ڪتاب جو نالو: فوٽو گرافر جي آتم ڪٿا
مصنف: خواجه غلام علي کوساڻي
ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
ڪيٽيگري: آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 04 فيبروري 2017 ع
پڙهيو ويو: 540 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 184 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”فوٽوگرافر جي آتم ڪٿا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو، جنهن جو ليکڪ خواجه غلام علي کوساڻي آهي. سيد عالم شاه لکي ٿو: ”غلام علي بيشڪ وڏو ۽ رجسٽرڊ اديب نه آهي پر بنيادي طور تي هُو هڪ فوٽو يا وڊيو گرافر آهي ان ڪري سندس آتم ڪٿا جو هي ڪتاب ٻه اکرن بدران نقش گري يا تصوير ڪشيءَ جو هڪ شاهڪار لڳي ٿو. ...“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • مصنف طرفان
  • مهاڳ
  • تاثر
  • فوٽو گرافر جي آتم ڪٿا

  • ”منهنجا وڏا، منهنجو خاندان“
  • اکر پڙهه الف جو
  • ”موسيقي سان دلچسي“
  • اڃا تو منجهان ڪک ڇتي رت نڪري
  • منهنجو مڱڻو
  • ”دل تي ٻه چار صورتون اڪري ويون اياز“
  • ”علم و ادب سان عشق“
  • ”منهنجي شادي ۽ نئين زندگي جي شروعات“
  • ”روزگار ۽ ٽائيم فوٽوز اسٽوڊيو جو آغاز“
  • ”نانگا هائوس“
  • راتين جا رولاڪ، دوستن سان گڏ سير سفر
  • ”ڀٽ ڌڻيءَ جي بارگاهه ۾“
  • بابل سان ملاقات ۽ ۽ پارٽي ۾ شموليت
  • ٽائيم فوٽوز کان عليحدگي ۽ سارنگ فوٽواسٽوڊيوز جو آغاز
  • ” جوهي ۽ واهي پاندي جو سير“
  • ”ڀٽي صاحب جي ڦاسي ۽ عوامي تحريڪ جي عورت ڪارڪنن جو ڪردار“
  • سارنگ اسٽوڊيو جو قيام
  • ”سانوڻي ۾ ٿر جو سير“
  • ڳڙهي خدا بخش
  • ”ميراڻي شادي جي هڪ جهلڪ“
  • ايم آر ڊي واري تحريڪ
  • شيخ اياز سان ملاقات
  • شيخ اياز سان ٻي ملاقات
  • ”عظيم شاعر، اديب ۽ دانشور شيخ اياز سان ٽين ملاقات“
  • ڊائري جا ورق
  • ”شهيد فاضل راهو جي ورسي تي“
  • خيرالنساءَ جعفري
  • فاضل جا انداز
  • پليجي صاحب جي عيادت
  • ”ڪراچي جو سفر“
  • جويو صاحب جون ڳالهيون
  • ايڇ ايم خواجه صاحب
  • ”مراد صاحب سان رهاڻ“
  • ”منهنجا گهر ڀاتي“
  • ساجن جو نڪاح ۽ وليمون
  • ”پراڻي مڌ ۽ ماکيءَ جهڙا يار“
  • ”واجهائيندي وطن کي“
  • منهنجي خوابن جو شهر حيدرآباد
  • ”حيدرآباد جا باغ“
  • ”حيدرآباد جون هوٽلون“
  • حيدرآباد جون ”بارون“
  • ”حيدرآباد جا تعليمي ادارا“
  • ”حيدرآباد جون سينيمائون“
  • ”حيدرآباد جي بازار حُسن“
  • ”ويٺي جنين وٽ ڏکندو ڏور ٿئي“
  • حميد جعفري
  • ماما عاشق علي ۽ دوست عاشق علي
  • ڪامريڊ فيروز علي خواجه شهيد
  • عُمر ميمڻ ”منهنجو يار“
  • خواجه منصور علي کوساڻي
  • سنڌ جو روشن ستارو، منهنجو دوست ۽ اُستاد مرحوم حسن درس
  • ”منهنجا ٻار“
  • ”آخري اکر“
  • آخري پنو

  • ارپنا

    ارپنا



    مُنهنجي، جيجڙي مٺڙي امان مرحومه، کتيجه ٻائي قربان علي
    مُنهنجي نوخيزي جي پل پل جو ساٿي ننڍو ڀاءُ
    مرحوم حَسن علي خواجه عرف (ڇوٽو)
    ۽ پياري دوست
    مرحوم سليم خواجه D.S.P
    جي نانءُ


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو هڪ نئون ڪتاب ”فوٽوگرافر جي آتم ڪٿا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو، جنهن جو ليکڪ خواجه غلام علي کوساڻي آهي. سيد عالم شاه لکي ٿو:

    ”غلام علي بيشڪ وڏو ۽ رجسٽرڊ اديب نه آهي پر بنيادي طور تي هُو هڪ فوٽو يا وڊيو گرافر آهي ان ڪري سندس آتم ڪٿا جو هي ڪتاب ٻه اکرن بدران نقش گري يا تصوير ڪشيءَ جو هڪ شاهڪار لڳي ٿو. تحرير ۾ سادگي، اسلوب ۾ دلڪشي ۽ واقعات ۾ ايمانداري ۽ سچائي جو اهڙو نمونو ڄڻ ڪر پينٽنگ ڪئي هجي جيڪو يقينن سنڌي ادب ۾ هڪ وڏو اضافو آهي، هن نه رڳو پنهنجي جيوت جو ذڪر ڪيو آهي پر ان سان گڏ، سياسي، قومي ۽ ادبي تحريڪن جو به تفصيلي احوال ڏنو آهي جيڪو مستقبل جي مورخ کي هڪ حوالي ۽ Reference جو ڪم ڏيندو.“

    هي ڪتاب سمبارا پبليڪيشن حيدر آباد پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري دوست ساجد سنڌيءَ جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي، ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    مصنف طرفان

    مصنف طرفان
    پلئه پايو سچ


    افسوس، اسان جو پيارو دوست ۽ مُحسن، مُحترم نُور احمد خوجو، 31 مئي 2016ع تي وفات ڪري ويو، منهنجي لاءِ ادا نور احمد جي اوچتي وفات، ان لاءِ به وڌيڪ ڏک ۽ ارمان جو باعث هئي جو هن ڪتاب ۾ ادا جو ڪافي ذڪر آهي، ڪتاب پريس ۾ هو، بس هاڻ اچڻ وارو هو، اسان سڀ دوست ۽ ادا نور احمد به ڪتاب جي اچڻ جو شدت سان انتظام ڪري رهيا هئاسين، چند ڏينهن جي ڌير هُئي ته اوچتو ادا نور احمد هن فاني دنيا مان موڪلائي ويو.
    افسوس ادا نور احمد هي ڪتاب ڏسي نه سگهيو، اسان سڀني دوستن لاءِ ڪتاب جي اچڻ جي خوشي اڌوري رهجي وئي،
    بحرحال مان پاڻ کي اديب شاعر يا دانشور هرگز نٿو سمجهان بس هڪ علم و ادب جو اڃايل، ادب دوست ۽ ساهت پريمي آهيان، هوش سنڀاليم 1967ع ۾، ته منهنجو رُجحان آرٽ، فن ۽ ادب ڏانهن هو، حالانڪه اسان جي برادري ڪاروباري هئي، منهنجن مائٽن جو خيال هو ته مان بزنس مين ٿيندس، پر منهنجو لاڙو فنون لطيفه طرف هو، نوخيزيءَ ۾ موسيقي جو شوق ٿيو ته آغا خان آرڪيسٽرا کي جوائن ڪيم، جتي ست سال شوقيه ۽ آنرري طور شريڪ رهي، ساز و آواز جي دنيا جو حصو بڻيس، پوءِ وري فنون لطيفه جي هڪ ٻي شاخ، تصوير ڪَشي جو شوق ٿيو ته باقاعده فوٽو اسٽوڊيو کوليم ۽ پندرهن سال فوٽو گرافي ڪئي، ابتدا کان ئي مطالعو جاري رهيو، اخبار ۽ مئگزين باقاعدا پڙهڻ، ڪتابن جو شوق اهڙو ٿيو جو پوءِ ڪڏهن به ويڇو ڪو نه پيو ۽ اڄ تائين جاري آهي.
    1968ع کان ڊائري لکڻ شروع ڪئي، نوخيزي ۾ دوستن کي ادبي خط ۽ محبوبائن کي رومانوي لَوِ ليٽر لکندا هئاسين، دوستن انهن تحريرن کي سارهايو ته همت افزائي ٿي ۽ لکڻ جو رجحان وڌيو، لکندو هُئس پر رکي ڇڏيندو هئس، ڇپائڻ جي ڪوشش ڪو نه ڪندو هئس، پنجين ڇهين مهيني ڪا لکڻي يا مضمون ڪنهن اخبار يا رسالن کي موڪليندو هئس ته اهو ڇپجي ويندو هو، 1975ع ۾ ٿر گهمڻ ويس، واپسي تي ”ٿر جو سير سفر“ لکيم جيڪو هلال پاڪستان اخبار، خاص رنگين ايڊيشن ۾ تصويرن ساڻ چئن قسطن ۾ شايع ڪيو، اڪثر آڏي اُبتي شاعري به لکندو هئس، پر ڪنهن کي ڪو نه ٻڌايم ۽ نه ڏيکاريم. پوءِ جڏهن سنڌ جي عظيم شاعر محترم شيخ اياز جي وفات ٿي، ڀٽ شاهه تي تدفين واري تقريب ۾ اسان چار دوست، ادا نور احمد، نصير مرزا، حَسن درس ۽ مان گڏجي شريڪ ٿيا هئاسين، اُتي شيخ اياز جا پيارا عزيز به شريڪ هئا، ڪيترا معتقد ۽ عاشق به پنهنجي محبوب کي الوداع ڪرڻ آيا هئا ۽ ڪجهه حڪمرانن جا نمائندا ۽ بيورو ڪريٽ به پنهنجن مالڪن ۽ ادارن طرفان گلن جون چادرون چاڙهي فوٽو ڪڍرائي پنهنجي حاضري لڳائي رهيا هئا، مان ۽ حسن درس پري کان ويهي اهي سڀ منظر ڏسي رهيا هُئاسين، ڏک ۽ سوڳ ۾ اسان سگريٽن مٿان سگريٽ پيئندي وڏا ڪش هڻي گهاٽي دونهي کي آنڊن ۾ لاهي، غم کي ساڙهي يا پنهنجو پاڻ کي ٻاري رهيا هئاسين، اُن وقت اداسيءَ جي گنڀير ماحول ۾، اوچتو منهنجي ذهن ۾ بيتن جون ڪُجهه لڙيون لهنديون ويون، مون تي شاعريءَ جو نزول ٿيڻ لڳو.
    وارد ٿيل ڪجهه بيت
    مُرشد پيرانديءَ کان، آيو ٿئي اياز،
    جنهن وٽ ساڳيا سڏڙا، تو جيئن ساڳيا ساز،
    ساڳيا سُر آواز، ساڳي سُڳند سنڌ جي.

    اياز آهي ائين، اوچو جيئن هالار،
    جنهن جي ڏات حيات ۾، هي سارو سنسار،
    چنڊ جيئن چوڌار، جَرڪي پيو جهان ۾.

    آهي ائين اياز، جيئن ڪو ڪاليداس،
    اُڀو آ آڪاس ۾، جهڙو املتاس،
    ڏيئي پنهنجو واس، سنڌ ڪري سُرهاڻ ويو.

    ائين اڳ ڪڏهن ڪو نه ٿيو هو، مان پاڻ حيران هُئس، منهنجي ڀر ۾ سنڌ جو ۽ پڻ اياز جو پيارو شاعر حسن درس به خاموش ويٺو هو، شايد اُن تي به شاعري جي آمد ٿي رهي هئي، بحرحال پوءِ جڏهن محترم شيخ اياز جي مان ۽ شان ۾ جناب نصير مرزا، ڪتاب ”سامي سج وڙاءُ“ ترتيب ڏنو ته اُن ۾ منهنجا اهي بيت به شامل ڪيا، پر مان باقاعده شاعر ڪو نه آهيان، مان نثر نگار ٿي سگهان ٿو.
    آخر ۾ آئون پنهنجن ڪجهه عزيز دوستن جو شڪريو ادا ڪرڻ گهران ٿو جن جي سهڪار کانسواءِ هي آتم ڪٿا وارو ڪتاب نه رڳو ڇپجي نه پر لکجي ئي نه سگهجي ها.
    حميد جعفري: جنهن هن ڪتاب جي سموري مسودي کي اکر به اکر نظر مان ڪڍيو، ان ۾ درستيون ڪيون بلڪه جيڪي ڳالهيون مون کي پوري طرح ياد نه هيون سي سڀ ياد ڏياريائين، حميد جنهن جي جيوت جو وڏو عرصو حيدرآباد ۾ گذريو آهي ۽ کيس حيدرآباد سان ائين عشق آهي جيئن مرحوم ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کي هو يا اسان جي محترم نصير مرزا صاحب کي آهي، ان ڪري حميد حيدرآباد جي سمورن اديبن شاعرن، دانشورن، گهٽين پاڙن، سينمائن، ميخانن، تاريخي جاين، تعليمي ادارن، باغن باغيچن ۽ بازارن کان ويندي حسن جي بازار ۽ بالاخانن جي پرين ۽ پريزادين جون يادگيريون به ڏياريون ۽ پنهنجي ڪتابن جي اشاعتي تجربن جي حوالي سان بيحد لاڀائتا مشورا پڻ ڏنا، حميد نه رڳو ڪيترا ڪتاب لکيا ۽ ترجما ڪيا پر شيخ اياز جي سنڌيءَ ۾ لکيل آتم ڪٿا کي ”کھیں بھی راہ میں منزل نہ ہوگی” جي عنوان سان خوبصورت اردو ۾ ترجمو ڪري شيخ اياز جي اهل زبان سان آشنائي ڪرائي جيڪا سنڌي ادب جي خدمت ڪئي آهي، اها هميشه سنڌ جي تاريخ ۾ يادگار رهندي.
    غلام حيدر بابل: بابل منهنجو تمام پراڻو، سچو ۽ مهربان دوست ۽ ادب، اديبن ۽ ترقي پسند روشن خيال پارٽين ۽ انهن جي اڳواڻن سان سلهاڙيل سرگرم ڪارڪن رهيو آهي، کيس هن ڪتاب جي ڇپجي پڌرو ٿيڻ جي ايتري ته اُڻ تڻ هئي جيتري مون کي ان ڪري هن بيحد برمحل مشورا به ڏنا ته پوري مدد پڻ ڪئي.
    سيد عالم شاهه: سيد عالم شاهه صاحب سان جيئن پاڻ پنهنجي تاثر ۾ لکيو آهي ته 45 سالن کان وٺي ويجها تعلقات رهيا آهن، نه رڳو ذاتي ڪردار جي حوالي کان بلڪه قومي ڪردار جي حوالي کان به شاهه صاحب هڪ آدرشي ۽ مثالي انسان رهيو آهي ۽ هن پارٽي ۾ اڳواڻ ٿي رهڻ، ڪاٽن جا اڇا ڪلف لڳل ڪپڙا، چهري تي پائوڊر ۽ پف ۽ وارن کي تيل ۽ جيل هڻي ٽي وي تي اچڻ ۽ تقريرون ڪرڻ بدران هڪ عام ڪارڪن ٿي ڪم ڪيو، سڄي ڄمار پارٽيءَ کي ارپي ڇڏي، ڌامي، ڌرمي، قدمي ۽ سخني قربانيون ڏنيون ۽ جيل ڪمايا پر افسوس جو سندس اها قدر شناسي ته نه ٿي، مڃتا ته ڪو نه ملي الٽو مٿس مڪروهه الزام مڙهيا ويا اُن جي باوجود هُو سائين اڄ به پارٽيءَ جو گهڻگهرو ۽ دعاگو آهي.
    نصير مرزا: محترم نصير مرزا جيڪو سنڌ جو سادو، سٻاجهو ساڃاهه وند اديب، شاعر، ڪالم نگار ۽ ڪمپيئر آهي، ڪا به ادبي محفل جيڪا ڪيڏي به وڏي ڇو نه هجي، سندس عدم موجودگي ۽ ڪمپيئرنگ کان سواءِ اڌوري ۽ اڻاسي لڳندي آهي، ڪمپيئرنگ ۾ سندس واتان شاهه ڀٽائي ۽ شيخ اياز جا موقع ۽ مناسبت سان هڪ خاص انداز ۾ اچاريل شعر محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيندا آهن، محرم جي مهيني ۾ ڪاوش اخبار ۾ ”حسين حسين“ جي عنوان سان سلسليوار لکيل 10 ڪالمن يا مرثين جا نه رڳو مولائي پر سمورا روشن خيال اديب ۽ انقلاب دوست بيحد بيچيني سان انتظار ڪندا آهن.
    نصير مرزا صاحب پنهنجي بي انت مصروفيتن جي باوجود ڪتاب ۽ مصنف لاءِ جنهن محبت جو اظهار ڪيو آهي، اُهو سندن ادب سان محبت ۽ پنهنجي ڪردار جي شائستگي ۽ وضعداري جو وڏو ثبوت آهي، سندن پيش لفظ ظاهر ۾ مختصر پر ائين مڪمل آهي ڄڻ ڪر گهاگر ۾ ساگر سمايو هجي. مان هڪ ڀيرو ٻيهر انهن مهربان دوست جو شڪرگذار آهيان.
    هاڻ جڏهن پنهنجي يادگيرين جي هن ڪتاب کي ترتيب ڏئي مڪمل ڪيم، تڏهن محسوس ٿيو ته اڃان ته ڪئي ڳالهيون رهجي ويون آهن، اڃان ته ڪئي واقعات، ڪيترا پهلو ۽ وارداتون جيڪي هن ڪتاب ۾ اچڻ گهرجن ها رهجي ويون آهن، هي ڪتاب مون کي اڌورو لڳو... محترم شيخ اياز به پنهنجي آتم ڪٿا لکي، ته هن به اهو محسوس ڪيو ۽ پوءِ ٻيو حصو لکيو، ٽيون حصو ۽ چوٿون حصو لکي به مطمئن ڪو نه هو، شايد وڌيڪ لکي ها، پر حياتي وفا نه ڪئي، بحرحال ٿي سگهي ٿو ته اڳتي هلي مان به پنهنجي ڪٿا جو ٻيو حصو لکان. (انشاءَ الله)

    خواجه غلام علي کوساڻي


    مهاڳ

    مهاڳ

    زندگي هڪ مسلسل سفر آهي، جنهن جو رستو ڊگهو ۽ ڪٿي به ختم نه ٿيندڙ....... بس اُن تي هلندڙ مسافر ئي هڪ ڏينهن اُڙن ’ڇو‘ ٿي، ’گم‘ ٿي ويندو آهي، ته بس هيءَ ڪٿا، زندگيءَ جي انهيءَ نه کٽندڙ راهه تي سفر ڪندڙ، هڪڙي گمنام فوٽو گرافر جي دلچسپ، رام ڪهاڻي آهي، جي ها! ..... هڪ اهڙي پروفيشنل فوٽو گرافر جي ڪٿا، جيڪو محض اتفاقي طرح سان ئي فوٽو گرافر بنجي ويو، بقول مصنف 60 واري ڏهاڪي ۾ حيدرآباد شهر اندر، اسين ٻه ئي سنڌي فوٽو گرافر مهاجر، پنجابي فوٽو گرافرن وچ ۾ نمودار ٿيا هئاسين، ڀلا ڪير ڪير اُهي!؟ هڪڙو نور احمد کوجو ۽ ٻيو آئون، غلام علي کوساڻي، اجهو، غلام علي صاحب جي اهڙي بيان تي مُڙي ماضيءَ ڏانهن ٿو ڏسان ته ياد ٿو پويم..... چاليهارو کن سال اڳ ڇا ته ڀل ڀلان هوندي هئي، انهيءَ فوٽو شاپ جي جنهن جو نالو هئو ٽائمز فوٽو اسٽوڊيو...... تڏهن ساٿ سنگت سان هَلي مَلي هيرآباد ۾ ”الله والا چوڪ“ لڳ اِهو اسٽوڊيو مون به اکين سان وڃي ڏٺو، جنهن جا مالڪ اهي ئي ٻه دوست هئا، نور احمد ۽ غلام علي ۽ ٻئي جهڙا جاڙا ڀائر پئي مون کي لڳا... جي ها! ظاهر ۾ برابر ته دُو قالب! پر اصل ۾ هڪُ جان.... ۽ يا منهنجا مولا! هي ٻيئي ڄڻا، ڇا ته اڇا اُجرا، سٺا سمارٽ، اهل دل، باذوق، سنڌ دوست ۽ سٺي سياسي سَوڄهه ٻوجهه رکندڙ، سڄاڻ فوٽو گرافرن اجهو... پوءِ ڪي ٿورا سال ئي گذريا هوندا جو غلام عليءَ هيرآباد ۾ مياڻي روڊ تي هڪڙو ڌار پنهنجو اسٽوڊيو قائم ڪيو.... سارنگ فوٽو اسٽوڊيو... تڏهن ياد پيو اچيم، سائين نثار حسينيءَ، دوست اسرار شام ۽ غلام عليءَ سان گڏجي، رومينٽڪ ريلوي اسٽيشن جهمپير، اُتي ”شوَ جي مندر“ ۽ اُن جي ڀرسان ڪينجهر ڪناري جي ياترا لاءِ به ته اسان گڏجي ويا هئاسين ۽ ان سفر جي يادگار ڳالهه هيءَ ته هلندي ريل مان غلام عليءَ جيئن ئي دريءَ مان ٻاهر ڪنڌ ڪڍيو ته سندس مٿي تان سنڌي ٽوپي آسمان ڏانهن وٺي اڏاڻي هئي، خير غلام عليءَ سان اهو سفر به مون لاءِ ڪيڏو نه يادگار هئو ۽ هاڻي اجهو زمانن بعد سندس حياتيءَ جي هن پوتا ميل واري سفر ۾ هن جي قلم اک ذريعي ڇا ڇا نه پيو آئون ڏسندو وڃان.... حيدرآباد شهر اُن جا رستا، گهٽيون، چوڪ، باغ، اسڪول، ميوزڪ ڪلبون، بازار حسن جا ڪوٺا..... ۽ گڏوگڏ غلام عليءَ جيڪي ٺٽي مڪليءَ ۽ ٿر جا سير ڪيا هئا ۽ علاوه ازين، سيپٽمبر 1984ع ڌاري محمد ابراهيم جويي صاحب، ع، ق، شيخ صاحب، مراد علي مرزا صاحب ۽ نور احمد کوجي سان گڏجي وڊيو ڪئميرا ذريعي شيخ اياز صاحب جي جيڪا يادگار رڪارڊنگ ڪئي هئي، ان جي به سربستي ڳالهه، هُن پنهنجي هن آتم ڪٿا ۾ لکي، هن ڪتاب کي تاريخي بنائي ڇڏيو آهي، هونئن ڪنهن گروپ فوٽي نما هن آتم ڪٿا ۾ ٻين به ته يادگار زمانه شخصيتن جا درشن اسان جي ڏسڻ لاءِ موجود آهن، هي اجهو ڏسو، ڪنهن پئرا گراف جي فريم ۾ اسان سڀني جي جيجي زرينه بلوچ صاحبه بيٺي آهي، ڪنهن گروپ فوٽو ۾ هي محترم سائين رسول بخش پليجو صاحب، هي فاضل راهو صاحب ۽ هيءَ اجهو ادي گڏي خير النساءِ جعفري ۽ ان جي ڀرسان غلام علي صاحب جو لائيف لانگ فرينڊ ۽ شيخ اياز صاحب جي آتم ڪٿا کي اردوءَ ۾ سليقي سان ترجمو ڪندڙ حميد جعفري صاحب ۽ هي ڪٿا پڙهندي هي به ته معلوم ٿئي ته مصنف پاڻ به ڪيڏو نه خوش نصيب!! جنهن جو سارو اولاد نيڪ صالح، فرمانبردار ۽ آسودو.... اجهو غلام علي پنهنجي هن آتم ڪٿا ۾ ڪنهن ماسيءَ نبات جو به ته ذڪر ڇيڙيو آهي، تڏهن سچ پڇو، مٺي مٺي ۽ روان دوان نثر ۾ لکيل، غلام عليءَ جي سٽ سٽ مان ڄڻ، نبات جهڙو مٺڙو مٺڙو سواد به ته ايندو پئي وئم، بحرحال او اسان جا پيارا دوست غلام علي سائين! جيئو... جيئندا رهو... ۽ دير دير تائين شال توهان جي ڇانوَ، اولاد، پٽن پوٽن، ڏوهٽن ۽ دوستن تي سدا قائم ۽ دائم رهي. (آمين- الاهي آمين)


    نصير مرزا


    تاثر

    تاثر
    ويٺي جنين وٽ ڏکندو ڏور ٿئي


    غلام علي سان منهنجا تعلقات پنجيتاليهه (45) سالن کان رهندا اچن، اسان جو تعلق ته 1974ع ۾، پارٽي بنياد تي ٿيو، نُور احمد ۽ غلام علي جو ٽائيم فوٽو اسٽوڊيو هيرآباد ۾ هو جتي اسين اول نور احمد سان ملڻ ايندا هئاسين، اُتي ئي هن يار سان مُلاقات ۽ واقفيت ٿي، پوءِ نور احمد ته پارٽي جو صرف همدرد رهيو، پر غلام علي پارٽي ۾ شامل ٿي باقاعده ڪم ڪيو، آهسته آهسته اسان جا ذاتي تعلقات وڌيڪ گهرا ٿيندا ويا، اسان ٻارين ٻچي هڪ ٻئي وٽ ايندا ويندا رهياسين، شادين مرادين، غمين ۽ خوشين ۾ شريڪ رهياسين، غلام علي ۽ سندس ٻار اڪثر مٽيارين ايندا هُئا، اسان ساڻ گڏجي ڌهڙي ۾ دولتپور به هلندا هُئا، غلام علي جي گهرواري ڀاڀي رضيه مون کي پنهنجو ڀاءُ بنايو هو ۽ غلام علي کي منهنجي امان پنهنجو ”پٽ“ ڪيو هو، اسان جو گهر جهڙوڪر هڪڙو هو، منهنجي گهرواري مرحومه فخرالنساءَ به، ٻي ڪنهن مٽ مائٽ جي گهر وڃڻ کان لهرائيندي هُئي، پر چونداسين ادا غلام علي جي گهر ٿا هلون، ته فورن تيار ٿي ويندي هُئي، فخر النساءَ ۽ مون کي، ڀاڀي رضيه جو تيار ڪيل مڇي جو هيڊو ڀت تمام گهڻو پسند هو، فخر النساءَ اڪثر ڀاڀي رضيه کي فون ڪري چوندي هُئي ته سڀاڻي مڇي جو ڀت کائڻ اينداسين، اهڙي قُرب واري ماحول ۾ پنجويهه سال گذري ويا، اسان جا ٻار جيڪي ابتدا ۾ ننڍا هئا، سڀ وڏا ۽ جوان ٿي ويا، انهن جون شاديون ٿيون، اسان ڏاڏا ۽ نانا به ٿياسين ۽ پوڙها ٿي رٽائر به ٿي وياسين، پر اڄ به اسان جا تعلقات اُهي ئي ساڳيا آهن، آئون هن بيماري جي حالت ۾ به، جڏهن گهر ۾ ويهي بيزار ٿيندو آهيان، يا جڏهن تمام گهڻو پريشان ۽ مايوس هوندو آهيان، تڏهن فرزند رضوان شاهه منهنجي اُداس ڪيفيت ڏسي چوندو آهي ”بابا هلو ته چاچا غلام علي کان ٿي ٿا اچون.“ غلام علي جو نالو ٻُڌي مون ۾ به جهڙوڪر ساهه پئجي ويندو آهي، هڪدم چوندو آهيان، ”هلو هلو بابا سڀ ٿا هلون“. اهو سڀ ان ڪري جو، ماڻهو کي جنهن جاءِ تي عزت، احترام ۽ محبت ملندي آهي، اُتي دل به ڇڪ کائيندي آهي، جتي پنهنجائپ ۽ پيار هوندو، اُتي وڃڻ تي خوشي ٿيندي، ادا غلام علي جي ملڻ سان مون کي جيڪو اُتساهه ۽ اعتماد ملندو آهي، سچو قُرب، احترام ۽ وقار ملندو آهي، اهو منهنجا سڀ ٿڪ لاهي ڇڏيندو آهي، اسين روح رهاڻ ڪندا آهيون، ڏک سُک ونڊيندا آهيون، تڏهن مُنهنجي دل تان سڀ بار لهي ويندا آهن، اُداسي ۽ مايوسي مان نڪري خود اعتمادي سان تازو توانو ٿي خوش خوش گهر ويندو آهيان، هن يار سان ملاقات کانپوءِ، مُندل ۽ مايوس ماڻهوءَ ۾ وري جيئڻ جو اُتساهه پيدا ٿي ويندو آهي، اهو سڀ سندس سهڻي سڀاءُ ۽ نيڪ نماڻي طبيعت جو اثر هوندو آهي.
    ساٿي غلام علي 1978ع کان 1998ع تائين سرگرم پارٽي ڪارڪن ۽ ليڊر رهيو، بظاهر ته هي فوٽو گرافر هو ۽ سندس سارنگ اسٽوڊيو هيرآباد ۾ هو، جيڪو پارٽي جو هڪ ٺڪاڻو هو، اسان اڪثر گڏجاڻيون اسٽوڊيو ۾ ڪندا هئاسين، سڄي سنڌ ۾ جلسا جلوس، فنڪشن ريليون وغيره ڪندا هئاسين ته غلام علي به پنهنجن ڪيميرائن ساڻ گڏ ضرور موجود هوندو هو، سنڌ جي سمورين وڏين سياسي جدوجهد سان جهڙيل رهيو، تمام تاريخي تحريڪن ۽ احتجاجن ۾ شريڪ رهيو، ون يونٽ خلاف حيدرآباد جي تاريخي جلوسن ۾ به موجود هوندو هو، جنهن ۾ جناب حيدر بخش جتوئي، شهيد فاضل راهو وغيره به شريڪ ٿيندا هئا، ان جلوس ۾ سون جي تعداد ۾ سنڌي هاري، ڪُهاڙين، پٽڪن ۽ اجرڪن سان، جيئي سنڌ جا نعرا هڻندا حيدرآباد جي رستن تي ڳاڙها جهنڊا ڦڙڪائيندا هلندا هُئا، ان کانسواءِ لسٽون سنڌي ۾ ڇپيو، نيلام بند ڪريو، ڪالاباغ ڊيم خلاف تحريڪن ۽ ايم آر ڊي جي جدوجهد ۾ به شريڪ رهيو، غلام علي نه صرف فوٽو گرافي ڪندو هو پر انهن جدوجهدن ۾ نعرا هڻندو تاڙيون وڄائيندو ۽ جهمريون به پائيندو هو.
    عام طور ڪيمرا جي سائنسي اک، خلائن ۾ سيارن کي ڳولهي لڌو، چنڊ جون تصويرون ڪڍيون، ڌرتي جي اندر لڪل خزانا سون چاندي، تيل گئس ۽ ڪوئلو، هيرا جواهر به ڳولهي لڌا، اهڙي طرح هن ساٿيءَ به قومي عوامي انقلابي جدوجهد کي ڪيمرا جي اک سان به ڏٺو ۽ دل و دماغ جي نظر سان به پرکيو، ڪيمرا جي اک سان انهن تاريخي پروگرامن جي عظيم لمحن کي هن تصويرن ۾ محفوظ ڪيو ۽ دل جي اک سان اهي منظر دماغ ۾ ياد رکيا ۽ پوءِ انهن کي تحرير به ڪيو، انهن تحريرن مان ڪُجهه مواد ان وقت اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيو ۽ ڪجهه وري هن آتم ڪٿا ۾ بيان ڪيو اٿس.
    غلام علي بنيادي طرح صوفيانه فڪر جو عاشق مزاج ماڻهو رهيو، ڪاروبار بزنس طرف هن جو لاڙو اصل ڪو نه هو، فنون لطيفه، علم ادب ۽ قومي عوامي ڪاز سان وابسته رهيو، زندگي جي اڪثر عملن ۾ هن جو عشق نروار ۽ نمايان رهيو، نوخيزي ۾ هن جو عشق موسيقي سان رهيو، آرڪيسٽرا ۾ شريڪ رهيو، ان کان پوءِ وري تصويرن جي فن سان عشق ڪيائين، فوٽو گرافي جي دنيا ۾ آيو ته اُن کي به ويهن سالن ۾ تاريخ جو حصو بنائي ڇڏيو،
    غلام علي جيئن ته خوبصورت قدآور جوان هو، نوجواني ۾ هن يار به ٻه ٽي عشق ڪيا، جن جو ذڪر پاڻ ڪيو اٿس، خاص طور تي هڪ سنهڙي ڊگهي قد واري خوبصورت ڇوڪري جو ذڪر به آهي جنهن سان هن واقعي به عشق ڪيو هو، پر بدقسمتي سان عاشق مُراد نه ماڻي سگهيا، مُراد ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي هڪ ڳوٺاڻي سُلڇڻي ڇوڪري رضيه، جيڪا غلام علي جي سڳي ماسات هُئي، جيڪي تلهار ۾ رهندا هُئا، رضيه نوخيزيءَ کان دل ئي دل ۾ هن سان پيار ڪندي هُئي، پر هي همراهه شهري شهزادو جنهن جو ڌيان پنهنجي هن غريب ماسات ڏانهن بلڪل ڪو نه هو پر پوءِ نصيبن جا ليک ڪير ٿو مٽائي سگهي؟ نيٺ اسان جي سُلڇڻي ۽ سٻاجي ڀاڀي رضيه جي جيت ٿي، جنهن غلام علي کي بيپناهه پيار ڏنو ته هن عاشق به پنهنجي محبت جا خزانه ايمانداري سان ان تي گهوريا نتيجي ۾ هنن جي خوشگوار زندگي گذري ۽ گذري رهي آهي، سندس اولاد ٻن نياڻين ۽ ٻن فرزندن ماشاءَ الله اعليٰ تعليم حاصل ڪئي، چار ئي ٻار هن وقت پنهنجي ٻارن سان گهرن ۾ خوش آهن، هن جو عشق بيٺل پاڻي نه هو، بلڪه موج ۾ وهندڙ درياءَ هو جيڪو گجگوڙ ڪندو فن فڪر ۽ آرٽ جا بندر وسائيندو اڳتي هلي پنهنجي ڌرتي ماءُ، قوم وطن ۽ ماروئڙن سان محبت جي زمينن کي سيراب ڪندو، اڳتي هلي علم و ادب جي سمنڊ ۾ سمائجي امر ٿي ويو.
    غلام علي مجموعي طور هڪ سچو محبت وطن ماڻهو رهيو آهي، 45 سال اڳ، هُن قوم وطن پارٽي ۽ ليڊرشپ سان جيڪو عشق ڪيو، اهو اڄ تائين قائم آهي، اڄ به محترم رسول بخش پليجو صاحب هن جو محبوب رهنما آهي، ان جي فڪر ۽ نظريات تي ڪار بند آهي، هن وقت جناب اياز لطيف پليجو صاحب جي اڳواڻي ۾ اسان سڀ عمل ۾ آهيون، اسان کي هن نوجوان دانشمند ۽ بهادر رهنما ۾ تمام گهڻيون اُميدون آهن. بحرحال غلام علي اسان جو پيارو ۽ سچو ساٿي جنهن مجموعي طور هڪ ڪامياب ۽ خوشگوار زندگي گذاري آهي.
    اصل ۾ مون کي ڪتاب جي مصنف کان وڌيڪ ڪتاب تي ئي ڪجهه لکڻ گهرجي ها پر فن ۽ فنڪار جو پاڻ ۾ ائين تعلق هوندو آهي، جيئن گل ۾ خوشبو ۽ چنڊ ۾ چانڊاڻ جو اهڙي طرح فن سان گڏ فنڪار جي به وڏي اهميت آهي، غلام علي بيشڪ وڏو ۽ رجسٽرڊ اديب نه آهي پر بنيادي طور تي هُو هڪ فوٽو يا وڊيو گرافر آهي ان ڪري سندس آتم ڪٿا جو هي ڪتاب ٻه اکرن بدران نقش گري يا تصوير ڪشيءَ جو هڪ شاهڪار لڳي ٿو. تحرير ۾ سادگي، اسلوب ۾ دلڪشي ۽ واقعات ۾ ايمانداري ۽ سچائي جو اهڙو نمونو ڄڻ ڪر پينٽنگ ڪئي هجي جيڪو يقينن سنڌي ادب ۾ هڪ وڏو اضافو آهي، هن نه رڳو پنهنجي جيوت جو ذڪر ڪيو آهي پر ان سان گڏ، سياسي، قومي ۽ ادبي تحريڪن جو به تفصيلي احوال ڏنو آهي جيڪو مستقبل جي مورخ کي هڪ حوالي ۽ Reference جو ڪم ڏيندو. خدا کيس صحت ۽ سگهه ڏيئي جو آتم ڪٿا جو ٻيو حصو به مڪمل ڪري سگهي.

    سيد عالم شاهه


    فوٽو گرافر جي آتم ڪٿا

    ”منهنجا وڏا، منهنجو خاندان“

    مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته آئون پنهنجي جيوت ڪٿا جو آغاز ڪيئن ۽ ڪٿان ڪريان!
    هي نه ته ڪو تاريخ جو ۽ نه ئي ڪوئي اسڪولن ۾ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ وارو نصابي يا درسي ڪتاب آهي جنهن ۾ حاڪمن ۽ حڪمرانن جي پئدائش جا سنه ۽ سال، عشقن، عاشقين ۽ عياشين جا داستان، جنگين، اڳراائين، ڪاميابين، ناڪامبين، سازشن ۽ غدارين جا ڪوڙا سچا بيان ۽ درٻاري مورخن جا هٿ ٺوڪيا اعلان هجن. ڪتاب جو ليکڪ نه ته انگريزي محاوره مطابق وات ۾ سونو چمچو وجهي پئدا ٿيو آهي ۽ نه ڪي علم و ادب جي کيتر ۾ وڏا ڪارناما سرانجام ڏنا آهن. البته لکڻ ۽ پڙهڻ جو ڪچو پڪو سلسلو نو عمري واري دور کان ئي شروع ٿيو، جنهن جي شروعات 1967ع ۾ ڊائري لکڻ سان ٿي، ان ئي دور ۾ دوستن ۽ محبوبائن کي رومانوي ۽ ادبي خط پڻ لکيا ۽ ٿر جو سفر به لکيو جيڪو هلال پاڪستان ۾ شايع ٿيو.
    بهرحال هي هڪ عام انسان جنهن کي پنهنجي ٻولي، سڀيتا ۽ قوم سان عشق آهي ۽ ان جون ڪجهه ساروڻيون آهن، جنهن لاءِ ڪنهن فارسي شاعر چيو آهي ته ” گائي گائي باز خوان اين قصئه پارينه را“ (ڪڏهن ڪڏهن انهن وسري ويل قصن کي به ورجائڻ گهرجي) گذري ويل وقت کي واپس ته نه ٿو ورجائي سگهجي پر انهن قصن، گذريل وارتائن ۽ ساروڻين کي ورجائي هڪ سڪون ضرور حاصل ڪري سگهجي ٿو، باقي جيوت جي هن حڪايت کي ڪيئن ۽ ڪٿان شروع ڪجي، ان لاءِ هڪ شاعر ڏاڍو سٺو چيو آهي ته
    ”سني حڪايت هستي تو درميان سي سني،
    نه ابتدا کي خبر هي نه انتها معلوم“.
    ننڍي کنڊ جي سڀ کان وڏي ليکڪا قرت العين حيدر لکيو آهي ته ”مون کي پنهنجو احوال لکڻ کان اڳ ۾ پنهنجي سموري خاندان جو احوال به لکڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته آئون انهن کان ڪا الڳ يا جداگانه هستي نه آهيان.
    آئون به پنهنجي وڏڙن ۽ خاندان کان ڪو جدا يا الڳ وجود نه ٿو رکان، ان ڪري پنهنجي احوال کان الڳ پنهنجن وڏڙن ۽ خاندان جي ذڪر سان جيوت جي هن ڪٿا جو آغاز ڪريان ٿو. غالب جي لفظن ۾:
    (آج هم اپني پريشاني خاطر اُن سي ڪهيني جاتي تو هين پر ديکهيي ڪيا ڪهتي هين“)
    ست سئو سال کن اڳ، اسان جو اصل نسل ٿر سان وابسته رهيو آهي، رامڪي بازار جا اصلي سنڌي، لوهاڻا هئاسين، ڇهه سئو سال اڳ ايران مان آيل مُبلغن داعين ۽ پيرن هتي اچي تبليغ ڪئي ۽ اسان جي بزرگن کي شيعه امامي اسماعيلي مسلمان ڪري، اسلام جي دائري ۾ آندو. اٽڪل پنج سئو سال اڳ، ٿر ۾ ڏڪارن ۽ بُک کان بيزار ٿي اسان جي بزرگن هجرت ڪئي ۽ ٺٽي ضلعي جي پراڻي ڳوٺ سونڊن ۾ اچي رهيا. غريب هاري پورهيت هئا، برساتن تي ٻنيون پوکيندا هئا. ڏيڍ ٻه سئو سال سونڊن ۾ رهيا، ياد رهي ته سونڊا نالو سُر سونڊر مان نڪتل آهي. ڪنهن تاريخ دان لکيو آهي ته هتي هڪ موسيقار رهندو هو. جنهن کي جهنگ مان گدڙ يا بگهڙ جي سُڪل آنڊي واري تار جهڙي ڪا شئي ديوين جي ٻوڙهن ۾ چُهٽيل نظر آئي، جنهن کي جڏهن هوا ٿي لڳي ته اُن مان هڪ عجيب سُريلو آواز ٿي اُڀريو. پوءِ ان همراهه اُنهن آنڊن مان تار جو ساز ٺاهيو، جيڪو ايڏو ته سُريلو هو جو ملڪ ۾ مشهور ٿي ويو. ان ڪري پوءِ اُن ڳوٺ جو نالو سونڍا پئجي ويو. اُهو پُراڻو سونڊا هاڻ ڪينجهر ڍنڍ ۾ ٻڏي غرق ٿي ويو آهي. هاڻ جيڪو سونڊا آهي اهو نئون سونڊن جو شهر آهي. جيئن ته ٺٽو دارالحڪومت هو، جتي اڪثر ڌارين فوجن جا حملا ٿيندا رهندا هئا. حملي آور آس پاس جي شهرن ۽ ڳوٺن مان به ڦُرلٽ ڪندا هئا. نوجوان ۽ سهڻين عورتن کي به کڻي ويندا هُئا. اسانجي ڏاڏي ٻُڌائيندي هُئي ته، اسان جي بزرگ عورتن ٻڌايو ته اغوا جي خوف کان بچڻ لاءِ، جڏهن ٻنين ۾ ڪم ڪرڻ وينديون هيون سين ته مُنهن ۽ ٻانهن تي ڦليار يا مٽي مَکي پوءِ وينديون هيوسين ته جيئن خوبصورت نه نظر اچون، اُنهي مُصيبت جي ڪري اسان جي بزرگن سونڊن مان هجرت ڪئي. اٽڪل ٽي سئو سال اڳ، انهن سنڌي اسماعيلين جي سوين خاندانن هجرت ڪئي، جيڪي بدين، تلهار، جهڏو، ٽنڊو باگو، ڏندو، ٽنڊو محمد خان ۽ حيدرآباد ۾ آباد ٿيا. اسان جا بُزرگ ڏندي شهر ۾، جنهن کي هاڻ پلهه اسٽيشن ٿا چون. ڦليلي ڪناري ڳوٺ ٺاهي اچي رهيا. جيئن ته هي هاري پورهيت هُئا، سيدن جي جاگير تي چار آني جا سرڙيا هاري هوندا هُئا تقريبن ٻه سئو سال اُتي رهيا. پوءِ جڏهن ڏندي ۾ پاڻي جي کوٽ ٿي، ڪُڙم به وڌيو ۽ گذر سفر تنگ ٿيڻ لڳو، تڏهن ڏيڍ سئو سال اڳ، اسان جو ڏاڏا حُسيني خواجه ۽ سندس ننڍو ڀاءُ راڻو خواجه حيدرآباد هجرت ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو. ٻئي نوجوان هُئا. تازي شادي ٿي هين، هڪ ٻه ٻار به هُئا، اول ٻارن کي وٺي ٽنڊي محمد خان آيا، جتي مائٽن ۾ ٻار ڇڏي ٻئي ڀائر حيدرآباد آيا، اسان جو ڏاڏو ٻڌائيندو هو ته اسان ٻئي ڀائر جڏهين حيدرآباد جي مسافر خاني ۾ اچي پهتاسين تڏهين اسان وٽ کيسي ۾ صرف چار آنه هُئا. ماني جماعت خاني وارا کارائيندا هُئا. حيدرآباد جو هڪ امير اسماعيلي زميندار ۽ وڏو واپاري سيٺ وارث ڪريم خواجه هو، جنهن جون زمينون، ڪاري موري ۽ ڍولڻ داس باغ تي به هُيون. ڪجهه مهينا انهن سيٺ وٽ مزدوري ڪئي. پوءِ چار آني وارا سرڙيا، هاري ٿيا. تڏهين ڦليلي تي هڪ خواجن جي غريباڻي ويڙهي ۾ ٻه ڪوٺيون مسواڙ تي وٺي، ٽنڊي مان، ٻيڙيءَ ذريعي ٻار ۽ مال اسباب کڻي حيدرآباد اچي رهيا.
    حُسيني ۽ راڻو ٻئي ڀائر محنتي هُئا. ان ڪري جلد ئي پنهنجا ڍڳا گاڏي وٺي اڌ جا هاري ٿيا. ڏاڏا حُسيني جا پنج پُٽ ۽ پنج ڌيئر هيون، راڻي کي هڪ پُٽ هڪ ڌيءَ هئي. پٽ وڏا ٿيا ته هنن زمينون مقاطعي تي کنيون، پوءِ جڏهين 1935ع ۾ بيراج ٺهيو، تڏهين انگريزن هارين کي سستي اگهه ۽ سوئلين قسطن تي زمينون ڏيڻ شروع ڪيون. ڪن کي پنج ايڪڙ، ڪن کي ڏهه ايڪڙ وڏين فئملين کي پنڌرهن ويهه ايڪڙ الاٽ ڪندا هُئا. ڏاڏا وارن به کڻتون کنيون، حيدرآباد لڳ انڌي جي موري، شاهه بخاري ديهه ٻراهم ۾، سئو کن ايڪڙ ٻنهي ڀائرن کي ملي. ڏاڏا ٻڌايو ته انگريز زمينون صرف حقيقي محنت ڪش هارين کي ڏيندا هئا. انهن جا انٽرويو پاڻ ڪندا. هارين جا هٿ ڏسندا هئا ۽ هٿن ۾ سوئي هڻي پرکيندا هُئا ته واقعي هٿ هاري آهي. اسان جو والد قربان علي خواجه ڏاڏا جو ٻيو نمبر وڏو پٽ هو بابا مڙئي پنج ڇهه درجا اسڪول پڙهيو هو. ان ڪري هو ٻنين تي ڪم ڪو نه ڪندو هو، زمينن تان جيڪو مال ايندو هو، گاهه پٺو، سبزيون وغيره اهو شهر ۾ سپلاءِ ڪندو هو. مارڪيٽ ۾ واپارين سان، پئسن جي لين دين حساب ڪتاب بابا رکندو هو. ڏاڏا جي مرضي هُئي ته بابا جي شادي پنهنجي ننڍي ڀاءُ راڻي جي اڪيلي نياڻي سان ڪرائي. پر بابا جو عشق، هنن جي هڪ غريب مائٽ، ڪريم بخش جي نياڻي خديجه ٻائي سان هو. ڪريم بخش جي مارڪيٽ ۾ گاهه جي پڙي به هُئي جتي بابا جن گاهه لوسڻ ڏيندا هُئا ۽ شام جو بابا پئسا وٺڻ هنن جي گهر به ويندو هو، جتي امان سان هن جو نيهن اٽڪي پيو.امان خديجه بيحد خوبصورت، اڇي ڳاڙهي هوندي هُئي ۽ بابا به سهڻو جوان ۽ عاشق مزاج هو. 1942ع ۾ شادي ٿي. اسان جو نانا ڪريم بخش جنهن کي سڀ نانا ڪرمي چوندا هُئا. انتهائي سادو درويش صفت ماڻهو هو. اُن کي به ڏاڏا ست ايڪڙ زمين جي کڻت کڻائي ڏني هُئي. نانا جا ٽي پُٽ ۽ ٽي ڌيئر هيون. وڏي امان خديجه، ٻيو نمبر امينا، جنهن جي شادي تلهار جي اٺ ڏهه ايڪڙ زمين واري چاچا غلام علي گولو خواجه سان ٿي. ٽيون نمبر ننڍي روشن، جيڪا ناني جي وفات وقت چار پنج سالن جي هُئي، ان کي امان بابا پاليو. اسان کان چار پنج سال وڏي هُئي. اسان گڏ ئي ننڍي مان وڏا ٿياسين. روشن جي شادي به امان بابا تلهار جي هي هڪ معزز سُرنڌيء واري خاندان جي نوجوان نور احمد خواجه سان ڪرائي. بابا امان کي پهرين نياڻي پيدا ٿي. اسان جي وڏي ڀيڻ شاهه سُلطانه، ٻيو نمبر مان غلام علي پيدا ٿيس، 1948 ۾. منهنجو جنم هيرآباد حيدرآباد ۾ ٿيو. 1947ع ۾ ورهاڳو ٿيو هو. مان جڏهين پئدا ٿيس، اُن وقت برصغير ۾ تاريخ جي وڏي اُٿل پُٿل ٿي رهي هُئي. هندستان تازو تقسيم ٿيو هو. انڊيا ۽ پاڪستان ٻه رياستون وجود ۾ آيون هيون، ڀارت ۽ پاڪستان ٻه ملڪ جيڪي مذهبي بنيادن تي وجود ۾ آيا. سڄي هندستان ۾ هندو مُسلم فسادن ۾ وڏي خون ريزي ٿي. لکين ماڻهن کي رت جي درياهه مان گذري، پنهنجو وطن، پنهنجا ماڳ، گهر گهاٽ ڇڏڻ تي مجبور ٿيڻو پيو. انهي زبردست افراتفري، خون ريزي ۽ خوفناڪ دور ۾مان پئدا ٿيس، مون کي امان ٻُڌايو هو ته ابا تون جڏهين ڄائو هُئين، تڏهن هتي زبردست خوف و حراس هو. حملا، قتل، ڦُرلٽ ۽ باهيون لڳائڻ جا واقعا ٿي رهيا هئا. شهر ۾ ڪرفيو لڳندو هو. واڻيا ويچارا مجبورن انڊيا وڃي رهيا هُئا. امان ٻُڌايو تون مهيني جو هُئين، تو لاءِ کير ختم ٿي ويو هو، تون ڏاڍو روئي رهيو هُئين، پوءِ جڏهين شام جو ٿوري دير لاءِ ڪرفيو کوليو ويو ته وري گهوڙ گهمسان شروع ٿي ويو، حملا ۽ باهيو ڏيڻ لڳا هُئا. ان حالت ۾ تنهنجو ننڍو ماما صدر الدين تنهنجي لاءِ کير وٺڻ ويو هو، ڪافي دير ٿي وئي پر هُو ڪو نه وريو، ڪرفيو به لڳڻ وارو هو، روڊن ۽ گهٽين ۾ پوليس سيٽيون وڄائي رهي هُئي. پري کان نعرن ۽ ٺڪائن جا آواز اچي رهيا هُئا. اسان سڀ پريشان هئاسين، ڪرفيو لڳڻ جا اعلان ٿي رهيا هُئا. صدرو اڃا ڪو نه آيو هو. اوڏي مهل ٻاهر گوڙ ٿيو پوليس وارا سيٽيون وڄائي هڪلون ڪري رهيا هُئا اوڏي مهل دروازي تي زور زور سان ڌڪ جا آواز ٿيا، اسان خوف زده ته خبر ناهي ڪير آهن، ڊپ ۾ ڪير دروازو نه پيو کولي. تيستائين ناني رڙ ڪري چيو اڙي منهنجو صدرو آهي، در کوليو، نانا در کوليو ته صدرو ڌڙام سان اچي اندر ڪريو، هن جي مٿي مان رت ٿي ويو پر هٿ ۾ کير جو لوٽو هُئس، صدرو ٻڌايو هن تي مسلم فسادين هندو سمجهي حملو ڪيو، آئون ڊوڙي ڀڳس ته هنن پٿر هنيا هڪ پٿر مون کي لڳي ويو. سو اهڙي دور ۾ مان پئدا ٿيس، امان ٻڌائيندي هئي ته جڏهين واڻيا مجبورن لڏي رهيا هُئا تڏهين ويچارن جي ڏاڍي رحم جوڳي حالت هُئي. پنهنجا ڀريل تريل گهر حويليون ۽ ماڙيون ڇڏي وڃي رهيا هُئا، واڃاڻيون ۽ عاملياڻيون، وڏن خاندانن جون عورتون اسان وٽ اينديون هيون، منٿون ڪنديون هيون ته جايون خريد ڪريو، فرنيچر وٺو جيڪو بهترين قسم جي ڪاٺ شيشم ۽ ديال جو ٺهيل هو. اسان کي ايلاز ڪنديون هيون ته هلي ڏسو، اسان سستي اگهه ۾ توهانکي ڏينداسين، امان چيو اسان ٻن ٽن واقف واڻين جي گهرن تي وياسين، اسان پينگها، ڪٻٽ ۽ صندل ورتا. بابا ٻڌايو ته واڻيا منٿون ڪندا هئا ته جايون وٺو پر جي نٿا خريد ڪريو ته به مفت ۾ توهان اهي جايون پاڻ جهليو. اسان جي واپس آياسين ته ٺيڪ نه ته توهانجيون آهن. بابا ۽ ڏاڏا وارا جيڪي هاڻ سرنديءَ وارا هُئا انهن جايون ڪو نه ورتيون، پر زمينون خريد ڪيون. پر تڏهين به هڪ ڊاڪٽر عامل هو، جنهن جون پنج جايون هيرآباد ۾ هيون، پنج ئي هڪ جهڙيون لائين ۾ هيون. اهو ڏاڏا کي زوري ٻن جاين جون چاٻيون ڏئي ويو هُو ته پنجن جاين جون ڄاٻيون مُفت ۾ ڏئي رهيو هو پر ڏاڏا وارن کي ڊپ هو ته حڪومت خبر ناهي ڪهڙا قانون ٺاهي. ڪٿي ڦاسي نه پئون. سو انهن ٻه جايون جهليون جن مان هڪ ۾ اسان اچي رهياسين، ٻي ڏاڏا پنهنجي ڀيڻ کي ڏني. امان ٻڌايو تون ٻن مهينن جو هئين اسان هن جاءِ ۾ آياسين ۽ پوءِ باقي سڀ ٻار هن جاءِ ۾ پئدا ٿيا. مون کان پوءِ منهنجو ڀاءُ حسن علي ڄائو. ان کان پوءِ لڳاتار پنج ڀينرون آيون ۽ آخري ننڍو ڀاءُ منصور علي پئدا ٿيو. اسان ٽي ڀائر ۽ ماشا الله ڇهه ڀينر هئاسين. اسان سڀ پرائمري اسڪول آغا خان ۾ پڙهياسين، پوءِ اسان ڇوڪرا نور محمد هاءِ اسڪول ۾ ۽ ڀينرون وري ميران اسڪول، ۽ پوءِ نذرٿ ڪاليج ۾ پڙهيون. اسان جي اوڙي پاڙي ۾ ڪجهه مهاجر، ڪاٺياواڙي ۽ سنڌي به هُئا. اسان واري جاءِ سان لڳو لڳ چئن جائين ۾ اسماعيلي خواجه هُئا، ڪاٺياواڙي واپاري ٽي ڀائر هڪ ئي جاءِ ۾ رهندا هُئا، جيڪا اسان جي ديوار سان لڳ هُئي، وچمان دروازا به هُئا، انهي ٽنهي ڀائرن کي نياڻين جو اولاد ججهو هو، اسان جي ڀينرن سان دوستي ۽ اچ وڃ به گهڻي هُئي. اهي ڇوڪريون پينگهي ۾ لڏڻ جون شوقين هيون. پينگا صرف سنڌين جي گهرن ۾ هوندا هئا، ڪاٺياواڙي پينگي ۾ شوق سان ويهندا هُئا، اهي ڇوڪريون اڪثر اسان جي ڀينرن سان پينگهن ۾ پيون ڪچهريون ڪنديون هيون. ڏاڍا شريف ۽ نيڪ ماڻهو هُئا. اسان جي گهر جي سامهون هڪ مهاجر جو خاندان هو، جيڪو انڊيا ۾ ڊپٽي ڪمشنر هو، پڙهيل ۽ سُلجهيل خاندان هو. ان جاءِ جي ڀر ۾ هڪ گلابي پٿر جي شاندار حويلي هُئي. جنهن ۾ هڪ وڏي آفيسر فاروقي صاحب جي ننڍي فيملي رهندي هُئي. ٻه انتهائي خوبصورت ڇوڪريون ۽ هڪ پٽ هو. هنن وٽ هڪ جرمن شيفرڊ ڪتو به هو. جنهن کي رات جو کُڏ تي کولي ڇڏيندا هُئا. پوءِ گهٽيءَ مان ڪو ماڻهو گذرندو هو ته ڀونڪڻ شروع ڪندو جيستائين هو گذري نه وڃي. اسان جي گهر جي پويان واري ديوار سان لڳ، هڪ هندو واڻئي گوبند آڏواڻي جو گهر هو، جتي پاڻ، سندس پوڙهي زال دادي ڊيلان ۽ اُنهن جي هڪ نياڻي سُندري رهندا هُئا، گاڏي کاتي ۾ آڏواڻي گهٽي آهي جتي امير ترين آڏواڻين جون بهترين حويليون ۽ ماڙيون هيون، انهن جو چڱو مڙس لال ڪرشن آڏواڻي هو. جيڪو وڏو تعصبي ۽ ڦڏائي ماڻهو هو. هي اهو ئي ايل-ڪي آڏواڻي هو جيڪو ورهاڱي کان پوءِ انڊيا لڏي ويو ۽ اُتي سياست ۾ حصو ورتو، جنتا پارٽي جو مشهور ليڊر ۽ وزير خارجه به ٿيو هو ۽ بابري مسجد کي ڊاهڻ ۾ هنجو به وڏو ڪردار هو. گوبند انهن جو مائٽ هو، انڊيا ڪو نه ويو هو. ورهانڱي کان ٿورو اڳ گوبند سان هڪ ڏکوئيندڙ واقعو ٿيو. گوبند جون ٻه نياڻيون هيون، وڏي نياڻي هڪ مسلمان سنڌي سان ڀڄي وڃي شادي ڪئي. ان تان هندو برادري ڪاوڙجي پئي. آڏواڻي امير ۽ طاقت ور هُئا. پنچائت ٻانهن واپس ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ وڏو ممڻ مچايو. ذري گهٽ هندو مسلم فساد ٿيڻ وارا هُئا، پر ڪيس عدالت ۾ هليو جتي مائي راضي خوشي شادي جو اعتراف ڪيو، نتيجي ۾هندو ڪُجهه ڪو نه ڪري سگهيا. ان فساد ۾ هندن جو ليڊر اهو ئي لال ڪرشن آڏواڻي هو. گوبند انهن جو مائٽ هو، جيڪو انڊيا ڪو نه ويو، پنهنجي پوڙهي زال ڊيلان ۽ ڌيءَ سُندري سان هتي رهيو. سُندري جيڪا واقعي سندري هُئي. اسان جڏهين ڇهه ستن سالن جا هئاسين، تڏهين سندري سترهن ارڙهن سالن جي نوجوان خوبصورت ڇوڪري هُئي، سنهڙي ڊگهي قدر واري، ڳورو رنگ، اکيون وڏيون، ڪارا ڊگها وڏا وار هُئس. سندري جو مڱڻو ٿيو هو، هن جو منڱيندو انڊيا هليو ويو، سندري انڊيا وڃڻ لاءِ تيار ڪو نه هُئي، پنهنجن پوڙهن ماءُ پيءُ کي ڇڏڻ نٿي چاهيو.
    جيئن ته اسان جا گهر گڏيل هُئا، سُندري ڀت تان بيهي امان ۽ ادي وارن سان ڳالهائيندي هُئي، روزانو اسان جي گهر به ايندي هُئي، امان هن کي ڌيءَ وانگر رکندي هُئي. اسان جي وڏي ڀيڻ جي سهيلي به هُئي. امان هن کي سمجهائيندي هُئي ته ڇوري شادي ڪر، سڀاڻ پوڙهو، پوڙهيءَ کان پوءِ اڪيلي ٿي وينديئن. سُندري چار پنج طوطا پاليا هُئا، جن کي ٻوليون ٻولڻ به سيکاريون هيون. سُندري طوطن کي اهڙو پڙهايو هو جو باقائدي چوندو هو ”سُندري سُندري“ گهر ۾ ڪير داخل ٿيندو هو ته چوندو ”ڪير آ ڪير“ سندري وٽ ٻه ٽي ٻڪريون به سُهڻيون هيون، انهن جانورن ۽ پکين سان دل وندرائيندي هُئي. اول گوبند گُذاري ويو، ڪجهه عرصي کان پوءِ ڊيلان به مري وئي. هاڻ سُندريءَ جي عمر به وڌڻ لڳي وارن ۾ اڇا پوڻ لڳا. اڪيلائي به پريشان ڪيو هو. تڏهين انڊيا مان هنن جو هڪ پري جو مائٽ آيو جنهن جي عمر به پنجاهه کان مٿي هُئي. اُن جو ڏٺو ته اڪيلي مائي، قيمتي جاءِ ۽ سامان، سو اُن سندري کي چيو ته مان ڪنوارو آهيان، مون سان شادي ڪر آئون هميشه توساڻ گڏ هتي رهندس. سُندري اول ته انڪار ڪيو، پر همراهه هن کي مجبور ڪندو رهيو. بلڪه ڊپ ڏيندو ۽ پڻ سُهڻا خواب به ڏيکاريندو رهيو. سُندري به شايد اڪيلائين ۽ خوف کان بيزار ٿي هُئي، سو آئي اسان جي امان کان صلاح وٺڻ ته هو ڇا ڪري، امان چيو ڌيءَ تون شادي ته ڀلي ڪر، پر اول پُڇا ڳاڇا ڪر ته هي مُڙسالو ڪير آهي. ڪيئن آهي. جيڪو چوي پيو اهو سچ به آهي؟ ٻي هڪ نصيحت امان هن کي ڪئي، امان تاڪيد ڪئي ته تون هيءَ پنهنجي جاءِ اصل نه ڇڏجان ۽ نه ئي ٻي ڪنهن جي نالي لکي ڏجان، پنهنجي اباڻي اجهي کي هٿ مان نه ڪڍجان، خير هن ويچاري جو ٻيو ڪو مٽ مائٽ ته هو ڪو نه، جيڪو پُڇا ڳاڇا ڪري، سو مهينو ٻه سوچي نيٺ هن ها ڪئي. امان هنجي ماءُ ٿي. ادي وارين هن کي ميندي لڳائي، ڪنوار جو ڳاڙهو وڳو پاتو، هندو رسمن ساڻ سُندري جي شادي ٿي وئي. ٻه ٽي مهينا ڏاڍي خوش هُئي، هُنجي هميشه رهندڙ اداس ۽ پيلي چهري تي خوشي ۽ لالاڻ جا رنگ نظر آيا پر سال ڏيڍ کان پوءِ هن امان کي ٻڌايو ته هو شراب جام ٿو پيئي، ڪم ڌنڌو نٿو ڪري، چوي ٿو پئسا ڏي ته ڪاروبار ڪريون. مهيني ٻن کان پوءِ سُندري امان کي ٻڌايو ته هو چوي ٿو جاءِ وڪڻي ڪو ڌنڌو ڪريون، مون انڪار ڪيو آهي ته روز ٿو مون سان وڙهي، هاڻ آئون ڇا ڪريان. امان چيس ته مُئي متان اهڙو جڏو ڪم ڪيو اٿئي، هي تنهنجي مائيٽاڻي جاءِ آهي، ڇت تنهنجي پنهنجي آهي، آخري عمر جو اجهو اٿئي، پناهه آهي، متان اهو ڪم ڪرين، رُلي ويندئين. وڌيڪ چيو ته تنهنجي هن شرابي مُڙس جي خبر نٿي پوي ته ڇا نيت اٿس. خير امان ته گهڻو سمجهايس، پر هو روز هن سان جهيڙو لاهيو ويٺو هو، هي اڪيلي ننڌڻڪي زال ذات ڪيترو مقابلو ڪري، سو نيٺ هن حرامي جاءِ وڪڻي ڇڏي، ٻه اڍائي لکن ۾ ۽ پاڻ ٽنڊي ولي محمد ۾ هڪ ڪمري واري مسواڙي جاءِ ۾ ويٺا، هن ٺڳ کي ٻه لک مليا ته خوب شراب ڪباب ڪرڻ لڳو. اُنهي دور ۾ خبر پئي ته فراڊي جي انڊيا ۾ به شادي ٿيل آهي، ٻار ۽ نياڻيون جوان اٿس، پوءِ ائين ئي ٿيو، جيڪو ٿيڻو هو. ڪجهه مهينن کان پوءِ سُندري کي اڪيلو ڇڏي، باقي رقم کڻي ڀڄي ويو انڊيا. هيڏانهن سُندري جيڪا بيمار ڪمزور ۽ پوڙهي ٿي وئي هُئي، ڪير به سنڀالڻ کارائڻ وارو ڪو نه هو، مسواڙي جاءِ به ڇڏڻي پئي، پوءِ سري گهاٽ جي هڪ مندر ۾ وڃي پناهه ورتائين جتي ڪجهه سالن کان پوءِ گذاري وئي.


    اکر پڙهه الف جو

    اکر پڙهه الف جو
    ”اسڪول جو دور“

    14.13 سال عُمر، نور محمد هائي اسڪول ۾ پنجون ڇهون درجو پڙهندا هُئاسين، اسڪول ۾ مُنهنجو دوست عظيم هو، باقي شام جو، موڪل واري ڏينهن اسان جو راند جو ميدان ڏاڏا واري گلابي بلڊنگ جي پويان واري گهٽي هوندي هُئي جتي اسان دوست، جيڪي منهنجا سئوٽ، پڦاٽ چاچن جا پٽ هُئا، پر سڀ مونکان سال ٻه ننڍا هوندا هُئا، مان انهن جو ليڊر هوندو هئس، جيڪا راند مان چوندس اُها کيڏندا هُئاسين، سڀني تي ڏاڍا حڪم هلائيندو هُئس، هڪ ڀيري مون قانون ٺاهيو ته جيڪو ڇوڪرو گار ڏيندو يا غلط گُٿو اکر ڳالهائيندو اهو مون کي آنو ڏنڊ ڏيندو. ڪجهه ڏينهن موج ڪيم، پر پوءِ غريب عوام احتجاج ڪيو، بغاوت ڪئي. قانون مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، اڪثر مان هٿ جا ڪوڙا جادو ٺاهي ڇوڪرن کي بيوقوف بڻائيندو هُئس. پندرهن سورهن سالن جو ٿيس ته ڪميونٽي جي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ شامل ٿيس، مان قد جو ڊگهو هُئس، ان ڪري تيز بالنگ ڪندو هُئس، بيٽنگ به چڱي ڪندو هُئس، اسان نور محمد هائي اسڪول جي مسلم هاسٽل ۾ P.W.D گرائونڊ ۾ حُر ڪئمپ گرائونڊن تي ميچون ۽ ٽورنامينٽون کيڏندا هُئاسين، موڪل واري ڏينهن هيرآباد ۾ ماسي نبات واري گهٽيء ۾، ربڙ واري بال سان ڪرڪيٽ کيڏندا هُئاسين. پڙهائي ۾ مُنهنجي دل گهٽ لڳندي هُئي. ان ڪري هوشيار ته ڪو نه هُئس، پر بلڪل جهڏو به ڪو نه هُئس ٽيوشن به پڙهندو هُئس، سائين جمن ۽ سائين وڪيو کان جيڪي اسان جا اسڪول ٽيچر هُئا، اُن دور ۾ مسٽر بالادي (غلام حسين پالادي) تمام شاندار استاد ۽ هيڊ ماستر هو.... بحرحال مان ڪڏهين به فيل ڪو نه ٿيس. هر سال پاس ٿيندو هُئس.
    عظيم ۽ مان دوست هئاسين، ڪڏهين ڪڏهين اسان ٻئي گهران ته ڪتاب کڻي اسڪول لاءِ نڪرندا هئاسين، پر بجاءِ اسڪول جي راڻي باغ گهمندا هئاسين، سگريٽ به پيئندا هئاسين، اسڪول جي موڪل ٿيندي هئي ته اسان ٻئي سول اسپتال واري پاسي روڊ تي بيهندا هُئاسين، پوءِ اُتان روزانو ٻه خوبصورت ڀينرون جيڪي سينٽ ميري اسڪول تلڪ چاڙهي ۾ پڙهنديون هيون، پنڌ هتان گذرنديون هُيون. اُهي اسان کي پسند هيون، يا سُٺيون لڳنديون هيون، اسان هنن جي پٺيان پٺيان. پر ڪافي فاصلي تان هلندا هُئاسين، هنن جو گهر به هيرآباد ۾ هو، گهر پهچائي پوءِ اسان به گهر هليا ويندا هُئاسين، اهو سلسلو به سال ڏيڍ تائين هليو. 15 سالن جي عمر ۾ عشق جو ڀوت سوار ٿيو، مان ۽ عظيم برادري جي ٻن ڪاٺياواڙي ڇوڪرين کي پسند ڪندا هئاسين. مون واري جيڪا سنهي ڊگهي قد واري خوبصورت ڇوڪري هُئي جنهنجو نالو نورجهان هو، عظيم واري جو نالو ممتاز هو. هو روزانو شام جو پنهنجي ماءُ ۽ ڀينرن سان گڏجي جماعت خاني وينديون هيون. وڃڻ واري ٽائيم تي اسان به ڏاڍا تيار ٿي، ٽيڊي پتلون پائي بيهندا هئاسين. هو اينديون هيون ۽ گذري وينديون هيون، ڪڏهين ڪڏهين ڪا اتفاقي نظر اسان تي پوندي هُئي ته اسان خوش ٿي ويندا هئاسين ۽ اُن هڪ نگاهه جا ڪيئي مطلب ڪڍندا هُئاسين. پر حقيقت ته اها هُئي جو هو انتهائي شريف نيڪ خاندان جون ڇوڪريون هُيون، عشق محبت ڏانهن هنن جو ڪو به ڌيان ڪو نه هو.
    ڇوڪرين جون مائون اسان کي سمجهي ويون هيون ته هي ٻه ڇورا روز ٿا بيهن ۽ پٺيان پٺيان ٿا اچن، سو اُهي اسان کي ڪاوڙ ۽ نفرت سان ڏسنديون هيون، اسان به تمام ڊڄڻا ۽ شريف عاشق هُئاسين، ڪڏهين به ڪا اهڙي حرڪت ڪو نه ڪئي سين هنن جي پٺيان به فاصلي تي هلندا هئاسين، هنن کي اول جماعت خاني ۽ واپسي ۾ گهر پهچائي پوءِ ايندا هُئاسين. اسان ايئن سمجهندا هُئاسين ته ڇوڪريون ته اسان سان پيار ڪن ٿيون پر مائٽن جي خوف کان لفٽ نٿيون ڪرائين پر اصل ۾ ته ائين هرگز ڪو نه هو. سو اسان هلي هلي نيٺ بيزار ٿياسين، تڏهن اسان کي هڪ درويش ٽائپ فقير مليو. جيڪو سلاوٽن جي مسجد ٻاهران ويٺل هوندو هو. شايد ان به اسان کي روز انهن ڇوڪرين جي پويان ويندي ڏٺو هو. سو هڪ ڏينهن اسان وٽ آيو ۽ چيائين، توهان جون من مرادون ضرور پوريون ٿينديون، توهان جون محبوبائون به توهان لاءِ ائين ئي پيون تڙپن جيئن توهان آهيو، پر ڪجهه رڪاوٽون آهن، ڇوڪريون خوف ۾ مُبتلا آهن. مان توهان جي مدد ڪندس، ان رڪاوٽ جو ٽوڙ ڪندس، اهڙو عمل ڪندس جو محبوب توهانجي پيرن ۾ اچي ڪرندو. فقير چيو، ان لاءِ ٿورو صبر ڪرڻو پوندو، ڪاري جمعرات تي اهو عمل ڪندس، انلاءِ توهانکي ڪاري ڪڪڙ ۽ ٻيون به پسارڪيون شيون وٺي ڏيڻيون پونديون، ٿورو خرچ ٿيندو پر محبوب توهان وٽ پاڻ هلي ايندو. اسان فورن راضي ٿي وياسين، ٻنهي ڄڻن پنجاهه پنجاهه رپيا ڪڍي في الحال سئو رپيا هن کي ڏنا، هن هڪ هفتي کان پوءِ اچڻ لاءِ چيو. ڪاري جمعرات تي خبر ناهي ڪڏهين هُئي يا نه هُئي. اسان هفتي کان پوءِ فقير سان ملياسين، هن هڪ پُڙي ڪاغذ جي ڪڍي ۽ اسان کي چيائين هي جيڪا شئي آئون ڏيان ٿو. اها ڪا معمولي شئي ڪانهي، ان لاءِ ماڻهو هزارين رپيا خرچ ڪرڻ لاءِ تيار هوندا آهن، پر اسان هر ڪنهن کي اها ڪو نه ڏيندا آهيون. بس جنهن لاءِ مٿان حڪم ٿيندو. ان کي ڏيندا آهيون. توهان ڀاڳن وارا آهيو، توهانجي مٿان کان سڻائي آهي. فقير اها پُڙهي ڏيندي چيو هي سُرمو آهي. پر هي ڪو معمولي سرمو ڪونهي وڏي ڪرامت وارو آهي، انتي مون چار راتيون عمل ڪيو آهي، بس توهان هن سُرمي جي هڪ هڪ ڪاني ٻنهي اکين ۾ لڳائڻ وقت محبوبه جو نالو ياد ڪري لڳائجو، اهو لڳائي پوءِ پنهنجي پنهنجي محبوب جي سامهون وڃجو بس هڪ ڀيرو هُن توهان جي اکين ۾ ڏٺو ته سمجهو پکي ڦاٿو. اسان ٻئي عاشق ڏاڍا خوش ٿياسين، ٻي ڏينهن ڏاڍو تيار ٿي، پنهنجي محبوب جو نالو دل ۾ وٺي سرمو لڳائي اچي روڊ تي بيٺاسين، شوق ۾ اسان ڪافي جلدي اچي ويا هئاسين، انتظار ڏکيو ٿي پيو هو، پر اسين بيٺا رهياسين، ٽائيم گذري ويو هو آيائي ڪو نه، اُن ڏينهن اسان جو سُرمو ضائع ٿي ويو پر خير سرمو اڃا بچيل هو. وري ٻي ڏينهن آياسين پر سُرمو لڳائي ڪو نه آياسين، اسان سوچيو ته ٿي سگهي ٿو اهو اڄ به نه اچن ۽ هي باقي ٿورو سرمو به ضائع نه ٿئي. اسان سوچيو ته جڏهين پري کان هنن جو ٽولو ايندو نظر تڏهن فورن سرمو لڳائي وٺنداسين. پوءِ ائين ئي ڪيوسين، پري کان هُنن کي ايندو ڏسي اسان ماچيس جي تيلي سان تڙ تڪڙ ۾ محبوب جو نالو وٺي سرمو لڳايو، سرمو ڇا لڳايو جلدي ۾ ڀنڀور کي باهه لڳائي هُئي، اکيون ڪاريون ڪري بيٺاسين، هنن جو ٽولو گذريو، پر سواءِ هنن جي ماءُ جي ٻيو ڪنهن به اسان کي ڪو نه ڏٺو، هاڻ اسين پريشان، سو اسان وري ٻي گهٽي مان تڪڙا تڪڙا ڦري وري هنن جي سامهون کان آياسين ۽ بلڪل هنن جي ڀر سان ڪراس ڪيوسين، هنن مان ڪن ڏٺو، ڪن جي هوائي نظر پئي، هاڻ اسان ٻڏتر ۾ ته خبر ناهي اسان واري محبوب ڏٺو يا نه، عظيم چيو يار مون واري ته ڏٺو آهي، پر مون کي پڪ ڪو نه هُئي، سو باقي جيڪو ٿورو سرمو بچيو هو. اهو مون ٻي ڏينهن استعمال ڪيو. ساڳي طرح وڏي جاکوڙ ڪرڻي پئي، ٻه ڀيرا هنن جي سامهون آيس، هن ڏٺو پر جهڙو ڪو نه ڏٺو، باقي ماڻس تمام غصي مان غور سان مون کي ڏٺو، هو سموريون حيران هيون ته هنن ڇورن کي ڇا ٿيو آهي جو اڳيان پويان پيا ڦرن، خير اسان ڏٺو ته هاڻ وڌيڪ ڊيگهه ڪئيسين ته پادر کائينداسين. ٻه ٽي ڏينهن گذري ويا ڪو به نتيجو ڪو نه نڪتو، اسان هن فقير کي ڳوليو پر هو به اسان کان ٻه ٽي سئو رپيا ڦري گم ٿي ويو هو، بهرحال اسان ڏاڍو خوار خراب ٿي غالب جي ان سٽ جي صورت بڻجي وياسين.
    ”بهُت بي آبرو هوڪر تيري کوچي سي هم نڪلي....!!
    1965ع واري انڊيا پاڪستان جنگ، بليڪ آئوٽ ۽ سائرن جا آواز، خوف ۽ حراس مون کي ٿورو ٿورو ياد آهي، ريڊيو تان جنگي گيت، شاستري ۽ هندن جي باري ۾ مزاحيا پروگرام، هوائي حملن جا هلڪا اولڙا ياد آهن، 1966 ۾ ٻوڏ آئي هُئي، درياهه ۾ زبردست چاڙهه هو، جنهن ملڪ ٻوڙهي ڇڏيا هُئا. اسان وارو درياهه جو هالا وارو بند ڀڄي پيو، نتيجي ۾ اسان واريون ٻنيون به ٻُڏي ويون هيون، سڀ فصل ختم ٿي ويا. اسين سخت مشڪل ۾ اچي وياسين، گذر سفر مشڪل ٿي ويو هو. نتيجي ۾ مون مئٽرڪ جو امتحان ڪو نه ڏنو ۽ پهريون ڀيرو مل ۾ نوڪري ڪئي. سائيٽ ۾ پاڪستان ٽيڪسٽائل مل ۾ ٽي مهينا مزدوري ڪئي، ٽن مهينن کان پوءِ زمين تان پاڻي سُڪيو ته اسان ٻاجهر جو فصل پوکيو جيڪو ٻوڏ واري سلٽ ۾ تمام ڀلو ٿيو هو، اگهه به سٺا هُئا. نتيجي ۾ سڀ نقصان پورا ٿي ويا. اهو پهاڪو درست ثابت ٿيو ته ”ٻڏي جا ٻيڻا“ ٿي ويا....... ٻي سال مون نائين ۽ ميٽرڪ جا امتحان ڏنا. پاس ٿيس.
    35 ايڪڙ اسان جي زمين سرڪاري واٽر جي پوڇڙ ۾ هُئي. ان ڪري پاڻي جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي. فصل سُڪڻ لڳا. ٻنيون غير آباد ٿي ويون. اسان جي حالت خراب ٿي وئي. مون وري گاهه جي ڪُتر جي ڪارخاني تي نوڪري ڪئي. اسان جي ڏاڏا ۽ بابا ڪوشش ڪئي ته زمين جي پاڻي جي پيچ بئراج واري واٽر تان ختم ڪرائي. اڪرم واهه، لائين چئنل مان پاڻي کڻڻ جي منظوري وٺون. اهو اڪرم واهه سڄو سال وهندو هو. جيڪو ايوب خان بدين ۽ لاڙ ۾ جيڪي فوجي جنرلن کي زمينون ڏنيون هيون. انهن لاءِ ڪڍرايو هو. ان واهه مان شروع ۾ ڪنهن به سنڌي زميندار کي پاڻي کڻڻ جو آرڊر ڪو نه هو. پر پوءِ ڪجهه ميرن پيرن ۽ سياست دانن اسپيشل اجازت نامه ورتا ۽ پاڻي کڻي رهيا هئا. ان بنياد تي اسان جي ڏاڏا به درخواست ڏني پر اسان غريب ننڍا ڪاشتڪار سو انڪار ڪري ڇڏيائون. ڏاڏا جيڪو اڳيئي عدالتن، ڪيسن ۽ قانونن جو ماهر هو، تنهن دعويٰ داخل ڪئي. ڏاڏا ٻين زميندارن جا ثبوت پيش ڪيا. تڏهين اسان ڪيس کٽيو.اسانکي به لائين چئنل تي پمپنگ مشين لڳائڻ جي اجازت ملي. اجازت ته ملي پر هزارون رپيا ڪٿان اچن جو اسان لائين چئنل تي پمپنگ مشين لڳايون. جنهن لاءِ پمپ کپن، پائيپ ۽ ڪوٺي ٺاهجي، زمين تائين ميل ڏيڍنئون واٽر ٺهرائجي. پوءِ اسان جي باهمت پوڙهي ڏاڏا ۽ بابا جدوجهد ڪئي. بابا امان جو ڪجهه سون وڪيو، ڪجهه بئنڪ ۾ گروي رکيو، ڪجهه قرض دوستن کان ورتو، باقي محنت ۽ مزدوري اسان پاڻ ڪئي. ڏاڏا روز عصر جو چئين بجي ننڊ مان اُٿي اسانجي گهر ايندو هو، امان کي چوندو مائي مٺا لولا ٺاهي. اسانکي ننڊ مان اٿاري مٺا لولا کارائي وٺي هلندو هو. چئنل تي، جتي ٻين مزدورن سان گڏ اسان کان به سخت ڪم ڪرائيندو هو. خير سائين مشين لڳي تيار ٿي پاڻي وهي هليو تڏهين ڏاڍي خوشي ٿي. مان ڪوڏر ڪلهي تي رکي پاڻي سان گڏ هلندو زمين تي پهتس، جڏهين سُڪل بنجر زمين ۾ پاڻي هلڻ لڳو تڏهين جيڪا خوشي اطمينان ۽ سڪون محسوس ٿيو، بيان کان ٻاهر آهي. رب جو شڪر ادا ڪيم.
    مشين چالو ٿي، بابا مون کي سائيڪل وٺي ڏني، هاڻ روزانه صبح جو ستين بجي وڃي مشين چالو ڪري ٻنيءِ تي ويندو هُئس هارين نارين سان ڪم ڪار ڪري شام جو ڍڳيءَ جو کير کڻي واپس ايندو هُئس، بابا مون ساڻ واعدو ڪيو هو ته فصل لهندو ته اسڪوٽر وٺي ڏيندو. آهسته آهسته سڄي زمين آباد ٿي وئي، بابا مون کي هڪ پراڻو اسڪوٽر ارڙهين سون ۾ وٺي ڏنو. جنهن کي مون ۽ ماما عاشق علي ٺاهي جوڙي سينگاري تيار ڪيو هو.
    سال ڏيڍ کان پوءِ بابا مون کي نئون سُپر اسڪوٽر وٺي ڏنو. جنهن تي مون جهنڊو به لڳايو هو. ان وقت سياست يا پارٽي وغيره ڏانهن ڌيان ڪو نه هو پر مون، ڳاڙهي ڪپڙي تي سنڌهه جي نقشي وارو جهنڊو لڳايو هو....
    اسان جي ٻنيءِ تي ڪولهي هارين جو ننڍو ڳوٺ هو جتي ڇهه اٺ گهر ڪچا مٽيءِ جا جن ۾ ڪولهي ٻارين ٻچين رهندا هُئا. جڏهين پاڻي چالو ٿيو ۽ مون ٻنيءِ جو ڪم ڪار سنڀاليو، تڏهين بابا مون کي خاص طور ويهاري هڪ نصيحيت ڪئي، ته بابا هي پاڻ جا هاري ناري، هنن جا ٻار ٻچا ۽ نياڻيون اهي سڀ پاڻ جا ٻچا آهن. هي سڀ پاڻ جا حلالي پُٽ آهن، جيڪي پورهيو ڪري پاڻ کي کارائين ٿا، هي پاڻ جو ڪڙم قبيلو آهي، پاڻ جو رزق هنن وسيلي آهي ۽ هنن جو رزق پاڻ جي وسيلي سان آهي. هي ماڻهو پنهنجا آهن، هنن جي سار سنڀال ۽ مدد پاڻ کي ڪرڻي آهي، پاڻ هنن جا محافظ آهيون. هنن جي عزت ۽ خوشي پاڻ جي عزت ۽ خوشي آهي. ان ڪري هنن جيون نياڻيون پاڻ جون نياڻيون آهن. ان ڳالهه جو خاص خيال رکج. بابا اهو به ٻڌايو ته هي هاري ڪي اڄ ڪَل جا نوان هاري ڪونهن پر ڏيڍ سئو سالن کان پاڻ سان گڏ آهن. خير پوءِ اسين به هنن بزرگن کي چاچا، ماما، امان جيجان، ادي ۽ ڀيڻ چوندا هُئاسين، احترام ۽ عزت ڪندا هُئاسين، اسانجو وڏو هاري ۽ ڪمدار ليمبيو ڪولهي هو، انجي زال ڏاڍي خوبصورت هُئي، هاڻ ته پوڙهي هُئي، پر آثار ٻڌائين پيا ته عمارت شاندار هُئي، هنن جا ٻار به سُهڻا هُئا، پنج پٽ هڪ نياڻي، نياڻي جنهن جو نالو رادها هو، ماڻس تي وئي هُئي، اڇو رنگ، شيريون اکيون، سُنهري وار صرف ڪپڙن مان لڳندي هُئي ته ڪولهڻ آهي، رادها ڏاڍي تيز ۽ ڏنگي هُئي، اسان ڀائر ڀينر وانگر بي تڪليف هوندا هئاسين. ڳوٺ ۾ ٻه ٽي ڇوڪريون هيون. اسان پاڻ ۾ کل ڀوڳ چرچا ڪندا هُئاسين، رادها منهنجو چڙ جو نالو رکيو هو ٽانگارو. آئون ٻنيءَ تي ويندو هُئس ته چوندي، ”لي آوي گيو ٽانگارو،“ هو مونکي ٽانگارو ان ڪري چونديون هيون جو آئون سنهون ڊگهو هُئس، منهنجون ٽنگون به سنهيون ڊگهيون هيون، ان ڪري هنن اهو نالو ڏنو هو. اسين ڪولهين جي گهرن ۾ کائيندا پيئندا هئاسين، هولي واري تهوار تي ڇوڪريون اسانکي به رنگ هڻنديون هيون. ڏياريءَ تي جام مٺايون ۽ مٺا لولا کائيندا هُئاسين. بهرحال اهي چار پنج سال جيڪي ٻنين تي رهيس، شاندار هئا. اڪثر سوچيندو هُئس، هتي ئي گهر ٺاهجي ۽ رهجي. ڳوٺ جي ڀر ۾ وڏا انبن جا وڻ هئا جن تي چڙهي ويهڻ ۾ مزو ايندو هو. دل چوندي هئي ته ان وڻ تي ننڍو ڪمرو يا آکيرو ٺاهجي، کليل فضائن ۽ ساوڪن ۾ سُڪون ملندو هو. شايد اهڙي ئي ڪنهن لمحه ۾ ڊاڪٽر اقبال چيو هو،
    ”دامن مين کوهه ڪي اک، چهوڻا سا جهوپڙا هو“


    ”موسيقي سان دلچسي“

    ”موسيقي سان دلچسي“

    اسان جي اسماعيلي برادري، ترقي پسند ۽ روشن خيال ڪميونٽي آهي، منظم، متحد جماعت آهي، اسانجا ڪيئي فلاحي، خدمتگار ادارا آهن، اسڪول، اسپتال، ميٽرنٽي هوم ۽ ٻچه خانه، سماجي ڀلائي، بهبود جا ڪم ٿيندا آهن. انهي سان گڏ تفريحي منڊليون به آهن. اسڪائوٽ بينڊ ۽ آرڪيسٽرا به هُئي. جيئن ته مون کي ٻالجتيءَ کان گيت، راڳ ۽ موسيقي پسند هُئا. دل چوندي هُئي مان به گيت ڳايان، ميوزڪ ۽ ساز وڄايان، اسان جي ڪميونٽي جي آرڪيسٽرا هُئي، جيڪا اسانجي خوشين وارن تهوارن تي پروگرام پيش ڪندا هُئا. ڏانڍيون ۽ راسوڙا ڊآنس ڪرائيندا هئا. انهن جو ٺڪاڻو جماعت خاني جي سامهون هڪ جاءِ ۾ هو جتي ڇوڪرا رات جو رياض ڪندا هُئا. مونکي ايڏو شوق ٿيو جو مان به روز اُن جاءِ ٻاهران بيهي پيو ڏسندو ۽ ٻُڌندو هُئس. انهن ميمبرن مهينن تائين اچي بيهڻ ۽ ٻڌڻ جو منهنجو شوق ڏسي مون کي اندر اچي ويهڻ ٻڌڻ جي اجازت ڏني. هاڻ مان به روز ويندو هُئس، هنن جا ننڍا ننڍا ڪم ڪندو هُئس. سازن کي به هٿ ۾ کڻي ڏسندو ۽ وڄائڻ جي ڪوشش ڪندو هُئس. آرڪيسٽرا جو چيئرمين وزير علي خواجه نوٽ ڪيو ته مون ۾ ميوزڪ جو شوق آهي ۽ ردم مائينڊ به آهيان. سو اُن مون کي سيکارڻ جو فيصلو ڪيو. سڀ کان پهرين مونکي آرگن ڏنائون، آرگن جا هارميونم وانگر بٽڻ آهن پر انکان ٻيڻ تي وڏو هوان ۾ هوا ڀرڻ واري دمڻ، هٿ جي بجاءِ پيرن ۾ هُئي. هنن مون کي اولين سبق سرگم سيکاري، سا، ري، گا، ما، پا، دا، ني، سا پوءِ ته مون ڏاڍي محنت ڪئي، دل سان سکڻ شروع ڪيم، ڪجهه مهينن ۾ مان گانا، گيت وڄائي ويندو هُئس، آهسته آهسته مون تار وارا ساز به سکڻ شروع ڪيا. وائلن، دل رُبا، ستار، ميڊولين ۽ ڀينجو وغيره. تار وارا ساز تمام مٺن سُرن وارا ٿيندا آهن ۽ ڏکيا به هوندا آهن. مان سورنهن سالن جو هُئس، جڏهين باقائدا آرڪيسٽرا جو ميمبر ٿيس، ٻن سالن ۾ مان ماهر ٿي ويس، مون کي تقريبن سڀ ساز وڄائڻ ايندا هُئا. اسانکي ريڊيو پاڪستان جو ميوزڪ ڊائريڪٽر اُستاد نياز حُسين سيکارڻ ايندو هو. نياز حسين هفتي ۾ ٽي ڏينهن سيکارڻ ايندو هو. سو به وڏي معاوضي ۽ منٿن سان. استاد نياز حُسين پوءِ پاڪستان فلم انڊسٽري جو وڏو ميوزڪ ڊائريڪٽر ٿيو هو. استاد نياز، استاد منظور علي خان جو سئوٽ هو، جيڪي گواليار جي خاندان مان هُئا، هونءِ هي ميراثي پنهنجو فن صرف اولاد کي ڏيندا آهن. ٻي ڪنهن کي ڪو نه ڏيندا آهن پر استاد نياز جي به اسان ساڻ دل لڳي وئي، ٻيو ته هن ڏٺو ته هي پروفيشنل ڪونهن صرف فلاح ۽ خدمت جي جذبي سان ٿا سکن، تڏهين هن اسان کي سيکاريو، اسان به سڀ هن جي عزت و احترام ڪندا هُئاسين، گهران وٺي اچڻ ۽ ڇڏي اچڻ، کاڌي پيتي جو به خيال رکندا هُئاسين، سياري ۾ ٻاڦل بيدا ڪافي ۽ چانهه وغيره جو انتظام ڪندا هُئاسين. اهو ئي سبب هو جو هن اسان کي موسيقي جا خاص نقطا ۽ گُر سيکاريا، اسان به جلدي ماهر ٿي وياسين، پنهنجي جماعت جا سڀ پروگرام مفت ڪندا هئاسين، خاص خوشين جي ڏيهاڙي تي، يا اسان جو مُرشد ايندو هو ته، اسان وڏيون خوشيون ملهائيندا هُئاسين، جنهن ۾ ناچ، گانا، گيت ۽ اسان جا راجستان ۽ گجرات جا رقص، ڏانڍيون ۽ راسوڙا ته وڏي شوق سان کيڏيا ويندا هُئا. مرد، ڇوڪرا، عورتون ۽ ڇوڪريون سڀ گڏجي ۽ جُدا جُدا به ڏانڍين ۽ راسوڙن جا ڊگها دور ڪلاڪ ٻن تائين انتهائي جوش ۽ جذبي سان هلندا هُئا. جنهن جو ميوزڪ، سنڌي ۽ گجراتي لوڪ ڌُنون اسان وڄائيندا هُئاسين، باقي شهر ۾، وڏن فنڪشن ۽ امير ماڻهن جي پروگرامن جا جام پئسا وٺندا هُئاسين، پر اهي پئسا اسان ڪو نه کڻندا هئاسين، انهن مان وري نوان جديد ساز و سامان خريد ڪندا هُئاسين، جيئن ته هي ادارو جماعت جو هو. ان ڪري اسان صرف خدمت جي جذبي طور ڪم ڪندا هُئاسين. هونءِ به اسان جيڪي ست اٺ ميمبر هئاسين سي سڀ سُکين گهرن جا خوشحال نوجوان هُئا. اُن دور ۾، جناب ذوالفقار علي ڀُٽو جيڪو شايد وزير خارجه هو. ان لاڙڪاڻي ۾، غير ملڪي مهمانن جي دعوت ڪئي هُئي، ان ۾ اسان کي دعوت ڏئي گُهرايو هو. جيڪو سمبارا ان هوٽل ۾ ٿيو هو، اسان جو پروگرام ڀُٽو صاحب کي ڏاڍو پسند آيو هو. اسان کي شاباس سان گڏ انعام به ڏنا هئائين..... جڏهين اسان جا پراڻا ميمبر ڪجهه رٽائر ٿيا، ڪي ڪراچي ته ڪي آمريڪا هليا ويا. تڏهين مان چيئرمين ٿيس. مان آرڪيسٽرا جو چيئرمين ٿيس، ته نوان جديد اليڪٽرانڪ ساز خريد ڪيا ۽ نوان خوبصورت نوجوان ميمبر ڪيا. ان ئي دور م سليم خواجه، ساز ۽ آواز جي شوق ۾ اسان وٽ آيو. هن جو آواز سُريلو هو، ان ڪري سنگر، ڳائڻ واري حيثيت ۾ هن کي ميمبر ڪيو ۽ اسان ٻئي پڪا دوست ٿي وياسين. اسان جي اها دوستي پوءِ ويهه پنجويهه سالن تائين ڀائرن وانگر هلي، ۽ سليم جي نوجواني ۾ اچانڪ درد ناڪ وفات تائين قائم رهي.
    سليم جيڪو انتهائي خوبصورت جوان هو، ڊگهو قد، ڳورو رنگ، اکيون شيريون، سُنهري گُهنڊي دار وار هُئا. مزاج به نهايت مٺو پيارو، کل ڀوڳ ڪرڻ وارو، زنده دل نوجوان هو. اسان گڏجي آرڪيسٽرا کي عروج تي پهچايو. سليم، مُڪيش ۽ طلحت جا گانا ڏاڍا سٺا ڳائيندو هو. اسان وڏا وڏا ٽوئر ۽ پروگرام ڪيا. اسان جي گروپ جو ڊريس به فل سوٽ هوندو هو. سڀ نوجوان خوبصورت ۽ باوقار لڳندا هُئاسين. حيدرآباد جي هائي ڪلاس سوسائٽي ۾ اسان جي ڌوم هُئي. نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون اسان کي پسند ڪندا هُئا. اسان ساڻ دوستي رکڻ ۽ ميوزڪ سکڻ يا ڳائڻ لاءِ منٿون ڪندا هُئا. ڪيترن اعليٰ خاندانن جون ڇوڪريون اسان کي لفٽ ڪرائينديون هُيون. پر جيئن ته اسان جو گروپ آغا خان جي نالي سان وابسطه هو، ان جو نالو پرنس ڪريم آرڪيسٽرا هو، ان ڪري اسان کي به عزت احترام ۽ وقار برقرار رکڻو پوندو هو. لحاذا اسان ڪا به هلڪڙائي ڪو نه ڪندا هُئاسين. سڀني سان عزت احترام سان پيش ايندا هُئاسين... آرڪيسٽرا واري دور ۾ اسان هڪ وڏو يادگار ڪم اهو ڪيو جو، سنڌ جي لوڪ گيتن کي، جديد اليڪٽرونڪ سازن تي، جهنڪار واري ميوزڪ ۾ ڪمپوز ڪيو. هو جمالو، ڪوهياري، پيرن پونڌي ساڻ چوندي ساڻ، رهي وڃ رات ڀنڀور ۾، مور ٿو ٽلي راڻا مور ٿو ٽلي، ڇلڙو ري ڪري پيو پاڻي ۾،
    ان نئين ٽرينڊ جي ابتدا اسان ڪئي. جيڪا تمام گهڻي پسند ڪئي وئي. اهي ڌُنون ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي اسان رڪارڊ ڪرايون، جيڪي ڪافي عرصي تائين ريڊيو تي اينديون رهيون، اڃا به ڪڏهين ڪڏهين ڪا ڌُن ڏيندا آهن.
    حيدرآباد آرڪيسٽرا جو بنياد وجهندڙ هُئا، وزير علي خواجه، جيڪو بئنڪ مئنيجر هو، گُلزار علي خواجه، انور علي خواجه، شمشاد علي ۽ هڪ ڪاٺياواڙي وزير علي اوڳڙجي جيڪو موسيقي جو ماهر هو، انهن جڏهين آرڪيسٽرا جو بنياد وڌو تڏهين اڃا بجلي وارا ساز ڪو نه آيا هُئا. اُهي سڀ پراڻا رواعيتي ساز هُئا، ستار، وائلن، دل رُبا، ميڊولن بينجو، هارمونيم، ڊولڪ تبلو وغيره هئا. تارن وارا ساز تمام مِٺا ۽ سُريلا ٿيندا آهن، اهي سِکڻ ۽ وڄائڻ ۾ به ڏکيا هوندا آهن. مون به وائلن کان ابتدا ڪئي هُئي. هڪ ڏينهن مون دل رُبا ساز ڪڍي وڄائڻ جي ڪوشش ڪئي. دل رُبا ستار وانگر ڊگهو ۽ ڪئي تارن وارو ساز آهي. مون جڏهين اُنکي وڄائڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، تڏهين مُنهنجي دوست سليم مذاق ڪندي چيو، يار پري کان ائين پيو لڳي، جهڙوڪر پاڏي جي ٽنگ ڪلهي تي رکيو ويٺو آهين. بهرحال اسانجن سينيئر ساٿين جڏهين آرڪيسٽرا اسان جي حوالي ڪئي. تڏهين مون کي چيئرمين مقرر ڪيو ۽ ٻيا ساٿي هئا. وڏو مهدي محمد، ننڍو مهدي سليم، قربان ڪريم ۽ سلطان عرف نني، نني ڏهن ٻارهن سالن جو بيحد خوبصورت ڇوڪرو هو، جيڪو آرڪيسٽرا جي ڌن تي بهترين ٽوئيسٽ ڊانس ڪندو هو، جنهن کي 70-1969ع ۾ جناب ذوالفقار علي ڀُٽو جڏهين حيدرآباد ۾ پرنس علي روڊ تي اليڪشن آفيس جو افتتاح ڪرڻ آيل هو، اُتي نني جو ٽوئيسٽ ڊانس ڏسي ڏاڍو خوش ۽ متاثر ٿي، پنهنجي گلي مان ٽاءِ لاهي نني کي انعام طور ڏني هئي.


    اڃا تو منجهان ڪک ڇتي رت نڪري

    اڃا تو منجهان ڪک ڇتي رت نڪري
    ”جيون جو پهريون پيار“

    انهن ڏينهن منهنجو پهريون پيار ٿيو. ڪنهن شهري ڇوڪري سان نه، پر ٽنڊي محمد خان جي هڪ ڳوٺاڻي ڇوڪري سان، جيڪا برادري جي، ۽ اسان جي پري جي مائٽ به هُئي ٿيو هيئن ته ميرپورخاص کان ٻارهن ميل اورتي سُلطان آباد نالي اسماعيلي خواجن جو ڳوٺ آهي، جتي آبادگار، ننڍا زميندار هاري ناري رهندا هُئا، اسان جي به ويهه ايڪڙ زمين هُئي اُتي، اسان جا ڪجهه رشتيدار به رهندا هُئا. ان ڪري مرڻي پرڻي اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. انهن ڏينهن مان سلطان آباد ويس، ماما رمضان، اسان جي ڏاڏي جو ڀاءُ هو، ان جي اٺ ڏهه ايڪڙ زمين هُئي، ڪچا پڪا مٽيءِ جا گهر هُئا، ماما رمضان جي وڏي پٽ جي شادي ٽنڊي محمد خان مان ٿيل هُئي، اُنجي ننڍي سالي، نوربانو به اُتي ڀيڻ وٽ آيل هُئي، چوڏهن سالن جي نوربانو، جنهن کي سڀ نوري چوندا هُئا، ان ڪري جو هوءَ بيحد اڇي ڳاڙهي سُنهري وار ڊگها نيڻ نقش به پيارا، قد به مناسب ڏاڍي خوبصورت، گُڏي جهڙي لڳندي هُئي. ان ڪري هن جو نالو نُوري رکيو هو. مان جو ويس ۽ نُوري ء کي ڏٺم ته ڏسندو رهجي ويس، پهرين نظر ۾ بيحد متاثر ٿيس، نُوري به ان کي محسوس ڪيو. مطلب ته ٻنهي طرف باهه برابر لڳي هُئي. نُوري جا مائٽ حيدرآباد ۾ به هُئا. ۽ هوءَ حيدرآباد ايندي رهندي هُئي. مون کي سڃاڻندي هُئي. پوءِ ته مان جيڪو هڪ ٻن ڏينهن لاءِ ويو هُئس، چار پنج ڏينهن رهي پيس، سلطان آباد ۾ اڃا بجلي ڪو نه آئي هُئي. چانڊوڪي راتيون هيون، ماما رمون جي وڏي ورانڊي ۾ پينگهو هو، جنهن ۾ رات جو ماني کائي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون لڏندا ۽ ڪچهري ڪندا هئاسين. نُوري منهنجي ڀر ۾ ويهندي هُئي، اسان کل ڀوڳ چرچا ڪندا هئاسين، ٻن پهرن جو پتي راند رهندا هئاسين، هڪ صبح جو سڀ مرد مايون ٻني تي وياسين، جتي انبن جو باغ به هو. جتي وڻ ۾ رسي ٻڌي جولا لڏياسين، لڪ لڪوٽي راند رهياسين، وڻ تي چڙهي ويٺاسين ۽ ان دوران نوري ۽ مان ويجها ٿيندا وياسين، آخري رات چانڊوڪي جي سُهائي ۾، مان ۽ نوري اڪيلا پينگهي ۾ ويٺا هُئاسين. اسان هڪ ٻين سان ڳالهائڻ ٿي چاهيو، پيار جو اظهار ٿي ڪرڻ چاهيو، پر ٻئي نوان نڪور عاشق، لفظ نه پيا ملن مون چيو نُوري ڪجهه ڳالهائي ماٺ ڇو آهين، هونءِ ته فر فر ڳالهائيندي آهين، هُن مرڪندي چيو ڇا ڳالهايان؟ چيو مانس ته مان سڀاڻي ويندس حيدرآباد، تون اڃان هتي ڪيترا ڏينهن هوندئين ۽ حيدرآباد ڪڏهين ايندئين؟ نُوري چيو آئون چنڊرات هتي ڪري پوءِ ٽنڊي وينديس، حيدرآباد ته خبر ناهي ڪڏهين اچان. تون ٽنڊي اچج. ٽنڊي اچڻ جي دعوت ڏئي شرمائجي وئي ۽ مسڪرائي ڪنڌ هيٺ ڪيائين، جهڙوڪر پيار جو اقرار ڪيائين.
    منهنجي چيچ ۾ سون جو سنهڙو ۽ هلڪو ڇلو هو. اهو لاهي نُوريءَ جو هٿ جهلي ان جي آڱر ۾ پاتم ۽ چيم، ”نُوري هاڻ پيار ڪيو آهي ته ضرور نڀائينداسين“ هوءَ شرمائجي وئي، پوءِ چيائين، ”مون تو کي حيدرآباد ۾ آرڪيسٽرا وڄائيندي ڏٺو هو، تڏهين مونکي ڏاڍو سٺو لڳو هُئين، پر توهان شهري ڇوڪرا آهيو. ڪيترين ڇوڪرين سان دوستي هوندي، توهان تي ڪهڙو ڀروسو.“ مون کلندي چيو مانس ها شهرن ۾ ڇوڪريون ته جام آهن، اسان کي پسند به ڪنديون آهن، پر ڪڏهين به ڪنهن سان محبت نه ٿي، پيار سچو ۽ پهريون عشق ٿيو آهي ته توسان ٿيو آهي، جيڪا شهر جي ڇوڪري ڪونهي. اهڙي طرح ڪچهري ڪئي سين، آخر ۾ نُوري مونکي رومال ۽ مٺو پان ڏنو جيڪو اڌ مون کاڌو اڌ نوري کي هٿ سان کارايم اها هُئي منهنجي پهرين پيار جي پهرين ملاقات ۽ مختصر ڪچهري، ٻي ڏينهن مان واپس ٿي آيس، ته نوري چيو، ٽنڊي اچج. مون واعدو ڪيو ته ايندس ۽ مان واپس آيس ٽنڊي محمد خان ۾ اسانجا جام مائٽ آهن، پر اسان پڦي شيري جي گهر ويندا ۽ رهندا هئاسين، پُڦي جي ڌيءَ نُوري جي سهيلي هُئي، آئون مهيني ۾ هڪ ٻه ڀيرا ٽنڊي ويندو هوس، نُوري به اُتي ايندي هُئي ۽ اسين ڪچهري ڪندا هُئاسين. نُوري جي گهر به مان ڪڏهن ڪڏهن ويندو هُئس ته هن جي ماءُ مونکي ڀائيندي هُئي، باقي هنجو والد ٻي طبعيت جو ماڻهو هو. نُوري جي ماءُ اسانجي ڏاڏاڻي ڪُٽم مان مائٽ هُئي، ان ڪري مون کي پسند ڪندي هُئي، ان جي مرضي هُئي ته اهو رشتو ٿئي. پر نُوري جو والد، جيڪو زميندار هو، اهو اسان جي ڏاڏا سان ڪو نه ٺهندو هو ۽ کوساڻي خاندان سان ڪو نه پوندي هُئس، نُوري جي ٻي وڏي ڀيڻ حيدرآباد ۾ پرڻيل هُئي، هنجا چاچا به هتي هُئا. ان ڪري هوءِ اڪثر هتي ايندي هئي. هتي هنجي سهيلي وري منهنجي وڏي چاچا جي ڌيءَ هُئي جيڪا اسان جي همراز هُئي. انهن جي گهر تي ملاقات ٿيندي هُئي. اسان ٽئي هڪ ٻه ڀيرا فلم ڏسڻ سئنيما ۾ وياسين. اسان جون ملاقاتون هميشه تهذيب و اخلاق جي دائري ۾ رهيون. صرف هٿ ملائڻ، هٿ جهلڻ جي حد تائين هوندو هو. اڪيلائي ۾ به ڪا حرڪت نه ڪرڻ، نه چُمي نه ڀاڪر، ظاهر آهي ته ان وقت اسان سچي پاڪ محبت جا قائل هُئاسين، ڊپ خوف به هوندو هو، همت ۽ ايڏي جُراعت به ڪا نه هُئي ۽ نه ئي ڪا خواهش هُئي. هڪ ڏينهن امان جو سٺو موڊ ڏسي، هن کي ٻُڌايم ته نوري ۽ مان هڪٻئي کي پسند ٿا ڪريون، توهان اهو رشتو ڪرايو، امان چيو ها اها نُوري سُٺي ڇوڪري آهي. مونکي به پسند آهي، پر هي وقت ڪونهي، اڃا توکي دير آهي، ڀينرن جو فرض پهرين آهي، پوءِ جڏهين وقت آيو تڏهين ڏسنداسين.
    مون کي ڪجهه اُميد پيدا ٿي، مون نوري سان به اها ڳالهه ڪئي. هڪ ڀيري نوري سان ملندي ٽي مهينا ٿي ويا، نه ڪا چٺي نه نياپو، مان فڪر مند هُئس ته انهن ڏينهن ٽنڊي محمد خان ۾ خواجن جو فنڪشن ٿيو، جنهن ۾ اسان جي آرڪيسٽرا کي به گهرايو ويو، جماعت خاني جي ٻاهر ميدان تي پروگرام هو، آس پاس ۾ سڀئي خواجن جا گهر آهن، نوري وارن جو گهر به سامهون هو. پروگرام شروع ٿيو، عورتون هڪ پاسي، مرد ٻي پاسي، منهنجون نظرون محبوب کي ڳولهڻ لڳيون پر ڪافي ڪوشش جي باوجود هوءِ مون کي نظر ڪو نه آئي. سامهون هن جي سهيلي به اڪيلي ويٺل هُئي، هڪ ٻن آئيٽمن کان پوءِ، مون اڪاڙڊين ساز کنيو، جيڪو ڳچي ۾ لٽڪائي، ڇاتي تي رکي وڄائبو آهي، هڪ هٿ طرف بٽڻ آهن، ٻي طرف دمڻ جنهن سان هوا برجندي آهي، انگريزي ساز آهي. پر ڏاڍو مٺو ۽ درديلو سُر به آهي. سو اهو کڻي مان اسٽيج تي آيس، ڍولڪ ۽ ڊرم جي سنگت ۾ مون سولو (Solo) اڪيلو انتي انڊيا جو هڪ درديلو گانو وڄايو، ”بچپن ڪي محبت کو دل سي نه جدا کرنا“ ۽ ٻيو هو ”ميرا دل يي پڪاري آجا“ مون اهي ٻئي گانا ڏاڍا سُر ۽ لئي ۾ وڄايا، گانو ختم ٿيڻ وارو هو ته مون ڏٺو سامهون، پويان گيٽ کان منهنجي محبت، ننڍي ڀاءُ ساڻ داخل ٿي. پري کان مون کي اداس ڪمزور نظر آئي، هوءِ پويان عورتن واري پاسي ويهي رهي. مان واندو ٿي پٺيان ويس، هنکان خيريت پڇيم، هن ٻڌايو، ٻن هفتن کان بخار ۾ بيمار آهيان، هوءِ مون کي تمام پريشان ۽ ڏکويل نظر آئي، پڇيومانس ته هن صرف اهو چيو ته، تون جمعي جي ڏينهن ٽنڊي ضرور اچ. اهم ڪم آهي، وڌيڪ ڳالهائڻ جو موقعو ڪو نه هو، هوءِ به فورن واپس گهر هلي وئي... مان جمعي جي ڏينهن ٽنڊي پُڦي جي گهر ويس ته منهنجي محبت اڳ موجود هُئي. مان پڦي وارن سان ملي، ڪمري ۾ ويس ته، نوري روئڻ شروع ڪيو، مان هن جي سامهون ويهي هن کي آٿت ڏيڻ لڳس، هُنجا هٿ جهلي، حوصلي همت ۽ صبر جي تلقين ڪرڻ لڳس، مون چيو ته پريشان نه ٿي سڀ ٺيڪ ٿي ويندو، همت ڪر، مون کي ٻڌائي ڇا ٿيو آهي؟ هن کي پاڻي پيئاري ڪجهه سامت ۾ آندو، تڏهين هن ڳالهايو. گُلان سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو، پاڻ جي نصيب ۾ ملاپ ڪونهي. مون چيو اهو ڇا پئي چوين؟ اهڙي ڪهڙي آفت آئي جو نصيب بدلجي ويا. هن چيو گُلان مان توکان سوا مري وينديس، هي دنيا وارا پاڻ کي ملڻ ڪو نه ڏيندا. پڇيو مانس آخر ڇا ته ٿيو آهي. تفصيل سان ٻڌائي. تڏهين هن ٻُڌايو ته بابا منهنجو مڱڻو پنهنجن مائٽن ۾ ڪري ڇڏيو آهي، جلدي شادي ٿيڻ واري آهي، چيائين ته مان گهڻو ئي رُنيس رڙهيس، امان کي چيم مان پاڻ کي مارينديس مان ٻي ڪنهن سان شادي ڪو نه ڪنديس، امان ته راضي هُئي پر بابا جي اڳيان هن جي به ڪا نه ٿي هلي. امان بابا کي ٻُڌايو ته توهان رشتو ڪرڻ لاءِ تيار آهيو. بابا اهو ٻڌي وڌيڪ ڪاوڙجي پيو. کوساڻي جي نالي کان هنکي چڙ هئي..... سندس جو والد جيڪو قدآور بدن ۾ ڀريل، مڇون وڏيون وٽيل رعبدار وڏيراڻي شخصيت جو مالڪ هو ۽ پنهنجي ڪڙم ۽ راڄ جو چڱو مڙس به هو. هن جو فيصلو پٿر تي لڪير هو، سو نُوري ۽ اُنجي ڪمزور ماءُ ڇا ٿي ڪري سگهيون.
    نوري اها ڳالهه ٻڌائي وري روئڻ لڳي، مون چيو پوءِ ڇا ٿيڻ گهرجي؟ هن چيو مون کي خبر ناهي ڇا ٿيندو... تڏهين مون هن کي چيو هڪ رستو آهي، قانوني رستو آهي، تون همت ڪرين ته پاڻ ڪورٽ ۾ نڪاح ڪري سگهون ٿا، مائٽ ڪجهه وقت ناراض ٿيندا، پر ڪجهه عرصي کان پوءِ هو به معاف ڪري ڇڏيندا... نوري چيو نه نه گهر مان ڀڄي وڃي شادي ڪرڻ بدنامي آهي، تنهنجي لاءِ به ۽ اسان لاءِ به، ۽ بابا ڏاڍو ڏنگو ماڻهو آهي، هو ڪُجهه به ڪري سگهي ٿو.
    چيو مانس ته ان ۾ بدنامي جي ڳالهه ناهي. پاڻکي شادي جو حق مذهب به ڏي ٿو ۽ قانون به، پاڻ باقاعده نڪاح ڪنداسين، بس تون همت ڪر، مان سڀ ڪجهه سنڀالي وٺندس، بس تون فيصلو ڪر... نوري چوي نه گُلان اهو پاڻ ٻنهي خاندانن لاءِ درست ناهي... سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو آهي، پاڻ ڪڏهين به ملي ڪو نه سگهنداسين. حالانڪه مون گهڻو سمجهايو پر هوءِ روئندي رهي ۽ روئندي روئندي هميشه لاءِ هلي وئي. ٻن مهينن ۾ هن جي شادي ٿي وئي. هوءِ پرڻجي حيدرآباد آئي هُئي، هوءِ مُئي ته ڪا نه، پر ڪڏهين سامهون ايندي هُئي ته بيحد اُداس نگاهن سان، مون تي هڪ نظر وجهندي هُئي.
    نوري جي جُدائي کي ٽي چار مهينا گذريا هئا جو هڪ ڪراچي جي ڇوڪري سان اتفاقي ٽڪر ٿي ويو ۽ ان سان هڪ سلسلو شروع ٿي ويو، اسان جي برادري جي هڪ پير اولياءَ، پير شاهه تاج الدين جي درگاهه، تلهار ۽ ٽنڊي باگي جي وچ ۾ آهي. جتي هر سال ميلو لڳندو آهي. جنهن ۾ سڄي سنڌ مان اسماعيلي خواجه ٻارن ٻچن سودو شريڪ ٿيندا آهن. چار ديواري اندر وڏو ميدان آهي. وچ ۾ درگاهه آهي ۽ چئني پاسن ٻه سئو کن پڪيون لانڍيون ٺهيل آهن. جن ۾ فئمليون اچي رهنديون آهن. ڪراچي کان به جام ماڻهو ايندا آهن. چار ديواري ٻاهران هوٽلون مٺائي جا دڪان وغيره لڳندا آهن. سامهون هڪ ڍنڍ به آهي. جنهن ۾ ٻيڙيءَ جو سير به ماڻهو ڪندا آهن. اُن سال ميڙو زور هو، جام ماڻهو آيا هُئا، لانڍيون ڀرجي ويون ته وچ ۾ ٽينٽ لڳايا ويا. اسانجي فئملي به درگاهه جي سامهون ٽينٽ ۾ لٿل هُئي، سج لٿي کان پوءِ ميلو متل هو، ڪي درگاهه ۾ ويا پي ته ڪي آيا ٿي، ڪُجهه بئنچن تي ۽ ڌڪين تي ويٺا هئا. پر سڀ پنهنجن ٻارن ٻچن ۽ گهر وارن سان پي گهميا ڦريا. اوڏي مهل مان دوستن کي بيهاري ٽينٽ مان ڪا شئي کڻڻ لاءِ تڪڙو آيس ۽ اندران اها شئي کڻي تيزي سان جيئن ٽينٽ مان نڪتس ته اوڏي مهل هي ڪراچي جي ڇوڪري به ٻي پاسي کان تيزي سان اُتان گذري. اسان ٻنهي جو اچتو ٽڪر ٿي ويو. ٽڪر به اهڙو زوردار هو، جو هُن مونکي جهلي ورتو ۽ مون هن کي جهليو نه ته ٻئي ڪري پئون ها، ڪجهه لمحن لاءِ اسان ٻئي هڪ ٻي جي ڀاڪرن ۾ اچي وياسين. اهو سڀ اوچتو ۽ غير ارادي ٿيو هو. بس چند گهڙيون ۽ پوءِ ، هڪ دم جدا ٿياسين، ٻنهي هڪ ٻي کي سوري Sorry چيو، پر جيئن ته سڀني ماڻهن اهو حادثو ڏٺو ۽ کلڻ لڳا، ته هوءِ شرمائجي وئي ۽ فورن هلي وئي. ان واقعي کان پوءِ ميلي ۾ گهمندي ڦرندي بار بار اسان جون نظرون ملنديون رهيون ۽ هر ڀيري هوءِ شرمائي مُسڪرائي ڪنڌ هيٺ ڪندي رهي. ان واقعي کان پوءِ اسان ٻنهي جي دلچسپي وڌندي رهي، مسڪراهٽن جا تبادلا ٿيندا رهيا.
    ٻي ڏينهن، ميلي جو آخري ڏينهن هو، هر ڪو نياز کائي واپس وڃڻ جي ڪوشش ۾ هو. صبح جو ڏهين بجي مان ٻاهر نڪتس ته، هوءِ پري سهيلي سان بيٺل هُئي. مون کي ڏسي هو ٻئي ٻاهر طرف هلڻ لڳيون. هلڻ وقت ڪجهه اهڙو اشارو ڪيائين ته تون اچ. مان به هنن جي پٺيان ويس. هي ٻئي ڍنڍ جي ڪناري وڃي بيٺيون، مون وڃي يا علي مدد ڪئي، اردو ۾ ڳالهايوسين، ڇاڪاڻ ته هوءِ ڪڇي هُئا، مون هنکان نالو پڇيو ته هن پنهنجو نالو بلقيس ٻڌايو، ائڊريس به ڏني ورتي سين، هن ٻڌايو ته ڪراچي ۾ ميران واري علائقي ۾ هنن جو گهر آهي، مون کي اچڻ جي دعوت به ڏني. اهڙي طرح اهو سلسلو شروع ٿيو. حيدرآباد ۾ پنڌرهن ويهن ڏينهن کانپوءِ هن جو خط آيو. جنهن ۾ مُحبت جو اظهار هو. هن جا خط پيار جي اظهار سان پُر هوندا هُئا. پر مونکي هن سان ايترو پيار نه هو ان ڪري مان جواب ۾ سُستي ڪندو هوس. هن تمام گهڻو اسرار ڪيو ته ڪراچي اچ. مون واعدو به ڪيو پر ڪو نه ويس. مهينو کن گذريو ته هڪ ڏينهن حيدرآباد ۾، هي ٻئي، بلقيس ۽ سندس ماءُ اسان جي گهر اچي نڪتيون، گهر وارا به حيران ٿيا. هُنجي ماءُ، امان کي چيو ته هي ٻئي هڪ ٻئي کي پسند ٿا ڪن، ان ڪري هنن جي شادي ٿيڻ گهرجي، مائي چيو ته منهنجي ڌيءَ تنهنجي پٽ جي لاءِ ديواني ٿي پئي آهي، هر وقت هن کي پئي ياد ڪري، بيمار ٿي پئي آهي. وغيره وغيره، امان ۽ منهنجون ڀينرون حيران پريشان، آئون اوڏي مهل گهر ۾ ڪو نه هُئس، پوءِ امان هن کي چيو ته منهنجي پٽ جي مڱڻي ٿيل آهي، ان ڪري اهو ناممڪن آهي، منهنجي وڏي ڀيڻ هنن کي ٽارڻ لاءِ چيو ته، ڀاءُ زمينن تي ويل آهي، هو ٻه ٽي ڏينهن کان پوءِ ايندو ۽ ٻيو ته هن جي ته شادي به ٿيڻ واري آهي، ان ڪري اهو خيال ڪڍي ڇڏيو. امان جن هنن کي چانهه پاڻي پياري روانو ڪيو. آئون آيس مون کي امان جام ڌڙڪا ڏنا ته ڇورا هي تون پرائي نياڻين سان ائين ڇو ٿو ڪرين، پاڻ به نياڻين وارا آهيون، خبردار جو آئيندا اهڙا ڪم ڪيا اٿئي... اهڙي طرح اهو سلسلو ختم ٿيو.....


    منهنجو مڱڻو

    منهنجو مڱڻو

    امان ڏٺو ته ڇوڪرو هاڻي اصل هٿن مان ٿو وڃي، سو هڪڙي ڏينهن مون کي ويهاري اڪيلائي ۾ هڪڙو انڪشاف ڪيو. چيائين ته تون جڏهن ڏهن سالن جو هُئين تڏهن مُنهنجي خواهش هُئي ته تنهنجي ڪنوار مان پنهنجي ڀيڻ جي ڌيءَ کي بنائي هن گهر ۾ آڻيان. امان جي اها ٻيو نمبر ڀيڻ تلهار ۾ پرڻيل هُئي. ان جي ٻيو نمبر ڌيءَ رضيه جيڪا خوبصورت ڊگهي قد جي سُلڇڻي ڇوڪري هُئي، اُنکي پنهنجي نُنهن بنائي هن گهر ۾ آڻيان. امان چيو منهنجي خواهش هُئي ته هن وڏي گهر ۾، ملڪيت، مال دولت سون مين ۽ خوشيون ڪا پنهنجي اچي ماڻي، ڌارين ڇو اچي، هيءِ پنهنجي ايندي ته اسان جي به خدمت ڪندي، ڌارين تي ڪهڙو ڀروسو سو ابا پڻين کي مون ٻڌايو ته اهو به راضي ٿيو ۽ پوءِ اسان ان وقت تلهار وڃي رضيه کي سونو هار پارائي انکي پنهنجو ڪري آيا هُئاسين، ان وقت تون ڏهن سالن جو ۽ رضيه صرف ڇهن سالن جي هُئي، ان ڪري اسان ڪنهن سان به ذڪر ڪو نه ڪيو هو، پر هاڻ ڇورا تون ته اصل جهل نٿو ڏين، ڪٿي ڪٿي پيو عشق ڪرين، مورڳو ڦاسي پئين، ڪنهن اوڙاهه ۾، ان ڪري هاڻ توکي ٻڌايان ٿي ته، اصل حقيقت اها آهي، ۽ اسان چاهيون ٿا ته توهانجي مڱڻي جو اعلان ڪري ڇڏيون، هاڻ تون سوچي ٻُڌائي ته راضي آهين يا نه، جيڪڏهن راضي نه آهين. تڏهين به خير آهي، پوءِ وري اسان ننڍي پٽ لاءِ سوچينداسين. زور زبردستي ڪانهي، تون ڀلي سوچ ويچار ڪري پوءِ ٻُڌائج. امان جون اهي ڳالهيون ٻڌي آئون سوچن ۾ ٻڏي ويس. انهن ڏينهن مان بلڪل فارغ هُئس، ڪٿي به ڪنهن سان ڪو چڪر ڪو نه هو. مون سنجيدگي سان غور فڪر شروع ڪيو. ٻه پاسا اهم هُئا جيڪي انجي حق ۾ ٿي ويا. هڪ ته، مُنهنجي پسند اها هُئي ته، ڇوڪري قد جي ڊگهي اڇي ڳوري ۽ خوبصورت هُجي، ان سان گڏ گهريلو سُلڇڻي به هُجي، نُوري ۾ ٻه اهي ٻئي خوبيون هيون. تڏهين عشق ٿيو هو. سو رضيه ۾ به اهي ٻئي خوبيون هيون، بلڪ انهن کان به وڌيڪ خوبين جي مالڪ هُئي. رضيه پڙهيل پنج درجا هُئي پر تمام نيڪ گهريلو هُنر ۾ ماهر، سلائي ڪڙاهي ۾ هشيار، قَرآن پاڪ حفظ ڪيل مذهبي گيت ۽ گنان به شآندار ڳائيندي هُئي. قد به ڊگهو، اڇو رنگ ۽ سُهڻي ڇوڪري هُئي ٻيو پاسو هو، مُنهنجي مٺڙي امان جي خواهش ۽ پسند، انجي اهميت به مون لاءِ تمام اهم هُئي. ان کان پوءِ انڪار جي ڪا به گنجائش نه رهي هُئي، ان ڪري مون امان کي ها چئي، ته امان به ڏاڍي خوش ٿي مونکي ڀاڪر پائي چمي ڏني ۽ خوب دعائون ڏنيون. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ امان ۽ بابا تلهار ويا، امان جيئن ته زماني جي ماڻهو هُئي سو ڳالهه پڪي ڪرڻ کان اڳ، رضيه کي اڪيلائي ۾ وٺي هُنجي مرضي به معلوم ڪُئي، رضيه ته شرمائجي ڪنڌ هيٺ ڪيو، پر اُنجي ماءُ، امان کي ٻڌايو ته رضيه راضي آهي، بلڪ تمام خوش آهي، گُلان جو فوٽو به پاڻ وٽ لڪائي رکيو ويٺي آهي. امان ۽ بابا مڱڻون پڪو ڪري کير پي، رضيه کي به ٻه گنيون، سون جا سِڪا خرچي ڏئي آيا، اچي مبارڪ ڏني، مٺائي کاڌي ۽ اهڙي طرح منهنجو مڱڻو ٿي ويو. مڱڻي کان پوءِ آئون مهيني ڏيڍ تلهار ويندو هُئس، اول ته رضيه مُنهنجي سامهون ڪو نه ايندي هُئي شرمائيندي هُئي، ڳوٺاڻون ماحول هو. پر جيئن ته اسان ويجها مائٽ هئاسين، اڳي به ملندا ۽ ڳالهائيندي هُئاسين، سو جلدي ان کي فري ڪري ڇڏيو، پوءِ سڀني جي اڳيان ملندا کل ڀوڳ ڪندا هُئاسين، سواءِ رضيه جي والد چاچا غلام علي گولو جنهنجي سامهون رضيه ڪو نه ايندي هئي.


    ”دل تي ٻه چار صورتون اڪري ويون اياز“

    ”دل تي ٻه چار صورتون اڪري ويون اياز“

    مُنهنجي مڱڻي کي ڏيڍ ٻه سال مس ٿيا هُئا، تڏهين هڪ ڏينهن اوچتو هڪ ڇوڪري مُنهنجي زندگي ۾ زوري داخل ٿي مون کي حيران، پريشان ڪري ڇڏيو. هي هڪ پنجابي ڇوڪري هُئي مريم نالو هوس، بيپناهه حسين و جميل، اڇو کير جهڙو رنگ ڪارا ڀنڀور گُهنڊي دار وار، وڏيون ڪاريون اکيون، پورو پُنو قد ۽ مناسب بدن، تمام گهڻي جذباتي، بيحد بهادر، خود اعتماد ۽ بيباڪ ڇوڪري هُئي. هي اسان جي گهر ٻاهران، مياڻي روڊ جي پرئين پاسي واري گهر ۾ رهندڙ وچولي طبقي جي فئملي هُئي... اصل ۾ ٿيو هيئن جو هڪڙي شام حسب معمول مان ٻنيءِ تان اچي وهنجي سُهنجي تيار ٿي، اسڪوٽر کڻي سامهون روڊ جي فٽ پاٿ تي بيٺس. اڪثر اوڏي مهل مُنهنجو دوست سليم به ايندو هو،پوءِ اسان گڏجي جماعت خاني ڏانهن ويندا هُئاسين، اُن ڏينهن مونکي ٿوري دير ٿي وئي هئي، نما شام، سليم به ڪو نه آيو هاڻ مان اڪيلو وڃڻ جي سوچي رهيو هُئس ته هڪ ڇهن ستن سالن جي خوبصورت ڇوڪري، روڊ جي پرئين پاسي کان ڊوڙندي روڊ ڪراس ڪري اچي مُنهنجي ڀر ۾ بيٺي، مونکي هڪ لفافو ڏيندي چيو، يه باجي نه ديا هي. مون پڇيو ڪون باجي، ته هُن سامهون جاءِ جي دريءَ ڏانهن اشارو ڪيو، وه کهڙکي مين، مون ڏٺو دري ۾ جتي هڪ چنڊ وانگر اڇو مُکڙو چمڪندي نظر آيو ۽ ان جي مُسڪراهٽ مُحٻت جو پيغام هُئي، مون لفافو کيسي ۾ وڌو ۽ واپس گهر وڃي پڙهيم ته وڌيڪ حيران ٿيس، پيار جي هن پيغام ۾ اُردو ۾ لکيل هو ته، مان ڪيتري عرصي کان توسان خاموش پيار ڪندي رهي آهيان، دل ئي دل ۾ توکي پوڄيندي رهي آهيان، پر تون اهڙو ظالم آهين جو مون ڏانهن اک کڻي به ڪو نه ڏسندو آهين، مان روزانه تنهنجي ديدار لاءِ انتظار ڪندي آهيان. آخر ۾ هن پنهنجو نالو مريم ڀٽ لکيو هو ۽ جلدي جواب ڏيڻ جي التجا به ڪئي هُئي. مُنهنجو تجُسس وڌڻ لڳو، چنڊ چهرو، پيار ڀريل پريم پتر جواب لکڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. مون لکيو، پياري مريم، تنهنجي خط کان اڳ ته مونکي ڪا خبر ڪو نه هُئي، پر اُن ڏينهن تنهنجو حسين چهرو ۽ پيار ڀريل مُسڪراهٽ ڏسي دل بيقابو ٿي وئي، تنهنجي عاشقانه التجا تي جواب حاضر آهي.“ اهڙي طرح خطن جو سلسلو هليو، هڪ خط ۾ مون گُلاب جي ڪلي وجهي موڪلي، ته ٿوري دير بعد، کڙڪي ۾ اها مُکڙي چپن تي، ڳل تي ۽ اکين تي رکي ڏيکاريائين. تحفن جي لين دين به ٿي، مون ملاقات لاءِ لکيو ته فورن تيار ٿي وئي ۽ جمعي جي ڏينهن يارهين بجي سول هاسپيٽل جي مين گيٽ وٽ ملڻ جو پروگرام موڪليو. جمعي ڏينهن يارهين بجي مان اسڪوٽر کڻي گهر ٻاهران بيٺس، ته هوءِ ڪارو برقعو پائي اڪيلي گهران نڪتي سول اسپتال ڏانهن وڃڻ لڳي، ٻه ٽي گهٽيون ڇڏي سول هُئي مان اسڪوٽر کڻي وڃي گيٽ وٽ بيٺس، هوءِ آئي ۽ پويان ويٺي، اسان لطيف آباد طرف وياسين، ست نمبر ۾ فردوس هوٽل جي فيملي ڪئبن ۾ آمون سامهون ويٺاسين، جڏهين هن بُرقعو لاٿو تڏهين چهري جي چانڊاڻ سان ڪئبن روشن ٿي وئي، ڇا ته پنجابي حُسن جو نمونو هُئي، هن جون ڳالهيون به عجيب ۽ حيران ڪندڙ هيون، هن ٻُڌايو ته جڏهين هنجي عمر يارهن ٻارهن سال هُئي تڏهين کان توکي ڏسندي رهي آهيان، توهان ڇوڪرا سامهون گهٽيءِ ۾ ڪرڪيٽ راند ڪندا هُئا، ۽ تون روز شام جو تيار ٿي سامهون بيهندو هُئين تون مونکي سٺو لڳندي هُئين، هن چيو اسين اسڪول مان ايندا هئاسين، تنهنجي ڀر مان گذرندي هُيس پر تنهنجي توجهه ڪو نه هوندي هُئي. سال کن کان مُنهنجي چاهت ۾ تيزي آئي، مان روز تيار ٿي کڙڪي مان بيهندي هُئس ته من تون مونکي ڏسين، پر تنهنجو ڌيان ئي ڪو نه هوندو هو، تنهنجي هڪ نگاهه لاءِ مان تڙپندي هُيس ته من تون ڏسين، پر روز مان نامراد ۽ مايوس ٿيندي هُئس، تڏهين مجبور ٿي خط لکيم. اسان آئسڪريم کاڌي ڪلاڪ کن ويٺاسين واپس آياسين مون هن کي سول اسپتال وٽ لاٿو.
    اهڙي طرح اسان جون ٻه ٽي ملاقاتون ٿيون، هڪ ڀيرو راڻي باغ به وياسين ۽ اڪثر ڪافي هائوس ۾ ڪچهري به ڪندا هُئاسين، پوءِ هڪ دفعو مان هنکي اسان جي لائين چئنل واري باغ تي وٺي ويس، جيڪو شهر سان لڳ آهي، اُتي اسان جو ڪمدار ۽ سندس پوڙهي زال مائي حُور رهندا آهن. مريم کي اها جاءِ ڏاڍي پسند آئي. مون سوچيو هو ته هن شهري ڇوڪري کي جنگ ۾ ڊپ ٿيندو، پر هُن چيو، هيترا ڏينهن پاڻ خوامخواهه شهر ۾ رُلندا رهياسين، پهرين هتي وٺي اچين ها، مون چيو هتي جنگل ۾ ڄٽ ماڻهن ۾ توکي ڊپ نٿو ٿئي، ته ٽهڪ ڏئي کِلي ۽ چيائين توساڻ گڏ ته مان رڻ پٽ ۾ به هلڻ لاءِ تيار آهيان، تو ساڻ مون پيار ڪيو آهي، تون منهنجو محبوب آهين، توکان ڊپ ڪهڙو، بهرحال اُن ڏينهن مريم بيحجاب ٿي ڀاڪر پاتو ۽ اسان پيار ڪيو، باغ ۾ گلن جي وچ ۾ ويهي ڪچهري ڪئي. ٻه ٽي ملاقاتون اُتي ٿيون، اسان جي ڪمدار ۽ اُنجي زال مريم کي ڌيءِ ٺاهيو هو، هو اسان کي چانهه، پاڻي ۽ ماني به کارائيندا هُئا، اسان پيار ته ڪندا هُئاسين پر اخلاق جي حد پار ڪا نه ڪندا هُئاسين. خير سائين، عشق ۽ مُشق لڪڻو ڪونهي، سو اول پاڙي جي ڪجهه ڇوڪرن کي خبر پئي، جن مريم جي گهر وارن کي ٻُڌايو ته اُن تي پابندي لڳي، دري به اڪثر بند رهڻ لڳي. ائين مهينو کن گذري ويو، هڪ ڏينهن صُبح جو ڏهين بجي مريم اڪيلي رڪشه تي چڙهي باغ تي پَهتي، ڪمدار کي موڪليائين ته گُل کي وٺي اچ. مان پهتس ته مونکي ڀاڪر پائي روئڻ لڳي، هُن ٻُڌايو ته بابا کي پاڙي وارن ٻُڌايو، سخت ناراض ٿيو مونکي چماٽ به هنئي ۽ گهر کان نڪرڻ تي به پابندي لڳائي آهي، مهيني کان پوءِ اڄ ماسيءِ جي گهر ويس، اُتان ٿوري دير جي لاءِ آئي آهيان، پر گل مونکي لڳي ٿو پاڻ وڇڙي وينداسين، تون منهنجي نصيب ۾ ڪو نه آهين، هوءِ روئڻ لڳي. مون دلداري ڏني مانس ۽ احتياط ڪرڻ جي صلاح ڏني. اُن ڏينهن ڪلاڪ کن ويٺي، پوءِ مون هن کي سندس ماسي جي گهر ويجهو ڇڏيو. پوءِ مونکي خبر پئي ته اِن ڏينهن واري ملاقات جي به خبر مريم جي والد کي سندس ڇڏيل جاسوس پهچائي هُئي، جيئن هوءِ گهر پهتي، هنجي والد سخت غصي ۾ هنکي ڪافي ماريو تشدد ڪيو هو، پسٽل ڪڍي مارڻ لاءِ تيار ٿيو، پر ماڻس هنکي ڪمري ۾ بند ڪري بچايو. بهرحال وڏو هنگامو ٿيو هو، مريم تي سخت پابندي لڳائي وئي. ان واقعي جي هفتي بعد هڪ ڏينهن مريم جي والده اسان جي گهر آئي، امان کي اسان جي پيار ۽ تعلق جي سڄي ڳالهه ٻُڌائي، مريم جي ديوانگي جو به ٻُڌايو ته هوءِ ڪيئن چرين وانگر عشق ۾ مُبتلا آهي، هوءِ جان ڏيڻ مرڻ لاءِ تيار آهي، مُنهنجي ڌيءَ مارجي ويندي، هن امان کي پڻس جي تشدد ڪرڻ، پسٽل ڪڍي مارڻ لاءِ تيار ٿيڻ واري ڳالهه ٻُڌائي، هوءِ روئي پئي ۽ امان کي چوي پئي ته هنن ٻنهي جي شادي ڪرائڻ لاءِ توهان راضي ٿيو، هي شآدي نه ٿي ته منهنجي ڌيءِ جي جان کي خطرو آهي، هوءِ امان کي منٿون ڪرڻ لڳي ته توهان ها ڪريو... امان ويچاري پريشان ٿي وئي، مائي کي ڀاڪر پائي تسلي ڏيڻ لڳي، امان افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪرڻ لڳي ته هُنن کي ڪيڏي نه وڏي پريشاني ۽ تڪليف مان گذرڻو پيو آهي. پنهنجي پُٽ جي حرڪت جي ڪري. امان کي اُردو ته ڪا نه اچي، سنڌيءَ ۾، ڳراٺڙي پائي چيو ته امان اسان پاڻ نياڻين وارا آهيون، اسان جي پُٽ تمام غلط ڪم ڪيو آهي، جنهن جي ڪري توهان کي هيڏيون مصيبتون برداشت ڪرڻيون پيون. ان لاءِ آئون توکان معافي ٿي وٺان. امان چيو مون کي افسوس آهي ته هنن جي شادي نٿي ٿي سگهي، اول ته اسان غيرن مان شآديون ڪو نه ڪندا آهيون، ٻيو ته گُل جي مڱڻي منهنجي ڀيڻ جي ڌيءَ سان ٿيل آهي ۽ جلدي شادي به ٿيڻ واري آهي، سو افسوس ته اهو ناممڪن آهي، نيٺ مائي روئندي مايوس ٿي هلي وئي.
    آئون گهر آيس ته امان مونکي ڏاڍي جُٺ ڪئي، اڙي ڇوڪرا هي تون ڪهڙا ڪم پيو ڪرين، نالائق پرائي نياڻين جون عزتون پيو خراب ڪرين، اڙي توکي شرم نٿو ٿئي تون ڇهن ڀينرن جو ڀاءُ آهين، اڙي تنهنجي مڱڻي ٿي پئي آهي، شادي ٿيڻ واري آهي، تنهنجا ساهُرا ٻڌن ته ڇا چوندا... بهرحال ان ڏينهن امان مونکي اهڙو اچي ورتو جو ماٺ ٿي ڀلي... بابا کان به ڌڙڪا کارايائين.........
    مهينو گذريو، ٻه مهينا، پنج مهينا گُذري ويا، ماٺ ٿي وئي، ڪا خبر چار ڪو نه هُئي. معاملو ٿڌو ٿي ويو هو، ته هڪڙي ڏينهن اوچتو صُبح ساڻ ڪمدار آيو، مونکي ننڊ مان اٿاري چيو، بابا سائين امان مريم آئي آهي، ڏاڍي پريشان آهي، چيو اٿس توهان جلدي اچو، پوڙهي کي ڀاڪر پائي رڳو پئي روئي، خبر ناهي ڇا آهي، تمام پريشان آهي، توهان جلدي هلو، مون تيار ٿي اسڪوٽر کنيو، مان به فڪر مند ٿيس، خير پهتس، پري کان ڏٺم مريم ڪمزور ۽ بيمار نظر آئي، سڄي پيلي ٿي پئي هُئي، ڪوٺي ۾ گهڙيس ته ڊوڙي ڀاڪر پائي روئڻ لڳي، ڪافي دير روئيندي سڏڪا ڀريندي رهي. مون پاڻي پياريو، تسلي ڏني، ڪُجهه سامت ۾ آئي. تڏهين مريم جي حالت ڏسي مُنهنجي ضمير مونکي چونڊڙي هنئي، ته هي ظلم سڀ مُنهنجي ڪري پيو ٿئي، شادي نه ڪرڻي هُئي ته تعلقات ايڏا ڇو وڌايا، جو هاڻ هن معصوم ويچاري لاءِ زندگي موت جو مسئلو بڻجي ويو آهي. اندر ۾ شرمندو ٿيندي مريم کي سمجهائڻ ۽ نصيحيت ڪرڻ شروع ڪيم... مون چيو تنهنجي ماءُ اسا جي گهر آئي هُئي، ڏاڍي پريشان هُئي، ان سڄي صورتحال امان کي به ٻڌائي. امان کي به ڏاڍو ڏک ٿيو هو. افسوس جو مان به تنهنجي مدد نه پيو ڪري سگهان. مون چيو ڏس مريم زندگي ۾ هر ماڻهوءِ جون سڀ خواهشون پوريون ڪو نه ٿينديون آهن، قسمت جي لکئي کي قبول ڪرڻ گُهرجي، رب جي فيصلي کي ڪير ٿو بدلائي سگهي؟ حياتي ڏاڍي قيمتي آهي، زندگي کي ضائع نه ڪرڻ گهرجي. مريم ڏُک ۽ ڪاوڙ سان مون کي ڏٺو، چيائين گهٽ ۾ گهٽ تون ته اهڙيون ڳالهيون نه ڪر، اڳي ئي ٻيا گهڻان نصيحيت ڪرڻ وارا آهن. آئون شرمندو ٿي ويس، مريم چيو، پيارا تون نه گهٻرائي، توکي مان پريشان يا شرمنده ٿيڻ هرگز ڪو نه ڏينديس، مون کي خبر آهي ته مُنهنجو پيار، محبوب منهنجو ناهي، مان ڄاڻان ٿي تون مُنهنجو نٿو ٿي سگهين، مونکي خبر آهي ته توکي مون سان اهڙو پيار ناهي جهڙو سچو عشق مون توسان ڪيو آهي، تون تصور به نٿو ڪري سگهين، مُنهنجي محبت جي گهرائي ۽ انتها جو. مريم ڏاڍو جذبات ۾ اچي چوڻ شروع ڪيو. مُنهنجو زنده رهڻ جو صرف هڪڙو طريقو آهي، ۽ اهو تنهنجي وس آهي، تون چاهين ته مان زنده رهي سگهان ٿي، تون مُنهنجي ٿوري مدد ڪندين ته مان بچي وينديس، مان توکان ڪا به وڏي قرباني ڪونه ٿي گُهران. مان توکي ڪو نه ٿي چوان ته مونکي ڀڄائي کڻي هل، مون ساڻ ڪورٽ مئرج ڪر، نه هرگز نه، مان بلڪل ڪو نه ٿي چاهيان تون پنهنجي مائٽن ۽ پيارن کي ڇڏ، مونکي خبر آهي تنهنجي مڱڻي ٿيل آهي، تون ٻي ڪنهن جي امانت آهين، مان توکي انهن کان جدا نٿي ڪرڻ چاهيان، بس ٿوري مدد ٿي طلبيان، هڪ معمولي ڪم لاءِ، مُنهنجي ننڍڙي خواهش پوري ڪندين ته شايد مان بچي پوان، شايد مُنهنجي زندهه رهڻ جو جواز ٿي وڃي. مان صرف توکان چند لمحا ٿي گُهران، پيار جون ٿوريون گهڙيون مُنهنجي جهول ۾ وجهي ڇڏ، مون جنهن زندگي ڀرجي محبت جي تمنا ڪئي هُئي، عشق جي آرزو مون ڪئي سالن کان توسان وابسته ڪئي هُئي، پنهنجي محبوب سان ملاپ جي، هميشه لاءِ ملي هڪ ٿي وڃڻ جي خواهش ڪئي هئي، انجا هاڻ صرف چند لمحا، ان مُحبت جي چند گهڙين جي خيرات ٿي توکان گهران، آئون توکي هٿ ٿي ٻڌان مُنهنجي مدد ڪر، مون اڄ تائين توکان ڪجهه ڪو نه طلبيو آهي. مان حيران ۽ پريشان، هُنکي پيو ڏسان. مريم جي عجيب حالت هُئي، جذبات جي انتها ۾ هوءِ ڳالهائيندي رهي، هنجي حالت ڏسي مونکي ڊپ ٿيڻ لڳو. هن چيو مُنهنجي تمام ترحسين خوابن، خيالن ۽ تصورن ۾ تون رهيو آهين، ٻن ٽن سالن ۾، منهنجي دل و دماغ ۾ تون رهيو آهين، تو ساڻ هي مُنهنجيون سڀ خوشيون، خواهشون رنگينيون وابسته رهيون آهن، مُنهنجي نس نس ۾ تون رهيو آهين، ته پوءِ ٻُڌائي مُنهنجا محوب آئون آئينده زندگي توکان سواءِ ڪيئن گذارينديس؟ ان کان ته بهتر موت آهي... مون کي مرڻ کان بچائي مُنهنجا يار، مان مرڻ نٿي چاهيان، مونکي زندگي ڏي، مونکي پيار ڏي... هوءِ روئندي ۽ مونکي منٿون ڪندي رهي، هنجيون اکيون ۽ چهرو ڳاڙهو لال ٿي ويو هو، مونکي ٻانهن کان جهلي ڌونڌاڙي چوڻ لڳي ”گُل مون توکان ڪڏهين ڪجهه ڪونه گهريو آهي، بس صرف چند گهڙيون پيار جون، جن جي سهاري، جن جي سهاني يادن ۾ باقي زندگي گذاري سگهان.“ منهنجي اکين ۾ اکيون وجهي مونکي جهنجهوڙِ چيائين، ڇا تون مون لاءِ ايترو به ڪو نه ڪندين؟، ٻُڌائي گُل تون منهنجي زندگي لاءِ ايترو به ڪو نه ڪندين؟...
    آئون حيران پريشان، هنجي فيصلا ڪن سوال ۽ جذباتي انداز مون کي ڊيڄاري ڇڏيو، مون ٻنهي هٿن سان هُنجو چهرو جهلي اورتي ڪيو اول هُنجي چمڪندڙ پيشاني کي، لڙڪن سان بنل ڳاڙهين اکين کي گلابي ڳلن کي ۽ پوءِ ڀاڪر ۾ ڀَري لرزندڙ گرم چپن کي چميو، ڪُجهه چوڻ يا ڳالهائڻ لاءِ لفظ به ڪو نه هوا، هوءِ مونکي چمبڙي وئي، پيار ڪرڻ لڳي، جذباتن جا ڀنڀٽ ڀڙڪڻ لڳا، عشق جو آتش فشان ڄڻ ڦاٽي پيو. جواني جا جوش و جذبا، مُحبت جا مينهن وسڻ لڳا، پيار جون ٿڌيون مٺيون هوائون ڳهلڻ لڳيون. مريم جي هر حرڪت مان ايئن ٿي لڳو، جهڙوڪر عشق جي عبادت ڪري رهي آهي، پنهنجي مجازي خدا جي عبادت ڪري رهي آهي. ٻن ڪلاڪن تائين ڪو به هوش ڪو نه هو، سواءِ سرور ۽ سرشاري جي.
    اهي ٻه ٽي ڪلاڪ اسانجي زندگيء جا يادگار بڻجي ويا. جڏهين اسان هوش ۾ آياسين، تڏهين مونکي شرم ساري ٿيڻ ۽ پريشاني ٿيڻ لڳي، مريم جي اکين ۾ نه پيو ڏسي سگهان. پر مون ڏٺو ته هوءِ بيفڪر، خوش بلڪ هشاش بشاش هُئي. هُوءَ تازي ٽڙيل گُل وانگر ٽڙي پئي هُئي، مسڪرائي رهي هُئي. تڏهين مون چيو، اخلاقي طور اهو درست ناهي، مونکي توسان ائين نه ڪرڻ گهرجي ها، مريم ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳي، مان حيران ٿي هنکي پيو ڏسان، تڏهين هن پنجابي ۾ چيو ”اوتسي نه گهٻرائو مُنڊيا، تواڊا قصور نهين.“ وري کلڻ لڳي، چيائين ميري يار تو فڪر نه ڪر، تو ڪو گُناهه ڪو نه ڪيو آهي، جيڪو ڪجهه ٿيو، مُنهنجي مرضي ۽ خواهش سان ٿيو آهي، مون توسان پيار ڪيو، توکي زوري پاڻ ڏانهن متوجه ڪيو، هميشه لاءِ نه ته به چند گهڙين لاءِ مون توکي ماڻيو آهي، پنهنجي خواهش مُطابق مان توکي ڪو به ڏوهه نٿي ڏيان، ۽ نه ئي تنهنجي لاءِ ڪو مسئلو بڻجنديس... مون چيو، مريم تون شريف خاندان جي معصوم ۽ نيڪ ڇوڪري آهين، تنهنجي زندگي جو سوال آهي، سڀاڻ تنهنجي لاءِ ڪو مسئلو، خدا نه ڪري پيدا ٿيو ته انجو ذميوار، تنهنجو مجرم مان هوندس، مريم لاپرواهي سان چيو نه نه ڪو مسئلو نه ٿيندو، تون اطمينان رک، تنهنجي گلي ۾ ڪا به فلم نه پوندي. بس هاڻ وساري ڇڏ ان ڳالهه کي، مان ته پاڻ تنهنجي شڪر گذار آهيان، ڇڏ ان ڳالهه کي مونکي ڏاڍي بُک لڳي آهي، بابا کي چئو ماني کڻي اچي. پوءِ اسان ماني کاڌي آخر ۾ وري پيار ڪيو ۽ پوءِ موڪلايوسين. واپس ايندي مون هنکي سمجهايو ته ٿورو صبر ۽ عقل کان ڪم وٺ، احتياط ڪر، گهر وارن کي شڪايت جو موقعو نه ڏي. هن مون سان واعدو ڪيو ته ائين ڪندي پوءِ مون کي هن کي سندس ماسيءِ جي گهر ويجهو ڇڏيو، بُرقعي جي ڪاري نقاب مان، هن جنهن الوداعي نظرن سان مون کي ڏٺو، حسرت ڀريل پيار جي آخري نگاهن ۾ ڪيئي معنائون مونکي محسوس ٿيون، هوءِ هلي وئي ۽ هميشه لاءِ هلي وئي، اها سان جي آخري ملاقات ثابت ٿي، وري مون هن کي ڪو نه ڏٺو.. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مون ڏٺو هنن جي گهر کي تالو لڳل هو، ڪجهه وقت کان پوءِ ٻيا گهر ڀاتي ته اچي ويا پر مريم ڪو نه هُئي، اُها دري هميشه لاءِ بند ٿي وئي هُئي. جڏهين به مُنهنجي نظر ان بند دري تي پوندي هُئي مريم ياد ايندي هُئي. مون ٻڌو هو ته پنجابڻ جو پيار سچو هوندو آهي، مريم سان ملڻ کان پوءِ پڪ ٿي وئي ته واقعي پنجابڻ جو پيار سچو هو. وقت گذرندو ويو، منهنجي شادي ٿي وئي، ٻار ٿيا، ٽائيم فوٽوز کان سارنگ فوٽوز تائين جو پنج سال سفر به گذري ويو. هڪ ڏينهن مان سارنگ اسٽوڊيو تي ويٺو هُئس ته ٽپالي هڪ لفافو ڏئي ويو. جيڪو ڪافي ٿلهو، کولي ڏٺم ته ان ۾ هڪ ڊگهو خط ۽ هڪ تصوير هُئي، مون هيٺان نالو پڙهيو لکيل هو، مريم ڀٽ ڏسي آئون حيران ٿيس. ان پنجن سالن ۾ مونکي تجُسس هو، بلڪ فڪر هو ته، مريم جو خبر ناهي ڇا ٿيو، هوءِ ڪٿي آهي، ڪيئن آهي ڪا به خبر نه پئي هُئي. خط اردو ۾ هو، جنهن جو ترجمو سنڌي ۾ هيئن هو:
    منهنجا پيارا گُل، اميد ته تون خوش هوندين، ڪيئي سالن بعد مُنهنجو خط ڏسي حيران ٿيو هوندين، يقينن تو مونکي وساري ڇڏيو هوندو پر مون توکي ڪو نه وساريو آهي، ۽ نه وساري سگهان ٿي، وساري ڪيئن ٿي سگهان جو تون ته مون وٽ موجود آهين، هميشه لاءِ مون وٽ آهين، ڪيترا ڀيرا خيال آيو توکي خط لکڻ جو پرائڊريس ڪو نه هُئي، پاڻ جي آخري ملاقات کان پوءِ جي حالات ۽ واقعات کان توکي آگاهه ڪريان، پر مجبور هُئس، پنج سال مان سرگوده ۾ هُئس، هاڻ اسان لڏي حيدرآباد اچي ويا آهيون. مونکي پنهنجي خاله جي ڌيءَ جيڪا مُنهنجي رازدان سهيلي هُئي، ان کان تنهنجي معلومات ملي، ته خبر پئي تون فوٽوگرافر بڻجي ويو آهين، تنهنجو سارنگ اسٽوڊيو انهي پاڻ جي گهر واري روڊ تي آهي، پهرين مون سوچيو توسان ملاقات ڪريان پر پوءِ حالتون مُنهنجي لاءِ به سازگار نه هُيون، ۽ مان توهانکي به پريشان نٿي ڪرڻ چاهيان، مان صرف انهن واقعات کان ۽ هڪ حقيقت کان توهانکي آگاهه ڪرڻ ضروري ٿي سمجهان، ان ڪري خط جو سهارو پئي وٺان.
    اُن ڏينهن، پاڻ جي زندگي جي يادگار تاريخي مُلاقات کان پوءِ مان گهر پهتس ته وڏو هنگامو برپا هو، بابا کي شق هو ته مان توسان ملي آهيان، هن مونکي ٻه ٽي ڌڪ هنيا، امان وچ ۾ پئي مونکي بچايو، ورنه بابا منهنجو گلو دٻائي مارڻ ٿي چاهيو، تمام غصي ۾، گهڻو ڪجهه چوندو بابا گهر مان نڪري ويو. ٻي ڏينهن کان تياريون شروع ٿيون، بابا پنجاب ۾ فونون ڪندو رهيو، هفتي اندر ئي هڪ اونداهي رات جو ٽين بجي، ٽانگي ۾ چڙهي اسٽيشن پهتاسين، ٽرين ۾ سوار ٿي روانه ٿيا سين، گاڏي هلڻ لڳي تڏهين مونکي ائين محسوس ٿيو، آئون پنهنجي حسين بچپن، الڙ جواني، پنهنجي محبوب ۽ محبت کان هميشه لاءِ زبردستي جُدا ڪئي پئي وڃان، مُنهنجي اکين ۾ آب ڀرجي آيو، خير اسين اول لاهور آياسين، چاچا جي گهر،بابا فونن تي پروگرام پڪو ڪيو، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ، اٺ ڏهه ماڻهو سرگودا مان آيا، هڪ چاليهه ساله ماڻهوءِ سان منهنجو نڪاح پڙهايو ويو، امان مونکي ميندي لڳائي. ڳاڙهو وڳو پارايو، تمام سادگي سان مونکي رخصت ڪيو ويو، منهنجي شادي ائين ٿيندي مون ڪڏهن ڪو نه سوچيو هو. مُنهنجي مڙس جو نالو صديق ڀٽ آهي، فطري طور هو چڱو ماڻهو آهي، ظاهر آهي مان خوش ڪو نه هُئس، اداس ۽ پريشان هيس، شايد بابا وارن هنکي ڪجهه ٻڌايو هو، مهينو کن مان سخت پريشان ۽ ڏک ۾ هُئس، مرد کي ويجهو ڪو نه اچڻ ڏنم ۽ هن به مون سان ڪا به زور زبردستي ڪو نه ڪئي، پيار ۽ نرمائي سان پيش ايندو هو، مان اڪثر اڪيلائي ۾ روئندي هُيس، مونکي اداس ڏسي هو به پريشان ٿيندو هو. تقريبن مهيني ڏيڍ کان پوءِ، جڏهين مونکي پڪ ٿي وئي ته مُنهنجي محبوب جي نشاني، بلڪ خود مُنهنجو محبوب منهنجي وجود ۾ مَنهنجي روح ۾ سمائجي چڪو آهي. منهنجو پيار هميشه لاءِ مونکي ملي ويو آهي، تڏهين مونکي دلي ۽ روحاني خوشي ۽ اطمينان ٿيو، مونکي عجيب قسم جو سڪون بلڪ سرور ملي ويو. پوءِ مون فيصلو ڪيو ته، هاڻ باقي زندگي پاڻ ٻنهي جي هن تخليق سان محبت ڪندي گذارينديس، اُن کان پوءِ پنهنجو جسم مُڙس جي حوالي ڪيم، روح کان سواءِ مٽيءِ جو ڀوتو هنجي سپرد ڪيم... خير شادي جي اٺين مهيني تون مونکي واپس ملي وئين. مون هُنجو نالو گُل رکيو، منهنجو مڙس انکي گل محمد چوندو آهي. هن وقت چئن پنجن سالن جو آهي، سڄو تو جهڙو آهي، نڪ نقشو ۽ قد ۾ به ڊگهو ٿيندو وڃي. زماني مون کان مُنهنجو محبوب کسي ورتو هو پر مون وري اُنکي حاصل ڪري ورتو آهي، هاڻ مونکا ڪير به ڦري نٿو سگهي.
    پيارا گُل، توکي اها حقيقت ٻڌائڻي هُئي ته، هي ننڍڙو گُل، تنهنجو ۽ منهنجو پُٽ آهي، پاڻ ٻنهي جو گُل آهي، تصوير موڪلي اٿم ڏس سڄو تو جهڙو آهي. خدا حافظ، هميشه خوش رهو.
    خط پڙهي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو، دل کي سڪون ملي ويو، سالن جو تجُسس ۽ فڪر ختم ٿي ويو. مون فيصلو ڪيو ته هُنجي تلاش، يا ملڻ جي ڪوشش هرگز ڪو نه ڪندس.


    ”علم و ادب سان عشق“

    ”علم و ادب سان عشق“

    1967ع ۾ منهنجو مڱڻو ٿيو هو، مهيني ڏيڍ ۾ هڪ چڪر تلهار ويندو هُئس، اڪثر منهنجو پيارو دوست سليم ۽ عاشق علي به هلندا هُئا، نُور احمد سان مائٽي کان وڌ دوستي ٿي وئي هُئي، اسان هن وٽ ترسندا هُئاسين، نور احمد حيدرآباد ايندو هو، تڏهين به اسان ٽئي گڏ هوندا هُئاسين، نور احمد جيئن ته اسان کان پنج ست سال سينيئر هو ۽ اڳ ئي علم ادب جو رسيا هو، ڪتاب ۽ رساله پڙهندو هو، اُن اسان کي به ڪتاب پڙهائڻ شروع ڪيا، تلهار ۾ نور احمد جي دوستن سان واقفيت ٿي، جيڪي سڀ سڄاڻ ۽ باذوق هُئا، نور احمد جو بچپن جو دوست حميد جعفري جيڪو خوبصورت نازڪ ۽ نفيس جوان هو، ٻيو سيد عسڪري رضه زيدي جيڪو مهاجر هو، پر ننڍپڻ کان تلهار ۾ رهيو ۽ پڙهيو هو. ان ڪري صاف سنڌي ڳالهائيندو هو، نبي بخش ڪلهوڙو، امداد خواجه، عزيز خواجه انور علي، پريتم پنجواڻي، ذوالفقار خواجه وغيره هُئا، جن سان تلهار ۾ ملاقاتون ۽ ڪچهريون ٿينديون هيون، نور احمد ۽ حميد وارا دوست تلهار ۾ ڳچ عرصي کان قومي علمي ادبي سرگرمين ۾ مصروف رهيا. دوستن ٻڌايو ته ڪجهه وقت اڳ هنن سائين جي ايم سيد جو تلهار شهر ۾ زبردست استقبال ۽ جلسو ڪرايو هو. ان کان اڳ مُحترم ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي به تلهار آيو هو.
    اُن دور ۾ ادا نور احمد وارن جي ممتاز رائس مل ۽ برف جو ڪارخانو به هو، جيڪو نور احمد پاڻ سنڀاليندو هو، ۽ اسان دوستن جون ڪچهريون به اُتي ٿينديون هيون. اُتي نور احمد وارن جو هڪ ملازم هو نور الله خواجه جيڪو تلهار جو مڃيل چرچائي هو، موقعي جي مناسبت سان اهڙو چرچو هڻندو هو جو سڀ کل ۾ ٻُڏي ويندا هئا... ڪڏهين وري پنڌ نڪرندا هُئاسين، ريلوي اسٽيشن تان، پٽڙي تي هلندا ڪچهري ۽ کل ڀوڳ ڪندا، ميرواهه تائين ويندا هئاسين، سج لٿي واپس ورندا هئاسين، تلهار ۾ هڪ ٻي تفريحي جاءِ، گوني، ڪناري لُطف علي شاهه جي درگاهه آهي جيڪا وڏن وڏن وڻن سان مڪمل ڍڪيل آهي، ڀرسان ڦليلي جنهن کي گوني به چوندا آهن، تارو تار وهندي هئي. ڀَڙ، نم، ٻٻر، پپر، گدامري ۽ کجين جا وڏا ۽ گهاٽا وڻ گونيءَ جي ڪنارن تي هوندا هئا ۽ ايترا ته گهاٽا هئا، جو اُس جو ذرو به هيٺ نٿي آيو. اُتي تمام گهڻي ٿڌڪار ۽ فرحت وارو ماحول هوندو هو. لطف علي شاهه تي هڪ تمام پُراڻو تاريخي ڀڙ جو وڻ آهي، جيڪو پري تائين ڦهليل آهي، هن جو ٿُڙهه پنجاهه سٺ فٽن جو آهي، چون ٿا هڪ هزار سال پُراڻو آهي. لُطف علي سان لڳ منهنجي سُهري جي پنج ايڪڙ زمين آهي، جتي نار ۾ اُٺ هلندو رهندو هو. تلهار ۾ اسان جون ڪچهريون نور احمد جي گهر واري اوطاق ۾ ٿينديون هيون. اهم ڳالهه اها ته سڀ دوست پڙهيل ذهين، ترقي پسند سوچ جا مالڪ هُئا، اسان جا موضوع علمي، ادبي، قومي سياسي ۽ سائنسي هوندا هئا، دوست هر ڳالهه دليل ۽ منطق سان ڪندا تجزيه تعميري ۽ معلوماتي هوندا هُئا، جن مان اسان به گهڻو ڪُجهه پرايو. اُن ئي دور ۾، حيدرآباد جي بسنت هال ۾ تاريخي جشن بزم روح رهاڻ ٿيو هو، جيڪو ٽي ڏينهن هليو هو، اسان سڀ دوست اُن ۾ جوش جذبي سان شريڪ ٿيا هُئاسين، سچ اهو آهي ته بسنت هال جو جيش بزم روح رهاڻ، اسان جي زندگي جو ٽرننگ پائينٽ هو. قوم وطن ۽ انسانيت جا ٻج اسان جي دلين و دماغن ۾ هتي ڇٽيا هُئا، ان جشن روح رهاڻ ۾ اسان پهريون ڀيرو پنهنجن عالمن، اديبن، قومي عوامي شاعرن، دانشورن ۽ فنڪارن کي ٻُڌو ۽ ڏٺو، خاص طور شيخ اياز جو انقلابي ڪلام، رسول بخش پليجي جي شعلا بياني، حفيظ قريشي جون دل پذير ڳالهيون، امداد حُسيني، نياز همايوني، اُستاد بخاري جي شاعري ۽ رهنمائن جون تقريرون ٻُڌي، اسان جي دماغن جا ڪپاٽ کُلي ويا هُئا. خاص طور تي شيخ اياز جو تاريخي گيت، فقير عبدالغفور جي آواز ۾، ”سنڌڙي کي سر ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميار او يار“ ان ڪلام اسان نوجوانن جي دلين ۾ قوم پرستي جا ڀنڀٽ ڀڙڪائي ڇڏيا هُئا. شيخ اياز جڏهين پنهنجو ڪلام پنهنجي زباني ٻُڌايو، ”اڄ نار وانگر ڇال ڏئي تون آءُ پهاڙي پاڇي ۾، تون گوليون هيٺ هلائي ڏس، ۽ ٺاٺا ٺاٺا جي سُرتي ڳُڻ آزادي جا ڳائي ڏس“ ته اسان جي جسم جا وار اُبا ٿي ويا هُئا، ۽ سڄو هال جيئي سنڌ جي نعرن سان گونجڻ لڳو هو. ان جشن روح رهاڻ سڄي سنڌ ۾ قوم پرستي جي وڏي سُنامي آڻي ڇڏي هُئي. ان عمل ۾ اسانجن عالمن اديبن ۽ شاعرن جو زبردست ڪردار رهيو هو. اسانجو گروپ شيخ اياز جو مداح ۽ معتقد هو. نور احمد ۽ حميد ته اياز جا ديوانه عاشق هُئا، اهي ٻئي جڏهين ڪنهن ڳالهه جو يقين ڏيارڻ لاءِ قسم کڻندا هئا ته چوندا، يار شيخ اياز جو قسم، هي ڳالهه سهي آهي، خُدا جو قسم کڻڻ بجاءِ اياز جو قسم کڻندا هُئا. سڄي سنڌ ۾ ڪٿي به ڪنهن به شهر ۾ شيخ اياز جو پروگرام ٿيندو هو ته اسان سڀ سموري سنگت سميت ضرور شريڪ ٿيندا هئاسين. حيدرآباد جي بسنت هال واري جشن روح رهاڻ کان پوءِ، ڪُجهه عرصي بُعد، نور احمد، حميد وارن پروگرام ٺاهيو ته تلهار ۾، بزم روح رهاڻ جي برانچ آفيس کولجي، ان جو افتتاح، حميد سنڌي ۽ اديبن کان ڪرائجي، ۽ اُن ڏينهن لاڙ جي عظيم عوامي شاعر، مُفڪر ۽ اُستاد مُحترم، ”مرحوم محمد صديق مسافر“ جي ورسي به ملهائجي جنهن ۾ سنڌ جي عالمن اديبن شاعرن کي دعوت ڏئي گهرائجي.
    بزم روح رهاڻ جي برانچ آفيس جو انتظام ڪيو ويو ۽ بيدم خواجه واري اوطاق تي ورسي جو پروگرام ڪيو ويو، جنهن ۾ بزم روح رهاڻ جو روح روان محترم حميد سنڌي، جناب رسول بخش پليجو، نياز همايوني، عبدالرحمان نقاش، پروانو ڀٽي ۽ مُقامي اديبن ۽ شاعرن کانسواءِ وڏي تعداد ۾ شهر جا ادب دوست پڻ شريڪ ٿيا. اسان به شامل هُئاسين ۽ ڏاڍا زوردار جيئي سنڌ جا نعرا هنيا هُئاسين، محترم پليجي صاحب جي دُهوان دار تقرير اصل وڻ وڄائي ڇڏيا، بي اختيار زبردست نعرا ماڻهن هنيا هُئا. ان جلسي جي ڪمپئرنگ تلهار جي هونهار، پُرجوش ۽ ذهين نوجوان، جناب عزيز خواجه مرحوم ڪئي هُئي ۽ ايڏي ته شاندار ڪمپيئرنگ ڪئي، اياز، شاهه لطيف ۽ محمد صديق مسافر جا بهترين شعر پڙهيا جو آخر ۾ پليجي صاحب خاص طور تي عزيز خواجه کي شاباس ڏني ۽ تعريف ڪئي هُئي. افسوس جو هي اعليٰ تعليم يافته باصلاحيت نوجوان، نوخيزي ۾، هڪ حادثي ۾ گذاري ويو. ياد رهي ته عزيز خواجه، اسان جي دوست حميد جعفري جو ننڍو ڀاءُ هو. بهرحال، محمد صديق مسافر جي ان ورسي ۾ مرحوم عزيز خواجه پنهنجي شعر جون هي مصراعون اسٽيج تان پڙهيون ته واهه واهه ٿي وئي،
    ”زاهد تون ڀلي دير ۽ ڪعبي جي پڇا ڪر
    منهنجو ته فقط دين ۽ ايمان مسافر“
    مارشلا، ايوب خان، 65 واري جنگ، ايوب خان خلاف ذوالفقار علي ڀُٽو جي تحريڪ، ايوب ڪُتا هائي هائي جا نعرا، يحييٰ خان جو اچڻ، 70 ۾ اليڪشن، پهريون ڀيرو عوام کي حق رائي دهي جو ملڻ، هتان مغربي پاڪستان مان ڀٽو جو کٽڻ، مشرقي پاڪستان مان مجيب جي ڪاميابي، يحييٰ خان ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ڳٺ جوڙ، بنگال جي اڪثريت کي قبول نه ڪرڻ، اقتدار مُجيب الرحمان کي مُنتقل نه ڪرڻ، سگهارين قوتن جون سازشون، مشرقي پاڪستان ۾ خوني آپريشن، جنرل ٽڪا خان جي ڪمان ۽ اُن جو تاريخي ظلمانه جملو، ”اسان کي بنگالي عوام نه گُهرجي بنگال جي زمين کپي،“ بنگالي عوام جو تاريخي ڪوس، خانه جنگي ۽ پوءِ انڊيا جي مُداخلت، زبردست جنگ ۽ پوءِ پاڪستاني فوج جي شڪست، 90 هزار مسلم فوج جو هندو جنرل اروڙا جي اڳيان پيش پوڻ ۽ هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو شرمناڪ عمل به ڏٺوسين... ان سڄي دور ۾ اسان ملندا رهياسين، تلهار ۾ زياده وقت هئاسين. مون کي ياد آهي ته تلهار ۾ نور احمد واري اوطاق ۾ شام کان ڪچهري شروع ٿيندي هُئي، پوءِ رات جو دير تائين سڀ دوست، بي بي سي، وائس آف آمريڪا ۽ انڊيا جون خبرون ٻُڌندا هُئاسين، خاص ڪري بي بي سي جي هندي ۽ اردو پروگرام سيربين جو انتظار ڪندا هُئاسين، پوءِ جڏهن خبرون شڙوع ٿينديون، سڀ هم تن گوش هوندا هُئا، جنگ جاري هُئي، هتي مغربي پاڪستان ۾ به حملا شروع هُئا. هوائي حملا به جاري هُئا اسان به اوطاق جي شيشن تي ڪارا ڪاغذ لڳايا هُئا، لالٽن جي روشني ۾ اسان جا ان صورتحال تي تبصرا، تجزيه ٿيندا هُئا. اسان جون همدرديون ظاهر آهي. مظلوم بنگالين سان هيون، ٽڪا خان جي آپريشن جي سخت خلاف هُئاسين، بنگال سان ظلم ٿي رهيو هو. مجيب الرحمان جي ڪاميابي کان پوءِ بجاءِ اقتدار ڏيڻ جي، ان کي جيل ۾ وجهي، بنگالين جو قتل عام شروع ڪيو ويو هو. اُن وقت اسانکي سخت تڪليف ۽ پريشاني ٿيندي هُئي جڏهين فوج، معصوم ۽ بيگناهه عوام جو ڪوس ڪندي هُئي.
    تلهار ۾ حميد وارن ۽ ٻين دوستن سان، سنجيده ڪچهريون ته ٿينديون هيون، پر ڪُجهه اسان چند مخصوص دوستن جون نجي رهاڻيون به ٿينديون هيون. جن ۾ کل ڀوڳ چرچه ۽ هڪ ٻي کي ٽارگيٽ بڻائي مزو وٺڻ به شامل هو. نور احمد، عاشق علي، سليم حميد امداد ۽ مان، اهي مُستقل هُئا، باقي ڪڏهين ڇوٽو، عسڪري يا ڊاڪٽر قاسم وارا به جهڙپ ۾ اچي ويندا هُئا. انهي محفل جو خاص آئٽم هوندو هو، ٽارگيٽ بنائڻ، يا بڻجن“ ڪنهن دوست جي ڪا ڪمزوري، خامي يا غلطي جهلي پوءِ سڀ گڏجي ان کي ڊپريس ڪرڻ، ان ڪمزوري، خامي يا غلطي کي جهلي ان کي وڏو ڊگهو ڪري ننڍي ڳالهه کي وڏو، شيطلن جي آنڊي وانگر ڇڪي وڏو ڪري دوست کي پريشان ۽ حيران ڪري ڇڏڻ، اُنکي بيوقوف بڻائي عجيب عجيب حرقتون ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏڻ ۽ پوءِ ان صورتحال مان مزو وٺڻ ۽ ٽهڪ ڏيڻ شامل هوندو هو. نور احمد ۽ عاشق علي ٽارگيٽ بڻائڻ جا ماهر هئا. گهڻو ڪري اهي ٻئي مِلي اسان کي ٽارگيٽ بڻائيندا هئا... مثلن نور احمد چوندو يار گُلان اڄ ڪجهه سُست پيو لڳين ٺيڪ ته آهين، مان چوندس، مان بلڪل ٺيڪ آهيان، ڪُجهه ڪونهي ٻه منٽ ترسي وري عاشق علي چوندو، يار تنهنجي طبعيت خراب پئي لڳي، ڪمزور پيو لڳين، ڇا بخار ته ڪونهي، اتي مان چوندس ته يار ڪجهه ڪونهي بس ٿوري سُستي آهي، وري تمام پيار ۽ همدردي سان نور احمد چوندو، يار گُلان طبعيت ٺيڪ ناهي ته ڊاڪٽر کي ڏيکاريون، مان چوندس ته نه يار ڪجهه ڪونهي بس ٿورو مٿو ڳرو آهي، ننڊ گهٽ ڪئي اٿم، ان ڪري سُستي آهي، ٿوري دير رکي وري ٻيو چوندو يار تون سڄو پيلو پيلو پيو لڳين، تنهنجا هٿ به پيا ڏڪن، لڳي ٿو بخار آهي، ڏس توکي پسينو به پيو نڪري. اُتي گُلان کي به کٽڪا ٿيندا، پر يار گذريل هفتي بيمار هوس نه ان ڪري ٿوري ڪمزوري آهي، ڪالهه کان نزلو به آهي، بس گوري کائيندس ته ٺيڪ ٿي ويندس، سو اهڙي طرح هڪ بلڪل ٺيڪ ماڻهوءِ کي بيمار بڻائي پوءِ سڀ کلندا ۽ مزو وٺندا هئاسين... هڪ ڀيرو اسان جو دوست قاسم علي، جيڪو پوءِ ڊاڪٽر ٿيو، اهو اچي ڦاٿو، تلهار ۾، نور احمد واري ماڙي تي اونداهي رات هجي اسان ڪچهري پئي ڪئي، ڳالهيون جنن ڀوتن جون ٿي هليون، ڊپ ۽ خوف جا واقعا پي ٻُڌايا، قاسم مڙئي وڌيڪ پيو حيران ٿئي، ته نور احمد چيو يار اسانجي هن ماڙي تي به اثر آهي. خاص طور تي اُهو ڪُنڊ وارو ڪمرو، اُن ۾ عجيب مخلوق ڏسڻ ۾ ايندي آهي، ڪڏهين ته عجيب واقعا ٿيندا آهن، اسان ان ڪمري کي بند ڪري ڇڏيو آهي. قاسم سوڙهو سوڙهو پيو ٿئي، پريان ڪنڊ ۾ غور سان پيو ڏسي وري نور احمد چيو يار ڪيترا ڀيرا اسان عجيب لقاءُ ڏٺا آهن، ڪيڏي مهل ڪنهن عورت جي روئڻ جو آواز ايندو آهي، ڪيڏي مهل اونداهي ۾ ڪا مخلوق، پاڇن وانگر هلندي بند دروازي مان اندر ڪمري ۾ هلي ايندي آهي. نور احمد چيو يار هڪڙي ڏينهن ٻار حيدرآباد هئا، آئون اڪيلو هن پاسي کٽ تي سُتس، صبُح جو اٿي ڏسان ته کٽ پريان هن ڪنڊ ۾ پئي هجي، مطلب ته همرائن اهڙو خوفناڪ ماحول ٺاهيو جو قاسم سڄو ڊپ ۾ وٺجي ويو، پاسي کان اُٿي سڀني جي وچ ۾ ٿي ويٺو، آخر ۾ پيشاب پاڻي لاءِ به ڪو نه اُٿيو. سڀني جي وچ ۾ کٽ تي سُتو، اهو گرمي ۾ به چادر سان پاڻ کي ڍڪي جيئن سُتو ته وري صُبح جو اُٿيو. ٽارگيٽ بڻائڻ جو اهو سلسلو اتان شروع ٿيو هو، جيڪو پوءِ حيدرآباد ۾ نانگا هائوس تائين پهتو ۽ پنهنجا نوان رنگ ڍنگ ۽ انداز بدلائيندو وڌيڪ دلچسپ ۽ مزيدار ٿيندو ويو. ان جو مزيد ذڪر نانگا هائوس واري حصي ۾ بيان ٿيندو. فل حال اڳتي ٿا هلون.


    ”منهنجي شادي ۽ نئين زندگي جي شروعات“

    ”منهنجي شادي ۽ نئين زندگي جي شروعات“

    1970ع ۾ منهنجي ٻن ڀينرن جي شادي ٿي. ان کانپوءِ 1972ع ۾ منهنجي شادي ٿي، 7 مئي شام جو ڄڃ هڪ بس ۽ ٻه ٽي ڪارن تي مشتمل تلهار پهتي، ڄڃ نور احمد وارن جي گهر لٿي، مردن لاءِ هڪ جُدا جاءِ برابر ۾ هئي، جتي منهنجا دوست هُل هنگامو ، راڳ رنگ مچايو ويٺا هُئا، شام جو عورتون ڪُنوار کي ونواهه ويهاري آيون ۽ رات جو مونکي وناءُ ويهاريو ويو ۽ پوءِ نور احمد وارن جي وڏي شاهي اڱڻ ۾ ڊانس راڳ رنگ ٿيا، عورتون راسوڙا ڳائينديون رهيون ته ڇوڪرن ڏانڍين جو دور هلايو.چانهه، ڪافي، ڪيڪ جا دور به هلندا رهيا،رات جو دير تائين اها محفل هلي... ٻي ڏينهن 8 مئي نڪاح ٿيو. تلهار جماعت خاني ۾، اُتي ئي ماني جو انتظام به هو، پوءِ لائون ٿيون ۽ شام جو رخصتي.
    مُنهنجي شادي جو اهو سڄو انتظام، نور احمد ۽ امداد تمام شاندار نموني ڪيو هو، ماني به بهترين هُئي سڀني واهه واهه ڪئي هئي.
    سهاڳ رات، ڪنوار کي مُنهنجي ڀينرن ۽ ان جي سهيلين تيار ڪيو هو، ان وقت اڃا بيوٽي پالر جو رواج ڪو نه هو، منهنجي دوستن ۽ سليم چيو ته هڪ اڌ پيگ پي وڃ، پر مون چيو نه يار، اڄوڪي مقدس رات فطري انداز ۾ ملهائڻ گهرجي، اٽڪل يارهين بجي مان ڪمري ۾ داخل ٿيس، ته رضيه، منهنجي ڪنوار ڳاڙهي لباس ۾ گهونگٽ ڪڍيو ويٺل هُئي، مون گهونگٽ مٿي ڪري هنجي حُسن جي تعريف ڪئي، سون جي چين تحفي ۾ پارائي، ٻنهي هٿن سان هن جو مُنهن مٿي ڪري پيار جي پهرين چُمي ڏني... ابتدا ۾ ڪُجهه ڪنفيوز هؤس، پر پوءِ سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويو... شادي کان پوءِ جي چند هفتن جي منهنجي لکيل ڊائري جي ورقن تي، صرف چند جُملن ۾ صورتحال جو اظهار ڪجهه هن ريت آهي.
    12 مئي: ”پيار و محبت جي ٿڌين مٺين فضائن جا سيرپيو ڪريان.“
    15 مئي: ”حُسن و جمال جي جنت ۾ موجود آهيان.“
    22 مئي: ”لذت، فرحت ۽ سڪون جي دنيا ۾ گُم آهيان.“
    10 جون: ”زندگي جي خوبصورت، حسين ۽ رنگين دور مان پيو گُذران.“
    15 جون: ”آءٌ عشق و محبت جي انتهائن ۾ غرق آهيان.“
    22 جون: ”حسين زندگي جا اهڙا رنگ و روپ اڳ نه ڏٺا هُئا.“
    26 جون: ”دوستو مون کي ڇڏي ڏيو، ميار نه ڏيو، نه روڪيو، مونکي تنگ نه ڪريو، مان نئين دنيائن جا سير پيو ڪريان، مونکي قيد نه ڪريو.“
    ٻن ٽن مهينن تائين اهڙا ئي اظهار لکيل آهن. شادي واري موقعي سان، هڪ خوفناڪ واقعو به وابسته آهي. شادي جي فورن بعد، دل دهلائي ڇڏڻ وارو حادثو جنهن حيران ڪري ڇڏيو. ٿيو ڪجهه هيئن جو، شادي لاءِ اسان جي بارات نور احمد وارن جي وڏي گهر ۾ لٿي هئي، جتي هيٺ، وڏا وڏا ڪمرا، ڊگهو ورانڊو ۽ شاهي اڱڻ هو، اڱڻ جي اُڀرندي پاسي ڪاٺ جي خوبصورت ماڙي هُئي، جنهن ۾ نور احمد پاڻ ٻارن سان رهندو هو. شادي واري رات ۽ ڏينهن اسان ماڙي تي هُئاسين، رات جو چاليهه پنجاهه عورتون، مايون ۽ ڇوڪريون اُتي سُتا هُئا. خير رات گُذري، ٻي ڏينهن نڪاح ۽ رسمون رخصتي اسان واپس آياسين، ٻه ڏينهن گذريا، ٽي رات آدهي جو اوچتو اها ماڙي وڏي ڌماڪي سان ڊهي پئي، نور احمد ٻُڌايو اسان سڀ ماڙي تي سُتل هُئاسين، آدهي رات جو اوچتو ٺڪاءُ ٿيا، اسان سُجاڳ ٿياسين مزيد ٺڪا ٿيڻ ۽ ماڙي هڪ طرف جهُڪڻ لڳي، اسان هڪدم ٻارن کي کڻي هيٺ ڀڳاسين، اڃان چاڙهي لٿا ئي مس هئاسين، ته ماڙي وڏي ڌماڪي سان اچي پٽ پئي، ڌوڙ ۽ مٽيءَ جو بادل ڇانئجي ويو، اوڙو پاڙو گڏ ٿي ويو، ٻاهر وارن سمجهيو سڀ دٻجي ويا آهن، اُن ماڙي جي هيٺان به کٽن تي نور احمد جي والده ۽ ڀائر ستل هُئا، جيڪي پڻ شروعاتي ٺڪائڻ ۽ درين جي شيشن جي ٽُٽي ڪرڻ سان سجاڳ ٿي پاسي تي بيٺا مس ته ماڙي ڪري پئي.
    در اصل ڪاٺ جي ماڙي هجڻ ڪري هنن جو بچاءَ ٿيو هو، ڪاٺ جا داسا ۽ پلر جڏهين ٽُٽڻ لڳا ته ٺڪاءُ ٿيا، درين جا شيشا ٺڪائن سان ٽُٽڻ لڳا، جنهن سان سڀ سجاڳ ٿيا... حيرت جي ڳالهه اها هئي ته صرف ٻه ڏينهن اڳ، پنجاهه سئو ماڻهو ان ماڙي تي هئا، ايڏو اضافي وزن هو، اسانجو سڄو خاندان رات جو مٿي ستل هو، تڏهين ڪو نه ڪِري، ٻن ڏينهن بعد ڪِري پئي، رب جا ڪرم ٿيا جو اهڙي حادثي کان بچياسين. ڪنهن چيو ته اهو عجب اسرار ان ماڙي جو آهي، جو پنهنجن مڪينن کي هوشيار، سجاڳ ۽ بچاءَ ڪري پوءِ ڪِري آهي.
    بهرحال مُنهنجي شادي جي فورن بعد نور احمد جي ماڙي ڊهي پئي، ته هو ڪجهه مهينا ٻي جاءِ ۾ رهيا ۽ پوءِ هميشه لاءِ ٻارن سودو لڏي حيدرآباد اچي ويو، هيرآباد ۾ مسواڙ تي جاءِ ورتي ۽ گاڏي کاتي ۾ فوٽو اسٽيٽ جو دڪان کوليائين. جيڪو پوءِ عاشق علي هلائيندو هو، مُنهنجي شادي کي سال پورو ٿيو، اسان جي پهرين نياڻي ڄائي، جنهنجو نالو سنڌو رکڻ وقت، ڇوڪرين ۽ بابا اعتراض ڪيو ته سنڌو نالو درست ناهي، ٻيو ڪو نالو رکو، مثلن سُميرا وغيره، پر اسان ان وقت قومپرستي جي جذبن سان سرشار هئاسين، سنڌو نالو سليم تجويز ڪيو هو، ڇٺي جي رسم تيار هُئي، نالي تي بحث هلي رهيو هو ته اوڏي مهل، مُنهنجو پيارو دوست سليم گهر ۾ داخل ٿيو، انجي هٿ ۾ ڪيڪ هو، جنهن کي ٻنهي هٿن سان لوڏيندو، نچندو جهُومندو آيو، ڪيڪ کولي سڀن جي اڳيان ٽيبل تي رکيو، ته ان ڪيڪ مٿان وڏن اکرن ۾ سنڌو لکيل هو. سليم ڪيڪ مٿان ميڻ بتي ٻاري فيصلو ڪري ڇڏيو، هاڻ اعتراض جي گُنجائش ختم ٿي وئي. ڀينرن جي شادي ۽ منهنجي شادي کانپوءِ اسان جو آل ۽ اعيال وڌڻ لڳو. ڀينرون اينديون هيون ته ڪمرا گهٽ هجڻ ڪري پريشاني ٿيندي هُئي. ڀينرن بابا کي چيو ته گُلان کي جدا گهر وٺي ڏيو. حالانڪه نه ته بابا کي اهڙو خيال آيو هو ۽ نه منهنجو جدا ٿيڻ جو ارادو هو. پر پوءِ بابا ڇوڪرين جي ڳالهه مڃي. نور احمد به ڪنهن چنڱي جاءِ جي ڳولا ۾ هو. سو بابا هيرآباد ۾ هڪ اهڙي جاءِ ڳولهي هٿ ڪئي، جنهن جا ٻه حصا هئا. پهرين منزل تي هڪ طرف ٻه ڪمرا ۽ دالان وغيره هو، ۽ ٻي پاسي هڪ ڪمرو ننڍو اڱڻ ۽ بورچي خانو هو. نور احمد ٻن ڪمرن وارو پاسو جهليو ۽ مان هڪ ڪمري واري جاءِ ۾ رهيس، اسان جي مٿان کڏ تي وڏو مشترڪه اڱڻ هو، جنهن مٿان وڏو ڇپرو، اُس ۽ برسات کان بچاءُ جو هو، ۽ اسان جي ۽ دوستن جي ڪچهري لاءِ تمام مناسب ترين هو، اسان رات جو مٿي ئي سمهندا هئاسين، گرمين ۾ ته هيرآباد جون مست هوائون هلنديون هيون. سليم، عاشق علي، ڇوٽو حميد ۽ شيرو، ڪڏهين عسڪري ۽ امداد به ايندا هُئا ته رات جو دير تائين مٿي رهاڻ ٿيندي هئي. بابا مونکي جُدا ڪرڻ وقت، ڏاڏا واري روايت برقرار رکندي، فل حال ڏهه ايڪڙ زمين به ڏني ته پٽ هاڻ پاڻ ڪمائي ۽ کاءُ .


    ”روزگار ۽ ٽائيم فوٽوز اسٽوڊيو جو آغاز“

    ”روزگار ۽ ٽائيم فوٽوز اسٽوڊيو جو آغاز“

    جڏهين نور احمد ۽ مان گڏ هڪڙي بلڊنگ حامد منزل ۾ رهڻ لڳاسين، تڏهين هن هڪ تجويز ڏني ته پاڻ ٻئي گڏجي ڪو بزنس ڪريون، نور احمد چيو ته پاڻ هيرآباد ۾ بهترين فوٽو اسٽوڊيو کوليون، فوٽو گرافي به ڪريون ۽ فوٽو اسٽيٽ جي مشين به رکون، مونکي به اها تجويز ته پسند آئي، پر هن ڪم مان اڻ واقف هُئاسين، نور احمد چيو ته ڪم سڀ ڪاريگر ڪندا، پاڻ صرف فوٽو گرافي سکي وٺنداسين. مُنهنجي اندر ۾ ته اڳي ئي آرٽ ۽ فن جا جيوڙا هُئا، جو ساز آواز ۽ آرڪيسٽر جو شوق رهيو هو. سو مون به ها ڪئي. پوءِ اسان ٻنهي ڄڻن پنهنجين زالن جو ڪجهه سون وڪيو ۽ ڪجهه بئنڪ ۾ گروي رکيو. هيرآباد جي سڀ کان اهم ۽ خوبصورت چوراهي تي ٻه دڪان گڏ مسواڙ تي وٺي انهن کي وچ مان ملاءِ هڪ ۾ اسٽوڊيو ٺاهيو ۽ ٻيو شوروم بڻايو، ان جي مٿان دو ڇتي هُئي، جتي فوٽو ٺاهڻ جون مشين ۽ ڪاريگر ڪم ڪندا هُئا، ڪئمرائون ۽ ٻيو فوٽو گرافي جو سامان ڪراچي مان خريد ڪيو، هڪ مهاجر فوٽو گرافر ڇوڪرو اسان پگهار تي رکيو ۽ ڪم شروع ڪيو. اسان پنهنجي هن اسٽوڊيو جو نالو ٽائيم فوٽوز رکيو TIME Photos هاڻ اسانکي سواءِ ڪئميرا جو بٽڻ دٻائي فوٽو ڪڍڻ جي ٻيو ڪجهه ڪو نه ٿي آيو.
    اسان کي فوٽو گرافي جو شوق ته گهڻو هو، پر فوٽو ٽيڪنڪ، فوٽو ميڪنگ جي الف بي جي به خبر ڪا نه هُئي. ان مهاجر ڪاريگر اسان اناڙين کي ڪافي بيوقوف بڻايو ۽ لُٽيو، اسانکان فوٽوز خراب ٿي ويندا هُئا، هڪ ماڻهو جا ٻه ٽي فوٽو ڪڍندا هُئاسين ته من ڪو هڪ درست اچي، ظاهر آهي نقصان ٿيڻ لڳو، اسان ڏاڍا پريشان هُئاسين، تڏهن اسان کي اوچتو هڪ بهترين ماڻهو مليو. اُستاد معشوق علي 70 سال کن عمر، رٽائرڊ هو، پنجابي سنڌي هو، جواني ۾ لاهور جو فلمي فوٽو گرافر رهيو هو، ڪيئي وڏن اداڪارن ۽ مشهور فلمن جا فوٽو به هن ڪڍيا هُئا. حيدرآباد جي سڀ کان وڏي پراڻي ۽ مشهور پيرامائونٽ فوٽو اسٽوڊيو جو سينيئر فوٽو گرافر ۽ فوٽو پرنٽنگ ۽ ميڪنگ جو بهترين ڪاريگر هو. اُستاد معشوق بزرگ ماڻهو هو. ڪم ڇڏيو ويٺو هو، پر هن اسان جي بُري حالت ڏسي ۽ ٻيو ته هن فيلڊ ۾ پهريان سنڌي نوجوانن جي همت افزائي ڪرڻ لاءِ، اسان جي مدد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، اسان به هنکي سٺو پگهار ۽ ڪجهه سهوليتون ڏنيون ته هو تيار ٿي ويو. استاد تمام سُٺي سنڌي ڳالهائيندو هو، هنکي به سنڌ ۽ سنڌين سان محبت هُئي.استاد معشوق جي، اسان به ڪاريگر يا نوڪر نه پر پنهنجي بُزرگ واري عزت ڪندا هئاسين، مان ابتدا ۾ ئي استاد جي شاگردي اختيار ڪئي. باقاعده استاد کان شاگردي جو سڳو ٻڌرايو. مٺائي ورهائي، استادي قبول ڪئي، پوءِ ته اُستاد مونکي باقاعده اُها ٽيڪنڪ سيکارڻ شروع ڪئي. جيڪا ڪي مهاجر ڪاريگر ڪنهن کي نه ٻُڌائيندا هُئا. اسان فوٽو گرافي جا ڪتاب به پڙهڻ شروع ڪيا. استاد جي مان خدمت ۽ عزت ڪندو هُئس، هنجي به مون سان دل لڳي وئي. پوءِ ته استاد مونکي فلمي فوٽو گرافي، ماڊلنگ، سنيپ شاٽ، گروپ فوٽوز ۽ سينريز ۽ لينڊ اسڪيپ فوٽو گرافي جا اهي گُر سيکاريا جيڪي ناممڪن هُئا. انکان سواءِ فوٽو ٺاهڻ، فلم ڊيولپ ڪرڻ، پرنٽ ۽ ٽچنگ ڪرڻ، فنشنگ ۽ ڪلر ڪرڻ، مطلب ته هر شئي ۾ مونکي ماهر بنائي ڇڏيو.
    اسان حيدرآباد جا پهريان سنڌي فوٽو گرافر هئاسين، اهڙي ايڊور ٽائزمينٽ اسان سُهڻي رسالي ۾ ڏني، جنهنکي طارق اشرف نمايان جاءِ تي ڇپيو. اسان ايڊ ۾ لکيو ته حيدرآباد ۾ پهريون محب وطن سنڌين جو فوٽو اسٽوڊيو ٽائيم فوٽوز هيرآباد حيدرآباد سنڌ. پوءِ ته سائين سڄي سنڌ مان اسان وٽ سنڌي اچڻ لڳا. خاص طور تي حيدرآباد جا سنڌي، اديب شاعر دانشور فنڪار ۽ اداڪار اچڻ لڳا، حيدرآباد جا سنڌي ادارا سنڌ يونيورسٽي، سنڌيالاجي، سنڌي ٻولي ثقافتي ادارا اسان کي ڪم ڏيڻ ۽ تعاون ڪرڻ لڳا، سنڌي ليڊر قومپرست رهنما ڪارڪن ۽ ڪامريڊ به اچڻ لڳا. ڪجهه عظيم هستيون به ٽائيم فوٽوز تي آيون. محترم ابراهيم جويو، مولانا غلام محمد گرامي، جناب رسول بخش پليجو، نياز همايوني، جناب عبدالواحد آريسر، امداد حُسيني، سائين حيدر علي لغاري، محترم امر جليل، طارق اشرف، ع، ق شيخ، جناب مُراد علي مرزا ولي رام ولب، پربو ناشاد، غلام نبي مُغل، نصير مرزا طارق عالم ابڙو ڀائر، سائين عالم شاهه، سائين جي ايم سيد جا فرزند، عُمر قاضي، شاهه محمد شاهه، اسان وٽ تقريبن سڀني پارٽين، گروپن جا ليڊر ۽ ڪارڪن ايندا هُئا. اسان ساڻ سڀني تعاون ڪيو. اڪثر شام جو، ڪي نه ڪي دوست، اديب شاعر ۽ فنڪار ايندا هُئا، گرمين ۾ ٻاهر اسٽول ڪڍي فٽ پاٿ تي هيرآباد جي هوائن ۾ ڪچهريون ڪندا هُئا. جويو، گرامي صاحب، مراد علي مرزا، ع، ق شيخ، سائين حيدر علي لغاري صاحب، جهڙين عظيم شخصيتن به اچي اسان کي مان بخشيو هو. اها اسانجي خوش قسمتي هُئي جو سڀني اهم شخصيتن ۽ ادارن اسان ساڻ تعاون ڪيو ۽ فوٽو گرافي جو ڪم اسان کي ڏيندا هُئا. اُن وقت سنڌيالاجي جو ڊائريڪٽر مُحترم غلام علي الانه صاحب جن هُئا. اُنهن اسان کي سنڌيالاجي ۾ فوٽو گرافر جي جاب جي آفر ڪُئي، جيڪا ادا نور احمد پاڻ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. حالانڪ مونکي به شوق هو، پر ادا نور احمد ارادو ڪيو ته مون اهو فيصلو قبول ڪيو. پر افسوس جو چند مهينن بعد، نور احمد اها جاب ڇڏي ڏني. الانا صاحب سان هلي نه سگهيو، ڪنهن ڳالهه تان ناراض ٿي ڪاوڙ ۾ نوڪري ڇڏي ڏني. مونکي ڏاڍو افسوس ٿيو. اهڙي بهترين نوڪري، اهڙي عظيم اداري جي جاب هُئي. مون پوءِ الانا صاحب کي چورايو ته اها جاب مونکي ڏيو مان ڪندس، پر نور احمد الانه صاحب کي اهڙو تپايو هو جو هن چيو، تون به هنجو پاٽنر، ساٿي ۽ مائٽ آهين، تون وري ڪهڙو چڱو مڙس هوندين، تون به اهڙو هوندين، اهو جواب ڏئي الانه صاحب انڪار ڪري ڇڏيو. بحرحال“
    اسانجو ٽائيم فوٽوز هاڻ تمام سٺو هلي رهيو هو. نور احمد ۽ مُنهنجي سخت محنت سان ڪاميابي ملي رهي هُئي. نور احمد جيئن ته وڏو هو. ماسا به هو، مان عزت احترام ڪندو هُئس، وڌيڪ ڏکيا ڪم مان ڪندو هُئس، پَري جا آئوٽ ڍور پروگرام مان ڪندو هُئس، آئوٽ ڊور فوٽن جي پرنٽنگ به مان ڪندو هُئس، فوٽو ڪڍڻ ته آسان آهي، پر فوٽو ٺاهڻ وڏو نازڪ مسئلو آهي. اسٽوڊيو جا فوٽو استاد معشوق علي ٺاهيندو هو، هُو نه ايندو هو ته پوءِ مان اهو ڪم ڪندو هُئس فوٽو ڪڍڻ کانپوءِ فوٽو تيار ٿي اچڻ لاءِ ڪيترن نازڪ مرحلن مان گذري پوءِ تيار ٿيندو آهي. مطلب ته هاڻ اسان ماهر فوٽو گرافر بڻجي ويا هئاسون. اسان جي هاڪ شهر ۾ ۽ پري پري تائين پهتل هُئي.
    ڀُٽو صاحب جو دور هو، پيار علي الانه صاحب وزير تعليم هو. انهن هڪ انٽرنيشنل سيمينار ڪوٺايو. ”سنڌ صدين کان“ “sindh through Centuries” پوري هڪ هفتي جو سيمينار، جنهن جا ڪيئي سيشن ۽ مختلف پروگرام رٿيا ويا. هُئا. ان لاءِ سڄي دنيا مان وڏن وڏن عالمن، دانشورن، تاريخدانن ۽ فلسفين کي دعوت ڏئي سڏايو ويو هو. مهمانن کي تاريخي ماڳن جو سير به ڪرايو ويو، موهن جو دڙو، منصوره، ڀنڀور، ڪاهوءِ جو دڙو وغيره ڏيکاريائون. پر انهن مهمانن کي سنڌ جي مڪمل تهذيب ثقافت ريتون رسمون، رهڻيون ڪرڻيون، ڪم ڪار ۽ ڪاروبار، ڪپڙا، لٽا ۽ زيور، سنڌي ماڻهن جا چهرا، فيسز وغيره اهو سڀ ڏيکارڻ لاءِ تصويري نمائش جو انتظام ڪيو هو، اهي تصويرون ڪڍڻ لاءِ چار فوٽو گرافرن کي منتخب ڪيو ويو هو، عاشق عارباڻي، طارق ابڙو، نور احمد ۽ مان، انهن ٽن ڄڻن سڄي سنڌ جا دورا ڪيا، لاڙ، اُتر، اپر، ٿر ۽ وچولو جي ماڻهن، تهذيب ۽ ثقافت جا فوٽو ڪڍي آيا ۽ پوءِ مون انهن جا فوٽو ٺاهيا. هزارين فوٽو ٺاهيا ويا. پوءِ اُنهن مان چونڊي اهم تصويرن جا وڏا وڏا فوٽو ٺهرايا. جيڪي ڪراچي ۾ نمائش ۾ رکيا ويا. اهو وڏو تاريخي ڪم هو، جنهن ۾ اسان جو به حصو ۽ ڪردار رهيو...
    ان کانسواءِ اسان هڪ ٻيو به اهم قومي ڪم ڪيو.
    نور احمد تجويز ڏني ته، سنڌ جي عالمن، اديبن، شاعرن، دانشورن ۽ فلسفين جي تصويري البم تيار ڪجي.
    اسان پنهنجي شوق سان اهو پروجيڪٽ شروع ڪيو. ان اهم ۽ مبارڪ ڪم جي ابتدا اسان محترم شيخ اياز جي تصويرن سان ڪئي. اُنهن ڏينهن شيخ اياز حيدرآباد آيل هئا ۽ هوٽل فاران ۾ ترسيل هُئا. اسان وقت وٺي، هوٽل تي وڃي فوٽو ڪڍيا هُئا. انهن تصويرن مان هڪ ڏاڍي مشهور ٿي هُئي، جنهن ۾ شيخ صاحب کاڏي تي هٿ رکي. ڪنهن گهري سوچ ۾ نظر اچن پيا.
    ٽائيم فوٽوز واري دور ۾، مون سان هڪ عجيب واقعو پيش آيو، هڪ ڏينهن شام جو مان اڪيلو ويٺل هُئس، هڪ ڪار اچي بيٺي. ان مان چاليهه سالن جو سنڌي وڏيرو ٽائپ ماڻهو لٿو، ڪلف لڳل سلوار قميس پاتل همراهه اندر آيو، سلام ڪري اچي ويٺو چيائين، گهر تي ڪجهه فوٽو ڪڍائڻا آهن. مون پُڇيو، سائين ڇا ڪا تقريب آهي، چيائين نه نه ڪا تقريب ناهي، بس ائين ڪجهه تصويرون ڪڍائڻيون آهن. مون پڇيو گهڻيون تصويرون، هن چيو بس چار پنج فوٽو ٿيندا. مون چيو سائين چار پنج تصويرن لاءِ اسان ڪو نه هلنداسين، توهان هتي اسٽوڊيو تي ڪڍرائي وٺو. هن چيو نه ادا، فوٽو گهر تي ڪڍائڻا آهن. توهان پنهنجي پوري في وٺو ۽ فوٽو ڪڍي ڏيو. عام طور اسان ڪنهن تقريب جا پنجويهه پنجاهه فوٽو ڪڍندا هئاسين ته ويهه رپيا هڪ ڪاپي جي حساب سان پئسا وٺندا هُئاسين، مون چيو سائين پنج سئو رپيا في ٿيندي، پنج ست تصويرون ڪڍي ڏينداسين، هن يڪدم پنج سئو جو نوٽ ڪڍي ڏنو. حالانڪ مون تمام گهڻا پئسا چيا هُئا، هن چيو ته ٺيڪ آهي، پر فوٽو رات جو ٻارهين بجي ڪڍڻا آهن، گڊس ناڪي تي گهر آهي. اتي مونکي ٿوري حيرت ٿي، پر مون اوڪي ڪيو، هن چيو توهان هي هڪ سئو رپيا رڪشه جو ڀاڙو وٺو، ساڍي يارهين بجي فردوس هوٽل تي اچو، اتان اسان توهانکي وٺي هلنداسين، مان پهتس فردوس هوٽل تي، ٿوري دير ۾ همراهه آيو، مونکي وٺي هوٽل جي پٺيان هڪ چنڱيرڙي جاءِ ۾ وٺي آيو، اوطاق ۾ ويهاريو، همراهه پاڻ مون لاءِ چانهه، بسڪيٽ کڻي آيو، ٻي ڪا به پهر نظر ڪو نه ٿي آئي. ٻارهن ٿيا ته مون چيو سائين هاڻ جلدي ڪريو، چيائين حاضر، ائين چئي اندر هليو ويو، ته اڌ ڪلاڪ گُم هو، مونکي ٿورو ڪنفيوز به لڳو. خير آيو ۽ چائين اچو آئون ڪئمرا وغيره تيار ڪري اٿيس، تڏهين هن منهنجي ڪُلهي تي هٿ رکي چيو اندر هڪ عورت سُتل آهي، مان ان جي پاسي ۾ ويهندس پوءِ فوٽو ڪڍجو مونکي ڏاڍو عجيب لڳو مون چيو هل، هڪڙي ڪمري جي ٻاهران بيهي وري سرگوشي واري انداز ۾ چياين، اندر مان هنجي پاسي ۾ ليٽندس ۽ ٻانهن مٿان ورائيندس تون اهڙي طرح فوٽو ڪڍج جيئن هوءِ مُنهنجي ڀاڪر ۾ نظر اچي، بس جلدي ۾ هڪ ٻه فوٽو ڪڍي وٺجانءِ. آئون وائڙو ٿي پيو هنکي ڏسان ته چوي ڇا پيو. مون چيو سائين اهو ڇا پيا چئو، ائين ڪيئن ٿيندو، چيائين ٿيندو ٿيندو بس تون اچ ۽ اهڙي طرح فوٽو ڪڍ جو هوءِ ڀاڪر ۾ نظر اچي ۽ هُن جي شڪل به صاف ڏسڻ ۾ اچي. اهو خاص خيال رکج. مان ڪجهه چوان، انکان اڳ هو مونکي ٻانهن کان وٺي اندر داخل ٿيو مون سوچيو اندر ڏسان ته سهي ڇا آهي. اندر ڏٺم، هلڪي روشني ۾ پلنگ تي هڪ نوجوان ۽ خوبصورت ڇوڪري بيخيري ۾ ننڊ پيل هُئي هن جو چهرو مُنهنجي طرف هو، همراهه پرئين پاسي کان ڦري پلنگ تي ويٺو، هن جي ڀر ۾ ليٽڻ تي هو ته ڇوڪري ۾ ٿوري چُرپُر ٿي، اوڏي مهل مُنهنجي دماغ ۾ خطري جي گهنٽي وڳي، غلط آهي هي سڀ، هي بدمعاش هن ڇوڪري کي بليڪ ميل ڪندو، ان گناهه ۾ مان ڇو شامل ٿيان، مان هڪدم ٻاهر نڪري آيس، هو منهنجي پويان آيو ۽ چيائين هوءِ سُتل آهي، گهري ننڊ ۾، جلدي ڪو نه اٿندي، بس تون پريشان نه ٿي ۽ اچ. مون اوڏي مهل کيسي مان پنج سئو ڪڍي هنجي هٿ تي رکيا ۽ چيو هي ڪم مونکان ڪو نه ٿيندو، اهو سڀ غلط آهي. مان وڃڻ لڳس ته مونکي روڪڻ ۽ منٿون ڪرڻ لڳو. يڪدم ٻيو به پنج سئو جو نوٽ ڪڍي چيو اچي هي هزار رپيا وٺ ۽ رڳو هڪڙو فوٽو ڪڍي ڏي. مون پويان مُڙي به ڪو نه ڏٺو، تڪڙو تڪڙو گهر مان نڪري روڊ تي آيس، رڪشه ۾ چڙهي واپس گهر آيس...
    اسان جي اسٽوڊيو تي هر قسم جا ماڻهو فوٽو ڪڍرائڻ ايندا هُئا. عورتون مرد، ڇوڪريون، ڇوڪرا ۽ فئمليون به اينديون هيون. ڪجهه آواراه ۽ دل ڦئنڪ حسينائون به اينديون هيون، جيڪي پنهنجي ادائن نازن ۽ نخرن سان ڪوشش ڪنديون هيون. ته همراهه ڦاسي ته فائدو حاصل ڪن. پر اسان عهد ڪيو هو ته اسٽوڊيو تي ڪڏهين به ڪو غلط ڪم هرگز ناهي ڪرڻو. ظاهر آهي، اسان جو روزگار هو ۽ پڻ ڪردار هو، جنهن کي داغدار ڪو نه ڪرڻو هو. ان ڪري اهڙين ڇوڪرين کي حد کان وڌڻ ڪو نه ڏيندا هُئاسين ۽ انهن جي حرقتن کي رد ڪري، سختيءِ سان پيش ايندا هئاسين. ڪُجهه عورتون ۽ ڇوڪريون اهڙيون به اينديون هيون، جيڪي شريف ۽ ڏکويل هونديون هيون، ڪڏهين پنهنجا ڏک سور به اورينديون هيون....


    ”نانگا هائوس“

    ”نانگا هائوس“
    هڪ ڪميون، پناهه گاهه ۽ آشرم

    اسان جو ٽائيم فوٽو وارو دور ۽ نانگا هائوس وارو دور تقريبن ساڳيو ۽ گڏ گڏ رهيو. اسان دوست نُور احمد، حميد، فريد ميمڻ، عاشق علي، سليم، شيرو جيڪي ڏينهن جو پنهنجن ڪمن ڌنڌن سان هوندا هُئا ۽ شام جو، رات جو نانگا هائوس تي يا حامد منزل تي ڪچهريون ٿينديون هُيون، پروگرام ٺهندا هُئا ۽ گهمندا ڦرندا هئاسين. نانگا هائوس جنهن علمي ادبي ۽ سماجي حلقن ۾ وڏي شهرت ۽ نيڪ نامي حاصل ڪئي. اهو اصل ۾ ڇا هو؟ ۽ نانگا هائوس جي حقيقت ڇا هئي؟ نانگا هائوس جيڪو بظاهر ٻن ڇڙن مزدور ماڻهن جو غريباڻو ٺڪاڻو هو. بنا پلستر ديوارن وارو ننڍو ڪمرو يا ڪوٺي، ننڍڙو اڱڻ ۽ سوڙو ڪاڪوس، جتي شام جو ڪجهه ٻيا دوست به اچي رهاڻ ڪندا هُئا. اوطاق به چئي سگهجي ٿو. ڪجهه بد ذوقن ۽ ساڙيلن جو خيال هو ته اهو اوتارو آهي، جتي شراب، چرس ۽ ڀنگ پيتي ٿي وڃي ۽ اهو چند بگڙيل ڪافر نوجوانن جو ٺڪاڻو آهي. اصل ۾ ائين هرگز ڪو نه هو. نانگا هائوس هڪ مُقدس، آزاد آفاقي ادارو هو، ۽ هڪ اهڙو آشرم يا ڪميون جيڪو هر قسم جي رنگ و نسل، مذهب ۽ فرقي واريت جي فرق کان آجو، آزاد خيال ماڻهن جي پناهه گاهه، جتي هر فڪر، نظريي ۽ خيالن جا ماڻهو ايندا هُئا، هتي هر ڪنهن کي پنهنجا خيال پيش ڪرڻ جي آزادي هُئي. ڪا به جهل پل يا پابندي ڪا نه هُئي. هي اُها جاءِ هُئي جتي ڪنهن به ننڍ وڏائي، اميري غريبي جو فرق ڪو نه هو. مير پير سيد، زميندار هاري، آفيسر ۽ زيردست جي وچ ۾ ڪا به تفريق نه هئي. سڀ گڏجي ڪچهري ڪندا کائيندا پيئندا برابري جي بنياد تي ڳالهائيندا ٻڌائيندا ۽ ٻڌا ويندا هئا.
    نانگا نالو ڇو رکيو، نانگا جو اصلي مطلب ڇا هو؟
    هي اُهي نانگا ڪو نه هئا، جيڪي چريا اگهاڙا پيا هلن، يا جيڪي صفا ننگ کان نڪتل، بي مُهابا بدلڇڻا هوندا آهن، پر هي شاهه لطيف وارا اُهي کاهوڙي نانگا هُئا. جن هميشه ننگ نڀايو آهي، اُهي ڀٽائي گهوٽ وارا نانگا هُئا جن کي وطن ۽ ويڙهيچن سان مُحبت هئي، جنکي ماروئڙن، جهانگيئڙن ۽ سانگيئڙن سان پيار هو، جن جو دين ڌرم انسانيت هو، جن جو مذهب عشق و محبت هو، جيڪي جنگ جي خلاف، امن، انصاف جا داعي هئا، جيڪي سچ و حق جا راهي هئا، جيڪي علم و ادب، فڪر و دانش جا ديوانه دوست آهن، جيڪي سُڄاڻ سمجدار باشعور شهري هئا... نانگا جو مطلب هي آهي ته هر قسم جي مصنوعيت کان آجو. صاف، اصلي ماڻهو بُرائين ۽ خامين کان پاڪ اندر جو اڇو اُجهرو انسان، نانگا هائوس جي حدن ۾ داخل ٿيندڙ هر ميمبر پاڪ صاف اڇو اُجهرو ٿي ايندو هو، پنهنجي ذات پات، نسل،و حيثيت ٻاهر ڇڏي ايندو، رشتو ناتو، عهدو ۽ گريڊ جو ليبل لاهي پوءِ داخل ٿيندو، هن مقدس جاءِ ۾ نانگو ٿي ويندو، پنهنجي اصلي حقيقي صورت ۾، اندر ٻاهر هڪ جهڙو، خوبي ۽ خامي آشڪار، هن آستان تي مصنوعيت جو وجود ڪو نه هو. پنهنجي تمام خامين، خوبين، چڱاين، بُراين، گناهن، ثوابن سان ظاهر و ظهور هوندو هو، آئيني وانگر صاف ۽ شفاف اُهي نانگا جن لاءِ ڀٽائي صاحب چيو آهي:
    ڪڇي ڪاڇوٽي نانگن ٻڌي نينهن جي
    جهڙا آيا جڳ ۾ تهڙا ويا موٽي
    تنين جي چوٽي پورب ٿيندي پڌري.!!!
    1971ع ۾ نانگا هائوس، عاشق علي ۽ شير علي گڏجي ورتو هو. ڇاڪاڻ ته هي اسان جا ٻئي دوست غريب، ننڌڻڪا يتيم هئا، ٻئي رڪشه ڊرائيور، ٻنهي جو گهر گهاٽ ڪو نه هو، ڪڏهين گيريج تي ته ڪڏهين ڪارخاني تي سُمهندا هُئا، ان ڪري هنن هيرآباد جي اولهه اُتر واري ڪُنڊ مٿان، ميرن جي قُبن سان لڳ جيل روڊ تي هڪ غريباڻي ڪوٺي ۽ ننڍي اڱڻ واري جاءِ مسواڙ تي ورتي، ته اسان سڀني دوستن جو سُک ٿي پيو. نانگا هائوس جا اسان ست نانگا پڪا ميمبر هئاسين، نور احمد، عاشق علي، حميد، سليم، شيرو، امداد ۽ مان، اسان مُستقل هر روز ايندڙ هئاسين، باقي ٻيا دوست ڪڏهين ڪڏهين اچڻ وارا، عسڪري، حسن علي، پريتم، ذوالفقا رعلي، عظيم، بابل، فريد وغيره هُئا، اُنهن کان علاوه ڪيئي دوست ۽ مهمان به ايندا هُئا، حبيب الله ناريجو، جڏهين روپوش هو ته ڪجهه هفته نانگا هائوس تي رهيو هو. هڪڙي ڀيري ذوالفقار هڪ هپي کي وٺي آيو هو، جيڪو آسٽريليا جو هو، ڀٽ شاهه تي هن کي مليو ۽ هتي وٺي آيو. چرس جو ڏاڍو شوقين، سُلفين مٿان سلفيون ۽ سگريٽن ۾ وزم ڇڪيندو رهيو، اکيون ڳاڙهيون لال جهڙو رت ٿو ٽمي، اهو هپي ٽُٽل ڦٽل اردو ڳالهائي پيو سگهي. سمجهيو به وڃي، هن ٻڌايو ته هو مشرق کي ڏسڻ لاءِ سال کن اڳ نڪتو هو، تُرڪي، مصر، شام ۽ سعودي عرب کان ٿيندو هندستان ويو هو. جتي چار مهينا سڄو انڊيا گهمي پوءِ پاڪستان آيو هو. صوفي ازم جو قائل هو، ابن العربي، رومي، فردوسي، اقبال، بهلي شاهه، شاهه حُسين، فريد ۽ شاهه لطيف جو معتقد ۽ مڃيندڙ هو. عاشق علي هن کان هڪ سوال ڪيو ته ”زندگي ڇا آهي“ تڏهين هن ڪنڌ مٿي کڻي ڳاڙهين اکين سان ڏٺو، ٿورو سوچي پوءِ پنهنجي ران تي هٿ هڻندي چيو، ”هي پل“ هي وقت زندگي آهي ۽ بس، هن ٻه ٽي ڀيرا ران تي هٿ هڻندي چيو، هي لمحو جنهن ۾ پاڻ موجود آهيون، زنده آهيون، اهو وقت هي زندگي آهي، باقي ماضي گذري ويو، مري ويو، ختم ٿي ويو، ان جي اهميت ڪونهي، مستقبل جي ڪا خبر نه آهي، ڪا به ضمانت ڪونهي سڀاڻي ڇا ٿئي، آئينده ڇا ٿيڻ وارو آهي، ڪجهه نٿو چئي سگهجي. ان ڪري سڀ کان اهم قيمتي وقت هي آهي، جنهن ۾ زنده آهيون، اها زندگي آهي... اُن هپي هڪڙو واقعو ٻڌايو،ته مان جرمني ۾ پڙهندو هُئس، يونيورسٽي جي هڪ پروفيسر ذاتي طرح چرس جو تجزيو ڪيو. شاگردن جا ٻه گروپ ٺاهيا، هڪ گروپ جي ڇوڪرن کي چرس پيئاري پوءِ ليڪچر ڏنو ۽ ٻي گروپ کي بغير چرس جي، نتيجو اهو نڪتو ته جنهن چرس پيتو هو، ان گروپ ليڪچر کي تمام سُٺي طرح گهرائي ۾ وڃي جذبات کي سمجهيو. هن چيو چرس خون جي گردش کي هڪدم تيز ٿو ڪري جيڪو دماغ کي پڻ تيز حرڪت ۾ آڻي، سوچڻ سمجهڻ محسوس ڪرڻ جي رفتار به وڌايو ڇڏي، ماڻهو غير معمولي طور حساس ٿيو وڃي. اهو هپي اعليٰ تعليم يافته هو، تمام گهريون فلسفيانه ڳالهيون ڪندو رهيو. هن ٻڌايو ته هاڻ افغانستان ۽ سينٽرل ايشيا مان ٿيندو ايران ويندو جتي فردوسي ۽ رومي جي مزارن تي پهچي پنهنجي هن سير سفر جي پڄاڻي ڪندو. پوءِ اسان ٻڌو ته هو افغانستان ويو هو جتي گهريلو ويڙهه ۾ هو مارجي ويو. و الله عالم“
    نانگا هائوس تي اڪثر اسانجيون ڪچهريون، سنجيده ۽ دانش مندانه هونديون هيون. دنيا ڀر جي موضوعن تي عالمانه گفتگو ٿيندي هُئي. علم ادب سائنس ۽ تاريخ، قوم وطن ۽ انسانيت تي ڀرپور دليلن ثبوتن ۽ حوالن سان ڳالهه ٻُولهه ٿيندي هُئي، جنهن مان اسان جهڙن کي سکڻ ۽ سمجهڻ جو موقعو ملندو هو. سڀ دوست ترقي پسند ۽ روشن خيال هُئا پر سڀ پنهنجا ذاتي خيال ۽ نظريه به رکندا هئا. ڪي ٺپ ڪميونسٽ ته ڪو مذهبي، ڪو تصوف جو المبردار هو ته ڪو آزاد خيال هو. سڀني ۾ هڪ ڳالهه مشترقه هئي ته سڀ محب وطن، قومپرست ۽ انسان دوست هئا، شاهه، سچل ۽ اياز جا عاشق هئا، خاص طور شاهه جي شعرن جي تشريح تفسير ۽ شرعه ائين ڪندا هُئا، جو سڄو منظر پس منظر سميت اکين اڳيان اچي ويندو هو. شاهه جي ڪلام جي باريڪين ۽ اندروني معنائن کي کولي نروار ڪندا هُئا. شاهه منظر ڪشي جو ماهر هو، سهڻي ميهار، مارئي ۽ مومل راڻو ۽ ڪيڏارو ۾، ڪربلا جو ڪوس ۽ امامن اهلبيتن سان ظلم جا داستان آهن، انهن جا منظر ماحول ۽ صورتحال جا نقشه چٽيا آهن، اسان انهن باريڪين کي کولي بيان ڪندا هُئاسين، ته ڏاڍو سٺو لڳندو هو، مزو ايندو هو. سُر سُهڻي ميهار ۾، سُهڻي جي محبوب سان ملڻ جي آند ماند، مُڙس سان بيوفائي ڪندڙ عورت کي، مُحبت جي ميدان جو هيرو، پاڪ صاف ۽ سچو ڪري پيش ڪرڻ به شاهه جو ڪمال آهي. سُهڻي جي ميهار سان ملڻ لاءِ اُڪير، انلاءِ زبردست خطرن کي به نظر انداز ڪرڻ شاهه جو انهن خوفناڪ خطرن جو بيان، اُن جي منظر ڪشي، پڙهندڙن جا وار اُڀا ٿيو وڃن. ”دهشت دم درياهه جي“ ۽ ”ڪاري رات ڪچو گهڙو اوڻٽهين اوندهائي.“
    لهرن وچ ۾ لُڙهندي سُهڻيءِ جي سوچ، خيال ۽ جذبه، انهن تمام شعرن جي تشريح دوست انتهائي فهم و فراست سان ڪندا هُئا. جمالياتي حُسن جي بيان ۾ به شاهه جو جواب ناهي. ”چنڊ چوين سچ جي مٺي نه ڀائين، مُنهن ۾ ٻرئي مچ، تو ۾ ناهي پيشاني پرين جي“ يا وري هي ”سڄڻ سُتا ولهه ۾ چوٽان ڀري ڪپور“.
    اهڙن ٻين ڪيترن ئي شعرن جي تفسير خُلاصو پوري وضاحت سان پيش ڪندا هُئا. نور احمد ۽ حميد کي سوين شعر ياد هوندا هُئا. نه صرف شاهه، بلڪه اياز، غالب، فيض ۽ فراز جا خوبصورت شعر ٻُڌائيندا هُئا. کين اُردو زبان تي دست رس هُئي، هُو غالب جي انتهائي مشڪل شعرن جي ”تشريع ڪري ٻُڌائيندا هئا، اسان کي سمجهه ۾ ايندا هُئا ۽ اسان کي خبر پوندي هُئي ته غالب ڪيڏو وڏو شاعر آهي.
    مطلب اهو ته نانگا هائوس هڪ اهڙو ادارو هو جتي دنيا ڀرجي علم، ادب، تاريخ و سائنس جا ليڪچر ٿيندا هُئا. مختلف دوستن جي ڄاڻ ۽ ذهانت جا درياهه وهندا هُئا ۽ اسان جهڙا اڃايل ان آب حيات جا ڍُڪ ڀري سيراب ٿيندا هُئا. نانگا هائوس تي سنجيده ڪچهرين کان سواءِ، کل ڀوڳ چرچا به هلندا هُئا. ڪنهن دوست کي ٽارگيٽ بنائي مزو وٺڻ وارو سلسلو هتي به جاري رهيو. ڪنهن دوست جي ڪا ڪمزوري، ڪا خامي يا غلطي جهلي پوءِ ان کي من گهڙت ڪهاڻي بنائي، ان کي رٻڙ وانگر ڇڪي وڏو ڪري ائين پيش ڪندا، جهڙوڪر سئو سيڪڙو سچ آهي. اهو همراهه حيران پريشان بلڪه وائڙو ٿي عجيب حرڪتون ڪرڻ لڳندو هو، ۽ ٻڌڻ وارا سڀ دوست مزو وٺي پيا کُلندا هُئا...
    هڪڙي ڏينهن مونکي ٽارگيٽ بنايائون، نور احمد ۽ عاشق علي، نور احمد جيڪو انداز بيان جو ماهر تنهن دوستن جي اڳيان سنجيدگي سان اسٽوري شروع ڪئي. دوستو توهانکي هڪ سچي مزيدار ڳالهه ٻُڌايان. هي غلام علي کوساڻي، عرف گُلان، جيڪو هيڏو وڏو ڊگھو گارڊر مڙس جيڪو پاڻ کي وڏي شئي ٿو سمجهي، هن جي شادي ٿي ته پهرين رات هن همراهه جي هوا ئي نڪري وئي. عاشق علي وري نور احمد کي ٽيڪو وٺرايو اڇا اهو وري ڪيئن؟ آئون حيران پريشان ته هي چون ڇا پيا.نور احمد وري ڪهاڻي شروع ڪئي. شادي واري سهاڳ رات جڏهين ڪمري ۾ ويو ٿي، تڏهين به هنکي کٽڪا هُئا ته خبر ناهي ڇا ٿيندو، همراهه بلڪل ڪورو ڪُنوارو، ڪو به تجربو ڪو نه هو. ڊپ به هو، شادي جي رسمن جي ٿڪاوٽ، اوجاڳو ۽ گهٻراهٽ ۾ همراهه کان ڪم ڪو نه ٿيو، مڙئي جهڙو تهڙو اڌورو ٽاڻو ٽري ويو، همراهه کي ڏاڍي شرمندگي به ٿي، بڇڙوَ منهن ڪري سُمهي پيو.
    سڀ دوست کلڻ ۽ حيرت ڪرڻ لڳا. نور احمد چيو بابا ٻُڌو اڃا ڊراپ سين ته ٻُڌو، گهوٽ صاحب صُبح جو اُٿي سڌو ويو پڻس وٽ، ان کي چيائين، بابا منهنجي مُڙسي خبر ناهي ڇو ختم ٿي وئي آهي. رات جو مونکي شرمندگي ٿي آهي. هن جي والد حيران ٿي چيو، بابا ڇا پيو چوين، ڇا آهي، بابا منهنجو علاج ڪرايو، مُڙسي ڇو گهٽ ٿي وئي آهي. پڻس زماني جو ماڻهو هو سمجهي ويو، تنهن چيو پٽ ڪُجهه ڪونهي. سهي ٿي ويندو. پر هي همراهه چوي ڊاڪٽر کي ڏيکاريون. تڏهين پڻس چيو بابا ڪجهه ڪونهي ائين ٿيندو آهي، ٻه ٽي ڏينهن ۾ سڀ ڪجهه سهي ٿي ويندو، تون پريشان نه ٿي، وڃ بي فڪر ٿي. اُها هُئي حالت هِن همراهه جي... سڀ دوست کِلڻ مذاق ڪرڻ لڳا. مون چيو، اهو سڀ ڪوڙ آهي، يار توهان ايڏو غليظ مذاق ٿا ڪريو، ڪوڙ ۽ الزام ٿا هڻو... منهنجي سنجيدگيءِ تي دوست وري وڌيڪ پيا کِلن. ٽارگيٽ جو مقصد اهو هوندو آهي ته انکي جوش ۾ آڻي، جذباتي ڪن، ناراض ٿي وڃي همراهه. نانگا هائوس تي تفريحي راند لاءِ واحد ڪيرم بوڙڊ هو، پڪوڙن ۽ چانهه جي شرط تي مزيدار مقابلا ٿيندا هُئا، جڏهين ڪنهن کي ڪيرم بوڙڊ راند رهڻي هوندي هُئي ته چوندو، آ شيرا اڄ ٿي وڃي هٿ هٿ! يا سليم چوندو عاشق علي کي، اچ ته هٿ هٿ ڪريون، گُلان پڪوڙن جي شرط ٿي وڃي. هٿ هٿ، عاشق علي ۽ شيرو، نانگا هائوس جا مستقل رهائش هئا، سي پاڻ ۾ به کُل ڀوڳ چرچا ڪندا هُئا. هنن کي پنهنجو واش روم ليٽرن پاڻ صاف ڪرڻو پوندو هو، پاڻي جي بالٽي ڀري ڪموٽ ۾ هاريندا هُئا. ان عمل کي پنهنجي مهذب انداز ۾ هيئن چوندا هُئا. عاشق علي چوندو: ”يار شيرا، بندرگاهه تي حاجي گهڻا گڏ ٿي ويا آهن، تون هنن کي الوده چئي مڪي روانو ڪري اچ ۽ ها، انهن کي نصيحت به ڪجان ته مسلمانو مڪه جا ڪر عبادت ڪرنا، ڪوئي چوري شوري نه ڪرنا. (ياد رهي ته اهو جملو فوجي حڪمران ڪراچي بندرگاهه تي حاجين کي الوداع ڪندي چيو هو).“
    نانگا هائوس جي هيٺان، مالڪ مڪان محمد جي غريباڻي هوٽل هُئي، جنهن ۾ چانهه ۽ ٻوڙ ماني هلائيندو هو، سو صُبح جو سوير جڏهين هوٽل کوليندو هو ته پنهنجي ٽيپ رڪارڊ تي پهريون گانو وڏي آواز سان هلائيندو هو. ”اي مئولا علي اي شير خدا، ميري ڪشتي پار لگا دينا“ ۽ پوءِ وري رات جو جڏهين هوٽل بند ڪندو هو، تڏهين آخري گانو وري هي هلائيندو هو، ”ڊوبا تارا اُميدون ڪا سهارا، ڊوب گيا“.... تڏهين عاشق علي چوندو، ابا هاڻ محمد هوٽل بند پيو ڪري، چانهه وغيره گهرائڻي هجي ته وٺي لايو.
    سليم صاهٻ، يونائيٽيڊ بئنڪ جو مئنيجر هو، هن جي بدلي ٿي خيبر برانچ، هُنجو ڪئيشر، سيڪنڊ آفيسر فريد ميمڻ اهو به اسان جو دوست هو، سو هي ٻئي گڏجي پهرين ايندا نانگا هائوس تي، هوٽل واري محمد کي چانهه چئي مٿي اچي ڪيرم بوڙڊ راند شروع ڪندا هُئا. پوءِ روزانو دير سان ڪڏهين يارهين ته ڪڏهين ٻارهين بجي ويندا هُئا، تيستائين چوڪيدار ۽ پٽيوالو بئنڪ کولي ويٺا هوندا هُئا، ماڻهن کي به خبر هُئي ته ٻارهين کان پوءِ صاحب ايندا. سو هڪ ڏينهن، ڪيرم ۾ ايڏو ته محو هُئا جو هڪ ڏيڍ اچي ٿيو. عاشق علي هنن کي چيو اڙي يار هي توهان ڇا ٿا ڪريو، ”اُٿو وڃو بئنڪ کوليو بڻيان ڪريو ڇا پيا! تنهن تي سليم صاحب چيو، يار اڄ بئنڪ ڪو نه ٿا کوليون، اڄ نٿا هَلون، فريد چيو سر جيڪا توهان جي مرضي، عاشق علي چيو اڙي هي بئنڪ آهي، ڪو بابا جو هٽ ڪونهي جو اڄ نٿا کوليون، اڙي ڇو اچي ڦٽي آهي توهان جي.
    توهان نوڪريون وڃائيندا، بند ڪريو اهو ڪيرم اُٿو ۽ وڃو. ٻين بجي عاشق علي هنن کي زوري روانو ڪيو، هي همراهه موٽر سائيڪل تي ويا، ڪلاڪ کن اُتي هُئا، هڪ ٻه گراهڪ نپٽائي وري واپس آيا، نانگا هائوس تي هيٺان هي پڪوڙا روٽيون وٺي چانهه چئي اچي وري ڪيرم راند ۾ لڳي ويا. عاشق علي نانگا هائوس جو هڪ مزيدار واقعو ٻُڌايو. نانگا هائوس جي ڀر ۾ هڪ ٻي به ڪوٺي هُئي. جنهن ۾ هڪ اڪيلو بنگالي بابو رهندو هو، عمر مڙئي پنجاهه جي ويجهو، ماڻهو مڙئي چڱو هو، اُنهن ڏينهن شهر ۾ ڪرفيو لڳل هو، سنڌي مهاجر فساد هُئا، عاشق علي ٻُڌايو، آئون ۽ شيرو دروازي وٽ بيٺا ڪرفيو جو جائزو وٺي رهيا هئاسين، اسان جي ڀر ۾ ڌڪيءِ تي پنگالي ويٺو هو، تنهن هنن کي چيو، بابا بهت سخت ڪرفيو هي. ابهي ٿوڙي دير پهلي سامني سي دو بندون کو فوج پڪڙ ڪي ليگئي وه بيچاري اپني گهر کي پاس کڙي ٿهي، خير اسان اندر وڃي ويٺاسين مس ته ٻاهر ڪجهه هڪلون ۽ گهوڙ ٿيو، اسان يڪدم ٻاهر آياسين، ڏٺوسين ته پنگالي بابو کي فوجي کڻيو پي ويا. پنگالي ڏاڍي حسرت سان اسان کي ڏسي رهيو هو، اسان اندر اچي کِل ۾ ٻڏي وياسين.
    نانگا هائوس جي ڪيئي يادگيرين مان هڪ اها به آهي، ته سليم اچي ڪجهه وقت نانگا هائوس تي رهيو هو. سليم صُبح جو بئنڪ ويندو هو، شام جو مُنهنجي گهر يا نور احمد وٽ، رات جو نانگا هائوس تي سڀ ڪچهري ڪندا هئاسين، سليم جيڪو هميشه خوش پوشاڪ ۽ نفيس ماڻهو هو. سليم ڪپڙا لٽا هميشه بهترين پائيندو هو، پينٽ شرٽ سان گڏ سفاري سوٽ ۾ ڏاڍو ٺهندو هو. عطر يا سينٽ لڳائڻ“ صاف سٿرو رهڻ پسند ڪندو هو. نانگا جو ليٽرن تمام ننڍو ۽ بلڪل بند، گرمين ۾ جيڪو حاجت پوري ڪرڻ ويندو هو ته پگهر ۾ شم ٿي نڪرندو هو، سليم کي اها ڳالهه بلڪل پسند ڪو نه هُئي. هو چوندو هو ته يار صُبح صُبح ماڻهو ليٽرن ۾ اڪيلو ويهي سڪون سان نه صرف حاجت پوري ٿو ڪري پر ان سان گڏ، سوچ ويچار به ٿو ڪري. رٿابندي ۽ پروگرام ٿو ٺاهي يا اخبار ٿو پڙهي، ان ڪري ليٽرن پُرسڪون ۽ آرامده هجڻ گهرجي. سو ڇا ڪيو جو ديوار تي لڳائڻ وارو ننڍرو پنکو وٺي آيو ۽ اچي ليٽرن ۾ لڳرايو.
    نانگا هائوس واري دور ۾ اسان ڪيئي سير سفر ڪيا، گرمين ۾ کيسانو موري جي واهن ۾ وهنجڻ ويندا هُئاسين، سليم صاحب اهي ٽوئر مئنيج ڪرڻ ۾ ماهر هو، هو ئي پروگرام ٺاهيندو هو ۽ سڀني کي خاص طور اسان ٻڄڙيوالن کي زوري گهرن مان ڪڍندو هو، فروٽ يا انبن جا ڪريٽ وٺندو پوءِ کيساڻي موري تي وهنجڻ ۽ انب کائڻ جو مزو ئي پنهنجو هو. هڪ ڀيرو اسان سڄي جسم تي واري ملي مٽي جا ماڻهو بنيا هئاسين، اسٽيچو بنجي فوٽو ڪڍيا هُئاسين ڇا ته خوبصورت دور هو. اڄ جڏهن به هيرآباد مان نانگا هائوس واري جاءِ وٽان گذرڻ ٿئي ٿو ته نانگا هائوس جو نالو نشان نظر نه ٿو اچي. البته ان جاءِ تي هڪڙي مسجد ۽ هڪڙو ڪاٺين جو ٽال ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته مون کي اردو جو عظيم ترين شاعر غالب جو گهر ياد اچي ٿو. جنهن کي غالب جي وفات پڄاڻان ڪاٺين جو ٽال بنايو ويو هو. اڌ صديءَ کان پوءِ هندوستان جي مشهور پارسي فلم پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر سهراب مودي ان کي خريد ڪري وري نئين سر غالب جو گهر بنايو ۽ هاڻي ڀارت سرڪار ان گهر کي قومي يادگار قرار ڏيئي غالب جي شان مطابق تعمير ڪرايو آهي. اقليم سخن جو بادشاهه غالب جنهن لاءِ ڪنهن اديب ۽ دانشور چيو آهي ته هندوستان ۾ ٻه آسماني ۽ الهامي ڪتاب نازل ٿيا: هڪڙا ڌرمي ڪتاب ويد ۽ ٻيو ديوان غالب.
    آئون ان گم شده نانگا هائوس تي نظر وجهي زيرلب غالب جو شعر جهونگاري تکو تکو اڳيان نڪري وڃان ٿو.
    “هر اک مکان کو هے مکين سے شرف اسد
    مجنون جو مرگيا هے تو جنگل اُداس هے”


    راتين جا رولاڪ، دوستن سان گڏ سير سفر

    راتين جا رولاڪ، دوستن سان گڏ سير سفر
    بادشاهن، حڪمرانن، وزيرن ۽ سفيرن جو آستان ”مڪلي“

    هڪ ڀيري پروگرام ٺاهيوسين ته مڪلي هلجي ۽ چانڊوڪي رات ۾ مڪلي جو قبرستان گُهمجي، چوڏهين رات جو اسان ڇهه ست دوست موٽر سائيڪلن تي شام جو روانه ٿياسين، نور احمد، عاشق علي، حميد جعفري، سليم، نيزار علي، حسن علي ۽ مان، اسان نما شام جو مڪلي پُهتاسين موٽرسائيڪلون گيٽ وٽ آفيس تي بيهاري اسان پنڌ گهمڻ جو ارادو ڪيو، ڳاڙهو لال وڏو چنڊ ڏکڻ اوڀر کان اُڀرڻ لڳو ۽ اسان آس پاس جي مقبرن، ڇٽين ۽ رائينڪن کي ڏسندا اڳتي وڌياسين. مغل حاڪمن جي گورنرن ۽ وزيرن ۽ سفيرن جون مزارون مڙئي بهتر حالت ۾ هيون. مرزا باقي بيگ، مرزا جاني بيگ ۽ ٻين حاڪمن جو مزارون بهترين حالت ۾ شاندار ٺهيل هُيون، گلابي ۽ نيري پٿر جون ٺهيل مزارون ۽ ڇٽيون ڏاڍيون خوبصورت هيون، باقي اڪثر مزارون پراڻيون ڀڳل ٽُٽل حالت ۾، ڪي ته بلڪل کنڊر بڻيل هيون، جن ۾ اندر گهڙندي ڊپ پيو ٿئي. نانگ بلائن جو خوف به هو. اسان وٽ هڪ ٽارچ هُئي، سو هڪ کنڊر جي در وٽ بيهي جيئن اندر لائٽ لڳائي، اوچتو ڦڙ ڦڙ ڪري چمڙا ۽ ڪبوتر اسان جي مٿان اڏري ويا، اسان گهٻرائجي هٽياسين.
    اسان دوست کل ڀوڳ ڪندا، مُغل حاڪمن تي تبصرا ڪندا اڳتي وڌندا رهياسين.ٻه اڍائي ڪلاڪ اسان مٽرگشت ڪندا آزاد سنڌ جي عظيم بهادر رهنما ڄام نظام الدين سمون جي شاندار مُقبري جي سامهون اچي بيٺاسين، آدهي رات هُئي چنڊ به هاڻ پورو گول، پنهنجي پوري جوبن تي روشن هو. اڇي کير جهڙي چانڊوڪي سنڌ جي هن عظيم حاڪم جي مقبري مٿان مينهن وانگر وسي رهي هُئي، اسان جڏهين ويجهو وڃي مزار جي ٻاهران پٿر جي ديوارن کي ڏٺو ته دنگ رهجي وياسين، پٿر جي سرن تي ڇا ته شاندار فنڪاري نقش نگاري ڪئي وئي هُئي. بهترين جا ميٽريڪل ڊزائن هُئا. ڪٿي وري گُل ٻوٽا، پن ۽ وليون، پنن تي نسون، ڪيترو نه باريڪ ۽نازڪ ڪم هو، اهو به پٿر تي ٿيل، هٿوڙي ۽ ڇيڻي سان ٽُڪ جو ڪم، وري ايڏو نزاڪت ۽ صفائي سان جو حيرت وٺيو وڃي. اعتبار نه اچي. آخر ڪيئن ايڏو نازڪ ڪم ڪهڙن فنڪارن ۽ ڪاريگرن ڪيو هوندو. پٿر جي سر تي هڪ به غلط ڌڪ يا وائڙي چوٽ، اُن ٽڪر کي ٽوڙي سگهي ٿي، جنهن کي وري جوڙڻ به ناممڪن پر هتي ڪنهن به عيب کان سواءِ، خوبصورت فن جا نمونا صدين کان موجود آهن. پر انهن فنڪارن جو ڪو به نالو نشان ڪو نه هو، جن جي ماهر هٿن هي فن پاراه تخليق ڪيا هئا. شيخ اياز صحيح لکيو آهي ته سڀ کان وڏي دانشمندي اها آهي ته خلق ڪري خالق پاڻ گُم ٿي وڃي. پر ڏسڻ وارا باذوق ماڻهو انهن گم نام فنڪارن کي به هميشه داد ڏيندا رهندا. مقبري جي دروازي مٿان ٻاهران پٿر جي گول پيلرن تي ٻاهر نڪتل خوبصورت گيلري ۽ اُن مٿان شاندار ڇٽي هُئي. اسان وڏي شاهي دروازي مان اندر داخل ٿياسين، هن عظيم حڪمران جي شاندار مزار ۾ هڪ وڏي ڪمي رهجي ويل هُئي. حالانڪه هن جي چئني طرفن مڪمل چار ديواري مٿي تائين پوري تزعين و آرائش سان برابر هُئي، پر ڇت مٿان گول قبو ڪو نه هو، قبي واري گول جاءِ خالي ۽ کُليل هُئي، جنهن مان آسمان نظر ٿي آيو. مطلب ته ٻي سڄي عمارت مڪل هُئي صرف آخري ڪم ان مٿان قبو ٺاهڻ کان رهجي ويو هو. تاريخ ۾ لکيل آهي ته ڄام نظام جي وفات کان پوءِ وزير يا امير اهو مقبرو ٺهرائي رهيو هو، اُهو به وفات ڪري ويو ته پويان، ڄام نظام جو نالائق ۽ بزدل فرزند ڄام فيروز، پنهنجين نااهلين، غلطين ۽ بزلدين جي ڪري پريشان رهيو ۽ هي مقبرو مڪمل ڪرائي نه سگهيو. بهرحال اسان جيئن ئي مزار ۾ داخل ٿياسين ته هڪ عجيب منظر سامهون هو. چئني پاسن اوندهائي هُئي. صرف وچ ۾ ٻن وڏين شاهاڻين قبرن مٿان، (انهن مان هڪ ڄام نظام جي قبر هُئي. چانڊوڪي ائين وسي رهي هُئي جهڙوڪر نُور جي تجلي خاص انهن قبرن مٿان پئي وسي. مٿان کُليل ڇت جي گول دائري مان چانڊوڪي جو گول دائرو خاص انهن ٻن قبرن تي، سنڌ جي سخي ڄام سردار جي مرقد تي، جهڙوڪر نُور جي بارش ٿي رهي هئي. ٻه ٽي قبرون ڪُنڊ ۾ به هُيون، اندرين پاسي پٿر جي ديوارن تي اهڙو ئي شاندار ڪم ٿيل هو، چئني ديوارن ۾ خوبصورت جهروڪا معرابي ڇٽين سان هُئا، چراغ رکڻ لاءِ ننڍا پٿر جا جهروڪا به ديوارن ۾ هُئا، پنج فٽ ٿليون ديوارون پٿر جون هيون، دروازي مان داخل ٿيندي کاٻي هٿ کان ديوار جي وچمان هڪ پٿر جي سوڙهي چاڙهي مٿي ڇت ڏانهن ٿي وئي. اسان ان سيڙي تان چڙهي مٿي ڇت تي آياسين، مٿي اٺ فٽ ڇت چئني پاسن کان هُئي، وچ ۾ گول قبي واري جاءِ کُليل هُئي، جتان قبرون نظر ٿي آيون، چانڊوڪي هيٺ قبرن کي روشن ڪري رهي هُئي، اسان ڄام نندي جي مزار مٿان بيهي جڏهين چئني پاسي نظر ڪئي، ته مزارن، مقبرن، ڇٽين، کنڊرن ۽ قبرن جو اُداس چانڊوڪي ۾ عجيب اُداس منظر هو. پري جا منظر نظر ٿي آيا. مڪمل خاموشي ۾ پري کان ڪُتن جي ڀونڪڻ جا آواز ٿي آيا. اسان سڀ اُتي مٿي ڇت تي اجرڪون وڇائي ويٺاسين. آزاد سنڌ جي هن عظيم بهادر حڪمرانن کي ياد ڪرڻ لڳاسين، ته ڪيئن ڄام نظام الدين سمي جي دور حڪمراني ۾ سنڌ هڪ آزاد خودمختيار ۽ خوشحال مُلڪ هو. سخي سمي ڄام جي سخاوتن ۽ عوام سان مُحبتن جو ذڪر ڪيوسين. ڄام نظام جي بهادر ڪمانڊر جنرل دولهه درياهه خان کي ياد ڪري کيس خراج پيش ڪيوسين ته هن ڪيئن ست ڀيرا حملو ڪري ايندڙ ڌارين دشمنن کي شڪست ڏني، جڏهين به ڪا ڌاري فوج سنڌ تي حملو ڪرڻ لاءِ ايندي هُئي تڏهين دولهه درياهه خان سنڌ جي سرحدن تي ئي انهن کي شڪست ڏئي ماري ڀڄائي ڇڏيندو هو، دشمن جي ناپاڪ قدمن کي سنڌ ۾ داخل ٿيڻ ئي ڪو نه ڏيندو هو... ڄام نظام ۽ دولهه درياهه خان جي وفات کان پوءِ ڄام فيروز جي نااهلين ۽ بزدلين جي ڪري سنڌ وري غلام بڻجي وئي هُئي... نور احمد ۽ حميد شاهه لطيف جا شعر ٻُڌايا، سخي ڄام سردار تي چيل شاهه جو ڪلام ٻُڌوسين.
    رات جو ٻين بجي اسان هيٺ لٿاسين ته ڄام جي مزار جي سامهون چارديواري جي اندر دولهه درياهه خان جي قبر هُئي، سنڌ جي هن بهادر جنرل جي قبر مٿان ڪو قبو يا مزار نه هُئي ۽ نه هي ڪا ڇٽي هُئي نه، اُس يا برسات کان بچاءُ لاءِ ڪجهه هو، چار ديواري اندر وچ ۾ هڪ قبر هُئي. قبر پٿر جي چوڪنڊي قبرن جهڙي خوبصورت هُئي. اُنتي به شاندار فنڪاري ٿيل هُئي. هڪ پاسي گهوڙي سوار جي تصوير اُڪريل هُئي، ٻي پاسي تلوار، قبر مٿان سيراندي کان پڳ هُئي. افسوس اهو هو ته، مغل ۽ ترخان گورنرن ۽ وزيرن جا ته عاليشان مقبرا ٺهيل هُئا، پر سنڌ جي هن عظيم ڪمانڊر جنرل جي قبر مٿان ڪو به قبو ڪو نه هو، بحرحال اسان سڀني پنهنجي هن وطن پرست محافظ جنرل کي عزت ۽ احترام سان خراج عقيدت ۽ سلام پيش ڪيو ۽ واپس ٿياسين، ٺٽي شهر ۾ اچي ناشتو ڪيوسين، ٺٽي جي عروج کي ياد ڪيوسين ۽ پڻ سرمد کي ساريوسين، جيڪو ٺٽي آيو هو ۽ ٺٽي جي حُسن تي عاشق ٿيو هو. سرمد ۽ سندس دوست مُغل شهزادي ۽ وارث تخت، دارا شڪوع، ٻنهي جي دردناڪ قتل تي افسوس ڪندا ۽ سرمد جي آخري رباعي پڙهندا، جڏهن هن جو سر اورنگ زيب جي حڪم تي ڌڙ کان ڌار ڪيو پئي ويو:
    شوري شد از خواب عدم چشم کشيديم،
    ديديدم که باقيست شب فتنه عنوديم،
    (هُل ٿيو، مون عدم جي خواب مان اک کولي، ڏٺم ته فتني جي رات اڃان باقي آهي، آئون وري سمهي پيس.)
    واپس روانه ٿياسين، واٽ تي، ڪينجهر ۽ نوري نماڻيءِ کي پري کان پرنام ڪندا، حيدرآباد پهتاسين.


    ”ڀٽ ڌڻيءَ جي بارگاهه ۾“

    ”ڀٽ ڌڻيءَ جي بارگاهه ۾“

    هڪ ڀيري سخت سيارو هُجي صُبح کان ڪڪر ڇانيل هُئا، ٻن پهرن جو هلڪي برسات پئي ته سردي اڃا به وڌي وئي. شام جو پنجين بجي سڀ دوست نانگا هائوس تي گڏ هُئا، حسب معمول سليم چيو يار موسم زبردست آهي، هلو ته لطيف کي سلام ڪري اچون، مزو ايندو ۽ تفريح به ٿي ويندي، عاشق علي تائيد ڪئي ۽ چيو ته موٽر سائيڪلون ته بيٺيون آهن، بس ڀٽائي جا قدم چُمي واپس ٿا اچون. نور احمد به ها ڪئي ۽ سڀ تيار ٿي ويا. حميد، نور احمد، عاشق علي، سليم، ڇوٽو ۽ مان، ٽن موٽر سائيڪلن تي ڏاڍا ڪوٽ سوئيٽر، شالون ۽ اجرڪون اوڍي اُتر جي سامهون مُنهن مقابل ٿياسين، ويندي مهل سي جو احساس گهٽ ٿيو ۽ اسان ڪلاڪ ڏيڍ ۾ پهچي وياسين، لطيف جي حاضري ڀري سين، ڀٽائي جي پيراندي کان ڪُجهه دير ويهي سڪون ماڻيوسين، شاهه جو راڳ جاري هو، ٻه کن وايون ٻُڌي واپس ورياسين، واپسي ۾ سردي سٽي وڌو. موٽرسائيڪل هلائڻ وارن جا هٿ سُن ٿيو وڃن، ٿڌي هوا تلوار جا وڍ ٿي وڌا، نيٺ هڪ ڊاٻي تي بيٺاسين، گرم ٻاڦل بيدا کاڌا، چانهه پيتي، باهه تي هٿ پير سيڪيا، عاشق علي پير سيڪيا ته هنجا جوراب سڙي ويا پر هن کي خبر نه پئي. اهڙي طرح رات جو هڪ بجي ڌاري واپس پُهتاسين.


    بابل سان ملاقات ۽ ۽ پارٽي ۾ شموليت

    بابل سان ملاقات ۽ ۽ پارٽي ۾ شموليت

    1968ع کان اسان سڀ جيئي سنڌ جا هُئاسين، سائين جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، جناب رسول بخش پليجو، اسان جا ليڊر هُئا. 1972ع ۾ اسان ٽائيم اسٽوڊيو قائم ڪيو، تڏهن به اها هي ساڳي صورتحال هُئي. 1974ع ۾ محترم رسول بخش پليجو، اختلاف ڪري سائين جي ايم سيد کان جدا ٿيو ۽ سنڌي عوامي تحريڪ جو بنياد وڌو. ادا نور احمد جو لاڙو سائين جي ايم سيد ڏانهن هو ۽ مُنهنجو وري پليجي صاحب طرف جُهڪاءُ هو. پر اهو ڪو مسئلو ڪو نه هو، هر ڪنهن جا خيال ۽ پسند پنهنجي هُئي. اسان جي اسٽوڊيو تي ته تمام پارٽين ۽ گروپن جا ليڊر ۽ ڪارڪن ايندا هُئا. نور احمد سائين جي ايم سيد وارن جا پروگرام ڪور ڪندو هو، اڪثر سن ويندو هو ۽ مان وري پليجي صاحب وارن جا فنڪشن ڪور ڪندو هُئس.
    خواجه غُلام حيدر بابل، سان مُنهنجي پهرين ملاقات شايد 70 ۾ سلطلن آباد ۾ ٿي هُئي، روڊ جي ڀر مان وهندڙ واهه جي ڪپ تي ويهي اسان ٻنهي زبردست ڪچهري ڪئي هُئي، جنهن مان اسان هڪ ٻئي کان متاثر ٿيا هُئاسين، ۽ اُتان کان ئي اسان جي دوستي جي ابتدا ٿي هئي، جيڪا ماشا الله اڄ تائين جاري آهي. بابل ۽ شمس خواجه، ٻئي سئوٽ هُئا ۽ دوست به، اصل کاڏو ڳوٺ ٽنڊو باگو جا خوبصورت جوان هُئا، ٻئي يونيورسٽي ۾ پڙهندا ۽ هاسٽل ۾ رهندا هُئا، شهر ۾ ايندا هُئا ته ملندا هُئاسين، بابل ۽ شمس اڳ ئي پليجي صاحب جي عوامي تحريڪ ۾ شامل هُئا. بابل اسان وٽ ٽائيم فوٽوز تي ۽ نانگا هائوس تي به ايندو هو، اُن وقت بابل ئي مونکي باقائده عوامي تحريڪ ۾ وٺي آيو. ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي، ته غلام حيدر بابل هڪ سچو محب وطن، عوامي انقلابي ماڻهو آهي، بلڪه هڪ کاهوڙي ڪردار آهي، جنهن هن سماج سان، وڏيرڪي نظام سان ٽڪر کاڌو، وڏا مقابلا ڪيا، ڏاڍا ڏک ۽ درد به مليا. پر اُن کي شڪست ڏئي، انهن کي غلط ثابت ڪري، ڪاميابي حاصل ڪئي، پاڻ کي ڪامياب سچو ثابت ڪيو. بابل جي زندگي جي ڪهاڻي ته هڪ دردناڪ داستان آهي، بلڪه هڪ ناول آهي، پر انکي مختصر ڪري ٻُڌائجي ته، بابل پنهنجي والد ۽ بزرگن سان سنڱا بندين ۽ وڏيرڪي روايتن سان اختلاف ڪري، مُدي خارج سماج سان بغاوت ڪئي ۽ سڀ ڪجهه ڇڏي هٿين خالي (صرف پنهجون پاليل ٻه ٻڪريون کڻي) پنهنجي جيجل ماءُ ٽن ننڍن ڀائرن ۽ ٽن ڀينرن کي وٺي حيدرآباد اچي ويو، ٽنڊي ولي محمد ۾ هڪ ڪمري واري مسواڙي فليٽ ۾ رهيو، سخت محنت ۽ ڪم ڪيائين، ايس آر ٽي جو انسپيڪٽر ٿيو، ماستري ڪئي، رائيس ڪارپوريشن ۾ مئنيجر ٿيو، پوءِ پراڻي بس ورتي ۽ پوءِ انشورنس ڪمپني جو آفيسر ٿيو، پنهنجن ڀائرن کي پڙهايو، ڀينرن جا فرض خوش اسلوبي سان ادا ڪيائين، پاڻ به پيار جي شادي ڪيائين ۽ گهر ٻارن وارو ٿيو، هن وقت، سئو ڏيڍ ايڪڙ زمين ۽ پنهنجو بنگلو ۽ ڪجهه پراپرٽي اٿس، مطلب ته بابل وڏيرڪي نظام سان ٽڪر کائي نڪتو، انهن اڳيان ڪو به نه جُهڪيو، پنهنجي محنت ۽ صلاحيتن سان پاڻ کي سچو ۽ ڪامياب ثابت ڪيو اٿس. بابل مونکي پارٽي ۾ آندو ته مان به ان جو ميمبر ٿي ويس. پارٽي جي ڪاميٽين ۾ رهيس، هاڻ صورتحال هي هُئي جو نور احمد جا دوست ساٿي سائين جي ايم سيد سان وابسته، سيد، زميندار پڙهيل لکيل شاگرد ايندا هُئا، ۽ منهنجا وري اڪثر هاري پورهيت غريب وڌيڪ هئا.


    ٽائيم فوٽوز کان عليحدگي ۽ سارنگ فوٽواسٽوڊيوز جو آغاز

    ٽائيم فوٽوز کان عليحدگي ۽ سارنگ فوٽواسٽوڊيوز جو آغاز

    1978: پنج سال ٿي ويا هئا. ٽائيم فوٽوز تي، هاڻ ته سڄي مُلڪ ۾ مشهور ٿي ويو هو، اسانجو اسٽوڊيو تمام سٺي فارم ۾ هلڻ شروع ٿيو هو، هاڻ اسان جي ڪمائڻ جا ڏينهن هُئا، تڏهين هڪ معمولي ڳالهه تان، نُور احمد ۽ منهنجي پارٽنرشپ ختم ٿي وئي ۽ مونکي ٽائيم فوٽوز ڇڏڻو پئجي ويو.... اصل ۾ واقعو يا سبب ڪو ايڏو اهم ڪو نه هو، پر خبر ناهي ڇو ادا نور احمد کي ائين لڳو يا هن ائين سمجهيو ته هاڻ مزيد ڀائيواري ڪا نه هلي سگهندي. نور احمد مون سان ڪو به ذڪر نه ڪيو، ڪا به ڳالهه ڪو نه چئي ته هي مسئلو آهي. ڪو پرابلم پيو ٿئي ته مونکي ٻُڌائي ها، بلڪل نه، بس اوچتو نور احمد مُنهنجي والد صاحب وٽ ويو، ان کي چيائين ته غلام علي اسٽوڊيو کي سياست جو ڳڙهه بنائي ڇڏيو آهي، ڪاروبار جي جاءِ تي سياست ۽ انقلابي جدوجهد پئي هلي. مختلف پارٽين جا ماڻهو ٿا اچن، بحث مباحثه ۽ اختلاف ٿا ٿين، ڪارڪن جذباتي آهن، جهيڙن ۽ جهڳڙن ڪري خطرو آهي ڪو مسئلو نه ٿي پوي. وڌيڪ چيائين ته اسان جي سياسي سوچ ۾ اختلاف آهي، ان ڪري هاڻ اسان مزيد گڏجي ڪم نٿا ڪري سگهون. انڪري اسان ٻنهي مان ڪو هڪ ٽائيم فوٽوز سنڀالي. ان لاءِ نُور احمد چونڊ جو پهريون حق مونکي ڏيندي، بابا کي چيو ته ڀلي گُلان پاڻ ٽائيم فوٽوز جهلي ۽ مونکي وهنوار ڏي، يا پوءِ مونکان وهنوار وٺي... نور احمد بابا کي اهو فيصلو ٻُڌائي هليو ويو، بابا مونکي گهرايو ۽ جڏهين هي ڳالهه ٻُڌائي ته مان حيران ۽ پريشان ٿي ويس. مونکي دل ۾ ڌڪ لڳو، مونکي ڏاڍو ڏک ٿيو هو. مُنهنجي ته وهم گمان ۾ به ڪو نه هو ته ڪو هيئن به ٿي سگهي ٿو ۽ منهنجي ۽ نور احمد جي وچ ۾ ايڏي بدگماني پئدا ٿي ويندي. سو مون سوچيو ئي ڪو نه هو. منهنجي خيال ۾ هي ڪو ايڏو وڏو مسئلو ڪو نه هو، نظرياتي اختلاف پنهنجي جاءِ تي، هر ڪنهن کي سوچ ۽ فڪر جي آزادي آهي. سياست پنهنجي جاءِ تي، بزنس، دوستي ۽ رشتي داري پنهنجي جاءِ تي هلڻ گهرجن، منهنجو خيال هو ته اهو سلسلو هلي سگهي پيو، پر ادا نور احمد بابا کي آخري فيصلو ٻُڌائي هليو ويو.... مون بابا کي چيو ته ٺيڪ آهي جيتوڻيڪ مون هن ٽائيم فوٽوز کي هلائڻ ۽ ڄمائڻ ۾ وڌيڪ محنت ۽ جدوجهد ڪئي آهي، نور احمد ته هتي نئون آيو هو. اسان ته اصل هتي جا، ان ڪري اسان کي وڌيڪ ماڻهو سڃاڻن، اسان جي دوستي ياري مٽي مائٽي ۽ واقفيت تمام گهڻي هُئي، تنهن کان سواءِ اسٽوڊيو مسواڙ تي مون ورتو هو، ڪرائي جي رسيد مُنهنجي نالي آهي. مان اسٽوڊيو جهليندس، مون پنهنجو فيصلو ٻُڌايو پر بابا ۽ امان مونکي چيو ته نور احمد فيصلي جو پهريون حق توکي ڏنو آهي، پر توکي هٿ کڻڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته نور احمد پاڻ جو نياڻو آهي، هو تلهار مان لڏي هتي پاڻ جي آسري ۽ سهاري تي آيو آهي، توهان گڏجي ڪاروبار ڪيو، هاڻ جيڪڏهن تون اسٽوڊيو پاڻ رکندين ۽ هُنکي جُدا ڪندين ته اُهو سٺو نه ٿيندو، ماڻهو چوندا ته پنهنجي ناٺيءَ کي گُهرائي پوءِ اُن مان هٿ ڪڍي ورتو ۽ اُنکان روزگار به ڦُري ورتو، هنکي حيدرآباد سڏائي پوءِ دوکو ڏنو. ناٺي ماڻهوءِ سان اهو ورتاءُ درست ناهي. انڪري توکي قرباني ڏيڻي آهي. هر حالت ۾ توکي هٿ کڻڻو آهي. بابا ۽ امان مونکي مجبور ڪري ڇڏيو.
    ان اسٽوڊيو جهلڻ يا ڇڏڻ واري ڪشمڪش دوران هڪ واقعو ٿيو، جيڪو مُنهنجي لاءِ اعزاز هو. جڏهين اسان جي پاٽنرشپ ختم ٿيڻ جون ڳالهيون هلي رهيون هيون، تڏهين دوستن ۽ ساٿين سان به ذڪر ٿيندو هو، سڀ مون کي اسٽوڊيو نه ڇڏڻ جو مشورو ڏيندا هُئا، مان وري پنهنجي مجبورين جو ذڪر ڪندو هُئس ته يار مون وٽ رقم ته آهي ڪو نه، ان ڪري شايد مونکي ڇڏڻو پوي. اها خبر پليجي صاحب ۽ جيجي زرينه بلوچ کي به پئي، جيجي زرينه سان مُنهنجيون ٻه ٽي ملاقاتون ٿيون هيون، جيجيءِ کي جڏهين خبر پئي ته گُلان وٽ پئسا ڪونهن ان ڪري اسٽوڊيو ڇڏڻ تي مجبور آهي، تڏهين هن عظيم عورت ڇا ڪيو جو، مونکي سڏائي پڇيو به ڪونه، اسلم کي پنجويهه 25 هزار رپيا لفافي ۾ وجهي ڏنا، جيڪو مونکي گهر تي اچي ڏئي ويو، ان نياپي سان ته، اسٽوڊيو بلڪل نه ڇڏج، باقي پئسن جي ضرورت پوي ته اهي به ڏينداسين. جڏهين مون لفافو کولي پئسا ڏٺا ته خوشيءِ ۾ اکيون ڀرجي آيون، اهڙي محبت، ايڏي همدردي ته صرف سڳي ماءُ ئي ڪري سگهي ٿي، پنهنجي اولاد سان.. حالانڪه پليجي صاحب ۽ جيجي زرينه ۽ اياز و اسلم سان تعلق کي سال ڏيڍ مس ٿيو هو، پليجي صاحب ۽ فاضل راهو وارن جا غريباڻا گهر پٺاڻ ڪالوني ۾ هُئا، جتي اڪثر اچڻ وڃڻ ٿيندو هو، جيجي وارا به هڪ ٻه ڀيرا مُنهنجي گهر آيا هُئا، جيجي سان گڏ هڪ ٻه پروگرامن ۾ مان فوٽو ڪڍڻ به ويو هُئس، سچ ته جيجي جي عظمت کي سلام آهي، جيڪا پنهنجي هڪ غريب ساٿي جي روزگار کي بچائڻ لاءِ ڪيئن بيچين ٿي ۽ ان جي هڪدم مدد ڪئي. سچ ته مونکي فخر آهي اهڙين عظيم هستين جي محبت ۽ مدد تي.
    خير، بابا ۽ امان جي حڪم تي مونکي ٽائيم فوٽوز ڏاڍي ڏک سان ڇڏڻو پيو، جيجيءِ جي پئسن جي ضرورت ڪا نه پئي ۽ مان شڪريه سان واپس ڪري آيس، حالانڪه جيجي چيو ته فل حال رک متان ضرورت پوي.
    اهڙيءِ طرح اسان جي ٽائيم فوٽوز جي پاٽنرشپ ختم ٿي، نور احمد مونکي وهنوار ڏنو، مان الڳ ٿي ويس، ٽائيم فوٽوز نور احمد جهليو پوءِ مون وري ٽائيم فوٽوز کان ٿورو پرتي، هيرآباد ۾ مياڻي روڊ تي، سارنگ آرٽ اسٽوڊيو جي نالي نئون اسٽوڊيو قائم ڪيو. اُنهن ڏينهن مُنهنجو فرزند سارنگ ڄائو هو، ان ڪري اهو نالو رکيم. سارنگ اسٽوڊيو جي لاءِ سامان، ڪئمرائون ۽ ٻيا اڪيوپمينٽ وغيره وٺڻ لاءِ ڪراچي ويس، پنهنجي دوست عظيم کي گڏ وٺي ويس، اسان ٻنهي سڄو ڏينهن خريداري ڪئي، مطلوبه سامان ۽ ڪئمرائون ورتاسين، رات جو ڏهين بجي واندا ٿي هوٽل تي ماني کائي، ٻارهين بجي ڌاري اسان صدر مان حيدرآباد جي بس ۾ سوار ٿياسين، ته هڪ عجيب واقعو ٿيو، آڌي رات هُئي ان ڪري بس ۾ اٺ ڏهه مسافر مس هُئا، اسان وچ ۾ سيٽن تي ويٺاسين، بس جڏهين سهراب ڳوٺ اسٽاپ تي بيٺي تڏهين هڪ ڳوري چٽي خوبصورت ڇوڪري، شوخ رنگ ڪپڙن ۾ عمر اٽڪل 20 سال کن هوندي، اڪيلي بس ۾ چڙهي ۽ اسان جي اڳيان واري سيٽ تي ويٺي، هن وٽ ٻيو ڪو به سامان ڪو نه هو، صرف هڪ پرس هٿ ۾ هو، بس ڪراچي مان نڪتي، ڇوڪري به حيدرآباد جي ٽڪيٽ ورتي، ڊرائيور ڪنڊيڪٽر ۽ هڪ ڏاڙهي وارو مُلو به هن کي تاڙڻ لڳا، مُلو جيڪو اڳيان ويٺو هو، هر هر مُڙي پيو ڏسي. آئون ۽ عظيم پنهنجون ڳالهيون ڪندا رهياسين، جڏهين اڌ پنڌ گذريو تڏهين ڇوڪري اسان ڏانهن مُنهن ڪري پڇيو، آپ حيدرآباد ۾ رهتي هو، اسان چيو ها، ته هن پڇيو ڪس علائقي ۾ رهتي هو. آپ لطيف آباد مين رهتي هو، اسان چيو نهين هم هيرآباد مارڪيٽ مين رهتي هين، تڏهين هن ڪنهن علائقي جو نالو وٺي پڇيو ته يه ڪهان هي، اسان اهو نالو پهريون ڀيرو ٻڌو هو، ان ڪري اسان چيو ته اسان کي خبر ڪونهي، پر لطيف آباد تمام وڏو علائقو آهي، شايد اهو علائقو لطيف آباد ۾ هُجي، ڇوڪري پڇيو هي بس لطيف آباد ويندي، اسان ٻُڌايس ته هي بس اسٽاپ تائين ويندي اهو ٻُڌي هوءَ ڪُجهه پريشان ٿي وئي. اڳيان ويٺل مُلا جڏهين ڏٺو ته ڇوڪري اسان سان ڳالهائي پئي ته وٽ سٽ کائڻ لڳو، ڪاوڙ ۽ نفرت سان پيو ڏسي ۽ بُڻ بُڻ ڪندو خبر ناهي ڇا چئي رهيو هو، جيڪو بس جي گهوڙ ۾ ڪو نه ٻُڌوسين، ڪنڊيڪٽر ۽ ڊرائيور پاڻ ۾ اشارا ڪندا مسڪرائيندا رهيا. جڏهين ته ڇوڪري ڪا ڄاتل سڃاتل جاءِ جو نالو نه پئي ٻُڌائي سگهي، حيدرآباد ويجهو ايندو رهيو ۽ هوءِ بيچين ٿيڻ لڳي، تڏهين مُون هن کي چيو ته، تون ته ڪا چري ڇوڪري آهين جو آڌي رات جو اڪيلي نڪتي آهين حيدرآباد وڃڻ لاءِ توکي جتي وڃڻو آهي اُتي جي به درست ائڊريس تو وٽ ڪانهي. صرف سڪندر مامون ڪا گهر توکي ڪٿان ملندو. رات جو ٽين بجي شهر ۾ سُڃ هوندي، روڊن تي رستن تي صرف ڪُتا ۽ بدمعاش ماڻهو ئي هوندا، تون ته لٽجي برباد ٿي ويندي، مُنهنجي اهو چوڻ تي هوءِ وڌيڪ پريشان ٿي وئي، تڏهين مُون هن کي آفر ڪئي ته، اسين ٻچڙيوال ۽ شريف ماڻهو آهيون، مُنهنجو گهر آهي زال ۽ ٻار ٻچا آهن، مُنهنجون ٻه نياڻيون به آهن، تون رات هلي اسانجي گهر تي رهو، صُبح جو مان توکي خود هلي تلاش ڪري تنهنجي عزيزن وٽ پهچائي ايندس، ڏينهن شينهن آهي، ڏينهن جو تون پاڻ به وڃي سگهندين، پر هن وقت رات جو توکي سخت خطرو آهي. هن ڪو جواب ڪو نه ڏنو، ٻڏتر ۾ رهي، حيدرآباد آيو قاسم چوڪ تي اسان لٿاسين، پنهنجو سامان لاٿوسين، آخر ۾ ڇوڪري کي ڏٺم پر هن ڪو ردعمل ڪو نه ڏيکاريو، خاموش ويٺي رهي، عظيم ٻڌايو ته ڊرائيور ۽ ڪنڊيڪٽر پاڻ ۾ اشارا ڪري رهيا هُئا ته ڇوڪري کي اڳتي وٺي هلون، اسين لهي وياسين بس ڇوڪري سودو اڳتي هلي وئي، اسان ٻئي هن ڇوڪري لاءِ فڪر مند ٿيندا واپس آياسين، پوءِ خبر ناهي هن جو ڇا ٿيو، سڪندر مامون جي گهر پهتي يا پٺاڻن جي ور چڙهي ويئي. سارنگ اسٽوڊيو جي تياري ۽ سيٽنگ ۾ مُنهنجو دوست عظيم مون ساڻ گڏ رهيو، سليم D.S.P جي ٽريننگ لاءِ شهدادپور هو، آئون اڪيلو هُئس، عظيم منهنجو مددگار هو، پوءِ جڏهين تياري مڪمل ٿي، افتتاح جو وقت آيو، تڏهين ڪجهه دوستن ۽ واقف ڪارن جي موجودگي ۾، پنهنجي دوست عظيم کان افتتاح ڪرايم، عظيم باقاعده ربن ڪٽي، سارنگ آرٽ اسٽوڊيو جو افتتاح ڪيو، دعا ٿي ڪيڪ ۽ بوتل پيئاري، اهڙي طرح سارنگ آرٽ جو جنم ٿيو، جيڪو پوءِ پنڌرهن سال قائم رهيو، ۽ اهي پنڌرهن سال مُنهنجي زندگي جا يادگار ۽ تاريخي واقعن سان ڀريل رهيا...
    سارنگ اسٽوڊيو شروع ٿيو ته سڀ پارٽي ساٿي ۽ دوست اچڻ لڳا، پارٽي جا سڀ پروگرام مان اٽينڊ ڪندو هئس، فوٽو گرافي جو شعبو مُنهنجي حوالي هو، سڄي سنڌ ۾ جتي به پليجي صاحب جو پروگرام هوندو هو اُتي مان فوٽو ڪڍندو هُئس، جتي راڳ رنگ ۽ ميوزيڪل پروگرام هوندو هو، جيجي زرينه به هلندي هُئي ته اسين گڏجي ٽيڪسي ۾ ويندا هُئاسين. هڪ ڀيري اهڙي پروگرام ۾ وڃي رهيا هئاسين، ڪار ۾ مان جيجي ۽ ٻه سازنده هئا، پروگرام پارٽي ليڊر محمد خان مگسي جي فرزند جي شادي جو وليمو هو، جنهن ۾ ميوزڪ ۽ راڳ جو پروگرام به هو، جڏهين اسان ٽنڊو محمد خان ڪراس ڪيو ته جيجي جي طبيعت خراب ٿيڻ لڳي، جيجي ٻُڌايو ته هنکي شگر جي بيماري آهي، خالي پيٽ ۽ بُک ۾ هڪدم معدي ۾ سخت سور پوندو آهي، اهو ايڏو ته شديد هوندو آهي جو ماڻهو تڙپڻ لڳندو آهي، جيستائين هو ڪجهه کائيندو نه تڙپندو رهندو، جيجي کي تڪليف وڌڻ لڳي ته هن چيو فورن ڪنهن هوٽل يا دڪان تي گاڏي بيهاريو، ڪجهه نه ڪجهه کائڻ جو بندوبست ڪريو، جيجي پوءِ ٻڌايو ته هوءِ هميشه پاڻ سان کائڻ لاءِ بسڪيٽ وغيره کڻندي آهي، اڄ به ڪڍي رکيا هُئا پر کڻڻ وسري ويا هُئا، بهرحال تڪليف وڌڻ لڳي، جيستائين ڪا هوٽل اچي اسين به پريشان ٿي وياسين. اُن وقت هڪ ڪکائين هوٽل نظر آئي، جتي هڪ پوڙهو ويٺل هو، جيجي مونکي چيو ها هتي بيهار ۽ ڊوڙ پائي وڃ کائڻ جي ڪا به شئي کڻي اچ، گاڏي بيٺي مان لهي ويس، نما شام جو ٽائيم هو پوڙهو به سڀ ڪجهه ختم ڪري هوٽل بند ڪري رهيو هو، ڌيڳڙا خالي هُئا، باقي اڳيان پاٽ ۾ اڌڙ سُڪل ماني جو پيل هو، نه بسڪيٽ ۽ ٻي ڪا شئي مون اهو اڌڙ ماني جو کڻي پري کان جيجي کي ڏيکاريو ته هي آهي هن يڪدم چيو ها ها اهو کڻي آءُ، اهو سُڪل ماني جو اڌ جيجي کاڌو ۽ تڏهين هنکي آرام آيو، پوءِ اڳتي اسان بسڪيٽ به خريد ڪيا، پر پوءِ خير ٿي ويو.....
    سنڌي عوامي تحريڪ جون ذيلي تنظيمون، هارين، مزدورن، شاگردن، عورتن ۽ ٻارڙن تي مشتمل هيون، جن جي سڀني پروگرام جا فوٽو مان ڪڍندو هئس، ظاهر آهي ته سموريون تنظيمون محنت ڪشن جون هيون، ان ڪري هارين پورهيتن وٽ ڪٿان آيا پئسا، پروگرام ڪرڻ لاءِ چندو به اسان پاڻ ڪندا هُئاسين، سو فوٽن جا پئسا ڪٿي هئا جو مونکي ڏين، اڪثر ساٿي اچي پريس ۾ خبر هلائڻ لاءِ ٻه کن ڪاپيون کڻي ويندا هئا، باقي فوٽو مون وٽ پيا هوندا هئا، اهڙي طرح مون وٽ فوٽن جا ڪٽا گڏ ٿي ويا هئا.. ان دور ۾ شير خان لُنڊ جيڪو هاري ڪاميٽي جو صدر هو، جيل مان آزاد ٿي سائين عالم شاهه ۽ ٻن ٻين ساٿين سان اسٽوڊيو تي آيو، همراهن جون ڏاڙهيون وڌيل وار ڪلهن تائين، اصل جهڙا بگٽي ٻروچ هُجن، اُن ئي حالت ۾ مون هنن جا فوٽو ڪڍيا، پوءِ وڃي وار ۽ ڏاڙهي ڪوڙايائون. اُنهن ڏينهن شير خان لنڊ جي ڳوٺ، جيڪو بٺورو کان ٿورو پري هو. هاري ڪانفرنس ٿي هُئي، پليجو صاحب ۽ فاضل راهو جيل ۾ هُئا، اُن وقت ڊاڪٽر فيروز احمد آمريڪا مان واپس اچي پارٽي ۾ سرگرم ٿيا هئا. ياد رهي ته ڊاڪٽر فيروز احمد هڪ مڃيل اسڪالر ۽ معاشيات جو ماهر هو ۽ ”پاڪستان فورم“ نالي اردو ۾ اعليٰ معيار جو ميگزين ڪڍندو هو، ڊاڪٽر صاحب ان هاري ڪانفرنس جو مهمان خاص هو. پينڊال جي لاءِ وڏو ڇنو لڳايل هو ۽ مٽيءَ جي ڌڙي تي اسٽيج هو، باقي هال ۾ زمين تي سارين جي پلال وڇائي هُئي جنهن تي ٻه هزار کن هاري مزدور شاگرد ۽ ٻيا مهمان ويٺل هُئا، اسٽيج تي پلال مٿان فراش وڇايل هُئا، جن تي مهمان خاص ۽ ٻيا هاري مزدور ليڊر ويٺا. جلسو انتهائي مُنظم ۽ مڪمل ڊسيپلين ۾ شروع ٿيو، هاري ۽ مزدور رهنمائن ايڏيون شاندار تقريرون ڪيون جو ماڻهن سان گڏ ڊاڪٽر صاحب به بيحد متاثر ٿيا، جوش جذبي سان انقلابي گيت ڳايا، ڪجهه هاري ٻارن جي تقريرن به داد حاصل ڪيو. آخر ۾ ڊاڪٽر فيروز احمد، مهمان خاص تقرير ڪندي تمام خوشي ۽ بيحد اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته اڄ مونکي ائين پيو لڳي ته جهڙوڪر ويٽ نام جي ڪنهن انقلابي ڳوٺ ۾ موجود آهيان، اهڙيون گڏجاڻيون هارين جون مون انگولا ۾ ڏٺيون هيون. ڊاڪٽر صاحب چيو اڄ پهريون ڀيرو هتي هنن هاري ۽ مزدور ساٿين جون تقريرون ٻڌي، ساٿين جو ڊسيپلين ۽ منظم انداز ڏسي مونکي يقين ٿي ويو آهي ته سنڌ جا مظلوم عوام سُجاڳ آهن، هاڻ انقلاب پري ڪونهي، محترم پليجو صاحب وارن جون، سالن جون محنتون ۽ جدوجهدون جلد ڪاميابي ماڻينديون... جلسي جي پڄاڻ کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب ۽ اسان اُتي زمين تي پلال تي ويهي ٺڪر جي پاٽن ۾ پٽاٽن ۽ چڻن جو ڀت کاڌو هو، ۽ رات جو پلال مٿان رليون وڇائي سُتا هئاسين ۽ ٻي ڏينهن صُبح جو مکڻ ماني ۽ لسي جو ناشتو ڪري واپس آيا هُئاسين، واضح رهي ته ڊاڪٽر فيروز احمد جي معاشياتي علم ۽ قابليت ڏسي کيس انگولا جي انقلابي حڪمران سامورا موشيل وزير خزانه ٿيڻ جي آڇ ڪئي هئي.


    ” جوهي ۽ واهي پاندي جو سير“

    ” جوهي ۽ واهي پاندي جو سير“

    سارنگ فوٽوز جي شروعاتي ڏينهن ۾، جوهي دادو جي هڪ ساٿي، ڦوٽو رُستماڻي مونکي صلاح هڻندي چيو ته هل ته توکي جوهي، واهي پانڌي ۽ ڪارو جبل گُهمايان، مان به تيار ٿي ويس، ڪئميرا کنيم ۽ اسان ٻئي نڪري پياسين، دادو کان جوهي پهتاسين، اُتان کان واهي ٻانڌي تائين وچ ۾ وڏو رڻ پٽ آهي، جيڪو سُڪل ڪلراٺي ميدانن تي مشتمل آهي. نه وڻ ٽڻ ۽ نه ڪا آبادي آهي، پيئڻ جو پاڻي به ساڻ کڻڻو پوندو . اهو رڻ پار ڪرڻ لاءِ سواري صرف پُراڻي زماني جون فوجي وليز جيپون هيون، حيرت جي ڳالهه اها ته ان هڪ جيپ ۾ سورهن سورهن ماڻهو اهڙي ته حرفت سان کڻندا هئا، جو اچرج وٺيو وڃي. اسان کي حيدرآباد جي مهمان طور اڳيان ڊرائيور جي ڀر ۾ ويهاريو ويو ۽ پوءِ سورهن ماڻهن سان سٿيل اها جيپ مسلسل اڍائي ڪلاڪ ان سڃي ۽ سڌي رڻ مان تيزي سان هلندا، سج لٿي مهل واهي پانڌي پهتاسين، جتي اسان جو پارٽي ساٿين ۽ مقامي ليڊرن محمد حسن رستماڻي، غلام مصطفي رستماڻي ۽ ٻين آڌرڀاءُ ڪيو. هڪ غريباڻي اوطاق ۾ رهياسين، ماني کاڌي ڪچهري ڪئي. صُبح جو ڪاري جبل تي هلڻ جو پروگرام هو. اهڙي هڪ جيپ ۾ اسان ڇهه ست دوست روانه ٿياسين، جنهن ڪلاڪ ڏيڍ ۾ اسان کي هڪ وڏي جبل جي هيٺان اچي لاٿو، باقي اڳيان پنڌ هلياسين. اهو ڪارو جبل هو جنهن جي مٿي چوٽيءِ تي پهتاسين ته پرئين پاسي وڏن جبلن جي وچ ۾ هڪ سرسبز نخلستان اسان جي سامهون هو، جنهن جي وچمان هڪ صاف پاڻي جي ندي وهي رهي هُئي، وڻن ۽ ساوڪن سان ڍڪيل خوبصورت وادي ڏسي دل باغ و بهار ٿي وئي. ندي جي ڀر ۾ وڏي جبل جي هيٺان هڪ وڏي غار هُئي، جنهن جي پڌر ۾ دوستن ڪئمپ قائم ڪئي. غار جي مُنهن تي رليون، اجرڪون وڇائي ويٺاسيسن، ٻه دوست لڳي ويا ماني ٺاهڻ ۾، اسان گوڏ ٻڌي ندي جي شفاف ٿڌي پاڻي ۾ وهنجڻ لڳاسين، تازا توانا ٿي آسپاس چڪر هنياسين، دوست رائيفل ۽ بندوق کڻي هليا هئا، پوءِ نشاني بازي شروع ٿي، سامهون پريان جبل جي چوٽي تي هڪ گول پٿر هو ۽ انکي نشانو ڪرڻو هو. ساٿي مصطفيٰ ماهر نشاني باز هو، اُن ٽي فائر ڪيا ٽئي نشاني تي لڳا، ٻين به ڪيا، آخر ۾ مونکي ڏنائون، مون زندگي ۾ ڪڏهين بندوق ڪا نه هلائي هُئي، سو هڪ دوست ڀر ۾ بيٺو ۽ مون نشانو ٻڌي فائر ڪيو، دوست مونکي جهلي نه بيهي ها ته مان رائيفل جي جهٽڪي سان پٺيان وڃي ڪران ها، نشانو ته ڇا لڳڻو هو، زخمي ٿيڻ کان بچي ويس. خير دوستن مڇي ۽ ماني عجيب طريقي سان تيار ڪئي. اٽو ڳوهي انکي گول پٿر مٿان ويڙهي، انکي ٽانڊي جي ڀر ۾ واري ۾ ڍڪي ڇڏيو، اهڙي طرح مڇي به گرم واري تي پچائي. ٿوري دير کان پوءِ پٿر ڪڍيائون ته ماني پچي تيار ٿي وئي هئي. ماني پٿر تان ٽُڪر ڪري لاٿائون، اهڙي طرح واري تي پڪل مڇي ۽ ماني اسان کاڌي، جنهن جي لذت اڄ پڻ زبان جي ذائقي تي موجود آهي. اهڙي انداز سان تيار ٿيل ماني مون وري زندگي ۾ ڪو نه کاڌي، ماني کائي پو ءِ اسان وادي جا چڪر هنيا، هڪ ٻي وڏي غار اندر وڃي ويٺاسين جنهن ۾ ايڏي ٿڌڪار ۽ فرحت هُئي جهڙو ايئر ڪنڊيشن ۾ ويٺا هئاسين، دوستن ٻُڌايو ته هي غار اندر تمام وڏي آهي ۽ اندران ڪٿي سوراخ آهن، جن مان هوا داخل ٿي ٿئي ۽ غار ٿڌي ٿي رهي. دوستن ٻڌايو ته، بلوچستان جي طرف جيڪب آباد ويندڙ اُٺن جا قافلا هنن غارن ۾ ڊاٻو ڪندا، رات ترسندا آهن پوءِ اڳتي ويندا آهن، پوءِ اسان اُن غار ۾ ويهي مائوزيتنگ جا قول پڙهيا هُئا، اها منهنجي لاءِ حيرت ۽ خوشي جي ڳالهه هُئي، سنڌ جي هن دور دراز علائقي ۾ ساٿي مائوزيتنگ ۽ هوچي منهه جي قولن جون چوپڙيون پاڻ وٽ ٿا رکن ۽ پڙهن ٿا. اهو محترم رسول بخش پليجو صاحب جو پورهيو، جدوجهد جو ثمر آهي. شام جو اسان واپس آيا سين، صُبح جو شهر ۽ بازار گهمڻ وياسين، سڀ ماڻهو ساٿين جي ۽ خاص طور تي محمد حَسن رستماڻي جي تمام گهڻي عزت ۽ احترام ڪري رهيا هئا. هوٽلن ۽ دڪانن جا ماڻهو اچي هٿ ملاءِ رهيا هُئا، مون ان جو سبب پڇيو ته ڇا محمد وڏيرو آهي، يا چڱو مُڙس آهي، دوست ٻُڌايو ته نه، اسان سڀ عام غريب ۽ هٺين درجي جا آهيون، پر اصل ڳالهه اها آهي جو ٻه ٽي سال اڳ اسان جڏهين پارٽي ۾ آياسين، دوستن جون ڳالهيون، ليڪچر ٻُڌاسين ۽ ساٿين ڪتاب اسان کي ڏنا، چين ۽ ويٽنام جا، جن ۾ ڳاڙهو لالٽين جهڙيون ڳوٺاڻيون انقلابي ڪهاڻيون پڙهيوسين، تڏهين واهي پانڌي جي مُعزز ماڻهن جي هڪ شهري ڪاميٽي ٺاهي، جنهن پنهنجي سچائي ۽ نيڪ نيتي سان هن ننڍڙي شهر جو انتظام سنڀالي ورتو، اسڪول کولائي ماسترن جي ڊيوٽي يقيني بڻائي، ڇوڪرين جي اسڪول جي اهم ضروريات، واش روم، پيئڻ جو پاڻي ۽ ليبارٽري وغيره لاءِ اي ڊي او سان ملي سڀ ڪم مڪمل ڪرايا، سرڪاري اسپتال کي فنڪشنل ڪرائڻ گهٽيون پڪيون ڪرائڻ، ناليون ۽ صفائي لاءِ انتظاميا ۽ ٽائون ڪاميٽي معرفت ڪم ڪرائڻ ان کان سواءِ شهر ۾ ڪو به مسئلو ٿئي جهيڙو جهٽو ٿيندو آهي ته هاڻ ٿاڻي تي يا وڏيري وٽ وڃڻ بدران شهري ڪميٽي ۾ اهو فرياد يا مسئلو ايندو آهي، يا سنڱابندي، شادي يا طلاق، يا ڪو جائيداد جو مسئلو هُجي ته هُن مسجد جي پَڌرَ ۾ هر هفتي شهري ڪَميٽي ۽ معزز ماڻهو گڏ ٿي رات جي چانڊوڪي ۾ فيصلا ڪندا آهن، ۽ تمام فيصلا انتهائي خوش اسلوبي سان ڪيا ويندا آهن. جو ڌُريون راضي خوشي ٿيو اُٿن، ڪجهه عرصي کان پوليس وارا ۽ وڏيرو بُک مرڻ لڳا، صوبيدار بدلي ڪرائي هليو ويو، باقي جيڪي آهن سي اسان کي پيا پٽين ته، هيءِ ڪهڙِي مخلوق آهي جنهن اسان جي پيٽ تي لت ڏني آهي، هڪڙي دوست بازار ۾ اشارو ڪري مونکي چيو هو ڏسو سامهون ڌڪي تي اهو جيڪو چريو جهڙو ماڻهو ويٺو آهي، اهو وڏيرو آهي جيڪو اڳي حاڪم هو اُهو اجهو ائين پيو ڌڪا کائي.. مان اهو سڀ ڏسي حيران ۽ خوش ٿيو هُئس، مون دوستن کي شاباس ڏني... محمد حسن ۽ غلام مصطفيٰ جهڙن عظيم ڪردارن سان ٻه راتيون ڪچهريون ڪري، انهن جو پيار، محبتون ۽ خوبصورت يادون کڻي واپس آياسين.


    ”ڀٽي صاحب جي ڦاسي ۽ عوامي تحريڪ جي عورت ڪارڪنن جو ڪردار“

    ”ڀٽي صاحب جي ڦاسي ۽ عوامي تحريڪ جي عورت ڪارڪنن جو ڪردار“

    1980ع جو سال هو، ڀُٽي کي ڦاسي ڏيڻ کانپوءِ فوجي آمر جنرل ضياءَ الحق ڏهڪاءُ ڦهلائي رهيو هو، فوجي عدالتون قيد ۽ ڪوڙهن جون سزائون ڌڙا ڌڙ ڏئي رهيون هيون، جنهن به ٿي ڳالهايو يا احتجاج ڪيو، هڪدم گرفتار ڪري ٻي ڏينهن سزا ڪوڙهن ۽ قيد جي ڏين، خود پي پي وارا گُم ۽ ماٺ ۾ هُئا، تڏهين پليجو صاحب ۽ فاضل راهو جي جيل ۾ هوندي به عوامي تحريڪ راهوڪي ۾ احتجاجي جلسي جو اعلان ڪيو. ياد رهي ته جڏهين ذوالفقار علي ڀُٽو کي ڦاسي جي سزا جو فيصلو آيو، تڏهن سڄي ملڪ مان پهريون احتجاج ۽ سزا خلاف مظاهرو سنڌياڻي تحريڪ حيدرآباد ۾ ڪيو هو، اٽڪل هڪ سئو عورتون گاڏي کاتي کان صدر تائين مارچ ڪيو هو. ان جي قيادت جيجي زرينه بلوچ بُرقعي ۾ رهي ڪئي هُئي، ڇاڪاڻ ته هوءِ سرڪاري ملازم هُئي...بهرحال راهوڪي جي جلسي جي اعلان، سڀني سان گڏ فوجين کي به حيران پريشان ڪري ڇڏيو، ڪجهه ڪارڪن گرفتار به ڪيا ويا، ليڊر ته اڳي ئي جيل ۾ هئا، پر تڏهين به خوف واري ماحول ۾ جلسي جون تياريون ٿيون، گهڻيون افواهون ڦهلايون ويون ته فوج حملو ڪندي، فائرنگ ٿيندي، بم هڻندا وغيره پر جلسو ٿيو، ٻه ٽي هزار ماڻهو شريڪ هُئا، مان به فوٽو ڪڍڻ ويس. مون کي اهو وقت ياد آهي ته تمام گهڻا ماڻهو هُئا، ماڻهن ۾ زبردست جوش ۽ جذبو هو، پُرجوش تقريرون ۽ جذباتي انقلابي گيت هُئا، اياز جو ڪلام ”سنڌڙيءَ کي سر ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميار او يار“ ماڻهن اُڀ ڦاڙ نعرا هنيا هئا. ڊاڪٽر آڪاش انصاري جيڪو پنهنجو شعر پڙهيو هو، اُن به ماڻهن کي گرمائي ڇڏيو هو.. اهو سلسلو خير ۽ خوبي سان پورو ٿيو ته گرفتاريون شروع ٿيون، مٺو مهري ۽ ٻن ٻين ساٿين کي بدين ۾ ڪوڙها لڳا هئا ۽ مٺو مهريءَ هر ڪوڙهي تي جيئي سنڌ جو نعرو هنيو هو.


    سارنگ اسٽوڊيو جو قيام

    سارنگ اسٽوڊيو جو قيام

    ٽائيم فوٽوز جي پاٽنرشپ ختم ٿيڻ، مُنهنجي لاءِ بيحد افسوس ناڪ هُئي، پر ان کان پوءِ به مُنهنجي دل ۾ نور احمد لاءِ عزت ۽ احترام برقرار رهيو، مون کي اهو احساس هميشه رهيو ته نور احمد مُنهنجو اُستاد آهي، هن مونکي دنيا جا بهترين ڪتاب پڙهايا، مون هن مان گهڻون ڪجهه پرايو آهي. اهو ايڏو وڏو احسان هو جيڪو مونکي هميشه ياد رهيو، انهي احساس جيڪري مُنهنجي من ۾ ڪو به مير نه آيو. حالانڪه اسان هڪ ٻي وٽ ڪو نه ايندا ويندا هئاسين پر مُنهنجي خواهش هُئي ته اسان مِلون ۽ اڳي وانگر هڪ ٻي وٽ اچون وڃون، جيڪڏهن ڪا رنجش آهي ته اُها ختم ڪريون ۽ مُنهنجي طرفان ڪا غلطي يا گُستاخي ٿي آهي ته مان معذرت ڪرڻ لاءِ به تيار آهيان، اها مُنهنجي خواهش هُئي ۽ پوءِمون پنهنجن انهن جذبن ۽ خيالن کي نور احمد تائين پهچايو، مونکي ڏاڍي خوشي ٿي جڏهن نور احمد اُنجو مثبت جواب ڏنو، مُنهنجي پيغام جي جواب ۾ نور احمد هڪ ڪاغذ تي چنداکر لکي موڪليا، ”تون اچڻ چاهين ته ڀلي اچ“ اها چٺي مُنهنجي لاءِ اطمينان ۽ خوشي جو باعث هُئي، ان ڪري اها مون سنڀالي رکي، جيڪا اڄ تائين مون وٽ محفوظ آهي. اُن کان پوءِ مان نُور احمد وٽ ويس، ته هن اهوئي قُرب ۽ عزت ڏني. مان مهيني ۾ هڪ ٻه ڀيرا نور احمد جي گهر ويندو هُئس، نور احمد به منهنجي گهر ڪڏهن ڪڏهن ايندو هو، اهڙي طرح اسان جا تعلقات بحال ٿي ويا.. نور احمد پنهنجو ٽائيم فوٽوز سنڀاليندو رهيو ۽ مان پنهنجو سارنگ اسٽوڊيو هلائيندو رهيس.
    نور احمد سان پاٽنرشپ ختم ٿيڻ کانپوءِ حامد منزل کي ڇڏي اسان ٽنڊي ولي محمد ۾ حيدر منزل ۾ اچي رهيا هئاسين، حامد منزل ۾ جيئن ته هڪ ڪمرو هو، اسان جي فئملي به وڌي رهي هُئي. سارنگ به پئدا ٿيڻ وارو هو، ٻيو مون وٽ مُنهنجا ساهُرا به ايندا هُئا ته تڪليف ٿيندي هُئي، ان ڪري اسان حيدر منزل واري وڏي فليٽ ۾ آياسين، جتي سارنگ ڄائو ۽ سارنگ آرٽ اسٽوڊيو قائم ٿيو هو.
    هاڻ سڀ ڪُجهه ٺيڪ ٿي ويو هو، سليم جي شادي مُنهنجي ننڍي ڀيڻ زيب النساءُ سان ٿي ته مونکي ڏاڍي خوشي ٿي، هڪ ته مُنهنجو پيارو دوست سليم هاڻ مائٽ به ٿي ويو، رشتي دار بڻجي وياسين، ٻيو ته مُنهنجي ڀيڻ کي سليم جهڙو بهترين گهوٽ مليو هو. نانگا هائوس تي ڪچهريون گهٽ ٿينديون هُيون پر هفتي ۾ هڪ ڀيرو موڪل واري ڏينهن ضرور ملندا هُئاسين. ڀٽي جي دور ۾، پوليس ۾ ڊائريڪٽ D.S.P جون پوسٽون آيون ته سليم کي شوق ٿيو، تنهن اپلاءِ ڪري ڇڏيو، بابا حاجي خوجه (ايڇ ايم خوجه) جيڪو سليم جو سڳو چاچا هو، ان جي مدد سان سليم سليڪٽ ٿي ويو، ٽريننگ لاءِ شهدادپور ويو ته ڪچهريون به گهٽ ٿي ويون....
    انهن ڏينهن اسان جي خاندان ۾ هڪ دردناڪ واقعو ٿيو، مُنهنجو ننڍو ڀاءُ حسن علي اوچتو گُذاري ويو، حسن علي جنهن کي اسان سڀ ڇوٽو چوندا هئاسين، مونکان ٻه سال ننڍو هو، چاچا جي ڌيءَ دلشاد سان شادي ٿي هُئي ٻه پُٽڙا ۽ هڪ نياڻي هُئي، 35 سال عمر هُئس، بلڪل ٺيڪ صحت مند هو. گاڏي کاتي ۾ پنهنجو دڪان هوس ۽ فوٽو ڪاپي مشينن جو ماهر ڪاريگر به هو، دڪان تي ويٺو هو ته هنکي بيچيني محسوس ٿي، ڇاتي ۾ سور ٿيڻ لڳو، هن سمجهيو عام رواجي سور آهي، سهي ٿي ويندو پر اصل ۾ هن کي هارٽ اٽيڪ ٿيو هو. تڪليف وڌي ته رڪشه ڪري گهر آيو. بدقسمتي سان ڇوٽو جو فليٽ چار ماڙ مٿي هو. دل جي دوري دوران هو سيڙين تان چڙهي چار منزل مٿي پهتو ته ڪِري پيو، شديد قسم جو اٽيڪ هو، بيهوش ٿي ويو. ڀاڀي دلشاد اسان کي سڏايو، اسان فورن هنکي کڻي هاسپيٽل پهچايو پر افسوس اسان جو پيارو ڀاءُ هميشه لاءِ اسانکان هليو ويو هو، اهو تمام وڏو سانحو هو، اسان جي خاندان جو پهريون وڏو دردناڪ واقعو هو. امان جي جگر جو ٽڪڙو ڇڄي پيو هو، ان درد ۽ ڏُک امان کي شگر جي بيماري ڏني. ڀاڀي دلشاد ويچاري ته مڇي وانگر ڦٿڪندي روئيندي رهي. چوٽو منهنجو ننڍو ڀاءُ مُنهنجو ته پل پل جو ساٿي رهيو هو. مون کان ٻه سال ننڍو هو، اسان ته ننڍپڻ کان گڏ رهي وڏا ٿيا هئاسين، مونکي به دلي صدمون رسيو هو، پهريون ڀيرو مان بي اختيار رُنو هُئس.. حسن جا ٽي ننڍا ٻار هُئا، برڪت علي، پنجن ڇهن سالن جو هو، ٻيو نمبر راجيش حسن جنهن جو نالو ڇوٽو پنهنجي پسنديده اداڪار راجيش کنه جي نسبت سان رکيو هو. اهو اڍاي ٽن سالن جو هو، سڀ کان ننڍي نياڻي حسن جي دادلي ۽ پياري ڌي سورٺ جيڪا ڏيڍ ٻن سالن جي هُئي، جنهن کي کڻي مون پنهنجي ڇاتي سان لاتو هو ۽ پنهنجي پياري مرحوم ڀاءُ جي جنازي اڳيان دل ۾ ان سان وچن ڪيو هوم ته، اڄ کان پوءِ سورٺ منهنجي نياڻي آهي، هاڻ آئون هن جو بابا آهيان، هيءِ هميشه مون ساڻ رهندي ۽ پوءِ ائين ئي ٿيو هو. منهنجو فرزند سارنگ جڏهين ٻاويهن سالن جو ٿيو، ۽ سورٺ سورهن سالن جي تڏهن ٻنهي جي رضامندي سان رشتو پڪو ڪيو هو، پوءِ ڪجهه سالن بعد سورٺ کي ڪنوار بڻائي هميشه جي لاءِ پاڻ وٽ وٺي آياسين، هن وقت سارنگ ۽ سورٺ جا ماشا الله ٻه خوبصورت پٽڙا آهن، وڏي جو نالو، مرحوم ڀاءُ جي نسبت سان علي حسن رکيو آهي، حسن علي مرحوم جي ٻنهي پٽن اعليٰ تعليم حاصل ڪئي، برڪت علي نيشنل بئنڪ جو مئنيجر ٿيو، پر هاڻ فئملي سوڌو آمريڪا شفٽ ٿي ويو آهي، جتي سيٽ ۽ خوش آهي، ننڍو راجيش حسن، ڊاڪٽري پاس ڪئي، لنڊن مان ماسٽرز ڪئي، هن وقت سعودي عرب، جدي ۾ جاب آهي، دلشاد ڀاڀي ڪڏهن جدي ۾ راجيش وٽ، ته ڪڏهن آمريڪا ۾ برڪت وٽ ته ڪڏهن سورٺ سارنگ وٽ حيدرآباد ۾ رهندي آهي. خوش آهي.
    سارنگ آرٽ اسٽوڊيو، 15 سال قائم رهيو. اهي پنڌرهن سال مُنهنجي زندگي جا به اهم ترين يادگار سال هُئا، مان پارٽي سان وابسته رهيس، پارٽي لاءِ ڪم ڪندو رهيس، مونکي فخر آهي ته مون قوم وطن ۽ پارٽي جي ايمانداري سان خدمت ڪئي. سارنگ اسٽوڊيو مان مون ڪمايو ڪجهه به ڪونه ڏهه ايڪڙ اباڻي زرعي زمين هُئي، جنهن مان گذر سفر ٿيندو هو. منهنجي پنهنجي جاءِ به ڪا نه هئي، مسواڙ تي رهندو هُئس، مونکي فخر آهي ته سارنگ اسٽوڊيو تي سنڌ جون عظيم شخصيتون آيون آهن، محترم ابراهيم جويو، جناب رسول بخش پليجو، شهيد فاضل راهو ته ڪيئي ڀيرا آيا، سائين عالم شاهه ته هر هفتي ضرور ايندو هو ۽ اڪثر سائين ٻارن کي گهر تي وٺي ايندو هو، انهن کانسواءِ، ماما عارب ڪيڙانو، ڏاڏا قادر رانٽو، ڊاڪٽر عبدالغفار قاضي جيڪو وارهه مان ايندو هو ته مون وٽ ضرور ايندو هو، جبل جاني جيڪو انتهائي با علم، باشعور هاري اڳواڻ هو، فوٽو رستماڻي، پناهه جگر سنڌي، سلام ميمڻ، اسلم پرويز، خليل قاضي، منير ڀرڳڙي ۽ ٻيا دوست ساٿي ايندا هُئا. اياز لطيف پليجو، اسماعيل راهو، اسلم راهو، اهي ننڍا هُئا، اول سجاڳ ٻار تحريڪ ۾ هئا، پوءِ سنڌي شاگرد تحريڪ ۾ آيا. اسماعيل راهو کي فوٽو گرافي جو شوق هو، مونکي چيائين چاچا مونکي توهان جهڙي ڪئميرا وٺي ڏيو، جيڪا توهان جي اسٽوڊيو ۾ آهي، اهڙا سٺا صاف فوٽو ڪڍڻ واري ڪئميرا وٺي ڏيو، حالانڪه مون سمجهايو مانس ته پُٽ، اهڙا صاف فوٽو اسٽوڊيو اندر لائيٽن جي ڪري ايندا آهن، پر همراهه چوي نه مونکي اهڙي ڪئميرا وٺي ڏيو. ۽ پوءِ واقعي اهڙي ڪئميرا وٺي ڏني مانس، پر ظاهر آهي ته اسٽوڊيو جهڙا فوٽو ڪو نه ايندا هئا، سو ڪجهه عرصي کان پوءِ بيزار ٿي شوق ئي ڇڏي ڏنو.... منهنجو گهر ٽنڊي ولي محمد ۾ هو، جتي جيجي زرينه بلوچ ڪيترائي ڀيرا آئي هُئي. هڪ ٻه ڀيرا ادي اختر بلوچ به آئي هئي، سنڌياڻي تحريڪ جون ڀينرون به اڪثر ڦوڙي فنڊ يا پروگرام جي دعوت لاءِ اينديون هيون... هڪڙو موقعو مونکي مليو، جيجي زرينه بلوچ جو قرض لاهڻ جو. جيجي مُنهنجي مدد ڪئي هئي، جڏهن مان ٽائيم فوٽوز ڇڏي رهيو هُئس، ان جو ذڪر آئون اڳ ۾ ڪري چڪو آهيان. اڃا غلام قادر پليجو وڏو ٺيڪيدار ڪو نه ٿيو هو، هن پهريون وڏو ٺيڪو سپر هائي وي جي ٽول ٽيڪس جو کنيو هو، جنهن لاءِ هن کي پئسن جي سخت ضرورت هُئي، ان لاءِ دوستن ۽ ساٿين کان به مدد ورتي پي وئي، ان لاءِ جيجي مُنهنجي گهر آئي ۽ مدد لاءِ چيو، اسان وٽ پئسا ته هُئا، ڪو نه، پر مون پنهنجي امان ۽ زال جو سڀ سون کڻي جيجي اڳيان رکيو، جيجي اهو سون پنهنجي سون سان گڏ بئنڪ ۾ رکيو هو. جيڪو ڪُجهه عرصي کان پوءِ ڪڍرائي جيجي پاڻ واپس ڪرڻ آئي هُئي، غلام قادر پليجو، جيڪو پوءِ پاڪستان جو وڏو ڪانٽريڪٽر بڻجي ويو، ماشا الله.
    ذوالفقار علي ڀٽو کي عدالت ڦاسي جي سزا ٻڌائي، تڏهين فوجي آمر جي ڏهڪاءُ ۽ خوف واري ماحول ۾ ڪنهن به احتجاج ڪو نه ڪيو هو، ان موقعي تي سڄي پاڪستان مان سڀ کان پهرين سنڌياڻي تحريڪ احتجاج ڪيو هو، حيدرآباد ۾ گاڏي کاتي مان عورتن جو جلوس نڪتو هو، جيڪو بينر، پلي ڪارڊ ۽ جهنڊا کڻي نعرا هڻندو صدر پهتو هو. جتي پوليس پهچي منتشر ڪيو هو، اهو جلوس اسان منظم ڪيو هو ۽ جيجي زرينه بلوچ اُن جي اڳواڻي ڪُئي هئي. جيئن ته جلسن جلوسن تي پابندي هُئي. پر اسان سوزڪين ۽ ڪارن ۾ پهرين عورتن کي کوکر محلي جي درگاهه ۾ گڏ ڪيو هو. پوءِ اوچتو ٻاهر نڪري، بينر ڪڍي جهنڊا لهرائي نعرا هڻنديون ڏيڍ ٻه سئو عورتون اڳتي وڌڻ لڳيون، نعرا هُئا، ڀٽي جي سزا ختم ڪريو، ڀُٽي کي آزاد ڪريو، جمهوريت بحال ڪريو، نعرا هڻنديون تيزي سان اڳتي هلنديون ويون، جيستائين پوليس کي خبر پوي ۽ پهچي تيستائين جلوس صدر تائين پهچي ويو، اخباري نمائندا، فوٽو گرافر ۽ ميڊيا وارا اچي ويا، پوليس ايندي شرط آنسو گئس هلاءِ لٺ بازي شروع ڪئي، عورتن صدر واري وڏي مسجد ۾ پناهه ورتي، ان جلوس ۾ جيجي به بُرقعو پائي شريڪ ٿي هُئي، ڇاڪاڻ ته سرڪاري ملازم هُئي، ان ڪري ڪيترين ئي عورتن بُرقعن ۾ شرڪت ڪئي هئي. ڪجهه دير بعد اسان ٿوريون ٿوريون عورتون وٺي گهرن تائين پُهچايون هيون، شڪر ٿيو جو سڀ خير ٿي ويو، ڪا به گرفتار ۽ زخمي وغيره ڪا نه ٿي.
    1981 يا 82 جو سال هو، فاضل راهو ڪراچي جيل مان آزاد ٿيو، اسان سڀ ڪراچي وياسين، ان جي آجيان ڪري، گُلن جا هار پاءِ وڏي زبردست ريلي جي صورت ۾ ڪراچي کان گگر ڦاٽڪ تان ٿيندا ٺٽي پهتاسين، جتي وڏو جلسو ٿيو. ٺٽي مان وري ريلي هلندي، شهرن ڳوٺن مان ٿيندين، بدين پهتي ته اُتي فاضل جو زبردست استقبال ڪيو ويو، شاندار جلسو ٿيو. جنهن ۾ فاضل راهو شاندار تقرير ڪئي هُئي. مون ان سڄي ريلي جا فوٽو ڪڍيا هئا. فاضل راهو جي آزادي ۽ ان ريلي کان هفتو کن بعد شام جو مان اسٽوڊيو تي ويٺو هُئس ته هڪ پيجارو ٽائپ نئين جيپ، ڳاڙهي گهاٽي ميرون ڪلر جي اچي بيٺي، ان بهترين گاڏي مان فاضل راهو پنهنجي مخصوص مُسڪراهٽ سان لهي اچڻ لڳو، مان به اُٿي اڳتي وڌيس، ڀاڪر پاءِ مليو، ۽ چيائين هي ڏس راڪي گاڏي، اڄ هي نئين وٺي اچان پيو. مون ڏٺي واهه جي راڪي جيپ هُئي، اسان اندر اچي ويٺاسين، خير عافيت کان پوءِ چيائين ادا هاڻ هيئن ٿا ڪريون، تون اُهي سڀ وڊيو ڪئسٽون کڻ، جيڪي پروگرام ، احتجاج ۽ جلسا، مان جيل ۾ هُئس ان دوران ٿيا هُئا، اهي کڻي ٻئي ڀائر هلون ٿا راهوڪي، جتي سڄي رات پاڻ ۽ ٻيا دوست گڏجي ڏسنداسين ۽ ڪچهري به ڪنداسين، فاضل جي اها شاندار دعوت منهنجي لاءِ وڏو اعزاز هُئي، ڪاش مان وڃي سگهان ها، پر افسوس ان رات هڪ پروگرام جا فوٽو ڪڍڻا هئا، ان ڪري مون فاضل سان معذرت ڪئي، هنکي اهي سڀ وڊيوز ڏنم ۽ چيم توهان ڀلي هي سڀ وڃي ڏسو ته توهان جي آزادي لاءِ ڪيئن عوام احتجاج ڪيا آهن، جلسا ۽ جلوس ڪڍيا آهن.
    اڪثر پارٽي جي ڪاميٽين جون گڏجاڻيون اسان جي اسٽوڊيو ۾ ٿينديون هيون، ٻن ٽن گڏجاڻين ۾ فاضل راهو ۽ سائين عالم شاهه به شريڪ ٿيا هُئا. جڏهين سنڌي مهاجر جهيڙا ٿي رهيا هئا، تڏهن پارٽي شهري ڪاميٽيون ٺاهيون هُيون، ٽنڊي ولي محمد ڪاميٽي جون ميٽنگون اسٽوڊيو ۾ ٿينديون هيون، اسان حيدرآباد جي ٻين پاڙن ۾ به وڃي گڏجاڻيون ڪندا هئاسين، ٽنڊو يوسف، کوکر پاڙو ۽ ڦليلي ۾ دوستن ٻڌايو ته، مهاجر زبردست حملا ڪري رهيا آهن. پر اسان وٽ هٿيار بلڪل ڪو نه آهن، مهرباني ڪري هٿيارن جو انتظام ڪيو. اسان مٿي رپورٽ ڪئي، تڏهين فاضل راهو هٿيارن جو انتظام ڪري هڪ ڊاٽسن ۾ پنجويهه رائفلون، پنجاهه کن پسٽل ۽ گوليون خفيه طور موڪليون، جن کي پوءِ اسان نمبر لڳائي مختلف پاڙن ۾ ڏنا، جنهن کان پوءِ سنڌين جو ڪجهه بچاءُ ٿيو هو.
    ٽنڊو ولي محمد ۾ غلام حيدر بابل به گهر وٺي اچي رهيو هو، تڏهين اُتي بابل ڏاڍو سٺو ڪم ڪيو هو. بابل پنهنجي گهر جي هڪ ڪمري ۾ لائبريري قائم ڪئي هُئي ۽ ان کي پارٽي آفيس طور استعمال ڪندا هئاسين، بابل ٽنڊي ولي محمد جي ڪيترن ئي نوجوانن کي پارٽي ۾ آندو، جن ۾ اهم ترين ليڊر نواز پٺاڻ، قدير سومرو، سجاد چانڊيو هُئا، اسان ٽنڊو ولي محمد ۾ فلاحي ڪم ڪرڻ به شروع ڪيا هئا، بلڊ بئنڪ قائم ڪئي، جنهن ۾ ٽنڊي جي نوجوان بلڊ ڊونرس جا بلڊ ٽيسٽ ڪرائي، مختلف بلڊ گروپس وارن جو رجسٽرڊ تيار ڪيو هو، ڪنهن غريب مريض کي رت جي ضرورت هوندي هُئي، اُن گروپ واري دوست کي چوندا هُئاسين ته اهو اسپتال پهچي رت ڏئي ايندو هو، ان کانسواءِ هاءِ اسڪول جي شاگردن لاءِ امتحانن جي تياري واسطي فري ٽيوشن سينٽر به کوليا هئاسين، جڏهين ٿر ۾ ڏُڪار آيو هو، چون ٿا هي ڪارو ڏڪار هو، ستن سالن کان ٿر ۾ برسات ڪا نه پئي هُئي، ماڻهو ۽ مال مري رهيا هئا، تڏهين ٿرين جي مدد لاءِ سڄي سنڌ ۾ امدادي ڪئمپون قائم ٿيون هيون، مختلف پارٽيون امداد گڏ ڪري رهيون هيون، تڏهين اسان به بابل جي قيادت ۾ ڪاميٽي ٺاهي ٽنڊي ولي محمد ۾ ڪئمپ قائم ڪئي هُئي، جنهن تي هفتي کن ۾ جام سامان گڏ ٿيو هو، ان ۾ اناج، اٽو، چانور، ڪڻڪ، گيهه، کنڊ، چانهه جي پتي، ڪپڙا لٽا، هند بسترا، ڪمبل ۽ پڻ ڪافي روڪ رقم به گڏ ٿي هُئي، پوءِ اسان روڪڙن پئسن جو به وڌيڪ اناج خريد ڪري سڄي ٽرڪ مال سان ڀرائي بابل جي قيادت ۾ ٻن ڪارڪنن کي ساڻ ڪري ٿرپارڪر جي وڌيڪ متاثر علائقن ۾ پهچي بابل پاڻ پنهنجن هٿن سان اها امداد ورهائي هُئي... بابل هميشه کان تمام سرگرم ڪارڪن رهيو آهي. ٽنڊي ولي محمد ۾ بابل ڪيئي سچا مُحب وطن ساٿي بنايا، جيڪي اڄ به پارٽي جا سچا وفادار آهن، جنهن مان ڪجهه گذاري ويا ۽ ڪجه حال حيات آهن، (خدا کين وڏي حياتي بخشي) .
    سارنگ اسٽوڊيو تي هر قسم جا ماڻهو ايندا هُئا، فوٽو ڪڍائڻ جن ۾ عورتون مرد، ڇوڪرا، ڇوڪريون، فئمليون وغيره شامل هئا، ڪڏهن آواراه ۽ دل ڦئنڪ حسينائون به اينديون هيون، جيڪي پنهنجي ادائن، ناز ۽ نخرن سان ڪوشش ڪنديون هيون ته مُرغو ڦاسي، پر اسان اهڙين حرڪتن کي سختي سان روڪي ڇڏيندا هُئاسين... ڪُجهه عورتون ۽ ڇوڪريون اهڙيون به اينديون هيون جيڪي شريف ۽ ڏُکويل هونديون هيون، ڪڏهن ڪڏهن اچي پنهنجا ڏک سور اورينديون هيون، ته مان به هنن جي وس آهر مدد ڪندو يا سُهڻي صلاح ڏيندو هوس... هڪ ڀيري هڪ ڇوڪري آئي فوٽو ڪڍائي وئي پاسپورٽ سائز جو، وري جڏهين کڻڻ آئي ته ٿوري ڳالهه ٻولهه ٿي، ته خبر پئي هوءِ سنڌي آهي، پرائمري ٽيچر، پيءُ گذاري ويو هوس، بيمار ماءُ ۽ وڏي ڀيڻ جيڪا به ڪنواري ۽ ٻه ننڍا ڀائر هئا، عمر اٽڪل ٽيهه سال کن، خوبصورت ڇوڪري هُئي، پوءِ اڪثر ايندي هُئي، جڏهن واقفيت ٿوري وڌي، ته مون کي چيائين تون مون سان شادي ڪر، ڀلي پهرين زال ۽ ٻارن سان به رهه، مون هن کي ٻُڌايو ته اهو قطعن ناممڪن آهي، منهنجي پياري زال آهي، نياڻين جو پيءُ آهيان، مان بلڪل ڪو نه ڪندس ٻي شادي، تڏهين هن چيو ته ٺيڪ آهي، نٿو ڪرين ته ٻيو ڪو شريف ماڻهو تنهنجو ڪو دوست يا مائٽ هُجي، مُنهنجي وڏي ڀيڻ به ڪنواري آهي، تون اسان جي مدد ڪر، مون مدد ڪرڻ جو واعدو ڪيو ته مان ڪوشش ڪندس، مُنهنجو دوست عظيم ڪنوارو هو، ان کي ڪٿان رشتو ڪو نه پي مليو، ان کي چيم، فوٽو پڻ ڏيکاريم، پر اُن چيو ميان پنهنجو پاروٿو کاڌو وري مونکي ٿو کارائڻ چاهين، پاڻ هٿ صاف ڪري وري مُنهنجي مٿي ۾ ٿو هڻين، حالانڪه ائين هرگز ڪو نه هو، مون هنکي هٿ به ڪو نه لاٿو هو. عظيم کي گهڻو ئي سمجهايم پر ڪو نه مڃيو، خير ڪجهه ڏينهن کان پوءِ منهنجو هڪ آرٽسٽ دوست آيو، جيڪو ڊراما آرٽسٽ ۽ ٽيچر هو، ان سان ذڪر ڪيم ته هن چيو مونکي ڏيکار، فوٽو ڏيکاريو مانس ته چيائين اُن سان ملاءِ، مون هنن کي ملايو، هڪ ملاقات اسٽوڊيو تي ڪرايم، پوءِ هي پاڻ ۾ ملندا رهيا، ڏيڍ ٻن مهينن کان پوءِ ٻئي اسٽوڊيو تي آيا، شادي لاءِ تيار هئا، پر همراهه جا مائٽ راضي نه هُئا، ان ڪري هنن سول ميرج جو ارادو ڪيو هو، جنهن ۾ مون مدد ڪئي، هڪ وڪيل دوست معرفت ڪورٽ ۾ نڪاح ٿيو، مان هنن جو گواهه ۽ وڪيل هُئس، باقي حياتي ماشا الله هنن خوش گذاريو، ٻار ٻچا ٿيا.
    اڄ اهو دوست سنڌي ڊرامن جو وڏو ٽي وي آرٽسٽ ۽ ڊائريڪٽر به آهي ۽ ڪامياب زندگي پيو گذاري، مان هنن جا نالا ان ڪري ڪو نه پيو لکان ڇاڪاڻ ته اجازت ڪونه ورتي اٿم، پر اصل ۾ اهي ٻئي حقيقي ڪردار آهن...
    اهڙي طرح هڪ ڀاڳڙي ڇوڪري ايندي هئي، موهني، خيرات وٺڻ، عمر سورنهن سترهن سال، ٺُپ ڪاري رنگ جي، پر بلا جا خوبصورت نيڻ نقش هُئس، سُنهري وار، وڏو چمڪندڙ نراڙ، وڏيون شيريون اکيون، نڪ ڊگهو، سنهڙا ڳاڙها چپ، مطلب ته هوءِ هر لحاظ کان حَسين هُئي، پر صرف رنگ هُن جو بلڪل ڪارو هو. اڇا موتين جهڙا ڏند هُئس، هوءِ شادي شده هُئي، سال کن جي ڇوڪري ڪڇ تي کڻي پنندي هُئي، مون جڏهين هنجا مختلف پوزن سان فوٽو ڪڍيا ته پاڻ کي به ڪو نه پئي سُڃاڻي، اهڙا ته شاندار فوٽو آيا جهڙا ڪنهن اداڪاره جا هجن، رنگين فوٽو سندس اصل ڪاري رنگ ۾ ڪڍيم جيڪو ڪلاسڪ ۽ آرٽ جو بهترين نمونو هو. اُن جو نالو موهني هو ۽ واقعي هي من موهڻي هُئي، پوءِ جلد ئي گُم ٿي وئي، وري نه آئي. اهڙي طرح اسٽوڊيو تي هڪ ٻيو به عجب سين ڏٺم. مان اسٽوڊيو تي ويٺو هُئس، ڏينهن جا ٽي کن ٿيا هوندا ته هڪ هُڊ واري ڊاٽسن اچي بيٺي، پٺيان کان ٻه ٽي ٻار لٿا، پوءِ چار کن ڇوڪريون لٿيون جيڪي سڄيون چادرين سان ڍڪيل صرف اکيون کُليلن هيون، ٻه کن پوڙهيون مايون لٿيون، تيستائين اڳيان سيٽ تان آهسته آهسته هڪ ستر کن سالن جو پوڙهو لٿو، جنهن جا وار ۽ مُڇون خزاب سان ڪارا ڪيل، کاڌي جي سلوار قميص، مٿان ڪاري ڪوٽي پاتل چيل ٿوري جُهڪيل، هٿ ۾ اسٽڪ، عورتون اندر اسٽوڊيو ۾ ويون هي همراهه لٺ ٽيڪيندو آيو ۽ چيائين ادا فوٽو ڪڍائڻا آهن، مون چيو ٺيڪ آهي، سائين، هلو اندر تياري ڪريو، مان اچان ٿو، همراهه اندر ويو، ته ڊاٽسن جو شيدي ڊرائيور اچي ويٺو، مون ان کان خبر چار ورتي ته، سائين جن ڪير آهن، ڪٿان جا آهن، شيديءَ ٻُڌايو ته سائين جن مٽياري جي سيدن جي سڀ کان وڏي پاڙي جا سردار سيد فلاڻو خان جيلاني آهي، مون چيو اڇا شاهه صاحب ٻارن جا فوٽو ڪڍائڻ آيو آهي، ڊرائيور چيو نه سائين بيبيون ته حويلي مان ڪو نه نڪرن، هي سائين جن جون ٻانهيون آهن، جن کي وٺي آيو آهي، خير ٿوري دير ترسي مان اندر ويس ته منظر ئي تبديل هو، چئن ڇوڪرين مان ٻه بيحد خوبصورت ۽ ٻه مڙئي چڱيون هيون، خوبصورت ڇوڪرين کي رزق برق لباس، سوڙها ڪپڙا، بغلن تائين ٻانهون اُگهاڙيون، وڏي گلي وارا چولا، جنهن مان ڇاتين جا اُبار ۽ وچ مان سير نظر پئي اچي، بنا پوتين جي کلن ٽڙن پيون ۽ سائين سڳوري سان انگل پيون ڪن.
    سائين پاڻ به فوٽو جو پوز ٺاهيو. ڪرسي وچ ۾ رکي ويٺو، ڪُرسي جي هڪ ٻانهن تي هڪڙي ڇوڪري ويٺي، ٻي ٻانهن تي ٻي ويٺي، سائين ٻنهين جي چيلن ۾ هٿ وڌا، ٻه ٻيون ڇوڪريون سائين جي پٺيان کان ڪُلهن تي هٿ رکي بيٺيون، سائين سڳوري نقلي ڏند ڪڍي مسڪرائيندي چيو ابا هي فوٽو ڇڪ، پوءِ وري هر ڇوڪري سان جُدا جُدا ڀاڪر پاءِ فوٽو ڪڍايا، اهڙي انداز ۾ جو مونکي شرم ٿي آيو. پر پوڙهو سيد وڏي بيحيائي سان، ڌيئرن بلڪي پوٽين جيڏي ڇوڪرين کي ڪڇ ۾ ويهاري فوٽو ڪڍايا، آخر ۾ هڪ گروپ فوٽو ٻنهي پوڙهين، ٻارن ۽ ڇوڪرين جو به ڪڍايو، مڙئي ڏهه ٻارهن فوٽو ڪڍائي، هزار جو نوٽ ڏئي فوٽن جي پارت ڪري هليو ويو ۽ مان سوچيندو رهيس هنن سيدن سڳورن جي حالت تي، انهن مٽياري جي سيدن مان، هڪ سيد سائين عالم شاهه به آهي، جنهن انهن حويلين ۽ ٻانهين وارن سيدن سان زبردست بغاوت ڪئي، هڪ سيد زادي مان وڏو عوامي انقلابي ليڊر بڻجي ويو. سورهن سترهن سالن جي نوجواني ۾ عالم شاهه وڏيرن وانگر وڏو پٽڪو ٻڌي، ڪلف وارا سلوار قميص پائي چانديءَ جي تارن وارو سينڊل، ڀلي گهوڙي تي چڙهي هلندو ۽ ٻنين تي گهمندو هو. پر پوءِ جڏهن محترم رسول بخش پليجو سان مليو ان سان ڪيئي ڪچهريون ڪيائين، تڏهين سچ کي ڳولهي لڌائين، حق جي راهه اختيار ڪيائين، پارٽي ۾ شامل ٿيو ته اُهي سڀ وڏيراڻا انداز ۽ شوق ڇڏي، مڪمل عوامي انقلابي ماڻهون بڻجي ويو. سيدن ۾ سخت پردي جو رواج هو، چوندا آهن ته ڪنهن جي مجال جو حويلي مٿان نر پکي لنگهي وڃي. خاندان جون عورتون بيبيون ويچاريون حويلي ۾ پيدا ٿي حويليءِ ۾ مريو وڃن، پر ٻاهر ڪو نه نڪرن، نه تعليم نه علاج، نياڻين جون شاديون به صرف پنهنجن ۾ ئي ڪندا يا ملڪيت کي بچائڻ لاءِ ڇوڪرين کي قُرآن سان نڪاح ڪرائي هميشه لاءِ ويهاري ڇڏيندا، مورخ لکن ٿا ته ڪنهن به مغل بادشاهه پڻ پنهنجي ڀيڻن يا ڌيئرن مان هڪڙيءِ جي به شادي ڪو نه ڪرائي. سائين عالم شاهه، اُنهن سيدن مان پهريون باغي هو، جنهن اُنهن تمام مُدي خاج روايتن سان بغاوت ڪئي. سڄي سيد برادري هُن جي خلاف ٿي وئي. پر سائين عالم شاهه، هڪ ترقي پسند، روشن خيال، مُحب وطن ماڻهو هو، جنهن انهن پُراڻي زنجيرن کي ٽوڙهي، پنهنجي نياڻين ٻن فرزندن ۽ پنهنجي فرشته صفحت محبوب شريڪ حيات کي وٺي حيدرآباد آيو، پنهنجن سڀني نياڻين ۽ پنهنجي بيواهه ڀيڻ جي نياڻين کي به اعليٰ تعليم ڏياري. سائين جون ٻه نياڻيون ڊاڪٽر ۽ هڪ بار ايٽ لا وڪيل آهي، هڪ انجنيئرنگ ۽ هڪ بزنس ائڊمنسٽريشن ۾ نمايان ڊگري هولڊر آهي، ٻئي فرزند علي مير شاهه ۽ رضوان علي شاهه پڻ اعليٰ تعليم يافته باصلاحيت جوان آهن، ڪجهه عرصو اڳ بي بي سي ريڊيو هڪ پروگرام ڪيو هو، ”عورتن جا حق ۽ آزادي“ هي سڄي دنيا جي عورتن تي مُشتمل ڪيئي پروگرامن جي هڪ سيريل هو، جنهن ۾ هڪ پروگرام پاڪستان ۽ سنڌ تي مشتمل هو. ان ۾ تجزين کانسواءِ مختلف ماڻهن ۽ اهم شخصيتن کان سوال جواب به ڪيا هُئا، ٻين ڪيترن کانپوءِ ممتاز علي ڀٽو کان سوال ڪيو، ڪارو ڪاري جي باري ۾ توهان ڇا چوندا؟ ممتازڀٽو جواب ڏنو، اها رسم اسان جي غيرت مندي جي فخر لائق روايت آهي، ڪاروڪاري اسان جي عزت و حُرمت جي مثال آهي، غيرت مندي جو اظهار آهي. ان جي فورن بعد بي بي سي جي نمائندي اهو ساڳيو سوال، مٽياري شهر جي سيدن جي حويلي ۾ رهندڙ هڪ روشن خيال بي بي صاحبه فخر النساءِ عرف بتول بيبي کان پڇيو ته هن جواب ڏنو ”اُهو ظلم آهي، اها رسم انتهائي ظالمانه جهالت آهي، عورتن سان معصوم نياڻين سان ظلم آهي، قرآن سان نڪاح پڻ غلط ۽ انسانيت سوز عمل آهي، اهو سڀ جاگيردارانه نظام اندر، جهالت ۽ بي علمي جي ڪري آهي.“
    ياد رهي ته بي بي صاحبه، سائين عالم شاهه جن جي شريڪ حيات هُئي. اهو انٽرويو هليو، ته ها هاڪار ٿي وئي، سمجهدار ۽ روشن خيال ماڻهن بي بي صاحبه جي سچائي، دانش مندي ۽ جُرعت تي داد ڏئِي رهيا هئا ۽ پڻ ممتاز ڀٽو جيڪو آڪسفورڊ جو پڙهيل هو ان جي جاهلانه جواب تي ڦٽڪار ڪري رهيا هئا. ته ٻي پاسي رجعت پرست، مذهبي ٺيڪيدار ۽ سيد برادري به ڪاوڙ جي پئي. تڏهين سائين عالم شاهه فخر سان چيو ته اسان عورتن جي حقن جا علمبردار آهيون. سائين عالم شاهه، هميشه کان سچو مُخلص عوام دوست رهنما رهيو آهي. سائين جي عزت و احترام نه صرف سنڌ ۾، پر پاڪستان جا سڀ رهنما به سائين سان پيار ۽ عزت ڪندا آهن، سائين جون چوٽي جي ليڊرن سان ملاقاتون هيون ۽ گڏجي سياسي جدوجهدون هلايون آهن، محترم نصرت ڀٽو، محترمه بينظير ڀٽو، ولي خان بزنجو، نواب زاده نصر الله خان، جنرل شيروف ۽ ٻيا ڪيترائي اڳواڻ شامل آهن.سندس بلوچ سردارن سان به ملاقاتون رهيون آهن.
    هارين جي تحريڪ دوران سائين عالم شاهه هڪ زبردست تاريخي بيل گاڏين جي وڏي ريلي بٺوري کان ڌڙي تائين ڪڍڻ جو انتظام ڪيو هو. اُن تاريخي ريلي جي اڳواڻي عظيم هاري پورهيت ليڊر مُحترم حيدر بخش جتوئي، محترم رسول بخش پليجو ۽ حفيظ قريشي ڪري رهيا هئا. سوين بيل گاڏين جون ميلن تائين قطارون هيون، بيل گاڏين تي سوار سنڌي هاري ۽ پورهيت ، اجرڪن جا پٽڪا ٻڌل هٿن ۾ ڳاڙها جهنڊا ۽ ڏاٽا لهرائيندا، زوردار نعرا هڻندا، جيئي سنڌ جي نغمي تي نچندا ٿي آيا، سچ ته عجيب دل فريب منظر هُئا، بيل گاڏين جو ايترو وڏو جلوس، جنهن ۾ هاري پورهيت نعرا ٿي هنيا، ”هيءِ سنڌ ڪنهن جي؟ سنڌين جي،“ ”نعراءِ سنڌ، جيئي سنڌ،“ ”آيا آيا هاري آيا،“ جا پُرجوش نعرا هڻندا ڌڙي پهتا هُئا، ڦُليليءِ جي ڪناري وڏو عام جلسو ٿيو هو، جنهن کي عظيم هاري اڳواڻ محترم حيدر بخش جتوئي، جناب رسول بخش پليجو، حفيظ قريشي ۽ سائين عالم شاهه خطاب ڪيو هو.
    سائين عالم شاهه کي مون ساڻ هميشه کان پيار رهيو آهي، ۽ ال حمد الله اڃا به آهي، ماضي ۾ تنظيمي گڏجاڻين ۽ اسٽوڊيو تي اڪثر ملاقاتون ٿينديون هيون، پر سائين مهيني اڌ، پنهجن ٻارن کي وٺي مُنهنجي گهر ضرور ايندا هُئا، سائين کي فوٽو ڪڍائڻ جو شوق ۽ ذوق رهيو آهي، جڏهين به ٻار وٺي ايندو هو ته سڀني جا گڏيل گروپ فوٽو ڪڍائيندو هو. جيڪي هاڻ ٿا ڏسون ته انهن ۾ اسانجا ٻار سڀ ننڍا ننڍا ۽ اسين به جوان آهيون، سائين جي عظيم ماءُ، جنهن هن بغاوت ۾ پُٽ جو ساٿ ڏنو، اُن امان مونکي به پنهنجو پُٽ ٺاهيو هو. مٽيارين يا ڌڙي ۾ اڪثر مان فوٽو ڪڍڻ ويندو هُئس، پر جڏهين سائين بغاوت جي ابتدائي دور ۾ پهريون ڀيرو مٽياري ۾ فوٽو ڪڍائڻ لاءِ وٺيو هليو هو. شايد سائين جي ننڍي ڀاءُ پرويز علي شاهه جي ميهندي وغيره هُئي، عورتن جو پروگرام هو، سائين مونکي وٺي حويلي اندر اُماڻيو، پاڻ ته هليو ويو، دروازي وٽ بيهي اندر جو جائزو ورتم، ڪُجهه ڊپ به پيو ٿئي، وڏي اڱڻ تي جام عورتون ڇوڪريون ۽ ٻار هُئا، وچ ۾ شيدياڻين دهل تي ڳيت ٿي ڳاتا ۽ ناچ به ڪيو ٿي، مان ڊڄندي ڊڄندي پاسو وٺي اڳتي وڌيس ته ڪجهه بيبين ۾ بيچيني پئدا ٿي، هڪ پڪي عمر جي بيبي وڏي آواز چيو:” ائي امان هي وري ڪير مُڙسالو آهي جيڪو اندر ڀڳو اچي“؟ مائي ڪو شرم آهيس، ڌاريون ماڻهو حويلي ۾ ڪاهي پيو آهي. مُنهنجو ته ساهه سُڪي ويو، سُسڙجي بيهي رهيس، تيستائين سائين جي امان اُٿي بيٺي ۽ هڪل ڪري چيائين ”مايون هي ڪو غير ڪونهي منهنجو پُٽ آهي، اسان جي گهر جو ماڻهو آهي، هي ايندو ۽ فوٽو ڪڍندو، باقي جنهن بي بي کي پڙدو ڪرڻو آهي، اها ڀلي اندر هلي ويهه، امان وڌي مون وٽ آئي، ٻانهن کان جهلي اڳيان آڻي چيائين، ابا هليا هليا ڀلي فوٽو ڪڍ، پنج ست بي بيون اندر ويون، ٻيون سڀ ويٺيون رهيون ۽ مون فوٽو ڪڍيا. فوٽو گرافي ۽ وڊيو رڪارڊنگ جي سلسلي ۾، ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهين ڪنهن شهر ۾، جلسن پارٽين، شادين سالگراهن وغيره ۾ هر ڀيري نوان علائقا، نوان ماڻهو، نيون ريتون رسمون ڏسڻ جو موقعو ملندو رهندو هو. ڪڏهن ميرن پيرن ٽالپرن ۾ ته ڪڏهن رئيسن نوابن ۽ جاگيردارن ۾، اڪثر موقعن تي عجيب و غريب ماڻهو ملندا هُئا، ڪٿي عجيب واقعا به ٿيندا هُئا، جيڪي ڪڏهين ته دلچسپ ۽ مزيدار هوندا هُئا ته وري ڪڏهين تڪليف وارا ۽ افسوسناڪ هوندا هُئا، اهڙو هڪ واقعو ياد ٿو اچي ميرپورخاص کان پنڌرهن ويهه ميل پري ملڪاڻي ٻروچن جي هڪ شادي جي رڪارڊنگ لاءِ شام جو پنجين بجي اُتي پهتس ته جنگل ۾ منگل متل هو، زبردست قسم جون تياريون هيون، تقريبن فرلانگ کن جي ايريا ۾ شاميانه ۽ ٽينٽ لڳل هُئا، جن۾ وي وي آءِ پي، جُدا درميانه ماڻهن لاءِ الڳ، عام ماڻهن جو پريان جدا هو، هڪ پاسي ڏهن ايڪڙن جي ميدان ۾ سوين ڌيڳون ماني جون تيار ٿي رهيون هيون، وڏا وڏا جنريٽر بجلي پيدا ڪري رهيا هئا ۽ سڄو علائقو شام کان ئي روشنين سان جهرڪي رهيو هو، هاڻ وڏن وڏن ماڻهن جون ڪارون، پجارو جيپون اچڻ شروع ٿيون هيون. ته اوچتو اُتر کان ڪارا ڪڪر اُٿيا، ڏسندي ڏسندي تيز واچوڙو هليو ۽ زبردست قسم جي وڏڦڙي سان تيز بارش شروع ٿي وئي. مينهن پورو هڪ ڪلاڪ وسندو رهيو. پوءِ ته سائين سڀ ڪجهه ڊانواڊول ٿي ويو. سڀ شاميانا تنڀو اُڏامي ڊهي پيا، هر شئي پاڻي ۽ گپ ۾ گچي برباد ٿي وئي، سوين ديڳون وي آءِ پي ماني جون، پاڻي ۾ ٻڏي ويون ته ڪي پاڻي ۾ تري رهيون هيون، آسپاس وري ڪا اهڙي جاءِ يا گهر يا پناهه گاهه به ڪو نه هُئي جتي ماڻهو ڊوڙي وڃي پناهه وٺي، جيڪي مهمان آيا هُئا، اهي برسات ۽ گپ ۾ پُسي ۽ ڦاسي پيا، انهن جون گاڏيون گپ چڪ ۾ گچي ويون، جيڪي مهمان آيا پي يا رستي ۾ هُئا، اُهي اُتي ئي رستي تي گاڏيون ڦاسائي عذاب ۾ اچي ويا. مطلب ته سڄي شادي جا انتظام درم برم ٿي ويا، ڪا به شئي سلامت نه بچي، مان به سڄو پُسي ڀت ٿي ويس، ڏاڍي مشڪل سان پنهنجو سامان بچائي ڀر ۾ هڪ مسجد ۾ وڃي پناهه ورتم، جتي ٻيا به ڪجهه مون جهڙا اچي پهتا هُئا، پوءِ ته سڄي رات ان مسجد ۾، جيتن ۽ مڇرن جي يلغار ۾ هڪڙي اجرڪ سان ڪيئن رات گذاري. ” پاڙي ناهي پروڙ ته ڪيئن رات رنجهائي گذري“ صبح جيئن تيئن ڪري واپس پهتاسين.


    ”سانوڻي ۾ ٿر جو سير“

    ”سانوڻي ۾ ٿر جو سير“

    1978ع جو سال هو، سانوڻ جي مُند شروع ٿي هُئي، مان سارنگ اسٽوڊيو تي هُئس، ته ڪيڏي مهل اسان جو دوست آفتاب خواجه، تلهار کان آيو ۽ چيائين مينهوڳي جي موسم آهي، کنوڻيون کيج پيون ڪن، ٿر ۾ وسڻ جا ويس لڳا پيا آهن، هل ته ٿر گُهمي اچون. مون به ها ڪئي، ٻي ڏينهن صُبح جو، ڪئميرا ۽ هڪ وڳو وجهي ٿيلهي ۾ نڪري پياسين ۽ ميرپورخاص کان نئون ڪوٽ پهتاسين، نئون ڪوٽ سنڌ جي ڪچي ۽ ٿر جي وارياسي علائقن جي سرحد آهي، نئون ڪوٽ کان پوءِ وارياسو شروع ٿيو وڃي، اسان ٿر جي مخصوص سواري ڇڪڙن جي اسٽاپ تي آياسين، جتي هڪ ڇڪڙو تيار بيٺل هو، ڊرائيور واري سيٽ ۽ ان جي پٺيان واري سيٽ پئسينجرن لاءِ هُئي، باقي پٺيان مال جي لوڊنگ هُئي، اسان کي ڊرائيور جي پويان سيٽ ملي، ٻيا به ڪافي مقامي غريب پٺيان مال جي ڳوڻين مٿان ويٺل هُئا، چئين بجي ڇڪڙو هليو. شهر کان نڪتاسين ته واري جون ڀٽون شروع ٿي ويون، ٻه ميل پري رستي جي کاٻي هٿ تي نئون ڪوٽ جو وڏو قلعو آهي، ميرن جو ٺهرايل اهو تاريخي قلعو ڪر کنيو بيٺو هو، پري کان ڏاڍو خوبصورت لڳي رهيو هو. ڇڪڙي جي واري تي رفتار تمام گهٽ هوندي آهي، اسان رات جو اٺين بجي مٺي پهتاسين. بس اسٽاپ تي سُڃ لڳي پئي هئي، اڳتي وڃڻ لاءِ ٻي ڪنهن ڇڪڙي جي اچڻ جو انتظار ڪرڻو هو، پر فل حال ڪو به آسرو ڪو نه هو، سو اسان مٺي شهر لڳ هڪ هوٽل تي آياسين، سادي ٻوڙ ماني کاڌي سين، هاڻ سوچي رهيا هئاسين ته هتي هوٽل تي کٽن تي رات گُذاريون جو صبح جو سوير سواري جي اُميد هُئي، تيستائين ٻه نوجوان شاگرد اسان لاءِ فرشته ٿي آيا. هُو اسان ٻن شهري اجنبين کي ڏسي ويجهو آيا، دعا سلام کانپوءِ خبرون چارون ٿيون، هنن پنهنجو تعارف ڪرايو، مدن مهاراج جيڪو انجنيئرنگ جو شاگرد هو، ٻيو انجو سئوٽ مهاراج ايم اي انگلش ڪري رهيو هو. ٻئي مٺي جا رهاڪو ۽ سنڌ يونيورسٽي جا شاگرد هُئا. اسان هنن کي ٻُڌايو ته خواجه آهيون، فوٽو گرافي جو ڪم ڪندا آهيون، ٿر جو سانوڻ ڏسڻ نڪتا آهيون، ننگرپار وڃڻ جو ارادو آهي، اهو ٻُڌي همراهه ڏاڍا خوش ٿيا ۽ چيائون توهان اسان جا مهمان آهيو، اسان جو ملڪ گهمڻ آيا آهيو، اُٿو هلو اسان وٽ، اسان چيو توهان جي مهرباني، اسان کي اڳتي وڃڻو آهي، ڪيڏي مهل به ڪا گاڏي ايندي ته هليا وينداسين، مدن جيڪو وڏو هو، تنهن چيو اول ته رات جو گاڏي ملڻ مُشڪل آهي، ٻيو ته ٿر گُهمڻ آيا آهيو ته مٺي شهر ۽ تاريخي جايون ڏسي پوءِ اڳتي وڃو. هنن اسان جو ٿيلهو کنيو ۽ چيو هلو اُٿو، هاڻ مزيد اعتراض جي گنجائش نه هُئي، هو اسان کي وٺي شهر جي هڪ چڱيرڙي جاءِ تي آيا، جيڪا اوطاق يا مهمان خانو هو، ڪمري ۾ ٻه جهنڊي واريون کٽون جن تي رليون ۽ ٿري شالون وڇايل هيون، ٽيبل ۽ ٻه ٽي ڪرسيون به هيون، هنن ماني ٺهرائڻ چاهي، پر اسان ٻُڌايو ته هاڻي ماني کائي آيا آهيون، پوءِ چانهه وغيره ٺهرائي ته مٿان مدن وارن جو مامون، سائين ڀيرو مل مهاراج به آيو، جيڪو مٺي هائي اسڪول جو هيڊ ماستر هو. تمام قرب سان مليو. ۽ اسان سان ٻه ڪلاڪ کن بهترين ڪچهري ڪئي. هُو به قومپرست ۽ ترقي پسند خيالن جا مالڪ هُئا، رات جو آرام سان سُتاسين، صُبح جو ساجهر مندرن جي گهنٽين ، مال جي چڙن، ڍڳين جي ڳنڊلين جي آوازن تي اک کُلي وئي. مدن چانهه کڻي آيو ۽ چيائين جيستائين ناشتو تيار ٿئي، هلو ته مٺي شهر جو چڪر لڳائي اچون. اسان گڏجي نڪتاسين، شهر جون گهٽيون ۽ گهر اُهيئي سنڌ جي سڀني شهرن وانگر هئا. سنڌي طرز جا ڪچا پڪا گهر، ننڍيون گهٽيون پر پڪيون ٺهيل ۽ نالين جو سسٽم انڪري صاف صفائي هُئي، اسان بازار ۾ آياسين، جتي به اهو ئي پُراڻو ڳوٺاڻو انداز نمايان هو، لائين ۾ ننڍا وڏا دُڪان، پسارڪو دڪان جنهن تي اڳيان پيديءَ تي سيٺ ويٺو آهي، ڀر ۾ ڪاٺ جي پتي، پئسن ۽ کاتن جُون چوپڙيون، سيٺ جي پويان وڏي لوهه جي ٽجوڙي، ان سان لڳ اهم وڙن جا دٻا، اٽي چانور ڪڻڪ جون ڳوڻيون، کنڊ چانهه، گيهه، تيل ۽ ٻيا وڙ هُئا، سيٺ جي مٿان ڇت تي هوا لاءِ وڏي تختي کي ڪپڙي جي جهالر لٽڪيل، رسي سان هڪ همراهه هلاءِ رهيو هو، دروازي وٽ بينچ تي ڳوٺاڻا خريدار ويٺل، اهڙي طرح ڪپڙي جا دڪان، سونارن جا ٻه ٽي دڪان وغيره ائين پيو لڳي ته اسين سئو سال پراڻي سنڌ ۾ اچي ويا آهيون. بازار مان نڪري شهر ٻاهران کوهن تي آياسين، جتي چهل پهل لڳل هُئي، مرد، عورتون ۽ ٻار پاڻي ڀري رهيا هُئا، ٻي پاسي هودين مان جانور پاڻي پي رهيا هئا، ٿر جا کوهه تمام گهڻا اونهان آهن، پاڻي ڇڪڻ لاءِ اُٺ هو، هڪ همراهه اُٺ کي پيو هلاءِ ۽ ٻيو وري کوهه تي وڏو چمڙي جو ڏول پاڻي سان ڀرجي مٿي اچي ته ان کي بر ۾ هودين ۾ لاهيندو وڃي، جتان ماڻهو پاڻي دلن مٽڪن ۽ دٻن ۾ ڀري پيا وڃن. مِٺي جي پاڻهيارين جي حُسن جي واکاڻ شيخ اياز به ڪئي آهي، مٺي جي من موهڻين ڪامڻين جا رنگ ڳورا، نقش چٽا، ڊگهيون ڳچيون، سنيون چيلهون، چانديءِ جا حَس، ٻانهن ۾چوڙا، ڳاڙهن ۽ پيلن پڙهن ۾ وڏا گونگٽ ڪڍيو، ٻه ٻه دلا مٿن تي هڪ چيل تي کڻي مخصوص ڊيل واري چال ۾ هلنديون ٿي ويون، مون کي اياز ياد اچي ويو:
    ”اوءِ ڪجري گجر پير هوريان ته ڌر، هاءِ گاگر نه ڇلڪي پوي“.
    اسان پري کان اهي نظارا ڪيا، ويجهو وڃي فوٽو ڪو نه ڪڍيا، ته متان خراب لڳي اسان تاريخ ۾ سنڌ جو حال پڙهيو هو، پر هتي مٺيءِ ۾، بلڪه سڄي ٿر ۾ اسان کي ڏيڍ سئو سال پراڻي سنڌ ۽ ان جا ماڻهو نظر آيا. ڪلاڪ ڏيڍ جو چڪر هڻي واپس آياسين ته ناشتو تيار هو، سائين ڀيرومل ۽ رميش اسان جو انتظار ڪري رهيا هئا. ٿري انداز جو ناشتو هو، ٻاجهر جي ماني سچي گيهه سان مليل لسي جو لوٽو، مکڻ ۽ ماکي، دال پوريون ۽ سيرو مال پڙا به هئا، اسان شهرين جي لاءِ تريل بيدا ڊبل روٽي ۽ چانهه جو انتظام به ڪيو هئائون، اسان سڀني گڏجي ناشتو کاڌو، سائين ڀيرو مل اسان کي دعوت ڏني ته اسڪول گهمڻ ضرور اچجو، مدن چيو ٺيڪ آهي، اسان ميرن جي گڊ گهمي پوءِ اسڪول ڏانهن اينداسين. سائين ويو اسڪول اسان مدن ۽ رميش سان گڏجي ميرن جو تباهه ٿيل قلعو ڏسڻ لاءِ نڪتاسين، مٺي شهر سان بلڪل لڳ اولهه ۾ هڪ تمام وڏي شاهي ڀت آهي، جنهن جي مٿان چوٽي تي ميرن جو قلعو هو، جيڪو انگريزن سنڌ تي حملي وقت توبن سان اُڏائي پٽ ڪري ڇڏيو هو. اسان جڏهين ان وڏي ڀٽ تي چڙهڻ شروع ڪيو ته خبر پئي ته واري جي ڀٽ تي چڙهڻ ڪيترو ڏکيو ۽ ٿڪائيندڙ آهي. قدم اڳتي وڌايون ته پير پويان پيو وڃي، خير دٻون ڏئي ساهيون کڻندا جيئن تيئن مٿي پهتاسين، ته آس پاس جا حَسين نظارا ڏسي دل خوش ٿي وئي، آسمان سڄو بادلن سان ڍڪيل ڪنهن مهل هلڪي ڦنوار پئي وسي، ڪڪر جهڙو اسان جي مٿان پيا وڃن ڄڻ ڪر ڪو هه مري جي ٿڌين فضائن ۾ موجود آهيون. سامهون مٿان کان مٺي جو ننڍڙو شهر جهڙوڪر ڪا پڪاسوجي پينٽنگ هُجي، ننڍا ننڍا گهر، ماڻهو به پتڪڙا پيا ڏسجن، آس پاس ساوڪن سان ڍڪيل ڀٽون، شهر جي چوڌاري ٻنيون ۽ وڻ، مٿان کان عجيب حسين منظر هو، باقي ميرن جي گڊ يا ميرن جي قلعي جو ملبو ۽ ٺڪر ٺوٺا جا بجا پکڙيل هوا، ڪٿي ڪا هڪ ديوار به سلامت نه هُئي، بس ڳاڙهين سرن جا ڍير هُئا. مون مٿان کان مٺي شهر ۽ حسين منظرن جون تصويرن ورتيون ۽ واپس ورياسين، اسان ڏينهن جو ٻارهين بجي، هائي اسڪول وياسين، اسڪول جي وڏي ڪمپائونڊ ۾ داخل ٿيندي هرطرف صاف صفائي ۽ ساوڪ نظر آئي. اسان سڌو پرنسيپال جي آفيس وياسين، جتي سائين ڀيرو مل اسان جي آجيان ڪئي، سائين اسان کي اسڪول جي تاريخ ۽ بهترين ڪارڪردگي جي باري ۾ ٻُڌايو ته سڄي ميرپورخاص ضلعي ۾ اسان جا شاگرد هميشه پوزيشن کڻي ڪامياب ٿيندا رهيا آهن. سائين آفيس ۾ رکيل ميڊل ڪپ ۽ سرٽيفڪيٽ ڏيکاريا جيڪي اسڪول جي شاگردن مُختلف مقابلن ۾ حاصل ڪيا هئا. سائين اسان جي چانهه بسڪيٽ سان تواضح ڪئي ۽ پوءِ اسڪول جو رائونڊ لڳايوسين، سمورا ڪلاس شاگردن سان ڀريل، هڪ ئي يونيفارم ۾، ڊسيپلين نظر آيو، سائين اسان کي هڪ ڪلاس ۾ وٺي هليو جتي ٻارن اُٿي بيهي اسان کي ويلڪم ڪيو، ڪُجهه دير ڪلاس ٽيچر کي پڙهائيندي ڏٺوسين ۽ پوءِ واپس ايندي، اسان اسڪول جي شاندار ڪارڪردگي بهترين انتظام ۽ ڊسيپلين کي سارهايو ۽ آخر ۾ سائين ڀيرو مل جو شڪريو ادا ڪيو. سائين ساڻ اسڪول جي يادگار تصويرون ڪڍي واپس آياسين، بس اسٽاپ تان خبر ورتي سين ته معلوم ٿيو ته شام جو پنجين بجي ڇڪڙو ويندو. اسان واپس اچي ماني کاڌي، ٿورو آرام ڪري اسان مدن وارن کان موڪلايو ۽ هُنن جو شڪريو ادا ڪيو. مدن اسان کي ننگرپارڪر جي دوستن جا نالا ائڊريس ڏني ته جيئن اسان جي مدد ڪن، پنجين بجي اسٽاپ تي آياسين ڇڪڙو موجود هو، جنهن ۾ اڳيان عورتون ۽ ٻار ويٺل هُئا، اسان پويان ڳوڻين مٿان کُليل فضا ۾ آرام سان ٽنگون ڊگهيري ويٺاسين، هي ڇڪڙو صرف عمرڪوٽ تائين ويندو، اُتان پوءِ اڳتي ننگر لاءِ وري ٻي سواري هٿ ڪرڻي هُئي، خير گاڏي هلي، چانڊوڪي رات هُئي، پر بادلن ۽ چنڊ ۾ لڪ لڪوٽي راند جاري هُئي، ڀٽن تان لهندا چڙهندا، ٿڌين مٺين هوائن ۾ رات جا نظارا ڏسندا نوين بجي عمرڪوٽ پهتاسين، اسٽاپ تي سُڃ لڳي پئي هئي، ڀر ۾ هڪ بند ڪکائين هوٽل هُئي ۽ اندر کٽ تي ڪو ماڻهو سُتل هو، ٻاهر ڀڳل ٽُٽل بئنچ تي اچي ويٺاسين ته پري کان دهل جو آواز ٻُڌڻ ۾ آيو. فرلانگ کن پري هڪ ڀٽ تي باهه جو مَچ ٿي ٻريو، گئس بتين جي روشني ۾ هڪ مزار، اُنتي ڦڙڪندڙ جهنڊيون ۽ ڪجهه ماڻهو نظر آيا، اسان جو آواز ٻُڌي ستل همراهه اُٿيو. اسان هن کان ننگر جي گاڏي جو پڇيو، هن ٻڌايو ته صُبح جو ملندي، اسان پڇيو ڀلا کائڻ لاءِ ڪُجهه آهي، ته هن چيو سڀ ختم آهي، صُبح جو چانهه ٺاهيداسين. باقي هُو سامهون ڀگت منگل سنگ جو ميڙهو آهي، اُتي هوٽل به آهي، شايد کائڻ لاءِ ڪُجهه ملي پوي، همراهه اهو ٻڌائي ٻيڙي ڇڪي وري سُمهي پيو، سوچيو سين ته اڃا ڏهه ٿيا آهن، هلي ميلو ڏسون ۽ کائڻ لاءِ ڪجهه ملي ته کائي اچون، ڀڳت جي آستاني تي آياسين، جتي مزار جي ڪوٺي ٻاهران مچ جي چؤگرد غريب ڪولهي، ميگهواڙ ۽ هندو عورتون مرد ۽ ٻار هُئا، هڪ مهاراج ڪوٺي ٻاهران ٿلي تي ياترين کي داڳا ڦيڻا ڏئي رهيو هو، ڀر ۾ ڪَنڊيءَ جي جهوني وڻ ۾ داڳا ڳانا ۽ جنڊ ٻڌل هئا، ٿورو پرتي غريباڻي هوٽل هُئي، جتي اسان چانهه ماني کاڌي، ٽيپ رڪارڊ تي گسيل پٽيل آواز ۾ ڀڄن وڄي رهيا هئا: ”کونسي گلي گيورام“ اسان ٻه ڪلاڪ کن گذاري واپس آياسين، رات جو هڪ بجي ڌاري پري کان ڪنهن ڇڪڙي جو آواز اچڻ لڳو، ٿوري دير ۾ واقعي هڪ لوڊنگ ڇڪڙو اچي بيٺو جيڪو سڄو مال سان ڀريل هو، ڏيپلي کان آيو هو ۽ ننگر وڃي رهيو هو، اسان ڊرائيور سان ڳالهايو ته هن چيو ته اندر سيٽ ڪونهي باقي پويان مال تي ويهي هلو ته ڀلي هلو، اسان تيار ٿي وياسين، پر اوڏي مهل هلڪو مينهن پوڻ لڳو ۽ پوءِ جڏهين ڇڪڙو هليو ته بند ٿي ويو، نه ته اسان وڏي ڏچي ۾ اچي وڃون ها. هاڻي کليل فضا ۾ ٿڌڪار ٿي وئي هُئي، ۽ گاڏي جي لوڏن ۾ ننڊ اچڻ لڳي، اسان اجرڪون اوڍي ڳوڻين تي آهلي پياسين، ننڊ ۽ جاڳ واري حالت هُئي، جڏهين ڪنهن وڏي واري جي ڀٽ تي ڇڪڙي کي زور لڳائي چڙهڻو ٿي پيو، انجڻ جي گوڙ ۽ دُونهين جي بادلن ننڊ ڦٽائي ٿي ڇڏي، باک ڦٽي مهل ڇڪڙو ڏانو ڌانڌل جي اسٽاپ تي پهتو، جتي هڪ هوٽل وارو ٽانڊو ٻاري چانهه رکڻ جي تيارين ۾ هو، برسات جي ڪري هر شئي ڀنل هُئي ۽ ماڪ ۽ دُونهين سان ماحول ڌُنڌ ۾ ورتل هو، ڏانوڌاندل فوجي ڪئمپ هُئي، جتي رستي تي چوڪي هُئي، جتان هر ايندڙ ويندڙ ماڻهو ۽ مال جي فوجي سخت چيڪنگ ڪندا آهن، ننگرپارڪر انڊيا پاڪستان جي سرحد تي آهي، ان ڪري اسمگلنگ کي روڪڻ لاءِ اها چيڪ پوسٽ ٺاهي اٿن، اسان چانهه بسڪٽ کائي روانه ٿياسين، فوجين اسان کي به هيٺ لاهي تلاشي ورتي، هاڻ صُبح ٿيڻ واري هُئي، سج ڪَني ڪڍي ۽ ڀٽن تان ڪنڌ مٿي ڪري آرس ڀڃي نڪري ائين نروار ٿيو ڄڻ ڪر ڪا نوورني سهاڳ رات گذاري صبح جو سنان ڪري ٻاهر نڪرندي هجي. ننگرپارڪر کان ڏهه يارهن ميل اورتي هُئاسين وارياسي ۾ ڪٿي ڪٿي پٿر جون ٽڪريون نظر آيون، پري کان ڏکڻ ۾ ننگرپارڪر جي جبل جون ڪاريون چوٽيون نظر ٿي آيون، تڏهن هڪ حادثو ٿيو. ننگر کان ڏهه مهيل اورتي اسان جو ڇڪڙو ڦاسي پيو، بارش جي ڪري نرم زمين هُئي گاڏي ۾ به مال سان ڀريل وزن هو، سو ٽائر ويهي ويا ۽ ڪنهن مدد کانسواءِ نڪرڻ ناممڪن هو، ڪنهن ٻي گاڏي جو آسرو به ڪو نه هو، سواءِ پنڌ وڃڻ جي، اسان به ڏٺو ته هو سامهون ننگر جا آثار پيا ڏسجن، بس ڪلاڪ کن ۾ پهچي وينداسين، سو اسان به ڪئي الله تنوار، خيال هو ته پڪي رستي وارو پنڌ هوندو، پر پوءِ جڏهين اڌ منو ڪلاڪ پنڌ ڇڪيوسين تڏهين خبر پئي ته واري جو پنڌ ڇا ٿيندو آهي.قدم اڳيان وڌايون ته پويان پيو وڃي، عام پنڌ کان ٻيڻي ٽيڻي طاقت ۽ محنت ڪرڻي ٿي پئي، ڪلاڪ کن ۾ ٽنگن ۾ سور پوڻ لڳو. پنڌ اڃا صرف ٿورو طئي ٿيو هو، جيئن اڳتي وڌون ننگر جون ٽڪريون اوترو پري ٿينديون نظر اچن، ڏينهن جا يارهن ٿيا، ڪڪر به ڇڊا پاڊا هُئا ته ڏينهن گرم ٿيڻ لڳو، اُڃ به اچي تپايو، اسان وٽ پاڻي به ڪو نه هو، ٿوري دير کان پوءِ اسان جي حالت خراب ٿيڻ لڳي. هاڻ اسان کي احساس ٿيو ته ڪيڏي وڏي غلطي ڪري ويٺا آهيون. رڻ پٽ ۽ رُڃ ۾ اسان جا گلا خُشڪ، پري پري تائين نه ڪو ماڻهو نه وڻ ٽڻ، اُس ۾ پگهر نڪتو ته وڌيڪ اڃ لڳي، ٽنگون به جواب ڏيڻ لڳيون. اسان کي خوف ورائي ويو ته هاڻ موت يقيني آهي، آهسته آهسته پنهنجو پاڻ گهيليندا اڳتي وڌنڌا رهياسين، اسان گاڏين وارو رستو وٺي هلي رهيا هئاسين، اُميد هُئي ته ڪا سواري اچي نڪري، پر نه، هاڻ ته هلي به نه پيا سگهون، پر موت جي ڊپ کان رڙهندا رهياسين، هر هر اُميد ۽ آسروند نظرن سان پوئتي پيا ڏسون ته من ڪا مدد ملي، پر سواءِ سُڃ ۽ رُڃ جي ٻيو ڪجهه ڪو نه هو. رستي جي ڀر ۾ ڪٿي ڪٿي مُئل جانورن جا هڏا ڏسي وڌيڪ ڊپ ورايو وڃي، هاڻ ته اُڃ ۾ وڌيڪ چپ خشڪ ٿي ويا ۽ نڙي ۾ ڪنڊا محسوس ٿيڻ لڳا، پٽيل وات مان زبان ائين ٻاهر ڪري آئي جيئن اڃايل ڪتي جي وات مان نڪري ايندي آهي. هڪڙي ڀٽ تي چڙهي نه پيا سگهون ته ٻي ڀٽ ٿي سامهون آئي، منير نيازي ياد اچي ويو.
    ”مين ايک دريا کے پار اُترا تو مين نے ديکھا،
    اک اور دريا کا سامنا تھا منير مجھ کو“
    جيئن تيئن ڪري مٿي پهتاسين ته ڪجهه وڻ ۽ ٻني نظر آئي، پرتي ٻنيءِ ۾ هڪ هاري ڪم ڪندي نظر آيو ته اسان ۾ ساهه پيو، رڙهي رڙهي هن جي ويجهو آياسين، هو اسان جي حالت ڏسي حيران ٿيو ته هي ٻه شهري ماڻهو هتي ڪيئن ۽ ڪٿان آيا آهن. اسان هنکان پاڻي گُهريو، هن اسان کي تسلي ڏئي، وڻ هيٺ ويهاريو جتي پاڻي جو دلو پيو هو، پر هن ٺڪر جي وٽي ۾ صرف ٻه ٻه ڍڪ پاڻي ڏنو ۽ چيو ته هڪدم پاڻي نه پيو تڪليف ٿيندي، پوءِ اسان احوال ڏنو.
    سامهون ننڍي ترائي هُئي، وڻن سان ڍڪيل، پاسي ۾ ٻني هُئي، جنهن ۾ ٻن عُورتن رُونڀو ٿي ڪيو. پوڙهو ويرو مل ڪولهي هو، هن هڪل ڪري ماين کي ڪُجهه چيو، پوڙهي ڪولهياڻي سُتت ئي ماني جو سُونڊو ۽ ٽبي ۾ ڏڌ کڻي آئي. ٻاجهر جي ماني ۽ چبڙن جو ٻوڙ ۽ ڇڊي لسي جي لذت ائين لڳو ته اهي سمورا من و س سلوا جا طعام جنت مان خاص اسان لاءِ آيا هجن، ويرو اسان کي چيو ٿورو آرام ڪريو، ڏينهن ٺاري پوءِ وڃو. ڪجهه دير گذري ته ڪنهن گاڏيءَ جو آواز اچڻ شروع ٿيو، پوڙهي چيو ها، اها گاڏي ننگر جي آهي، اسان به رستي تي آياسين ته ڇڪڙو به هيٺان مٿان ماڻهن سان چڪار هو، پر تڏهين به بيٺو ۽ اسان به ويرو ڪولهيءَ جو شڪريو ادا ڪري پٺيان مال مٿان ويٺل مقامي غريب ڪولهي هارين پورهيتن جي وچ ۾ ويهي رهياسين. مُني ڪلاڪ ۾ ننگرپارڪر پُهتاسين. وارياسي برپٽ مان جڏهين ننگرپارڪر جي حدن ۾ داخل ٿياسين ته ڪارونجهر جي سلسلي سان گڏ ساوڪن ۽ وڻن جي گهيري ۾ هڪ حسين وادي ۾ داخل ٿي رهيا هُئاسين، اُهو نما شام وقت هو، اُونداهي پنهنجا پر پکيڙي ڇڏيا هئا، اسان جي بُري حالت هُئي، پگهر واري جسم تي ڪپڙا ميرا، سو اسان هڪ مسافر خاني ٽائپ هوٽل تي آياسين، ٿڪاوٽ ۽ ٽنگن ۾ سور، دوستن کي تلاش ڪرڻ جي همت به ڪو نه هُئي، پوءِ اُتي ئي وهنجهي ڪپڙا بدلاءِ ماني کائي سُمهي پياسين.
    ٻي ڏينهن صُبح جو اٿياسين ته عجيب و غريب، حسين و جميل منظر سامهون هُئا، ٿر جي سانوڻ جا سُهڻا، حسين ۽ رنگين ترين نظارا اسان جي اکين اڳيان هُئا، ڪارا ناسي ڀُورا بادل ڪارونجهر جي چوٽين کي ڇُهي رهيا هُئا. ڪارونجهر جو حُسن پنهنجي سمورين رنگينين ۽ رعنائين سان سامهون هو. پٿر، ماربل، چُن وغيره جي رنگ به رنگي پهاڙين منجهه ڪيتريون خوبصورت واديون جن ۾ نديون، نهرون ۽ آبشار هُئا، ڪٿي پهاڙين جو رنگ هلڪو گُلابي ته ڪٿي پيلو، ڪي جبل ڀورا ۽ ناسي ته ڪي بلڪل ڪارا جبل هُئا. رنگين ڪارونجهر جي ڪڇ ۾ آباد نم جي وڻن ۽ ساوڪن سان ڍڪيل ڪنهن خوبصورت نوجوان بيواهه جهڙو حسين اُداس ۽ اُجڙيل ننگرپارڪر جو شهر جيڪو اڌ کان مٿي خالي هو. ڪٿي ڪٿي ڪا حسين مورت نظر ٿي آئي ته اياز ياد ٿي آيو، ”ڪارونجهر جون ڪامڻيون ڳاڱين ڳاڙها ڳل“ چون ٿا ته ماضي ۾ هي شهر شاهوڪار امير ماڻهن جو شهر هو پر پوءِ 1971-70 واري جنگ جي هولناڪ اثرن هِتي جي پُرامن ماڻهن کي مجبور ڪري ڇڏيو ۽ کين پنهنجو ديس، پنهنجا شهر ۽ گهرگهاٽ ڇڏي لڏي وڃڻو پيو... مدن جي ڏنل ڏس تي همراهه کي هٿ ڪيوسين، شنڪر ڪولهي نوجوان، جيڪو مختيارڪار جي آفيس ۾ ڪلرڪ هو. شنڪر قرب سان مليو ۽ فورن آفيس مان موڪل وٺي، اسان کي ننگر گُهمائڻ هليو. ڪارونجهر جي ڪور وٺي ٿورو اڳتي ٿياسين ته هڪ ننڍو آبشار ۽ وڏو تلاءُ نظر آيو. جبلن مان ايندڙ پاڻي ندين نالن ۾ وهندو، ڍنڍون ۽ تلاءُ بنائيندو هيٺ ٻنيون آباد ڪندو رڻ ڪڇ ۾ ڇوڙ ڪندو آهي. ڊيم ٺاهي پاڻي گڏ ڪن ته ٿر آباد ٿي سگهي ٿو. بهرحال اهي نظارا پسندا اسان ڪجهه مٿي جبل تي چڙهياسين ته هڪ خوبصورت مندر نظر آيو.، جيڪو هڪ پهاڙي جي چوٽي تي ڪر کنيو بيٺو هو. پٿر جي ٺهيل جين ڌرم جي مندر اندر وياسين ته اهو به ويران هو. گند ڪچرو ۽ ڪبوترن جا آکيرا هُئا، مورتيون به مٽي ۾ سٿيل هيون. هن مندر جا پوڄاري ۽ ڀڳت به هليا ويا هُئا. اسان ڏٺو آس پاس جي ديوارن ۽ پلرن تي، لکيل اهي ننڍا ننڍا پيغام جيڪي اُنهن لڏي ويندڙن ڏاڍي درد ۽ ڪرب واري حالت ۾ لکيا آهن. پنهنجي جنم ڀومي، وطن شهر، گهر ۽ مندر، جيڪي هنن کي بيحد پيارا هُئا، اُنهن ماڳن ۽ مڪانن کي اچانڪ ڇڏي وڃڻ تي مجبور ٿيا، تڏهين اُنهن مان ڪجهه ماڻهن ڪوئلن، پينن ۽ پينسلن سان، درو ديوارن تي پنهنجي دل جو آواز، درد جي دانهن تحرير ڪئي هُئي. ته:
    ”اي ڌرتي ماتا مون تي دَيا ڪر، مان مجبورن توکي ڇڏي رهيو آهيان-، اي ديوي مونکي شما ڪر، هاڻ مان تنهنجو ديپ جلائڻ ڪو نه ايندس،“ ”مهاراج مان تنهنجو ڀڳت آهيان، مان تنهنجي شيوا ڪرڻ ٿو چاهيان، ڀڳوان مونکي شڪتي ڏي“. ”ماتا ديوي مان نٿو وڃڻ گُهران، پر لاچار مونکي پرديس پڌارڻو پيو پَوي، پر اي ديوي هڪ ڏينهن واپس اچي تنهنجي چرڻن ۾ جان ارپيندس.“ ”اي ڀڳوان اسان تي ديا ڪر اسين پرديس پيا پڌاريون.“ اهڙي قسم جا ڪيئي پيغام هُئا.
    شنڪر اسان کي انگريز جنرل ٽروٽ جو تخت ڏيکاريو، جيڪو جبل مٿان ٺهرايل پليٽ فارم تي هو، جتي ويهي اوڀر جا حسين نظارا ڪندو هو. اسان جبل جي اندر ته ڪو نه وياسين، پر ڪارونجهر جي پاڙ ۾ عجائبات ڏسندا واپس ورياسين، شنڪر جو گهر شهر ۾ هو.هن اسان کي هڪ جاءِ ۾ ترسايو، گهران ماني ٺهرائي آيو، رات جو اسان سٺي ڪچهري ڪئي. شنڪر ٻُڌايو ته هو پارڪر جا اصلي ڪولهي آهن. روپلي ڪولهي جي خاندان مان آهن، جنهن انگريزن سان گوريلا جنگ ڪئي هُئي، پر پوءِ گرفتار ٿي ڦاسي چڙهي ويو هو.
    ٻي ڏينهن شنڪر هڪ جيپ جو بدوبست ڪيو، اسان ڀوڏيسر جي مسجد ۽ گوڙي جا مندر ڏسڻ وياسين، مندر ۽ مسجد ٻنهي ۾ پٿر جو نازڪ ترين فنڪاري جو ڪم ڏسي حيرت ٿي، ريگستان جي وچ ۾، آس پاس نه ڪو شهر ڳوٺ نه آبادي، اڪيليون پٿر جون هي عمارتون، جيڪي بيحد خوبصورت آهن. ڪنهن جي لاءِ ٺاهيون ويون هُيون، پٿر جون هي وڏيون ڇپون واري ۾ ڪيئن آنديون ويون هونديون، عجب جو مقام آهي. گوڙي جي مندر جي سامهون هڪ وڏي ترائي هُئي. وڻن سان ڍڪيل، اُتي مور به موجود هُئا... ٻي ڏينهن اسان واپس حيدرآباد آياسين.


    ڳڙهي خدا بخش

    ڳڙهي خدا بخش

    1983ع جو سال هو، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو جي سالگرهه وارين تقريبات جي وڊيو رڪارڊنگ ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻي، ڳڙهي خدا بخش ويس، مون کي پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن حيدرآباد وارا وٺي ويا هئا. صُبح ڏهين بجي ڪوٽڙي اسٽيشن تي پهتاسين، ڪراچي مان ٽرين آئي، اسان سوار ٿياسين ته خبر پئي ته ڪيترائي ريڊيو ۽ ٽي وي جا فنڪار به موجود آهن. جن ۾ جيجي زرينه بلوچ، زيب النساءِ، امينه، وحيدر علي ۽ ٻيا شامل هُئا. ڪوٽڙي کان لاڙڪاڻو ٽرين جو سفر دلچسپ ۽ مزيدار هوندو آهي، ڪوٽڙي کان سيوهڻ تائين کيرٿر جبلن جي چوٽين تان ٽرين ڪڙڪا ڪندي هلندي آهي. ريلوي لائين جي اولهه ۾ ته جبلن جا سلسلا آهن، پر اوڀر ۾ هيٺ ڪچي جي زمين، پري پري تائين ٻنيون وڻ ۽ سرسبز آباد ميدان ۽ ان جي وچ مان وهندڙ سپت سنڌو جيڪو ٽرين مان چمڪندڙ چاندي جي پٽي جي صورت ۾ نظر ٿو اچي، ڪنهن جاءِ تي درياهه اچيو جبل سان لڳي. ٽرين جبل جي مٿان ٿي هلي، هيٺ وري روڊ آهي، جنهن تي گاڏيون ۽ ڪارون ايتريون ننڍڙيون جهڙا رانديڪا ٿا نظر اچن. سيوهڻ جي اسٽيشن تان ئي قلندر کي سلام ڪيوسين ۽ شام جو ستين بجي لاڙڪاڻي پهتاسين، جتان گاڏين اسان کي ڳڙهي پهچايو. اسان رات جو نوين بجي ڳڙهي خدا بخش پهتاسين، هڪ پُراڻي انگريزن جي زماني جي بنگلي جي وڏي لان ۾ پروگرام هو، اُتي اٽڪل ڏيڍ ٻه هزار ماڻهو هُئا، خالص سنڌي چهرا، اُتر جا مخصوص ٻروچڪا مُنهانڊا هُئا، نوجوانن جا چهرا ڀٽي جي عقيدت ۾ ٻهڪي رهيا هُئا، ماڻهن ۾ ڏاڍو جوش ۽ جذبو هو، جيئي ڀٽو جا نعرا هڻي رهيا هُئا، حڪومت جي خلاف جوشيليون تقريرون ٿي رهيون هيون، فوجي آمر کي گاريون ۽ فوج کي ڀٽي جو قاتل قرار ڏئي رهيا هئا. ڀٽي جي عظمت ۽ بهادري جا بيان به هلي رهيا هُئا. فوج کان انتقام وٺڻ جو عزم به دهرايو ويو هو. تقريرن سان گڏ جيجي زرينه ۽ ٻيا فنڪار انقلابي گيت ڳائي نوجوانن جو رت گرمائي رهيا هئا. اٽڪل ٻارهين بجي ماني جي وقفي جو اعلان ٿيو. اعلان ٿيندي ئي حسب معمول جيالا ڀت جي ديڳن مٿان ائين اچي ٽُٽا، جهڙو ماڪڙ لهي فصل تي، ماني مٿان ايڏي رش ۽ وٺ وٺان ٿي جو سڄو انتظام درم برم ٿي ويو. اها صورتحال ڏسي پي پي جي جيالي ليڊر مولابخش چانڊيي مائيڪ تي اچي ڪاوڙ ۾ ماڻهن کي ڇنڊ پٽي، هن چيو ته ٿوري دير اڳ توهان ۾ جيڪو انقلاب لاءِ جوش ۽ جذبو هو، اتحاد، ٻڌي ۽ نظم و ضبط جا اظهار ٿي ڪيا. ڀت ڏسي توهان جا سڀ جذبا ۽ عزم گُم ٿي ويا، توهان چند منٽ صبر ۽ برداشت نه ڪري سگهيا، توهان چند گهڙين جي بُک برداشت نٿا ڪري سگهو، سو انقلاب جون سختيون ڪيئن برداشت ڪندا. مولا بخش ڪافي شرم سار ڪيو جيالن کي، پر جيالن ڪم لاهي پوءِ هٿ ڪڍيا. ماني کان پوءِ به راڳ جي محفل جاري رهي، جنهن ۾ وحيد علي، زيب النساءِ، امينه ۽ ٻين فنڪارن بهترين ڪلام ڳائي داد حاصل ڪيو. چئين بجي تائين پروگرام هليو، مون وڊيو رڪارڊنگ ڪئي، صُبح جو بنگلي کان سڏ پنڌ تي، ڳڙهي خدا بخش جو قبرستان هو. اُتي وياسين، جتي ڀُٽي صاحب جي ننڍي نياڻي صنم ڀٽو کي اچي اڍائي سئو پائونڊن جو ڪيڪ ڪٽڻو هو. اسان ٿورو اڳ مزار تي پهتاسين مان پهريون ڀيرو آيو هُئس، ڪچي ڇني هيٺان هڪ چوڪنڊي قبر هُئي، جيڪا سڄي گُلن سان سٿيل هئي، قبر جي سيراندي کان، ڪاري ڪپڙي تي ڪلمون شريف لکيل هو، ڇني جي ديوارن تي، بينرن تي ڀٽو شهيد جي لاءِ خراج، تحسين، عقيدت ۽ عزم جا نعرا لکيل هُئا، مان به ڀُٽي جي قبر جي سيراندي کان بيهي ٿوري دير لاءِ شهيد جي عظمتن جي سحر ۾ گم ۽ حيرتن جي سمنڊ ۾ غرق ٿي ويس.اعتبار نه پيو اچي ته هيڏي وڏي عظيم شخصيت، بهادر نڊر ذهين ترين شخص، طاقتور بين الاقوامي رهنما، ايشيا جي مُسلمانن جو هيرو، نهايت خسيس ماڻهن هٿان ائين مارجي ويو، جهڙوڪر ڪو عام ماڻهو هو، ڇا اها ئي ننڍڙي قبر آهي. اُن قد آور شخصيت جي جنهن کي سڄي دنيا مڃي ٿي، ڇا هي اُن ئي وزيراعظم جي قبر آهي، جنهن کان سرمايه دار، جاگيردار، مير پير خان ۽ سردار به ڏڪندا هئا، هي ننڍڙي قبر اُن هستي جي آهي جنهن کان آمريڪا جهڙي طاقت به ڪن هڻندي هُئي، اهڙو عظيم رهنما ائين خاموشي ۾ مارجي دفن ٿي ويو، ڪا گڙٻڙ ڪو هنگامو ڪو زلزلو ڪو نه آيو. اچرج ۽ حيرتن جي جهان مان نڪري مان وري ڀُٽي جي عظيم الشآن ڪارنامن کي ياد ڪيو، اُنهن تاريخي عملن کي ياد ڪيو جيڪي هن سرانجام ڏنا هئا. مون سوچيو هي اهو عوامي انقلابي آهي، جنهن هن اُونداهي کنڊ ۾ مظلوم عوام کي سوشل ازم کان آگاهه ڪيو. مظلوم عوام کي اهو احساس ڏياريو ته، طاقت جو سرچشمو عوام آهي، پورهيت مظلوم عوام جو اتحاد سڀ کان وڏي قوت آهي، نه ڪي هي ٿورا سرمايه دار جاگيردار، مير پير ۽ سردار آهن. هُن روٽي ڪپڙا مڪان جو نعرو ڏئي عوام جون دليون کٽي ورتيون هيون. ڀٽي جي ڪُجهه عملن سان اختلاف به ٿي سگهي ٿو. پر مجموعي طور هن جيڪا مظلوم عوام ۾ سجاڳي آندي جوش ۽ جذبا بيدار ڪري ميدان عمل ۾ آندو، اهو وڏو ڪارنامو هو. انکاسواءِ جيل ۾ آخري دم تائين، ظلم و ستم، اذيتون برداشت ڪندو رهيو، بهادري سان هر حملي جو مقابلو ڪيو، آمرن جي اڳيان ڪو نه جُهڪيو، معافي نه ورتائين، موت کي خوشي سان قبول ڪيائين. ڦاسي جي ڦندي کي چُمي گلي ۾ وڌو ۽ عظيم الشان موت سان هم ڪنار ٿي ويو. شهيد ڀُٽي جي مزار تي هزارين ماڻهو آيا ۽ ويا ٿي، ڪيترا ماڻهو زارو قطار روئيندا رهيا، ڪي ته وري خاموشي جي سمنڊ ۾ غرق يڪ ٽڪ قبر ۾ اکيون کُپايو نه ڄاڻ ڇا ڇا سوچيندا رهيا.
    اٽڪل يارهين بجي ڌاري ڀُٽي صاحب جي نياڻي، صنم ڀٽو آئي، مزار تي فاتح خواني ڪيائين ۽ زارو قطار ڳوڙها ڳاڙيائين، گُلن جي چادر چاڙهيائين پوءِ پاسي ۾ ميدان تي جتي هزارين ماڻهن جي وچ ۾ وڏو شاهي ڪيڪ رکيل هو، صنم ڀٽو اُتي آئي، قَرآن خواني ٿي ۽ صنم ڪيڪ ڪٽيو، ڪُجهه دير ترسي پاڻ هلي وئي ۽ پويان جيالن ڪيڪ تي به حملو ڪيو، وٺ وٺان ٿي وئي، ماڻهن مٿان ماڻهو چڙهندا ويا. لٺيون دُڪا هلڻ لڳا، چند منٽن کان پوءِ اڌ کان مٿي ڪيڪ زمين تي ۽ ماڻهن جي هٿن ٻانهن ڪپڙن ۽ مُنهن تي مليل ڪريم جي صورت ۾ ضايع ٿي ويو هو. سچ ته ڏاڍو ڏُک ٿيو جيالن جي بي صبري ۽ جهالت کي ڏسي... بهرحال اسان صنم ڀٽو جو اهو سڄو پروگرام رڪارڊ ڪيو. پوءِ ڳڙهي خدا بخش جي ڳوٺ جو چڪر هنيو، ڀُٽي مرحوم جي والد سر شاهنواز ڀٽو جي اُها اصلي پُراڻي خسته حال خالي حويلي به ڏٺي. جنهن ۾ شهيد ڀٽو جنم ورتو هو. باقي سڄو ڳوٺ، پندرهن ويهن گهرن تي مُشتمل خالي هو. ماڻهو ڪو نه ٿي رهيا، معلوم ٿيو ته ڳوٺ جي آبادي لڏي وئي آهي. سواءِ چند گهرن جي اُتي صرف هڪ نئين جديد تعمير ٿيل مسجد ۽ ٻي اسپتال، ڊسپينسري هُئي، جيڪي ڀُٽي صاحب پنهنجي دور اقتدار ۾ تعمير ڪرايون هيون، پر ماڻهو ڪو نه هُئا، نه نمازي ۽ نه ئي مريض، ويران اُداس ڳوٺ.
    “هراک مکان کو شرف ہے غالب مکين سے
    مجنون جو مرگيا ہے تو جنگل اُداس ہے.”


    ”ميراڻي شادي جي هڪ جهلڪ“

    ”ميراڻي شادي جي هڪ جهلڪ“

    1981-4-26، ميرپورخاص، ميرن جي شادي جا فوٽو ۽ وڊيو رڪارڊنگ لاءِ پهتس، ظاهر آهي ميرن جي شادي هُئي زبردست ٺاٺ ۽ ميراڻو انداز هو، وڏي پئماني تي دعوت جو انتظام هو، مير پير سردار، وزير ۽ سفير، وڏا بيورو ڪريٽ انهن لاءِ وي آءِ پي انتظام هو، عام ماڻهن لاءِ پريان جُدا انتظام هو، رات جو ماني هُئي، ميراڻو ڊنر بيشمار طعام هُئا، جن ۾ هرڻ، ٻڪر، تتر، مُرغي ۽ مڇي جا ڪيئي انداز ۾ تيار ٿيل کاڌا هُئا، چاليهن کان مٿي آئيٽم هُئا کاڌي جا، انتهائي سليقي سان ماني هلي، فل ڊريس ۾ بيرا خدمت ۾ مصروف، فنڪار الغوزي تي مدر دُهنون وڄائي رهيا هئا ماني کان پوءِ راڳ رنگ جي محفل شروع ٿي، جيڪا رات جو ٻين بجي تائين هلي، جنهن ۾ فنڪارن کي انعام ۾ سئو ۽ پنجاهه جي نوٽ کان گهٽ ڪو نه هليو هو، ڪڙڪ نوٽن جي دستين جي ڪڙڪن سان نوٽ نڇاور ٿيندا رهيا. پروگرام پٽاندڙ مونکي صرف اها وي آءِ پي مردن جي محفل رڪارڊ ڪرڻي هُئي. پر اُنهن جو هڪ نوجوان مير، جيڪو گهوٽ جو ڀاءُ هو، اُن مون کي چيو سائين توهان رات بنگلي تي رهو صبح جو حويلي ۾ عورتن جي وڊيو به ڪڍينداسين، مون چيو ٺيڪ آهي سائين پر ٻيا بزرگ مير ڪاوڙجن پيا ۽ ننڍي مير کي چيائون اهو ناممڪن آهي، حويلي ۾ ڪڏهن به فوٽو ڪو نه ڪڍيا آهن، سو وڊيو فلم ڪيئن نڪرندي پر نوجوان مير، مونکي چيو انهن کي ڇڏيو سائين بس توهان مون ساڻ هوندا، صُبح نڪاح ۽ سڀ رسمون اندر ٿينديون ۽ پاڻ اهي رڪارڊ ڪنداسين، جنهن کي اعتراض هوندو، اهو ڀلي پنهنجا ٻار پاسيرا ڪري ڇڏي، بهرحال، ننڍي مير مونکي رات بنگلي جي بهترين ڪمري ۾ رهايو. صُبح جو نڪاح مردن ۾ ٿيو، پوءِ همراهه مونکي وڏي حويلي ۾ وٺي هليو، گيٽ مان اندر داخل ٿياسين ته وڏو شاهي اڱڻ، جنهن مٿان ٽينٽ لڳل هو، هيٺ قالين، ٽن پاسن کان وڏيون هالا جون جنڊي واريون کٽون جن تي رليون ۽ وهاڻا، عورتون ويٺل، وچ ۾ ڳائڻيون ڳيچ ڳائي ۽ ناچ ڪري رهيون هيون، اڱڻ جي پريان، ڪاٺ جي ونجين وارن دروازن اندر وياسين ته وڏو شاهي ڊگهو ورانڊو هو ۽ لائين سان پنج ست ڪمرا هُئا، همراهه مون کي وچ واري ڪمري ۾ وٺي هليو، جيڪو ڪافي وڏو هو. اُن ۾ هڪ عاليشان هِنڌورو ۽ پاسن کان بهترين هالا واريون وڏيون کٽون جن تي ريشمي هند، بسترا وڇايل، کٽن ۽ هندوري ۾ تمام خوبصورت اڇيون ڳاڙهيون صحت مند ميراڻيون ويٺل هيون، زرق برق لباس، سون جا ڳرا زيور، هر طرف عطر ۽ عنيبر جي خوشبوءِ هُئي انهي ڪمري جي اندر به ڪمرو هو، مير مونکي اُن ۾ وٺي هليو، قالينن پڙدن ۽ ٻين سجاوٽن جي وچ ۾ هڪ عاليشان پُراڻي زماني جو پلنگ، ڪاٺ جي خوبصورت ڊزائين وارو، مٿان کان سُهڻي سينگاريل ڇٽي جنهن تان پلنگ جي چئني پاسن کان سنها ريشمي پردا لٽڪيل، پلنگ تي ڳاڙهي بخمل ۽ ڪمخواب جي بستري تي، جهرڪندڙ ڪپڙن ۾ وڏو گهونگٽ ڪڍي ويٺل ڪنوار هُئي، اُن سان گڏ ڪنوار جون ڀينرون، ماءُ ۽ ٻيون مائيٽياڻيون به هُيون... مان حويلي ۾ داخل ٿيندي ئي، وڊيو رڪارڊنگ چالو ڪئي هُئي، اڱڻ، ورانڊا ۽ ڪمرا، اُنهن ۾ ويٺل سڀني عورتن ٻارن ڇوڪرين جي فلم ٺاهيندو، ڪمري ۾ اچي ڪنوار جا پوز به ورتم، ته گهوٽ به آيو، پوءِ گهوٽ ڪنوار جا پوز رڪارڊ ڪيم، فوٽو ڪڍيم، پوءِ گهوٽ ڪنوار جون لائون ۽ ٻيون رسمون ٿيون. جن ۾ ميرياڻين خوب ادائن سان حصو ورتو، هر مائٽياڻي نچندي ڪڏندي اچي ٿي رسم ادا ڪئي، نوجوان ڇوڪرين، جن جديد فيشن جا ڪپڙا پاتا هُئا، اُهي گهڻو پيون چمڪن، خوبصورت ته سڀ هُيون، ميراڻو رت هو، پر انهن ۾ ٻه ڇوڪريون بي پناهه حسين باوقار روايتي ميراڻي لباس ۾، غراڙو ۽ گج گول پڙو ۽ گج ٽڪلين ڀريل، سڄين ٻانهن تي ڀرت وارا چُولا ۽ ان تي ڪشميري شال، قد آوار ۽ حسين ڇوڪريون جيڪي ٻين کان الڳ واقعي خانداني ميرياڻيون ٿي لڳيون، جيڪي هندوري ۾ ويٺل هيون، باقي ٻيون، جديد فيشن واريون ڇوڪريون، انهن کي فوٽو ڪڍائڻ ۽ وڊيو جو شوق هو سو اڳيان پيون اچن. لائون کان پوءِ سڀ آيا اڱڻ تي، جتي ڊانس شروع ٿيو، جنهن ۾ سڀني ميراڻين حصو ورتو، پر نوجوان ڇوڪرين بهترين ڊانس ڪيو، فلمي گاني تي جديد ڊانس ڏسي مونکي حيرت ٿي ته حويلين ۾ به جديديت پهچي وئي آهي. بهرحال مون اهي سڀ پروگرام رڪارڊ ڪيا، جيڪو مير صاحب مونکي اندر حويليءِ ۾ وٺي هليو هو، اُن به پنهنجي مڱيندي يا محبوبه سان گڏ فوٽو ڪڍايا ۽ پوءِ ڪم ختم ٿيو ته مونکي به ڪار ۾ واپس روانو ڪيائين. اها هُئي ميراڻي شادي.


    ايم آر ڊي واري تحريڪ

    ايم آر ڊي واري تحريڪ

    14 آگسٽ 1983ع تي، جنرل ضياءُ الحق خلاف ايم آر ڊي تحريڪ شروع ٿي، ايم آر ڊي اتحاد ۽ تحريڪ جو خيال، تجويز، سنڌ جي ڏاهي محترم رسول بخش پليجي صاحب جيل مان مُحترمه نصرت ڀٽو صاحبه تائين پهچائي هُئي، ياد رهي ته پليجو صاحب ڪيترن سالن کان جيل ۾ هو، جتان هي تجويز پنهجي نمائندي، جناب ڊاڪٽر فيروز احمد ذريعي مُحترمه نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو تائين پهچائي هُئي ۽ پڻ پاڪستان جي ٻين وڏن ليڊرن، ولي خان، بزنجو، نواب زاده نصر الله خان وغيره ڏانهن وفد موڪلي انهن کي به راضي ڪيو هو ۽ اهو اتحاد ٺهيو هو، جنهن 14 آگسٽ 83 کان تحريڪ هلائي ۽ هر شهر مان جلسا جلوس ڪڍي گرفتاريون ڏيڻ ۽ جيل ڀرڻ جو اعلان ڪيو هو. ان تحريڪ ۾ اسان جي پارٽي سنڌي عوامي تحريڪ اهم ترين ڪردار ادا ڪيو هو. حيدرآباد مان اسان سڀ ساٿي سرگرم هُئاسين ۽ روزانه شهر جي ڪنهن نه ڪنهن علائقي مان جلوس ڪڍي گرفتاريون ڏياريندا هُئاسين. سڀ کان اول پهرين ڏينهن سنڌياڻي تحريڪ جي رهنمائن گرفتاري ڏني هُئي، جن ۾ محترم پليجي صاحب جي ڀيڻ ۽ فاضل راهو جي ڀيڻ ۽ نياڻي به گرفتاري ڏني هئي. M.R.D جي انهي عظيم الشان تحريڪ جي باري ۾، اُن وقت مون پنهنجا تاثرات ڊائري ۾ لکيا هُئا، 83 جي اُن ڊائري مان ڪُجهه تاثر ۽ واقعه هتي پيش ڪريان ٿو.
    20 آگسٽ 1983: ايم آر ڊي جي سول نافرماني واري تحريڪ کي شروع ٿئي هفتو کن ٿيو آهي، اُها اميد کان به گهڻو وڌيڪ تيزي سان پکڙجندي وڃي، خاص طور تي سنڌ ۾ سنڌي عوام ان تحريڪ کي انتهائي جوش ۽ جذبي سان کنيو آهي، هونءِ ته سڄي پاڪستان مان ليڊر ۽ ڪارڪن گرفتاريون ڏين پيا، لاهور، پنڊي، پشاور ۽ ڪوئيٽه مان به گرفتاريون ٿين پيون، پر هن وقت ان تحريڪ ۾ سنڌ ڪمال ڪيو آهي. سنڌي قوم ۽ خاص طور ٻهراڙي جو عوام سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ۽ ڳوٺن مان جلوس ڪڍي گرفتاريون ڏئي رهيا آهن، فوج ۽ پوليس جي تشدد جي ڪري ماڻهو به مڇرجي سرڪاري ملڪيتن کي باهيون ڏئي رهيا آهن، ريلوي اسٽيشن، بئنڪون ۽ سرڪاري ادارن کي ساڙيو ويو آهي، خاص طور خطرناڪ عمل ريلوي جون پٽڙيون اُکوڙڻ وارا واقعا وڌي رهيا آهن. سنڌ جي ٻهراڙين جا اصلي سنڌي هيل پاڻ ملهائي رهيا آهن. عجب جهڙي ڳالهه آهي ته ٻهراڙين جا عوام جن ڪڏهين به ايجيٽيشن جي سياست نه ڪئي هُئي، جلسا جلوس ۽ هنگاما هن قوم جي فطرت مان ئي نڪري چُڪا هُئا، اُها قوم، اُهي ڳوٺن جا عوام هيل پنهنجي پوري جوش ۽ جذبن سان ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن مان زبردست جلسا جلوس ڪڍي احتجاج ڪري رهيا آهن، انهي حد تائين جو مورو، ميهڙ، دادو، نوابشاهه، وارهه ۽ خيرپور ناٿن شاهه ۽ جوهي وغيره ۾ به زبردست مظاهرا ٿيا آهن، فوج ۽ پوليس سان ٽڪراءُ ٿيا آهن، نتيجي ۾ ويهه پنجويهه ماڻهو فائرنگ ۾ شهيد ٿيا آهن، ٽرينن جون پٽڙيون اُکوڙيون پيون وڃن، ڪورٽن بئنڪن ۽ ريلوي اسٽيشنن ۽ سرڪاري ادارن کي باهيون ڏنيون پيون وڃن... سنڌ جي هن دليرانه عمل پوري دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي، اهي ماڻهو جيڪي سنڌين کي ناڪارا ڄٽ NoN MARTIAL RACE يا غير فوجي نسل ۽ بزدل چوندا هُئا، انهن جا وات ڦاٽي ويا آهن، سنڌي عوام جو فوجي آمريت خلاف، اڪيلي سر جنگ ڪرڻ تي، سنڌي ماڻهن پنجاب، پختون ۽ بلوچستان وارن کي چوڙيون موڪليون ته اهي پائي ويهن، انهن چوڙين جي تحفن کان پوءِ، سرحد، بلوچستان ۽ ڪجهه پنجاب ۾ به هل چل هلي آهي، جلوس ۽ گرفتاريون به ٿيون آهن، پر سنڌ هيل پاڻ ملهايو بيٺي آهي، حالانڪه فوج احتجاج ڪندڙن تي سڌيون گوليون پئي وسائي، ماڻهو مرن پيا، زخمي ٿين پيا، هزارين گرفتار آهن، پنجاهه پنجاهه ڪوڙهن جون سزائون، قيد، ڏنڊ جون سزائون، جيلن ۾ تشدد ۽ اذيتون، ماڻهن جون ڏاڙهيون، مڇون پٽي، جسمن تي ڏنب به ڏنا ويا آهن، هر طرح جو ظلم و جبر جاري آهي، ٻي طرف عوام ۾ جدوجهد جو جوش ۽ جذبو اڃا وڌي پيو، جيئن ٿو ظلم وڌي، عوام جو غيض و غضب به تيئن ٿو تيز ٿئي، ماڻهو ملٽري جي بندوقن سامهون ڇاتيون کولي گوليون پيا کائن، غالب جي هن شعر واري ڪيفيت آهي، ”بڙهتا هي ذوق جرم يهان، هر سزا ڪي بعد“
    ”25 آگسٽ 83“ M.R.D جي تحريڪ ۾، سنڌي عوامي تحريڪ ۽ اُن جون ذيلي تنظيمون، سنڌي هاري ڪاميٽي، سنڌي شاگرد تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ انتهائي اهم ترين رول ادا ڪري رهيا آهن. سڄي سنڌ ۾، پليجي صاحب جي نظرياتي فڪر سان آراستا، باشعور ڪارڪن ئي آهن،جيڪي هن تحريڪ کي سنڌ جي هر ڳوٺ، شهر ۽ واهڻن ۾ کڻيو بيٺا آهن. پي پي جا ڪيترا وڏيرا گهرن ۾ لڪيو ويٺا آهن، جن کي فاضل راهو زوري وڃيو گهرن مان پيو ڪڍي. پ پ جي ڪجهه ليڊرن، چند وڏيرن به گرفتاريون ڏنيون آهن، پر جهڙي طرح ڳوٺن ۽ شهرن مان منظم طريقي سان روزانو چاليهه پنجاهه ماڻهو سنڌي عوامي تحريڪ جا هوندا آهن ته انهن سان گڏ پنج ست ڪارڪن پي پي جا هوندا آهن. شهيد ٿيندڙ ۽ زخمين ۾، گرفتارين ۽ ڪوڙهن جي سزائن ۾ به عوامي تحريڪ جا ڪارڪن وڌيڪ هوندا آهن. ڪيترن جاين تي ته صرف عوامي تحريڪ وارا ئي جلوس ڪڍي ۽ گرفتاريون ڏئي رهيا آهن. ٺٽي ۾ هفتي کن کان صرف عوامي تحريڪ ۽ هاري ڪاميٽي وارا پيا جلسا ڪن ۽ گرفتاريون ڏين، پي پي جا وڏيرا جن ۾ محمد خان سومرو ۽ ٻيا انتظاميه کي لکي ڏئي آيا آهن ته اسان ڪو نه نڪرنداسين.
    ”13 سيپٽمبر 1983“ ٽيو ڏينهن دادو ۾ جنرل ضياءُ الحق جڏهن دوري تي پهتو ته دادو جي دلير ماڻهن، هڪ لک جي تعداد ۾ گڏ ٿي، جنرل جي آمد تي زبردست احتجاج ڪيو، صدر جي ڪار تي پٿرن ۽ گندگي جي بارش ڪيائون، فوجي پهرن ۽ ناڪابندين جي باوجود وڏي هجوم، سرڪٽ هائوس جو گهيراءُ ڪيو، ٻاهر لکين مڇريل ماڻهو هئا، تڏهين انتظاميه ۽ پهريدارن، صدر ۽ ٻين کي چيو ته سر صورتحال خراب ٿيندي وڃي، ممڪن آهي قابو کان ٻاهر ٿي وڃي، ان ڪري صدر ۽ سندس ساٿي پٺيان گيٽ مان نڪري وڃن، صدر ۽ ٻيا هڪدم اُٿي ڀڳا هجوم سرڪٽ هائوس ٻاهران بيٺل چئن پنجن ڪارن ۽ گاڏين کي باهه لڳائي ڇڏي، هوڏانهن هجوم جو ڪُجهه حصو ان رستي تي روڊ تي ليٽي پيو ۽ صدر جي گاڏين کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو ايڏو ته خوفزده هُئا جو محافظ گاڏيون، هوائي فائرنگ ڪنديون، تمام گهڻي اسپيڊ ۾ ماڻهن مٿان چاڙهي هلندا ويا، پر تڏهين به هجوم پٿر ۽ سروٽا ۽ گند ڪچري سان صدر جي ڪار تي وسڪارو لائي ڏنو، هن جي ڪار جا شيشا ٽُٽي پيا ۽ هو تيزي سان نڪري ويا، مطلب ته جنرل ضياءَ الحق جي ڏاڍي بيعزتي ٿي هئي.. هوڏانهن ڪالهه خيرپور ناٿن شاهه ۾ پوليس ۽ مظاهرين ۾ ٽڪراءُ ٿيو، پوليس فائرنگ ۾ سڌيون گوليون هلايون، ست سنڌي شهيد ٿيا ۽ ڪيترائي زخمي... ٻئي طرف وري جڏهين صدر ضياءَ بدين پهتو ته اُتي به زبردست مظاهرا ٿيا، حالانڪه بيپناهه حفاظتي انتظامن ۾، هڪ بند جاءِ ۾، ڪُجهه ماڻهن کي خطاب ڪري، اُتان ئي جلد هيليڪاپٽر ۾ چڙهي موٽي ويو، جنرل جي آمد تي سڄي ضلعي ۾ مظاهرا ٿيا، تلهار شهر ۾ هڪ وڏي هجوم ريلوي اسٽيشن، پيٽرول پمپ، بئنڪن، ميونسپلٽي ۽ ٻين عمارتن کي باهيون ڏئي ساڙهي ڇڏيو. 7 آڪٽوبر 1983“... لاهور ۾ پندرهن هزار ماڻهن جلوس ڪڍيو، جنهن ۾ ٽي چار هزار وڪيل هئا، جن جا نمائندا سڄي ملڪ مان آيا هُئا، انهن سان گڏ اديب، شاعر، عالم، شاگرد، مزدور ۽ عام ماڻهو به شامل هُئا، ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ پنجاب مان هي پهريون وڏو جلوس ۽ احتجاج هو. اڄ بلوچستان، ڪوئيٽا ۾ به پهريون ڀيرو وڏو جلوس ۽ جلسو ڪيو ويو.
    10 آڪٽوبر 83“ ... سنڌي عوام جي دليرانه جدوجهد جاري آهي، هفتي کن کان روز، ڪنهن نه ڪنهن علائقي ۾ فوج سان ٽڪراءُ ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ روزانه ٻارهن پنڌهن ماڻهن کي ماريو پيو وڃي، ماڻهن ۾ تيئن جوش وڌي پيو، اڪثر ماڻهو جن جي مائٽن عزيزن جان جون قربانيون ڏنيون آهن يا جيڪي زخمي ٿيا، جيلن ۾ ويا ۽ ڦٽڪا کاڌا آهن، اُنهن جي رشتيدارن، مائٽن ۽ دوستن جو چوڻ آهي ته هاڻ اسان کي آزادي گُهرجي، هاڻي ڇا جي اليڪشن، ڪهڙي جمهوريت، هاڻ اسان کي نه کپي پاڪستان، هاڻ بس آزادي ۽ صرف آزادي جي جنگ آهي.
    رچي جي ريٽو ٿيا، ڪِن اُٻا ٽجن اوءِ،
    کُنڀ نه کاري تنهن کي، جو هالاري هوءِ،
    توڻي ڌوٻي ڌوءِ، تب لالائي نه لهي.
    ”شاهه“
    1984ع، جو سال هو، اها دردناڪ خبر آئي، اسان جو پيارو، نوجوان خوبصورت دوست، ذوالفقار علي خواجه تلهار ۾ گُذاري ويو، نوجوان جي هن موت تي ڏاڍو ڏُک ٿيو هو، اصل ۾ هي شهيد وطن هو، پر هن گندي سماج اُن کي ضائع ڪري ڇڏيو ۽ هڪ ڀرپور باصلاحيت زندگي برباد ٿي وئي. ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ جڏهين سنڌ جي بهادر نياڻي اختر بلوچ جيئي سنڌ جو نعرو هڻي بُک هڙتال ڪري گرفتاري ڏني ته سنڌ جي نوجوانن جي غيرت به جاڳي پئي، سڄي سنڌ مان گرفتارين جو سلسلو شروع ٿي ويو هو. تڏهين تلهار شهر جي نوجوانن به گرفتاريون ڏنيون هُيون، جن مان ٽي اسان جا دوست به شامل هُئا، حميد جعفري، ذوالفقار علي خواجه ۽ عاشق علي عرف پريتم پنجواڻي ۽ ان ۾ ٻيا به قومي ڪارڪن رمضان علي حيدري، امام بخش جتوئي ۽ ڪجهه ٻيا شامل هُئا، تحريڪ جڏهن زور ورتو ۽ جيل ڀرجڻ لڳا، تڏهين يحييٰ خان ون يونٽ ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو ۽ سڀ گرفتار به آزاد ٿيا.... پر انهي قوم پرست جدوجهد، جيئي سنڌ جي نعري ۽ شيخ اياز جي انقلابي گيتن، ”سنڌڙي کي سر ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير معيار او يار“ اهڙن اعلانن نوجوانن جي دلين ۾ ديس سان محبت جا ڀنڀٽ ڀڙڪائي ڇڏيا هُئا، قوم پرستي جي نڪور جذبن جو اهڙو طوفان اُٿيو هو، جو هزارين سنڌي نوجوان، پنهنجيون جانيون قربان ڪرڻ لاءِ تيار هُئا، ٽوڙهي ڦاٽڪ واقعي جون شهادتون، 4 مارچ جا واقعا انهن قومي جذبن جا مثال هُئا.... پر افسوس جو قيادت انهن جذبن، وطن سان عشق جي انهن احساسن ۽ صلاحيتن کي سهيڙي، مُنظم ڪري درست تعميري رُخ ۾ استعمال نه ڪري سگهي، نتيجي ۾ اهي تمام جوش جذبا، بيپناهه صلاحيتون ضايع ٿي ويون، ڪيترا نوجوان ڀٽڪي ويا، ڪيتريون زندگيون رائيگان ويون... انهن برباد ٿيندڙ زندگين مان هڪ اسان جي پياري دوست ذوالفقار علي جي به هُئي، ذوالفقار علي خواجه، تلهار جي سُکئي ستابي خاندان جو فرد هو. تعليم دوران قومي تحريڪ سان وابسته رهيو، ون يونٽ خلاف جدوجهد ۾ رضاڪارانه گرفتاري ڏني ۽ جيل ڪاٽي هُئي، آزاد ٿيڻ کان پوءِ خاموش گهر ويٺو نه ٿيو، وري سڌو سن پهتو، سائين جي ايم سيد جي حضور ۾ حاضر ٿيو، آزاد سنڌ جي گوريلا فوج ۾ شامل ٿيڻ، وطن تان جان قَربان ڪرڻ لاءِ پاڻکي رهبر جي حوالي ڪيو. هفتو ڏيڍ سن ۾ رهيو، وري سائين کي عرض ڪيو ته هن کي گوريلا جنگ جي تربيت لاءِ موڪليو وڃي، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سيد سائين جي ايم ڪي اهم خط ذوالفقار ۽ سليمان سولنگي کي ڏنا ته اُهي نوابشاهه ۾ فلاڻي صاحب کي پهچائي اچن. همرائن ٿيلهو کنيو ۽ روانه ٿيا، جڏهين مورو پهتا، چانهه پيئڻ لاءِ هوٽل تي ويٺا ته اُتي موجود ڪُجهه نوجوانن هنن کان حال احوال ورتو، خبرون چارون ڪيون، هنن ٻڌايو ته اسين شاگرد آهيون، سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهندا ۽ هاسٽل ۾ رهندا آهيون، هنن پنهنجا اصل نالا ۽ ذات جي بدران نقلي نالا ۽ ذات لاکا ٻڌائي، بدقسمتي سان هنن اُها ذات ٻڌائي، جنهن ذات جي هڪ شاگرد ڄام شوري جي انٽرنيشنل هاسٽل ۾ نوجوان سيد شاگرد کي مبينه طور پسٽل جي گولين سان قتل ڪيو هو، مورو جي انهن ماڻهن مان هڪ همراهه هنن جو تعارف ٻڌو ته اُن جا ڪن کڙا ٿي ويا، هُو فورن اُٿيو ۽ خاموشي سان تڪڙو هليو ويو، ۽ سڌو مورو جي سيد خاندان جي چڱي مڙس وٽ پهتو، ان کي چيو، سائين توهان جي جنهن نوجوان فرزند سيد فلاڻي شاهه کي انٽرنيشنل هاسٽل ۾ بيگناهه قتل ڪيو ويو هو، ان جا قاتل جنهن کي توهان مهينن کان پيا تلاش ڪريو، اڄ اُهي پاڻ هلي مورو آيا آهن ۽ فلاڻي هوٽل تي ويٺا چانهه پين، سيد صاحب اها ڳالهه ٻُڌي ته هن جي اکين مان رت ٽمڻ لڳو، هڪدم هڪل ڪري چار پنج جانٺا جوان وٺي، هوٽل تي پهتا، جتي هي پئسا ڏئي هاڻ وڃڻ وارا هئا، مُخبر سيد کي ٻُڌايو ته اُهي اٿو قاتل پوءِ ته همراهه اچي مٿان ڪڙڪيا، نڪا هم نڪا تم، ايندي شرط، شروع ٿي ويا، هنن ٻنهي کي مارڻ، لتون مُڪون ۽ ڏنڊن جو وسڪارو لائي ڏنو، ٻئي ساڻا ٿي ڪري پيا ته ٻنهي کي کنڀي کڻي گاڏي ۾ وڌو، آيا پنهنجي اوطاق تي، اُتي به هنن کي چڱي مار ڏني. ذوالفقار وارن هُنن کي هاڻ اصل حقيقت ٻُڌائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي پر سيدن چيو هاڻي ڪوڙ ڳالهاءِ بچڻ ٿا چاهيو، توهان ئي مُنهنجي پُٽ جا قاتل آهيو، توهان کي جيئري دفن ڪري بدلو وٺنداسين، سيد کي وڌيڪ ڪاوڙ ذوالفقار تي هُئي، جو اصل قاتل جو شڪ ان تي وڌيڪ هو، ذوالفقار کي ڏنڊن ۽ ڪُهاڙي جي پاهن سان مٿي ۾ زور دار ڌڪ لڳا هُئا، سڄو رتورت ٿي پيو هو، بيهوش ٿي ويو، ته هنن ٻنهي کي گاڏي ۾ وجهي کڻي آيا جنگ ۾، کڏ کوٽي، اُن ۾ پورڻ وارا هئا ته سليمان هوش ۾ آيو، جنهن هنن کي ٻُڌايو ته مان نوابشاهه جو سولنگي آهيان، منهنجا مائٽ ۽ چڱي مڙس جا نالا فلاڻا آهن، توهان تصديق ڪريو، اسان اُهي قاتل ڪو نه آهيون، تڏهين سيدن جي هڪ همراهه جيڪو سليمان جي مائٽن جو واقف هو، تنهن هن کي سڃاتو ۽ پوءِ سليمان کان حقيقت معلوم ڪئي، جڏهن پيرائتي خبر چار ورتي تڏهين همرائن کي احساس ٿيو ته هنن کان ڪيڏي وڏي غلطي ٿي رهي هُئي، جو همرائن کي جيئري دفن ڪري رهيا هُئا، پوءِ ته سيدن پنهنجي جان ڇڏائڻ لاءِ پنهنجي واقف صوبيدار کي فون ڪري سڏايو ۽ هنن ٻنهي کي هڪ جڙتو ڪيس ۾ چالان ڪرائي جيل حوالي ڪرايو. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ذوالفقار ڪجهه ٺيڪ ٿيو ته هن پنهنجن مائٽن ۽ دوست کي خط لکي اُماڻيو، جيڪي مورو پهتا، ڪجهه سفارش ۽ ڪجهه ڏوڪڙ ڏئي همرائن جي جان ڇڏائي ڳوٺ آيا، ذوالفقار جو علاج وغيره ٿيو، ظاهري ڦٽ ته ڇُٽي ويا پر هن کي جيڪي مٿي ۾ ڏنڊا لڳا هئا، اُنهن هن جي دماغي توازن تي اثر ڪيو، ڪيڏي مهل عجيب ڳالهيون ڪندو هو، چوندو هو سنڌ آزاد ٿي وئي آهي، سڀ جشن پيا ملهائن هلو پاڻ به هلون، همراهه نشو به ڪرڻ لڳو، چرس ۽ ڀنگ وڌيڪ خراب اثر ڪيا، اڪيلو پيو جنگ ۾ ڦرندو هو. اڪثر شهر جي ڀر ۾ گونيءِ ڪناري لطف علي شاهه جي درگاهه تي قبرستان ۾ ڪنهن ڪُنڊ ۾ يا ڪنهن وڻ تي چڙهي ويٺو هوندو هو، ڪلاڪن جا ڪلاڪ اڪيلو اُتي ويٺو هوندو هو. ڪجهه مهينا گُذريا ته هڪ ڏينهن وري هن کي رُچڪي آئي، اڪيلو گهران نڪتو، حيدرآباد، اُتان ٺٽي جي بس ۾ چڙهي اچي ڪينجهر تي پهتو، ٻيڙيءَ واري کي چيائين مونکي ڪينجهر ۾ نوري جي مزار تي وٺي هل، شام جا پنج ٿيا هُئا، ٻيڙيءِ واري ڪلاڪ کن ۾ هن کي ڍنڍ جي وچ ۾ نوري جي قبر تي پهچايو، تڏهين هن ملاح کي چيو هاڻ تون ڀلي وڃ ۽ صُبح جو مون کي وٺڻ لاءِ اچج، ملاح حيران به ٿيو پر پنهنجو ڀاڙو وٺي هليو ويو. هن وڏي شاهي ڍنڍ جي وچ ۾ ٽيهه چاليهه فٽن جي پليٽ فارم تي وچ ۾ نوري جي قبر هئي، پليٽ فارم کي چئني پاسن ٻه اڍائي فوٽ جي ديوار هُئي، سج لٿو هي همراهه اڪيلو هڪ ڪُنڊ ۾ ٿي ويٺو، هن وٽ نه ماني نه پاڻي صرف سگريٽ جو پاڪيٽ ۽ چرس هو، جنهن جون سگريٽون ڀري پيئڻ لڳو. ذوالفقار خبر ناهي ڪهڙن جذبن ۽ سوچن سان هتي پهتو هو، پر پوءِ جيئن رات ٿي هوندي، اونداهي جي پراسرار ماحول ۾ هي اڪيلو جوان، تن تنها ڪيئن سڄي رات گُذاري هوندي، عجيب آوازن ۾ پاڻي جي ڇولين جا ڇپاڪا، جيتن ۽ ڏيڏرن جا آواز، پراسرار ماحول ۾ هو ڇا سوچيندو رهيو، خوفناڪ صورتحال ۾ هن ڪيئن صُبح جو انتظار ڪيو هوندو، ڪهڙين ڪيفيتن مان گذريو هوندو، اها خبر به هن کي هوندي، صُبح جو ٻيڙي وارو آيو ته همراهه سڄو لڙهيو پيو هو، چهرو پيلو ۽ ڪمزور، اوجاڳو ۽ ٿڪاوٽ ظاهر هُئي، ملاح هن کي ڪناري تي آندو، ذوالفقار ٻيڙيءَ ۾ مڇيون ڏٺيون ته هڪ مڇي ان کان خريد ڪئي، جيڪا هن کي ڪاغذ ۾ ويڙهي ڏني ۽ اها مڇي کڻي بس ۾ چڙهي سڌو پنهنجي چاچا نور احمد جي گهر حيدرآباد پهتو ۽ چيائين ته بس سنڌ آزاد ٿي وئي آهي، ماڻهو جشن پيا ملهائن، توهان اڃا هتي ويٺا آهيو، هن پنهنجي چاچي کي چيو هي مڇي جو هيڊو ڀت رڌيو ته کائون، سنڌ آزاد ٿي وئي آهي. نور احمد هن کي ناشتو ڪرائي آرام خاطر سُمهاري ڇڏيو ۽ فون ڪري هن جي وڏي ڀاءُ کي سڏائي، اُن جي حوالي ڪيو. اسان کي هن جي حالت ڏسي ڏاڍو ڏُک ٿيو هو. ذوالفقار جي مٿي ۾ لڳل ڌڪن ۽ وري ڪينجهر نوري جي مزار تي خوف واري ماحول دماغي توازن مزيد بگهاڙي ڇڏيو، ڊاڪٽرن کان علاج به ڪرايو پر خاطر خواهه فائدو نه ٿيو، سال کن کان پوءِ اسان ٻڌو ته هن جي حالت وڌيڪ خراب ٿيندي وڃي. هاڻ وڙهي ٿو گهر وارن کي ڌڪ ٿو هڻي، ان ڪري ڪمري ۾ بند ڪري رکيو آهي، ڪمزور ٿيندو ويو، هن ۾ غصي ۽ ناراضگي جو عنصر وڌندو ويو ۽ پوءِ هڪ ڏينهن اها خبر آئي ته ذوالفقار علي خواجه گُذاري ويو... ستاويهن سالن جو خوبرو جوان، مُحب وطن، تعليم يافته، پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي خدمت جي جذبن سان سرشار، ڌرتي تان جان نڇاور ڪرڻ جي تمنا کڻي نڪتو هو، پر افسوس هن گندي سماج جي زهر ناڪين جو شڪار ٿي ويو ۽ بقول اياز.
    ”بيموت مئا تو لاءِ ڪٺا انسان هزارين مان نه رڳو
    هن ڌرتيءَ تي اي ديس هئا نادان هزارين مان نه رڳو“


    شيخ اياز سان ملاقات

    شيخ اياز سان ملاقات

    2، فيبروري، 1983ع ، اڱاري جو ڏينهن هو، مان ۽ نُور احمد ڪراچي ۾ مُحترم شيخ اياز سان ملياسين.. اصل ۾ نُور احمد کي ڪئمرا ٺهراڻي هُئي ۽ مون کي غُلام قادر پليجو سان ملڻو هو، اسان حيدرآباد مان هي پروگرام ٺاهي نڪتا هُئاسين ته ڪم ڪار لاهي پوءِ اياز سان ملاقات جي ڪوشش ڪنداسين، پوءِ ائين ئي ٿيو، ڪم لاهي اياز سائين کي فون ڪئي، سائين چيو ڀلي اچو. اسان شام جو ستين بجي پرنس ڪامپليڪس پهتاسين، هڪ ننڍي ٻارڙي در کوليو، اسان لائبريري ۾ ويٺاسين ، لائبرري ۾ شيشو رکيل هو، شايد گهر ۾ ڪم هلي رهيو هو، چند منٽن ۾ اياز سائين بغير اسٽڪ (لٺ) جي داخل ٿيا، اسان ادب سان اُٿي ملياسين، سائين به مُسڪرائي کيڪاريو ۽ ويهڻ لاءِ چيو ۽ شيشي ڏانهن اشارو ڪري چيو، هتي شيشو پيو آهي، ٿورو خيال ڪجو، پاڻ به ويٺا ۽ چيائون هڪ مهيني کان مٿي ٿي ويو آهي، شيشو رکيو آهي، مُنهنجي پٽن کي وقت نٿو ملي ڪو ڪاريگر وٺي اچن ۽ دريءِ ۾ لڳائن، تمام مصروف آهن، واندڪائي نٿي ملي. نور احمد چيو سائين عُمرقاضي کي چئو ها ته اُهو ئي ڪنهن ڪاريگر کي وٺي اچي ها. اياز سائين مُسڪرائيندي چيو، عُمر به ته نئين شادي ڪئي آهي، هاڻ هو ڪاٿئون ٿو اچي. پوءِ وري سائين پنهنجي لکڻ جي ڳالهه ٻُڌائي، ته هاڻ بس اهو لکڻ ئي مان جو جياپو آهي، اڪثر سڄي رات لکندو آهيان ۽ پوءِ صُبح کان سڄو ڏينهن ستو پيو هوندو آهيان، اصل ۾ رات جو پُٽن ۽ زال کان لڪي لکندو آهيان جو هُو ناراض ٿا ٿين، مُنهنجي گهڻو محنت ڪرڻ تي، اياز سائين ٻُڌايو ته، ڪيترا ڪتاب لکي تيار ڪيا اٿم، شاعري ۽ نثر ۾، مان مسلسل لکي رهيو آهيان، ارادو آهي ته شآهه لطيف تي هڪ وڏو ناول لکان ۽ ٻيو ته مان روس ۽ ڀارت جي دوري تي تمام وڏو ڪتاب لکڻ جو ارادو ڪيو اٿم، نوٽس ته مان اڳ هي ورتا آهن، مان اُن وقت ئي محسوس ڪيو هوم ته هي سڀ ڪجهه ٺيڪ نه آهي ۽ هاڻ ته سڄو نظام اچي پٽ پيو آهي، اسان ته اڳ ئي چيو هو ته بابا ادب برائي زندگي آهي، پر يار ادب برائي ادب جا اعلان ڪرڻ لڳا. فرانس ادب برائي ادب جي دعويٰ ڪئي، پر برٽش وري صنعتي ترقي ڪري سرمايدارانه دور ۾ آيو ته، ادب برائي زندگي جو بنياد وڌو، اسٽالن وري پنهنجي آمرانه مفادن خاطر علمي، ادبي شهپارن کي گُدامن ۾ بند ڪرائي ڇڏيو، جتان اڄ وري رُوسي انهن کي ڪڍي ڇنڊي ڦوڪي ميدان تي پيا آڻين. اسٽالن اهو خزانو تهخانن ۾ بند ڪرائي ڇڏيو هو، جن تي ڄارا ۽ مٽي چڙهي وئي هُئي، ادب برائي زندگي جو نظريو هر دور ۾ رهيو آهي، سنڌ کي نور محمد ڪلهوڙي جي ڪري نه، پر شاهه للطيف جي ڪري ئي سڃاتو ٿو وڃي.... خُدا جي وجود جي باري ۾ اياز سائين چيو، ته 50 سالن جي مشاهدي کان پوءِ مان سمجهان ٿو ته، انسان اڃان ان مقام تي ناهي پهتو، جتان هو يقين سان چئي سگهي ته خدا آهي ۽ ٻيو جهان به آهي پر جي آهي ته ڪهڙو خراب آهي.... اياز سائين ٻڌايو ته، پاڪستان جي هڪ وڏي وڪيل ۽ منهنجي دوست خالد اسحاق مون کي چيو ته اياز تون اڄ اُتي پهتو آهين، جتي مان پنجاهه سال اڳ کان بيٺل آهيان، اياز سائين ٻڌايو، مون هن کي جواب ڏنو ته تون هڪ ئي جائي تي بيٺل آهي، جڏهن ته مان پنجاهه سالن جو سڄي ڌرتي جو مشاهدو ماڻي پوءِ هتي پهتو آهيان، ان ڪري مان توکان وڌيڪ ڄاڻ ۽ عملي مشاهدو رکان ٿو.


    شيخ اياز سان ٻي ملاقات

    شيخ اياز سان ٻي ملاقات

    ”27 سيپٽمبر 1984ع“ سنڌ جي عظيم شاعر، محترم شيخ اياز جي مقبول ترين شاعري، سندن ئي زباني رڪارڊ ڪرڻ لاءِ سکر روانگي.... مُحترم محمد ابراهيم جويو، مُحترم ع. ق. شيخ، جناب مُراد علي مرزا، ادا نور احمد ۽ مان، اسان گڏجي سکر وڃڻ جو پروگرام ٺاهيو هو، جنهن جو سڄو انتظام مُنهنجو وڏو ڀيڻيويو نيزار علي خواجه، جيڪو چيف انجنيئر هائي ويز سکر هو، ۽ لَبِ مهراڻ تي وڏي سرڪاري بنگلي ۾ رهائش هيس، اُن اهو سڄو انتظام ڪرڻ لاءِ خوشي سان دعوت ڏني هُئي. نيزار صاحب هڪ روايتي بيورو ڪريٽ هوندي به، قومي جذبن سان سرشار هو. اهو ئي سبب هو جڏهين اسان هن کي پروگرام لاءِ چيو ته هُن فورن خوشيءِ سان اها سڄي ذميواري قبول ڪئي ۽ پاڻ سکر کان نئين ايئرڪنڊيشن ڪار اسان لاءِ حيدرآباد موڪلي ته جيئن هِنن مُحترم بُزرگن کي ڪا به تڪليف نه ٿئي... 27 سيپٽمبر تي ٻن پهرن جو اسان سڀ گڏجي روانه ٿياسين، تمام آرام سان، بهترين موڊ ۾ کل ڀوڳ ڪندا هلياسين، ع. ق شيخ ۽ نور احمد پاڻ ۾ ڪجهه حُجتي هئا. سو هڪ ٻي سان چرچا ڪندا رهيا. شيخ صاحب نور احمد تي نالو رکيو، نُور شاهه شيخ صاحب چيو، بابا اسان جو پير و مُرشد ۽ قبلو آهي، نُور شاهه سو مُرشد جي پويان هٿ ٻڌي پيا هلون. نور احمد وري شيخ صاحب جي ڪا ڪمزوري ٻُڌائي کلائيندو رهيو، اٽڪل اڍائي بجي ڌاري سوچيوسين ته ماني کائون، جيڪا نور احمد ٽفن باڪس ۾ گهران ٺهرائي کنئي هُئي، هڪ واهه جي ڪپ تي موجود هوٽل وٽ جويو صاحب گاڏي روڪائي، اهو روهڙي ڪئنال هو، وڻن سان ڍڪيل ٿڌي ڇانو ۾ کٽن تي ويهي ماني کاڌيسين ۽ چانهه جو آرڊر ڏنو، تيستائين جويو صاحب سڀني جو ڌيان ڇڪائيندي چيو، اڙي هي پکين جون ٻوليون سندن آواز ته ٻُڌو، ڪهڙا نه سُريلا مٺڙا آواز آهن، سڀني جو ڌيان اوڏانهن ويو. واقعي مُختلف پکين جا گڏيل آواز جن مان اهڙي ته مڌر مِٺي موسيقي پيدا ٿي رهي هُئي جيڪا دل کي بيحد وڻي رهي هئي... چانهه پي وري سفر جاري رکيوسين، آرام سان هلندا، اٽڪل پنجين بجي ڌاري درياهه سنڌ مٿان، ايشيا جي سڀ کان وڏي سکر بئراج تي پُهتاسين ته اسان سڀني جا وجود ۽ روح سَرها ٿي پيا. اسان لَبِ مهراڻ پهتاسين ته، اسان جا ميزبان جناب نيزار علي خواجه ۽ سندن بيگم منهنجي وڏي ڀيڻ آجيان لاءِ منتظر هُئا. هنن اڳواٽ ئي سمورا انتظام مڪمل ڪري ڇڏيا هُئا... انگريزن جي دور جو جوڙايل هي ڊاڪ بنگلو پُراڻي انگريزي طرز تعمير جو بهترين نمونو هو. ٻه ماڙ بنگلي جي هيٺ وڏي ايئرڪنڊيشن ڪمري ۾ بيٺڪ جو انتظام هو. نيزار صاحب ٻُڌايو ته شيخ اياز ٻه ڀيرا فون ڪري توهان جو پُڇيو آهي. جويو صاحب جن اياز کي فون ڪري پُهچڻ جو اطلاع ڏنو، ۽ پروگرام ٺهيو ته اٺين بجي اسان اياز صاحب کي وٺڻ لاءِ سندن جاءِ تي وينداسين، نُور احمد ۽ مون وڊيو رڪاڊنگ لاءِ تياري ڪئي، ڪئميرا ۽ لائيٽون وغيره سيٽ ڪري، اٺين بجي جويو صاحب ، نور احمد ۽ مان اياز صاحب کي وٺڻ پُراڻي سکر سندن گهر تي وياسين، جويو صاحب جيئن ته اياز سائين جو رشتيدار به هو، سو اندر ويو ۽ ٻارن لاءِ آندل تحفه وڃي ڏنائين. پوءِ اياز سائين ۽ اسان گڏجي بنگلي تي آياسين، نيزار صاحب، هنن معزز مهمانن لاءِ انتهائي قيمتي مَئي جو انتظام ڪيو هو، ساقي جا فرائض مون انجام ڏنا، اياز سائين مون کي چيو بابا مون کي هلڪو پيگ ٺاهي ڏي ته جيئن ڪلام پڙهڻ ۾ رڪاوٽ نه ٿئي، اياز سائين تمام آهسته سُرڪ سُرڪ ڀري پيئڻ ۽ پنهنجو ڪلام پڙهڻ شروع ڪيو. اياز پنهنجي شاعري جا ڪتاب کڻي آيو هو، اُنهن مان پڙهڻ شروع ڪيو. اول جويو صاحب ۽ ٻين جي فرمائش تي شروعات ڪئي ۽ پوءِ ته ڄڻ درياهه پلٽڻ لڳو، اياز جو ڪلام ڪيترا ڀيرا پڙهيو ۽ ٻُڌو اٿئون، ظاهر آهي اياز جو ڪوثاني ڪونهي، پر اُن ڏينهن، اياز جي زباني، سندن مدُر مخصوص انداز ۾ ۽ وري مئي جي موج ۾، آواز جو اُتار ڇڙاءُ، گن گرج اهڙو ته سماع پئيدا ڪيو جو اسان سڀ ان ۾ قيد ٿي صرف ڪنڌ لوڏيندا رهياسين. جيئن ته رڪارڊنگ ٿي رهي هُئي، ڳالهائڻ ۽ واهه واهه ڪو نه ڪرڻي هُئي، ان ڪري صرف اشارن سان داد ڏيندا رهياسين، اياز سائين پهاڙي نديءِ مثل، ڪيڏي مهل گجگوڙ سان انقلابي ڪلام ٿي پڙهيو ته ڪٿي وري سنڌو جيان پُرسڪون ۽ ماٺي انداز ۾ حُسن و جمال جا اظهار ٿي ڪيا. ڪلام جي معنيٰ ۽ مفهوم مطابق آواز جو اُتار ۽ چڙهاءُ، اُٿڪ ۽ بيهڪ اهڙو ته ترنم ۽ سحر تاري ڪيو هو جو ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪر ڪو آسماني ڪلام، الوهي آواز پولارن مان اچي رهيو هجي، جذبا واقعا، ڪردار ۽ اُنهن جو سٽاءُ ڪنهن انسان جو ڪارنامو هرگز نٿي لڳو. اهڙو بيمثال فن ايتري خوبصورت انداز، ايڏي اثرائتي نموني ڪو انسان تخليق ڪري سگهي ٿو؟ اهو سوال هر هر ذهن ۾ ٿي آيو. اُن وقت، اُن جاءِ تي، اهڙي حسين ماحول ۾، اسان چار پنج ڄڻا پاڻ کي خوش نصيب محسوس ڪري رهيا هئاسين، جو اهڙي عظيم شاعر کي، هن دور جي وڏي پيغمبر کي سندس زباني ٻُڌي رهيا هُئاسين. ٽي ڪلاڪ اهو سلسلو هليو، اياز ڪتاب بند ڪري ٽيبل تي رکيو ته ڄڻ سڀ ڪنهن خواب و خيال مان جاڳي پيا... پوءِ ماني کاڌي. ماني ٺهرائڻ ۽ کارائڻ ۾ اسان جي ڀيڻ ادي شاهه سلطانه وڏي ذوق واري آهي. جنهن اُن وقت به پنج ڇهه طعام تيار ڪرايا هُئا، جنهن ۾ مُرغي جا ٽي چار قسم، ننڍي ٻڪر جو حلواڻ گوسٽ، اڱرن تي پڪل رانون، پُلاءُ ۽ ٻوڙ هُئا، مٺي ۽ فروٽ ڪسٽر جيڪو جهونن کي بيحد پسند آيو، اياز سائين ڀاڄي جو ڊش به پسند ڪيو. ماني کان پوءِ شيخ اياز کي سندن گهر پهچائي آياسين. سمهڻ لاءِ ٽنهي بزرگن کي هڪ وڏي ايئر ڪنڊيشن ڪمري ۾ ٽي کٽون لڳائي ڏنيون، مان ۽ نور احمد جدا ڪمري ۾ سُتاسين.
    ٻيو ڏينهن جمعي جو هو، پروگرام مطابق ٻارهين بجي اياز سائين کي وٺي اچڻ لاءِ يارهين بجي مان ۽ نور احمد، نيزار صاحب جي سرڪاري جيپ کڻي نڪتاسين، اول نور احمد کي ڪجهه سامان وٺڻو هو، ڪلاڪ کن رُلياسين پر سامان ڪو نه مليو، واٽ تي هڪ ٽانگو مليو جيڪو اسان جي جيپ جي اڳيان ٿي هليو، اُن ۾ ٽي ڇوڪريون ڪارن برقعن ۾ ويٺل هيون، اُنهن مان هڪ جا هٿ برقعي مان نڪتل هُئا، اڇن کير جهڙن نازڪ هٿن تي لڳل ميهندي سان اهڙا خوبصورت هٿ ڏسي اسان موهجي پياسين، نور احمد بي اختيار ٿڌا شوڪارا ڀرڻ لڳو، ڇا ته ميندي رتا هٿ هئا، ڪاري برقعي جي نقاب مان ڪاريون ڪجليون اکيون ۽ اُهي ميندي رتا هٿ ڪُجهه دير ڏٺاسين، جيڪي اڃان تائين اسان کي ياد آهن. اسان پراڻي سکر جي جنات مُحلي پهتاسين، اياز سائين تيار ويٺل هُئا، سائين گاڏي ۾ ويٺا، ته نور احمد پُڇيو، سائين اهو ”جنات پاڙو“ نالو ڪيئن پيو، اياز سائين، آڱر سان اشارو ڪري اسان کي ڏيکاريو ته هو سامهون چوراهي تي جيڪا پٿر جي وڏي جاءِ ڏسجي پئي، ان جاءِ لاءِ مشهور آهي ته هن ۾ جن آهن، سائين چيو اصل ۾ ڇا جا جن ٻن، مهاجرن جو هڪ ڇورو لغر اُڏائيندي ڇت تان ڪري پيو ۽ مري ويو، هنن چيو جنن ڪيرايو آهي، بس تڏهين کان هن جاءِ ۽ پاڙي تي اهو نالو پئجي ويو. اياز سائين سان ڪچهري ڪندا، درياهه جي ساڄي ڪپ تان، بندر روڊ تي چڙهياسين ته نور احمد هڪ سوال ڪيو ته، سائين توهان سکر ڇڏي ڪراچي يا حيدرآباد ۾ رهڻ متعلق ڇا سوچيو آهي؟ اياز سائين درياهه ڏانهن ڏسندي، وڏو ساهه کڻندي چيو، ها سکر هاڻ مُشڪل ٿي پيو آهي، دل به ڀرجي وئي آهي، هاڻ ڪم ڪري ڪري ٿڪجي پيا آهيون، وڪالت هُونءِ به ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، اياز سائين فيصلا ڪن انداز ۾ چيو، بس هاڻ ٻن ٽن سالن ۾، وڪالت مان رٽائر ٿي، پوءِ آرام سان صرف علمي ۽ ادبي ڪم ڪندس... هتي وري مون هڪ سوال ڪيو ته سائين توهان جي وڪالت کان سواءِ به ٻي ڪا آمدني آهي، مثال ڪو بزنس زمين يا پراپرٽي وغيره، سائين فورن چيو نه نه بابا ڪجهه به نه، نه ڪا جائيداد نه زمين، نه بزنس، بس ايترو بچائي رکيو اٿم، جنهن مان باقي زندگي آرام سان گذري ويندي. لب مهران وٽ پهتاسين ته نور احمد چيو سائين توهان رٽائرمينٽ کان پوءِ حيدرآباد ۾ اچي رهجو، اياز سائين چيو، حيدرآباد مونکي به پسند آهي، سڀ يار دوست به حيدرآباد ۾ آهن، پر منهنجي لاءِ مجبوري اها آهي جو مُنهنجا ٻار اڳ ئي ڪراچي ۾ سيٽ آهن، هڪ جاءِ به اُتي ورتي آهي، ان ڪري ڪراچي ۾ رهڻو پوندو، پر ڪراچي ۽ حيدرآباد ته گڏيا پيا آهن، اچڻ وڃڻ ٿيندو رهندو. اسان هڪ بجي بنگلي تي پهتاسين، جويو صاحب ۽ ٻيا دوست به تيار ويٺا هئا، ته اُن وقت نور احمد جو ۽ پوءِ اسان سڀني جو دوست سيد سقلين رضه، عَسڪري به اچي نڪتو، هن جا ساهرا خيرپور جا آهن، جتي هو آيل هو، هن کي خبر هُئي ته اسان سکر ۾ آهيون، ان ڪري ملڻ هليو آيو. ياد رهي ته عسڪري هڪ مهاجر آهي، هن جو والد نواب مظفر وارن سان اتحاد ۾ شامل رهيو. پر هي جوان بلڪل مُختلف، ننڍپڻ کان تلهار ۾ رهيو، اُتي پڙهيو ۽ نور احمد وارن سان دوستي ۾ هو بهترين صاف سنڌي ڳالهائي ٿو ۽ اوترائي وري هن جا خيال صاف سٿرا آهن. پاڻ بئنڪ مئنيجر آهي پر ترقي پسند، روشن خيال ۽ قوم پرست سوچ جو مالڪ آهي ۽ علم ادب جو متوالو آهي، اياز سائين جو معتقد آهي، ان ڪري ديدار يار لاءِ هليو آيو هو. خير سائين، اسان سڀ هم تن گوش ٿي ويٺاسين ۽ اياز سائين علم، ادب فن ۽ فڪر جو درياهه واهڻ شروع ڪيو. ائين کڻي چئجي، علم، ادب جي اُڃايل ڌرتي تي، علم و ادب، عشق و مُحبت، انقلاب ۽ امن جا ٿڌا مٺا مينهن وسڻ شروع ٿي ويا ۽ اسان جهڙا اُڃايل، سيراب ٿي اها اُڃ اُجهائي رهيا هئا. انهي آب حيات جي جام اسان کي، هن ڌرتي قوم ۽ ٻولي کي سدا لاءِ سيراب ڪري ڇڏيو آهي. سچ ته شيخ اياز جو سنڌ تي اهو وڏو احسان آهي، شاهه لطيف کان پوءِ اڍائي ٽي سئو سال سنڌ ۾ علم و ادب جو ڏڪار رهيو، اياز آيو، ڀورن ناسي بادلن وانگر ڀرجي آيو، سانوڻي جو مينهن بڻجي وسڻ لڳو، ڏڪار ختم ٿيو ۽ سُڪار شروع ٿيو آهي... مسلسل ٽي ڪلاڪ، اسان سڀ حيرتن جي سمنڊ ۾ غرق هئاسين.. پوءِ سڀني گڏجي ماني کاڌي، رات جو وري نشست جو پروگرام ٺاهي، اياز سائين کي سندن جاءِ تي پهچائي آياسين. هتي سڀني ٿورو آرام ڪيو. اتڪل ستين بجي سڀ دوست تيار ٿي ان ارادي سان نڪتاسين ته ٿورو سکر شهر جو واءُ سواءُ وٺون پوءِ چڪر لڳائي اٺين بجي اياز سائين کي وٺي اينداسين، سو اسان سڀ وڏي پيجارو جيپ ۾ گهمڻ نڪتاسين، اول روهڙي ڏسڻ جو ارادو ٿيو، لب مهراڻ وٽان بئراج ٽُپي روهڙي جي شهر ۾ آياسين، محرم جي ماتم ۽ مجلسن کان مشهور روهڙي جو شهر سنڌ جي ٻين شهرن وانگر اُداس ۽ بيحال نظر آيو، الم ۽ آنگاس اُبا ۽ روشن هُئا، پر پڙن ۽ اوتارن تي سُڃ ۽ ويراني هُئي. روڊ ۽ گهٽيون ٽٽل فٽل گند ڪچري جا ڍير نظر آيا، اسان گاڏي ڦيرائي مين روڊ تي آياسين، سينٽرل جيل جي وڏين اوچين ديوارن ۽ مورچن هيٺان گذرندا اُن هنڌ پهتاسين جتي ڀٽو حڪومت دوران آيل ٻوڏ کان، بئراج کي بچائڻ لاءِ ۽ پڻ لاڙڪاڻي کي ٻُڏڻ کان بچائڻ واسطي، درياهه کي هٿ سان ٽُڪا هڻي، بند ٽوڙيا ويا هئا، هن جاءِ تي خود ڀٽو صاحب به آيو هو، خير اُتان ڦرندا، سکر جي لينڊس ڊائون پل ڏسندا سنڌو درياهه جا چانڊوڪي ۾ نظارا ڪندا ڪوئينس روڊ تي پهتاسين، جتي اياز سائين جي آفيس هئي، آفيس جي ڀر ۾، سنڌ جي هڪ ٻي محبوب شاعر، ”فتاح ملڪ“ جو گهر ۽ آفيس پڻ هئي، فتاح به وڪيل آهي، اياز سائين فتاح ملڪ وٽ ويٺل هئا، قومپرستيءَ واري دور ۾ فتاح ملڪ جي هڪڙي شعر کي ڏاڍي شهرت ملي، اِهو هو. ”جيئن ڪڪر مان ڪوجهي اک ڪا ماروئڙن جي لڄ تڪي، تيئن آسان جو هيڻو هڏ بي واسينگن جيان وار ڪري“ ٻئي گڏجي آيا، فتاح جو خيال هو ته اڄ جي محفل هُن وٽ ٿئي ۽ هو به ميزباني جو شرف ماڻي، پر سڀني ساٿين جو خيال هو ته محفل رٿيل جاءِ تي ٿئي ۽ پوءِ فتاح به اسان ساڻ هليو. اياز سائين اسان کي سندن آفيس ۽ ڪتاب ڏيکاريا. ٽي وڏا ڪمرا ۽ ورانڊو سڄا ڪتابن جي شيلف ۽ ڪٻٽن سان ڀريل هُئا. سڄي آفيس ڪتابن سان سٿيل هُئي، ٻاهر وڏو اڱڻ هو. اياز سائين ٻُڌايو ته سڄي سنڌ ۾ قانون جا ڪتاب سڀ کان وڌيڪ اي ڪي بروهي وٽ هئا ۽ ٻي نمبر تي مان وٽ آهن.... بهرحال اسان روانه ٿياسين، اياز، جويو ۽ نور احمد جيپ ۾ ويٺا، مرزا، فتاح ۽ مان فتاح جي ڪار ۾ واٽ تي فتاح ڌٻيل ڌٻيل آواز ۾ اياز تي تنقيد ڪئي ته اياز جي آفيس جو فون ٽي چار سال ٿيا آهن، ڪٽيل آهي پر ٺهرائي نٿو ۽ هر وقت مان وٽان اچي فون ڪندوآهي، بابا اياز ڏاڍو پڪو ماڻهو آهي، چار پنج هزار جو بل به ڪو نه ٿو ڀرائي.
    فتاح جي اها ڳالهه ڪنهن کي به ڪا نه وڻي، فتاح پاڻ شاعر هو شايد اياز سان حسد ٿو رکي. ان ڪري هو مسلسل اياز جون ڪمزوريون ۽ خاميون پيو بيان ڪري، جيڪا ڳالهه اسان کي بلڪل پسند نه ٿي آئي... بهرحال بنگلي تي پهچي، محفل شروع ٿي، اياز سائين اڄ پنهنجو بهترين ڪلام شاندار انداز ۾ ٻُڌائي رهيو هو، فتاح ملڪ به بي اختيار واهه واهه پيو ڪري. فتاح هڪ جملو چيو، ”بابا هي ڪلام اسان جو قرآن آهي، ۽ هي شخص پيغمبر آهي،“ ولائتي مئي جي موج ۾ فتاح ملڪ بي اختيار اياز جي تعريف ڪندو رهيو... هڪ بجي تائين ڪلام هليو، آخر ۾ اياز سائين ٻه نظم اُردو جا به ٻُڌايا، جيڪي واقعي ڪمال و بيمثال هُئا، سڀني جي اها راءِ هُئي ته اهڙو اُردو ڪلام، اُردو دان به ڪو نه چئي سگهندا، آدهي رات جو ماني کائيندي، اياز سائين فيض احمد فيض سان ڪيل ڪچهري جو احوال ٻُڌايو ته ”مون فيض کي چيو، تون پنهنجي ڪلام جو ڪو هڪ شعر اهڙو ٻُڌائي، جنهن جي طرز اڳ ڪنهن اُردو شاعري ۾ استعمال ٿيل نه هُجي، ان تي فيض لا جواب ٿي ويو، هن ڪا به نئين شئي، نئين طرز ايجاد نه ڪئي آهي، بلڪه اُردو جي پُراڻي طرزن کي استعمال ڪيو آهي.. ماني کائيندي فتاح ملڪ اياز سان بحث ڪيو ته اُردو جي ڪا به اهميت ڪانهي دنيا ۾، فتاح چيو دنيا ۾ سنڌي ڪتاب ۽ رساله ملندا، پر اُردو کي دنيا ۾ ڪير به نٿو پُڇي، اياز سائين چيو نه ائين نه آهي، اُردو جي پنهنجي اهميت آهي، اُردو ۾ دُنيا جي ادب جو وڏو حصو ذخيرو ٿيل آهي ۽ اردو ڏاڍي ترقي ڪئي آهي. جو اڄ انڊيا وارا پنهنجي فلمن ۾ ٻولي اُردو رکڻ تي مجبور آهن. اياز ۽ فتاح جو اهو بحث ڪافي دير هليو، رات به ڳچ گذري چُڪي هُئي، آخر ۾ اياز سائين روانو ٿيو ۽ اسان سڀني به آرام جو فيصلو ڪيو. صُبح جو اسان واپس ورڻ جي تياري ڪئي. گذريل ٻن ڏينهن ۾ اسان اياز جو ڪلام سندن زباني، تقريبن سڀني ڪتابن مان اهم ترين ڪلام، ڇهن ڪلاڪن جو رڪارڊ ڪيو هو، اسان پنهنجو ڪم مڪمل ڪيو هو ۽ هاڻ موڪلاڻي هُئي، نيزار صاحب پنهنجي بهترين بلڪه شاندار مهمان نوازي جا فرض پورا ڪيا هُئا، هُن سڀني مهمانن کي سوکڙيون پاکڙيون به ڏنيون، رستي ۾ کائڻ لاءِ فروٽ ۽ بسڪيٽ وغيره جو به سُونڊو ڀري ڏنو، سڀني دوستن نيزار صاحب جو اهڙي شاندار مهمان نوازي ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو ۽ بيحد تعريف ڪئي، آخر ۾ نيزار صاحب پنهنجي بهترين نئين ڪار ۾ اسان کي حيدرآباد روانو ڪيو. اسان اٽڪل يارهين بجي سکر مان روانه ٿياسين. واٽ تي گذريل ٻن ڏينهن جي عاليشان محفلن ۽ شاندار ڪچهرين تي تبصرا ڪندا رهياسين سڀني جي اها راءِ هُئي ته گذريل ٻه راتيون ۽ ٽي ڏينهن زندگي جا يادگار ڏينهن هُئا، اڌ پنڌ کان پوءِ هي ٽئي بزرگ ته آهلي پٺيان آرام ڪرڻ لڳا، تڏهين نُور احمد مونکي ٻُڌايو ته جڏهين مون اياز سائين کان پُڇيو ته توهان وائس چانسلر ڪيئن ٿيا ۽ ڇو ٿيا هُئا، تڏهين اياز سائين تفصيل ۾ جواب ڏنو ۽ ٻُڌايو ته ”هڪ شام مان گهر تي ويٺو هوم ته فون آيو، منهنجي ڪِڪيءِ کنيو، جنهن چيو توهان سان ڪير ڳالهائڻ ٿو چاهي، مان رسيور کنيو ۽ چيو اياز، ته ٻي طرف کان آواز آيو، مان ميجر جنرل فلاڻو ٿو ڳالهايان، توهان ساڻ صدر پاڪستان، جناب ذوالفقار علي ڀُٽو صاحب ڳالهائڻ ٿا گُهرن، هولڊ ڪجو، مان حيران ٿيس ته خبر نه آهي ڇا آهي؟ ڪجهه دير ترسي آواز آيو هيلو، شيخ صاحب ڪهڙا حال آهن؟ سڀ ٺيڪ ٺاڪ آهي، مان چيو سائين سڀ ٺيڪ آهي، وري پڇيائين ڪيئن پئي ٿي گذري، مان چيو سائين بلڪل ٺيڪ پئي گذري، پوءِ چيائين شيخ صاحب اڄ مان توهانکي هڪ ڪم ٿو ڏيڻ گهران، اول واعدو ڪر ته ضرور ڪندين، مان اخلاقن چيو سائين مان ڪنهن قابل آهيان، توهان حڪم ڪريو، ڀُٽي صاحب وري چيو، نه شيخ صاحب اول واعدو ڪر ته انڪار نه ڪندين، مان ٿورو پريشان به ٿيس، پر وري به چيم، سائين توهان چئو مان ضرور ڪندم، ڀٽو صاحب چيو، شيخ مان تو کي سنڌ يونيورسٽي جو وائس چانسلر مقرر ٿو ڪريان، ڪيئن ٺيڪ آهي نه، مان چيو سائين مان هڪ وڪيل ماڻهو، مان کي انتظامي صلاحيت بلڪل ناهي. مان ڪٿي ڪري سگهندم. ڀُٽي صاحب چيو گهٻرائي نه، تون ڪري ويندين، يونيورسٽي کي تُنهنجي ضرورت آهي، مان چيو سائين مونکي ڪو به تجربو ناهي ڀُٽي صاحب فورن چيو، مان کي وري هي ملڪ هلائڻ جو ڪو تجربو هو ڇا؟ ڇا مان ڪو نه پيو هلايان، مُلڪ، تون به هلائي ويندين، گهٻرائي نه مان ويٺو آهيان، مان تنهنجي مدد ڪندم.. اهڙي ريت مانکي وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو. پر هاڻ مان سوچيان ٿو ته مان ڪهڙن ڪارڻن ڪري اهو عهدو قبوليو، اول ته مان سور سختيون برداشت ڪري ٿڪجي پيو هُئس، هاڻ وڌيڪ مقابلي جي سگهه مون ۾ نه هُئي، ٻيو ته حڪومت جيڪا مونکي صرف پاسپورٽ ڏيڻ لاءِ به تيار نه هُئي، اها حڪومت هاڻ مون کي سڄي دُنيا جي ملڪن ۾ خود موڪلڻ ٿي چاهي، ۽ مان ان ريت دنيا ڏسي پيو سگهان، ٽيو سبب اهو ته، ان علمي اداري ۾ رهي مان علم و ادب جي بهتر خدمت ڪري پيو سگهان، اهي ئي سبب هُئا، وائس چانسلري وٺڻ جا.


    ”عظيم شاعر، اديب ۽ دانشور شيخ اياز سان ٽين ملاقات“

    ”عظيم شاعر، اديب ۽ دانشور شيخ اياز سان ٽين ملاقات“

    3، مارچ، 1992ع“ محترم محمد ابراهيم جويو، ادا نور احمد، رئوف اويسي ۽ مان، مُنهنجي ڪار ۾ ڪراچي وياسين، شيخ اياز سان ملاقات کانسواءِ جويو صاحب جو پنهنجو ٿورو ڪم هو، ۽ مونکي به ڪئمرا ٺهرائڻ لاءِ ڏيئڻي هُئي، ٻارهين بجي ڪراچي پُهتاسين، پنهنجو ڪم ڪار لاهي، ٽين بجي پرنس ڪامپليڪس پُهتاسين. اياز سائين چاهت ۽ حُب سان مليا، اياز سائين پنهنجي ڪتاب جا پروف ٿي ڏنا. جويو صاحب سان پنهنجن اچڻ وارن ڪتابن جي چپائي متعلق ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ طارق اشرف تي سائين ڏاڍو ناراض هُئا، ڇاڪاڻ ته طارق پنهنجي هلڪڙي ۽ وائڙي طبعيت جي ڪري اياز سائين کي ڏاڍو پريشان ڪيو هو، خاص طور تي سُهڻي رسالي جي سر ورق تي اياز جو نالو ڏيڻ ۽ اندر ڪو به شعر يا مواد نه ڏيڻ ۽ سازشي انٽرويو ڪرائڻ، يا اياز مُتعلق ڪي غلط ۽ سطحي ڳالهيون ڇاپڻ ۽ پوءِ ترديدون ڪرڻ وغيره تي اياز سائين ڏاڍا ناراض هُئا، اياز سائين کي ناراض ۽ غُصي ۾ مون پهريون ڀيرو ڏٺو هو. اسان ڪلاڪ ڏيڍ اياز سائين وٽ ويٺاسين، اسان جي ماني جويو صاحب پنهنجي فرزند سليم جي گهر ٺهرائي هُئي، اياز کي وري شام جو اچڻ لاءِ چئي گهر آياسين. سليم جويو صاحب ٽيليگراف ۾ انجنيئر هو.
    بهترين سرڪاري بنگلي ۾ رهائش هُئي، ٻه خوبصورت ٻار، نياڻي ۽ پُٽ هئا، جيڪي پنهنجي ڏاڏا جويو صاحب سان پياريون ڳالهيون ڪندا رهيا، تمام ڀلي ماني کارائي، انڊيا پاڪستان ڪرڪيٽ ميچ ورلڊ ڪپ جي سلسلي ۾ هلي رهي هئي، ڪجهه دير مئچ ڏسي صدر ۾ آياسين، جتان ٽنهي ڄڻن کي ڪجهه ڪئسٽون وٺڻيون هيون، ڇهين بجي وري اياز سائين وٽ آياسين ته اُتي حيدرآباد جو نوجوان هندو ڊاڪٽر ڀرت ڪُمار به ويٺل هو، اياز سائين وٽ تمام سُٺي ڪچهري ٿي، خاص طور تي انڊيا جي ”هڪ گُرو ڀڳوان رجنيش“ جي لکيل ڪتابن تي، هُن جي آمريڪا ۽ يورپ مان نيڪالي تي، هن جي نظريي ۽ فڪر تي، هن جي پوئلڳن ۽ هُن جي وسيع جائيداد ۽ دولت تي، اياز سائين کي تمام گهڻي معلومات هُئي، اياز سائين وٽ رجنيش گرو جي ڪتابن جا پورا سيٽ ڪئٽلاگ هُئا، ڪچهري دوران اياز سائين جا خيال روحانيت ڏانهن مائل نظر آيا، ميٽا فزڪس واري فلسفي جي قريب، جنهن ۾ الهامي قوتن ۽ روحاني طاقتن جا ذڪر هُئا. ظاهر آهي جويو صاحب ڪميونسٽ خيالن جو ماده پرست، سائنسي فڪر جو مالڪ، سو اُن ميٽا فزڪس جي سخت مخالفت ڪئي، انهن اڻ ڏٺل ۽ اڻ ثابت ٿيل الهامي قوتن تي بلڪل يقين نه پيو رکي ۽ هر هر اهو چوي ته ڀلا ڀڳوان رجنيش جو فلسفو آخر آهي ڇا ۽ اُن سان مظلوم ماڻهن جي بهتري ۽ ڀلائي جو ڪهڙو پهلو وابسته آهي. جويو صاحب سيڪيولر ذهن جو روشن خيال ماڻهو، سو خدا، روحن ۽ حيات بعدالممات تي بلڪل يقين نه پيو رکي. اياز سان ڇتو بحث ڪيائين.
    اسان جي ڪچهري دوران ، سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جا عهديدار، خدا بخش ابڙو، سندس گهر واري عطيه دائود، مجتبيٰ صحافي ۽ ٻه ٻيا نوجوان آيا، اياز سائين جي سالگرهه ڪراچي ۾ ملهائڻ لاءِ دعوت ڏيڻ ۽ تاريخ وٺڻ لاءِ آيا هئا، پوءِ سڀ اچي اياز جي لائبريري ۾ ويٺاسين، جتي چئني طرفن ديوارن ۾ خوبصورت بُڪ شيلف، جن ۾ سليقي سان ڪتاب سجايل هُئا، هيٺ سائيڊ ٽيبلن ۽ ڪارنر ۾ اياز کي مليل ميڊل، ايوارڊ، لينن جو مجسمو ۽ موهن جي دڙي واري ڊانسنگ گرل جو اسٽيچو ۽ ٻيا فن جا شاهڪار پيل هُئا، فرش تي اڇو قالين، اڇي رنگ جا ڪاٺ جا نقش اُڪريل صوفه ۽ ٽيبل، ڇت تي بهترين بلوري ڪانچ جي بتين جو جهومر هو، اياز سائين ٻُڌايو ته سکر ۾ مُنهنجو سڄو ڀريل تُريل گهر، جنهن ۾ ٻي سڄي سامان سان گڏ، ڪيتريون ئي تصويرون ، فن پارا ۽ ٻيو قيمتي سامان هو سو سڀ پاڙي وارا مُهاجر چوري ڪري کڻي ويا ۽ زبردست فائرنگ ڪيائون، جنهن سان پاڙي جو هڪ سنڌي نيڪ نمازي، جنهن جي نرڙ تي تعجد جو وڏو نشان به هو، اُنکي به گولي هڻي ماري وڌائون، مان هُجان ها ته مونکي به مارين ها، پر مان ڪراچي اچي چڪو هُئس، اياز سائين کان موڪلائڻ تي دل نه پئي چوي، هنن عظيم شخصيتن جون ڳالهيون سالن جي مطالعي جي برابر هُيون، پر اياز سائين مونکي ڏاڍو ڪمزور نظر آيو، اُٿڻ، ويهڻ ۽ هلڻ ۾ به تمام آهسته آهسته حرڪت ٿي ڪيائون، پر مون محسوس ڪيو ته هو پنهنجي ڪمزور جسم سان پنهنجي تمام طاقت ور ۽ روشن دماغ کان ڀرپور ڪم وٺي رهيو آهي ۽ ڏينهن رات لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ مصروف آهي، پنجاهه کان مٿي ڪتاب ڇپيل آهن ۽ پاڻ ٻُڌايو ته ٻه ڪتاب پريس ۾ آهن، چار ٻيا تيار ٿي رهيا آهن، چيائون ته ڪيتريون ڊائريون ۽ نوٽ بُڪ جيڪي ويهارو کن ڪتاب ٿيندا، حياتيءِ ساٿ ڏنو ته سڀ چپرائي پڌرو ڪندم... ماشاءَ الله ڇا ته رڪارڊ ڪم آهي، اياز سائين ڀرپور ڪم ڪري رهيا آهن، سندن بيڊروم به سڄو ڪتابن سان سٿيل هو، سمهڻ وارو پلنگ جي به اڌ حصي تي ڪتاب رسالا ڊائريون، لکڻ وارا پيڊ ۽ ڪاغذن جا ڍير پيل هُئا، باقي ڪو سُمهڻ لاءِ ٻه اڍائي فُٽ جاءِ بچيل هُئي. سچ ته سلام آهي اياز سائين کي.


    ڊائري جا ورق

    ڊائري جا ورق
    مان چاليهه سالن کان ڊائري لکندو رهيو آهيان، هتي ڊائري جي ورقن مان ڪجهه اهم ترين واقعا ۽ يادگيريون پيش ڪريان ٿو.
    5 مئي 1992ع“ شيخ اياز ساڻ چوٿين ملاقات“..

    نُور احمد ۽ مان ڪئميرا خريد ڪرڻ لاءِ ڪراچي وياسين، ٻارهين بجي صدر ۾ پُهتاسين، ڪئمرا خريد ڪئي، پوءِ نور احمد اياز سائين کي فون ڪئي، ملڻ جي درخواست ڪئي، سائين چئين بجي اچڻ لاءِ چيو، اسان ماني کاڌي ۽ پوري چئين بجي پرنس ڪامپليڪس جي اپارٽمينٽ تي پهتاسين، اياز سائين خوش دلي سان مليا. نور احمد پُڇيو ته سائين توهان جي صحت ڪيئن آهي، سائين چيو، هاڻ مان بهتر آهيان، ٻه پروگرام پڻ اٽينڊ ڪيا اٿم، جمال ابڙي سان شام ۾ به ويس... اياز سائين ڪُجهه دوستن ۽ واقف ڪارن جي شڪايت به ڪئي ۽ چيائون ته مونکي سمجهه نٿي اچي انهن جي سوچ جي، فقير محمد لاشاري، هدايت بلوچ ۽ ٻيا مان کئون اچيو پُڇن ته هنن حالتن جو حل ڇا آهي؟ سائين جن ڪاوڙ جو اظهار پيا ڪن، چيائون ٻين کي ته ڇڏيو پر سوڀي کي ڇا ٿيو آهي، چوي ٿو مان ته ڪلاشڪوف ٿو کڻان، توهان به کڻو ته هلي ڌاڙيلن کي ماريون. اياز سائين، بين الاقوامي حالتن تي ڳالهائيندي چيو، ته هتي سنڌ ۾ ته سڀ پيا اُونداهه ۾ هٿوراڙيون هڻن، هنن کي ڪو به رستو هٿ نه پيو اچي، پر وقت ۽ دُنيا تيزي سان اڳتي پيا وڌن، حيران ڪُن تبديليون رونما پيون ٿين، لينن جي بُت کي ڳچي ۾ رسو وجهيو پيا گهيلين، روس سڄو وکري ويو، ڪميونزم کان به آمريت وارو ڪردار، زار وانگر ادا ڪرايو ويو، هاڻ آمريڪا به پنهنجيون پاليسيون بدلايون آهن، آمريڪا هاڻ اقتصادي فائدا وٺندو، پر فنڊامينٽلزم جو پابند رهڻو پوندس، انساني، سماجي، ثقافتي ۽ جمهوري حق آمريڪا کي به ڏيئڻا پوندا، دُنيا سڄيءَ جي موجوده، قومي عوامي انقلابي ولوڙ مان جيڪو آزادي جو مکڻ نڪرندو نظر اچي پيو، اُهو سڻڀ سُڪل آنڊن لاءِ قوت بخش غذا هوندو.. اياز سائين ڳالهائيندو، بحر بيڪران وانگر وهندو، مُختلف موضوعن تي، عالمن، دانشورن، مُفڪر ۽ فلسفين جا حوالا ڏيندو، انهن جا قول ۽ چوڻيون، انهن جا نظريه ۽ اصول ٻُڌائيندو، دليل ۽ ثبوت ڏيندو، علم معلومات ۽ ڄاڻ جا خزانه لُٽائيندو رهيو. سنڌي ادبي بورڊ بچايو تحريڪ طرفان، سنڌي اديبن جي هڪ گروپ حيدرآباد ۾ مظاهرو ڪيو هو، نور احمد پُڇيو ته سائين توهانجو ڇا خيال آهه. اياز سائين چيو، سنڌ سڄي پئي ٿي ظلم جي باهه ۾ سڙي، ڪو هڪ به اهڙو پاسو نه آهي، جتي ظُلم نه هُجي، ان صورتحال ۾ اسان خاص طور تي اسان جو سڄاڻ طبقو، اديب شاعر دانشور ڪن ننڍڙن ننڍڙن مسئلن کي خُوامخواهه ڇڪي وڏو بنائي، بجاءِ اڳتي وڌڻ جي، ترقي ڪرڻ جي، پاڻ ۾ ڄُنڊا پٽ ڪريو پنهنجو پاڻ کي زبردست نقصان پيا پهچايون. سائين چيو، ڀلا پرڀو ناشاد جي معمولي عهدي جي ترقي واري مسئلي لاءِ سڄي سنڌي ادبي بورڊ جي مُفادن کي نقصان ٿئي ته اها ڪٿي جي عقلمندي آهي. مخدوم صاحب استعيفيٰ ڏني آهي ۽ هاڻي اهو عهدو ڪنهن بيورو ڪريٽ کي ملندو، ڇا سنڌي ادبي بورڊ جو فائدو مخدوم صاحب ۾ وڌيڪ آهي يا حميد آخوند ۾، سائين چيو ته اسان کي انهن ننڍن ننڍن مسئلن تي پاڻ ۾ وڙهڻ جي بجاءِ، وڏن بُنيادي ۽ اهم مسئلن تي مُتحد ٿي، سڄي قوم جي مڪمل آزادي لاءِ پنهنجيون قوتون صرف ڪرڻ گُهرجن... اياز سائين ٻُڌايو ته، ڪُجهه ڏهاڙا اڳ مانکي نور الهُدا شاهه فون ڪري چيو ته، مخدومن جي خلاف بيان ڏيو ۽ سنڌي ادبي بورڊ واري تحريڪ جي حمايت ۾ به بيان جاري ڪريو، تڏهين مان چيو مانس ته، بي بي مان جڏهين بيمار هُئس اسپتال ۾ تڏهين مخدوم صاحب جن به پاسي واري وارڊ ۾ داخل هُئا ۽ روزانو مون ڏانهن گُلدستو پنهنجن فرزندن هٿان موڪليندا هُئا، ڪڏهين امين فهيم، ته ڪڏهين جميل يا رفيق مان وٽ ايندا هُئا، مزاج پرسي ڪندا هُئا، ڪم ڪار پڇندا هُئا، انکان اڳ مُنهنجو مخدومن سان ڪو به ويجهو تعلق نه رهيو آهي، ڇا مخدوم صاحب جي انهي اخلاقي عمل جو جواب مان هن جي خلاف بيان ڪڍي ڏيان؟ اهو مان هرگز نه ڪندم، هن مائي کي ٻُڌايم ته مان هاڻ گوشه نشين ٿي ڪم ڪرڻ ٿو گُهران، پنهنجو وقت ۽ توجهه ٻي پاسي ڪاڏي وڃائڻ نٿو چاهيان، توهان مون کي معاف رکو... نُور احمد چيو سائين توهان مائي کي بلڪل مناسب ۽ درست جواب ڏنو آهي، پر پاڻ جي انهن اديبن، شاعرن جي ذهني حيثيت ايڏي بلند ڪونهي جو هو توهان جي صورتحال کي سمجهن، ان ڪري هو توهان جي ان جواب تي ناراض ٿيا هُوندا ۽ عجيب ڳالهيون ٺاهيندا، اياز سائين پُڇيو مثلن ڪهڙيون؟ نور احمد چيو مثلن چوندا، ابا ڏٺو شيخ صاحب جا ڪم، مخدوم جي هڪ گلدستي موڪلڻ تي، سنڌي ادب جي قاتل کي معاف ڪري ڇڏيائين، تڏهين اياز سائين يڪدم چيو ته هُن ته گُلدستو موڪليو، پر اسان مُحبت ڪرڻ وارن کي جيڪڏهن ڪير هڪ گُل به موڪلي، ته اسان اُن تان جان به قُربان ڪري ڇڏيون.
    انهيءَ دور ۾، سنڌي ادبي بورڊ جو مسئلو کڙو ٿيل هو. مخدوم صاحب جي استعيفيٰ کان پوءِ، ان پوسٽ لاءِ ڪيترن ماڻهن جا نالا گردش ۾ هُئا، مُحترم ابراهيم جويو، سائين غُلام مُصطفيٰ شاهه، جناب غُلام رباني آگرو وغيره، جيئن ته سائين غُلام مُصطفيٰ شاهه حڪمرانن جي ويجهو هو ۽ وزير به رهي چڪو هو، ان ڪري اُنجا امڪان وڌيڪ هُئا، پر سنڌ جي سُڄاڻ، محب وطن عالمن دانشورن جو خيال هو ته، هن اهم ترين اداري ۾، غير جانبدار، حقيقي لائق ۽ عملي ماڻهو اچڻ گُهرجي ۽ اهو صرف جويو صاحب هو. پر جويو صاحب خُود، هرگز خواهش مند ڪو نه هُئا،.. ان دور ۾ جويو صاحب سان مُلاقات ٿي ته نور احمد پُڇيو، سائين توهان جو ڇا خيال آهي؟
    جويو صاحب چيو، مانکي ڪو به شوق ڪونهي ۽ ٻيو ته حالتون به خراب آهن، اڳوڻو دور ٻيو هو، هن وقت مفادن جي ڊوڙ آهي، ان ڪري مان ان ڊوڙ ۾ شامل ٿيڻ پسند نٿو ڪريان. پر سنڌي قوم جي مجموعي مفادن، سنڌي ٻولي ۽ علم و ادب جي حالت، حيثيت ۽ طاقت کي ٿو ڏسان ته، لاچار پنهنجن پوڙهن هڏن کان به ڪم وٺڻ لاءِ جيڪر تيار ٿيان، پر مان حُڪمرانن جي چوڻ تي هرگز اهو عهدو قبول نه ڪندس. جويو صاحب چيو، مون وٽ وزيراعليٰ جو صلاحڪار شاهه محمد شاهه آيو هو، پيغام کڻي، ته مان اهو عهدو قبول ڪريان، پر مون هن کي صاف جواب ڏنو ته بابا مان حُڪمران يا وزيراعليٰ جي چوڻ تي ائين بلڪل ڪو نه ڪندم، باقي ها، جيڪڏهن سنڌي ٻولي ۽ علم و ادب جي سڄڻن طرفان، يعنيٰ سنڌ ادبي ڪائونسل طرفان، باقاعده آفر ٿيندي ته پوءِ سوچيندس، ورنه مان اهو عهدو نه قبوليندم... ادا نور احمد چيو، سائين هن اداري کي توهان جهڙي ماڻهوءِ جي سخت ضرورت آهي. سائين چيو، آهي ته ائين پر هاڻ نه اهو وقت آهي، نه اڳوڻا ماڻهو ۽ نه ئي اُها سوچ آهي، انهيءِ ڪري ڏکيو ڪم آهي. هن اداري کي جيڪو ڪجهه ڪرڻ گهرجي اهو نه پيو ٿئي، نه صرف فنڊ رائيگان پيا وڃن، پر هي عظيم علمي ادبي ادارو خود رائيگان پيو وڃي. جنهن اهم ترين اداري کي سڄي انقلاب ۽ عمل جي رهنمائي ڪرڻي آهي، اهو خود معذور ۽ جڏو ٿيو پيو آهي. جويو صاحب چيو، اول ته مان چيئرمين ڪو نه ٿيندس، پر جيڪڏهن ٿيس ته سب کان پهرين هي جيڪي لکا رپين جون پجارو گاڏيون ۽ لگزري ڪارون ۽ جيپون وغيره آهن، وڪڻندس بس صرف سخت ضرورت تحت ڪجهه سواريون استعمال ٿينديون، انهي ڪچهري جي ڪُجهه ڏينهن بعد امداد حُسيني کي چيئرمين مقرر ڪيو اٿن. عام ڳالهه پئي هلي ته، امداد حُسيني ڪنهن به صورت ۾ هيڏي اهم نظرياتي قومي اداري لاءِ بلڪل مناسب ڪونهي، هو مُلن، مخدومن ۽ حڪمرانن جو ماڻهو آهي، انقلاب، ترقي پسندي وغيره واري ڳالهه هاڻ هن ۾ بلڪل ڪونهي، هاڻ هو صرف هڪ بيورو ڪريٽ آهي.


    ”شهيد فاضل راهو جي ورسي تي“

    ”شهيد فاضل راهو جي ورسي تي“

    17، فيبروري 1993“ شهيد فاضل راهو جي ڇهين ورسي تي، حسب معمول وڊيو ۽ فوٽو گرافي ڪرڻ ويس، راهوڪي ۾ هميشه وانگر سڀ پروگرام ٿيا، مشاعرو، راڳ وغيره ٻئي ڏينهن تي وڏو جلسو، جنهن ۾ هزارين هاري، پورهيت غريب عوام شرڪت ڪئي. اسماعيل ۽ اسلم راهو ۽ ٻين ڪيترين پارٽين جي ليڊرن ۽ وفدن تقريرون ڪيون، گيت ڳاتا، چئين بجي جلسو ختم ٿيو، ماڻهو ويا، تڏهين سج لٿي کان ٿورو اڳ مان اڪيلو اچي فاضل جي قبر جي سيرانديءِ کان ويٺس، دل ئي دل ۾ فاضل سان ڳالهائڻ لڳس. اول شاهه جو شعر تري آيو، ”اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين، آديسي اُٿي ويا، مڙيون مون مارين، جي جيءُ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.“ فاضل، تو جيڪا واٽ ورتي، جنهن پورهيت نظريي تي ايمان آندو، سچائي جي اُن راهه تي هلي عظيم الشان ڪم ڪري ڏيکاريا، اڄ سڄي دنيا انهن جي ساراهه پئي ڪري، سڀ توکي سلام پيا پيش ڪن. پر تنهنجا اصل محبوب مسڪين مارو ماڻهو، ڪولهي ڀيل، ميگهواڙ، شڪاري ۽ ڪاريا، جن لاءِ تون آس اُميد هُئين، اُنهن جو ابو ۽ امان هئين. اُهي اڄ به تنهنجي خوشبوءِ پويان ميلون پنڌ ڪري اچن ٿا، توکي ڳولهين ٿا. تو لاءِ وجهائين ٿا. پر تون ڪٿي آهين، تون ڪٿي به ڪو نه آهين، بس هن قبر تي سڀني جون اکيون اچيو اٽڪيو پون. فاضل تنهنجا وارث انهن مسڪينن سان ساڳيو رويو رکڻ“ اُنهن جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش به ڪن ٿا، اڄ به ڪو سوالي هتان خالي ڪو نه ٿو وڃي، پر فاضل ڪونهي، فاضل ڪير به نٿو ٿي سگهي، فاضل تنهنجو اولاد تو وارو رستو ڇڏي چڪو آهي، تنهنجي جن سان جنگ هُئي، هِنن اُنهن سان ٺاهه ڪيو آهي، حڪمران مير پير سردار جن سان تو ه هميشه جهيڙا ڪيا، مسڪينن جي حقن لاءِ دليرانه ويڙهون ڪيون، پر تنهنجا پويان خود وڃي انهن ميرن، پيرن، حڪمرانن سان گڏ ويٺا آهن، عهدا ۽ وزارتون پيا ماڻين، فاضل تون به جيڪڏهن ائين ڪرين ها ته پوءِ ته تون شهيد به نه ٿين ها، پر تو ائين ڪو نه ڪيو، انهن ظالمن سان ٺاهه ڪو نه ڪيو، ۽ جيڪا عظمت اڄ تو ماڻي آهي، اُها تنهنجا پويان ماڻي نه سگهندا.
    فاضل تنهجي ورسيءِ تي،
    فاضل نظر نه آيو آهي،
    هونءِ ته ڪيئي قائد آيا،
    فاضل ڪو به نه آيو آهي.
    اهو شعر ذهن ۾ تري آيو، سج لهي ويو هو، ۽ مان به ٿڪل قدمن سان موٽي آيس.


    خيرالنساءَ جعفري

    خيرالنساءَ جعفري
    ”ادي گُڏي“

    ماما عاشق علي، بروقت جُملا ٺهڪائڻ، موقعي جي مناسبت سان گهري ڳالهه ڪري وڃڻ جو ماهر آهي، اڄ به اهڙي دلچسپ ڳالهه ٻُڌائي. ماما عاشق علي جو ٽڻڊو ولي محمد ۾ جنرل اسٽور هو، ادي خير النساءَ جعفري به ٽنڊي ۾ رهائش پذير هُئي. ماما ٻڌايو ته دڪان تي ويٺو هُئس، شام جو ٽائيم هو، ته مون ڏٺو پري کان، گُڏي ٿي آئي، (سنڌ جي بهترين ڪهاڻي ڪار، ليکڪا، سنڌ يونيورسٽي ۾ سائڪالاجي جي پروفيسر ۽ چيئرپرسن محترم خير النساءِ جعفري، جنهن کي گهر ۾ سڀ گُڏي چوندا هُئا، خير النساءِ عام طور تي هميشه سادي زندگي گذاريندڙ رهي آهي، ٺاهه ٺوهه ڪرڻ ته هن ۾ اصل ڪونهي، هونءِ به هاڻ بيمار ٿي رهي، شگر جي مرض هن کي ڳاري ڇڏيو آهي. شام جو اڪثر گهريلو ڪپڙن ۾، وار وکريل ڌيءِ کي چيل تي کڻي پڪوڙا روٽيون وٺڻ هلي ايندي هُئي. اڄ به هوءِ انهيءِ حال ۾، ڪمزور ڪاراٺيل چهرو، ٿڪل ۽ مريضانه چال ۾ آهسته هلندي دڪان تي اچي بيٺي، ته مون چيو، ادي گڏي هڪڙي ڳالهه چوان، ناراض نه ٿجو، چيائين چئو. توکي پري کان ايندي ڏٺم ته ائين لڳو، جهڙوڪر اگهي ۽ بيمار سنڌ پئي اچي. گُڏي مُسڪرائيندي چيو، چوين سچ ٿو، سنڌ جا ۽ مُنهنجا حال ساڳيا آهن، پر انشاءَ الله سنڌ سدائين جيئندي پر مان شايد گهڻو وقت نه جيئان.


    فاضل جا انداز

    فاضل جا انداز

    شهيد فاضل راهو جي عظمت جا نِرالا انداز. بابل جي زباني. مان ڏينهن جو هڪ بجي ڌاري راهوڪي پهتس، فاضل اوطاقت تي، اڪيلو آرام ڪُرسيءِ تي، اکيون بند ڪريو ويٺل هو، مون سلام ڪيو ته همراهه هڪدم اُٿيو، مسڪرائيندي ڀاڪر پائي ڀليڪار ڪيائين ۽ پڻ معذرت ڪندي چيائين، يار بس ائين اکيون پوري ويٺو هُئس، مون چيو سائين ٿڪل پيا ڏسجو، اڪيلا ويٺا آهيو، سامهون گهر آهي وڃي آرام ڪريو. چيائين بابل سچ پڇين ته ٿڪل به آهيان، صُبح جو ساجر ٿڌ ۾ ڪراچي مان ان ڪري نڪتس ته گاڏي ڊبل ڊور وين نئين زيرو ميٽر آهي، اُنکي روان ڪرڻ لاءِ ٿڌي پور ۾ آهسته آهسته هلائيندو چئين ڪلاڪن ۾ پهتو آهيان، سنگت ساٿ وارا ملڻ اچن پيا، توکان اڳ همراهه اُٿي ويا آهن، ٻيا اچڻ وارا آهن، تون به آيو آهين، ڀلا اها ڳالهه سونهي ٿي ته آئون وڃي گهر سمهان، پويان تو جهڙا يار اچن ۽ خبر پوي ته همراهه ننڊ پيو ڪري، ڳالهه ٺهي ڪا نه ٿي. ڀلا ڇڏ ان ڳالهه کي تون ٻُڌائي، اڄڪلهه ڏسجين ڪو نه ٿو، پارٽي ڪم ۾ به سُست آهين، پريشان پيو ڏسجين، خير ته آهي، مون چيو سائين توهانکي ته خبر آهي، اها هڪڙو پراڻي کٽارو بس آهي، روزگار جو ذريعو سو اُها به روز ڦٽي خراب ٿيو بيٺي آهي، ان کي ٺهرائڻ ۽ هلائڻ ۾ پورا آهيون، ان مان ڪا جان ڇُٽي ته ٻيو ڪو ڌنڌو ڪريون. فاضل پڇيو وڪڻڻي آهي؟ مون چيو ها ساين پر ڪير وٺي نٿو، پئسا به تمام گهٽ پيا لڳائين. فاضل چيو اهو ڪو مسئلو ڪونهي، بس وڪامي وئي. ٻُڌائي گهڻو ٿي لهي ۽ گهڻي ۾ ڏيندين؟ مون چيو سائين، لهي ته ساڍا ٽي لک ٿي پر آئون ايڏو بيزار آهيان جو ٽي يا پوڻا ٽي لک ملن ڪر ته ڏئي ڇڏيان. فاضل چيو، ڪو مسئلو ڪونهي، تنهنجو ڪم ٿي ويندو، ترس ٿوري دير کان پوءِ هلون ٿا. پوءِ ڪُجهه ٻيا دوست به آيا، اُنهن کان خبر چار ورتي، تيستائين ماني آئي، سڀني گڏجي کاڌي، گهڙي ساعت رکي اُٿيو، چيائين هلو، مونکي اڳيان ويهاريو، پٺيان ٻه ٽي دوست ويٺا، رستي ۾ چيائين، اول هلون ٿا هڪ سنڌي وڏيري ٽائپ ڪاموري وٽ جيڪو وڏوٺڙ حرامي آهي، ڪئي ڏوهه ڪيا اٿس، اُن جو ٿورو ٽڪ مان ور ڪڍي پوءِ تو وارو ڪم ڪنداسين، سڌو آياسين، گولاڙچي شهر ۾ اُنهي S.D.M جي جاءِ تي همراهه ڏاڍي قَرب سان مليو، ڪجهه همراهه ٻيا به ويٺل هئا، خوش خير عافيت کان پوءِ فاضل چيو، ابا ڀلا هت سڀني جي سامهون ڳالهائيندي يا ٺڙڪو وڏيرن وانگر اندر ڳالهائيندي. همراهه گهٻرائجي هٿ ٻڌي اُٿي بيٺو، چيائين سائين رحم ڪريو، اسين ٻانها آهيون، ائين چئي شرمندا، مُرڪ سان فاضل جو هٿ جهلي اندر ڪمري ۾ وٺي هليو، فاضل بابل کي به ساڻ ڪري اندر هليو. اندر ويهندي فاضل وڏي اعتماد سان چيو، ابا ٻُڌ، ڏوهه نمبر پهريون تو وارو اهو ٺڙڪو ڇورو فلاڻي غريب جي ٻانهن کڻي، دينا دستي آڻي ويهاري ڇڏي آهي، توکي نياپا ڪياسين، ماڻهو موڪلياسين، پر تون به هُن نڀاڳي جو پيءُ آهين نه، هاڻي ڪن کولي ٻُڌ، سڀاڻي، معنيٰ سُڀاڻي شام تائين يا ته ٻانهن اسان جي حوالي ڪر يا ٻانهن جي بدلي پنهنجي نياڻي جو سڱ هُنن کي ڏيڻ لاءِ تيار رهه. ٻيو نمبر ڏوهه، چاچي چڀڙ غريب جي اٺ ايڪڙ زمين تي تو جيڪو قبضو زوري ڪيو آهي، اُهو ۽ اُن سان گڏ چار سال ٻنهي ولي کاڌي اٿئي، اُن جو حساب ٽن ڏينهن اندر قبضي سوڌو نه ڏنئين ته تو واري زمين جا پنجاهه ايڪڙ اسان قبضو ڪري وٺنداسين، ڏوهه نمبر ٽيو، آئل فيلڊ جي مزدورن جو ٺيڪو تو وٽ آهي ۽ تون هر مزدور جي پگهار مان پنج سئو رپيا هر مهيني خوامخواهه کڻيو ٿو وڃين، اهو هڪدم بند ڪر. همراهه ۽ سندس پُٽ جيڪي ٿُلها متارا پهلوان مُڙس هُئا، پر ڪُڇن جهڙي بت، بس اهو جملو، حاضر سائين، حاضر سائين، هٿ ٻڌي چوڻ وارو انداز پيو ٻُڌائي ته هو ائين ئي ڪندا. فاضل به اُٿندي وارننگ ڏني ته، ٻُڌي ڇڏ ڪامورا، جي ائين نه ٿيو ته ڏاڍو ڏکيو ٿيندين، همراهه قسم کڻندا ۽ حاضر سائين حاضر سائين ڪندا رهيا. اسان واپس ورياسين، گاڏي ۾ ڪڙيو گهنور آياسين، فاضل جي دوست سيٺ ڪشو مل وٽ، جن جا سارين جا ڪارخانا، دڪان ۽ بسون به اٿن، اچي ويٺاسين، فاضل چيو، سيٺ ڪشو بابل واري بس ڏٺي اٿئي؟ هُن چيو ها، ڀلا گهڻو ٿي لهي اها بس، ڪشو ٿورو سوچي چيو، ٽي سوا ٽي لک فاضل چيو، يار پوءِ ته بابل سچو آهي، هو ته صرف پوڻا ٽي لک پيو چوي ته بس سيٺ ڪشو اها بس پوڻن ٽن لکن ۾ آئي توکي ۽ تون بابل کي هيترا ڪئش ڏيندي ۽ باقي هيترين قسطن ۾، ڪشو چيو ٺيڪ آهي، سائين سودو پڪو، ڳالهه ختم، چانهه پي وري اُٿياسين، فاضل چيو هاڻ هلون ٿا ايگريڪلچر بئنڪ، جتان هن غريب ڪاشتڪارن کي لون وٺي ڏيڻي آهي.... اهو هو فاضل جو انداز ۽ طريقيڪار فاضل جو تڪيو ڪلام اهو هو ته ”اهو ڪو مسئلو نه آهي“ ڪهڙو به ڏکيو ڪم هُجي، فاضل چوندو، ڪو مسئلو ناهي. فاضل جي ڊڪشنري ۾ ناممڪن جو لفظ ئي ڪو نه هو. چوندو بس ٿي ويو. ڪو مسئلو ناهي.


    پليجي صاحب جي عيادت

    پليجي صاحب جي عيادت

    18، جون 1993: مُحترم رسول بخش پليجو صاحب جو ايڪسيڊنٽ ٿيو هو، سائين اسپتال ۾ هُئا، ادا نور احمد ۽ مان عيادت ڪرڻ وياسين، پرائيويٽ ڪمري ۾ سائين بيڊ تي ويٺل هُئاسين، ٻه ٽي ٻيا ڪارڪن به هُئا، پليجو صاحب پيار سان مليا، خوشيءِ جو اظهار ڪيو. اسان ڪلاڪ کن اُتي هُئاسين ۽ سالن جو علم حاصل ڪري آياسين. پليجي صاحب سڄي دنيا جي موجوده حالتن تي شاندار تبصرو ڪيو، انقلابن جي تاريخ بيان ڪئي. ايشيا برصغير ۽ سنڌ جي حالتن جو تجزيو اهڙو ته سائنسي انداز ۾، تاريخي حوالن سان ڪيو جو سڄي صورتحال واضح ٿي سامهون آئي. پليجي صاحب جو چوڻ هو ته، هي جيڪو آمريڪا ڊرامو ڪرائي روس کي ڪيرائڻ ۽ واحد سپر پاور بڻجڻ جا اعلان پيو ڪري، ۽ ان سان گڏ هي اسان جا مقامي دلال به آمريڪا سُپر پاور جا نعرا پيا هڻن، سڄي دنيا تي قبضو ڪرڻ جا خواب ٿا ڏسن. ۽ سوشل ازم ختم ٿي ويو جو دُهل تي ڏئونڪو ٿي لڳو، تنهن منجهان به هوا نڪرڻ شروع ٿي ويئي آهي. جاپان چين ڪوريا ۽ پڻ جرمني آمريڪا کي اکيون پيا ڏيکارين ۽ آپي خدا پيا ٿين. هوڏانهن چين جيڪو تمام تيز تر ۽ رڪارڊ اقتصادي ۽ سياسي ترقي سان سوشل ازم جي حقيقت کي اڃان وڌيڪ مضبوط پيو ڪري، ان سامراجين کي منجهائي وڌو آهي. پليجو صاحب پاڪستان جي صورتحال بيان ڪندي چيو ته هن جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي اڄ تائين جيڪي ظلم ستم ۽ ڪلور ٿيا، جيڪي به سازشون ۽ ڊراما ڪيا ويا اُهي سڀ هاڻ پڌرا اُگهاڙا ٿي دنيا اڳيان ظاهر ٿي رهيا آهن. ان ڪري هاڻ هتي ڪو به ڏاڍ، جبر يا ڌانڌلي هلي نه سگهندا. پاڪستان جا سڀ ادارا، فوجي ايجنسيون، اسيمبليون، ڪورٽون، سرمايه دار جاگيردار ۽ بيورو ڪريٽ سڀ پڌرا ٿي پيا آهن. ماضيءِ جا سڀ ڪارا ڪرتوت ظاهر ٿي پيا آهن، سڀني جي اصليت هن جديد سائنسي دور ۾ تيز تر ميڊيا واري دور ۾ آئيني وانگر صاف سامهون اچي ويون آهن ۽ هاڻ ڪجهه به لڪائڻ ناممڪن ٿيندو ويندو. پليجي صاحب ڪجهه واقعا ٻُڌايا، ”جڏهين ذوالفقار علي ڀُٽي شملا معاهدي لاءِ وڃڻ کان اڳ ڪانفرنس ڪوٺائي، جنهن ۾ فوجي جنرل به ويٺل هُئا. تڏهين مون اُتي صاف لفظن ۾ ڀُٽي کي چيو ته جناب، توهان ڇو ٿا هنن فوجين، بيورو ڪريٽن ۽ ٻين جي ڪيل ظُلمن تباهين جي لاءِ وڃي هُنن کي منٿون ڪريو، توهان عهدو به نه وٺو ها، ڇڏيو ته هي جنرل يحييٰ خان ۽ ٻيا جنرل جن اهو سڄو ڏوهه ڪيو آهي، اُهي خود وڃي اندرا گانڌي اڳيان گيسيون ڪن. مگر ڀُٽي نه مڃيو، ڪاوڙيو ۽ فوجين اڳيان منهنجي ڳالهه کي رد ڪيو. پر پوءِ آخر ۾ مونکي ڀاڪر ۾ ڀري وٺي ويو ۽ چيائين، پليجا مان سڀ سمجهان ٿو، تون ٺيڪ ٿو چوين، پر مجبوري آهي، هي فوجي اُتي ڳالهائي، ڊيل ڪري نه سگهندا... پليجي صاحب ٻي ڳالهه به ٻُڌائي ته، حيدرآباد ۾ ڪور ڪمانڊر جنرل، بينظير ڀٽو، مُظفر شاهه ۽ ٻيا ڪيترا بيورو ڪريٽ وغيره هُئا، اُتي مون بنا ڪنهن رک رکاءُ جي صاف چيو، هي سڀ ڪُجهه ايجنسين خود ڪيو آهي، هي سڄي ڪراچي حيدرآباد ۽ سنڌ ۾ دهشتگردي جون ذميوار اهي ايجنسيون آهن، انهن اڄ به ايم ڪيو ايم کي پنج ڪروڙ ڪئش هٿيارن وغيره لاءِ ڏنا آهن. پليجي صاحب ٻڌايو ته مون جڏهين ڳالهائي بس ڪيو ته، بينظير صاحبه مونکي آهسته سان چيو I am agreeed. مان توسان متفق آهيان، پليجي صاحب چيو، مون ذاتي طرح ان ڳالهه لاءِ پاڻ کي تيار ڪري ڇڏيو هو ته، هي سڀ اسان جا دشمن، وڌ ۾ وڌ اسان کي اذيتون ڏئي ماريندا، ان لاءِ اسان تيار آهيون، اسان سر تان سانگو لاهي پوءِ ته ميدان ۾ آيا آهيون. اسان ته ٽيهه سال اڳ کان سڀ لاڳاپا لاهي، هر قسم جي ڏکئي صورتحال لاءِ، ويندي موت لاءِ به تيار ٿي پوءِ ميدان تي آيا آهيون، سو اسان ته صرف اهو ڏسندا آهيون ته بنا ڪنهن مصلحت جي بنا حيلي بهاني جي، هر اهم موقعي تي بلڪل سچ ۽ حق، آرسي وانگر چٽو پيش ڪريون، تاريخي ۽ عملي دليلن سان، سج وانگر چمڪندڙ سچ ميدان تي آڻيون پوءِ ڪيڏو به ڀلي خطرناڪ، ڪيڏو به ڏکيو ۽ تڪليف دهه ڇو نه هُجي.


    ”ڪراچي جو سفر“

    ”ڪراچي جو سفر“
    شايد اهو سال 1992 جو سال هو

    مُحترم محمد ابراهيم جويو صاحب، ادا نُور احمد خوجه ۽ مان، اسان گڏجي مُنهنجي پُراڻي ٽويوٽا ڪار ۾، ڪراچي وڃڻ ۽ مُحترم شيخ اياز سان مُلاقات ڪرڻ، ۽ ڪُجهه پيا ڪم ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيوسين.
    اسان ٽئي ڄڻا صُبح نوين بجي نڪتاسين، ٻارهين بجي ڪراچي پُهچي اول سڌو پرنس ڪامپليڪس اياز سائين وٽ پُهتاسين، خوش خير عافيت کان پوءِ، اياز ڪجهه ڪاغذات جويو صاحب کي ڏنا ۽ پوءِ شام جو تفصيلي مُلاقات ۽ ڪچهري جو پروگرام ٺاهي اسان روانه ٿي جويو صاحب جي فرزند جي گهر تي آياسين، جنهن تمام سٺي ماني کارائي، ڪُجهه دير آرام ڪري، جويو صاحب کي اُتي ڇڏي، شام جو اياز وٽ ملڻ جو واعدو ڪري، ادا نور احمد ۽ مان صدر آياسين، ڪجهه ڪتاب ۽ ڪئسٽون ٻيو سامان ورتو، زيب النساءِ اسٽريٽ جو چڪر لڳائي شام جو پرنس ڪامپليڪس پُهتاسين، جتي جويو صاحب به موجود هو. پوءِ ته هنن ٻنهي عظيم شخصيتن جون ڳالهيون اسان خاموشيءِ سان ويهي ٻُڌيون، علم، ادب، تاريخ ۽ فلسفي جي ڄاڻ جو درياهه وهي هليو هو، جنهن مان اسان به ڍُڪ ڀريندا رهياسين، اڍائي ڪلاڪن ۾ اسان ايترو ڪجهه حاصل ڪيو، جيڪو سالن جي مطالعه جي برابر هو. جويو صاحب پنهنجن خيالن ۽ فڪر تي قائم، دائم هو، جڏهين ته اياز سائين نئين سوچ ۽ نون خيالن کي پيش ڪري رهيا هُئا، اياز موت بعد زندگي جو قائل هو، ته جويو صاحب سخت انڪاري هو، پوءِ ته دنيا بر جي عظيم عالمن دانشورن، فلسفين ۽ ۽ نظريه دانن جا دليل ، حوالا، تاريخ و تمدن جا اولڙا، افلاطون، سُقراط کان شاهه سچل سامي تائين، دين ڌرم پيغمبر ڪميونزم لبرلزم، خُدا جو وجود ۽ عدم وجود، سماجيات ۽ سائنس، مطلب ته هاءِ پروفائل دانشورن جي گفتگو، علم و ڄاڻ معلومات جا موتي وکرجندا ويا. ڪي ڪڻا اسان کنيا، باقي ضائع ٿي ويا، ڪاش اها ڪچهري رڪارڊ ڪري سگهجي ها، ته قيمتي خزانو محفوظ ٿي وڃي ها.
    اٽڪل اٺين بجي اُتي هڪ هندو ڊاڪٽر ڀرت ڪمار آيو، جيڪو پڻ حيدرآباد جو هو، ۽ اسان ساڻ گڏجي حيدرآباد هلڻو هو، اسان ساڍي اٺين اياز سائين کان موڪلايو، هوٽل تي ماني کائي يارهين بجي ڪراچي شهر مان نڪتاسين. ڪراچيءِ مان نڪرندي مونکي محسوس ٿيو ته، مون واري گاڏي ڪُجهه اڙي پئي ڪري، سو آهسته آهسته هلڻ لڳاسين، واٽ تي ڊاڪٽر ڀرت، جويو صاحب سان موت بعد حيات ۽ سياست تي، قوم پرستي تي بحث ڪندو هليو. حيات بعد الممات تي جويو صاحب اڳي ئي اياز سان بحث ڪري، بر ٿيو آيو هو، سو وري جو ڊاڪٽر اهو رينگٽ ڪيو ته جويي صاحب کيس ڏاڍي ڇنڊ پٽي ته، هندو ميٿالاجي تي انڌو ايمان نه رکو ۽ ٻيو ته قوم پرستي واري جدوجهد ۾، جيڪو به جيترو به سچو حقيقي ڪم ڪري ته اُنکي مڃجي ۽ اُن جو ساٿ ڏجي، پوءِ پليجو هُجي، ممتاز ڀُٽو هجي يا آريسر يا ڄام ساقي، سڀني ۾ ڪُجهه خوبيون ته ڪجهه خاميون به ٿينديون آهن... اهو بحث هلندي جڏهين اسان نوري آباد کان ٿورو اورتي هُئاسين ته ڪار جواب ڏنو، انجن بند ٿي وئي. اونداهو جنگ ۽ سُڃ، سخت سردي، ڪار مان ٻاهر نڪرون ته سيءُ جسم وڍڻ ٿي لڳو، ڊاڪٽر هندو ماڻهو سو اُنکي اچي ڊپ لڳو، چيائين يار هي ڌاڙيلن جو علائقو آهي، ڄام صادق جي دور ۾ ڌاڙا ۽ ڦرون وڌي ويا، آهن، هونءِ به هي پالارين جو علائقو آهي، ڊاڪٽر صاحب اسان کي به ڊيڄارڻ لڳو پر اسانکي ڊپ ڇا ٿئي، ماڳئي ايڊوينچر ۾ مزو پي آيو، پر فڪر هو، صرف جويو صاحب جو جيڪو بزرگ شخصيت هو ته هن کي پريشاني نه ٿئي. جويو صاحب پاڻ کل ڀوڳ پيو ڪري، اسان جي همت پيو وڌائي. ٺُپ اُونداهي رات جو هڪ ٿيو هُجي، گاڏيون هن مقام تي فُل اسپيڊ ۾ پيون گُذرن، اسان بسن ۽ ڪارن کي هٿ ڏئي بيهارڻ جي ڪوشش ڪريون پر ڌاڙيلن ۽ ڦوروئن جي خوف ۾ گاڏيون اڃان تيز فل اسپيڊ ۾ هلايو پيا وڃن، ڪير به بيهڻ لاءِ تيار نه هو... هڪ عجيب اتفاق اهو به ٿيو هو جو اُن ئي ڏينهن ڄام صادق وفات ڪئي هُئي، بهرحال رات جو ڏيڍ ٿيو هو، گهگهه اُونداهي ۽ ويران علائقي ۾ اسان اڌ مُنو ڪلاڪ بيٺا رهياسين، ڪا به بس، ڪار يا ٽرڪ به بيهڻ لاءِ تيار ڪا ن هُئي، اسان کي به فڪر مندي ٿيڻ لڳي ته اوڏي مهل پيٽرولنگ پوليس جي موبائل اچي اسان وٽ بيٺي، پوليس وارن چيو، ڪار کي ڌڪو لڳائي هيٺ ڪچي ۾ بيهاريو، باقي توهانکي اسان نوري آباد جي ڪنهن هوٽل تائين پُهچائي ڇڏينداسين، اڳتي توهانجي قسمت، اسان سوچيو اهو به شڪر، هن اونداهي ويراني ۽ سيءُ کان ته بچون، اڳتي الله مالڪ آهي، پوليس موبائل اسان کي نوري آبادي واري پاسي هڪ پٺاڻ جي هوٽل وٽ ڇڏيو، ڊاڪٽر ڌاڙيلن جي اغوا ڪري وڃڻ واري خوف کان آجو ٿيو، سردي تمام گهڻي هُئي. اسان جويو صاحب کي هڪ کٽ تي صاف سٿرو بسترو وٺي ڏنو، هن کي سوڙ اوڍائي سمهاري اسان گرم گرم چانهه پيتي، نور احمد ۽ مان ڪچهري ڪرڻ لڳاسين پر ڊاڪٽر کي چين ڪو نه هو، سو آسپاس جانچڻ لڳو ته ڪا لفٽ ملي يا ڪرائي جي گاڏي ملي وڃي، رات جو اڍائي بجي هڪ نئين ويڳن چوڏهن سيٽن واري پر سڄي خالي، هڪ ڊرائيور ۽ هڪ ماڻهو ٻيو ان سان اڳيان ويٺل ڊرائيور چانهه پيئڻ لاءِ بيٺو هو. ڊاڪٽر اڳتي وڌي خبرچار ورتي ته خبر پئي ته ڊرائيور سان گڏ اڳيان جيڪو ٻيو شخص ويٺل هو، اُهو علڻ فقير هو، جيڪو ڪراچي ۾ ثقافت کاتي جي ڪنهن پروگرام مان واندو ٿي، اداري جي ويگن ۾ واپس وڃي رهيو هو. هُن جي حالت تمام خراب هُئي، نشي ۾ ڌُت هو، اڃا به گاڏي ۾ انگريزي شراب جي بوتل کولي پي رهيو هو، هُنجي اک نه پئي کُلي، ماڻهو سڃاڻڻ يا ڳالهه کي سمجهڻ مشڪل هو. ڊاڪٽر اچي اسان کي ٻڌايو نور احمد ۽ مون وڃي هن سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو ڌڙڪا ڏيڻ ۽ وڙهڻ پيو اچي، پر پوءِ ڏاڍي مُشڪل سان اسان هن کي اهو سمجهائڻ ۾ ڪامياب ٿياسين ته محمد ابراهيم جويو به هتي موجود آهي، هُو کٽ تي ستل آهي، تون چوين ته اٿاري وٺي اچون، علڻ کي جڏهين اسان واري ڳالهه سمجهه ۾ آئي، تڏهين رڙ ڪري چيائين، ڇا جويو صاحب مُنهنجو ابو مُنهنجو بابا هتي موجود آهي؟ منهنجو بابو هتي ڪيئن آيو آهي، اهو چوندو هاڻ گاڏي مان لهڻ لڳو ته همراهه جا پير نه کُپن پٽ تي بت نه جهلي سگهيو ۽ ڦاڪو اچي ڪري ها پٽ تي، پر مون به کڻي هن کي ٻک وڌا، مان اڳي تيار هُئس، هن جي حالت ڏسي، سو جهلي بيهاريو مانس، پر هن همراهه جي رٽ لڳي اچي، مُنهنجو بابو ڪٿي آهي، مان آهسته سان وٺي آڻي جويو صاحب واري کٽ وٽ بيهاريو مانس، جويو صاحب کي اٿاريوسين، هن کي ڏسي علڻ ابو ابو ڪري هُنجي پيرن تي ڪري پيو، وڏا ڀاڪر پيو پائي، جويو صاحب پريشان ٿي ويو، خير هنکي وٺي گاڏي ۾ ويهاريوسين، اسان به پويان ويٺاسين، رستي ۾ شراب پيو پئي، جويو کان معافي پيو گهري ۽ ٻين ثقافت کاتي جي آفيسرن کي گاريون پيو ڏي، صرف حميد آخوند جي واکاڻ پيو ڪري، جنهن انگريزي شراب جي بوتل ۽ گاڏي ساڻ ڪري ڏني هُئي، سئو کن گاريون ڏيو ٻين کي وريو اچي جويو صاحب جي واکاڻ تي ۽ ان کي هٿ ٻڌيو، ”ابو آهين، مُنهنجو بابو آهين، پادر لاهي مونکي هڻ، بخش ڪر، مُنهنجو بابا آهين،“ مطلب ته سڄي رستي تي گوڙ گند ڪندو هليو. جڏهين حيدرآباد آيو، جويو صاحب جي گهر وٽ گاڏي پهتي ته اسان کي به چيائين لهو توهان به ڦٽو مان رڳو بابي جو ڪم ڪيو آهي، مون توهان جو ٺيڪو ڪو نه کنيو آهي، خير اسان اُتي ئي هن جو شڪريو ادا ڪيو. باقي گهر تائين پنڌ وياسين، ڊاڪٽر به نور احمد جي گهر تي هلي رات رهيو، اهڙي طرح ساڍي چئين بجي گهر پهتاسين.


    جويو صاحب جون ڳالهيون

    جويو صاحب جون ڳالهيون

    30 مئي، 1995 مُحترم محمد ابراهيم جويو صاحب جي گهر ويس، مون ”حيدرآباد شهر جو تعارف“ مضمون لکيو هو، جيڪو جويو صاحب کي ڏنم ته پاڻ پڙهي پوءِ تجويزون ڏي، جويو صاحب نور احمد کي فون ڪئي ته اُهو ۽ نوناري صاحب گڏجي آيا، پوءِ اسان ٻه ڪلاڪ کن بهترين ڪچهري ڪئي، خاص طور جويو صاحب ڳالهائيندو رهيو ۽ اسان ٻُڌندا رهياسين، جويي صاحب ٻڌايو ته، بيورو ڪريسي جي وڏيرڪي ذهنيت ۽ گندي فطرت جي ڪري، ڪيئن اسان جا قومي ادارا تباهه و برباد پيا ٿين، ڪيئن نااهل ماڻهو سفارش تي اهم ترين ادارن جا سربراهه بڻجيو غريب قوم جا ڪروڙين رپيا ذيان و برباد پيا ڪن. جويو صاحب ڪيترا دلچسپ ۽ حيرت انگيز مثال ٻُڌايا، قومن جي تاريخ مُتعلق ٻُڌايو ته تاريخ ڪڏهين به، ڪنهن دور ۾ به غير جانبدار ڪو نه رهي آهي ۽ نه ئي ڪڏهين غير جانبدار رهي سگهي ٿي، اوائل کان ئي تاريخ جنهن به لکي يا لکرائي ته اُن حاڪم يا بادشاهه پنهنجي نقطه نظر مُطابق لکائي آهي، هر دور ۾ ڪيترن مڪتب فڪر جي ماڻهن، عالمن، دانشورن ۽ تاريخ نويسن تاريخون لکيون ته سڀني پنهنجو پنهنجو نظريو فڪر، پيش ڪيو، ته تاريخ به جُدا جُدا فڪر ۽ نطريي جي حامل رهي آهي. اهڙي طرح مُسلمانن پنهنجي تاريخن ۾ صرف پنهنجيون تعريفون ۽ خوبيون بيان ڪيون. جويو صاحب، جناب پير حسام الدين راشدي سان تاريخ مُتعلق بحث جو ذڪر ڪيو، ته اسان ڪار ۾ سفر ڪري رهيا هئاسين، راشدي صاحب اُن وقت ترقي پسند ۽ سيڪيولر خيالن وارو جوشيلو جوان هو، سو چوي ته بابا تاريخ معنيٰ غير جانبدار حقيقي ۽ سچي تاريخ هُجي، پر مون سمجهايو مانس ته ائين ڪونهي، تاريخ غير جانبدار نه رهي آهي، اڳي به ۽ اڄ به هر تاريخدان پنهنجي نقطي نظر مُطابق لکي ٿو، پوءِ وڏي بحث کان پوءِ پير صاحب کي ڳالهه سمجهه ۾ آئي ۽ پوءِ هُن تاريخ جي موضوع تي عظيم الشان ڪم ڪري ڏيکاريو. موضوع تبديل ٿيو، تصوف جي ڳالهه ٿي هلي، تڏهين مُون چيو، اسماعيلي فرقو صوفي ازم جو قائل رهيو آهي، وحدت الوجود جا قائل اسماعيلي اڄ به تصوف جي ريتن رسمن تي عمل پيرا آهن، جويي صاحب مون کي صلاح ڏني ته تازو مهراڻ رسالي ۾ ”سنڌ ۾ اسماعيليت ۽ حُڪمرانن جو عروج و زوال“ تي بهترين مضمون آيو آهي، پوءِ اُهو مهراڻ جو پرچو ڪڍي مون کي ڏيکاريو، جنهن ۾ پندرهن صُفحن تي وڏو مضمون هو، مون رسالو خريد ڪري پڙهڻ جو واعدو ڪيو، نور احمد مُنهنجي لکڻين جي تعريف ڪندي چيو، غُلام علي سفر نامه، خط ۽ ڊائريون تمام سٺيون لکيون آهن، جويي صاحب به مونکي صلاح ڏني ته اهو مواد سهيڙي نور احمد کي ڏيکاري ڇپائڻ جي ڪوشش ڪر. مون پنهنجين ڊائرين جا پُراڻا ڪُجهه ورق پڙهي ٻُڌايا، ته جويي صاحب پسند ڪيا، مون چيو سائين مون کان صورتخطي جون غلطيون ڏاڍيون ٿيون ٿين، جويو صاحب چيو، اها ڪا وڏي ڳالهه ناهي، اکرن جون چُڪون وڏا وڏا عالم، اديب به ڪندا آهن، انگريزي جو عظيم ليکڪ شيڪسپيئر به تمام گهڻيون غلطيون ڪندو هو، جنهن کي پوءِ نقل نويس يا پبلشر درست ڪندا هُئا، شيڪسپيئر جي ذڪر تي جويي صاحب سندس اڳيان پيل هڪ وڏو ٿُلو ڪتاب کڻي چيو، هي ڪتاب شيڪسپيئر جي سڀني لکڻين جو مجموعو آهي ۽ هي ڪتاب اڄ کان چاليهه سال اڳ هڪ انگريز، ڊي آئي جي، جيڪو مُنهنجو دوست به هو، جنهن جو نالو ڪينٿ EATES, KENNATH هو تنهن تحفي ۾ ڏنو هو، اُن ۾ ڪُجهه سٽون جويي صاحب جي متعلق به هيون، جيڪي هن اسان کي پڙهي ٻُڌايون، جويو صاحب ٻڌايو ته ان ڪينٿ ايٽس جو هڪ عجيب شوق هو ته هو دُنيا ڀر جي پکين جي باري ۾ معلومات گڏ ڪندو هو، بلڪ پکين جي مُڪمل معلومات، مُختلف مُلڪن جي آبهوا ۾ رهڻ، کائڻ ۽ رهڻ جا طريقا، جوڙهي ٺاهي رهڻ، آنا ڏيڻ ٻچن جي پرورش ۾ نر ۽ مادي جا ڪردار وغيره سڄي معلومات ڪتابي صورت ۾ شايع ڪئي. هن سنڌ جي پکين تي لکيو هو، جيڪو مواد سنڌ ميوزم ۾ موجود آهي. مُحترم محمد ابراهيم جويو صاحب جن جو گهر صحافي ڪالوني ۾ آهي ۽ اسان جو، ادا نُور احمد ۽ مُنهنجو گهر، مبارڪ ڪالوني ۾، ٻئي ڪالونيون ويجهو آهن، ان ڪري اڪثر اسان هليا ويندا آهيون، جويو صاحب وٽ ۽ ڪڏهين ڪڏهين پاڻ واڪ ڪندا نور احمد وٽ ايندا آهن، اڄ شام جو مان شهر کان واپس ٿي آيس، صحافي ڪالوني مان گُذري رهيو هُئس، ته جويو صاحب جي گهر جو دروازو کُليل هو، مون نگاهه ڪئي ته پاڻ اڱڻ ۾ اڪيلا ويٺل هُئا، ٻي ڪُرسي خالي پيل هُئي، مان هلي ويس، اُن ٻي ڪُرسي تي ويٺس ته پاڻ ٻُڌايو ته، اصل ۾ ايڇ ايم خوجه صاحب جن جو انتظار پيو ڪريان، جنهن صُبح فون ڪري شام جو اچڻ لاءِ چيو هو، پر شايد هُن جي طبيعت ٺيڪ ڪا نه هُوندي، ان ڪري پاڻ اچي نه سگهيا آهن، پوءِ جويو صاحب مون کي چيو ته توهان خوجه صاحب جي آتم ڪٿا مُرتب ڪرڻ لاءِ هن کي آماده ڪريو، هُنجي مدد ڪريو، هن سان مسلسل سندن زندگيءِ جي باري ۾ ڪچهريون ڪري نوٽس وٺو، خوجه صاحب تمام اهم ماڻهو آهي، مُختلف موضوعن تي هُن وٽ تمام اهم ترين معلومات آهي، سندن وڏيون خدمتون آهن، تعليم جي ميدان ۾ سائين جن وڏا ڪم ڪيا آهن، ضرورت اها آهي ته اهو سڀ مواد محفوظ ڪجي، توهان مائٽ به آهيو، ويجها ٿا رهو، توهان اهو اهم ڪم ڪري سگهو ٿا، مون ها ڪئي ۽ چيو ته مون لاءِ اهو وڏو اعزاز هوندو.
    22، جُون، 1995: جويو صاحب سان ملڻ ويس، شام جا ڇهه ٿيا هُئا، پاڻ آل انڊيا ريڊيو جو سنڌي پروگرام ٻُڌي رهيو هو، چيائين، آل انڊيا جا سنڌي پروگرام ڏاڍا سُٺا هوندا آهن، بلڪه وڏي معيار جا هوندا آهن، باقي پاڻ وارا ٻيا پروگرام ريڊيو يا ٽي وي تي ڏ هه پندرهن منٽ لاءِ ڪو چڱو پروگرام هوندو، يا ڪا بهتر شئي ڏيندا ته وري ڏيڍ ڪلاڪ بيڪار ڊيگهه ڪندا آهن، جويو صاحب ڏاڍي ڏُک سان چيو ته، اڄڪلهه تقريبن سڄي قيادت، ليڊر سفير وزير ۽ وڏا بيورو ڪريٽ اهم ادارن جي ڪُرسين تي ويٺل ڪامورا سڀ جا سڀ پنهنجي تقريرن ۾، بحث مباحثن ۾ ، پبلڪ جاين تي سچ حق، برابري ۽ ترقي، علم و شعور جون ڳالهيون ڪندا، دعوائون وڏيون ڪندا، پر عملي طور بلڪل اُبتڙ ويندا، عمل ۾ وڏا مُنافق ٿي بيهندا ۽ روايتي وڏيرا يا بيورو ڪريٽ هوندا آهن.. شيخ اياز جي ڳالهه نڪتي، سائين ٻُڌايو ته اٺ ڏهه ڏينهن اڳ مان ڪراچي ويو هُئس، ته اياز مون کي صحت ۾ بهتر نظر آيو هو، بلڪي سمارٽ ٿي ويو آهي، ڏسڻ ۾ به خوبصورت پيو لڳي، پر، ”جويو صاحب ڏاڍي ڏُک ۽ رنجهه سان چيو،“ پر علمي ۽ عقلي بدصورتي ظاهر ٿيندي پئي وڃي، اياز ڀڄي ۽ ڀُري رهيو ۽ ضعيف الاعتماد ٿي پيو آهي، بلڪه افسوس جو هاڻ ڪُوڙ ڳالهائڻ به شروع ڪيو اٿس. جويو صاحب جا اهي رمارڪس ٻُڌي مان به حيران ٿيس ۽ غير يقيني واري انداز ۾ ڏٺم، ته سائين چيو پاڻ تي ايڏو ته مذهبي جنون سوار ڪيو اٿس جو پاڻ ئي وائڙو ٿي پيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو ڪجهه لکي نه پيو سگهي. هڪ ته اياز کي صبر شڪر اصل ڪونهي، شڪايتون ۽ شڪوه هر وقت ميارون پيو ڏي، حالانڪ سنڌي قوم ۽ پڻ دُنيا هن کي تمام گهڻو مان ۽ عزت و احترام ڏنو آهي، قومي شاعر جو اعليٰ ترين اعزاز ڏنو آهي، پر تڏهن به پاڻ کي مظلوم پيو ظاهر ڪري، هر وقت پيو چوي ته مون سان ظُلم ٿيو آهي، سائين جي ايم سيد جي باري ۾ به اياز جي راءِ درست ناهي، بلڪه هُنجو رويو خيال انتهائي ڪريل، پست هلڪڙي ۽ جذباتي سوچ تي ٻڌل آهن، اياز جي ايم سيد جي باري ۾ انتهائي غليظ زبان ۽ اهڙا ريمارڪس ڏيندو آهي، جو ٻُڌڻ وارا به گواره نه ڪندا آهن، حالانڪ اختلاف راءِ ۽ نظرين ۾ تضاد پنهنجي جاءِ تي، تهذيب اخلاق ۽ احترام به ڪا شئي آهي، جڏهين ته سائين جي ايم سيد، اياز جي راءِ کان واقف هوندي به پنهنجي زندگي جو جيڪو آخري بيان اسٽيٽ مينٽ هڪ صُفحي جو لکيو اُن ۾ به اياز کي ۽ هڪ ٻي شاعر کي عزت سان ڪوٽ ڪيو آهي. جويو صاحب تمام ڪرب ۽ ارمان سان ٻُڌايو ته اياز هن وقت مُنافقت تي لهي آيو آهي، ڪوڙ ڳالهائڻ گِله ڪرڻ، سنگت سڄي سان دُشمني ڪرڻ، دوستن جو باغي بڻجي، پنهنجن ئي پُراڻن خيالن نظرين ۽ ڪتابن تان هٿ کڻي وڃڻ، گيدي بڻجي پنهنجي تازن مذهبي خيالن ۽ علمن کي درست چوڻ ۽ سڄي ترقي پسندي، قوم پرستي ۽ روشن خيالي تان هٿ کڻي وڃڻ ۽ پنهنجن پُراڻن ساٿين کان اسرار ڪرڻ ته توهان سڀ مون کي اڳي وانگر درست چئو، اڳ وانگر هينئر به مُنهنجن خيالن جي تائيد ڪريو. جويو صاحب تمام ڏُک ۽ درد ڀريل آواز ۽ انداز ۾ اهو ذڪر ڪري رهيو هو، سائين چيو ته اياز خوف جو شڪار آهي، ڪيترائي خوامخواهه جا ڊپ ۽ وس وسا پاڻ تي سوار ڪري ويٺو آهي. سائين چيو مون تجويز ڏني مانس ته، اياز تون هر قسم جو خوف ۽ ڊپ دل مان ڪڍي ڇڏ، سڀني وسوسن کي ڇڏي، هڪ وار وري پنهنجي ڏات جي رُٺل ديوي کي پرچائي لکڻ شروع ڪر، ته تون سڀني مرضن مان آجو ٿي ويندين، جي نه ته اُهي وهم وس وسا، خوف ۽ ڊپ توکي نهوڙي نيندا، پر جويو صاحب نا اُميد هو، سائين کي ذرو به اُميد ڪا نه هُئي ته ڪو اياز وري واپس ورندو...


    ايڇ ايم خواجه صاحب

    ايڇ ايم خواجه صاحب

    ايڇ ايم خوجه (حاجي مهر علي خواجه) صاحب سنڌ جي تعليمي کيتر ۾ جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، سي بيحد حيرت انگيز ۽ ناقابل بيان آهن، پاڻ ٽنڊي باگي جي ننڍڙي شهر ۾ پئدا ٿيا ۽ ابتدائي تعليم به اتان ورتائون، تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ پهرئين نوابشاهه هاءِ اسڪول ۾ اُستاد ۽ پوءِ لاڳيتا 40 سال هيڊ ماستر رهيا ۽ شاگردن لاءِ هاسٽل به قائم ڪيائون، هاءِ اسڪول ۾ تعليم جو اهڙو ته اعليٰ معيار قائم ڪيائون ۽ هاسٽل جو ايترو ته شاندار انتظام رکيائون جو سنڌ جا وڏا زميندار خاندان پنهنجي اولاد کي ٻاهرئين ملڪن يا ڪراچي جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ داخلا ڪرائڻ ۽ پنهنجن بنگلن ۾ رهائڻ جي بدران جناب ايڇ ايم خوجه صاحب جي نگراني ۽ سرپرستيءَ ۾ نواب شاهه جي ان هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ ۽ هاسٽل ۾ رهائڻ کي ترجيح ڏيندا هئا، ان جو وڏو مثال سنڌ جي اڳوڻي وزيراعليٰ جناب غلام مصطفيٰ جتوئي ۽ سندس ننڍي ڀاءُ غلام مجتبيٰ جتوئي مرحوم جو آهي، جيڪي ان هاءِ اسڪول ۾ پڙهيا ۽ هاسٽل ۾ رهيا، ايڇ ايم خوجه صاحب کي تعليم سان ايتري ته زبردست دلچسپي هُئي جو هنن شادي به ڪا نه ڪُئي، حڪومت خوجه صاحب جي خدمتن جي مڃتا طور نوابشاهه جي ان هاءِ اسڪول جو نالو ايڇ ايم خوجه هاءِ اسڪول، هاسٽل جو ايڇ ايم خوجه هاسٽل ۽ وڏي سرڪاري باغ جو ايڇ ايم خوجه گارڊن رکيو، افسوس جو اهڙن تاريخ جي عظيم ڪردارن جي حياتيءَ بابت ڪو به ڪتاب نه لکيو ويو آهي، جيڪڏهن وقت ساٿ ڏنو ته آئون ضرور اها ڪوشش ڪندس جيڪا هڪ سنڌيءَ جي حيثيت ۾ مون تي قرض ۽ فرض آهي.


    ”مراد صاحب سان رهاڻ“

    ”مراد صاحب سان رهاڻ“

    20، سپيٽمبر، 1995: اڄ مُحترم مُراد علي مرزا سان بهترين رهاڻ ٿي. ادا نُور احمد شام جو ڇهين بجي فون ڪئي ته تون اچ، مُراد صاحب به ايندو، حالانڪه نور احمد جو مُراد صاحب سان ڪو به پروگرام طئي ڪو نه هو. پر هُنکي ائين ئي خيال آيو ۽ مون کي فون ڪيائين پر پوءِ واقعي مُراد صاحب اچي نڪتو، نُور احمد اها ڳالهه مُراد صاحب کي ٻُڌائي ته ڪيئن هن کي پروڻ پيا، سائين جي اچڻ جو احساس ٿيو، مُراد صاحب اهڙن پروڻ پوڻ واري قوت کي تسليم ڪندي چيو، اها اندروني ذهني انساني پيغام رساني جي طاقت آهي، اصل ۾ انسان اندر ڪيئي عظيم الشان صلاحيتون آهن، جيڪي هو استعمال ئي نٿو ڪري، يا غير فطري طرح ضائع ڪريو ڇڏي، مراد صاحب ٻُڌايو ته انسان هن وقت تائين پنهنجي ذهني صلاحيتن جو صرف ڏهه ويهه پرسنٽ ئي استعمال ڪري رهيو آهي، اسي في صد قوت استعمال ئي نه ٿي آهي، اگر انسان پنهنجي انهن صلاحيتن کي فطرت سان ڳنڍي اڳيان وڌائي ته حيران ڪن ڪارناما سر انجام ڏئي سگهي ٿو، پر افسوس جو انسان فطرت جي خلاف جنگ ڪري رهيو اهي ۽ نتيجي ۾ عظيم ڪاميابين حقيقي امن آسودگي، مُحٻت ۽ نيڪي جي بدران گذريل صدي جو انسان جنگ و جدل، موت مار ايٽمي هٿيار ايجاد ڪرڻ، ترقي جي جنون ۾ مُبتلا رهي. فطرت کي تباهه ۽ انسانيت سان ظلم ڪري رهيا آهن. مُراد صاحب هڪ اهم ڳالهه ٻُڌائي ته، گذريل صدين ۾، اسان جا عالم فاضل، فلسفي ۽ سائنس دان هر فن مولا هوندا هئا، طب جا ماهر هُئا، ته اُن سان گڏ فلڪيات ۽ ڪيميات جا به ماهر هوندا هُئا پر پوءِ جديد دور ۾ هر کاتي، هر سبجيڪٽ کي الڳ الڳ ڪري ڇڏيو، نتيجي ۾ جيڪا ترقي ٿي اها يڪ رُخي هُئي، جيڪي ايجادون ٿيون، عارضي ۽ وقتي ثابت ٿيون، ڪيئي ايجادون عارضي فائدو يا وقتي آرام ته ڏين ٿيون پر اُنهن جا دور رس نتيجا، ماحول يا زندگي لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيا آهن، اهو ئي سبب آهي جو هاڻ سائنس ۽ فلسفي کي گڏ ڪرڻ تي زور ڏنو ويو آهي....
    مُراد صاحب تازو سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ٿيو آهي، هُن ٻڌايو ته ڪيئن اداري جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو آهي، فضول خرچن، وڏين گاڏين، مهانگي هوٽلن ۾ رهائش ۽ دعوتن وغيره جا سڀ سلسلا بند ڪيا اٿم، ڪم چور ۽ راشي آفيسرن کي سڌو ڪيو اٿم، ته سڀ مُنهنجا دشمن ٿي پيا آهن پر مون کي ڪنهن جي پرواهه ناهي، مان نيڪ نيتي ايمانداري سان علم ادب جي خدمت ڪندس.

























    ڊائري جو ورق
    ”شهيد بي بي“

    4، اپريل 1995: سلام آهي توکي، اي سنڌ ڄائي.
    مُحترم بينظير ڀٽو صاحبا، دهشتگردي، نسل پرستي، بنياد پرستي ۽ هر قسم جي لاقانونيت خلاف کُلم کُلا اعلان جنگ ڪيو آهي ۽ ان لاءِ ڪا به مصلحت اختيار ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ عوام کي ساٿ ڏيڻ جو سڏ ڏنو آهي. آفرين آهي هن عظيم عورت کي جيڪا گُذريل سورهن سالن کان وحشي آمرن، ڪرپٽ فوجي ۽ سول بيورو ڪريسي، ڊرگ مافيا ۽ دهشتگردن سان، جنهن بهادري ۽ ڏاهپ سان مسلسل زبردست مقابلا ڪري، طاقتور ترين دشمنن کي تاريخي شڪستون ڏنيون آهن، جنهن کي اڄ سڄي دنيا مڃي ٿي ۽ عزت و احترام ڪري ٿي، اڄ به هي سنڌ جي نياڻي تمام دليري سان سچ و حق جي لاءِ پنهنجي جان جي بازي لڳايو بيٺي آهي ۽ قدم قدم تي دشمنن کي مات ڏيندي اڳتي پئي وڌي. جيئن حبيب جالب چيو آهي ”ڊرتي هين بندوقون والي ايڪ نهتي لڙڪي سي“ سنڌ ۾ مهاجر دهشتگردي جو ناسور ايڏو ته وڌي ويو آهي جو ان کي ختم ڪرڻ ناممڪن نظر ايندو هو، پر محترمه انهن دهشتگردن تي اهڙا ڪاري وارا ڪيا آهن، جنهن هنن جي چيل ڀڃي ڇڏي آهي، مُحترمه، الطاف ۽ M Q M سان ڳالهائڻ يا ٺاهه کان انڪار ڪري آپريشن شروع ڪري تمام ڀلو ڪم ڪيو آهي، پهريون ڀيرو دهشتگرد ڪمزور پيا ٿين، اهڙي طرح سنڌ ۾ ۽ خاص طور تي ڪراچي ۾ غير قانوني طور مقيم غير ملڪي ماڻهن کي ڪڍڻ جون تياريون پيون ٿين، اٽڪل ويهه لک غير ملڪي هتي سنڌ ۾ رهيل آهن، سنڌ ۾ ته هر شئي ڊانواڊل آهي، سڀ ادارا، تمام کاتا تباهه و برباد آهن، صحت، تعليم، سماجي ڀلائي جا ادارا تباهه آهن، ڪيتريون مافيائون سرگرم عمل آهن، تمام خطرناڪ مافياز، ڊرگ مافيا، دهشتگرد، نسلي، بنياد پرستي واريون مافيائون جيڪي خطرناڪ آهن، اهي سڀ محترمه بينظير صاحبه جون دشمن آهن، هُن جي جان کي هر وقت خطرو آهي، پر آفرين آهي، هن بهادر سنڌياڻي کي جيڪا ميدان جنگ ۾ سڀني دشمنن سان برميچي بيٺي آهي. پاڪستان ۽ سنڌ خوش قسمت آهن، جن وٽ مُحترمه جهڙي عظيم قيادت موجود آهي. رب تعاليٰ هن کي سلامتي عطا ڪري ۽ جمهوريت هلندي رهي ته يقينن هي تمام بُرايون آهسته آهسته ختم ٿينديون، هن ملڪ جو علاج اهو آهي ته جمهوريت قائم رهي ۽ قيادت به سچي مُخلص دانشمند ۽ بهادر هُجي، محترمه بينظير ڀٽو صاحبه کي ڏهه سال ملي وڃن ته پاڪستان خوشحال ۽ امن پسند ملڪ ٿي سگهي ٿو.


    ”منهنجا گهر ڀاتي“

    ”منهنجا گهر ڀاتي“

    اسانجو بابا، خواجه قُربان علي کوساڻي ۽ اسانجي امان کتيجه بيبي جن کي ڪُل نَوَ ٻار ٿيا، ٽي پُٽ ۽ ڇهه ڌيئرون، ٽي اسان ڀائر غُلام علي، حَسن علي ۽ منصور علي، ماشاءَ الله ڇهه ڀينرون آهن، سڀ کان وڏي اسان جي ڀيڻ، ادي شاهه سُلطانه، ان کان پوءِ مان پئدا ٿيس، مون کان پوءِ منهنجو ڀاءُ حَسن علي هو، جنهن کي اسان سڀ ڇوٽو چوندا هُئاسين، حَسن کان پوءِ لڳاتار پنج ڀينرون آيون، ياسمين، حميده، زيب النساءِ، نيوين ۽ فرزانه، آخر ۾ اسان جو سڀني کان ننڍو ڀاءُ منصور علي آهي، اسان سڀ ڀائر ۽ ڀينر هيرآباد واري گهر ۾ پئدا ٿياسين، اُتي ئي رانديون رهندا وڏا ٿياسين، اسڪول ، ڪاليج پڙهياسين ۽ اسان جون شاديون به انهي گهر ۾ ٿيون، صرف منصور جي شادي مبارڪ ڪالوني ۾ ٿي... اسان جي وڏي ڀيڻ ادي شاهه سلطانه ۽ ٻيو نمبر ادي ياسمين جي شادي گڏ ٿي، ادي شاهه گريجوئيشن ڪئي، ادي ياسمين مئٽرڪ ڪئي، ٻنهي جي شادي ٻن سول انجنيئرن سان ٿي، جيڪي ٻئي دوست هُئا ۽ گڏجي پڙهيا، تازو انجنيئرنگ ڪري نڪتا ۽ ٻنهي جي شادي به گڏ ٿي. ادي شاهه جو گهوٽ نيزار علي خواجه، اصل ٽنڊي محمد خان جا، اسان جا پري جا مائٽ آهن. ادي ياسمين جو گهوٽ، اسان جي پُڦي جو پُٽ، صدر الدين خواجه هو، ادي شاهه سُلطانه تمام سمجهدار ذهين هُئي، نيزار علي جيئن ته مُشڪل حالتن مان گُذري پڙهيو هو، ان ڪري سمجهه داري ۽ وضعدار ماڻهو هو، اسان جي ڀيڻ ياسمين تمام خوبصورت، اڇي ڳاڙهي صحت مند ۽ کلڻي ڇوڪري هُئي، هر وقت هر ڳالهه تي پئي کُلندي هُئي، ياسمين جو گهوٽ صدر الدين به کلڻون، خوش طبعه نوجوان هو، خوش حال خاندان مان هو، اسان جي خاندان مان سڀني کان وڌيڪ زمين هنن جي هُئي... صدر الدين ۽ نيزار کي هائي ويز ۾ نوڪري به گڏ ملي. نيزار علي جيئن ته تڪليفن مان گذري مشڪل سان تعليم حاصل ڪئي هُئي. سو ته سنجيدگي سان لڳي ويو ڊيوٽي تي ۽ صدر الدين وارا جيئن ته سرندي وارا هُئا، نوڪري جي ضرورت ڪا نه هُئي، سو همراهه هڪ سال ڊيوٽي ڪئي ته بيزار ٿي پيو، بس پوءِ ته باقي رٽائرمينٽ تائين گهر ويٺي پگهارون، انڪريمينٽون ۽ ترقيون ملنديون رهيون، هي همراهه آرام پسند، خوش طبعه ۽ کلڻون، ته سندس زال به کلڻي، سو ٻئي سڄو ڏينهن پيا پينگهن ۾ لُڏندا ۽ کلندا رهندا هُئا، ماشاءَ الله ٻه پُٽ ۽ چار نياڻيون اٿن، سڀ پينگهن ۽ هندورن ۾ پليا، اُهي به پينگهن جا شوقين آهن. ياسمين ۽ صدرو جي هڪ نياڻي آمريڪا پرڻجي وئي، ته پينگهو به پاڻ سان گڏ کڻائي وئي... نيزار علي ۽ صدر الدين ٻئي دوست هُئا گڏ پڙهيا، شاديون به گڏ ٿيون، پر ٻنهي جي طبيعت ۽ مزاجن ۾ زمين آسمان جو فرق هو... نيزار علي چيف انجنيئر ٿي رٽائرڊ ٿيو، هو روايتي بيورو ڪريٽ هو، هنن کي اول ٻه نياڻيون ايلسا ۽ جوليا هُيون، پوءِ هڪ پُٽ ڪريم ڄائو نيزار صاحب ٻارن کي جام گهمايو ڦيرايو، هُنن جون جائز ناجائز خواهشون به پوريون ڪيون، پر افسوس جو ٻارن کي پڙهايو ڪو نه، داخلا وٺندا هئا پر اسڪول ڪو نه ويندا هُئا ۽ اُمتحان به هنن جي پاران ٻيو ڪير ڏيندو هو ۽ هي پاس ٿي ويندا هُئا. اهو سلسلو به مئٽرڪ تائين هليو، بس وڌيڪ ڪو نه پڙهيا، ٻارن جي تعليم ۽ تربيت به درست ڪو نه ٿي، نتيجي ۾ اڳتي هلي مسئلا پيدا ٿيا... خير، انهن ٻن ڀينرن کان پوءِ مُنهنجي شادي 1972ع ۾ ٿي، جنهن جو احوال پوئتي لکي آيو آهيان... مونکان پوءِ منهنجي ننڍي ڀاءُ حَسن علي جي شادي، اسان جي سئوٽ، چاچا شير علي جي وڏي نياڻي، دلشاد بيگم سان ٿي، حسن گريجوئيٽ هو، پر نوڪري ڪو نه ڪئي، گاڏي کاتي ۾ دُڪان هُئس، فوٽو ڪاپي مشين جو ماهر ڪاريگر هو، حَسن به تمام خوبصورت جوان هو، قد پورو، ڳورو رنگ، ڪارا گُهنڊيدار وار، نرم طبيعت خوش باش رهڻ وارو، يارن جو يار هو، جهيڙو جهٽو يا ناراض ٿيڻ ڪاوڙ ڪرڻ وارو اصل ڪو نه هو، سڀني سان کُل ڀوڳ ۽ پيار ڪرڻ وارو هو، اسان ٻئي ڀائر جيئن ته هڪ ٻين جي پويان پئدا ٿيا هئاسين، گڏجي ننڍي کان وڏا ٿياسين، هر وقت گڏ هوندا هُئاسين، اسڪول ٽيوشن ۽ نائٽ اسڪول به گڏ ويندا هُئاسين، ان حد تائين جو وهنجڻ ۽ ڪاڪوس ڪرڻ به اڪثر گڏ ويندا هُئاسين، وڙهندا به هُئاسين، پر پيار پاڻ ۾ تمام گهڻو هو، هڪڙي ننڍپڻ جي يادگيري آهي، مان ڇهن ستن سالن جو هُئس، حَسن چار سالن جو هو، اسان ٻئي رات جو اٺين بجي کن جماعت خاني جي نائٽ اسڪول مان نڪري گهر ڏانهن ٿي آياسين ته حسن مونکان جُدا ٿي ويو، مونکي لڳو منهنجو ڀاءُ وڃائجي ويو، پوءِ ته چرين وانگر هن کي گهٽين ۾ ڳوليندو رهيس، روئيندو به رهيس، ڊوڙندو دل ۾ اهو چوندو رهيس، اڙي منهنجو ڀاءُ منهنجو ڀاءُ گُم ٿي ويو، هن کي پٺاڻ کڻي ويا، بهرحال ڪافي دير ڳولهيندو ۽ رُوئندو گهر آيس ته، هو ويٺو هو راند پيو رهي.. حسن علي کي ٻه پُٽڙا ۽ هڪ نياڻي ڄائي، هن کي زال ۽ ٻارن سان ڏاڍو پيار هو، اڪثر ٻارن کي موٽر سائيڪل تي شام جو گهمائيندو هو ۽ اسان سڀ رات جو امان بابا جي گهر ٻارن کي وٺي ايندا هئاسين، جتي اسان سڀني ڀائر ۽ ڀينرن ۽ انهن جي ٻارن جو ميلو مچندو هو.. سڀ خوش هُئاسين ته هڪ ڏينهن اوچتو اسان جو ڀاءُ حَسن علي 36 سالن جي عمر ۾ گُذاري ويو، جڏهين ته هو بلڪل ٺيڪ ٺاڪ هو، مَحنتي ۽ صحت مند هو، حسب معمول دُڪان تي ويو، ڏينهن جو ٻارهين بجي داري هن جي طبيعت خراب ٿيڻ لڳي، شيرو پنهنجي رڪشا کڻي تقريبن روز وٽس چانهه پيئڻ ايندو هو، اُهو به ويٺل هو، گڏجي چانهه پيتي اٿن، اُن وقت ڇوٽو شير علي کي چيو يار طبيعت ڪجهه خراب پئي ٿئي، ڇاتي ۾ به ٿورو سور پيو ٿئي، تڏهين شيري چيو، ڪو گئس وغيره هوندو، گوري وٺي اچان، يا چئو ته ڊاڪٽر وٽ هلون، ڇوٽو چيو نه تون مونکي گهر وٽ ڇڏ، آئون گهر وڃي ٿو ٽيبليٽ کايان، شيري پنهنجي رڪشه ۾ هن کي گهر وٽ ڇڏيو، ته چهرو پيلو، ڪمزوري ۽ تڪليف ۾ هو ۽ وڏي بدقسمتي اها به ته هن جو فليٽ ٽاپ تي چوٿين منزل تي هو ۽ اصل ۾ هن کي زبردست قسم جو هارڊ اٽيڪ ٿيو هو ۽ اُن شديد دل جي دوري دوران چار منزل جي چاڙهي چڙهڻ لڳو، پر چڙهي نه پيو سگهي، چوڪيدار ٻُڌايو، هو اڌ تي ويهي رهيو، پر وري اُٿي چوڪيدار جي مدد سان آهسته سان مٿي پهتو ۽ اينديئي پلنگ تي ڪري پيو، ڀاڀي دلشاد گهر ۾ اڪيلي هُئي، پريشان ٿي، پاڙي وارن کي سڏيو ۽ چوڪيدار کي امان جي گهر روانو ڪيو، پاڙي ۾ صرف هڪ مائي هُئي، جنهن اچي ساٿ ڏنو، پر اُن وقت حَسن بيهوش ٿي چڪو هو. امان جي گهر به ڪو مرد ماڻهو ڪو نه هو، اُن مونکي ماڻهو موڪليو ته ڀاءُ حسن جي طبيعت خراب ٿي آهي، تون فورن اتي پُهچ، مان فورن پهتس، ڇاڪاڻ ته منهنجو سارنگ اسٽوڊيو ويجهو ئي هو، مون ڏٺو، حَسن، مُنهنجو پيارو ڀاءُ ڇوٽو، سڄو پيلو پيلو بيهوش ۽ وات مان گج وهي آئي هُئي. اسان ٽن ڄڻن هن کي کڻي هيٺ لاٿو ۽ پاڙي واري جي گاڏي ۾ وجهي پويان ئي سول اسپتال جي ايمرجنسي ۾ فورن پهچي وياسين، امرجنسي جي ڊاڪٽرن، گهڻيون ڪوششون ڪيون، مصنوعي ساهه کڻايو، ٻه ٽي بجلي جا جهٽڪا به لڳايا، پر ڪو نه وري سگهيو، ڊاڪٽر ٻُڌايو وفات ٿئي اڌ منو ڪلاڪ ٿي چُڪو آهي. اسان کي اسپتال کڻي اچڻ ۾ مُنو ڪلاڪ لڳي ويو هو. پر اسان کي يقين نه پيو اچي ته اسان جو ٺيڪ ٺاڪ صحت مند ڀاءُ هڪدم ڪيئن ٿو گذاري سگهي، مان هر هر ڊاڪٽر کي پيو چوان، ڊاڪٽر صاحب توهان چڱي طرح چيڪ ڪريو، ٻي ڪنهن وڏي ڊاڪٽر کي سڏايو، اسان جو ڀاءُ ائين نٿو وڃي سگهي، پليز ڊاڪٽر صاحب ڪُجهه ڪريو.. پر ڊآڪٽرن چيو، هي شديد قسم جو هارٽ اٽيڪ هو، جنهن دل کي فيل ڪري ڇڏيو، ڊاڪٽر ٻُڌايو، 35 سال کان پنجاهه سال تائين عُمر وارو اٽيڪ عمومن تمام خطرناڪ هوندو آهي، بهرحال اسان جي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي، اها خبر سڀني لاءِ ڪنهن بم مثل هُئي، گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، دلشاد ڀاڀي ته هوش وڃائي ويٺي، اعتبار نه پئي ڪري، امان جي به حالت خراب ٿي وئي، اسان جو بابا همت وارو هو پر اُنهن جي اکين ۾ ڳوڙها هُئا، مان جيڪو ڪڏهين ڪو نه رُنو هُئس، پهريون ڀيرو، بي اختيار رُوئندو رهيس، اسان جي گهر ڀاتين لاءِ به هي پهريون وڏو دردناڪ واقعو هو، پهريون ڀيرو خبر پئي، احساس ٿيو ته پنهنجي پياري جي جدائي جو درد ڇا ٿيندو آهي؟ حسن علي جي جنازي نماز کان پوءِ آخري ديدار وقت حَسن جي ننڍڙي ڏيڍ سال جي نياڻي، سورٺ منهنجي ڪڇ ۾ هُئي ۽ ٻئي پَٽ برڪت ست سالا ۽ راجيش چار سالن جو ، انهن کي سندن بابا جو آخري ديدار ڪرايم، مان ڇوٽو جي پيراندي، سورٺ کي کڻي بيٺو هُئس منهنجي نظر هُن جي چهري تي هُئي، تڏهين مونکي ائين محسوس ٿيو ته منهنجو ڀاءُ مونکي پنهنجن ٻارن جي ۽ خاص طور تي سندس پياري دادلي ڌيءَ سورٺ جي پارت ڪري رهيو آهي. اوڏي مهل سورٺ کي پنهنجي ڇاتي سان لڳائيندي مرحوم ڀاءُ جي ميت اڳيان واعدو ڪيم ته پيارا ڀاءُ هي هاڻ مُنهنجا ٻار آهن، تنهنجي پياري نياڻيءَ کي مان هميشه پنهنجي ڇاتي سان لڳائي رکندس، هن کي پيءُ جو پيار ڏيندس ۽ هن کي ڪڏهين به پاڻ کان جُدا نه ڪندس... اهو عهد مون نڀايو، جڏهين سورٺ سورهن سالن جي ٿي ته پنهنجي ويهن سالن جي فرزند سارنگ سان پرڻائي، اُن جي ڪنوار بنائي هميشه لاءِ ان کي پاڻ وٽ ڌيءَ ۽ ننهن بنائي وٺي آياسين... شادي کان اڳ مون وري به انهن ٻنهي جي مرضي آزادانه نموني معلوم ڪئي، ته ڪنهن سان به ڪا زيادتي نه ٿئي، زور زبردستي هر گز نه ٿئي پر ڀاڀي دلشاد ۽ سڀ بزرگ به ان رشتي تي ڏاڍا خوش ٿيا، سورٺ به خوش هئي جو پنهنجن وٽ هي هميشه لاءِ اچي وئي هُئي. سارنگ به ماشا الله خوبصورت جوان هو، بئنڪ ۾ مئنيجر هو، پوءِ مونکي خبر پئي ته هي ٻئي هڪ ٻي کي پسند ڪندا هُئا.... پوءِ انهن کي مولا ٻه پُٽڙا ڏنا، وڏي جو نالو مرحوم حَسن جي نسبت سان علي حَسن رکيو، جيڪو هن وقت ٻارهن سالن جو خوبصورت ۽ ذهين ڇوڪرو آهي، ننڍي جو نالو سُهان علي رکيو، جيڪو پنجن سالن جو تمام پيارو ۽ شرارتي ٻار آهي، حسن علي جي ٻنهي فرزندن اعليٰ تعليم حاصل ڪئي، برڪت نيشنل بئنڪ ۾ مئنيجر ٿيو پر پوءِ آمريڪا شفٽ ٿي ويو، جتي پنهنجي ٻارن هڪ پُٽ ۽ هڪ نياڻي سان خوش ۽ سيٽ آهي، ٻيو راجيش حَسن ڊاڪٽري پڙهيو ۽ لنڊن مان اسپيشلائيزيشن ڪئي، هن وقت سعودي عرب جدي ۾ فوج ۾ ڊاڪٽر آهي، ان کي به هڪ پُٽڙو آهي، اهو به خوش آهي، ٻئي ڀائر ۽ سورٺ ۽ سارنگ به دلشاد ڀاڀي کي تمام گهڻو ٿا ڀائين، دلشاد به ڪڏهين سعودي ته ڪڏهن آمريڪا ۾ هوندي آهي، حيدرآباد ۾ وري سورٺ ۽ سارنگ وٽ رهندي آهي، مطلب ته هوءِ به خوش آهي.
    حَسن علي کان پوءِ اسان جي ٽيو نمبر ڀيڻ، زيب النساءُ جي شادي، مُنهنجي پياري دوست سليم خوجه سان ٿي، جيڪا مُنهنجي لاءِ ٻيڻي خوشي جو سبب هُئي، هڪ ته مُنهنجو سڀ کان پيارو دوست سليم، هاڻ منهنجو مائٽ رشتيدار به بڻجي ويو هو، ٻيو سبب اهو ته اسان جي ادي زيب جو سليم جهڙو خوبصورت ۽ بهترين ماڻهو جيون ساٿي بنيو هو. اُن وقت سليم بئنڪ ۾ آفيسر هو، رشتيداري کان پوءِ به هو اسان جو ساڳيو ئي دوست هو، نانگا هائوس تي ساڳيون ڪچهريون جاري رهيون. سال کن بعد، سليم ۽ زيب کي هڪ سليم جهڙي خوبصورت نياڻي ڄائي، سليم جهڙو ڳورو رنگ شيريون بلوري اکيون، سُنهري گُهنڊيدار وار، نڪ نقشو ۽ نيڻ هوبهو سليم جهڙا هُئا، سليم جنهن کي هميشه کان ٻارن سان پيار رهيو، هو سدائين اسان جن ٻارن سان پيار ڪندو هو. سو هاڻ ته هن کي رانديڪو ملي ويو هو، ان جو نالو ڪنول سليم رکيائين، ۽ بيشڪ هوءِ ڪنول جي گُل جهڙي خوبصورت هُئي.. اهو ذوالفقار علي ڀٽو جو دور هو، اخبار ۾ اشتهار ذريعي پوليس ۾ ڊائريڪٽ ڊي، ايس پي D.S.P جون سيٽون آيون، ياد رهي ته سليم جو مرحوم والد صاحب به جواني ۾ پوليس ۾ رهيو هو، سو سليم کي شوق ٿيو، هن به اپلاءِ ڪري ڇڏيو. سليڪشن وقت، پبلڪ سروس ڪميشن جو انچارج، چيئرمين، رٽائرڊ چيف جسٽس هو، جيڪو سليم جي سڳي چاچا ۽ سنڌ جي نالي واري تعليم دان مُحترم ايڇ ايم خوجه جو شاگرد رهيو هو، سليم سليڪٽ ٿي ويو، هن کي ٽريننگ لاءِ شهدادپور پوليس ٽريننگ سينٽر موڪليو ويو، جڏهين ٽريننگ مڪمل ٿي، ٽيسٽ پاس ڪري، پهريون ڀيرو D.S.P جو فل ڊريس پائي پي (P) ڪئپ لڳائي، هٿ ۾ اسٽڪ کڻي، اسان واري ٽائيم اسٽوڊيو تي آيو، ته اسان هن کي ڏسي حيران ٿياسين، ڪيڏو نه خوبصورت باوقار پوليس آفيسر لڳي رهيو هو. هُنجو ڳورو رنگ، شيريون اکيون، قدآور جوان تمام سهڻو لڳي رهيو هو، مون هن جا ڊريس ۾ فوٽو ڪڍيا، جيڪي اڄ به يادگار آهن... بهرحال ٽريننگ کان پوءِ هُنجي پهرين پوسٽنگ لاڙڪاڻي ۾، ڀُٽي جي شهر ۾ ٿي، جتي جڏهين ڀُٽو صاحب لاڙڪاڻي ايندو هو ته اُنجي سيڪيورٽي جو انچارج سليم هوندو هو، سليم اسان کي ٻڌائيندو هو ته تازو جڏهين ڀٽو صاحب لاڙڪاڻي اچڻ جو اعلان ڪيو ته سخت سردي هُئي، صُبح کان بادل ڇانيل هُئا، ۽ ڪيڏي ڪيڏي مهل، هلڪي برسات به وسي رهي هُئي، اسان ايئرپورٽ کان وٺي شهر ۾ المرتضيٰ تائين سڄي رستي ۾ چوڪيون قائم ڪيون هيون. جتي هر چوڪي تي چار پنج پوليس وارا صُبح جو سوير کان سخت سردي ۾ ڊيوٽي ڏئي رهيا هُئا، تڏهين مان چيڪنگ لاءِ رائونڊ تي نڪرڻ کان اڳ شهر مان 5 ڪلو کن پڪوڙا، ڊبل روٽيون ۽ سگريٽن جا پاڪيٽ وٺي جيپ ۾ رکندو هُئس، پوءِ هر چوڪيءَ تي بيٺل پوليس وارن کي پڪوڙا روٽيون ۽ سگريٽ جو پاڪيٽ ڏيندو ويندو هُئس، ايئرپورٽ تائين ته پوليس وارا ڏاڍو خوش ٿيندا هُئا، مونکي دعائون ڏيندا ۽ عزت ڪندا هُئا، ڇاڪاڻ ته اهڙو آفيسر هنن کي ڪڏهن ڪو نه مليو هو جيڪو ايڏو احساس ڪري ۽ خيال رکي. ڀٽو صاحب کي ايئرپورٽ تان اسڪاڊ ڪري هُنجي ڪار جي اڳيان چيف سيڪيورٽي آفيسر طور مان هوندو هُئس، ال مرتضيٰ تائين پهچائي پوءِ اسين اطمينان جو ساهُه کڻندا هُئاسين، سليم ٻُڌائيندو هو ته، جڏهين ڀٽو صاحب ايندو هو ته هشام ماڻهن جا ال مرتضيٰ ٻاهران گڏ ٿي جيئي ڀٽو جا نعرا هُڻندا هُئا، ڀٽو صاحب آواز ٻُڌي ٻاهر نڪري ايندو هو ۽ سڄي هجوم کي اندر باغ ۾ سڏائي ماڻهن سان ملندو هو، هنن جا مسئلا ٻڌندو ۽ حل ڪندو هو. ڀُٽي صاحب جي اها خوبي هُئي ته هر عيد تي هو لاڙڪاڻي ضرور ايندو هو ۽ پنهنجي شهر جي ماڻهن سان گڏ عيد نماز پڙهندو هو. پر هڪ عيد تي ملڪ جون حالتون درست نه هيون، اپوزيشن، هن خلاف اتحاد قائم ڪيو هو، ڀٽو صاحب ڪيترين ئي مشڪلاتن ۾ گهيريل هو، ان ڪري ڪُجھه ماڻهو چئي رهيا هُئا، ته هن عيد تي شايد ڀٽو صاحب لاڙڪاڻي نه اچي ۽ اسلام آباد ۾ ئي عيد نماز ادا ڪري، پر اڪثر ماڻهن جو خيال هو ته ڇا به ٿي پوي ڀٽو صاحب ضرور ايندو، ٻي ڏينهن عيد هُئي، شام تائين ڪا به خبر نه هُئي، ڪو به اطلاع نه هو. پر آدهي رات جو پيغام آيو ته، ڀٽو صاحب ڏيڍ ڪلاڪ بعد موهن جو دڙو ايئرپورٽ تي لينڊ ڪندو، اسان فورن سڀ انتظام ڪيا، رات جو ٽين بجي هن جي جهاز لينڊ ڪيو، چئين بجي هن کي المرتضيٰ تي پهچايو، ۽ صُبح جو سڀ ماڻهو عيدگاهه ۾ ڀٽو صاحب کي ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا، هُن پنهنجن ماروئڙن سان گڏ نماز ادا ڪئي ۽ عوام سان گلي ملي عيد مبارڪ ڏني... بهرحال سليم لاڙڪاڻي ۾ ٿورو وقت رهيو هو. ٻار به وٺي ڪو نه ويو هو، جلدي هن جي بدلي شڪارپور ٿي، جتي هِنکي فُل فليج ڊي ايس پي جي چارج ملي، رهائش لاءِ آفيسرن جا بنگلا هُئا، سليم به ٻارن کي شڪارپور وٺي ويو، ڪنول جي لاءِ هڪڙو ننڍو اڇي رنگ جو انگريزي ڪُتو ورتو هو، جنهن سان ڪنول سڄو ڏينهن پئي راند ڪندي هُئي، سليم جڏهين شڪارپور ۾ مڪمل سيٽ ٿي ويو، تڏهين اسان سڀني نانگا هائوس جي دوستن کي شڪارپور اچڻ جي دعوت ڏني ته سڀ نانگا پوري هڪ هفتي لاءِ ايندا ۽ اها ساڳي موج مستي ٿيندي، جيڪا نانگا هائوس تي ڪندا هُئاسين، ان لاءِ سليم اُتي به ڪيرم بورڊ وغيره سان سڀ لوازمات گڏ ڪيا هُئا، اسان سڀ دوست ته اڳ هي انتظار ۾ هُئاسين، پروگرام ٺاهي ست هي نانگا شڪارپور پهتاسين، نور احمد، عاشق علي، حميد، عظيم، ڇوٽو شيرو ۽مان، سليم ٻه ڪمرا اسان لاءِ مخصوص ڪيا هُئا، جن کي نانگا هائوس جو نالو ڏنو هو. پوءِ ته بس اُها ساڳي موج مستي شروع ٿي وئي. کل ڀوڳ، ٽارگيٽ بڻائڻ ۽ ڪيرم بورڊ جا مُقابلا، ساڳيو تڪيو ڪلام ته ”ابا ٿي وڃي هٿ هٿ“، يا ”عاشق اچ ته هٿ هٿ ڪريون“ ۽ پوءِ سخت مقابلا ٿيندا رهيا. روزانه شام جو شڪارپور شهر جو چڪر به لڳائيندا هُئاسني، هتي جون مخصوص شيون کائيندا هُئاسين، هاٿي در جي آئسڪريم، ٿادل ۽ چاٽ وغيره، تاريخي جايون ڏٺيون، سنڌ جي قومي شاعر شيخ اياز جو آبائي گهر، اسڪول ۽ مشهور شاهي بازار، جنهن جا آثار ٻڌائي رهيا هُئا ته واقعي ڪنهن زماني ۾ ايشيا جي وڏي بازار هُئي، ۽ شڪارپور سنڌ جو پيرس چيو ويندو هو. بهرحال اسان پنج ڇهه ڏينهن رهياسين، ڏاڍا مزا ڪياسين، سليم ڊيوٽي تان ايندو هو ته پوءِ هو ڊي ايس پي نه بلڪه عام نانگو هوندو هو، جنهن کي مذاق ۾ ايڏو ته ذليل ڪندا هُئاسين جو هن جا ماڻهو، پوليس وارا نوڪر بورچي ڏسن ته ڪر پريشان ٿي وڃن ته، سندس باس جي اها حالت ۽ اصليت آهي. بهرحال ادي زيبو اسان جي ڏاڍي خدمت ڪئي، ڪنول به خوش هُئي جو هيڏن ماڻهن سان وندري پئي، ورنه اڪيلي هوندي هُئي... سليم سڀني دوستن کي تحفه تحائف ڏئي واپس ڪيو، اهڙي طرح هي پروگرام يادگار ۽ تاريخي بڻجي ويو، سليم ساڻ نانگن جي انيڪ پروگرامن کان پوءِ، هي شڪارپور جو پروگرام آخري بڻجي ويو، جو انکان فورن بعد نه رهيو سليم، نه رهيو نانگا هائوس ۽ نه ئي نانگا مُتحد رهي سگهيا. سليم ئي نانگا هائوس جو روح روان هو، هن سان ئي نانگا هائوس جون رونقون ڪِچهريون ۽ گُهمڻ ڦرڻ جا پروگرام هوندا هُئا، سليم ڇا ويو ڄڻ تسبيح ٽُٽي پئي ۽ ڌاڻا وکري ويا... اصل ۾ اهو دردناڪ واقعو اسان جي شڪارپور مان واپسي جي هڪ هفتي بعد رونما ٿيو. اسان سڀ دوست شڪارپور جي شاندار چڪر جي سحر ۾ مُبتلا هُئاسين، اُتي جي يادن کي دهرائي خوش ٿي رهيا هُئاسين ته خبر آئي سليم جي طبيعت خراب آهي، اسان سمجهيو عام بخار زڪام وغيره هوندو، سهي ٿي ويندو، پر نه ٻن ڏينهن بعد ادي زيب بابا کي فون ڪيو ته سليم جي طبيعت وڌيڪ خراب پئي ٿئي. بابا چيو فورن حيدرآباد اچو ته ڪنهن سُٺي ڊاڪٽر کي ڏيکاريون، شام جو هي بابا جي گهر پهتا، مان به موجود هُئس، سليم ڪمزور بيمار ته لڳو پر ڪار مان لهي پند ڪري اندر آيو، اسان اوڏي مهل،ڊاڪٽر ارشاد مورياڻي وٽ وٺي وياسين، جنهن جي اسپتال اسان جي گهرن سان لڳ هيرآباد ۾ هئي. ارشاد مورياڻي پڻ، سليم جي چاچا، بابا حاجي خوجه جو شاگرد هو، تنهن چيڪ ڪري دوائون ڏنيون، هن ڪا به اهڙي پريشاني جي ڳالهه ڪا نه ٻُڌائي، اسان هفتو کن علاج ڪيو، پر ڪو به فائدو نه ٿيو، بلڪ طبيعت وڌيڪ خراب ٿيڻ لڳي، تڏهين اسان سليم کي ڪراچي کڻي وياسين، مان هن سان گڏ رهيس، اسان سليم جي چاچا، بابا حاجي (ايڇ ايم خواجا) کي به اطلاع ڪيو، جيڪو ڪراچي آيو. جناح اسپتال ۾ جڏهين مڪمل ٽيسٽ ٿيا، ڊاڪٽرن جي ٽيم تشخيص ڪئي، تڏهين خبر پئي ته ڪيڏو نه وڏو نقصان ٿي چڪو آهي ۽ اسان ڪيترو نه قيمتي وقت ضائع ڪري چڪا آهيون، ڊاڪٽرن ٻُڌايو ته سليم جا ٻئي گُردا فيل ٿي چُڪا آهن، اسان حيران ۽ پريشان ٿي وياسين، ڊاڪٽر ٻُڌايو ته، ڏهه ٻارهن ڏينهن اڳ ڪنهن سبب جي ڪري هن جي بلڊ پريشر يڪدم تمام گهڻو شوٽ ڪيو هو، اهڙي طرح وڌندڙ پريشر، جيڪو غير معمولي طور شوٽ ڪندو آهي ته اهو ڪو نه ڪو نقصان ضرور ڪندو آهي، يا دماغ جي نس ڦاٽي سگهي ٿي فالج جو حملو ٿي سگهي ٿو، هارٽ اٽيڪ به ٿي سگهي ٿو ۽ گُردا به فيل ٿي سگهن ٿا. ڪي ڀاڳن وارا ماڻهو نقصان کان بچي به ويندا آهن، ڪن جو گهٽ نقصان به ٿي سگهي ٿو پر افسوس جو سليم جا ٻئي گُردا فيل ٿي ويا هُئا، ڪراچيءِ ۾ اڃا، گردن جي ٽرانس پلانٽ يا علاج ڊائلاسس وغيره به ڪو نه آيل هو، ڊائلاسز ذريعي خون ۾ شامل ٿي ويندڙ يورين کي صاف ڪيو ويندو آهي، جنهن سان مريض هڪ ٻه هفتا ڪڍي ويندو آهي، ان دوران مريض کي ٻاهر ڪنهن ملڪ ۾ وڃي، پنهنجي ڪنهن مائٽ يا عزيز طرفان عطيو ڪيل هڪ گردو لڳائي زندگي بچائي سگهجي ٿي. پر افسوس جو اٺ ڏهه ڏينهن اسان جا مورياڻي ضائع ڪيا، هن وقت صورتحال هٿن مان نڪري چُڪي هُئي، بابا حاجي خوجه ڊاڪٽرن کي گهڻو چيو ته اسان ٻاهر ڪنهن مُلڪ ۾ وڃي آپريشن ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون، پر ڊاڪٽرن جيڪو فيصلو ڏنو، اُن اسان سڀني کي لرزائي ڇڏيو، هنن چيو ته هاڻ نه ته هتي ڪو علاج آهي ۽ نه ئي ٻاهر ڪنهن مُلڪ ۾ پهچڻ جو وقت آهي، مريض چند ڏينهن جو مهمان آهي، هن ڳالهه اسان جا اوسان خطا ڪري ڇڏيا، بابا حاجي خوجه، ٻين وڏن ڊاڪٽرن کي سڏايو، پر انهن به اها ئي ڳالهه ڪئي ته ڏهه ٻارهن ڏينهن کن اڳ اچو ها ته، ٻاهر ڪنهن ملڪ مان آپريشن ڪري زندگي بچائي سگهجي ها، پر هاڻ صورتحال هٿن مان نڪري چڪي آهي، سليم جي طبيعت جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ خراب ٿيڻ لڳي، هُن جو جسم سُڄڻ لڳو هو، گُردا فيل ٿيڻ جي ڪري رت ۾ يورين شامل ٿيندو آهي، جنهن جي ڪري مريض جو جسم سڄڻ لڳندو آهي ۽ اهو ئي آخري وقت هوندو آهي، مان مسلسل سليم ساڻ گڏ هُئس، پنهنجي پياري دوست کي هن تڪليف ۾ ڏسي نه پيو سگهان، هو بيهوش هو ۽ مان ڪمري کان ٻاهر پٽ تي ديوار کي ٽيڪ ڏئي ڳوڙها ڳاڙهيندو رهيس، ٻه ڏينهن اڳ، جڏهين سليم اڃا هوش ۾ هو، حالانڪه ڊاڪٽرن جواب ڏئي ڇڏيو هو، پر هن کي ڪو نه ٻڌايو هو، بلڪه اسان هن کي دل داري ڏيندا رهياسين ته سڀ ٺيڪ آهي، جلدي توهان ٺيڪ ٿي ويندا پر سليم کي به پروڻ پئجي چُڪا هُئا، هن کي اندازو ٿي چڪو هو ته هو هاڻ ڪو نه بچندو، ٻن پهرن جو ٽائيم هو، ڪمري ۾ مان ۽ نيزار صاحب هُئاسين ته سليم نيزار کي ويجهو اچڻ جو اشارو ڪيو، نيزار اُٿي اڳتي ويو ته هُنجو هٿ جهلي بلڪل پنهنجي قريب ڪندي چيو، نيزار مُنهنجي ٻارن جي توکي پارت آهي، مُنهنجي ڪنول کي مان تنهنجي حوالي ٿو ڪريان، تون هُنجو خيال رکج. سليم جي اکين ۾ ڳوڙها هُئا، مان ۽ نيزار به لُڙڪ روڪي نه سگهياسين. نيزار صاحب سليم جي هٿ کي پنهنجي ٻنهي هٿن ۾ جهلي، بوجهل آواز ۾ چيو ڪنول مُنهنجي نياڻي آهي، تون ڪو به فڪر نه ڪر، پر يار اهڙيون ڳالهيون ڇو پيو ڪرين، تون جلدي ٺيڪ ٿي ويندين، سليم اکيون پوريون پر ڳوڙها ڳڙهندا رهيا، نيزار پوئتي هٽي ڪُرسي تي ويٺو ته مان اُٿي هن جي سيراندي بيهي پنهنجي يار کي ڳراٺڙِ پائي، هن جي پيشاني ۽ ڳل تي پيار سان هٿ گهمائيندي چيم، سليم يار اسان سڀ تنهنجي ٻارن جو خيال رکنداسين، تون ائين نه سوچ، تون هميشه پنهنجن ٻارن سان ۽ اسان سان گڏ رهندين، تون جلد صحت مند ٿي ويندين ۽ پاڻ نانگا هائوس تي ڪچهريون ڪنداسين، تڏهين هُن آهسته سان لڙڪن ڀريل اکيون کولي مون کي ڏٺو جنهن ۾ عاجزي جو احساس هو. مون هُنجي پيشاني کي چُميو ۽ آهسته سان نِراڙ تي زور ڏيڻ لڳس، پوءِ بعد ۾، مون کي بار بار اهو خيال ايندو رهيو ته سليم جو سڀني کان وڌيڪ پُراڻو ۽ ويجهو دوست ته مان هُئس، ٻين دوستن ۽ اسان جي گهر وارن سان به سليم جي واقفيت ۽ مُلاقات منهنجي معرفت ٿي هُئي، پوءِ به سليم پنهنجن ٻارن جي پارت مونکي ڪا نه ڪئي، نيزار صاحب کي پارت ڪئي، سو ڇو؟ اهو سوال عرصي تائين مُنهنجي من ۾ گُهونجندو رهيو، گهڻي غور فڪر کان پوءِ مونکي هڪ سبب نظر آيو. اُهو اِهو ته مان غريب هُئس، مون وٽ مال دولت ڪو نه هئا. نه گهر پنهنجو هو، نه ڪو سٺو ڪاروبار، اهو مسواڙي فليٽ ۽ سارنگ فوٽو اسٽوڊيو، جنهن جي صورتحال جي سليم کي اڳ ئي خبر هُئي، ته هتي آڻيون ۽ چاڙهيون سومرا وارو سلسلو هو ۽ هوڏانهن نيزار صاحب اسان سڀني ۾ امير ترين شخص هو، بنگلا ڪارون مال ملڪيت ڪروڙ پتي ماڻهو هو: سليم شايد اهو سوچيو هوندو ته، هي يار غريب ماڻهو آهي، پنهنجن ٻارن ۾ پورو مس آهي، سو ٻين کي ڪيئن سنڀاليندو، بهرحال سليم اسان سڀني جي اڳيان، اسان جي هٿن مان نڪري هليو ويو. سليم جي وفات سان ائين لڳو ته سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو، سڄي دنيا اونداهي ٿي وئي ۽ واقعي به سليم جي وڃڻ کان پوءِ گهڻو ڪجهه ختم ٿي ويو هو، جنهن جو احساس پوءِ بعد ۾ اسان سڀني کي ٿيڻ لڳو هو ته اسان ڪيڏي نه اهم قيمتي مَتاع وڃائي چڪا آهيون، سليم جي ميت اسان ايمبولينس ۾ ڪراچي کان حيدرآباد کڻي آياسين پنهنجي پياري يار جي آخري سفر ۾ مان اڪيلو گڏ هُئس، اونداهي رستي تي، تيزي سان پوئتي ڊوڙندڙ منظرن سان، مُنهنجي دل و دماغ ۾ يادن جا منظر به پويان ڊوڙڻ لڳا، سليم سان دوستي جي ابتدا، آرڪيسٽرا وارو رنگين دور، ڪنهن وڏي زبردست پروگرام ۾ اسان جو گروپ اسٽيج تي، فُل سوٽ ۾ خوبصورت نوجوان جديد سازن تي مُدر دُهن وڄائي رهيا آهن ۽ سليم سڀني کان اڳيان مائيڪ هٿ ۾ جهلي طلعت محمود جو انڊين گانو ڳائي رهيو آهي.
    ”نه جاني کيسا، سفر هي ميرا،“
    آرڪيسٽرا ۾ روزانو پريڪٽس ڪندا هُئاسين، رات جو ڏهين کان پوءِ هيرآباد ۾ اسان جي گهر جي سامهون، فاروقي جي بنگلي واري گول پٿر جي سيڙهيءِ تي ويهي، سليم، عاشق علي ۽ مان ڪچهري ڪندا هُئاسين، سياري ۾ وري ڀر ۾ امير علي جي ڪُتر جي ڪارخاني ۾، ڳونڻيون وڇائي ويهي ڪچهري ڪندا هُئاسين، جتي مولابخش چانڊيو به ايندو هو، جيڪو ان وقت سنهڙو ڍگهو ۽ خوبصورت نوجوان هو ۽ هاڻ ته وڏا عروج ماڻيا اٿس، پيپلزپارٽي جو سينيٽر، وزير قانون ۽ هاڻ صوبائي وزير اطلاعات آهي، ماشا الله،
    هي اهو دور هو جڏهن تلهار اسان تمام شوق سان ويندا هُئاسين، مُنهنجي مڱڻي ٿيل هُئي، نور احمد، حميد ۽ ٻين دوستن سان دل واريون رهاڻيون ٿينديون هيون، هڪ ڀيري، عاشق علي، ڇوٽو ۽ مان اوچتو تلهار جو پروگرام ٺاهي نڪري آياسين، سليم جي بئنڪ ۾ ڊيوٽي هُئي، اسان هن کي ڪو نه ٻُڌايو هليا آياسين، تلهار ۾ نور احمد به ٽوڪيو ته توهان سليم کي ڇو ڪو نه وٺي آيا. خير رات جا اٺ ٿيا ته، اوچتو سليم اچي ٺڪا ڪيو، اسان کي سليم کي ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي، اسان هن سان معذرت به ڪئي پر سليم ڪاوڙيو ڪو نه، بلڪه چيائين، توهان مونکي ڇڏي سگهو ٿا پر مان توهانکي ڪڏهين ڪو نه ڇڏيندس.... پر اڄ هو واعده خلافي ڪري، اسان سڀني دوستن کي هميشه لاءِ ڇڏي هليو ويو ۽ پويان يادن جو انبار ڇڏي ويو هو. نانگا هائوس جون ڪچهريون، ٽارگيٽ بڻائڻ، سير ۽ سفر، انهن خوشي ۽ غم جي ڳالهين کي ياد ڪندا، اونداهي ۽ ر وشني جي وهڪري ۾ ترندا، حيدرآباد جي حدن ۾ داخل ٿياسين ته مسجدن ۽ عمارتن تي لائيٽون لڳل هُيون، اها رات ٻارهين ربيع الاول، عيد ميلاد النبي جي هُئي، مُسلمان حضور صلحم جي جنم مبارڪ جي خوشي ملهاءِ رهيا هُئا، پر اسان لاءِ هيءِ رات غم ۽ ڏُک جي اونداهي رات بڻجي وئي هُئي، جڏهن ته ڪُجهه ماڻهن چيو ته سليم تمام سڳوري رات لاڏاڻو ڪيو آهي، جڏهين بهشت جا دروازا کُليل هوندا آهن، هُن به جنت ماڻي آهي. سليم جنت ماڻي يا نه، اها ته خُدا کي خبر، پر اسان جي خاندان جي گهر ۾ قيامت برپا هُئي، خاص طور سليم جي امان، ڀينرون ۽ ادي زيب، دوزخ جي باهه ۾ سڙهي ۽ پچي رهيا هُئا، ادي زيب جي حالت خراب ٿي وئي هُئي. هن کي بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا هُئا، اسان جي امان ۽ سليم جي ماءُ جو سمورو وجود رک ٿي ويو هو، اسان کي ڀاءُ حَسن علي جي وڇوڙي کان پوءِ هي ٻيو وڏو ڪاپاري ڌڪ لڳو هو، جنهن سڀني جو اندر جهوري، ساڙهي رک ڪيو هو.... سليم جيڪو سُهڻو، شهزادو جوان هو، جنهن جي ترقي ۽ عظمتن جو سفر اڃان هاڻ شروع ٿيو هو، جيڪو يقينن هڪ سچو نيڪ ايماندار ۽ انسان دوست ۽ بهادر پوليس آفيسر هو، جنهن جي سوچ ترقي پسند، قومي عوامي هُئي، جيڪو يقينن تيزي سان منزلون طئي ڪندو، ڊي آءِ جي ۽ آءِ جي ٿئي ها، عوام ۽ مُلڪ جي خدمت ڪري ها، ڇا ڇا نه اراده هُئا، ڪيترائي خواب سجايا هُئا، پلڪن تي، اڄ اُهي اکيون، بي نُور بڻجي هميشه لاءِ بند ٿي ويون هُيون، عظمتن جي رستي تي اڃا پهرين وک رکي هُئي ته جيوت جو سفر ختم ٿي ويو هو. سليم جي تدفين وارو مرحلو به ڏاڍو دردناڪ هو، هن جي جنازي ۾ تمام گهڻا ماڻهو شريڪ هُئا، خبر ناهي ڪير ڪير ڪٿان جا ماڻهو اچي خراج عقيدت پيش ڪري رهيا هئا، اهڙو شهزادو جوان، مٽي ماءُ حوالي ڪرڻ تي، اندر سڙهي رهيو هو.
    غالب ياد آيو
    ”مقدور هو تو خاک سي پوچهون که اي لعيم
    توني وه گنج هائي گران مايه ڪيا ڪئي“
    ادي زيب، بابا ۽ امان جي گهر اچي رهي، ڪنول نيزار صاحب ۽ ادي شاهه سُلطانه جي گهر، اُنهن جي ٻن نياڻين، ايلسا ۽ جوليا ساڻ رهڻ لڳي، نيزار صاحب، مرحوم سليم کي ڏنل وچن کي نڀائيندي ڪنول کي پنهنجي نياڻين وانگر ئي سنڀاليو، جيڪو ڪجهه سندس نياڻي لاءِ وٺندا ۽ ٺهرائيندا هُئا، چاهي ڪپڙا هُجن يا سونا زيور ڪنول لاءِ به بلڪل اهڙا ئي هوندا هُئا.
    سال ڏيڍ کان پوءِ بابا ۽ امان کي، وري ادي زيب النساءِ جو گهر آباد ڪرڻ جو اونو ٿيو، ادي زيب پهرين ته ٻي شادي ڪرڻ کان انڪار ڪيو، پر پوءِ جڏهين سڀني هن کي سمجهايو تڏهين راضي ٿي. بابا جيڪو ڇوڪرو مُنتخب ڪيو، اهو سليم جي مُقابلي ۾ بلڪل مُختلف هو، سليم ته ترقي پسند، اينٽليڪچوئل آفيسر باوقار پرسنالٽي هو، جڏهين ته هي گُل محمد، گهريلو قسم جو سيڌو سادو نوجوان هو. گُل محمد اسان جي چاچا پيار علي جو وڏو فرزند هو. اسان جو سئوٽ انتهائي شريف النفس نيڪ، هر قسم جي بُرائي کان پاڪ، نرم دل ۽ ٻين کي ڪم اچڻ وارو سُلڇڻو جوان هو، اُهو ايڏو ته نيڪ خيال هو جو جڏهين ان کي خبر پئي ته بابا هن کي مُنتخب ڪيو آهي ته هو ڏاڍو خوش ٿيو جو پنهنجي ڏکويل سئوٽ جي درد و غم کي ونڍڻ ۽ ان کي خوشيون ڏيڻ جو موقعو مليو هو، گُل محمد گريجوئيٽ ته هو، پر جاب ڪو نه ملي هُئي، جلدي اسان جي ڀيڻ جو گهر وري آباد ٿي ويو، بابا ادي زيب کي مبارڪ ڪالوني ۾ بهترين بنگلو ٺهرائي ڏنو، گُل محمد کي به ڪاروبار ڪڍي ڏنو ۽ هو خوش گذارڻ لڳا، پوءِ هنن کي چار نياڻيون ٻيون به ٿيون،ڪنول سودو پنج ڌيئر هيون، پُٽ ڪو نه ٿيو، پر هي نياڻين سان ئي خوش هئا. وڌيڪ اولاد ڪو نه ڪيو. ڪنول جوان ٿي، ته اُن جي لاءِ رشتي جي ڳولا شروع ٿي، امان ۽ ادي زيب جو خيال هو مُنهنجو سالو سليم جنهن حيدرآباد ۾ اسان وٽ رهي سول انجنيئرنگ ڪئي هُئي، سليم امان جي ڀيڻ جو پُٽ هو، رضيه مُنهنجي گُهر واري جو ننڍو ڀاءُ، ۽ منهنجو سالو هو، گهر جو ڄاتل سُڃاتل شريف ڇوڪرو هو، امان ۽ ادي زيب مون کي سڏائي پنهنجي خواهش جو اظهار ڪيو، مون کي به اها تجويز پسند آئي، پوءِ مون ۽ رضيه گڏجي سليم جو خيال معلوم ڪيو، ماسي امينا ۽ چاچا غلام علي گولو، ته تمام خوش ٿيا جو انهن جو فرزند وڏي وڳر سان، پنهنجن سان ڳنڍجي رهيو هو، مُنهنجي لاءِ خوشي جو باعث هو، جو پنهنجي مرحوم دوست جي نياڻي جي خانه آبادي ۾ مُنهنجو به ڪردار هو، ڪنول جي شادي، نيزار صاحب ۽ ادي شاهه وڏي شان مان سان ڪرائي. هنن جي گهران رخصتي ٿي. ڪنول کي پنهنجي نياڻي وانگر رخصت ڪيو، جو انهن ئي هن کي پاليو هو. نيزار صاحب جيڪو وچن مرحوم سليم سان، هن جي زندگي جي آخري گهڙين ۾ ڪيو هو، اُنکي واقعي نڀايو هو.
    اسان جي چوٿون نمبر ڀيڻ، حميده بيگم هُئي، جيڪا سنهڙي ڊگهي سُهڻي ڇوڪري هُئي، ان جي لاءِ ڊاڪٽر اقبال جو رشتو آيو. ڊاڪٽر اقبال خوبصورت، خوشحال خاندان جو نوجوان هو، رشتو تمام مناسب هو، ان ڪري جلدي ان جي شادي ٿي، ٻه ٻار ٿيا، هڪ پُٽ هڪ نياڻي، تمام خوشگوار زندگي گذارڻ لڳا... ان کان پوءِ اسان جي پنجون نمبر ڀيڻ نيوين جيڪا تمام سادي،ٻالي بولي، گهٽ ڳالهائو ڇوڪري هُئي، ان جو رشتو هڪ بزنس مين، شوڪت علي خواجه سان ٿيو، انهن کي ٻه پُٽڙا ۽ هڪ نياڻي ٿي، اسان جي ڇهون نمبر ڀيڻ، سڀني ڀينرن ۾ ننڍي پر سڀني کان وڌيڪ خوبصورت هُئي، فرزانه، جيڪا بابا جي دادلي ۽ سڀني کي تمام پياري هُئي، اُن انٽر سائنس ۾ ڪئي، ميڊيڪل ۾ داخلا به ملي وئي هُئي، اُن جي لاءِ رشتو آيو، بزنس مين ڀيڻيويو شوڪت جو ننڍو ڀاءُ، ڊاڪٽر نوشاد علي جو، ڊاڪٽر نوشاد علي ظاهري طور خوبصورت ڪو نه هو، سانوري رنگ جو قبول صورت نوجوان هو، اُن جي مقابلي ۾ اسان جي ڀيڻ فرزانه بيحد حسين و جميل ڇوڪري هُئي، ڊاڪٽر نوشاد علي ظاهري طور ايترو خوبصورت نه هو پر باطني طرح سان وري ايترو ئي خوبصورت خيالن ۽ بهترين طبيعت جو نوجوان هو، اسان جي سڀني ڀينرن جا رشته مائٽن طئي ڪيا هُئا، ارينج ميرج ٿيندي رهي آهي پر ان لاءِ به ڇوڪرين جي راءِ ۽ انهن جي رضامندي به ضرور ورتي آهي. فرزانه جيڪا سڄي خاندان مان ماڊرن ۽ فيشن ايبل رهي آهي، ان کان جڏهين هن رشتي جي لاءِ پُڇيو ويو ته اُن به مائٽن جي مرضي کي اوليت ڏني. انهن جي شادي ٿي، ٻه پٽڙا اٿن، هڪ ڊاڪٽر ۽ ٻيو انجنيئر آهي، ٻئي آمريڪا ۾ اعليٰ تعليم پيا حاصل ڪن، هنن به خوشگوار مثالي زندگي گذاري آهي.
    اهڙي طرح اسان جا ڇهه ڀيڻويا هُئا، جن مان ٻه انجنيئر، ٻه ڊاڪٽر، ٻه بزنس مين هُئا، هيراآباد واري اسان جي اباڻي جاءِ تي، ڇنڇر ۽ آچر تي سڀ ڀائر ۽ ڀينرون، انهن جا ٻار گڏ ٿيندا هُئا، ميلو لڳندو هو، وڏي کُليل اڱڻ ۾، ڪُرسين، کٽن ۽ صندل تي سڀ مرد ڪچهري ڪندا هُئا، اندر ورانڊي ۽ ڪمرن ۾ جهولن ۾ سڀ ڀينرون ۽ امان رهاڻ رچائينديون هيون، ٻارن جو گوڙ ۽ راند به پئي هلندي هُئي، پوءِ وري جڏهين بابا مبارڪ ڪالوني ۾ بنگلو ورتو، ته وري اُتي به محفلون ٿيڻ لڳيون. ابتدا ۾ اسان سڀني ڀينرن ۽ ڀائرن جو پاڻ ۾ پيار ۽ قرب رهيو، اسان ڀائرن سان، ڀينرن جو پيار ايستائين رهيو، جيستائين اسين ڪنوارا هُئاسين، اسان جي سماج جي اها پِٽَ آهي، ڪيترو به پڙهيو لکيو خاندان هُجي، پر سَسُ نُنهن، نڻان، ڀاڄائي جو جهيڙو ضرور ٿيندو اسان ساڻ به ائين ٿيو، اول مُنهنجي شادي ٿي، ته صرف هڪ سال ۾ گهر مان مُنهنجا ٽپڙ گول ٿيا، پوءِ مُنهنجي ننڍي ڀاءُ حَسن جي شادي ٿي، ته اُن سان به ساڳي ڪار ٿي... اهو ته ٿيو اسان ڀائرن سان، پر اسان جي ڇهن ئي ڀينرن جو پاڻ۾ پيار ۽ اتحاد مثالي هو سڀ ڄڻيون گڏجي هر ڪم ڪنديون هيون، گُهمڻ ڦرڻ جا پروگرام به گڏجي ٺاهينديون هيون، ميلن، درگاهن تي شادين مُرادين ۾ سڀ گڏ، ساٿ ۾ هونديون هيون، برادري جا ماڻهون، اسان جي ڀينرن جي ٻڌي ۽ قُرب جا مثال ڏيندا هُئا...
    اهو سلسلو جيستائين بابا حيات هو، قائم رهيو، بابا جي وفات کان پوءِ ڪجهه اهڙا حالات پيدا ٿيا، اهڙا واقعات ٿيا، رنجشون ٿيون، ناراضگيون وڌيون، جو ڄڻ ته بند مُٺ کُلي وئي، اتحاد ٽُٽي پيو، سڀ ڇڙوڇڙ ٿي ويا، امان حيات هُئي، امان لاءِ اها صورتحال ڏاڍي گنڀير هُئي. امان بيمار ٿي پئي. امان کي جڏهين ڪو صدمو رسندو هو ته هڪدم ان کي موشن ۽ معده ۾ سور پوندو هو. هن واقعي جو تمام گهڻو اثر ورتو، اصل بستري داخل ٿي وئي، مون کي خبر پئي ته مان ويس، منصور به آيو، پر امان کي ملندڙ مسلسل ڏکن ڊاهي وڌو هو، امان روئندي رهي ۽ چوندي رهي ته قُربان علي تو ته مون کي سُک ڏنا، تون هليو وئين ته مون کان هي سڀ ڏٺو ۽ سٺو نٿو ٿئي، مون کي به پاڻ وٽ سڏائي وٺ، تون ته هليو وئين، مون کي اڪيلو ڪري وئين، بهرحال، امان جو درد اسان کان به ڏٺو نه پيو ٿئي، گهڻو ئي امان کي ڀاڪر پائي پيار ڪري سمجهايوسين ته امان اسان سڀ تو ساڻ گڏ آهيون، اسان سڀن جو پاڻ ۾ پيار آهي، اُن جو فڪر نه ڪر، سڀ ٺيڪ ٿي ويندو... پر افسوس جو ڪُجهه به ٺيڪ نه ٿيو، مسلسل درد و غم، ڏکن جي زخمن نيٺ امان جي اندر ۾ کاٽ هڻڻ شروع ڪيو. جوان پُٽ ڇوٽو جو موت، وري نوجوان ناٺي سليم جو انتقال، بابا جي وفات ۽ هاڻ هي گهريلو نااتفاقي امان کي ڊاهي وڌو هو... امان جو پنهنجو گهر، سڄو ڀريل تُريل وڏي اي ڪلاس جو بنگلو، جنهن ۾ نفيس قسم جو فرنيچر، تمام قيمتي سامان جيڪو امان سڄي زندگي ۾ گڏ ڪيو هو، بابا طرفان مليل اهوبنگلو جنهن ۾ منصور اسان جو ڀاءُ امان سان رهندو هو،
    بهرحال اسان جي پياري امان، جنهن زندگي جو وڏو حصو سُکن ۾ گذاريو هو، هاڻ آخر ۾ مليل ڏُکن نيٺ هن کي بيمار ڪري ڇڏيو. امان بيمار ٿي ته مان روزانو ويندو هُئس، پر امان جي طبيعت وڌيڪ خراب ٿيڻ لڳي ته مان سڄو مهينو امان وٽ اچي رهي پيس، منصور ۽ مان امان کي ڪراچي وٺي وياسين، وڏن ڊاڪٽرن کي ڏيکاريو، آغا خان هاسپيٽل جي ماهر ڊاڪٽرن کي ڏيکاريو، اُنهن تمام ٽيسٽون ڪرايون، ايم آر آئي، سٽي اسڪين وغيره تقريبن اسي هزار رپين جون ٽيسٽون ڪڍائي ڊاڪٽر کي ڏيکاريون، ڊاڪٽرن جي پوري ٽيم امان کي چيڪ ڪيو، تمام غور سان سڀ رپورٽون ڏٺيون ۽ پوءِ ڊاڪٽر اسان ٻنهي ڀائرن کي آفيس ۾ سڏائي جيڪو ڪُجهه اسان کي ٻُڌايو، اُن اسان جا پير ڪڍي ڇڏيا، اسان کي وائڙو ڪري ڇڏيو، حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو، ڊاڪٽر ٻُڌايو، بلڪه اطلاع ڏنو ته توهان جي امان هاڻ توهان وٽ صرف ڏيڍ مهيني جي مهمان آهي... هان! اسان ٻنهي ڀائرن جا وات ڦاٽي ويا، ڊاڪٽر صاحب هي توهان ڇا پيا چئو! ڊاڪٽر چيو افسوس جو اها حقيقت آهي اسان چيو، نه ڊاڪٽر ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي، ڪا غلطي ٿي آهي. رپورٽ غلط ٿي سگهي ٿي، اسان جي امان ته بظاهر بلڪل صحتمند آهي، صرف پيٽ ۾ ٿورو سور ٿو پوي، ٻيو ته ڪُجهه به ڪونهي، امان جي صحت ۽ چهرو ڏسو، اڇي ڳاڙهي لڳي پئي. هلي چلي پئي، بظاهر ته هوءِ بيمار نه پئي لڳي، ڪمزور به ڪونهي، ڊاڪٽر صاحب ڪا غلط فهمي ٿي آهي، توهان وري واپس کان ٽيسٽون ڪرايو، چڱي طرح چيڪ ڪريو، بس پيٽ ۾ ٿورو سور ٿو پوي، اها ته ڪا ايڏي وڏي بيماري ڪونهي جو امان صرف چند هفتن جي مهمان آ، پليز ڊاڪٽر صاحب توهان ٻين ڊاڪٽرن سان مشورو ڪريو، اسان ٻئي ڀائر ڊاڪٽر کي منٿون ڪندا رهياسين، پر ڊاڪٽر اسان کي خاموش ڪرائي چيو ته پُرسڪون ٿيو، حقيقت اها آهي ته توهان جي امان کي مادي جي اُها خطرناڪ ڪينسر آهي، جيڪا هزارن مان ڪنهن هڪ ماڻهو کي ٿيندي آهي، ان جي خبر تڏهين پوندي آهي، جڏهين اها سڄي مادي تي پکڙجي اُنکي جهڪڙي ڇڏيندي آهي، تڏهين مريض کي اول هلڪو سُور محسوس ٿيندو آهي ۽ پوءِ تيزي سان اهو سُور وڌندو آهي ۽ مهيني ڏيڍ ۾ مريض ختم ٿي ويندو آهي، اها واحد ڪينسر آهي، معده جي، جڏهن ٿيندي آهي ته مريض کي خبر ئي ڪو نه پوندي آهي، ڪو به سُور يا تڪليف محسوس نه ٿيندي آهي، جڏهين مڪمل معده مٿان ڇانئجي ويندي آهي، پوءِ معده اندر کاڌي پيتي جي نالين منجهه پُهچندي آهي، تڏهين مريض کي کائڻ پيئڻ کان پوءِ ٿورو سور محسوس ٿيندو، مريض بظاهر بلڪل ٺيڪ صحت مند نظر ايندو، هلندو چلندو رهندو، پر پوءِ جڏهين معمولي درد شروع ٿيندو، هر ڏينهن وڌنڌو ويندو، پنڌرهن ويهن ڏينهن کان پوءِ اهو شدت اختيار ڪندو، ناقابل برداشت ٿيندو ويندو، اسان مريض کي اُن سُور ۽ تڪليف کان بچائڻ لاءِ پين ڪلر ڏيندا آهيون، جنهن جو پاور هر روز وڌائڻو پوندو، آخري هفتي ۾ مارفين ڏيڻي پوندي آهي، جنهن سان مريض غنودگي ۾ هليو ويندو، هن جو جسم سُن ٿي ويندو، سُور جو احساس ڪو نه ٿيندو. اسان چيو هن جو ڪو علاج هوندو، آپريشن وغيره هتي نه ته ٻاهر ڪنهن ملڪ ۾ علاج ته هاڻ ڪينسر جو به ٿئي پيو. ڊاڪٽر چيو، مون توهان کي ٻُڌايو ته، هي واحد ڪينسر آهي، جنهن جي خبر اُن وقت پوندي جڏهين لا علاج حد تي پهچندي آهي. هن جو علاج دنيا ۾ ڪٿي به ناهي توهان پنهنجي تسلي لاءِ هي فائيل آمريڪا موڪلي اُتي جي ڊاڪٽرن کان راءِ وٺو. اسان کي اڃان به يقين نه پيو ٿئي، پوءِ ادا منصور اهو فائيل آمريڪا موڪليو، جتي ڊاڪٽرن جي بورڊ اُها ساڳي ڳالهه ڪئي ته هن جو ڪو به علاج ڪونهي، اسان امان کي هاسپيٽل ۾ داخل ڪيو، امان بظاهر ٺيڪ هُئي، امان کي اها ڳالهه ڪو نه ٻُڌائي، مان مسلسل امان سان گڏ هُئس، مونکي جام دُعائون پئي ڏيندي هُئي، اسپتال طرفان امان لاءِ نرم غذا رٻ وغيره ڏيندا هُئا، ته پاڻ ٻه چار چمچا مشڪل سان کائيندي هُئي، باقي زوري مون کي کارائيندي هُئي، چوندي هُئي، هيءِ مُئي الاهي ڪهڙي نُگري بيماري مون کي ٿي آهي، جيڪا جان نٿي ڇڏي، امان سڀني ٻارن کي دعائون ڏيندي رهندي هُئي، جيئن ڊاڪٽرن چيو هو بلڪل ائين هر روز امان جي طبيعت وڌيڪ خراب ٿيندي وئي. هاڻ ڪجهه به کائي نه پئي سگهي، پاڻي جا ٻه ٽي چمچا پيئاريندو هُئس ته اهي به ڏُکيا لڳندا هُئا، ڊرپ هر وقت لڳل هوندي هُئي، سُور وڌي وڃڻ جي دانهن ڪندي هُئي ته ڊاڪٽر پين ڪلر جو ڊوز وڌائيندا رهيا. ڪيئي سالن کان امان سُئي انجيڪشن هميشه مونکان ئي لڳرائيندي هُئي، چوندي هُئي گُلا ن جو هٿ هلڪو آهي. اسان لاءِ اها صورتحال ڏاڍي تڪليف داه هُئي ، امان کي لمحه به لمحه موت طرف ويندي ڏسندا رهياسين، هاڻ اڪثر غنودگي ۾ هُئي، هڪ مهينو ڪراچي آغا خان رهياسين، هاڻ مارفيا لڳڻ شروع ٿي هُئي، ڊاڪٽرن چيو هاڻ حيدرآباد گهر تي رکو، ٻيو ته ڪو علاج ڪونهي، بس اها ڊرپ ۽ مارفين اُتي ڏيندا رهو، حيدرآباد جي آغا خان هاسپيٽل ۾ کڻي آياسين، امان تقريبن بيهوش هُئي، صورتحال بلڪل اُها ئي هُئي، جيئن ڊاڪٽرن چيو هو، آخري هفتو هر روز دل جي رفتار گهٽجندي وئي، ڀينرون مسلسل قُرآن خواني ڪنديون رهيون. ڊاڪٽرن جيڪو ڏيڍ مهينو چيو هو، انکان هڪ ڏينهن پهرين امان وفات ڪئي ۽ اسان جي مٿان پناهه واري ڇت ڪري پئي، اسان کي ڏُک اهو هو ته امان آخري وقت رنجهه و غم ۾ رهي، امان جي وفات کان پوءِ تڏي تي جيڪي ماڻهو آيا هُئا، اُنهن ۾ ڪيئي غريب لاچار بيواهه عورتون به هيون، جيڪي ائين پيون روئن، ائين پيون ماتم ڪن جهڙوڪر انهن جي سڳي ماءُ وفات ڪري وئي آهي. انهن عورتن جيڪي ڳالهيون اسان کي اچي ٻُڌايون اسان کي به حيران ڪري ڇڏيو. امان جي زندگي جي هن پهلوءِ جي خبر پهريون ڀيرو پئي، هر غريب لاچار ۽ بيواهه عورت پنهنجا پنهنجا ڏک سور پئي ٻُڌائي ته ڪهڙين مشڪل گهڙين ، هن سخي عورت ڪيئن هنن جون مددون ڪندي هُئي. ڪيئي سالن کان مجبور ۽ لاچار عورتن کي باقاعده راشن وٺي ڏيندي هُئي، هر مهيني اُنهن کي خرچ ڏيندي هُئي، ڪيترين غريب ننڌڻڪين نياڻين جون شاديون ڪرايون هيون، ڪيترين بزرگ عورتن جا علاج ڪرايا، ڪن جي اکين جا آپريشن ڪرايا، ڪيترين بيواهه عورتن جي نياڻين ۽ ٻارن جي پڙهائي جا خرچ ڏيندي هُئي، چوندا آهن ته خيرات اهڙي طرح خاموشي سان ڪجي، جو هڪ هٿ سان ڏجي ته ٻي هٿ کي به خبر نه پوي. امان اهڙو ئي مثال قائم ڪيو هو. اسان گهر وارن کي به خبر نه هُئي ته هيترين غريب عورتن جي سار سنڀال لهندي هُئي، جڏهين وفات کان پوءِ تڏي تي انهن عورتن اچي جنهن طرح ڏُک جو اظهار ڪيو، جنهن نموني پيون روئن ۽ امان کي دعائون ڏين، ۽ چون پيون ته هي عورت فرشتو هئي، بهشتي عورت هُئي، هن ڪيئن مشڪل حالتن ۾ هنن جون مددون ڪيون، هن جي ڌر تان ڪڏهين به ڪو سوالي خالي نه ويو، ڪيئن ڏکويلن جا ڏُک سور ونڊيندي هُئي، گذريل مهيني تائين مهيني جا خرچ ڏئي پوءِ بيمار ٿي ڪراچي هلي هُئي، هو چون پيون ته هاڻ ڪير اسان جي مدد ڪندو، ڪيئن اسان جا ٻچا پلجندا. سان سڀ اُنهن جون ڳالهيون ٻُڌي حيران ٿياسين، اسان مان ڪنهن کي به خبر ڪا نه هُئي، امان جي هن سخاوت جي...
    بهرحال، امان جي وفات سان اسان جي خاندان جو ڪِلو به اُکڙي ويو. ۽ ڇت ڪري پيئي، اسان جو مضبوط مرڪز بابا ۽ امان هُئا. بابا کان پوءِ مرڪز امان هُئي، جنهن سان وري به جُڙيل رهياسين جتي ماءُ جهڙي مٺي ماکيءِ جو مانارو هو، جتي وري به اسان سڀ ڀائر ڀينر اچي مڙندا هُئاسين، اُهي بابا واري دور وارا ميڙا ۽ محفلون ته ڪو نه رهيا، پر امان جو وجود وري به سڀني کي ڇڪيندو هو. هاڻ اهو مرڪز اُهو ڪِلو به اُکڙي ويو، اهو ماکيءِ جو مانارو به ڪِري پيو ته سڀ ڪڻو ڪڻو ٿي ويا. اڌ صدي تائين قائم رهندڙ آشيانو ڊهي پيو، هاڻ سڀڪو پنهنجي مُنهن هو، هر ڪنهن پنهنجو ڪِلو جُدا کوڙيو هو، هر ڀاءُ ۽ ڀيڻ جا پنهنجا ٻار ٻچا وڏا ٿيا، ته هر ڪنهن پنهنجو مرڪز ٺاهيو. اهو ئي فطرت جو نظام آهي، گهر ٺهن ٿا، خاندان وجود ۾ اچن ٿا، مرڪز ۽ قلعه قائم ٿين ٿا، ميڙا مچن ٿا ۽ وري وقت سان گڏ سڀ وکرن ٿا، هڪ خاندان مان ڪيئي خاندان ٿين ٿا، اهو سلسلو ائين ئي هلي ٿو. لطيف سائين جي لفظن ۾:
    ”ڪڻا منجهه قرار هئا، هيڪاندا سنڱ سين،
    ڳاهي ڳاهه فراق جا ڪيا ڌارئون ڌار،
    نه ڄاڻان ٻيهار ڪير ملندو ڪنهن سين“
    اسان جي اباڻي مرڪز مان اسان ٽي ڀائر ۽ ڇهه ڀينرون هئاسين، نوَ (9) ڄڻا ۽ پوءِ نَوَ نوان مرڪز قائم ٿيا، هڪ ڪِلو، هڪ مرڪز اسان جو به جُهڙيو، مُنهنجو ننڍڙو خاندان، مان مُنهنجي شريڪ حيات رضيه، ۽ چار ٻار، اول ٻه نياڻيون، سنڌو ۽ سَدوري (جنهن کي جيما چوندا آهن) ۽ پوءِ ٻه فرزند سارنگ ۽ ساجن... اصل ۾ مون ۽ رضيه تڪليفون ۽ پريشانيون ٻه جام سٺيون هميشه غُربت ۽ تنگ دستي ۾ ئي گُذاريو. عام طور تي ڏٺو ويو آهي ته، خاندان جو وڏو فرزند ئي گهڻي عزت، مان ۽ مرتبو ماڻيندو آهي. وڏو پهريون پُٽ دادلو ۽ پيارو هوندو آهي، اهو گهڻي توجهه ۽ مُحبت سان گڏ مال ۽ ملڪيت به وڌيڪ ماڻيندو آهي، اهڙا ڪئي مثال ڏٺا آهن. ائين به ٿيو آهي جو وڏو دادلو پُٽ بگهڙي به ويندو آهي. عياشين ۽ بُرائين ۾ مال ملڪيت به وڃائي ويهندو آهي. بهرحال مان ڳالهه پيو ڪريان پنهنجي. مان به وڏو فرزند هُئس پر مون کي اهڙي ڪا به يادگيري ڪونهي، جنهن ۾ مون کي ڪا خاص توجهه يا اهميت ملي هُجي، اصل ۾ جڏهين کان سمجهه ڀريا ٿياسين، ته بابا کان هميشه اهو ئي ٻُڌوسين ته نياڻيون اول آهن، ڌيئر وڌيڪ پياريون ۽ اولين توجهه جون مستحق آهن، اُنهن کي ئي گهڻو پيار ۽ اهميت ملندي هُئي، اسان ٻارن جو پاڻ ۾ ڪو جهيڙو يا مسئلو ٿيندو هو ته بابا اسان جو ڏوهه نه هوندي به اسان ڇوڪرن کي ئي ڏوهاري چئي ڌڙڪا ڏيندو هو، ڇوڪرين جو بدلو کڻندو هو، بهرحال اهو سلسلو ايئن ئي هليو، وڏا ٿياسين، شاديون ٿيڻ شروع ٿيون، مُنهنجي شادي به بابا ۽ امان پنهنجي مرضيءَ سان ڪرائي، امان جي خواهش هُئي ته سندس غريب ڀيڻ جي سُلڇڻي ۽ گهريلو ڌيءَ کي پنهنجي نُنهن بنائي، هن گهر ۾ آڻي، پنهنجي هوندي ته هنن جي به خدمت ڪندي ۽ پنهنجي اچي خوشيون ماڻي، ڌاري نه. ٽيو خيال امان جو اهو هو ته، هنجي غريب ڀيڻ جيڪا تلهار ۾ هُئي، ان جي لاءِ مان هميشه لاءِ سهارو بنجي وينديس، اگهائي سگهائي يا ڏُکئي ويل ڪم ايندين، خير مڱڻي کان پوءِ بابا ۽ امان رضيه کي تمام گهڻو ڀائيندا هُئا، چار سال مڱڻي هلي، هر مهيني بابا يا امان تلهار ويندا هئا ته رضيه کي سون جا سِڪا، گنيون تحفي ۾ ڏئي ايندا هُئا، مطلب ته سندن مرضي مطابق رشتو ٿيو هو، ۽ پوءِ شادي به ڌام ڌوم سان ڪرائي وٺي آيا. رضيه ته اڳ ئي سُلڇڻي ۽ گهريلو ڇوڪري هُئي، هن ايندي شرط سڄي گهر جو انتظام سنڀالي ورتو، رڌپچاءُ رضيه ڪندي هُئي، اسان جو وڏو خاندان هو، ٻن ڀينرن جي شادي ٿيل هُئي اڪثر مهمان به هوندا هُئا، وڏي ڀيڻ شاهه سُلطانه ۽ نيزار صاحب جي پوسٽنگ اڪثر ٻاهر هوندي هُئي، اُتي سرڪاري رهائش به ملندي هُئي، پر هي هر هفتي ۾ ٻه ٽي ڏينهن حيدرآباد ۾ اسان جي گهر رهندا هُئا، ادي وڏي ۽ ٻار ته اڪثر اسان وٽ رهندا هُئا، رضيه روزانو ٻوڙ ڀاڄي ۽ ڍڳ مانين جا پچائيندي هُئي، رضيه کي شادي جي ٻي مهيني ڏينهن چڙهيا، چار پنج مهينن کان پوءِ سخت گرمي ۾ به ڪوئلن ۽ پرائمس جي باهه تي، وڏي پيٽ سان به ڍڳ مانين جا پچائڻ ٻه ٽي ٻوڙ رڌڻ هن جي ڊيوٽي هوندي هُئي، حالانڪه منهنجون ڀينرون به هُيون، پر تمام گهٽ هٿ ونڊائينديون هيون. صرف ڀيڻ حميده هن جي مدد ڪندي هُئي. اسان جي سماجي مرضن ۾ سڀ کان وڏو، پڪو ۽ پختو مرض آهي، نڻان ڀاڄائي ۽ سَسُ ۽ نُنهن جي اڻڀڻت نُنهن يا ڀاڄائي ڪيتري به سُٺي ڇو نه هُجي، پر ان جي ڪم مان ڪيئان ڪڍڻ، اَنجيون خاميون يا ڪمزوريون جهلڻ ۽ ان تي تبصرا ۽ طنزون ڪرڻ ضروري هوندو آهي. رضيه ويچاري جيڪا غريب گهر جي هُئي، دل و جان سان سڀ ڪم ڪندي هُئي، تڏهين به پئي ڊڄندي هُئي ته ڪا ڪمي نه رهجي وڃي، ڪا شڪايت هرگز نه ٿئي، پر تڏهين به، هن کي شاباس ڏيڻ بجاءِ ان مان خاميون نڪرنديون هيون... اسان جي گهر ۾ صرف مُنهنجو ۽ رضيه جو ڪمرو ئي هو جيڪو جُدا، پاسيرو هو، باقي ڪمرن ۾ سڀ ڀينرون ۽ ٻيا موجود رهندا هُئا، پوءِ اڪثر نيزار صاحب ۽ ادي شاهه اسان واري ڪمري کي استعمال ڪندا هُئا، يا نيزار صاحب جا مهمان يا آفيسر هن سان ملڻ ايندا هئا ته انهن کي به اسان واري ڪمري ۾ ويهاريندو هو، پوءِ رضيه ويچاري ڏينهن جو ڪاڙهي جهل ۾ به ٻاهر پئي دربدر ٿيندي هُئي، مان ته اڪثر ٻنين تي يا ٻاهر هوندو هُئس پر مان ايندو هُئس ته مونکي به ٻاهر ويهي انتظار ڪرڻو پوندو هو پر اسان ڪڏهين به شڪايت ڪا نه ڪئي. پر تڏهين به اسان کي گهر مان نيڪالي جي سازش شروع ٿي وئي، رضيه جي خلاف به امان بابا جي سوچ کي متاثر ڪيو ويو. رضيه ۽ مان تلهار ويا هُئاسين، ٻه ڏينهن رهي واپس آياسين مون پنهنجي ڪٻٽ کي کوليو ته هر شئي اُلٽ پُلٽ ٿيل هُئي، رضيه کان پڇيو ته هن ٻُڌايو ته هن جي الماري ۽ پيتي جا سامان به سڀ هيٺ مٿي ٿيل هُئا، پاڻ جي پر پُٺ ڪمري ۽ سامان جي تلاشي ورتي وئي آهي. ڪنهن اهو ڪم ڪيو هوندو، سواءِ ٻن ڀينرن جي ٻيو ڪو نٿو ڪري سگهي، رضيه مون کي منع ڪئي ته ڪنهن کي ڪُجهه به نه چئو، خوامخواهه مسئلو کڙو ٿيندو. اسان چُپ رهياسين... پر اسان جي خلاف محاذ کڙو ٿي ويو هو.ر ضيه کي پورا مهينا هُئا، اسان جي پهرين نياڻي سنڌو ڄائي، ستين ڏينهن اُن جي ڇٺي جي رسم هُئي، سنڌو نالو مُنهنجي پياري دوست سليم ڏنو هو، پر مُنهنجي ڀينرن کي پسند ڪو نه هو، اُنهن چيو اهو به ڪو نالو آهي، هنن سُميرا نالو تجويز ڪيو، بابا به ڇوڪرين جي راءِ سان متفق هو، اڃا اهو بحث هليو پي، ته سليم گهر ۾ داخل ٿيو، هن جي هٿ ۾ ڪيڪ هو، جنهن کي ٻنهي هٿن سان کڻي جهومندو نچندو آيو، اُن کي کولي جڏهين سڀني جي اڳيان ٽيبل تي رکيو ته اُنتي ”سنڌو“ نالو سنڌ جي نقشي مٿان لکيل هو، سڀني موجود ٻارن تاڙيون وڄايون ۽ اعتراض جي گنجائش نه رهي، پر دلين ۾ اعتراض، اختلاف جي دراڙ پئجي چڪي هُئي. سنڌو اڃا صرف هڪ مهيني جي هُئي، بابا اسان کي جُدا ڪرڻ جو فيصلو ٻُڌايو، بابا چيو جلد ڇوٽو جي شادي ٿا ڪرايون، نياڻيون به پرڻبيون رشتيداري وڌي پئي. گهر ۾ سوڙائي آهي، مهمان اچن ٿا ته تڪليف ٿي ٿئي، اڳ پوءِ جُدا ته ٿيڻو پوندو آهي، ان ڪري توهان جي لاءِ جُدا گهر مسواڙ تي ورتو آهي، توهان هاڻ اُتي شفٽ ٿي رهو ۽ زمين جو تنهنجو حصو به ڏهه ايڪڙ ڏيان ٿو، هاڻ پاڻ پنهنجو گهر ۽ ڌنڌو سنڀاليو.. مون اعتراض ڪيو ته، ايترو جلدي جدا نه ڪريو، اڃا سنڌو صرف هڪ مهيني جي آهي، رضيه به نئين ماءُ ٿي آهي، اڪيلي ڪيئن ڪندي، سال ٻن کان پوءِ جدا ٿينداسين، پر نه بابا ته سڀ انتظام ڪري ڇڏيا هئا، هن هيرآباد ۾ حامد منزل ۾ ٻه فليٽ مسواڙ تي ورتا هُئا، هڪ ٻن ڪمرن وارو جنهن ۾ نور احمد رهندو، اُن سان لڳ هڪ ڪمري وارو فليٽ اسان جي لاءِ هو، نور احمد به راضي هو، بهرحال ٻن ٽن ڏينهن ۾ ٽپڙ کڻي شفٽ ٿياسين، اسان کي هن وڏي گهر مان صرف هڪ هند بسترو هڪ ديڳڙي جيڪا به پراڻي ٽُنگ واري هُئي، ٻه ٽي پليٽون ۽ بس، زمين جيڪا بابا مون کي ڏني اها سڀ کان خراب، ڪلراٺي زمين هُئي، جنهن ۾ ٻه ٽي ايڪڙن ۾ جنگ هو، باقي پنج ڇهه ايڪڙ آبادي لائق هُئا، اها زمين بلڪل پويان، پُوڇڙ ۾ هُئي، جنهن کي ڪو به رستو نه هو، پرائي زمين منجهان گذري وڃڻون پوندو هو، خير اُن وقت ته ڪم کي هلايم پر پوءِ جڏهين اُن کي وڪڻڻ چاهيم ته ڪير به وٺڻ لاءِ راضي نه ٿيو، ڇاڪاڻ ته ان کي ڪو به رستو ڪونهي... خير اسان الڳ رهڻ لڳاسين پر سنڌو جي لاءِ کير گرم ڪرڻ لاءِ نه ٿانوَ هو، نه رڌ پچاءُ لاءِ ٻيو سامان، پوءِ سليم مون کي ٻه سئو رپيا اُدهار ڏنا ۽ اُن سان گڏجي قلعي تان ديڳڙا ، ويلڻ پاٽيا ۽ تئو وغيره وٺي آياسين، گاسليٽ جو چَلو به آندو، تڏهين ماني ٺهي. مان ابتدا ۾ مُشڪل دورن ۾ پنهنجي پڙهائي ڇڏي محنت مزدوري ڪندو هُئس، هميشه هنن جي ڪم آيس، پر جڏهين سٺو وقت آيو ته مونکي ڌڪي ڌار ڪيو ويو. اسان جي ڪُل زمين سٺ ايڪڙ هُئي، پر مون کي صرف ڏهه ايڪڙ ڏنائون، اها به خراب ڪلراٺي زمين، جيڪا اڌ ته غير آباد هُئي، بهرحال پوءِ ادا نور احمد سان گڏجي ٽائيم فوٽوز کوليو، زال جا زيور وڪڻي، گروي رکي اسٽوڊيو کوليو، جنهن ۾ به ابتدا ۾ ٻه ٽي سال ته رڳو نقصان ٿيو، ۽ پوءِ سخت محنتون ڪري جڏهين اسٽوڊيو کي ڪاميابي جي رستي تي آندو ۽ هاڻ جڏهين ڪجهه ڪمائڻ جو وقت آيو ته ادا نور احمد جي اعتراض تي، امان ۽ بابا زوري مونکي اسٽوڊيو ڇڏڻ تي مجبور ڪيو. وري به مون بزرگن جو چوڻ مڃيو، حالانڪه اسٽوڊيو کي ٺاهڻ ۽ ڄمائڻ ۾ مُنهنجي محنت ۽ جدوجهد وڌيڪ هُئي، پر مون امان بابا کي مان ڏنو، ٽائيم فوٽوز کي ڇڏي، وري واپس کان محنت ۽ جدوجهد ڪري سارنگ فوٽوز کي ٺاهيم... ان دوران اسان جي ٻي نياڻي جيما ڄائي ۽ پوءِ جڏهين سارنگ فوٽوز کوليم ته سارنگ ڄائو، تڏهين اسان حامد منزل کي ڇڏي، ٽنڊي ولي محمد ۾ حيدر منزل ۾ اچي رهياسين، پر ڏک جي ڳالهه اُها هُئي جو اسان جي گهر منهنجا ماءُ پيءَ ۽ ڀاءُ ڀينرن مان ڪير به ڪو نه ايندو هو، صرف منهنجو ڀاءُ ڇوٽو ايندو هو ۽ بس، امان بابا ڪڏهين به پُٽ جي گهر ڪو نه آيا.مان بيمار ٿيندو هُئس يا بار تڏهين به ڪير پڇڻ ڪو نه ايندو هو، ان حد تائين جو مُنهنجين معصوم ڀينرن جي ذهن ۾ به اسان جي خلاف زهر ڀريو ويو، جو ڪٿي ملندا هُئا، يا مان مهيني ڏيڍ امان جي سِڪ ۾ گهر ويندو هُئس ته ڪير به سڌي منهن ڪو نه ڳالهائيندو هو. مان هميشه امان جي پيار لاءِ بي اختيار ڇڪجي ويندو هُئس، بابا ۽ امان جي پيرن تي هٿ رکي هُنن کان ڪرده ناڪرداه غلطين جي معافي طلب ڪندو هُئس، امان ڀاڪر پائي چمي ڏيندي هُئي ۽ ويهڻ لاءِ چوندي، چانهه پياريندي هُئي، آخر ۾ دروازي تائين، دعائون به ڏيندي هُئي، باقي ننڍو ڀاءُ منصور ۽ ڀينرون ته سامهون ڪو نه ايندا هُئا، نه ڳالهائيندا هُئا، منهنجن گهر وارن کي مونکان به وڌيڪ نفرت مُنهنجي زال رضيه سان هوندي هُئي، حالانڪه بابا ۽ امان شروع ۾ هن کي ڪيڏو ڀائيندا هُئا، جڏهين مُنهنجن مائٽن اسان کي ڇڏي مڪمل بائيڪاٽ ڪيو هو. تڏهين مُنهنجا ساهُرا اسان کي ڪم آيا، مُنهنجي سَسُ ماسي امينا پاڻ اچي اسان وٽ رهندي هُئي، جڏهين ٻار ڄمندا هُئا ته اُها ۽ منهنجيون ننڍيون ساليون اچي رضيه جي مدد ڪنديون هيون. ماشا الله مُنهنجون ڇهه ساليون هيون، هر وقت ڪا نه ڪا اسان وٽ هوندي هئي. هڪ جي شادي ٿيندي هُئي ته وري ٻي ايندي هُئي، ٻار جي پئدائش تي ماسي پاڻ اچي ڪئي مهينا اسان وٽ رهندي هُئي، مون سارنگ فوٽو کوليو ته مان اڪيلو هُئس، ته منهنجو وڏو سالو سڪندر اچي مون وٽ رهيو ۽ ڪئي سالن تائين فوٽو گرافي جو دڪان سنڀالڻ ۾ مُنهنجي مدد ڪئي، ڀٽو کي ڦاسي آئي، شهر ۾ ڪرفيو لڳا ته مُنهنجو سُهرو ويچارو تلهار مان ان اٽو، سبزيون ۽ گوشت کڻي ايندو ۽ فتح چوڪ تي اچي بيهندو هو، جيئن ڪرفيو کُلندو هو، رڪشه ۾ سامان کڻي ايندو هو اسان جي گهر ۾ ۽ پوءِ وري ٻي ڏينهن ويندو هو واپس. مطلب ته اسان کي منهنجا ساهرا ڏاڍو ڪم آيا، باقي مائٽن ته ڌڪي ڌار ڪيو هو، اُهو به بغير ڪنهن ڏوهه گناهه جي، مُنهنجي ننڍي سالي روزينه ته پلجي وڏي اسان وٽ ٿي، مُنهنجي نياڻين وانگر هُئي، ڪيترا ماڻهو هن کي مُنهنجي ڌيءَ سمجهندا هُئا، اها وڏي ٿي ته هنجو مڱڻو ۽ شادي به اسان ڪرائي پنهنجي نياڻين وانگر پرڻائي رخصت ڪيو. سارنگ اسٽوڊيو تي به مان زياده تر وقت پارٽي جي ڪمن ۾ ڏيندو هئس، تنظيمي گڏجاڻيون اسٽوڊيو تي ٿينديون هيون، پارٽي فنڪشن ۽ پروگرام جتي به ٿيندا هُئا، مان فوٽو گرافي ڪندو هُئس، پوءِ ظاهر آهي ته پئسا ڪو نه ملندا هُئا، هارين مزدورن، شاگردن وٽ پئسا ته هوندا ڪو نه هئا، پروگرام لاءِ چندو ۽ فنڊ به اسان ڏيندا هُئاسين، ته فوٽوئن جا پئسا هوندا ئي ڪو نه هُئا، اهڙِ طرح مون اسٽوڊيو مان بلڪل ڪو نه ڪمايو بس گذر سفر به غريباڻو، ڪجهه زمين مان ڪجهه دڪان تان ٿيندو هو، پارٽي دوست ۽ ساٿي ايندا هُئا ته انهن کي به ماني ٽڪي کارائيندو هئس مُنهنجو گهر به مسواڙ تي هو. پوءِ جڏهين مبارڪ ڪالوني ٺهي رهي هُئي، مُنهنجن مائٽن اُتي بنگلا بُڪ ڪرايا، سڀني ڀينرن بنگلا بُڪ ڪرايا، مون وٽ پئسا ڪو نه هُئا، مان ماٺ ڪري ويٺو هُئس ته هڪ ڏينهن امان مون کي نياپو ڪري سڏايو، مان ويس ته هن بابا ۽ ڀينرن کان لڪي مون کي پنڌرهن هزار رپيا رمال ۾ ويڙهي ڏنا ته تون بنگلو نه ته فليٽ وڃي بُڪ ڪرائي، ۽ مون وڃي پنڌرهن هزار ايڊوانس ڏئي هڪ فليٽ بُڪ ڪرايو، جنهن جي قسط به ڪجهه مان ته ڪجهه امان ڏيندي هُئي، 1984ع ۾ اسان جو ٻيو فرزند ساجن ڄائو، 1992ع ۾ سارنگ اسٽوڊيو جي مالڪ مڪان دڪان خالي ڪرڻ جو ڪيس ڪيو، هو مال دار ۽ هلندي پڄندي وارو هو ۽ مان غريب ماڻهو، مُنهنجو وڪيل به مون جهڙو ابرو مڙس هو، ڪيس جڏهين فيصلي جي قريب آيو ته جج جو جيڪو سرشتيدار هو، اهو مُنهنجو پاڙيسري ۽ همدرد هو، سو اُن مون کي اچي ٻڌايو ته مالڪ مڪان چاليهه هزار ڏئي فيصلو پنهنجي حق ۾ ڪرائي رهيو آهي پر مون تنهنجي لاءِ صاحب سان ڳالهايو آهي، اُن کي منٿ به ڪئي اٿم، هو توکان ويهه هزار وٺي فيصلو تنهنجي حق ۾ ڪرڻ لاءِ راضي آهي، پر مون وٽ ويهه هزار ڪو نه هُئا، نتيجي ۾ مُنهنجي خلاف فيصلو ڏنو ويو، حالانڪه مون سان ناانصافي ٿي هُئي، مون کي اپيل جو حق به هو، پر حقيقت اها هُئي جو ويهه سال فوٽو گرافي ڪري، هاڻ مان به بيزار ٿي پيو هُئس، دل ڀرجي وئي هُئي، اهو ڪم به ڏاڍو ڏکيو هو، ڪڏهين ڪٿي ته ڪڏهين ڪٿي، شادين لاءِ ٻه ٻه ٽي ٽي ڏينهن پرديس ۾ ٻين شهرن يا ڳوٺن ۾ رهڻو پوندو هو، ٿاڻو بولا خان سَري، ٺٽو، بدين، يا ڳوٺن ۾ وڃي رهڻو پوندو هو، ۽ ڪئميرا کڻي ماڻهن جي پويان پيو هل، مطلب ته ڏاڍو محنت طلب ڪم هو. ۽ مان اڪيلو هُئس، مُنهنجي سالي سڪندر به شادي ڪري پنهنجو اسٽوڊيو تلهار ۾ کوليو هو، هتي مون وٽ نوڪر ڇوڪرا ڏاڍو نقصان ڪندا هُئا. مُنهنجو فرزند سارنگ جيڪو پڙهي رهيو هو، اُن کي مون چيو ته تون هن بزنس ۾ اچين ته پوءِ پاڻ وڏي پيماني تي صدر ۾ يا گُل سينٽر تي وڏو شاندار اسٽوڊيو ٺاهي ڪم ڪريون پر سارنگ چيو ته مان پڙهندس ۽ جاب ڪندس، اهو ڪم پسند ڪونهي، پوءِ مون فيصلو ڪيو اسٽوڊيو بند ڪرڻ جو، 1995ع ۾ سارنگ اسٽوڊيو ختم ڪري، اسان به لڏي مبارڪ ڪالوني ۾ پنهنجي فليٽ ۾ اچي رهياسين، ڪئمرائون مون وٽ هيون، اُتي يا شهر ۾ هلڪا پروگرام ڪندو هُئس، سنڌو نذرٿ ڪاليج ۾ پڙهندي هُئي، ته هُنجو هڪ رشتو آيو، جاويد خواجه، جنهن ڪمپيوٽر انجنيئرنگ ڪئي هُئي، خاندان به پڙهيل لکيل سٺا ماڻهو هُئا، اصل تلهار جا هُئا، سنڌو به راضي هُئي، ته مڱڻو ڪيوسين، ٻن سالن بعد جيما تي به سٺو رشتو آيو، اسماعيل خواجه بزنس مين ۽ زميندار هو ۽ خاندان به انتهائي مومن مذهبي ۽ نيڪ هو، جيما جو به مڱڻو ڪيوسين ۽ شادي به اول جيما جي ٿي ۽ سال کان پوءِ سنڌو جي شادي ڪئي سين، اهي ٻئي شاديون قرض کڻي ڪيونسين، وڏي افسوس جي ڳالهه اها ٿي جو منهنجا ماءُ پيءُ ۽ ڀينرون شادي ۾ ڪو نه شريڪ ٿيا، حالانڪه مان گهرن تي وڃي دعوت ڏئي آيو هُئس. صرف امان ۽ بابا جماعت خاني ۾ نڪاح تي آيا هُئا، اسان جي گهر ڪو نه آيا، ڇاڪاڻ ته، نيزار صاحب ادي شاهه وارا اسان کان رُٺل، ڪاوڙيل هُئا، اهي ڪو نه آيا، ته بابا امان ۽ ٻين ڀينرن هنن جو ساٿ ڏنو، اسان کي ڇڏي ڏنو. دراصل نياڻين جي شادين کان اڳ جڏهين مان ۽ رضيه گڏجي بابا ۽ امان جي گهر تي وياسين، هنن کي نياڻين جي شادين ۾ شرڪت جي دعوت ڏني سين تڏهين بابا حسب معمول اسان تي ڪاوڙيل رهيو، ۽ چيو ته اول تون ۽ تنهنجي زال ٻئي گڏجي وڃو نيزار صاحب ۽ ادي شاهه جي گهر، اُنهن کان مُعافي وٺو، انهن کي منٿون ڪريو، جي انهن توهانکي معاف ڪيو ته پوءِ اسان به شريڪ ٿينداسين ۽ واعدي مطابق توهانکي پنج لک رپيا نياڻين جي شادين جو خرچ به ڏينداسين، پر جي توهان ائين نه ڪيو، نيزار صاحب وارن معاف نه ڪيو ته پوءِ اسان به هرگز شريڪ ڪو نه ٿينداسين، مون گهڻو بابا کي سمجهايو ته اسان ڀائر ۽ ڀينر پاڻ ۾ وڙهندا ۽ پرچندا رهنداسين توهان وڏا آهيو سڀن سان هڪجهڙو رويو رکو سڀني سان پيار ڪريو، سڀني کي دعائون ڏيو، سڀني جي غم ۽ خوشي ۾ شريڪ رهو. پر بابا چيو نيزار صاحب وارن جا اسان تي وڏا ٿورا آهن، احسان آهن، اسان هنن کي ڇڏي توهان وٽ هرگز ڪو نه اينداسين.. تڏهين مون چيو بابا، مون هميشه توهان جي عزت ڪئي، هميشه توهان جو چوڻ مڃي مان رکيو آهي، توهان مُنهنجي شادي پنهنجي مرضي سان ڪرائي، مون قبول ڪيو، توهان مونکي گهر مان ڪڍيو، جدا ڪيو، مون سر تسليم خم ڪيو، توهان مون کي بيڪار زمين ۽ گهٽ حصو ڏنو مون اعتراض ڪو نه ڪيو، توهان مون کان ٽائيم فوٽوز ڇڏرايو، حالانڪه اُنتي منهنجو حق وڌيڪ هو پر مون توهان جو فيصلو مڃيو.. هاڻ وري به اسان کي بغير ڪنهن ڏوهه ۽ گناهه جي هنن جي اڳيان جهڪائڻ ٿا چاهيو. حالانڪه نيزار صاحب پنهنجي نياڻين جي شادي جي دعوت اسان کي ڪو نه ڏني، اسان شريڪ نه ٿياسين، تڏهن توهان سڀ اسان کي ڇڏي شريڪ ٿيا هُئا، اسان جي ڪري هنن کي ڪو نه ڇڏيو هو، اڄ وري به اسان کي ڇڏيو پيا، هنن جي ڪري، توهان وڏي نظر ڌاريو، سڀني ٻچن کي هڪجهڙي نظر سان ڏسو.
    افسوس جو بابا جن پنهنجي وڏي فرزند کي ڇڏي ڏنو، پنهنجين سڳين پوٽين جي شادين ۾ ڪو نه شريڪ ٿيا، ڏاڏا ۽ ڏاڏي نياڻين جي مٿي تي هٿ رکي دعا به ڪا نه ڏني... اسان جي سڄي خاندان بابا وارن کي ميار ڏني، پر بابا ۽ امان جي دلين ۽ دماغن تي اهڙو ڪو غلط اثر وڌو ويو هو جو انهن کي صرف نيزار ۽ ادي شاهه جي ڳالهه ئي درست نظر ايندي هُئي، بهرحال بابا جن نه شادين ۾ شريڪ ٿيا، نه پئسا ڏنائون مجبورن اسان پريشاني ۾ قرض کنيو جيڪو شادين جي ٻن مهينن بعد واپس ڪرڻو هو، ان لاءِ مجبورن، اسان کي پنهنجو گهر، وڪڻڻو پيو، فليٽ جيڪو وڏين ڪوششن ۽ ارمانن سان ورتو هو، مس مس پنهنجو گهر ٿيو هو، اهو وڪڻي قرض ڏنوسين ۽ اسان وري مسواڙ تي وڃي رهياسين. مان آئوٽ ڊور فوٽو گرافي ڪندو رهيس، ڪُجهه زمين مان ملندو هو مڙئي غريباڻون گذر سفر ٿيندو هو، سنڌو ۽ جاويد کي ٻه پٽڙا ۽ هڪ نياڻي ٿي، جاويد تعليم کاتي ۾ ڊي او هو، اُهي خوش هُئا، جيما ۽ اسماعيل کي به ٻه پُٽ هڪ نياڻي ٿي، اهي به خوشگوار زندگي گذارڻ لڳا، سارنگ ايم اي ڪئي ته اُن جي شادي جيڪا اڳ ئي طئي هُئي، مُنهنجي مرحوم ڀاءُ حَسن جي نياڻي سورٺ سان ٿي، اهي ۽ اسان گڏ رهڻ لڳاسين، مون زمين جو ڪجهه حصو وڪڻي هڪ گهر ورتو ۽ سارنگ جي شادي ڪرائي هُئي، سارنگ کي مولا ٻه پٽڙا عطا ڪيا، وڏي پٽ جو نالو مرحوم ڀاءُ جي نالي پٺيان علي حسن رکيو، ننڍي جو نالو سُهان علي آهي. اسان جو ننڍو فرزند ساجن جنهن سنڌ يونيورسٽي مان آئي ٽي ۾ انجنيئرنگ ڪئي. ماسٽر ڪرڻ لاءِ 2007ع ۾ لنڊن ويو، 2012ع ۾ هن ماسٽرز مڪمل ڪئي ته اسان چيو هاڻ اچ ته تنهنجي شادي ڪرايون، پر ساجن جي انٽرنيٽ ذريعي آمريڪا جي شهر ميامي ۾ رهندڙ هڪ اسماعيلي خاندان جي ڇوڪري ياسمين سان دوستي ٿي، حاڪم علي اصل ۾ ڪراچي جي ڪاٺياواڙي اسماعيلي خاندان جو هو، جيڪو پنجويهه سال اڳ ٻارن سوڌو آمريڪا لڏي ويو هو، هڪ پُٽ ۽ هڪ ڌيءَ ياسمين جن جي پئدائش ڪراچي ۾ ٿي هُئي، هو چار پنجن سالن جا هئا تڏهين آمريڪا هليا ويا هُئا، پوءِ اتي ئي ٻنهي ٻارن تعليم حاصل ڪئي هئي، ٻئي اعليٰ تعليم يافته هُئا، ياسمين ريڊيالاجي ۾ ماسٽرز ۽ ڊاڪٽرپٽ ڪئي هُئي، ان جي ميامي جي وڏي ميڊيڪل ڪاليج ۾ شاندار آفيسري جاب هُئي، ان جي عمر ٽيهه سال هُئي، شادي ڪو نه ٿي هُئي، تڏهين 2013ع ۾ هنن جي انٽرنيٽ تي دوستي ٿي. ياسمين جو والد پاڪستان ۾ به اسماعيلي جماعت ۾ ليڪچرار، داعي هو، آمريڪا ۾ به اهو ئي ڪم ڪيائين ۽ ان سان گڏ واچن، گهڙين جي شاپ به هُئي، تمام شريف نيڪ ۽ مذهبي فئملي هئي، بهرحال ساجن ۽ ياسمين ڳالهائيندا هُئا، فوٽو هڪ ٻي جا ڏٺائون، ٻنهي شادي جي باري ۾ سوچڻ شروع ڪيو، ياسمين جي والد به ساجن سان فون تي ڳالهايو، انهن جو پاڻ ۾ فيصلو ٿيو ته ڇوڪرو ۽ ڇوڪري هڪ ٻين کي ڏسن ۽ ملاقات ڪن پوءِ ڳالهه اڳتي وڌائجي ساجن اسان کي به اها ڳالهه ٻڌائي پوءِ جيئن ته ساجن وٽ آمريڪا جي ويزا ڪا نه هئي ۽ هو نٿي وڃي سگهيو، ان ڪري ياسمين پنهنجي والد سان گڏ لنڊن آيا. ساجن انهن کي رسيو ڪيو، هو هوٽل تي ترسيا هي پاڻ ۾ مليا، ڳالهه ٻولهه ٿي، ٻئي ڌريون مطمئن ٿيون، چار پنج ڏينهن لنڊن ۾ رهي واپس ويا. پوءِ ساجن اسان کي چيو ته توهان حاڪم علي کي فون ڪريو ۽ رشتي جي ڳالهه ڪريو، اسان آمريڪا فون ڪيو، حاڪم علي کان سندس نياڻي جو رشتو ساجن لاءِ گُهريو، هنن راضپو ڏيکاريو، پوءِ اسان ياسمين ۽ ٻين گهر وارن سان فون تي ڳالهايو، پوءِ طئي اهو ٿيو ته هو سڀ لنڊن ايندا، اسان به اُتي اچون، ٻنهي جي مڱڻي ڪريون، پر اسان کي ويزا ڪو نه ملي، ياسمين ان جا ماءُ پيءُ لنڊن پهتا، مقرر ڏينهن تي اسان انٽرنيٽ ذريعي شريڪ رهياسين ، هڪ ٻين کي ڏٺوسين پي، ٻنهي هڪ ٻئي کي رنگ پاتيون، ڪيڪ ڪاٽيو، گلن جا هار پاتا، ۽ حاڪم علي دعا ڪرائي، اسان سڀني هڪ ٻين کي مبارڪون ڏنيون، ڳالهايوسين، ساجن جي ڀينرن ڀاءُ جي مڱڻي جا گيت ڳايا، ڪنوار سان سڀني ڳالهايو، اهڙي طرح اها مڱڻي ٿي، ٻن ٽن ڏينهن بعد ياسمين ۽ سندس ماءُ واپس آمريڪا هليا ويا، باقي حاڪم علي پاڪستان آيو، ڪراچي ۾ هن جا ٻه ڀائر آهن، اُتي آيو، پوءِ اسان وٽ حيدرآباد آيو، اسان جا ٽي ڏينهن مهمان هُئا، حاڪم علي اسان ساڻ ملي خوش ۽ مطمئن ٿيو، اسان هنن سان ملي خوش ٿياسين ۽ مطمئن پڻ ته، اسان جو سُٺن ماڻهن سان رشتو ٿيو آهي. حاڪم علي اسان ساڻ ملي تمام خوش ۽ مطمئن ٿي واپس ويو، ڇو ته هو نياڻي جو پيءُ هو، فڪر مند هو ته آمريڪا ۾ کليل ماحول ۾ ڪٿي هن جي ڌيءَ غيرن ۾ يا ڪنهن غلط ماڻهن ۾ نه ڦاسي وڃي، سو ان لاءِ پنهنجي برادري جو اعليٰ تعليم يافته ۽ خانداني ڇوڪرو، جيڪو رهي به لنڊن جهڙي شهر ۾ ٿو ۽ اهو نوجوان به انتهائي شريف سمجهدار هُجي، جنهن سان خود حاڪم علي ملي ڪچهريون ڪري انتهائي مُطمئن ٿئي ۽ پاڻ پيو ساجن جون تعريفون ڪري ته بهت سمجهدار بچه هي. اسان به مطمئن ۽ خوش هئاسين، جو اسان کي به فڪر هئا ته لنڊن ۾ رهندڙ نوجوان ڪٿي ڪنهن اهڙين غير مذهبي ۽ آزاد خيال ڇوڪرين سان نه وڃي اٽڪي، سو اُن به پنهنجي برادري جي بهترين خاندان جي شريف نيڪ ۽ اعليٰ تعليم يافته ۽ بيحد خوبصورت ڇوڪري کي مُنتخب ڪيو هو، جيڪا ڳالهه اسان لاءِ به اطمينان بخش هُئي... بهرحال ياسمين ۽ ساجن جون پاڻ ۾ جيڪي ڳالهيون ٿيون، اُنهن ۾ ياسمين ۽ سندس مائٽن جو خيال هو ته، ساجن آمريڪا ۾ اچي شادي ڪري ۽ پوءِ آمريڪا ۾ هي رهن، ڇاڪاڻ ته ياسمين جي اُتي بهترين جاب آهي، ٻيو ته ياسمين جو پنهنجو ذاتي فليٽ به ميامي ۾ آهي، شادي کان فورن بعد ساجن کي آمريڪا جي سٽيزن شپ به ملي ويندي، پر ساجن اُنهن جي اها ڳالهه مڃڻ کان انڪار ڪيو، چيائين ته مون کي لنڊن ۾ رهندي ست سال ٿي ويا آهن، باقي ٽن سالن کان پوءِ مون کي يو ڪي U.K جي سٽيزن شپ ملندي جيڪا مان ڇڏڻ نٿو چاهيان، مون کي لنڊن وڌيڪ پسند آهي، شادي کان پوءِ پاڻ لنڊن ۾ رهنداسين، ٽن سالن کان پوءِجڏهين يو ڪي جي سٽيزن شپ ملي ويندي، پوءِ پاڻ سوچينداسين ته هتي رهون يا آمريڪا يا ڪئناڊا ۾ هلون، پر فل حال ياسمين کي جاب ڇڏي لنڊن ۾ رهڻو پوندو، ياسمين ساجن جو اهو شرط قبول ڪيو... حالانڪه هتي جا برصغير جا ڇوڪرا ته اهڙين ڇوڪرين جي تلاش ۾ هوندا آهن، جيڪي آمريڪن گرين ڪارڊ هولڊر هجن، ايڏي اعليٰ تعليم يافته ۽ بهترين جاب واري هُجي، جنهن جو پنهنجو ذاتي فليٽ هُجي اهڙي ڇوڪري جي طُفيل ڇوڪرن کي به فورن گرين ڪارڊ ملي وڃي. اهڙي ڇوڪري ڪنهن نصيب واري کي ملندي آهي. پر اسان جو ساجن جيئن ته هڪ خُود دار قسم جو غيرت مند ۽ سمجهندار ڇوڪرو آهي، هن اهڙي هر آفر ۽ لالچ کي نظر انداز ڪندي پنهنجي ٻانهن جي ٻل تي يو ڪي جي سٽيزن شپ وٺي ۽ پنهنجي زال کي پاڻ وٽ لنڊن ۾ رکندو.
    ساجن جي اهڙي فيصلي تي، ياسمين ۽ سندس مائٽ پاڻ وڌيڪ خوش ۽ مطمئن ٿيا، ته هي ڇوڪرو لالچي ڪونهي، بلڪه خوددار قسم جو غيرت مند ماڻهو آهي... خير جڏهين چند مهينن کان پوءِ شادي جو مرحلو آيو، تڏهين ڪئي تجويزون هيون، عام طور گهوٽ ۽ گهوٽيتا ڪنوار جي شهر ۽ گهر ڄڃ وٺي ويندا آهن. ان لاءِ اول ته اسان وٽ آمريڪا جي ويزا ڪا نه هُئي، اٺ ڏهه فرد ويزا وٺون هيڏا وڏا خرچ ڪري آمريڪا پهچون، اسان لاءِ مشڪل مرحلو، ٻي تجويز ته هو به لنڊن اچن، اسين اُتي وڃون ۽ لنڊن ۾ شادي ڪريون، ان لاءِ به اسان لاءِ ساڳيو مسئلو هو. ٽي تجويز، اُها هُئي ته لنڊن مان ساجن ۽ هتان ٻه ٽي ڄڻا آمريڪا وڃن ۽ اُتي نڪاح ٿئي... ساجن جي شديد خواهش هُئي ته، سندس شادي ۾ مٽ مائٽ، ماءُ پيءُ ڀائر ڀينرون سڀ شريڪ ٿين. آخر ۾ حاڪم علي، ياسيمن جي والد فيصلو ڪيو. عجيب ۽ ڪمال جو فيصلو ڪيو. اهڙو فيصلو، جنهن سان ساجن جا سڀ مٽ مائٽ به شريڪ ٿين ۽ اُنهن کي ڪا به تڪليف ۽ پريشاني به نه ٿئي، حاڪم علي چيو، اسان سڀ حيدرآباد ۾ اينداسين، هفتو کن اڳ ۾ حيدرآباد ۾ هوٽل تي اچي رهنداسين، پوءِ سڀ ريتون رسمون ۽ نڪاح مبارڪ ڪالوني ۾ انجام پذير ٿيندا. ميندي ۽ وناءُ ۾ حاڪم علي جا ڪراچي ۾ رهندڙ مائٽ شريڪ ٿيندا، ۽ نڪاح واري ڏينهن رات جو وڏو ڊنر اسان گهوٽيتن طرفان ٿيندو. اُن ۾ هُنن جا آمريڪا مان مٽ مائٽ ۽ دوست به اچي شريڪ ٿيندا، حاڪم علي اهو فيصلو اسان جي سهولت ۽ مڪمل شرڪت خاطر ڪيو هو... حالانڪه هو ڪراچي ۾ سندس وڏي ڀاءُ وٽ رهي شادي ڪري پيو سگهي ۽ اسان نڪاح لاءِ ڄڃ وٺي ڪراچي مان نڪاح ڪرائي اچون ها، پر هن شريف ماڻهو چيو ته توهان کي ٻه ٽي چڪر ڪراچي جا به نه لڳائڻا پون، اها تڪليف به ڇو ٿئي، اسان حيدرآباد ۾ اينداسين، پوءِ طئي اهو ٿيو ته حاڪم علي وارا پنڌرهن ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ ايندا، اُتي رهي پنهنجي تياري ڪندا، نڪاح کان ٽي ڏينهن اڳ هنن جي فيملي حيدرآباد ۾ انڊس هوٽل ۾ اسان جي طرفان بُڪ ڪرايل ٽن وي آئي پي سوٽس ۾ رهندا، ميندي ۽ وناءُ جي لاءِ ڪنواريتن کي جيما جي بنگلي ۾ اچي رهڻو هو، جتي ڪنوار ياسمين به رهندي تيار وغيره ٿيندي، اُتي ئي ميندي جو سڄو پروگرام ٿيندو، ٻي ڏينهن ونواهه به اُتي جيما جي بنگلي ۾ ٿيندو، گهوٽ کي وناءُ اسان پنهنجي گهر ۾ ويهارينداسين، نڪاح لاءِ ڪنوار تيار به جيما جي گهر ٿيندي، جتان پوءِ گهوٽ ڪنوار کي وٺي نڪاح لاءِ جماعت خاني ايندا نڪاح شام جو ڇهين بجي ٿيندو ۽ رات جو مبارڪ ڪالوني ۾ ئي وڏو ڊنر ۽ زبردست قسم جو ورائٽي پروگرام رٿيو ويو هو، جنهن ۾ ڪيترا فنڪار، لوڪ ڳائڻا ۽ ڊانس، راسوڙا ۽ ڏانڊين جو پروگرام ٿيندو، آخر ۾ گهوٽ ڪنوار جون لانئون به اُتي اسٽيج تي ٿينديون، آخر ۾ اُتان ئي ڪنوار جي رخصتي ڪرائي گهوٽ ڪنوار لاءِ بُڪ ڪرايل هوٽل ۾ اسپيشل هني مُون سوٽ ۾ هليا ويندا... ٻن ڏينهن بعد حاڪم علي وارا ڪراچي هليا ويندا، گهوٽ ڪنوار اسان جي گهر اچي ويندا ۽ پنجين ڏينهن حاڪم علي ڪراچي ۾ هڪ وڏي هوٽل ۾ اسان سڀني گهوٽيتن جي دعوت ڪندو، ظاهر آهي اسان لاءِ اهو سڄو پروگرام خوشي ۽ اطمينان جو باعث هو ۽ پوءِ ائين ئي ٿيو، پنڌرهن ڏينهن اڳ ساجن به لنڊن مان اسان وٽ آيو ۽ حاڪم علي جي فيملي آمريڪا مان ڪراچي پُهتي، جتي اسان وڃي هنن جو استقبال ڪيو، ياسمين کي پهريون ڀيرو ڏٺوسين ۽ ملياسين، چند ڪلاڪن کان پوءِ واپس اچي وياسين. سڄو پروگرام طئي ڪري آياسين... 28 ڊسمبر تي، حاڪم علي، سندس زال روبينا ڀاڀي، ياسمين ۽ اُن جو ڀاءُ رحيم حيدرآباد پُهتا، اسان انڊس هوٽل ۾ ڪمرا اڳ ئي بُڪ ڪرايا هُئا، پوءِ باقي تمام پروگرام ريتون، رسمون رٿابندي مطابق ٿيون، صرف ٿوري مُشڪل ۽ پريشاني، ميندي واري ڏينهن ٿي، ميندي کان هڪ ڏينهن اڳ، ياسمين ڪنوار کي فوڊ پائزن ٿي پيو، هتي جي پاڻي ۽ کاڌي هن کي ڊاهي وڌو، اُلٽيون ۽ موشن شروع ٿي ويا، اسان هن کي جيما جي گهر کڻي آياسين، مُنهنجا ٻه ڀيڻويا ڊاڪٽر نوشاد علي ۽ ڊاڪٽر اقبال ٻنهي مسلسل هتي موجود رهي هن جي ٽريٽ مينٽ ڪئي، ڊرپ وغيره لڳائي، اسان سڀ پريشان ٿي وياسين، رات جو ميندي جو پروگرام هو، ٻن پهرن تائين ڪو فائدو ڪو نه ٿيو هو، اسان سوچيو ته ميندي جو پروگرام ڪينسل ڪريون، پر پوءِ چئين بجي جڏهين ڊرپ مڪمل ٿي، تڏهين اُلٽيون ۽ موشن بند ٿي ويا، پر ڇوڪري ڪمزور ٿي وئي هُئي، هُن کي ميندي به ڪا نه لڳي هُئي، تيار به ٿيئڻو هو، ان لاءِ مون فيصلو ڪيو ته ميندي جو پروگرام تبديل ڪري، صرف اسان جي گهر تي گهوٽ سان رسمون ڪجن ۽ اُتي هي ٿورو راڳ رنگ ڪَجي، پر اُن وقت ياسمين مون کي چيو ته بابا پروگرام ڪينسل نه ڪريو، مان هاڻ ٺيڪ آهيان، ڪلاڪ ٻن لاءِ مان شريڪ ٿينديس، حالانڪه اسان گهڻو سمجهايو پر ياسمين ڏاڍي همت واري ڇوڪري هُئي، هن پلنگ تي ليٽيل رهي، ميندي لڳرائي، اُتي ئي ڪمري ۾ رات جو هن کي پارلر واري تيار ڪيو، ڪلاڪ ڏيڍ آرام به ڪرايو، ۽ پوءِ رات جو نَوين بجي ميندي جو پروگرام ٿيو، جنهن ۾ ياسمين ۽ ساجن کي ماءُ ۽ ڀينرون وٺي آڻي اسٽيج تي ويهاريو، سڀ رسمون ٿيون، ناچ گانا ٿيا، سڀني دل کولي مُرادون پوريون ڪيون، ياسمين کي ٻن ڪلاڪن کان پوءِ واپس آرام ڪرڻ لاءِ موڪليو. ٻي ڏينهن وناءُ به خير خوبي سان ٿيو، آخري ڏينهن نڪاح ۽ دعوت وارو پروگرام جيڪو واقعي تاريخي پروگرام ٿيو هو.


    ساجن جو نڪاح ۽ وليمون

    2 جنوري-2015!
    ساجن جو نڪاح ۽ وليمون

    ان پروگرام جي تياري لاءِ سارنگ ۽ سندس دوست، نُنهن چوٽي جو زور لڳايو هو، سڄو انتظام ماني، ڪيٽرنگ، ڊيڪوريشن سڀ ڪُجهه ڪراچي جي وڏي ۾ وڏي ڪيٽرنگ ڪمپني طرفان ٿيو هو، ٽينٽ وڏو خيمون اهڙو ته شاندار ڊيڪوريٽ ڪيو هو، جو ان ۾ داخل ٿيندي ائين لڳو جهڙو ڪر ڪنهن وڏي محل ۾ داخل پيا ٿيون، دبيز قسم جا ايراني قالين، آرام داه قسم جا صوفا سيٽ، بادشاهي انداز جو فرنيچر، ڪانچ جون ٽيبلون، بلوري ڪُرسيون مُغليه دور جي ڪراڪري ۽ ڊشز وڏا وڏا بجلي جا فانوس، شاهي جُهومر، لائيٽنگ جو اهڙو جديد انداز جو هر لمحه رنگ بدلجندڙ روشنيون، ڳاڙهيون، پيليون ۽ سايون ڪنهن مهل چانڊوڪي جو خواب ناڪ سمان، هلڪي هلندڙ موسيقي ، ماني جا ستاويهه آئيٽم، مُختلف نمونن جا ڊشز هُئا، چڪن، بيف، مڇي وغيره جا ڪيئي طرح تيار ڪيل لذيذ کاڌا، بوتلون ۽ آئيسڪريم تائين، ماني مڪمل طور ڪراچي مان تيار ڪري آندي وئي هئي، ڪافي جا دور آخر تائين بار بار هلندا رهيا، ماني کارائڻ وارا بيرا مڪمل ڊريس ۾، هر ماڻهو کي سندن ٽيبل تي کاڌو سَروَ ڪيو ويو، ڪنهن کي ڪا تڪليف يا پريشاني نه ٿي، ڊسيپلين سان، پُرسڪون ماحول ۾ ٻن هزار ماڻهن ماني کاڌي، ماني دوران لوڪ فنڪار هلڪي موسيقي پيش ڪندا رهيا، الغوزي جا مِٺا سُر جن فرحت بخش روح پرور ماحول پئدا پي ڪيو، ڊنر کان پوءِ ورائٽي پروگرام شروع ٿيو، جنهن ۾ مختلف فنڪارن فن جو مظاهرو ڪيو، لوڪ ڊانس گيت، راڳ رنگ، پيش ٿيا، اسان سڀني به ڊانس ۾ حصو ورتو، سڀ ڪَپلس جهوڙا جهوڙا ناچ ۾ شريڪ ٿيا، مون اڳ ڪڏهين به ڊانس ڪو نه ڪيو هو، اهو به وري بيگم سان گڏ اداڪاري ڪرڻ، مون کي زوري ڇوڪرين شامل ڪيو. ڪجهه منٽ ته مون به گاني ۽ ڊانس جي اداڪاري ڪئي پر پوءِ شرمائجي اڌ مان ڀڄي جان ڇڏايم، پر ٻين سڀني ڏاڍو انجواءِ ڪيو، خاص طور آمريڪا جي مهمانن شاندار جوهر ڏيکاريا.
    اڄ جي نڪاح ۽ ڊنر ۾ حاڪم علي وارن جا ڏيڍ سئو ماڻهون شريڪ هُئا، جن مان چاليهه پنجاهه مهمان آمريڪا مان خاص طور حيدرآباد آيا هُئا، باقي ڪراچي جا هُئا، آمريڪا مان آيل مهمانن ڏاڍو انجواءِ ڪيو، سنڌي لوڪ فنڪارن ۽ ثقافتي ڊريسن جي رنگا رنگي کي تمام گهڻو ساراهيو ويو، سنڌي ريتون رسمون حيرت سان ڏٺيون ۽ پسند ڪيون ويون، اسان ڪُنوار ياسمين جي لاءِ به سنڌي ڊريس ٺهرائي هُئي. ٽڪلين وارو گج، سُوسي جو پڙو ۽ اجرڪ جي پوتي مٿان ٿر واري لوئي آمريڪا مان آيل سڀني مهمانن کي به اسان تحفي ۾ اجرڪون، سنڌي ٽوپي، عورتن کي لوئيون ۽ لنگيون ڏنيون.
    ساجن جي شادي جي ان دعوت ۾ سنڌ جي ڪجهه عظيم رهنمائن شرڪت ڪري اُن کي تاريخي بنائي ڇڏيو هو. پاڪستان ۽ سنڌ جو مشهور ۽ مقبول رهنما جناب اياز لطيف پليجو، شهيد فاضل راهو جي فرزند مسلم ليگ (ن) سنڌ جي صدر جناب محمد اسماعيل راهو، عوامي تحريڪ جي سينيئر رهنما، سائين سيد عالم شاهه صاحب سڄي فئملي ساڻ شريڪ هئا، سنڌ جو ڀلوڙ لکيڪ محترم عُمر قاضي، ڊاڪٽر گُلزار جُماڻي، جناب انور علي پنجواڻي، جناب محمد اڪبر سمون، جناب قدير سومرو، سائين سيد قبول محمد شاهه جيلاني، مُحترم محمد اسماعيل سومرو عرف نانا ۽ ٻين ڪيترن شخصيتن، دوستن ۽ ساٿين شرڪت ڪري اسان جي هن پروگرام کي يادگار ۽ تاريخي بنائي ڇڏيو هو.
    شادي کان پوءِ گهوٽ ڪنوار هفتو هتي رهيا ۽ پوءِ هني مون ملائڻ لاءِ فرانس جي شهر پئرس روانا ٿيا، جتي پڻ ڪجهه ڏينهن رهيا ۽ پوءِ لنڊن ۾ پنهنجي گهر وڃي ٿانيڪا ٿيا.


    ”پراڻي مڌ ۽ ماکيءَ جهڙا يار“

    ”پراڻي مڌ ۽ ماکيءَ جهڙا يار“

    هيرآباد، ٽنڊو ولي محمد جتي مان پئدا ٿيس، اُنهن گهٽين ۾ رانديون رهي وڏو ٿيس، ٽنڊو ولي محمد ۾ چند پراڻا دوست اڄ به رهندا آهن، قدير سومرو، اڪبر سمون، مُنير ڀٽي، رفيق ڀٽي، اسماعيل سومرو عرف نانا، انهن دوستن سان اڄ به رابطو آهي، مان هفتي ۾ هڪ ٻه ڀيرا شهر ويندو آهيان، دوائون يا گهر جو ڪو سامان وٺڻ ته انهن يارن وٽان به چڪر ضرور لڳائيندو آهيان، ٽنڊو ولي محمد ۾ اڪبر سمون جيڪو راڄائتو ۽ تڏي جو مڙس ماڻهو آهي، اهو پنجاهه سالن کان پنهنجي اوطاق تي روزانو محفل مچائيندو آهي، جتي ٽنڊي جا پُراڻا دوست، جن مان ڪجهه لڏي قاسم آباد لطيف آباد يا بلديه ۾ هليا ويا آهن، اُهي به اڪثر ايندا آهن، سڀ رٽائر ۽ وانڌا آهن، پوءِ تقريبن روزانو شام جو اڪبر وٽ محفل مچائيندا آهن، ڪلاڪ ٻن لاءِ روح رهاڻ ڪندا آهن، اڪبر سمون جيئن ته وضعدار، راڄا ريت وارو مجلسي ماڻهو آهي، تڏي جو مان مرتبو رکڻ وارو، اهو هر ايندڙ دوست ۽ مهمان جي خواهش مُطابق خدمت ڪندو آهي، اسماعيل عرف نانا جنهن جو گهر ٽنڊي ۾ آهي، روزانو پنهنجي گهر مان پاڻ هٿن سان بهترين ڪڙڪ ايلائچي واري چانهه ٺاهي کڻي ايندو آهي، پيار سان سڀني کي پيئاري خوش ٿيندو آهي. سڀ دوست مُحبت ڪرڻ وارا، هڪ ٻي جا همدرد ۽ مدد گار آهن، اُتي به علمي ادبي ڪچهري ٿيندي آهي، هر موضوع تي، دين ڌرم، قوم وطن، سياست ۽ سائنس، بين الاقوامي حالتن تي به سير حاصل بحث مباحثا ٿيندا آهن، پارٽي جا حيدرآباد ۾ پروگرام ۽ فنڪشن ٿيندا آهن ته اسان سڀ گڏجي شريڪ ٿيندا آهيون، اڄ به سڀ قومي عوامي تحريڪ، پليجو صاحب جا ڪارڪن آهن، اڄ اياز لطيف پليجو کي پنهنجو ليڊر سمجهندا آهن، اڄ به کين يقين آهي ته سنڌ ۾ جيڪڏهن حقيقي پارٽي ۽ سچا ليڊر آهن ته پليجو صاحب وار اآهن، سنڌ جو مستقبل انهن سان وابسته آهي، اهي ئي اڳتي هلي سنڌ جي نجات جو وسيلو بڻجندا.


    ”واجهائيندي وطن کي“

    ”واجهائيندي وطن کي“

    مان هرگز اها دعويٰ نٿو ڪريان ته مون قوم وطن ۽ پارٽي لاءِ وڏا ڪم ڪيا، يا ڦاڙها ماريا آهن، ڪي وڏا ڪارناما انجام ڏنا آهن، نه هرگز نه، بس هڪ عام سنڌي ماڻهو وانگر زندگي گُذاري آهي، پنهنجي ڌرتي ۽ قوم سان وفادار رهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، دلي ذهني ۽ روحاني طرح پارٽي ۽ مظلوم عوام سان لاڳاپيل رهيو آهيان، جڏهين کان شعور آيو، تڏهين کان جيڪو وچن ويڙهيچن سان ڪيو، اُن کي نڀايو آهي، اُنتي قائم رهيو آهيان، 1968ع کان مُحترم حيدر بخش جتوئي، سائين جي ايم سيد ۽ رسول بخش پليجو صاحب جن کي پنهنجو رهبر ڄاڻي جيئي سنڌ تحريڪ سان وابسته رهيو آهيان، ون يونٽ خلاف تحريڪ کان ابتدا ٿي، نيلام بند ڪريو، لسٽون سنڌي ۾ ڇاپيو، هارين جا حق ڏيو جي جلسن جلوسن ۾ شريڪ رهيس، حيدرآباد ۾ ٿيندڙ احتجاجن کان شروعات ٿي، سن ۾ سائين جي ايم سيد جي سالگرهه ۾ ٻه ڀيرا شريڪ ٿيس، سنڌ يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ جلسن ۾ به ويندا رهياسين، 1975ع کان پوءِ جناب رسول بخش پليجو صاحب سائين جي ايم سيد جي ان نظريي سان اختلاف ڪري جدا ٿيا هئا، سائين جي ايم سيد جو فڪر هو ته في الحال صرف قومي جدوجهد ڪجي، پليجو صاحب اختلاف رکي جدا ٿيو ته قومي ۽ طبقاتي جدوجهد گڏوگڏ هلڻ گهرجي ان صورت حال ۾ اسان به مُحترم پليجي صاحب جي فڪر کي درست سمجهي اُن ساڻ وابسته رهڻ وارو رستو ورتو، سنڌي عوامي تحريڪ ۾ عملي طور شامل ٿي ڪم شروع ڪيو. اُن وقت پارٽي جا تعليمي ڪلاس ٿيندا هُئا، جن ۾ نظرياتي ڪتاب پڙهايا ويندا هُئا، باقاعدا ڪورس هوندو هو، ابتدا ۾ هلڪيون ڦلڪيون عوامي انقلابي ڪهاڻيون، چين، ويٽ نام ۽ روس جون ڪهاڻيون پڙهيون، پوءِ مائوزيتنگ، هوچي منهه، ڪارل مارڪس، لينن ۽ ڪم ال سنگ جا قول فڪر ۽ نظريا پڙهندا اُنهن کي سمجهندا ۽ تبصرا لکندا هئاسين، گورڪي جو ناول مان، قافلا شهيدون ڪا، دارو رسن ڪي آزمائش ۽ ٻين ڪتابن اسان جي دماغن جا ڪپاٽ کولي ڇڏيا هُئا، دنيا ۾ هزارن سالن کان اڄ تائين ڪهڙا نظام رائج رهيا، دنيا جي تاريخ، انقلابن جي تاريخ ۽ عظيم رهنمائن جي زندگي تي لکيل ڪتاب پڙهياسين، پڙهي اسان پڪا پخته ٿي، نظرياتي هٿيارن سان ليس ٿي، بٺيءِ مان پچي تيار ٿي نڪتاسين، مُنهنجو ڪاروبار ته فوٽو گرافي هو، پر اصل ۾ سارنگ فوٽو اسٽوڊيو پارٽي جو ٺڪاڻو به هو، جتي سڄي سنڌ مان ساٿي ڪارڪن ۽ ليڊر به ايندا هُئا، مونکي فخر آهي ته سارنگ اسٽوڊيو تي عظيم رهنمائن جو به اچڻ ٿيندو هو. محترم رسول بخش پليجو، سائين محمد ابراهيم جويو، شهيد محمد فاضل راهو، سائين عالم شاهه، ڊاڪٽر غفار قاضي، ڏاڏا قادر رانٽو، ماما عارب ڪيڙانو، جبل جاني، سائين شير خان لنڊ، محترم يوسف ڪيڙانو ۽ ٻيا ڪيئي ليڊر ڪارڪن ساٿي ۽ عالم اديب شاعر ۽ فنڪار به ايندا هُئا، اڪثر پارٽي جون گڏجاڻيون، تنظيمي ميٽنگون اسٽوڊيو اندر ٿينديون هيون، ڪيترين خفيه گڏجاڻين ۾ فاضل راهو، عالم شاهه ماما عارب به شريڪ ٿيندا هُئا، سنڌ ۾ هلندڙ تحريڪن دوران جلسن جلوسن ۽ احتجاجن جي رٿابندي ۽ حيدرآباد ۾ عملي ڪمن جي تياري سارنگ اسٽوڊيو ۾ ٿيندي هُئي، هتان ئي هدايتون اڳتي وينديون هيون، ٻين پاسان ايندڙ رپورٽون هتي اينديون هيون، پليجو صاحب وارا سينٽرل جيل ۾ هوندا هُئا، ته جيل مان هدايتون هتي اينديون هيون، جيل ۾ گهربل ڪتاب سامان وغيره هتان اچي جيل جا پوليس وارا کڻي اندر پهچائيندا هُئا، ان کان علاوه شهر ۾ پارٽي جو ڪم ۽ تنظيم سازي به ڪندا هئاسين، ٽنڊو ولي محمد ۽ ٽنڊو يوسف ۾ مضبوط تنظيم ۽ سرگرميون مثالي هيون، ان کان سواءِ تمام پارٽي فنڪشن، جلسن جلوسن جي فوٽو گرافي مان ڪندو هُئس، سڄي سنڌ ۾ جتي به پليجي صاحب جا پروگرام جلسا جلوس يا ريليون ٿينديون هيون، مان گڏ ويندو هئس، مان به قومي جذبن سان سرشار هُئس، وطن ۽ ماروئڙن جي خدمت ۾ خوشي محسوس ڪندو هُئس، حالانڪه شهرن ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ وڃڻ ٿيندو هو، جتي راتيون به رهڻيون پونديون هيون، ڏاڍيون تڪليفون ۽ پريشانيون درپيش اينديون هيون، تمام گهڻي جاکوڙ ڪرڻي پوندي هُئي، مُنهنجي هر پروگرام ۾ اها ڪوشش هوندي هُئي ته پروگرام جو هر سين هر لمحو فوٽن ۾ قيد ڪريان ان لاءِ مان سر دهڙ جي بازي لڳائيندو هُئس، ڪنهن به جلوس يا ريلي کي سڄي فُل ۽ وڏي ڏيکارڻ لاءِ اڀ ماڙ بلڊنگس يا وڏن وڻن تي يا ٽرڪن مٿان به چڙهي ويندو هُئس، ڪيترا ڀيرا حادثا به پيش آيا ۽ ڏاڍا ڌڪ به لڳندا هُئا، هڪ ڀيري ته مرندي بچيس، زخمي ٿي پيس، اها تاريخي ريلي هُئي هزارين بيل گاڏين جي، جنهن جي قيادت محترم حيدر بخش جتوئي، جناب رسول بخش پليجو، محترم حفيظ قريشي ۽ سائين عالم شاهه جن ڪري رهيا هئا، اها بيل گاڏين جي ريلي بٺورو کان دڙي تائين نڪتي هُئي، جيڪا ميلن تائين ڊگهي هُئي، اُن کي مڪمل ڏيکارڻ لاءِ مان هڪ وڏي وڻ جي چوٽي تي چڙهي ويس، ٻه چار فوٽو مس ڪڍيا ته منهنجو پير ٿڙي ويو ۽ مان مٿان کان هيٺ ڪري پيس، ڏاڍا ڌڪ لڳا پر شڪر جو هڏ بچي ويا، پر مون پرواهه نه ڪئي اُٿي وري ڪم کي لڳي ويس، بس جوش ۽ جذبو هوندو هو ته اهڙيون تصويرون ڪڍان جو دنيا وارا ڏسن ته سڄي قوم اُٿي کڙي ٿي آهي، اسان جا رهنما تصويرون ڏسي خوش ٿين ۽ داد ڏين، پئسن يا معاوضي جو فڪر نه هو جو قومي انقلابي ڪم ٿي ڪيم. هڪ ڀيري شاهه پور چاڪر ۾ محترم رسول بخش پليجو صاحب ريلي جي قيادت ڪري رهيا هُئا، ليڊر ٽرڪ مٿان بيٺل هُئا، مان ٽرڪ جي اڳيان کان پليجي صاحب وارن ڏانهن مُنهن ڪري اُبتو پوئتي هٽندو ويس، فوٽو ڪڍندو ته پويان ڪا کڏ هُئي، جنهن ۾ وڇي ڪريس، پليجي صاحب ڏٺو پي، مون کي ڪرندو ڏسي هو به پريشان ٿي ويو، مان ته فورن ڪپڙا ڇنڊي اُٿيس ته پليجي صاحب مونکي سڏ ڪيو ۽ خيريت پُڇي ته ڌڪ ته ڪو نه لڳو، ڌڪ معمولي هُئا، مون چيو ته سائين خير آهي، اهڙي طرح هڪ جذبي سان سالن جا سال پارٽي قوم ۽ وطن جي خدمت ڪندو رهيس، ظاهر آهي ساٿين وٽ پئسا ڪو نه هوندا هُئا، فوٽو به ڪو نه کڻندا هُئا، صرف اخبار ۽ پريس لاءِ ٻه چار ڪاپيون کڻي ويندا هُئا، باقي تصويرون مون وٽ گڏ ٿينديون رهنديون هيون، پوءِ جڏهين 1998ع ۾ سارنگ اسٽوڊيو بند ڪيم ته ٻه ٻوريون فوٽن جون هيون، جيڪي مون کڻي گهر تي رکيون، اهو پارٽي جو رڪارڊ هو، انهن کي گهڻو ئي مون ۽ مُنهنجي زال سنڀاليو پر هڪ ڀيري زبردست برسات پئي، اُن ۾ اسان جي فرنيچر ۽ سامان سان گڏ اُهي ٻئي ٻوريون به پاڻي ۾ پُسي خراب ٿي ويون، جنهن جو مون کي ڏاڍو ڏُک ٿيو هو......
    1998ع ۾ هارڊ اٽيڪ کانپوءِ سارنگ اسٽوڊيو ختم ڪيم ۽ اسان به لڏي مبارڪ ڪالوني هليا آياسين، مون کي ٻارن فوٽو گرافي جو مشڪل ڪم ڪرڻ نه ڏنو پر پارٽي جي حيدرآباد ۾ ٿيندڙ پروگرامن ۾ شريڪ ٿيندا رهياسين، مبارڪ ڪالوني ۾، مان غلام حيدر بابل، ڊاڪٽر گُلزار جماڻي ۽ ذوالفقار کوساڻي، جيڪي پُراڻا ساٿي هُئاسين، ڪم ڪندا رهياسين ٻه ٽي ڀيرا محترم رسول بخش پليجو صاحب کي گهرايوسين، جناب اياز لطيف پليجو 2013ع جي اليڪشن ۾ بيٺو ته اسان به زبردست ڪم ڪيو، اياز جون ڪارنر ميٽنگ ڪرايون، چانهه پارٽيون ڪيون ۽ بلديه جي پولنگ تان اياز کٽيو هو، ان کانپوءِ تازو 2015ع ۾ بلدياتي اليڪشن ٿيا ته محترم اياز لطيف مون کي ٽڪيٽ ڏني چيئرمين جي سيٽ جي پر مَنهنجي صحت اجازت نه ڏني ۽ مون معذرت ڪئي ته اياز مونکي چيو ته غلام علي سائين اسانکي سياست ۾ توهان آندو هاڻ وري پاڻ پوئتي ٿا هٽو، مون چيو ته سائين اسان سڀ گڏ آهيون ۽ هميشه ساٿ رهندو. پوءِ غلام حيدر بابل کي ٽڪيٽ ڏني، ڪراچي ۾ صفوران ڳوٺ وارو واقعو جنهن ۾ طالبان 45 اسماعيلين کي شهيد ڪيو ته سڀني کان اڳ هميشه جيان اياز لطيف پليجو صاحب احتجاج لاءِ ٻاهر نڪري پوري هفتي لاءِ علامتي بک هڙتال جو اعلان ڪيو، پريس ڪلب تي بک هڙتال ۾ اسان اسماعيلي به وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿياسين، اياز صاحب مبارڪ ڪالوني ۾ اچي اسماعيلي ليڊرن سان عذر خواهي ۽ همدردي ڪئي هُئي. هن وقت مُنهنجي عمر ستر 70 سال کن ٿيندي، 45 سالن کان مان پارٽي سان وابسته رهيو آهيان، مون کي فخر آهي ته اڌ صدي دوران لمحي لاءِ به پارٽي ۽ پليجي صاحب کان جُدا نه رهيو آهيان، تنظيم ۽ ليڊر شپ لاءِ عشق ۾ ڪمي نه آئي آهي. مون ڪڏهين بيوفائي جي باري ۾ سوچيو ئي ناهي، انهي دوران ڪيترائي ساٿي آيا ۽ ويا، مُنهنجي اڳيان نوان ڪارڪن آيا، سرگرم ٿيا، وڏي مقام تي پُهتا، پر پوءِ پنهنجي غلطين ۽ انائن جو شڪار ٿي واپس هليا ويا، ڪيترا عظيم پيارا ليڊر ۽ ساٿي گُذاري ويا، شهيد فاضل راهو، ڊاڪٽر غفار قاضي، يوسف ڪيڙانو، جبل جاني، حڪيم هاليپوٽو، شير خان لنڊ فيروز علي خواجه ۽ ٻيا جيڪي عظيم ماڻهو هئا، پر حياتي وفا نه ڪئي.
    مون کي خوشي ۽ اطمينان آهي ته مان ڪڏهين به پارٽي ۽ رهنما سان غداري نه ڪئي آهي ۽ نه ئي ڪڏهين مايوس ۽ دل برداشته ٿي ويٺس ۽ نه ڪڏهين دل ۾ مير آيو، ها ڪجهه پارٽي پاليسين ۽ فيصلن سان اختلاف رهيو پر پارٽي ليڊر شپ لاءِ محبت ۽ عقيدت هميشه قائم رهي، اهو ئي سبب آهي جو محترم رسول بخش پليجو صاحب مون کي هميشه پيار ۽ عزت ڏيندو رهيو، محترم اياز لطيف پليجو صاحب جڏهين به مليو آهي مُحبت ۽ عزت سان ملندو آهي. مُحترم اياز لطيف اڪثر موقعن تي اسان جي عزت افزائي ڪئي آهي، ڀريل جلسن ۾ يا گڏجاڻين ۾، اسان ڏانهن اشارو ڪري نالو کڻي چوندو آهي ته هي بزرگ آهن، جن اسان جي تعليم ڪئي آهي، هنن اسان کي سياسي رستي تي آڱر کان جهلي هلڻ سيکاريو آهي، اياز سائين چوندو آهي ته هي اسان جا سياسي استاد آهن، سچ ته ليڊرن طرفان اهڙو مان ۽ عزت اسان لاءِ وڏو اعزاز آهي، رهنما طرفان اهڙن خيالن سان اسان جو ڪنڌ فخر سان بُلند ٿي ويندو آهي ۽ محسوس ٿيندو آهي ته اسان جي زندگي سجائي ٿي آهي، قيادت طرفان اهو مرتبو اسان لاءِ وڏو سرمايو آهي، وڏو خزانو آهي، جيڪو دنيا وي مال ملڪيت کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ قيمتي ۽ انمول آهي، جيڪو اسان پنهنجي نيڪ عملن سان، سچائي ۽ عشق سان ڪمايو آهي، جيڪو اسان کي تاريخ ۾ هميشه زنده رکندو.
    اڄ به سڄي سنڌ جا پارٽي ليڊر ۽ پُراڻا ساٿي عزت ڪندا آهن، جڏهين به ملندا آهن ڏاڍي قرب سان ملندا آهن، هر پروگرام جي دعوت ڏيندا آهن، ويندا آهيون ته اڳيان عزت سان ويهاريندا آهن. اڃا به محترم اياز لطيف پليجو، محترم سائين عالم شاهه، جناب ماما عارب ڪيڙانو ۽ ٻيا، ڪڏهين ڪڏهين اسان جي گهر تي هلي ايندا آهن، محترم سائين عالم شاهه صاحب، صحت ٺيڪ نه هوندي به مهيني ۾ هڪ ٻه ڀيرا مون وٽ گهر ضرور ايندا آهن، مان به سائين جن جي مزاج پُرسي ڪرڻ ۽ مَڇي جو ڀت کارائڻ لاءِ کڻي ويندو آهيان، ڇاڪاڻ ته هميشه کان سائين ۽ سائين جي شريڪ حيات مرحومه، اسان جي گهر جو رُڌل مڇيءِ جو ڀت ۽ ٻوڙ ڏاڍو پسند ڪندا رهيا آهن ۽ جڏهين مرحومه حيات هُئي ته تڏهين اڪثر سائين فون ڪري چوندو هو ته بابا سڀاڻي آئون ۽ تنهنجي ڀاڀي اينداسين، مَڇي جو ڀَت کائڻ، اهو به اسان لاءِ وڏو اعزاز هو، هنن عظيم ليڊرن طرفان اڃا به هر پندرهين ويهين ڏينهن سائين پنهنجي فرزند، سيد رضوان علي شاهه کي چوندو آهي ته اڄ مون کي غلام علي وٽ وٺي هُل، اُن وٽ مون کي سڪون ٿو ملي ۽ مون کي چوندو آهي ته تو وٽان مون کي سچو پيار ملندو آهي، منهنجي دل چوندي آهي توهان وٽ اچڻ لاءِ، تون سچو ماڻهو آهين، تنهنجي مُحبت ۽ عقيدت سچي آهي. جناب رسول بخش پليجو ۽ شهيد فاضل راهو کان پوءِ سائين عالم شاهه صاحب سنڌ جو سچو محب وطن ۽ وفادار رهنما آهي، جنهن کي عوامي انقلابي تاريخ هميشه سُنهري اکرن ۾ ياد ڪندي، اهڙي عظيم ليڊر جي مون ناچيز لاءِ محبت ۽ عزت مُنهنجي زندگي جي سڀ کان وڏي حاصلات آهي ۽ سرمايو آهي.
    شايد اهڙن ئي انسانن لاءِ ڀٽائي صاحب چيو آهي:
    ”مون سي ڏٺا ماءُ جنين ڏٺو پرين کي“


    منهنجي خوابن جو شهر حيدرآباد

    منهنجي خوابن جو شهر حيدرآباد

    منهنجي خوش قسمتي آهي جو حيدر بخش جتوئي صاحب جي ان پسند واري سُهڻي شهر حيدرآباد۽ ان جي خوبصورت علائقي هيرآباد ۾ پئدا ٿياسين ۽ ان جي روڊن رستن ۽ گهٽين ۾ گهمندا ڦرندا، رانديون ڪڏندا وڏا ٿياسين.
    اسان جڏهين سمجهه ڀريا ٿياسين ته هيرآباد کي ويران ۽ اُداس ڏٺوسين، اڪثر ڇڏي ويل هندن جا خالي گهر، ڀڙڀانگ روڊ ۽ رستا ويران ڏٺا. هيرآباد جو اصلي حسن، جمال ڇا هو، اُهو اسان جي بزرگن اسان کي ٻُڌايو ته، ورهاڱي کان اڳ حيدرآباد ۽ هيرآباد جو ڇا ته شان هو، ڇا ته مان ۽ مرتبو هو، هيرآباد هندو عاملن جو جوڙيل خاص رهائشي علائقو هو، عامل زياده تر پڙهيل ڳڙهيل اعليٰ تعليم يافته هُئا، جيڪي وڏن سرڪاري عهدن تي فائز هُئا، انهن کان سواءِ ڌنوان سنڌورڪي هندو سيٺيا به هتي رهندا هُئا، هيرآباد کي باقاعده پلاننگ سان تعمير ڪيو ويو هو. وڏا وڏا روڊ ۽ سڌيون ڊگهيون گهٽيون، قطار سان جوڙايل شاندار محل ۽ ماڙيون ڇا ته خوبصورت جايون جوڙايون هيون، اُنهن گهرن ۾ آرام سُک ۽ آسائش جا سب انتظام هئا، سال 70 ۽ 71ع ۾ حميد سنڌي صاحب جي رسالي ”روح رهاڻ“ طرفان شهيد هوشو شيدي جي ورسي جي موقعي تي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي پنهنجي صدارتي تقرير ۾ چيو هو ته ”حضرات مون کي حيدرآباد سان ڏاڍي محبت آهي، مون کي ائين ٿو لڳي ته هي شهر منهنجي نالي حيدر جي پويان آباد ڪيو ويو آهي.جتوئي صاحب جي ان محبوب شهر جا سمورا گهر گرمين ۾ بيحد ٿڌا، هوادار ۽ روشن ته سياري ۾ وري گرم هوندا هُئا، گهرن مٿان منگ (بازيگر) هوندا هُئا، جن مان ٿڌي هوا هيٺ ڪمري ۾ پهچندي هُئي، ڪمرن ۾ وري دريون ۽ وينٽي ليٽر هُئا، جن مان هوا جو گذر ٿيندو هو، انهن جاين جون ديوارون اڍائي ٽي فٽ ٿليون هونديون هيون، جن تي نيرو (اڇي چن جو پلستر) ٿيل هوندو هو، جيڪو ٿڌو رهندو هو، ڪمرن جون ڇتيون به چاليهه فٽ مٿي هونديون هيون ته جيئن ڪمرن ۾ هوا گهڻي مقدار ۾ موجود رهي ۽ ڪمرا ٿڌا رهن، وڏا ڪشاده ڪمرا، ڊگها ورانڊا ۽ وڏا شاهي اڱڻ انهن جاين جي سونهن هُئا، ڪمرن ۾ شيشم جي ڪاٺ جو بهترين فرنيچر هوندو هو، ديوارن ۾ وڏا ڪٻٽ ۽ شوڪيس جن تي ڪاٺ جو شاندار ڪم ٿيل هوندو هو، جن جي وچ ۾ شيشي تي ديوين ۽ ديوتائن جون رنگين تصويرون لينڊ اسڪيپ ۽ سينريون اُڪريل هونديون هيون، غالب چيو آهي ته ” هر اک مکان کو شرف هي غالب مکين سي“ اهڙي ريت هيرآباد جي اِنهن خوبصورت محلن ۽ ماڙين ۾ رهندڙ ماڻهو به ايڏا ئي سُهڻا نازڪ نفيس ۽ باذوق هوندا هُئا، اسان جي بُزرگن ٻُڌايو ته گرمين ۾ روزانو روڊن ۽ رستن تي صفائي کان پوءِ پاڻي جي ڇٽڪار ٿيندي هُئي، شام ٿيندي هُئي ته هوا به ٿڌي ٿيڻ شروع ٿيندي هُئي، هيرآباد ٿڌين هيرن سان گڏ حَسين حُورن جي ڪري به مشهور هُئي، شام ٿيندي ئي حَسينن جا ٽولا چهل قدمي لاءِ نڪرندا هُئا، خوبصورت عاملاڻيون موتئي جا گجرا ٻانهن ۾ ۽ گلاب جا گل وارن ۾ لڳائي ٽهلنديون هُيون ته هيرآباد سندن بدن الائي گلن جي خوشبوئن سان مهڪڻ لڳندي هُئي، وڪٽوريا گهوڙي گاڏين ۾ فئمليون هوا خوري ۽ سير ڪرڻ لاءِ نڪرنديون هيون، چانڊوڪي راتين ۾ وري هيرآباد جو حُسن عجب رومان انگيز ۽ روح پرور منظر پيش ڪندو هو.... اهڙي طرح سڄي حيدرآباد شهر جو پنهنجو هڪ حُسن هو. خالص سنڌي انداز جو هي خوبصورت شهر هو. سول هاسپيٽل، تلڪ چاڙهي، ٽريننگ ڪاليج صدر ۽ ڪنٽومينٽ عامل ڪالوني وغيره جا علائقا سڀ سليقي ۽ سُونهن جا مثال هُئا تلڪ چاڙهي جي ٻنهي پاسن بهترين جايون، تلڪ چاڙهي هيٺ لهندي کاٻي طرف هندن جي دور جي ٺهيل کياني مينشن جهڙي خوبصورت عمارت مون ڪڏهن به نه ڏٺي جيڪا اڄ به موجود پر اُجڙيل ۽ ويران آهي ۽ هيٺ سينٽ بونا وينچر اسڪول جي بلڊنگ، تلڪ چاڙهي لهندي ڏکڻ ۾ سڌو روڊ، ڇوٽڪي گهٽي ۽ گاڏي کاتي کان ٿيندو ريلوي اسٽيشن پهچي ٿو. تلڪ چاڙهي کان هيٺ اولهه ۾ صدر ۽ ڪينٽومينٽ آهن اهڙي طرح گاڏي کاتي ۾ به عاليشان جايون آهن، ڪورٽ روڊ تي ويندي کاٻي هٿ تي، اولڊ ڪئمپس تائين محل ۽ ماڙيون آهن جيڪي اينٽڪس ۾ شامل هيون، حيدرآباد جون تاريخي جايون ۽ عمارتون به پنهنجو مثال پاڻ هيون، جيڪي هاڻي سڀ آثار قديم جو ڏيک ڏيئي رهيون آهن، حيدرآباد، جنهنجو اصل نالو نيرون ڪوٽ هو، هزارين ساله پراڻي تاريخي آهي، محمد بن قاسم ڀنڀور کان پوءِ نيرون ڪوٽ تي حملو ڪري راجا ڏاهر جي پُٽ کي شڪست ڏئي قبضو ڪيو هو. حيدرآباد جي سڀ کان پُراڻين ۽ قديم جايون پڪو قلعو ۽ ڪچو قلعو آهن، ڪلهوڙن ۽ ميرن جي دور ۾ اهو قلعو دارالحڪومت رهيو، پوءِ انگريزن مياڻي جي جنگ کٽي قلعي تي قبضو ڪيو ۽ ان ۾ سرڪاري ۽ فوجي اداراه قائم ڪيا، انگريزن جي دور تائين ته قلعو محفوظ رهيو، پر ورهاڱي کانپوءِ مهاجرن جا ڪٽڪ اچي ڪڙڪيا، جن شهر جي ٻين اهم ترين جاين تي قبضي کان پوءِ خالي پيل تمام سرڪاري پلاٽن، تاريخي عمارتن باغن مندرن وغيره کي به ڪو نه بخشيو، ماڪڙ وانگر اچي لٿا ۽ هر شئي کي تباهه برباد ڪندا رهيا. انهن پڪي قلعي کي به ڪو نه بخشيو، ڪاهي پيا اندر جاين ۽ پلاٽن تي قبضا ڪندا گهر ٺاهي رهڻ لڳا، قلعي اندر مضبوط ديوارن سان لڳ به گهر ٺاهيائون، نتيجي ۾ پاڻي جي سم سان ديوارن کي نقصان رسيو، ٻن ٽن جاين تان قلعي جي ديوار ڊهي اچي پٽ پئي، جڏهين ڪجهه سڄاڻ سنڌين هن تاريخي ورثي جي تباهي تي احتجاج ڪيو، تڏهين انتظاميه انهن قلعي ۾ رهندڙ مهاجرن کي لطيف آباد ۾ مفت پلاٽ ڏنا ته جيئن اُتي گهر ٺاهي وڃي رهن، پر افسوس انهن مهاجرن اهي پلاٽ وٺي وڪڻي کائي ڇڏيا، قلعي کي به ڪو نه ڇڏيو، اڄ به اهي قابض آهن، اسان جي هن عظيم ۽ باوقار ورثي کي تباهه و برباد پيا ڪن، مياڻي جي جنگ ۾ سنڌ جي عظيم بهادر جرنيل هوش محمد شيدي تاريخي نعرو هنيو هو ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“ ۽ دليري سان وڙهندي جان ڏني، شهادت ماڻي، عظمت ماڻي، جنهن کي پوءِ انگريزن خراج عقيدت پيش ڪري قلعي ۾ دفن ڪيو هو. سنڌ جي هن بهادر ۽ مايه ناز هيرو جي قبر جي اهي مهاجر بيحُرمتي پيا ڪن، قبر مٿان ڇيڻا پيا سڪائين. جتي ميرن جي حڪومت ۾ سندن توپون اڀيون هونديون هيون اڄ اتي قلعي ۾ مڪڙن جون گڏهه گاڏيون اڀيون بيٺل نظر اچن ٿيون. حيدرآباد جي پڪي قلعي جي سامهون هڪ شاندار محل ٺهيل آهي، جنهن کي مُکي هائوس چوندا آهن، شايد ڪنهن وڏي ڪروڙ پتي سنڌورڪي هندو ليڊر جو ٺهرايل ٿو لڳي. جيڪو لڏي ويو ته اهو محل سرڪار کي مليو، جنهن هن حسين و جميل محل کي ميونسپل جي ڪنهن اداري جي آفيس ٺاهي، سوين ملازمن ۽ عام ماڻهن لاءِ ڏئي ڇڏيو آهي. اڄڪلهه ان مُکي هائوس جي بُري حالت آهي، رنگ روغن ۽ مرمت کان سواءِ گند ۾ گڏيل آهي، در و ديوارون، ڌريون ۽ گئلريون سڀ پان جي ٿڪن سان ڳاڙهيون آهن، پري کان ان محل کي ڏسبو ته، اهي ٿُڪن جون پچڪاريون ائين لڳنديون جهڙوڪر هن حسين تهذيبي ورثي جي ڪُک ۾ کنجر هنيا ويا هجن، زخمن مان رت ريلا ڪري پيو وهي، اولڊ ڪئمپس جي بلڊنگ ۽ ٽاور جو حُسن به نرالو آهي، ان کان سواءِ سيشن ڪورٽ جي عمارت شاندار آهي، بسنت هال به ماضيءَ جي تعميري آرٽ جو سهڻو نمونو آهي، بسنت هال جي ڀر ۾ مٺارام هاسٽل به بهترين عمارت آهي، حيدرآباد ۾ ميرن، ٽالپرن ۽ ڪلهوڙن جا قُبا به مشهور تاريخي مقام آهن، سينٽرل جيل سان لڳ اولهه ۾ آزاد سنڌ جي عظيم حڪمران غلام شاهه ڪلهوڙو جي مزار آهي،
    اسان حيدرآباد جو ورهاڱي کان اڳ وارو جوبن ته ڪو نه ڏٺو هو پر صرف بزرگن کان ان حُسن و جمال جا داستان ۽ قصا ٻُڌا هُئا.
    ورهاڱي کان پوءِ اسان حيدرآباد ۽ هيرآباد جو حُسن لٽجندي ڏٺو، حيدرآباد کي تباهه و برباد ٿيندي ڏسندا رهياسين، حيدرآباد جي حُسن و جمال مٿان ٿيندڙ ظلم و ستم، گندگي ۽ جهالت جا حملا ڏٺاسين، حيدرآباد ۽ هيرآباد جي شاندار تعميرات مٿان وسندڙ هٿوڙن پارائين، جا زخم رسندي ڏٺا اسان پنهنجي عظيم الشان ورثي کي تباهه ٿيندي ڏٺو، اسان ڏٺو ته ڪيئن هي ڌاري مخلوق ايندي وئي، قيمتي خوبصورت جاين ۽ اثاثن تي قابض ٿيندي وئي، اول انهن کي گندو ۽ بيحُرمت ڪندا رهيا ۽ پوءِ هٿوڙن ۽ پارائين سان اسان جي وجود کي ڊاهڻ لڳا، هنن جا هٿوڙا اسان جي سينن تي وسندا رهيا، اهي زخم اسان جي دلين تي لڳندا رهيا ۽ اسان ڪجهه به ڪري نه سگهياسين، اسان جي قيمتي ورثي کي ڪير به بچائڻ وارو ڪو نه هو، نتيجي ۾ اڄ پنجاهه سالن کان پوءِ سڀ ڪُجهه ختم ٿي ويو. افسوس جو اسان جي آئينده نسلن واسطي ڏسڻ ۽ سمجهڻ لاءِ به ڪجهه ڪو نه بچيو آهي. هيرآباد جيڪو هڪ مڪمل رهائشي پرسڪون علائقو هو، جتي ڪو به ڪاروبار يا دڪان کولڻ جي به منع ٿيل هئي، اُتي اڄ اها حالت آهي جو اُهي محل ۽ ماڙيون ڊاهي ختم ڪري انهن جي جاءِ تي فليٽ ۽ پلازه دڪان ۽ مارڪيٽون ٺاهيون ويون آهن، هيرآباد جي پُرسڪون علائقي ۾ ڪارخانه، ليٽ مشينون گيرجون، گڊس ڪمپنيون، هوٽلون ۽ هر قسم جو گند ڪچرو آڻي هتي جي هر شئي کي تباهه ڪيو ويو آهي، هر روڊ رستن ۽ گهٽين ۾ قبضا ڪيا ويا آهن، اهڙي حالت آهي جو پنڌ هلڻ به مُشڪل آهي، سڄي شهر ۾ ايڏو ته آدم پيدا ٿي ويو آهي، ايڏي ته رش آهي جو اصل ڪلها گس لڳي پئي آهي. اسان جو شهر حيدرآباد هاڻ نه ته اهو پُراڻو شهر آهي ۽ نه هي هاڻ اسان جو شهر رهيو آهي، ٻولي وارن فسادن ۽ نسلي جهيڙن کان پوءِ سنڌي خاندان سڀ لڏي لطيف آباد يا قاسم آباد ۾ هليا ويا آهن، اسان پنهنجي هن اصلي پراڻي حيدرآباد تان هٿ کڻي ڇڏيو آهي، هاڻ اهو اسان لاءِ اوپرو بنجي چڪو آهي، هاڻ جڏهين ڪنهن ڪم سانگي شهر ۾ وڃڻ ٿيندو آهي تڏهين انهن پراڻن پاڙن، محلن ۽ گهرن کي ڏسي اندر ئي سڙي ويندو آهي. اُهي گهر جن ۾ اسين رهياسين، اُهي گهٽيون جن ۾ رانديون رهي وڏا ٿياسين، اُنهن جي بُري حالت ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي... ڇا ته اسان جو حيدرآباد شهر هو ۽ هاڻ ڇا بنجي چڪو آهي، هاڻ ته صرف اُن حيدرآباد جون يادون آهن.
    45، پنجيتاليهه سال اڳ، سنڌ جو عظيم ۽ حسين شهر حيدرآباد، جيڪو علم و ادب، تهذيب و تمدن، ثقافت ۽ سياست جو گهوارو هو، اسان جي سانڀر ۾، ون يونٽ خلاف تحريڪ قومپرستي جي اُٿندڙ لهر، حيدر بخش جتوئي لالا قادر، رسول بخش پليجو ۽ فاضل راهو جي قيادت ۾ ون يونٽ خلاف، نيلام بند ڪريو، لسٽون سنڌي ۾ ڇاپيو تحريڪون ۽ احتجاج، جلسا ۽ جلوس ۽ سنڌ جي بهادر نياڻي اختر بلوچ جو ميدان تي اچي بک هڙتال ۽ گرفتاري سان سڄي سنڌ ۾ ڀڙڪي اُٿيل قوم پرستي جي لهر ۽ پوءِ ون يونٽ جو خاتمو، اهو سڀ ڪجهه اسان جي اڳيان ٿيو هو. حيدرآباد ۾ علمي ادبي پروگرام به ٿيندا هُئا، راڳ رنگ ۽ ناٽڪ به ٿيندا هُئا. اسان جي علمي و ادبي اوسر بسنت هال ۾ ٿيندڙ حميد سنڌي صاحب جي رسالي روح رهاڻ واري سالياني جشن کان ٿي هُئي، جتي سنڌ جا عالم اديب شاعر ۽ دانشور شريڪ ٿيندا هُئا، سائين محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز، مولانا غلام محمد گرامي، حفيظ قريشي نياز همايوني، ع ق شيخ، مُراد علي، امداد حُسيني ۽ ٻيا اديب، شاعر دانشور ۽ ادب دوست شريڪ هوندا هُئا، بسنت هال کان ئي اسان کي علم و ادب کان آگاهي شروع ٿي. بسنت هال کان پوءِ جڏهين ادبي سنگت گاڏي کاتي جي منظور چيمبر ۾ مُنعقد ٿيڻ شروع ٿي، تڏهين اسين چند نوجوان مُحترم پليجي صاحب جا انقلابي ڪامريڊ هُئاسين ۽ اسان اُتي وڏا ڇتا بحث ڪندا هُئاسين، اُن وقت ادبي سنگت ۾ پيش ٿيندڙ مواد ڪهاڻي يا ڪنهن شعر ۾ مقصد جي ڳالهه نه هُوندي هُئي، قومي عوامي انقلابي ٽچ نه هوندو هو، صرف پيار وُ محبت يا انڌي عشق جي ڳالهه هوندي هُئي، ته اسان ڪامريڊ اُن ليکڪ تي ڏاڪا ٻڌي چڙهي ويندا هُئاسين، اُن لکڻي تي زبردست تنقيد ڪندا هُئاسين ته اسان جي قوم غلام آهي، عوام بکن ۽ ڏکن ۾ پيا مرن ۽ اسان عشق وُ محبت جون ڳالهيون پيا ڪريون، اسان کي عوامي انقلابي ادب جي ضرورت آهي، عوام کي سجاڳ ڪرڻ مُتحد ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان جا بابل جهڙا جذباتي نوجوان، جيڪي مائوزيتنگ جا قول” انقلاب ۾ ادب ۽ فن جي اهميت“ پڙهي ايندا هُئا، اهي جوش ۽ جذبات ۾ اُڀا ٿي ويندا هُئا ۽ ٽيبلن تي مُڪون هُڻي دليل ڏيندا هُئا. تڏهين وري اسان جا سينيئر اديب، جويو صاحب ۽ گرامي صاحب جن وچ ۾ اچي اسان کي ٿڌو ڪندا هُئا، ۽ چوندا هُئا ته بابا ادب ۽ فن برائي زندگي به هوندو آهي، صرف انقلاب نه، پر اسين مطمئن ڪو نه ٿيندا هئاسين، بهرحال منظور چيمبر کان پوءِ وري ادبي سنگت جون ڪچهريون ڊسٽرڪٽ ڪائونسل بلڊنگ ۾ ٿيڻ لڳيون، مطلب ته حيدرآباد هميشه علم و ادب جو مرڪز رهيو، علم و ادب جون انيڪ شخصيتون حيدرآباد جون رهندڙ هيون، جويو صاحب، گرامي صاحب، حيدر بخش جتوئي، نياز همايوني، رسول بخش پليجو صاحب، حفيظ قريشي، ڏيپلائي، حيدر علي لغاري، ع ق شيخ، مراد علي مرزا، حميد سنڌي، مدد علي سنڌي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، عبدالقادر جوڻيجو، امداد حُسيني، نصير مرزا، طارق اشرف، مُحترم دادي ليلا، زينت چنا، نور الهدا شاهه، جيجي زرينه بلوچ جهڙيون ۽ خيرالنساءِ جعفري عظيم هستيون هن شهر جون رهائشي هيون ۽ هُنن کي حيدرآباد سان اڪير هُئي، اسان جو هڪڙو دوست جيڪو حيدرآباد جو ته ڪونهي پر چوندو آهي ته ”حيدرآباد منافقن جو شهر آهي“ اهو سراسر ظلم ۽ غلط آهي، حيدرآباد ته پيار و محبت ڪرڻ ۽ ونڊڻ وارن جو شهر آهي. حيدرآباد ته حُسن جمال، امن و عشق جو گهوارو رهيو آهي، هن وقت ڀلي ڌارين جي قبضي ۾ اچي ويو آهي، ڌاريا اُن کي تباهه برباد پيا ڪن پر تڏهين به هي شهر اسان جو آهي، اسان کي پيارو آهي، ڪراچي وانگر اسان حيدرآباد تان هٿ ڪو نه کنيو آهي، هتي علمي ادبي ۽ سياسي سرگرميون به جاري آهن، يقينن وقت بدلجندو، حالتون اسان جي حق ۾ ٿينديون تڏهين وري اسان پنهنجي هن عظيم تهذيبي و تمدني ورثي کي بحال ڪنداسين.
    ”نيٺ ته ڊهندي ڪيسين رهندي دوکي جي ديوار“


    ”حيدرآباد جا باغ“

    ”حيدرآباد جا باغ“
    حيدرآباد ۾ جيڪي به باغ هُئا، ورهاڱي کان پوءِ اُنهن تي ناجائز قبضا ڪري ختم ڪيا ويا، ماضي ۾ حيدرآباد ۾ ٻه وڏا باغ هُئا ۽ ڪُجهه ننڍا. وڏن باغن ۾ راڻي باغ ۽ ڊولڻ داس پارڪ ڪاري موري هُئا، راڻي باغ ته قائم رهيو، باقي ڍولڻ داس پارڪ وڏو شاندار پارڪ هو، جيڪو ڍولڻ داس نالي زميندار جو ذاتي پارڪ هو، پر جيئن ته تمام زبردست قسم جو سهڻو باغ هو، جنهن ۾ گُلن ڦلن جا سوين قسم ۽ ميون جا وڻ به هُئا، ٻارن جي تفريحي لاءِ جولا ۽ سهڻا بئنچ وغيره به هُئا، هتي روزانو ماڻهو سير و تفريحي ڪرڻ ايندا هُئا، موڪل واري ڏينهن فئمليز پڪ نڪ ملهائڻ اينديون هيون، پر افسوس جو ورهاڱي کان پوءِ ايندڙ ڀائي لوگ قابض ٿي ويا، اول ڪچي آبادي ٺاهي هاڻي شهر ۾ شامل ٿي ويا آهن... هيرآباد جهڙي خوبصورت رهائشي علائقو هُجي ۽ ان ۾ ڪو به باغ نه هُجي! اهو ناممڪن هو. هيرآباد جي بلڪل وچ ۾ شاهه لطيف اسڪول جي سامهون اوڀر ۾ وڏو سُهڻو باغ هو، جنهن جي چوداري عاملن جا محل ۽ ماڙيون هُيون. پر افسوس جو پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اول ان باغ ۾ هڪ مسجد ٺهي پوءِ اُها وڏي جامع مسجد ٿي وئي، ڪجهه وقت کان پوءِ باقي بچيل باغ جي زمين تي وڏو مدرسو تعمير ڪيو ويو، اهڙي طرح باغ جو نالو نشان ئي گُم ٿي ويو، ڪيڏو نه ظلم ٿيو آهي، اسان سنڌين سان. ڪنٽومينٽ ۾ ٿڌي سڙڪ سان لڳ خوبصورت باغ هو پريم پارڪ جتي اڪثر پريمي جوڙا ايندا هُئا، جيڪي گهاٽن وڻن هيٺان گُلن جي وچ ۾ بئنچن تي ويهي پريت ونڊيندا هُئا اهو پريم پارڪ به حالتن جو شڪار ٿيو، هاڻ باقي ڪجهه حصو ان پارڪ جو بچيل آهي ۽ اڳوڻو حُسن ختم ٿي ويو آهي..
    سول اسپتال ۽ نور محمد هائي اسڪول جي اولهه ۾ هڪڙو ننڍو پارڪ هو، جنهن کي گنجو پارڪ چوندا هُئا شايد ان ڪري جو اُتي وڻ تمام گهٽ هُئا، صرف ڇٻر جا پنج ڇهه بلاڪ هُئا، ٻارن لاءِ جهولا وغيره هُئا، اسان کي اهو پارڪ ويجهو هو، ان ڪري اسان اُتي اڪثر ويندا هُئاسين گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري جي اندر بهترين باغ ۽ ٽنڊي يوسف طرف مير جو باغ هو، جنهن جي ماضي ۾ هاڪ هُئي، پر اُن کي به اها ساڳي بيماري کائي وئي، اڄ اهو به موجود ناهي، مُکي باغ به اهم هو، جنهن کي ختم ڪري اُتي آفندي ٽائون ٺاهيو ويو آهي.... هڪ مير باغ به هو، جنهن کي ايم ڪيو ايم وارن ختم ڪري اُتي هڪ اسپتال ٺاهي آهي، اهو باغ اسٽيشن جي سامهون مسافرن ۽ عوام کي آسائش ۽ آرام ڏيندڙ هو.


    ”حيدرآباد جون هوٽلون“

    ”حيدرآباد جون هوٽلون“
    حيدرآباد ۾ ڪجهه پراڻيون سُٺيون ڪيفي ۽ مشهور هوٽلون به هونديون هيون، جيڪي گهڻو ڪري بهائي مسلڪ جي ايرانين جون هونديون هيون، افسوس اهي سڀ جون سڀ ختم ٿي ويون آهن، هيرآباد ۾ اي ون A-1 one هوٽل هُئي، ننڍي پر شانائتي قسم جي هوٽل ۽ ڪيفي هُئي، جنهنجو پُرسڪون ماحول هوندو هو، تلڪ چاڙهي مٿان هڪ وڏي ايراني هوٽل هُئي، شيرازين هوٽل جنهن ۾ ماني چانهه ڪافي بوتل ۽ آئسڪريم وغيره سڀ ڪجهه هوندو هو، ان ۾ فئملي ڪئبن به هونديون هيون، جيڪي اسان جهڙن پريمي جوڙن لاءِ بلڪل موزون هُئي، تلڪ چاڙهي هيٺ صدر طرف پوليس لائين گيٽ جي سامهون، هڪ باوقار پُرسڪون ۽ شاندار ڪافي هائوس هو، ”ڪيفي جارج“ هو، هتي ماڻهو به باوقار ۽ سوڀر قسم جا ايندا هُئا، هن ۾ به فئملي ڪئبن هيون هتي جا پيٽيز ڏاڍا لذيز هوندا هئا. اها هڪ بهائي ايراني جي هُئي. حيدرآباد جي مشهور ”ڪراچي هوٽل“ صدر ۽ کوکر پاڙي جي وچ ۾ ريڊيو پاڪستان کي به ويجهو هوندي هئي، ڪراچي هوٽل، عالمن، اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن ۽ فنڪارن جي آماجدگاهه هُئي، هن هوٽل ۾ صُبح کان رات جو دير تائين اديب شاعر ۽ فنڪار لاهور جي ڪافي هائوس وانگر ڪچهرين ۽ بحثن مباحثن ۾ مصروف رهندا هُئا.
    فلم اداڪار مُحمد علي، مُصطفيٰ قريشي به ڪراچي هوٽل ۾ ايندا هُئا، انهن کان سواءِ راڳي محمد جُمن، ابراهيم ۽ سازنده وغيره ۽ خاص ڪري سيد صالح محمد شاهه ۽ عبدالحق بلوچ جهڙا وڏا فنڪار پڻ ايندا رهندا هُئا. گاڏي کاتي ۾ به هڪ وڏي ايراني هوٽل هُئي، شيزان هوٽل ۽ ان ۾ به هر وقت رش هوندي هئي. کوکر پاڙي سان لڳ هڪ ٻي به شاندار هوٽل هُئي. بُخاره جيڪا پڻ بهترين ڪلاس جي هُئي، بُخاره هوٽل جي ماني ۽ چانهه تمام مشهور هُئي، اها شايد سنڌي پٺاڻ خاندان جي هُئي.


    حيدرآباد جون ”بارون“

    حيدرآباد جون ”بارون“
    صدر ۾ رٽز هوٽل اندر بار هُئي. جتي پياڪ اچي اُڃ اجهائيندا هئا. گاڏي کاتي ۾ ونڊسر بار به هُئي، فارول ۽ ڪپٽل بار به هُيون، ان کانسواءِ مارڪيٽ ۾ به ٻه مئه خانه هُئا، هڪ ٽاور جي ويجهو انور بار جي نالي سان هو، ٻيو وري اناج مارڪيٽ ۾ هڪ مئي خانو هو، جنهن جو نالو ياد ڪونهي پر هاڻي مئه نوشي تي پابندي کانپوءِ اڪثر بار ۽ شراب خانه ويران ٿي ويا، بقول عظيم شاعر مخدوم محي الدين ”يه عمارت تو عبادت گاهه هي، اس جگهه ايک ميکده تها کيا هوا“ انهن بار جو پنهنجو هڪ ڪلچر هڪ روايت، هڪ حسن هو سو سمورو مليا ميٽ ۽ تالان والان ٿي ويو. رٽز هوٽل جي سامهون حيدرآباد جي سڀ کان وڏي ۽ وچ ۾ لان ۽ گلن ڦلن واري ايڊون بار هوندي هئي، جتي صرف اعليٰ ذوق جا سنجيده ۽ باذوق ميخوار ۽ مئه نوش ايندا هئا.


    ”حيدرآباد جا تعليمي ادارا“

    ”حيدرآباد جا تعليمي ادارا“
    گذريل صدي جي ابتدا کان سڄي هندستان ۾ تعليم خلاف مسلمان مولوين جي غلط پروپيگنڊا ته جديد تعليم يهودين ۽ عيسائين جي سازش آهي، ان مسلمانن کي وڏو نقصان رسايو، هندو انگريزن جي ان تعليمي پاليسي مان فائدو حاصل ڪري تمام اڳتي نڪري ويا ۽ مسلمان نوجوانن کي مولوي جهالت جي اونداهي ۾ ڌڪي تباهه ڪري ڇڏيو پوءِ ان صورتحال خلاف چند ترقي پسند محب وطن مسلمان ميدان تي آيا سر سيد احمد خان ۽ سر آغا خان جن وڏي جاکوڙ کان پوءِ اول مُحمدن ڪاليج ۽ پوءِ علي گڙهه يونيورسٽي جهڙا عظيم ادارا قائم ڪيا جن مسلمانن کي جديد تعليم طرف راغب ڪيو. مولوين جي اُن پروپيگنڊا سنڌ کي به نقصان رسايو پر پوءِ هتي به سنڌ ۾ ڪجهه مرد مُجاهد اُٿيا جن پنهنجي ذاتي ڪوششن ۽ ڪاوشن سان، جديد تعليم جا بنياد وڌا، جناب حسن علي آفندي، سنڌ مدرسي جهڙي عظيم الشان درس گاهه قائم ڪئي، جناب اُلهندو شاهه صاحب نوشهروفيروز ۾ مدرسو قائم ڪيو. محترم مير غلام محمد ٽالپر، ٽنڊي باگي ۾ عاليشان هاءِ اسڪول قائم ڪيو، محترم جناب نور محمد وڪيل حيدرآباد ۾ نور محمد هائي اسڪول جا بنياد رکيا. مخدوم غلام حيدر، هالا ۾ ڪاليج قائم ڪيو. اهي سمورا ادارا پاڪستان کان اڳ ۾ قائم ڪيا ويا. پاڪستان کان پوءِ تلهار لڳ سعيد پور جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ محترم قاضي محمد ابراهيم پاڻ غريب ماڻهو هو پر علم جو عاشق ۽ قوم جي ٻارن جو خير خواهه هو، پنهنجي خرچ ۽ همٿ سان اسڪول ۽ شاگردن لاءِ هاسٽل ٺهرائي ۽ هزارين ٻارن، نوجوانن جي زندگين کي سنوارڻ جو انتظام ڪري ويو، جيڪو اسڪول بعد ۾ ڪاليج جي سطح تي پهتو، حيدرآباد ۾ اسان جي سانڀر ۾ جيڪي تعليمي ادارا هُئا، اُنهن ۾ سڀ کان اول نور محمد هاءِ اسڪول، جنهن کي اسان ڏٺو ۽ ان ۾ ست سال 1962ع کان 1969ع تائين بهترين استادن کان پڙهيوسين. اسان جڏهين آياسين تڏهين غلام حُسين سومرو صاحب جن پرنسيپال هئا، چون ٿا ته سومري صاحب هن اسڪول کي عروج تي پهچايو هو، سومرو صاحب کان پوءِ نظاماڻي صاحب جن ڪجهه عرصي لاءِ پرنسيپال ٿيا، پوءِ وري سر آئر صاحب جن پرنسيپال ٿيا، سر آئر اڳ ۾ سائنس ٽيچر هئا، اسان جي چند سالن دوران جناب غلام حسين بالادي صاحب جن پرنسيپال رهيا. سر بالادي صاحب جن تمام قابل اُستاد بهترين ”منتظم هُئا، انهن کان سواءِ ٻيا چند قابل ۽ بهترين اُستاد هُئا، جن ۾ محترم محمد علي شيخ، سر آئر صاحب، سر محمد جُمن تُرڪ، سر وڪيو صاحب ۽ سر ڌرمداس ورياڻي جيڪو پوءِ ايم پي اي به ٿيو شامل آهن. هيرآباد ۾ ميران اسڪول ڇوڪرين جو آهي، نزرٿ ڪاليج به ڇوڪرين جو آهي، گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري تمام وڏو ۽ شاندار ڪاليج آهي، ان کانسواءِ مسلم ڪاليج، سچل ڪاليج، لياقت ميڊيڪل ڪاليج، گورنمينٽ هائي اسڪول، سنڌ لا ڪاليج، جامع عربيه هائي اسڪول، سٽي آرٽس ڪاليج، ماڊل اسڪول، سينٽ بونا وينچر، سنڌ يونيورسٽي ۽ اسرا يونيورسٽي، لمس LUMS، مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي وغيره آهن..


    ”حيدرآباد جون سينيمائون“

    ”حيدرآباد جون سينيمائون“
    اسان جي دور ۾ حيدرآباد ۾ ٽوٽل 11 سئنيما هيون، اُنهن ۾ ڪجهه تمام بهترين ۽ خاص وڏين فلمن هلائڻ ۾ مشهور هُيون، ٽوٽل سئنيما جا نالا هئا: فردوس، نيو مئجسٽڪ، راحت، شاليمار، شمس ڪئپيٽل، قيصر، نور محل، نشاط، ايلائٽ ۽ شهاب انهن ۾ انڊيا جون فلمون ۽ انگريزي فلمون به هلنديون هيون، اسان اهي پراڻيون انڊيا جون خاص ڪري ڪلاسيڪل فلمون زياده ڏٺيون، اسان جي ابتدا، علاؤ الدين جادوئي چراغ ۽ بهت دن هوئي، کان ٿي ۽ پوءِ اُهي سڀ فلمون، آن انداز ديدار آواره، داغ، محل، ميلا ۽ پاڪستاني فلمن ۾ ڪوئيل، سهيلي حميده وغيره، ان وقت مشهور انگريزي فلمون هيون، سيمسن ڊائلا، هرڪيولس، بينحُر، ڪبڙا عاشق، گليورس ٽرئيول، انگريزي مزاحيه فلمون به ڏسندا هُئاسين، جن ۾ چارلي چپلن، ٿري اسٽوجس، نارمن وزڊم مزاحيه اداڪار هوندا هئا، انگريزي فلمون گهڻو ڪري مئجسٽڪ سينيما ۾ هلنديون هيون. ان دور ۾ سينيمائن ۾ ڏينهن جو ميٽني شو به هلندا هُئا، سينيما جو گهٽ ۾ گهٽ ٽڪيٽ 9 آنه هو، جيڪڏهن فلم ۾ ڪو چٽپٽو سين ايندو هو ته اڳيان ويٺل 9 آنن وارا سيٽيون وڄائي داد يا بيداد ڏيندا ۽ سڄي هال کي مٿي تي کڻندا هئا، جيڪڏهن ڪا مشهور ڀارتي فلم لڳندي هئي مثلن، مُغل اعظم، آن وغيره ته شوقين رات جو ٽڪيٽ واري کڙڪي جي اڳيان بسترا وڇائي سمهندا هئا ته جيئن ٻي ڏينهن کين آرام سان ٽڪيٽ ملي، اڪثر ٽڪيٽون سينيما جا دادا مڪراني بليڪ تي وڪڻندا هئا. سئنيمائن تي جهيڙا جهٽا به جام ٿيندا هئا، پر هٿن سان لٺ، ڌڪا، وڌ ۾ وڌ چاڪو يا خُردم هلندا هئا. پسٽل، رائيفل بندوق جو نالو نشان به ڪونه هوندو هو، اهي جهيڙا صرف هيٺين ڪلاس جي ٽڪيٽن تي ٿيندا هئا.


    ”حيدرآباد جي بازار حُسن“

    ”حيدرآباد جي بازار حُسن“
    هُونءِ ته دنيا ۾ جسم فروشي جو سلسلو تمام پراڻو ۽ قديم دور کان هلندڙ آهي پر برصغير ۾ انگريزن باقاعده بازار حسن ۽ چڪلا قائم ڪرڻ جي اجازت ڏني. گُذريل صدي جي ابتدا کان برصغير ۾ اهي بازار حُسن ۽ بالا خانه قائم ٿيا، جيڪي پوءِ جلد ئي تهذيب تمدن، اخلاق و ادب جا ۽ پڻ فن جا مرڪز ۽ مهذب ادارا بنجي ويا، جتي هندستان جا وڏا راجا مها راجه ۽ نواب پنهنجين اولاد کي تعليم، تربيت، اخلاق و ادب سکڻ لاءِ موڪليندا هُئا، آگرو، لکنئو، دهلي لاهور ۽ ٻين شهرن ۾ اهي مشهور بالا خانه هوندا هُئا، بر صغير ۾ اهي بازار حُسن ۽ بالا خانه ادب فن موسيقي ۽ شاعري جون آماجدگاهون، بلڪه نرسريون هُيون، آگرو لکنئو، دهلي لاهور، ڪراچي ملتان ۽ حيدرآباد جون بازار حُسن پڻ فن و ادب جا گهوارا رهيا آهن، جن ماضيءِ ۾ عظيم فنڪارن کي جنم ڏنو، جن فن جي دُنيا کي مالا مال ڪري ڇڏيو، هندستان جي بازار حُسن ۽ بالا خانن وڏا فنڪار، آرٽسٽ اداڪار پيدا ڪيا. پاڪستان جي بازار حُسن به ڪئي عظيم فنڪار ڏنا هُئا. خاص طور ڳائڻ واريون فنڪارائون جن وڏو نالو ڪمايو: ملڪه پُکراج، اختري ٻائي فيض آبادي (بيگم اختر) ۽ پڻ مهناز جي ماءُ ڪجن بيگم بازار حسن مان آيون هيون، انهن کانسواءِ ڪيترن فنڪارن اداڪار/ اداڪارائن ڊانسر ۽ موسيقار هتان اچي آرٽ ۽ فن جي دُنيا ۾ ڪاميابيون ماڻيون.... اِنهن بازار حُسن ۽ بالاخانن تي تمام گهڻو لکيو ويو ۽ فڪشن ۽ افسانوي ادب جو وڏو ذخيرو تحرير ٿي چڪو آهي، سعادت حسن منٽو سڀني کان وڏو ۽ گهڻو لکندڙ افسانه نگار آهي، جنهن بازار حُسن جي مظلوم عورتن، انهن جي ڏکن ۽ مسئلن تي تمام بهترين افسانه لکيا آهن، ڪيتريون فلمون به بازار حُسن جي ڪردارن تي ٺهيون آهن، جن مان مزرا رسوا جي ناول تي ٺهيل فلم ”امرائو جان ادا“ تمام گهڻي مشهور ٿي. انگلينڊ جي هڪ انگريز ليکڪا، ڪُجهه سال اڳ لاهور جي بازار حُسن ۾ ڪيترائي مهينا رهي، هتي جي فنڪارائن، عورتن ۽ انهن جي حالتن ۽ مسئلن تي هڪ بهترين ڪتاب لکيو، جنهن جو نالو ”ڊانسنگ گرلز آف لاهور“ لاهور جون نرتڪيون“ آهي، بالاخانن جي ماحول، ادب و آداب، طريقه ڪار، انداز و عمل قائدن قانونن ۽ نتيجن تي وڏي ريسرچ مشاهدي ۽ تحقيق کان پوءِ لکيل هي هڪ عاليشان ڪتاب آهي.
    حيدرآباد جي بازار حُسن به، گذريل صدي جي اڌ کان پوءِ ڪئي عظيم فنڪار، فنڪارائون ۽ ميوزڪ ڊائريڪٽر پيدا ڪيا آهن. ڪيترن وڏن ماڻهن، سياستدانن، ميرن پيرن ۽ سيدن به حيدرآباد جي بازار حُسن جي حسينائن کي اپنايو، هم سفر بنايو ۽ اُنهن سان شاديون ڪيون... حيدرآباد جي هن بازار مان به چند نالي واريون فنڪارائون پيدا ٿيون، جن ۾ مهاپارا به حَسين عورت هئي، مهاپاراه ننڍپڻ ۾ سينٽ ميري اسڪول ۾ پڙهندي هُئي، جيڪا حُسن و جمال، نفاست و اخلاق ۽ وقار جو نمونو هُئي، مهاپارا مشهور فلم ڊائريڪٽر جناب اقبال يوسف سان شادي ڪئي ۽ ڪيترين سنڌي اردو فلمن ۾ هيروئن طور آئي. سندس پهرين ۽ ڪامياب فلم نوشهروفيروز هئي، جنهن ۾ پاڻ هيروئن ۽ مشتاق چنگيزي هيرو هو. ٻي هڪ بيپناهه حسين عورت هُئي، بابرا، جيڪا پوءِ سعيده جي نالي سان ڪيترين ئي سنڌي فلمن ۾ هيروئن جي ڪردار ۾ آئي. بابرا پنجاب جي سک خاندان مان هُئي، جنهن کي ورهاڱي جي فسادن دوران ننڍپڻ ۾ اغوا ڪري، بازار حُسن ۾ آندو ويو هو. ان کان سواءِ نيلي ۽ اداڪاره چڪوري به حيدرآباد جي بازار حُسن جون حورون هيون.....
    حيدرآباد جي بازار حُسن کي اسان پنهنجي اکين سان عروج تي ڏٺو، 1966ع کان 1972 واري نوجواني جي عمر ۾ اسان دوست ، راڳ گيت ۽ گانا ٻُڌڻ ويندا هُئاسين، بالا خاني تي ته وڏا وڏا رئيس، مير ۽ خان به ايندا هُئا ۽ نوٽن جون ڌستيون لُٽائيندا هُئا، پر اسان ته صرف پنجاهه يا سئو رپين ۾، ٽي چار گيت، غزل ٻُڌي دل پشوري ڪري ايندا هئاسين.. حيدرآباد جي بازار حُسن جا ٻه حصا هُئا، هڪ وڏو بازار حُسن ۽ بالا خانه جتي صرف راڳ رنگ، گيت ۽ موسيقي جون محفلون سجنديون هيون، اهو شيش محل هوٽل جي پٺيان هو ۽ ٻيو ننڍو چڪلو، شيش محل هوٽل جي سامهون اندر ٻه گهٽيون هيون، جن ۾ قطار سان ڪوٺيون، ڪمرا هُئا، جن ۾ کٽ اُن تي پراڻي چادر وڇايل، سامهون ڪنڊ ۾ پاڻي جي بالٽي ۽ لوٽو دروازي تي ميرو پڙدو لٽڪيل چانٺ جي پٽي تي ويٺل عورتون، جيڪي سُرخي ۽ سادو پائوڊر لڳائي، گراهڪن کي للچائي رهيون هونديون هيون، انهن عورتن ۾ زياده تر پٺاڻ ۽ پنجابي پرڪي ڪڇي ميگهواڙ ڪولهي يا هندو عورتون پڻ هيون، هن کي ماڪو چڪلو چيو ويندو هو، جتي صرف جنسي عمل جو واپار ٿيندو هو. هن ننڍي ماڪو چڪلي ۾ زياده تر غريب، مزدور ۽ هيٺين طبقي جا ماڻهو ايندا هُئا، جيڪي پنڌرهن ويهه رپين ۾ پنهنجي ضرورت پوري ڪري ويندا هئا، تمام سستي خرچ ۾ آرام سان پنهنجي اندر جي شيطان کي ماري ايندا هُئا. ۽ اهڙي طرح ڪيترن ئي مسئلن، مُونجهارن ۽ بيمارين کان بچي ويندا هُئا پر هاڻ بازار حُسن ۽ چڪلن جي بندش کان پوءِ حالت اها ٿي آهي، جو ماڻهو وحشي بڻجي ويا آهن، پنج ڇهه سالن جي معصوم ٻارن سان زيادتي ڪريو وري قتل ڪريو ڇڏين، مُرده عورتن کي قبر مان ڪڍي زنا پيا ڪن، پنهنجين نياڻي سان به زنا جا واقعا پيا ٿين، هي بازار حُسن ۽ چڪلا سڄي سماج جو گند بلڪه زهر پاڻ ۾ جذب ڪري هن معاشري کي صاف رکڻ ۽ ڪيترين خطرناڪ بيمارين، مرضن ۽ مونجهارن کان بچايو ڇڏيندا هُئا، چڪلي جون اهي عورتون جن کي طوائف ٿا چون ۽ سماج هنن کان نفرت ٿو ڪري، اهي عورتون در اصل ميونسپل جون ڪچري کڻڻ واريون گاڏيون آهن، جيڪي سڄي شهر جو گند ڪچرو، وحشانيت ۽ شيطانيت پاڻ ۾ کڻي، شهرن ۽ معاشري کي صاف سٿرو ٿيون ڪن، انهن کي ترقي يافته ملڪن ۾ Sex Worker چيو ويندو آهي.
    جناب ذوالفقار علي ڀٽو، مولوين ۽ نو ستارن کي خوش ڪرڻ لاءِ، ڀٽو مخالف نظام مصطفيٰ واري تحريڪ دوران 1977ع ۾ ريس ڪورس، بازار حُسن چڪلن ۽ شراب جي گُتن تي پابندي لڳائي وڏو ظلم ڪيو هو. انهن سان بُرائي ۽ گند هڪ ڪُنڊ ۾ گڏ ٿي ضايع ٿي ويندي هُئي، ان کانسواءِ بازار حُسن جيڪي فن ادب ۽ فنڪارن جا وسيلا هُئا اُهي به بند ٿي ويا، اهڙي طرح شراب ۽ گُتن تي پابندي جا به تمام خراب نتيجا نڪتا آهن، جو هاڻ هر مُحلي ۾ موکي جا مٽ پيا چڪائجن ۽ متارا ٽن ٿي گٽرن ۽ نالين ۾ پيا ڪرن ۽ الٽيون ڪن ۽ حقيقي ميڪشن ۽ مئخوارن جي ساک پيا خراب ڪن.
    اڄ حسن و جمال ۽ مئڪشي و مئه نوشي تي پابندي سبب علم، ادب، آرٽ جي دنيا ويران ۽ ڀڙپانگ آهي،
    ”نه سي وووڻ وڻن ۾ نه سي ڪاتياريون
    پسيو بازاريون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي.“


    ”ويٺي جنين وٽ ڏکندو ڏور ٿئي“

    ”ويٺي جنين وٽ ڏکندو ڏور ٿئي“
    منهنجا دل گهريا دوست

    اسان جي هن برادران يوسف واري سماج ۾ جنهن لاءِ شيخ اياز چيو آهي ته ”ماڻهوءَ جو ڪو به دوست مستقل نه آهي، پر رڳو هن جا مفاد ئي مستقل دوست آهن، جنهن لاءِ غالب چيو آهي ته ” يه صدمه آدمي کي خانه ويراني کو کيا کم هي، هوئي تم دوست جس ڪي، اس ڪا دشمن آسمان ڪيون هو“ ان جي باوجود اهڙي ٻاٽ اونداهي واري سماج ۾ ڪجهه اهڙا به روشن ستارا هوندا آهن، جيڪي دوستي جي پت ۽ ساک کي برقرار کندا آهن، اهڙن دوستن لاءِ ئي مير انيس چيو ته ”خيال خاطر احباب چاهي هردم، انيس ٺهيس نه لڳ جائي آبگينون کو“ ڪنهن اردو شاعر چيو ته ”جن سي مل کر زندگي سي پيار هوجائي و لوگ------ آپ ني ديکهي نه هون شايد مگر ايسي بهي هين، اهڙن کچهه دوستن جهڙوڪ مرحوم سليم خواجه DSP مرحوم ذوالفقار علي خواجه تلهاري، خواجه غلام حيدر بابل، عظيم خواجه جو ذڪر اڳ ۾ ڪري چڪو آهيان ۽ باقي ڪجهه رهجي ويل دوستن جو مختصر ذڪر ڪري سندن دوستي جو اصل قرض نه ته البته ان قرض جي وياج يا سر چارج ادا ڪرڻ فرض سمجهان ٿو.


    حميد جعفري

    حميد جعفري
    حميد خوش شڪل خوش اخلاق ۽ خوش ڪردار انسان آهي، هميشه صاف سٿرو، بهترين لباس، مهانگا سگريٽ ۽ بهترين ولايتي وسڪي پسند ڪندو رهيو آهي، حميد صاحب به ابتدا کان علمي ادبي قسم جو باذوق ماڻهو رهيو آهي، تلهار شهر جي وچولي طبقي جي سَرنديءَ واري خاندان مان آهي، هن جي مائٽن جون زمينون تلهار شهر سان لڳ آهن، ڪاروبار به ڪندا رهيا آهن، حميد جو وڏو ڀاءُ وڪيل هو، ڀيڻيويو پروفيسر احمد علي جعفري سنڌ يونيورسٽي ۾ هو، حميد جي ڀاڻيجي مشهور ليکڪا خير النساءِ جعفري پڻ يونيورسٽي ۾ پروفيسر هُئي، حميد پاڻ ماسٽرز ۽ ايل ايل بي ڪئي ۽ ڪجهه عرصو وڪالت پڻ ڪيائين، هنن جو مائٽ قلب علي خواجه به تمام سٺو شاعر هو ۽ سندس ڀاءُ بيدم خواجه ٽائون ڪميٽي جو چيئرمين رهيو ۽ سائين جي ايم سيد جو دوست رهيو، مطلب ته حميد جو خاندان سلجهيل ۽ پڙهيل لکيل هو، حميد جعفري پڻ علم و ادب جي ان رنگ ۾ رنڱيل آهي. تلهار شهر ۾ 1960ع کان علمي ادبي ۽ قومي سرگرميون شروع ٿيون. جنهن ۾ اُن وقت جي نوجوانن، حميد جعفري، نور احمد خوجو، خواجه قلب علي، نبي بخش ڪلهوڙو، خواجه رمضان حيدري، عبدالعزيز خواجه، نياز محمد جتوئي ۽ ٻيا سرگرم رهيا، هي قوم پرستي جي اُڀار وارو دورو هو، محترم حيدر بخش جتوئي جي ڏنل نعري جيئي سنڌ نوجوانن جي دلين کي گرمايو هو. 4 مارچ کان پوءِ سنڌي شاگردن ۾ جوش ۽ ولولو پيدا ڪيو هو، ون يونٽ خلاف تحريڪ زور وٺي رهي هُئي، شيخ اياز جو ڪلام نوجوان جذبن کي جاڳائي ڇڏيو هو، ته اُن وقت 1969ع ۾ قوم پرست پارٽين، جناب حيدر بخش جتوئي، محترم رسول بخش پليجو، فاضل راهو وغيره، خاص ڪري لالا قادر ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇپرائڻ ۽ ون يونٽ ٽوڙيو واري تحريڪ شروع ڪئي، جنهن سموري سنڌ ۾ باهه ڀڙڪائي ڇڏي. سنڌ جي بهادر نياڻي محترم اختر بلوچ به ميدان تي نڪري، جيئي سنڌ جو نعرو هڻي ون يونٽ ٽوڙيو، ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇاپيو، نيلام بند ڪريو جي مُطالبن سان احتجاج ڪندي ڪمشنر آفيس حيدرآباد اڳيان بک هڙتال جو اعلان ڪري اچي ويهي رهي، پوليس گرفتار ڪري جيل موڪليو، بي بي سي تان خبر نشر ٿي ته سڄي مُلڪ ۾ ڄڻ دماڪو ٿيو، پريس ۽ ميڊيا ۾ هاهاڪار مچي وئي، هڪ سنڌي نياڻي جي احتجاج ۽ گرفتاري،نوجوانن جي غيرت کي جاڳائي ڇڏيو، سنڌ جي شهرن مان سنڌي نوجوان نڪري نعرا هڻندا گرفتاريون ڏيڻ لڳا، تڏهين تلهار شهر جي نوجوانن به گرفتاريون ڏنيون، جن ۾ اسان جو دوست حميد جعفري به شامل هو. حميد جعفري جيڪو اُن وقت بلڪل نوخيز جوان هو، اُن کي مس مس لوڪل ڪائونسل ۾ آفيسري جي نوڪري ملي هُئي، پر وطن جي سڏ تي لبيڪ چوندي سڀ ڪجهه ڇڏي نوڪري تان استعيفيٰ ڏئي سڌو آيو حيدرآباد، اُتان ئي اچي گرفتاري ڏني، جتان اختر بلوچ گرفتاري ڏني هُئي، هن کي جيل موڪليو ويو، جتي 23 ڏينهن جيل ۾ رهيو، پوءِ جڏهين يحييٰ خان ون يونٽ ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو، تڏهين هي سڀ گرفتار به آزاد ٿيا هئا. ڪٿي حميد جهڙو نازڪ ۽ نفيس انسان ۽ ڪٿي ڪوٽ ڪڙا ۽ جيل جون دال مانيون، بقول حميد جي دال اهڙي هوندي هئي جو جهرڪيون به هڪ ڀيرو چهنب وجهي ڀڄي وينديون هيون، پليجي صاحب سچ چيو آهي ته هونئن جو ماڻهو پاڻ کي اجايو، خامخواهه ۽ بنهه ڌرتي تي هڪ بوجهه محسوس ڪندو آهي پر ڪڏهن ڪڏهن قومي تقاظا هوندي آهي ته اهو ئي ماڻهو پنهنجو پاڻ کي بنهه بهادر، دلير ۽ سرويچ ثابت ٿو ڪري، تلهار مان ٻين اسان جي دوستن به گرفتاري ڏني هُئي، عاشق علي خواجا عرف پريتم پنجواڻي ۽ ذوالفقار علي خواجه رمضان علي حيدري، امام بخش جتوئي ۽ ڪجهه ٻيا شامل آهن، خير، جيل ڪاٽي اچڻ کان پوءِ تلهار جي نوجوانن ۾ قوم پرستي جا جذبا عروج تي پهتل هُئا، حيدر بخش جتوئي، سائين جي ايم سيد ۽ رسول بخش پليجو جيئي سنڌ تحريڪ جا سرواڻ هُئا، اُنهن ئي ڏينهن سائين جي ايم سيد جو پروگرام ٺهيو، بدين ۽ ماتلي وڃڻ جو، تڏهين تلهار جا هي نوجوان بيچين ٿي اُٿيا، ته هُنن جو رهبر تلهار شهر مان گذرندو پر شهر جي ڪارڪنن سان ڪو نه ملندو، اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي. حميد کي ان ڳالهه ڏاڍو پريشان ڪيو ۽ دوستن کي چيائين ته اوهان انتظار ڪريو، آئون سائين کي تلهار وٺي ٿو اچان، سڀني دوستن چيو ته هاڻي اهو ممڪن ڪونهي جو سائين جو پروگرام اڳ ۾ ئي طئي ٿيل آهي ۽ هن وٽ وقت ڪونهي ۽ هو سڀاڻي دوري تي روانو ٿي رهيو آهي، پر حميد ان شام جو ئي اڪيلي سر حيدرآباد روانو ٿيو ۽ مدد علي سنڌي جي گاڏي کاتي واري جاءِ تي پهتو جتي خوشقسمتي سان شاهه محمد شاهه به موجود هو، حميد کين حقيقت ٻڌائي شاهه محمد شاهه سائين جي تلهار ۾ پروگرام لاءِ وقت ڏنو ۽ پوءِ تلهار ۾ سائين جو زبردست استقبال ۽ جلسو ٿيو، سائين جي ايم سيد تلهار کان پوءِ ماتلي ۾ سائين ڪريم بخش نظاماڻي وٽ آيو ۽ پوءِ حيدرآباد روانو ٿيو. شام جو مسلم ڪاليج ۾ سائين جي جلسي دوران بم ڦاٽو، جنهن ۾ سائين ته خيرن سان بچي ويو هو پر پراچا صاحب نالي بينڪ آفيسر مارجي ويو ۽ ڪيترائي شاگرد زخمي ٿيا هُئا... بهرحال حميد ۽ نور احمد ته بچپن جا دوست هُئا، پر اسان جي حميد سان ملاقات ۽ دوستي، نور احمد جي وسيلي ٿي. 1960 ۾ منهنجي مڱڻي تلهار ۾ مُنهنجي ماسي جي ڌيءَ سان ٿي، ته مُنهنجو تلهار ۾ اچڻ وڃڻ شروع ٿيو، نور احمد ته اڳ هي اسان جو مائٽ هو، مان تلهار ۾ ايندو هُئس ته نور احمد وٽ ئي ترسندو هُئس، بس اُتي ئي مُنهنجي ملاقات حميد سان ٿي ۽ پڻ ٻين دوستن سان به مليس، مون ساڻ اڪثر منهنجا دوست سليم ۽ عاشق علي ماما به تلهار هلندا هُئا، پوءِ اسان جون ملاقاتون ۽ ڪچهريون ٿينديون هيون، بس اُتان ئي اسان جي پڪي دوستي جي ابتدا ٿي، جيڪا اڄ تائين تقريبن اڌ صدي بعد به قائم آهي. اُنهن ڏينهن کانپوءِ جيڪي به پروگرام ٿيا، جيڪي به اسان سير سفر ۽ دورا ڪيا، سڀني گڏجي ڪيا. حيدرآباد جي بسنت هال ۾ جشن روح رهاڻ ۾ اسان گڏجي شريڪ ٿياسين، انهن جي ڪجهه مهينن بعد تلهار ۾ بزم روح رهاڻ جي، حميد جعفري جي ننڍي ڀاءُ عزيز مرحوم جي ڪوششن سان آفيس کلي ۽ سندس ئي محنت سان تلهار ۾ ٽنڊي باگي جي ئي نه پر سنڌ جي عظيم شاعر ۽ اُستاد مرحوم محمد صديق مُسافر جي ورسي ملهائڻ جو پروگرام ٺاهيو، جنهن ۾ جناب رسول بخش پليجو، محترم حميد سنڌي، جناب نياز همايوني، پروانو ڀٽي، عبدالرحمان نقاش قلب علي خواجه، بيدم خواجه ۽ ڪيترن اديبن شاعرن شرڪت ڪئي هُئي، اسان سڀ دوست اُن ۾ مددگار ۽ شريڪ رهياسين. 1970-71: تلهار ۾ اسان جيون تاريخي ڪچهريون ٿيون، جن ۾ نور احمد، حميد، عسڪري، نبي بخش، امداد، عاشق علي، سليم، عزيز خواجه، انور ۽ مان شامل هوندا هُئاسين، 70 ۾ اليڪشن 71 ۾ انڊيا پاڪستان جي جنگ، بنگلاديش جو قائم ٿيڻ، اهو سڄو وقت اسان زياده تر تلهار ۾ ڪچهريون ڪيون. اسانجيون همدرديون مظلوم بنگالين ۽ شيخ مُجيب سان هونديون هيون، فوج بنگالين جو قتل عام ڪيو ته اسان سڀ ان جي خلاف ڏکويل ۽ غمگين هوندا هُئاسين ۽ پوءِ انڊيا مُداخلت ڪئي، ملڪ ٻه اڌ ٿيو، بنگلاديش وجود ۾ آيو ته سموري دنيا جي جمهوريت پسند عوام سان گڏ اسان سمورا دوست به تمام گهڻو خوش ٿياسين. 1972ع۾ منهنجي شادي ٿي. فورن بعد نور احمد به حيدرآباد شفٽ ٿي ويو، اسان گڏجي ٽائيم فوٽوز قائم ڪيو، نانگا هائوس وارو دور شروع ٿيو، ته حميد به زياده تر حيدرآباد ۾ رهڻ لڳو ۽ اسان جيون محفلون، ڪچهريون نانگا هائوس تي شروع ٿي ويون، حميد صاحب ۽ اسان جو ساٿ ائين ئي هلندو رهيو.
    اسان ٻچڙيوال به ٿي وياسين، پر حميد شادي ڪو نه ڪئي، اسان چوندا هُئاسين ته يار هاڻ تون به شادي ڪر گهر ٻار وارو ٿي ته هميشه اهو ئي جواب ڏيندو هو ته جيڪو گناهه اسان جي مائٽن ڪيو ۽ اسان کي هن وجود جي جهنم ۾ اڇلايو اهو گناهه اسان پنهنجي اولاد سان نه ٿا ڪرڻ چاهيون، اهي عدم جي جنت ۾ آرام سان آهن وجود جي دوزخ ۾ آيا ته اسان وانگر سڙي خاڪ ٿي ويندا. حميد جعفري هن وقت زندگي جون ستر 70 بهارون ڏسي چڪو آهي، هڪڙو هارڊ اٽيڪ به ڀُڳتايو ويٺو آهي، علمي ادبي ماڻهو شروع کان رهيو آهي، لکڻ ۽ پڙهڻ جي ڪم ۾ مصروف رهندو آهي، ماشا الله سنڌ جي عظيم ليکڪن جا ٽي ڪتاب ترجمو ڪري ڇپايا آهن، پاڪستان جي وڏي مشهور ٽائون پلانر عالم ۽ اديب جناب اختر حميد خان جا ٻه جڳ مشهور ڪتاب انگريزي ۽ اردو مان سنڌي ۾ ترجمو ڪري ڇپايا ۽ سنڌ جي عظيم قومي شاعر دانشور ۽ اديب جناب شيخ اياز جي آتم ڪٿا ”ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر“ جي چئن جلدن جو اُردو ۾ ”کهين بهي راهه مين منزل نه هوگي“ جي عنوان سان ترجمو ڪيو آهي، جيڪو ثقافت کاتي طرفان ڇپايو ويو آهي، پنهنجن ٽن چئن طبعه زاد ڪتابن ڀارت جو سفر نامو، سرمد جي ساڻيهه ۾، سنڌ جو سفر نامو کي سهيڙي ڇپائڻ جي تيارين ۾ آهي. ڪيتري عرصي کان سنڌي اخبارن ۾ مسلسل ڪالم لکندو رهيو آهي، ڪيترائي شاندار ڪالم صحافت جي دنيا ۾ مشهور ٿيا آهن، سندس ڪالمن تي مشتمل ڪتاب به تيارين جي مرحلي ۾ آهي، حميد جعفري سنڌي ۽ اُردو جي بهترين ليکڪن ۾ شامل آهي.


    ماما عاشق علي ۽ دوست عاشق علي

    ماما عاشق علي ۽ دوست عاشق علي
    ماما عاشق علي، جنهن ڏک ڏٺا، ۽ دوست عاشق علي، جيڪو خوش نصيب رهيو.
    اسان جو ننڍو ماما عاشق علي، جنهن ننڍپڻ کان ڏاڍا ڏُُک ڏٺا. چاليهه سالن تائين سور سٺا، دربدريون ۽ ڌڪا کاڌا، ننڌڻڪائيون ۽ تنهائيون مليون. اسان جا ڪُل ٽي ماما هُئا، سڀ کان وڏو ماما نور الدين جيڪو ترڙ نڀاڳو ۽ بگڙيل ماما هو، جنهن عياشيون ڪيون، رول فيٽاڙ ۽ ڦڏائي قسم جو ماڻهو هو، جنهن اسان جي درويش قسم جي نانا کي به ڏاڍا سور ڏنا ۽ پريشان ڪيو. فوج ۾ ڀرتي ٿيو، اُتي ٿوري دٻ آئي ته ڀڄي آيو، فوجي پٺيان پئجي ويس ته بمبئي ڀڄي ويو پوءِ نانا وارن جيئن تيئن ڪري هن جي جان ڇڏائي، ڦڏائي اهڙو جو هر ڪنهن سان جهيڙا ڪندو هو، ٿوري ڳالهه تي پنهنجن مائٽن تي به عدالت ۾ ڪيس ڪندو، ايتري قدر جو اسان جي بابا تي، جيڪو هن جو وڏو سالو به هو، اُنتي به ڪيس ڪري عدالت جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو، بهرحال ٻيو نمبر ماما صدر الدين هو، جيڪو جواني ۾ ساوڪ ٿي ۽ گذاري ويو، ٽيو نمبر سڀني کان ننڍو ماما عاشق علي هو، ماءُ ته ٻن سالن جو هو تڏهين گُذاري وئي، ڏهن ٻارهن سالن جو هو ته پيءُ به وفات ڪئي، وڏو ڀاءُ ۽ ڀاڀي هن معصوم سان ظلم ڪيو، ماني پاروٿي ڪڏهين ملندي هُئي، ڪڏهين بُک تي هوندو هو، رات جو به گهر اندر نه پر دروازي کان ٻاهر ڌڪي تي سمهندو هو، چوڏهن سالن جو ٿيو، ڀاءُ ۽ ڀاڀي جي عذابن کان تنگ ٿي تلهار ڀڄي ويو، جتي هُنجي بيو نمبر ڀيڻ امينا پرڻيل هُئي، تلهار ۾ ڀيڻويو جي ريزڪي دڪان تي لڳو، پڙهائي يا اسڪول ته ويچاري جي نصيب ۾ ڪو نه لکيل هُئي، تلهار ۾ هن جو دوست هو شير علي ۽ ٻيا جن سان هن جي ياري هُئي، اڪثر ٻن پهرن جو ٽاڪ منجهند مهل سخت گرمي ۾ هن جا دوست اچي هڪل ڪندا هُئا ڀيڻويو گهر آرام ڪرڻ ويندو هو، پٺيان هي دڪان کي ائين ڇڏي دوستن سان وڃي گوني ۾ وهنجندا هُئا، اها گوني جيڪا ڦُليلي مان نڪتل شاخ هُئي، تلهار شهر سان لڳ تار وهندي هُئي، اهو علائقو وڻن سان ڍڪيل هو، بڙ جا وڏا پُراڻا وڻ، گوني مٿان ڇانوَ ڪيو بيٺا هوندا هُئا ۽ هي ڇوڪرا وڻ تان چڙهي گوني ۾ جمپ لڳائيندا هُئا ۽ وڻ ۾ رسي ٻڌي پيا لڏندا هُئا، ڏاڍا مزا ڪندا هُئا ۽ جڏهين انهيءَ موج مستي ۾ مشغول هوندا هُئا، تڏهين اوچتو هن جو ڀيڻويو وڻ جي ٽار جو سنهو لڪڻ کڻي اچي مٿان ڪڙڪندو هو، عاشق علي ۽ شير علي کي جيڪو هن جي ڀاءُ جو پُٽ هو، اچي ڪُٽيندو هو، دڪان ڇڏي ڀڄي وڃڻ جي سزا ۾، چامڪين سان ماريندو هو، ٻنهي کي واري واري سان، شيري کي ٻه ٽي چامڪيون لڳنديون هيون ته روئيندي چوندو چاچا هاڻ عاشق علي کي هڻ، عاشق علي چوندو بس هاڻ شيري کي هڻ، بهرحال عاشق علي تلهار ۾ جيڪو وقت گذاريو اهو حيدرآباد کان وري به چڱو هو، گهٽ ۾ گهٽ ماني ٽڪي ملندي هُئي، رات جو به گهر ۾ رهندو ۽ سمهندو هو، هُنجي ڀيڻ ڀائيندي هُئي، هن جو خيال رکندي هُئي، جڏهين نوجواني ۾ پير پاتو ته وري حيدرآباد ڀڄي آيو، جتي هن جو گهر گهاٽ ته هو ڪو نه، پوءِ جتي ڪم ڪندو هو. اُتي رات به سُهمندو هو، ٽنڊو ولي محمد ۾ گاهه ڪُتر جي ڪارخاني تي ڪم ڪيائين، ته اُتي هي رات جو ٻوريون وڇائي سمهندو هو، اسان دوست، مان ۽ سليم به رات جو اُتي وڃي ڪچهري ڪندا هئاسين، اسان جي دوستي به اُتان شروع ٿي، نور احمد ايندو هو ته اهو به شامل ٿيندو هو، سليم مان عظيم ۽ مولا بخش چانڊيو، جيڪو پيپلز پارٽي جو ليڊر، وزير ۽ سينيٽر به ٿيو، اهو به ايندو هو ۽ اسان سياسي ڪچهري ڪندا هئاسين، مولا بخش هاڻ به جڏهين ملندو آهي ته چوندو آهي ته اسان سياست توهان کان سکي آهي. بهرحال عاشق علي کي امان ڀائيندي هُئي، گهر ايندو هو ته ماني ضرور کارائيندي هُئي، اسان ننڍا هُئاسين ته امان عاشق علي کي پئسا ڏئي اسان کي فلم ڏيکارڻ لاءِ سئنيما موڪليندي هُئي، امان پئسا ڊي سي جي ٽڪيٽ جا ڏيندي هُئي، پر ماما اسان کي ٻارهن آني واري ڪلاس ۾ ويهاريندو هو. مون کي ياد آهي، هڪ فلم علاوالدين جادوئي چراغ اسان ٽي ڀيرا ڏٺي هُئي، مئجسٽڪ سئنيما ۾، انٽر ويل ۾ پڪوڙا روٽي کائڻ جو مزو اڃا به ياد آهي، ان دور جون سئنيمائون ڇا هيون ڄڻ ڪ بهشت برين جي برابر هيون. خير پوءِ عاشق علي وري رڪشا هلائڻ شروع ڪئي ته پوءِ گيريج تي سهمندو هو، عاشق علي جو بچپن جو دوست شير علي به حيدرآباد ڀڄي آيو، اهو به رڪشه هلائيندو هو، اهو به يتيم ۽ بي گهر هو، پوءِ 1970ع ۾ هنن ٻنهي ڄڻن، ميرن جي قبن وٽ اها جاءِ مسواڙ تي ورتي، جيڪا پوءِ ”نانگا هائوس“ نالي مشهور ٿي، جتي اسان سڀ دوست گڏ ٿي ڪچهريون ڪندا هُئاسين، اُنهن ڏينهن عاشق علي سخت بيمار ٿيو هو ۽ مرندي بچيو هو، بيماري به عجيب هُئي، جو اوچتو هن کي رت جون الٽيون شروع ٿي ويون، رت به ايڏو گهڻو جو بالٽي ۾ رت ڏسي اسان خوف زده ٿي وياسين، پوءِ امان هن کي کنيو، اسان به گڏجي ڪراچي جي مڊ ايسٽ اسپتال پهتاسين ۽ ان ۾ داخل ڪيوسين، ڊاڪٽر رت چاڙهڻ شروع ڪيو ته، امان مونکي ۽ منهنجي ڀاءُ ڇوٽو کي چيو توهان رت ڏيو، پوءِ ٻه ٻه بوتلون رت اسان ڏنو، ٻيو وري خريد ڪيو. امان هن کي هڪدم کڻي ڪراچي نه هلي ها ته ماما پورو ٿيو پيو هو، بهرحال زندگي هُئي بچي ويو، پوءِ امان هن کي ڪجهه ڏينهن گهر ۾ رهائي جام کارايو پياريو ته ماما وري تيار ٿي ويو... بهرحال عاشق علي اسڪول ته ڪڏهين ڪو نه ويو هو پر دڪانن جا بورڊ، ٽرڪن جي پويان لکيل جملا پڙهي ڪجهه پڙهڻ سکيو، ريڊيو ٻُڌڻ جو شوقين هو ۽ ريڊيو جي علمي ادبي پروگرامن ۽ اسان دوستن جي ڪچهرين مان ايڏو ته پرايو جو هاڻ عاشق علي به باقاعدا علمي ادبي ماڻهو هو، شاهه، سچل ۽ اياز جو ڪلام ياد هوندو هُئس، پوءِ وري غالب مير ۽ فيض کي به پڙهڻ شروع ڪيو ته انهن جا شعر به موقعي جي مناسبت سان اهڙا ٻڌائيندو هو جو دل خوش ٿي ويندي هُئي، اڄ هو غالب جو وڏو عاشق آهي.... بهرحال نانگا هائوس جيڪو هڪ درس گاهه هو، ڪميون هو، يونيورسٽي هُئي، جنهن مان اسان سڀني ڪافي علم پرايو، ۽ جيڪو ڏهه يارهن سال قائم رهيو پوءِ جڏهين نانگا هائوس جي پڄاڻي ٿي، ته اُها به دردناڪ هُئي، اُنجا ٻيا به ڪجهه سبب هُئا، مثلن دوستن جي تبديل ٿيل مصروفيات سان گڏ وڏو ڪارڻ هو، نانگا هائوس جو روح روان ۽ اسان سڀني جو پيارو دوست سليم جي ناگهاني وفات، سليم جيڪو نانگا هائوس جي جان هو، زنده دل، خوش باش ۽ رنگين طبيعت جو، نانگا هائوس جو ناز هو، فخر هو، اوچتي جُدائي، اسان سڀني دوستن کي تسبيحه جي ٽُٽل داڻن وانگر داڻو داڻو ڪري ڇڏيو، اسان جي امان پنهنجي ننڍي ڀاءُ عاشق علي جي گهر آباد ڪرڻ لاءِ فڪر مند هوندي هُئي، هن ڪيترن گهرن ۾ هُن جي رشتي لاءِ ڪوشش ڪئي پر جيئن ته هو غريب هو، مزدور ماڻهو، نه گهر نه تڙ سو هر ڪو انڪار ڪريو ڇڏي، پر نيٺ امان هڻي وڃي هند ڪيو، سلطلن آباد ڳوٺ جي هڪ غريب گهر جي، غريب ۽ سُلڇڻي ڇوڪري سان رشتي جي ڳالهه هلي، مڱڻي لاءِ سلطلن آباد وڃڻ لاءِ مون وٽ 1969ع ماڊل جي ٽويوٽا ڪار هُئي جيڪامُحترم رسول بخش پليجو صاحب جي هُئي، پاڻ جيل ۾ هُئا، ڪار مون کي ان ڪري ڏئي ويا ته بيٺي هوندي ته زنگجي خراب ٿي ويندي، استعمال ۾ هوندي ته ٺيڪ رهندي، بهرحال ان ڪار ۾ مان ٻارهن عورتن ۽ ڇوڪرين کي کڻي سُلطلن آباد ماما عاشق علي جي مڱڻي ڪرڻ وياسين، مڱڻي کان پوءِ ماما جي لاءِ ٽنڊو ولي محمد ۾ هڪ ڪمري وارو فليٽ مسواڙ تي ورتو، جنهن ۾ فرنيچر لاءِ امان پنهنجو پلنگ ڏنو، سستا صوفه، ٽيبل ٻه ٽي ڪرسيون ورتيون، گهر جو ڪجهه سامان امان ڏنو، ماما جو ڪمرو ڀاءُ ڇوٽو سجايو ۽ پوءِ اُن ئي پراڻي ڪار ۾ هڪ ويگن ڪرائي تي ڪري ڄڃ وٺي سلطلن آباد وياسين، مُنهنجي ڀينرن به دل کولي ڳايو وڄايو ۽ پوءِ ماما جو نڪاح ڪرائي ڪنوار وٺي آياسين، اهڙي طرح پنجيتاليهه سالن جي ماما جو گهر آباد ٿي ويو. سالن جي دربدرين، ڌڪن ٿاٻن کان پوءِ ماما جو پنهنجو گهر ٺهيو، سالن جي اڪيلاهين کان پوءِ هن کي زندگي جو ساٿي ، پيار ڪرڻ واري همسفر ملي هُئي، محبت ملي ۽ سُک مليو هو. ماما جي اباڻي زمين ست ايڪڙ هُئي، جنهن جي وڪري مان ڏهه لک کن حصو مليو، ته ماما مبارڪ ڪالوني ۾ پنهنجو فليٽ به خريد ڪيو. اڳتي هلي اولاد به ٿيو، ٻه نياڻيون ۽ هڪ پُٽڙو ٿيو، ماما پاڻ ته ڪو نه پڙهي سگهيو هو، پر جيئن ته ترقي پسند ۽ روشن خيال هو، ٻارن کي پڙهايو ته ماشا الله نياڻيون غير معمولي طور ذهين ۽ پڙهائي ۾ هوشيار هيون، ڪاليج ۽ پوءِ يونيورسٽي مان پوزيشن حاصل ڪئي، آغا خان هاسپيٽل ۾ اهم پوسٽ تي جاب پيون ڪن، ٻنهي نياڻين جي شادي به سُٺن ۽ سُکين گهرن ۾ ٿي، پٽڙو سُهيل جنهن ڪمپيوٽر سائنس ۾ ماسٽرز ڪئي، هن وقت دُبئي ۾ سٺي جاپ پيو ڪري، ان جي به مڱڻي ڪرائي اٿس، ماشا الله هاڻ اسان جو ماما بهترين بيحد خوش ۽ مطمئن زندگي پيو گُذاري، شاهه لطيف ۽ غالب جو ورد روزانو ڪندو آهي، ريڊيو ٻُڌڻ هُن جي معمول ۾ شامل آهي، اسان دوستن حميد جعفري ۽ مون سان فون تي اڪثر ڳالهه ٻولهه ٿيندي آهي، مهيني ٻين حميد حيدرآباد ايندو آهي ته گڏجي ڪچهري ڪندا آهيون، نانگا هائوس کي ۽ پُراڻين يادن کي ورجائيندا آهيون، سڀ پوڙها ٿي ويا آهيون پر بقول ملڪ پکهراج جي ابهي تو مين جوان هون، جو دل اڃا جوان آهي، سچل جي لفظن ۾:
    ”عاشق ٻڍا نا ٿيوين توڻي چٽي هووي ڏاڙهي.“


    ڪامريڊ فيروز علي خواجه شهيد

    ڪامريڊ فيروز علي خواجه شهيد
    خوبصورت اڇو ڳورو نوخيز جوان، جنهن 18، سالن جي نوعُمري ۾ وطن تان جان نڇاور ڪري ڇڏي.
    اسان جو پيارو دوست ۽ ساٿي غلام حيدر بابل، جنهن 74 ۾ ڳوٺان پنهنجن بزرگن ۽ وڏيرڪي نظام سان بغاوت ڪري پنهنجي جيجل ماءُ، ٽن ننڍن ڀائرن ۽ ٽن ننڍين ڀينرن کي وٺي حيدرآباد اچي رهيا، فيروز بابل جو ٽيو نمبر ننڍو ڀاءُ هو، جڏهين حيدرآباد لڏي آيا، اُن وقت فيروز جي عمر صرف ٻارنهن سال هُئي، جيئن ته بابل ٽي سال اڳ سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي هُئي، انٽرنيشل هاسٽل ۾ پنهنجي مائٽ شمس خواجه ساڻ رهندو ۽ پڙهندو هو، اڪثر حيدرآباد ايندو هو ته اسان ساڻ به هلندو هو.
    بابل ٻه سال اڳ سنڌي عوامي تحريڪ ۾ پليجي صاحب ۽ فاضل راهو وارن سان ڪم ڪري رهيو هو، چيني ويٽ نامي ڪهاڻيون پاڻ پڙهندو هو ۽ ڳوٺ پنهنجي ڀاءُ فيروز کي به پڙهڻ لاءِ ڏيندو هو، فيروز ننڍپڻ کان ئي غير معمولي ذهين ٻار هو، ڳوٺ ۾ هوش سنڀاليندي ڏُک پريشانيون ڏٺائين حالانڪه بابل ۽ فيروز جو والد ننڍو زميندار هو، پر وڏيرڪي سوچ رکندڙ ماڻهو هو، جنهن پنهنجي حَسين زال خوبصورت ٻارن کي ڇڏي ٻي شادي ڪئي هُئي، هي جيڪي کاڏي جي ڳوٺ ۾ ڪچي گهر ۾ رهندا هُئا، انهن وٽ ڪو نه ايندو هو ۽ خرچ پکو به ڪو نه ڏيندو هو، بابل S.R.T ۾ انسپيڪٽر جي نوڪري ڪندو هو، ڳوٺ ماءُ کي خرچ به ڏيندو هو ۽ پاڻ پڙهندو به هو، فيروز ڪچي عمر کان ڏک سٺا ۽ ڳوٺ ۾ طبقاتي فرق جا عذاب به سٺا، فيروز جا هم عمر مٽ مائٽ، سئوٽ ۽ ماسات سڀ خوشحال هُئا، جيڪي پنهنجون خواهشون پوريون ڪندا هُئا، ۽ فيروز ان طبقاتي فرق تي ڏکارو ٿيندو هو، هن کي پنهنجن انهن امير ڇوڪرن سان مزو ڪو نه ايندو هو، هن جا دوست غريب ڪولهي ڇوڪرا هوندا هُئا، بهرحال ظلم و جبر جي ان گُهٽ ۽ ٻُوسٽ ۾ هن نوخيز ۽ ذهين ترين نوجوان کي جڏهين چيني، ويٽ نامي ۽ ڪوريائي عوامي انقلابي ادب پڙهڻ لاءِ مليو، ڄڻ اُونداهي ۾ روشني جي لاٽ ٻري پئي، هن جاهلانه وڏيرڪي نظام ۽ طبقاتي فرق جي عذاب ۾ پاڻ کي ۽ پنهنجي قوم جي ڀوڳيندڙ اڪثريت کي ظلم مان نجات جي آس، اُميد ۽ واٽ ملي وئي، فيروز حيدرآباد ۾ اچي نور محمد هائي اسڪول ۾ داخلا ورتي ۽ باقاعده لينن، مائو، هوچي منهه کي پڙهيو مارڪس ۽ اينگلس کي پڙهيو.
    ان وقت فيروز، اياز لطيف پليجو، اسلم راهو ۽ ٻيا ڇوڪرا دوست، گڏجي عوامي انقلابي ادب پڙهندا هُئا، بابل به انهن جي تعليم و تربيت ڪندو هو، اڪثر هنن ڇوڪرن کي تقرير ڪرڻ سيکاريندو هو، هنن کي ڪو موضوع ڏئي چوندو هو ته هر ڪو واري سان اچي اُٿي بيهي ڳالهائي، اهڙي طرح هنن نوجوانن جي عوامي انقلابي تعليم و تربيت ٿيڻ لڳي، فيروز هنن سڀني ڇوڪرن ۾ وڌيڪ ذهين ۽ تيز هو، نور محمد هائي اسڪول ۾ به هوشيار شاگردن ۾ شمار هوس ۽ اسڪول جي ڊبيٽ ۾ اڪثر پوزيشن کڻندو هو، اسڪول جو مشهور استاد محترم غلام حسين بالادي صاحب، فيروز کي ڀائيندو ۽ شاباس ڏيندو هو، پوءِ جڏهين پارٽي سنڌ ۾ ٻارن جي تنظيم ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو، سڄي سنڌ مان ٻارن کي گُهرائي ڪنوينشن ڪوٺائي سُجاڳ بار تحريڪ جو بُنياد وڌو ويو، ته اُن جو پهريون صدر ڪامريڊ فيروز علي خواجه مقرر ٿيو هو، اياز لطيف، اسلم راهو ٻيا سڀ فيروز جي اڳواڻي ۾ گڏجي هنن S.B.T کي سڄي سنڌ ۾ منظم ڪيو ۽ شاخون کوليون.
    جيئن ته بابل جي پگهار هئي 550 رپيا، گهر جو خرچ، فليٽ جي مسواڙ ٻارن جي تعليم ۽ سندن خرچ، ظاهر آهي سخت مُشڪل وقت هو، فيروز به ان صورتحال کي سمجهيو ٿي، سو ڀاءُ بابل سان صلاح ڪئي ته پاڻ بُڪ اسٽال لڳايون، جتان ڪجهه آمدني ٿيندي، مان اسڪول کان پوءِ واندو آهيان، بابل کي به اها صلاح وڻي، ڪافي ڪتاب پارٽي جا پيل هُئا، ڪجهه پبلشرن کان وٺي سگهيا ٿي، پر مسئلو هو ته اسٽال ڪئي لڳائجي، گاڏي کاتي ۾ ته ڪا ڪُنڊ به سوين رپيا مسواڙ جي هُئي، پوءِ بابل مون وٽ آيو مُنهنجو سارنگ فوٽو اسٽوڊيو مياڻي روڊ هيرآباد ۾ هو، ان جي ٻاهران پاسي کان دِڪي هُئي، بابل چيو تون اجازت ڏي ته هتي اسٽال رکون، مون چيو بسم الله، هيءِ ته پنهنجي جاءِ آهي، مسواڙ به ڪو نه ڏيڻي پوندي ڀلي ڪريو، رات جو ڪتاب کوکن۾ بند ڪري اسٽوڊيو ۾رکي ڇڏجو، ڪو مسئلو ڪونهي، پوءِ ٻنهي ڀائرن ائين ڪيو. فيروز اسڪول مان اچي ماني کائي ڏهه پندرهن ڪتاب هٿ ۾ کڻي اول ويندو هو، پٺاڻ ڪالوني جي بس اسٽينڊ تي، اُتي بسن ۽ ويگنن ۾ ڪتاب سيل ڪندو هو، ڪو پڙهيل ماڻهو ڏسندو هو ته اُن کي قائل ڪندو هو ته سائين هي ڪتاب تمام زبردست آهي، ضرور پڙهڻ گهرجي، فيروز جي شڪل صورت ايڏي پياري هئي جو ماڻهو هن کان ڪتاب خريد ڪُندا هُئا، اهڙي طرح ڏيڍ ٻن ڪلاڪن ۾ پنج ست ڪتاب وڪڻي ايندو هو، ۽ پوءِ وري اسٽوڊيو ٻاهر ڪتاب سجائي فُٽ پاٿ تي اسٽول رکي ويهندو هو، سوبه واندو نه، اسڪول جو يا ڪو نه ڪو ڪتاب هٿ ۾ هوندو هُئس جيڪو پڙهندو رهندو هو، اهڙي طرح رات تائين مڙئي پنجاهه سٺ رپيا ڪمائي وٺندو هو، فيروز هڪ بُردبار قسم جو ڇوڪرو هو، محنت مزدوري ڪرڻ ۾ عيب ڪو نه سمجهندو هو، حالانڪه هو سُجاڳ ٻار تحريڪ سنڌ جو صدر هو ۽ نور محمد هائي اسڪول جو ڄاتل سڃاتل هر دلعزيز شاگرد هو، هن کي سڀ سڃاڻندا ۽ ڄاڻندا هُئا، پر هي فخر سان سڀ ڪم ڪندو هو، پارٽي جي ميٽنگس، ڪانفرنسز ۽ دورا به ڪندو هو، ڪلاس هلائيندو هو، ليڪچر ڏيندو هو، هڪ ڀيرو ڪوريا جي آزادي جي ڏينهن تي، ڪوريا جي ڪائونسلر جنرل تقريب ڪوٺائي، جنهن ۾ فيروز به شريڪ ٿيو ۽ هن ڪوريا جي انقلاب، آزادي ۽ هنن جي انقلابي ليڊر ڪم ال سنگ تي تقرير به ڪئي، حالانڪه اُتي ڪيترن ٻين به تقريرون ڪيون هيون پر ڪائونسلر جنرل فيروز جي تقرير تي ايڏو ته متاثر ٿيو، خوش ٿيو جو نه صرف انعام ڏنو پر هن کي ڪوريا ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي دعوت ڏني ۽ پڻ اهو به چيو ته، ڪوريا جي انقلاب ۽ آزادي جي جيتري هن نوجوان کي ناليج آهي، اوتري ڪنهن ڪورين نوجوان کي به نه هوندي....
    ڪجهه عرصي بعد بابل هڪ پراڻي بس قسطن تي وٺي اُن کي هلائڻ جو ڪم شروع ڪيو، تڏهين هنن بُڪ اسٽال ختم ڪري ڇڏيو، فيروز به هاڻ مئٽرڪ پاس ڪري ڪاليج ۾ داخلا ورتي، هاڻ هو شاگرد سياست ۾ حصو وٺڻ لڳو هو، فيروز تمام دور رس فڪر و نظر رکندڙ نوجوان هو، هو مخالف پارٽين جي نوجوانن سان ڇتيون بحثون به ڪندو هو، انهن کي غلط به ثابت ڪندو هو ۽ هنن سان دوستيون به رکندو هو، مخالفن سان به محبت ڪندو هو، چوندو هو هي به وطن ۽ قوم لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، هي به اسان جا ڀائر ۽ ساٿي آهن. سترهن سالن جي عمر ۾ فيروز باقاعده هڪ نظرياتي ليڊر ٿي اوڀري رهيو هو. هن جو مطالعو، مشاهدو ۽ عملي جدوجهد هن کي ڪُندن بنائي ڇڏيو هو. هن تعليم سان گڏ پاڻ کي قوم، وطن ۽ مظلوم عوام لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو، هو پنهنجي پوري سچائي ايمانداري سان پارٽي جون ذميداريون پوريون ڪندو هو، ٻي هر ڪم کان وڌيڪ اهميت پارٽي ڪمن کي ڏيندو هو، نه ڏسندو هو سردي گرمي نه بُک نه ڊئو نه طبيعت يا صحت جي پرواهه ڪندو هو، حالانڪه هو به ابرو مُڙس سنگل باڊي هو، بيمار به ٿي پوندو هو پر جدوجهد ۾ لڳو رهيو. هاڻ هن جي عمر 18 ارڙهن سال ٿي هُئي، هو هڪ حَسين خوبرو نوجوان ٿي اُڀري رهيو هو، باشعور ذهين ۽ پُروقار ليڊر جا آثار نمايان ٿيندا ويا، سڀني کي هن نوجوان ۾ وڏيون اُميدون هُيون ته هي يقينن منزلون ماڻيندو... انهن ڏينهن سخت سردي هُئي، هيل سيارو به زور هو، فيروز به مسلسل سنڌ جا دورا ڪري رهيو هو، تازو ٺٽو يا بٺورو ۾ ليڪچر ڏئي آيو هو، بُخار به هُئس، ٻه ڏينهن گهر ۾ آرام ڪيائين ۽ بجاءِ ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ جي گهر ۾ گوريون کائيندو رهيو، هن جو بخار ٿورو گهٽيو ته همراهه لاڙڪاڻي ۾ هڪ تمام اهم ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ تيار ٿيو، هُن جي ماءُ ۽ بابل به جهليو ته طبيعت ٺيڪ ناهي نه وڃ. پر ڪامريڊ بيماري کي اهميت ڪو نه ڏني، لاڙڪاڻي ويو، ڪانفرنس اٽينڊ ڪئي پر اُتي هن جي طبيعت وڌيڪ خراب ٿي وئي، حيدرآباد پهتو ته ماڳئي نازڪ حالت ٿي وئي، بابل هن کي سول هاسپيٽل وٺي ويو، ڊاڪٽرن هن کي فورن داخل ڪري ڇڏيو، بابل وارا غريب ماڻهو هُئا، پرائيويٽ اسپتالن ۾ وڏن ڊاڪٽرن کي ڪو نه ٿي ڏيکاري سگهيا، فيروز کي ساوڪ جو زبردست حملو ٿيو هو، سول اسپتال جي ناقص انتظام ۽ ٽيسٽن جي سُست طريقي ڪار ۽ ڊاڪٽرن جي لاپرواهي جي ڪري، سنڌ جي هن ذهين باصلاحيت نوجوان جي وفات ٿي وئي. اُن وقت اسپتال ۾ بابل سان گڏ مان به هُئس، هن اوچتي واقعي سان اسان ٻئي چڪرائجي وياسين، اسان کي يقين نه پيو اچي ته ائين به ٿي سگهي ٿو، بابل ته درد و غم ۾ وٺجي ويو، فيروز جي بيجان جسم کي ڀاڪر پائي روئيندو رهيو، خير مون بابل کي سنڀاليو، هن کي آٿت ڏنم پر هاڻ اسان جي لاءِ مسئلو اهو ته گهر وارن کي ڪيئن ٻُڌايون، ماءُ جي پنهنجي حسين نوجوان جگر جي ٽڪڙي جي جُدائي جي خبر ٻُڌي هُن جي ڇا حالت ٿيندي، ڀينرن ڀائرن کي ڪيئن سنڀاليو، بابل کي اها پريشاني هُئي، پوءِ بابل فيصلو ڪيو ته في الحال گهر وارن کي نٿا ٻڌايون ۽ ڪنهن طرح گهر وارن کي فورن ڳوٺ روانو ڪريون ۽ پوءِ پاڻ هتان ميت کڻي سڌو ڳوٺ هلون، پوءِ اُتي گهر وارن کي ٻڌائجي انهن کي ڳوٺ ۾ سنڀالڻ وارا مٽ مائٽ به هوندا، هتي ته اسان اڪيلا آهيون ڪير سنڀالڻ وارو به ڪونهي ۽ پوءِ اسان ائين ئي ڪيو. بابل ڪنهن بهاني سان گهر وارن کي وٺي ڳوٺ روانو ٿيو، پٺيان مان فيروز جو مڙهه ايمبولينس ۾ کڻائي ڳوٺ پهتس، بس پوءِ ته قيامت هُئي، ڪربلا هُئي، واويلا هُئي، ماءُ ۽ ڀينرون جو پاڻي کان ٻاهر مڇي تڙپي ائين تڙپڻ ۽ ڦٿڪڻ هو، صورتحال بيان کان ٻاهر آهي. فيروز جي وفات جي خبر سڄي سنڌ ۾ جهنگل جي باهه وانگر پکڙجي وئي، پري پري کان ماڻهو اچڻ لڳا، قومي عوامي انقلابي پارٽين جا ليڊر، شاگرد مزدور ۽ ڪيئي پارٽين جا ڪارڪن ۽ فيروز جا دوست ڳوٺ پهتا، ڪامريڊ فيروز شهيد کي قومي اعزاز سان رُخصت ڪيو ۽ هُنجي شان ۾ اُتي ٻه ڏينهن اجلاس هلندا رهيا، جنهن ۾ ڪامريڊ فيروز کي خراج عقيدت پيش ڪندا رهياسين.
    ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته ڪامريڊ فيروز پنهنجي وطن لاءِ جان ڏني، پارٽي جي فرض ادائي خاطر، پنهنجي بيماري جي پرواهه نه ڪئي ۽ سخت سردي ۾ لاڙڪاڻي ويو، جتان وڌيڪ بيمار ٿي آيو ۽ ان ئي بيماري جي ڪري هُن جي وفات ٿي، نجات جي راهه ۾ جدوجهد ڪندي جان قربان ڪئي...... بهرحال هُنجي وفات قوم جو به نقصان هو، هو جنهن رفتار سان اڳتي وڌي رهيو هو، هُنجي غير معمولي ذهانت، وسيع مطالعي سان هُنجي اُٿڪ ٻُڌائي رهي هئي ته هي نوجوان يقين عروج ماڻيندو، ڪنهن آله مقام تي پهچندو، اسان سڀني کي وڏيون اميدون هيون پر افسوس زماني جي بيقدري ، ادارن جي ناقص ڪارڪردگي، ڊاڪٽرن جي لاپرواهي ۽ غربت سبب هيرن جهڙو قيمتي جوان ضايع ٿي ويو.


    عُمر ميمڻ ”منهنجو يار“

    عُمر ميمڻ ”منهنجو يار“
    مُحمد عُمر ميمڻ، منهنجو پنجيتاليهه، 45 سال پُراڻو دوست آهي، اصل ٽنڊي محمد خان جي سُکئي ستابي خاندان جو فرد آهي، عُمر جا چاچا ماما وغيره سڀ تعليم يافته ۽ سُٺين پوسٽن تي رهيا، ڊاڪٽر انجنيئر ، جج ۽ وڪيل هُئا، عُمر پاڻ پرائمري اسڪول ٽنڊي ۾ پڙهيو سيڪنڊري حيدرآباد جي نور محمد هائي اسڪول مان پاس ڪئي گريجوئيشن ڪيائين، پر نوڪري ڪو نه ڪئي، عُمر جو والد وڏو زميندار هو، هن کي ورثي ۾ پنج ست سئو ايڪڙ ڀلي زمين حصي ۾ ملي، ان ڪري هن کي جاب ڪرڻ جي ضرورت ڪو نه هُئي، عمر کي نوخيزي ۾ ئي مون وانگر علم ادب ۽ آرٽ جي لغار لڳل هُئي، اسان جي پهرين مُلاقات به آرٽ جي اداري ۾ 1970ع ۾ ٽنڊي محمد خان جي ٽائون هال ۾ محمد عُمر جي لکيل ڊرامي جي هلندڙ شو جي دوران ٿي، ان ڊرامي ۾ منهنجو دوست عظيم خواجه پڻ اهم رول ادا ڪري رهيو هو، جيڪو عمر جو اڳ ئي دوست هو، اسان ان ڊرامي جو ميوزڪ ڏيڻ لاءِ پنهنجي آرڪيسٽرا حيدرآباد مان کڻي ويا هئاسين، بهرحال اهو ڊرامو ڏاڍو ڪامياب ويو هو. محمد عُمر ۽ عظيم وارن جي اداڪاري جي واهه واهه ٿي وئي هُئي، محمد عُمر ميمڻ سان اُتان ئي دوستي شروع ٿي، عمر جا ڊرامن فن ۽ فلمن تي آرٽيڪل ڇپجندا رهيا. عمر پاڪستان ۽ انڊيا جي فلمن ۽ اداڪارن تي تبصرا لکندو هو، ڪنهن اخبار يا ميگزين جو فلمي رپورٽر به رهيو، اخبار ۽ ميگزين جو ايڊيٽر به رهيو آهي، هن وقت به قومي اخبار جو ايڊيٽر آهي.
    عُمر آرٽ ادب ۽ فن جي دنيا جو ماڻهو رهيو، بلڪه پاڻ به فنڪارهو، انتهائي پيار ڪرڻ وارو سچو ۽ نيڪ انسان آهي، فنڪارن جون دليون پيار سان پُر هونديون آهن، عُمر به انتهائي مُخلص محبت ڪرڻ وارو دوست آهي، يارن جو يار، وڏي دل وارو، فراخ دل ماڻهو آهي، عُمر جو سڀ کان وڏو شوق، نئين ماڊل جي ڪار وٺڻ آهي، هر سال ٻن ۾نئين گاڏي وٺندو هو، اسان جي جڏهين دوستي جي ابتدا ٿي هُئي، تڏهين سوزوڪي F.X ماڊل جي ڪار جو ماڊل آيل هو ۽ عُمر ڳاڙهي ڪلر جي ايف ايڪس وٺي مون کي ڏيکارڻ آيو هو ۽ اسان لانگ ڊرائيونگ ڪئي هُئي، عمر جي فراخ دلي ۽ مُحبت جو هڪ واقعو دل چسپ آهي.
    اسي واري ڏهاڪي ۾ مُنهنجو دوست بابل انشورنس ڪمپني ۾ ڪم ڪندو هو، ماشا الله خوب ترقي ڪئي، مئنيجر هو، هن پنهنجن ڪيترن دوستن ۽ واقف ڪارن کي ايجنٽ ڀرتي ڪيو هو، هن مونکي به زوري ايجنٽ بنايو هو، حالانڪه مون کي اهو ڪم پسند ڪو نه هو. هڪڙي ڏينهن بابل مون وٽ آيو ۽ چيائين عمر ميمڻ خوشحال آهي، اهو ضرور پنهنجي انشورنس ڪرائيندو، پاڻ هلون ٿا ٽنڊي محمد خان، مون گهڻئي آنا قاني ڪئي پر بابل مون کي پنهنجي ڪار ۾ وٺي ٽنڊي هليو، عمر اسان کي اوچتو ڏسي حيران ٿيو، اسان کي اوطاق ۾ ويهاريو، چانهه پيئاري خبرون ورتيون بابل عُمر کي ٻڌايو ته گُلان (مون کي سڀ گُلان چوندا آهن) انشورنس ڪمپني جوائن ڪئي آهي، تنهنجي پاليسي ڪرڻ آيا آهيون، عمر اهو ٻُڌي حيران ٿيو، چيائين يار اوچتو اهو ڪم شروع ڪيو اٿئي، ٻڌائيي به ڪونه بهرحال بابل عُمر کي انشورنس جا فائدا ٻڌايا، هو ٻڌندو رهيو پر ڪو به جواب ڪو نه ڏنو، ٿوري دير کان پوءِ اسان کي وٺي ٽنڊي جي سڀ کان بهترين هوٽل تي وٺي آيو، چيائين ٻه ٿيا آهن، ماني جو ٽائيم آهي، ماني کائي پوءِ ٿا ڳالهايون، خير ماني کاڌي، بابل پنهنجو ليڪچر به جاري رکيو، پر عُمر خاموش جڏهين سڀ ڪُجهه ٿي ويو، تڏهين هن بابل کان پڇيو، پاليسي جا گهڻا پئسا ٿيندا، بابل يڪدم ڪلڪيوليٽ ڪري ٻُڌايو پنج لکن جي پاليسي جا سال ۾ ويهه هزار کن ٿيندا، عمر ڇا ڪيو جو ويهه هزار رپيا ڪڍي اُٿي بيٺو ۽ ڏاڍي پيار ۽ جذبات ۾ ويهه هزار مُنهنجي مٿي تان گهور ڪندي بابل کي ڏنا ۽ چيو ته مُنهنجي يار مٿان ته جان به قربان آهي، هي ويهه هزار ته ڪا ڳالهه ڪانهي.
    مُنهنجو پيارو دوست مون ۾ اُميد رکي آيو آهي، مان ڪيئن ٿو هن کي مايوس ڪري سگهان پر يار ڳالهه صاف ۽ سچي اها آهي ته مون کي هن انشورنس پاليسي کان سخت نفرت آهي، بلڪه وهم آهي ۽ مون فيصلو ڪيو آهي ته پاليسي ڪڏهين ڪو نه ڪرائيندس، عُمر چيو ڪجهه وقت اڳ ٽنڊي جو هڪ مائٽ به ايجنٽ ٿيو هو ۽ ان مونکي ڏاڍيون منٿون ڪيون، پر مون انڪار ڪري ڇڏيو هو، سو هاڻي به مان اها پاليسي هرگز ڪو نه هلائيندس، توهان فارم نه ڀريو ته چڱو وڌيڪ توهان جي مرضي، بابل ته فارم ڀرڻ لڳو پر مون عمر کي پئسا واپس ڪندي چيو ته نه يار خير آهي، تو فيصلو ڪيو آهي نه هلائڻ جو ته پوءِ بيڪار آهي، خوامخواهه پاليسي ڪرڻ، پر عُمر پئسا ڪو نه ورتا، بابل فارم ڀري عمر کان صحيحون ڪرايون ۽ پاليسي کي هلائڻ جا زبردست فائدا ٻڌائي تاڪيد ڪندو رهيو ته پاليسي ضرور هلائجو، خير عمر مُسڪرائي ڏسندو رهيو، اسان هن جو شڪريو ادا ڪري واپس آياسين، پر عمر نه ته اهي فارم مونکان کنيا ۽ نه ئي سال کان پوءِ اُن کي هلايو ته اهڙو پيارو آهي مُنهنجو يار محمد عُمر ميمڻ، اڳي جواني ۾ هر هفتي حيدرآباد ايندو هو، عظيم ۽ جرار حُسين به هُنجا دوست هُئا، پر مون ساڻ هن جي دل لڳل هُئي، اسٽوڊيو تي ايندو هو، ڪلاڪ ٻه ڪچهري ڪري پوءِ ويندو هو. 2000ع ۾ عُمر حيدرآباد قاسم آباد ۾ فليٽ خريد ڪيو هو ۽ ٻارن سودو ٽنڊي مان لڏي حيدرآباد اچي رهيو هو. پنهنجي زمين جو ڪجهه حصو پنهنجي ڀاءُ کي مقادي تي ڏئي آيو هو، حيدرآباد ۾ رهندي ٽي سال مس ٿيا هُئا، جو عمر سخت بيمار ٿي پيو، السر ساوڪ کان پوءِ دماغي ۽ نفسياتي بيماري عمر کي ڊاهي وڌو هو، ڏيڍ ٻه مهينا اسپتال داخل رهيو پوءِ رب جا ڪرم ٿيا ۽ هو ٺيڪ ٿي گهر آيو، پر ان دوران هن کي وڏو مالي نقصان ٿيو، هڪ ته بيماري تي وڏو خرچ ٿيو ٻيو سندس ڀاءُ جي بدنيتي جو، هن نه صرف مقاطعي جا پئسا ڪو نه ڏنا، پر زمين تي قبضو ڪري ويهي رهيو، خير سائين پوءِ عُمر وري واپس ٽنڊي لڏي وڃڻ جو درست فيصلو ڪيو ۽ ڀاڻس کان زمين واپس ورتي، خراب ٿيل زمين کي وري ٺاهي تيار ڪيو.
    هاڻ ماشا الله عمر ٽنڊي ۾ خوش آهي، پنهنجي اباڻي جاءِ جو حصو وٺي سٺو گهر به ٺهرايو اٿس، هاڻ ٻارن جي شادين ڪرائڻ جي تيارين ۾ آهي، هاڻ پاڻ عمر رسيده ۽ ڪمزور به ٿي ويو آهي، ان ڪري حيدرآباد گهٽ ايندو آهي، فون تي رابطو آهي، اسان جي دعا آهي رب تعاليٰ هن دوست کي سُک ۽ سلامتي عطا ڪري ۽ خوشيون ماڻي. آمين


    خواجه منصور علي کوساڻي

    خواجه منصور علي کوساڻي
    اسان جو سڀني کان ننڍو ڀاءُ، ماشا الله خوبصورت قدآور جوان آهي، جيئن ته سڀني کان ننڍو، آخري ٻار هو، ان ڪري امان بابا ۽ سڀ هن کي پيار ڪندا هُئا، ۽ هو به گول مٽول صحت مند اڇو ڳاڙهو ٻار سو سڀ هن سان پيار ڪندا هُئا، منصور اعليٰ تعليم حاصل ڪئي، پهرين انجنيئرنگ ڪئي ۽ پوءِ سول سروس جو امتحان پاس ڪري اول مختيارڪار ۽ پوءِ ڊي اي او رهيو، هاڻ S.D.M آهي پر اهم ڳالهه اها آهي ته ٺُپ ايماندار آفيسر آهي، رشوت ۽ حرام جي سخت خلاف، سچو نيڪ ۽ غريبن مسڪينن جو همدرد رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو ڪرپٽ نظام هن کي برداشت نٿو ڪري، جلد بدلي ٿيو وڃي، ڪُجهه سال اڳ منصور ٽنڊو آدم ۾ D.D.O فنانس مقرر ٿي آيو، هي پنهنجو ڪم ايمانداري سان انجام ڏيندو هو، جيڪا ڳالهه ڪرپٽ بالا آفيسرن ۽ هيٺين عملي کي پسند ڪو نه هُئي، سڀ بيزار هُئا، پر هُن جي سچائي ۽ اصول پسندي اڳيان مجبور هُئا، بهرهال اُن جي دور ۾ سنڌ ۾ غير معمولي طور زبردست برساتون پيون هيون، جنهن جي ڪري وڏي ٻوڏ آئي هُئي، سوين ڳوٺ ۽ ڪيئي شهر ٻُڏي ويا هُئا، لکين غريب ۽ مسڪين ماڻهو جانيون بچائي نڪتا هُئا، جيڪي بندن ۽ ڪئمپن ۾ هٿين خالي، بي سرو ساماني جي حالت ۾ بکن ۽ ڏُکن ۾ پهتا هُئا. حڪومت ٻوڏ ستايلن جي کاڌي لاءِ فوري طور فنڊ جاري ڪيا، ٽنڊو آدم ۽ نوابشاهه جي لاءِ ويهه ڪروڙ رپيا آيا جيڪي D.D.O فنانس منصور خواجه جي ڪنٽرول ۾ خرچ ٿيڻا هُئا، منصور فوري طور سوين ديڳون رڌائي بندن ڪئمپن تي ٻوڏ ستايلن کي پهچائڻ جو ڪم چالو ڪري ڇڏيو هو. پر مقامي حڪمرانن ۽ ڪرپٽ آفيسرن جو وات پاڻي ٿيڻ لڳو، هي اوچتي آيل روزي، جيڪا اهڙين ئي اوچتو ايندڙ آفتن وقت ايندي آهي، جيڪا ڪرپٽ حڪمران ۽ وڏيرن ۽کائو بيورو ڪريٽن لاءِ ڄڻ ته رحمت الاهي بڻجي ايندي آهي، سو اهي رهي ڪو نه سگهيا، حڪمران ڌر جا مقامي جيالا ليڊر وفد ٺاهي آيا، ڊي ڊي او فنانس وٽ ۽ چيائون ته هن آيل امداد ۾ پاڻ سڀن جو به حق آهي، انهن ويهن ڪروڙن مان ڏهه ڪروڙ ٻوڏ ستايلن جي کاڌي تي خرچ ڪريون، باقي ڏهه مان هڪ ڪروڙ توهان رکو، نَو ڪروڙ اسان کي ڏيو ته اسين هيٺ کان مٿي تائين سڀني کي پنهنجو حصو پُهچائي اُنهن کي راضي، خوش ۽ چُپ ڪرائي ڇڏينداسين، پوليس، اينٽي ڪرپشن صحافي سڙا به ته خوش ۽ ماٺ ڪرائڻا ٿا پون. منصور انهن جي سڄي ڳالهه ٻُڌي، چيائين ته بابا هي پئسا مُصيبت جي ماريل مسڪين ماڻهن جي امانت آهن، اوچتي آيل آفت ۾ ڦاٿل غريب هارين نارين، بک ۾ ويٺل عورتن ۽ ٻارن جي کاڌي خوراڪ لاءِ آيل فنڊ آهي، جيڪو پڻ تمام گهٽ ۽ ناڪافي آهن، هي آفت جا ماريل غريب سڀ توهانجا پنهنجا ووٽر به آهن، انهن مصيبت جي ماريل بُکن ۽ ڏُکن ۾ ورتل ماڻهن جي وات مان گراهه کسي، مظلومن جي روزي ڦري مان يا توهان ان حرام کي پنهنجن ٻچن کي کارايون، اهو درست ناهي، اهو قطعن غلط، غير اخلاقي ۽ غير انساني فعل آهي، تنهن ڪري مان ائين هرگز ڪو نه ڪندس، منصور انهن کي ٺُپ جواب ڏئي ڇڏيو، پوءِ ته سائين اِهي لوسي وڏيرا، بدڪردار ۽ بداخلاقن جو ٽولو، اول ته منٿ ميڙ ۽ چئو چوا ڪرائي، چاپلوسي ۽ لالچ جا حُربا هلايا، نتيجو نه نڪتو ته پوءِ ڌمڪين تي لهي آيا، پر منصور ڪا به پرواهه نه ڪئي ۽ صاف انڪار ڪري ڇڏيو. تڏهين هي سڀ چڱا مڙس وفد ٺاهي ويا وزيراعليٰ وٽ ۽ هن کي ڊي ڊي او جي ظلم و ستم جي اندهير نگري جي دانهن ڏني. وزيراعليٰ کي قائل ڪري D.D.O جي فوري طور بدلي جا ۽ نئين پنهنجي پيالي بائي D.D.O جي مقرري جا آرڊر ڪڍرائي آيا، ٻي ڏينهن ڏاڍي فخر ۽ تڪبر سان آيا، خوشي فاتحانه انداز ۾ اچي، مظلومن جي مال تي قبضو ڪيو، مُنصور پنهنجي اخلاقي فتح ۽ هنن گندين مڇين جي جهالت ۽ شيطانيت تي مُسڪرائيندي چارج ڇڏي ۽ ڪپڙا ڇنڊي هليو آيو، اچي هيڊ آفيس ۾ رپورٽ ڪئي. منصور پنهنجي اداري ۾ ايماندار ۽ نيڪ آفيسر طور مشهور هو، هن کي آفر ٿي ته سنڌ جي ٻي ڪنهن شهر ۾ پوسٽنگ وٺي، پر هن کي حيدرآباد ۾ پنهنجي گهر ۽ ٻارن سان رهڻ ئي پسند هو، ٻي ڪنهن شهر ۾ پوسٽنگ وٺي اُتي ٻارن کي وٺي وڃڻ جي به خلاف هو، ڇاڪاڻ ته ٻارن جي تعليم ۽ ماحول تي خراب اثر ٿي پيو ۽ ٻيو ته امن امان جي سخت خراب حالتن ۾ اڪيلي يا ٻارن سان به سفر ڪرڻ خطرناڪ سمجهندو هو، ان ڪري حيدرآباد شهباز بلڊنگ ۾ انتظامي پوسٽ تي آرام ۽ سڪون سان ويٺو رهيو.
    اسان جي خاندان ۾ منصور جيئن ته سڀني ٻارن ۾ آخري ٻار هو، ان ڪري امان بابا جو دادلو هو ۽ ٻيا سڀ به هُن کي ڀائيندا هئا، اسان سڀ ڀائر ۽ ڀينرون پرڻجي وياسين ته پويان بابا ۽ امان ساڻ منصور هو. امان بابا جو دادلو ۽ پيارو هو، ان ڪري هُن کي ملڪيت به وڌيڪ ۽ بهتر ملي. اسان جي ٽوٽل پنجاهه کن ايڪڙ زمين مان سڀ کان قيمتي زمين هن کي ملي، جيڪا قومي شاهراهه سان لڳ هُئي، ٻي طرف امان واري ست ايڪڙ زمين به سون جو ٽڪر هُئي، نيشنل هائي وي جي ساڄي پاسي امان جي زمين ۽ کاٻي پاسي اسريٰ يونيورسٽي هُئي پر افسوس جو بابا جي وفات کان پوءِ اسان کي ٻڌائڻ کان سواءِ تڙ تڪڙ ۾اها زمين تمام سَستي ۾ وڪڻي ڇڏي، 35 لکن ۾، جنهن مان اڌ رقم مان بابا جو کنيل قرض ادا ٿيو، باقي اڌ پئسن مان منصور شادي ڪئي. بابا امان وارو بنگلو به منصور کي مليو. بابا جي وفات کان پوءِ امان اُتي ئي منصور ساڻ رهي، منصور امان کي سنڀاليندو ۽ خوش رکندو هو، شادي کان پوءِجيئن اسان جي معاشري ۾ ٿيندو آهي، منصور جي زال سان امان جي کِٽ پِٽ هلندي هُئي، پر منصور هميشه امان کي عزت ۽ پيار ڏيندو هو، خرچ پکي ۾ به امان کي خوش ۽ مطمئن رکندو هو. منصور جيئن ته پاڻ نيڪ سچو ۽ مُحبت ڪرڻ وارو ماڻهو هو، ان ڪري اسان سڀني ڀائرن ۽ ڀينرن سان ٺهندو هو، ڀينرن جا ڪم ڪاريون يا ڪو مسئلو ٿيندو هو ته منصور ئي وڃي حل ڪندو هو. امان بيمار ٿي ، وفات تائين لکين رپيا هن خرچ ڪيا. بزرگن جي وفات کان پوءِ خاندان جو ڪِلو اُکڙيو وڃي، ماءُ ۽ پيءُ جو گهر مرڪز هوندو آهي، اولاد جي لاءِ هڪ پناهه گاهه هوندو آهي، ماءُ پيءُ جي انتقال کان پوءِ اهو مرڪز ختم ٿيو وڃي ۽ اولاد وري هر ڪو پنهنجو جُدا مرڪز جوڙيندو آهي، هڪ وڏي آستان جي خاتمي کان پوءِ، وري ننڍا ننڍا ڪئي ٺڪاڻا ٺهندا آهن، اهو ئي فطرت جو نظام آهي.


    سنڌ جو روشن ستارو، منهنجو دوست ۽ اُستاد مرحوم حسن درس

    سنڌ جو روشن ستارو، منهنجو دوست ۽ اُستاد مرحوم حسن درس
    حسن درس، روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو، ان ڳنڀير خبر هانوُ ئي ڏاري وڌو، دل ۾ چَڪُ لڳو، دک ۽ درد جي لهر اندر ۾ لهي وئي، الا! وڏو نقصان ٿي ويو، سنڌ، سنڌي ٻولي، ادب ۽ شاعريءَ جو روشن تر ستارو اوچتو الوپ ٿي ويو! سنڌ جو سرمايو هو جيڪو ضايع ٿي ويو.
    حسن ڪافي ڪُجهه لکيو آهي ۽ ماشاءَ الله شاعريءَ ۾ شاندار لکيو آهي، جنهن کي ساري سنڌ جي علمي ادبي سوسائٽيءَ ساراهيو آهي، حَسن، اخبارن رسالن، ميگزينس وغيره ۾ پنهنجو ڪلام ڇپائيندو رهيو، پر شاعريءَ جو پنهنجو ڪو مجموعو ڇپرائي نه سگهيو، حالانڪه حسن جا ڪيئي دوست اعليٰ ترين علمي ادبي ادارن جا سربراهه آهن، ڪيترائي ايڊيٽر ۽ پبلشر هن جي شاندار شاعريءَ جا ڪتاب ڇپڻ لاءِ تيار هُئا ۽ هُو هميشه حَسن کي چوندا، منتون ڪندا رهندا هئا، پر هي نٽائيندو رهيو، ’ها ها‘ ڪندو رهيو، پر سنجيده نه ٿيو، وفات کان مهينو کن اڳ، نور احمد خواجي جي گهر منهنجي حسن سان اُها آخري ملاقات هُئي، تڏهين حَسن ٻڌايو هو ته، ”يار ڪتاب ڇپايون ٿا، هاڻ ته ماڻهو مون کي اصل مارين ٿا، تياري شروع ڪئي اٿم.“ بهرحال، هُن جي حياتيءَ ۾ ڪتاب نه ڇپجي سگهيو، پر هاڻ يقينن هن جا ڪتاب ڇپجندا ۽ يقينن هُن جو منفرد ڪلام دنيا کي حيران ڪندو، ڇاڪاڻ ته واقعي ئي حسن وڏو شاعر هو، عظيم شاعر هجڻ جو اعزاز ته، سنڌ جي عظيم قومي شاعر شيخ اياز به حسن کي ڏنو، شيخ اياز پريس ڪلب جي ڪنهن پروگرام ۾ پهريون ڀيرو حَسن جو مزيد ڪلام ٻُڌو هئائين ۽ اُتي اياز اِهي ڪمينٽس ڏنا ته ”هِن نوجوان محنت ڪئي ته مون کان پوءِ مُنهنجي جاءِ هيءَ نوجوان والاريندو.“ اِهو وڏو اعزاز هو، جيڪو هڪ عظيم شاعر پنهنجي مستقبل جي وارث کي ڏئي رهيو هو.
    بيشڪ حَسن وڏو شاعر هو، هن جو ڪلام مَنَ ۾ لهي ويندڙ آهي، وطن ۽ مٽيءَ سان عشق، ماروئڙن جهانگيئڙن سان ملاحن ۽ مُهاڻن سان محبت، هن جي ڪلام جو مرڪز آهن، حسن جا خيال، منظر، ڌرتيءَ جا ڪردار من موهيو ڇڏين، حسن ڪيئي تاريخي واقعن ۽ شخصيتن تي به شاندار شعر چيا آهن، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي تي ۽ خاص طور شهيد بي بي محترمه بينظير ڀٽو تي لکيل نظم ته سڄيءَ سنڌ کي رُئاڙي ڇڏيو، صدر پاڪستان آصف علي زرداري، وڏو وزير ۽ ٻيا سڀ جيالا محترمه شهيد جي ڏهاري تي لاڙڪاڻي ۾ حَسن کي وڏي شانَ مانَ سان سڏائيندا هئا ۽ احترام سان سندس ڪلام ٻُڌندا هئا ۽ جڏهن حسن پنهنجي زخمي جذبن کي بيان ڪندو هو ته جيالا اوڇنگارون ڏئي روئيندا هُئا.
    حَسن کي سڄيءَ سنڌ سان عشق هو پر جيئن ته پاڻ لاڙي هو، تنهن ڪري لاڙ سان، درياهه سان ۽ مُهاڻن سان سندس خاص پيار هو، ملاحن ۽ مانجهين تي، لاڙ جي شامن تي ته هن ڏاڍو خوبصورت لکيو آهي، جهنگشاهي جي کجين، اُداس ديوين، ٻٻرن ۽ کٻڙن تي به خوب لکيو اٿس، روماني شاعري، محبوب جي حُسن ڪاريءَ ۾ به حَسن ڪمال ڪيو آهي.
    حسن درس جي شاعري ۽ ٻيو سڀ مواد يقينن جلدي ڇپبو ۽ حَسن اڃا وڌيڪ مانُ ۽ مرتبو به ماڻيندو، هن جي ڪلام ۽ شخصيت تي به مُستقبل ۾ گهڻو ڪجهه لکيو ويندو.
    منهنجو حسن درس سان تعارف اسان سڀني جي مُحسن ۽ اُستاد، سنڌ جي دل نواز علمي ادبي شخصيت، محترم نُور احمد خواجه معرفت ٿيو ۽ حسن سان جيڪي ٽي چار تفصيلي ملاقاتون، ڪچهريون ٿيون، اُهي سڀ سائين نور احمد جي فليٽ تي ٿيون.
    مُنهنجي خوش نصيبي جو شاعريءَ ۾ حسن منهنجو استاد هو ۽ باقاعده هن مون کي پنهنجي شاگرديءَ ۾ ورتو هو، اهو اتفاق ائين ٿيو هو جو محترم شيخ اياز جي وفات ۽ تدفين وقت ڀٽ شاهه تي اسان به موجود هئاسين، ڪيئي وڏا عالم، دانشور، شاعر، اديب، ليڊر ۽ بيورو ڪريٽ به موجود هُئا، اسان سائين نور احمد، عمر قاضي، حسن درس ۽ نصير مرزا گڏ هئاسين، بهرحال تدفين کان پوءِ اسان سڀ گڏجي منهنجي ڪار ۾ واپس آيا هئاسين ۽ اُن ئي رات، اياز جي عظمت، اعليٰ مقام، وفات ۽ تدفين وارن منظرن تي مبني، ڪيئي شعر مون لکيا، بيتن جي پوري لڙي هُئي، جيڪا لٿي هئي، بعد ۾ جڏهن نور احمد ۽ حسن کي ڏيکاريم ته هُنن به پسند ڪيا ۽ مون حسن کي گذارش ڪئي ته منهنجن شعرن جي اصلاح ڪريو، تڏهن حسن مُسڪرائيندي چيو، پوءِ تون مون کي استاد مڃيندي؟ مون هڪدم چيو ته بيشڪ خوشيءَ سان توهان کي پنهنجو اُستاد ٿو مڃان، بلڪه منهنجي لاءِ اهو اعزاز هوندو، ته مان حسن درس جهڙي وڏي شاعر جو شاگرد آهيان، پوءِ حسن مون کان اهو شعرن وارو پنو وٺي رکيو ۽ گهر کڻي ويو، ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ نور احمد کي ڏئي ويو، انهن شعرن ۾ استاد صاحب بهترين اصلاح ڪئي، نه صرف حرف تجنيس سُڌاري پر سِٽ کي ردم ۽ لئه ۾ به آندو ته ڪلام مزيد خوبصورت ٿي پيو ۽ پوءِ منهنجا بيت نصر مرزا اياز جي باري ۾ ڇپايل شاندار ڪتاب ’سامي سڄ وڙاءُ‘ ۾ شامل پڻ ڪيا.
    اهڙيءَ طرح مون کي اهو اعزاز مليو ۽ مان اڪثر حَسن کي ادب سان ’استاد محترم‘ چئي مخاطب ٿيندو هُئس.
    حسن سان منهنجي آخري ملاقات به اٽڪل وفات کان مهينو کن اڳ، سائين نور احمد جي گهر تي ئي ٿي هُئي، ٻه ٽي ڪلاڪ ڪچهري ڪئي هُئيسين، حسن ڪچهريءَ جو مور هوندو هو، ڳالهه ڪرڻ جو انداز به دلبرانه هُئس، تنقيدي ۽ طنزيا ڳالهه اهڙي ته مزاحيا انداز ۾ ڪندو هو جو ٻڌڻ وارا کلڻ ۾ پورا هوندا هئا.
    حسن ڏاڍيون مزيدار ڳالهيون ڪندو هو، اُن ڏينهن هڪ واقعو ٻڌائين ته منهنجو هڪ دوست پوليس ۾ ڊي ايس پي آهي، اسان ڪار ۾ مٽيارين کان حيدرآباد پئي آياسين، ڊي ايس پي ٻُڌائڻ لڳو ته هاڻ اسان پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ زبردست تبديليون پيا آڻيون، ٿاڻن جي ماحول کي سُڌاري، نيڪ نام آفيسر آڻڻ، ڊسيپلين، قانون جا پابند، ڦُڙت ۽ چاڪ چوبند نوجوان پيا آڻيون، جيڪي پوري ذميداريءَ سان ڊيوٽيون ڏيندا، حسن چيو، آءُ هن جون ڳالهيون ۽ ناممڪن تبديلين جا ذڪر ٻُڌي بور ٿي رهيو هُئس، ايتري ۾ اسان حيدرآباد ۾ راجپوتانا وٽ پهتاسين، گاڏي آهستي ٿي، ته سامهون روڊ جي کاٻي پاسي پوليس چوڪي هُئي، اُتي جو منظر جيڪو سامهون هو، اهو هو چوڪيءَ جي در وٽ ڪاٺ جي ڪُرسيءَ تي جمعدار آهليو پيو هو، ٿُلو پيٽ نڪتل پير اڳيان رکيل اسٽول تي هئس ۽ ڏاڍي مزي سان آرام ڪري رهيو هو، ٻيو پوليس وارو چوڪيءَ جي ديوار پويان منهن ڪري پتلون جا پٽڻ کولي بيٺي بيٺي پيشاب ڪري رهيو هو، حَسن دوست کي اوڏانهن متوجه ڪندي چيو، اها ڏس توهان جي سُڌارن جي تصوير، حسن کي مزاحيه انداز ۾ ڳالهه ڪرڻ جو ڏانو هو، ڏاڍو کلائيندو هو.
    بهرحال حسن وڏو عاشق مزاج، حُسن پرست شاعر هو، ماشاءَ الله، حسن جي پنهنجي شخصيت به باوقار مردانه حُسن جو نمونو هئي، صحت مند جسم، قدآور بدن، سهڻا نقش، ڪڻڪ رنگو، پُروقار نظر ايندو هو.
    حسن جون هڪ ئي وقت ڪيترين ئي ڇوڪرين سان دوستيون ياريون، پيار، محبت جا رشتا قائم هُئا، پنهنجين محبوبائن جو ذڪر ۽ حال احوال، نور احمد سان اوريندو رهندو هو، سائين نور احمد سان حسن جو هڪ خاص پيار ۽ عقيدت وارو تعلق هو، نور احمد به هن کي تمام گهڻو ڀائيندو هو، هونئن ٻئي يارن وانگر هڪٻئي سان فري ۽ بي حجاب به هوندا هئا، پر عمر ۾ نور احمد وڏو هو ۽ حسن هُن جي پُٽَ نفيس جيڏو هو، ان ڪري نور احمد، حسن کي پنهنجي اولاد وانگر عزيز رکندو هو، حَسن جو نور احمد سان گهاٽو ۽ گهرو تعلق هو، نور احمد سان نه صرف ذاتي گهريلو ڳالهيون به شيئر ڪندو هو، پر پنهنجي پيار محبت جا قصا به سليندو هو، بلڪه پنهنجي محبوبائن ۽ دوست ڇوڪرين کي نور احمد سان ملائڻ لاءِ وٺي ايندو هو، بقول سائينءَ جي ته مهيني ۾ هڪ ٻه ڀيرا حسن ضرور ايندو هو ۽ سڄو ڏينهن ۽ رات جو دير تائين هڪ ٻين بجي گهر ويندو هو.... نور احمد جي گهر واري سخت بيمار آهي، هن کي ڄامشوري هاسپيٽل ۾ ٿراپيءَ لاءِ وڃڻو پوندو هو ۽ تمام ڪمزور ۽ بيمار هجڻ ڪري، هُن کي رڪشه جي لوڏن ۽ ڌڪن ۾ سخت تڪليف ٿيندي هُئي، اهو مريض لاءِ ناقابل برداش هو، حسن کي جڏهن ان صورتحال جي خبر پئي، ته هُن اها ڊيوٽي پاڻ تي کنئي، هن وٽ ڪار هُئي، صبح جو نور احمد ۽ اُن جي گهرواريءَ کي کڻي ڄامشوري ويندا هُئا ۽ ڪيترا ڪلاڪ اُتي رهي، ٿراپي ڪرائي واپس گهر تي ايندا هئا، حسن جو نور احمد سان پيار ۽ عقيدت وارو تعلق ويهه سال پراڻو هو، اٽڪل ويهه سال اڳ جڏهن حسن ٽين ايج ۾ هو ماڊل اسڪول ۾ پڙهندو هو، نور احمد جا ٻه فرزند شفيق ۽ نفيس به ماڊل اسڪول ۾ ئي پڙهندا هُئا، اُتي هِنن ڇوڪرن جي پاڻ ۾ دوستي ٿي، حسن، نفيس سان وڌيڪ ويجهو ۽ اڪثر هنن جي گهر به ايندو هو ۽ نور احمد سان به ملندو هو، حسن شاعري ڪرڻ شروع ڪئي، نور احمد کي ٻڌائيندو هو ته هُو هن جي همت افزائي ڪندو هو، اهڙيءَ طرح هُن جو تعلق نور احمد سان وڌيڪ گهرو ٿيندو ويو، نور احمد حسن کي هميشه سُٺا مشورا ڏيندو هو، نور احمد جيئن ته پاڻ برِ صغير جي شاعري و ادب تي وڏي ڄاڻ رکندڙ آهي، هن کي حسن ۾ ڏات جا ڏيئا نظر ايندا هئا، ان ڪري هن کي سمجهائيندو هو، بي مقصد وقت وڃائڻ بدران تخليقي ڪم ڪرڻ ڏانهن مائل ڪندو هو، هن کي سُٺا سُٺا ڪتاب پڙهڻ لاءِ زوريءَ ڏيندو هو، چوندو هو ته مطالعو تنهنجي ڏات کي سِراڻ وانگر تيز ڪندو، نور احمد حسن کي پنهنجي ڪتاب ڇپائڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ ۽ سنجيدا ٿيڻ لاءِ چوندو هو، نور احمد ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته حسن پنهنجي شاعريءَ جو ڪتاب ڇپرائي، ڪيترو وقت ته ها ها ڪندو رهيو، پر سنجيده نه ٿيو، وفات کان مهينو کن اڳ، نور احمد جي گهر تي ڪچهريءَ دوران، هُن وري حَسن کي چيو، ته حسن چيو، ”هاڻ ته ماڻهو مون کي اصل مارين ٿا، دوست وڙهن ٿا، ان ڪري هاڻ نور احمد سان واعدو ٿو ڪريان ته جلد شاعريءَ جو ڪتاب ڇپرائيندس، ان لاءِ تياري به شروع ڪئي آهي، مواد جي چونڊ ڪري رهيو آهيان.“ نور احمد چيس ته ”يار هاڻ لاپرواهي ڇڏ، تنهنجي ڏات ۽ شاعري، قوم جي امانت آهي ۽ تون وڏي زيادتي ڪري رهيو آهين“. سو اهڙي طرح حسن مُنهنجي موجودگيءَ ۾ نور احمد سان واعدو ڪيو ۽ اسان کي به اُميد پيدا ٿي ته هاڻ ڪتاب ايندو، پر اُن وقت اسان کي خبر نه هُئي ته، قدرت کي حَسن جي حياتيءَ ۾ ڪتاب اچڻ ۽ ڏسڻ منظور نه هو.
    حسن درس، پنهنجي حياتيءَ جو آخري سڄو ڏينهن نور احمد سان گڏ ۽ هن جي گهر تي گُذاريو، اِهو حَسن جو نُور احمد سان عشق جو اظهار آهي ته وفات کان اڳ آخري سڄو ڏينهن ۽ رات جو دير تائين نور احمد جي گهر تي هو ساڍي ٻارهين بجي رات جو هو روانو ٿيو هو ۽ اڍائي بجي هُو هن دنيا ۾ نه رهيو.
    حسن جي اوچتي وفات سڄيءَ سنڌ کي مغموم ڪري ڇڏيو، هن جا سڀ دوست يار، مِٽ مائٽ ۽ گهر وارا به غم ۾ وٺجي ويا، جدائيءَ جي ڌڪ ته صفا نهوڙي ڇڏيو هو، نور احمد ٻڌايو ته حسن جي وفات جي اوچتي خبر سان هڪ دم جهٽڪو لڳو ۽ منهنجو نروس بريڪ ڊائون ٿيڻ لڳو، منهنجي مغض مان درد جي هڪ لهر پُٺيءَ جي ڪنڊي مان هيٺ چيلهه تي اثر ڪيو ۽ مان پلنگ تي ڊهي پيس، بدن مان سڄو ست نڪري ويو، سخت سُور چيلهه ۾ بيهي رهيو ۽ ڪمزوري اهڙي جو ڏڪڻ لڳس، بهرحال سائين اُن ڏينهن کان بيمار آهي، اڃان ٺيڪ نه ٿيو آهي.
    سائين نور احمد کي اڃا به يقين نٿو اچي، چوي ٿو ته ”ائين ٿو لڳي ته حَسن اوچتو اچي نڪرندو“. حسن کي ياد ڪري ٿڌا ساهه ٿو ڀري، جيڪو به دوست وٽس اچي ٿو، ته ان سان حَسن جون ڳالهيون ۽ يادن ۽ واقعن جو ذڪر ٿو ڪري، مون کي به هي سڀ ڳالهيون نور احمد ٻڌايون ۽ پڻ حسن سان گذاريل آخري سڄو ڏينهن رات جا سڀ تفصيل مون کي ٻُڌايا اُهي ڪجهه هيئن هُئا، نور احمد ٻڌايو ته:
    حسن جي حياتي جو آخري ڏينهن صُبح 9 بجي حسن جو فون آيو، هن چيو ته ”ادا مان ڳوٺان پيو اچان، رستي ۾ آهيان، هڪ ضروري ڪم آهي، توهان مون ساڻ گڏ هلي سگهو ته بهتر ٿيندو“. نور احمد چيو، ”ٺيڪ آهي“. هن چيو، ”توهان جي شهر جي ڀٽائي اسپتال پهچو....“ نور ٻڌايو ته، اُن ڏينهن حَسن، صبح ساجهر پنهنجي ڳوٺ مشائخ هوٿي ويو هو، هُن اُتي بزرگن جي مزارن تي حاضري ڏني، قبرستان ۾ مائٽن جي فاتح ڪئي، پوءِ ڳوٺ ۾ ويو، ڳوٺ وارن سان مليو، ٻارن کي پيار ڪيائين، پوڙهين سان خوش خير آفيت ڪيائين، ته اُتي، هُن هڪ غريب عورت کي سخت تڪليف ۾ بيمار ڏٺو، تقريبن 25 سالا عورت، وڏي اذيت ۾ هُئي، هُن جي پيٽ ۾ ٻار مري چڪو هو، جلد از جلد اهو ٻار ضايع نه ٿيو ته مائيءَ جو بچڻ به ناممڪن هو.
    حسن، ان عورت کي پنهنجي ڪار ۾ کڻي اسپتال پهتو، پوءِ اسان گڏجي ڊاڪٽرن سان ڳالهايو، فورن علاج شروع ٿيو، مائيءَ کي داخل ڪيو ويو، حسن وٽ اٺ ڏهه هزار رپيا هُئا، جيڪي هُن في طور جمع ڪرايا.
    جڏهن مائي خطري کان ٻاهر ٿي، تڏهن ڊاڪٽرن ۽ نرسن کي مائيءَ جي نگهبانيءَ جي پارت ڪري ۽ مائيءَ کي هڪ هزار رپيا ڏنائين ته متان اوچتي ڪنهن دوا يا ڪنهن شيءِ جي ضرورت پوي ته ڪم اچن، اٽڪل اڍائي بجي اسان ٻئي گهر آياسين، ماني کاڌيسين ۽ حسن ٻه گلاس لسي جا پيتا، ته همراهه کي ڳهر ٿيڻ لڳي، حسن کي پلنگ تي سمهاري پاڻ ٻئي ڪمري ۾ وڃي آرامي ٿيس. اٽڪل 5 بجي ڌاري، اسان جو پيارو دوست عُمر قاضي جنهن کي حسن مذاق ۾ ”ڪافر قاضي“ چوندو آهي، سو واچ مينهن ڪندو اچي ڪڙڪيو، هُن حسن جو پُڇيو، اُن کي اُٿاريو، عمر پنهنجي باس آفتاب ميمڻ جي ڪتاب جي مهورت، شاندار نموني ڪرائڻ جي تيارين ۾ رُڌل هو، ان سلسلي ۾ صلاح مشورو ڪندا رهيا، حسن اسپتال مان به خير خبر وٺندو رهيو، ڪچهري به ڪندا رهياسين.
    عمر چيو، ”يار ٿورو شغل ڪريون“ ته حسن يڪدم چيو“، مون وٽ هيٺ ڪار ۾ ’جَنَ‘ جي بوتل پئي آهي، چئو ته کڻي اچان“. ياد رهي ته حسن جيڪو وڏو پياڪ هو، تمام گهڻو پيئندو هو، بلڪه هر قسم جو شراب، انگريزي ديسي، ٺرو هُجي يا تاڙي، جيڪو آيو سو ااَگهيو وارو حال هو، هن تمام گهڻو شراب پيتو هو ۽ پوءِ نيٺ بيمار ٿيو ۽ سندس ئي دوست ڊاڪٽر بيکا رام هن کي ڊپ ڏنو ته جيڪڏهن ان طرح پيئڻ جاري رکيئي ته تنهنجو به حال تنهن جي ئي اُن پياري دوست ياسر ڪاڇيلي جهڙو ٿيندو، ٻئي گردا فيل ٿي ويندا.
    ان کانپوءِ هن شراب هڪدم بند ڪيو ۽ هاڻ مهيني ٻئي، ولائتي شراب سو به هڪ ٻه پيگ پيئندو آهي. بهرحال نور احمد چيو ته يار ’جِن‘ طبيعت کي نٿو لڳي ۽ ٻيو ته ڪالهه ٽي ويءَ تي ڏيکاريائون ته حيدرآباد جي صدر واري گُتي تان نقلي شراب ’جِن‘ پيئڻ سان ٽي چار ماڻهو مري ويا آهن، حسن چيو، ”يار مون وٽ اصلي آهي فڪر نه ڪريو“. پر نور احمد چيو ته يار نٿا پيون“. پوءِ عمر هڪ پراڻي رکيل زرڙي پنهنجي پرس مان ڪڍي سگريٽ ٺاهي، حسن ڪو نه پيئندو آهي، نور احمد به لهرائيندو آهي پر ان ٻه ٽي ڦوڪون هنيون ۽ پوءِ موڊ ۾ اچي غالب، مير داغ جا ڪلاسڪ شعر ٻڌائڻ لڳو، حَسن کي به مزو آيو ته هن به پنهنجا شعر ٻُڌايا، ڪو زمانو هو، جڏهن نور احمد کي غالب، فيض ۽ اياز جا سوين شعر بر زبان ياد هوندا هُئا ۽ اسان کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ شعر ٻڌائيندو هو، پر هاڻ حافظو ڪمزور ٿيو آهيس، تڏهن به نور احمد جي اها خوبي آهي ته موقعي ۽ موضوع جي مناسبت سان اهڙا شعر فٽ ڪندو آهي، جو مزو اچي ويندو آهي، نور احمد پنهنجي موجوده صورتحال تي داغ جو شعر ٻڌايو.
    هوش و حواص، تاب و توان، ”داغ“ جا چُڪي،
    اب هم ڀي جاني والي هين، سامان تو گيا.
    بهرحال، نور احمد ٻڌايو ته اسان ٽنهي ڄڻن شاندار ڪچهري ڪئي، ان دوران اٽڪل ڇهين بجي، حسن جي زال جو فون آيو ته تون ڪٿي آهين، ممي تيار ويٺي آهي، توهان کي ممي سان گڏجي مرحوم طارق عالم ابڙو جي وفات تي، هنن جي گهر پُرسو ڏيڻ وڃڻو هو، حسن کي ته اصل ۾ اها ڳالهه ئي وسري وئي هُئي، سو چيائين، ”اڙي ها، پر مان هينئر مٽياري ۾ آهيان، تون هلي وڃ“. حسن گهڻو لهرائڻ جي ڪئي، پر پوءِ چيائين، ”چڱو ڀلا مان پندرنهن منٽن ۾ پُهچان ٿو“. لاچار اُٿيو ۽ چيائين ته ”يار مجبوري آهي، پر مان هڪ ڪلاڪ اندر واپس ٿو اچان، ڇاڪاڻ ته پُرسي ۾ گهڻو وقت نه ويهبو آهي“. نور احمد چيو، ”ٺيڪ آهي بابا، سَسَ سڳوريءَ جو حُڪم آهي ۽ جيجڙي زال جو اصرار آهي ته ڀلي وڃ، پر اسين ويٺا آهيون تون اچ ته پوءِ گڏجي ماني کائون“. حسن ويو ۽ ڏيڍ ڪلاڪ ۾ واپس آيو ۽ پوءِ اسان گڏجي ماني کاڌي، اسپتال به فون ڪندو رهيو.
    رات جو ٻارنهن ٿيا ته حسن جي دوست مسعود جو فون آيو، جيڪو جي او آر ڪالونيءَ ۾ رهندو آهي، ان حسن کي ٻڌايو ته، ”ڪراچي، مان اين جي او وارو همراهه آيو آهي، توهان سان ملڻو ضروري آهي، توهان اچو“. حسن چيو يار وڃڻو پوندو، اسان جي گڏيل پروجيڪٽ جو اهم معاملو آهي، نور احمد چيو ته ”يار هن وقت آڌيءَ رات جو اوڏانهن نه وڃ، صُبح جو وڃجانءِ، هينئر پاڻ ڪلاڪ ڏيڍ ڪچهري ٿا ڪريون پوءِ تون سِڌو گهر وڃج، صُبح جو وڃجانءِ، پر حسن چيو، ”نه يار مجبوري آهي هن سان ملي پوءِ اتان ئي گهر ويندس، پاڻ سُڀاڻي ملنداسين ۽ اسپتال هلنداسين“. نور احمد هن کي هيٺ ڪار تائين ڇڏڻ آيو.
    ساڍي ٻارهين بجي حسن ڪار ۾ ويٺي موڪلايو تڏهين نور احمد هن کي هدايت ڪئي ته سنڀال سان وڃ ۽ هن کي روانو ڪيو، نور احمد کي وهم وگمان به نه هو ته هُو هن پنهنجي پياري شاعر دوست کي هي آخري ڀيرو ڏسي رهيو آهي!
    ٻن اڍائي ڪلاڪن کان پوءِ، حَسن هن دنيا مان ئي هليو ويو.
    ٿيو ائين جو حسن جي او آر ڪالونيءَ ۾ همراهن سان ٻه ڪلاڪ کن رهيو، تقريبن اڍائي بجي واپس ايندي پونم پيٽرول پمپ سامهون هوش محمد پُل جي هڪ پلر سان ڪار سامهون زوردار نموني ٽڪرائجي وئي، حَسن کي ڇاتيءَ ۾ اسٽيئرنگ جو ڌڪ لڳو هو، هن جي پاسراٽيون ٽُٽي، ڦڦڙن ۽ ماس کي زخمي ڪيو هو ۽ شايد مٿي تي به ڌڪ لڳو هئس ۽ هُو بيهوش ٿي ويو هو، بدقسمتيءَ سان حَسن کي فوري طبي امداد به نه ملي سگهي، هڪ ته ماڻهن جي بي حسي ۽ ٻيو پوليس جي ڌپ ڪري ويل نظام جي نااهليءَ، حسن جهڙي عظيم شاعر ۽ حسين جوان کي ضايع ڪري ڇڏيو، جيڪڏهن فوري طور کيس هاسپيٽل پهچائجي ها ۽ طبي امداد مليس ها ته بچڻ جا قوي امڪان هُئا.
    ٻه ڪلاڪ حسن بيهوش ڪار ۾ ڦاٿل رهيو، سامهون پيٽرول پمپ وارن حادثو ڏٺو، پر ڊوڙي اچي ماڻهن جي مدد ڪرڻ بجاءِ هنن صرف پوليس کي فورن فون ڪيو، اڌ ڪلاڪ کان پوءِ هڪ موبائل آئي، جاءِ حادثي کي ڏسي چيو ته هيءُ اسان قاسم آباد وارن جي حد نه آهي، هيءَ ڪنٽومينٽ ٿاڻي جي حد آهي، اهو چئي ٻي حد وارن کي فون ڪري پاڻ هليا ويا، بجاءِ ماڻهوءَ کي بچائڻ جي هي عوام جا مددگار مُڇون وٽيندا ويا هليا، جيسيتائين ٻي حد وارا اچن حسن جي اندر ۾ بليڊنگ ٿيندي رهي، ٻه ڪلاڪن کانپوءِ هڪ ڪوچ جنهن ۾ هڪ سنڌي خاندان جي ڄڃ هُئي جيڪا ڪنوار پرڻجي اچي رهي هئي، اها اتفاق سان حادثي واري ڪار وٽ ٿورو بيٺي ته هڪ نوجوان جيڪو شهيد ڀٽو پارٽيءَ جو ڪارڪن هو اُن لهي نِمي ڏٺو، هن ٽارچ جي روشني هنئي ته هُن بيهوش حسن درس کي سڃاڻي ورتو، پوءِ ته هنن کيس هڪدم ڪار مان ڪڍي پنهنجي ڄڃ واري ڪوچ جي سيٽ تي ليٽائي سِڌو هاسپٽيل آندو، پر افسوس جو تيسيتائين ڪافي دير ٿي چُڪي هئي، انهن نوجوانن جو چوڻ هو ته اسان جڏهن هن کي ڪار مان ڪڍيو هو تڏهن هن ۾ ساهه هو، بيهوش هو پر نبض سُست رفتاريءَ سان هلي رهي هُئي، پساهه هُئا پر پوءِ اسپتال پهچڻ سان ئي هن عظيم ۽ حسين شاعر جو روشن روح پرواز ڪري ويو.


    ”منهنجا ٻار“

    ”منهنجا ٻار“

    هر انسان مُختلف هوندو آهي، هر ماڻهو جو چهرو صورت جُدا جُدا آهن، اهڙي طرح هر ماڻهوءِ جي سوچ سمجهه، پسند نا پسند ۽ عادتون به مختلف هونديون آهن.
    اسان جا چار ٻار ٿيا، چارئي مُختلف، اول ٻه نياڻيون ٿيون، سنڌو ۽ جيما ۽ پوءِ ٻه فرزند سارنگ ۽ ساجن، سنڌو ۽ جيما جي طبيعت ، سوچ ۽ شخصيت ۾ فرق رهيو. سنڌو جيئن ته پهريون اولاد هُئي ۽ ٻيو ته سنڌو بيحد خوبصورت ڄائي هُئي، اڇي ڳاڙهي سُنهري وار، شيريون اکيون، جهڙوڪر انگريزن جو ٻار هُجي، سڀ سنڌو جي تعريف ڪندا هُئا، ان کي کڻندا پيار ڪندا هُئا، جڏهين ته جيما جنهن جا نيڻ نقش ته سُهڻا ۽ دلڪش هُئا پر رنگ کُليل اڇو ڪو نه هو، جهڙو سنڌوءِ جو هو، جيما ڪڻڪ رنگي هُئي، پوءِ جڏهين سڀ سنڌو کي کڻندا ۽ پيار ڪندا هُئا ته جيما ان ڳالهه کي سخت بُرو محسوس ڪندي هُئي ۽ جڏهين ٿوري سمجهه ڀَري ٿي ته چوندي هُئي، ته سڀ رُڳو سنڌوءِ کي ٿا پيار ڪن، مون کي ڪير به پيار نٿو ڪري. تڏهين مان هن کي چوندو هُئس ته اسين توکي پيار ٿا ڪريون، اسان جي لاءِ ٻئي برابر آهيو. جيما تمام گهڻي حساس ۽ سمجهدار هُئي ۽ سنڌو کي وري وڏائي ۽ حُسن جو غرور هو. سنڌو جو لاڙو ڏاڏڻن ڏانهن گهڻو هو، جتي مُنهنجي ڀينرن جو لائف اسٽائل جديد هو، مُنهنجي ڀيڻ، شاهه سُلطانه ۽ نيزار صاحب جون به ٻه نياڻيون هيون، ايلسا ۽ جوليا جيڪي سنڌو جون هم عُمر سهيليون هيون،، ايلسا سنڌو پڪيون سهيليون هيون، ايلسا اڪثر موڪلن ۾ سنڌو کي پاڻ وٽ ٽڪائيندي هُئي، ان ڪري هن تي ان ماحول جو اثر ٿيو، اسان جو طور طريقو درميانه طبقي وارو سادو هو. سنڌو جون پسند ۽ خواهشون به اعليٰ قسم جون هونديون هيون، پر اسان ٻنهي ڀينرن کي برابر اهميت ڏيندا هُئاسين، پر تڏهين به سنڌو وڌيڪ ڦٻي ويندي هُئي، جيما کي به ڪجهه گهٽ ته ڪو نه ملندو هو پر هوءِ ائين سمجهندي هُئي ته سنڌو کي وڌيڪ بهتر ٿو ملي.
    سنڌو ماڻس جي قريب رهي ۽ جيما وري مُنهنجي ويجهو هُئي، جيما پنهنجا ڏک سور مونکي ٻڌائيندي هُئي، مان گهر ۾ داخل ٿيندو هُئس ته جيما ڏکن، دردن جي ڀري، سدائين سورن ۾ سڙي پئي هوندي هُئي، چوندي بابا سنڌو کي سُٺا ڪپڙا مليا مون کي خراب مليا. جيما ڪڏهين ڪڏهين مون سان به ناراض ٿيندي هُئي، هڪ ڀيري جڏهين جيما ستن اٺن سالن جي هُئي، مون ڪو هن سان واعدو ڪيو هو، بازار وٺي هلڻ جو، جيڪو پورو نه ٿي سگهيو، انتي جيما کي سخت افسوس ٿيو ۽ ڪاوڙ لڳي، انهي ڏک ۽ غسي ۾ هن مونکي هڪ ٻاراڻو خط لکيو، جنهن ۾ هن پنهنجي ناراضگي ڪاوڙ ۽ دهمڪي سان گڏ پيار جي رشتي کي به ٽوڙڻ ڪو نه ڏنو، بلڪه قائم رکيو. ان خط جو متن ۽ لکڻ جو انداز هن طرح آهي.
    جيما جو خط
    حرف به حرف،
    786 معنيٰ بسم الله
    يا علي مدد Date29-2-1974
    بابا آئون توهان سان ناراض آهيان، توهان ڪالهه رات جو مونکي چيو هو ته پاڻ صُبح جو بازار هلنداسين، پر توهان ڪو نه هليا، اهو ته مان برداشت ڪري ويس، پر وري توهان چيو ته شام جو هلنداسين ۽ وري به توهان ڪو نه هليا، هاڻ اهو ته آئون برداشت نٿي ڪري سگهان، ان ڪري اڄ رات کان مون سان نه ڳالهائجو، اگر ڳالهائڻ چاهيو ته ڀلي، مگر آئون پنهنجي طرفان ڪونه ڳالهائينديس.
    فقط توهان جي ڌيءَ ”جيما“
    (هي خط بابا کي ئي ملندو)
    هي پيارو خط مون سنڀالي رکيو هو.
    اهڙي طرح ٻئي ڀينرون پرائمري اسڪول آغا خان ۾ پڙهيون، سيڪنڊري ميرا اسڪول مان ڪئي ۽ پوءِ نذرت ڪاليج مان گريجوئيشن ڪئي. سنڌوءِ جي شادي پڙهيل لکيل خاندان جي نوجوان جاويد خواجه سان ٿي، جيڪو ڪمپيوٽر انجنيئر هو. جاويد جڏهين سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهندو هو، تڏهين منهنجي ننڍي سالي سليم جو دوست هو، گڏ پڙهندا هُئا، ڪڏهين ڪڏهين اسان جي گهر به ايندا هُئا، جاويد سنڌو کي پسند ڪيو ۽ پوءِ جڏهين تعليم مڪمل ڪئي، تڏهن رشتو گُهريو، ان رشتي جي باري ۾ مُنهنجن مائٽن سان مشورو ڪيو، بابا امان ۽ منهنجن ڀينرن مخالفت ڪَئي، اُنهن جو خيال هو ته پاڻ جون ڇوڪريون ماشا الله خوبصورت ۽ خانداني آهن، انهن جي لاءِ هتي مبارڪ ڪالوني ۾ تمام اعليٰ امير ۽ وڏن خاندان جا رشتا ملي ويندا، توهان خوامخواهه تڪڙ پيا ڪريو... پر مونکي ۽ رضيه کي هي رشتو مُناسب نظر آيو، امير ترين ماڻهو ته ڪو نه هُئا، پر تعليم يافته ۽ مهذب ماڻهو ضرور هُئا. جاويد وارا چار ڀائر آهن ٻه انجنيئر هڪ ڊاڪٽر ۽ ٽيچر آهن، بهرحال اسان کي اهو بهتر لڳو ۽ اسان شادي ڪرائي، اڄ هو ماشا الله خوش آهن، ٻه پُٽ هڪ نياڻي اٿن، جاويد E.D.O بدين آهي. جيما پڙهائي مڪمل ڪئي ته ان جي لاءِ به رشتا اچڻ لڳا، پر مُنهنجو خيال هو ته جيما جي شادي ۾ تڪڙ نه ڪريون، جيما جاب ڪري ڪجهه تجربا ماڻي. پر جيما جي لاءِ هڪ تمام سٺو رشتو آيو، حيدرآباد جي هڪ وڏي مومن ۽ نيڪ خاندان جي فرزند اسماعيل خواجه جو رشتو آيو، اسماعيل جو والد، جيڪو ابتدا ۾ غريب يتيم ٻار هو، جنهن کي اُن جي بيواهه ڏاڏيءِ ٻنين ۾ پورهيا ڪري پاليو ۽ هن کي سچ و حق ۽ ايمانداري جا اهڙا سبق پڙهايا، جو ڏاڏي جي وفات کان پوءِ اول مزدوري ڪئي ۽ پوءِ ڪڪڙ ۽ ٻڪريون پاليون، ۽ پوءِ ڍڳي ورتي، مينهن ورتي، آهسته آهسته مينهن جو واڙو ٺاهيو، پر سڀ ڪم انتهائي ايمانداري سان، مجال آهي کير ۾ پاڻي ملائي، بلڪل نج کير وڪڻندو هو ان ڪري ڪراچي جا واپاري هن کان کير وٺندا هئا. اهڙي طرح هن ترقي ڪئي، چار سئو مينهون هُنجي واڙن ۾ هيون، ڪجهه زرعي زمين به ورتي، مُکي امام ڏنو انتهائي مذهبي مومن هو، جماعت جي فلاعي ڪمن ۾ ڀرپور حصو وٺندو هو. نيڪي ۽ ڀلائي جا ڪم ڪندو هو، جڏهين جماعت کي قبرستان جي لاءِ زمين جي ضرورت پئي، تڏهين امام ڏني پنهنجي انتهائي قيمتي زمين جا اٺ ايڪڙ جماعت کي نذراني طور مفت ۾ ڏئي ڇڏيا. حالانڪه ان زمين سان لڳ هڪ سرمائيدار جو ڪارخانو هو، جنهن ان زمين جا اٺ ڪروڙ رپيا ڏيڻ جي آڇ ڪئي پر هن مومن اهي ٺڪرائي ڇڏيا، اهڙي نيڪ ۽ مومن ماڻهوءِ جي فرزند جو رشتو آيو ته اسان کي به ٺيڪ لڳو، اسماعيل صرف پرائمري پڙهيل هو، پر انتهائي ذهين، مهذب ۽ سلڇڻو نوجوان هو. اسان جڏهين فيصلو ڪيو ۽ مون جيما کي ٻُڌايو ته هوءِ اچي روئڻ لڳي ته، نه بابا آئون توهان کي ڇڏي نٿي سگهان، آئون ڪيڏانهن ڪو نه وينديس، ايڏو رُني جو اصل ماٺ نه ڪري، خير پوءِ هن کي سمجهايوسين ته بابا تون هينئر ٿوروئي ٿي وڃين، تون ڪٿي پري ڪو نه ويندين پاڻ هميشه گڏ هونداسين خير پوءِ ته سمجهي وئي... جيما جي شادي کان پوءِ هنن کي ٻه پٽڙا ۽ هڪ نياڻي ڄائي مُکي امام ڏني جي وفات کان پوءِ اسماعيل کي واڙن جي ماحول مان الرجي جي بيماري ٿي پئي، ڊاڪٽرن چيو ته واڙن تي هرگز نه وڃ. پوءِ اسماعيل واڙا وڪڻي زمينداري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. حق حلال جي ڪمائي وارن پئسن مان هن زمين خريد ڪئي جيڪا تمام شاندار قيمتي زمين هن کي انتهائي سستي اگهه ۾ ملي وئي. هاڻ اسماعيل وڏو زميندار آهي، سائيڊ بزنس به اٿس، ايڪسپورٽ امپورٽ جو ڪم به ڪندو آهي، جنهن ۾ جيما به هن جي مددگار آهي. هو خوش آهن.
    اسان جا ٻه فرزند، سارنگ ۽ ساجن ٿيا، ٻنهي جي سوچ ۽ طبيعت ۾ فرق هو، سارنگ کان پنج سال بعد ساجن ڄائو هو، سارنگ ننڍپڻ کان ئي مون ساڻ اٽيج رهيو، هن کي رانديڪن ۾ موٽر ڪارون پسند هيون، ٿورو وڏو ٿيو ته مون ساڻ ڪار ۾ يا موٽر سائيڪل تي گڏ هوندو هو... سارنگ پنجن سالن جو ٿيو ته جيجي زرينه بلوچ مون کي چيو ته سارنگ کي سنڌ يونيورسٽي جي ماڊل اسڪول ۾ داخل ڪرايان، مون ائين ئي ڪيو جيجي پاڻ ماڊل اسڪول ۾ ٽيچر هُئي، اياز لطيف پليجو به ماڊل ۾ هو. پوءِ جڏهين ساجن ڄائو، ٽن سالن جو ٿيو ته اُن کي به ماڊل جي نرسري ۾ داخل ڪيو. سارنگ تمام سمجهدار ۽ نيڪ طبيعت جو ڇوڪرو هو. مئٽرڪ کان پوءِ اُتي ئي ماڊل ڪاليج ۾ پڙهيو، شام جو پرائمري ٻارن کي ٽويشن ڏئي هر مهيني پنهنجو خرچ ڪڍي وٺندو هو. پڙهائي ۾ ٺيڪ ٺيڪ هو، پر خدمت ۽ مذهب ڏانهن لاڙو گهڻو هُئس، جماعت جي فلاحي ادارن ۾ ڪم ڪندو هو، باقاعدا نيڪ نمازي هو، يونيورسٽي مان ايم اي ڪيائين. ۽ پوءِ جڏهين مون هن کي ٻڌايو ته تنهنجي شادي منهنجي مرحوم ڀاءُ حسن علي جي نياڻي سورٺ سان ٿيندي، جنهن جو واعدو مون مرحوم ڀاءُ جي جنازي وقت ڪيو هو ته سارنگ چيو ٺيڪ آهي بابا جيئن توهان چوندا مان راضي آهيان. سارنگ جو مڱڻو سورٺ سان ڪيوسين، سارنگ جي مرضي هُئي بئنڪ ۾ جاب ڪرڻ جي، سو اسان جي مُحسن فدا علي خواجه جيڪو مُسلم ڪمرشل بئنڪ جو A.V.P هو. اُن سارنگ کي M.C.B ڪراچي جي ڪئش ڊپارٽمينٽ ۾ لڳايو، اهو ڪم تمام مشڪل ۽ رسڪي هو، ٻيو ته سارنگ لاءِ ڪراچي ۾ رهڻ مسئلو هو، سو ٻه ٽي مهينا ڪري ڇڏي ڏني، پوءِ ڪجهه وقت حيدرآباد ۾ فيڪٽري ۾ جاب ڪئي پر پوءِ فدا علي خواجه وارن حيدرآباد ۾ مني ايڪسچينج ڪمپني وال اسٽريٽ جو لائسنس ورتو ۽ هتي برانچ کولي ته اُن ۾ سارنگ کي رکيو. ان دوران اسان سارنگ جي شادي به ڪرائي. وال اسٽريٽ ۾ سارنگ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري، تمام جلد ترقي ڪئي، هاڻ هو مئينجر آهي، ماشا الله ٻه خوبصورت پٽڙا آهن، وڏو علي حَسن ۽ ننڍو سُحان علي، اسان سڀ گڏ رهندا آهيون، مون سڀ ڪجهه سارنگ حوالي ڪري ڇڏيو آهي، مان رٽائر آهيان، سارنگ اسان کي ۽ گهر کي سنڀاليندو آهي، سارنگ کي سياست سان دلچسپي بلڪل ڪونهي. مذهبي ماڻهو آهي، جماعت جي خدمت ۽ فلاحي ڪمن ۾ دلچسپي وٺندو آهي. پنهنجن ٻارن سان خوش آهي.
    ساجن، اسان جو ننڍو فرزند، سارنگ کان پنج سال ننڍو آهي، ساجن جي طبيعت ۽ سوچ مُختلف رهي، هو به ننڍپڻ کان مون ساڻ رهيو، ساجن تمام گهڻو حساس ۽ سمجهدار رهيو. تمام گهڻا سوال ڪندو هو، هر ڳالهه کي ڄاڻڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو هو. ساجن کي به ماڊل اسڪول ۾ داخل ڪيوسين، جتي جيجي زرينه بلوچ هنن جو خيال رکندي هُئي. ڪاليج تائين ماڊل ۾ پڙهي، انجنيئرنگ لاءِ يونيورسٽي ويو، جتي هن انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ داخلا ورتي، يونيورسٽي جو ماحول ڏٺائين، ميرن پيرن وڏيرن جي بگڙيل اولادن، ڪامريڊن جي لئي ڏٺائين، دُنيا جي ماحول کي ڏسي ساجن اچي مون سان بحث ڪندو هو. مون کان سوال پڇندو هو، ڇتو بحث ڪندا هئاسين، ساجن چوندو هو، هتي هر ماڻهو پيو ترقي ڪري، سڀ پنهنجو پاڻ کي ٺاهڻ ۾ پورا آهن، اهڙي طرح پاڻ کي به حق آهي ته ترقي ڪريون، مال ڪمايون ۽ زندگي جون آسائشون ماڻيون، آفيسر بيورو ڪريٽ سرمايه دار واپاري سڀ مال ڪمائڻ ۽ آرام داه زندگي گذارڻ ۾ پورا آهن، پاڻ کي به ائين ڪرڻ گهرجي.... تڏهين مان هن کي چوندو هُئس اهو سڀ غلط آهي. اهو طريقو مال ڪمائڻ جو درست ناهي. ساجن مُنهنجي ان جواب تي خار کائيندو هو. چڙي پوندو هو.. چوندو هو بابا توهان پراڻي دور جون ڳالهيون ڪندا آهيو، دُنيا ڪٿان کان ڪٿي پهتي آهي، توهان اڃا اُتي ئي بيٺا آهيو، ساجن دليل ڏيندو هو ۽ مان انهن کي رد ڪري سمجهائيندو هوس ته پُٽ مان ترقي ڪرڻ جي خلاف نه آهيان، بلڪل ترقي ڪرڻ ۽ ڪاميابيون ماڻڻ هر ڪنهن جو حق آهي، پر اهو سڀ جائز طريقي سان، قانوني ۽ اخلاقي اصولن جي پاسداري ڪندي اڳتي وڌڻ گهرجي. باقي اهو طريقو غلط آهي ته ڪرپشن ۽ رشوت وٺي، فراڊ ڪرڻ ملاوٽ يا ٻه نمبري جا ڪم ڪرڻ ۽ مال ڪمائڻ اهو غلط آهي، غريب عوام جو حق غضب ڪري پنهنجن ٻچن کي کارايون، اهو ظلم آهي، آخر تهذيب اخلاق، شرافت نيڪي به اهم آهي جنهن کي نٿو ڇڏي سگهجي. پر ساجن مطفق ڪو نه ٿيندو هو، چوندو بابا توهان پُراڻي زماني جون ڪتابي ڳالهيون پيا ڪريو. تهذيب اخلاق نيڪي اهي سڀ پيٽ بَري جون ڳالهيون آهن، اهي سڀ بعد جون ڳالهيون آهن، سڀ کان اول هر ڪنهن کي پاڻ ترقي ڪرڻ گهرجي، هر طريقي سان ڪاميابيون ماڻي پوءِ انهن ڳالهين لاءِ سوچي سگهجي ٿو.
    مان ساجن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندو هُئس پر هو سمجهندو ڪو نه هو، بهرحال ساجن آئي ٽي انجنيئرنگ ڪئي، هتي جاب جي ڳولا ڪيائين، ڪراچي جا چڪر ڪاٽيائين، جاب ملڻ مُشڪل هُئي، تڏهين سارنگ چيو ساجن کي ته، تون ڇڏ جاب کي، لنڊن وڃ ۽ ماسٽر ڪر، ساجن خوش ٿي ويو ۽ پوءِ ٻنهي ڀائرن ۽ اسان گڏجي ڪوشش ڪئي ساجن کي ويزا ملي وئي، لنڊن ڪاليج ۾ داخلا ملي ۽ ساجن 2007 ۾ لنڊن هليو ويو، چار سالن ۾ ماسٽر ڪيائين، اُتي ابرو سبرو جاب ڪيائين، اسان چيو هاڻ اچ ته تنهنجي شادي ڪرايون. تڏهين هن ٻڌايو ته آمريڪا ۾ رهندڙ هڪ شريف ۽ نيڪ اسماعيلي فئملي جي ڇوڪري ياسمين آهي، اعليٰ تعليم يافته، ريڊيالاجي ۾ ماسٽر ۽ ڊاڪٽريٽ ڪئي آهي. عمر ٽيهه سال آهي، ڪنواري پر انتهائي سمجهدار ۽ سُٺي ڇوڪري آهي. ان سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، هاڻ توهان به اجازت ڏيو ته ڳالهه اڳيان وڌايون ۽ پوءِ توهان ٻنهي طرفن جا بزرگ رشتو پڪو ڪريو ۽ شادي به ڪرايو... پوءِ اسان ائين ئي ڪيو، ساجن جي شادي هتي حيدرآباد ۾ ڏاڍي باوقار نموني ٿي. ڪنوار ۽ ڪنواريتا سڀ آمريڪا مان حيدرآباد مبارڪ ڪالوني ۾ آيا ۽ شاندار شادي ٿي گذري. جنهن جو تفصيل پٺيان اچي چڪو آهي.
    بهرحال هن وقت ساجن جي عُمر 35 سال آهي، ٻئي زال مڙس لنڊن ۾ سيٽ ۽ خوش آهن. تازو ساجن جي زال ياسمين کي برطانيه جي هڪ تمام وڏي سرڪاري يونيورسٽي ڪنگ ايڊورڊ ڪاليج ۾ بهترين آفيسري جاب ملي آهي، جنهن جو ساليانو پئڪيج هڪ ڪروڙ سٺ لکن رپئين کان وڌيڪ آهي ۽ ٻيون سهولتون جدا آهن، ساجن وٽ فل حال بزنس ويزا آهي، ان ڪري هو بزنس ڪندو آهي ۽ هڪڙي جاب به ڪندو آهي پر 2017ع ۾ ساجن برٽش شهري ٿي ويندو، تڏهين پوءِ هو حقيقي جاب ڪري سگهندو، فل حال ٻئي خوش آهن.... هڪ هفتو اڳ ساجن رات جو دير تائين مون سان ڪچهري ڪندي چيو، بابا توهان واقعي اسان جا عظيم والدين آهيو، اسان خوش قسمت آهيون جو توهان جهڙا سچا نيڪ والدين مليا، جن اسان کي به سچ و حق جو رستو ڏيکاريو، ساجن چيو توهان کي ياد هوندو پندرهن سال اڳ مان توهان سان ڇتا بحث ڪندو هوس، توهان مون کي رد ڪندا هئا ته مان ناراض ٿيندو هُئس پر بابا توهان درست هُئا، توهان بلڪل سچ چونداهُئا، اسان کي اُن وقت اهي ڳالهيون سمجهه ۾ ڪو نه اينديون هيون، پر بابا پوءِ جڏهين مان ٻاهر آيس، اڌ دنيا ڏٺم، ته هتي قدم قدم تي توهان جون چيل ڳالهيون سچيون ثابت پيون ٿين، توهان بلڪل درست چيو هو. صرف پئسو سڀ ڪجهه ڪونهي. پر تهذيب، اخلاق، وقار ۽ عزت سچ حق مُحبت، اُنسانيت عظيم اوصاف ۽ عمل آهن، پئسو سڀ ڪجهه ڪونهي، بابا توهان سچا هئا، اسان کي به اهي سچ و حق جا سبق ڏنا هئا، بابا ٿينڪ يو، بابا آئِي لَوَ يو I love you بابا. ساجن سياسي سوچ ۽ فڪر جو ماڻهو آهي، اياز لطيف پليجو کي پسند ڪندو آهي. اياز سان مسلسل رابطي ۾ آهي، لنڊن ۾ پارٽي ساٿين سان لاڳاپا اٿس. لنڊن جي مقامي سياست ۾ به حصو وٺندو آهي. ليبر پارٽي جو ووٽر ۽ ورڪر آهي.


    ”آخري اکر“

    ”آخري اکر“

    پيٽ ورن جون هي ڪچيون ڦڪيون ڳالهيون پنهنجن پيارن سان اورڻ جي هيءُ هڪڙي ننڍڙي ڪوشش آهي جو حياتي هڪ اهڙي بيوفا محبوبه آهي جو ڪنهن به گهڙي رسامو ڪري سگهي ٿي.
    جيون جي پوئين پهر ۾ هڪ يورپي مفڪر چيو آهي ته “HOW MUCH TO DO AND HOW LITTLE DONE” (ڪيترو نه گهڻو ڪرڻو هوم ۽ ڪيترو نه ٿورو ڪري سگهيس.) پر آئون ته وقت جي هن وشال سمنڊ مان هڪ قطري جيترو ڪم به نه ڪري سگهيس.
    جڏهن ڪو عالم، اديب، شاعر، دانشور يا ڪو ادب دوست پنهنجي آتم ڪٿا لکڻ چاهيندو آهي ته شايد ان کي ڪيئي ڪتاب لکڻا پوندا جو هُو هڪڙي ڪتاب ۾ نه سموري حياتيءَ جو تفصيل ڏيئي سگهندو ۽ نه ئي ان مان ڪو هو پاڻ ئي مطمئن ٿي سگهندو.
    محترم شيخ اياز پنهنجي آتم ڪٿا ”ڪٿي نه ڀڃجو ٿڪ مسافر“ جي چئن جلدن لکڻ جي باوجود ان مان مطمئن ڪو نه هو، اردو جو مشهور شاعر جوش مليح آبادي پنهنجي آتم ڪٿا”يادون کي بارات“ جي ڇهن جلدن کي ڦاڙي ستون جلد لکيو پر ان مان به مطمئن ڪو نه هو.
    مون سان پڻ ساڳي ويڌن آهي جو ڪيتريون ڳالهيون رهجي ويون آهن ته ڪيترن ڳالهين تي غلاف ويڙهي تاڪ تي رکي ڇڏيون اٿم، جيئن غريب غالب چيو آهي ته:

    افسوس بي شمار سخن، هائي گفتني،
    خوفِ فسادِ حلق سي نا گفته رهه گئين.“



    بحرحال جيڪڏهن موت مهلت ۽ جيوت ساٿ ڏنو ته رهجي ويل ڪٿا کي به لکڻ جي ڪوشش ڪندس
    هاڻي اردو جو هي شعر ورجائي پنهنجي جيوت جي هن ڪچي پڪي ڪٿا کي ختم ٿو ڪريان:

    ”سني حکايت هستي تو درميان سي سني،
    نه ابتدا کي خبر هي نه انتها معلوم.“

    زندگي جون 70 بهارون ۽ خزائون ڏسي چڪو آهيان، باقي رهيل زندگيءَ ۾ صرف هڪڙي خواهش آهي ته پنهنجي حياتي ۾ ئي پنهنجي سنڌ کي آجپي جي منزل تي رسندو ڏسي سگهان. بقول ڀٽائي:

    ”پهرين وڃان لوءِ ، پوءِ مر پڇنم ڏينهڙا“

    *****


    آخري پنو






    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 344915
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 142359
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ