ٻيو لکن.
    پنوسو پاڙهن جنهن سان پسين پرينءَ کي.

    (شاهه سائين)
    سائين منهنجا!
    جيڪڏهن اسان پنهنجي زندگيءَ ۾ بہتريءَ جا خواهش مند آهيون ته پنهنجي روين کي درست ڪرڻو پوندو. پوءِ ئي سمجھو اسان جي زندگيءَ ۾ بہتري ممڪن آهي.
    جيڪڏهن اسان کي آفيس وڃڻو آهي ته وقت تي پنهنجي آفيس پہچي وڃون.
    جيڪڏهن اسان کي مزدوري تي وڃڻو آهي ته ان جو به وقت مقرر ٿيل آهي. جيڪڏهن اسان هاري آهيون ته ان جو به وقت مقرر ٿيل آهي.
    جيڪڏهن مقرر وقت تي پنهنجي ڪم کي سرانجام نه ڏنوسين ته پوءِ شرمندو ٿيڻو پوندو، افسوس ڪرڻو پوندو افسوس جا هٿ هر وقت خالي هوندا آهن.
    دير وارو ڪو به ڪم اسان جي عادت ۾ شامل نه هجي ڇاڪاڻ! ته مقابلي جي دور ۾ اسان جو هڪ هڪ لمحو قيمتي آهي. ضرورت کان وڌيڪ ڪم ڪرڻ، اهو بہتر انداز ۾ ڪرڻ، ان کي مثبت طرز عمل سان ڪرڻ ۽ فوري طور تي ان جو صِلو نه چاهڻ ڪاميابي جي نشاني آهي.

    سائين منهنجا!
    حياتي هزار سال هجي يا سٺ ورهيه پر حقيقت اها آهي ته اُها ننڍڙي هجي ٿي جنهن جو دليل اِهو آهي ته سڀ سڄاڻ ماڻهو ائين چوندا ويا ۽ چوندا رهندا ته عمر ننڍڙي آهي. سنڌ جي عوامي شاعر استاد بخاريءَ جون سٽون ٿيون ياد اچن.
    مُرڪي خدا خضر جي مونکي ڏئي حياتي،
    ڪُرڪي چوانس ڪاٿي ٿوري نه ٿي پوي.

    عزيزانِ من.
    عورت وڏي کان وڏو موضوع آهي. دنيا جو ادب، سائنس ۽ مذهب تي به حاوي رهي آهي.
    عورت ايجادن جي ماءُ آهي.
    نظم ۽ ڪہاڻيءَ جو وجود وجھندڙ به عورت آهي.
    عورت گھر آهي
    ٿانءُ آهي ٿانُ آهي
    ٿاڪُ آهي ڍڪَ آهي
    ڍُڪ آهي رَت آهي
    ست آهي ساهه آهي
    ويساهه آهي ماءُ آهي
    ڇاڇا آهي ڇاڇا ناهي.


    پيار جذبن جو سمنڊ آهي، فرانس ۾ پيار مذاق آهي، انگلينڊ ۾ ڏک، اَٽليءَ ۾ ناچ، جرمني ۾ ڏک ڀريو ناٽڪ آهي دنيا ۾ جن به ماڻهن پيار ڪيو آهي. چاهي شاعر هجن يا فيلسوف تن سڀني جا جيڪڏهن شروعاتي پريم ڪٺا ڪري پڙهيا وڃن. ته انهن مان هڪ ئي حقيقت چمڪندي نظر ايندي. پريمين جي شروعات پيار جي جذبن ۽ خيالن جي هڪ جھڙائي هر ڪنهن جي بياني طرز پنهنجي هوندي هر ڪنهن جي ٻوليءَ جو سينگار ۽ ڦہلاءُ به نرالو هوندو پر رِٽ سڀني جي ساڳي هوندي تون نه آئين ته ننڊ ڪانہي. تو بنا مان ائين آهيان جيئن چنڊ بنا رات، مان توکان سواءِ جيئي نه ٿو سگھان، پيار جو جذبو ڌرتيءَ جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين ساڳيو آهي.

    جنهن خوابن جي راڻيءَ کي جاڳ ۾ ڏسي ورتو ۽ پيار جي سمنڊ ۾ اکيون ٻوٽي لہي ويو. تن کي پنهنجي منزل جو رستو آسانيءَ سان مَلي ويو، زندگي ته درياههَ جي وهڪري وانگر آهي، ٽہڪ هجن يا سڏڪا ان کي ته اڳتي وڌڻو ئي آهي.

    سانوڻ جھڙا سيڻ نديءَ جا،
    ڀرجي آيا نيڻ نديءَ جا.

    رُڃ به، اُڃ به، سُڃ به ساڳي،
    وَاريءَ تي ڪُن ويڻ نديءَ جا.

    (اسحاق سميجو)


    محترم سامعين.
    خواب جيسين تعبيرن جي پوپٽن کي پڪڙين تيسين ڪنهن آرام بابت سوچڻ جدوجھد ڪندڙ لاءِ مايوسي ڦہلائي ٿي. اڻٿڪ ۽ بنا ڪنهن وقفي واري جدوجھد ئي منزلن جو منهن ڏيکاري ٿي. وقت جون ويرون ڪٿي به آڻي بيہاري سگھن ٿيون. ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ! ننڍا ماڻهو ماڻهن تي ڳالہائيندا آهن، وڏا ماڻهو ڳالہين تي ڳالہائيندا آهن ۽ عظيم ماڻهو نَون نَون خيالن سوچن تي ڳالہائيندا آهن.

    ائين ئي ننڍا ماڻهو وقت کان ٿورو پوئتي ۽ وڏا ماڻهو وقت سان گڏوگڏ هلندا آهن. جيڪڏهن وقت جون واڳون اوڏانهن انهن جو واڳون پر عظيم ماڻهو پاڻ کي ڪڏهن به وقت جي واڳن حوالي ناهِنِ ڪندا هو وقت جون واڳون موڙڻ بابت سوچيندا آهن، وقت کي هڪ نئون روپ ۽ هڪ نئون دڳ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.

    هو وقت جي واڳن کي مضبوطي سان جھلي مستقبل ڏانهن سفر شروع ڪندا آهن.

    

    توکان سواءِ سهڻا، جيون سڄو صنم،
    دردن ۾ آهي منهنجو، تنهنجو اٿم قسم.

    جي ايم رئيساڻي


    يارب!
    مونکي انهيءَ خواب مان جاڳاءِ جيئن مان سمنڊ جي حقيقت سمجھي سگھان، ۽ پکي وانگر ساري وقت کي رزق لاءِ وقف نه ڪيان ! مون کي انهيءَ خواب مان جاڳاءِ.
    (شيخ اياز)

    سائين منهنجا!
    بارش ها ڇو نٿي پوي هن ماڳ تي بارش؟
    جتي اڳي قرب جا ڪڪر اچي ٽٽندا هئا ۽ محبت جا مينهن وسائي، هر سَلو کي سائو ڪري ويندا هئا، ۽ هر ڏکويل من جي مندر ۾ بہارن، جا گيت گونجندا هئا، ۽ ماروئڙن جا ويران اڱڻ خوشين وچان جھومندا هئا.
    هر ڪڙمي جي مُک تي مُرڪ سجايل هوندي آهي پر اڄ خبر نه آهي ته ڇو؟ اهي ئي قربائتا ڪڪر اجنبي بڻجي بيٺا آهن، جي وسن ٿا ته اکڙين جا ڪڪر جيڪي هر مند ۾ ساٿ نڀائين ٿا ۽ نيڻن جي ڌرتي ڀڄائين ٿا، اڄ به اداس اکڙيون ڪنهن ٻار کان ڪڪرن جون قطارون پسن ٿيون، کنوڻِن جون کنڀڙاٽيون کڄن ٿيون.
    کوڙن جا گجگوڙ اٿن ٿا، پر بارش نيڻن ۾ آهي.

    

    سُتي ڪجهه به حاصل ڪڏهن ڪين ٿيندو،
    ”خدا ڀي ملي ٿو ته ڪوشش ڪرڻ سان“.

    جي ايم رئيساڻي
    مان جتي به ويس جنهن به محفل ۾ ڪنهن ويراني ۾ مونسان ساهه جيان گڏ آهي گلشن ۾ ويس ته گلن ۾ به توکي ئي پايو ڪوئل جي ڪوڪ ۾ توکي پايو، چنڊ جي چانڊوڪيءَ ۾ به تون آهين، ستارن جي جھرمٽ ۾ توکي پايو ڪاري رات ۾ به توکي ڏٺو دل جي ڌڙڪن ۾ توکي پايو، ساهن جي خوشبوءِ ۾ توکي پاتم، پنهنجي زندگي تي اڄ ويچار ڪيم ته توکي پاتم، زندگيءَ جي هر پل ۾ ساهه وانگر توکي سمايل ڏٺو پکيئڙين جي لات ۾ به تون آهين گل جي خوشبوءِ ۾ پنهنجي ساهن جي خوشبوءِ کي محسوس ڪيم، مہراڻ جي موجن ۽ وڻندڙ نظارن ۾ توکي ئي پايو چڪور ۽ ويراني جي چاهه ۾ توکي پاتم، مان پنهنجي اکڙين ۾ هر پل توکي ڏٺو مان پنهنجي دل ۾ توکي ويہاري توکي پوڄيو.

    اي منهنجا رب، اي منهنجا پالڻہار!

    سامعين پنهنجو خيال رکو.
    جيڪڏهن توهان جسماني طور تي صحتمند نه هوندا ته توهان جي زندگي متوازن نه هوندي. توهان جو فطرت سان گڏ هلڻ ضروري آهي. پنهنجي صحت جو خيال رکو ۽ خوشگوار زندگي گذاريو، جسماني ورزش سان پنهنجي صحت کي برقرار رکو توهان جيڪڏهن ذهني ۽ جسماني طور تي ڦڙت ۽ چست هوندا ته توهان فيصلا سٺا ڪري سگھندا.
    بي چيني ۽ غير متوازن زندگي ۾ غلط فيصلا ٿيندا آهن، تنهنڪري ضرورت ان ڳالہه جي آهي ته توهان ورزش ڪريو جلدي سمهو ۽ جلدي اُٿو ته جيئن ذهني ۽ جسماني طور تي تندرست رهي بہترين ڪم ڪري سگھو.


    نوجوان ٽهيءَ جو شاعر علي زاهد جو نظم.

    ڪَجي ته آخر ڪجي به ڇا ڇا؟
    ڪروڙين تارا،
    ڪروڙين چارا،
    قطب اسان جي نظر کان اُوجھَل
    طرف آ ڪہڙو،؟
    ڪٿي آ منزل ؟
    پتو نه آ ڪو!
    اجاڙ واديون، اُجاڙ وستيون.
    مقدرن ۾!
    نقاب پہريل سمورا چہرا،
    ڳليءَ ڳليءَ ۾ هزار پہرا،
    مِلون ته آخر مِلون به ڪنهن سان
    کِلون ته آخر کِلون به ڪنهن سان
    وڃون ته آخر وڃون به ڪاڏي!
    سڄي حياتي
    سفر اڻانگو


    سائين منهنجا!

    تارن جي ماهرن سج جي اندرئين مادي جي جيڪا ڇندڇاڻ ڪئي آهي، تنهن موجب سج جي ڪيميائي ترڪيب ۾ نائٽروجن، آڪسيجن، ڪاربن ۽ ڳورا ڌاتو مثلن، لوهه 2 سيڪڙو هيليئم گيس 25 سيڪڙو ۽ باقي 75 سيڪڙو هائڊروجن گيس موجود آهي، ڌيان ۾ رهي ته اُهي سڀ جا سڀ مادا گيس جي شڪل آهن، ايتري قدر لوهه به گيس جي شڪل ۾ آهي، تارن جي ماهرن اهو به ڳولي ورتو آهي ته سج جي پيدائش جو بنيادي جزو هائڊروجن گيس آهي. جيڪا سج اندر گرمي پد لاڳيتو هيليئيم گيس ۾ تبديل ٿي رهي آهي، هائڊروجن سڄي ڪائنات جي تخليق جو هڪ اهم عنصر ئي نه، پر لازمي جزو آهي.

    پاڻيءَ ۾ هڪ حصو آڪسيجن ۽ ٻه حصا هائڊروجن موجود آهي هليئيم جو لفظ يوناني لفظ هيلياس مان ورتو ويو آهي جنهن جو مطلب سج آهي يعني سڀ کان پہريائين ان کي سج اندر ڳوليو ويو اها گيس هوا ۾ به انتہائي گھٽ مقدار ۾ موجود آهي. مثال طور هوا جي هڪ لک پنجاسي هزار حصن ۾ هڪ حصو هيليئيم گيس آهي، هوا ۾ هن گيس جي ڳولا جو اعزاز هڪ انگريز ڪيميادان سر وليم ريمزي کي حاصل آهي. جنهن کي 1904ع ۾ نوبل انعام مليو هو.

    هن ڪائنات ۽ انسان کي پيدا ڪندڙ ۽ وجود بخشيندڙ هڪ خالق آهي، جيڪو سمورن مثبت قدرن جو سرچشمو آهي. هيءَ تخليق مادي ۽ ان جي حرڪي قانونن جو نتيجو ناهي ان جي حقيقي خالق ۾ حياتي، شعور، ارادو ۽ منزل مقصود موجود آهي. جنهن جو ثبوت ڪائنات ۽ خود انسان جو وجود آهي ڇاڪاڻ ته انهن قدرن ۽ صفتن کان بنا تخليق نا ممڪن آهي. هيءُ خالق زندهه آهي. حَيُ ۽ قيوم آهي سميع ۽ بصير آهي، وجود جوهر مظہر ان مان آهي. ان جو مطلب آهي ته خالق جي ذات واحد آهي. ان کان سواءِ ڪو به ٻيو خالق ناهي. ان جي تخليق ۽ ٻين ڪمن ۾ ڪا به ٻي هستي شريڪ ناهي ان ڪري هو سڀني قومن جو آقا ۽ پروردگار آهي ان ئي سان پاڻ رب العالمين آهي ۽ ان حقيقت جي سامہون آڻڻ ڪري اهو هر قسم جي عاجزي ۽ شڪر جي سمورن لفظن ۽ جذبن جو محور ۽ مرڪز ان جي ذات کانسواءِ ڪو به نه ٿو ٿي سگھي ڪائنات جي هر شيءَ الله پاڪ جي تسبيح ڪري ٿي.

    کڻي نيڻ خمار مان، جان ڪيائون ناز نظر،
    سورج شاخون جھڪيون، ڪوماڻو قمر.

    تارا ڪتيون تائب ٿئا، ديکيندي دلبر،
    جھڪو ٿيو جوهر، جانب جي جمال سين.

    (شاهه سائين)

    سائين منهنجا!
    جڏهن اکين ۾ ڪنهن جي سندرتا اٽڪي پوندي آهي. جڏهن هردي ۾ ڪو ڀوت وانگر واسو ڪري ويہندو آهي ۽ هر ساهه ۾ ڪنهن جي تن جي سڳنڌ ملندي آهي ته اکين مان ننڊ پَرَ ڪري اڏامي ويندي آهي ۽ دل جو آرام، ساهه جي تانگهه ڪنهن جي نانءُ ۾ اٽڪيل هوندي آهي سي جيو وري سپنا ڏسي ڪو نه سگھندا آهن. سي دليون وري ڪو ارمان ڪري ڪو نه سگھنديون آهن، جڏهن اها ڪيفيت اسان جي مَنَ ۾ اچي ويہندي آهي ته دل مان صرف پرين جا ارمان هوندا آهن، ۽ يادگيريون مَنَ ۾ گھر ڪري ويہنديون آهن، پوءِ صرف سارئي رهندي آهي، اها سار هن ريت لبن تي ايندي آهي ته،

    تون منهنجو صنم آهين! مان تنهنجو صنم آهيان.
    آواز برڪت علي

    سائين منهنجا!

    فرق

    ڏک دنيا ۾ ننڍو يا وڏو ڪو نه ٿيندو آهي.
    ننڍو يا وڏو صرف ڏيکاءُ هوندو آهي.
    ڏور ڪچي هجي يا پڪي
    ٽٽڻ وقت
    فرق ان جي درد ۾ نه، پردانہن ۾ ٿيندو آهي.


    سائين منھنجا
    ڌَن دولت جو پنهنجو هلڻ چلڻ ٿيندو آهي ته ريتون رواج به پنھنجا!
    نه هوندو آهي ته ماڻھو پنهنجو پاڻ کي ڪونه وڻندو آهي. ۽ جيڪڏهن هوندو آهي ته پنهنجو پاڻ کانسوءِ ٻيو ڪير به ڪونه وڻندو آهي. نه هجڻ جا سُک جدا ۽ هجڻ جا ڏک الڳ، جيڪڏهن اَڻ هوند هوندي آهي ته ماڻھو پاڻ جي نه سگھندو آهي. ۽ جي گھڻو هوندو آهي ته ٻين کي جيئڻ ڪونه ڏيندو آهي. دولت ۾ ڪشش پر، جتي دولت درجي ٻانهي هجي، اُتي پاڻ ۾ ڪشش ختم ٿي وڃي ٿي. غربت ۾ هڪ ئي جڏي منڊي کٽ تي گذر ٿي سگھي ٿو. ان ۾ مزو به آهي. سو جدا جدا ڪمرن ۾ وڏن پلنگن تي سمهڻ ۾ مزو ڪٿي آهي. ڪير ٻيو هجي ته گھر کان ٻاهر پيا ڪيترائي گھر آباد ڪري ڇڏي ها، ڇو ته گھر اوطاق قائم ته محفلون آباد، هونئين به چڙهئي جو سڀڪو ڪريئي جو ڪير به نه.

    سامعين محترم

    ايندي آ صورت جانان ڪڏهن ڪڏهن،
    ٿيندي آ منھنجي دل به گلستان ڪڏهن ڪڏهن.
    هُن ڪشتيءَ شڪسته کي ارمان سان ڏسي،
    ايندو آ ياد منِظر طوفان ڪڏهن ڪڏهن.

    (شيخ اياز)

    سائين منھنجا!

    جڏهن تنهنجو راز تنهنجيءَ دل ۾ لڪل رهندو، تڏهن سمجھ ته اها مراد توکي تمام جلد حاصل ٿيندي، جنهن جي حاصل ڪرڻ جي توکي طلب هوندي آهي.

    ۽ جيڪو شخص پنهنجو راز سنڀالي ٿو. سو جلد ئي پنھنجي مراد ماڻي ٿو. داڻو جڏهن زمين ۾ پوريل رهي ٿو تڏهن ئي ٻوٽي جي صورت ۾ نڪري نروار ٿئي ٿو ۽ باغ جي سرسبزي ۽ رونق وڌائي ٿو، سون، چاندي به جيڪڏهن لڪل نه رهن ها، ته کاڻ جي جھوليءَ۾ ڪيئن پرورش پائي سگھن ها. جيڪي ڪنھن به ڪتاب پڙهڻ ۽ هنر سکڻ جا محتاج نه آهن. مگر انساني دلين کي سڌ، لوڀ، ڪنجو سائي ۽ کوٽائين کان پاڪ ڪري ڇڏيندا آهن، جنھن سدوريءَ دل جو آئينو اهڙن روحاني نقاشَن صاف ڪيو آهي. تنھنجي دل ۾ اها پاڪ صورت نظر اچي ٿي، جا ٻئي صورت آهي جيئن سڀ پنھنجي اندر ۾ سچا موتي سمائي چپ چاپ آرام ۾ رهي ٿي تئين اهڙي ڀرپور دل به راحت جي سمنڊ ۾ بي فڪري سان رهي ٿي.

    سپ کي ٽوٻن جي دست درازيءَ جو کٽڪو رهي ٿو، پر ان ڀرپور دل تي موت به غالب پئجي نٿو سگھي.


    حصو ٽيون

    پيِهي جان پاڻ ۾ ڪيم روح رهاڻ،
    نَڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نڪا ڪيچين ڪاڻ،
    پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سورهئا.

    (شاهه سائين)

    سائين منھنجا!
    هلندڙ صديءَ جي مشيني ۽ سائنسي ايجادن جو سڌو سنؤن انساني زندگيءَ تي اثر پيو آهي ۽ تمام گھرو اثر پيو آهي. تنهن ڪري سائنسي ۽ مشيني ايجادن جو اڻ سڌيءَ طرح ادب تي به اثر پيو آهي. سائنس جتي انسانن لاءِ آسائشون پيدا ڪيون آهن، اُتي انسان کي اُڻ تڻ ۽ بي چيني به بخشي ڇڏي آهي. ان جو سڀ کان وڏو سبب انسان جو رفتار تي حيرت انگيز قبضو آهي، اڄ جو ليکڪ انهن ٻنهي حقيقتن کان واقف آهي، پراڻا قصا ۽ مثنويون غير ضرور پَٽَاڙ سبب، اڄوڪي زماني لاءِ غير موزون آهن هي دور هڪ ڪم ۾ مهارت حاصل ڪرڻ جو دور آهي. ان لاءِ اڄ جدا سرجن آهن، ته دل لاءِ جدا، اهڙا انجنيئر به آهن، جيڪي فقط بنياد وجھڻ، يا لوهه جي پڃرن ٺاهڻ ۾ ماهر هوندا آهن، هڪ ڪم ۾ مهارت جو قدر ايتري قدرته وڌي ويو آهي جو چيني کاڌي لاءِ خاص بورچي آهن ته پاڪستاني کاڌي لاءِ جدا ۽ انڊونيشي کاڌي لاءِ الڳ، جڏهن زندگيءَ جو هڪ هڪ حصو ڪنهن نه ڪنهن مهارت گيريءَ جي اثر هيٺ اچي ويو آهي.


    سائين منھنجا!
    هونئين به مرڪ ڏاهپ ۽ ڏات جي علامت آهي. ان ڪري مان وري به ورجايان ٿو ته اها مرڪ انسانن جي مُک تي سدائين حيات رهي. اها مرڪ؛ ڪڏهن ڪڏهن ٽهڪن جي روپ سُروپ به وٺندي آهي پر ان ۾ ڏاهي جو ڏک ۽ پٿرا به پئي ملندي آهي. اِها مُرڪ هڪ زور آور ۽ جابر کي پاڻ تي ٺٺولي لڳندي آهي ۽ هيڻي لاءِ هينئن جو ڏُڍ هوندي آهي. اها مرڪ ظالم جي اندر ۾ آنڌ مانڌ پيدا ڪندي آهي ۽ مظلوم کي اتساهه بخشيندي آهي اهڙي طرح اها مرڪ اڳرائي ڪندڙ لاءِ ڏوراپو هوندي آهي ته وري نَٻل لاءِ ديا جو سينهو بڻبي آهي. اچو ته سڀئي گڏجي اڳتي وڌون ۽ ان مرڪ کي ماڻيون جنھن جي باک ڪڏهن کان ڦٽي چڪي آهي ۽ اها باک سچائيءَ جو سنيهو ڀلائيءَ جو ڀڻڪو ۽ حق جي علامت آهي. ڇو ته هن پرهه ڦٽڻ جي ڪري وهمن جي محلات ۾ ڀڄ ڊاهه شروع ٿي وئي آهي. اسين انھن اُڀرندڙ ڪرڻن جي روشنيءَ ۾ نيڪي ۽ بدي جي سولائي سان پرک ڪري سگھون ٿا. بلاشڪ اهو ڏينهن تمام ويجھو آهي.

    جڏهن ڏاهپ جو راڄ قائم ٿيندو ۽ مون کي پڪو پختو ويساهه آهي ته ان ڏينهن تي اسان جي وچ ۾ انسان مرڪندو نظر ايندو.

    نوجوان شاعر غلام مرتضيٰ ”مير“ جو غزل ذهن تي تري آيو آهي، اوهان سڄڻن سان ونڊڻ ٿو چاهيان؛

    داستان مان بيان، ڪيان ڪهڙو.
    رازُ دِل جو عَيان، ڪيان ڪهڙو.

    ٿا نوان اِنڪشاف روز ٿِيَن،
    سو نئون رازادان، ڪيان ڪهڙو.

    ساڻُ سُورن جو قافلو آهي،
    هاڻِ مان ڪارِوان، ڪيان ڪهڙو.

    منهنجو هڪڙو جو تون صنم آهين،
    ٻئٖي کي روحِ روان، ڪيان ڪهڙو.

    پِرِيتِ ۽ پيار کي ناهي بقا،
    جِيءَ کي جاوِدان، ڪيان ڪهڙو.

    ريءَ اُلفت، نه ڪائي لَوڙَ اٿم،
    مِير! ڪمُ جي ڪيان، ڪيان ڪهڙو.


    سائين منھنجا!
    افسوس اٿم پنھنجيءَ سنڌ ۾ به ساڳيا رواج شروع ٿي ويا آهن، هتي به ڪُراڙا ماڻھو محفوظ ۽ خوش نه آهن، ڏک جھڙي ڳالھ آهي. هنئين ٻڌندا هئاسين ته ٻاهرين ملڪن ۾ پوڙهن ماڻھن لاء رهڻ لاءِ قائم ڪيا الڳِ الڳ قيدخانه الڳ گھر آهن.

    جتي پوڙها ماڻھو پنھنجن ٻچن سان پُوٽن، پُوٽين، ڏوهٽن، ڏوهٽين، ننهن، ڌئين ۽ پٽن جن هنن کي لوڌي ڪڍيو.

    جن جو سارسنڀال لاءِ ميل فيميل نرسون حڪومت طرفان مقرر ٿيل آهن. هن عمر ۾ ته هنن کي ننڍڙي ٻار وانگر پيار محبت ۽ توجھ جي ضرورت آهي. اهڙن سينٽرن کي ٻاهرين ملڪن ۾ اولڊمين هائوسز سڏيو وڃي، پرهاڻي اهو سڀ ڪجھ آئون پنھنجي اکين سان ڏسي آيو آهيان. ته اسان جي سنڌ جي ٻهراڙي ۾ به پوڙهن والدين لاءِ گھر سوڙها ٿي ويا آهن، اهي کليل اڳڻ وارا وڏا گھر به سوڙها آهن جڳھ نه آهي. انھن والدين لاءِ ان امڙ لاءِ جنھن اولاد کي تاتي پالي وڏو ڪيو. اڄ اها ئي اولاد پنھنجي پوڙهن والدين کي پيرن (درگائن) تي ڇڏي هليا ٿا اچن. ڇا ٿي ويو آهي اسان جي معاشري کي پٽن جون مائريون لاوارث هجن پير ۽ درگاهون اسان جا اولڊمين هائوسز جي برابر ئي ٿي ويا آهن. جتي هنن کي سڪون ملي ٿو. اولاد به يا نصيب، جنين ڪاڻ جياس سي ڪلھي ڪانڌي نه ٿيا.

    اسان روئي روئي: (رحمٰن مغل)


    پُڪاري ننڍ مان ٿي هوءَ،
    اُٿاري ننڍ مان ٿي هوءَ.
    کليل آخواب جي ڳڙ کي،
    نھاري ننڍ مان ٿي هوءَ،
    پکين وانگي اکين مان ڪيئن،
    اڏاري ننڍ مان ٿي هوءَ.
    (حسن درس)


    جتي خوشيون ۽ اعتبار هجي
    جتي محبت جي ڇانيل ملھار هجي
    جتي سک جا سنگ ڦٽندا هجن
    جتي قرب جا وهندڙ آبشار هجن
    جتي فرق وجھندڙ نه سوچون هجن
    جتي نفرت ڀريون اکيون نه هجن
    جتي لوڀ لالچ جون نه لوچون هجن
    جتي خوشبو جا پوپٽ اڏندارهن
    جتي پيار جي پوک پچندي هجي
    جتي هر صبح ڏيندي سعيد هجي.
    جتي ڪنهن کان به نه دلبر دور هجي
    جتي هميشه سچ جو پکڙيل نور هجي.


    سائين منھنجا!
    اچو! پيار جو انمول تحفو کڻي هلندڙ صديءَ جي آجيان ڪريون ۽ نفرتن جو ٻج ختم ڪري ڇڏيون چؤ طرف پيار جا ٻوٽا پوکيون، اهي سڀ جا هل رسمون ريتون جيڪي ڪنھن کان جيئڻ جو حق کسن، جنھن سان ڪنھن جي دل آزاري ٿئي. ڪنھن جي اک ۾ لڙڪ اچن، اُهي سڀ مدي خارج رسمون ٽوڙي انھن کي ماضي ڪري ڇڏيون جن سان پيار پنڌ ۾ ڪنڊا اچن ۽ ڪومل جذبا لتاڙيا وڃن، جن سان دليون ٽٽي پون تن جون پاڙون پٽڻ ئي بھتر آهي، پوءِ ڇو نه سڀ گڏ ٿي انھن ظالم رسمن کان نجات وٺون. نئين صديءَ ۾ باوقار طريقي سان داخل ٿيون، جتي ڪنھن سان ڏاڍ نه ٿئي جتي رات جي اوندهه ۾ راتا ها نه ٿين، جتي ڪنھن ماءٌ جي گود خالي ڪرڻ وارو نه هجي جتي ڪنھن ڀيڻ کان سهارو نه کسي، جتي ڪنھن ونيءَ جي سِر جو سائين راهه ۾ رهزنن هٿان نه ڪٺو وڃي، جتي ڪنھن جي ارمانن جو خون نه ٿئي. جتي پيار کي پاپ نه، پر عبادت سمجھيو وڃي.

    ها! ائين ٿي سگھي ٿو جڏهن اسان سچائي ڪيون پنھنجي قول ۽ فعل ۾ تضادنه رکون، پوءِ سڀ برايون پنھنجي موت پاڻ مري وينديون ۽ سڀ گڏجي وچن ڪريون ته هلندڙ صدي امن جي صدي هوندي.


    ”وينتي“

    هيءَ جنگ آهي.
    ڌرتيءَ کان اُڀ تائين،
    مون کي ساڙ تون،
    ها، تون مون کي ساڙي ڇڏ.
    پر جنھن آ ڏني مون کي پناهه
    ان کي نه ساڙ تون
    هيءَ جنگ آهي،
    تنھنجيءَ دل ۾ جيڪي اچي سوڪر ڀلي.
    منھنجي هن آسمان کي ساڙ تون.
    هي منھنجيون راتيون آهن،
    جي چاهين ته انھن کي به باهه ڏي
    مگر هي منھنجا ڍُور ڍڳا نه ساڙ تون.
    آءٌ ڄاڻان ٿو ته هيءَ جنگ آهي.
    ساڙ، منھنجيءَ دل کي به ساڙ تون
    جي چاهين ته منھنجي محبتن کي به باهه ڏي،
    پرهِي جي هوا ۾ جھولن ٿا،
    ڪڻڪن جا سڀ سنگ سنھڙا
    انھن کي نه ساڙ تون
    انھن کي نه ساڙ تون.

    پنھنجو ڪم پاڻ ڪرڻ بھتر آهي.
    جڏهن تون پنھنجو ڪو هڏ ڏوکي نه ڏسين، تڏهن توکي پنهنجي ڪم پاڻ ڪرڻ گھرجي. گھڻا ماڻھو رڳو وات جا مٺا ۽ اندر جا رَڌل ٿيندا آهن، اهڙن ماڻھن جي ڏٽن تي ڀروسو متان ڪريو، اهڙن ماڻھن جون دليون مؤثر نه آهن. انھن جي فريب ۾ متان اچو منافق دوست کان هميشه خبردار رهو. هن جي هيٺين ڳالھين تي متان لڳو. زمين تي منافق ڄار پکيڙي مٽيءَ سان ڍڪي ڇڏي آهي.
    هوشياريءَ سان هلو. پنھنجن توڙي پراون جي مڪر آميز ڳالھين تي متان ٺڳجي وڃو.


    پرورش ۽ آرائش.
    اي انسان تنھنجو بدن خاڪي آهي جنهنجي پرورش ۽ آرائش جي توکي جھوري لڳي پيئي آهي. انھيءَ بدن کي جيتري قدر تون کارائي پياري سَڀرو ڪندين اُوتري قدر پنھنجي روح کي اَڀرو ڪندين. تون ڪاملن جي صحبت ۾ پنھنجو پاڻ سڃاڻ ۽ حقيقي محبوب سان سچو نيهن رک.
    اندر ڪيني کان صاف هوندو، ته خدا تعاليٰ جي طرفان جيڪو معرفت جو علم توکي عطا ٿيندو، سو تو سان ائين رلي ملي ويندو، جيئن هٿ جو ڌاريل پکي جنھن ۾ منافق جي دل نه هوندي، سو سَئو ڪوششون کڻي ڪندو ۽ سَئو ڪتاب کڻي پڙهندو، ته به ان جي اندر معرفت جو علم اهڙو رهندو جھڙو بادشاهه جو باز ڪنھن ڳوٺاڻي جي گھر ۾ رهي سگھي.


    يادون
    يادون زندگيءَ جو خوبصورت ۽ عظيم سرمايو آهن. يادون جڏهن تنهائي جي موسم ۾ اينديون آهن ته گذريل ڳالهين کي سوچي ڪري چپن تي مرڪ پکڙجي ويندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته گذريل ڏينهن جو پل پل سوچي ڪري دل روئي پوندي آهي. يادون مايوسيءَ ۾ اميد جو ٻرندڙ ڏيئو آهن. يادون تازن گلن جي مثال آهن، ياد جو ڏيئو جڏهن ڪنھن جي ياد ۾ ٻرندو آهي ته دل جو ٻوجھ اکين جي ذريعي نڪري ايندو آهي.


    حقيقت بڻجڻ
    آءٌ جيڪو به سوچيان ٿو منھنجا هي خيال خواب حقيقت بڻجن، منھنجي دل چوندي آهي مان ٻين ڪاڻ جيئان منھنجي زندگي ٻين لاءِ وقف ٿي وڃي منھنجو ظرف اعليٰ ٿي وڃي مان ٻين جون خطائون برايون نه ڏسان.
    سڀني جون سٺايون ڏسان ٻين جي ڏکن کي پنھنجو سمجھان، هر ماڻھو جي منھن تي مرڪن جا گلڙا ٽڙندا رهن ڪنھن ٻه غريب جي اکين ۾ لڙڪ نه هجن هر ماڻھو خوش نظر اچي ۽ مون، مان منهنجي ”مان“ نڪري وڃي خواهشون ختم ٿي وڃن من مان مونجھ ختم ٿي وڃي ۽ ٻين جي خوشين جو خيال ڪريان.


    سامعين درست سوچ.
    هڪ درست، هڪ مثبت سوچ رکڻ وارو زندگي جي تمام حقيقتن کي سڃاڻڻ وارو شخص سٺا ۽ خراب حقائق اهو انھن ٻنهي کي الڳ الڳ ڪرڻ ۽ انهن کي مرتب ۽ منظم ڪرڻ جي ذميواري کڻندو آهي. ۽ انهن کي منظم ڪرڻ وقت انهن کي الڳ ڪري رکندو آهي.
    جيڪي هن لاءِ ضروري هونديون آهن باقي تمام حقيقتن کي وڃائي ڇڏيندو آهي. هو ٻُڌل ۽ ٻڌايل ڳالھين تي يقين نه ڪندو آهي.
    اهو شخص جذبات جو غلام نه پر آقا هوندو آهي.
    ۽ پنھنجي پاڻ سان گڏ رهندڙ ڪاروبار ۾ ڪم ڪندڙ ماڻھن جي سوچ کي پنھنجي سوچن جي مٿان حاوي ٿيڻ نه ڏيندو آهي.
    ۽ نه وري انھن کي پاڻ تي ڪنٽرول ڪرڻ ڏيندو آهي.
    سائين منھنجا!
    همدردي اها ٻولي آهي، جيڪا ٻوڙا ٻڌي سگھن ٿا،
    ۽ نابين به پڙهي سگھندا آهن. ان لاءِ اسان کي گھرجي هر ساهه واري سان همدردي ڪجي همدردي ماڻھوءَ ۾ ماڻہپو آڻي ٿي.

    تو سہاري يار، جيئان ٿو پيو،
    دلربا سنسار آ تنہنجي ڪري.
    تنہنجي نالي سان پيو سڏجان هتي،
    زندگيءَ سان پيار آ تنہنجي ڪري.

    (فقير محمد سنڌي)


    اسحاق سميجيءَ جو غزل
    دل جي آڳر تي تري آيو آهي.


    اڌ اگھاڙا انگ هُيا ڪجھ ڪاڳر تي،
    باقي هاريل رنگ هُيا ڪجھ ڪاڳر تي.

    گونگا گونگا منظر ها ڪجھ راتين جا،
    آوازن جا جھُنگ هُيا ڪجھ ڪاڳر تي.

    هڪڙي پاسي بُک ڏٺو پئي وحشت کي،
    هڪڙي پاسي سنگ هُيا ڪجھ ڪاڳر تي.

    آيو پئي آواز انوکو ٽپ ٽپ جو،
    برسي پيا سارنگ هُيا ڪجھ ڪاڳر تي.

    ڇلندو ڇلندو سمنڊ لہي ويو نيڻن ۾،
    ٻاهر خالي ڪَنگ هُيا ڪجھ ڪاڳر تي.

    

    سامعين. عبادت، ذڪر ۽ فڪر

    عبادت انسان مٿان الله تعاليٰ جو حق آهي. ماڻہو جو ڇوٽڪارو ان ۾ آهي ته هو خدا پاڪ کي سڃاڻي ۽ سندس عبادت ۾ لڳي وڃي. هتي ڄاڻڻ کپي ته عبادت جو مطلب نہايت وسيع آهي ۽ ان ۾ نماز، روزي، زڪوات ۽ حج شامل هجڻ سان گڏو گڏ انسان جو هر عمل پڻ اچي وڃي ٿو. هر ڪم ڪرڻ وقت الله تعاليٰ جي مرضيءَ کي نظر ۾ رکڻو آهي ۽ اهائي سچي عبادت آهي.

    سامعين محترم. نوڙت ۽ خوش اخلاقي.

    نوڙت، نہٽائپ يا عاجزي الله تعاليٰ جي آڏو ڪرڻي آهي ۽ ٻين انسانن سان خوش اخلاقيءَ سان پيش اچڻو آهي يعني انهن سان سہڻي هلت رکڻي آهي. حقيقت ۾ اهڙو انسان نه رڳو خدا تعاليٰ جي آڏو عاجزي ڪندو پر عہدو، دولت ۽ طاقت هوندي به پاڻ کي ٻين انسانن کان وڌيڪ نه ڀائيندو ۽ هر خدا جي خلقيل شيءِ کي عزت جي نگاهه سان ڏسندو.

    سامعين! نصيحت،
    پڪي ماني به يا نصيب.

    هن جھان ۾ ڪيترائي اهڙا ماڻہو آهن. جيڪي هوشارپ ۽ چالاڪيءَ سان روزي ڪمائين ٿا. مگر چالاڪيءَ واري روزي ڪمايل، روزي کائڻ کان اڳيئي دنيا مان هليا وڃن ٿا. ڪنهن جي قسمت ۾ ڪک جيترو به اضافو اچڻو نه هوندو ته به سندس حرص جبل جيڏو ٿئي ٿو.
    جنهن ڪري جائز ۽ ناجائز رستن سان آمدني حاصل ڪرڻ ۾ گھٽتائي نٿو ڪري.
    ان لاءِ هر وقت اها ئي دُعا گھرڻ گھرجي ته يا خدا اسان کي اهڙي انڌي حرص کان امن ۾ رکج.

    غزل شہاب نہڙيو

    اوچتا سانوڻ برسيا هوندا،
    پيار پراڻا ڇرڪيا هوندا.

    مورن ملہاري ڇيڙي هوندي،
    ڳوڙها ڊيلن جھٽيا هوندا.

    سرتي سينڌ سنواري هوندئي،
    چوڏس چنڊ چمڪيا هوندا.

    مُرڪي مٺي گذري هوندي،
    سارا منظر مہڪيا هوندا.


    پاڻ ئي جلّ جلالہُ، پاڻ ئي جانِ جَمالُ،
    پاڻ ئي صورت پرينءَ جي، پاڻ ئي حُسَنِ ڪَمالُ.
    پاڻ ئي پيرُ مُريدُ ٿِئي، پاڻ ئي پاڻ خَيالُ،
    سُو سڀوئي حالُ، منجہان ئي مَعلُومُ ٿِئي.

    (شاهه لطيف)

    سامعين محترم!
    سچائي ۽ ايمانداري.

    انسان مٿان ٽن قسمن جا حق لاڳو ٿين ٿا.
    1. حقوق الله، الله پاڪ جا حق.
    2. حقوق العباد، ماڻہن جا حق
    3. حقوق الذات.

    پنہنجي ذات جا حق! جيئن صفائي رکڻ، جسماني ضرورتون پوريون ڪرڻ، خودڪشي نه ڪرڻ وغيره سچائي ۽ ايمانداريءَ جو واسطو انهن ٽنہي قسمن جي حقن سان آهي، پر خاص طور تي حقوق العباد سان ان جو سڌو لاڳاپو آهي.
    ڪو به انسان جنہن ۾ سچائي ناهي ۽ جيڪو ڪوڙ ڳالہائي ٿو. ان کي بہتر انسان سڏي نه ٿو سگھجي. ساڳي قت جنهن انسان ۾ ايمانداري ناهي اهو ٻين کي دوکو ڏيندو، رشوت کائيندو ۽ ٻين ناجائز طريقن سان مال گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو اهي ڪنهن مسلمان يا مؤمن جون نشانيون ٿي نه ٿيون سگھن.

    سامعين محترم!
    جولاءِ عيسوي سال جو ستون مہينو آهي، هن مہيني تي اهو نالو مشہور حڪمران جوليس سيزر جي نالي پويان پيو، ڪنہن زماني ۾ هي مہينو پنجي 5 نمبر تي هو ۽ هن جو نالو ڪئانٽليس Quantilis هو جنهن جي معنيٰ آهي پنجون هن مہيني دوران اتر اڌ گول ۾ موسم گرم رهندي آهي ۽ ڏينهن ننڍا ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن، ڏکڻ اڌ گول ۾ ڏينهن وڏا ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن، ۽ سردي گھٽ ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي، اتر اڌ گول جي ڪيترن ئي علائقن ۾ هن مہيني دوران بارشون ٿين ٿيون هن مہيني ۾ 31 ڏينهن ٿين ٿا.

    اڄ ست جولاءِ آهي

    7 جولاءِ 1950ع تي ڪاڪو ڀيرومل مہر چند آڏواڻي ساسون اسپتال بمبئيءَ ۾ وفات ڪئي.
    7 جولاءِ 1986ع تي مشہور لوڪ فنڪاره مائي ڀاڳيءَ لاڏاڻو ڪيو.
    7 جولاءِ 1961ع تي سنڌ جو امر آواز ”سرمد سنڌي“ اصل نالو عبدالرحمٰن ولد حيات مغل پريالو ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.
    7 جولاءِ 1927ع تي مشہور محقق، مورخ ۽ نقاد ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
    7 جولاءِ 2000ع تي مہان شاعر نثار بزميءَ وفات ڪئي.
    7 جولاءِ 2007ع تي قطعيءَ جو بادشاهه شاعر اميد خيرپوري لاڏاڻو ڪيو.
    7 جولاءِ 1884ع تي مايه ناز، فاضل شاعر ۽ صوفي درويش گل محمد خان زيب مگسي ولد نواب مير قيصر خان مگسي جھل مگسي ۾ پيدا ٿيو.


    سامعين محترم! گھر ۽ ٻار
    اسان وٽ عام طور تي ڏٺو ويو آهي ته گھر اندر مردن جو ورتاءُ ۽ خاص طور تي گھر جي وڏي جو اٿڻ ويہڻ کُہرو ۽ سخت هوندو آهي، جنهن سبب عورتون ۽ ٻار پريشانيءَ ۾ ورتل هوندا آهن. جيڪڏهن ڪٿي ائين نه به هجي ته به مرد جڏهن ڪاوڙ ۾ هوندا آهن ته پنهنجي اندر جي باهه ٻارن ۽ عورتن کي دڙڪا وغيره ڏيئي ڪڍندا آهن. پر جڏهن اسان رسول الله صلي الله عليہ وسلم جي گھريلو زندگيءَ تي نظر ڪريون ٿا ته پاڻ سڳورا صلي الله عليہ وسلم. پنهنجي بيبين ۽ ٻارن سان تمام ميٺاج واري انداز ۾ پيش ايندا هئا، ٻارن کي کيڏائيندا هئا. دڙڪا ۽ مار هرگز نه ڏيندا هئا، پاڻ سڳورن جي نياڻي حضرت بيبي فاطمہ رضه جڏهن وٽن ملڻ ايندي هئي ته اٿي بيهي ان جو آڌرڀاءٌ ڪندا هئا.


    سامعين! خواب ڏسڻ به زندگيءَ جو حصو آهن ! اهڙا خواب ڏسو جيڪي تمام وڏا ۽ سٺا هجن، توهان جھڙا خواب ڏسندؤ اهڙا ئي ٿي ويندؤ. بصيرت جو واعدو آهي ته توهان کي اهوئي ملندو، جيڪو توهان ڏٺو آهي.
    توهان جو ذهن توهان جو بہترين دوست ٿي سگھي ٿو. توهان پنهنجي ذهن کي سٺي نموني استعمال ڪري گھربل نتيجا حاصل ڪري سگھو ٿا.

    اَڙي وقت توتي هزارين ميارون،
    ڏئي وئين اسان کي تون دَر دَر ڌِڪارون.
    ننڍپڻ جون رانديون، جوانيءَ جا ميلا،
    کسِيئي پيارَ پنهنجا ۽ نيڻن نہارون

    (ادل سولنگي)

    ادب ۽ زندگي هڪ ٻئي سان لازم ۽ ملزوم آهن، اُهي هڪٻئي کان ڪنهن به صورت ۾ الڳ ڪري نٿا سگھجن، ادب ۾ زندگيءَ جا سمورا ڪتاب اچي وڃن ٿا. زندگيءَ جي سمورن شعبن ۾ ادب کي سپر پاور جي حيثيت حاصل آهي.

    ادب قومن جو اهڙو سرمايو آهي جنهن لاءِ ميڪلن چيو هو ته قدرت انسان ۾ جن سرمدي شين کي امانت ۾ رکيو آهي تن جي اظہار کي ئي ادب چئجي ٿو.


    سائين منهنجا!
    حق ۽ واسطا، دنيا ۾ حق ۽ واسطن جو ملڻ ۽ نه ملڻ به هڪ عجيب معاملو رهيو آهي.
    واقعي ڏاها،
    صحيح چوندا آهن.
    جيوت ڏاڍي قيمتي وَٿ آهي.
    تڏهن ئي ته
    پاڻ جھڙا هزارين جيو
    ان قيمتي شيءِ جا، حق ۽ واسطا وٺي ناهن سگھيا!


    سامعين. چين ۽ پاڪستان جا لاڳاپا!
    پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن جي هڪ نئين شروعاتي تاريخ لکجڻ تي عمل ٿي رهيو آهي، چيني صدر شي جن پنگ هڪ طويل انتظار ڪرائڻ کان پوءِ ڪلہه کان ٻن ڏينهن جي دوري تي ملڪ جي گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد پہتل آهي.
    جنهن جو عظيم الشان استقبال ڪيو ويو آهي.
    گذريل 9 سالن ۾ پہريون ڀيرو آهي جو ڪو چيني سربراهه پاڪستان جي دوري تي پہتل آهي ٻه ڏينهن جي شي جن پنگ جي دوري جي موقعي تي ٻنہي ملڪن جي سربراهن توڙي وفدن جي سطح تي جيڪي ملاقاتون ٿينديون، انهن موجب پاڪستان ۽ پاڪ چين اقتصادي، راهداري واري اهم منصوبي تي معاهدو جنهن تي 45 ارب ڊالرن جي لاڳت ايندي هن منصوبي تحت چين جي سرحدي علائقي خنجراب جي سرحد کان ويندي بلوچستان جي علائقي گوادر تائين روڊ رستو وڇايو ويندو ان کان علاوه ساڳي ئي روٽ تي ريل رستو به ٺهندو ۽ ان کان علاوه بجلي جو منصوبو به شامل آهي. اهڙي ريت مجموعي طور تي جنهن ۾ 10 هزار 400 ميگاواٽ جي بجلي جو منصوبو به شامل آهي اهڙي ريت 832 ڪلوميٽر شاهراهن جي تعمير 1736 ڪلوميٽر ريلوي لائين جي تعمير توڙي گوادر جي بندرگاهه تي ڪيترائي پاڪ چين ترقي جا منصوبا به هن اقتصادي راهداري واري پئڪيج ۾ شامل آهن. پاڪستان ۽ چين جي رستي کي ديوار چين کان به وڌيڪ مضبوط تصور ڪيو وڃي ٿو.
    اهوئي سبب آهي جو ٻنہي ملن جو هڪٻئي تي اعتماد آهي.
    اهو چيو پيو وڃي ته چيني صدر جي آمد کان پوءِ انہيءَ تاريخي دوري جي موقعي تي پاڪ ايران گئس پائيپ لائين منصوبي جي تڪميل واري منصوبي تي به چين جي سيڙپڪاري وارو معاهدو ٿي ويندو.
    ۽ اهو به چيو پيو وڃي ته چيني صدر پاڪستان لاءِ جيڪو 45 ارب ڊالرن جي لاڳت جو جيڪو تحفو کڻي آيو آهي. ته ان جي موٽ ۾ پاڪستان چين کي عربي سمنڊ گوادر واري پورٽ تائين رسائي ڏيندو ان کان علاوه چين هن دوري دوران پاڪستان کي 8 ڊيزل اليڪٽرڪ بحري ٻيڙا ڏيندو.
    اقتصادي راهداري منصوبن تحت ٿر مان 6600 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي.
    اڄ 21 اپريل 2015ع تي ملڪ شاندار ڏينهن جو ڏيک ڏئي رهيو آهي.

    سائين منهنجا!
    هن وقت دنيا جا سڀ سائنسدان خاص طور تي ڌرتيءَ جا ماهر ڄاڻو ۽ تارا ڄاڻڪ اِهو مڃين ٿا ته، زمين تي حياتي صرف سج ۽ انہيءَ جي روشنيءَ جي ڪري برقرار آهي، سج جي تباهيءَ سان شمسي نظام به تباهه ٿيندو، جيڪو سڄي ڪائنات جي تباهيءَ جو سبب بڻبو.
    سامعين محترم! (زرعي چوڻي)

    ڪونجن ڪُرڪ، پاڻيءَ سرڪ، ڪونج، پکيءَ جونالو
    ڪُرڪ؛ دانهن

    جڏهن يا جنهن وقت ڪونجون ڪُرڪ ڪنديون آهن، ان وقت پاڻيءَ جي قلت ٿي ويندي آهي ۽ درياءَ جي تري ۾ پاڻي وهندو آهي. اها سرءُ جي موسم آهي.
    مطلب ڪونجن جي دانهن ڪرڻ وقت، پاڻي ٿورڙو ٿي ويندو آهي. درياهه ۾ پاڻي لهي وڃي ته ڪونجون ڪُرڪ ڪنديون آهن.
    ڪونجن ڪُرڪ، کير چُرڪ (زرعي چوڻي)
    کير جو تعلق مينهن سان آهي. جڏهن ڪونجون ڪرڪ ڪنديون آهن تڏهن درياهه ۾ پاڻي ته لاٿ ڪري ويندو آهي پر تر جون مينهون به ويهڪي وينديون آهن ۽ کير ڏيڻ گھٽجي ويندو اٿن مطلب؛-
    ڪونجن جي دانهن ڪرڻ وقت مينهون به کير گھٽائي وينديون آهن.

    سائين منهنجا- حسن اخلاق!

    سخاوت دنيا ۽ آخرت وارن عيبن کي ڍڪي ٿي، ضرورتون گھٽائيندؤ ته راحتون نصيب ٿينديون راضپي واري اک سان ڪوبه عيب نظر نٿو اچي، ناراضپي ۾ عيب ئي عيب نظر ايندا آهن.
    جيڪي توهان ۾ خوبيون ئي ناهن، ۽ ڪو بيان ڪري اهو اهڙا عيب به بيان ڪندو جيڪي توهان ۾ ناهن.


    سامعين محترم عملي ڪم

    پهريان پنهنجي زندگيءَ جو جائزو وٺو ته توهان بھترين ڪم ڪھڙا ڪري سگھو ٿا. پوءِ ڊگھي مُدي واري منصوبابندي ڪريو، ايندڙ وقت بابت سچيو ۽ پنھنجي زندگيءَ کي هر لحاظ کان محترم بڻايو، اڄ ئي هڪ تفصيلي منصوبو ٺاهيو ته توهان کي معاشي آزادي حاصل ڪرڻي آهي، پنھنجي زندگي ۾ نظم ۽ ضبط پيدا ڪريو، توهان ڪھڙي ڪم سان محبت ڪريو ٿا؟ اهو ڪم ڪريو جنهن جي ڪرڻ سان توهان کي خوشي حاصل ٿيندي آهي.
    پنھنجي زندگيءَ ۾ تبديلي آڻيو، ڪنهن ڪم کي وڌايو، يا ڪنهن کي گھٽ ڪريو، سڀ کان اهم ڳالھ هيءَ آهي ته غير ضروري ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيو.

    تـوکي ڏسندي هاڻي ويٺو، هي سوچيان ٿو آئون،
    سپنن کان وڌ سهڻيون آهن، منھنجون ساڀيائون.
    ٻَري ٻَري جيئين لالٽين جو ڪارو ٿي ويو ڪائو،
    پنا ڪري ائين ڪاراسار، چمڪن ٿيون رچنائون.
    (مختيار ملڪ)

    سامعين محترم- حقيقي علم!
    حقيقي علم فرد کي سندس تاريخي حيثيت جو شعور ڏيندو آهي . اهو شعور تنقيدي هوندو آهي، ۽ ان جو بنياد سوال جواب ۽ پڇا ڳاڇا تي هوندو آهي. جيئن ته ان جو بنياد حقيقي تاريخي حالتن تي پوندو آهي، تنهن ڪري ان شعور وارو فرد اجتماعي مفاد ۾ تبديليءَ لاءِ پنھنجي چوڌاري حقيقي ماحول سان وابسته ٿي ان کي سمجھندو آهي. ان مان هڪ نئون علم ۽ نئون شعور پيدا ٿيندو آهي. اها ڳالھ طئي آهي ته سکڻ جي خواهش ٻار ۾ فطري طور تي موجود هوندي آهي ان خواهش جو اظهار هو تجسس ۽ سوالن جي صورت ۾ ڪندو آهي.
    اهڙن ئي ننڍن ذهنن کي جواب سٺي نموني سان ڏيڻ گھرجي.

    

    اکـيـون سـنـگـتــراش جـون، آهـن پـــٿــر ۾،
    جنهن جي اندر ۾، جاڳي ٿي هڪ مورتي.
    سعيد ميمڻ

    سامعين! پيار هڪ اهڙو طريقو آهي جنهن جي ڏي وٺ جي ڪارڻ اسان کي آئيندي ۾ پڪو پختو ويساهه ويهي ٿو، ڌڻيءَ اسان کي پيار جھڙي اُتم سوکڙي ان لاءِ سونپي آهي ته جيئن ٿڪل ۽ ماندن روحن لاءِ هن جڳ ۾ رهبريءَ جو ڪم ڏئي سگھي.
    پيار چوڌاري هڪ گُل جيان هُڳاءٌ ڪري اُسري ۽ سري ٿو پنھنجي مکيه مرڪز کي ميساري نه ٿو، ان ڪري اوهان به پيار وسيلي پنھنجي اندر کي آئيني وانگر صاف ۽ شفاف بڻايو ته جيئن پاڻ ۾ سَهپ سگھ پيدا ڪري سگھو، ان لاءِ پاڻ کي ايڏو ته اُتم ۽ اعليٰ بڻايون جو ڪنهن به پرک ۾ اوهان کي پوئتي پير نه ڪرڻو پوي.

    سامعين محترم! انسان جي دل ۽ ان دل لاءِ تمام گھڻو تاڪيد ڪيو ويو آهي. ۽ خبردار ڪيو ويو آهي ته انسان جي جسم ۾ گوشت جو هڪ ٽڪرو آهي.
    جيڪڏهن ان جو سڌارو ٿيو ته گويا سڄي جسم جو سڌارو ٿيو. ۽ جيڪڏهن اهو بگڙيل رهيو ته گويا سارو جسم بگڙجي ويندو. اهو گوشت جو ٽڪرو دِل آهي. دل جو صاف هجڻ ايمان جي نشانين مان هڪ نشاني آهي. پھرين منزل اِها آهي ته انسان جي دل صاف ۽ شفاف هجي.

    سائين منھنجا!
    سٺي ڳالھ جيڪو به ڪري غور سان ٻڌو.
    جوانيءَ جو وقت بچايل، پوڙهائپ ۾ ڪم ٿو اچي.
    جوانيءَ ۾ اڌ کائو اڌ بچايو.
    عقل هر وقت ۽ هر جڳھ سون کان قيمتي آهي.
    جنهن دروازي کان شڪ اندر اچي، اعتماد ۽ محبت ان دروازي کان ٻاهر نڪري ٿا وڃن.

    سامعين محترم!
    هي دنيا هڪڙو وڻ آهي ۽ اسين ان جا ميوا آهيون، اسان مان جيڪي اڃا خام ۽ ڪچا آهن. سي ئي دنيا کي مضبوط هٿ وجھي چنبڙيل رهن ٿا پر جيڪي روشندل شخص آهن سي دنيا سان تعلق ٽوڙڻ ۾ ويرم ئي ڪونه ٿا، ڪن جنهن کي حقاني محبت ميٺاج نصيب ٿئي ٿي. تنهن کي دنيا جي مرڪ هڪ لذت ڦڪي ۽ بي سواد پئي لڳندي آهي. ۽ اهي ڪڏهن به دنيا جي ڪنهن به ڦند ۾ ڪونه ڦاسندا آهن.

    ٽوپي اجرڪ وارا ماڻهو
    جڳ ۾ آهن پيارا ماڻهو
    اُجرا، اُجرا، تن من جن جا
    سونهن سراسر سارا ماڻهو.

    (انور پرديسي)


    حصو چوٿون

    جوڙي جوڙ جهان جي، جڏهن جوڙيائين،
    خانوند خاصُ خلقي، محمد مُڪائين،
    ڪَلموُ تنهين ڪريم تي، چٽو چَيائين،
    اَنا مولاڪ وَاَنُتَ محبوبي ائين اُتا ئِين،
    ڏِکي ڏِنائِين ٻئي سرائون سيّد چئي.

    (شاه لطيف)

    سامعين محترم!
    پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم جي اخلاق جي تعريف ڪندي الله تعاليٰ قرآن پاڪ ۾ فرمايو.
    بيشڪ تون اخلاق جي بلند مرتبي تي پهتل آهين، پاڻ ڪريمن صلي الله عليه وسلم پنھنجي عادتن ۽ وهنوار ۾ ايتري ته سهڻي هلت سکندڙ هئا جو خدا پاڪ به کين قرآن پاڪ ۾ ساراهيو آهي. پاڻ ڪريمن جو آخري نبيءَ طور اچڻ جو مقصد اهو ظاهر ڪري ٿو ته قيامت تائين سندن شخصيت سج جيان چمڪندڙ رهندي.
    حقيقت ۾ اها خدا تعاليٰ جي وڏي مہرباني ۽ انسانيت مٿان هڪ وڏو احسان آهي. خوشنصيب آهن اُهي انسان جيڪي رسول الله صلي الله عليہ وسلم جي طريقي تي عمل ڪرڻ جو ڏانوءَ سکن ٿا.


    سامعين محترم!
    ماڻهن کي چڱي ڳالہه چئو!

    گفتگوءَ جي آداب منجھان آهي ته جڏهن پاڻ ۾ ڪچہري ڪجي ته سٺو انداز اختيار ڪجي، لہجو نرم هجي، ڳالہائڻ ۾ سختي نه هجي، جنهن سان ڳالہائجي تنهن جي مقام ۽ مرتبي جو خيال رکجي وڏن ساڻ ادب ۽ ننڍن سان محبت، شفقت ساڻ ڳالہائڻ کپي.
    پاڻ ڪريمن ﷺ جن فرمايو ته مسلمان نه طعنو ڏيندو آهي ۽ نه بدزباني ڪندو آهي.

    سائين منهنجا!
    هيءَ دنيا جيڪا رنگين ٿي نظر اچي اهو انسان جي محنت جو ڦل آهي، جھڙي طرح هر کاڌي جو مزو جدا جدا هوندو آهي اهڙي طرح هر نيڪ عمل جي لذت به الڳ الڳ هوندي آهي.
    روز مره جا ننڍڙا ننڍڙا ڪم ڪائنات جي هم آهنگيءَ جا حصا آهن. هر انهيءَ ڪم ڪرڻ کان پرهيز ڪريو جو ڳجھو ڪيو وڃي، ۽ جنهن جي ظاهر ظہور ڪرڻ سان شرم اچي.
    بہترين ڪم ڪرڻ سان انسان ٽن براين کان بچي وڃي ٿو. بوريت، گناهه ۽ ضرورت.


    حسن درس جو نظم ٿو ياد اچي ته

    تنهنجي ڳلي!
    هي ڳلي.
    ڪنهن پيرسن جي عمر جيڏي ڊگھي،
    ڪنهن سنياسيءَ جي يوگ جيڏي،
    زندگيءَ ۾ عاشقي جيڏي وڏي
    هيءَ ڳلي!
    هي ڳلي،
    منهنجي من ۾ سدائين،
    ڪنهن سنہي تار جيئن،
    وڄندي رهي آهي،
    ڪنهن نظم جي سٽ وانگي.
    ڪنهن چتر ڪنهن چٽ وانگي.
    مون کي سدائين ٿي لڳي
    هي ڳليءَ!
    ۽ ڪنهن ستاري جي
    پري کان ڏيک وانگي
    منهنجي اک ۾ پوري لہي ٿي.
    هي ڳلي!
    تنهنجي ڳلي!

    سامعين!
    پاڻ ڪريمن صه تي غار حرا ۾ پہريون لفظ جو نازل ٿيو، سو هو ”اقرا“ يعني پڙهه، تنهنڪري پڙهڻ، مطالعو ڪرڻ ۽ ڪائنات تي غور فڪر ڪرڻ هر هڪ انسان لاءِ ضروري آهي.
    پاڻ ڪريمن صه جن ساري عمر پنهنجي امت ۾ لکڻ پڙهڻ ۽ تعليم کي رائج ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رهيا،
    ۽ فرمايائون ته، هر هڪ انسان توڙي عورت کي علم جي طلب ڪرڻ فرض آهي.
    جيڪو ماڻهو علم جي تلاش ۾ نڪري ٿو، اهو واپس اچڻ تائين الله پاڪ جي راهه ۾ آهي.

    سامعين!
    تاريخ ۾ اڄ جو ڏينهن؛
    17 جولاءِ 1993ع تي ڀلوڙ انسان سچو صحافي فقير محمد لاشاري پنجاب صوبي جي شہر گوجر خان وٽ روڊ حادثي ۾ شہيد ٿيو، آخري آرام گاهه گاجي کهاوڙ ۾ اٿس.
    17 جولاءِ 1942ع تي ديوان گو شاعر لعل چند مجروح اصل نالو شيخ لعل چند عرف لعل محمد مجروح وفات ڪئي.
    17 جولاءِ 1933ع تي سنڌ جو نالي وارو شاعر استاد پيرل قنبر ولد امام بخش ”عاصي“ سومرو ڳوٺ بُٺي لڳ مبارڪ ڪلهوڙو تعلقي ميروخان ۾ جنم ورتو استاد پيرل قنبر جو اصل نالو پير محمد هو.
    17 جولاءِ 1953ع تي ناليوارو شاعر آتش سنڌي اصل نالو معشوق علي ولد ولي محمد شيخ قنبر علي خان ۾ جنم ورتو.

    سڀئي ڳالہيون ٻڌائيندس جڏهن تون روبرو ٿيندين،
    سرار سچ سڻائيندس، جڏهن تون روربرو ٿيندين.
    وساري دؤر ماضي کي، ملي هڪ جسم جان ٿيبو،
    خوشيءَ جا گيت ڳائيندس، جڏهن تون روبرو ٿيندين.

    (انور هالائي)

    سائين منهنجا!
    هيءَ دنيا به خدا پاڪ ڪہڙي نه عجيب خلقي آهي، ڇو جو هن دنيا جا رنگ طرح طرح نرالا آهن،
    انسان جي دل ۾ ڇا هوندو آهي، خدا جي درٻار ۾ وري ٻيو ڪجھ لکيل هوندو آهي، ڏکن پويان سک ڏينهن پويان رات ڪڪر پويان برسات، اهو سڀ ڪجھ اختيار مالڪ سائين جي هٿ ۾ آهي، چوندا آهن ته جڏهن وقت هٿن مان نڪري ويندو آهي، انہي مہل انسان جو دماغ ڪم ڪرڻ شروع ڪندو آهي.
    جڏهن ڪنهن ڪمڪار سانگي پنهنجو پيارو وطن ڇڏي اسان جي دلين کان ڌار ٿيندا آهن ته پرين محسوس ائين ٿيندو آهي ته ڪنهن ڪونج وانگر ولر کان وڇڙي زمين آسمان سان پيا ڳالہيون ڪندا آهيون، ها پر! پرديس لفظ ٻڌڻ سان دل مان تکا تير نڪري ويندا آهن،
    ديس جي مٽيءَ ۾ خوشبوءَ پنهنجي آهي جيڪا پرديس ۾ ڪٿي آهي. پرديس ۾ اسان کي جڏهن وطن وارا دل وارا دوست، مٽ مائٽ ياد ايندا آهن، ان مہل اسان جي دل تمام گھڻو مايوس ٿي ويندي آهي، ۽ سوچ اها هوندي آهي ته پنهنجي آزاد وطن ۾ پنهنجن پرين پيارن سان گڏ آزاديءَ جو جشن ملہائڻ گھرجي.

    سائين منهنجا!
    زندگيءَ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ بنيادي طور تي عزت حاصل ڪرڻ ضروري آهي، ٻين کان عزت حاصل ڪرڻ جي لاءِ اڳ ۾ اوهان سوچيو ته ڇا اوهان عزت ڪرائڻ جو حق رکو ٿا؟
    جيڪڏهن اوهان پنهنجي وڌيڪ عزت ڪرائڻ جا حقدار آهيو. ته ماڻهو به اوهان جي وڌيڪ عزت ڪندا. انہيءَ اصول کي اختيار ڪري ڏسو.
    ياد رکو! اوهان جي ظاهري شخصيت پاڻ ڳالہائيندي ته اوهان جيڪو ڪجھ ڪريو ٿا. صحيح ڪريو ٿا، گھر کان ٻاهر ويندي يقين رکو ته اوهان ائين ئي نظر اچو ٿا. جيئن اوهان چاهيو ٿا، توهان ٻارن کي اسڪول ويندي ڏٺو هوندو، جن جي ڪپڙن تي داغ هوندا آهن، اها ڳالہه سٺي نه ٿي لڳي، ماڻهو ننڍڙن ٻارن کي خاص ڪري غور سان ڏسندا آهن، جيڪڏهن اوهان جي ٻارن جا ڪپڙا ٺيڪ نه آهن ته انهن جو رويو به ٺيڪ ناهي، اهو ان ڪري ته ٻار ۾ نفسياتي عمل ٿو جنم وٺي ته مان ٻين کان گھٽ آهيان. ان لاءِ پنهنجي ٻارن کي سندس استاد جي نظر سان ڏسو ۽ پنهنجي پاڙيسرين جي نظرن سان ڏسو ته اهو ڪيئن ٿو نظر اچي ٻار؟
    ڇا اوهان کي اهو بلڪل ٺيڪ نظر پيو اچي؟
    جيڪڏهن ائين ناهي ته ان ۾ تبديلي آڻيو ۽ ان کي صاف سٿرا ڪپڙا پہرايو ته سڀ ڪجھ ٺيڪ ٿي پوندو.


    جي درد دل اُماس ڪري، روشني ڪجي،
    سِڪ، سونهن لاءِ لاٽ سچي، زندگي ڪجي.
    ٿو دوستيءَ جو دنگ وڏو دائرو رکي،
    هر درد مند سان وڌي دوستي ڪجي.

    (استاد بخاري)

    يا رب!
    ڇا هي نادان دناءَ ڄاڻن ٿا ته ستارن کي روشني ۽ ڪئليءَ کي ڪڻ ڪنهن رسائي آهي؟ ڇا هو گلاب جو گل ٺاهي سگھن ٿا، جنهن تي ماکيءَ جي مک اڏامي اچي ۽ ان مان پنهنجو رزق حاصل ڪري. ڇا هو ڪُوڻيءَ تي ڀنؤَر جي اڏار ۽ ڄاهيءَ جو چانڊوڪيءَ ۾ ناچ سمجھائي سگھن ٿا!
    هن ڪائنات ۾ اهڙيون ڪروڙين ڳالہيون آهن، جي هنن جي عقل کان بعيد آهن.

    يارب!
    منهنجي زبان ته عاجز آهي، منهنجي دل کي پاڻ تائين رسائي ڏي!.



    سائين منهنجا!
    آگسٽ عيسوي سال جو اٺون مہينو آهي. هن مہينيءَ تي اهو نالو مشہور رومي حڪمران آگسٽس (Augustus ) جي نالي تي پيو آگسٽس جي لفظي معنيٰ آهي دانا هن مہيني دوران اتر اڌ گول ۾ ڏينهن ننڍا ٿيندا آهن، ان جي برعڪس ڏکڻ اڌگول ۾ ڏينهن وڏا ٿي ويندا آهن هن مہيني ۾ مينہن وسن ٿا. هن مہيني ۾ 31 ڏينهن ٿين ٿا.
    اڄ چار آگسٽ آهي، چار آگسٽ جي حوالي سان ڪجھ ڄاڻ.
    4 آگسٽ 2000ع تي ڪچہريءَ جو مور فنڪار محمود صديقيءَ جو وڇوڙو ٿيو.
    4 آگسٽ 1967ع تي نوجوان شاعر زاهد دارا ابڙو جنم ورتو.
    4 آگسٽ 1991ع تي نوجوان شاعر عرفان مہديءَ لاڏاڻو ڪيو.


    سامعين محترم!
    وطن نعمت آهي،
    وطن به انسان ذات لاءِ ڪنهن نعمت کان گھٽ ڪونهي جنهن قوم کي پنهنجي ڌرتي آهي، اها قوم هميشہ لاءِ روشن مستقبل جي طرف گامزن رهندي آهي ۽ شعور ان قوم وٽ هميشہ لاءِ ٿڪ ڀڃي ٽڪي پوندو آهي.
    جيئن اسان جي زمين هزار ميل في ڪلاڪ رفتار سان نه رڳو پنهنجي پر سج جي چوڌاريءَ گھمي ٿي. ليڪن توازن جو عالم اهو آهي ته مٿس رهندڙ کي هن جو هلڻ محسوس نه ٿو ٿئي ۽ انسان وري ان سر زمين کي پاڻيءَ ڏئي سرسبز ڪن ٿا.
    اهڙي طرح سڄي قوم جي سوچ جيڪڏهن مثبت هوندي ته اها قوم سرسبز ۽ شاد آباد رهندي.

    سامعين محترم!
    پنهنجو پاڻ سان گذارڻ به هڪ فن آهي.
    اسين جڏهن ٻار هوندا آهيون ته گھڻو ڪري اهو خواب ڏسندا آهيون ته ڪڏهن ٿا وڏا ٿيون ۽ خودمختيار بڻجون وڏو ٿي احساس ٿيندو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ماڻهن جي وچ ۾ رهڻ گذارڻ ڪيڏو نه ڏکيو بڻجي ٿو وڃي خاص طور ان مہل جڏهن هو توهان کي بلڪل به سمجھي نه سگھن يا ماڳہين غلط سمجھن اڪيلو رهڻ سان تضاد کان بچي سگھجي ٿو پنهنجو پاڻ ۾ هجڻ ڪا خراب ڳالهه ناهي ان جو مطلب هر گز اهو ناهي ته ڪنهن توهان کي پابند ڪري ڇڏيو آهي.
    جڏهن اوهان پنهنجو پاڻ کي آزاد ڇڏي ڏيو ۽ ٻين جي اجازت يا صلاح کان سواءِ ئي اهو ڪري سگھو جيڪو اوهان ڪرڻ ٿا گھرو.
    

    نوجوان شاعر، پنهل جي غزل جا ڪجهه بيت آهن

    کنياسين نئين نسل خاطر هي پيرا روشني بڻبا،
    اسان جي سگهه، سهپ ڏسجو، انڌيرا روشني بڻبا!

    اچو اُڀ تان هٽايون پيڙ جا پاڇا نجا ڪارا،
    اسان جي جستجو سان دل جا ديرا روشني بڻبا.

    مگر تعصب ڀلي ڏسجو مگر سو ڏينهن ڀي ايندو،
    سڀئي مظلوم ڌرتيءَ جا، مٿيرا روشني بڻبا.


    سامعين محترم! آداب
    آداب عربي زبان جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي، فضيلت، اخلاق، سليقو، شائستگي يا تعظيم، اصطلاحي زبان ۾ چڱيون عادتون بجاءِ آڻڻ کي آداب چئبو آهي، ٻين سان خوشي مزاجيءَ سان ملڻ ۽ بهترين گفتگو ڪرڻ کي آدابي زبان ۾ بلند اخلاقي ۽ سهڻي سيرت چئي سگهجي ٿو. ايتري قدر جو کائڻ، پيئڻ، لباس پہرڻ، اٿڻ ويہڻ، ڦرڻ پاڻ کان وڏي يا ننڍي سان موزون گفتگو ڪرڻ وغيره.
    کي آداب يا ادب سان پيش اچڻ چئي سگھجي ٿو. پنهنجي وطن جي لاءِ هر وقت دُعا گھرڻ، پيءُ، ماءُ جو چيو مڃڻ، استاد جو ادب ڪرڻ، احسان ڪرڻ واري سان عاجزي سان پيش اچڻ کي اخلاقيات ۾ شمار ڪيو ويو آهي.


    سامعين! ٽپال جو عالمي ڏينهن
    هر سال 9 آڪٽوبر تي عالمي ٽپال جو ڏينهن ملہايو ويندو آهي، جيڪو سوئزرلينڊ ۾ سال 1874ع ۾ يونيورسل پوسٽل يونين جي قائم ٿيڻ جي ياد آهي. ان اداري جي قائم ٿيڻ سان سڄي دنيا جي انسانن جو هڪ ٻئي سان رابطو قائم ٿيو هو. هن ڏينهن جي ملہائڻ جو اعلان 1969ع کان ڪيو ويو جڏهن ته ٽپال کاتي جي خدمتن ۽ ان جي عملي کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ هن ڏينهن کي ملہائڻ جي خاص اهميت آهي، هن سال 2015ع ان ڏينهن جو موضوع ”اسان کي ٻڌايو ته اوهان ڪہڙي قسم جي دنيا ۾ وڌڻ گھروٿا“ آهي.


    علامه اقبال کي ڀيٽا طور، مہان ڪوي شيخ اياز جي هن دُعائيا شاعريءَ سان ته.
    يارب!
    مون کي پوپٽ جا پر ڏي ته ٻار جي ننڊ ۾ تري وڃان!
    ٻار جي ننڊ جا ڪؤثر ۽ تسنيم جي نہر وانگر هوندي آهي.
    يارب!
    مون کي ڀئَور جي گنجار ڏي،
    جا خوشبوءَ جي پينگھ ۾ لڏي.
    ۽ ڪيئي گل ان کي جھوٽا ڏين.
    يارب!
    مان تنهنجو!
    پنهنجيءَ چانئٽ کان مون کي پري نه ڪر.
    جنهن کان منهنجا چپ هٽي نه ٿا هٽن.

    سائين محترم. پاڻي فطرت جي نظام ۾ پاڻيءَ کي ئي زندگي جو سرچشمو قرار ڏنو ويو آهي آڳاٽي وقت کان ڪائنات جي جوڙ جڪ ۾ ڪجھ عنصرن ۾ مٽي، هوا ۽ پاڻي کي مکيه عنصر مڃيو ويو آهي. سڀني الہامي ڪتابن ۾ زمين سميت سڄي ڪائنات پاڻيءَ جي حوالي سان بيان ڪئي وئي آهي. انہيءَ حقيقت جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو ته ڌرتيءَ جي گولي جو منو حصو پاڻي آهي. ۽ فقط چوٿون حصو خشڪي آهي. جمادات، نباتات، ۽ حيوانيات جي ترقيءَ جو مدار به پاڻيءَ تي آهي پاڻي آڪسيجن ۽ هائڊروجن جو مرڪب آهي پاڻي هر جاندار جي ترڪيبي جزن ۾ ضرور شامل هوندو آهي.


    سامعين محترم! ٻوڏ!
    جڏهن پہاڙن تان برف پگھرندي آهي ته سمورو پاڻي درياهن ۾ اچي پوندو آهي ۽ جڏهن درياهه ۾ وڌيڪ پاڻي اچي ويندو آهي ته پوءِ پاڻي وهڪري کان ٻاهر نڪري ايندو آهي ۽ ڀرپاسي جي سموري ڌرتي، فصل ۽ آباديءَ کي ٻوڙي ڇڏيندو آهي ڪڏهن ڪڏهن پاڻي بچاءُ بند به ٽوڙي وجھندو آهي. دنيا ۾ وڌ ۾ وڌ ٻوڏ بنگلاديش ۾ ايندي آهي. ٻوڏ کي اٿل، ليٽ ۽ سيلاب جي نالن سان به سڏيو ويندو آهي.
    ٻوڏون دنيا ۾ تباهيءَ ۽ برباديءَ جو سبب بڻجنديون آهن. اڪثر ڏٺو ويو آهي ته ٻوڏ جو سبب قدرتي طور تيز برساتن جي ڪري وجود ۾ اچي ٿو.
    جاگرافيائي لحاظ کان لاڙڪاڻي ضلعي جي اتر اولہه ۽ اولہه ڏکڻ ۾ بلوچستان صوبو آهي، بلوچستان جي جبلن ۽ نين جو لاهه سنڌ واري علائقي ڏانهن آهي.
    جڏهن سنڌ ۽ بلوچستان ۾ تمام گھڻي برسات پوي ٿي. تڏهن ان برسات جو پاڻي جبلن تان هيٺ لہي کيرٿر ۽ ڪاري جبل جي ڀَر وٺي سنڌ جي ميداني علائقن ڏانهن رخ رکي ٿو.
    سنڌ جيئن ته سنڌو دياءَ جي پڇڙيءَ ۾ آهي انهيءَ ڪري. ڪشمير، سرحد، ۽ پنجاب ۾ جڏهن آگسٽ، سيپٽمبر ۾ برساتون پون ٿيون ته انهن علائقن جي اُٿل جو پاڻي سنڌو درياءَ ۾ اچي ٿو.

    سڀئي وطن جون بهارون وڻن ٿيون،
    پکين جون پياريون قطارون وڻن ٿيون.
    اچين ياد مونکي ٿو ڏاڍو ستائين،
    صنم تنھنجون مونکي ته سارون وڻن ٿيون.

    (فقير محمد سنڌي)

    جوهري توانائي؛-
    جوهري توانائيءَ جي دريافت انساني تاريخ ۾ هڪ نئين باب جو اضافو آهي. پاڪستان انرجي ڪائونسل جي نالي سان هڪ اِدارو جوهري توانائي جي پُر اَمنُ استعمال جي انهي مقصد سان قائم ٿيو هو. ٻئي سال هن اِداري جو نالو ائٽامڪ انرجي ڪميشن ۾ بدلايو ويو. هيءٌ ادارو ٻن حصن ۾ ورهايل آهي پهريون تحقيقاتي ۽ ترقياتي مرڪز آهي. ٻيو جوهري توانائي حاصل ڪرڻ جو عملي مرڪز پهريون مرڪز جو ذيلي ادارو جوهري سائنس ۽ ٽيڪنالاجي اسلام آباد جتي ڊسمبر 1965ع ۾ پنج ميگاواٽ جو هڪ جوهري، ڪيميائي، طبي، طبيعات ۽ برقيات تي ڪم ٿي رهيو آهي.
    ٻيو جوهري توانائيءَ جو مرڪز لاهور ۾ آهي جيڪو 1961ع ۾ قائم ٿيو ٽيون جوهري توانائي جو زرعي تحقيقائي مرڪز ٽنڊو ڄام ۾ 1965ع ۾ قائم ٿيو.
    چوٿون مرڪز ميڊيڪل ريڊيو آئسوٽوپ ٽنڊو ڄام آهي، هن وقت پاڪستاني سائنسدانن جي ڪامياب تجربن جي بدولت پاڪستان هن وقت دنيا جي ائٽمي طاقت رکندڙ ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو. ۽ ڪوبه دشمن اسان جي ملڪ پاڪستان کي ميري اک سان ڏسڻ جي جرئت به ڪونه ٿو ڪري سگھي.
    ڪلام اي وطن پيارا وطن.

    سامعين محترم!
    سنڌ جي مشهور ليکڪ حليم بروهيءَ جو مزاج هڪ الڳ ڪلاس درجو رکندڙ هو، پنھنجي تحريرون جي زماني ۾ هوُ هڪ ڊائجسٽ ۾ پڙهندڙن جي سوالن جا جواب به ڏيندو هو، هڪ ڀيري هڪ ماڻھوءَ کائنس سوال پڇيو، منھنجو دوست ڪاوڙجي ويو آهي. ڏاڍو پرچايو ٿمانس پر پرچي نٿو. ان مسئلي جو ڪو حل؟
    صحيح جواب لکيس، ”هل ڙي هل“

    سامعين محترم- سيپٽمبر مهينو.
    عيسوي سال جو نائون مهينو سيپٽمبر آهي. سيپٽمبر لاطيني زبان جي لفظ سيپٽم Sept.Tem مان ورتل آهي جنھنجي معنيٰ آهي ستون پراڻي رومن ڪيلنڊر ۾ هي مهينو ستون هو، پر يورپي ڪيلنڊر ۾ هن جو نمبر نائون آهي هن ئي مهيني دوران 21 سيپٽمبر تي سج بلڪل خط الستوا تي چمڪڻ لڳندو آهي ۽ سڄي دنيا ۾ ڏينهن رات برابر ٿين ٿا. اتر اڌ گول ۾ خزان جي موسم ۽ ڏکڻ اڌ گول ۾ بهار جي موسم ٿئي ٿي هن مهيني ۾ 30 ڏينهن ٿين ٿا.

    اڄ پهريون سيپٽمبر آهي.

    پهرين سيپٽمبر 1858ع تي سنڌ جي درسگاهه سنڌ مدرسة السلام جو افتتاح ٿيو.
    پهرين سيپٽمبر 1939ع تي اديب پروفيسر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي ولد حاجي رحيم بخش ميمڻ لاڙڪاڻي شهر ۾ جنم ورتو.
    پهرين سيپٽمبر 1958ع تي شاعر ۽ براڊڪاسٽر ڪوثر ٻرڙي جو اصل نالو غلام قاسم ولد نبي بخش ٻرڙو ڳوٺ جاني ٻرڙي تعلقي ڪوٽ ڏيجي ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو. پهرين سيپٽمبر 1957ع تي شاعر ۽ ليکڪ ڪامريڊ ڪريم بلوچ اصل نالو عبدالڪريم ولد شاهه محمد مغيري جي گھر ڳوٺ باراني مغيري لڳ لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
    پهرين سيپٽمبر 1961ع ٿي سنڌ جو علم دوست شخص خادم حسين چانڊيو نوابشاهه ۾ اميد علي چانڊيي جي گھر جنم ورتو.
    تون منهنجو صنم آهين؛ (برڪت علي)

    ادل سولنگي جو گيت

    سرنهن ڦلاري، ڪڻڪون نسريون
    انبن جھليو ٻور، او ساجن
    تون ڇو مون کان ڏور
    سَاڳ چڻن مٽرن، ڄانڀن جو،
    مون نه چکيو آمور، او ساجن
    تون ڇو مون کان ڏور
    زور نهاريان نڪري تولئه،
    پتڻ پھريون پور، او ساجن
    تون ڇو مون کان ڏور
    تنھنجي او سيئڙي ۾ لڇندي،
    جوڀن ٿيو آ جھور، او ساجن،
    تون ڇو مون کان ڏور
    تون ڇو مون کان ڏور.

    سامعين محترم
    اڄ پهرين سيپٽمبر آهي! سنڌ جي اڻ وسرندڙ ڪردار.
    سيد صالح محمد شاهه، عرف ڏاڏو فتح خان جي اٺين ورسي آهي. گھڻو ڪري انسان جي ڪردار جو تعين ان جي جھان ڇڏڻ کان پوءِ ايندڙ وقت ڪندو آهي پرڪي تاريخ ساز ماڻھو اهڙا به هوندا آهن جن جي ڪردار جو تعين سندن جيئري وقت ئي ٿي ويندو آهي. وڇوڙي بعد ته تاريخ مٿن وڌيڪ ناز ڪندي آهي.
    پهرين سيپٽمبر ثقافت جي هڪ مڪمل ڪردار سيد صالح محمد شاهه عرف ڏاڏي فتح خان جي وصال جو ڏينهن آهي جنهن جي سموري حياتي سنڌي ٻولي، سنڌ جي تاريخ، تهذيب، ثقافت، لطيفيات ۽ گائڪي جي تشريح ڪندي گذاري. سيد صالح محمد شاهه 4 اپريل 1938ع تي حيدرآباد لڳ ڳوٺ درياهه بيگ مغل ۾ سيد دادن شاهه جي گہر ۾ جنم ورتو پرائمري تعليم کانپوءِ اديب عالم جو امتحان پاس ڪيائين، شاهه صاحب جي خاندان ۾ وڏا شاعر اديب ۽ عالم ٿي گذريا هئا. جنھنجي شفقت کيس ٻولي ادب ۽ ثقافت جو شعور بخشيو.
    سيد صالح محمد شاهه 4 اپريل 1958ع تي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ڪراچي جي انائوسر عبدالطيف عباسيءَ جي مشوري تي ريڊيو حيدرآباد سان ڳنڊجي ويو، ريڊيو حيدرآباد تي 40 سالن تائين فتح خان جي ڪردار سان ڪامياب رهيو.
    سيد صالح محمد شاهه عام ماڻھوءَ کي لطيف جو فڪر سمجھائڻ ۾ وڏي مدد ڪئي، سندس هڪ وڏو ڪارنامو اهو به آهي ته هن ڀٽائي سائين جو سمورو ڪلام پنھنجي آواز ۾ رڪارڊ ڪرايو هو هيءُ سنڌ جو امر آواز ۽ ڪردار پهرين سيپٽمبر يعني اڄوڪي ڏينهن تي 2007ع ۾ 70 سالن جي عمر م لاڏاڻو ڪيو.
    سامعين محترم! ننڍپڻ جون يادون جڏهن ذهن تي تريءَ اينديون آهن، ته ذهن ٿوري وقت لاءِ ماضيءَ جو حصو بڻجي وري ٿڌو ساهه کڻي حال ۾ پيو آڪسيجن وٺندو آهي اهي يادگير اکر ۽ ڀتيون جيڪي اسان جي ننڍپڻ ۾ اسان لاءِ سائن بورڊ طور موجود هيو. سڙيل ڪاٺيءَ مان جيڪو ڪوئلو نڪرندو هو، اهو ته اسان کي ننڍپڻ ۾ قلم طور ڪم ڏيندو هو، ڄڻ ته پاڙي جي هر ڀت اسان لاءِ سائن بورڊ هجي، هاڻي ته دنيا ترقي ڪئي آهي ننڍڙن ڳالھين کي ڪاروباري ماڻھو وڏي اهميت ڏيندا آهن ۽ اُهي ڪاروباري ماڻھو انهن ننڍن ذهنن کان ڪجھ سکي ڪري پنھنجي ڪاروبار لاءِ ڪجھ اسم لکي ڪري انهن به هاڻي ڀتين چؤڪن ۽ عوامي مرڪز وارن هنڌن کي پنھنجي لاءِ موضوع بڻائي ڇڏيو آهي نه ننڊ سوچ ۽ وڏي ڳالھ.

    سامعين- زندگي دنيا ۾ پنھنجي حصي جي ڪم ڪرڻ جو نالو آهي ۽ اسان کي معلوم هجڻ گھرجي ته زندگي نفرتن کي دوا ڏيڻ جو نالو نه آهي پر زندگي ڌڪار جي موٽ ۾ به الفت آڇڻ جو نالو آهي.
    اسان کي اها ڳالھ ذهن نشين ڪرڻ گھرجي ته زندگي انڪار نه اقرار جو نالو آهي، زندگي شڪايت نه عنايت جو نالو آهي زندگي جفانه وفا جو نالو آهي.
    اهڙي طرح اسان کي زندگيءَ مان باخبر ٿي پنھنجي زندگيءَ کي مايوسي مان ڪڍي مقصدي انسانيت جو نالو ڏيون.


    سامعين!
    جڏهن اڃا هيءُ سنسار آدميت ۽ انسانيت جي تصور کان خالي هو، تڏهن به منجھن گفتن ۽ گفتار جا اهڃاڻ ۽ آثار نمايان ۽ نروار هئا، ملائڪن جي زبان مالڪ مهربان جي صفت ۽ ثنا ۾ هر گھڙي پرت جي پرچار سان سرشار هوندي هئي، ان لحاظ کان گفتا ۽ گفتار جي تاريخي حيثيت ۽ قدامت هن ڪائنات ۾ انتهائي اهم ۽ واضع آهي. اڳتي هلي جڏهن قدرت پنھنجي ڪمال سان آدم جو خاڪي پتلو پيدا ڪري منجھس روح ڦوڪيو ۽ کيس گويائيءَ جي قوت ۽ ڳالھائڻ جي سگھ عطا فرمائي تڏهن مٿس علم جي بي پناهه پالوٽ ڪري ڇڏيائين ڏاتر جي ان ڏات هن مٽيءَ جي مُٽ کي اشرف المخلوقات جي عظمت ۽ شان سان نوازيو آهي.

    تڏهن ته جھر جھنگ اها لولي پئي لڳي.
    آهي هر چمن الله هو الله هو................ عابده پروين

    سامعين!
    زماني ۾ درد هزارين آهن پر مک تي مرڪ سجائي رکڻ گھرجي، رابيل جي سهڻي گل وانگر نهايت حقيقت پسند سچ ٻڌندڙ ۽ سچ چوندڙ انسان ٿي زندگي گذارجي خوشامند ۽ چاپلوسي بنهه نه ڪرڻ گھرجي.


    سنڌو سنبت، ٻين سنبستن جي مقابلي ۾ ٻڙي سال سان شروع ٿئي ٿو. ليڪن ٻين ٻن سنبستن جا سال بجاءِ ٻڙي سال جي هڪ سال سان شروع ٿين ٿا. سنڌو سنبت جي جنتريءَ ۾ هڪ سال اندر ٻارهن مهينا ٿين ٿا.
    پهريون مهينو عام سال ۾ 30 تِٿن تاريخن/ ڏينهن جو ۽ واڌو سال ۾ 31 ڏينهن جو ٿيندو آهي ۽ ان کان پوءِ جا پنج لاڳيتا مهينا في مهينو 31 ڏينهن جو ٿيندو آهي ۽ بقايا ڇهن مهينن مان في مهينو 30 ڏينهن جو ٿيندو آهي. اهڙيءَ طرح هر دستوري عام سال ۾ 365 ڏينهن ٿيندا ۽ واڌو سال ۾ 366 ڏينهن ٿيندا آهن، هن سنبت جو ابتدائي مهينو چيٽ هوندو آهي ۽ آخري مهينو ڦڳڻ هوندو آهي. گريگوري ڪئلنڊر مطابق سنڌو سنبت جي مهينن جا نالا مقرر ٿيل مهينن جي انداز سميت سنڌو سنبت جا مهينا عيسوي سن جا مهينا.

    1. چيٽ اپريل، جون
    2. ويساک مئي، جون
    3. ڄيٺ جون، جولاءِ
    4. آکاڙ جولاءِ، آگسٽ
    5. سانوڻ آگسٽ، سيپٽمبر
    6. بڊو سيپٽمبر، آڪٽوبر
    7. اَسُو آڪٽوبر، نومبر
    8. ڪتي نومبر، ڊسمبر
    9. ناهري ڊسمبر، جنوري
    10. پوهه جنوري، فيبروري
    11. مانگہه فيبروري، مارچ
    12. ڦڳڻ مارچ، اپريل

    سنڌو سنبت/ ڪئلينڊر سنڌ جي ٿرپارڪر ضلعي ۽ ٻهراڙين کانسواءِ آسام، بنگال، مهاراشٽر، برما، ڪيرالا، مانيپور، اڙيسا، پنجاب، سريلنڪا، تامل ناڊو ۽ ٿائلينڊ ۾ به مروج آهن.
    سنڌو سنبت واحد سن آهي، جيڪو سنڌ (پاڪستان) ۽ هند جو ورثو آهي.*


    براڊڪاسٽرس جا سيلف انٽرويو

    لامحدود خواهشون، محدود زندگيءَ لاءِ عذاب آهن.

    دل سان دل ڳالهائي ٿي، باطن سان باطن،
    خلوت سان خلوت، معنيٰ سان معنيٰ،
    مغز سان مغز ۽ حق سان حق مخاطب ٿئي ٿو.


    دنيا جي نعمت جيڪڏهن تڪليف کان بغير هجي ها ته
    هي دنيا ئي جنت هجي ها!


    لامحدود خواهشون، محدود زندگيءَ لاءِ عذاب آهن.


    ڪيم روح رهاڻ ! خليل ڪاڪيپوٽو

    سائين پنھنجو تعارف پاڻ ڪرايو؟
    پورو نالو خليل الله ڪاڪيپوٽو، اصل ڳوٺ دڙي جاکري، تعلقو ڳڙهي ياسين ضلعو شڪارپور. پيدائش تاريخ 01-08-1963 پرائمري تعليم ڳوٺ مارون ڪاڪيپوٽو مان حاصل ڪئي، ان کان پوءِ ڇھين جماعت لاءِ داخلا گورنمينٽ ڪمپريھينسوِ هاءِ اسڪول سکر (جيڪو اڄ ڪلهه پبلڪ اسڪول آهي) ۾ ورتي، اتان مئٽرڪ ڪرڻ کانپوءِ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سکر مان انٽر سائنس (پري ميڊيڪل) ۾ ڪئي. ان کانپوءِ گورنمينٽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ 1979 ۾ داخلا ٿي، ميڊيڪل گريجوئيشن کانپوءِ C.S.S ڪرڻ جو شوق ٿيو، ٻه سال کن محنت ڪري C.S.S ڏني پر اتفاق سان هڪ پرچو رهجي ويو، پوءِ هڪ ڏينھن اخبار تي نظر پئي جنھن ۾ پروڊيوسرن جون پوسٽون ڏٺم، اپلاءِ ڪيم، تحريري امتحان ٿيو ۽ وري زباني امتحان ٿيو.
    زباني امتحان جي حوالي سان اوهان کي هڪ واقعو ٻڌايان ته ڪراچي ريڊيو اسٽيشن تي زباني امتحان ان وقت جو D.G ريڊيو مرحوم سليم گيلاني، ڊائريڪٽر پروگرام (نھال صاحب) وٺي رهيا هئا. مرحوم گيلاني صاحب مون کان تعليمي سرٽيفڪيٽ ورتا ۽ شايد ان جي اڳيان هر اميدوار جون لکت ۾ کنيل مارڪون به هيون. گيلاني صاحب آهستي ڀرسان ويٺل ڊائريڪٽر پروگرام کي انگريزي ۾ چيو ته ”هن جون سڀ ڊگريون فرسٽ ڊويزن ۾ آهن، لکت ۾ به مارڪون سٺيون اٿس، کيس ضايع نه ڪنداسين.“ ان کان پوءِ گيلاني صاحب چيو ته ڪي به شعبا ٻڌاءِ جنھن مان توکان سوال پڇجن. مون کيس چيو ته ”تاريخ“ ۽ تعليم“ تاريخ مان تغلق دور جي باري ۾ ڪو سوال پڇيائين، چيومانس سائين! توهان ته ڪالھه جي ڳالھه ٿا پڇو مون کي ته سوين سال B.C کان تاريخ ياد آ. ڇو ته C.S.S ۾ Indo Pak History سبجيڪٽ رهيو آهي. ”تعليم“ مان پڇيائين ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي گذريل ٽن V.C جا نالا ٻڌاءِ چيومانس ٽن مان هڪ مرحوم محمد الياس منھنجو چاچو آهي، هاڻي ايتري ته مون کي خبر هوندي ته چاچي ڪھڙي وائيس چانسلر کان چارج ورتي هئي ۽ ڪنهن کي ڏني هئي، ان تي مرحوم سليم گيلانيءَ کلي ڏنو، چيائين ته ”وڃ، لڳي ٿو سڌي جواب ڏيڻ کان قسم کڻي آيو آهين“ جڏهن رزلٽ آيو ته حيرت ٿي 40 ڄڻن مان ميرٽ ۾ پنجون نمبر هو، 1987ع جي ڳالھه آهي. جون مہيني ۾.
    ريڊيو ۾ اچڻ کان اڳ ريڊيو سان ڪا وابستگي هئي؟
    ڪڏهن ڪڏهن ريڊيو ٻڌڻ جو اتفاق ٿيندو هو.
    ريڊيو ڪڏهن جوائن ڪيو ۽ ڪٿي ڪٿي رهيا آهيو؟
    ريڊيو 20 جون 1987ع تي جوائن ڪيو، پروڊيوسر طور خيرپور، ڪوئٽه، ڪراچي، لاڙڪاڻو. خضدار ۽ مٺيءَ ۽ هاڻي لاڙڪاڻي ۾ اسٽيشن ڊائريڪٽر آهيان. پروگرام مئنيجر طور ملتان به رهيس.
    انھن سڀني يونٽن ۾ ڪھڙي يونٽ تي ڪم ڪرڻ ۾ وڌيڪ مزو آيو؟
    سڀني يونٽن تي ڪم ڪرڻ جو طريقه ڪار ته تقريبّا ساڳيو آ، البته وڏن شھرن ۾ قائم ريڊيو اسٽيشن جو ننڍن شھرن جي ريڊيو اسٽيشن کان ڪجھه ماحول ۽ ٻڌڻ وارن جي ريڊيو سان وابستگي جو ڪجھه فرق ضرور آهي.
    هن وقت تائين ڪھڙا ڪھڙا پروگرام ڪيا اٿو؟
    سروس جي ڊگھي عرصي دوران پروگرام ته شايد سڀ ڪيا هجن ۽ هر پروگرام جي پنھنجي پنھنجي اهميت آهي.
    رِيڊيو ۾ سينيئرس جو اوهان سان رويو ڪيئن رهيو؟
    ريڊيو ۾ جيتري قدر سينيئرس جي تعاون ۽ رهنمائيءَ جو تعلق آ، ظاهر آ، سڀ ماڻھو هڪ جهڙا ناهن، هر ڪنھن جو پنھنجو الڳ انداز آ، رويو آ، باقي سچي ڳالھه اها آهي ته جيترو تعاون ۽ رهنمائي هينئر اسان جي پنھنجي جونيئرس ۽ اسٽاف سان آهي، اهڙي موٽ اسان کي پنھنجي سينيئرس کان نه ملي.
    ريڊيو کان علاوه ٻيون مصروفيتون يا مشغلا؟
    ٿورو گھڻو پڙهڻ لکڻ، باقي اهڙي ڪا خاص مصروفيت ڪونھي.
    ٻڌندڙن جي باري ۾ اوهان جي راءِ ڪھڙي آ؟
    مان سمجھان ٿو ته ٻڌندڙن جو اسان جي پروگرام جي معيار سان سڌو ۽ گھرو تعلق آهي، اگر ٻڌندڙ ڪنهن پروگرام جي جائز شڪايت، تنقيد يا تعريف ڪن ٿا ته، پروڊيوسر به محتاط ٿو رهي.
    ريڊيوجي پروگرامن کي ڪيئن بهتر بڻائي سگھجي ٿو. پنهنجي راءِ ڏيو؟
    ريڊيو پاڪستان جي پاليسيءَ کي به مدِنظر رکڻو آهي ۽ ٻڌندڙن جي راءِ جو به احترام ڪرڻو آهي.
    پرائيويٽ چينلن جي ڀرمار ۾ ريڊيو پاڪستان ڪٿي بيٺو آهي؟
    ريڊيو پاڪستان جي پنهنجي اهميت آهي. پرائيويٽ چينلس اچڻ سان ريڊيو جا ٻڌندڙ ورهائجي ضرور ويا آهن. اگر ڪنهن ٻڌندڙ کي ڪنهن چينل تان پسند جي ڳالهه نه ٿي ملي ته انتظار نه ٿو ڪرڻو پوي، هڪ ئي وقت ڪيترا چئنل هلن ٿا، پر ايترو ضرور آهي ته هينئر به ڪن حوالن سان ٻڌندڙ ريڊيو پاڪستان کي ترجيح ڏين ٿا. مثال طور موسيقيءَ کي ڏسون، پراڻا نالي وارا فنڪار پرائيويٽ چينلز تان ڪو نه ٿا هلن. اگر ڪو ٻڌندڙ ريڊيو پاڪستان جي ڪنهن پروگرام تي تنقيد ڪري ٿو ته ان کي باقاعدي موٽ ڏني وڃي ٿي ۽ ان جي جائز شڪايت جو ازالو ڪيو وڃي ٿو. جنهن جي ڪري ٻڌندڙ ريڊيو پاڪستان جي حوالي سان مختلف تنظيمن پاران ڏنل خبرون يا تنقيد ڏني ويندي آهي پر ڪنهن پرائيويٽ چينل جي حوالي سان ڪا خبر اوهان اخبار ۾ نه پڙهي هوندي اِها ريڊيو پاڪستان جي مقبوليت آهي.
    ريڊيو جو ڪو دلچسپ واقعو؟
    ريڊيو خيرپور تي جڏهن نئون نئون آيس ته Live پروگرام پئي ڪيم، جلال چانڊيي جو هڪ ڊگھو ڪلام هو 10-12 منٽ گذريا اڃان هلي پيو، انجنيئر جيڪو شيشي کان هن پاسي ويٺو هو، ان سان ڳالهائڻ پئي چاهيم، هن اشاري جو مطلب نه سمجھيو ۽ مائيڪ On- Air ڪري ڇڏيائين، مون انجنيئر کي مذاق ۾ چيو ته ”ڪلام مان ته ڦاسي وياسين کٽي ئي نه ٿو.“ پوءِ خبر پئي ته اهو جملو به ريڊيو تان هلي ويو. خير، ڪافي ڳالهيون انسان تجربي ۽ وقت سان ٿو سکي.
    هڪ سٺي پيشڪار جون خوبيون اوهان جي نظرن ۾؟
    سٺي پيشڪار جي خوبي اها آهي ته ٻڌندڙن جي معيار کي ذهن ۾ ضرور رکي مثال طور اسين Quiz Program ريڊيو اسلام آباد تان ٿا ڪريون ته اتان جو ٻڌندڙ اگر ڪنهن لائبرري ۾ ويندو ته ان کي هر ڪتاب ملي سگھندو، پر ساڳيو پروگرام اگر اسين ريڊيو مٺيءَ مان ٿا ڪريون ته اهو ڏسڻو پوندو ته هتان جي ٻڌندڙ کي ڪيترا وسائل ميسر آهن. سو پيشڪار کي Locality ۽ ٻڌندڙن جي پسند ناپسند ۽ معيار کي ضرور ذهن ۾ رکڻ گھرجي.
    ڪو مڃتا ايوارڊ مليو آهي ۽ ڪهڙا فنڪار متعارف ڪرايا اٿو؟
    ريڊيو پاڪستان ملتان تي جڏهن پروگرام مئنيجر هيس ته ملتان ۾ ٿيندڙ O.D.I ڪرڪيٽ مئچ جي بهتر ڪوريج جي حوالي سان هيڊ ڪوارٽر پاران مڃتا سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا هئا ان کان علاوه ان وقت جي سيڪريٽري اطلاعات انور محمود پاران PTV Lahore ۽ ريڊيو پاڪستان ملتان جي گڏيل سهڪار سان ڪجھ محفل موسيقي جا پروگرام ترتيب ڏنا ويا هئا، ان حوالي سان به اسٽيشن ڊائريڪٽر ۽ مونکي مڃتا سرٽيفڪيٽ مليا هئا. 26 سال سروس دوران ڪيترائي ڪمپيئر. انائونسر ۽ فنڪار متعارف ڪرايا آهن. ايترا نالا ياد نه ٿا اچن. باقي خاص طور ريڊيو مٺي تي جيڪي به ڪمپيئر ۽ انائونسر هن وقت ڪم ڪن ٿا اهي اڪثر اڪبر شاهه ۽ منهنجا متعارف ٿيل آهن. شروع ۾ پروڊيوسر اسان ٻه ئي هئاسين. اهڙيءَ طرح ملتان ريڊيو تي FM چئنل جڏهن شروع ٿيو ته شروعاتي ڏينهن ۾ ڪجھ وقت مان انچارج هوس. اتي به ڪيترائي ڪمپيئر Approve ڪيا هئا.
    ادب يا شعر و شاعريءَ سان ڪو واسطو؟
    پڙهڻ جي حد تائين.
    اوهان کي اولاد ڪيترو آهي؟
    خير سان 5 ٻار آهن. ٻه پٽ ۽ ٽي نياڻيون.
    ريڊيو ۾ نه هجو ها ته پوءِ ڪٿي هجو ها؟
    ته پوءِ C.C.S ڪيان ها، ميڊيڪل شعبو جوائن ڪيان ها.
    پنهنجي پسند ۽ ناپسند بابت ٻڌايو؟
    جيڪا شيءِ طبيعت تي پوي اها پسند آ نه پوي ته ناپسند آ.


    سڄڻ سفر هليا : ھدايت منگي

    هدايت الله منگي نامياري استاد ۽ عالم غلام الرسول منگيءَ جو ٻيو نمبر پٽ هُئو. پاڻ مُهين جي دڙي لڳ ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ 18هين آڪٽوبر 1946ع تي پيدا ٿيو.
    هدايت الله منگي، جنهن جو قلمي نالو هدايت منگي ۽ هيميم هيو، شروعاتي تعليم پنهنجي والد وٽ ئي حاصل ڪيائين. 1963ع ۾ هن سنڌي ورنيڪيولر فائينل پاس ڪئي،1968ع ۾ شاھ لطيف اورينٽل ڪاليج قنبر مان اديب سنڌي ۽ ساڳئي هنڌان 1970ع ۾ اديب عالم جا امتحان پاس ڪيائين. مئٽرڪ خانگي طور 1970ع ۾ حيدرآباد بورڊ مان ۽ بي-اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان 1973ع ۾ پاس ڪيائين.
    هدايت منگي23 هين نومبر 1964ع تي پرائمري استاد مقرر ٿيو.هُو شروعات کان ئي ذهين ۽ هوشيار شاگرد هو ۽ پاڻ کان وڏن شاگردن کي سندن ڪورسز ۽ امتحانن ۾ تياري ڪرائيندو هو. پاڻ 1964ع کان جُون 1974ع تائين پرائمري استاد طور تعليم کاتي ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. پوءِ 16هين جُون1974ع تي ڪراچيءَ مان جاري ٿيندڙ اخبار روزاني هلال پاڪستان ۾ سب ايڊيٽر- ڪم-ٽرانسليٽر طور نوڪري شروع ڪيائين. ان وقت ناميارو اديب ۽ ڏاهو سراج الحق ميمڻ هلال پاڪستان جو ايڊيٽر هيو. هدايت منگي ترقي ڪندو سينئر سب ايڊيٽر ۽ سکر، حيدرآباد توڙي لاڙڪاڻي ۾ بيوريوچيف رهيو. هو اخبار لاءِ روزاني خبرون لکڻ سان گڏ ڪيترائي آرٽيڪل ۽ فيچرس به لکندو رهيو. نيوز ليٽرس ۽ ڊائريون لکڻ جو رواج پڻ هن وڌو.
    1991ع ۾ APNS پاران هدايت منگيءَ کي علائقائي زبان (سنڌي) جو بهترين فيچررائيٽر جو ايوارڊ ڏنو ويو. 1992ع ۾ جڏهن هلال پاڪستان اخبار شيخ سلطان ٽرسٽ وڪرو ڪري ڇڏي ته هدايت منگيءَ کي ٻين ڪجھ ملازمن سميت رٽائر ڪيو ويو. پوءِ هو 1992ع ۽ 1993ع ۾ عوامي آواز اخبار ۾ لاڙڪاڻي ضلعي لاءِ بيوريوچيف مقرر ٿيو. نامياري صحافي ۽ شاعر يوسف شاهين جي ادارت ۾ نڪرندڙ انگريزي اخبار DAILY SINDH TRIBUNE ۾ پڻ ساڳئي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنائين. 70ع واري ڏهاڪي کان وٺي ريڊيو پاڪستان ڪراچي، حيدرآباد ۽ خيرپور تان مختلف پروگرام ڪيائين. 1995ع ۾ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي قيام کان وٺي پنهنجي وفات تائين انائونسر، ڪمپيئر، ماڊريٽر ۽ انٽرويوئر طور پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪيائين. ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي سندس پروگرام رسالو، روبرو، لطيف رنگ، عوامي آواز، ريڊيو هيلپ لائين، انٽرويوز ۽ ٻيا کوڙ پروگرام ڏاڍا مقبول ٿيا. اتي کيس بهترين انٽرويوئر جي ايوارڊ سان به نوازيو ويو.
    هدايت منگيءَ صحافت سان گڏ ادب ۾ به پاڻ موکيو.70ع واري ڏهاڪي کان ئي سندس شاعري، ڪهاڻيون، ترجمان، تنقيدي مضمون، تبصرا سنڌ جي مشهور رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهيا. هو شاھ لطيف جي شاعريءَ جو وڏو پارکو هو. ثقافت ۽ قديم آثارن جي علم تي عُبور حاصل هئس. موسيقي ۽ راڳ رنگ جي تمام سٺي ڄاڻ رکندو هو. استاد منظور علي خان کان سنڌيءَ ۾ ”خيال“ هِن ئي ڳائرايو ۽ اهو ئي سندس پسند جو راڳ به هو.
    سندس آواز ڳرو ۽ اُچار چِٽا ۽ تُزُ هوندا هئا. هو هميشه کلمک ۽ ڪچهرين جو مور هوندو هو. سندس سموري زندگي جدوجهد ۽ ڪوشش ڪندي گذري.
    ڪراچيءَ ۾ نوڪريءَ دوران نومبر 1988ع ۾ پهريون ڀيرو دل جو عارضو ٿيس، انهيءَ دل جي بيوفائيءَ 22هين ڊسمبر 1999ع تي سندس آخري ساھَ کسي ورتا. هدايت منگي مُهين جي دڙي جي اولھ ۾ دادو ڪئنال جي سڄي ڪۡناري تي قائم ڳوٺ بگيءَ جي پيرُ حمل واري قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ جي هنج ۾ سُتل آهي.


    مون کي پنهنجي ٻولي تي فخر آهي : علي مراد ٽانوري

    • پنهنجي زندگيءَ جو مختصر احوال ڏيو؟
    • علي مراد؛ منهنجو تعلق ضلعي جيڪب آباد تعلقي ٺل جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ گجو ٽانوري سان تعلق آهي. مان پنهنجي شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي، مئٽرڪ مبارڪپور مان، انٽرميڊئيٽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٺل مان ڪئي. ان کان بعد B.Sc ايگريڪلچر آنرز زيڊ اي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري مان ڪئي ۽ M.Sc ايگريڪلچر سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام مان پوري ڪرڻ بعد پاڪستان جي حساس اداري ۾ بحيثيت انسپيڪٽر تقريباَ 7 سال نوڪري ڪئي ان کان بعد مان ريڊيو پاڪستان ۾ بحيثيت پروگرام پروڊيوسر 2001ع جو جوائين ڪيو. ريڊيو ۾ پهرين پوسٽنگ لاڙڪاڻي ۾ ٿي جڏهن ته مان اسٽيشن ڊارئريڪٽر ريڊيو مٺي به رهيس ۽ FM:101 ڪراچي تي به ڊيوٽي ڪئي.
    • زندگيءَ توهان جي نظر ۾ ڪيئن پئي گذري؟
    • علي مراد؛ الحمدالله، الله جا لکين احسان آهن آءٌ شڪرگذار آهيان الله تعاليٰ جو زندگي الله تعاليٰ طرفان ڏنل هڪ انمول تحفو آهي جنهن ۾ هر انسان کي خوش رهڻ گھرجي ۽ ٻين کي خوشيون ڏيڻ گھرجن.
    • زندگيءَ انتهائي خوبصورت آهي. الله تعاليٰ مونکي منهنجي حيثيت کان گھڻو ڪجھ ڏنو آهي.
    • سنڌي ادب لاءِ توهان جي راءِ؟
    • سنڌي ادب لاءِ منهنجي راءِ اها آهي ته اسان جو سنڌي ادب دنيا جي مختلف ٻولين کان وڌيڪ Rich آهي ڇو ته اسانکي سنڌي ادب ۾ مختلف صنفون آهن، مختلف زبانن جا الفاظ آهن نثر هجي يا نظم، ڊراما هجن يا ڪہاڻيون مطلب ته سنڌي ادب تمام گھڻي ترقي ڪئي آهي. اسان کي اهو به فخر آهي ته اسان جي ٻوليءَ جا عظيم شاعر شاهه عبدالطيف ڀٽائي، حضرت سچل سرمست، سامي ۽ شيخ اياز جھڙا ۽ ٻيا ڪيترائي شاعر آهن جنهن سنڌي ادب کي عروج تي پہچايو آهي جڏهن ته ڪجھ ٻوليو اهڙيون به آهن جنهن جو ادبي ذخيرو ايترو نه آهي سنڌي ادب هر لحاظ کان مڪمل ۽ ترقي يافته آهي.
    • ڪنهن کان نفرت اٿو؟
    • علي مراد؛ جئين انسان کي گھڻي شين سان پيار هوندو آهي ۽ ڪيترين ئي عادتن ۽ شين کان نفرت هوندي آهي مونکي سڀ کان وڌيڪ نفرت ڪوڙ، چاپلوسي ۽ مڪاري کان هوندي آهي. ان قسم جا ماڻهو مونکي بلڪل نه وڻندا آهن. انسان کي سچو، سوڀر ۽ مخلص هجڻ گھرجي.
    • پڙهڻ ۽ لکڻ ۾ ڪهڙو موضوع وڻي ٿو؟
    • مونکي پڙهڻ ۽ لکڻ جي حوالي سان ڪہاڻيون، ڊرامه ۽ ڪرنٽ افيئرس جا ڪالم وڌيڪ وڻندا آهن جنهن مان ڪجھ معلومات حاصل ٿي سگھي. جيڪڏهن سٺي شاعري سامہون ايندي آهي ته اُها به ضرور پڙهندو آهيان.
    • دوستن جي ڪهڙي ادا اوهان کي پسند آهي؟
    دوستن جون ادائون ته سڀ پسند هونديون آهن ڇو ته منهنجي عادت آهي جنهن ماڻهوءَ جي ادا يا عادت مونکي نه وڻندي آهي آءٌ ان کان پري رهندو آهيان. دوست سٺا هجن سٺين ادائن وارا هجن انهن سان ئي منهنجي طبيعت ملندي آهي. خاص دوست سادگي پسند ۽ سچا هجڻ اهائي ادا مونکي متاثر ڪندي آهي.


    سنڌ واهه منهنجي زندگيءَ جو جياپو آهي؟ وسند علي مہر

     زندگي جو سر سبتو احوال؟
     وسند علي مہر؛ مان 17 مارچ 1976ع تي ضلع شڪارپور جي تاريخي سنڌ واهه جي ڪناري ٺاهيل تعلقه خانپور جي قديمي ڳوٺ ٿاهريو ۾ محمد صادق جي گھر جنم ورتو.
     غربت ۽ مسڪين حال ۾ شوق سان اسڪول پڙهندي 1988ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول رستم ۾ داخل ٿيس 5 سال ڪلاس ۾ پهريون نمبر ايندو رهيس، استاد عبدالرحيم، رحيم الدين، عبدالخالق ۽ استاد گلشير مہر جي محنت، شفقت ۽ حوصله افزائي منهنجي ايندڙ وقت لاءِ منهنجو رستو هموار ڪيو.
     انٽر سائنس CSS ڊگري ڪاليج شڪارپور مان ڪرڻ کان پوءِ لطيف سائين جي نالي سان منسوب خيرپور اداري مان Mss Organic ڪيسٽر مان 1st class Imtpasstar ۾ ڪيو صرف 15 ڏينهن بيروزگار رهڻ کان پهرين آگسٽ 2001ع تي شڪارپور جي Galaxy ڪاليج سبجيڪٽ ليڪچر ڪيمسٽري پڙهائڻ شروع ڪيم تنهن بعد 2002ع ۾ پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻي م ليڪچرر ٿيس.
     زندگيءَ ۾ جن شين مونکي متاثر ڪيو؟
    وسند علي مهر؛- 15 سيپٽمبر 2003ع تي ريڍيو پاڪستان جوائن ڪيم ريڍيو ۾ نوڪري منھنجو روزگار مجبوري به نه پر منھنجو عشق آهي هن وقت تائين لاڙڪاڻي، خيرپور ۽ ڀٽ شاه تي (بحيثيت اسٽيشن ڊائريڪٽر) طور پنھنجو فرض ادا ڪري چڪو آهيان. ريڊيو جو هر پروگرام پروڊيوس ڪري چڪو آهيان.
    پر انٽرويو وارا پروگرام، رپورٽنگن، مذهبي پروگرام، راندين جا پروگرام منھنجي پسند جا شعبا آهن ريڊيو OBبه منھنجو وڻندڙ شعبو آهي. ڊراما ڪرڻ ڏکيا لڳندا آهن 2005ع ۾ ريڊيو پاڪستان خيرپور تي ڪم ڪندي مان گھڻو ڪجھ سکيو ۽ سڃاڻپ حاصل ڪئي. سينئرن دوستن مان مختيار ملڪ، گل حسن قريشي، ڪوثر ٻرڙو، شوڪت خاصخيلي ۽ محمد علي ٻانڀڻ مان تمام گھڻو پرايو.
     ادب، راندين ۽ مسيقي مون لاءِ اتساهه آهن؟
    وسند علي مهر؛- غصو گھٽ ايندو آهي، اڪيلائي پسند آهيان، گھٽ ڳالھائڻ جي عادت آهي پر مائڪرو فون جي آڏو گھڻو ڳالھائيندو آهيان، ڪرڪيٽ منھنجو شوق آهي. اڳ کيڏڻ ۽ هاڻي ڏسڻ، اخبار ۽ خبرون ڏسڻ ۽ ٻڌڻ کان سواءِ پاڻ کي اڌورو ۽ اڻپورو محسوس ڪندو آهيان.
    Fiction ناول، ڪھاڻي تمام وڻندا آهن، امر جليل، حميد سنڌي ۽ جمال ابڙو پسند جا Fiction Writer آهن.
    کائڻ ۾ جيڪا شيءِ ملي کائيندو آهيان دُعا آهي ته رب پاڪ Sugar کان بچائي ته مٺائي کائيندورهان.
    موسيقي ٻڌڻ کان سواءِ مان رهي نٿو سگھان، ناهيد اختر، مالا، صادق فقير، عاشق نظاماڻي، فوزيه سومرو ۽ فقير سوڍل لغاري ڏاڍو وڻندا آهن.
    دل چوندي آهي ته ڪنهن کي منھنجي هٿان ڪا تڪليف نه اچي، مذهبي طور حضرت عمر فاروق رضي الله تعاليٰ عنه منھنجي پسند جي شخصيت آهي.
    اولاد ۾ 3 نياڻيون، انيلا، اليزا ۽ اريبا 2 پٽ عبدالغني، عبدالحسيب آهن.
     ٽيم ورڪ ۽ ٻاهر نڪرڻ ۾ حوصلو ملي ٿو؟
    وسند علي مهر- عمري، حج ڪرڻ ۽ ايران، عراق گھمڻ جي خواهش آهي ريڊيو پاڪستان ڪراچي ۽ اسلام آباد تي ڪم ڪرڻ جي خواهش آهي.
    ريڊيو تي ڪم ڪرڻ ڪنهن هڪ ماڻھو جي وس جي ڳالھ نه آهي هي ٽيم ورڪ آهي S.D ڪمپيئر، انائوسر، انجنيئر ۽ ٻڌندڙ هڪ ٻئي لاءِ سهڪار آهن هڪٻئي لاءِ ڪم ۾ رڪاوٽ به بڻجي سگھن ٿا. ان لاءِ ادب سان هٿ ٻڌي عرض ته ٻين لاءِ آساني پيدا ڪيو ٻين لاءِ سٺا جذبا رکو ته رب پاڪ توهان کي آسانيون عطا فرمائيندو.


    مان زندگيءَ ۾ رنگ ڀريندو آهيان : عابد ڪاظمي

    زندگيءَ جو سفر ڪيئن پيو هلي؟

    عابد؛ نه بھتر نه بدتر، اڄڪلھه ڪجھه وڌيڪ مصروف آهيان، گوتم ٻڌ چيو هو ته زندگي پھاڙي نديءَ وانگر آهي، جيڪا ڪٿان ويڪري ته ڪٿي سوڙهي، ڪٿي تيز ته ڪٿي سست، ڪٿي اوڀاري ته ڪٿي لھنواري، ور وڪڙ کائيندي پاڻ سان گڏ ڪک توڙي پٿر لوڙهيندي وڃي سمنڊ ۾ ملي ٿي. بس زندگي پنھنجا رستا پاڻ ٺاهيندي يا ڳوليندي اڳتي وڌندي ٿي رهي، مان هن سان هم آهنگ ٿيڻ جو ڪوشش ڪندي هن ۾ حسين رنگ ڀرڻ جي ڪوشش ڪندو رهان ٿو ۽ ساڻس قدم قدم ۾ ملائي هلان ٿو ته جيئن ان جي هر لمحي کي بامقصد بڻائي سگھان ۽ سڪارتي زندگي گذاري سگھان.
    تون ته ترقي پسند سوچ رکندڙ آهين پوءِ اهڙي زندگي جبري ليکجي نه؟
    عابد؛ مون چيو نه ته زندگي جي هر لمحي ۾ رنگ ڀريندو آهيان هڪڙا ماڻھو صرف Turnip جي انداز ۾ ارتقائي مرحلا طئي ڪندا آهن، هڪڙا وري شعور جي معرفت انھن کي معنويت جا رنگ ڏيندا آهن، اصل ۾ اسان جي ماضي بي تغير هوندي آهي اسان چاهيون به ته انھن کي تبديل نه ٿا ڪري سگھون ۽ اسان جو مستقبل هڪ Myth آهي، اصل ۾ اسان جي هٿ ۾ جيڪي لمحا هوندا آهن جنھن کي حال چئون ٿا اسان کي اهي لمحا وڃائڻ نه گھرجن ۽ بامقصد گذارجن، انھن جي نتيجن تي صرف اسان جو حق نه پر پوري انسان ذات جو حق هوندو، هڪ مارڪسٽ هجڻ ناتي مان انسان ذات لاءِ ماڪسزم کي بھتر سمجھان ٿو ته ان لاءِ مان صرف مستقبل ۾ خواب سرجي ويھڻ درست نه ٿو سمجھان پر ان لاءِ پاڻ وٽ ”ميسر“ لمحن ۾ ڪجھه ڪندو آهيان جو هن وقت اهو منھنجو فرض آهي. حقيقت ۾ اهم ”نشئي“ اهو رستو هوندو آهي، اهو يقين هُجڻ ضروري آهي ته منھنجي Direction درست آهي لطيف سائين چيو آهي.
    عمـر سڀ عـشق سين، پـنـهـون جي پـڇـن
    ريس ريزاليون تن سين ڪڄاڙي لاءِ ڪن
    وڏا طالع تن، مارڳ منجھه مرن جي ۽ ها درست رستي جي انتخاب ۾ اسان جو شعور رهنمائي ڪري ٿو.

    شاعري سٺي لڳندي آهي؟

    عابد؛ ها لفظن جو حسين استعمال شاعري ئي آهي. هڪ شاعر وٽ اچي لفظ ساهه کڻڻ لڳندا آهن ۽ لفظن ۾ ڪيفتن جو اظھار شاندار ٿئي ٿو، مون کي ڏک رهندو آهي ته مان شاعري جا لوازمات ڄاڻي نه سگھيس ۽ نثرنگاري ۾ سڃاڻپ ملي پر پوءِ به مون نظم لکيا جن مان ڪجھه سنڌي ۾ گھڻا اردو ۾ جيڪي ڇپيا به آهن، نثر ۾ هڪ ڪتاب ”وساورني“ اچڻ کان پوءِ هاڻي اردو نظمن جي ڪتاب جي تياري ۾ آهيان. ڪجھه دوست ان کي منھنجي ٻولي جي احساس ڪمتري چوندا آهن پر سچ اهو آهي ته بنا ڪنھن ڪمتري جي مون کي اردو ۾ اظھار ڪرڻ ۾ آساني محسوس ٿيندي آهي، ٻوليون سڀ پياريون آهن ۽ انھن سان پيار جي معرفت خود منھنجي مادري ٻولي سنڌي بڻي آهي، شاعري ۾ گلزار جو ڊڪشن استعمال ڪندو آهيان، پڙهڻ ۾ سمورا سٺا شاعر پسند اٿم پر ڪجھه شاعرن جي فڪري رجعت پرستيءَ ڪري ڪونه وڻن.
    محبت جي باري ۾ ڇا راءِ آهي؟

    عابد؛ گھڻيون اهڙيون شيون آهن جن جي مڪمل ۽ هڪ وصف طئي نه ٿي سگھي آهي، باقي مان محبت کي Satisfaction of will سمجھان، سچ اهو آهي ته انسان جا سمورا رجحان ۽ عمل ان اطمينان لاءِ ئي هوندا آهن، هر ماڻهو پنهنجي مفاد لاءِ ڪوشش ۾ رڌل هوندو آهي ۽ مفاد کي خبر نه آهي ڇو ناڪاري جذبو قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته انسان جي ذات اندر اهو ئي ڪارفرما هوندو آهي، مثال طور اسان دوستي ۽ محبت ڪريون ٿا ته ان ۾ به اسان جي راحت ۽ خوشي جو مفاد آهي، ها باقي ائين آهي ته اسان پنھنجي انفرادي مفادن لاءِ اجتماعي معاشرتي، سياسي ۽ سماجي مفادن کي نقصان پھچايون ته، اهو سراسر غلط ۽ ناقابل معافي گناهه آهي، محبت دراصل هڪ ڳانڍاپي جي اعليٰ ترين حالت آهي، جيئن مڇي ۽ پاڻي يا ساهه ۽ بدن جي، جنھن ۾ جيڪو Object يعني محبوب آهي ان جي مرڪزي حيثيت هوندي آهي ۽ عاشق ان جي هستيءَ ۾ تحليل ٿي وڃي ٿو. Sex خود پيار جو لازمي جزو هجي ٿي، اهو تعلق جڙي ئي ان ڪشش جي بنياد تي ٿو، پر محبت جي ادائگي Performance of love ۽ performance of lust ۾ فرق آهي ۽ اڄ محبت نه سچي هوندي آهي نه وري ڪوڙي جيئن چيو ويندو آهي مان توسان سچو پيار ڪريان ٿو! حقيقت ۾ محبت يا ته هوندي آهي يا وري نه هوندي آهي، جتي دوکو ٿئي ته سمجھواتي محبت هئي ڪانه ۽ اڄ تائين ڪو اوزار ئي نه ٺھيو اهي جيڪو ان کي ماپي، پر ان جي ڪسوٽي قرباني آهي، جيتري وڏي قرباني سمجھو اوترو گھڻو پيار. جيستائين منھنجو تعلق آهي ته فيض صاحب جيئن چيو آهي ته
    ”يون سھل راهه زندگي کي هي
    هر قدم هم ني عاشقي کي هي“

    ۽ هڪ ٻي ڳالھه به ٻڌايان ته جيڪي ماڻھون چوندا آهن ته انھن زندگيءَ ۾ عشق نه ڪيو آهي ته سمجھيو اهو سڀ کان وڏو ڪوڙ ٿا ڳالھائن. ڇا لاءِ ته عشق فطرت ۾ شامل آهي اهو ته ائين ٿيو جو ڪو چوي هو ننڊ نه ٿو ڪري پوءِ به صحتمند آهي، ماني نه ٿو کائي پر زنده آهي ۽ مڇي پاڻيءَ کان سواءِ جيئري رهندي ۽ کيس فصل ۾ گاهه کائيندي ڏٺو آهي.
    پڙهڻ ۽ لکڻ ۾ ڪهڙو موضوع وڻي ٿو؟
    عابد؛ پڙهڻ ۾ فلسفو، تاريخ ۽ نفسيات وڌيڪ وڻن ٿا پر پڙهندو سڀ ڪجھه آهيان ۽ پوري دلچسپي سان جنھن ۾ Fiction کان وٺي صحافتي تجزين تائين سڀ شامل آهن.
    آخر ۾ وري زندگي جي ڳالهه ته زندگي ڇا آهي؟
    عابد؛ زندگي جي گھڻا ماڻھو عجيب ۽ غريب تشريح ڪندا آهن جنھن تي کل ايندي آهي، مان سمجھان ٿو ته فطرتي طرح زندگي پنھنجي نسل جي بقا ۽ ارتقا جو نالو آهي، بنيادي اهي ٻه شيون آهن باقي سڀ ڪجھه نسبتي آهي، اڄ تائين انسان پنھنجي سفر ۾ جيڪي هنر ۽ صلاحيتون اختيار ڪيون آهن جيڪي باهه ٻارڻ جي هنر کان وٺي ڦيٿي جي تخليق سموريون Invention جو وڃي ٻين سيارن تي پھتا آهن، سماج جي ترتيب، حقن جي تشريح، امن جو ڪوششون يا انساني زندگيءَ جون سموريون وارتائون انھن سڀني جو مقصد صرف ۽ صرف نسلي تحفظ ۽ نسلي ارتقا آهي توهان ڏٺو هوندو ته هر انسان سکي ۽ محفوظ زندگي چاهي ٿو ان ڪري ئي هن پاڻ کي قبيلن، شھرن، ملڪن ۽ گھرن ۾ ورهايو، پنھنجي سک ۽ سلامتي لاءِ فطرت جي ٻين مظھرن ڪيفيتن کي پنھنجي حق ۾ تبديل ڪيو آهي ۽ ٻيو ان ڳالھه تي به توهان ضرور متفق ٿيندا ته هر انسان اولاد جي خواهش رکي ٿو.


    مون لاءِ ته تنھائي عيش مثل آهي؟ خالد حسين چانڊيو

     زندگي ۾ پهريان ننڍپڻ، تعليم ۽ مختصر احوال؟
    خالد؛- پنجين ڊسمبر 1979ع تي اُن ڏينهن جنم ورتو، جنهن ڏينهن والد محترم کي تعليم کاتي ۾ استاد ٿيڻ جو آرڊر مليو، پرائمري ٻن اسڪولن ڳوٺ ايوب خان چانڊئي ۽ جوابپور ۾ ٿي، ڇهين کان اٺين ڪلاس تائين مڊل اسڪول علي خان ۾ پڙهيس، نائون ۽ ڏهون ڪلاس هاءِ اسڪول ڏکڻ مان، فرسٽ ايئر، انٽر پائلٽ اسڪول لاڙڪاڻي مان، بي ايس سي ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۽ ايم اي سنڌي ڊگري ڪاليج رتيديري مان پاس ڪئي. جڏهن ته هاڻ ايم فل پي ايڇ ڊي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪري رهيو آهيان، پرائمري کان سنڌ يونيورسٽيءَ تائين واري تعليم سفر ۾ انتهائي با صلاحيت استاد ميسر ٿيا، علي دوست جوڻيجو، الاهي بخش، خاموش خادم ککراڻي، مرحوم نذير جوڻيجو، عالم خان جکرو، گل حسن گلال، سلطان بخاري، بشير سومرو، خورشيد مهر، نورالدين، الطاف منگي، شفيع محمد جکرو، ايوب سولنگي، ضمير شاهه، جاويد ميمڻ، نور محمد شيخ، نعمت الله، رضوان گل، اسحاق سميجھو، انور فگار سميت ڪيترن ئي اُستادن کان علم پرايو، ڪيترن جا ته نالا به وسري ويا اٿم، ٻي طرف ناليج سينٽر جا اُستاد سائين مختيار سمون، نياز چانڊيو، مختيار عباسي، منير سمون، انور خاصخيلي ۽ ڪمپيوٽر سينٽر جا اُستاد جمال الدين چانڊيو خالد ڪنگو، مختيار کوکر، گل شاهه، ۽ امداد سوهو جن کي به وسارڻ اوکو ڪم آهي. استاد رهبر ۽ رهنما ٿيندا آهن جن جي بدولت زندگي گذارڻ سهنجي ٿيو پوي.
     پنھنجو تخليقي ڪم؟
    خالد؛- بنيادي طور پنھنجي سڃاڻپ صرف شاعر جي آهي. آئون 1991ع کان جڏهن اڃان ٻاروتڻ ۾ هئس، شاعريءَ سان پريت نڀائيندو پيو اچان البته ڪجھ ڏينهن ڪجھ مهينا ڪجھ سال رُٺل به رهندي اٿم، تخليق ئي انساني شعور جو عظيم سرمايو آهي، پنھنجي تخليقي ڪم تي ڪوبه بانور نه اٿم، آئون جيڪي به لکان ٿو، دل جي چوڻ تي لکان ٿو، فرمائشي ڪم تمام گھڻا ڏکيا لڳندا اٿم، مختصر لکيو آهي ۽ مختصر لکيو، منھنجي شاعري سماجي ڀوڳائن ۽ درد جا اسڪيچ آهن، جن ۾ رنگ به پنھنجا اٿم، انگ به پنھنجا.
     پنهنجو وجود؟
    خالد؛ سماج جو جاڳندڙ، متحرڪ وجود آهيان پنهنجي وجود کي ڪنهن تي به بارُ ٿيڻ ناهي ڏنو.
     ادب ۾ جن موضوعن سان عشق رهيو؟
    خالد؛ منهنجون تصويرون پنهنجي اندر ۾ سماج جا فوٽوگرافر آهن.
     خواهشون، جيڪي اڃا تائين رهجي ويون؟
    خالد؛ انسان بنيادي طور خواهشن ڪامنائن جي ڳنڍ کڻي جيئرو رهندو آهي، هڪڙي خواهش جي تڪميل ٻين خواهشن کي جنميندي آهي اڃا ته زندگيءَ جا ڪيترائي ورق رهيل آهن، پوءِ ڪامنائن جو چٺو ڪڍي رکڻ دانشمندي نه ليکبي.
     پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا توهان جي نظر ۾؟
    خالد؛ آئون پاڻ ميڊيا جو حصو آهيان اُن لاءِ ڪجھ تجويزي جملا ئي چئي سگھجن ٿا، سِرَ مزوري ڪرڻ وارا بوڪ بائينڊنگ جي پيشي سان وابسته فرد ۽ لٺ کڻي ڍور هڪليندڙ ماڻہو نوڪري واسطي گھڻو ڪري ميڊيا سان لاڳاپجي ويا آهن، تن وٽ ماءٌ ٻوليءَ جو ڪهڙو ادراڪ هوندو؟ جيسين ٻوليءَ جو درست استعمال پرنٽ يا اليڪٽرانڪ ميڊيا جو اصول نه بڻيو، تيسين پاڻ اهڙيون مشڪريون ڏسندا، پڙهندا ۽ ٻڌنداسين، ٻولين سان سڃاڻپ ٻولين کي حيات رکي سگھي ٿي، ترقي ڏياري سگھي ٿي، ڪاروباري سوچ سماجن لاءِ هاڃيڪار آهي. اڄ ميڊيائي ادارن کي ٽيهارو سال اڳ جهڙن ذهين ۽ ساڃاهه وند ماڻھن جي ضرورت آهي.
     شاعر جي حيثيت ۾ تنهائي کي ڪيئن ٿا ڏسو؟
    خالد- مون لاءِ ته تنهائي عيشن مثل آهي يا وري مونکي مختصر عرصي جي تنهائي ملڻ سبب اهڙن اويچارن اٿم. تنهائي ته ڪيفيت آهي ميلي ۾ به تنها رهي سگھجي ٿو، هجومن ۾ به وجود جي هيڪلائي ممڪن آهي. بھرحال مُون گھڻو حصو هجومن ۾ گذاريو آهي. زندگي جي هر ڏکئي توڙي سکي پل کي ڪارگر گذاريو آهي، طويل تنهاين جو تجربو نه اٿم.


    مون محنت سان زندگيءَ کي حسين بڻايو آ : بهادر علي مهر

    پنھنجي ننڍپڻ ۽ تعليمي سفر بابت ٻڌايو؟
    بهادر؛- بهادر علي ذات مهر والد جو نالو لطف علي مهر 6-4-1975ع ۾ ڳوٺ مهر ننڍا تقريبي 7 ڪلو ميٽر مراد واهڻ روڊ لاڙڪاڻي تي آهي. پرائمري تعليم ڳوٺ مهر ننڍا ۽ وڏا مهر ۾ پرائي، ميئٽرڪ تائين هاءِ اسڪول مڏباهو تعلقي باقراڻي ۾ پڙهيس انٽر ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو بي اي ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻو، ايم اي شاه لطيف يونيورسٽي مان ڪئي، منھنجي ادب ۾ سڃاڻپ شاعر جي آهي شاعري 1990ع کان ڪيان پيو شاعري ۾ تخلص مير استعمال ڪندو آهيان.
    1996ع ۾ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪم ڪيو تمام سٺا سٺا پروگرام ڪيا، ڊسجاڪي پروگرام، ٻارڙن جا پروگرام، مزاحيا، نوجوانن جا پروگرام، ٽيليفون پروگرام ۽ ٻيا ڪيترائي ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي پروگرام ڪيا، ۽ ريڊيو پاڪستان جي ٻين اسٽيشنن تي به پروگرام ڪيا، جنهن ۾ ريڊيو پاڪستان ڪراچي، حيدرآباد، ڀٽ شاهه، خيرپور، اسلام آباد ۽ مٺي شامل آهن، 2006ع ۾ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي گيسٽ پروڊيوسر طور ڊيوٽي سرانجام ڏنم، 10 آگسٽ 2009ع تي ريڊيو پاڪستان هيڊ ڪواٽر اسلام آباد جي ان دور جي DG محترم سائين مرتضيٰ سولنگي صاحب اسسٽنٽ پروگرام پروڊيوسر بڻايو، ۽ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو تي رکيو فيبروري 2015ع تي محترم DG سيد محمد عمران گرديزي پروموشن ڏئي پروگرام پروڊيوسر ڪيو، هڪڙي ڳالھ رهجي پئي وڃي ته ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي 1996ع تي محترم مرحوم آغا محمد علي صاحب پروگرام اوهان جي خدمت ۾ مونکي پهريون پروگرام ڏنو بعد ۾ محترم پروڊيوسر خليل ڪاڪيپوٽو آيو انهيءَ تمام گھڻو سيکاريو تمام گھڻا پروگرام ڪرڻ لاءِ ڏنا جنهن ۾ روح رهاڻ، گيت گلن جهڙا ۽ ٻيا ڪيترائي پروگرام ڪرڻ جو موقعو ڏنو.
    آءٌ هن وقت دوستن جي محنت ۽ ڪاوش سان ريڊيو پاڪستان مٺيءَ پروڊيوسر جا فرائض سرانجام ڏئي رهيو آهيان.
    جن اسٽيشن ڊائريڪٽر سان ڪم ڪيو آهي انهن ۾ محترم سائين محمد علي ٻانڀڻ صاحب جنهن جي مهربانين سان مان ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي گيسٽ پروڊيوسر ٿيس مون محترم خليل ڪاڪيپوٽو، محترم ڪوثر ٻرڙو محترم شوڪت علي خاصخيلي صاحب محترم مختيار ملڪ صاحب محترم منظور ڪامران صاحب محترم نور الله ٻگھيو صاحب محترم عرفان انصاري صاحب سان گڏجي ڪم ڪيو آهي.
    شاعريءَ سان تمام گھڻو پيار ڪيو اٿم، شاعرن جي محبتن جي ڪري سنڌ نوجوان ادبي فورم جو پڻ چيئرمين آهيان منھنجي شاعري ڪافي فنڪارن گائي آهي. جنهن ۾ مرحوم صادق فقير، عاشق نظاماڻي، غلام شبير سمون، شيراز عباسي، ڪنول ابڙو، حسين بخش شيخ، سليم رضا ڪنڀر، مختيار علي ۽ ٻين ڪيترن ئي فنڪارن منھنجي شاعري ڳائي آهي.


    منهنجو بنيادي تعارف آهي؟ مشہد علي اوٺي

     مشہد علي اوٺي ولد حسين بخش ويٺل ڳوٽ درگاهه نواڙو شريف تعلقو صوڀو ديرو ضلعو خيرپور ميرس ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ درگاهه نواڙو شريف جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول مان ورتي.
     مئٽرڪ گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول تعلقي صوڀي ديري مان حاصل ڪئي.
     بي اي ۽ ايم اي جي تعليم پوليٽيڪل سائنس ۾ شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان ڪئي. تعليم مڪمل ٿيڻ کان بعد ۾ مان ڪجھ عرصو اسلام آباد ۾ استاد طور فرائض سرانجام ڏنا. ۽ ڪجھ عرصو مون الائيڊ بئنڪ محرابپور برانچ ۾ ڪم ڪيو.
     تنهن کان پوءِ حادثاتي طور مان ريڊيو پاڪستان ۾ اچي ويس.
     سنڌي ادب ۾ لکندڙ شخصيتون؟
     لکندڙ ته تمام گھڻا آهن، مان ڪنهن جو نالو لکي ڪنهن جو نالو لکان، هر ڪو ليکڪ موتيءَ داڻو آهي. باقي انهن ليکڪ کان متاثر آهيان جيڪي معاشري جي ماڻهن جا ڏک، سور، درد ۽ انهن جي احساس محسوس ڪندا آهن.
     حياتيءَ جو مقصد؟
     حياتي جو مقصد ننڍپڻ ۾ ڪجھ هوندو آهي ته وري جواني ۾ ڪجھ ٻيو، ۽ جڏهن انسان پوڙهو ٿئي ٿو ته وري مقصد ۾ تبديل ٿئي ٿو. منهنجي چوڻ جو مقصد اهو آهي ته انسان جي عمر گذرڻ سان گڏ ان جي سوچ ۾ به تبديلي اچي ٿي. پر ڪوشش ڪري هن مختصر زندگيءَ ۾ ڪنهن کي تڪليف نه ڏجي.
     لکڻ جي هنر کي ڪيئن ٿا ڏسو؟.
     لکڻ هر انسان جي وس جي ڳالهه ڪانہي پڙهي ته هر ماڻهو سگھي ٿو پر لکڻ رب پاڪ جي ڏنل هڪ نعمت آهي. جيڪا ڪنهن ڪنهن ماڻهون کي نصيب ٿئي ٿي.
     پسند جي خوشبو؟
     خوشبو ته خوشبو آهي خوشبو لکي ته هر ماڻهو پسند ڪندو آهي. منهنجي پنهنجي اندر جي موسم جڏهن دلڪش حسين ۽ من کي موهيندڙ هوندي آهي ته ان لمحي ۾ مون کي هر خوشبو سٺي لڳندي آهي.
    قسمت؟
     برحال جيڪو قسمت ۾ لکيل هوندو آهي اهو انسان کي ضرور ملندو آهي مون کي ننڍپڻ کان وٺي اداڪاري جو شوق هيو مان چاهيندو هيم ته وڌ ۾ وڌ ماڻهون مون کي سڃاڻن ۽ منهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ رهي مان جڏهن ستين ڪلاس ۾ پڙهندو هيس ته ان وقت ايڏو شعور نه هيو مان هڪ ننڍڙي ڳوٺ سان تعلق رکندڙ هيس ان وقت ۾ ٽيليويزن ۽ ريڊيو جو دور نه هيو. مان ڪراچي پي ٽي وي سينٽر تان هڪ اردو ڊرامي ۾ ننڍڙو ڪردار ڪيو ان ڪردار ۾ منهنجو نالو به مشهد هيو ان ڊرامي جو نالو هيو درياءَ ڪي ڪناري ان وقت اسان جي ڳوٺ ۾ بجلي ڪانه هئي اهو ڊرامو اسان سڀني ڳوٺ وارن گڏجي جنريٽر تي ڏٺو هيو.
    ان وقت مون کي ڏاڍي خوشي محسوس ٿي ۽ ڪافي دوستن مون ڏي خط لکيا ۽ مبارڪون ڏنيون ان وقت موبائيل جو دور ڪو نه هيو ان کان پوءِ ايوب گاد جي نگراني ۾ ڪي ٽي اين تي مان ٻن ڊرامن ۾ حصو ورتو هڪڙي ۾ مان ڊاڪٽر هيس ۽ ٻئي ۾ مصور هيس برحال هيئنر به مان جنهن اداري ۾ آهيان. اتي به مان ڏاڍو خوش آهيان ڇو جو ريڊيو پاڪستان اسان کي عزت مان مرتبو ۽ شہرت ڏني آهي جيڪا مان پاڻ خود چاهيان پيو.
    پيغام؟
    توهان پنهنجن روين کي درست ڪيو پنهنجو اخلاق بلند ڪيو بامقصد ڳالهه ڪيو پنهنجي ڪردار کي اعليٰ ڪيو توهان پاڻ کي معاشري آڏو مثال بنايو. اوهان ماڻهن جا آئيڊيل ٿيو. ماڻهون توهان جو آئيڊيل نه هجن بلڪ اوهان ماڻهن جا آئيڊيل هجو انسان جي ڪاميابي انهيءَ ۾ ئي آهي.


    ريڊيو پاڪستان ۽ آءٌ : سيد شبير شاهه

    س؛ ننڍپڻ تعليم ۽ پنهنجي زندگيءَ بابت احوال ڏيو؟
    جواب؛ منهنجو نالو غلام شبير شاهه آهي 1996ع ۾ ريڊيو تي اچڻ تائين غلام شبير شاهه ئي سڏائيندو هيس، جڏهن ته اسڪول ۾ داخل ٿيڻ وقت بابا سيد محمد شاهه منهنجو نالو شبير شاهه لکرايو ۽ مان به 1996ع کان وٺي شبير شاهه ئي سڏائيندو آهيان.
    جنم لاڙڪاڻي جي ڀرسان نئون ديرو روڊ تي موجود ڳوٺ دودائي ۾ 10 مئي 1971ع تي رات جو تقريبن 12:30 تي ٿيو. پر اسڪول مطابق تاريخ پيدائش پهرين جنوري 1973 لکرائي وئي جيڪا اندازي سان لکرايل آهي ۽ منهنجي تحقيق مطابق 10 مئي واري تاريخ ۽ وقت صحيح آهي.
    پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ دودائي مان حاصل ڪئي پهرين کان پنجين درجي تائين پهرين پوزيشن حاصل ڪندو رهيس (06) ڇہون ڪلاس گورنمينٽ پائليٽ هائر سيڪنڊري هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان پاس ڪري ستين ڪلاس ۾ داخل ٿيس ته بابا سونارن جي خوشحاليءَ کان متاثر ٿي مونکي سونارڪي ڪم سکڻ لاءِ هڪ سوناري جي دوڪان تي بيہاريو. منهنجي لاءِ اسڪول کي ڇڏڻ هڪ صدمو ثابت ٿيو ۽ مان وڌيڪ پڙهڻ چاهيان پيو ۽ مان ان سونارڪي ڪم ۾ بلڪل فٽ ٿي نه سگھيس.
    جنهن ڪري بيمار، مايوس ۽ مجبور رهڻ لڳس ۽ بلا آخر بابا جي ڪاوڙ باوجود ان ڪم کي ڇڏي هڪ فوٽو اسٽوڊيو تي ڪم ڪرڻ لڳس. ڪيترائي سال ويڳاڻپ ۽ اداسيءَ ۾ بصر ٿيا.
    ننڍپڻ ۾ گھروارن طرفان محبت جي کوٽ کي تمام گھرائيءَ سان محسوس ڪيو. ٽئي ڀائر جيڪي مونکا وڏا هئا اهي پاڻ سان گڏ نه کيڏائيندا هئا ۽ بابا به ڏاڍو سخت هوندو هو ۽ ٻارن سان راند کيڏڻ ڳوٺ ۾ وڃي TV ڏسڻ تي سخت ڪاوڙ ڪندو هو اسان جي گھر ۾ TV نه هوندي هئي ننڍپڻ ۾ بابا ۽ پنهنجي استادن کان ڏاڍو ڊڄندو هيس.
    پهرين ڪلاس ۾ هڪ دوست جي سبب مذاق مذاق ۾ ڪٽي ڪٽي ۽ ستين ڪلاس تائين نه ڳالہايو جنهن سبب به ڏاڍو ڏک ٿيندو هو (هاڻي هو جڏهن ڏسندو آهي ته بيهي ملندو آهي الله کيس خوش رکي آمين.
    بابا ڏاڍو محنتي ماڻهو هو ۽ اسان جي لاءِ هر قسم جي محنت ڪندو هو ۽ پوءِ هر ڪنهن سان کل مذاق به ڪندو هو. مون ان کي ٻني ٻارو ڪندي ڏاندن سان هر ڪاهيندي، کاٽيون کڻندي ڳاهه ڳاهيندي به ڏٺو هو. هن چير جي مشين تي ڪم ڪيو ٽانگو وهايو ۽ زندگيءَ جو گھڻو وقت کير جو ڪاروبار ڪيو هو ڳوٺ مان سائيڪل تي کير کڻي شهر وڪڻندو هو. کيڏڻ جي زماني ۾ مان سائيڪل هٿ ۾ ڪاهي يا ڪئينچيءَ نموني کير وٺي ايندو هيس ۽ ڪجھ وقت وڏي ٿيڻ کان پوءِ به سائيڪل تي کير کڻڻ جو ڪم ڪيوگھڻن سالن کان پوءِ بابا موٽر سائيڪل ورتي هئي ۽ پوءِ ان تي کير کڻندو هيو.
    چئن پنجن سالن کان پوءِ بابا محسوس ڪيو ته هن مونکي اسڪول مان ڪڍي غلطي ڪئي آهي ۽ پوءِ هن مونکي ٻيهر اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ چاهيو پر هڪ اسڪول استاد منهنجي عمر وڌي وڃڻ ڪري ڏاڍا خراب تاثرات ڏنا بعد ۾ فوٽو اسٽوڊيو تي ڪم ڪندي وقفن سان انٽر پاس ڪئي (وقفن جو سبب فيس جو نه هجڻ هو) ان دوران 1984ع ۾ اسان لاڙڪاڻي لڏي آيا هئاسين.
    س؛ ريڊيو پاڪستان تي ڪيئن آيا؟
    جواب؛ 1996ع جو سال منهنجي لاءِ سٺو ثابت ٿيو ان سال منهنجي پهرين شادي ٿي ۽ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ريڊيو تي ڪم ڪرڻ جو سلسلو 1995ع ۾ شروع ٿي چڪو هو ان کان اڳ ۾ اسٽيج ڊرامن ۾ اداڪاري هدايت ڪار جي طور ڪجهه ڪم ڪيو هو ۽ اردو ڊائجسٽ تمام گھڻا پڙهيا هيا.
    1996ع کان منهنجي زندگيءَ ۾ خوشگوار تبديلي آئي مون کي هڪ سڃاڻپ ملي ۽ پنهنجي گھٽيل جذبن ۽ صلاحيتن جي اظهار جو ذريعو مليو ريڊيو ائين لڳو ڄڻ مونکي ان جي ئي ضرورت ۽ ڳولا هئي ريڊيو ۾ اچڻ جو جيترو شوق هيو اوتروئي ريڊيو ۾ داخل ٿيڻ ڏکيو هيو.
    اڪثر سڄو ڏينهن پروڊيوسر جو گيٽ تي انتظار ڪندو هيس ۽ پروڊيوسر صبح جو چوندو هو ويهه مان گھرايان ٿو پوءِ وري واپس وڃڻ وقت چوندو هو ته سڀاڻي اچجائين اهو سلسلو ڪجھ ڏينهن هليو ٻن آڊيئنز ۾ فيل ٿيس ۽ ٽئين ۾ پاس ٿيس پاس ٿيڻ کان اڳ ۾ نوجوانن جي پروگرام ۾ سلسلو ڪندو هيس ريڊيو ۾ متعارف ڪرائيندڙ پروڊيوسر مرحوم آغا محمد علي صاحب هيو الله کيس جنت ۾ جاءِ ڏئي جنهن کان پوءِ نور محمد خاصخيلي صاحب کان تلفظ سکيم ۽ انهن شروعاتي پروگرامن موقعو ڏنو. پاس ٿيڻ کان پوءِ آئڊيو مٽيريل اسسٽنٽ کي ريڊيو تي ڏسي دل ۾ خواهش پيدا ٿي ته ما به اتي ئي ڪم ڪريان. حقيقت جو مون ڪنهن سان به تذڪرو نه ڪيو تقريبن هفتي اندر آغا محمد علي صاحب نياپو ڪيو ۽ مونکي آئڊيو مٽيريل اسسٽنٽ ڪيو. جنهن جي اجازت ان وقت جي اسٽيشن ڊائريڪٽر ضمير بديواني صاحب ڏني.
    ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪم ڪندي B.A M.A ۽ DIT جا امتحان پاس ڪيا جنهن بعد ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي دنيا سان به زندگيءَ ۽ ڪم ۾ وڏي تبديلي آئي. 2005ع ۾ ايف ايم G2 نوري آباد ۾ پهريون ڪمپيئر طور ويس ڪجھ ئي عرصي ۾ پروگرام مئنيجر ٿي ويس 26 مارچ 2006ع ۾ ٻي شادي ٿي 12 فيبروري 2007ع ۾ ايف ايم G-1 ٽنڊو آدم جو اسٽيشن مئنيجر ٿيس 2010ع ۾ بابا سائين وفات ڪئي ۽ ساڳي سال ريڊيو جي نوڪري وئي جنهن سبب 2015ع تائين حالات خراب رهيا ان دوران NGO ۾ ڪجھ مهينا ڪم ڪيواسپتال ۽ ٽيڪسٽائل ملزجي ليبارٽري ۽ ايڊمن سيڪشنز ۾ به ڪم ڪيو وچ ۾ تقريبن هڪ سال هڪ ڀيرو ٻيهر ايف ايم 92 نوري آباد تي ڪم ڪيو ۽ تمام سخت مشڪلاتن کي منهن ڏنو.
    جون 2015ع تي لاڙڪاڻي ۽ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تقريبن 10 سالن بعد باقاعدي واپسي ٿي. هن ڀيري ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي رسيورس پرسن جو ڪانٽريڪٽ آهي ۽ الحمد الله وقت سٺو پيو گذري ٻي گھرواري مان 8 سالن جي نياڻي هسبه ۽ 6 سالن جو پٽ اياز شاهه آهي الله کين حياتي ۽ دنيا آخرت جي ڪامياي عطا ڪري آمين.
    س؛ اوهان کي شاعريءَ جون ڪهڙيون صنفون پسند آهن.
    جواب؛ گيت نظم آزاد نظم پسنديده آهن. البته غزل ان ڪري گھٽ پسند آهي ڇو ته لفظن جي ڪاريگريءَ ۾ خيال جي اصل شڪل وڃائڻ جو خدشو هوندو آهي.
    س؛ اوهانجي زندگيءَ تي ڪنهن جو اثر آهي؟
    جواب؛ اهو سوال ٿورو ڏکيو آهي ڇو ته حضورﷺ پنهنجي بابي، ڏاڏي ماءُ جي سر کان علاوه هيءَ سڄي ڪائنات آهي جيڪا پنهنجي اهميت محسوس ڪرائيندي آهي ڪتاب ڪمپيوٽر علم شخصيتون حالات مسئلا اهي سڀ ئي ته اثر انداز ٿين ٿا پوءِ ڪو هڪڙو نالو کڻڻ ڏکيو آهي چڱي ڳالهه جتان به ملي ان کي قبول ڪجي.
    س؛ اوهان جو پيغام؟
    جواب؛ هر انسان جي زندگيءَ ۾ لاها چاڙها ايندا رهندا آهن نه بدحالي هميشہ رهڻي آهي نه خوشحالي صبر شڪر ۽ اميد جو دامن هرگز نه ڇڏڻ ٻين جي عزت دولت، عمر جو احترام ڪرڻ گھرجي ۽ ان تي بري نظر نه وجھجي، ماڻهن جي ڌمڪين کان بچڻ گھرجي ۽ پاڻ به ڪنهن سان زيادتي ۽ ڌوڪو نه ڪرڻ گھرجي پاڪيزه زندگيءَ ۾ سڪون ۽ خوشي آهي.


    زندگيءَ جو سرسبتو احوال؟ مشتاق تونيو

     زندگيءَ جو سرسبتو احوال؟
    منهنجو جنم 22 آڪٽوبر 1977ع تي ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ٿرڙي هاشم (موجوده ضلعو قمبر شہدادڪوٽ) ۾ ٿيو. پرائمري تعليم وڳڻ ۽ ڳوٺ جي پرائمري اسڪولن ۾، ميٽرڪ وڳڻ هاءِ اسڪول، انٽر ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو گريجوئيشنM.A/ گورنمينٽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻو (شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور) ۽ LLB شهيد محترمه بينظير ڀٽو لا ڪاليج لاڙڪاڻو (شاهه عبدالطيف يونيورسٽيءَ) مان ڪئي.
    گھراڻو پڙهيل لکيل هئڻ سبب گھر ۾ پڙهائي وارو ماحول مليو ننڍپڻ ٻاراڻي ادب جو مقبول رسالو ”گل ڦل“ ٻيا ڪتاب ۽ اخبارون پڙهڻ جو ڪافي موقعو ملندو رهيو. جنهن سبب قلمي دوستي ذريعي لکڻ جو موقعو ملندو رهيو.
    ڳوٺ ۾ بجلي ڪو نه هوندي هئي ان دؤر ۾ گھر ۾ بليڪ اينڊوائيٽ TV بيٽري ذريعي هلائيندا هئاسين. جنهن سبب اداڪاريءَ جو شوق به ٿيو، ڪاليج جي دؤر ۾ مختلف پروگرامن ۾ ڪمپئرنگ ڪرڻ، پريس رليز ٺاهڻ جو موقعو ملندو رهيو، ان ڪري صحافت سان به دلچسپي وڌي، اهڙيءَ طرح 2002ع کان سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪرڻ کانپوءِ اتي سينئر صحافي دوست زرار پيرزادي جي مدد سان 2003ع ۾ عوامي آواز اخبار ۾ سب ايڊيٽر طور صحافت جي شروعات ڪئي، انهيء سال سنڌ TV کلڻ جي تياري لاءِ ڊراما پراڊڪشن جي شروعات ٿي چڪي هئي، بلوچ پل شاهراه فيصل تي واقع سنڌ TV آفيس ۾ سينئر اداڪار ۽ ڊائريڪٽر عاشق عارباڻيء سان ملاقات ٿي، جنهن پنهنجي مزاحيه خاڪن واري سريز ۾ ايڪٽنگ لاءِ موقعوڏنو.
    بعد ۾ سنڌ TV تي سولوپلي اميرزادي، آخري شو، ٽيلي فلم پاڙيوارو، (هيور) پاڻيءَ مٿي جھوپڙا، (صحافي)، شمن ميرالي (انسپيڪٽر) مشهور گاني جي ماڊلنگ ڪئي. عيد شو ڪمپئرنگ خاص ڳالهه ته سنڌ TV جي اوپننگ سَرمني (OPENING CEREMONY (شو) ۾ سينئر ڪمپيئرز سان گڏ ما ن به ڪمپيئرنگ ڪئي، ان شو جي ڊائريڪشن لالا رئوف ڪنڌر ڏني بعد ۾KTN تي منهنجو پهريون ڊرامو تبسم هيو جنهن ۾ ڊاڪٽر ٻئي سيريل ڏهاڳڻ، ورهاست، ريشمي ڏور ۽ ڀٽائي منهنجو گهر ڀاتيء ۾ به مرڪزي رول ادا ڪيا، جڏهن ته PTV تي شمشير حيدريءَ جي لکيل ڊائريڪشن نعيم بلوچ جي ناٽڪ رنگ سيريل ”دوست پيهي در آيو“ ليکڪ حيات شاهه جي سيريل ” خواب ۽ خواهشون “سيريز” دادلو“، سولو پلي ۾ پڻ مرڪزي ڪردار ادا ڪيا. جيو جي هڪ ڊرامي ”تنها هي تو هي“۾ سپورٽنگ ۽ مهراڻ TV جي هارم پلي “خالي فريم“ ۾ پڻ اهم رول ادا ڪيو .لاڙڪاڻي آرٽس ڪائونسل ۾ ايوب گاد جي اسٽيج ڊارمي ”مورتيءَ“ ۾ پڻ شاعر جو ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏ ريڊيو جي پڻ ڪيترن ئي اردو توڙي سنڌي ڊرامن ۾ صداڪاري ڪئي. 2005ع کان 2007ع تائين KTN ڪراچيءَ ۾ نيوز رپورٽر طور صحافت ڪئي. جڏهن ته 2008ع ۾ ڌرتي TV جي اوپنگ ڪمپيئرنگ پڻ ڪئي جنهن ۾ مون سان گڏ حنا ڪيريو ڪو ڪمپيئر هئي.
    انهيءَ سال ڌرتي TV تي رپورٽر، نيوز ڪاسٽر ۽ ڪرنٽ افيئرز پروگرامن جي ميزباني به ڪئي، بعد ۾ 2009ع کان 2011ع تائين آواز TV ڪراچي ۽ بعد ۾ لاڙڪاڻي ۾ بيورو چيف طور ڪم ڪيو. جنوري 2011ع کان نومبر 2011 تائين اسلام آباد جي نجي اداري CRSS ۽ US AID جي هڪ ريڊيو ۾ 2010ع جي ٻوڏ واري تباهيءَ تي سنڌ جي لاڙڪاڻي، قمبر شہدادڪوٽ، دادو، نوابشاهه، مٽياري، خيرپور ۽ ٻين ضلعن ۾ رپورٽنگ ۽ ڪميونٽي پروگرام پروڊيوس ڪيا. جنوري 2012ع کان ڪراچي ريڊيو پاڪستان ۾ ڪانٽريڪٽ پروڊيوسر جي نوڪري ملي، ۽ هاڻ 2013ع کان ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي ۾ پروڊيوسر طور ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيو آهيان.
    ملڪ جي تقريبا سڀ سياستدانن، اداڪارن، رانديگرن ۽ ٻين اهم شخصيتن سان ملاقاتون ٿيون، انهن جا انٽرو به ڪيا، جڏهن ته 2006ع ۾ KTN واري صحافتي دؤر ۾ ڀارتي اداڪار ڪبير، فيروز خان، فردين خان، منيشا ڪوئرالا، سنگيتا بجلاڻي سان ڪراچيءَ گورنر هائوس ڪئپري سينما ۽ نيشنل اسٽيڊيم ۾ يادگار ملاقاتون به ٿيون.
    صحافتي ۽ شوبز ۾ ڪم ڪرڻ تي ” ڌرتي T.V ايوارڊ“ FHM ايوارڊ ۽ سوشل ويلفيئر سوسائٽي سنڌيا ران سٿهراءِ جرئت ايوارڊ ملي چڪا آهن.
    ان صحافتي ۽ شوبز واري عرصي دوران سڄي سنڌ ۽ پنجاب جي وڏن شهرن گھمڻ جا ڪيترائي موقعا مليا.

     سنڌي صحافت توهان جي نظر ۾؟
    سنڌي صحافت ۾ هن وقت اڳ جي ڀيٽ ۾ ٿورائي انسان دوست ۽ سنجيده صحافي آهن. صحافين جي اڪثريت پنهنجي پروٽيڪشن ۽ ڪرپشن ۾ ملوث آهي، ان ۾ سنڌي ميڊيا جا مالڪ به گھڻي قدر ملوث آهن، ڇو ته سنڌي ميڊيا TV چينلز اخبارون“ رسالا۽ FM RADIO ۾ ڪم ڪندڙ اڪثر صحافين ۽ ورڪرز کي وڏن شهرن ۾ نالي ماتر جڏهن ته ننڍن شهرن ۾ پگهارون مِلن ئي ڪونه ٿيون،ان ڪري اڪثر صحافي پيٽ گذرلاءِ ڪرپشن جو رستو اختيار ڪن ٿا، ۽ ڪرپٽ ڪامورن جون ڪرپشن واريون خبرون ٿورن پئسن عيوض لڪائي انهن کي پروٽيڪٽ ڪن ٿا، جنهن سان سنڌ ۽ سنڌ جي عوام جا حق لٽجندا رهن ٿا. ڪرپشن ۾ سنڌي صحافين سان گڏ ميڊيا جا مالڪ به اوترائي ذميوار آهن. جيڪي سنڌ جي عوام جا برابر جا ڏوهاري آهن. پر ان هوندي به سنڌ جي صحافت ۾ ڪيترائي با ضمير، انسان دوست ۽ غريب عوام جا همدرد صحافي موجود آهن، جيڪي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان صحافت کي عبادت سمجھي پنھنجو فرض ادا ڪري سنڌ جو قرض لاهڻ ۾ مصروف آهن. اهي صحافي ڪيترين ئي لالچن کي ٺڪرائي چڪا آهن ۽ اڄ به پيرين پنڌ هلندي صحافت جو فرض ايمانداريءَ سان ادا ڪندا پيا اچن.

    سنڌي ادب توهان جي نظر ۾؟
    سنڌي ادب مون گهٽ پڙهيو آهي، پر مان سمجهان ٿو ته سنڌي ادب ماضيءَ ۾ تمام سگهارو هيو. جنهن سنڌ ڌرتيءَ جي عوام کي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ ڪافي شعور ڏئي اڳتي آندو.
    هن وقت به سنڌي ادب ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ ڪافي بهتر آهي. پر ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ گهٽ معياري آهي.
    مان صحافي ۽ ريڊيو پاڪستان تي نه هجو ها ته؟
    جيڪڏهن مان صحافي ۽ ريڊيو پاڪستان تي پروڊيوسر نه هجان ها ته اداڪار، وڪيل ۽ سياستدان ٿيان ها. ڇو ته ڪافي ڊراما ڪيا، پر انهن کي گهڻو ٽائيم نه ٿو ڏئي سگهان. ۽ ماضيءَ ۾ سياست سان به گهڻي دلچسپي رهي آهي. گڏوگڏ وڪالت جي شعبي ۾ شوق رهيو آهي.
    آخر ۾ پيغام آ؟.
    پيغام اهو آهي، سنڌي قوم وڌ کان وڌ تعليم تي ڌيان ڏئي، پاڻ ۾ ننڍا وڏا اختلاف ختم ڪري کنڊ کير ٿي رهون. ڇو ته سنڌ جي ترقي بهتر تعليم حاصل ڪرڻ ۽ پاڻ ۾ پيار محبت ۽ ٻڌي سان ئي سلهاڙيل آهي.


    ڪجھه بي ترتيب ڳالهيون؟ عبدالجبار آزاد منگي

    عبدالجبار منگي
    ادبي نانءَ؛ جبار آزاد منگي
    جنم؛ 18 مارچ 1960 نصير آباد، منگي محلو
    جنم ڏينهن؛ جمعو آهي.
    پرائمري تعليم؛ مسلم پرائمري اسڪول منگي محلا نصيرآبا مان مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نصيرآباد، انٽر، بي اي، ايم اي ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ايل ايل بي لاڪاليج لاڙڪاڻو.
    پنج نوڪريون ڪيم ۽ ڇڏي ڏيندو رهيس صحافت ڪري رهيو آهيان هلال پاڪستان، جاڳو، آفتاب سنڌ، نيوز اخبارن سميت ريڊيو پاڪستان جو رپوٽر طور خدمتون ڏئي رهيو آهيان.
    شادي 1989ع ۾ ڪيم 7 پٽ ۽ 5 نياڻيون آهن ادب ۾ ڊراما، شارٽ اسٽوري شاعري ڪيم هڪ ڪتاب ريڊيو پاڪستان تي مشتمل لفظ هوا ۾ خوشبو ڇپيو.
    حقيقت؟ سچ حقيقت آهي ڪوڙ دوکو آهي. وقت؟ جيڪو بادشاهه آهي ۽ ڪنهنجو به ناهي.
    سياست؟ سياست حقيقي ماڻهو نه ڪندا ته لالچي ۽ لوڀي ماڻهو سياست ۾ اچي اسان تي حڪمراني ڪندا.
    ٻولي؟ انسان جي سڃاڻپ آهي جنهن کان منهن موڙڻ پنهنجي وجود کان انڪار ڪرڻ آهي.
    ڪاميابي؟ دلين مان نفرتون ڪڍو ڪاميابي اوهان جا قدم چمندي.
    ادبي سنگت؟ جيڪا هاڻ نه ادبي رهي آهي نه سنگت رهي آهي. پاڻ وڻائڻ وارو فورم بڻجي وئي آهي.
    عشق؟ عشق ڪيم جنهن کي چاهيم نه مليو دادو سان دل هئي ۽ آهي.
    تنهائي کي ڪئين ٿا ڏسو؟ تنهائي نوان رستا ڏسيندي آهي پر انهيءَ تي عمل لاءِ ماڻهن ۾ وڃڻو پوندو آهي تارڪ دنيا ٿي ويهي رهڻ بنهه سٺو ناهي.
    ايندڙ ڪتاب؟ نصير آباد تاريخ جي آئيني ۾، پرين ساڻ پچار (ريڊيو اسڪرپٽ) ڪنڊن تي پهريون قدم (ڪهاڻيون).
    ايوارڊ؟ بينظير ٽيلنٽ ايوارڊ ۽ سگا ايوارڊ سنڌرنگ ڊائجسٽ ايوارڊ.
    دوستي؟ بي بها تحفو.
    هميشہ ياد ايندڙ شخصيت؟ ابو ۽ امان جيڪي منهنجي روح ۾ پاڻ کان وڌيڪ رهن ٿا، جن کي هڪ پل به وساري ناهيان سگھيو.
    روئندو آهيان ننڍڙن ٻارن کي سخت پورهيو ڪندي ۽ ٻين اڳيان هٿ ٽنگيندي ڏسندي.
    پيغام؟ زنده رهڻ چاهيو ٿا هميشه لاءِ ته پنهنجي ماڻهن پنهنجي وطن جي تهذيب، ٻولي ۽ ثقافت سان محبت کي قائم رکو.


    منهنجي تهذيب جا رنگ نرالا ! امتياز شاهاڻي

    منهنجو خاندان ۽ ننڍپڻ؟
    امتياز، جرنيل شاهه بهارو پنهنجي پويان پنج پٽ ڇڏيا، جنهن مان هڪ جو نالو شاهيارو هيو، جنهن جي نالي سان هڪ ڳوٺ لاڙڪاڻي کان 7 ڪلو ميٽر پري اوڀر طرف عاقل لڳ آباد آهي ۽ ان جو اولاد اتي ئي رهائش پذير آهي. ان جي پشت مان آءٌ امتياز احمد شاهاڻي 9 آڪٽوبر 1976ع تي ڳوٺ شاهيارو ۾ استاد غلام محمد شاهاڻي جي گھر ۾ اک کولي.
    منهنجي تعليم؟
    امتياز؛ پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيم، مئٽرڪ گورنمينٽ پائليٽ سيڪنڊري هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان، انٽر ۽ بي ايس سي ڊِگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان جڏهن تهB.Ed ۽ M.A L.L.B شاهه عبدالطيف ڀٽائي يونيورسٽي خيرپور ميرس مان حاصل ڪيم.
    منهنجو ادبي ۽ سماجي پسمنظر؟
    امتياز؛1997 ع کان ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪمپئيرنگ جا فرائض سرانجام ڏئي رهيو آهيان، سيشن ڪورٽ لاڙڪاڻي ۽ هاءِ ڪورٽ ۾ وڪالت ڪري رهيو آهيان..
    آيل ڪتابن ۾ قانون اسان لاءِ؟
    ايندڙ ڪتابن ۾ شاعريءَ جو مجموعو ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن ادبي حوالي کان قلمار پبليڪشن جو بنيادي ميمبر ۽ نوجوان ادبي فورم جو وائيس پرزيڊنٽ 2002ع کان شامل عمل آهيان.
    منهنجي خانداني تاريخ؟
    امتياز؛ لاڙڪاڻي جي مٽي به اُها مٽي آهي، جتي اهڙيون شخصيتن پنهنجي زندگيءَ جا ڏينهن گذاريا ۽ ان ئي مٽيءَ ۾ دفن ٿيا، انهن مان ڪلهوڙون جي دور سان واسطو رکندڙ جرنيل شاهه بهارو به هڪ آهي جيڪو پنهنجي مٽيءَ جي دفاع لاءِ وڙهيو ۽ وڏي شان شوڪت سان 84 جنگين جو فاتح رهيو.

    پيغام؟
    ڪــير ٿـــو چـئي پيـار آهـي زنـدگـي،
    مـــسئـلـن جــــو ڄــــار آهــي زنــدگــي.
    مـــون گھڻو ”امتياز“ آ پرکي ڇڏيو،
    ســـور جـــو ســنســار آهــي زنــدگـــي.


    عشق جو آواز : حاجي حُسين جلباڻي

    سوال؛ ننڊپڻ ۽ تعليم بابت؟
    جواب؛ منهنجو جنم ڳوٺ نورنگ خان جلباڻي، تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ 14 فيبروري 1976ع محمد بخش جلباڻي جي گهر ۾ ٿيو. ائين ئي ٻهراڙي جي ماحول ۾ ٻنين ۾ مال چاريندي شوق جاڳيو ته ڪي ٻه ٽي درجا پڙهجن شروع ۾ بابا ڳوٺ دوست محمد جلباڻي جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو. جتي ٻه درجا مس پڙهيم ته اُستاد بدلي ٿي ويو. وري پرائمري اسڪول محمد علي بڙدي ۾ نئين سر داخل ٿيس. جتي اُستاد واحد بخش بڙدي ۽ سندس گهر واري آپا شرما مون تي ڏاڍي محنت ڪئي هڪ ڏينهن هڪ شاگرد سان وڙهڻ جي سزا ۾ آپا کبڙ جا چهبڪ هڻي ڏاڍو ماريو. ان مار آخر اسڪول ڇڏرايو. بابا به سعودي ۾ هو. سو ڪجهه وقت مال چارڻ ۾ گذاريو .
    نيٺ مال مان بيزاري ٿي وري رخ رکيم دوست محمد جلباڻي جي پرائمري اسڪول ڏانهن جتي حفيظ قاسماڻي (ميراڻي) ڏوڪري وارو ۽ غلام اڪبر سانگهرو اُستاد هُيا. جن منھنجي هوشياري ڏسي ٽئين ڪلاس ۾ داخل ڪيو. سائين حفيظ ميراڻي قاسماڻي جيڪو مشهور پينٽر به هو. تنهن صورتخطي سيکارڻ ۾ ڏاڍي رهنمائي ڪئي. چوٿين درجي ۾ پهتاسين ته ٻئي اُستاد بدلي ٿي ويا. ائين وري ڇهه مهينا مال چاريندي ۽ پوکي راهي جو ڪم ڪندي گذري ويا. هڪ ڏينهن امان چيو ته ابا تون ڪوشش ڪري پڙهڻ نه ڇڏ. سو ڏاڏا ( فقير گنبوخان) جيڪو بهترين الغوزي نواز پڻ هو، کي ساڻ ڪري ڳوٺ حاجي عبدالڪريم انڙ پرائمري اسڪول وڃي پهتس منھنجي خوشنصيبي جو اتي منھنجو اُستاد سائين غلام اڪبر سانگهرو هيڊ ماستر هو ۽ اُن منھنجو چوٿين درجي جو سرٽيفڪيٽ دوست محمد جلباڻي پرائمري اسڪول مان ڪڍرائي مون کي پاڻ وٽ داخل ڪيو. جتان 1987ع ۾ خيرن سان پنج درجا پاس ڪيا ۽ ڇهين ڪلاس ۾ ڏوڪري هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتم اتي به ست درجا پاس ڪيم 1989ع ۾ بابا سائين کي ٻهراڙي جو ماحول راس نه آيو. ۽ لڏي اچي لاڙڪاڻي جي الله آباد پاڙي ۾ رهياسين ۽ باقي تعليم گورنمينٽ ميونسپل سيڪنڊري اسڪول مان حاصل ڪئي. بابا سائين پيري ۾ شادي ڪئي جنهن سبب جلدي ضعيف ٿي ويو. جنهن سبب ننڍن ڀائرن جي تعليم ۽ گهر جو بار اچي ڪلهن تي پيو. ۽ تعليم جو سلسلو اڌ ۾ ڇڏڻو پيو. هن سفر ۾ جن اُستادن مون کي پنھنجي اولاد جيئان تعليم ڏني ان ۾ گدا حُسين جسڪاڻي، حفيظ (قاسماڻي) ميراڻي، غلام اڪبر سانگهرو، عبدالحميد پنهور، واحد بخش بڙدي، رجب علي مڱڻيجو، نادر علي ڪلهوڙو، امداد علي بڙدي، مجنون جتوئي، زاهد حسين هليو، ضمير حسين پيرزادو، عبدالرشيد اَي ڪي ، نظير حسين ميراڻي ۽ محرم علي ڪرماڻي شامل آهن.
    سوال؛ ريڊيو تي اچڻ جو شوق؟
    منهنجو بابا الحاج محمد بخش جلباڻي سعودي ۾ رهندو هو.
    سو شام جو اسڪول کان فارغ ٿيندو هئس ته اڪثر ماما جو ريڊيو کڻي ۽ ٻَڌندو هئس. هڪ ڏينهن بابا کي خط لکيم ته بابا سائين هڪ ريڊيو موڪلڻ جي مهرباني ڪندا. هن وقت ڊيوٽي آفيسر ۽ ڪمپيئر طور ڪم ڪيان پيو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ بابا جو هڪ دوست ڏاڏا سائين کي ريڊيو ڏئي ويو ۽ چيائين ته هيءَ ريڊيو ننڍڙي جي لاءِ پڻس موڪليو آهي. اُن ڏينهن ۾ حيدرآباد ريڊيو تان رات جو ڊرامو هلندو هو ”واچوڙن جو ووڙ“، هي ڳالهه 1986ع ڌاري جي آهي. امان کي ڏاڍا ايلاز ڪندو هيس ته امان ڊرامي وقت ننڊ مان اٿارجان. امان ڏاڍا وس ڪندي هئي. پر مان ڪٿي ٿو ننڊ مان اٿان. ائين هڪ ڏينهن خيرپور جي پروگرام پارس ۾ هڪ لفافو وٺي 1987ع ۾ خط لکيم سو مختيار ملڪ صاحب شامل ڪيو. ائين ئي ريڊيو سان چاهه وڌيو. 1988ع جي عام اليڪشن ۾ حاجي غلام حُسين انڙ ورڪ جي سلسلي ۾ نانا سائين جي اوطاق تي آيو. مون نانا سائين کي چيم ته توهان حاجي صاحب کي چئو ته هن ننڍڙي جو مطالبو ٻڌو ووٽ سموري ڳوٺ جا اوهان کي ڏياربا. مُون حاجي غلام حُسين انڙ صاحب کي چيو ته چاچا سائين لاڙڪاڻي ۾ ريڊيو اسٽيشن ٺهرايو. حاجي صاحب فورن واعدو ڪيو 1989ع ۾ لاڙڪاڻي لڏي آياسين. هڪ ڏينهن شام جو خيرپور تان سنڌ اسيمبلي جي ڪاروائي جي رپورٽ نشر ٿي رهي هئي. ان ۾ ٻڌايو ويو ته لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ ايم پي اي حاجي غلام حُسين انڙ مطالبو ڪيو آهي ته لاڙڪاڻي ۾ ريڊيو اسٽيشن قائم ڪئي وڃي ( سنڌ اسيمبلي ۾ ريڊيو لاڙڪاڻي لاءِ اُن وقت سنڌ اسيمبلي ۾ اهڙو مطالبو ٻُڌي دل ڏاڍي خوش ٿي.
    پوءِ 14 سال ريڊيو پاڪستان ۽ ايران جي پروگرامن جو باقائدي لسنر رهيم. 21 جون 1999ع ۾ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي بطور انائونسر ڪمپيئر ڪاپيئسٽ جي ڪم ڪرڻ شروع ڪيم هن وقت ڊيوٽي آفيسر ۽ ڪمپيئر طور ڪم ڪيان پيو.
    ريڊيو تي جنهن وقت اسان جو اچڻ ٿيو ان وقت جيڪي سينئر هيا سي پاسي ۾ ويهڻ به نه ڏيندا هئا. لک آفرين محترم استاد نور محمد خاصخيلي صاحب کي جنهن جيءَ ۾ جايون ڏنيون ۽ ڪمپيئرنگ کان ويندي ڪم جا سمورا طور طريقا سيکاريا. جيڪو هن فيلڊ ۾ منهنجو استاد آهي.
    توهان جو علم ادب سان ڪو واسطو؟ ها بلڪل آهي شروع ۾ شاعري به ڪئي مقالا به لکيا ريڊيو پاڪستان جي ڊيوٽي روم ۾ ويٺي ويٺي ڪتاب ”ڄاڻ سچل“ جي لکيو جيڪو دوست ياسر خاصخيلي جي تعاون سان 2011ع ۾ روشني پبليڪشن پاران ڇپيو شاعري مان هن وقت مڪمل هٿ ڪڍي ويو آهيان باقي ڪتابن لاءِ ڪافي مواد تيار ڪيو آهي.
    ريڊيو ۾ اچي توهان ڇا حاصل ڪيو آهي؟
    صرف نالو.
    توهان سان پروڊيوسرن جو ڪيترو تعاون رهيو آهي؟
    وقتن وارن جا بار سهبا پر دوست جو سلوڪ ماري ٿو.
    ذاتي زندگي جي باري ۾ ڪجھ ٻڌائڻ پسند ڪندا؟
    شادي شده آهيان چار نياڻيون ۽ هڪ پٽ آهي الله جا لک لک احسان آهن سڀ ٻارڙا پڙهن ٿا.
    جيڪي نوان دوست هن فيلڊ ۾ اچڻ چاهن ته انهن کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟
    سڀ کان پهرين ڪو سٺو روزگار ڪا نوڪري ڪن پوءِ هن طرف اچن ڇو ته ريڊيو صرف شوق جو پوراءُ ئي ڪري سگھي ٿو نڪي پيٽ جي بک ختم ڪري سگھي ٿو.


    سنڌي ادب ۾ تنقيد جي آجيان ڪرڻ گھرجي! شاهين سنڌي

    منھنجو نالو در محمد ڪٽپر عرف شاهين سنڌي جنم 12 جولاءِ 1965ع محلي ڳڙهي ياسين غلام محمد ڪٽپر جي گھر ۾ ٿيو، ابتدائي تعليم خضدار بلوچستان مان حاصل ڪئي تنهن کان پوءِ مئٽرڪ ڳڙهي ياسين مان، ۽ انٽر شاه لطيف، ڪامرس ڪاليج جتي اسان جو پرنسپال سائين عبدالمجيد سنڌي جن هئا.
     پنھنجي ننڍپڻ ۽ تعليمي سفر بابت ٻڌايو؟
    شاهين! مان تعليم جي حوالي سان ته ايڏو هوشيار ڪونه هوس اوترو وري تقريري ۽ ڪوئيز پروگرامن ۾ حصو وٺندو هيس يا ڊرامن جو مون آغاز مڊل اسڪول کان ڪيو، ان وقت وارو ادا ڪيل ڪردار ڏاڍو پاپولر ٿيو ۽ تقرير ڪرڻ وارو شوق مون کي ڪمپئرنگ ڏانهن وٺي ويو ۽ ڪمپئرنگ وري مون کان ڪتاب کولرايا ۽ پڙهايا. ڇو جو ڳالھائڻ لاءِ لفظن جو ۽ شاعريءَ جو سٺو ذخيرو هجڻ گھرجي جيڪو مطالعي سان گڏ ٿئي ٿو. جيستائين ننڍپڻ جو تعلق آهي هي دور ته ڪنهن کان وسرندو ڇا، ڇو جو اهو ئي اهڙو وقت هوندو آهي جڏهن اسان پنھنجي والدين سان گڏ هوندا آهيون ۽ ان مان گھڻو ڪجھ سکيا آهيون. ۽ بيچيني ۾ ڪجھ دوستن کي ياد رکي سگھجي ٿو پر هو وسارڻ جھڙا هوندائي ناهن.
     لکڻ پڙهڻ ۽ مطالعي جو شوق ڪيئن پيدا ٿيو؟
    انسان ڪڏهن ڪڏهن دوستن جي صحبت قبول ڪندو آهي منھنجي اڪثر دوستن جو تعلق ادب سان هو پوءِ انھن جو اثر قبوليو ۽ مطالعي جو شوق ٿيو، ۽ اهو شوق اڳتي هلي لکڻ جو سبب ٿيو اڄ مان، ڪالم، ڪھاڻي، ڊرامو ۽ شاعري جي ڪجھ صفن تي لکيو آهي.
     توهان جا ڪي يادگار ناٽڪ، ڊرامه ۽ ريڊيو بابت ڪجھ؟
    شاهين- ريڊيو تي اچڻ کان اڳ ۾ مان اسٽيج تي ڪمپيئرنگ جو آغاز ڪري چڪو هوس ۽ ڪمپيئرنگ کان پوءِ پنھنجي شهر ڳڙهي ياسين ۾ دوستن سان گڏجي ڊرامن جو بنياد رکيو ۽ 1996ع هو شايد ۽ تنهن کان پوءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڊرامه ڪيا ڊرامن جي ڊائريڪشن پڻ ڪئي. 1996ع ۾ ريڊيو پاڪستان تي انائونسر جو آڊيشن پاس ڪيو، ڪجھ عرصي کان پوءِ هن وقت تائين ڪافي سنڌي، اردو ريڊيو ڊرامه ڪيا آهن، پر عمر مارئي ريڊيو ڊرامي عمر جو ڪردار ڏاڍو ڏکيوهو، ۽ ٻيو بادشاهه جو ڪردار اهي سڀ ڊرامه سيد عابد عباس جي ڊائريڪشن ۾ ٿيا هئا، ڏاڍو پسند ڪيا ويا. ٽي وي تي مون کي ايوب گاد ڊرامي انتظار گاهه جي ذريعي متعارف ڪرايو ۽ استاد ممتاز ابڙي جا به ڪيترائي ٽي وي ڊرامه ڪيا جيڪي ڌرتي ٽي وي ۽ سنڌ ٽي وي تان نشر ٿيا ۽ پوءِ مون ٽيلي فلم ۾ ڪم ڪيو جنھن ۾ مون هڪ سٺي زميندار جو ڪردار ادا ڪيو، ”غيرت جو آواز“.
     سنڌي ادب بابت اوهان جو رايو؟
    شاهين- سنڌي ادب اسان جو ڏاڍو شاندار رهيو آهي ۽ رهندو پيو اچي سنڌي ادب ۾ اسان کي کوڙ سارا ليکڪ، شاعر، ناول نگار، ڊرامه نويس ڏنا آهن.
    جيڪي اسان جي ادب جي سونھن آهن جن جي لکڻين ۾ زندگيءَ جو هر موڙ نمايا نظر اچي ٿو. پر اسان کي تنقيد جي به آجيان ڪرڻ گھرجي ڇو جو جيڪو تنقيد جي آجيان نٿو ڪري، تنھنجي ڪوبه آجيان نٿو ڪري.
     توهان کي ڪھڙي ڳالھ تي ڏک ٿيندو آهي؟
    شاهين؛- هر ان ڳالھ تي ڏک ٿيندو آهي جنهن جو بنياد ڪوڙ يا منافقي تي ٻڌل هجي، ۽ پنھنجي دوستن جا رويا به ڏکارو ڪري ڇڏيندا آهن.
     نوجوانن لاءِ ڪو پيغام؟
    شاهين؛- اهو ڪم ڪريو جنهن سان اوهان جي ۽ اوهان جي والدين ۽ ملڪ جو نالو روشن ٿي ۽ اوهان جو نالو هر دل سانڍڻ لاءِ بي چين هجي، سڀ کان پهريون تعليم جي اهميت کي سمجھڻ گھرجي ڇو جو تعليم ئي دل ۽ دماغ تي سٺو سنيهو ملي ٿو.


    انسان جي قول ۽ فعل ۾ تضاد نه هجي! سيد تاج علي شاهه

     منھنجو مختصر تعارف آهي؟
    تاج شاه؛- آءٌ 18 سيپٽمبر 1964ع تي ۽ محرم الحرام تي سيد برڪت علي شاه جي گھر محلي محمد پور ۾ جنم ورتو.
    پرائمري تعليم غوث پور اسڪول لاڙڪاڻي ۾ مئٽرڪ تعليم پائلٽ اسڪول لاڙڪاڻي مان انٽر جي تعليم ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ايم اي شاه لطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان پوليٽيڪنل سائنس ۾ ڪئي.
    علم ادب سان واسطو؟
    سيد تاج شاه- پڙهڻ جي حد تائين سنڌي ادب کي پڙهيو ريڊيو تي اچڻ خانداني ورثو وڏو ڀاءٌ سيد بشارت علي شاهه 1977ع کان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سان واسطو رهيو جنهن جي ڪري منهنجو ذهني لاڙو ريڊيو پاڪستان سان رهيو.
    ريڊيو تي مون کي اسٽيشن ڊائريڪٽر اقبال اعظم فريديءَ ريڊيو تي متعارف ڪرايو ۽ پوءِ اسٽيشن ڊائريڪٽر جھانگير قريشي کان مون تمام گھڻو سکيو ۽ پرايو.
    سنڌي ادب ۾ شخصيتون منھنجي نظر ۾؟
    تاج شاهه. جيڪي شخصيتون سنڌ ادب کي صحيح طور فروغ ڏئي ويا ۽ جيڪي عمل پيرا آهن اهي ئي پسند جي لائق آهن. اُهي قول ۽ فعل ۾ ثابت قدم آهن پسند جون شخصيتون؟
    حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم شاعرن ۾ شاه لطيف آهن.
    پيغام؟
    حقوق العباد تي هر وقت عمل ڪرڻ گھرجي.


    منھنجو نڀاءٌُ مارُن سان! خاور قبولائي

    منھنجو جنم 1971ع ڌاري سِول اسپتال لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. بابا ۽ امڙ منھنجو ڇٺي جو نالو محمد موسيٰ سرگاڻي رکيو. منھنجي بابا جو نالو استاد سڄڻ علي سرگاڻي المعروف استاد سڄڻ قبولائي آهي. منھنجي ڳوٺ جو نالو سائين ڏنو جوڻيجو (قبولو) جيڪو قديم تهذيب موهن جي دڙي جي ڏکڻ طرف دادو ڪئنال جي ڪپر تي اٽڪل ٽيهه ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي آهي.
    منھنجو تعليمي سفر پنھنجي ڳوٺ قبولو کان ٿيو، ابتدائي تعليم اُتي ئي پِرائي پوءِ گورنمينٽ مڊل اسڪول عثمان ڪلھوڙو ۾ اَٺَ درجا پاس ڪيم، مئٽرڪ جو امتحان وري گورنمينٽ هاءِ اسڪول راڌڻ ضلع دادو مان پاس ڪري پوءِ انٽر جو امتحان گورنمينٽ حيدر بخش جتوئي سائنس ڪاليج ڏوڪريءَ مان پاس ڪيم.
    بي اي ۽ ايم اي شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيم بي ايڊ جو امتحان وري علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد مان پاس ڪيم ۽ 1990ع کان پرائمري استاد طور خدمتون انجام ڏئي رهيو آهيان.
    هن وقت لاڙڪاڻي جي هڪ بهترين اسڪول گورنمينٽ سينٽ جوزف هاءِ اسڪول ۾ نوڪري ڪري رهيو آهيان منھنجو ريڊيائي سفر 1997ع کان شروع ٿيو ۽ اهو هڪ اتفاق هيو، آغا محمد علي مرحوم انهن ڏينهن ۾ ادبي پروگرام رسالو ڪندو هو. ان پروگرام ۾ مون جڏهن هڪ شاعر جي حيثيت سان انٽرويو ڏنو تڏهن موصوف کي منھنجي گفتگو جو انداز ۽ آواز بيحد وڻيو، ۽ مونکي چيائين خاور تون ادبي پروگرام لاءِ ادبي خبرون سهيڙي ايندو ڪر ۽ هر هفتي هن پروگرام ۾ شريڪ ٿي، پروگرام جو ڪمپئير سائين هدايت منگي هو ان سان لائيو پروگرام ڪرڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو ۽ مسلسل ٻه سال مون ان پروگرام ۾ نڀايو پوءِ ڪن مجبورين سبب ريڊيو لاڙڪاڻي کي خير ياد چئي هليو ويس. ريڊيو تي ٻيهر منھنجو اچڻ ٿيو 2007ع ۾ ڇو ته مان ڳوٺان 2004ع ۾ لاڙڪاڻي هجرت ڪري پهچي چڪو هيس انهن ڏينهن ۾ ريڊيو لاڙڪاڻو ميڊيم ويوز 1305 ڪلو هرٽز ۽ ايف ايم پنھنجي گڏيل نشريات هلائيندو هو.
    فيبروري 2007ع کان وري ٻيهر باقاعدي سان هڪ انائوسر طور پنھنجو ريڊيائي سفر شروع ڪيو. ۽ هڪ وضاحت ضرور ڪندس ته ان وقت جي پروڊيوسر سيد عابد عباس ڪاظمي ۽ علي مراد ٽانوري جي مهربانين سان اهو سفر ٻيهر شروع ڪيم ۽ مونکي باقاعده انائوسر طور ان وقت جي اسٽيشن ڊائريڪٽر محترم محمد علي ٻانڀڻ صاحب ايپروو ڪيو مذڪوره عرصي کان وٺي اڄ تائين ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي انائوسر طور خدمتون انجام ڏئي رهيو آهيان. وسند علي مهر جي پيشڪش ۾ نشر ٿيندڙ ذهني آزمائش جو هفتيوار پروگرام لوچيندڙ لهن پڻ هر اڱاري تي ڪري رهيو آهيان.


    منھنجو مختصر تعارف زندگي جو! سهراب گوپانگ

     نالو سهراب علي گوپانگ ڄمڻ جو هنڌ پليو خان گوپانگ ڄمڻ جي تاريخ 1-10-1977 پيءٌ جو نالو رستم خان گوپانگ تعليم انٽر پاس، پنج درجا پنھنجي اباڻي ڳوٺ پليو خان گوپانگ مئٽرڪ جو امتحان گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڌامراهه، انٽر جو امتحان گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان 2005ع ۾ پاس ڪيم.
    پسند جا شاعر زخمي چانڊيو، استاد بخاري، گل حسن گوپانگ شاد، حضرت شاه لطيف ڀٽائي.
    سنڌ جا فنڪار، انور حسين وسطڙو، صادق فقير، احمد مغل شمن ميرالي، ۽ ديبا سحر.
    پسند جو کاڌو، مڇي تريل ۽ چانور سگداسي ريڊيو تي 2007ع تي محمد علي ڀانڀڻ متعارف ڪرايو جن ريڊيو تي متاثر ڪيو.
    ماڪن شاهه رضوي، اياز ميمڻ، عبدالغفور کوسو مختيار ملڪ، ڪوثر ٻرڙو ۽ وسند علي مهر آهي.


    درد زندگيءَ جو اهم حصو آهن! محمد ايوب شيخ

     مختصر تعارف ڪرايو اٿم؟
    منهنجو نالو محمد ايوب شيخ ولد محمد رمضان شيخ اصل ويٺل کوکر گھٽي ڪرمان باغ لاڙڪاڻو، 13.08.1969 جتي منهنجو جنم ٿيو ۽ هنئير مراد واهڻ محلي ۾ رهان پيو، مان تعليمي ميدان ۾ 5 درجا گورنمينٽ پرائمري اسڪول ديني مدرسي لاڙڪاڻي مان مئٽرڪ ڊي سي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو، انٽرپري انجنئيرنگ نصيرآباد ڪاليج، بي ڪام ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻو DIT ڪلاسڪ اڪيڊمي آف ڪمپيوٽر سائنس لاڙڪاڻي ۾ M.A انٽرنيشنل رليشن ۾ پاس ڪيا، اڳتي پڙهائي لاءِ وقت ۽ حالات ساٿ نه ڏنو.
    زندگي جو ٻيو ڏاڪو؟
    منهنجي شادي 2007ع ۾ ٿي جنهن ۾ مونکي هڪ پٽ فيضان علي ۽ هڪ نياڻيءَ فضا بتول آهي.
    نوڪريءَ جي حوالي سان آءٌ 1996ع کان ڊيوٽي آفيسر طور ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪم ڪري رهيو آهيان.
    انهيءَ ڊگھي سفر دوران مان ريڊيو تي گھڻو ڪجھ سکيو آهي، سنڌي ۽ اردو ٻوليءَ ۾ ڪمپيئرنگ ۽ انائونسمينٽ سنڌي ڊرامن ۾ صداڪاري، مزاحيه، خاڪاپڻ ڪيا آهن سنڌي ريڊيو اسڪرپٽ اندازن 300 صفحا لکيا آهن شاعريءَ ۾ ڪجھ غزل، وايون ۽ آزاد نظم لکيا اٿم.
    جيڪي ڪتابي صورت ۾ اڻڇپيل آهن
    ريڊيو تي شروعاتي طور جيڪو مليو؟
    شروعاتي سفر ۾ AMA (ڊيو مٽيريل اسسٽنٽ) جا فرائض سرانجام ڏنا، جنهن ۾ آڊيو ڪيسٽ رڪارڊنگ، ايڊيٽنگ.
    انهيءَ عرصي ۾ ميوزڪ شيڊيولنگ جو ڪم اچي وڃي ٿو. اسلامي ۽ عيسوي مهينا، موسم، ڏينهن ۽ رات کي مدِنظر رکي نغمن جي شيڊيولنگ ڪئي وڃي ٿي. هاڻي ته آڊيو جي جڳھ تي ڪمپيوٽر شريف اچي ويو آهي. اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ڪافي جدت اچي وئي آهي.
    آسانيءَ سان گڏ مونجھارا به تمام گھڻا آهن.
    اڃا تائين، AMA سان گڏ ڊيوٽي آفيسر جو ڪم به جاري رهيو، جنهن ۾ نشريات جي رپورٽنگ ڪئي ويندي آهي. پروگرامن جي رپورٽنگ اڄ ڏينهن تائين جاري آهي.


    محسنن جي شناسائي ضروري آهي! ڪامل امداد جتوئي

    تعريفي داستان شروع جو؟
    امداد جتوئي! منهنجو نالو محمد ڪامل ولد قادر بخش جتوئي آهي ادبي نالو ڪامل امداد جتوئي پيدائشي ماڳ، لاڙڪاڻي ويجھو ڳوٺ تاج محمد جتوئي پيرشير پيدائشي تاريخ، سرد موسم ڏهين جنوري 1961ع ۾ ٿي.
    شروعاتي تعليم، ڳوٺ ستار ڏنو سانگي تعلقو لاڙڪاڻو ۾ مڪمل تعليم، ايم اي ۽ ايم ايڊ آهي.
    ڪرت، ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جو اڳ ۾ انائونسر ۽ هاڻي ڪمپيئر آهيان، مشغولي ۾، اديب شاعر، سگھڙ، مضمون نگار ۽ صداڪار آهيان.
    ڇپيل مواد، منهنجا ٽي عدد ڪتاب ڇپجي چڪا آهن.
    (1) سنڌؤَ ڀَر تي (2) مصطفيٰ جون مہربانيون (3) سانڍي ڇڏ ساهه ۾ مختلف صنفن تي مختلف پبليڪشن پاران ڇپيل آهن.
    سرڪاري غير سرڪاري لائبريرين، اديبن، شاعرن دوستن ۾ گفٽ ڪيا آهن.
    ان کانسواءِ مختلف صنفن تي چار ڪتاب ترتيب ڏنل آهن. انشاءُ الله جلد ڇپائي پڌرا ڪيا ويندا. ڪجھ شاعري سنڌ جي تقريباَ اخبارن، رسالن ۾ ڇپجندي رهي ٿي.
    ڳايل شاعري، مقامي فنڪارن کان علاوه سنڌ جي سڀني سريلن فنڪارن پنهنجي، پنهنجي انداز و آواز ۾ ڳائي داد حاصل ڪيو آهي منهنجي ڳايل شاعريءَ جي وڏي خوبي اها به آهي ته اڪثر فنڪارن ڌنيون ڪمپوز ڳايون آهن. اولاد ۾ ٻه پٽ امتياز علي ۽ سرفراز ۽ ٻه نياڻيون آهن.
    دوست، سٺا ڪتاب ۽ مخلص ماڻهو ۽ ذاتي پنهنجو تخيل، سڀ گھرڀاتي.

    استاد صاحبان جن متاثر ڪيو؟
    امداد جتوئي؛ پرائمري ۾ محترم درمحمد وڳڻ، سيڪنڊري ۾ محترم علي نواز پٺاڻ، ڪاليج ۾ محترم شاهنواز سوڍر صاحب منهنجي حوالي سان محترم استاد صاحب جنهن جو اسم مبارڪ لکڻ کان قاصر آهيان، ڇو جو اهو هڪ راز آهي.
    ايترو واضح ضرور ڪندس ته ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جو سابقه اسٽيشن ڊائريڪٽر سائين شوڪت علي خاصخيلي جي معرفت مہرباني ٿي جنهن مونکي درست دَڳِ لاتو.
    انہيءَ ۾ ٻوليءَ جي حوالي سان ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو ايوارڊ مڃتا طور، سنڌ ٽيڪسٽ آرگنائيزيشن ڪراچي.
    ۽ سنڌي ادبي سنگت ضلعو لاڙڪاڻو.
    پيغام؟
    امداد جتوئي، منهنجو نظريو، پنہنجائپ ۽ خلوص واري مٽي مائٽي، دوستن ۾ مخلصي، محسنن جي شناس استادن جو احترام گڏوگڏ رازن جو ڀرم ۽ ماڻهن جي وجود ۾ سچائيءَ جو هجڻ پسند ڪندو آهيان.
    خاص مہربانيون، پياري دوست محترم فقير محمد سنڌي جي خاص مہرباني جنهن هنن جملن لکڻ جو احساس ۽ اتساهه پيدا ڪرايو لطيف سائين چواڻي.
    ٿورا نه ٿورا مونتي ماروئڙن جا.


    ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج : نعمت الله جوڻيجو

     زندگيءَ جو شروعاتي داستان لکان ٿو؟
     نعمت الله جوڻيجو (محمد ملوڪ) والد حسين بخش جوڻيجو جنم هنڌ 12 مارچ 1972ع بمطابق 21 رمضان المبارڪ ڳوٺ ٺل جوڻيجو پوسٽ آفيس لاشاري تعلقو رتوديرو.
     ننڍپڻ جي تعليم اڄ تائين!
     پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ مڊل تعليم ڳوٺ احمد خان لاشاري 1988ع ۾ مئٽرڪ جي تعليم بنگل ديرو ۾ فرسٽ ايئر 1990ع ۾ بي اي 1992ع تائين ڊگري ڪاليج رتوديرو مان پاس ڪيم ۽ ان دوران 1989-88ع ۾ ٽائيپ رائيٽر ۽ ڪمپيوٽر ڪورس جي لاڙڪاڻي ۾ سکيا ورتم. شروعاتي نوڪري 1994ع کان پوليس ڪانسٽيبل ملي.
     زندگيءَ ۾ وقتائتو قدم؟
     لکڻ جي شروعات 1999ع کان مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ 2002ع کان نوجوان ادبي فورم لاڙڪاڻو جو سرگرم رڪن رهيس.
     ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي آگسٽ 2000ع کان نئين ٽهي پروگرام کان شروعات ڪيم 2006ع ۾ ايگري ڪلچر پروگرام ڪيم 2008ع ۾ ڪمپئير ٿيس ۽ اڄ تائين ريڊيو پاڪستان سان جڙيل آهيان 2004ع کان ڪي ٽي اين، سنڌ ٽي وي تي تقريباَ 20 ڊرامه ڪري چڪو آهيان سنڌي فلم ”جيجل ماءُ“ ۾ به ڪم ڪيو ۽ سٺي مڃتا ملي.
     انسان حرص وارو آهي؟
     بلڪل انسان حرص وارو آهي چوڻي آهي ته کاڌي خرار کٽي وڃن، پر جيڪڏهن ڪوشش ڪري ته حرص کان ڀلو آهي پنهنجي اولاد کي هنر سيکارجي.
     ڪمزور ماڻهوءَ لاءِ گھڻو مال ميڙڻ، بجاءِ نفعي ڏيڻ جي، گھاٽي جو سودو آهي کيس گھرجي ته پنهنجي حال تي شڪر ڪري ۽ پرسڪون رهي.
     آخر ۾ پيغام؟
    هر ڪنهن کي سک کپي، ڪنهن کي به ڏک نه کپي، سکيي منجھان سو سک، ڏکيي منجھان سو ڏک.


    مـختـصـر تـعــارف : سرفراز علي جتوئي

    منهنجو تعارف؟
     سرفراز علي جتوئي ولد محمد ڪامل جتوئي، پيار مان سڀ سرفي سڏيندا آهن.
     جنم 5 فيبروري 1978ع محلي مراد واهڻ لاڙڪاڻي ۾ ٿي تعليم ايم اي ايم ايڊ آهي.
     پيشو استاد آهيان.
     زندگيءَ ۾ ٻيا مشغلا؟
     ڳائڻ جو تمام گھڻو شوق رهندو آهي.
     ڪرت ۾ ڪمپيئر ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو.
     ڳايل شاعري، حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي، حضرت سچل سرمست، استاد بخاري، شيخ اياز ۽ ڪامل امداد جتوئي ڳائڻ ۾ استاد، پہريون برڪت علي ڀٽ ۽ ستار علي جيلاني ۽ ٻيا سڀ سنيئر فنڪار استاد سمجھندو آهيان.
     يادگار گھڙيون؟
     پہريون ڀيرو درگاهه سونو جتوئي شريف تي ڳائڻ جو موقعو مليو سڀني فنڪارن کان وڌيڪ انعام مونکي مليو هيو.
    اهو وقت منهنجي لاءِ تمام خوشي جو لمحو هو.


    سڪ سرڪ جي : ارباب علي ميمڻ

    نالو ؛ ارباب علي
    ذات ؛ ميمڻ
    ڳوٺ ؛ سونو جتوئي
    يوم پيدائش ؛ 01.10.1973
    تعليم ؛ B.A پاس
    1995ع کان هن وقت تائين ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي سان وابسته آهيان بطور انائونسر
    زندگيءَ ۾ اسٽيج ڊرامان تقريبن 40 کن ڪيا ٻه ڊرامه پاڻ لکيا ۽ ڊائريڪشن به پاڻ ڏني ته هيرو به پاڻ ٿيس. جيڪي تمام مشهور ٿيا ڪي ٽي اين ۾ ٻن ڊرامن ۾ ڪم ڪيم ڪڏهن ته ملنداسي ۽ ٻيو فنڪار ڪالوني ريڊيو تي ڪيترن ئي اردو ڊرامن ۽ سنڌي ڊرامن ۾ ڪم ڪندو پيو اچان آخري خواهش ته ڪنهن به فلم ۾ ڪم ڪيان.
    پيغام انسانيت سان محبت ڪريو پنهنجي اولاد جي تعليم ۽ تربيت توهان جي والدين جي هٿ ۾ آهي. ان جو گھڻو خيال رکو.


    سنڌي ادب ۾ جيجل جي لولي سمايل آهي؟ صدرالدين ڪلہوڙو

     زندگيءَ جو مختصر احوال؟
    صدرالدين؛ صدرالدين ڪلهوڙو جنم 6 فيبروري 1987ع تي ڳوٺ احمد خان ڪلهوڙو تعلقو نصيرآباد ضلعو قمبر شہدادڪوٽ آهي.
    تعليم؛ ايم اي سنڌي ادب، ايم اي سي ڪيمسٽري بي ايڊ ايم ايڊ سنڌ يونيورسٽي.
    پروفيشن ۾ استاد ۽ ريڊيو ڪمپئير ريڊيو جي دنيا ۽ ڪرڪيٽ راند ۽ معلوماتي ڪتاب پڙهڻ، سنڌي ادب سان واسطو پرائمري کان ئي رهيو، جنهن سبب جيجل اخبار ۾ ڪافي ڪالم لکيا اٿم.
     پسند جا سنڌي شاعر؟
    صدرالدين؛ شاهه سائين، سچل سرمست رح، استاد بخاري، شيخ اياز، ادل سومرو ۽ اياز گل آهن.
     پسند جا سنڌي فنڪار؟
    صدرالدين؛ عابده پروين، حميره چنه، ماسٽر منظور، مريد عباس، منظور سخيراڻي ۽ شمن علي ميرالي.
     ريڊيو رُوح جيئان ٻڌندو آهيان؟
    صدرالدين؛ ريڊيو پاڪستان تاريخ جي لحاظ کان وڏي اهميت جو حامل رهيو آهي شايد هن ڳالہه جو ڪو به انڪار نه ڪري سگھندو ڇاڪاڻ ته ريڊيو جي هڪ الڳ سڃاڻپ ۽ اهميت هر دور ۾ رهندي پئي اچي.
    منهنجو ناتو ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي سان تڏهن کان جڙيو جڏهن مان مئٽرڪ ڪلاس ۾ هُيس هي ڳالہه 2002ع جي آهي مان پنهنجي پڙهائي کان بعد ۾ ريڊيو ٻڌندو هُيس ۽ اهو سوچيندو هُيس ته هي ريڊيو آهي ته منهنجي سامہون هڪ ننڍڙي سائيز ۾، ڇا اهو ائين ئي هوندو يا ڪا بلڊنگ هوندي؟؟؟.
    بس آخرڪار مشہد اوٺي جي مہرباني سان پروگرام نئين ٽہي ۾ شموليت ڪيم هڪ سيگمنسٽ کان پوءِ هاڻي ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جو جنرل ڪمپئير آهيان. مشہد اوٺي مہربان انسان آهي جنهن مون کي ريڊيو جي دنيا ۾ متعارف ڪرايو جنهن لاءِ هر وقت من ۾ دُعائون رهنديون آهن.
     پيغام پنهنجي اندر حُسن رکن ٿا؟
    صدرالدين؛ آخر ۾ فقير محمد سنڌي جو ٿورائتو آهيان جنهن لکڻ لاءِ اتساهه بخشيو. شيخ اياز جي هنن سٽن سان ته
    اُوشل منهنجي ديـس جا، مـارو پـريت ونـڊيـن
    هڪ ٻئي ويجھو ٿين، ويڇا رهن ڪين ڪي.


    تصويرون زندگيءَ جو حصو آهن : شرف الدين مغيري

     توهان پنهنجو تعارف ڪيئن ڪرائيندا؟
    شرف الدين؛ شرف الدين مغيري ولد حاجي پاکر خان مغيري جي گھر ٻارهين جُون اڻويہه سئو چوهٺ، ڳوٺ رئيس راڌو خان مغيري تعلقي ۽ ضلعي قمبر ۾ پيدا ٿيس.
     بنيادي تعليم حاصل ڪيم؟
    شرف الدين؛ پرائمري تعليم؛ گورنمينٽ پرائمري بوائز اسڪول پير محمد ميتلو 1975ع ۾ حاصل ڪيم.
    ميڊل تعليم؛ مڊل اسڪول پير محمد ميتلو 1978ع ۾ حاصل ڪيم.
    سيڪنڊري تعليم؛ هاءِ اسڪول قمبر علي خان 1980ع ۾
    انٽرميڊئيٽ تعليم؛ اورينٽل اينڊ ڊگري ڪاليج قمبر 1985ع ۾ حاصل ڪيم.
    ڊپلوما 3 سال ڪورس گورنمينٽ ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور ميرس 1985ع ۾.
    B.A ۽M.A تعليم اورينٽل ڪاليج قمبر 1988ع کان 1990ع تائين سي ٽي تعليم؛ گورنمينٽ ايليمنٽري ڪاليج لاڙڪاڻو 1998ع بي ايڊ تعليم؛ گورنمينٽ ڪاليج آف ايڊيوڪيشن سکر 1994ع ۾ برانچ شڪارپور مان
    ايم ايڊ تعليم؛ آزاد ڄمون ڪشمير لاڙڪاڻو ڪئمپس 1999ع تائين حاصل ڪيم.
    سيڪنڊري ٽيچر JST 1989ع گورنمينٽ هاءِ اسڪول قمبر هاءِ اسڪول ٽيچر H.S.T 1995ع تائين حاصل ڪيم.
    هنيئر گريڊ 18 گورنمينٽ هاير سيڪنڊري اسڪول شيخ زيد ڪالوني لاڙڪاڻو 1998ع کان اڄ تائين تعليم جي شعبي سان لاڳاپيل آهيان.
    ادبي ڪم ڪار؟
    شرف الدين؛ ڪافي مضمون ۽ ڪالم لکيا ٿم ۽ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪمپيئرنگ جا فرائض انجام ڏئي رهيو آهيان. ٻه ماهي قلمڪار ۾ سب ايڊيٽر طور فرائض انجام ڏنم.
    منهنجي اصل رهائش؟
    شرف الدين؛ 1998ع تائين رهائش ڳوٺ راڌو خان مغيري رهي. ۽ 1998ع کان ڳوٺ ڇڏي غريب آباد محلي لاڙڪاڻي ۾ رهائش اختيار ڪئي بعد ۾ 2006ع ۾ غريب آباد محلو ڇڏي شيخ زيد ڪالوني محلي لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهيان.


    زندگي پنھنجي جوهر ۾ رقص آهي : فقير محمد سنڌي

    توهان پنھنجو تعارف ڪيئن ڪرائيندا؟
    سنڌي؛ زندگيءَ ۾ مان جن موضوعن تي ڪم ڪيو آهي، اُهي منھنجي تعارف جون ساکي آهن، بلڪل انھن شين کان سواءِ منھنجو تعارف اڌورو آهي شيون آهن ته منھنجو تعارف به ملي سگھندو.
    زندگيءَ جو داستان؟
    سنڌي؛ زندگيءَ جو ڪئنواس آهي زندگي بي معنيٰ رهي ته اها خودڪشي چئبي، زندگي پاڻ داستانن جي ور چڙهيل آهي، تنھنجي ڪري اسان کي مسلسل جدوجھد ۾ رهڻو ٿو پوي.
    زندگي پنھنجي جوهر ۾ رقص آهي.
    حقيقت؟
    سنڌي، حقيقت جيڪا نظر اچي رهي آهي اها تمام ڳوڙهي آهي ۽ هن معاشري کي انڌي سفر کان نجات حاصل ڪرڻي پوندي ۽ ذاتيات کان ٻاهر نڪرڻو پوندو تڏهن ئي اڄ جي زندگي پنھنجي خوابن جي تعبير ڪري سگھندي.
    وقت؟
    سنڌي؛ وقت غنيمت آهي پر مالي نه! ۽ هن دؤر جي انسان کي وقت جو شديد احساس آهي. پر وقت سان گڏ هلي ڪونه ٿوسگھي ڇو ته هي دؤر شديد انتشار جو شڪار آهي.
    مجاز توهان جي نظر ۾؟
    سنڌي؛ مجاز حقيقت آهي. مجاز درياهه آهي جنهن ڪيئي پليون لوڙهي ڇڏيون آهن.
    سياست ۽ سچ؟
    سنڌي؛ سياست ۽ سچ به متضاد شيون آهن، سچا ماڻہو سياست ۾ ايندا آهن، سياسي ماڻهو سچا ورلي ٿيندا آهن. سچ سِراڻ وانگر آهي.
    سنڌ ۾ وڏي شاعر جي پرک ڪيئن ڪجي؟
    سنڌي؛ سنڌ ۾ وڏي شاعر ڏسڻ لاءِ اکين جي ضرورت آهي. باقي ذاتي ماپن مان ڪم نه هلندو.
    جمہوريت ۽ آمريت؟
    سنڌي؛ جمہوريت انسان سان محبت. باقي آمريت زنده آبادي؟!؟
    چنڊ آسمان تي آه، سنڌؤ جي ڪپ ته بيٺل ابہم ٻار ان کي ڪِرچي ڪِرچي ڪري سگھي ٿو.
    ٻولي؟
    سنڌي؛ ٻولي سڃاڻپ جو آئينو آهي. باقي ٻولين جا گلدان نڪري ويا، پنهنجي ٻوليءَ ۾ شاعر گھڻا آهن. باقي خطرو ناهي.
    ڪاميابي؟
    سنڌي؛ ڪاميابي جي خواهش رکي آهي وڌيڪ ڪجھ به نه.........!
    سنڌ ڌرتي؟
    سنڌي؛ سنڌ ڌرتي هر دور ۾ جنگي حالت ۾ رهي آهي. ہلندي پئي اچي، فتح به سنڌين جي ٿيندي، سنڌي قوم عاشق مزاج آهي. مون کي افلاطون جي چوڻي ٿي ياد اچي مونکي عاشقن جي فوج ڏيو ته مان سڄي دنيا فتح ڪري ڏيکاريان پر سنڌين وٽ ائين ڪونہي جو ٻين جي ڌرتي تي قابض ٿين. انهن جا احساس ئي ڪجھ الڳ آهن.
    سنڌ جي مہان ڪوي شيخ اياز کي اهو باوَر هيو ته فتح آخر سنڌين جي ٿيندي.
    اياز جا احساس پنهنجي ڌرتي لاءِ؛
    هي پنهنجي ڪرڻي ڀرڻي آ، پر سنڌ اياز نه مرڻي آ،
    هي ماڻهو وهه جو ڍُڪ ٿيا، جيئن لُڪ لڳي تئين رُڪ ٿيا.
    جنهن وقت به ڪو، مون گيت چيو، هن ڌرتيءَ جو ڄڻ ڪوئي قرض چُڪو آهي.
    ريڊيو تي منهنجو اچڻ؟!
    سنڌي؛ اندر ۾ لڪل احساسن کي عام ماڻهن تائين پہچڻ جو بهترين ذريعو ريڊيو آهي.
    شايع ٿيل ڪتاب؟
    سنڌي؛ (1) وچن وفا جا (2) جاني جيون جوڙ (3) قلمڪار ڪوي (4) عظيم هستين جا عظيم قول (5) سنڌ جي تاريخ (سهيڙيل تاريخ وار) (6) گڻ جنهن جا ڳائين ماڻهو (7) سنڌ جي قديم تاريخ جو هڪ ورق.
    ديس ڌڻين لاءِ پيغام؟
    سنڌي؛ هيءُ دؤر جديد سڏجي رهيو آهي هن دؤر سان گڏ هلڻ جي ڪوشش ڪريو وقت کي مہلت سمجھي پنهنجي ديس جي هرپاسي کان پرگھور لہو.


    پـيـر پـروڙي کـڻ : نادر حسين جوڻيجو

    پورو نالو؛ نادر حسين جوڻيجو
    ڄمڻ جو هنڌ؛ لاڙڪاڻو.
    ڄمڻ جي تاريخ؛ 22-08-1976
    ادبي سڃاڻپ؛ شاعري
    تعليم؛ M.SC/L.L.B

     ادب جي شروعات 1994ع کان شاعري ڪرڻ کان ڪئي، جيڪا سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن جي زينت بڻجندي رهي ٿي.
     شاعري ۾ استاد؛ واجد
     شاعري ۾ گهڻي قدر غزل جي صنف تي طبع آزمائي ٿيندي رهي ٿي.
     قومي ۽ بين الاقوامي سماجي تنظيمن جن ۾ USAID / UNICEF PAK-CANADA/FHI ساڻ صحت ۽ تعليم جي مختلف پراجيڪٽس تي پوري پاڪستان ۾ 2003ع کان وٺي 2010ع تائين ڪم ڪندا رهيا آهيون.
     2010ع کان هيل تائين ريڊيو پاڪستان ۾ گيسٽ پروڊيوسر طور ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيو آهيان.
     2014ع کان 2016ع تائين مهراڻ T.V جي بيورو چيف رپورٽر اسلام آباد تحت ڪم ڪندو رهيو آهيان.
     پسنديده مشغلو؛ فارغ وقت ۾ اڪثر ناول ۽ شاعري پڙهڻ ۽ سوشل ميڊيا تي نوان نوان دوست ٺاهڻ.
     پسنديده ناول؛ رهجي ويل منظر، Tell of two cities 'Brown Girl in search to God, Romio Juliet،
     پسنديده ڪتاب؛ قرآن مجيد، حديث شريف، ڪيميائي سعادت مثنوي مولانا جلال الدين رومي، شاهه جو رسالو.
     پسنديده صوفي شاعر؛ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، حضرت سچل سرمست، رکيل شاهه، چيزل شاهه، ولايت شاهه، تارڪ فقير، غمدل فقير.
     پسنديده جديد شاعر؛ شيخ اياز، استاد بخاري، اياز گل، سعيد ميمڻ، روبينه ابڙو، زخمي چانڊيو، سرڪش سنڌي، مقصود گل، عابد ڪاظمي.
     پسنديده مشروب؛ الله جو پاڻي
     پسنديده گل؛ گلاب
     پسنديده رنگ؛ آسماني
     پسنديده موسم؛ بهار ۽ بارش جي موسم
     خوشي ٿيندي آهي؛ ٻين جي مدد ڪرڻ ۾
     ڪاوڙ ايندي آهي؛ ڪوڙ ڳالهائڻ تي
     زندگيءَ جو مقصد؛ انسانيت جي خدمت ۽ ڌرتي سان پيار
     پيغام؛ هميشه پيار جي زبان استعمال ڪريو ڇاڪاڻ ته جرمن چوڻي آهي ته

    Love Wins Every Thing


    آخری پںو


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 467
    ڪتابن جو مشاهدو: 397315
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 160522
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ