ڪتاب جو نالو: مان زندھ رهندس
مصنف: نور گهلو
ڇپائيندڙ: امرتا پبليڪيشن
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 08 فيبروري 2017 ع
پڙهيو ويو: 667 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 264 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب نامياري ليکڪ نور گهلوُ جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. اسان جي سائين نُور گهلو وٽ ڪهاڻيءَ جو اسلوب ئي پنهنجو ۽ الڳ آهي. پهرين ڳالهه ته هُن تي ڪنهن ٻئي ڪهاڻيڪار جي ڇاپ ڪانهي، هُو ڇاپن کان آجو ڪهاڻيڪار آهي. جنهن وٽ ٻولي توڙي پلاٽ ۽ ڪهاڻيءَ جي اُڻتڪاريءَ جو پنهنجو منفرد ۽ نجو رنگ آهي ۽ ٻيو اُن کان علاوه اعليٰ ڳالهه اها ته هُن جو اسلوب عام فهم ۽ سادو آهي، توڙي جو هُن جي ڪهاڻيءَ ۾ انگريزي لفظن جو استعمال به ملي ٿو پر سي به اهڙا جيڪي اڄڪلهه اسان جي معاشري ۾ عام آهن. انهن ئي ڳالهين جي ڪري نُور سائينءَ جي ڪهاڻيءَ ۾ ڪيل ڳالهه يا پيغام کي ڪنسِيوِ ڪرڻ سولو آهي. “
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • سونهن سٽاءُ

  • اداري پاران: نُور سائينءَ جون ڪهاڻيون
  • عشق صوفياڻو – ذهن ظالماڻو
  • جيئري رهڻ جي جستجو
  • جو ئي آهيان، سو ئي آهيان
  • ڪهاڻيون

  • ڪاراٽيل سج
  • ڪاراٽيل سج
  • آخري پٿر
  • اڇا گل ڪنول جا
  • اُلا ڪي اُماس ۾
  • لمحن جون سرحدون
  • جنازو
  • جاني!
  • وڏي رات
  • ڪڏهن ڪڏهن انتظار ۾
  • پل اپل ۾ ورهائجي ويل
  • چٽي چانڊاڻ ۾ ملبو
  • اٺون رنگ
  • مان زنده رهندس
  • چانڊوڪي ۽ اَڪَ جا پَنَ
  • ڊِيل (Deal)
  • ٽهڪ ۽ لڙڪ
  • هڪ ڏينهن گڏهن جو
  • سوال
  • خالي اکيون خالي رستا
  • سمجهوتو (Compromise)
  • اليڪشن سليڪشن
  • سهڻي صلاح
  • واپسي
  • ٽُٽل شيشا ۽ آڱريون
  • الف ب جو قسم
  • مٽيءَ جا ماڻهو
  • ديوارون، پاڇا ۽ پڙاڏا
  • ۽ عنوان کُٽي ويا
  • زندگي ۽ سندرتا
  • آخری پںو

  • حق ۽ واسطا

    Amerta’s Book No. 26


    سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    ڪتاب: مان زنده رهندس (ڪهاڻيون)
    ڪهاڻيڪار: نُور گهلُو
    ڇاپو پهريون: سال 2016ع
    لي آئوٽ: فقير محمد ڍول
    ڪمپوزنگ: سيد محمد رضا حسين شاهه نقوي
    ٽائيٽل: نعيم خان ديسوالي
    ڇپيندڙ: امرتا پبليڪيشن حيدرآباد
    ڇپرائيندڙ: ڍول فقير فائونڊيشن – سنڌ
    قيمت: 400.00 روپيا


    MA’N ZINDA’H RAHNDUS (Stories)
    By: Noor Ghaloo
    Lay Out by: Faqir Muhammad Dhol
    Composed by: Syed Muhammad Raza Hussain Shah Naqvi
    Title: Naeem Khan Deswali
    Printed by: Amerta Publication Hyderabad
    Published by: Dhol Faqir Foundation, Sindh
    First Edition © Amerta 2016
    Price: Rs.400.00
    Feedback: amerta_mag@yahoo.com


    ارپنا

    مهان ڪوي شيخ اياز جي نانءُ
    جنهن منهنجي ڪهاڻي ڪتابَ
    ’ٽُٽل شيشا ۽ آڱريون‘
    جي ڪُجهه ڪهاڻين کي بهترين ڪهاڻيون
    قرار ڏئي مون کي بي پناهه خوشيءَ جو
    احساس ڏياريو هو... Thanks Sir

    نُور گهلُو


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”مان زنده رهندس“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ نور گهلوُ جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. فقير محمد ڍول لکي ٿو:
    ”سائين نُور گهلو هڪڙو عام نه پر پختو ۽ سينئر ڪهاڻيڪار آهي، هُن کي خوب خبر آهي ته پڙهندڙ جي ذهن جي چيچ کي ڪيئن پنهنجي ڪهاڻيءَ جي هٿ ۾ سوگهو ڪبو ۽ کيس پاڻ سان گڏ ڪهاڻيءَ جو ڳوٺڙو يا شهر ڪيئن گهمائبو.
    اسان جي سائين نُور گهلو وٽ ڪهاڻيءَ جو اسلوب ئي پنهنجو ۽ الڳ آهي. پهرين ڳالهه ته هُن تي ڪنهن ٻئي ڪهاڻيڪار جي ڇاپ ڪانهي، هُو ڇاپن کان آجو ڪهاڻيڪار آهي. جنهن وٽ ٻولي توڙي پلاٽ ۽ ڪهاڻيءَ جي اُڻتڪاريءَ جو پنهنجو منفرد ۽ نجو رنگ آهي ۽ ٻيو اُن کان علاوه اعليٰ ڳالهه اها ته هُن جو اسلوب عام فهم ۽ سادو آهي، توڙي جو هُن جي ڪهاڻيءَ ۾ انگريزي لفظن جو استعمال به ملي ٿو پر سي به اهڙا جيڪي اڄڪلهه اسان جي معاشري ۾ عام آهن. انهن ئي ڳالهين جي ڪري نُور سائينءَ جي ڪهاڻيءَ ۾ ڪيل ڳالهه يا پيغام کي ڪنسِيوِ ڪرڻ سولو آهي. “
    هي ڪتاب امرتا پبليڪيشن حيدرآباد وٽان 2016ع ۾ ڍول فقير فائونڊيشن پاران ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون سائين نور گهلو صاحب جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي، سنڌ سلامت سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائيءَ جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    سونهن سٽاءُ

    اداري پاران: نُور سائينءَ جون ڪهاڻيون

    ڪهاڻي ڪهڙي به هجي ۽ ڪيئن به هجي، اُن لاءِ پهرين ڇِڪَ ياد رکو اُن جو عنوان ئي هوندو آهي، باقي ٻيا سڀ لوازمات مثلن ڪهاڻيءَ جو پلاٽ، ٻولي، منظرنگاري، اُڻتڪاري، ٿيم، ڪردار، ڊائلاگ ۽ ڪلائميڪس سڀ پوءِ جي ڪهاڻي آهن، جيڪي ڪهاڻيءَ جي پڙهندڙ کي پڪڙ ۾ آڻڻ لاءِ نهايت ضروري آهن ۽ اهي سڀ خوبيون سائين نُو ر گهلوءَ جي ڪهاڻين ۾ موجود آهن، عنوان کان وٺي ڪلائيميڪس تائين.
    سائين نُور گهلو هڪڙو عام نه پر پختو ۽ سينئر ڪهاڻيڪار آهي، هُن کي خوب خبر آهي ته پڙهندڙ جي ذهن جي چيچ کي ڪيئن پنهنجي ڪهاڻيءَ جي هٿ ۾ سوگهو ڪبو ۽ کيس پاڻ سان گڏ ڪهاڻيءَ جو ڳوٺڙو يا شهر ڪيئن گهمائبو.
    اسان جي سائين نُور گهلو وٽ ڪهاڻيءَ جو اسلوب ئي پنهنجو ۽ الڳ آهي. پهرين ڳالهه ته هُن تي ڪنهن ٻئي ڪهاڻيڪار جي ڇاپ ڪانهي، هُو ڇاپن کان آجو ڪهاڻيڪار آهي. جنهن وٽ ٻولي توڙي پلاٽ ۽ ڪهاڻيءَ جي اُڻتڪاريءَ جو پنهنجو منفرد ۽ نجو رنگ آهي ۽ ٻيو اُن کان علاوه اعليٰ ڳالهه اها ته هُن جو اسلوب عام فهم ۽ سادو آهي، توڙي جو هُن جي ڪهاڻيءَ ۾ انگريزي لفظن جو استعمال به ملي ٿو پر سي به اهڙا جيڪي اڄڪلهه اسان جي معاشري ۾ عام آهن. انهن ئي ڳالهين جي ڪري نُور سائينءَ جي ڪهاڻيءَ ۾ ڪيل ڳالهه يا پيغام کي ڪنسِيوِ ڪرڻ سولو آهي. ماڻهو ڪوبه ڪم ڪري ٿو ته ڪوشش هوندي آهي ته نتيجي تي ضرور پهچي ۽ اسان جي نُور سائينءَ جي ڪهاڻين جي اها خاص خوبي آهي ته هُو پنهنجي پڙهندڙ کي ڪهاڻيءَ جي ان نتيجي تائين ضرور پهچائي ٿو، جيڪو هُو ڪهاڻيءَ جي صورت ۾ ڏيڻ چاهي ٿو يا وٽس ڪهاڻيءَ ۾ جيڪو پيغام يا مقصد آهي، اُهو بخوبي پڙهندڙن جي دلين ۽ ذهنن جي درن جون چانئٺون ٽپي ٿو. اها سندس قلم جي ڪمال سگهه آهي.
    ’امرتا پبليڪيشن‘ پاران سائين نُور گهلوءَ جو هي ڪهاڻي ڪتاب به اوهان کي يقينن پسند ايندو، ڇو ته هي امرتا جي پسند آهي. اوهان جي دعائن جا طلبگار آهيون ۽ توهان سڀني لاءِ دعاگو آهيون ته جتي هجو سُکيا ۽ آسودا هجو، جُڙيا ۽ سلامت هجو.

    نيازمند
    فقير محمد ڍول


    عشق صوفياڻو – ذهن ظالماڻو

    نور گهلو جي شخصيت کي کولڻ، ڦولڻ، ڪا راءِ ڏيڻ، ڪُجهه لکڻ ۽ ڳالهه ڪرڻ ائين آهي ڄڻ مُنجهيل سُٽ کي سلجهائڻ جي ڪوشش ۾ پاڻ الهجي وڃڻ.
    اسان ٻنهي جو تعلق 1969-70ع کان آهي، جنهن کانپوءِ نور ته وڃي حيدرآباد وسائي ۽ مون پي ٽي وي ڪراچي مرڪز تي پروڊيوسر جي حيثيت سان ذميواريون سنڀاليون ۽ سُتت ئي پوءِ پي ٽي وي ڪوئيٽا مرڪز تي بدلي ٿي ۽ اتي ئي مستقل رهائش اختيار ڪئي.
    دادؤ ۾ اسانجا گهر جڳت آباد پاڙي ۾ ساڳي گهٽيءَ ۾ آمهون سامهون هُئڻ ڪري گهڻو ميل جول رهندو هو ۽ اسان فارغ وقت ۾ دادؤ جي روڊ، رستن کي ماپڻ، علامه آءِ آءِ قاضي لائبريري ۾ وقت گذارڻ ۽ سنڌي ادبي سنگت، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ۽ بسنت آرٽس ڪائونسل جي گڏجاڻين ۽ ٻين مصروفيتن ۾ گڏوگڏ هوندا هُئاسين. جيئن ته اسانجو تعلق ڪيترن ئي ڏهاڪن تي مُحيط آهي، تنهن ڪري ظاهر آهي ته ڪي ٿڌيون، ڪوسيون هوائون به ضرور هليون هونديون، ڇاڪاڻ ته ٻه ٺڪر پاڻ ۾ ضرور ٺهڪندا آهن، اُها الڳ ڳالهه آهي ته نور ۽ مان ٺڪر ته ناهيون، پر زرخيز ذهن جا مالڪ آهيون، ان ڪري ڪڏهن به ڪنهن ڳالهه کي ڳالهوڙو ڪونه بنايوسين، ڪاوڙ، رسامو ۽ ناراضگي به رهي ته ڪُجهه ڪلاڪن يا هڪ اڌ ڏينهن لاءِ، پر وري ملڻ تي خبر ئي ڪانه پوندي هُئي ته ڪو اسان ٻئي هڪ ٻئي سان ناراض آهيون. اهو ئي ملڻ، جلڻ، رُسڻ، پرچڻ جو سلسلو اڄ تائين جاري آهي، دوري ۽ فاصلو به اسان جي دلين ۾ هڪ ٻئي لاءِ موجود پيار ۽ محبت جي جذبن ۾ ڪو ڪروڌ پيدا ڪري نه سگهو آهي ۽ اسان ٻئي پنهنجي پنهنجي جيئڻ جي مورچي تي قائم آهيون.
    نور گهلو جهڙي بولڊ ۽ انتهائي ڏکئي شخص لاءِ لکڻ تي پنهنجي ادبي ايمانداري جي سچائي ڀرئي اظهار لاءِ وٺجي ويو آهيان ته هن لاءِ ڇا لکان، ڪيئن لکان، ڪٿان شروع ۽ ڪٿي ختم ڪيان. تنهن هوندي به سندس شخصيت ۽ فن جي حوالي سان ڪُجهه پوائنٽس لکان ٿو:
    • نور گهلو، دوستن ۽ ملندڙ جُلندڙ ماڻهن جي حوالي سان تمام گهڻو Choosy آهي، سڀ ڪنهن سان سندس مزاج ملڻ مشڪل آهي. اجنبي ۽ اڻ ڄاتل ماحول ۾ جلدي بور ٿي ويندو آهي، جو نهايت ئي Moody آهي. ڪڏهن ڪڏهن سندس ان موڊي هجڻ جو طعنو ڏيندا آهيونس ته مسڪرائي چوندو آهي ته ”مُنهنجي زندگي آهي، جيڪا مان ماڻهن جي خواهشن تي جيئڻ بدران پنهنجي انداز سان جيئڻ چاهيان ٿو. ها، جيڪڏهن مُنهنجي ان Behavior تي ڪنهن جي دل آزاري ٿئي ٿي ته اُهو هُن جو مسئلو آهي.“
    • نور گهلو، هونءَ ته سنجيده ۽ Reserve nature جو گهٽ ڳالهائو، Introvert طبيعت جو مالڪ آهي پر خاص دوستن جي موجودگيءَ ۾ سنجيدگيءَ کي پاسي تي رکي، پنهنجي دلچسپ ڳالهين ۽ مزاحيه جملن سان ماحول کي خوشگوار بنائي، دوستن جي چهرن تي مُرڪون آڻي، پاڻ به زوردار ٽهڪ ڏيندو آهي.
    • هر انسان زندگيءَ جي ڪنهن نه ڪنهن بحران يا بحرانن مان گذرندو آهي، نور به پنهنجي زندگيءَ ۾ اهڙا گرم، سرد لمحا ڏٺا آهن، پر پنهنجي بردباريءَ سان هر بحران ۽ مسئلي کي، چاهي اُهو ذاتي هُجي يا سماجي، ذميواراڻا انداز ۾ Face ڪيو آهي ۽ پاڻ کي سرخرو ڪيو آهي.
    • نور گهلو کي ڪنهن به غلط يا نامناسب ڳالهه تي ڪاوڙ جلدي اچي ويندي آهي، اتفاق سان ڪنهن شعلي وانگر ڀڙڪي پيو ته پوءِ آسانيءَ سان ڪونه اجهامندو آهي، پر سندس اهو ڀڙڪڻ، ڪنهن ٻئي کي جلائڻ بدران کيس ئي لهسائيندو رهندو آهي، چوندا آهن، عادت بدلجي سگهي ٿي پر فطرت جو بدلجڻ مشڪل آهي. سو ڪيڏو به دليلن جو ڍير لڳائي ڇڏجي پر نور کي قائل ڪرڻ ڏاڍو ڏُکيو هوندو آهي، باوجود ان جي جڏهن ڪو دليل هن جي ذهن تي Click ڪندو آهي ته هو پنهنجي انا (Ego) کي پاسيرو رکي نه رڳو پنهنجي غلطين کي Realize ڪندو آهي پر Excuse به ڪندو آهي، جيڪا سندس ذهن جي ڪشادگيءَ جو ثبوت آهي.
    • نور، جڏهن ڪنهن سان ناراض ٿيندو آهي يا ڪو کيس Betray ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته هو تعلقات ختم ڪرڻ بدران خاموشيءَ سان ڪناره ڪشي اختيار ڪندو آهي.
    • نور گهلو، پنهنجي تخليقي سگهه جي حوالي سان پاڻ مڃائي چُڪو آهي، شاعري، ڪهاڻي ۽ ڊرامه نگاريءَ کانسواءِ دل کي ڇهندڙ طنز و مزاح لکڻ ۾ به پنهنجو هڪ الڳ انداز رکي ٿو. سندس اهو Sense of humor ئي آهي جو عيدن، براتن يا خاص موقعن تي پي ٽي وي تي سندس لکيل مذاحيه ڊرامن کي ترجيح ڏني ويندي هُئي، ان کانسواءِ ڪُجهه ڪهاڻيون سندس ان خوبيءَ کي ظاهر ڪن ٿيون. مزاحيه انداز ۾ لکڻ جي باوجود Climax تي پهچندي پهچندي پڙهندڙ جي ذهن تي ڪيترائي سوال ڇڏي، سندن اکين ۾ آلاڻ آڻي ڇڏيندو آهي.
    • ڪهاڻيڪار جي حيثيت سان، نور گهلو، سنڌي ادب ۾ منفرد مقام ۽ انداز رکڻ جو مالڪ آهي، سندس ڪهاڻيون عام، روايتي انداز ۾ لکجندڙ ڪهاڻين کان گهڻو مختلف ۽ Stylish هونديون آهن، جن ۾ نئين زماني جي انسانن جي درد، پيڙا، مايوسي، محرومي، ويراني ۽ ويڳاڻپ سان گڏ آس نراس جا عڪس ۽ خوشين جا من موهيندڙ رنگ سمايل هوندا آهن. پر افسوس ڪهاڻيءَ جي تاريخ لکندڙ نام نهاد ليکڪن، هُن جي ڪهاڻيءَ تي ڪيل ڪم کي Ignore ڪيو آهي، جيڪا ادبي بي ايمانيءَ جي انتها آهي.
    • بهرحال، نور گهلؤ لاءِ ائين چئي سگهجي ٿو ته، سندس عشق صوفياڻو، مزاج شاهاڻو، ورتاءُ رئيساڻو، انداز ويڳاڻو ۽ ذهن ظالماڻو آهي.

    اطهر منگي
    8 فيبروري 2016ع – ڪوئيٽه


    جيئري رهڻ جي جستجو

    زندگي آهي ته سڃاڻپ آهي، سڃاڻپ آهي ته شعور آهي جيڪو زندگيءَ کي ڪا معنيٰ ڏيڻ جو محرڪ آهي، جيڪو انسان ۾ اڳتي وڌي، ڪُجهه بامقصد ڪرڻ لاءِ اتساهي ٿو. خانداني حوالي سان سڃاڻپ روايت آهي، پر جيڪڏهن ڪو پنهنجي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو ته اُها هن جي ڪاميابي آهي. منهنجي خيال ۾ منهنجي بابا نور نبي ’نُور گهلُو‘ اها ڪاميابي ڪنهن حد تائين ماڻي آهي. اهو مُنهنجي لاءِ باعث فخر آهي ته مان هنن جو تعارف لکي رهيو آهيان.
    دادو ضلع ۽ شهر جي تاريخي، علمي، سياسي، ثقافتي، صحافتي، مذهبي ۽ ادبي حوالي سان وڏي اهميت رهي آهي، جنهن اعليٰ پايي جا عالم، اديب، دانشور پيدا ڪيا آهن، جن پنهنجي سرت سان دادؤ جي جاگرافيائي حدن مان نڪري ڏيهان ڏيهه مشهوري ماڻي، مڃتا حاصل ڪئي آهي.
    ادب، شاعري، ڪهاڻي ۽ تحقيق جي ڪم ۾ دادؤ سان لاڳاپيل شخصيتن پنهنجي فڪري انداز جو اظهار ڪيو آهي انهن ۾ ڪيترائي قابلِ قدر شخص اچي وڃن ٿا. جن جو تعداد ته لا محدود آهي، پر هتي ڪُجهه شخصيتن جو ذڪر، کين خراج عقيدت پيش ڪرڻ خاطر ضروري آهي.
    علامه آءِ آءِ قاضي، جي ايم سيد، محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر عمر بن دائودپوٽو، شمس الدين ”بُلبل“، جمال ابڙو، امام الدين ”ضامن“، ڊاڪٽر غلام حسين جعفري، احمد خان ”آصف“، احمد شاهه ”استاد بخاري“، مولانا غلام محمد گرامي، حاجي علي اڪبر شاهه (جامعه عربيه جو پايو وجهندڙ)، ڪريم بخش چنا، فتح محمد سيوهاڻي، قاضي قادن، پروانو ڀٽي، تاج محمد صحرائي، علي احمد قريشي، آپا شمس عباسي، مقبول احمد صديقي، غلام مصطفيٰ دادوي، پير علي محمد ”اظهر“، رئيس ضياءُ الدين ”ضيا“، ”غالب سنڌ“ احمد مجتبيٰ ملڪاڻي، ماستر جمع خان غريب، دادن فقير، مولوي عبدالغفور سيتائي، اسحاق راهي، جبار ’تاثير‘ سومرو، نياز علي ”محسن“ ڪڪڙائي، آثم ناٿن شاهي، راز ناٿن شاهي، وفا ناٿن شاهي، نشتر ناٿن شاهي، معزون ميهڙائي، وقار ناٿن شاهي، محمد اشرف ”منصور“ دائود پوٽو، محمد علي ”عيان“ دائودپوٽو، عبدالله خان چنا، بيگم زينت عبدالله خان چنا، محبوب علي چنا، شفيع محمد سولنگي، عبدالرحيم مگسي، چاچو ابوبڪر مگسي، عبدالله خان مگسي، مولوي دين محمد ”اديب“، غلام الرسول سومره سودائي، حافظ محمد احسن چنا، رمضان ”ثاقب“، عبدالڪريم بلوچ، علي بابا، احمد خان مدهوش، ڊاڪٽر عبدالرحمان مغل، ڊاڪٽر محمود مغل، تنوير جوڻيجو، فتاح هاليپوٽو/شرجيل، فاروق سولنگي، احمد خان ملڪاڻي ۽ ٻيا ڪيترا داناءَ شخص، دادؤ جو نالو تاريخ جي پنن تي روشن ڪندا رهيا آهن، انهن شخصيتن جي ڪنٽينيوٽي ۾ هڪ نالو نور گهلو به آهي جنهن پنهنجي حصي جو ڏيئو ٻاريو آهي.
    سندن جنم پهرين جنوري 1949ع تي دادو شهر جي جڳت آباد پاڙي ۾ محمد عالم گهلؤ جي گهر ۾ ٿيو، پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول غريب آباد، سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ پرمانند هرداس پائلٽ اسڪول، گريجوئيشن گورنمينٽ استاد بخاري ڪاليج دادو ۽ پوسٽ گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪئي. 1971ع ۾ پاڻ پنهنجي خواهش تي ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جوائن ڪئي ۽ پاڻ سائنس ٽيچر طور اپائنٽ ٿيا. سندن چواڻي اُها هنن جي خوش قسمتي هُئي جو سندن پهرين پوسٽنگ ان ئي پرمانند هرداس پائلٽ هاءِ اسڪول ۾ ٿي جتان هُنن پنهنجي بهترين استادن، سائين ڪريم بخش چنا، سائين بقا محمد قريشي، سائين قمرالحسن نقوي، ڏاڏو عبدالرحمان ميمڻ، سائين عبدالخالق منگي، سائين قمرالدين سولنگي، سائين حبيب الله بلوچ، سائين عبيدالله آخوند، سائين محمد وريل سومرو، سائين غلام محمد بلوچ، سائين ڪوڏومل، سائين غلام عمر ميمڻ، سائين عبدالسميع ميمڻ، سائين امداد علي ميمڻ، سائين عنايت الله راهوجو، سائين عزيز الله گوزائي، سائين عبدالرشيد ميمڻ، سائين حاجي پير محمد ابڙو، سائين غلام مصطفيٰ دادوي، سائين فيض محمد قريشي ۽ ٻين کان سکيا ورتي هُئي ۽ پوسٽنگ کان پوءِ به انهن مان موجود گهڻن استادن جي نگرانيءَ ۾ پڙهائڻ جا طور طريقا سکي، پنهنجو پاڻ کي سٺو استاد ثابت ڪيائين، جنهن سان سندن شاگردن، والدين ۽ سندن استادن کين عزت سان ڏسڻ لڳا. 1980ع تائين اتي رهڻ کانپوءِ پنهنجي خواهش تي حيدرآباد بدلي ڪرائي آيا. ڪُجهه عرصو حيدرآباد کان ٻاهر، چمبڙ، مبارڪ جروار ۽ هالا ۽ مٽياريءَ ۾ فرائض انجام ڏنا پر گهڻو عرصو حيدرآباد جي لطيف آباد ۽ قاسم آباد جي اسڪولن ۾ رهيا ۽ 31 ڊسمبر 2008ع تي رٽائر ڪيائون. سندن شادي 1988ع ۾ ٿي ۽ کين هڪ پُٽ (مان) ۽ هڪ نياڻي قرت العين جو اولاد آهي.
    سندن ادبي شروعات ناميارن اديبن، شاعرن ۽ دانشورن، محترم ”استاد“ بخاري، حافظ محمد ”احسن“ چنا، سائين تاج محمد صحرائي، چاچو ابوبڪر مگسي، ”غالب سنڌ“ احمد مجتبيٰ ميمڻ، سائين احمد خان مدهوش، سائين الله نواز رڪڻائي، عبدالله خان مگسي، سومره سودائي، فتاح هاليپوٽو، فاروق سولنگي، سليم سولنگي، احمد خان ملڪاڻي، محمد بخش سميجو، ڊاڪٽر شمس سومرو، اطهر منگي، گلاب ”شادان“ سومرو ۽ جبار ”تاثير“ سومرو جي صحبت ۾ رهڻ ۽ انسپائريشن سان ٿي. سندن پهريون نظم لاڙڪاڻي مان نڪرندڙ رسالي ڪلاڪار ۾ شايع ٿيو. ان کانپوءِ ٻين رسالن ۾ به ڇپجڻ جو سلسلو جاري رهيو. جيئن ته سندن رجحان نثر نويسيءَ طرف هو، تنهنڪري شاعريءَ کي ٽائيم پاس جي حد تائين رکي، ڪهاڻيون لکڻ جي شروعات ڪئي. سندن پهرين ڪهاڻي، موري مان پروفيسر قاضي نظير احمد جي ادارت ۾ نڪرندڙ ڪتاب ”باک“ ۾ شايع ٿي.
    ان دؤر ۾ ئي 1973-74ع ۾ محترم محمد بخش سميجو جي اتساهڻ ۽ گائيڊنيس ۾ PTV لاءِ ڊرامه لکڻ شروع ڪيا. سندن پهريون PTV ڊرامو ”روشني“ محمد بخش سميجو پروڊيوس ڪيو جنهن کي ان دور ۾ روايتن سان بغاوت جو الزام به لڳو، پر اهو سلسلو هلندو رهيو. محمد بخش سميجو کانسواءِ سائين بيدل مسرور به سندن ڪيترن ئي ڊرامن کي پروڊيوس ڪيو. ان دور کي سنڌي ڊرامن جي بهترين دور طور ياد ڪيو وڃي ٿو، جنهن ۾ شائستگي، ٻولي، ادب ۽ ثقافت جو ڀرپور عڪس ملي ٿو. ان ئي دور ۾ سندن همعصر ليکڪ، رزاق مهر، ڪيهر شوڪت، اياز عالم ابڙو، طارق عالم ابڙو، ملڪ آگاڻي، آغا رفيق، نور الهديٰ شاهه ۽ ٻيا به ڪيترائي بهترين ڊراما لکندا هُئا.
    سندن ڊرامن ۾ ڪيترن ئي ناليوارن آرٽسٽن پرفارم ڪيو، جن ۾ اقبال ترين، شفيع محمد شاهه، محمود صديقي، نور محمد لاشاري، اي آر بلوچ، فريد نواز بلوچ، عبدالحق ابڙو، محمد يوسف، گلاب چانڊيو، عابد نويد کانسواءِ فيميل آرٽسٽ بينا مسرور، ساجده قريشي، سڪينه سمون، شهزادي، روشن عطا، ممتاز ڪنول، قيصر نقوي جا نالا قابلِ ذڪر آهن.
    ان دوران هنن محمد انور هڪڙو جي چوڻ تي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد لاءِ صبح جي هلندڙ پروگرام ”گلدستو“ لاءِ مذاحيه خاڪن سان گڏ ڊراما به لکڻ شروع ڪيا جن کي محمد انور هڪڙو کانسواءِ علي نواز خاصخيلي ۽ نصير مرزا پروڊيوس ڪيا. TV لاءِ ڊرامه لکڻ جو اهو سلسلو 1990ع تائين جاري رهيو ۽ ان کانپوءِ اهو سلسلو آهستي آهستي ختم ٿيندو ويو.
    ڪافي عرصو خاموش رهڻ کان پوءِ هنن پنهنجو پاڻ کي مصروف رکڻ لاءِ 1999ع ۾ سنڌيءَ ۾ پهريون شوبز مئگزين ”اسٽار يار“ جي نالي سان شايع ڪيو، جنهن کي ريڊيو، TV ۽ اسٽيج جي آرٽسٽن طرفان وڏي پذيرائي ملي، پر اڪيلي هجڻ سبب ست، اٺ شمارن کانپوءِ اهو سلسلو جاري رکي نه سگهيا. جنهن کان پوءِ پنهنجي اشاعتي اداري ”ميڊيا لائين پلس“ طرفان 2003ع ۾ سنڌي ۾ اسپورٽس تي پهريون ڪتاب ”والي بال کان شوٽنگ بال تائين“ شايع ڪيو جيڪو بهترين استاد ۽ والي بال جي سينيئر رانديگر شير محمد سومري جو لکيل هو، ان کانپوءِ 2011ع ۾ ليجنڊ آرٽسٽ سائين فتاح هاليپوٽو/شرجيل ڏانهن، دوستن، اديبن، عزيزن ۽ شاگردن جي لکيل خطن تي مشتمل ڪتاب ”پيارا فتاح“ جي نالي سان شايع ڪيو ۽ 2013ع ۾ اديب، ڊرامه نويس، اداڪار ۽ صداڪار قاسم فانيءَ جو شوبز جي حوالي سان يادگيرين ۽ واقعن تي مشتمل ڪتاب ”پرينءَ جا پاڙا“ شايع ڪيو.
    سندن ڪهاڻين جو پهريون ڪتاب ”ٽُٽل شيشا ۽ آڱريون“ 1981ع ۾ ساهت سال جي حوالي سان منصور پبليڪيشن طرفان محترم محمد دائود بلوچ شايع ڪيو، ان دور ۾ ئي 1984ع ۾ روسي ليکڪ چينگيز اعتماتوف جي مشهور ناول ”جميله“ جو ترجمو، نظام عباسيءَ رابيل پبليڪيشن طرفان شايع ڪيو ۽ هاڻي سندس ڪهاڻين جو نئون ڪتاب ”مان زنده رهندس“ امرتا پبليڪيشن طرفان ڇپجي پڙهندڙن جي هٿن ۾ آهي.

    سعد اعظم گهلُو


    جو ئي آهيان، سو ئي آهيان

    ڪابه تخليق، تخليقڪار جي وجود جي اظهار سان گڏ، سندس ذهني اڏام ۽ سندس شخصيت جي مختلف پهلوئن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪافي هُجي ٿي، تخليق جيستائين تخليقڪار وٽ هجي ٿي، تيستائين ان جا چپ سبيل هوندا آهن، پر جڏهن اُها منظر عام تي اچي ويندي آهي ته پوءِ سبيل چپن جا ٽانڪا ٽُٽي پوندا آهن ۽ ان کي ڄڻ زبان ۽ لفظ ملي ويندا آهن ۽ اُها ڳالهائڻ لڳندي آهي، پنهنجي حسناڪيءَ ۽ تخليقڪار جي جذبات ۽ احساسات تي.
    تخليقي عمل ڏاڍو ڏُکيو آهي يار، ايترو ڏُکيو جيترو عورت جو Pregnant ٿي ’انسان‘ کي جنم ڏيڻ. عورت جا labor Pains ته ڊليوري جي وقت شروع ٿيندا آهن، ان جي برعڪس، تخليقڪار کي ڪابه Inspiration ذهني طرح Pregnant ڪرڻ لاءِ ڪافي هوندي آهي. فرق صرف اهو هوندو آهي ان Pregnancy جي عمل ۾، تخيلقڪار کي عورت وانگر الٽيون ته ڪونه اينديون آهن، نه وري هو انبڙي، گدامڙي، آچار يا ٻي ڪا شئي واپرائيندو آهي، پر هن جا Labor Pains ان لمحي کان ئي شروع ٿي ويندا آهن، جنهن لمحي هو Pregnant ٿيو هوندو ۽ تيستائين جاري رهندا آهن، جيستائين ڊليوري نه ٿي ٿئي. مطلب ته ڪا تخليق، سندس ذهن ۾ سرجي ٻاهر نه ٿي اچي تيستائين هن جي من اندر جي بيچيني، هن کي سڪون سان رهڻ ڪانه ڏيندي آهي. پر خير، ان کان اڳ جو فحاشيءَ جو الزام لڳي، يا ڪو تخليقڪار پنهنجي جنس (Gender) تي شڪ ڪرڻ لڳي، ان ڳالهه کي اتي ئي ڇڏيون ٿا. چوڻ جو مطلب ته ليکڪ لاءِ اهو ضروري ناهي ته هُو پنهنجي تخليق بابت وضاحتون پيش ڪندو وتي يا پنهنجي طرفان ڪو مغز ڦاڙ مقالو لکي پنهنجي قد وڌائڻ جي ڪوشش ڪري. بس هن جي تخليق ئي هن جي سڃاڻپ ۽ هن جو سرٽيفڪيٽ هُئڻ گهرجي.
    پنهنجي وڏي اديب هُجڻ جي دعويٰ کي رد ڪندي صرف ايترو چئي سگهان ٿو ته پنهنجي محدود مطالعي ۽ مشاهدي جي آڌار تي، هيومن ڪرائيسز ۽ فرد جي داخلي، خارجي ڪيفيتن تي جيڪو لکيو آهي، اهو ئي پيش ڪيو آهي.
    ”جهڙو حال حبيبان، تهڙو پيش پِريان.“
    وڌيڪ ڇا لکجي؟ جيڪو ڪُجهه قابل اشاعت لڳو، اهو لکيو آهي ۽ جيڪو ڪُجهه ناقابلِ اشاعت لڳو، ان کي في الحال پاسيرو رکيو آهي. جڏهن سماج ۾ حقيقت پسندي ۽ برداشت جو مادو پيدا ٿيو ته اهو ناقابلِ اشاعت مواد، قابلِ اشاعت ٿي ويندو. ائين ڪونهي ته اهڙو ناقابلِ اشاعت مواد صرف مُنهنجي ئي ذهن ۾ ڀريل آهي، بلڪل نه، اسانجي هر Sensitive ليکڪ جي سيني ۽ ذهن ۾ الاءِ ڪيترو ناقابلِ اشاعت مواد، بارود وانگر ڀريو پيو آهي، جيڪو ڪُجهه سياسي، ڪُجهه سماجي، ڪُجهه اخلاقي، ڪُجهه قانوني ۽ ڪُجهه ذاتي نفسياتي مصلحتن سبب ڦاٽي نه سگهيو آهي. جڏهن هو انهن بندشن جي ڏاوڻن کي ٽوڙي آزاد ٿيندو ته اهو مواد خودبخود Blast ٿيندو.
    ٻه ٽي سال اڳ ڪنهن دوست الاءِ ڪٿان مُنهنجو سيل نمبر هٿ ڪري مونسان ڳالهايو. پهريائين ته ان جي تصديق ڪيائين ته ”مان جيئرو آهيان؟“ موٽ ۾ کلندي چيم، ”يه جينا ڀي ڪوئي جينا هي للُو“ کلندي چيائين، ”نور! هڪ ماڻهو مون وٽ آيو هو، چئي پيو ته هو مرحوم ليکڪن جي پراڻن ڇپيل ڪتابن کي وري ڇپائڻ جو ارادو رکي ٿو ته جيئن اڻلڀ ڪتابن سان نئين اڀري آيل ليکڪن ۽ پڙهندڙن کي روشناس ڪرائي سگهجي. ان حوالي سان تُنهنجي (نور) لاءِ چيائين ته مرحوم نور گهلو جي ڪهاڻين جو هڪ مجموعو ”ٽُٽل شيشا ۽ آڱريون“ 1981ع ۾ ڇپيو هو جيڪو هاڻي اڻلڀ آهي، جيڪڏهن نور گهلو جي پونئرن ۾ ڪو آهي ته ٻُڌايو. مان هنن کان ڪتاب ڇپائڻ جي اجازت وٺندس.“ ان وقت ته اهو هڪ لطيفو سمجهي ڏاڍو کلياسين ۽ ڳالهه آئي وئي، پر لفظ ”مرحوم“ ذهن ۾ ڪنڊي جيان چڀڻ لڳو ۽ ان هڪ لفظ جي چڀن مون کي هر وقت ”هجڻ (Being)“ ۽ ”نه هجڻ (Not Being)“ جي احساس تي سوچڻ لاءِ مجبور ڪندو رهيو.
    اصل ۾ پراڻا ڪتاب Reprint ڪرائڻ واري دوست جو ڏوهه به ڪونه هو، جو مان وڏي عرصي کان ادبي منظرنامي تان ائين غائب ٿي ويو هئس، جيئن اسيمبلي ميمبر ووٽ وٺي ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي تڪ مان غائب ٿي ويندا آهن ۽ سندس ووٽر کيس ائين ڳوليندا آهن، جيئن ڇوڪرا، گليليءَ ۾ گليلو وجهي ڪانون کي ڳوليندا آهن. ان جي برعڪس مُنهنجا پڙهندڙ ۽ ڪُجهه اديب دوست پنهنجي مُرڪن سان، اسان کي موٽي اچڻ لاءِ ائين هرکائيندا رهيا، جيئن عاشق کيسي ۾ رکيل ريزگاريءَ کي کڙڪائي، معشوق کي هرکائيندو آهي. Thanks دوستو!
    ادبي منظر نامي تان غائب رهڻ جو سبب، شايد ڪمرشل / پروفيشنل اديب نه هُجڻ يا پنهنجي ادبي حيثيت کي Cash نه ڪرائڻ جو خيال Self Satisfaction لاءِ لکڻ-نه لکڻ جي ترجيحات کانسواءِ مُنهنجا پنهنجا Complexes به ان غير حاضريءَ جا ذميوار هُجن. جڏهن زندگيءَ کي پنهنجو فطري انت آهي ته پوءِ وقت کان اڳ Surrender ڪرڻ ڇا معنيٰ؟ بس اهو ئي احساس ۽ اتساهه منظر تي اچڻ لاءِ ڪافي آهي.
    هن ڪتاب ”مان زنده رهندس“ ۾ پنهنجي پهرين ڪتاب ”ٽُٽل شيشا ۽ آڱريون“ ۾ شامل ڪهاڻين کانسواءِ مختلف وقتن ۽ ڪيفيتن ۾ لکيل نيون ڪهاڻيون شامل ڪيون ويون آهن. ائين ڪونه چوندس ته ڪي زبردست ڪهاڻيون آهن، ها پر، Subject, Thought, Technic ۽ Treatment جي لحاظ کان مختلف ضرور آهن. جن کي هڪ ڀيرو پڙهڻ ۽ پنهنجي راءِ، تبصرو، تنقيد يا تاثر لکڻ لاءِ ضرور چوندس، جيڪا نه رڳو مُنهنجي پر هر ليکڪ جي خواهش هوندي آهي ته هن جي ڪيل ڪم تي Feed Back ملي ٿي ته خوشي ٿئي ٿي. جيڪو ليکڪ جو حق ۽ پڙهندڙ جي اخلاقي ذميواري آهي. ان حوالي سان هتي هي ڳالهه ڪرڻ به مناسب آهي ته جيڪڏهن دوستن طرفان هن ڪتاب تي Reviews ملن ٿا ته انهن تي مشتمل هڪ الڳ ڪتاب به ڇپائي سگهجي ٿو، جيڪا سنڌي ادب ۾ (شايد) هڪ نئين روايت هُجي.
    شڪرگذار آهيان ساٿي اطهر منگي جو جنهن طبيعت جي ناسازيءَ باوجود، پنهنجي تعلق جي گذريل پلن جون ساروڻيون ساريون آهن، ڊاڪٽر محمود مغل جو جنهن جي دل ۾ ٻين لاءِ هميشه محبت، عزت ۽ همدردي جا جذبا موجود رهن ٿا ۽ مُنهنجي ننڍي ڀاءُ وانگر ٿي ڪري وڏي ڀاءُ وانگر پنهنجي ذميواري سمجهي، هن ڪتاب آڻڻ لاءِ اتساهه پيدا ڪرڻ سان گڏ پنهنجي مفيد مشورن سان نوازي، عملي طرح ڪتاب ڇپائڻ ۾ ساٿ ڏنو آهي. پياري شخص، فقير محمد ڍول جو، جنهن امرتا پبليڪيشن طرفان خوبصورت ڪتاب ڇپائي پرنٽنگ جي فيلڊ ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرايا آهن ۽ هي ڪتاب ڇپائڻ جي حامي ڀري، خوبصورت ڪتاب پڙهندڙ تائين پهچايو آهي ۽ سيد محمد رضا شاهه جنهن دل جي حضور سان هِن ڪتاب جي ڪمپوزنگ ۽ سنوار سُڌار ڪئي. سائين فتاح هاليپوٽو جنهن ’ٽُٽل شيشا ۽ آڱريون‘ جي ٽائيٽل کان سواءِ هِن ڪتاب جي ڪيليگرافي ڪئي جنهن لاءِ شڪريي جا لفظ معمولي آهن. بس ايترو چئي سگهان ٿو ته حيدرآباد ۾ سائين فتاح مُنهنجي لاءِ ڇپرَ ڇانوَ رهيو آهي. پنهنجي فرزند سعد اعظم جو جنهن ڪتاب جي حوالي سان ٿيندڙ ڪوششن ۾ ڀرپور ساٿ ڏنو. پنهنجي ڌيءُ قرت العين ۽ نياڻي ميان احمد عليم پاشا جو جيڪي هر وقت اتساهيندا رهيا آهن ۽ هوم گورنمينٽ کي Thanks جنهن گُڊ گورننس جو مظاهرو ڪندي ڪتاب جي تياريءَ دوران، Free Hand ڏئي گهر جي ڪمن ڪارين کان مڪت ڪري هر طرح جو خيال رکيو ۽ آخر ۾ انهن سڀني سڄڻن جو جن Face book تي يا موبائل تي ڪتاب جي اعلان کي ويل ڪم ڪيو.


    نُور گهلُو
    بي-89، انڊس بنگلوز
    مير حسن آباد- حسين آباد-حيدرآباد
    E-mail: noorghaloo@hotmail.com
    # 0333-2744827


    ڪهاڻيون

    ڪاراٽيل سج

    ”اڙي! تون اڃان تائين سُتو پيو آهين!؟“ ساجد، فياض جي ڪمري ۾ داخل ٿي، فياض کي بيڊ تي ليٽيل ڏسي، ”ٽائيم ڏٺو اٿئي.“.
    ”بس يار ائين ئي“ فياض اٿي ويهندي، آرس ڀڃي، ”رات ائين ئي بي چينيءَ ۾ گذري، ننڊ به صحي ڪانه آئي.“
    ”مون سمجهو،“ ساجد کلندي، ”ڀاڄائي ڪانهي نه، ان ڪري تون اٻاڻڪو آهين. هائو نه.“
    ها يار! ”هوءَ ۽ ٻار ڪونهن ته گهر ڄڻ کائڻ ٿو اچي“ فياض اٿي واش روم ڏانهن ويندي. ”Just a Mint“
    جيستائين فياض واش روم مان واپس اچي، ان وچ ۾ ساجد چانهه ٺاهي ٿو وٺي.
    ”واهه!... مان پاڻ خدا کان اُها دعا گهري رهيو هُئس“ واش روم مان نڪري ٽيبل تي رکيل گرم گرم چانهه مان نڪرندڙ ٻاڦ کي ڏسي چيو.
    ”ڪهڙي دعا گهري رهيو هُئين“
    ”اُها ئي، ته ڪو خدا جو بندو هُجي، جيڪو مون کي چانهه پياري“ فياض چانهه جو مگ کڻندي.
    ”مون کي خبر آهي“ ساجد چانهه جي سپ وٺي، ”شاديءَ کان اڳ ته سڀ ڪم پاڻ ڪندو هئين پر شاديءَ کان پوءِ ڀاڄائي تي Depend ڪرڻ لڳو آهين.“
    ”هائو يار! هوءَ مُنهنجو ڏاڍو خيال رکندي آهي. ڏاڍي Cooperative آهي.“
    ”تون لڪي آهين جو توکي اهڙو لائيف پارٽنر مليو آهي.“
    فياض چانهه جو آخري ڍُڪ ڀري، مگ رکندي، ”هانه، طبيعت به ٺيڪ ڪانه ٿي رهيس، ان هوندي به هوءَ مُنهنجي ننڍي ننڍي ضرورت جو به اهڙي نموني خيال رکندي آهي، جيئن ماءُ پنهنجي اولاد جو“ ”فياض کلندي، ”ڪڏهن ڪڏهن ته مون کي ائين لڳندو آهي ڄڻ هوءَ مُنهنجي زال نه پر مُنهنجي ماءُ آهي.“
    ”صحي ٿو چئين. ڀاڄائيءَ جهڙيون عورتون ڀاڳن وارن جي حصي ۾ اينديون آهن“ ساجد کلندي چوي ٿو، ”باقي هتي ته هر SMS مان ائين لڳندو آهي ڄڻ مرد زال جو ماريل آهي.“
    ”اُها مرد جي نااهليت آهي“ فياض کلندي چوي ٿو.
    ”ائين ٿي سگهي ٿو، عورت ايتري ظالم نه ٿي ٿي سگهي“ ساجد گنڀيرتا سان، ”هالانڪه عورت جي اندر جي مامتا کي سمجهڻ جي ضرورت آهي“.
    ”ها ها ها“ فياض ٽهڪ ڏئي، ”عورت جي مامتا کي صرف اسانجا اديب ئي سمجهن ٿا.“
    ”اهو وري ڪيئن“ ساجد حيرت مان هن ڏانهن نهاريندي.
    ”ڏٺو نه اٿئي، اسانجي اديب کي ماءُ ۾ ايتري مامتا نظر نه ايندي آهي، جيتري گرل فرينڊ ۾.“
    ٻئي ٽهڪ ڏئي کلن ٿا. ”هڪ راز جي ڳالهه ٻُڌايان ”فياض کلندي چوي ٿو، ”.......؟“
    ”يونيورسٽيءَ ۾ هڪ ڇوڪريءَ سان دوستي هئي. خوبصورت ته خير ڪانه هُئي، پر سندس چهري جي معصوميت، سادگي ۽ ڳالهائڻ جي انداز مان سندس اندر جي شفافيت ۽ پاڪيزگي جو احساس ٿيندو هو.“ فياض ڄڻ انهن لمحن کي ياد ڪرڻ لڳي ٿو، ”هوءَ جڏهن ڳالهائيندي هُئي نه، ته مان هميشه هن جي چهري ڏانهن نهاريندو رهندو هُئس.“
    ”پو.....“
    ”هڪ ڀيري هن مون کان پڇي ورتو ته، تون مُنهنجي چهري ۾ ڇا ڏسندو آهين، تڏهن مُنهنجي وات مان بي اختيار نڪتو هو ”مامتا،“ فياض ڪنڌ لوڏي هلڪو ٽهڪ ڏنو ”ان ڏينهن کان پوءِ هوءَ ڪاوڙجي وئي.“
    ”هاڻي ڪٿي آهي تُنهنجي اُها مامتا“ ساجد کلندي پڇي ٿو.
    ”خبر پئي ته پاڻ کان ويهه سال وڏي پروفيسر سان شادي ڪري ڇڏي اٿس.“
    ”ويهن سالن جو فرق!؟“ ساجد حيرت مان دانهن ڪئي، ”ائين ڇو!؟“
    ”شايد هن مان پيءُ جي آسيس وٺندي هُجي“ ٻئي کلڻ لڳن ٿا.
    ”......... خير، ڏي خبر... ڪاڏي تياري آ“ فياض، ساجد ڏي نهاري.
    ”هُن سيمينار تي پيو وڃان، تون هلندين؟“
    ”نه يار! مون کي انهن سيمينارن ۾ وڃي ٽائيم Waste ڪرڻ جو شوق ڪونهي.
    ”تون انهن کان چڙيل ڇو آهين... جاڳرتا بابت اهم سيمينار آهي.“
    ”ڇڏينس.... اهڙا سيمينار روز پيا ٿين“ فياض بوريت مان چئي ٿو، ”هتي ته هر ڪو پنهنجو پنهنجو ڪاروبار چمڪائڻ ۾ پورو آهي. نششتن، گفتن، طعامن ۽ برخاستن.“
    ”خير... ان تي پوءِ ڳالهائينداسين“ ساجد گهڙي ڏسي اٿندي، ”مون کي دير پئي ٿئي. مان اٽينڊ ڪري ٿو اچان، نه ويندس ته حميد مائينڊ ڪندو“.
    ”ها.... حميد کي تو جهڙا درويش ماڻهو ته گهرجن نه“ فياض طنزيه انداز ۾ چئي ٿو. ساجد کيس گهوريندي وڃڻ لڳي ٿو. ”نه سڌرندو“دل ئي دل ۾ چئِي، ڪنڌ لوڏي هليو وڃي ٿو.
    فياض ۽ ساجد پاڻ ۾ ڏاڍا سٺا دوست هُئا. ساجد، ساده ۽ ماٺيڻي طبيعت جو هو پر فياض سندس ڀيٽ ۾ ڪُجهه تيز طبيعت جو هو. بنان ڪنهن رُک رکاءَ جي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري وجهندو هو، ان جي کيس پرواهه نه هوندي هُئي ته ڳالهه ڪنهن کي سُٺي لڳي ٿي يا نه، ساجد ڪڏهن ڪڏهن کيس سمجهائيندو هو ته چوندو هُئس، ”مون ڪا غلط ڳالهه ته نه ڪئي نه... اُها منافقي يار مون کان ڪانه پڄندي ته ڪير مون کان راءِ وٺي ته مان هن جي دل رکڻ خاطر، هن جي ها ۾ ها ملايان... نو... نو... سوري ڊيئر“ ٻنهي جي طبيعتن ۾ فرق ۽ ڪافي ڳالهين تي اختلاف هُئڻ جي باوجود، سندن دوستيءَ تي ڪو اثر نه پوندو هو. فياض جون توائي واريون ڳالهيون ۽ Action ڏسي، ساجد هن کي Angry Young Man سڏيندو هو. هو فياض لاءِ ڪڏهن ڪڏهن ائين به سوچيندو هو ته فياض جي ان رويي Behavior پويان انهن حالتن ۽ ڀوڳنائن جو حصو به هو جن کي هو ڀوڳي آيو آهي.
    فياض پنهنجي شاگرديءَ واري دور ۾ اسٽوڊنٽس، پالٽڪس ۾ ڏاڍو Committed ۽ پنهنجي قومي مقصد سان هميشه سچو رهيو هو، پر System جي بدلجندڙ سياسي، سماجي حالتن ۽ نقاب جي پويان لڪل مڪروه چهرن جي چالبازين کي ڏسڻ کان پوءِ هو ڄڻ ته ماحول کان بد دل ٿيندو ويو. اسٽوڊنٽس پالٽڪس ۾ هُن کي گهڻو Active ڏسي هن جو وات بند ڪرڻ لاءِ هن کي سٺيون ۽ سڻڀيون آفرس ڏنيو ويون پر هُو پاڻ سان گڏ هلندڙ ساٿين جيان وڪامجڻ بدران پنهنجي Commitment تي قائم رهيو، جنهن کان پوءِ هن کي هر طرح سان دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جڏهن هن جي ڪري سندس ماءُ، پيءُ ۽ ٻين فيملي ميمبرن کي سياسي ۽ سماجي وڏيرن هٿان تذليل جو مُنهن ڏسڻو پيو ته مجبور ٿي هُن پنهنجي Activities کي ختم ڪري پنهنجي الڳ دُنيا وسائي ڇڏي هُئي. بظاهر ته هن ڪنارو ڪيو هو پر اندر ئي اندر ۾ جلندو رهندو هو. هاڻي هو پنهنجي پيٽ گذر لاءِ ڪتابن جي دڪان کانپوءِ ڪُجهه ٽائيم ڪڍي، فرسٽريٽ Furstrait نوجوانن کي نشي جي علت ۽ ٻين غلط ڪمن کان روڪي هنن کي سندن وجود جي اهميت ۽ قومي شعور جي آگاهي ڏيندو هو.

    ”ڳالهه ٻُڌ.... توکي انهن Ngo’s تي ڪاوڙ ڇو آهي“ ٻئي ڏينهن ساجد فياض کي ان سيمينار بابت ٻُڌائيندي پُڇيو.
    ”ڪاوڙ ته ڪانهي“ فياض ساجد ڏي نهاريندي، ”مون کي خبر آهي، ڪيتريون ئي لوڪل Ngo’s آهن جيڪي تعليم، صحت ۽ ٻين سماجي، علاقائي حوالن سان پنهنجي وسيلن آهر سُٺو ڪم پيون ڪن. پر هنن وٽ وسيلا گهٽ آهن.“ فياض سنجيدگيءَ سان چوندو رهي ٿو، ”مان ته انهن تنظيمن جي ڳالهه ٿو ڪيان جيڪي غير ملڪي آهن ۽ پنهنجي پنهنجي ملڪن جي ايجنڊائن تي ڪم ٿيون ڪن.“
    ”ڪهڙي ايجنڊا!؟“ ساجد ڄڻ بحث ڪندي، ”توکي نظر ڪونه ٿو اچي، ٻوڏ جي وقت، زلزلي يا ٿر جي ٽرئجڊي تي هنن ڪيترو ڪم ڪيو آ.“
    ”صرف فوٽو سيشن“ فياض تلخيءَ مان چوي ٿو، ”ٻوڏ جو ماڻهو اڄ به دربدر آهي، ٿر ۾ اڄ به اُهائي بُک ۽ بيماري آهي. ٻار مرن پيا ڪو سالڊ ڪم ته ٿئي ڪونه ٿو، بس رڳو شوشا“ اونهو ساهه کڻي ٿو.
    ”پر انهن تنظيمن ذريعي نوجوانن کي روزگار ته ملي ٿو.“ ساجد سمجهائيندي ”ڏس ڪيترا بيروزگار نوجوان، مرد ۽ عورتون، هنن لاءِ ڪم ڪري پنهنجي زندگيءَ ۾ گهڻي نه سهي، ٿوري خوشحالي ته پيدا ڪن ٿا نه. اُن تي ڇا ٿو چوين؟“
    ”اهو ئي ته روئڻو آهي ته اسانجي ٽئلينٽيڊ نوجوانن، دانشورن، اديبن ۽ حقيقي سماجي ڪارڪنن کي وڏين پگهارن ۽ ٻين مراعتن ذريعي ڄڻ ته خريد ڪري، سنڌي ماڻهن جي آجپي واري جدوجهد جي جذبي ۽ Opinion کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ آڻي ٿا ڇڏين.“
    اهڙي موقعي تي ساجد هن سان بحث ڪرڻ بدران، خاموشيءَ سان هن کي ٻُڌندو رهندو هو ته جيئن هو پنهنجي دل جي باهه ڪڍي، ڪُجهه هلڪو ٿئي.
    ”اخبارن، TV چينلس تي ٻڌو ڪونه اٿئي ته ڪيتريون ئي غير ملڪي رجسٽرڊ ۽ غير رجسٽرڊ تنظيمون ملڪي مفادن خلاف پيون ڪم ڪن“ فياض جذباتي انداز ۾ انهن تنظيمن تي ڇوهه ڇنڊيندو رهيو، ”اهڙين تنظيمن لاءِ اهو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته انهن مان گهڻيون تنظيمون يهودي لابي لاءِ جاسوسيءَ جو ڪم ڪرڻ سان گڏ ماڻهن جي برين واش Brain Wash ڪري، سندن قومي، مذهبي، لساني، سياسي ۽ ثقافتي نظريات ۽ جذٻن کي سڌي اڻ سڌي طرح موڙي، پنهنجي مفادن جي حق ۾ استعمال ڪري، ملڪي حالتن ۾ اٿل پٿل پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ بنجڻ سان گڏ لسانيت ۽ مذهبي فرقن ۾ اختلاف پيدا ڪري وڙهائڻ جون ڪوششون به ڪن ٿيون.“ فياض ٿورو رڪجي اونهون ساهه کڻي ٿو، ”هُو جو چوندا آهن ته فلاڻي يا فلاڻي نگيٽو عمل، تباهي يا اپ سيٽ پويان خفيه هٿ (Hidden Hands) آهي، ته پوءِ اهو سمجهڻ ۾ ڪو ڏُکيو ڪونهي ته اهو خفيه هٿ اهو ئي ٿي سگهي ٿو.“
    ساجد مذاقيه انداز ۾ چئي ٿو، ”جيڪڏهن توکي ڪا اهڙي آفر ٿئي ته...“
    ”نه...“ فياض ساجد کي گهوريندي، ”توکي خبر آهي ته مان ويڪائو مال ناهيان. چاهيان ها ته پنهنجي ضمير جو سودو ڪري مان به اڄڪلهه ڪُجهه انٽلڪچوئلس، ڪامريڊن، اديبن ۽ دانشورن وانگر عيش جي زندگي گذاري سگهان ها.“ فياض جون ڪاوڙ مان رڳون تاڻجي وڃن ٿيون. ”توکي خبر ناهي ته تو وارو حميد صاحب مون کي اهڙي آفر ڪيئي ڀيرا ڪري چُڪو آهي. وڏي پگهار سان ويل فرنشڊ فليٽ ۾ آفيس ۽ ٻيون سهولتون، جن جي بدلي ۾ هڪ اڌ سيمينار، جڳاڙي رپورٽون ۽ تنظيمن جي ڪرتا ڌرتا کي شراب، ڪباب ۽ شباب ذريعي خوش ڪرڻ. ”حميد صاحب به ته اهو ئي ٿو ڪري نه، ٽئلينٽيڊ نوجوانن کي چمڪ ڏانهن راغب ڪري، خريدڻ.“
    ”پر اُها ته دلالي آهي نه“ ساجد ڪنڌ لوڏي ٿو.
    ”اهو ئي جواب مون به ڏنو هو.“ فياض ڪاوڙ مان چئي ٿو. جنهن تي هن بي غيرتي سان ٽهڪ ڏئي ڊنهل جي پاڪيٽ مان سگريٽ ڪڍي دکائيندي چيو هو، ”آفر سُٺي اٿئي...عيش ڪندين.“ فياض جذباتي ٿيندي، ”لعنت آهي اهڙي عيش و آرام تي.“
    ٻئي خاموش ٿي ڪُجهه دير من ئي من ۾ سوچيندا رهن ٿا. ڪُجهه لمحن کان پوءِ فياض اونهو ساهه کڻي، ”اڙي يار ڇڏانهن ڳالهين کي.“ فياض موڊ ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ڳالهه جو رُخ ڦيريندي، ”تون ڏي خبر، تنهنجي گرل فرينڊ جو ڇا حال آهي.“
    ”هن جي ڳالهه نه پُڇ“ ساجد کلندي، ”اڄڪلهه هن تي تبديليءَ جو بخار چڙهيل آهي.“
    ”ڪنهن کان متاثر آهي، سياست دان کان يا صحافيءَ کان“ فياض مذاقيه انداز ۾ کلندي، ”ائين نه ٿئي جو تبديليءَ جي چڪر ۾ توکي ئي تبديل ڪري ڪنهن ٻئي تبديلي پسند سان ڇومنتر ٿي وڃي.“
    ساجد ٽهڪ ڏئي کلندي ساڳئي مذاقيه انداز ۾، ”ته پوءِ مُنهنجي انتقام کان بچي نه سگهندي. مان هن لاءِ جان ڏئي سگهان ٿو ته هن جي جان وٺي به سگهان ٿو.“
    ”ڇا مطلب...“ فياض مسڪرائي شرارتي نظرن سان ساجد ڏي نهاري، ”مان هنن ٻنهي کي ڪارو ڪاري ڪري ماريندس.“ ساجد ٽهڪ ڏئي ٿو.
    ”اوهو.... هو...“ فياض کلندي، ”اهو ته غير انساني ۽ غير جمهوري عمل آهي يار.“
    ”ڪُجهه به هُجي“ ساجد سنجيده ٿيندي، ”ڪو مُنهنجي محبت تي ڌاڙو هڻي ۽ مان بزدلن وانگر ماٺ ڪري ويهي رهان!؟“
    ”نه... بلڪل نه...“ فياض ناڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي، ”انتقام ضرور وٺڻ گهرجي پر غير جمهوري نه، جمهوري طريقي سان.“
    ”اهو وري ڪيئن؟“ ساجد سندس ڳالهه نه سمجهندي.
    ”اهو ائين ته Democracy Is the best revenge“ فياض طنزيه انداز ۾ ٽهڪ ڏئي، ”اُها ئي ته مفاهمت آهي.“
    ”يعني....!؟“ ساجد حيرت مان.
    ”يعني اهو ته، تون مُنهنجي سلوار نه لاهه، مان تُنهنجي پائجامي کي هٿ نه لائيندس.“ ٻئي زوردار ٽهڪ ڏين ٿا.
    ”ها يار.... سچ ٿو چئين... ان جو عملي مظاهرو اڄڪلهه ڏسون پيا.“ ساجد سنجيده ٿيندي فيصله ڪن انداز ۾، ”بس گهڻي ٿي، هاڻي سنڌ ۾ وڌيڪ برداشت ناهي رهي. تبديلي اچڻ گهرجي.“
    ”ضرور ايندي دوست.“ فياض آٿت ڏيندي، ”جڏهن قوم تبديليءَ جو مفهوم سمجهي ورتو ته پوءِ ان تبديليءَ جي طوفان کي ڪير به روڪي نه سگهندو.“
    ”تُنهنجو مطلب آ.... متبادل؟“ ساجد ڏانهس نهاريندي، ”پر اهو ڪير ٿي سگهي ٿو؟“
    ”اهو سنڌ مان ئي ٿي سگهي ٿو، ٻاهريون سياستدان سنڌ جي مفادن تي پنجاب کي ناراض نه ڪندو.“
    ”سنڌ مان ڪير؟“
    ”اهو ئي جيڪو تبديليءَ جو نعرو هڻي نڪتو آهي ۽ ماڻهن جي ذهنن ۾ ويٺل ڀوتارن جي خوف کي ختم ڪرڻ لاءِ ماڻهن ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ جا جَتنَ ڪندو رهيو آهي.“ فياض اعتماد سان چئي ٿو.
    ساجد هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي، ”اهو ته ٺيڪ آ، تبديليءَ جون ڳالهيون ته گهڻيون ٿي چڪيون، پر هاڻي هن کي سرواڻيءَ لاءِ عملي طرح اڳتي اچڻ گهرجي، ڊبل مائينڊ ڇو آهي؟“
    ”هائو!“ فياض سوچيندي، ”پر... شايد عام ماڻهوءَ وانگر هن جي ذهن ۾ به ناڪاميءَ جو خوف هجي.“
    ”اهو ناڪاميءَ جو خوف ئي ته آهي، جيڪو خواب جي حقيقت ۾ بدلجڻ ۾ رڪاوٽ ٿئي ٿو.“
    ”بهرحال“ فياض اونهو ساهه کڻي، ”کيس پنهنجي اندر جي ناڪاميءَ جي خوف مان ٻاهر اچڻ گهرجي، جو ماڻهن جون نگاهون ۽ اميدون هن ۾ ئي آهن.“
    ”ته پوءِ هي قومپرست!؟“ ساجد تلخيءَ مان، ”اُهي ته پاڻ ۾ ئي...“
    ”انقلاب راتو رات ڪونهن ايندا، انهن لاءِ وڏي عرصي تائين صبر سان پنهنجي تحريڪ جاري رکبي آهي.“ فياض کيس سمجهائيندي، ”ڪُجهه ڏينهن يا ڪُجهه سال لڳندا، پر اهو وقت ضرور ايندو جڏهن عام ماڻهو سان گڏ قومپرستن کي به ان سچائيءَ جي سمجهه ايندي ته ڌرتي هٿن مان نڪتي پئي وڃي.“
    ”پر.... اهو وقت...“!؟؟
    ”اهو وقت ضرور ايندو، بلڪه وقت رستي ۾ آهي. ڪو وڏو واقعو Incident ئي هنن کي هڪ پليٽ فارم تي آڻيندو. مُنهنجو اهو پڪو ايمان آهي.“ فياض پختگيءَ سان چئي ٿو.
    ٻنهي وچ ۾ طويل خاموشي.

    ڪُجهه ڏينهن کانپوءِ ساجد جي هٿ ۾ غربت جي خاتمي بابت هڪ سيمينار ۾ شرڪت جو انويٽيشن ڪارڊ ۽ ذهن ۾ لاتعداد سوال. سيمينار جي آرگنائيزر جو نالو پڙهي سندس چپن تي تلخ مسڪراهٽ اچي وڃي ٿي. لڳيس ٿو ڄڻ سمونڊ جو کارو پاڻي سندس وات ۾ ڀرجي ويو هُجي. ڪارڊ تي آرگنائيزر جو نالو، فياض علي، ڊائريڪٽر NGO جو نالو لکيل هو. ڪارڊ تي فياض جو نالو ڏسي ساجد جي چپن تي طنزيه مرڪ اچي وڃي ٿي ۽ هو هڪ اونهو ساهه کڻي، ڪارڊ ڊسٽ بن ۾ اڇلي ڇڏي ٿو.


    ڪاراٽيل سج

    ”اڙي! تون اڃان تائين سُتو پيو آهين!؟“ ساجد، فياض جي ڪمري ۾ داخل ٿي، فياض کي بيڊ تي ليٽيل ڏسي، ”ٽائيم ڏٺو اٿئي.“.
    ”بس يار ائين ئي“ فياض اٿي ويهندي، آرس ڀڃي، ”رات ائين ئي بي چينيءَ ۾ گذري، ننڊ به صحي ڪانه آئي.“
    ”مون سمجهو،“ ساجد کلندي، ”ڀاڄائي ڪانهي نه، ان ڪري تون اٻاڻڪو آهين. هائو نه.“
    ها يار! ”هوءَ ۽ ٻار ڪونهن ته گهر ڄڻ کائڻ ٿو اچي“ فياض اٿي واش روم ڏانهن ويندي. ”Just a Mint“
    جيستائين فياض واش روم مان واپس اچي، ان وچ ۾ ساجد چانهه ٺاهي ٿو وٺي.
    ”واهه!... مان پاڻ خدا کان اُها دعا گهري رهيو هُئس“ واش روم مان نڪري ٽيبل تي رکيل گرم گرم چانهه مان نڪرندڙ ٻاڦ کي ڏسي چيو.
    ”ڪهڙي دعا گهري رهيو هُئين“
    ”اُها ئي، ته ڪو خدا جو بندو هُجي، جيڪو مون کي چانهه پياري“ فياض چانهه جو مگ کڻندي.
    ”مون کي خبر آهي“ ساجد چانهه جي سپ وٺي، ”شاديءَ کان اڳ ته سڀ ڪم پاڻ ڪندو هئين پر شاديءَ کان پوءِ ڀاڄائي تي Depend ڪرڻ لڳو آهين.“
    ”هائو يار! هوءَ مُنهنجو ڏاڍو خيال رکندي آهي. ڏاڍي Cooperative آهي.“
    ”تون لڪي آهين جو توکي اهڙو لائيف پارٽنر مليو آهي.“
    فياض چانهه جو آخري ڍُڪ ڀري، مگ رکندي، ”هانه، طبيعت به ٺيڪ ڪانه ٿي رهيس، ان هوندي به هوءَ مُنهنجي ننڍي ننڍي ضرورت جو به اهڙي نموني خيال رکندي آهي، جيئن ماءُ پنهنجي اولاد جو“ ”فياض کلندي، ”ڪڏهن ڪڏهن ته مون کي ائين لڳندو آهي ڄڻ هوءَ مُنهنجي زال نه پر مُنهنجي ماءُ آهي.“
    ”صحي ٿو چئين. ڀاڄائيءَ جهڙيون عورتون ڀاڳن وارن جي حصي ۾ اينديون آهن“ ساجد کلندي چوي ٿو، ”باقي هتي ته هر SMS مان ائين لڳندو آهي ڄڻ مرد زال جو ماريل آهي.“
    ”اُها مرد جي نااهليت آهي“ فياض کلندي چوي ٿو.
    ”ائين ٿي سگهي ٿو، عورت ايتري ظالم نه ٿي ٿي سگهي“ ساجد گنڀيرتا سان، ”هالانڪه عورت جي اندر جي مامتا کي سمجهڻ جي ضرورت آهي“.
    ”ها ها ها“ فياض ٽهڪ ڏئي، ”عورت جي مامتا کي صرف اسانجا اديب ئي سمجهن ٿا.“
    ”اهو وري ڪيئن“ ساجد حيرت مان هن ڏانهن نهاريندي.
    ”ڏٺو نه اٿئي، اسانجي اديب کي ماءُ ۾ ايتري مامتا نظر نه ايندي آهي، جيتري گرل فرينڊ ۾.“
    ٻئي ٽهڪ ڏئي کلن ٿا. ”هڪ راز جي ڳالهه ٻُڌايان ”فياض کلندي چوي ٿو، ”.......؟“
    ”يونيورسٽيءَ ۾ هڪ ڇوڪريءَ سان دوستي هئي. خوبصورت ته خير ڪانه هُئي، پر سندس چهري جي معصوميت، سادگي ۽ ڳالهائڻ جي انداز مان سندس اندر جي شفافيت ۽ پاڪيزگي جو احساس ٿيندو هو.“ فياض ڄڻ انهن لمحن کي ياد ڪرڻ لڳي ٿو، ”هوءَ جڏهن ڳالهائيندي هُئي نه، ته مان هميشه هن جي چهري ڏانهن نهاريندو رهندو هُئس.“
    ”پو.....“
    ”هڪ ڀيري هن مون کان پڇي ورتو ته، تون مُنهنجي چهري ۾ ڇا ڏسندو آهين، تڏهن مُنهنجي وات مان بي اختيار نڪتو هو ”مامتا،“ فياض ڪنڌ لوڏي هلڪو ٽهڪ ڏنو ”ان ڏينهن کان پوءِ هوءَ ڪاوڙجي وئي.“
    ”هاڻي ڪٿي آهي تُنهنجي اُها مامتا“ ساجد کلندي پڇي ٿو.
    ”خبر پئي ته پاڻ کان ويهه سال وڏي پروفيسر سان شادي ڪري ڇڏي اٿس.“
    ”ويهن سالن جو فرق!؟“ ساجد حيرت مان دانهن ڪئي، ”ائين ڇو!؟“
    ”شايد هن مان پيءُ جي آسيس وٺندي هُجي“ ٻئي کلڻ لڳن ٿا.
    ”......... خير، ڏي خبر... ڪاڏي تياري آ“ فياض، ساجد ڏي نهاري.
    ”هُن سيمينار تي پيو وڃان، تون هلندين؟“
    ”نه يار! مون کي انهن سيمينارن ۾ وڃي ٽائيم Waste ڪرڻ جو شوق ڪونهي.
    ”تون انهن کان چڙيل ڇو آهين... جاڳرتا بابت اهم سيمينار آهي.“
    ”ڇڏينس.... اهڙا سيمينار روز پيا ٿين“ فياض بوريت مان چئي ٿو، ”هتي ته هر ڪو پنهنجو پنهنجو ڪاروبار چمڪائڻ ۾ پورو آهي. نششتن، گفتن، طعامن ۽ برخاستن.“
    ”خير... ان تي پوءِ ڳالهائينداسين“ ساجد گهڙي ڏسي اٿندي، ”مون کي دير پئي ٿئي. مان اٽينڊ ڪري ٿو اچان، نه ويندس ته حميد مائينڊ ڪندو“.
    ”ها.... حميد کي تو جهڙا درويش ماڻهو ته گهرجن نه“ فياض طنزيه انداز ۾ چئي ٿو. ساجد کيس گهوريندي وڃڻ لڳي ٿو. ”نه سڌرندو“دل ئي دل ۾ چئِي، ڪنڌ لوڏي هليو وڃي ٿو.
    فياض ۽ ساجد پاڻ ۾ ڏاڍا سٺا دوست هُئا. ساجد، ساده ۽ ماٺيڻي طبيعت جو هو پر فياض سندس ڀيٽ ۾ ڪُجهه تيز طبيعت جو هو. بنان ڪنهن رُک رکاءَ جي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري وجهندو هو، ان جي کيس پرواهه نه هوندي هُئي ته ڳالهه ڪنهن کي سُٺي لڳي ٿي يا نه، ساجد ڪڏهن ڪڏهن کيس سمجهائيندو هو ته چوندو هُئس، ”مون ڪا غلط ڳالهه ته نه ڪئي نه... اُها منافقي يار مون کان ڪانه پڄندي ته ڪير مون کان راءِ وٺي ته مان هن جي دل رکڻ خاطر، هن جي ها ۾ ها ملايان... نو... نو... سوري ڊيئر“ ٻنهي جي طبيعتن ۾ فرق ۽ ڪافي ڳالهين تي اختلاف هُئڻ جي باوجود، سندن دوستيءَ تي ڪو اثر نه پوندو هو. فياض جون توائي واريون ڳالهيون ۽ Action ڏسي، ساجد هن کي Angry Young Man سڏيندو هو. هو فياض لاءِ ڪڏهن ڪڏهن ائين به سوچيندو هو ته فياض جي ان رويي Behavior پويان انهن حالتن ۽ ڀوڳنائن جو حصو به هو جن کي هو ڀوڳي آيو آهي.
    فياض پنهنجي شاگرديءَ واري دور ۾ اسٽوڊنٽس، پالٽڪس ۾ ڏاڍو Committed ۽ پنهنجي قومي مقصد سان هميشه سچو رهيو هو، پر System جي بدلجندڙ سياسي، سماجي حالتن ۽ نقاب جي پويان لڪل مڪروه چهرن جي چالبازين کي ڏسڻ کان پوءِ هو ڄڻ ته ماحول کان بد دل ٿيندو ويو. اسٽوڊنٽس پالٽڪس ۾ هُن کي گهڻو Active ڏسي هن جو وات بند ڪرڻ لاءِ هن کي سٺيون ۽ سڻڀيون آفرس ڏنيو ويون پر هُو پاڻ سان گڏ هلندڙ ساٿين جيان وڪامجڻ بدران پنهنجي Commitment تي قائم رهيو، جنهن کان پوءِ هن کي هر طرح سان دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جڏهن هن جي ڪري سندس ماءُ، پيءُ ۽ ٻين فيملي ميمبرن کي سياسي ۽ سماجي وڏيرن هٿان تذليل جو مُنهن ڏسڻو پيو ته مجبور ٿي هُن پنهنجي Activities کي ختم ڪري پنهنجي الڳ دُنيا وسائي ڇڏي هُئي. بظاهر ته هن ڪنارو ڪيو هو پر اندر ئي اندر ۾ جلندو رهندو هو. هاڻي هو پنهنجي پيٽ گذر لاءِ ڪتابن جي دڪان کانپوءِ ڪُجهه ٽائيم ڪڍي، فرسٽريٽ Furstrait نوجوانن کي نشي جي علت ۽ ٻين غلط ڪمن کان روڪي هنن کي سندن وجود جي اهميت ۽ قومي شعور جي آگاهي ڏيندو هو.

    ”ڳالهه ٻُڌ.... توکي انهن Ngo’s تي ڪاوڙ ڇو آهي“ ٻئي ڏينهن ساجد فياض کي ان سيمينار بابت ٻُڌائيندي پُڇيو.
    ”ڪاوڙ ته ڪانهي“ فياض ساجد ڏي نهاريندي، ”مون کي خبر آهي، ڪيتريون ئي لوڪل Ngo’s آهن جيڪي تعليم، صحت ۽ ٻين سماجي، علاقائي حوالن سان پنهنجي وسيلن آهر سُٺو ڪم پيون ڪن. پر هنن وٽ وسيلا گهٽ آهن.“ فياض سنجيدگيءَ سان چوندو رهي ٿو، ”مان ته انهن تنظيمن جي ڳالهه ٿو ڪيان جيڪي غير ملڪي آهن ۽ پنهنجي پنهنجي ملڪن جي ايجنڊائن تي ڪم ٿيون ڪن.“
    ”ڪهڙي ايجنڊا!؟“ ساجد ڄڻ بحث ڪندي، ”توکي نظر ڪونه ٿو اچي، ٻوڏ جي وقت، زلزلي يا ٿر جي ٽرئجڊي تي هنن ڪيترو ڪم ڪيو آ.“
    ”صرف فوٽو سيشن“ فياض تلخيءَ مان چوي ٿو، ”ٻوڏ جو ماڻهو اڄ به دربدر آهي، ٿر ۾ اڄ به اُهائي بُک ۽ بيماري آهي. ٻار مرن پيا ڪو سالڊ ڪم ته ٿئي ڪونه ٿو، بس رڳو شوشا“ اونهو ساهه کڻي ٿو.
    ”پر انهن تنظيمن ذريعي نوجوانن کي روزگار ته ملي ٿو.“ ساجد سمجهائيندي ”ڏس ڪيترا بيروزگار نوجوان، مرد ۽ عورتون، هنن لاءِ ڪم ڪري پنهنجي زندگيءَ ۾ گهڻي نه سهي، ٿوري خوشحالي ته پيدا ڪن ٿا نه. اُن تي ڇا ٿو چوين؟“
    ”اهو ئي ته روئڻو آهي ته اسانجي ٽئلينٽيڊ نوجوانن، دانشورن، اديبن ۽ حقيقي سماجي ڪارڪنن کي وڏين پگهارن ۽ ٻين مراعتن ذريعي ڄڻ ته خريد ڪري، سنڌي ماڻهن جي آجپي واري جدوجهد جي جذبي ۽ Opinion کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ آڻي ٿا ڇڏين.“
    اهڙي موقعي تي ساجد هن سان بحث ڪرڻ بدران، خاموشيءَ سان هن کي ٻُڌندو رهندو هو ته جيئن هو پنهنجي دل جي باهه ڪڍي، ڪُجهه هلڪو ٿئي.
    ”اخبارن، TV چينلس تي ٻڌو ڪونه اٿئي ته ڪيتريون ئي غير ملڪي رجسٽرڊ ۽ غير رجسٽرڊ تنظيمون ملڪي مفادن خلاف پيون ڪم ڪن“ فياض جذباتي انداز ۾ انهن تنظيمن تي ڇوهه ڇنڊيندو رهيو، ”اهڙين تنظيمن لاءِ اهو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته انهن مان گهڻيون تنظيمون يهودي لابي لاءِ جاسوسيءَ جو ڪم ڪرڻ سان گڏ ماڻهن جي برين واش Brain Wash ڪري، سندن قومي، مذهبي، لساني، سياسي ۽ ثقافتي نظريات ۽ جذٻن کي سڌي اڻ سڌي طرح موڙي، پنهنجي مفادن جي حق ۾ استعمال ڪري، ملڪي حالتن ۾ اٿل پٿل پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ بنجڻ سان گڏ لسانيت ۽ مذهبي فرقن ۾ اختلاف پيدا ڪري وڙهائڻ جون ڪوششون به ڪن ٿيون.“ فياض ٿورو رڪجي اونهون ساهه کڻي ٿو، ”هُو جو چوندا آهن ته فلاڻي يا فلاڻي نگيٽو عمل، تباهي يا اپ سيٽ پويان خفيه هٿ (Hidden Hands) آهي، ته پوءِ اهو سمجهڻ ۾ ڪو ڏُکيو ڪونهي ته اهو خفيه هٿ اهو ئي ٿي سگهي ٿو.“
    ساجد مذاقيه انداز ۾ چئي ٿو، ”جيڪڏهن توکي ڪا اهڙي آفر ٿئي ته...“
    ”نه...“ فياض ساجد کي گهوريندي، ”توکي خبر آهي ته مان ويڪائو مال ناهيان. چاهيان ها ته پنهنجي ضمير جو سودو ڪري مان به اڄڪلهه ڪُجهه انٽلڪچوئلس، ڪامريڊن، اديبن ۽ دانشورن وانگر عيش جي زندگي گذاري سگهان ها.“ فياض جون ڪاوڙ مان رڳون تاڻجي وڃن ٿيون. ”توکي خبر ناهي ته تو وارو حميد صاحب مون کي اهڙي آفر ڪيئي ڀيرا ڪري چُڪو آهي. وڏي پگهار سان ويل فرنشڊ فليٽ ۾ آفيس ۽ ٻيون سهولتون، جن جي بدلي ۾ هڪ اڌ سيمينار، جڳاڙي رپورٽون ۽ تنظيمن جي ڪرتا ڌرتا کي شراب، ڪباب ۽ شباب ذريعي خوش ڪرڻ. ”حميد صاحب به ته اهو ئي ٿو ڪري نه، ٽئلينٽيڊ نوجوانن کي چمڪ ڏانهن راغب ڪري، خريدڻ.“
    ”پر اُها ته دلالي آهي نه“ ساجد ڪنڌ لوڏي ٿو.
    ”اهو ئي جواب مون به ڏنو هو.“ فياض ڪاوڙ مان چئي ٿو. جنهن تي هن بي غيرتي سان ٽهڪ ڏئي ڊنهل جي پاڪيٽ مان سگريٽ ڪڍي دکائيندي چيو هو، ”آفر سُٺي اٿئي...عيش ڪندين.“ فياض جذباتي ٿيندي، ”لعنت آهي اهڙي عيش و آرام تي.“
    ٻئي خاموش ٿي ڪُجهه دير من ئي من ۾ سوچيندا رهن ٿا. ڪُجهه لمحن کان پوءِ فياض اونهو ساهه کڻي، ”اڙي يار ڇڏانهن ڳالهين کي.“ فياض موڊ ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ڳالهه جو رُخ ڦيريندي، ”تون ڏي خبر، تنهنجي گرل فرينڊ جو ڇا حال آهي.“
    ”هن جي ڳالهه نه پُڇ“ ساجد کلندي، ”اڄڪلهه هن تي تبديليءَ جو بخار چڙهيل آهي.“
    ”ڪنهن کان متاثر آهي، سياست دان کان يا صحافيءَ کان“ فياض مذاقيه انداز ۾ کلندي، ”ائين نه ٿئي جو تبديليءَ جي چڪر ۾ توکي ئي تبديل ڪري ڪنهن ٻئي تبديلي پسند سان ڇومنتر ٿي وڃي.“
    ساجد ٽهڪ ڏئي کلندي ساڳئي مذاقيه انداز ۾، ”ته پوءِ مُنهنجي انتقام کان بچي نه سگهندي. مان هن لاءِ جان ڏئي سگهان ٿو ته هن جي جان وٺي به سگهان ٿو.“
    ”ڇا مطلب...“ فياض مسڪرائي شرارتي نظرن سان ساجد ڏي نهاري، ”مان هنن ٻنهي کي ڪارو ڪاري ڪري ماريندس.“ ساجد ٽهڪ ڏئي ٿو.
    ”اوهو.... هو...“ فياض کلندي، ”اهو ته غير انساني ۽ غير جمهوري عمل آهي يار.“
    ”ڪُجهه به هُجي“ ساجد سنجيده ٿيندي، ”ڪو مُنهنجي محبت تي ڌاڙو هڻي ۽ مان بزدلن وانگر ماٺ ڪري ويهي رهان!؟“
    ”نه... بلڪل نه...“ فياض ناڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي، ”انتقام ضرور وٺڻ گهرجي پر غير جمهوري نه، جمهوري طريقي سان.“
    ”اهو وري ڪيئن؟“ ساجد سندس ڳالهه نه سمجهندي.
    ”اهو ائين ته Democracy Is the best revenge“ فياض طنزيه انداز ۾ ٽهڪ ڏئي، ”اُها ئي ته مفاهمت آهي.“
    ”يعني....!؟“ ساجد حيرت مان.
    ”يعني اهو ته، تون مُنهنجي سلوار نه لاهه، مان تُنهنجي پائجامي کي هٿ نه لائيندس.“ ٻئي زوردار ٽهڪ ڏين ٿا.
    ”ها يار.... سچ ٿو چئين... ان جو عملي مظاهرو اڄڪلهه ڏسون پيا.“ ساجد سنجيده ٿيندي فيصله ڪن انداز ۾، ”بس گهڻي ٿي، هاڻي سنڌ ۾ وڌيڪ برداشت ناهي رهي. تبديلي اچڻ گهرجي.“
    ”ضرور ايندي دوست.“ فياض آٿت ڏيندي، ”جڏهن قوم تبديليءَ جو مفهوم سمجهي ورتو ته پوءِ ان تبديليءَ جي طوفان کي ڪير به روڪي نه سگهندو.“
    ”تُنهنجو مطلب آ.... متبادل؟“ ساجد ڏانهس نهاريندي، ”پر اهو ڪير ٿي سگهي ٿو؟“
    ”اهو سنڌ مان ئي ٿي سگهي ٿو، ٻاهريون سياستدان سنڌ جي مفادن تي پنجاب کي ناراض نه ڪندو.“
    ”سنڌ مان ڪير؟“
    ”اهو ئي جيڪو تبديليءَ جو نعرو هڻي نڪتو آهي ۽ ماڻهن جي ذهنن ۾ ويٺل ڀوتارن جي خوف کي ختم ڪرڻ لاءِ ماڻهن ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ جا جَتنَ ڪندو رهيو آهي.“ فياض اعتماد سان چئي ٿو.
    ساجد هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي، ”اهو ته ٺيڪ آ، تبديليءَ جون ڳالهيون ته گهڻيون ٿي چڪيون، پر هاڻي هن کي سرواڻيءَ لاءِ عملي طرح اڳتي اچڻ گهرجي، ڊبل مائينڊ ڇو آهي؟“
    ”هائو!“ فياض سوچيندي، ”پر... شايد عام ماڻهوءَ وانگر هن جي ذهن ۾ به ناڪاميءَ جو خوف هجي.“
    ”اهو ناڪاميءَ جو خوف ئي ته آهي، جيڪو خواب جي حقيقت ۾ بدلجڻ ۾ رڪاوٽ ٿئي ٿو.“
    ”بهرحال“ فياض اونهو ساهه کڻي، ”کيس پنهنجي اندر جي ناڪاميءَ جي خوف مان ٻاهر اچڻ گهرجي، جو ماڻهن جون نگاهون ۽ اميدون هن ۾ ئي آهن.“
    ”ته پوءِ هي قومپرست!؟“ ساجد تلخيءَ مان، ”اُهي ته پاڻ ۾ ئي...“
    ”انقلاب راتو رات ڪونهن ايندا، انهن لاءِ وڏي عرصي تائين صبر سان پنهنجي تحريڪ جاري رکبي آهي.“ فياض کيس سمجهائيندي، ”ڪُجهه ڏينهن يا ڪُجهه سال لڳندا، پر اهو وقت ضرور ايندو جڏهن عام ماڻهو سان گڏ قومپرستن کي به ان سچائيءَ جي سمجهه ايندي ته ڌرتي هٿن مان نڪتي پئي وڃي.“
    ”پر.... اهو وقت...“!؟؟
    ”اهو وقت ضرور ايندو، بلڪه وقت رستي ۾ آهي. ڪو وڏو واقعو Incident ئي هنن کي هڪ پليٽ فارم تي آڻيندو. مُنهنجو اهو پڪو ايمان آهي.“ فياض پختگيءَ سان چئي ٿو.
    ٻنهي وچ ۾ طويل خاموشي.

    ڪُجهه ڏينهن کانپوءِ ساجد جي هٿ ۾ غربت جي خاتمي بابت هڪ سيمينار ۾ شرڪت جو انويٽيشن ڪارڊ ۽ ذهن ۾ لاتعداد سوال. سيمينار جي آرگنائيزر جو نالو پڙهي سندس چپن تي تلخ مسڪراهٽ اچي وڃي ٿي. لڳيس ٿو ڄڻ سمونڊ جو کارو پاڻي سندس وات ۾ ڀرجي ويو هُجي. ڪارڊ تي آرگنائيزر جو نالو، فياض علي، ڊائريڪٽر NGO جو نالو لکيل هو. ڪارڊ تي فياض جو نالو ڏسي ساجد جي چپن تي طنزيه مرڪ اچي وڃي ٿي ۽ هو هڪ اونهو ساهه کڻي، ڪارڊ ڊسٽ بن ۾ اڇلي ڇڏي ٿو.


    آخري پٿر

    سنسان سڙڪ تي ڀڄندي ڀڄندي اوچتو بيهي رهي ٿو... اُڀ ساهي.... ڊگها ڊگها ساهه.... ٿڪاوٽ جو شديد احساس... پٺتي مڙي نهاري ٿو... ميونسپل جي پولن ۾ لڳل بلبن جي پيلي.... بيمار روشني... ”ڪوبه ته ڪونهي.... ٿوري ساهي پٺيان.“ کيسي تي هٿ هڻي سگريٽ جي پاڪيٽ کي محسوس ڪري ٿو. ”شڪر آهي، ڀڄڀڄان ۾ ڪٿي ڪري ڪونه پيو.“ هڪ سگريٽ ڪڍي دُکائي ٿو ۽ وڏو ڪش هڻي، دونهون آهستي ٻاهر ڪڍي دونهين مان ٺهندڙ ڇلا.... دائرا... فضا ۾ تحليل ٿيندي ڏسي ٿو. ”انسان به ائين ئي تحليل ٿيندو ٿو رهي. آهستي... آهستي... تحليل ٿيندڙ... اُف! ڪيڏي نه رات ٿي وئي آهي... مون کي گهر وڃڻ گهرجي.“ سندس نظرون سامهون پوسٽ آفيس ٻاهران رکيل پوسٽ باڪس ڏانهن کچي وڃن ٿيون ” Dead Letter“ سندس چپن تي تلخ مسڪراهٽ اچي وڃي ٿي، کيس لڳو ڄڻ هو به ان ڊيڊ ليٽر وانگر آهي، جيڪو سندس گهرجي ائڊريس تيDeliver ٿيڻ کان رهجي ويو هُجي، ”پر مُنهنجو گهر آهي ڪٿي!!؟؟“ پنهنجو پاڻ کان سوال، جواب. رات جي خاموشي. پوسٽ آفيس جي گيٽ اڳيان لڳل ميونسپل جي پول جي بلب ڏانهن نهاري ٿو. هلڪو ڪش. ”بلب جي Filament ڪيڏي نه مضبوط آهي، ايترو سڙي ٿي، پوءِ به ٻرندي رهي ٿي ۽.... اسان؟ پنهنجي اندر ۾ ڪيڏا نه انڌيرا کڻي ٿا هلون.... انڌيرا... انڌيرا... هر طرف انڌيرا...“
    سندس نظرون پول جي هيٺيان بلب جي پيلي، بيمار روشنيءَ ۾ سڪون سان سُتل ڪُتي ڏانهن کڄي وڃن ٿيون ۽ ڪُتي کي عجيب نظرن سان گهورڻ لڳي ٿو، ”ڪيڏي نه سڪون سان ستو پيو آهي!... مون کي به گهر وڃڻ گهرجي...“ ڪُتي کي گهوريندي، وک وڌائي وري بيهي رهي ٿو. الاءِ ڇو کيس ڪُتي جو ائين سڪون سان سمهڻ سٺو نه ٿو لڳي ۽ سندس من ۾ ڪتي لاءِ نفرت ۽ Jealousy جا جذبا اڀرڻ لڳن ٿا.
    ”.....سڪون!...“ سندس نظرون آس پاس جي گهرن ڏانهن کڄي وڃن ٿيون. ماٺ جي ڪفن ۾ ويڙهيل جايون. لڳيس ٿو ڄڻ سڀ گهر خالي هُجن يا گهر ڌڻي ڪنهن اڻ ڄاتل خوف سبب سڀ در، دريون، روشندان بند ڪري پنهنجي ساهن جي Suffocation ۾ ئي گُهٽجي گُهٽجي مري ويا هُجن، تڏهن سندس ساههُ ڄڻ مُٺ ۾ ڀڪوڙجي ٿو وڃي. جيءُ ۾ اچيس ٿو زور زور سان رڙيون ڪري گهرن اندر ستل مُڙدن کي اُٿاري وجهي، ڪُجهه سوچي، جُهڪي هڪ پٿر کڻي زور سان ڪُتي کي هڻي ٿو. رات جي سانت ۾ ڪٿي جا ڪونڪاٽ ڄڻ ٿرٿلو مچائي ٿا ڇڏين. ڪُتو ڪو نڪاٽ ڪندو هڪ طرف ڀڄي وڃي ٿو. ”... هونهه! پبلڪ پريشان آهي ۽ ڪُتا سڪون سان ٿا سمهن، تڏهن اوچتو سندس ذهن ۾ جاسوس ڪتن جو خيال اچي وڃي ٿو ته ڇرڪ ڀري، خوف ۽ دهشت مان هيڏي هوڏي نهارڻ لڳي ٿو... ”اوهه!... مون کي گهر وڃڻ گهرجي... پر.... پر....“ ڊپ مان هيڏي هوڏي نهاري ٿو، ”.... پر مان گهر ڪيئن ٿو وڃي سگهان!؟“ ياد ٿو اچيس ته ڪيئن نه اُهي جاسوس ڪُتا نوس نوس ڪندا سندس گهر تائين پهچي ويا آهن... ”اسان Watch ٿا ٿيون.... ها.... اسان جي چرپر Watch ٿي ٿئي... اسان جو ڳالهائڻ.... اسان جو کلڻ.... اسان جو روئڻ Watch ٿو ٿئي.... اف! اسان پنهنجا پيرا ڊاهي به ته نه ٿا سگهون نه. اهو عمل اسانجي وجود جو نفي ڏانهن سفر ٿيندو. اسان وٽ اسان جي قومي وجود جي Residence Certificate کي ڪير مڃي ڪٿي ٿو!؟. هتي ته سڀ جعلي Domicile تي مالڪ بنجي ويٺا آهن ۽ اسان.... نه.... نه... مون کي گهر وڃڻو ئي پوندو. ڪُجهه به ٿي پوي مان پنهنجي Residencial Address بدلائي نه ٿو سگهان. جهڪي هڪ پٿر کڻي، ائين ئي هروڀرو پول کي هڻي ٿو ڪڍي. هڪ زوردار آواز... آواز جي گونج پولار ۾ ڦهلجي ٿي وڃي. وايو منڊل ۾ آهستي آهستي مدهم ٿيندڙ گونج ڪيڏي نه پياري ٿي لڳيس. زندگيءَ جي علامت. لڳس ٿو ڄڻ رات جي سانت ۾ گونجندڙ آواز سندس نس نس ۾ سرور ڀري ڇڏيو هُجي. هو هڪ ٻيو پٿر کڻي پول کي هڻي ٿو ۽ اکيون ٻوٽي آواز جي گونج ۾ ڄڻ پاڻ کي سمائجندو محسوس ڪري ٿو. Sound Velocity ۾ کيس پنهنجو وجود، آواز جي لهرن سان گڏ Space ۾ ڦهلجندو محسوس ٿئي ٿو. اڳتي وڌي پول کي ٽيڪ ڏئي بيهي رهي ٿو ۽ آهستي آهستي سگريٽ جا ڪش هڻڻ لڳي ٿو. بيٺي بيٺي اوچتو جاسوس ڪتن جو خيال اچيس ٿو ته سندس ڪنن ۾ هردشا کان ايندڙ هزارين ڪُتن جي ڀونڪڻ جا آواز، گونجڻ لڳن ٿا. ”اوه! مان هتي بيٺو آهيان روشنيءَ ۾!... ڪنهن ڏسي ورتو ته....؟؟...؟؟“ ڪروڌ مان بلب ڏي نهاري ٿو، ”هي بلب به جاسوس ڪتن جو ساٿاري آهي.“ لڳيس ٿو ڄڻ بلب جي پيلي روشنيءَ ۾ اگهاڙو بيٺو هُجي ۽ سندس چوڌاري عمارتن جي ڳڙکين، روشندانن ۾فٽ ٿيل رائيفلن جون نالون سندس نشاني تي هجن ۽ ڪيڏي مهل به، Whistle وڄڻ تي لڪل هٿ رائيفلن جا ٽرئگر ڇڪي کيس پرڻ ڪري ڇڏيندا.... ”Firing Squad.... اوه!“ تحفظ جي احساس هيٺ جهڪي هڪ پٿر کڻي زور سان بلب کي هڻي ٿو ”ٺا.“ ۽ هر طرف انڌيرو.
    هو ڀڄڻ لڳي ٿو.
    ”مان Surrender نه ڪندس... مان سڀ بلب ڀڃي ڇڏيندس... مان.... مان...“ ڊوڙندي هڪ نئين تعمير ٿيندڙ مسجد اڳيان رکيل پٿرن جي ڍير مان پٿر کڻي کيسن ۾ ڀرڻ لڳي ٿو. ”ڪنهن کي نه ڇڏيندس... جيڪو به مُنهنجي راهه ۾ ايندو...“ هڪ پٿر عمارت جي مين گيٽ تي لڳل بلب کي هڻي ٿو ۽ ڊوڙندي رستي تي نظر ايندڙ هر بلب کي ڀڃندو وڃي ٿو ۽ پوءِ ڪيترائي موڙ ڪاٽي پنهنجي گهر واري گهٽيءَ ۾ پهچي، گهر جي در تي بيهي رهي ٿو. ”گهر ۾ گهڙندي ڪنهن ڏسي ورتو ته پوءِ؟....؟؟؟...“ درجي ڪنڍي ڏانهن هٿ وڌائيندي ڪُجهه سوچي، هڪدم در کان پري هٽي وڃي ٿو. سندس نظرون بي اختيار سامهون لڳل پول جي بلب ڏانهن کڄي وڃن ٿيون. ”اوه!.... يعني هن روشنيءَ ۾ اسان پنهنجي گهرن ۾ به نه ٿا وڃي سگهون!؟... هاڻي پنهنجي گهرن ۾ به چورن وانگر داخل ٿيڻو پوندو!؟... لعنت آهي اهڙي زندگيءَ تي ۽.... ۽.... هي ماڻهو.. اٿن ڇو نه ٿا.... بزدلن وانگر پنهنجن گهرن جا دروازا بند ڪري، ڄڻ پنهنجو پاڻ کي ئي خوف جي قيد خاني ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي...“ ڪاوڙ مان هڪ پٿر زور سان بلب کي هڻي ٿو ”ٺا“ ۽ سڄي گهٽيءَ ۾ گهپ انڌيرو. ”هاڻي ٺيڪ آهي... هاڻي مون کي ڪير به ڏسي نه سگهندو... پر نه.... مان چور ناهيان... ها مان چور ناهيان... گهر ڌڻي آهيان... پر هي ماڻهو!؟... نه .... نه مان هنن کي جاڳائيندس... هنن کي... اڄ نه ته سڀاڻي جاڳڻو ئي پوندو...“ هن کيسي کي هٿ لاتو. هڪ پٿر... آخري پٿر... ها، اهو صحي آهي. مان ڪوشش ڪيان ٿو. شايد... نه... نه شايد نه، پڪ سان ماڻهو جاڳندا.“ پٿر کي زور سان پول تي هڻندو ٿو رهي. گهپ انڌيري ۾ هن جي ٽهڪن سان گڏ پول مان نڪرندڙ آواز پڙاڏا ٿي وايو منڊل ۾ گونجڻ لڳن ٿا. هڪ تسلسل سان.... رات جي ڪک مان ڪنهن انقلاب جي جنم جو سنديش.....


    اڇا گل ڪنول جا

    .... روئين ٿي!؟... چري!.... ڏس! روئڻ مان ڪو فائدو ڪونهي، اجايو پنهنجي Energy زيان ڪرڻ مان ڇا حاصل؟ تنهنجي انهن ڳوڙهن جي حيثيت به اهڙي آهي، جهڙي ماڪ ڦڙن جي. ڪڏهن سج جي تپش تي گلن جي پتين تان انهن کي بخار ٿي اڏامندي ڏٺو اٿئي؟ نه ڏٺو اٿئي؟ ڇا؟ مان بي حس ٿي ويو آهيان! نه، نه، مُنهنجي اکين ۾ ڏس! توکي ٽڙندڙ ڪنول نظر نٿا اچن؟! پٿر جون مورتيون به بي حس نه هونديون آهن. خاموش نه هونديون آهن. ڳالهائينديون رهنديون آهن. پنهنجي زندگيءَ جي وارداتن تي، انهن جا چپ سبيل هوندا آهن، پر اکيون ڳالهائينديون رهنديون آهن، ڪيترائي عجيب افسانا لکيل نظر ايندا آهن. انهن گهرين، گهرين اکين ۾!؟ موهن جي دڙي مان لڌل Dancing Girl جي اکين ۾ جهاتي پائي ڏٺي اٿئي؟ جيڪڏهن تون انهن تحريرن کي پڙهي سگهين ته جيڪر هن قسم جي زندگي گذارڻ جو ويساهه ئي ٽُٽي پويئي. دُنيا جي هن رشتي تان وشواس ئي کڄي وڃئي جيڪر، ٻُڌين ٿي نه! تو ته اڃان ڪُجهه ڏٺو ئي ڪونهي، تون ڪيڏي نه معصوم آهين. Innocent جيڪڏهن پهرين ڏاڪي تي ئي همٿ هاري ويٺينءَ ته هي اجگر جيڏو جيون ڪيئن گهاري سگهندين؟؟ خبر اٿئي؟ جيون جي اک سان اک ملائي هلڻ جو عمل ڪيڏو نه ڪٺن، ڪيڏو نه دکدائڪ آهي! نه، نه، اڄ مون کي ٻُڌ! اسان ماڻهو هميشه پنهنجو پاڻ کي دوکي ۾ رکندا آيا آهيون. ڪوڙين اميدن تي، حقيقت کان اکيون ٻوٽي، ڄاڻي واڻي يا اڻ ڄاڻائي ۾ پنهنجي اندر ۾ اهڙا سپنا سجائي ويهندا آهيون جن جي تعمير هميشه الٽ ٿيندي آهي. جڏهن Ideals ٽُٽندا آهن نه، تڏهن ڪيتريون ئي قيامتون گذري وينديون آهن ۽ جيون ۾ بچندا آهن رڳو ڏُک، پيڙائون، اذيتون، عذاب ۽ نفرتون پنهنجو پاڻ کان، پنهنجي ماحول، پنهنجي پل اپل کان، محبت!؟ هونهه! هڪ عام لفظ سطحي جذبن جو اظهار، نه، نه، اسان کي ان لفظ جي Complex ۾ الهجڻ نه گهرجي، اهو سڀ فضول آ. Absurd` Traditional تو جهڙي Advanced ڇوڪريءَ کي ائين، عام ڇوڪرين وانگر سوچڻ نه گهرجي. سمجهين ٿي نه؟ تنهنجو اهو روئڻ صرف جذباتي ردِ عمل آهي خيالي دُنيا کان حقيقت ڏانهن، ان ۾ ايترو Neurotic ٿيڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ تون ۽ مان ساڳي طرح هڪ ٻئي جا ساٿي ٿي نٿا سگهون، ته پوءِ ان حقيقت کان انڪار ڇو؟ تون مون سان ڀڄي هلندين؟؟!.... هلندين!.... مان به توکي ڀڄائي ڪونه ويندس، اها لڪ چوري مون کي پسند ڪانهي، پنهنجي مٿان هر وقت ڊپ، هراس جي احساس جي تلوار لڙڪائڻ ڇا معنيٰ؟ زندگي جون ٻه گهڙيون جيڪي خيرات ۾ مليل آهن انهن کي مٺ مان واريءَ وانگر وهائي ڇڏڻ دانشمندي ڪانهي، اهو سڀ دوکو آ، فريب آ پنهنجو پاڻ سان، توسان، مونسان، تون مون کان سواءِ مري ڪانه ويندينءَ، اهو تون به سمجهين ٿي. مان به تنهنجي ڪري پاڻ کي تباهه ڪونه ڪندس.... ڪو آسمان ڪونه ڪرندو. سماجي طرح ملي نه ٿا سگهون، اڃان به ائين چئجي ته اسانجي شادي ٿي نٿي سگهي، ته ڇا ٿي پيو؟! هان! محبت جي منزل شادي ته ڪانهي نه؟!.... شادي ته رڳو Business Contract آهي Sex کي قانوني بنائڻ جو جواز! هونهه، اسان ماڻهو ڪيڏا نه سادا آهيون! محبت کي شاديءَ جي ٻنڌڻن ۾ جڪڙي سمجهندا آهيون ته زندگي جي تقاضا پوري ٿي وئي! نه، ائين ڪونهي، اهو Contract ڪابه اهميت ڪونه ٿو رکي. نڪاح نامو! هونها ڪاغذ جي معمولي ٽڪرن پنجن ماڻهن سامهون ٻن رسمي ٻولن سان ڪهڙي Commitment؟؟...؟؟... اسان کي رڳو پاڻ سان هڪ ٻئي سان Committed هُئڻ گهرجي يا نه؟!.... ڇا؟، نه؟! اوه! ٿي وئين نه روايتي!؟ اف! مشرقي عورت تي سماجي اخلاقي قانونن جو ڪيڏو نه خوف ويهاريو ويو آهي جو هوءَ انهن جڙتو سماجي قانونن جي محتاج ٿي وڃي ٿي، اسان جو سماجي قانون عورت کي غلام بنائڻ جو ڪم نٿو ڪري ته ٻيو ڇا ٿو ڪري؟ عورت جي مرضيءَ کان سواءِ سندس مٿان شادي مڙهي کيس اها تلقين ڪرڻ ته هوءَ مجازي خدا جي اڳيان ان پالتو جانور وانگر ٿي وڃي جنهن کي سندس مالڪ اوبر سوبر کارائي ٿُڏا هڻي تڏهن به هو سندس پير چٽيندي رهي ۽ ان ۾ فخر محسوس ڪري؟! اهو ڪٿان جو قانون آهي؟ چپ ڇو ٿي وئينءَ؟ ڇا ٿي سوچين؟ اسان کي سماج جي ان مدي خارج Set-UP کان نفرت آهي، اسان اهڙي تهذيب، اهڙي اخلاقيات کي رد ٿا ڪيون جنهن ۾ شخصي آزاديءَ کي چيڀاٽيو ٿو وڃي. ته پوءِ، اسان سماج جي انهن طئي ٿيل مشغولين ۾ حصو ڇا جي لاءِ وٺون؟ اسان کي زندگيءَ جو نئون Pattern گهرجي. سمجهين ٿي نه! نئون Pattern ۽ اهو تڏهن ئي ٿي سگهي ٿو جڏهن اسان پنهنجو پاڻ کي انهن سڀني جڙتو سماجي رشتن کان الڳ ڪري ڇڏيون، نه، نه، شادي غلاميءَ جو ٻيو نالو آهي. مرد لاءِ به، عورت لاءِ به، مرد لاءِ گهٽ، عورت لاءِ وڌيڪ. جيڪڏهن اڳتي هلي اها ناڪام ٿي وڃي ته پوءِ؟.... پوءِ سمجهين ٿي نه! پوءِ ڇا ٿو ٿئي؟ جيڪڏهن اسان هڪ ٻئي کي ذهني طرح قبول ڪيون ٿا ۽ اسان جي وچ ۾ اهڙي Understanding موجود آهي ته پوءِ شادي جو ڍونگ ڇا جي لاءِ؟ ۽.... ۽ اڙي! اف! تون وري جذباتي ٿي وئين نه؟.... ڏس! محبت ۾ اهو ئي ته جوکم آهي نه..... مان چوان ٿو محبت جو اُهو چڪر آهي ئي واهيات.... بڪواس!..... جنهن کي تون محبت چئين اها محبت ناهي! سمجهين ٿي نه! جسم ئي ته روح جي سڃاڻپ آهي. جسم کان سواءِ رڳو روح سان محبت ڇا معنيٰ؟ مادو (Matter) ئي Exist ڪري ٿو. باقي سڀ فضول آ... اها محبت ناهي... اها رڳو Sexual Attraction آهي جيڪا اسان هڪ ٻئي لاءِ، مرد عورت لاءِ، عورت مرد لاءِ محسوس ڪري ٿي. آدم کي تيستائين جنت ۾ خطرو ڪونه هو جيستائين عورت عدم ۾ هُئي ۽ جڏهن عورت وجود ۾ آئي ته پوءِ ڇا ٿيو؟ اهو سڀ Natural آهي باقي سڀ ڪُجهه رڳو Mysticism آهي Beyond The Reason اها ڪٿان جي عقلمندي آهي ته بس رڳو پاڇن کي چاهيندا وڃو.... چاهيندا وڃو ايستائين جيستائين فنا ٿي وڃو؟ سڄي دُنيا کان ڪٽجي، ڪن گذريل گهڙين، ڪنهن تصور جي سهاري سڄي زندگي گذاري ڇڏڻ مان ڇا حاصل؟...؟؟... اهو رڳو جذباتي پڻو آهي. تصوراتي زندگيءَ جا رنگين لمحا، انهن ڪوڙن تصورن ۽ آدرشن جي داءُ تي لڳائڻ ۾ سواءِ هار، ڏُک، درد ۽ پيڙا جي ٻيو ڪُجهه ڪونهي... سمجهين ٿي نه!... Nothing سواءِ انهن پلن جي جيڪي هٿ ۾ آهن، جيڪي سچ آهن، اٽل آهن، سونهن جا ساکي آهن. باقي ناڪام، اڌورين محبتن جا گهاو دل تي کڻي زندگي ڪيئن ٿي گذاري سگهجي؟؟ نيڻن ۾ شيشي جان ٽُٽل سپنن جا چهنبارا ذرا کڻي ڪير ڪيترو ۽ ڪيئن جي سگهندو؟؟...؟!... ڳوڙها، بي چيني، تڙڦ، اذيت، ذهن ۾ ٻرندڙ آڙاهه، بي حقيقت وجودن ڏانهن ڊگهي ڊوڙ، محبت جو اهو انجام ڪيڏو نه ڀيانڪ ۽ ڀوائتو آهي!... هي فرشتن جو رستو ناهي... سمجهين ٿي نه! هي فرشتن جو رستو ناهي ۽... ۽ اسان به فرشتا ناهيون، اسان فرشتا ٿيڻ به نٿا چاهيون، جذبات کان عاري، حڪم جا غلام! هيءَ جوانيءَ جي تپش آهي Sexual Desire آهي، اسان گنهگارن جي، ۽ اسانجو گناهه سوين ثوابن تي ڀاري آهي، هڪ ٻئي جي بدن جي پاڇي ۾ ويهڻ ئي محبت آهي، جسماني قرب کانسواءِ رڳو تصور جي پرستش ڪرڻ محبت ڪانهي، پنهنجو پاڻ سان فريب آهي! ٻُڌين ٿي نه؟ اهو روئڻ ڌوئڻ ڇڏي ڏي. ڪُجهه Realist ٿي. زندگي چانڊوڪيءَ جو رستو ۽ خوشبوئن جو سفر آهي. محبت رڳو جسم جي پڪار ۽ وقتي ضرورت آهي، اچ ته هر ناڪامي کي، هر درد ۽ پيڙا کي زندگي جي شراب ۾ ٻوڙي پي وڃون، پوءِ ڪابه شڪايت... ڪوبه درد، ڪابه پيڙا نه رهندي. دُنيا جي سڄي خوبصورتي ۽ رنگيني اسان جي جهولي ۾ هوندي.... اچ!.... اچ!... هي سڀ رنگ، پيار، سندر سپنا سڀ ميلاپ جا محتاج آهن، زندگيءَ مان جيڪڏهن ميلاپ جي خوشگوار لمحي کي ڪڍي ڇڏجي ته پوءِ زندگيءَ ۾ Charm ئي ڪهڙو رهندو... پوءِ جيئڻ جي ڪهڙي آس؟!....!!....؟؟؟


    اُلا ڪي اُماس ۾

    خون.... خون... خون... آه!.... بچايو... بچايو......
    گهٽيءَ ۾ اوچتو شور. ماڻهن جو ميڙ، حيرت جون نگاهون، نفرت جون نگاهون، ڪاوڙ جون نگاهون، ڪورڌ ۾ ڀريل نگاهون، خاموش نگاهون، گهٽيءَ جي وچ ۾، ٻن وجودن تي.
    رمونءَ جي ڀر ۾ هڪ ڀريل بدن واري عورت جو رت ۾ لت پت لاش پيو هو. عورت جا ڪپڙا ڦاٽل، مُنهن ۽ ڇاتين جو ماس پٽيل، لڳي پيو ڄڻ ڪنهن وحشي درندي پنهنجي خوني چنبن سان عورت کي پٽيو هُجي، چيڀاٽيو هُجي. چيٿاڙيو هُجي. پنهنجا نوڪيلا ڏند سندس ماس ۾ وجهي ٻوٽيون پٽي ويو هجي ۽ رمو، عورت جي رت ۾ ڳاڙهن ڇاتين تي هٿ رکي، سندس ڀر ۾ اکيون ٻوٽي تڪڙا تڪڙا ساهه کڻي رهيو هو ۽ پوءِ سمهي پيو... ابدي ننڊ... سندس مُک سان لڳي پيو ڄڻ معصوم ٻار، ماءُ جي ڇاتين مان ٿڃ ڌائيندي ڌائيندي سڪون سان سمهي پيو هُجي... پوءِ سائرن وڄائيندي ايمبولينس آئي ۽ ٻئي لاش کڻي، ساڳئي انداز سان موٽي وئي. ماڻهو ٽولين جي صورت ۾ ڇڙ وڇڙ ٿيڻ لڳا ۽ جانو چپ چاپ سڀ ڪُجهه ڏسندو رهيو. ٻڌندو رهيو ۽ پوءِ گهٽي سنسان ٿي وئي. ڄڻ ڪو راڪاس گهمي ويو هُجي.
    ”اف!... هي ڇا ٿيو ويو؟“ جانوءَ ٻئي لاش کڻي ويندڙ ايمبولينس کي گهٽيءَ جو موڙ ڪاٽي غائب ٿيندو ڏسي هڪ اونهو ساهه کنيو ۽ نستن قدمن سان هڪ طرف هلي پنهنجي ننڍڙي گهر جي دروازي تي بيهي هميشه جيان خالي خالي نظرن سان گهٽيءَ ڏانهن نهاريو پر اڄ رمو سندس پويان ڪونه هو. رمو ته ٿوري دير اڳ هميشه هميشه لاءِ هن کان ڌار ٿي ويو هو. کيس لڳو ڄڻ سندس وجود ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو آهي. هڪ اهو جيڪو هن کان ڌار ٿي ويو. رمو ۽ ٻيو پاڻ، جيڪو سڀ ڪُجهه ڏسندي به ڪُجهه نه ڪري سگهيو هو. سندس اکيون ڀرجي آيون ۽ هن خالي خالي نگاهن سان گهٽيءَ ڏي نهاريو ۽ گهر جي چانئٺ ٽپي اندر ٿيو ته ڄڻ، اکين ۾ ڀرجي آيل ڳوڙها، نيڻن جا سڀ بند ڀڃي، اٿلي پيا ۽ پنهنجو پاڻ کي انهن ۾ ٻڏندو محسوس ڪيائين. کيس لڳو ڄڻ ڪا غيبي، قوت، سندس ڦڦڙن کي ٻنهي هٿن ۾ ڀڪوڙي رهي هُجي. لڳس ڄڻ سندس وجود ڪنهن اونهي کڏ ۾ لهندو. پاڻ کي کٽ تي ڪيرائي، ڪيتري دير تائين ڳوڙها ڳاڙيندو رهيو. گونگا ڳوڙها. کيس لڳو، جيڪڏهن آواز نڪتو ته سندس هيانءُ ڦاٽي پوندو. رمو سندس ڀاءُ ڪونه هو... مائٽ ڪونه هو... رمو ڪير هو؟... ڪٿان آيو هو؟... اُها به کيس خبر ڪانه هُئي. بس هڪ ڏينهن سندس استاد هڪ ڇوڪري کي وٺي آيو ۽ چيائين، ”جانو!... هي هاڻي هتي رهندو... توسان گڏ“ ۽ پوءِ هو اتي رهي پيو هو، جانوءَ سان گڏ. جانوءَ کي سڀ ڪُجهه ياد اچڻ لڳو.
    اتي اچڻ کان اڳ رمو فٽ پاٿ تي رهندو هو. هڪ پوڙهي فقير سان گڏ جانوءَ کي اهو سڀ ڪُجهه رموءَ ٻُڌايو هو ۽ چيو هُئائين، ”مون کي خبر ڪانهي ته مان ڪڏهن ۽ ڪيئن ان جاءِ تي پهتس پر جڏهن هوش سنڀاليم ته پاڻ کي اتي ڏٺم. فٽ پاٿ تي. هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين، کنگهندڙ، چنگهندڙ، بيمارن جي وچ ۾.“ جانوءَ کي ياد آيو ته رمو ٻُڌائيندي ٻُڌائيندي خاموش ٿي ويو هو ۽ گهڙيءَ کانپوءِ اوچتو پڇيو هُئائين. ”جانو! اهي فٽ پاٿ انهن ماڻهن لاءِ ٺهيا آهن؟“ سندس سوال ٻُڌي جانوءَ ڄڻ ڇرڪي، بي خياليءَ ۾ ڪنڌ لوڏي آهستي چيو هو، ”ها... شايد.“ پوءِ رموءَ معصوميت سان پڇيو هُئس، ”جاني! تون ڪڏهن فٽ پاٿ تي ستو آهين؟...“ ۽ جانوءَ جواب ڪونه ڏنو هُئس ته رموءَ آهستي چيو هو، ”ڪڏهن فٽ پاٿ تي هڪ رات گذاري ڏس ته خبر پوئي... اهو مان انڪري ٿو چوان جو اڄ پهريون ڀيرو کٽ تي ستو آهيان نه“ سندس ڳالهه ٻُڌي جانوءَ جي دل ڀرجي آئي هُئي ۽ کيس آٿت ڏيندي چيو هُئائين، ”رمو... مُنهنجا ڀاءُ!... هاڻي توکي فٽ پاٿ تي سمهڻو ڪونه پوندو... مُنهنجو استاد آهي نه... اهو ڏاڍو رحم دل اٿئي... تون ڪا ڳڻتي نه ڪر.“ سندس ڳالهيون ٻُڌي رمو سمهي پيو هو ۽ ”جانو ڪيتري دير تائين رموءَ جي ڳالهين تي سوچيندو رهيو هو. رمو هن کان ٻه ٽي سال ننڍو هو ۽ رموءَ جي اچڻ سان کيس ائين لڳو هو ڄڻ رمو سندس ننڍو ڀاءُ هُجي. رموءَ جون ننڍڙيون.... ننڍڙيون... معصومانه ڳالهيون ٻُڌي کيس رموءَ تي پيار اچي ويندو هو.
    ”جانو!.... توکي ماءُ آهي.“ هڪ ڀيري ائين ئي رمو پُڇيو هُئس. ”ها، پر مري وئي.“ جانوءَ کي ياد آيو ته هن اداس ٿيندي ائين چيو هو ته رمو به اداس ٿي ويو هو ۽ ڪافي دير کان پوءِ چيو هُئائين. ”جانو!... مُنهنجي ماءُ الاءِ ڪٿي آهي؟!“ رمو ڳالهه ڪري خاموش ٿي ويو هو ۽ حسرت مان رستي تان گذرندڙ عورتن ڏي نهاريندي چيو هُئائين، ”ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو آهي ڄڻ انهن ۾ مُنهنجي ماءُ به آهي؟!“ گهڙي رکي چيو هُئائين، ”جاني!... مائرون به ائين ٻارن کي ڇڏي وينديون آهن، فٽ پاٿن تي؟!“ تڏهن جانوءَ کي ياد آيو ته رمو جڏهن دکي ٿيندو هو تڏهن کيس جاني چوندو هو. رموءَ جي ڳالهه ٻُڌي جڏهن جانوءَ چيو هُئس، ”الاءِ!... پر چون ٿا جيڪي حرامي ٻار هوندا آهن انهن جون مائرون ائين ڪنديون آهن“ تڏهن رمو ڄڻ تڙپي اٿيو هو ۽ دانهن ڪندي چيو هُئائين، ”نه... نه.. مان حرامي ناهيان...“ تڏهن جانوءَ جي وات مان الاءِ ڪيئن نڪري ويو هو ته، ”.... ته پوءِ تُنهنجي ماءُ توکي ڇو ڇڏي وئي؟!!“ تڏهن اُهي لفظ رموءَ جي ننڍڙي ذهن تي مترڪن جيان لڳا هُئا ۽ سندس اکين مان ڳوڙها وهي نڪتا هُئا ۽ سڏڪندي، قميص جي ميري ڪف سان اکيون اگهندي ڏڪندڙ آواز ۾ چيو هُئائين، ”مُنهنجي ماءُ مون وٽ ضرور ايندي... جاني!.... هوءَ.... هوءَ ايڏي ڪٺور ٿي نه ٿي سگهي...“ سندس ڳالهه ٻُڌي جانوءَ جي دل ڀرجي آئي هُئي ۽ کيس ڳراٺڙي پائيندي چيو هُئائين، ”رمو..... رمو... مُنهنجا ڀاءُ... مون کي معاف ڪر....“ ۽ پوءِ سندس اکين مان ٻه ڳوڙها وهي نڪتا هُئا ۽ پوءِ ٻئي چُپ ٿي ويا هُئا، پولار وانگر، اندر ۾ سوين پڙاڏا سانڍي.
    جانوءَ جي آلين اکين اڳيان ڌنڌليون ڌنڌليون تصويرون هڪ ٻئي پٺيان ڦرڻ لڳن ٿيون. ڇت کي گهوريندي، لڳيس ٿو ڄڻ اها هيٺ لهندي پئي اچي. کيس چيڀاٽڻ لاءِ. کيس ياد اچڻ لڳو... رمو اڪثر هيڪلائپ ۾ پنهنجي ماءُ کي ياد ڪندو رهندو هو ۽ استاد جي اسڪوٽرن جي دڪان تي ڪم ڪندي، رستي تان گذرندڙ عورتن ڏي چتائي نهاريندو رهندو هو. ڪيترائي ڀيرا ائين ٿيو هو جو رمو ڪنهن عورت کي ڏسي بي اختيار ٿي ان ڏانهن ڇڪجي ويندو هو ۽ ان سان اڃان ڪُجهه ڳالهائڻ لاءِ سوچيندو ئي مس هو ته عورت کيس نظر انداز ڪري هلي ويندي هُئي، ته ڄڻ هُو پرزا پرزا ٿي ويندو هو. عورت سان ڳالهائڻ جي آس، نراس ٿي ويندي هُئس ۽ هو اُداس ٿي ڪم کي لڳي ويندو هو... هڪ ڀيري... جانوءَ کي ياد اچڻ لڳو.... هڪ ڀيري هڪ اسڪوٽر جو ويل کوليندي، هڪ عورت کي ڏسي، پانا ڦٽي ڪري بي خوديءَ ۾ ان ڏانهن وڌي ويو هو ۽ جڏهن ان عورت کيس فقير سمجهي، ڪهل کائي سندس هٿ تي سڪو رکي گذري وئي هُئي ته کيس لڳو هو ڄڻ هلندي سندس سيني تي ڪنهن مُڪ وهائي ڪڍي هُجي ۽ هو هٿ تي رکيل سڪي کي حيرت ۽ ڏُک مان ڏسي عجيب محروميءَ جي احساس سان پٺي ڏئي ويندڙ عورت کي ڪافي دير تائين ڏسندو رهيو هو. ائين ئي هڪ ڀيري، جڏهن سندن دڪان ڀرسان فٽ پاٿ تي هڪ چمڪدار ڪار اچي بيٺي هُئي، جنهن ۾ هڪ مرد ۽ عورت ويٺل هُئا. مرد ڪُجهه گهڙين لاءِ ڪار مان لهي هڪ دڪان تي چڙهي ويو هو ۽ عورت ڪار ۾ اڪيلي رهجي وئي ته رمو جي نظر مٿس پئجي وئي هُئي ۽ هو پانو ڦٽي ڪري ڪار جي ڀرسان وڃي بيٺو هو ۽ حسرت مان ڪار ۾ ويٺل عورت کي تڪڻ لڳو هو، عورت رمو کي ائين پاڻ ڏي نهاريندو ڏسي الاءِ ڇو مُرڪي ڏنو هو ته رمو کي لڳو هو، ڄڻ سندس من ۾ خوشين جا الاءِ ڪيترا ڦوهارا ڦاٽي اٿلي پيا هجن. ۽ پوءِ مرد موٽي آيو هو ۽ ڪار هلڪو زوزاٽ ڪندي هلي وئي هُئي ته رمو اداسائيءَ مان ڪيتري دير تائين ويندڙ ڪار کي ڏسندو رهيو هو ۽ ڪافي دير تائين سندس ذهن ۾ ڪار جي زوزٽ جو آواز گونجندو رهيو هو. ڪار واري عورت جي اُها مُرڪ کيس ڪيڏي نه وڻي هُئي. ان ويل کيس وري پنهنجي ماءُ جي ياد ستائڻ لڳي هُئي. ۽ پوءِ ڪيتريون ئي راتيون هو ان خوبصورت ڪار ۽ ڪار واري عورت جا سپنا لهڻ لڳو هو.
    ”جانو!... توکي خبر آهي؟“ هڪ ڀيري رمو نيڻن ۾ خمار آڻيندي چيو هو. ”رات جو جڏهن مان سمهي پوندو آهيان نه... تڏهن اُها ڪار مُنهنجي در تي اچي بيهندي آهي ۽ ڪار واري مائي مون کي پنهنجي ڀرسان وهاري. جڳ مڳ روشنين جي شهر جي شيشي جهڙن روڊن تي هلڻ لڳندي آهي... پوءِ مون کي ڏاڍو گهمائيندي آهي.... الاءِ ڪٿي ڪٿي.... مون کي بوتل پياريندي آهي.... آئيس ڪريم کارائيندي آهي ۽..... ۽.... موٽندي کوڙ ساريون ٽافيون وٺي ڏيندي آهي ۽.....۽....۽....“ رمو جڏهن اُها ڳالهه ڪندو هو تڏهن سندس مُک تي خوشيءَ جا انيڪ رنگ ڦري ايندا هُئا ۽ هو اکيون ٻوٽي ڄڻ سپنن جي دُنيا ۾ هليو ويندو هو.
    ”رمو! اهڙا خواب نه لهندو ڪر“ هڪ ڀيري رمو جو نئون خواب ٻُڌي جانو مُرڪي چيو هُئس. ”ڇو؟“ رمو شو ڪجي پڇيو هُئس، تڏهن جانو آهستي چيو هو، ”الاءِ!... پر چون ٿا خواب سچا ناهن ٿيندا.“ ان ويل رمو چپ ٿي ويو هو، پل اَپل لئه کوئجي ويو هو پوءِ آهستي چيو هُئائين، ”جاني! جڏهن مان فٽ پاٿ تي رهندو هُئس نه.... تڏهن اتي هڪ ڪالو به هوندو هو. مون کان ٿورو وڏو هو... تو جيترو ٿيندو.... ڪالو چوندو هو! رمون!.... توکي خبر آهي؟... مون وٽ هڪ شيشي جو محل آهي. جنهن ۾ کير جا ڦوهارا آهن ۽ پريون ناچ ڪنديون آهن. تڏهن مان سندس ڳالهه ٻڌي اچرج ۾ پئجي ويو هُئس. پو ڇا ٿيو هو....“ جانو ائين! ئي پُڇيو هُئس ته رمو جي لهجي ۾ الاءِ ڇو درد اوتجي آيو هو ۽ ڄڻ خلا ۾ گهوريندي چيو هُئائين، ”.... هڪ ڏينهن اوچتو هڪ جيپ فٽ پاٿ تي چڙهي آئي هُئي ۽ ڪالو ان جي هيٺان چيڀاٽجي مري ويو هو.....“
    ”اوه!“ سندس لهجو محسوس ڪري جانوءَ کي لڳو اُها جيپ ڄڻ سندس سيني مٿان چڙهي وئي هجي. سندس من تڙپي اُٿيو پاڻيءَ جا ٻه ٽي ڍُڪ پي وري کٽ تي ويهي هيڏي هوڏي نهارڻ لڳو.... رمو جي خالي کٽ ڏي نهاري سندس اکيون ڀرجي آيون ۽ هو اکين تي ٻانهن رکي ليٽي پيو... سندس ذهن ۾ رمو جي تصوير ڦرڻ لڳي ٿي.... ائين ئي ٻنهي جا ڏينهن گذرندا رهيا ۽ پوءِ هڪ ڏينهن اوچتو رمو کي الاءِ ڇا ٿي ويو هو. جانو کي لڳو، ڄڻ رمو جون نسون سايون ٿيڻ لڳيون هُجن ۽ هو هاڻي جوانيءَ جي حدن ۾ داخل ٿي چُڪو آهي. کيس ياد آيو ته رمو اڳي به عورتن ڏي نهاريندو هو پر هاڻي سندس نهار جو انداز اُهو نه هو. بس عجيب نظرن سان، نُنهن کان چوٽيءَ تائين، عورتن کي گهوريندي سندس اکين ۾ ڄڻ چمڪ اچي ويندي هُئي ۽ سندس چپن جا ڪنارا ڄڻ آهستي آهستي ڦرڪڻ لڳندا هُئا.... ۽ پوءِ رمو هڪ ٻي حرڪت شروع ڪئي هُئي.
    هو فلم ايڪٽريس جي تصوير الاءِ ڪٿان کڻي آيو هو، ۽ پنهنجي کٽ جي سامهون ڀت تي هڻي ڇڏي هُئائين.... پوءِ.... ٻي... ٽين..... ڇوٿين ۽ پوءِ سڄو ڪمرو عورتن جي فوٽن سان ڀرجي ويو هو. ”جانو!.... هاڻي ڪمرو ڪيئن ٿو لڳي؟“ هڪ ڀيري رمون هڪ ڪُنڊ ۾ ڪنهن ايڪٽريس جو فوٽو هڻي، خوشيءَ مان فوٽو ڏي نهاريندي چيو هو. ”ها ٺيڪ آهي.... پر عورت ڏاڍي خطرناڪ شئي اٿئي.“ جانوءَ، استاد جو رٽيل جملو چيو هو ۽ رمو هڪ زوردار ٽهڪ ڏئي چيو هو، ”هوندي... مُنهنجو ڇا؟.... مون کي ته هي سڀ سٺو ٿو لڳي.“ ۽ پوءِ رمو جي دلچسپي رڳو اُها ئي وڃي رهي هُئي. دڪان تي ڪم ڪندي جيئرين جاڳندين عورتن کي ۽ گهر ۾ فوٽن کي گهوريندو رهندو هو. سندس اُهو جنون ڏينهون ڏينهن وڌندو ويو هو. ان ڏينهن جانو کيس ڏاڍين رحم ڀرين نگاهن سان ڏٺو هو. جڏهن پهريون ڀيرو رمو اٿي، هڪ تصوير جي سامهون وڃي. ان کي گهوريندي پنهنجا چپ، ائڪٽريس جي ڀريل ڀريل چپن تي رکي ڇڏيا هُئا ”هي ڇا ٿو ڪرين؟“ جانو مُرڪي آهستي پُڇيو هُئس ته رمو کلندي چيو هو، ”مُنهنجي دل ٿي چئي ته انهن چپن کي ائين ئي چوسيندو رهان. پوءِ ڇسائپ مان کلي اک ڀڃي چيو هُئائين، ”جانو خبر اٿئي؟... هي سڀ رات جو جيئريون ٿي پونديون آهن ۽ پوءِ مُنهنجي هنڌ ۾ اچي مون سان گڏ سمهي پونديون آهن...“ رمون جي ٽهڪ سان جانو به ٽهڪ ڏنو هو.... ڦڪو... ڦڪو. ان ويل کيس لڳو هو ڄڻ هو اجايو... بي مقصد کليو هُجي ۽ پوءِ دل ۾ چيو هُئائين، ”مان ڇو کليس؟“ جانو ڪمري جي ڀتين تي ڦاٽل فوٽن ڏانهن نهاري ٿو. کيس ياد ٿو اچي ته ڪيئن نه رمو جي دل ۾ جيئري جاڳندي... ماس واري عورت کي ڇهڻ جي خواهش جنم ورتو هو ۽ پوءِ هو ڪم ڪندي ڪندي ڪنهن خوبصورت عورت کي ڏسندو هو ته ڪم تان اٿي ان جي پويان هلڻ لڳندو هو. پوءِ جڏهن عورت جنهن گهر ۾ گهڙي ويندي هُئي ۽ ڪافي دير کان پوءِ به نه نڪرندي هُئي يا ڪا عورت ائين ئي ڪنهن رڪشا ۾ چڙهي هلي ويندي هُئي ته سندس من بيچين ٿي ويندو هو ۽ مايوس ٿي موٽي ايندو هو ۽ ڪڏهن ڪنهن سهڻي عورت کي ڪنهن مرد سان هٿ ۾ هٿ ڏئي هلندي ڏسندو هو ته سندن من ۾ ڄڻ رقيبانه جذبا اُڀري ايندا هُئا. ”مُنهنجي دل ٿي چئي ان مرد کي خون ڪري ڇڏيان!“ هڪ ڀيري ائين ئي هڪ جوڙي کي ڏسي ڏند ڪرٽي ڪروڌ مان چيو هُئائين. تڏهن جانو کلي چيو هُئس، ”ڇتو نه ٿي پوين.... هروڀرو بُک اٿئي ته پوءِ کوڙ ٿيون گهمنديون وتن.... ڪارو مُنهن ڪرين ڇو نه ٿو؟“ تڏهن هن ڪراهت جي انداز ۾ چيو هو، ”نه.... نه.... اُهي ميريون گدليون مون کي نٿيون وڻن.... پگهر جي ڇتي بوءِ... سالن ۾ به ڪو وهنجنديون هُجن... ٻڌ! مون کي هوءَ ڏاڍو ٿي وڻي... هوءَ.... نرس... گٽڪي... رانون ته ڪيڏيون نه ڀريل اٿس ۽ ڇاتيون... آها.... توکي خبر آهي... اُها روز مُنهنجي خوابن ۾ ايندي آهي.“ سندس ڳالهه ٻڌي جانو چيو هُئس، ”اسان ته رڳو خواب ئي لهي سگهون ٿا“ تڏهن رمو ماٺ ٿي ويو هو ۽ اُها سڄي رات پاسا ورائيندي گذاري ڇڏي هُئائين. ٻئي ڏينهن تي کين دڪان تان موڪل هُئي ۽ رمو ماٺ هو. ڪُجهه سوچيندو من ئي من ۾. کٽ تي ليٽي فوٽن کي گهوريندو رهيو هو ۽ پوءِ اوچتو کيس الاءِ ڇا ٿي ويو هو، بس اوچتو ئي اوچتو ٽِپ ڏئي اُٿيو ۽ ڪمري ۾ لڳل سڀ فوٽو پاڳلن جان ڦاڙڻ لڳو هو سندس مُنهن ڪروڌ ۾ ڀريل هو. ”اڙي... اڙي... هي ڇا ٿو ڪرين؟“ جانو کيس چرين جهڙيون حرڪتون ڪندي دانهن ڪئي هُئي. ”ڪُجهه ناهي... ڪُجهه ناهي.... هي سڀ.... سڀ مُنهنجو مذاق ٿيون اڏائن.... مون تي کلن ٿيون جاني!....“ پوءِ اوچتو سندس نظر دريءَ جي ٻاهران گهٽيءَ ۾ ايندڙ نرس تي پئي هُئي. نرس جو ڀريل ڀريل بدن ڏسي سندس وات مان گڦ نڪري پئي هُئي ۽ جسم جو سڄو رت ڄڻ اکين ۾ لهي آيو هُئس ۽ سندس دل تيزيءَ سان ڌڙڪڻ لڳي هُئي. جانو سندس اُها حالت ڏسي ڊڄي ويو هو. جيستائين هو ڪُجهه ڪري ئي، ان کان اڳ رمو ڊوڙ پائي در کان نڪري ويو هو ۽ پوءِ اوچتو گهٽيءَ ۾ چيخون اڀريون هيون. رمون نرس کي پٽ تي ڪيرائي سندس مٿان چڙهي ويو هو ۽ پاڳلن جان سندس ڪپڙا ڦاڙي چپ سندس چپن تي رکي ڇڏيا هُئا.... ۽ پوءِ هو صفا پاڳل ٿي پيو. وحشين جان پنهنجا چنبا نرس جي ڀريل ڀريل ڇاتين ۾ ٽنبي سندس ماس پٽڻ لڳو. سندس چپن ۽ ڳلن کي چڪن سان پٽي رهيو هو. سندس وات مان گڦ وهي رهي هُئي ۽ هو سهڪندي عورت کي چيٿاڙي رهيو هو. پوءِ هو، عورت جي رت ۾ ڳاڙهين ڇاتين تي هٿ رکي، سندس ڀر ۾ اکيون ٻوٽي تڪڙا تڪڙا ساهه کڻي رهيو هو ۽ پوءِ سمهي پيو هو... ابدي ننڊ... سندس مُک مان لڳي پيو ڄڻ معصوم ٻار ماءُ جي ڇاتين مان ٿڃ ڌائيندي ڌائيندي سمهي پيو هُجي.... سڪون سان....


    لمحن جون سرحدون

    رات ڪافي گذري چُڪي. اياز پنهنجي ڪمري ۾ سفر جي تياري لاءِ ضروري سامان پئڪ ڪري هيڏي هوڏي نظر ڊوڙائي ٿو ته ڪا شئي رهجي ته ڪانه وئي. ريليڪس انداز ۾ صوفه تي ويهي، ٽيبل تي رکيل ڪتاب سان گڏ سگريٽن جو پاڪٽ ۽ لائيٽر کڻي، سگريٽ دُکائي هلڪا هلڪا ڪش هڻندو رهي ٿو. ٻئي ڏينهن هو پنجن سالن لاءِ لنڊن وڃڻو هو. يونيورسٽيءَ طرفان ڪورس ڪرڻ لاءِ....
    ائين ئي هٿ ۾ جهليل سگريٽ مان اڇي ميرانجهڙي دونهين کي فضا ۾ تحليل ٿيندي ڏسي ٿو. سندس انداز مان بيچيني ۽ دُک جي ڪيفيت محسوس ٿي رهي هُئي، ايتري ۾ سندس ماءُ جيڪا هن سان گڏ ئي رهندي هُئي، چانهه جي ٽري کڻي ڪمري ۾ داخل ٿئي ٿي. هڪ گهڙيءَ لاءِ چانئٺ تي بيهي شفقت مان هن ڏي نهاري ٿي ۽ چانهه جي ٽري ٽيبل تي رکي ٿي ته هلڪي کڙڪي تي اياز ڄڻ سوچن جي دُنيا مان موٽي اچي ٿو ۽ هيڏانهن هوڏانهن نهاري گهڙيءَ ۾ ٽائيم ڏسي حيرت مان ماءُ کي ڏسندي، ”.... اوهه! امان تون اڃان تائين جاڳين پئي!!“
    ”تون جو جاڳين ٿو ته مون کي ننڊ ڪيئن ايندي ڀلا“ ماءُ چانهه ڪپ ۾ لاهيندي چئي ٿي. ”سوري امان“ اياز عقيدتمندانه نظرن سان ڏسندي. ”مُنهنجو ڪيڏو نه خيال ٿي رکين امان.“ اياز ماءُ کان ڪپ وٺندي.
    ”توکان سواءِ مُنهنجو ٻيو آهي به ڪير ابا“
    ”اها تُنهنجي محبت آهي امان... پر تون ايتري دير نه جاڳندي ڪر، پنهنجي صحت جو خيال رکندي ڪر.“ پيار مان چئي، چانهه جي سپ ڀري ٿو. ماءُ پيار مان چيئي ٿي، ”مون کي نصيحت ٿو ڪرين... تو پنهنجي حالت ڏٺي آ.“
    ”اوجاڳا مُنهنجو مقدر بنجي چُڪا آهن امان“ اٿي ماءُ جي ڀرسان ايندي، ”هاڻي ته ڪو سپنو به ڪونه ٿو ڏسي سگهان“ ڏکاري انداز ۾ ماءُ جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺي ٻنهي هٿن سان سهلائيندي، ”.... مان... مان وکري ويو آهيان امان!.... مان.... مون کي... اوهه! ڇڏانهن ڳالهين کي ”پاڻ کي سنڀاليندي، ”امان تون آرام ڪر“
    ”پاڇن ۽ گهڙين تي ڪو اعتبار ڪونهي“ ماءُ سمجهائيندي، ”تون آخر هن جو ڪيترو ۽ ڪيستائين انتظار ڪندين“
    ”انتظار!؟.... اُف!.. خبر ناهي امان، پر هاڻي ٿڪجي پيو آهيان... ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان امان!“ اياز جو آواز ڀرجي ٿو اچي، ”مايوسين/نراساين جون گهڙيون جيئن جيئن گذرنديون ٿيون وڃن، تئين تئين رستا ڊگها ۽ منزل پري ٿيندي پئي وڃي.“
    ”ان ڪري ئي ته چوانءِ ٿي نه پُٽ ته شادي ڪر، ڪيستائين پاڇن پويان ڊوڙندو رهندين“
    ”شادي!!؟.... ۽ مان!!؟“ اياز کلڻ لڳي ٿو.
    ”ها، ڪيستائين اڪلائين ۾ هن جي سوچن سان وڙهندين، پنهنجي روح کي زخمي ڪندو رهندين؟“ سندس ڳالهه ٻُڌي اياز جي چپن تي ڏکاري مُرڪ اچي وڃي ٿي، ”... هاڻي رهيو ئي ڇا هي مون ۾.... هونهه!. شآديءَ جي به هڪ عُمر ٿيندي آهي امان.... ۽.... مان عمر جي اُها سرحد الاءِ ڪٿي پوئتي ڇڏي آيو آهيان... مشڪل آ.“
    ”ڪُجهه مشڪل ڪونهي“ ماءُ هلڪي دڙڪي جي انداز ۾ پيار سان، ”گهڻو پڙهي ٿا وڃو ته توهانجو دماغ خراب ٿي ٿو وڃي.“ ٿورو رڪجي، ”ڳالهه ٻڌ!.... هو پاڙي ۾ ميان صاحب آهي نه، ان جي هڪ ڌيءُ آهي. ڏاڍي سٺي آهي، ڏاڍي سمجهدار ۽ پڙهيل لکيل آهي مون کي تُنهنجي لاءِ اشارن ۾ چيو به اٿن“.
    ”نه... نه امان، مان ڪنهن ٻئي لاءِ سوچي به نه ٿو سگهان... مان هاڻي پاڻ کي دوکو ڏئي نه ٿو سگهان...“ کلندي ”مان خوش آهيان. ڏس ڇا ٿيو آ مونکي.“
    ماءُ ڏُک مان، اونهو ساههُ کڻي ٿي ۽ ٿانوَ کڻي وڃڻ لڳي ٿي. اياز سگريٽ دُکائي هلڪا هلڪا ڪش هڻندي، هيڏي هوڏي هلڻ لڳي ٿو، هلندي رائيٽنگ ٽيبل تي فريم ٿيل ساره جي تصوير کڻي ڏسڻ لڳي ٿو، ڄڻ دل ئي دل ۾ هن سان مخاطب هُجي، ”ڪٿي ڪٿي نه ڳوليو اٿم ساره.... لڳي ٿو تون پنهنجو پاڻ کان به لڪي وئي آهين.“ ساره جي تصوير سيني سان لائيندي، ”آءِ لو يو... آءِ لو يو ويري مچ... تون ئي ته مُنهنجي زندگي آهين... تو کان سواءِ مُنهنجو وجود ائين آهي جيئن ويران رستن تي ڀٽڪيل مسافر“ تصوير هٿ ۾ جهلي صوفه تي ويهي ڏسندو رهي ٿو. گذريل پل، جيڪي هن ۽ ساره گڏ گذاريا هُئا. فلم جي سيلولائيڊ وانگر سندس ذهن جي اسڪرين تي هلندا، ڦرندا، کلندا، روئندا رهن ٿا. پنهنجو پاڻ کي گذريل سالن ڏانهن سلوموشن ۾ پوئين پير واپس ٿيندي محسوس ڪري ٿو، جڏهن يونيورسٽيءَ ۾ هن پهريون ڀيرو ساره کي ڏٺو هو. ”Wow“ ساره کي ڏسي کيس لڳو ڄڻ ڪيوپڊ پنهنجو تير هلائي چُڪو آهي.
    ساره سان سندس پهرين ملاقات لئبريري ۾ ٿي هُئي جڏهن ساره ڪا مئگزين کڻي سندس ڀرسان ويهندي چيو هو، ”اوهان هر وقت ڪتابن ۾ ڇو رهندا آهيو.“ اياز مسڪرائي ساره ڏي نهاريو ساره جو مسڪرائيندڙ چهرو ڏسي کيس لڳو هو ڄڻ سندس زندگيءَ جي مرجهائيندڙ گلن ۾ تازگي اچي وئي هُجي ۽ انهن جي خوشبو سندس روح جي ايوان ۾ ڦهلجي وئي هُجي، ”ڇاڪاڻ ته ڪتاب انسان جا اُهي دوست آهن“ هن مسڪرائي ساره جي اکين جي گهرائي لهندي چيو، ”.... جيڪي ڏُک سُک ۾ پناهه گاهه بنجي ٿا پون.“
    ”۽ هي انسان“ ساره هيڏي هوڏي ڏسندي، ”ڇا اُهي دوستيءَ جي لائق ناهن؟“
    ”ها.... پر دوکي جو امڪان رهي ٿو.“ اياز ۽ هن جون نظرون ملن ٿيون، ساره ڪنڌ جهڪائي، ”پر دوستي ته هر امڪان کي Reject ٿي ڪري.“ ان ملاقات کان پوءِ هو ٻئي هڪ ٻئي جي ويجهو ايندا ويا. کين لڳو ڄڻ ٻنهي هڪ ٻئي کي پنهنجو پاڻ ۾ ڳولي لڌو هُجي، پر اظهار جو امڪان، ’ها‘ ۽ ’نه‘ جي ٻه واٽي تي بيٺل.
    اها New Year جي پهرين تاريخ هُئي، جڏهن اياز کي پنهنجي وشواس ۾ ساره جي رويي سان اسڪريچ پوندي نظر آيو. جڏهن هن فيڪلٽيءَ ۾ ساره کي گل ڏيندي New Year Wish ڪئي. تڏهن ساره حيرت جي جهٽڪي سان هن ڏانهن نهاريو هو. سندس نهار مان اياز کي لڳو ڄڻ ساره کي اُها توقع ڪانه هُئي، ساره هيڏي هوڏي شرمساريءَ جي انداز ۾ ڏٺو ۽ گل وٺي، ڪنڌ لوڏي، بنان ڪُجهه چوڻ جي اڳتي وڌي وئي هُئي، تڏهن اياز کي لڳو هو ڄڻ سندس آڇيل گلاب جو گل پنهنجو رنگ وڃائي ويٺو آهي.
    ڪلاس فري هجڻ ڪري ٻئي خاموشين سان پارڪ ۾ اچي ويهن ٿا.
    ”ساره!“ اياز خاموشي ٽوڙيندي آهستي چوي ٿو، ساره ائين ئي خالي نظرون سان ”هون.“
    ”ناراض آهين“
    ”نه مان ڇاجي لاءِ ناراض ٿينديس“
    ”چڱو ڳالهه ٻُڌ“ اياز پنهنجائپ مان، ”پرچائڻ جي ڪا گنجائش آهي!“
    ”توکي خبر آهي“ ساره ڏُک ۽ شڪايتي انداز ۾ چيو هو، ”مان ڪيڏي شرمندگي محسوس ڪئي هُئي. سڀ مون ڏانهن ڏسن پيا“ اياز اٿي هڪ گل پٽي هن ڏانهن وڌائيندي، ”آءِ ايم سوري“ ”ٿئنڪ يو“ ساره گل وٺندي هلڪو مسڪرائي اٿي بيهي ٿي، ”ڪلاس شروع ٿيڻ وارو آهي.“ ۽ ٻئي ڪلاس روم ڏانهن وڃن ٿا. ان ڏينهن کان پوءِ اياز پنهنجي رويي ۾ تبديلي محسوس ڪئي ۽ کيس لڳو ته هوءَ شايد ائين نه سوچيندي هجي جيئن پاڻ هن لاءِ سوچيندو آهي ۽ ائين ئي ٻنهي وچ ۾ رسڻ ۽ پرچڻ جو سلسلو هلندو رهيو پر اظهار جو امڪان صرف دوستيءَ جي رومال ۾ ئي ويڙهيل رهجي ويو.
    ان ڏينهن هاسٽل روم ۾ اياز بيڊ تي ليٽي آهستي آهستي سگريٽ جا ڪش هڻي رهيو هو. سندس Gestures مان سندس سوچ، ڪجهه اداسي ۽ مُرڪ گاڏڙ ڪيفيت محسوس ٿي رهي هُئي. سندس روم پارٽنر ارشد Assignment لکندي هن ڏانهن به نهاري رهيو هو. پوءِ پين رکي، ڪرسي سوري سندس ڀرسان ايندي، ”هن ڪريزيءَ ڇوڪريءَ لاءِ سوچي رهيو آهين.“
    ”ڪريزي!؟... نه يار، ائين نه چئُه“ اياز جي اکين ۾ هن لاءِ پيار ڀرجي آيو، .بس ٿوري پاڳل آ.“
    ”جيڪڏهن ائين آهي ته پو هُن کي Propose ڇو نه ٿو ڪرين؟“ ارشد جي ڳالهه ٻُڌي، اياز اونهو ساههُ کڻي، ”اهو ئي ته مشڪل آهي يار!... هن پنهنجي چوڌاري شيشي جون ايڏيون ته وڏيون ديوارون کڙيون ڪيون آهن، جن کي ٽوڙڻ جي همت مون ۾ ڪانهي“ تڏهن ارشد سندس هٿ پڪڙي چيو هو، ”ماڻهو ته پٿر جا ڪوٽ ڪيرائي ڇڏيندا آهن ۽ تون شيشي جي ديوار آڏو مجبور آهين!؟“ اياز، ارشد جي ڳالهه ٻُڌي گنڀيرتا سان، ”پر مان ائين نه ٿو ڪري سگهان نه يار! تون سمجهين ڇو نه ٿو، هوءَ ته احساسن کان به وڌيڪ نازڪ آهي، جيڪڏهن مُڻهنجي ڇُهڻ سان ڀُري پئي نه، ته مان به وکري ويندس.... ها ارشد!... ”اياز خلا ۾ گهوريندي، ”توکي ته خبر آهي نه.... مون زندگي سان ڏاڍي اک ٻوٽ کيڏي آهي.“
    ”مان ڳالهايانس“ ارشد همدرديءَ مان.
    ”نه.... نه.... خبردار“ اياز هلڪي دانهن ڪندي، ”مون کي خيراتي پيار نه گهرجي.“
    ”ڪٿي هوءَ توسان فلرٽ Flirt ته نه ٿي ڪري!؟“
    ”نه.... هوءَ شايد پاڻ سان ئي فلرٽ ٿي ڪري.“
    ”Ok“ ارشد واپس رائٽنگ ٽيبل ڏانهن ويندي، ”امتحان مٿان آهن، تون هيڏانهن هوڏانهن فضول سوچن بدران امتحان جي تياري ڪر... سڀ ٺيڪ ٿي ويندو دلبر.“ ”اياز، ارشد جي ڳالهين ۽ ساره سان گذاريل ملاقات جي باري ۾ سوچڻ لڳي ٿو. جڏهن ساره اهو چيو هو ته، ”اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا، اسان کي ان جي اصولن سان هلڻو آهي.“ تڏهن اياز تلخيءَ مان چيو هو، ”سماج!.... سماج!!... سماج!!؟... مان پڇان ٿو ڪهڙو سماج؟؟... جنهن ۾ ماڻهو پنهنجي مرضيءَ سان کلي نه سگهي... روئي نه سگهي... جي نه سگهي، مري نه سگهي... ڪو احتجاج نه ڪري سگهي ۽ پنهنجي خواهش جو اظهار نه ڪري سگهي ته پوءِ اهڙي سماج پويان هلڻ، ڇا معنيٰ!؟؟“
    ”پر مان هڪ عورت آهيان“ ساره آهستي، ڪنهن اڻ ڏٺي ڊپ جي ڪيفيت ۾، ”مون ۾ سماج سان بغاوت ڪرڻ جو ساهس ڪونهي“ تڏهن اياز تيز لهجي ۾ چيو هو، ”تون عورت ناهين.... تون فرد آهين، تنهنجي پنهنجي شخصيت، حيثيت آهي. سماج ڪنهن جو ڪُجهه نه ٿو بگاڙي پر ماڻهن ئي سماج کي پنهنجي مٿان حاوي ڪري، اجايو ڊپ ۽ وسوسن ۾ پنهنجو پاڻ کي ماريندا رهن ٿا.“ سندس جذباتي انداز ڏسي، ساره کيس گهوريندي، ”تون چوڻ ڇا ٿو چاهين“
    ”اهو ئي“ اياز ساڳي انداز ۾، ”هر ماڻهوءَ کي پنهنجي خواهش جي اظهار جي آزادي آهي، پنهنجي سوچن، سپنن کي ساڀيان ڪرڻ جو حق آهي. تون پنهنجو پاڻ کي ٽارچر ڪري رهين آهين... تون...“ اياز ساهي کڻي، ”تون رٻڙ جي رستن تي هلي رهين آهي ۽. توکي خبر اهي نه، ته جڏهن اُهي رستا ٽُٽندا آهن، تڏهن پنهنجو پاڻ ۾ ويڙهجي، مسافر کي به لپيٽي ڇڏيندا آهن.
    ”اهو مُنهنجو ذاتي معاملو آهي“ ساره هن ڏانهن نهاريندي چوي ٿي، ”۽ مان ڪنهن کي به اهو حق نه ٿي ڏيان ته ڪو مُنهنجي لاءِ ڪا راءِ قائم ڪري.“
    ”مان به نه!!؟“ اياز سندس اکين ۾ نهاريندي.
    ”شايد“ ساره اياز جي سوال تي ڪنفيوزن مان، ”ها.... نه... مون کي خبر ناهي...“ تڏهن اياز هن ڏانهن نهاري اونهو ساههُ کڻي سوچڻ لڳو هو ته، ساره ڪُجهه چوڻ چاهيندي هُجي، پر لفظ هن جو ساٿ نه ڏئي رهيا هُجن، شايد سماج جو ڊپ يا Ego Problem يا شايد پاڻ کي Expose ڪرڻ نه ٿي چاهي.
    ”بيوقوف آهين پهرين نمبر جو“ ارشد لکندي لکندي ڪنڌ ورائي اياز ڏي نهاريندي، ”هوءَ عورت آهي ۽ پنهنجي مُنهن سان، چاهڻ جي باوجود به پنهنجي پيار جو اظهار نه ڪندي آهي. اڙي، هوءَ ته گلاب جي ٽاريءَ وانگر آهي، هن جي خوشبو ئي هن جو اظهار هوندي آهي.“
    ”مون کي ته ڪُجهه سمجهه ۾ نه ٿو اچي.“ ارشد جي ڳالهه ٻُڌي، اياز ڪشمڪش جي انداز ۾، ”تون مرد آهين، تون ئي اڳتي وڌي هن کي Propose ڪر. شايد هوءَ به اهو ئي چاهيندي هُجي.“ ارشد سمجهائيندي.
    ”مشڪل آ....“ اياز ڄڻ مايوسيءَ مان ڪنڌ لوڏي، ”الاءِ ڪٿان ڪٿان ڀٽڪندي زندگيءَ جي ويجهو آيو آهيان تڏهن مان تماشو ٿيڻ نه ٿو چاهيان.“ اياز ”ها“ ۽ ”نه“ جي وچ ۾ ڄڻ پينڊولم جا هيڏي هوڏي لُڏي رهيو هو، ”ٿي سگهي ٿو.“ هوءَ مُنهنجي باري ۾ ائين نه سوچيندي هُجي... ڪٿي هن مون کي Reject ڪيو ته پوءِ... اوهه.. نو... نو.... مُنهنجو Ego، مُنهنجو ڀرم ٽُٽي پيو ته...!!؟؟“ سندس ڳالهه ٻُڌي ارشد کلندي ”پيار ۾ اُها انا ٻنا نه هوندي آهي، پيار صرف پيار ئي هوندو آهي. سونهن هوندي آهي. سڳنڌ هوندي آهي... ماڻهو جڏهن رنگ رتن رستن تي نڪري پوندو آهي نه، تڏهن سڀ ڪُجهه، هي انا، هي ذات، هي وجود، سڀ ڪُجهه رنگن ۽ خوشبوئن جان ڳوهجي، هڪ لافاني منزل جي نشانن تي هلڻ لڳندو آهي.“
    ”شايد هن جي ۽ مُنهنجي نظريي ۾ ڪو فرق هُجي، يا Rejection جو خوف!؟“ اياز ارشد ڏانهن نهاري ٿو. ”اهو تُنهنجوو وهم آ، شايد هن جو به...“ ارشد سمجهائيندي، ”پاڳل!... پيار نظرين جو محتاج نه هوندو آهي... مُنهنجي خيال ۾ هن جي دل ۽ دماغ جي ساگر ۾ پنهنجي دل جي ڪشتي لاهي ته ڏس.“
    ”پر... هي ڊپ“ اياز ڄڻ پنهنجي مُنهن ڀُڻڪي ٿو، ”مان هن کي ڪنهن به صورت ۾ وڃائڻ نه ٿو چاهيان.“
    ان ڏينهن ارشد جي ڳالهين کان پوءِ، هن کي ارشد جي ڳالهين ۾ وزن محسوس ٿيو هو ۽ دل ئي دل ۾ اهو سوچيو هُئائين ته هو ساره سان پنهنجي دل جي ڳالهه ضرور شيئر ڪندو.
    اُها هنن جي آخري ملاقات هُئي، ان ڏينهن امتحان جو آخري پيپر ڏئي ٻئي آهستي هلندي پارڪ ۾ ويهن ٿا. سندن انداز مان جُدائيءَ جي احساس جي ڪيفيت ظاهر ٿي رهي هُئي. هو بار بار هڪ ٻئي ڏي نهاري ڄڻ هڪ ٻئي کي ڪُجهه چوڻ چاهيندا هُجن پر لفظ سندن چپن تي ايندي ايندي پنهنجا پساهه پورا ڪندا هُجن ۽ دل جون ڌڙڪنون ڄڻ هڪ ٻئي سان هم ڪلام هُجن.
    ڪافي دير جي خاموشيءَ کان پوءِ اياز، آهستي، ”ساره!...“
    ”هون!“ ساره ڄڻ چونڪي هن ڏانهن نهاري ٿي.
    ”ڇا ٿي سوچين...“
    ”ڪُجهه نه... ائين ئي...“ ساره ڇٻر کي پٽيندي، ”هي وقت به ڪيڏو نه تيزي سان گذري ٿو وڃي!!... ها نه...“
    ”ها...“ اياز ڪنڌ لوڏي لمبو ساهه کڻندي، ”وقت اُها بي حس شئي آهي جيڪا ڪنهن تي به ترس ناهي کائيندي، بس پنهنجي مستيءَ ۾ ئي هلندو رهي ٿو... ڪنهن کي ڪُجهه ڏئي... ۽ ڪنهن کان سڀ ڪُجهه کسي.“
    ”اهو ته صحيح آهي.“ ساره ها ۾ ها ملائيندي، ”پر ڪي ڪي ماڻهو وقت جي پرواهه نه ڪندا آهن ۽ وقت کي ڏاوڻ وجهي ڇڏيندا آهن.“
    ”ها... پر وقت جي ٽرئفڪ جام ته نه ٿي ڪري سگججي نه....“ اياز گنڀيرتا مان، ”جيڪڏهن ائين ٿيو ته سڀ ڪُجهه افراتفريءَ جو شڪار ٿي ويندو.“
    ”......“ ساره ڄڻ لمحن کي تصور ۾ آڻيندي، ”ڪڏهن ڪڏهن دل چاهيندي آهي ته ڪاش! هي جيڪي لمحا اسان سان گڏ آهن، انهن کي مُٺ ۾ بند ڪري سگهجي.“
    ”هي پل اسانجي هٿ ريکا ٿي پون ته...؟“ اياز سندس اکين ۾ نهاريندي سواليه انداز ۾. ”ها... ڪاش!“ ساره نظرون جهڪائي ٿي ڇڏي. ٻئي خاموش، من ئي من ۾ الاءِ ڇاڇا سوچيندا رهن ٿا.
    ”مان سڀاڻي ڳوٺ وينديس....“ گهڻين خاموشيءَ کان پوءِ ساره شايد رد عمل ڏسڻ لاءِ اياز ڏي نهاريو. ”ڇا!!؟“ اياز کي ائين لڳو ڄڻ هڪدم فضا مان آڪسيجن جو مقدار گهٽجي ويو هُجي. کيس پنهنجو ساههُ رڪجندو محسوس ٿيو.... ”پو....؟“
    ”پو....“ ساره سندس چهري ڏي ڏسندي ڄڻ لاپرواهيءَ سان، پر سندس لهجي جو ڏُک، سندس اندر جي ڪيفيت کي ظاهر ڪري رهيو هو، ”خبر ناهي....“
    ”مئريج....؟“ اياز ڄڻ همت ڪري دل جي ڳالهه چپن تي آڻي ٿو.
    ساره ناڪار ۾ ڪنڌ لوڏي، ”ان لاءِ ته مون سوچيو ئي ڪونهي.“
    ”ڪو آئيڊيل....“
    ”ها... شايد....“
    ”تلاش آ....“
    ”نه“ ساره سندس چهري ڏانهن ڏسندي، ”نه... تلاش جون حدون ختم ٿي ويون.
    ”.... هو....“ اياز ڪي گهڙيون خاموش ٿي پوءِ آهستي، ”ڪٿي آ...“
    ”مُنهنجي دل ۾، دماغ ۾، ساهن ۾“ ساره هلڪو مُرڪي هن ڏانهن ڏٺو.
    ”ان جو اظهار.....!؟“
    ”خبر ناهي...“ ساره آهستي، ”ڊپ ٿو ٿئي... ڪٿي مان هن جو آئيڊيل نه هُجان يا هُن جو ڪو ٻيو آئيڊيل هُجي ته.... ”خير ڇڏ انهن ڳالهين کي“ ساره ڳالهين جو رُخ موڙيندي، ”تُنهنجو ڇا پروگرام آهي.“
    ”انتظار...“
    ”ڪنهن جو...“
    ”پنهنجي آئيڊيل جو“
    ”ڪٿي آ...“
    ”مُنهنجي دل ۾، دماغ ۾، ساهن ۾“ اياز هلڪو مُرڪي هن جي چهري ڏانهن ڏسندي، ”ان جو اظهار...!؟“
    ”خبر ناهي“ اياز آهستي، ”ڊپ ٿو ٿئي... ڪٿي مان هُن جو آئيڊيل نه هُجان يا هُن جو ڪو ٻيو آئيڊيل هُجي ته...“
    ٻئي هڪ ٻئي ڏي ڏسي کلي پون ٿا. پر سندن اکين جون ڀنل پنبڙيون سندن اندر جي اٿاه ڏُک کي ظاهر ڪري رهيون هيون. کلندي کلندي اياز مذاقيه انداز ۾ دل جي ڳالهه چپن تي آڻيندي، ”....باءِ دي وي... مان توکي Propose ڪيان ته....“ ساره جهٽڪي سان ڪنڌ کڻي هن ڏانهن نهاري ٿي، اياز جي ان ڳالهه ڄڻ سندس روح جي تارن کي ڇُهي، ست ئي سُر فضا ۾ پهلائي ڇڏيا هُجن دل ۾ آيس ته چئي ڏئي، تون ئي مُنهنجو آئيڊيل، تون ئي مُنهنجو پيار آهين. پر چاهڻ جي باوجود نه چئي سگهي. رڳو اياز ڏانهن ڏسندي رهي. اياز سندس ڪيفيت ڏسي پريشان ٿي ويو ۽ کيس لڳو ڄڻ سندس اُها ڳالهه ساره کي سُٺي نه لڳي هُئي، تڏهن هڪدم کلي چيائين، ”چري تون ڪهڙين سوچن ۾ پئجي وئين Just Joken Yaar“ ساره وري هن ڏي عجيب نظرن سان ڏسي ٿي ۽ آهستي آهستي چوي ٿي، ”مان سڀاڻي ڳوٺ وينديس.“ ٻئي خاموش، من اندر ۾ الاءِ ڪيترن جذبن، سوچن جا طوفان کڻي، ٻئي اٿي هلڻ لڳن ٿا. کين لڳي ٿو ڄڻ ٻنهي جي پيرن ۾ ڪي ڀاري پٿر ٻَڌجي ويا هجن. وک وک ڳوري پر خيالن جا پنڇي پوئتي... پوئتي اڏامندڙ وقت پنهنجا پَرَ سولا ڪيا، مٺ ۾ بند ٿيل لمحا واريءَ وانگر وهي ويا. ڪيئي سال گذري ويا. رهجي وئي هڪ اميد ڪاش اُهي لمحا موٽي اچن. اُها سڄي رات، اياز، ارشد سان گڏ يونيورسٽيءَ جي رستن تي رُلندو ۽ گم ٿيل لمحن کي ڳوليندو رهيو هو.
    رات جي سانت ۾ رستي تان گذرندڙ ڪنهن گاڏي جي اوچتو لڳل بريڪن سان وهيل مان نڪرندڙ تيز آوازن تي اياز جي ذهن جي اسڪرين تي هلندڙ ماضيءَ جي فلم دي اينڊ The End ٿي ۽ هو ڇرڪ ڀري اٿي ويٺو، ”... اوهه صبح ٿي ويو.“ هن جهوليءَ ۾ رکيل ساره جي تصوير کي بريف ڪيس ۾ رکيو ۽ ڪُجهه رليڪس ٿيڻ لاءِ ليٽي پيو. ان ڏينهن شام سندس فلائيٽ هُئي ۽ هن کي پنجن سالن لاءِ لنڊن جي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ ريسرچ لاءِ وڃڻو هو.
    شام جو، ايئر پورٽ تي پنهنجا ڪاغذات وغيره چيڪ ڪرائي، پنهنجي فلائيٽ جي انتظار ۾ لائونج ۾ اچي ويهي ٿو. اتي رکيل ڪُجهه مئگزينس کي بي دليءَ سان اٿلائيندي سندس نظرون هر هر Entrance ڏانهن کڄي ٿي ويون. الاءِ ڇو هن جي دل ڌڙڪي رهي هُئي. نظرن ۾ تلاش ۽ اميد، ”شايد ساره هجي.“ اوچتو سندس دل جون ڌڙڪنون تيز ٿي وڃن ٿيون ۽ حواس جاڳي پون ٿا. سامهون داخل ٿيندڙ اڌڙوٽ عمر جي، اکين تي نظر جو چشمو لڳل ڏسي بي اختيار هن جي وات مان نڪري ٿو، ”ساره!!“ آواز ٻڌي ساره جهٽڪي ساه بيهي رهي ٿي ۽ اياز کي بيٺل ڏسي هڪدم اوڏانهن وڌي وڃي ٿي، ”تون!!؟“ ساره حيرت مان چئي ٿي ۽ اياز ڏڪندڙ چپن سان مُرڪي هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏي سندس چهري کي ڏسندو رهي ٿو، گهڙي سوا ته هو پنڊپاهڻ وانگر هڪ ٻئي جي سامهون بيٺا رهيا. پوءِ ڄڻ هوش ۾ ايندي، هيڏي هوڏي نهاري هڪ صوفه ڏانهن وڌي وڃن ٿا ۽ ويهي رهن ٿا، چپ چاپ، سانت ۾ ڄڻ سرگوشيون ڪندي، گذريل لمحن کي ياد ڪندي، ڪُجهه دير جي خاموشيءَ کان پوءِ اياز آهستي، ”ساره!... هُونهه“ سارا ڄڻ چونڪي هن ڏانهن نهاري ٿي.
    ”ڇا ٿي سوچين...“
    ”ڪُجهه نه... بس ائين ئي...“ چئي هن ڏانهن نهاري ٿي، ”تون!!؟“
    ”مان“. اياز ڏکاري مُرڪ سان، ”ماڻهو جڏهن لمحن جون سرحدون لتاڙي، زندگيءَ جي حدن ۾ داخل ٿيندو آهي، تڏهن نيون منزلون، نيون سرحدون، ٻانهون کولي سندن استقبال ڪنديون آهن.“ ساره سندس ڳالهه ٻڌي ڪنڌ لوڏيندي، ”ها... پر لمحن جي اها دوري ته جيون جو حساب، وياج سميت چڪائي ٿي وٺي.“ ساره ڄڻ شڪايتي لهجي ۾ چئي ٿي.
    ”ها... پر“ اياز ڪنهن اندروني اطمينان سان، ”جڏهن لمحا ملي ويندا آهن، تڏهن سڀ فاصلا سميٽجي ويندا آهن.“
    ٻئي وري خاموش ٿي وڃن ٿا. ڄڻ لفظ ۽ جملا سندن چپن تي ايندي ڊڄندا هُجن. ڪُجهه گهڙين کان پوءِ اياز آهستي، ”اڪيلي آهين!؟“ ساره هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏي ٿي، ”۽ تون؟“ ”مان به“ اياز چئي چُپ ٿي وڃي ٿو. کن رکي ٻئي هڪ ئي وقت هڪ ٻئي ڏي سواليه انداز ۾ ڏسي، هڪ ئي وقت چون ٿا، ”ڇو!!؟“ ۽ پوءِ الاءِ ڇو کلڻ لڳن ٿا. ايتري ۾ جهاز جي اچڻ جو اعلان ٿئي ٿو. اياز اٿي ساره ڏانهن نهاريندي، هٿ وڌائيندي، ”هلون....“
    ”نه...“ ساره گهڙي ڏسندي چيو، ”مُنهنجي فلائيٽ ۾ اڃان ڏهه منٽ دير آهي.


    جنازو

    منصور پنهنجن سوچن ۾ گم سگريٽ جا وڏا وڏا ڪش هڻندي، پنهنجي ڌن ۾ مگن، فٽ پاٿ تي هلندي، من ئي من ۾، جمهوري حڪومت جي بزدلانه ڪارڪردگي، سماج ۾ ٿيندڙ ناانصافين، طبقاتي نظام ۾ اڻ برابري، ميرٽ جي لتاڙ ۽ ٻين انيڪ الجهي ويل سوالن کي سلجهائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي، پريس ڪلب ڏانهن اچي رهيو هو ته فضا ۾ اوچتو سيٽين ۽ سائرن جا دل دهڪائيندڙ آواز ٻُڌي، ڄڻ هوش ۾ ايندي، حيرت منجهان هيڏي هوڏي ڏسڻ لڳي ٿو. سندس پيشانيءَ جا گهنج وڌيڪ گهرا ٿي وڃن ٿا. سامهون، رستي جي ٻنهي پاسي، پوليس وارا لٺين سان ماڻهن کي ماريندي، روڊ کان پري هٽائي رهيا هُئا. هر طرف کان ايندڙ ٽريفڪ کي روڪي رهيا هُئا. جنهن ڪري هر طرف ٽريفڪ جام ٿيڻ لڳي. هڪ پوليس وارو، هڪ اڌڙوٽ شخص کي ڳلي مان پڪڙي بيدرديءَ سان ڌڪا ڏيئي هٽائي رهيو هو. منصور، ڪروڌ ۽ ڪاوڙ مان اها ماجرا ڏسندي، اوڏانهن وڌي وڃي ٿو ۽ اڌڙوٽ شخص کي ڇڏائيندي پڇي ٿو.
    ”اي مسٽر! هي ڇا پيو ٿئي؟ ڪُجهه ته بزرگن جو خيال ڪيو.“ پوليس واري اڌڙوٽ شخص کي ڌڪو ڏيئي، ڪاوڙ مان منصور ڏانهن نهاريندي، ”توکي خبر ناهي ته منسٽر صاحب پيو اچي.“
    ”منسٽر صاحب پيو اچي ڪو طوفان ته ڪونه ٿو اچي نه، ان ۾ هنن غريبن جو ڪهڙو ڏوهه!؟“ منصور فٽ پاٿ جي ٻنهي پاسي، ڊنل ڊنل ۽ مايوس چهرن ڏانهن نهاريندي چيو.
    ”مسٽر! اوهان پنهنجو ڪم ڪيو.“ پوليس واري منصور کي ڪلهي ۾ هٿ وجهندي چيو، ”هٽو.... هٽو... اسان کي مٿي کان حڪم آهي.“ منصور ڪاوڙ مان ”مٿي کان حڪم آهي ته ماڻهن کي بيدرديءَ سان ماريو ۽ هنن جي تذليل ڪيو!؟“ ايتري ۾ هڪ پوليس انسپيڪٽر، هٿ ۾ جهليل ڇڙي ڦيرائيندي ڀرسان اچي، ڪاوڙ مان پوليس واري کي چئي ٿو: ”هي ڇا ٿي رهيو آهي!؟ هٽائين ڇو نٿو ماڻهن کي؟... هي صاحب ڪير آهي؟“.
    ”سر هي صاحب ڪم ۾ دخل اندازي ڪري رهيو آهي. پوليس وارو منصور کي گهوريندي چئي ٿو.
    منصور کيسي مان ڪارد ڪڍي ڏيکاريندي چيو، ”مان صحافي آهيان.“
    ”تون ڪير به هُجين“ انسپيڪٽر منصور کي پوئتي هٽائيندي، ”اسان کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏي، هٽو پليز“ انسپيڪٽر منصور کي هڪ طرف هٽائي اڳتي وڌي وڃي ٿو. منصور ڪاوڙ ۽ بيوسيءَ مان، هن کي ۽ پريشان حال ماڻهن کي ڏسندو رهي ٿو. ايتري ۾ ڀرسان واري رستي تي ڪُجهه ماڻهن کي روئندي ۽ پوليس وارن کي، هٿ ٻڌي منٿون ڪندي ڏسي ٿو، منصور جا قدم اوڏانهن وڌي وڃن ٿا، سامهون هڪ جنازو رکيل، ماڻهو پريشان، روڊ ڪراس ڪري، روڊ جي ٻئي پاسي ميت کي دفنائڻ لاءِ، ايتري ۾ ٻه ٽي ٻيا پوليس وارا اچن ٿا ۽ لٺيون ڦيرائيندا، دانهون ڪندا رهن ٿا.... ”هٽو... هٽو... پري ٿيو.... اڙي اهو ڇا ٿو ڪرين ڪتي جا .... اڙي، هي ڪنهن جو جنازو آ.... هٽآيوس هتان، ڏسو نٿا ته منسٽر صاحب پيو اچي.“ ماڻهو هٿ ٻڌي، منٿو ڪندي، ”پر سائين، هي ته جنازو آهي، ڪُجهه ته خيال ڪيو، هڪ منٽ ۾ روڊ ڪراس ڪري وينداسين، ٻه ڪلاڪ ٿي ويا آهن، منسٽر صاحب الائي ڪڏهن ايندو؟“
    منصور سڄو تماشو حيرت ۽ ڪاوڙ مان ڏسندو رهي ٿو.
    ”عوامي حڪومت..... ماءِ فوٽ!“ ڪاوڙ مان منصور جون رڳون تاڻجي ۽ مٺيون ڀڪوڙجي وڃن ٿيون.
    ”خبردار!...“ پوليس وارا لٺيون ڦيرائيندي، ”اسان کي پنهنجي نوڪري وڃائڻي ڪانهي... مٿان کان حڪم آهي، جيستائين منسٽر صاحب نٿو گذري وڃي، تيستائين ماڻهو ته ڇا پر پکي به روڊ ڪراس ڪري نٿو سگهي.“
    ”ڇاهي.... ڇاهي.... ڇا جو گوڙ آ؟“ انسپيڪٽر ڀرسان ايندي ڪڙڪدار آواز ۾، ”پر جناب....“ منصور پاڻ کي روڪي نٿو سگهي ۽ اڳتي وڌي انسپيڪٽر کي سمجهائيندي، ”ڪُجهه ته خيال ڪيو، ڏسو نٿا هي جنازو آهي ۽ ڪافي دير کان نٽهڻ اُس ۾ رکيل آهي.“
    ”خاموش!“ انسپيڪٽر جنازي جي ڏولي جي هٿئي تي ڇڙي هڻندي، ”هٽايو... هٽايو هن جنازي کي“، منصور ڏي مُنهن ڪري، ”تون وري اچين وئين.“
    ”ڇو؟“ منصور طنزيه انداز ۾، ”مُنهنجي اچڻ تي پابندي آهي ڇا‘؟، ڏسو نٿا ماڻهو روڊ ڪراس ڪري، جنازي کي دفنائڻ لاءِ ڪيڏو پريشان آهن!؟.
    ”ڏس مسٽر!“ انسپيڪٽر ڪاوڙ مان، ”تون ڪير به آهين، هن وقت رستو بلاڪ آهي.“
    ”جي“ منصور طنز مان چئي ٿو، ”منسٽر صاحب ٿو اچي، ان ڪري روڊ رستا بلاڪ ڪري پبلڪ کي پريشان ٿا ڪيو“
    ”اسان کي مٿي کان حڪم آهي“، انسپيڪٽر، منصور کي نظر انداز ڪري هڪ طرف وڌي ٿو.
    ”منسٽر آهي، ڪا مغليه شهزادي ته ڪانهي نه، جو ماڻهن کان ايڏو ٿو شرمائي.“ منصور کلندي چوي ٿو ته منصور جي ڳالهه تي جنازي ڀرسان بيٺل ماڻهن ۾ به ٽهڪڙو پئجي وڃي ٿو.
    ”شٽ اپ!“ انسپيڪٽر ويندي، پٺي ورائي، دانهن ڪندي.
    ”يو شٽ اپ!“ منصور به ڪاوڙ جي انتها تي پهچي وڃي ٿو، انسپيڪٽر، منصور ڏانهن الر ڪري ٿو ته منصور به ٻانهون کنجي هن ڏانهن وڌي ٿو. ايتري ۾ هڪدم تيز سيٽين ۽ سائرن جي آواز سان سڀ الرٽ ٿي وڃن ٿا، پري کان گاڏين، موبائلن جي ڊگهي قطار سان منسٽر صاحب جي گاڏي نظر اچي ٿي.
    منصور هڪدم پنهنجو پريس ڪارڊ هٿ ۾ جهلي، هٿ مٿي ڪري ڊوڙ پائي وچ رستي تي بيهي رهي ٿو. فضا ۾ بريڪن ۽ ٽائرن جي چيخن ۽ هٿيارن ۽ سيٽين جا آواز گونجي ماحول ۾ عجيب وحشتناڪ ڪيفيت پيدا ڪن ٿا. سڀ گاڏيون بيهي وڃن ٿيون، سيڪيورٽي اسٽاف ڪنهن امڪاني خطري کي مُنهن ڏيڻ لاءِ الرٽ ٿي وڃي ٿو ۽ ڊوڙي منصور کي هٽائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، منصور، مزاحت ڪري زور زور سان دانهون ڪندي چوي ٿو، ”مون کي منسٽر صاحب سان ملڻو آهي.... مون کي منسٽر صاحب سان ڳالهائڻو آهي.
    منسٽر صاحب منصور جي هٿ ۾ صحافي جو ڪارڊ ڏسي، دري جو شيشو لاهي، سگار وات ۾ چٻاڙيندي، پوليس وارن کي هٿ جي اشاري سان روڪي ٿو ۽ منصور کي پاڻ ڏانهن اچڻ جو اشارو ڪري ٿو.
    منصور، منسٽر جي گاڏيءَ جي ڀرسان ايندي، ”سر! اوهان کان هڪ سوال پڇڻ ٿا چاهيون.“
    منسٽر، هيپو ڪريٽڪ انداز ۾، جي.... جي... چئو... ڇا ڳالهه آ“ منصور تلخ لهجي ۾: ”اسان ماڻهن اوهان کي ووٽ ڇو ڏنا آهن؟؟“
    منسٽر، سگار کي دريءَ تي ٺڪ ٺڪ ڪري، سگار جي رک اڏائيندي مسڪرائي چوي ٿو: ”ظاهر آهي... عوام جي خدمت لاءِ.“
    ”ته پوءِ هي پئي ٿئي عوام جي خدمت!؟“ منصور چڀندڙ لهجي ۾، ”اچو ته مان اوهان کي ڏيکاريان ته اوهان جا پوليس وارا ڪيئن پيا ماڻهن جي خدمت ڪن.“
    منسٽر سياسي انداز ۾ سوچي، موقعي جي نزاڪت کي سمجهي، گارڊ کي اشارو ڪري ٿو ته گارڊ گاڏيءَ جو دروازو کولي، اٽينشن ٿي بيهي ٿو.
    منسٽر صاحب شاهانه انداز ۾ گاڏي مان ٻاهر نڪري ٿو ۽ ماڻهن ڏانهن ڏسي هٿ لوڏي ٿو، موٽ ۾ ماڻهن طرفان ڪوبه ريسپانس نه ملڻ ڪري، منصور ڏانهن نهاري: ”... جي، ڇا معامعلو آ؟“
    منصور ماڻهن ڏانهن اشارو ڪري ”هڪ ته هي عوام، نٽهڻ اس ۾ گرميءَ ۾، اوهان جي اچڻ سبب روڊ بلاڪ ٿيڻ ڪري پريشان آهي“ منصور هڪ طرف اشارو ڪندي، ”هو ڏس ڇاهي؟“
    ”هي ته جنازو آهي“ منسٽر چيو.
    ”جي“ ها سر!
    ”هي ڪنهن جو جنازو آهي؟“ منسٽر جنازي ڏانهن نهاري چيو، ”اهو عوام جو جنازو آهي سر“، منصور تلخ لهجي ۾ چوندي، ”اوهان جي سيڪيورٽي سبب، سيڪيورٽي وارا هن کي دفنائڻ ئي نٿا ڏين، ٽن ڪلاڪن کان پيو آهي.“
    ”اوهه.... نو ... نو... پر ڇو؟“ منسٽر ساڳئي منافقانه انداز ۾ چئي ٿو. مجبور هو جو سياسي منسٽر هو ۽ هن عوام جي ووٽن سان ئي ڪامياب ٿيندڙ حڪومتي جماعت جو منسٽر هو، تنهن ڪري هن کي عوامي حڪومت جو ڀرم رکڻ لاءِ، نه چاهيندي به، عوام جي ڳالهه ٻڌڻي هُئي.
    ”هي ڇا هي آفيسر!؟ منسٽر سيڪيورٽي عملدارن ڏانهن ڪاوڙ مان نهاريندي، ”اوهان عوام کي ..... جنازي کي ڇو روڪيو آ...“
    ”اوهان جي سيڪيورٽي سر“ عملدار ڊڄندي چيو.
    ”شٽ اپ... ڇا مُنهنجي جان هن عوام کان وڌيڪ آهي“ منسٽر ڪاوڙ ۾ وڏي عملدار ڏانهن ڏسي، ”هنن سڀني کي سسپينڊ ڪيو، عوام سان بدتميزي ٿا ڪن“ چئي جنازي ڏانهن وڌندي، ”اچو اسان سڀ گڏجي هن جنازي کي روڊ ڪراس ٿا ڪرايون، آخر ته اسان جي عوام جو جنازو آهي، عوامي حڪومت نه دفنائيندي ته ٻيو ڪير دفنائيندو؟“ منسٽر اڳتي وڌي جنازي کي ڪلهو ڏئي، آهستي آهستي روڊ ڪراس ڪرائي ٿو. ماڻهو منسٽر صاحب جو رويو ڏسي، ڪلمه شهادت بدران ”منسٽر زنده باد....“ جا نعرا هڻندي، جنازي پويان هلڻ لڳن ٿا. منصور اڪيلو رهجي وڃي ٿو، سندس چپن تي تلخ مسڪراهٽ اچي وڃي ٿي ۽ هو مايوسي مان ڪنڌ لوڏي، سگريٽ دکائي وڏا وڏا ڪش هڻندي وي آءِ پي ڪلچر کي ڄڻ دونهين ۾ اڏائيندي، فٽ پاٿ تي هلڻ لڳي ٿو، سندس ڪنن ۾ ”... منسٽر زنده باد.... منسٽر زنده باد“ جا پري ٿيندڙ آواز اچن ٿا.
    ٻيو ڏينهن:
    پوليس اسٽيشن ۾ هڪ عورت ٽن ننڍڙن ٻارن سان گڏ، پنهنجي مڙس جي گمشدگي جي رپورٽ لکرائيندي نظر اچي ٿي.
    پوليس آفيسر عورت ڏي نهاري، ”تُنهنجي مڙس جو نالو؟“
    ”منصور“
    پوليس آفيسر حيرت مان. ”.... ڇا!؟....!!؟؟.....!!!؟؟؟


    جاني!

    کٽ جي ٻانهينءَ تي ڳل رکي، اونڌو ٿي، هٿ لڙڪائي، آڱر سان زمين تي آڏا آبتا ليڪا ڪڍندي سندس اکين ۾ ڪروڌ ڀرجي ٿو اچي. من اندر محسوس ڪري ٿو ڪُجهه ڀڄندو ڀرندو. نرڙ ۾ گهنج وجهي سوچڻ ٿو لڳي پنهنجي Routine Life تي. سوچيندي لڳيس ٿو ڄڻ وات ۾ ڪنهن لوڻ جا ٻڪ وجهي سندس وات بند ڪري ڇڏيو هُجي زوريءَ، زبردستيءَ ”بڪواس“ سڌو ٿي ڀڻڪي ٿو. ”هيءَ به ڪا زندگي آهي؟! سڄو ڏينهن مشين جي پرزن وانگر هلڻ، رات جو ٿڪجي، ٽُٽي، نستو ٿي ڊهڻ ۽ صبح جو وري جوڻ مٽائي پرزو ٿي گسي گسي ختم ٿي وڃڻ! اهو به ڪو مرڻ آهي؟! انسان جو مرڻ! ڄڻ هلندي هلندي پرزو ڀڄي پيو! ڌاتوءَ جو بيڪار ٽڪر. هونهه! Broken Tool“ ننڍڙي روشندان مان نظر ايندڙ پرهه ڦٽيءَ جي ميرانجهڙي آسمان کي تڪڻ لڳي ٿو، لڳيس ٿو ڄڻ سندس وجود ذرو ذرو ٿي روشندان مان نڪري ڪائنات جي وسعتن ۾ ڦهلجندو. ”اڄ مان ڪم تي نه ويندس“ اوچتو لفظ بغاوت جو روپ وٺي ذهن مان اڀرڻ لڳنس ٿا. ”اڄ، اڄ مان Rest ڪندس آرام، کليل آسمان هيٺان زندگيءَ جي مانڊاڻ ۾ گم ٿي پنهنجي وجود کي ڳوليندس. درياهه ڪناري سج اڀرڻ جو منظر ڪيڏو نه خوصورت هوندو! اف! ڪيترا ڏينهن ٿيا آهن سج کي اڀرندي ۽ لهندي ڏٺي؟!“ ڄڻ تڙڦي اٿي ويهي ٿو. ”ابا! ڪم تي ٿو وڃين ڇا؟“ ماڻس جا لفظ هٿوڙن وانگر سندس ذهن تي لڳن ٿا، ڪروڌ مان ماءُ ڏي نهاريندي لڳيس ٿو ڄڻ سندس سامهون ماءُ بدران دوزخ جا داروغا هُجن، جيڪي سندس پيرن ۾ زنجير وجهي کيس دوزخ ڏانهن گهليندا ٿا وڃن. سندس اندر ۾ نفرت جو احساس، بي پناهه نفرت پنهنجي ماءُ کان، پاڻ کان، ماحول کان. ”نه، مان اڄ ڪم تي ڪونه ويندس.“ ڇڙٻ ڏئي ماءُ کي چوي ٿو ۽ تڪڙيون وکون کڻي گهر کان ٻاهر نڪري وڃي ٿو. ماڻس ڏک ۽ همدرديءَ مان کيس ڏسندي رهي ٿي، سندس اکين مان ٻه لڙڪ وهي ڳلن تان ترڪي ڪچي زمين ۾ جذب ٿي وڃن ٿا ۽ اونهو ساهه کڻي ڪنڌ جهڪائي ڇڏي ٿي.
    گهر کان ٻاهر نڪري هڪ پل لئه بيهي، پوءِ تڪڙيون وکون کڻي هڪ طرف هلڻ شروع ڪري ٿو. خالي خالي نگاهن سان هيڏي هوڏي نهاريندي لڳيس ٿو سڀ ڪُجهه اوپرو اوپرو، عجيب. ڀانءِ ڄڻ ڪنهن پرائي ديس ۾ نڪري آيو هُجي. هلندي سندس نظر ڪارخانن جي چمنين مان نڪرندڙ ڪاري دونهين تي پئي ٿي. هڪ لمحي لاءِ بيهي رهي ٿو. لڳيس ٿو ڄڻ ڪارو دونهون کيس سڏيندو هُجي جاني! جاني! جاني!!! ”نه... نه.... مان.... مان....“ دونهين تان نظرون هٽائي تڪڙو هلڻ لڳي ٿو. هلندي پنهنجو وجود ڄڻ چمنيءَ جي اندرين پاسي مئل ڪرڙيءَ جان ڀت سان چنبڙيل پاسي ٿو. مان، مان انسان آهيان. جيئرو جاڳندو انسان اف! اڄ جو انسان ڪيڏو نه دکي آهي!“ صبح جي روشنيءَ ۾ گهرن مان نڪري آيل ماڻهن، گاڏن ۽ ريڙهن تي مال کڻي ويندڙ پورهيتن ڏي نهاريندي سندس دل ۾ رحم جا جذبا اڀرڻ لڳن ٿا. کيس لڳي ٿو ڄڻ انهن انسانن جي اندر ۾ ڪو خوف لڪل آهي. اڻ ڏٺي خوف جو احساس. ”ماڻهو ڪيڏا نه هراسيل آهن! ڄڻ، ڄڻ موت جو راڪاس سندن پويان آدم بو.... آدم بو ڪندو، پنهنجا خوني چنبا وڌائي ڊوڙندو پيو اچي.“ هلندي بند ٿيل Toy store جي ٻاهران شو ڪيس جي ڀرسان بيهي رانديڪن کي ڏسڻ لڳي ٿو. ”ڪاش! مان جيئرو جاڳندو انسان نه هُجان ها.“ شو ڪيس ۾ رکيل پلاسٽڪ جي رانديڪن ڏي نهاريندي سوچي ٿو. ”مان، مان به Toy Store جي شوڪيس ۾ رکيل پلاسٽڪ جو گڏو هُجان ۽ مُنهنجي ڳچيءَ ۾ ريشمي ڌاڳي سان لڙڪيل هُجي ها مُنهنجي قيمت جو Label. جهڪي هڪ گڏي جي ڳچيءَ ۾ ريشمي ڌاڳي سان لڙڪيل قيمت جو Lebel پڙهي ٿو ته کيس حيرت جو جهٽڪو لڳي ٿو. ”اف! ايڏي قيمت؟! ۽ انسان جي قيمت ڇاهي؟؟؟ بندوق جي گولي!؟ بم جو ٽڪر!؟ نيپام جو شعلو!!، زهر جي گولي!؟ !!؟؟؟ اوه!، آسمانن تي انسان جي عظمت جا گيت ٿا ڳائجن ۽ هتي. ها ها ها... ها ها ها... هتي، هن ڌرتيءَ تي وشال نيري آڪاش هيٺان انسان جو حشر ڇاهي؟؟ هتي مُنهنجي Position ڇاهي؟. هن ڪائنات ۾ مُنهنجو حصو ڇاهي؟؟ اشرف المخلوقات!؟ هونهه!.“ لڳيس ٿو ڄڻ نڙيءَ ۾ هزارين ٿوهر ڦٽي نڪتا هُجن. نهاري ٿو هيڏي هوڏي، ماڻهن جي چهرن ۾ لڪل خوف، موت جي ڊوڙ، ٽرئفڪ جو وڌندڙ شور، دونهون ڌنڌ ڀائين ٿو پنهنجو وجود موٽرن جي دونهين ۾ تحليل ٿيندو. ”اف! هي ڌنڌ، هي بي وسي، ڊپ هراس هي سڀ ڇاهي؟ هي دور اسان کان ڇا ٿو چاهي؟ اسان کي ڏئي ڇا ٿو؟؟ ڇا اسان انسان ناهيون؟!، خالي کوکا جن ۾ جيڪو جيئن چاهي تئين پري، دوائون بارود زهر...!!....؟؟؟“ ڀائين ٿو ڄڻ سڀ انسان انڌي اٿاهه سمونڊ ۾ ڪريل هُجن ۽ سمونڊ... آهستي آهستي وهي رهيو هُجي نه ڄاڻ ڪهڙي اور، لڳيس ٿو پنهنجو وجود ڪناري جي واري ۽ مٽيءَ جان پل پل ۾ Dissolve ٿيندو... ”اسان سڀ ڪاڏي ٿا وڃون؟؟ اسان جي منزل؟ اف! اسان Dissolve ٿي رهيا آهيون، اسان Dissolve ٿي رهيا آهيون اوندهه ۾ طرفن جي ڪهڙي ڄاڻ؟ سڀ طرف ملي هڪ طرف ٿي وڃن ٿا، موت جو طرف! ڪيڏو نه سڪون آهي هتي.“ درياهه جي ڪناري تي بيهي پري پري تائين ڦهليل پاڻيءَ کي ڏسي سندس چپن تي مُرڪ جي ليڪ اڀري غائب ٿي وڃي ٿي. چڙهي آيل سج جو لڏندڙ عڪس پاڻيءَ ۾ ڪيڏو نه وڻندڙ ٿو لڳيس، درياهه جي هلڪين لهرن ۾ سج جي عڪس کي ٽُٽنڊو... جڙندو ڏسي ٻه ٽي اونها ساهه کڻي پاڻ کي گهڙي سوا لاءِ مڪت ٿيندو ڀانئي ٿو. ”ڪيڏو نه خوبصورت منظر آهي؟“ پري پري تائين ڦهليل ساوڪ کي ڏسي سوچي ٿو ۽ پوءِ هڪ ننڍڙي پٿري کڻي درياهه ۾ اڇلي ٿو. پٿريءَ جي ڪرڻ ساڻ ٺهندڙ دائرن ۾ سج جي عڪس کي جهومندو ڏسي سندس من ۾ عجيب خوشيءَ جو احساس اڀري ٿو، دائرن جو وڌندڙ آڪار ٻيو پٿر ٽيون پٿر. ”مان ڪير آهيان؟ مان ڪٿي آهيان؟ هن دنيا ۾ مُنهنجو ڪارڻ ۽ ڪارج ڪهڙو آهي؟؟...؟!...!....!!...“ ٻه ٽي گهڙيون ڦهليل درياهه ڏي خالي خالي نظرن سان نهاريندو رهي ٿو. ”اف! ڪيڏو نه ٿڪجي پيو آهيان“ ڪناري جي ڇٻر تي ٿڪل انداز ۾ ڪرندي پنهنجي ساءِ ڀڻڪي، هيڏي هوڏي نهاري ٿو. ”ڪير به ڪونهي، ڪير به ڪونهي. هر ڪو اڪيلو اڻ ڄاڻ اوپرو اوپرو“ ڀانئي ٿو ڄڻ صدين کان آسمان جو بار ڪلهن تي کڻي هلندو رهيو هُجي، ڇٻر تي ليٽي مٿي هيٺان ٻئي ٻانهون رکي اُجري آسمان کي تڪڻ لڳي ٿو. ”اف! هي ماڪوڙا“ ڇرڪ ڀري اٿي ويهي ٿو ۽ ڏسي ٿو ڇٻر تي ڦرندڙ ماڪوڙن ۽ ڪيئلين کي. هڪ ماڪوڙي کي پير تي چڪ هڻندي ڏسي ٿو. ”ماريانس؟“ هٿ وڌائي ٿو آهستي آهستي، ”نٿو ماريانس“ هٿ هڪدم پوئتي هٽائي ٿو. ”ڀلي عيش ڪري.... پٽي وڃي سڄو ماس.... ماس! هونهه! ها ها ها، ها ها ها“ چپن تي هلڪو ٽهڪ اچي وڃيس ٿو... مرڪندي سوچي ٿو. ”بدن تي ماس آهي ئي ڪونه ته پٽيندو ڇا؟“ بس رڳو هڏاوان پڃرا، قبرون ڦاڙي نڪري آيل، سڙيل، سڪل، بدبودار، هٿن ۾ مرڻ جنم جا ڪتبا کڻي.“ لڳيس ٿو ڄڻ زمين مان وڻڻ بدران قبرون اڀري رهيون هُجن. ننڍيون، وڏيون، نيون ۽ پراڻيون قبرون. ”انسان انسان کان ڪيڏو نه پري ٿيندو ٿو وڃي؟! هر گهر اداس هر ڳلي سنسان اڏوهي وانگر پاڻ کي کائيندڙ انسان جي ڊوڙ قبرستانن ڏي، قبرن ۾ جاءِ والارڻ جي جستجو، لڳيس ٿو ڄڻ سندس وجود ڳوري پٿر جان پاڻيءَ جي اونهاڻ ۾ لهندو. ”اف! هي ماٺ، هي ويرانيون، هي سناٽا“ سوچي ٿو پنهنجو پاڻ کي اندر جي اوڙاهه ۾ اڇلي ڇڏي. ”ٻاهر اچي به ڇا ڪبو؟ ٻاهر ڇا ٿو ٿئي؟؟ ٻاهر ڇا ٿو ٿئي؟؟ هيءَ گهٽ، هي ٻوسٽ، هي سڀ ڇاهن؟؟ وجود جون علامتون يا عدم جا آثار؟!...!!“ ساهه مٺ ۾ ڀڪوڙجندو محسوس ڪري ٿو. لڳيس ٿو ڄڻ سڀ ڪُجهه پنڊپهڻ ٿي ويو هُجي. وڻ ٽڻ، پکي پکڻ، سمونڊ، پهاڙ، انسان... وقت! ”پر وقت آهي ڪٿي؟ وقت آهي ڪٿي؟ وقت مري رهيو آ.... وقت ڊوڙي رهيو آ، قبرستانن ڏي. پنهنجو ماس ماڪوڙن ۽ ڪيئلين جي حوالي ڪرڻ لاءِ، هونهه! ها ها ها. ها ها ها. اسان سڀ وقت جا قيدي آهيون. Nature جا غلام“ هيڏي هوڏي نهاري ساوڪ تي ليٽي آڪاش کي گهورڻ لڳي ٿو. ”وقت جا قيدي Nature جا غلام!! هونهه، اسان جي Identity ڪهڙي آهي؟ اسان جي ڳچين ۾ نالن بدران نمبر لٽڪي رهيا آهن. پنجاهه، سئو، پنج سئو، هزار لک ڪروڙ ارب اف! ڪيڏا ته نمبر آهن؟!! جيڪڏهن نمبر مٽجي وڃن ته پوءِ؟....؟؟....؟؟؟...!!!...“ لڳيس ٿو پنهنجو وجود پراڻي پپر جان پورو. خالي. خالي. اوچتو فضا جي سانت کي چيري هڪ ٻئي پٺيان ٻه ٽي جنگي جهاز گجندا، زمين لرزائيندا سندس مٿان گذري وڃن ٿا. هو ڇرڪ ڀري اُٿي بيهي ٿو. اکين اڳيان هٿ رکي اوڀر ڏانهن ويندڙ جهازن کي ڏسڻ لڳي ٿو. ”جنگ لڳندي!؟“ جهازن کي افق ۾ گم ٿيندو ڏسي اونهو ساهه کڻي ڪناري تي پسار ڪندي سوچڻ ٿو لڳي. ”مشڪل آ Supper Powers بڪواس، جنگ ضرور لڳندي، بلڪل، جنگ اڻ ٽر آهي“ هو هلندو رهي ٿو. هلندي هڪ پٿر کي ٺوڪر هڻي. ”جنگ لڳي ته ڇا ٿيندو؟؟...؟؟...؟“ لڳيس ٿو ڄڻ ماڪوڙا گڏجي سندس ٻوٽيون پٽي رهيا هُجن.
    ”جنگ! انسان جي جهوليءَ ۾ هاڻي رهيو ئي ڇاهي جو جنگ جو ديوتا کسي وٺندو!؟...!؟؟... گذريل ٻن جنگين دنيا کي ڇا ڏنو آ؟؟!...؟؟؟....!!“ اکين آڏو جنگ جا منظر ڦرڻ لڳنس ٿا. ”بک! بيماري! بي روزگاري! نازي ازم! فاشزم! انارڪي! ايٽم بم! تابڪاري شعاعون! هيرو شما! ناگا ساڪي! لاش! خندقون! قبرستان!! قبرستان!!... اف!“ اکيون ٻوٽي ڇڏي ٿو. لڳيس ٿو ڄڻ سندس اکين ۾ تيزاب پئجي ويو هُجي. جنگ جا خوني منظر فلم جي ريل جيان سندس اکين آڏو گذرڻ لڳن ٿا. انسان چيخون ڪندا پنهنجي ڪپڙن کي لڳل باهه هٿن سان وسائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا مائرون ٻارن کي ڇانين ۾ لڪائي رڙيون ڪندي پناهه جي ڳولا ۾ ڀٽڪندڙ، پيءُ ماءُ کان جدا ٿيل ٻارن جون چيخون، هر طرف آڳ، آڳ.... زمين کان آسمان تائين اڳ جو مها ساگر ڌماڪا، آهون دانهون، دونهين ۽ ڌنڌ ۾ لڪل سوين قيامتون ۽ وحشت ناڪيون، .... اف! ڇا نٿو ٿئي جنگ ۾؟ پنهنجون اکيون انهن خوني منظرن جي آڳ ۾ جلنديون محسوس ڪري ٿو. ڀانئي ٿو پاڻ کي بي ڪنار تتل ريت تي پيرين اگهاڙو ڀٽڪندڙ، اڃايل، بکايل، ڪنهن سيتل ڇانوَ جي ڳولا ۾ ”اف! اڄ جو انسان ڪيڏي نه عذاب ۾ آهي؟“ ڀانئين ٿو روح ۾ خوف جي لڪير ڇريءَ جان لهندي، هيڪلائپ جو ڀوائتو احساس. ”ڪيڏي نه هيڪلائپ آهي، هي ماٺ هي سناٽا، هي ويرانيون. اوه!“ ڀڄڻ ٿو لڳي شهر ڏانهن ماڻهن جي جهنگل ۾ پاڻ کي گم ڪرڻ لاءِ رڙيون ڪندو ”No more war…. No more war.... اڄ جو انسان.... روڪيو... روڪيو، ان جنگ جي دئيت کي، ڀڄو!، ڀڄو!! ڀڄو!!!“ ماڻهو ڀڄڻ لڳن ٿا، هڪ ٻئي کي ڌڪا، ٿيلها ڏيندي، اڳ ۾ نڪري وڇڻ جي ڪوشش ۾ بنا ڪُجهه سوچ سمجهه جي، هيڏي هوڏي، ڀڄندي اوچتو ڪنهن سان ٽڪرائجي ٿو ۽ هڪ مضبوط هٿ سندس ڪرائيءَ ۾ کپي وڃي ٿو.
    ”ڇا ڳالهه آهي جاني؟“
    ”جي!.... اوه، تون آهين“ جاني پنهنجي سامهون مجيد کي ڏسي سهڪندي چوي ٿو، ”مون کي.... مون کي ڊپ ٿو ٿئي. اچ ته ڪٿي لڪي ويهون، ڪٿي جنگ لڳي ته!؟“
    ”ڇا؟!... اوه، ها ها ها.... ها ها ها... ها ها ها....“ مجيد سندس ڳالهه ٻڌي زوردار ٽهڪ لڳائي سندس ڪُلهي تي هٿ هڻي ٿو. هو حيرت مان مجيد ڏي نهارڻ لڳي ٿو. ”ڇا مطلب؟، يعني توکي ڊپ نٿو ٿئي؟!!“
    ”جنگ!“ مجيد کلي لاپرواهيءَ سان چوي ٿو. ”توکي جنگ کان ڊپ ٿو ٿئي؟!، هونهه! اسان وٽ آهي به ڇا جو کسجي ويندو؟، هون!، بيوقوف! جنگ اسان جو مسئلو ناهي. سمجهئي؟ اهو ته Supper Powers جو مسئلو آهي. وڏن وڏن سرمائيدار ملڪن جو مسئلو آهي. انهن جي وجود ۽ طاقت جو مسئلو آهي. اسان جو ڇا؟ اسان ته رڳو ان دوزخ جو ٻارڻ آهيون ٻارڻ سمجهين ٿو؟ Fuel.‘ کيسي مان چرس جي گولي ڪڍي ڏيکاريندي ”وزم هڻندين؟ اچ!.... اچ!!! پوءِ توکي ڪابه پيڙا، ڪوبه دُک، ڪوبه ڊپ نه ٿيندو. وزم هڻڻ کان پوءِ اسان به اڏول ٿي وينداسين هنن پر ڪٽيل پهاڙن جيان.... سمجهين ٿو نه؟“
    ”جي!؟“ هن کي ڄڻ حيرت جو جهٽڪو لڳي ٿو. لڳيس ٿو ڄڻ آسمان تان زمين تي ڪري پرزا پرزا ٿي ويو هُجي. خالي نظرن سان مجيد ڏي نهاري” نه... اُها فراريت آ... اهو موت مونکي قبول ڪونهي“ چئي وڃڻ لڳي ٿو.
    ”ڪاڏي؟“ مجيد سندس ڪرائي پڪڙيندي پڇي ٿو.
    ”ڪم تي....!!....!!!!.....“ زندگيءَ ڏانهن!؟


    وڏي رات

    ان ڏينهن اوچتو ٻن سالن کان پوءِ رستي ۾ ملي ويو. کيس، ائين اوچتو پنهنجي سامهون ڏسي ڇرڪ نڪري ويم. حيرت مان اکيون ڦاٽل. ويساهه ٽڪرا ٽڪرا، تڪيندو رهيس سامهون بيٺل وجود کي. مرڪي رهيو هو. چيڀاٽيل ۽ چيٿاڙيل مُرڪ. اهو مُنهنجي ڳوٺائي. مُنهنجي دوست برڪت جو روڙيل وجود هو.
    ٽي سال اڳ برڪت نوڪريءَ جي ڳولا ۾ ڳوٺ کان شهر آيو هو ته مون سان گڏ مُنهنجي هڪ ڪمري جي مسواڙي فليٽ ۾ رهندو هو. ڪافي ڀڄ ڊُڪ کان پوءِ هن کي هڪ پرائيويٽ ڪمپنيءَ ۾ اسسٽنٽ جي نوڪري ملي وئي. ان ڏينهن هو ڏاڍو خوش هو. سندس شخصيت جي سڃاڻپ مُرڪ، سندس چپن تي رقصان هُئي. ٽي مهينا ائين ئي گذري ويا. سندس گڏ رهڻ سان نه رڳو مُنهنجو اڪيلائي جو احساس ختم ٿي ويو هو پر هن جي زنده دلي سبب مُنهنجي طبيعت ۾ به ڪافي فرق اچي ويو هو ۽ مان به هن سان گڏ سندس هر ايڪٽيوٽيءَ ۾ گڏ رهڻ لڳيس، چاهي اُها ويڪ اينڊ جي پڪنڪ هُجي، سئنيما هجي يا شهر ۾ ڪٿي ڪو فنڪشن هُجي. مان هن سان گڏ زندگيءَ کي انجواءِ ڪرڻ لڳو هُئس.
    ٽن مهينن کان پوءِ، ان ڏينهن آفيس کان واپسيءَ تي هو پاڻ سان گڏ مٺائي به وٺيو آيو. خوشي مان چيائين، ”پروموشن ٿي ويو آهي. وات مٺو ڪر.“
    ”ايتري جلدي!؟“ مون کيس مبارڪ ڏيندي حيرت جو اظهار ڪيو هو تڏهن هن مُنهنجا هٿ پنهنجي هٿن ۾ وٺي چيو هو، ”ها انور! ڪمپنيءَ جي مالڪ مئڊم شمائله مُنهنجي ڪم مان متاثر ٿي مون کي پروڊڪشن مئنيجر بنايو آهي ۽ رهڻ لاءِ هڪ گهر به ڏنو آهي جيڪو ڪمپنيءَ جي ڀرسان ئي آهي.“
    ”ها.......پر“ مون هن جي چهري ڏانهن نهاري پُڇيو هو، ”اُها مئڊم شمائله!؟“
    ”ڪمپنيءَ جي مالڪ آهي“ برڪت هڪدم وضاحت ڪندي چيو هو، ”پڪي عمر جي بيوه آهي. ڏاڍي مهربان عورت آهي.“
    ”اوڪي“ مون هلڪي ڏُک جي انداز ۾ چيو هو، ”ته ان جو مطلب ته تون هاڻي هتي نه رهندين؟“
    ”مجبوري آ“ برڪت ويهندي چيو هو، ”پراڊڪشن جي نگرانيءَ سان گڏ، وقت به وقت مئڊم سان ميٽنگ ٿيندي رهندي، ڪنهن به وقت گهرائي سگهي ٿي نه.... بس ان ڪري.“
    ”ٺيڪ آ....“ مون هلڪي اداسيءَ مان چيو هو. ان رات اسان ڊنر ٻاهر ڪئي هُئي ۽ مووي به ڏٺي هُئي. واپسيءَ تي فليت تي ڪافي دير ڪچهري ڪندا رهياسين ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هو هليو ويو هو. ان کان پوءِ هو ٻه ٽي ڀيرا مونسان ملڻ آيو هو. ان ڏينهن هو پاڻ گاڏي ڊرائيو ڪري مون وٽ آيو هو. خوشيءَ مان ٻُڌايائين ته ڪمپنيءَ طرفان ملي آهي.“
    ”زبردست!“ مون خوشيءَ جو اظهار ڪندي هن ڏانهن نهاريو هو تڏهن مون کي هن ۾ ڪافي تبديلي محسوس ٿي هُئي. سندس باڊي لئنگويج مان لڳي رهيو هو ته هو پنهنجي ترقي تي ڏاڍو خوش آهي. سندس لباس، اٿڻ ويهڻ جو انداز سڀ تبديل. مون کي هن جي ائين ترقي ڪرڻ تي خوشي ته هُئي، پر ذهن جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ ڪٿي ڪو ڊپ ڇپ هڻي ويٺل محسوس ڪيم. دل ۾ سوچيم: هي ڳوٺاڻو شريف ۽ سادو انسان ڪٿي هن شهر جي چڪا چوند ۾ گم نه ٿي وڃي.
    ”ڇا ٿو ڏسين“ هن مُنهنجي ڪنڌ تي هٿ رکي چيو هو، ”...اڄ اسان لانگ ڊرائيو ڪنداسين ۽ فائيو اسٽار ۾ ڊنر ڪنداسين“ هن گاڏي اسٽارٽ ڪري کيسي مان ڊنهل جو پاڪيٽ ڪڍي سگريٽ دکايو. مون حيرت مان هن ڏانهن نهاريو هو، ”اڳي ته ڪڏهن سگريٽ کي هٿ به ڪونه لاتو هُيئي ۽ هاڻي!!؟“
    ”ائين ئي....“ هن دونهون ڪڍي چيو هو، ”ٽائيم پاس، ڪڏهن ڪڏهن روٽين کان هٽي ڪري ڪُجهه ڪرڻ ۾ ڪو حرج ڪونهي.“
    ”اُها هن سان آخري ملاقات هُئي ۽ ان کانپوءِ، اڄ اوچتو، ٻن سالن کان پوءِ هن کي، ائين اچانڪ پنهنجي سامهون ڏسي ڇرڪ نڪري ويو هُئم. صرف ٻه سال وڇوٽي ۽ هيڏو ڦيريو!؟ ٻه سال اڳ، ٻن اکين ۾ جتي زندگيءَ جي جوت جلندي هُئي، اتي اجهاميل جوت مان نڪرندڙ دونهين جي لاٽ نڪرندي نظر آئي. سندس چپن تي، جتي مُرڪ جي ديوي نچندي هُئي، اتي ڇنل ڇير ۽ وکريل گُهنگهرو نظر آيا ۽ سندس خيال جيڪي گلن جيان هر طرف خوشبو ڦهلائيندا هُئا، سي سرءُ جي سڪل پتن جان هيڏي هوڏي ڀٽڪندا نظر آيم.
    ”برڪت....!؟؟“ ڀانيان ٿو نڙيءَ ۾ سيلهه ڪنڊا ڦاٿل. نڙيءَ کي چيري نڪري ايندڙ لفظ. ڪيڏي ته اذيت محسوس ڪئي هُئم ان هڪ لفظ اچارڻ ۾ ۽ هو مُرڪندو رهيو. هڪ اداس ۽ زهر ۾ ٻُڏل مُرڪ.
    ٻئي ڄڻا چپ چاپ هلڻ لڳون ٿا. مئل مئل قدمن سان. سوالن جا اکٽ سلسلا. ذهن تي ڪاروان وانگر هلندڙ. ويهون ٿا اچي ڀرسان واري هوٽل جي ڪارنر ٽيبل تي. چانهه پيئڻ تائين ماٺ، ماضيءَ جون دل تي هُري ايندڙ يادون اکين ۾ اوتجي ايندڙ چٽا/اڻ چٽا منظر.
    ”ٻه سال اڳ وارو برڪت ڪٿي!!؟؟“ چانهه پيئڻ دوران ڏنگيندڙ خاموشيءَ ٽوڙيندي، سندس ٿڌي هٿ تي هٿي رکي پڇي ويٺو هُئس. هو پنهنجا ويران نيڻ کڻي مون ڏانهن نهاري ٿو ته، ”مون سندس ڏُڪاريل ٿر جي ريگستان جهڙين اکين ۾ نهاريندي چيو هو، ”مون کي ٻُڌاءِ دوست! هي ڪهڙي ورهه وڪوڙيو اٿئي جنهن تُنهنجي حوصلن کي پستيءَ ڏانهن ڌڪي، تُنهنجي صحت به کسي ورتي آهي!؟“ مان سوالن مٿان سوال ڪندو رهيس. ”آخر تُنهنجي اُها گرمي ۽ گرم جوشي ڪاڏي وئي؟؟“ مُنهنجي سوالن جي جواب ۾ هن کيسي مان سستي سگريٽ جو پاڪٽ ڪڍي هڪ سگريٽ دکائي وڏو ڪش هڻي دونهين کي فضا ۾ ڦهلائي ڇڏيو، ”ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان... تُنهنجي، هُن جي، پنهنجي سوالن جي جوابن تي سوچيندي سوچيندي.“ سگريٽ جو ٻيو ڪش هڻي، ”مُنهنجي ڪا هستي رهي ناهي.... ڀڄي ڀري شهر جي رستن ۾ وکري وئي آ يار“ هن سگريٽ جو ٽوٽو اڇلائي پير سان رڳڙيندي، ”هن سگريٽ جي ٽوٽي جان“
    ”هونهه....“ سندس مايوس ۽ مُئل لهجي تي ڏُک مان چيم، ”تو، مون جهڙا ڪيترائي نوجوان، پنهنجي ڳوٺن مان، اوچي اڏام جا سپنا کڻي شهرن ڏانهن ايندا آهن، پر شهر جي رنگينين ۽ روشنين ۾ اچي، انڌيرن ۾ گم ٿي پنهنجو پاڇو به وڃائي ويهندا آهن ۽ رهجي ويندو آهي فقط بيمار جسم روح کان خالي.“
    ”صحي ٿو چئين“ هن اعترافي انداز ۾ ڪنڌ لوڏيو، ”مُنهنجي هي حالت، ڪِن سچاين کان اڻ ڄاڻائي ۽ جيون جي رستن کان نا واقفيت سبب ٿي آهي.“ گهڙي پل خاموش ٿي وري چوڻ لڳي ٿو، ”انور! مُنهنجي جسم ۽ مُنهنجي روح تي لڳل رانڀوٽن جا زخم ڀرجڻ بدران، ناسور ٿي مون کي اڏوهي وانگر کائي رهيا آهن.“ هن هڪ اونهو ساهه کنيو ۽ مُنهنجي ٻنهي هٿن کي پڪڙي چوڻ لڳو هو، ”مان پل پل مري رهيو آهيان انور!“
    ”ڪارڻ....!؟“
    ”ڪارڻ.......“ هو ڄڻ خلا ۾ گهوريندي، گذريل گهڙين جي يڪجا ڪرڻ لڳو هو.

    شمائله!.... ها اُها شمائله ئي هُئي. پڪي عُمر جي امير بيوه. هاٽ وومين. هن جڏهن پهريون ڀيرو برڪت کي پنهنجي ڪمپنيءَ ۾ ڏٺو ته سندس سگهاري، ڪسرتي جسم کي ڏسي، هن جي دل اڇل کائي هن سادي سودي ڳوٺاڻيءَ جي جهوليءَ ۾ وڃي ڪري.... ۽ پوءِ برڪت جا ڏينهن بدلجي ويا ۽ برڪت شمائله جي نوازش جي وڇايل ريشمي ڄار ۾ ڪوريئڙي جان ڦاسندو ويو. کيس اندازو ئي نه ٿيو هو انهن نوازشن جو بار ڪيئن لاهي سگهندو.

    ....۽ پوءِ، آخر اُها وصوليءَ جي رات اچي وئي جنهن ۾ شمائله ميڊم جون سسڪيون ڪمري جي فضا ۾ گونجي رهيون هيون، ”آهه.... اوهه.... بر...ڪت.... مُنهنجو بدن ٻري رهيو آهي.... جلي رهيو آهي برڪت!... اوهه.... هاءِ... مون کي پنهنجي بدن ۾ سمائي ڇڏ... وقت بيهاري ڇڏ.... اونهه.... نه .... نه اڃان ته مُنهنجي اُڃ ئي ڪانهي لٿي.“
    ”بس ڪر مئڊم..“ برڪت سهڪندي، ”ڪٿي خاڪ نه ٿي وڃون.“
    ”ها.... ها.... خاڪ ٿي وڃون“ شمائله برڪت سان چنبڙي پئي، ”آهه!.... اف.... بر...ڪت....ت...!!“ سڄي رات جي ولوڙ ختم. برڪت ڦان ڪري بي سَتو ٿي بيڊ تي ليٽي وڏا وڏا ساهه کڻي رهيو هو ۽ شمائله ڪيتري دير تائين هن جي سگهاري بدن تي هٿ ڦيريندي رهي. هوڏانهن مسجدن مان ازانون گونجڻ لڳيون.
    ”اوهه....“ سندس ڳالهه ٻُڌي مون کي ڏاڍو ڏُک ٿيو هو ۽ من ئي من ۾ سوچڻ لڳس ته برڪت جانٺو جوان هُئڻ جي باوجود هميشه، پاڪيزگيءَ جو اهڃاڻ رهيو هو. عورتن لاءِ کيس هميشه احترام رهندو هُئس پر هي ڇا ڪري ويٺو.
    ”پوءِ.... پوءِ ڇا ٿيو“ مون تجسس مان پُڇيو هو.
    ”ٻئي ڏينهن هوءَ آمريڪا هلي وئي“ ٿڌو ساهه ڀريندي، ”۽ سڀ ڪُجهه ختم...“
    ”ڇا مطلب....!؟؟“
    ”هوءَ HIV پازيٽو هُئي.“
    ”ڇا.....“ مون حيرت مان دانهن ڪري هن ڏانهن سواليه نظرن سان نهاريو هو. يومين ايڊز!؟؟
    ”ها.... مان به HIV پازيٽو.... آخري اسٽيج تي.... ۽ هن ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.“
    فضا ۾ دٻيل سڏڪا، مان ۽ هو.....


    ڪڏهن ڪڏهن انتظار ۾

    سڄي رات جي لڇ پڇ کان پوءِ صبح جو جيئن ئي ننڊ مان اٿيو ته سندس اکيون ڳاڙهيون هيون، جن مان ڀانئجي پيو ته هن سڄي رات جاڳندي گذاري آهي. هو کٽ تي پير لڙڪائي ويٺو ته کيس هيڪلائپ جو احساس وڪوڙي ويو ۽ هو عجب وحشت ڀريل نظرن سان پنهنجي ڪوارٽر جي ڀتين کي گهورڻ لڳو. ڄڻ صدين کان ويران ٿيل جاءِ ۾ قيد هُجي. هر طرف ماٺ، عذاب ڏيندڙ، لڱ ڪانڊاريندڙ ماٺ، ڪنن ۾ گونجندڙ سنهڙيون سيٽيون ۽ اکين ۾ اداسائيءَ جا پاڇا ترندڙ.
    ڪالهوڪو سڄو ڏينهن ۽ رات، بُک، بيچيني ۽ اوسئيڙي ۾ گذاريو هُئائين ڪالهه سوچيو هُئائين ته ”شام تائين سندس پارٽنر موٽي ايندو، ته پوءِ پگهار ملڻ تائين پيٽ جو مسئلو حل ٿي ويندو.“ پر شام جي مٿان رات به گذري وئي ۽ سندس پارٽنر نه موٽيو.
    پارٽنر جي ڳوٺ وڃڻ وقت سندس کيسي ۾ ايترا پئسا هُئا، جو پگهار ملڻ تائين ڏُکيو سکيو پنهنجو ڪم ٽپائي ٿي سگهيو. پگهار ملڻ ۾ اڃا هڪ هفتو کن پيو هو ته ٽيون ڏينهن اوچتو سندس آفيس ۾ سندس پري جو هڪ مائٽ اچي نڪتو، مائٽ کي ڏسي سندس مُنهن جو پنُو ئي لهي ويو. سوچيائين، ”اڳ ئي پويون تاريخون ويتر بي مهلو مهمان!“ دل ۾ خيال ڪيائين، ”جيڪر ڪترائي وڃان.“ پر اها ڳالهه ڏُکي لڳس. سوچيائين، ”جيڪڏهن مائٽ وڃي ڳوٺ ڳالهه ڪئي ته بابو مياري ٿيندو.“ سور پي، نه چاهيندي به مُنهن تي زوري مُرڪ آڻي، مائٽ سان مليو ۽ روايتي انداز ۾ سندس خدمت ڪري، کيس شام واري گاڏيءَ ۾ ڳوٺ روانو ڪري، جڏهن پنهنجي ڪوارٽر ۾ پهتو ته سندس کيسي ۾ ايترا پئسا ڪونه هُئا جو ٽي چار ڏينهن گذارو ڪري سگهي ۽ پگهار ۾ اڃا ڏينهن پيا هُئا. ”هنن مان ڇا ٿيندو؟“ هن دل ۾ سوچيو، ”هڪ ڏينهن به ڪونه گذرندو... خير، پارٽنر اچي ويندو.“
    صبح جو گهر ۾ رکيل کاڌي جي سامان مان نيرن ڪري بس تي چڙهي آفيس وڃڻ لڳو. کيس اڄ پارٽنر جي اچڻ جي پڪ هُئي، بس تان لهي هميشه جيان سگريٽ وٺڻ لاءِ بس اسٽاپ جي پاسي واري ڪيبن ڏانهن وڌڻ لڳو. اوچتو ڪو خيال آيس ۽ بيهي رهيو. کيسي مان پئسا ڪڍي ڳڻيائين. دل ئي دل، آڱرين تي حساب لڳائڻ لڳو. پئسن جو اندازو ڪري سوچيائين اڄ فورسيٽر تي آفيس نٿو وڃان... ڪئپسٽن سگريٽ... هونهه ڇا ٿيندو؟... اڌپاڪيٽ به ڪونه ملندو ۽ سڄو ڏينهن فائيلن ۾ مٿو کپائڻو آهي.“ هڪدم فيصلو ڪري، وڌي ٿو ڪيبن ڏانهن. ”انڊيا جون ٻيڙيون“ ٻيڙيون وٺي، اتي ئي هڪ ٻيڙي دُکائي هلڻ ٿو لڳي آفيس ڏانهن، هر ايندڙ ويندڙ رڪشا ۽ بس کي گهوريندو ”من ڪنهن ۾هجي“ سوچي ٿو ۽ هلندي هلندي بيهي ٿو رهي ڪنهن رڪشا، ڪنهن بس کي بيهندو ڏسي، پارٽنر کي نه لهندو ڏسي، مايوس ٿي وري هلڻ لڳي ٿو. ڪن ڪنهن سڏ ٻڌڻ لاءِ آتا.
    آفيس ۾ ڪم ڪندي ٻه ڪلاڪ گذري وڃن ٿا ته کيس چانهه جي ٻاڙ لڳي ٿي. ”جمن! چانهه ته پيار!“ سامهون در وٽ اسٽول تي ويٺل اڌڙوٽ پٽيوالي کي دانهن ڪري چئي فائيلن جا پنا اٿلائڻ لڳي ٿو ۽ پٽيوالو جهوليءَ ۾ رکيل ڳاڙهو ڪپڙو ڪلهي تي رکي، کنگهندو اٿي ٿو ۽ وڃڻ ٿو لڳي.
    چانهه پيئندي سوچي ٿو، ”پارٽنر اڄ ضرور اچي ويندو... موڪل ته ڪالهه ئي پوري ٿي وئي اٿس... اڄ ضرور ايندو.... نه آيو ته پوءِ، سندس دل ڌڙڪڻ لڳي ٿي ۽ نظرون ڪنڊ ۾ ويٺل اڪائونٽنٽ ڏانهن کڄي وڃنس ٿيون، جيڪو هڪ ٿلهي ڪيش بڪ مٿان جهڪيل هو ۽ سندس پاسي ۾ فولادي ٽجوڙي ٿوري کليل هُئي. ”آهي ته حرامي ٽائيپ.... نه ڏنئين ته پوءِ؟... خير چئي ڏسانس ٿو... اونهه ڌوڙ وڃي پائي... پارٽنر هون ئي اڄ ڪيئن به ڪري اچي ويندو.“ چانهه پي وري ڪم کي لڳي وڃي ٿو.
    آفيس ٽائيم ختم ٿيڻ کان ٿورو اڳ اٿي، بس اسٽاپ تي اچي بيهي رهي ٿو. سندس پيت ۾ وڪڙ پوڻ لڳن ٿا ۽ سندس بيچين نظرون باز وانگر ڦرنديون رهن ٿيون، ٿوري دير کان پوءِ بس ۾ ويهي، دريءَ کان ٻاهر نهاري دل ۾ چئي ٿو، ”خدا ڪري پارٽنر آيو هُجي ۽.... ۽ ماني به پچائي رکي هجائين.“
    بس تان لهي تڪڙو تڪڙو هلڻ لڳي ٿو ڪوارٽر ڏانهن، ٻه موڙ ڪاٿي پري کان ئي آسائتين اکين سان ڪوارٽر ڏانهن نهاري ٿو. تالو ڏنل آ. ”شايد نه آيو آهي.“ سندس پيٽ ۾ گرڙاٽ ٿئي ٿو. ”ٿي سگهي ٿو آيو هُجي ۽ کاڌي جو سامان نه ڏسي، ڪُجهه وٺڻ ويو هُجي.“ پاڻ کي آٿت ڏئي، جلدي اچي تالو کولي اندر گهڙي ٿو ۽ اتساهه سان نهاري ٿو وهنجڻ جاءِ ۽ بورچيخاني ڏي. ڪابه تبديلي ڪانهي. هر شي جيئن جو تئين رکيل. اندرئين ڪمري جو تالو کولي ڏسي ٿو هيڏي هوڏي. ”بيگ ڪانهي... ڪونه آيو آ... ڇو نه آيو؟ هونهه..شام تائين اچي ويندو.“ ڪپڙا لاهي گوڏ ٻڌي، وڌي ٿو دلي ڏانهن ۽ ڏيڍ گلاس پاڻي پي ليٽي پوي ٿو.
    شام جو سج لٿي کان ڪي گهڙيون اڳ ڪنهن زور سان دروازو کڙڪايو ته هو ٽپ ڏئي اٿي پيو. ”اچي ويو.“ سندس مُنهن تي سرهائي اچي وئي ۽ هو جلدي اچي در کولي ٿو. ”ابا ڪالهه کير.“ جيئن ئي در کليو ٻاهر بيٺل کير واري شڪايت ڪئي. ”ڪتي جو پُٽ...“ کير واري کي دل ۾ گار ڏئي سوچي ٿو کيس ساڙهي سميت کڻي پري اڇلائي پر ”اوه! چاچا اوهان آهيو.، ڦڪي کل کلي ٿو ۽ پوئين پير موٽي ننڍي ديڳڙي کڻي اچي ٿو ۽ اڌ ڪلو کير وٺي زور سان در بند ڪري ٿو. ”هن حراميءَ ايڏي دير ڇو ڪئي!؟“ کير واري جي ڪاوڙ پارٽنر تي هاري ٿو. ”ماءُ مري ويس ڇا“... ڪميڻو... ذليل.... وڃي ماءُ وٽ“ کير رکي ڪافي دير تائين پارٽنر کي گاريون ڏيندو رهي ٿو ۽ پوءِ ڪپڙا مٽائي ٻاهر نڪري وڃي ٿو.
    سندس قدم پاڻمرادو روڊ واري بس اسٽاپ ڏانهن وڌڻ لڳن ٿا. ننڊ مان اٿڻ کان پوءِ شام جي چانهه نه ملڻ سبب سندس ذهني ڪيفيت بدليل هُئي. مٿي تي مڻن جي حساب سان بار محسوس ڪري رهيو هو ۽ طيعت چڙ چڙي ٿي پئي هئس. واقفڪارن کي بيرخيءَ سان سلام جو جواب ڏيندو، بس اسٽاپ ڏانهن وڌڻ لڳي ٿو.
    ٻه ڏينهن ماني نه کائڻ هن لاءِ ڪا وڏي ڳالهه ڪانه هُئي، اڳ به اهڙا موقعا هن ڏٺا هُئا، پر پرائي شهر ۾، سڃائي، هيڪلائي ۽ بيوسيءَ سندس بک جو احساس وڌائي کيس موڳو ڪري وڌو هو. هن پنهنجي ذهن تي ڪرڙيءَ جا چنبا کتل محسوس ڪيا ۽ بدن جون رڳون گهڙيءَ گهڙيءَ ڪشجڻ لڳنس پيون.
    ڪافي دير تائين بس اسٽاپ تي بيهي، پري کان سڌي روڊ تان هر ايندڙ بس کي اميد ڀرين نظرن سان ڏسي ٿو. ”من ان ۾ هجي.“ ڪيتريون ئي بسون آيون ۽ ويون. بس جي اچڻ سان سندس اکين جي چمڪ وڌي ٿي وئي، پر بس مان لهندڙ مسافرن ۾ پارٽنر کي نه ڏسي سندس اکين ۾ انڌيرو ڇانئجي ٿي ويو ۽ پيرن جو ست نڪرندو ٿي ويس. آخري بس گذرڻ کان پوءِ انتظار جي تلخي کڻي، نستن قدمن سان ڪوارٽر ڏي موٽي ٿو.
    ”هاڻي ڇا ڪجي؟“ ڪپڙ امٽائيندي سوچي ٿو. ”هي حرامي به ڪونه آيو ۽ مائٽ ذليل کي به ڪالهه ئي اچڻو هو.... ماڻهو به وڏا بي غيرت آهن... پوين تاريخن ۾ اچي مهمان ٿيندا، ڄڻ زال جي دلاليءَ جا پئسا اڳاڙڻ ٿا اچن.“ دل ئي دل ۾ مائٽ کي هزارين گاريون ڏيندي، بورچي خاني ۾ اچي جائزو وٺي ٿو. اٽو ختم، چانور ختم، گيهه جي ذري، اڌ آنو کن کنڊ، دٻي ۾ ٿوري پتي بچيل، ڪوئلا ڪُجهه مقدار ۾، گاسليٽ جي شيشي اونڌي، ڊبل روٽين ۽ مانيءَ جا سڪل ٽڪر، ”چانهه ٿي ويندي“ سوچي نهاري ٿو کنڊ ۽ پتيءَ ڏانهن چاڙهيان نه چاڙهيان... صبح جو ڇا ٿيندو... کنڊ ٿوري آ... صبح جو چانهه ضروري آ..؟....ٺيڪ آ.... ٺيڪ آ چانهه صبح جو...“ گلاس ۾ کير لاهي پيئڻ لڳي ٿو ۽ ٿورو کير ديڳڙيءَ ۾ بچائي رکي ٿو ڇڏي صبح لاءِ. وڌي ٿو وڃي ٽنگيل قيميص ڏانهن ”اڙي ٻيڙيون به ختم!“ مايوس ٿي ليٽي پوي ٿو کٽ تي، ٻيڙيءَ جي ٻاڙ وڌندي ٿي وڃيس ۽ اٿي بيهي ٿو رهي ۽ گهورڻ ٿو لڳي فرش تي ڦهليل سگريٽن جي ٽوٽن ڏانهن، نظرن ئي نظرن ۾ تڪي، اٿي ٿو ۽ کڻي ٿو به وڏا ٽوٽا، جلدي جلدي هڪ ٽوٽو دکائي ڪش هڻي ٿو. ٻن ڦوڪن سان ٽوٽو ختم، ٽوٽي مان ٽوٽو دکائي ٿو. ”هي حرامي به ختم....“ کلي ٿو ويهي پنهنجي حالت تي. ڦڪي کل، کلڻ جو آواز پاتال مان ايندڙ ٿو لڳيس ۽ ليٽي ٿو پوي پنهنجي زندگيءَ تي لعنت وجهي.
    پيٽ ۾ ٻرندڙ آڙاهه، مٿي تي بار، لڱ ساڻا ساڻا... وات خشڪ، چپ چپن سان چنبڙيل، ننڊ نٿي اچيس. لڇ پڇ، ذهن جي چور دروازن کان داخل ٿيندڙ خيال، بي کوندي موت جو تصور.... ”مري وڃان ته پوءِ...“ تارن ۾ جوءِ، وجود خلا ۾ اڏندڙ.... ۽ پوءِ ڏسي ٿو پاڻ کي هيڪلو ئي هيڪلو تتل واريءَ جي ميدان م ڊوڙندو... پگهر ۾ شل، نڙيءَ ۾ ڪنڊا چنبندڙ، مُنهن تي ڊپ، لڱ ساڻا، پيٽ ۾ چنبا کُتل، ميدان جي آخري ڇيڙي تي ساون وڻن جون قطارون، سڏ پنڌ ٿي... اٿي ٿو هٿن تي زور ڏئي، ٽنگن مان ساهه نڪتل، ٻه وکون هلي وري ڪري ٿو پوي. موت اکين آڏو... ٺونٺين ڀر رڙهي ٿو پنهنجو پاڻ کي اڳتي اڳتي وڻن جي قطارن ڏانهن... ۽ پوءِ ڏسي ٿو پاڻ کي سائي ميويدار وڻن جي هيٺان ليٽيل، سهڪندي سهڪندي نهاري ٿو. ٽارين ۾ لٽڪندڙ، جهولندڙ ميون ڏي. اکين ۾ بي پناهه خوشيءَ جي چمڪ ظاهر ٿئي ٿي. پڪل ميوي کي ڏسي، وات پاڻيءَ سان ڀرجي وڃيس ٿو، ڳاڙهن صوفن کي ڏسي، اٿي ٿو ٽپ ڏئي ۽ ٽپو ڏئي صوف ڇنڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ”مٿي آ... ڪيئن لاهجي؟“ نهاري ٿو هيڏي هوڏي. اف! سڀ پهچ کان مٿي.“ سندس بک وڌي ٿي وڃي. حسرت مان نهاري ٿو ميون ڏي ۽ چڙهڻ ٿو لڳي صوفن جي وڻن تي ۽ هڪ وڏي صوف جي ٽاريءَ ۾ هٿ وجهي زور سان سٽ ڏئي ٿو ته ٽاري سڪل ڪاٺي جيان ڀڄي پوي ٿي ۽ هو دانهن ڪري اٿي ويهي ٿو اکيون ڦاڙي نهاري ٿو هيڏي هوڏي. ساڳي جاءِ، ساڳي کٽ. ”اف! اهڙو ڀيانڪ خواب!“ سندس بدن مان سيڙاٽ نڪري ٿا وڃن ۽ اٿي، پاڻيءَ جا ٻه گلاس پي وري سمهي ٿو پوي.
    سڄي رات بي آراميءَ سان گذاري صبح جو سوير ئي اٿي ويهي ٿو رهي. چپن تي ڪڙيون ٻڌل، زبان سڪل ڪاٺي، وات ڪڙو، پيٽ ۾ چڪ، سڄو بدن هيڻو، ڀانئين ٿو پاڻ کي ورهين جو بيمار. زور لڳائي اٿي ٿو بيهي، اکين اڳيان انڌڪار اچي وڃي ٿو. ٿڙندو، ٿاٻڙندو وڌي ٿو وهنجڻ جاءِ ڏي. مُنهن تي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻي، بورچيخاني ۾ اچي، چلهه ۾ ڪوئلا ۽ ڪاغذ وجهي باهه ٻاري، کير واري ديڳڙيءَ ۾ پتي، کنڊ ۽ پاڻي وجهي رکي ٿو چلهه تي.
    جيستائين چانهه ڪڙهي، تيستائين سڪل ڊبل روٽين جا ٽڪڙ ميڙي رکي ٿو اڳيان. چانهه تيار ڪري، ڪوپ ڀري، سڪل ڊبل روٽيءَ جو ٽڪر، چانهه ۾ ٻوڙڻ لاءِ جيئن ئي ڪوپ جي ڀرسان آڻي ٿو ته اوچتو در کڙڪي ٿو. کڙڪي تي ڇرڪ ڀري اٿي پوي ٿو ۽ ڊبل روٽيءَ جو ٽڪر هٿ مان ڇڏائجي وڃيس ٿو. حيرت ۽ ڪاوڙ مان نهاري ٿو ٻاهرين در ڏانهن، هنيئر ڪير هوندو؟! ڊبل روٽيءَ جا ٽڪر جاري ۾ رکيل ڇٻيءَ ۾ اڇلائي در کولي ٿو. ”اوهه! صديقي صاحب!“ پاڙيسريءَ کي ڏسي جڪ ٿا اچنس، ڦڪي مُرڪ چپن تي آڻي، کيس اندر اچڻ جي صلاح ڪري ٿو.
    اندر اچي ٻئي ڪوپ ۾، بچيل چانهه صديقيءَ کي ڏئي، پنهنجو ڪوپ چپن تائين آڻي ٿو ۽ نهاري ٿو حسرت مان جاري تي رکيل ڇٻيءَ ڏانهن.
    ”اوهان جو ٻيو ساٿي نظر ڪونه ٿو اچي؟“ صديقي صاحب چانهه جي سپ پري پڇيس ٿو.
    ”جي.... هو... ها... هو ڳوٺ ويل آ.“ سندس چپن تي مئل مُرڪ اچي ٿي ”اڄ ته اچي ويندو.... اوهان جو وقت ڪيئن پيو گذڙي؟“
    ”جيئن گذرندو آ.... گهر کان آفيس ۽ آفيس کان گهر، ٻارن جي رنجهه ڪنجهه، بيماري مصيبت آ.“ صديقي صاحب چانهه جو وڏو ڍُڪ ڀريو ”گهڻن ڏينهن کان اوهان سان ملڻ ڪونه ٿيو هو سوچيم مُنهن ڏسي وڃان.“
    ”مهرباني“ زبان سان آهستي چيائين ۽ دل ۾ گار پٽي ڏنائينس ”توکي به هن وقت ئي نازل ٿيڻو هو. زليل ڪميڻو...“ جاري ۾ رکيل ڇٻيءَ ڏانهن نهاري ٿو جنهن ۾ ڊبل روٽيءَ جا ٽڪر رکيل هُئا، ٻنهي چانهه ختم ڪئي ته صديقي صاحب اٿيو. ”ڀاڄي وٺڻي آهي تنهن ڪري هلان پيو.“ صديقي صاحب ٻاهر نڪري چيو، ”مُنهنجي لائق ڪا خدمت... ڏسو پاڙي جا آهيون... ڪو تڪلف نه ڪجو. ”.... جي... جي...“ کيس اوچتو صديقي صاحب ڀلو ماڻهو ڏسڻ ۾ آيو. سوچيائين، ”چئي ڏيانس، مون کي پئسن جي ضرورت آهي... نه.... نه اهو ٺيڪ ناهي، ڇا سوچيندو.... ڇاهي پو، ضرورت ۾ ته.... نه....نه.... نه ڀلي بُک ڀرم جي....“ سندس ذهن ۾ جنگ ڇڙي پئي. ”نه سائين تڪلف ڪهڙو اوهان جي مهرباني.“ چپن تي مرجهايل مُرڪ اچيس ٿي ۽ صديقي صاحب ڪُلها لوڏي هلڻ لڳي ٿو. ٻاهرين در کان نڪري صديقي صاحب هن سان هٿ ملائي هڪ پاسي وڃڻ لڳي ٿو ۽ هو گهورڻ ٿو لڳي سندس پٺيءَ کي. دل ۾ آيس، ”چئي ڏئيس.... ڪهڙو فرق پوندو.... فرق ته ڪو گهڻو....“ صديقي صاحب موڙ ڪاٽي نظرن کان غائب ٿي ويو ته هو ٿڌو ساهه کڻي، در بند ڪري اچي کٽ تي ڪري پوي ٿو. ڪي گهڙيون، ڪُجهه سوچيندو رهي ٿو ۽ پوءِ اٿي، اندر ڪمري ۾ اچي ٿو ۽ دريءَ ۾ رکيل آرسي، ٽوٿ پيسٽ، ڦڻي، سرمو، تيل ۽ ٻيون شيون هيٺ پٽ تي رکي، دريءَ ۾ رکيل اخبار کڻي ڇنڊي ٿو. اخبار جي هيٺان ڪُجهه ريزڪاري وکريل ڏسي ٿو ۽ هٿوراڙي ڏئي ميڙي ٿو ۽ ڳڻي ٿو دل ئي دل ۾. ”18 رپيا“حساب لڳائي ٿو، ”پنج رپيا ڀاڙو پنجن روپين جون ٻيڙيون... ٺيڪ آ.... آفيس ته پهچان... ڪونه ڪو بلو ڪري وٺندس... هتي ته ڪنهن سان گهرائپ ئي ڪانهي.“
    جلدي جلدي وهنجي، ڪپڙا پائي، بس ۾ چڙهي شهر اچي ٿو ۽ بس اسٽاپ تي لهي، ساڳي ڪيئن تان پنجن روپين جون ٻيڙيون وٺي ٿو. ڪيئن وارو روزاني سگريٽ وٺندڙ کي ٻن ڏينهن کان ٻيڙيون وٺندي حيرت مان ڏسي ٿو، ڪئبن واري جون نظرون پنهنجي مُنهن تي کُتل ڏسي، سندس مُنهن تي شڪائپ جون ريکائون ظاهر ٿين ٿيون. ڦڪي کل کلي، ٻيڙي دُکائي هلڻ ٿو لڳي. ”ڇا سوچيندو هوندو ڪئبن وارو.... ڏوڪڙ کٽي پيا اٿس!“ ڪنڌ ورائي نهاري ٿو ڪئبن ڏانهن، ڪئبن واري کي پاڻ ڏانهن نهاريندو ڏسي، سندس قدم نيز ٿي وڃن ٿا. ڪاوڙ ٿي اچيس ڪئبن واري تي. هلندي هلندي اوچتو سندس نظرون پنهنجي سامهون ويندڙ ماڻهوءَ جي پينٽ جي پوئين کيسي تي کپي وڃن ٿيون. جنهن مان سندس ٻٽون ٻاهر نڪتل نظر آيس. ”الله ڪري اهو ٻٽون ڪري پوي....“ دل ۾ دُعا گهري، کلي ٿو ويهي پنهنجي ان خواهش تي. ”ڇو ٻٽون ناهن ڪرندا ڇا....؟“ پنهنجو پاڻ کان پُڇي ٿو ۽ نهاري ٿو سامهون ويندڙ ماڻهوءَ ڏي ٻٽون غائب. ”اڙي ڪري پيو ڇا“ نهاري ٿو تڪڙ ۾ آس پاس ۽ وري ڏسي ٿو ماڻهوءَ ڏي. جيڪو هٿ ۾ ٻٽون جهلي، هڪ دڪان تي بيهي رهي ٿو. هڪ گهڙيءَ لاءِ ڪاوڙ مان ان ماڻهوءَ کي تڪي ٿو ۽ وڌي وڃي ٿو اڳتي.
    هلندي هلندي سندس قدم رڪجي ٿا وڃن. هڪ خيال کنوڻ جيان ذهن م چمڪاٽ ڪريس ٿو ۽ ماڻهن جو ميڙ ڏسي، وڌي اچي ميڙ ۾ بيهي ٿو. وڪامندڙ شين تي واڪ ڏيندڙن ڏي نهاري ٿو ۽ ٽيڏي اکين سان پاسي ۾ بيٺل ماڻهوءَ جي پاسي واري کيسي کي ڏسي ٿو، جنهن مان نوٽ جهاتيون پائي رهيا هُئا. سندس اکين جي چمڪ وڌي وڃي ٿي پر مُنهن تي ڇڪتاڻ جون ليڪون. دل جي ڌڙڪڻ تيز.... آهستي آهستي هٿ جون ٻه آڱريون وڌائي ٿو کيسي ڏانهن.... ڌڙ....ڌڙ....ڌڙ پيشانيءَ تي پگهر اچي وڃيس ٿو. خوف مان هڪدم پنهنجو هٿ هٽائي پگهر اگهي ٿو. ”پڪڙجي پيس ته پوءِ“ سوچي ٿو من ئي من ۾. ڏسي ٿو تصور ۾ پاڻ کي پٽ تي ڪريل، ماڻهن جو ميڙ مٿان، لتون، مُڪون، بجا، ٿڪون، گاريون.... ”اف! ايڏي ذلت....نه....نه.... ميڙ کان ٻاهر نڪري، ڪنڌ هيٺ ڪري تڪڙو تڪڙو هلڻ ٿو لڳي. دل ئي دل ۾ پارٽنر، مهمان ٿي آيل مائٽ ۽ صديقي صاحب کي گاريون ڏيندي.


    پل اپل ۾ ورهائجي ويل

    .... ۽ پوءِ
    سوچڻ ۽ لکڻ جي سزا ۾
    مُنهنجون آڱريون ڪپجي پيون.
    مون ته ڪنهن کي به ڪونه ڏٺو آ!!...!!... لڳي ٿو... لڳي ٿو ڄڻ مُنهنجي اکين تي ٽيپ ويڙهي... مُنهنجي هٿ ۾ هڪ طرفي ٽڪيٽ ڏئي مون کي اوڙاهه جي دڳ لاتو ويو آ.... ون وي ٽڪيٽ!!...!؟ ۽ ڪم آن!... ڪم آن!!... ڪريزي بواءِ!.... ڪم آن!!...!!!.....!!!!....
    تڏهن مان آرسي جي سامهون اچي بيهان ٿو. آرسي!.... مُنهنجو سچ ۽ مُنهنجي من ۾ الاءِ ڇاهي؟ اڙي!.... هي ڇا؟؟.... مُنهنجو عس... مُنهنجو عڪس ڪٿي آ؟؟...؟؟؟... آواز پڙاڏا پڙاڏا ٿي وڃي ٿو ۽ مان پڙاڏن جي وچ ۾ چيڀاٽجي وڃان ٿو. مُنهنجو عڪس.... مُنهنجو عڪس مُنهنجو عڪس.... مُنهنجو... مان جسم ناهيان!... مان جسم ناهيان!!... مان .... مان ڇاهيان؟.... مان ڇاهيان؟؟....؟؟؟.... احساس!.
    تڏهن آرسي پرزا پرزا ٿي مُنهنجي پيرن ۾ ڪري پوي ٿي ۽ مان جهڪي ٽُٽل آرسيءَ جا ٽڪرا ميڙڻ ٿو لڳان.....
    الاءِ ڪيتري دير ٿي چُڪي آ. شايد جنم جنم کان مان رستن تي هلندو رهيو آهيان. گهڻن رستن تي. نه هڪ ئي رستي تي. رستن جا رڳو نالا بدلبا رهيا آهن. نه، نه، رستن جو ڪو نالو ڪونه ٿيندو آ. رستا رڳو رستا هوندا آهن. بي نانءُ، بي معنيٰ ۽ ..... ۽ زندگيءَ جي ڪا وضاحت ڪانهي. لڳيم ٿو ڄڻ ائين ئي رستي هلندي ڪنهن ڏينهن (۽ اُهو ڏينهن الاءِ ڪڏهن ايندو. ايندو به يا نه؟) ٽرڪ يا ٽئنڪر هيٺان اچي چيڀاٽجي.... چيڀاٽجي مري ويندس ۽ مُنهنجو جسم رستي تي چيڀاٽجي چيڀاٽجي رستي جو حصو ٿي ويندو. مان.... مان رستو آهيان!؟. بي نانءُ، اکٽ.... نه.... نه مان رستو ناهيان. مان.... مان... ته رستي تي هلندي ائين ئي ڪنهن ڏينهن ٽرڪ يا ٽئنڪر هيٺان اچي....
    تڏهن ماڻهو ڇا چوندا؟!.... مُنهنجون نظرون رستي ڏي کڄي وڃن ٿيون، بي نانءُ اکٽ.... ڇا وري ڇا چوندا!؟.... بيوقوف!... ڇسو..... آوٽ آف وي هئو. آوٽ آف!.... مان!؟... مان آؤٽ آف وي آهيان؟!.... مان!؟... آؤٽ!..... رانگ سائيڊ؟!.... نه، نه، نه.... اوهه!.... هو سامهون ٽرڪ ٿي اچي. فل اسپيڊ ۾ ۽ .... ۽ رانگ سائيڊ.... مُنهنجي مٿان چڙهي نه وڃي. رانگ سائيڊ جو آ! ها رانگ سائيڊ، مان پري هٽي بيهي ٿو رهان ۽ پوءِ.... ٽرڪ مُنهنجي مٿان چڙهي وئي.

    اڙي!.... مُنهنجي نيم پليٽ!؟...
    تڏهن گهر اندران عورتن ۽ ٻارن جا پار ڪڍي روئڻ جا آواز اچڻ لڳا. ”ڪير مري ويو؟؟...“ در تي بيهي دل ۾ سوچيان ٿو.
    تڏهن مُنهنجي ڀاءُ در جي تاڪن ۾ ٿوري وٿي ڪري چيو: اسان جو ڀاءُ مري ويو....
    ”پر مان ته جيئرو آهيان!!....!!!...!!!“
    ٽڙاڪ....
    در کوليو!... در کوليو!!.... مان جيئرو آهيان!... مان جيئرو آهيان!!... مان... مان... مُنهنجو ساهه ٿو مُنهنجي... اڙي!... هي مُنهنجي آواز کي ڇا ٿيو؟... آواز... ڇو نه ٿو نڪري؟!... در کوليو!... در کوليو!!... مان در تي زور زور سان مڪون هڻڻ لڳان ٿو. اندران پار ڪڍي روئڻ جا آواز تيز ٿي وڃن ٿا ۽ پوءِ.... مان به روئي ٿو ڏيان ۽ مُنهنجون ڳوڙهن سان ڀريل نظرون، ڊگهي، سنسان گهٽيءَ ڏي کڄي وڃن ٿيون. سڀ در بند. سڀ دريون روشندان بند، تڏهن مُنهنجو بُت ڪانڊارجي ٿو وڃي اف هي ماٺ، لڳيم ٿو ڄڻ ڪٿي ڇپ هڻي ويٺل نانگ جون اکيون مون کي گهوري رهيون آهن، نانگ جي ڦوڪارن جي گرم گرم هوا مُنهنجي وجود کي ڄرڪائي رهي آهي ۽ .... ۽ هي نانگ پنهنجي ڳاڙهي زبان تيزيءَ سان اندر ٻاهر ڪري ڦوڪارا ڏيندو مون ڏانهن وڌي ٿو. نانگ!.... نانگ!!.... بچايو.... بچايو!....!!!... ڪو آهي!.... ڪو آهي!!....
    ڀڄندي ڀڄندي وچ رستي تي ڪري پيو آهيان ۽.... ۽ ڪو آهي جو مُنهنجي پٺيان ڀڄندو ٿو اچي. ڪو آواز... ڪو پاڇو... مون کي وري چيڀاٽڻ لئه... مون کي وري ڏنگڻ لئه.
    نه... نه... مان وري اتهاس ۾ موٽي نه ويندس.... مان... مان... مُنهنجي پنهنجي شخصيت... اڙي!... مُنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ؟!... اف! کيسو ڪٽجي ويو!... مُنهنجون حيران نظرون رستي تي ڦهلجي وڃن ٿيون. گردن ڪٽيل ڍڍريون. وڃايل چهرا، کرڙيون هڻي وچ رستي تي موت جي خواهش ڪندڙ ماڻهو... اتهاس!؟... سڀيتا!؟؟؟... ثقافت.....!؟؟؟
    مان ڪري پوندس... مان ڪري پوندس....
    رجسٽريشن آفيس اڳيان ڊگهي قطار ۾ بيٺي بيٺي ڪيڏو نه ٿڪجي پيو آهيان. اف!.... ايڏي ڊگهي قطار! ڇا.... ڇا سڀ مون وانگر.... نئون سڃاڻپ ڪارڊ... اڙي هي ماڻهو وچ ۾ ڇو ٿا ٽپي اچن؟ واري جو انتظار ڇو نٿا ڪن؟؟.... واري جو انتظار.... اف! هاڻي ته ٽنگن جو ساهه ئي سڪي ويو آهي، بيهي بيهي اوهه! زندگي به ڪيئن نه قطارن ۾ ورهائجي ٿي وڃي. تڏهن مُنهنجي اکين اڳيان ڦري ٿيون اچن بيشمار قطارون. اسپتالن آڏو. دفتر روزگار آڏو قطار... اسڪولن ۾ داخلائن لاءِ قطارون.... قبرستان ۾ قطارون... راشن ڊپوئن تي قطارون... فائرنگ اسڪواڊ آڏو قطارون... قطارون... ۽ هر قطار ۾ بيٺل آءٌ.

    تُنهنجو نالو ڇاهي؟
    مُنهنجو نالو؟.... مُنهنجو نالو... قطار... نه.... نه...
    تڏهن مُنهنجي مٿي مان ٺڪاءُ نڪري ٿا وڃن. لڳيم ٿو ڄڻ ڪلاڪ ٽاور ڌڙام ڪري مُنهنجي مٿان ڪري پيو هُجي ۽ .... وقت بيهي ويو هُجي... نه. نه... وقت ڪنهن لئه به ناهي بيهندو. ٽائيم ۽ ٽائيڊ... ٽائيم ليپس ٿيڻ جو خيال ئي غير سائنٽيفڪ آهي. ته پوءِ.... سائيٽيفڪ ڇاهي؟؟... آرٽ سائنس... آرٽ.... سائنس.. آرٽ... ڪلچر.... نه... نه... مان ٻنهي ڪلچرس جي چڪيءَ ۾ پيسجڻ نٿو چاهيان. ته پوءِ مان ڇا ٿو چاهيان؟؟!
    تڏهن مُنهنجو ذهن سوالن جي انڌيرن ۾ گم ٿي وڃي ٿو.
    مان ڪٿي آهيان؟... مان ڪٿي آهيان؟؟... مان؟؟...

    تڏهن سڙيل ڌپ جو ڀڀڪو مُنهنجي ناسن ۾ گهڙي ٿو وڃي. آغ.... آغ.... مون کي الٽي ٿي اچي... هي سڙيل ڌپ. اف! ڪيڏو نه انڌيرو آهي... هيءَ سڙيل ڌپ. هي انڌيرو. مون کي ڊپ ٿو ٿئي. مان... مان اوندهه ۾ ملي ويو آهيان. ڪُجهه به نه... ڪُجهه به نه. خلا.... خلا.... ڪلاسيڪل ماٺ... نه... نه... مان ان ماٺ کي ٽوڙي ڇڏيندس... ٽوڙي ڇڏيندس. تڏهن هٿوراڙيون ڏئي ڪنهن پٿر کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو. مان... مان سڀني درين جا شيشا ڀڃي ڇڏيندس... هيءَ سڙيل ڌپ، اف! اڙي!.... هي ڇاهي؟ اوندهه ۾ هٿوراڙيون ڏئي ڪُجهه کڻان ٿو. اڙي! هي ته... هي ته انساني کوپڙي... ته ڇا؟... ته ڇا مان قبر؟!... ڇرڪ ڀري کوپڙيءَ کي اڇلي ڀڄڻ لڳان ٿو. تڏهن مُنهنجي ٻنهي پاسي مڙدا چيخون ڪري اٿي پون ٿا ۽ پنهنجا ڏند ڪرٽي مون ڏانهن وڌڻ لڳن ٿا. آهستي آهستي...
    جيئري ئي قبر ۾ هجڻ جو احساس ڪيڏو نه اذيت ناڪ آهي.
    مُنهنجي اندر ۾ ڪيڏا نه زلزلا آهن!
    ٻرندڙ جبل ڦاٽي پون ته پوءِ؟....؟؟...؟؟؟...
    مان دوا نه پيئندس، مان دوا نه پيئندس. مون کي زهر ڏيو. گهٽو ڏئي انڌي کوهه ۾ اڇلي ڇڏيو. مُنهنجا.... مُنهنجا هٿ پير ٻڌي هماليه جي چوٽين تان ڪيرائي ڇڏيو. سمونڊ ۾ لوڙهي ڇڏيو پٺن سان ڀاري چڪرو ٻڌي... مون کي جيئندان نه کپي. مون کي دوا نه کپي. مون کي ڪُجهه نه کپي. اف! مُنهنجون اکيون... مُنهنجون اکيون... روڪيو... روڪيو انهن چيخن کي... خوني بگهڙ زبان مان رت ڳاڙيندا مُنهنجي پويان ڀڄندا ٿا اچن. مُنهنجي ڪيپراٽي ڀڃي ذهن ڪڍي گاڏيءَ جي ڦيٿن هيٺان چيڀاٽي ڇڏيو. مان ڪُجهه به ڏسڻ نٿو چاهيان، ڪُجهه به سوچڻ نٿو چاهيان. مون کان سڀ ڪُجهه کسي وٺو... سڀ ڪُجهه... ذهن... سوچ... احساس... ياداشت.... مُنهنجي اکين تي گلاب رکڻ جي ڪوشش نه ڪيو. مُنهنجي اکين تي ڌڳکندڙ ٽانڊا رکي ڇڏيو. مون کي ڪو ازم (ISM) نه گهرجي. ڪا راهه نه گهرجي. مان... مان سڀني راهن ۾ وکري ويو آهيان... مان..... مان
    اف! زندگي ڪيڏي نه بي معنيٰ آهي!
    مون کي ڪا معنيٰ ڪانهي... مون کي سڀ ڪُجهه بي معنيٰ... ڦڪو.... بد ذائقو... ذائقو.... ٿوهر جي سڄي ڪڙاڻ مُنهنجي بدن ۾ انجيڪٽ ڪري ڇڏيو... اف! ايڏو وڏو الميو... مُنهنجي اندر ۽ ٻاهر ڪيڏو نه فرق آهي ۽.... ۽ مُنهنجي اندر جو ٻرندڙ جبل ڦاٽي ڇو نٿو پوي!؟...!!!...!!!...؟؟؟...

    .... ڪيڏو نه ٿڪجي پيو آهيان!... بس هاڻي اڳتي هلي نه سگهندس. وک کڻندس ته مري ويندس. هتي.... هتي ته ڪا ڇانوَ به ڪانهي. پاڻي!... پاڻي!... پاڻي ڪٿي!؟... اڙي! هو ڪير آهن؟.... اوه! مسافر آهن شايد... انهن وٽ پاڻي هوندو... اڙي هي ڇا؟ اهي ته ڦاهيءَ جا ڦندا لهرائيندا پيا اچن.... اوه!... مون کي ماري ڇڏيندا.... مون کي ماري ڇڏيندا.... مون کي ڀڄڻ گهرجي... مون کي... پر.... پر مان ته وک به نٿو کڻي سگهان... ڪاڏي ڀڄان!... ڪاڏي ڀڄان؟؟. ڪاڏي....؟؟؟....؟؟؟....

    اتهاس... سڀيتا... ثقافت...

    تڏهن هڪ آواز آيو: ڇوٽڪاري جي ڪوشش بي سود رهان ٿو. پناهه گاهه جي ڳولا ۾. تڏهن ڊوڙندي ڊوڙندي سورج مکيءَ کي ڏسي بيهي ٿو رهان ۽ پوءِ اڳتي وڌي سورج مُکيءَ جا گل پٽي انهن جون پتيون ٽوڙي ڦٽي ڪري ٿو ڇڏيان. هٿ آڱرين ۾ مروٽي.
    هاڻي ڪوبه سورج ڪونه اڀرندو.
    هاڻي ڪوبه مون کي ڏسي نه سگهندو.
    مون پنهنجا صدين کان اڃايل چپ ٿوهر جي ٽاريءَ تي رکي ڇڏيا آهن...
    وري جيئڻ لاءِ
    امرتا! تون ڪٿي آهين؟....؟؟؟....
    زندگيءَ جي
    اماس راتين ۾
    تُنهنجي چاهت جا
    ڪيئي چنڊ
    کڙي پيا آهن.
    .... ۽.... هڪ دفعو وري جي اٿيو آهيان صليب تي.
    .... ۽
    اهو هڪ ننڍڙو پوپٽ آهي.
    جنهن جي پرن تي
    لکي ڇڏيو اٿم
    تُنهنجو
    نانءُ!
    جيڪو پنهنجي پتڪڙي هٿن سان مُنهنجي چيچ پڪڙي ڇڪي رهيو آهي.
    اوڏانهن، جتي
    تون آهين
    ۽
    تُنهنجو مامتا ڀريو
    بي انتها پيار!

    جنم/ اَجنم
    اف!... هيءَ... هيءَ چاٻي ڪاڏي گم ٿي وئي... هي... سڀ تالا!؟... ۽ پوءِ اُها هڪ قلعي جي لمبي ديوار هُئي. گول ڦري آيل ۽....۽ مان ان کي هٿ ڏئي ڦرڻ لڳان ٿو.
    گيٽ ڪٿي آ؟
    گيٽ ڪٿي آ؟....؟؟؟...!!؟؟؟
    ڪوبه گيٽ ڪونهي.... ڪوبه ڳٿو....
    بند.... سڀ ڪُجهه بند...
    تون به بند
    مان به بند... ۽....
    ۽... هي سڄي ڪائنات بند، بند
    بند مُٺ ۾...
    اچ ته مٺيون کولي ڇڏيون.
    هٿ تريءَ تي وکيري ڇڏيون.
    ڪيئي ڪائناتون....


    چٽي چانڊاڻ ۾ ملبو

    جيون جي تنها، اداس، ڊگهي ۽ ٿڪائيندڙ سفر ۾ ڪنهن جي ننڊا کڙي ساٿ جي چلولي اِڇا ۽ جاڳندڙ جذبن جو جوش کائيندڙ جوڀن. الاءِ ڪيتريون صليبون پٺن تي پرزا پرزا ٿي ويل ۽ الاءِ ڪيترا پهاڙ پيرن هيٺان گذرندڙ. چاهتن جي سندر لمحن جي لاڳيتي، مسلسل، اکٽ سفر ۾، پوياڙيءَ جي وشال آڪاس ۾ اشارا اشارا ستارن جي ڇانو هيٺ، ڪنهن سونهن واديءَ ۾ ڪا سرمائي شام. سنڌو ڪناري نرمل نرمل، سپنا سپنا چانڊوڪين ۾ اوشا جي ارهه مان ڦٽي نڪرندڙ آفاقي نور جي کير ڌارا سان، پرهه جي پهرين جهوٽي ۾خوشبو خوشبو ٿي.
    اسان ٻئي مليا آهيون
    الاءِ ڪٿي ڪٿي،
    آد، انت ۽ امڪانن جون هڙئي حدون/سرحدون لتاڙي،
    هڪ ٻئي کي ڳولي لهڻ جي جاکوڙ،
    هڪ ٻئي ۾ سمائجي وڃڻ جي خواهش،
    سندر ناريءَ جي هٿن سان چيٽ جي چانڊوڪين ۾
    ڳوهي سموهي ڇڏيل پنهنجي انگ انگ جي سڳنڌ،
    ۽/جڏهن مليا آهيون ته وڇڙي وڃڻ لاءِ،
    ۽/رهجي ويل
    ٻه لڏندڙ هٿ،
    ۽ چپن تي هڪ اُداس مُرڪ.... ۽ بس،
    پوءِ هوءَ هلي ويندي آهي،
    هوا جي پرن تي پوپريءَ جان ترندي
    پنهنجي وکريل وارن کي جهٽڪي سان لهرائيندي،
    حياتيءَ جي پليٽ فارم جون هڙئي ڏاڪڻون پيرن هيٺان لتاڙي،
    تڏهن ڪيڏي نه پياري لڳندي آهي.... ڪيڏي نه رومانٽڪ!
    لڳندو آ ڄڻ اترديش/پرديش جون هڙئي گهٽائون رم جهم رم جهم رنگ ڦهلائي گذري ويون هُجن.
    هوءَ صبح جي پهرين جهوٽي سان هير وانگر
    ڪرڻن جي رٿ تي مسڪراهٽون پکيڙي لهندي آهي،
    ۽/مان هلڻ لڳندو آهيان، پيرين اگهاڙو
    ميڻ جي رستي تي
    سڄ ڏانهن
    Tragedy!!
    ۽/مان
    ۽/هو
    ۽/هن جي ابناسي ساٿ، جوڳ/سنجوڳ جي چلولي اِڇا
    پر، رهجي ويندا آهن رڳو
    ٻه لڏندڙ هٿ
    ۽ چپن تي هڪ اداس مُرڪ
    چار Elements
    باهه، پاڻي، هوا ۽ مٽي
    ۽ هڙ ئي سڱ سلهاڙيل، زندگيءَ جي
    سونا سنگ اپنائيندڙ ان مٽيءَ سان
    Nothing is perfect except her
    Perfect/Imperfect
    ۽/اسان جو ملڻ مشڪل آ.
    هِن جيون ۾
    هُن جيون ۾
    Situation is not in our hands
    ڏور ڪٿان ٿي ڇڪجي؟
    ڏور ڪير ٿو ڇڪي؟؟
    ڪا خبر ڪانهي، سڀ ڪُجهه ڌنڌ ۾ لڪل
    ڪوهيڙو ڪوهيڙو جيون جو رستو
    And we are just like puppets
    ۽ هٿ تريءَ تي اڪريل راهن جي اُها Routine
    من اندر جو ڪروڌ
    مان انهن راهن کي ٽوڙي ڇڏيندس
    مان انهن راهن کي موڙي ڇڏيندس
    پنهنجي ۽ هن جي دشا ڏانهن.

    ۽/پوءِ مان انهن راهن تان fed out ٿي ويس
    وجود جي اسڪرين تان ڪنهن ڪردار جان
    ڪنهن منظر/پس منظر جان.
    آهستي آهستي
    راتين جون راتيون
    جهرمر ستارن جي ديس/پرديس ۾ جهاڳ/اجهاڳ
    ڪينجهر جا ڪنارا
    مومل جي ماڙي
    مارئي جا سڏپڙاڏا
    ڌنڌ لاءِ ڌنڌلا عڪس، زخمي زخمي آتمائن جا رت ڦڙا
    ۽ من ۾ هڪ اِڇا
    ٽٽندڙ عڪس جوڙڻ جي
    Nothing is perfect Except her
    ذري ذري ۾ وکري ويل هوءَ ۽ مان.

    ۽ پوءِ اوچتو مُنهنجي سامهون اُها ئي مُرڪ، اهو ئي انداز
    اهو ئي روپ ۽ اُهي ئي جلترنگ.
    اهو هن جو پورٽريٽ هو ۽ مان آرٽ گئلري ۾ هن جي سامهون،
    Not for Sell!!
    What!?... Than What Is for sell!??
    سڀ ڪُجهه.... سڀ ڪُجهه.
    Every thing is for sell, except her
    اف!.... ٽٽندڙ خوابن جا وکري ويل پل / اپل
    Every thing, except me
    تصويرون ڳالهائينديون آهن، ڳالهائڻ سکي وينديون اهن جڏهن ڪنهن ڪلاڪار جون نگاهون سندن شفاف بدن کي ڇهڻ لڳنديون آهن.
    مان هن کي چورائي ويندس
    ها مان هن کي چورائي پنهنجي وجود جي گئلريءَ ۾ ٽنگي ڇڏيندس.
    لوڪ کان لڪائي
    Every action is justified in love and war

    ۽ پوءِ سچوئيشن بدلجي وئي

    مان صبح جي پهرين جهوٽي سان هيرو وانگر
    ڪرڻن جي رٿ تي مسڪراهٽون پکيڙي لهندو آهيان
    ۽/هوءَ هلڻ لڳندي آهي، پيرين اگهاڙي
    ميڻ جي رستي تي
    سج ڏانهن
    Tragedy!!
    ۽/هو
    ۽/مان
    ۽/هن جي ابناسي ساٿ جوڳ/سنجوڳ جي ڇلولي اِڇا
    پر رهجي ويندا آهن رڳو
    ٻه لڏندڙ هٿ
    ۽ چپن تي هڪ اداس مُرڪ.
    ڪيڏا نه عجيب لڳندا اهن اُهي حادثا به، اسان پنهنجي من اندر ۾ الاءِ ڪيترن حادثن جا امڪان کڻي هلندڙ، انهن خوبصورت/بدصورت حادثن جا، جڏهن سچوئيشن ٻنهي هٿن مان نڪري ويندي آهي.

    ۽ پوءِ سچوئيشن ٻنهي جي هٿن مان نڪري وئي. ٻئي Fed Out، رات ڏينهن جي ڀڄ ڊڪ، لڪ لڪوٽي. هڪ ٻئي جي نشانن تي هلندي هلندي ائين ئي
    هڪ نئون حادثو،
    حياتيءَ جي آخري اسٽيشن تي هو ۽ مان.
    مان ۽ هو
    خوشيءَ مان اکين ۾ ڀرجي آيل ڳوڙهن جون لڙيون.
    جدائي جي لمحن جي عذابيندڙ داستانن کي ڌوئيندي
    هلون
    ڪاڏي
    گلن جي نمائش تي
    ها.... هڪ شرميلي مُرڪ
    ۽ پوءِ، هٿ ۾ هٿ ڏئي هلڻ لڳون ٿا
    حياتيءَ جي پليٽ فارم جي ڏاڪڻن تي چڙهندي
    نيڻن ۾ آئيندي جا سندر سندر سپنا کڻي.
    ملي ويندڙ. جدا ٿيندڙ مسافرن جي
    اسٽيشن جو شور ۽ غو غاءُ
    ۽/پوءِ اوچتو
    هڪ زوردار ڌماڪو
    هٿ، هٿ مان ڇڏائجي ويل
    هر طرف چيخون، آهه و پڪار
    اوهه....
    Tragedy
    ۽/مان
    ۽/هو
    ۽/هڪ اميد
    Nothing is perfed excep love.
    وٺي هر هر جنم وربو


    اٺون رنگ

    .... ڇا چيئي؟!.... مان ڪُجهه نٿو ڄاڻان؟!... نه، نه.... تون ڀليل آهين... مان اڻ ڄاڻ ناهيان... مان... مان سڀ ڄاڻان ٿو. انڌو ناهيان. ٻوڙو ناهيان... دک جي آڙاهه ۾ سڙي رک نه ٿيو آهيان اڃان... جنم جنم کان هلندي مون هن ڌرتيءَ تي جيڪي منظر ڏٺا آهن، انهن جو سمورو درد مُنهنجي اندر ۾ اوتجي ويو آهي... مون ڇا نه ڏٺو آ!؟... ڌرتي کان آڪاش تائين جيڪي وارداتون ٿين ٿيون انهن جي سڄي پيڙا مون ئي نه ڀوڳي آهي. جيڪر ماچيس جي تيليءَ وانگر پل اپل لاءِ ٻري پوان ته آس پاس جا اهي منظر ڏسي تنهنجو ته جيڪر هيانءُ ئي ڦاٽي پوي... هن انڌياري سرنگ جو انت ڪٿي ٿيندو؟ نه.... مون کي خبر ڪانهي ۽ .... ۽ مان چپ رهي نٿو سگهان... ڳالهائيندو هل... ڳالهائيندو هل.... نه ته اوندهه جو موت... اسان سڀ پٿر ٿي ويا آهيون.... فاسلائيزڊ.... ڪتبا به ته پٿر جا آهن نه... ۽.... ۽ اسان سڀ ڪتبا آهيون. جيون جي انڌياري ۾ دئيت جان کڙي ٿيل ڪارين ڪارين قبرن جي پيشانين تي ٿڦيل.... سرد بي حس... خاموش ڪتبا، جنم مرڻ جي تحرير پنهنجي نرڙ تي سجائي، ڏوهن ثوابن سميت پڇاڻي جي انتظار ۾.... آتما کان رهت.... ڪارين ڪارين قبرن تي ٿڦيل.... کلين ٿو!؟... اڙي!.... يعني مان هاڻي وڦلان ٿو؟!... ڇا چيئي؟... مان هاڻي Abnormal ٿيندو ٿو وڃان!... نه، نه... مان Abnormal ناهيان.... Normal ۽ Abnormal کي ڪهڙي ليڪ ٿي ڌار ڪري؟.... هان... هن دور جي انسان کي ڇا ٿو سمجهين؟... Abnormal/Normal....؟؟....؟؟... هي دُنيا جا جيڪي عظيم انسان ٿي گذريا آهن، انهن کي ڇا سڏيندين؟... Abnormal/Normal...؟.....؟؟؟....!!....هونهه!... مون کي ته تُنهنجي ذهني ڪيفيت تي شڪ ٿا اڀرن... ها، تو اڇان ڏٺو به چاهي؟... تُنهنجو ته جنم ئي هن ڊگهي، اونداهي سرنگ ۾ ٿيو آهي جنهن جو ٻيو ڇيڙو الاءِ ڪٿي آهي... آهي به الاءِ نه.... در اصل تُنهنجو ڏوهه به ڪونهي... اسان سڀ ئي پنهنجي اندر ۾ ڀڄي ڀري پيا آهيون... وکري ويا آهيون ذات جي دراڙن ۾... اوندهه ۾ هٿوراڙيون ڏئي هلندا ٿا رهون... الاءِ ڪاڏي!.... ڇا چيئي؟.... روشني!.... پر روشني آهي ڪٿي؟.... هونهه، جيڪڏهن خيرات ۾ به ڪٿان ڪو روشنيءَ جو ترورو ملي وڃي ته ٻيو ڇا گهرجي؟.... نه، نه، روشني اسان کي نه گهرجي....ڇو؟ پڇين ٿو ڇو؟!.... اسان ۾ ايڏي همت آهي جو روشنيءَ ۾ پنهنجو چهرو ڏسي سگهون؟؟.... هان!... نه، نه... اسان ته جيون جي انڌياري ۾ دئيت جان کڙي ٿيل ڪارين ڪارين قبرن جي نرڙ تي ٿڦيل ڪتبا آهيون.... پڇاڻي جي انتظار ۾ پٿر ٿي ويل.... پٿر جي زبان سمجهين ٿو نه؟... ڊڄين ٿو ڇا؟... تنهائيءَ کان؟... شڪر آهي، تنهائي جو احساس ته ٿيو.... نه ته ڪير ٿو اهڙو خوفناڪ اعتراف ڪري... نه، نه.... گهٻرائڻ جي ڪا ڳالهه ڪانهي... اها تنهائي رڳو تنهنجو/مُنهنجو قدر ڪانهي. اها ته ڌرتيءَ جي هر باسيءَ جي Tragedy آهي.... جڏهن هيڪلائپ جو احساس وڌي ويندو آهي نه، تڏهن اسان ماڻهو پاڇي جي آڱر پڪڙي هلڻ لڳندا آهيون... خبر اٿئي ڇو؟... ته جيئن اسانجي هيڪلائي ۽ بيوسيءَ جو ڀرم نه ٽُٽي پوي... هتي هر ڪو اڪيلو آهي... پنهنجي ذات کان اڻ ڄاڻ.... ڄڻ.... ڄڻ اسان انسانن بدران پهاڙن جا ٽڪر هجون.... پنهنجي جسم کان ڌار ٿيل... هڪ ٻئي جي ٺوڪرن ۾.... اسان تي سورج ديوتا جو قهر نازل ٿيو آ.... اسان سڀ ان آڳ ۾ جلي رهيا اهيون... سڙي ڪوئلا ٿي رهيا آهيون... ڪڏهن ڌڳندڙ ٽانڊن سان روح رهاڻيون ڪيون اٿئي؟... نه!؟... جيڪر تون انهن جي زبان سمجهين سگهين ها ته توتي وشال نيري آڪاس ۽ گهري پاتال ۾ لڪل سمورا راز کلي پون ها.... اسان سڀ Living Deads آهيون... انڌا، ٻوڙا، گونگا... بي روح ڪهاڻين جا خوبصورت عنوان... ڇا چيئي؟... ان Topic کي ڇڏي ڏيان!؟... نه، نه.... ان Topic کي ڪيئن ٿو ڇڏي سگهجي؟!.... هي ته هن دور جي انسان جو Burning Topic آهي... اسان وٽ انهن ڳالهين کان سواءِ ٻيو آهي به ڇا؟... ڏس! هيءَ سرنگ الاءِ ڪٿي ختم ٿئي... ماٺ ڪبي ته هروڀرو به رستو وڏو ٿي ويندو... چڱو... تون چوين ٿو ته کڻي ماٺ ٿو ڪيان... او ڪاڏي وئين؟... اي... اي ڪٿي رهجي وئين؟... ڏٺئي!.... ماٺ ۾ اهو جوکم آهي نه.... ڪٿي رستا گم ٿي وڃن ته پوءِ؟... دل ڇو ٿي ڌڙڪئي؟... ڊڄ نه...!... هلندو هل... توکي ڪُجهه ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي!!... ڏسڻ ۾ ته مون کي به ڪُجهه ڪونه ٿو اچي.... پر ڇا ڪجي... مجبوري آ... هڪ ڳالهه ٻُڌايانءِ!... جڏهن پهريون انسان هن ڌرتيءَ تي آيو هو تڏهن.... خير ڇڏ ان ڳالهه کي... پنهنجو پاڻ کي دوکي ڏيڻ لئه ئي سهي... تون چئين ٿو ته پو رنگن جي ڳالهه ٿا ڪيون... ٺيڪ آ؟ هونءَ... Bytheway توکي ڪهڙو رنگ وڻندو آ؟... اڇو!... امن جي علامت!.... هون... پهرين ڳالهه ته اڇو رنگ Existing Colour آهي ئي ڪونه ۽.... ۽ اهو امن آهي ڪٿي؟... امن ڪونهي دوست! ۽ .... اڇي رنگ تي داغ به ته جلدي ٿو لڳي نه... اف! اڄ ته چنڊ به ڪونهي... چنڊ جو داغ ڏٺو اٿئي ڪڏهن؟... نه ڏٺو اٿئي؟... ها، تون ڀلا ڪيئن ڏسي سگهيو هوندين.... تُنهنجو ته جنم ئي هن اونداهي سرنگ ۾ ٿيو آ. اڇي رنگ کي پائيداري ڪانهي رات جي ڪارنهن ۾ اهو به ڪارو ٿو پاسي.... ۽ توکي خبر آهي؟... اسان جنهن رات جو عذاب ڀوڳي رهيا آهيون اها ڪيڏي نه وڏي، ڪيڏي نه ڪٺن آهي... اوندهه اسان جي ڪرائي پڪڙي الاءِ ڪهڙي پاسي ڇڪي رهي آهي. ڪو پتو به اٿئي؟... نه... نه.... اڇو رنگ اسان کي ڀانءِ نه پوندو... ڪنهن کي به ڀانءِ نه پوندو... خبر اٿئي ڪڏهن ڪڏهن مان ڇا سوچيندو آهيان؟... مُنهنجو وس پڄي ته جيڪر U.N.O جي عمارت کي پاڙون پٽي ڪنهن اونهي، انڌي سمونڊ ۾ اڇلي ڇڏيان... ڀلا ڳاڙهو!... جوڀن جو رنگ!... وينگس جو ويس!.... خبر اٿئي جوڀن ڪيڏو نه ڪٺور، ڪيڏو نه بي رحم آهي؟... ڪڏهن گهونگهٽ کڻي وينگس جي اکين ۾ اداسين جا پاڇا ڏٺا اٿئي؟... نه، نه.... تو ته ڪُجهه ڏٺو ئي ڪونهي... توکي ته اها به خبر ڪانهي ته ڳاڙهو رنگ سياست جي علامت به آهي!... سياست ڇاهي؟... انساني وجود جي ڪينسر!... سياست جي آڙ ۾ ڇا ٿو ٿئي؟ ڪڏهن Globe تي هٿ لائي ڏٺو اٿئي؟.... نه، نه، هٿ نه لائجان.... باهه جو گولو آ جيڪو ٻري ٿو پيو. چپي چپي تي انسانيت جي چيخ.... گهٽي گهٽيءَ ۾ سڙندڙ رت جي ڌپ... رت جو رنگ به ته ڳاڙهو آهي نه!؟ ۽ جڏهن رت کرندو آ... ها، ها، رت ٽهڪندو به آهي پر اسان جو رت ته رڳن ۾ ئي ڄمي ويو آهي... نه، نه، پيلي رنگ جي ڳالهه ئي نه ڪر... پيلو رنگ ڏسي اهي وڻ ذهن ۾ ڦري ايندا آهن جن جي شاخن تي وڻ. ويڙهيءَ موت جي پيلاڻ ڦهلائي ڇڏي هُجي... سائيءَ ورتل... بيمار چهرا، هٿن ۾ خالي شيشون جهلي دوا جي نالي تي زهر جي گوليءَ جي انتظار ۾، هن سرنگ کان به وڏي قطار ۾ بيٺل... مسيحا جي در تي.... موت جي خواهش سيني ۾ سانڍي..... پن ڇڻ جي رت ۾... رت جا گهاءُ به عجيب آهن. جڏهن ٻه پريمي... پر هاڻي ته اها ڳالهه رڳو ڪتابن ۾ ئي ملي سگهي ٿي. ها... نيري رنگ کي جمالياتي رنگ چئ سگهجي ٿو... جماليات!... سچ ۽ سونهن جي مستقل ڳولا... انساني ذوق جي پورائي ڪندڙ تخليقي عمل... پر.. پر سچ ۽ سونهن جو فيصلو ئي ڪٿي ٿيو آ ۽.... ۽ اڄ جو تخليق ڪار ڇا ٿو تخليق ڪري؟؟... موت جا ڏهڪائيندڙ دئيت.... هٿين خالي انسانن کي ڪچلڻ جا اوزار... موت... موت... موت... هر طرف موت جا ڀوائتا پاڇا.... خبر اٿئي، اهو سڀ به جماليات ۾ شامل آهي. دُنيا ۾ جيتريون به برايون، مصيبتون، بدنما ۽ ڪراهت جهڙيون شيون آهن، اهي سڀ هن ڪائنات جي حسن جا Component Factors آهن. سونهن جو لازم جزو.... اُهي شيون ڪائنات مان ڪڍي ڇڏجن ته پوءِ سونهن جو ڪهڙو احساس!... سونهن ڇاهي؟... Timeless, Formless ۽.... ۽ Spaceless ... باقي سڀ Secondary Colours آهن.... هونهه! رنگن جو ڪهڙو اعتبار... اونداهيءَ ۾ سڀ رنگ ملي هڪ ٿي وڃن ٿا... موت جو رنگ... تباهيءَ جي رنگ.... اسان ستن رنگن کي پيشانيءَ تي سجائي انڊلٺ رويي ٿي نه ٿا سگهون... اسان انهن سيتل رنگن کان پري... Color Blindness جا شڪار.... اسان رڳو هڪ رنگ ٿا ڏسون... اٺون رنگ.... ڪارو رنگ.... ڪڏهن ڪوئلي سان ڀت تي لکي ڏٺو اٿئي؟... ڇا چيئي؟... Chalking جي ڏوهه ۾.... اوه! هتي ته سڀ ڪُجهه ڏوهه آ... ماٺ ڪرڻ ڏوهه آ! احتجاج ڪرڻ ڏوهه آ، کلڻ ڏوهه آ، روئڻ ڏوهه آ، جيئڻ ڏوهه آه، مرڻ ڏوهه آ!!....!!....!!... خبر اٿئي ائين ڇو آهي؟... ماڻهن جي زبان ڪپڻ سولي آهي پر ڀت تي لکيل تحرير کي مٽائڻ ڏُکيو آهي.. خبر اٿئي ڇو؟... ڀت تي لکيل تحڙير ايندڙ نسلن کي منزل جو پتو ٻُڌائيندي آهي!... ٻُڌ! ايندڙ نسل لاءِ تون ڪُجهه لکڻ نٿو چاهين؟... ڪو پيغام!... ڪو اشارو!!.... اهو به نه؟!... ڪُجهه نه ڪُجهه لکڻ گهرجي، نه ته، ايندڙ نسل ميار ڏيندا... ها، اچ ته زيتون جي ٽاريءَ تي ويٺل جهرڪين جي نرم پرن جهڙا ڪومل گيت لکون... سونهن جا، سچ جا... معصوميت جا... امن ۽ شانتي جا سوين گيت... پڙاڏا ٿي گونجي اٿن هن ڊگهي، نه ختم ٿيندڙ اونداهي سرنگ ۾... هلندو هل.... سرنگ ڊگهي ۽ ڪٺن آهي... ڇا چيئي؟... ٿڪجي پيو آهين!؟؟... ڪنهن جو در کڙڪائي پناهه وٺون!؟....!!...؟؟...!! نه بابا!... هن ڪاري رات ۾ ڪير در کوليندو؟! خبر اٿئي ماڻهن پنهنجي گهرن جا دروازا ڪڍائي ڀتيون کڻائي ڇڏيون آهن!!... ڀت تي لکڻو اٿئي ته لکي وٺ... مان ته لکان ٿو: خوابن جي جنت کان زندگيءَ جو دوزخ بهتر آهي.... خوابن جي جنت ۾ رڳو بيوقوف رهندا آهن... سمجهئي نه!... اسان بيوقوف ناهيون... اسان ڄاڻي واڻي اونداهين گجندڙ ڪن ۾ ڪک پن جان ڦري رهيا آهيون.... ڪهڙي خبر، ڪيڏي مهل آڪٽوپس پنهنجا چنبا اسان جي ماس ۾ وڪوڙي ڇڏي!... مانگر مچ ڄنگهه يا ٻانهن وات ۾ وجهي ڇڪسي وڃي!.... ڄنگهه ڄرڪي وات ۾.... هلندو هل دوست!.... منزل ڏاڍي پري آهي. جنهن گاڏيءَ ۾ اسان سوار اهيون ۽ اها جنهن سرنگ سان هلي رهي آهي... ڪهڙي خبر ان جو ٻيو ڇيڙو ڪڏهن ايندو؟... ڪهڙي ڄاڻ اها گاڏي ٻئي ڇيڙي تي پهچڻ کان اڳ ئي ڪنهن ٻي سرنگ ۾ هلڻ شروع ڪري ڏئي!؟...!!...!!....؟؟؟... ڀائي! هتي ته سرنگن جو ڄار وڇايل آهي نه!... اڙي، روئين ٿو؟... نه رو دوست!.... نه رو... ۽.... ۽ مُنهن تان مايوسيءَ جا آثار ختم ڪر... دُنيا کي ڊنل.... هراسيل... ڊپ وهيڻن انسان جي ضرورت ڪانهي.... تنهنجا ڳوڙها ڪير اگهندو؟... ڪنهن کي ضرورت ڪانهي تنهنجي انهن ڳوڙهن جي... هونهه... هتي ته ماڻهو پاڻ ئي پنهنجي ڳوڙهن ۾ گهوتا کائي رهيا آهن! توکي ڪير بچائيندو؟ ماڻهن کي... ماڻهن کي ايترو وقت ڪٿي آ؟!... هن مشيني دور ۾... هر ڪو ٿڙيل آ... اسان سڀ ٿڙيل ڪلون آهيون.... مون کي ڏس!.... مان روئان ٿو؟.... تو ۽ مون ۾ اهو ئي ته فرق آهي نه!... سوچڻ ڇڏي ڏي... سوچ ڪلر وانگر وجود کي کائي وڃي ٿي... پنهنجو پاڻ کي اڏوهيءَ وانگر کائي وڃڻ ڇا معنيٰ؟.... مون کي ڏس! اندر ۾ ڪيترا سمونڊ کڻي هلندو ٿو رهان پوءِ به مُنهنجي اکين ۾ ڳوڙها ڪونهن، تڏهن ته فنا کان اڻ ڄاڻ وفا جي گهيري ۾ هلندي سوين جنم گذاري ڇڏيا اٿم.... مُنهنجي نرڙ جي ليڪن ۾ اتهاس جا خوني باب پڙهي سگهندين؟....زندگي جي حادثن مون کي نوان تجربا ڏنا آهن... جيون گهارڻ جو نئون ساهس پيدا ڪيو آهي... مان... مان مرڻ نٿو چاهيان... ٻُڌئي!... حقيقت جي جستجو ۾ مُنهنجو ايمان آهي... مان انسان آهيان!... مان انسان آهيان!!... مان... مان چپ رهي نٿو سگهان!!... مان چپ رهي نه سگهندس!!... مان صدين جو پڙاڏو آهيان... ڌرتيءَ جي سيني تي گونجندڙ... گلن جي خوشبوءَ جان هوائن ۾ رچي ويل!... هي پهاڙ مُنهنجي سڏ جي وراڻي ڏيندا آهن ۽ وهندڙ نديون، ڪرندڙ آبشار مُنهنجا گيت ڳائيندا آهن، پر.... پر مان آهيان ڪٿي؟؟... اف! هي اونداهين سرنگ الاءِ ڪڏهن ختم ٿيندي؟.... تون ماٺ ڇو آهين؟؟ ڳالهائين ڇو نه ٿو؟؟... هاڻي ته مون کي به ڊپ ٿو ٿئي... اڙي! ويهي رهئين!؟... هلي نٿو سگهين!؟.... اف! هاڻي ڇا ٿيندو؟... ڇا چيئي؟!... مان هليو وڃان!..... يعني... توکي اڪيلو ڇڏي!؟... نه، نه. مُنهنجو هٿ پڪڙ، ڪُلهن تي هٿ رک... مان توکي سهارو ڏئي ٿو هلان... هان.... شاباس!.... هلندو رهي مُنهنجا دوست! هيءَ سرنگ الاءِ ڪڏهن ختم ٿيندي... .نه، نه.... مان توکي ڪو ڏٽو ڏيڻ نه ٿو چاهيان... مون کي خبر ڪانهي ته هيءَ سرنگ الاءِ ڪٿي ختم ٿيندي.... ختم ٿيندي به الاءِ نه.... اسان کي خوش فهميءَ ۾ رهڻ نه گهرج..... بس هلندو رهه مسلسل..... لاڳيتو.


    مان زنده رهندس

    ساگر پنهنجي ڪمري ۾ ڪتابن جي ريڪ Rack سامهون بيهي ڪتابن ڏي نهاريندو رهي ٿو. سندس انداز مان ڄڻ سندس اندر جي ڪا بيچيني ظاهر ٿي رهي آهي. ڪتابن کي ڏسندي، هڪ اونهو ساههُ کڻي، هڪ ڪتاب ڏانهن هٿ وڌائي ڪتاب کڻي ڏسي ٿو. ”مان زنده رهندس“ ڪتاب جو نالو، جيڪو سندس ئي لکيل ۽ گذريل سال ڇپيل آخري ڪتاب هو. ان کانسواءِ ريڪ ۾ ٻين سنڌي، اردو ۽ انگريزي ڪتابن سان گڏ سندس ئي لکيل ڪهاڻين جا مجموعا ۽ ناول رکيل هُئا، جيڪي مختلف پبلشنگ هائوسز طرفان ڇپرايل هُئا، جن تي کيس ڪافي ايوارڊ به ملي چُڪا هُئا، ڪتاب کي اٿلائي پُٿلائي ڏسي ٿو ۽ ان جي ٽائيٽل تي هٿ ڦيريندي، ڀرسان رکيل ٽيبل تي رکي. پاڻ ٽيبل سامهون صوفه تي ٽيڪ ڏئي ويهي ڪتاب ڏي نهاريندو رهي ٿو.
    ساگر جو شمار صفحي اول جي اديبن ۾ ٿيندو هو ۽ سندس هر ڪتاب نه رڳو Best Selling Books ۾ شمار ٿيندو هو پر پڙهندڙ ۽ پبلشر سندس نئين ڪتاب جو انتظار ڪندا هُئا. ڪيترائي نوجوان اديب پنهنجي لکڻين تي سندس راءِ کي پنهنجي خوشقسمتي سمجهندا هُئا. نه رڳو اهو پر پنهنجي مطالعي، ڄاڻ ۽ زنده دليءَ سبب ادبي تنظيمن جي فنڪشنس جو ڄڻ ته روح روان هوندو هو. جنهن فنڪشن ۾ ساگر نه هوندو هو ته سندس غير حاضريءَ کي شدت سان محسوس ڪيو ويندو هو.
    ۽ پوءِ هڪ ڏينهن هو اوچتو ئي گم ٿي ويو. هن نه رڳو لکڻ ڇڏي ڏنو پر فنڪشنس ۽ گڏجاڻين ۾ وڃڻ به ڇڏي ڏنو. نه رڳو اهو پر پاڻ سان ملڻ ايندڙن سان به ملڻ کان Avoid ڪرڻ لڳو هو ۽ پوءِ ملڻ ئي بند ڪري، پنهنجو پاڻ کي ڄڻ گهر ۽ پنهنجي ڪمري تائين محدود ڪري ڇڏيو هو. ادبي حلقن ۾ سندس ان رويي تي ڄڻ ته تشويش ڇائنجي وئي هُئي. جيترا وات، ايتريون ڳالهيون. ڪوبه شخص، سندس منظر تان غائب ٿيڻ جي سبب کي سمجهي ته نه سگهيو هو پر هن لاءِ دکي ضرور هو.
    ڪال بيل جو آواز.
    ڪنهن اونهي سوچ جي سمونڊ ۾ لهر لهر ٿي لڇندر ساگر جي خيالن جي سلسلي کي ٽوڙي، ڪنهن انوکي، پيڙا ڏيندڙ، دُک جي دُنيا ۾ گم ٿيل ساگر کي ڇرڪائي ڇڏيو. ان ويل هن کي اهو ڪال بيل جو آواز ڏاڍو خراب لڳو هو، جنهن هُن جي هيڪلائپ کي Disturb ڪري، تلخ حقيقتن سان ڀريل اهڙي دُنيا ۾ ڦٽي ڪيو هو جنهن کان هو فرار چاهيندو هو، جتي هر وقت هن کي پنهنجي وجود جي وکري وڃڻ جو احساس ستائيندو رهندو هو.
    دروازي تي طارق هو. طارق هن جو واحد دوست، رازدار، جيڪو هميشه هن جي ڏُک سک جو ساٿي هو. طارق سندس سامهون ويهندي ساگر ڏانهن نهاري ٿو. هو هميشه ساگر جي چهري ۽ Body Language مان سندس اندروني ڪيفيت جو اندازو لڳائي وٺندو هو. اڄ به هن کي ساگر هيڪلائپ جي احساس ۾ ورتل نظر آيو. طارق ٽيبل تي رکيل سندس ڪتاب ”مان زنده رهندس“ کڻي ڏسڻ لڳي ٿو، ڪتاب جا پنا ائين ئي اٿلائيندي ساگر ڏانهن به نهاريندو رهي ٿو پر کيس لڳو ڄڻ ساگر سندس موجودگيءَ کان بي خبر، پنهنجي دُنيا ۾ گم ٿيل، شايد پاڻ کي ئي ڳوليندو هُجي. کيس خبر هُئي ته ڪي ڪي لمحا اهڙا به هوندا آهن، جڏهن ماڻهو اڪيلائيءَ ۾ رهي، زندگيءَ جي الجهيل ڏورين کي سلجهائڻ جي ڪامياب/ناڪام ڪوشش ڪندو رهي ٿو.
    طويل ٿيندڙ خاموشيءَ کي طارق کنگهڻ جي هلڪي آواز سان ٽوڙيندي، ”ڇا پيو سوچين“
    ”ڪُجهه به نه.... بس ائين ئي“ ساگر ڪنڌ کڻي طارق ڏي نهاري ٿو ۽ چپن تي هلڪي تلخ مسڪراهٽ آڻي، ”.... هونهه!...هاڻي سوچڻ لاءِ بچيو ئي ڇاهي.“
    ”مايوس آهين...“ طارق هميشه جيان هن جي دلجوئي ڪندي پيار مان چئي ٿو.
    ”مايوسي!؟....“ ساگر خلا ۾ گهوريندي، ”..... شايد ها.... شايد نه.....“
    ”مان توکي چڱي طرح سڃاڻان ٿو“ طارق ڪُجهه چوڻ چاهيو ته ساگر اوچتو سندس ڳالهه ڪٽي کيس گهوريندي ۾، ”تون ڪير ٿيندو آهين ڪنهن کي سڃاڻڻ جي دعويٰ ڪرڻ وارو؟“. سندس لهجي تي طارق ڄڻ پنهنجو پاڻ ۾ الجهي پيو ۽ حيرت مان ساگر ڏانهن نهارڻ لڳو. کيس اڄ ساگر ڪُجهه وڌيڪ جارحانه موڊ ۾ نظر آيو. ساگر، طارق ڏي نهاريندي ساڳئي انداز ۾ چئي ٿو، ”ماڻهو پنهنجو پاڻ کي ئي ڪونه ٿو سڃاڻي ته ٻئي ڪنهن کي سڃاڻڻ جي دعويٰ ڪيئن ٿو ڪري سگهي!؟“ ساگر اونهون ساهه کڻي صوفه تي اهلجي ڪُجهه نرم لهجي ۾، ”ماڻهوءَ جي من ۾ ايڏي ته وشالتا آهي، جنهن ۾ پاڻ کي ڳولڻ ائين آهي جيئن ٽُٽل تاري جي ملبي کي ڳولڻ“. سندس ڳالهه ٻُڌي، طارق سمجهائڻ جي انداز ۾ آهستي چئي ٿو، ”تُنهنجو اهو رويو، زندگيءَ کان فراريت ته ناهي نه.“
    هونهه!.... زندگي!!؟.... ماءِ فٽ....“ طارق جي ڳالهه ٻُڌي، ساگر جي چپن تي طنزيه مسڪراهٽ اچي وڃي ٿي. ”تو شايد زندگيءَ جي سندرتا کي سمجهيو ئي ناهي.“ طارق به شايد هن سان بحث جي موڊ ۾ نظر آيو، ”تُنهنجي خيال ۾ زندگي ڇاهي؟“
    ”زندگي!!؟....“ ساگر طارق ڏي نهاري، ”ڪٿي پڙهيو هوم. Life is sexually transmitted disease “
    ”وهاٽ!!؟؟.... يومين....“ طارق حيرت مان اکيون ڦاڙي ساگر ڏي نهاري ٿو.
    ”Means....“ ساگر آهستي، ”تون، مان، هي سڀ جاندار ان Transmission جي لذت ڀرئي احساس جو تسلسل.
    ”صرف لذت!!؟....“ طارق سندس اکين ۾ نهاريندي.
    ”Yes.... صرف لذت“ ساگر لفظن تي زور ڏيندي، ”اهو لذت جو فيڪٽر ئي ته آهي. جيڪڏهن اهو نڪري وڃي ته پوءِ جيئڻ لاءِ ڪهڙي انسپائريشن آ.؟؟؟“
    ”۽..... ۽....“ طارق هُن ڏي نهاريندي، ”..... ۽ هي رشتا ناتا؟؟؟“
    ”سڀ بڪواس“ ساگر ٽيبل تان ڪتاب کڻي ان جا پنا اٿلائيندي، ”صرف ان لذت جي پراڊڪٽ، جن جو هجڻ، نه هجڻ ڪا معنيٰ ڪونه ٿو رکي.“
    انسان اڪيلو رهي سگهي ٿو ڇا؟
    ”ها...“ ساگر ڪنڌ لوڏي، ”انسان اڪيلو هو. اڪيلو آهي ۽ اڪيلو ئي رهندو، روحاني طرح هر ماڻهوءَ جي پنهنجي دُنيا آهي... ۽ جسم... اُهو ته صرف خول آهي نه، جيڪو هن جي ظاهري Identity آهي، پر جيڪڏهن ان Identity تي ڪو داغ لڳي وڃي ته....؟“
    ”توکي ته هر طرف کان محبتون ئي مليون اهن ته پو شڪايت ڇو“
    ”اُهي محبتون ئي ته آهن جن مون کي هن مقام تي پهچايو آهي“ ساگر شڪرگذاريءَ جي انداز ۾، ”.... ۽ مُنهنجو هڪ Image ٺاهيو آهي.“
    ”ته پو شڪايت ڪنهن سان. شڪايت ڇو؟“
    ”نه.... مون کي ڪنهن سان به شڪايت ڪانهي... سواءِ....“ ساگر چپ ٿي وڃي ٿو ۽ اکيون ٻوٽي اونهو ساههُ کڻي، ڇت ڏانهن آڱر کڻي ڏُک جي انداز ۾، ”خدا کان“
    ”!؟؟“ طارق سندس ڳالهه ٻُڌي ڪاوڙ مان، ”هوش ۾ ته آهين... هي ڪهڙي بڪواس آ... مان تُنهنجي پيڙا کي سمجهان ٿو ان جو مطلب اهو ٿورئي آهي ته تون خدا جي ذات کان ئي منڪر ٿي وڃين. توکي ته خدا جو شڪر گذار هُئڻ گهرجي. تون ڪير ٿيندو آهين هن سان شڪايت ڪرڻ وارو.“
    ”مان هن جو تخليق ڪيل بندو آهيان ۽ تخليق، تخليقڪار کان شڪايت جو حق رکي ٿي.“
    ”ڪهڙي شڪايت؟“
    ”اُها ئي ته.....“ ساگر ڏک مان، ”هن مختصر زندگي ڏئي، انسان کي بُک، بيماري، حادثن ۽ پيڙائن سان مشروط ڪري ڇڏيو.“
    ”اها ئي ته هن جي حڪمت آهي“ طارق نرم لهجي ۾ سمجهائيندي، ”جيڪڏهن ائين نه هُجي ته پوءِ جيڪر انسان هن جي ذات کان ئي غافل ٿي وڃي“
    ”نه... ائين ڪونهي... اها ذات مطلق آهي“ ساگر ڪنڌ لوڏي ٿو
    ”هن تخليق ڪيو آهي ته ان ۾ ڀريل رنگن جي به جاڻ رکي ٿو.“
    ”بيشڪ“ ساگر ڪنڌ لوڏي، ”پر جڏهن تخليق تي ڪو داغ لڳي وڃي ته پو ان جي ڪهڙي اهميت“ ساگر ڏُک مان شڪايتي انداز ۾، ”تصوير ته اڇلي ڇڏجي پر اکين ۾ سمايل اصلي تخليق جو Image ته هميشه رهي ٿو نه.“
    طارق کي ساگر جي ڳالهين ۾ انتهائي مايوسي، زندگيءَ جي آخري سرحدن کي ڇهيندي نظر آئي. ساگر ڏي همدردي سان نهاريندي، ”توکي ڪنهن سائڪياٽرسٽ سان ملڻ گهرجي“ ساگر هن ڏي خالي نظرن سان نهاري، صوفه تي ڪنڌ لاڙي اکيون بند ڪري ڇڏي ٿو جنهن مان طارق سمجهي وڃي ٿو ته هاڻي ساگر وڌيڪ ڳالهائڻ جي موڊ ۾ ناهي. کن رکي هڪ اونهو ساهه کڻي هن ڏي همدردي ۽ ڏُک مان نهاري ٿو ۽ پوءِ اٿندي، ”او-ڪي..... مان ڀلا هلان ٿو... Take Care“. ساگر ليٽي ليٽي ئي ڪنڌ لوڏي ٿو.
    طارق جي وڃڻ کانپوءِ به ساگر ڪافي دير ائين ئي صوفه تي ڪنڌ لاڙي ليٽيو ڄڻ خيالن ئي خيالن ۾ پنهنجي ۽ طارق جي ڳالهين تي سوچيندو رهي ٿو ۽ پوءِ شايد هن کي پنهنجي ”هجڻ“ جو احساس ڌونڌاڙي ڇڏي ٿو ته هو، جيئڻ جي اتساهه ۾ هڪدم سڌو ٿو ويهي ٿو ۽ سامهون رکيل ڪتاب ”مان زنده رهندس“ کڻي پيار مان ان تي هٿ ڦيريندو رهي ٿو. کيس لڳو ڄڻ اُهي ڪتاب ئي سندس وجود جا ساکي آهن پر ٻئي لمحي سندس جيئڻ جو اتساهه ٽيبل تان ڪريل شيشي جي گلدان وانگر پرزا پرزا ٿي ويو ۽ ان ۾ پيل گل هيڏانهن هوڏانهن وکري ڄڻ سندس قسمت تي افسوس ڪندا هُجن. اهو سندس تصور (Imagination) ئي هو جنهن هن جي وجود کي ڌوڏي ڇڏيو هو. هن ڏٺو رستي هلندي اڳ ۾ پوندڙ هلڪي Fits وانگر هڪ وڏو جهٽڪو ۽ هو رستي تي ڪري کرڙيون هڻي رهيو هو، سندس اکيون هراس مان ڦاٽل ۽ وات مان گڦ وهي رهي هُئي. سندس چوڌاري ڪافي ماڻهو گڏ ٿي وڃن ٿا. اوچتو ماڻهن جي ميڙ مان ڪو آواز اچي ٿو، ”مرگهي اٿس، جوتو سنگهايوس.“
    ”نه..... نه....“ ساگر ڄڻ دانهن ڪري تصور جي دُنيا مان حقيقي دُنيا ۾ اچي وڃي ٿو. سندس چهري تي ڊپ ۽ هراس ڇانيل، سڄو جسم پگهر ۾ شل، دل جي ڌڙڪن تيز، تڪڙا تڪڙا، ساهه، هو وائڙن وانگر هيڏي هوڏي نهاري ڄڻ پنهنجي ساءِ ڀڻڪي ٿو، ”نه... نه... مُنهنجو هيڏو سارو Image ان طرح خراب ٿيڻ نه ڏيندس... مان..... مان پنهنجي محبت ڪرڻ وارن Fans کي پنهنجي ٽُٽل Image جو ڏُک ڏيڻ نه ڏيندس. مان.... مان پنهنجي اصلي Image سان ئي زنده رهندس... ها... مان زنده رهندس... بلڪل....“

    ٻئي ڏينهن طارق، حيرت ۽ ڏُک مان پنهنجي هٿن ۾ جهليل اخبار ۾ خبر پڙهي رهيو هو. ”نامياري اديب ساگر سنڌي آپگهات ڪري ڇڏيو.“


    چانڊوڪي ۽ اَڪَ جا پَنَ

    روشن کي اڄ علي جو خط مليو هو. علي جيڪو هن جو دوست هو، گهٽ ۾ گهٽ هو عليءَ کي پنهنجو دوست ئي سمجهندو رهيو هو. اهڙي سمي جتي هر ڪو ٻئي جي نڙيءَ تي لت ڏئي پنهنجي وجود جو احساس ڏياري ٿو. پر اڄ هو ڪُجهه پريشان هو. سندس پريشانيءَ جو ڪارڻ علي جو اهو خط هو جيڪو کيس اڄ صبح مليو هو. هي اهو خط هو جنهن جو کيس شديد انتظار هو. هونءَ به هو عليءَ جي خطن جو گهڻو انتظار ڪندو هو ۽ علي به خط جي موٽ ڏيڻ ۾ دير ڪونه ڪندو هو. پر هن خط جو کيس ڪُجهه وڌيڪ انتظار هو. جڏهن پاڻ عليءَ ڏي خط لکندو هو ته گهڻو ڪري دير سان لکندو هو پر علي ڪڏهن به ميار نه ڏيندو هُئس. نه رڳو اهو پر علي ڪنهن به ڳالهه جي شڪايت ئي ڪونه ڪندو هو. عليءَ جي ان عادت تي کيس حيرت به ٿيندي هُئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪاوڙ به اچي ويندي هُئس. ”ٺيڪ آ!... بس ٺيڪ آ!.... ڇا ٺيڪ آ؟!“ تڏهن عليءَ کي چيڙائڻ لاءِ خط جو جواب دير سان ڏيندو هُئس يا وري خط ۾ اهڙيون ڳالهيون لکندو هو ته جيئن علي چڙيءَ پوي پر علي پوءِ به ڪونه چڙندو هو. الٽو سندس ڳالهين تي مُرڪي خط ۾ ليڪچر جهاڙي کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندو هو.
    هن ڀيري به جڏهن ڏهن ڏينهن جي وڇوٽيءَ کان پوءِ هُن علي ڏي خط لکيو هو تڏهن پوسٽ جي دٻي ۾ خط وجهندي ٻه منٽ بيهي آڱرين تي ڏينهن ڳڻي اندازو لڳايو هُئائين ته هي خط عليءَ کي ٻئي ڏينهن ملندو. ”ٻئي ڏينهن ڇاهي؟.... ڇنڇر. اف! ڇنڇر!.... آچر موڪل؟؟!... جيڪڏهن علي ڇنڇر تي ئي جواب ڏئي ۽ جيئن کيس خبر هُئي ته علي پڪ ئي پڪ اوڏي مهل ئي جواب ڏيندو ته پوءِ آچر تي ٽپال بند!... لعنت آهي آچر بدران جمع موڪل هُجي ها ته ڪهڙو آسمان ڪري پوي ها... عجيب چڪر آهي!“ بيوسيءَ مان هيڏي هوڏي نهاريو هُئائين. تڏهن اوچتو سندس ڪنن ۾ عليءَ جا ٽهڪ گونجڻ لڳا هُئا. هو وائڙو ٿي هيڏي هوڏي اکيون ڦاڙي نهارڻ لڳو، کيس لڳو ڄڻ علي ڪٿان لڪي سندس حالت تي کلي رهيو هُجي. کيس ياد آيو ته هن جڏهن به عليءَ ڏي خط لکي دٻي ۾ وڌو آهي ۽ بيهي ڪُجهه سوچيو آهي تڏهن کيس اهو احساس ضرور ٿيو آهي ته علي ڪٿي آس پاس لڪو بيٺو آهي ۽ سندس حالت تي کلي رهيو آهي. تڏهن کيس عليءَ تي وڌيڪ ڪاوڙ اچي ويندي هُئي.
    ”وڃي ڌوڙ پائي“ ۽ پوءِ هو تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻي وڃڻ لڳندو هو.
    اڄ هُن وٽ عليءَ جو خط پهتو هو. سندس گذريل خط جي موٽ ۾. هو اهو خط پڙهي ڪُجهه ڪُجهه پريشان ٿي ويو هو. ۽ پوءِ ڪيترائي ڀيرا خط کي پڙهيو هُئائين، خط پڙهي کيس پهريائين حيرت جو جهٽڪو لڳو هو، پوءِ ڪاوڙ اچي وئي هُئس ۽ پوءِ پريشان ٿي ويو هو. کيس لڳو ڄڻ علي سندس دوست نه پر دشمن هو.
    ”اف! دغاباز....فريبي...“ ڪاوڙ مان سندس مٺيون ڀڪوڙجي ويون ۽ زور سان ڀڻڪي پريشانيءَ ۾ هيڏي هوڏي هلڻ لڳي ٿو. کيس سڀ ڪُجهه اڳيان ڦري آيو. تڏهن محسوس ٿيس ته جڏهن علي نه هوندو هو ۽ هو اڪيلو هوندو هو تڏهن هو ڏاڍو خوش هوندو هو، سندس اڳيان حسين دُنيا هوندي هُئي. خوبصورت چهرا، خوبصورت رنگ، رنگن سان ڀريل دُنيا، گل ٻوٽا... سپنا.... خوشبو... چانڊوڪيون.... چاهتن جو ڊگهو سفر... ڪائنات جو سڄو حسن سميٽجي سندس نيڻن ۾ اوتجي ويندو هو ۽ هو الاءِ ڪٿي ڪٿي گم ٿي ويندو هو. هڪ اهڙي دُنيا ۾ جتي اکيون آرسيون ٿي سندر ساعتن جي خوبصورت منظرن جا عڪس جهٽيندي ڪونه ڍاپنديون هيون.... تڏهن علي الاءِ ڪٿان اچي ويندو هو ۽ پنهنجي هٿ ۾ جهليل هٿوڙي سان سندس حسين دُنيا کي شيشي جان چڪناچور ڪري ڇڏيندو هو ۽ پنهنجي ڪروڌ جي ڏاٽي سان سندس خيالن جون پاڙون ڪپي اڇلي ڇڏيندو هو. تڏهن هو بيوسيءَ مان عليءَ ڏي نهاريندو هو. ڪيڏي نه ڪاوڙ ايندي هُئس عليءَ جي ان حرڪت تي. ڪيترائي ڀيرا سوچيو هُئائين. ”اهو هٿوڙو ڦري عليءَ جي مٿي کي ٻه ٽي ٽڪر ڪري ڇڏي.“ جيڪو سندس سندرتا جي تاج محل کي ائين ئي بي دردي سان ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيندو هو. پر هو ائين ڪري نه سگهندو هو. ڇاڪاڻ ته هو ٻئي دوست هُئا. ٻنهي جيون جا ڪيترائي املهه پل گڏجي گهاريا هُئا. ڏينهن جي تپندڙ صحرائن کان رات جي نرمل ۽ شفاف چانڊوڪين تائين. ڪارن ڪارن ننگن پهاڙن کان حسين وادين تائين. اميبيا کان انسان ٿيڻ تائين ڪيڏو نه ويجهو رهيا هُئا هڪ ٻئي جي! پر ڪُجهه ڏينهن. نه، ڏينهن کان نه. سالن کان عليءَ کي الاءِ ڇا ٿي ويو هو. هو بدلجي ويو هو. ڄڻ خواهشن جي ڏور کي ڪٽي ڇڏيو هُئائين. سندس زندگيءَ مان دُک ۽ سُک جو عنصر نڪري ويو هو. سندس جيون مان ڄڻ سونهن ۽ سليقو ئي ختم ٿي ويا هُئا. نه کائڻ جو هوش، نه پهرڻ جي خواهش، نه اٿڻ جي چنتا، نه ويهڻ جي آرزو، بس رڳو چپ چپ ۽ ڪڏهن چپن تي ڪساري مرڪ ۽ مُرڪ پويان لڪل هزارين کارا سمونڊ. هو سندس اها حالت ڏسي ڏڪي ويندو هو ۽ سوچيندو هو: ”ڪٿي... ڪٿي علي پاڳل نه ٿي پوي... پاڳل ٿي پيو ته؟؟....؟؟؟...“ پوءِ جو سوچي خوف مان سندس وار ڪانڊارجي ويندا هُئا؟ لڳندو هُئس گلن سان جهول ڀريندي سندس وجود ڄڻ ڪنڊن سان اٽڪي پيو هُجي.
    ”هيڏي هوڏي هلندي“ کيس سڀ ڪُجهه ياد اچڻ لڳو، علي ۽ هن ۾ ڪيڏو نه فرق هو. ڄڻ ٻه انسان هڪ ٻئي کي پٺي ڏئي مختلف دشائن ۾ هلندا هُجن. پوءِ به هو گڏ هُئا. جنمن کان. ڪيترا ڀيرا هن کي لڳو هو ته علي سان نيباهه مشڪل آهي، پر ان جو اظهار ڪري نه سگهندو هو، کيس ياد ٿو اچي ته ڪيئن نه هڪ ڏينهن خواب لڌو هُئائين ۽ جڏهن پنهنجو خواب عليءَ کي ٻُڌايو هُئائين تڏهن عليءَ ڪوبه رسپانس ڪونه ڏنو هئس. سندس خواب ٻُڌو اڻ ٻُڌو ڪري، لاپرواهي سان ڪنڌ لوڏي هن ڏي همدرديءَ مان نهاريو هو. تڏهن کيس عليءَ تي ڪاوڙ اچي وئي هُئي ۽ ڪروڌ مان پڇيو هُئائين ”ڇا ٿو ڏسين؟“ ۽ عليءَ چيو هُئس، ”جيڪي انسان خوابن ۾ جيئندا آهن، اهي حقيقت ۾ بزدل هوندا آهن... تون خواب نه ڏسندو ڪر.“
    ”ڇو نه ڏسان؟.... ايڏي حسين دُنيا....“
    تڏهن عليءَ هٿ کڻي چيو هُئس، ”خوابن جي ڪابه حقيقت ڪانهي. اهي رڳو تحت الشعور ۾ اٽڪيل ڳالهين ۽ خواهشن جو ڪوڙو عڪس آهن. اهي اڻ پوريون خواهشون ۽ بس. ڪابه نئين ڳالهه ڪانهي.“ تڏهن هو ماٺ ٿي ويو هو ۽ هڪ ڀيري جڏهن هو فلم جي آخري شو تان موٽي رهيا هُئا تڏهن آسمان تي پورو چنڊ چمڪي رهيو هو ۽ کليل رستن تي ڦهليل کير جهڙي چانڊوڪي ڪيترو نه وڻي هُئس. تڏهن هن چور نظرن سان عليءَ ڏي نهاريو هو. جيڪو چنڊ ڏي نهارڻ بدران زمين تي نظرون کپائي چپ چاپ هلي رهيو هو. ”ڪيڏو نه بيحس انسان آهي.“ تڏهن الاءِ ڇو کيس عليءَ تي رحم اچي ويو هو ۽ کيس ائين ئي چيو هُئائين، ”ڏس! چنڊ ڪيڏو نه حسين ٿو لڳي. هي شفاف ڪرڻا...“ تڏهن عليءَ سندس ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي چيو هو. ”ان ۾ خوش ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي.“ عليءَ جي ڳالهه ٻُڌي هو ڪاوڙجي پيو هو ۽ ڪاوڙ مان چيو هُئائين. ”ڇو... ڇو نه خوش ٿيان.... تون ته پٿر آهين.... بي حس.“ تڏهن عليءَ مُرڪي ڏنو هو. ”چنڊ به ته پٿر آهي. بي حس. اُها جيڪا روشني آهي نه... چانڊوڪي! اُها به چنڊ جي پنهنجي ته ڪانهي. سج جي روشني آ. ٻيو ته ڪُجهه ڪونهي، ”Irregular Reflection of sun light“ تڏهن عليءَ جي ڳالهه ٻُڌي سندس سڄو موڊ تباهه ٿي ويو هو ۽ ڪاوڙ ۾ چپ کي ڏندن ۾ ڀڪوڙي سوچيو هُئائين. ”عليءَ کي کڻي ڪنهن ايندڙ ٽرڪ جي اڳيان ڦٽي ڪري.“ پر پوءِ زهر جا ڍُڪ ڀري چپ ٿي ويو هو ۽ سڄي واٽ ڪنڌ جهڪائي آيو هو. من ئي من ۾ عليءَ جي دوستيءَ تي جلندو پچندو. کيس ياد آيو ته هڪ ڀيري رستي هلندي گلن کي ڏسي سندس دل موهجي پئي هُئي ۽ ڄڻ بي خوديءَ ۾ عليءَ جو هٿ پڪڙي گلن ڏي وڌندي چيو هُئائين، ”ڪيڏا نه خوبصورت آهن. خوشبو ڪيڏي نه پياري آهي.“ تڏهن سندس ڳالهه کي نظر انداز ڪندي عليءَ کيس پري ڇڪيندي چيو هو. ”ڪُجهه به پيارو ڪونهي... اهو هڪ ڪيميائي موڪب آهي.
    ”۽... ۽ هو رنگ.... گلاب جو رنگ ڪيڏو نه وڻندڙ آهي.“ هن عليءَ جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي هڪدم چيو هو.
    ”ڪو خاص ڪونهي، گلاب روشنيءَ جو رڳو هڪ رنگ ٿو جذب ڪري باقي رفليڪٽ ڪري ٿو ڇڏي. ان ۾ حيرت جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ جيڪڏهن سندس پتي ۾ ڪو ٻيو ڪيميائي مادو هُجي ها ته هو ٻيو رنگ به جذب ڪري سگهيو ٿي. هروڀرو ڳاڙهو ڇو؟ ڪٿي ڪارا گلاب به ٿيندا آهن! پوءِ؟“ تڏهن هن ڪاوڙجي چيو هو، ”توکي ته ڪُجهه به ڪونه ٿو وڻي.“ ۽ عليءَ مُرڪي چيو هو. ”وڻندي اها شئي آهي جيڪا هٿن ۽ عقل جي پهچ کان پري هوندي آهي يا جنهن شئي کي سمجهي نه سگهبو آهي.“ تڏهن کيس ڪو جواب سجهي ڪونه آيو هو ۽ هو ماٺ ٿي ويو هو. ان ڀيري سندس نازڪ جذبن کي سخت چوٽ رسي هُئي ۽ علي، کيس اهڙين ڳالهين سان هر وقت ڏُکائيندو رهندو هو. هڪ ڀيري پن ڇڻ جي موسم ۾ ڪريل پيلا پن ڏسي حيرت ظاهر ڪئي هُئائين ته عليءَ چيو هُئس، ”اُها ڪا پريشانيءَ جي ڳالهه ڪانهي. پنن جو ڪلورو فل ختم ٿي ويو ته ساواڻ به ختم. جيستائين انهن ۾ ڪلورو فل....“
    ”ته....ته تنهنجي ليکي سڀ بڪواس آهي. پيار. محبت. خوشي. غم. نفرت. رشتا. ناتا.“ عليءَ جي ڳالهه ٻُڌي ڄڻ هو ڦاٽي پيو هو ۽ علي ٺهه پهه چيو هُئس: اهو سڀ ايڊرينرجڪ ايڪٽيوٽي سببان آهي.“
    ”لعنت آهي توتي ۽ تُنهنجي زندگي تي.... هيءَ زندگي به....“
    ”ها، هيءَ زندگي به جيستائين جيوَ گهرڙا زنده آهن تيستائين زندگي آهي. زندگيءَ جي ٻي ڪابه حقيقت ڪانهي. سمجهئي!
    ”اف!“ هو پريشاني مان هلندي ڪرسيءَ تي ڪري پوي ٿو.
    ”ڪيڏو نه ڪٺور آهي اهو علي!!“ ڪنڌ ڪرسيءَ جي ٽيڪ تي لاڙي ڇڏي ٿو. ”بي رحم!... ذليل. ڪميڻو، ڪتو، گهڙي سوا به خوش ٿيڻ جو موقعو نه ٿو ڏئي. اوهه!“ بيچين ٿي اُٿي ويهي ٿو ۽ هٿ تريءَ تي مُڪ هڻي ڀڻڪي ٿو. ”هر ڳالهه ۾ منطق، هر ڳالهه جو سائنٽيفڪ ريزن“ کيس ياد آيو ته هڪ ڀيري اُها ئي ڳالهه عليءَ کي چئي هُئائين تڏهن هن چيو هُئس، ”Exactly اسان Age of reason ۾ ٿا رهون، تنهن ڪري اکين تي پٽيون رکي نٿا هلي سگهون...“ تڏهن سندس ڪاوڙ انتها تي پهچي وئي هُئي ۽ عليءَ جي خط جي موٽ ۾ لکيو هُئائين:
    ”مون فيصلو ڪيو آهي ته جيڪڏهن مون کي پنهنجي حسين دُنيا کي بچائڻو آهي ته يا ته تو کان بلڪل ڌار ٿي وڃان يا توکي قتل ڪري ڇڏيان. ٻي ڪا راهه ڪانهي.“ کيس پڪ هُئي ته سندس اهو خط پڙهي علي پريشان ٿي ويندو ۽ کيس منٿ ڪري چوندو. ”ڏس!.... مون ته چرچو ٿي ڪيو... توکان سواءِ ڀلا مان ڪيئن ٿو جيئرو رهي سگهان.“ تڏهن ان جو تصور ڪري هو خوش ٿي ويو هو ۽ عليءَ جي خط جو انتظار ڪرڻ لڳو هو.
    ۽ اڄ، عليءَ جو خط مليو هُئس، جنهن کي پڙهي پهريائين حيرت ۾ پئجي ويو هو ۽ پوءِ پريشان ٿي ويو هو.
    عليءَ لکيو هو:
    ”اهو فيصلو توکي گهڻو وقت اڳ ڪرڻ گهربو هو. جڏهن تو دُنيا ۾ اچي پهرين چيخ ڪئي هُئي. هاڻي ڪُجهه به ٿي نه سگهندو. ياد رک مون کانسواءِ رهي ڪيئن سگهندين؟ انڌن، ٻوڙن گونگن وانگر!؟.... هون!.... مون کي مارڻ کان اڳ پهريائين توکي پاڻ کي مارڻو پوندو... مان امر آهيان. مان مري نٿو سگهان.“ عليءَ جو خط پڙهي سندس مُنهن ڳاڙهو ٿي ويو هو. اکيون ڦاٽي ويون هُئس. ”لعنت آهي توتي به.“ ٽيبل تي زور سان مُڪ هڻي ٿو ۽ پوءِ ليٽر پيڊ اڳيان رکي هٿ ۾ پين کڻي لکڻ لڳي ٿو. ”ها، مان تُنهنجي ان ڪوجهي دُنيا ۾ رهي نٿو سگهان.“
    پوءِ خط ويڙهي لفافي ۾ وجهي لفافي کي پڪ سان آلو ڪري بند ڪري ٿو ۽ لفافي تي ائڊريس وجهي ٿو.
    To
    ROSHAN ALI
    BURNING HOUSE
    WEEPING LAND
    ۽ پوءِ لفافي کي وهاڻي هيٺان رکي سمهي پوي ٿو. صبح جو پوسٽ ڪرڻ لاءِ....


    ڊِيل (Deal)

    مُنهنجي اسڪولي دوست ڊاڪٽر ڪريم جي پوسٽنگ جڏهن مينٽل هاسپيٽل ۾ ٿي ته هن کي ڏاڍي خوشي ٿي جو هن جي سدائين اُها خواهش رهي هُئي ته انهن بيمار ذهنن جو علاج ڪري، کين سماج ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لائق بنائجي. مينٽل هاسپيٽل ۾ جوائنگ کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ مبارڪ ڏيندي، کلندي چيو هو مانس، ”خيال ڪجان، متان پاڳلن سان رهي تون به نه پاڳل ٿي وڃين.“
    مُنهنجي ڳالهه ٻُڌي هن هلڪو مسڪرايو ۽ پوءِ گنڀيرتا سان چوڻ لڳو، ”ائين نه چئُه، انسان آهن، ڪا بيماري، ڪا مجبوري يا ڪنهن حادثي سبب هنن جي ذهن تي اثر ٿيو هُجي. يا وري اخبارن ۾ پڙهيو هوندئي ته ڪيترائي ماڻهو، ملڪيتون حاصل ڪرڻ يا ٻين مفادن خاطر، ڪنهن چڱي ڀلي ماڻهوءَ کي پاڳل بنائڻ يا اثر رسوخ ذريعي نارمل انسان کي پاڳل ڊڪليئر ڪرائي هتي ڇڏي ٿا وڃن.“
    ”سوري، مونهنجو مطلب طنز ڪرڻ نه هو.، مون ڪريم جي انهن مريضن لاءِ جذبن کي محسوس ڪندي آهستي چيو، ”صحي ٿو چئين، ماڻهو ڪيئن نه انسانيت جو گلو ٿا ڪٽين.“ اهڙيون ڪُجهه ڳالهيون ڪري مان هن کان موڪلايو.
    ڊاڪٽر ڪريم پنهنجي نرم دلي ۽ انساني دوستيءَ سبب جلد ئي هاسپيٽل جي عملي ۽ داخل مريضن ۾ مقبول ٿي ويو. سڀ هن جي عزت ڪرڻ لڳا هُئا. ڪُجهه ڏينهن کانپوءِ مون هن سان هاسپيٽل گهمائڻ جي فرمائش ڪندي چيو، ”يار ڊاڪٽر! ڪڏهن هاسپيٽل ته گهماءِ، مان به تنهنجي مريضن سان ملڻ ٿو چاهيان.“ مُنهنجي ڳالهه ٻُڌي ڊاڪٽر ٻئي ڏينهن تي هاسپيٽل اچڻ جو چيو.
    اڄ مان هاسپيٽل جي مين گيٽ ٻاهران بيٺو، گيٽ جي اندرين دنيا بابت سوچي رهيو آهيان، مريضن جي لطيفن تي، مريضن جي مجبورين ۽ سندن مٿان گذرندڙ وارتائن تي ته من اداس ٿي وڃي ٿو، من جي اها اداسي کڻي، هاسپيٽل ۾ داخل ٿي ڪريم جي ڪمري ۾ اچان ٿو. ڊاڪٽر ڪريم چانهه جو چئي، مون ڏي نهاري مسڪرائي چئي ٿو، ”آخر تون به هن چار ديواريءَ اندر اچي وئين.“
    ”ها“ مون کلي چيو، ”پر مان پاڳل ناهيان.“
    ”هتي اچڻ کان پوءِ سڀ ائين چوندا آهن“ ڪريم هلڪو ٽهڪ لڳايو. ايتري ۾ هڪ ماڻهو چانهه کڻي اچي ٿو ۽ سليقي سان چانهه اسانجي اڳيان رکي ٿو. ڪريم مسڪرائي هن ڏانهن ”ٿئنڪ يو“ چوڻ جي انداز ۾ نهاري ٿو ته هو به مسڪرائي ڪنڌ لوڏي هليو وڃي ٿو.
    ”ڇا خيال آ.... اهو ڪير هو“ ڪريم هن جي وڃڻ کانپوءِ چانهه جي سپ وٺي مون ڏي نهاريو.
    ”ڪو ملازم هوندو“، مُنهنجو جواب ٻُڌي ڪريم ناڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو، ”اهو مريض هو، جيڪو هاڻي ڪُجهه ٺيڪ ٿي ويو آهي.“
    ”اوه!“ مُنهنجي وات مان بي اختيار نڪتو.
    اسان اڃان چانهه پي رهيا هُئاسين ته هڪ وردي وارو ملازم اندر آيو ۽ ٻڌايائين ته، مريض وارڊن مان ٻاهر نڪري آيا آهن ۽ گرما گرم بحث ڪري رهيا آهن. ڪٿي وڙهي نه پون. سندس ڳالهه ٻُڌي ڪريم چانهه اڌ ۾ ڇڏي هڪدم اٿيو ۽ مون کي به ساڻ اچڻ جو اشارو ڪري ٻاهر نڪري ويو. اسان ٻئي ان جاءِ تي پهتاسين جتي مريض ميڙ ڪري بيٺا هُئا. اسان کي ايندو ڏسي، هڪ مريض چپن تي آڱر رکي چيو، ”شش....شش.... جج صاحب اچي ويو.“
    ”هاڻي فيصلو ٿيندو“ ٻئي مريض چيو ۽ ڊوڙ پائي، پرتي رکيل هڪ ڀڳل ڪرسي آڻي ڪريم جي ڀرسان رکي، سندس ڪلهن تي زور ڏئي کيس ڪرسيءَ تي ويهاريو.
    ”ڇا جو فيصلو آ ڀائي“ ڪريم ڪرسي تي ويهي، شفقت سان هنن ڏي نهاري مسڪرائي پڇيو.
    ”هي ٻئي پاڻ ۾ ڪڪڙ وانگر ڦڙڪيون ٿا هڻن.“ هڪ مريض ٿورو پرتي بيٺل ٻن مريضن ڏانهن اشارو ڪندي چيو، جيڪي هڪ ٻئي کي گهوري رهيا هُئا. ڪريم هنن ڏي نهاري، هنن کي ڀرسان اچڻ لاءِ چيو ته هو فرمانبرداريءَ جي انداز ۾ ڪريم جي سامهون آيا ڪريم پڇيو، ”ڇا ڳالهه آ.... ڪهڙو مسئلو آهي.“
    ”جج صاحب!“ انهن ٻن مان هڪ مريض، ٻئي کي گهوريندي، ”مان چوان ٿو ته مان لارڊ مائونٽ بيٽن آهيان پر هي مڃي ئي ڪونه ٿو. چئي ٿو ته هي مائونٽ بيٽن آهي.“
    ”هل ڙي چلهه جا مارنگ“ ٻئي مريض هڪل ڪندي چيو، ”مان ئي اصلي مائونٽ بيٽن آهيان.“ ائين چئي هُن کيسي مان ڪو ڪارڊ ڪڍي ڏيکاريندي ”هي ڏسو مُنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ“
    ”هل ڙي خارج ٿيل ووٽ“ پهرين مريض به کيسي مان ڪو ڪارڊ ڪڍي ڏيکاريندي، ”گذريل اليڪشن ۾ هن ئي ڪارڊ تي پنجاهه ووٽ ڏئي آيو آهيان.“
    ٻيو مريض سياست دانن وانگر هٿ کڻي، ”تنهنجو ڪارڊ، اسيمبلي ميمبرن جي ڊگرين وانگر جعلي آهي.“ ڪارڊ ڪريم جي آڏو لهرائيندي، ”اوهان ڏسو جج صاحب، مان به ان ڪارڊ تي پنجونجاهه ووٽ ڏئي آيو آهيان.“
    ”خبردار“، هڪ ٽئين اڌڙوٽ مريض دانهن ڪئي، ”انهن ڪارڊ ٺاهڻ وارن تي اعتبار نه ڪجو، اُهي ته ڪارڊ ۾ رشتن سان گڏ جنس به بدلائي ٿا ڇڏين“ هن به کيسي مان ڪارڊ ڪڍي سامهون ڪندي چيو، ”هي ڏسو! مان آهيان مُني بدنام هُئي“ سندس ڳالهه ٻُڌي سڀ مريض کلڻ لڳن ٿا. مان به پنهنجي کل کي وڏي مشڪل سان روڪي سگهيس پر ڪريم شفقت ۽ همدرديءَ سان ٻنهي کي اٽينڊ ڪندو رهيو.
    ”تون چپ ڪر مُني ڊارلنگ“ پهرين مريض دانهن ڪري هن کي روڪيو، ”پهريائين اسان جو فيصلو ٿيڻ ڏي.“
    ”ها...ها... اوهان ئي فيصلو ڪيو ته اصلي مائونٽ بيٽن ڪير آهي.“ ٻنهي پنهنجا ڪارد، ڪريم کي ڏنا، ڪريم ڪارڊن کي اٿلائي پٿلائي ڏسڻ لڳو، اُهي ڪي پراڻا وزيٽنگ ڪارڊ هُئا. ڪريم ڪارڊ ڏسي ڪنڌ لوڏيو ۽ کين صلاح ڏني ته، ”اوهان ٻئي صحيح آيو.... هاڻي مُنهنجي خيال ۾ اندر ڪمري ۾ وڃو ۽ پاڻ ۾ مذاڪرات ڪري معاملو ٺيڪ ڪيو.“ ڪريم جي ڳالهه ٻُڌي، سڀ مريض تعريفي انداز ۾ ڪنڌ لوڏڻ لڳا.
    ”ٺيڪ آ جج صاحب“ اسان ٻئي گول ميز تي مذاڪرات ڪري ٿا اچون.“ ٻئي مريض ٿورو اڳتي وڃن ٿا ته هڪ مريض پٺي ورائي، ڪريم ڏي نهاري، ”اوهان اتي ئي ويهجو. ڀڄي نه وڃجو.“
    ”ها...ها....ها.... مان اتي ئي ويٺو آهيان، پر گهڻي دير نه لڳائجو.“ ڪريم کلي کين دلجاءِ ڏني.
    هو ٻئي ڪمري ۾ هليا ويا ۽ اسان ۽ ٻيا مريض هيڏي هوڏي اچ وڃ ڪندي سندن انتظار ائين ڪرڻ لڳاسين جيئن آپريشن ٿيئٽر ٻاهران ڊليوري ڪيس ۾ مريضه جا مائٽ ڪندا آهن.
    ٿوري دير کانپوءِ هو ٻئي ڄڻا پريمي جوڙي وانگر هٿ ۾ هٿ ڏئي خوش خوش ٻاهر نڪتا ته سڀ مريض هنن جي چوڌاري ڦري ويا. هنن ٻنهي مان هڪ مريض اعلانيه انداز ۾ هٿ کڻي چيو، ”مذاڪرات واهه جا ٿيا، اسان پاڻ ۾ هڪ ڊيل Deal ڪئي آهي.“
    ”گڊ، اوهان ٻئي سمجهندار آهيو“ ڪريم هنن جي تعريف ڪندي چيو، ”ڪهڙي ڊيل ڪئي آ.“
    ٻئي مريض چيو، ”ميثاقِ جمهوريت، اسان ۾ اُها ڊيل ٿي آهي ته هي مائونٽ بيٽن ۽ مان ليڊي مائونٽ بيٽن آهيان.“
    ”ويري گڊ“ ڪريم کين شاباس ڏني.
    ”ٻيو اُهو ته“ پهرين مريض چيو، ”نون مهينن کانپوءِ هي مائونٽ بيٽن ۽ مان ليڊي مائونٽ بيٽن ٿيندس. ائين واري واري سان حڪومت ڪنداسين.“ سندن ڳالهه ٻُڌي سڀ مريض تاريون وڄائڻ لڳن ٿا.
    ”شاباس... اوهان ٻنهي ڏاڍو سُٺو فيصلو ڪيو آهي“ ڪريم اٿي سندن پٺي تي ٿڦڪي ڏيندي چيو، ”چڱو هاڻي اوهان هلي آرام ڪيو، ٿڪجي پيا هوندا نه.“ ڪريم جي ڳالهه ٻُڌي سڀ مريض ڪنڌ لوڏيندا هليا وڃن ٿا، تڏهن ڪريم مون ڏانهن معنيٰ خيز انداز مان نهاريو ڄڻ چوندو هُجي، ”ڇا ٿو سمجهين“ مون ڪنڌ لوڏي آهستي چيو، ”واقعي همدرديءَ جي لائق آهن.“ ٻئي واپس ڪريم جي ڪمري ڏانهن اچون ٿا. هلندي ڪريم چئي ٿو، ”ڏس، ڪيڏا نه معصوم آهن...“ پوءِ ٿورو جذباتي ٿي، ”هي نفرتن جا ماريل آهن دوست.... هنن کي پيار جي ضرورت آهي. ڪير پنهنجي مرضيءَ سان هن حال تي ناهي پهچندو. اهو اسانجو سماج ئي آهي جيڪو سياڻي کي پاڳل ۽ پاڳل کي سياڻو بنائيندو آهي.“ ان ويل ڊاڪٽر ڪريم فرشتي وانگر لڳو هو. دل ۾ سوچيم، ”جيڪڏهن سڀ ڊاڪٽر ڪريم جهڙا انسان دوست ۽ همدرد ٿي وڃن ته جيڪر ماڻهن جون اڌ کان وڌيڪ بيماريون ختم ٿي وڃن.
    آفيس ۾ ٻئي ڄڻا ڪُجهه دير خاموشي سان ان واقعي تي سوچيندا رهياسين، ٿوري دير کان پوءِ ڪريم هڪ اونهو ساههُ کنيو ۽ مون ڏانهن نهاري چيائين، ”خير.... تُنهنجو معاملو ڪٿي پهتو؟“
    ڪريم کي خبر هُئي ته گذريل ڇهن مهينن کان بابا ۽ چاچا ۾ ملڪيت جي ورهاست تي اختلاف هلندڙ هُئا جن جي نتيجي ۾ چاچا، مُنهنجي گهر واري جيڪا هن جي ڌيءَ آهي ۽ ٻن ٻارن کي پاڻ وٽ ويهاري ڇڏيو آهي ۽ سندس ضد آهي ته جيستائين ورهاست نه ٿيندي تيستائين پنهنجي ڌيءُ ۽ ٻارن کي مون وٽ نه ڇڏيندو.
    ”اتي ئي آهي“ مون آهستي، ڏُک مان چيو، ”بابا ۽ چاچا ٻئي پنهنجي ضد تي آهن. هوڏانهن بابا جو اهو خيال آهي ته وڏڙن جي ملڪيت جي ورهاست سان رشتن جي وچواري محبت ختم ٿي ويندي.“
    ”اُهي ملڪيتن جا چڪر به عجيب آهن.“ ڪريم مايوسانه انداز ۾ چئي ٿو، ”سڀ رشتا، ناتا ۽ محبتون انهن ملڪيتن جي تڪرارن جي ور چڙهي، پنهنجي معنيٰ ئي وڃائي ويهن ٿيون.“ ڪريم ڪُجهه سوچيندي، ”هڪ ته اهو مسئلو آهي ته اسان جا وڏا پنهنجي حياتين ۾ ملڪيتون ورهائي نه ويندا هُئا، پر سندن مري وڃڻ کانپوءِ پويان ڇڏي ويندا اهن، اُهي جهڳڙا ۽ ڄنڊا پٽ.“
    ”هنن جو ڏوهه به ڪونهي“ مون آهستي چيو، ”اُهو وقت ٻيو هو، جڏهن هڪ ٻئي تي اعتبار هوندو هو، پر هاڻي ته اُهي ويليوز ئي ناهن رهيا.“
    ”ها... هاڻي زمانو بدلجي ويو آهي. ويليوز ختم ٿي ويا آهن“ ڪريم گنڀيرتا سان چئي ٿو، ”هاڻي نه رڳو ماڻهن جون خواهشون وڌي ويون آهن، پر ماڻهو اناپرست به ٿي ويا آهن.“
    ”صحي ٿو چئين“ مون هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو، ”پر اُها ڳالهه هنن کي ڪير سمجهائي!؟“
    ”تون سمجهاءِ“ ڪريم هڪدم چيو، ”تون پڙهيل لکيل ۽ سلجهيل ذهن جو مالڪ آهين“ مان ڪريم جون ڳالهيون ٻڌندو رهيس، ”اهو بهتر ناهي ته پاڻ ۾ ويهي، ڪُجهه ڪس رس کائي معاملا طئي ڪجن ته رشتا به قائم رهندا، محبتون ۽ عزت به برقرار رهندي.“ ڪريم ٿورو رڪيو ۽ وري چوڻ شروع ڪيائين، ”مُنهنجي ڳالهه ٻُڌا، ڏس نه هيڏانهن تنهنجي زندگي به ڊسٽرپ آهي ته هوڏانهن ڀاڄائي به سک سان ڪانه ويٺي هوندي، تنهن کان سواءِ تنهنجا ٻار. اُهي ڪيڏو نه مس ڪندا هوندا. ڪڏهن انهن جي مستقبل لاءِ سوچيو اٿئي؟؟“ ڪريم سواليه انداز ۾ مون ڏي نهاريندي، ”تو ڏٺو، جن کي تون پاڳل سمجهين ٿو، انهن ڪيئن پنهنجو معاملو سلجهائي ورتو ۽ ڪريم هلڪو مسڪرائي، ”... ۽ هنن ڊيل به ڪري ورتي... اوهان ته سالم دماغ وارا آهيو. ڇو نه ٿا ڪو مناسب عزت ڀريو حل ڪڍو. ان سان عزت به رهجي ايندي ۽ محبتون به قائم رهنديون.“ ڪريم خاموش ٿي ويو. مان ڪُجهه دير رهي ڪريم کان موڪلائي هليو آيس پر مُنهنجي ذهن ۾ ڪريم جا اُهي لفظ گونجندا رهيا ته، ”جن کي تون پاڳل ٿو سمجهين، انهن ڪيئن پنهنجو معاملو سلجهائي ورتو... اوهان ته سالم دماغ وارا آهيو... اوهان ته سالم دماغ وارا آهيو....“

    ۽ ڪُجهه ڏينهن کان پوءِ.
    اڄ مان ڏاڍو خوش آهيان. بابا جي اجازت ۽ چاچا جي رضامندي سان پنهنجي گهر واري ۽ ٻارن کي واپس گهر آڻڻ لاءِ وڃي رهيو آهيان....


    ٽهڪ ۽ لڙڪ

    احمد پنهنجي تعليمي سندنُ ۽ نوڪريءَ لاءِ ٻين گهربل ڊاڪيومنٽس جي فائيل کي جهوليءَ ۾ رکي، نوڪريءَ جي انٽرويو لاءِ ڪال جي انتظار ۾ ويٺل. بهترين تعليمي ڪيريئر جي باوجود، سفارش ۽ پئسي نه هُئڻ سبب کيس الاءِ ڪيترن ادارن مان مايوس موٽڻو پيو هو. هاڻي ته هن کي انٽرويو لفظ کان ئي ڄڻ نفرت ٿي وئي هُئي. الاءِ ڪيئن هتان هُتان پئسن جي پٽ سٽ ڪري، قرض کڻي به هو اُن اُسري تي مختلف شهرن ۾ انٽرويو لاءِ ويندو هو ته، ”من ڪا سڻائي ٿئي“ پر هر جاءِ تان نامرادي هن جي حصي ۾ آئي، تنهن هوندي به نه، چاهيندي به، پنهنجي گهرو مجبورين، رٽائرڊ بيمار پيءُ، پوڙهي ماءُ، ننڍن ڀائرن ۽ ٻن جوان ڪنوارين ڀينرن جي چهرن تي مايوسيءَ جي ڪيفيت ڏسي، دل ئي دل ۾ ڪڙهندو رهندو هو ۽ هر وقت ڪُجهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو.
    سندس نظرون هر هر نوڪريءَ جي انٽرويو لاءِ آيل ٻين اميدوارن جي چهرن ڏي کڄي ٿي ويون. کيس ائين لڳي رهيو هو ڄڻ هر اميدوار ۾ هو پاڻ آهي، ساڳيون مجبوريون، ساڳيون محروميون، ساڳي اميد ۽ نااميدي جي ڪيفيت.
    ڪافي دير کانپوءِ سندس نالو پڪاريو ويو. هو دل ئي دل ۾ دعا گهري، ٻين ويٺل اميدوارن تي هڪ نظر وجهي انٽرويو جي ڪمري ڏانهن وڌي ٿو. ڪمري ۾ داخل ٿي انٽرويو وٺندڙ ميمبرس جي پئنل ڏانهن نهاري ٿو.
    ”ڪمري ۾ هڪ گنجو، هڪ ٿلهو ۽ هڪ سنهڙي هڏائين پڃري جهڙو ميمبر ويٺل هُئا جيڪي هُن کي ائين ڏسي رهيا هُئا ڄڻ شڪاري، شڪار کي. احمد اندر داخل ٿي سلام ڪري، فائيل سندن سامهون رکي ٿو.
    گنجو ميمبر سلام جو جواب ڏيڻ ضرور نه سمجهندي، هن کي اشاري سان ويهڻ جو چئي ٿو.
    احمد (ويهندي) ٿئنڪس سر
    ٿلهو ميمبر فائيل کڻي ڏسي ٿو ۽ فائيل ٻين ميمبرن ڏانهن وڌائي ٿو، جيڪي فائيل ڏسي تعريفي انداز ۾ هن ڏانهن ڏسن ٿا.
    گنجو، ”ها... ته مسٽر احمد! اوهان جي تعليمي قابليت ته ڏاڍي سٺي آهي.
    احمد. ”ٿئنڪس سر“
    ٿلهو ميمبر (گهوريندي)، ”اهو ته ٺيڪ آهي... پر تجربو...!؟ تجربو ڪٿي آهي؟؟
    احمد (اعتماد سان)، ”جي سر... تجربو ته ڪم ڪرڻ سان ئي ايندو نه. جيڪڏهن ڪم ملي وڃي ته تجربو به اچي ويندو.“
    سنهڙو ميمبر (سنهڙي آواز ۾)... اوهان جي ڳالهه صحي آهي مسٽر.... پر اسان کي هن اداري لاءِ هڪ انتهائي تجربيڪار شخص جي ضرورت آهي جيڪو اداري جي ڪرندڙ ساک کي سهارو ڏئي سگهي.“
    احمد، ”جي سر!... پر جيتري مون کي خبر آهي ته هن پوسٽ تي پهريان به هڪ انتهائي تجربيڪار شخص ڪم ڪندو هو. پوءِ به اداري جي ساک خراب ٿي وئي!!؟... حيرت جي ڳالهه آهي نه.“
    ٿلهو ميمبر (هلڪي ڪاوڙ مان) ”مون ڏي ڏس!“
    احمد، ”جي سر....“
    ٿلهو ميمبر (ساڳئي انداز مان)، ”تون ڇا ٿو چوڻ چاهين
    احمد (ساڳئي اعتماد سان)، ”سر... جيڪڏهن تجربو ئي شرط آهي ته پوءِ اوهانجي اداري جي ريپوٽيشن خراب نه ٿيڻ گهرجي.“
    گنجو (مٿي تي هٿ ڦيري)، ”ڇا مطلب آ تُنهنجو...“
    احمد (طنزيه انداز ۾)، ”مُنهنجو مطلب آ، اوهان جهڙيون تجربيڪار شخصيتون جو ويٺل آهن هن اداري ۾.
    احمد جا ريمارڪس ٻُڌي ميمبرن جي چهري تي خوشيءَ ظاهر ٿئي ٿي ۽ هو هڪ ٻئي ڏي تحسين جي نگاهن سان ڏسن ٿا. گنجو ڄڻ سڪون سان پنهنجي مٿي تي هٿ ڦيري ٿو. ٿلهو پنهنجي پيٽ تي ۽ سنهڙو پنهنجي نڪ تي ويٺل مُک کي اڏاريندي هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏي ٿو پر اوچتو احمد جو طنزيه انداز محسوس ڪري دانهن ڪندي، ”وهاٽ ڊو يو مين!؟“
    احمد، ”مُنهنجو مطلب آهي سر... ته تجربو ئي ڪافي ناهي، ڪُجهه ٻيون ڳالهيون به هونديون آهن ڪاروبار هلائڻ لاءِ.
    ٿلهو ميمبر (گهوريندي) ”مثلن؟“
    احمد (وضاحتي انداز ۾) مثلن، دماغ، خود اعتمادي، رويو (Behavior) ڊيلنگ (Dealing) وغيره.
    گنجو ٻئي هٿ مٿي تي رکي ڪرسيءَ تي آهلجندي)، ”بهرحال اسان هن وقت ڪنهن نا تجربيڪار ماڻهوءَ کي رکڻ جي رسڪ (Risk) نه ٿا کڻي سگهون.“
    ٿلهو (اوڳرائي ڏيندي)، ”بلڪل“
    سنهڙو تڪڙا تڪڙا ساهه کڻندي سندن ها ۾ ها ملائيندي ڪنڌ لوڏي ٿو.
    احمد (ميمبرن جي رويي تي مايوس ٿي، پنهنجي اندر جي غصي کي قابو ۾ ڪندي)، ”اُها ته اوهان جي مرضي آهي سر... اف يو ڊونٽ مائينڊ... هڪ ڳالهه چوان؟“
    سڀ ميمبر، ”...!؟...!!؟...؟؟!“
    احمد (پنهنجي جذبات تي قابو پائيندي، بردباريءَ سان)، ”ڪوبه معاملو، ڪوبه ڪاروبار رسڪ Risk کڻڻ کانسواءِ نه ٿو هلي سگهي ۽.... (احمد جو لهجو تلخ ٿيندو پيو وڃي)... ۽ اوهان جهڙا جهونا پاپي رٽائر ٿيڻ جي باوجود Extension تي Extension وٺي ڪرسين کي چنبڙيا پيا هوندئو ۽ اسان جهڙن نوجوانن کي تجربي جي آڙ ۾ (Reject) يا نظر انداز (Ignore) ڪندا رهندؤ ته اهو ئي رويو اسانجي قومي تباهيءَ جو سبب آهي.“
    ميمبر (حيرت مان احمد ڏانهن نهاريندا رهن ٿا. سندن چهري جي ڪيفيت مان لڳي پيو ڄڻ هنن کي احمد جو ائين ڳالهائڻ ناگوار لڳي رهيو آهي.
    ”.... جنهن قوم پنهنجي نوجوان نسل کي نظر انداز ڪيو آهي“، (احمد ساڳئي انداز ۾ پنهنجي ڳالهه جاري رکندي) ”تاريخ ان کي نظر انداز ڪيو آهي. اوهان کي اِهو سمجهڻ گهرجي ته نوجوان نسل قومن جو تسلسل (Continuity) هوندو آهي.“
    ٿلهو ميمبر (ڪاوڙ ۾ دڙڪو ڏيندي)، ”شٽ اپ...“
    گنجو ميمبر (مٿي تي هٿ ڦيري)، ”هي ته ڏاڍو ڊينجرس (Dangerous) پيو لڳي.
    سنهڙو ميمبر (ٻين ميمبرن ڏي نهاريندي سنهڙي آواز ۾)، ”مون کي ته ڪنهن دهشتگرد تنظيم جو ميمبر ٿو لڳي. اوهانجو ڇا خيال آهي.“
    ٿلهو ميمبر (اوڳرائي ڏيندي)....يس......يس... وهاٽ!
    گنجو (مٿي تي هٿ ڦيري)، ”مان ٿو معاملو صاف ڪري ڏيکاريانوَ... هي ڏسو.“
    ”سنهڙو (گنجي جي مٿي ڏانهن نهاريندي) پر اتي ته ڪُجهه به ڪونهي!“؟
    ٿلهو ڀونڊو ٽهڪ ڏئي، لڏندڙ پيٽ تي هٿ رکي)... يعني لالا مال خلاص ”هاهاها“
    گنجو (ڪاوڙ مان)، ”شٽ اپ، مُنهنجي مٿي ۾ ڇا ٿا ڳوليو؟“
    سنهڙو (کلندي)، ”معاملو“
    گنجو (ساڳئي انداز ۾)، ”ڪهڙو معاملو“
    ٿلهو، ”اهو ئي جنهن کي اوهان صاف پيا ڪيو
    گنجو (حيرت مان)...!؟... يعني...!؟؟
    سنهڙو (کلندي) لالا مال خلاص
    گنجو (ڪاوڙ مان گهنٽيءَ جو بٽڻ دٻائي، ”Next“
    احمد خاموشيءَ سان پنهنجو فائيل کڻي ٻاهر نڪري نوجوانن جي مستقبل تي هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ پوءِ،
    هن جي اکين مان ٻه لڙڪ ڳلن تان ترڪندي زمين ۾ جذب ٿي ويا.


    هڪ ڏينهن گڏهن جو

    عمر ۽ رزاق ٻه دوست سماجي ۽ خانداني روين خلاف بغاوت جو رجحان رکندڙ پنهنجي خانداني بيڪ گرائونڊ سبب ٻنهي کي Reserve رهڻو پوندو هو. اُها هنن جي مجبوري هُئي جو اُهي اهڙي مذهبي خاندانن ۾ پيدا ٿيا هُئا، جن کي سوسائٽيءَ ۾ عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. پر جڏهن هُو انهن بندشن کان بور ٿي پوندا هُئا ته پاڻ ۾ ملي سنجيدگي جا هڙ ئي ڪپڙا لاهي، هر قسم جي موج مستي ڪندا هُئا. سندن خيال ۾ پارسائيءَ جي روٽين کان هٽي ڪري، ڪُجهه دائرن ۾ رهي، ٿورو گند ڪرڻ به ضروري آهي. اهو هنن جو فلسفو هو ته، زندگيءَ ۾ سماجي طرح مڙهيل بندشن جا بند ڪُجهه هلڪا هجڻ گهرجن جنهن ۾ شخصي آزادي جو عنصر موجود هئڻ گهرجي. هر وقت Statue وانگر سيٽيل به نه هُئڻ گهرجي. اهو زندگيءَ جو تغير، زندگيءَ جو لازمي حصو آهي، سندن خيال موجب روزانو گوشت کائڻ سان به ماڻهو بور ٿي پوي ٿو، تنهن ڪري ڪڏهن دال يا سبزي به کائڻ گهرجي.
    ان ڏينهن به هو پنهنجي ماحولياتي بوريت کان تنگ اچي، ملڻ جو پروگرام ٺاهيو ۽ اهو طئي ڪيو ته عمر، رزاق وٽ ايندو ۽ ڪُجهه دير ڪچهري ڪري، فائيو اسٽار بدران هاءِ وي تي موجود ڪنهن ڌاٻي ۾ ڊنر ڪندا.
    رزاق پنهنجي گهر، عمر جو انتظار ڪري رهيو هو پر عمر اچڻ ۾ دير ڪئي.
    ”ايڏي دير...!؟“ جيئن ئي عمر آيو ته رزاق هن جي مٿان چڙهي ويو، ”خبر ٿئي ڪيڏو بور ٿيو آهيان، تنهنجي انتظار ۾“
    ”سوري يار سوري“ عمر کلندي چيو، ”در اصل رستي ۾ هڪ گڏهه مُئو پيو هو...“
    ”ته ڇا تون ان جي مٿان ويهي فاتح خواني ڪري رهيو هُئين ڇا“ رزاق توائيءَ مان چئي ٿو.
    ”اڙي پوري ڳالهه ته ٻُڌ چرٻٽ“، عُمر کلندي چوي ٿو، ”ٿيو هينئن جو رستي تي هلندي گڏهه گاڏيءَ ۾ ٻڌل گڏهه گَههَ ڪري بيهي رهيو، مالڪ ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر گڏهه چرڻ جو نالو ئي نه وٺي، مالڪ به ڪو زال جو تپايل هو، سو ڪهاڙي کڻي وڃي مٿان بيٺس، چئي، ”ڪتي جا پُٽ، ذات جو گڏهه ۽ نخرا وري محبوبن وارا“ ٻئي ٽهڪ ڏين ٿا.
    ”پو....“ رزاق کلندي پڇيو، ”پو وري ڇا“ عمر مذاقيه انداز ۾ ايڪشن ڪري ڏيکاريندي، ”نه ڪيائين هَمَ نه تمُ، ڇڪي رکيائينس ٻه ٽي وار ڪنڌ تي، ته گڏهه وڃي ڦهڪو ڪيو.“
    ”۽ ان جو مالڪ“ رزاق کلندي، ”ان جو ڇا ٿيو؟“
    ”ڇا وري ڇا ٿيندو“ عمر کلندي، ”هن گڏهه کي ڇوڙي، پاڻ گڏهه جي جاءِ تي بيهي گاڏو ڪاهي هليو ويو.“
    ”اف.... ويچارو انسان“ رزاق اڄ جي انسان جي ان حالت تي افسوس ڪندي. ”۽ اهو گڏهه.... ان جو ڇا ٿيو“
    ”گڏهه کي ميونسپل جي گاڏي کڻي وئي“
    ”ڳالهه ٻُڌ“ رزاق کلندي، ”ٻه ٽي ڏينهن گوشت نه کائبو.“
    ”ڇو.... ڇو نه کائبو.“
    ”ڪهڙي خبر اهو گڏهه ڪنهن ڪاسائي کي هٿ اچي ويو هُجي.“
    ”ها ها ها.... ها ها ها....“
    ”عجيب اتفاق آهي نه ”رزاق چئي ٿو،“
    ”.....؟“
    ”اڄ اسان ٻنهي جي وچ ۾ گڏهه اچي ويو آهي.“
    ”ڇو...!؟... تون به ڪنهن گڏهه سان مليو آهين ڇا؟“ عمر هن ڏانهن حيرت مان نهاري ٿو.
    ”تون جو ويٺو آهين“ رزاق زوردار ٽهڪ ڏئي ٿو.
    ”بڪواس بند“ عمر کلندي، ”تون ڪهڙي گڏهه سان مليو آهين“
    ”مان نه مليو آهيان.“ رزاق موبائل کڻي، ”هن ۾ گڏهه گهڙي آيو آهي.“
    ”ڇا مطلب!؟“
    ”هڪ SMS آيو آهي“ موبائل آن ڪندي ميسيج ڏسي ٿو ۽ پوءِ کلندي عمر کي پڙهي ٻُڌائي ٿو، ”ٻڌ!... برطانيا جي پارليامنٽ ۾طنز نگار شيريڊن جيڪو پارليامينٽ جو ميمبر به هو، تنهن تقرير ڪندي چيو ته؛ هن پارليامينٽ ۾ اڌ ميمبر گڏهه آهن، سندس انهن جملن تي ڏاڍو گوڙ ٿيو ۽ ميمبرن مطالبو ڪيو ته: هو پنهنجا لفظ واپس وٺي ۽ ايوان کان معافي وٺي. ان احتجاج کانپوءِ شيريڊن اٿي بيٺو ۽ معافي وٺندي چيائين: معاف ڪجو. مان قبول ٿو ڪيان ته هن پارليامينٽ جا اڌ ميمبر گڏهه نه آهن، ان کان پوءِ ايوان تاڙيون وڄائي هن کي معاف ڪري ڇڏيو.“
    ”ها ها ها.... ها ها ها....“
    ”۽ اسانجي پارليامينٽ بابت ڇا خيال آ“ عمر کلندي پڇي ٿو.
    ”نه.... نه.... بابا“ رزاق کلندي هٿ ٻڌي، ”پارليامينٽ جي ڳالهه نه ڪَبي.
    ”ڇو نه ڪجي“ عمر تيز ٿي، ”اسان جو حق آهي ته اسان پنهنجي ووٽن سان چونڊيل ميمبرن جي ڪارڪردگيءَ تي ڳالهايون.“
    ”بلڪل صحي ٿو چئين“ رزاق کلندي، ”پر هنن جو استحقاق مجروح ٿيو ته ڳچيءَ ۾ پئجي ويندا.“
    ”اهو استحقاق وري ڇاهي“
    ”استحقاق جي معنيٰ، انڌي گهوڙي ڪَلِ ۾، جيڪو وڻين سو ڪن، ڪير هنن کي چوي نه،“ رزاق ٽهڪ ڏئي، ”جيڪڏهن ڪنهن هنن کي ڪُجهه چيو ته پنهنجي عزت جو ذميوار پاڻ هوندو.“
    ”ها ها ها.... ها ها ها.....“
    ”گڏهن جي ڳالهه نڪتي آ ته پوءِ هڪ لطيفو ٻُڌ“ عمر کلندي، ”هڪڙو گڏهه هو، هن جو ڪنڌ هميشه ناڪار ۾ لڏندو هو. مالڪ اعلان ڪيو ته جيڪو هن کي ”ها“ ڪرائيندو، ان کي هڪ هزار رپيا انعام ملندو. ماڻهن ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر سڀ ناڪام، هڪ همراهه اڳتي وڌي گڏهه جي ڪن ۾ ڪُجهه چيو ته گڏهه جو ڪنڌ هاڪار ۾ لڏڻ لڳو ۽ ٻه ٽي پستيون هڻي هينگون به ڪرڻ لڳو. ماڻهو حيران، پڇيائونس، هن گڏهه کي ڇا چيو جو گڏهه خوش ٿي ويو، تنهن تي همراهه چيو، مون چيو مانس ته ”عمران خان جي ڌرڻي ۾ هلندين. ڏاڍا مزا آهن“
    ”ها ها ها...“ رزاق ٽهڪ ڏنو، ”گڏهه ڪيئن نه خوش ٿيو هوندو. اسان وانگر هن به T.V تي ڌرڻي جا منظر ڏٺا هوندا نه“
    ”صحي ٿو چئين“ عمر ٽهڪ ڏئي، ”اسان ته نوجوان آهيون شوق سان ڏسون پيا، پر هُو مون وارو ڏاڏو آهي نه، اُهو ته سڄو ڏينهن TV سامهون ويهي رهندو هو.“
    ”ها ها ها... اُهو ئي حال بابا جو به هو. وس نه پيو پڄيس ته ڌرڻي ۾ هليو وڃي.“
    ”ها ها ها.“ عمر ٽهڪ ڏئي،”جهونا آهن ته ڇا ٿي پيو. دل ته جوان آهي نه.“
    ”ها... اهو ته آهي.“ رزاق سنجيده ٿيندي، ”اُها ڪيڏي نه ٽرئجڊي آهي جو اسان ماڻهن احساسن، جذبن ۽ خواهشن جون حدون ۽ سرحدون مقرر ڪري ڇڏيون آهن. هِنَ عمر ۾ هي ڪرڻو آ، هُن عمر ۾ هو ڪوڻو آ، هن عمر ۾ هي ناهي ڪرڻو، وهاٽ نانسنس!، ان حساب سان بزرگي ته ڄڻ گناهه بنجي وئي آهي،“ تلخ انداز ۾، ”عمر سان گڏ احساس، جذبا ۽ خواهشون ختم ٿورئي ٿينديون آهن. انهن کي بزرگي جي آڙ ۾ ماري ڇڏجي!؟؟... Shame“
    ٻئي ٿوري دير خاموش ٿي وڃن ٿا. شايد اهو ئي سوچي رهيا هُئا ته جڏهن هو بزرگيءَ واري حد تي پهچندا ته پو ڇا ٿيندو.
    ”خير....“ رزاق هڪ اونهو ساههُ کڻي، واپس موڊ ۾ ايندي، ”هڪ ٽيون گڏهه به هو، رزاق کلندي، ”پر ڇڏينس، ڪيترن گڏهن جو ذڪر ڪجي، بقول شاعر، ”گدهون کي ڪمي نهين صاحب، ايڪ ڍونڍو هزار ملتي هين.“
    ”ها يار...“ عمر کلندي اکين ۾ ڀرجي آيل پاڻيءَ کي هٿ سان صاف ڪندي، ”اڄ گڏهن جو ڏاڍو ذڪر ٿي ويو آهي.“
    ”گڏهه، مخلوق ئي اهڙي آهي، جنهن تي جيترو ڳالهائجي اوترو گهٽ آ“ رزاق کلندي، ”مان ته چوان ٿو اقوام متحده کي ويلنٽائن ڊي، مدرس ڊي، ليبر ڊي ۽ اهڙن ٻين ڊيز وانگر گڏهن سان يڪجهتيءَ جو ڏينهن به مقرر ڪرڻ گهرجي.“
    ”بلڪل“ عمر ڪنڌ لوڏي، ”گڏهه وڏو محنتي ۽ ڪارائتو جانور آهي.“
    ”ها... ۽ ڪڏهن ڪڏهن“ رزاق ها ۾ ها ملائيندي، ”مون کي به شڪ پوندو آهي ته ڪنهن جنم ۾ اسان به گڏهه ته ڪونه هُئاسين.“
    ”ان ۾ شڪ جي ڪهڙي ڳالهه آهي، ڏس نه... اڄ جو انسان جياپي لاءِ، زندگيءَ جو ڪيڏو نه بوجهه ٿو کڻي.“ رزاق آهستي چوي ٿو، ”بلڪه زندگيءَ جي گاڏي کي گڏهه وانگر ڇڪي ٿو، پوءِ به هن جو قدر ڪونهي.“
    ”تنهن جي معنيٰ ته ڊارون Darwin جي اُها ٿيوري غلط آهي ته: انسان ڀولڙن ۽ باندرن مان ارتقا ڪري انسان ٿيو آهي.“
    ”ٿي سگهي ٿو،“ رزاق سنجيده ٿي، ”ڊارون کان ڪٿي ڪا گڙ ٻڙ ٿي وئي هُجي،“ اوچتو ڪو خيال ايندي زور سان هٿ تي هٿ هڻي، ”بلڪل، هن جي ٿيوريءَ جي هڪ ڪڙي مسنگ پرسنس وانگر مسنگ ته آهي نه... ٿي سگهي ٿو اُها ئي مسنگ ڪڙي هُجي“ عمر ڏي نهاري ٿو، ”ڏس نه، انسان ۽ گڏهه ۾ ڪافي ڳالهيون ۽ عادتون مشترڪ آهن، بقول شاعر، ”گڏهه سڀ نه سهڻا، ماڻهو سڀ نه هنج، ڪنهن ڪنهن گڏهه منجهه، اچي بوءِ انسان جي.“
    ”ها ها ها....“ عمر ٽهڪ لڳائي، ”تنهنڪري ته ڪڏهن ڪڏهن انسان به گڏهن واريون حرڪتون ڪندي نظر ايندو آهي.“
    ”بلڪل صحي“ رزاق هلڪو ٽهڪ لڳائي، ”ته ڪنهن جنم ۾ گڏهه به انسان هُئا، جيڪي پنهنجي سياسي غلطين سبب هن جنم ۾ گڏهه ٿي پيدا ٿيا.“
    ”ان ڪري ئي ته اهو پهاڪو ڏيندا آهن.“ عمر کلندي، ”وقت تي گڏهه کي به بابو چوڻو ٿو پوي.“
    ”ته پو اُهو طئه ٿيو ته اڄ کانپوءِ اسانکي پنهنجي ۽ گڏهن جي وچ ۾ وٿي رکڻي پوندي.“
    ”ڇو...!؟“ عمر سندس ڳالهه نه سمجهندي، ”گڏهه اسان کان ووٽ گهرندو ڇا!؟؟“
    ”نه...“ رزاق کلندي، ”مُنهنجي چوڻ جو مطلب آهي ته، گڏهه ۽ اسانجي وچ ۾ وٿي نه هوندي ته اسان جو ته خير آ، پر اسانکي ڏسندڙ اهو فيصلو ڪرڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪندا ته گڏهه ڪير ۽ انسان ڪير آ.“
    ”ها ها ها.... ها ها ها...“
    ”بس ڪر يار...“ عمر کل ۾ اونڌو ٿيندي، ”گڏهن تي وڌيڪ نه ڳالهاءِ“
    ”ڇو.... ڇو نه ڳالهايان.“
    ”ان ڪري ته جيڪڏهن گڏهن پنهنجي پارليامينٽ ۾ اسان خلاف تحريڪ استحقاق پيش ڪئي ته پو...“
    هو ٻئي ڪافي دير تائين کلندا رهيا ۽ پوءِ ٻاهر نڪري ويا.
    ٻئي ڏينهن عمر کي خبر پئي ته رزاق جو ايڪسيڊنٽ ٿيو آهي ۽ هو اسپتال ۾ داخل آهي. اسپتال جي پرائيويٽ روم ۾ عمر، رزاق کان ان حادثي جو پڇيو ته رزاق چپن تي مُرڪ آڻي چيو، ”اُهو ئي گڏهه.“
    ”ڇا مطلب!؟؟...“ عمر حيرت مان، ”لڳي ٿو تنهنجي مٿي تي اڃان تائين گڏهه سوار آهي. ڇا ٿيو هو؟“
    ”صبح جو جڏهن آفيس وڃي رهيو هُئس ته پاسي واري گهٽيءَ مان پڪڙيوس. پڪڙيوس جا آواز اچڻ لڳا. مون سمجهو ڪو چور هوندو. جيئن ئي گهٽيءَ وٽ اڳ جهلي بيٺس ته اوچتو سامهون گڏهه اچي ويو ۽ اهڙي ته اِٽ هنيائين جو پاسراٽين ۾ فريڪچر اچي ويو.“
    سندس ڳالهه ٻُڌي عمر زوردار ٽهڪ ڏئي، ”ان ڪري ته چوندا آهن ته: نه ڇيڙ ملنگان نون.“
    ”ها يار... هاڻي مون کي به پڪ ٿي ته ڊارون جي اها ٿيوري صحي هُئي ته انسان ڀولڙن ۽ باندرن مان ارتقا ڪري انسان ٿيو آهي.“
    ”۽ گڏهه...“ عمر ٽهڪ ڏئي، ”انهن جو ڇا هي.“
    ”ڪُجهه نه...“ رزاق پاسرين تي هٿ رکي کلندي،”گڏهه هر جنم ۾ گڏهه ئي رهندو، اهو ڪڏهن به انسان ٿي نه سگهندو.“
    ”۽ انسان؟“
    ”اهو ته اشرف المخلوقات آهي. وقت تي ڪُجهه به ٿي سگهي ٿو.“
    ايتري ۾ هڪ خوبصورت نرس اچي ٿي ۽ رزاق کي انجيڪشن هڻي هلي وڃي ٿي.
    ”ڪيئن... ٺاهوڪي آهي نه...“ رزاق اک ڀڃي.
    ”ها...“ عُمر کلندي،”مان به سوچيان ٿو ته ڪنهن گڏهه کان پاسراٽيون ڀڃائي هن اسپتال ۾ داخل ٿيان.
    ٻئي زوردار ٽهڪ ڏين ٿا. اوچتو سندن ٽهڪن سان گڏ اسپتال ٻاهران ڪٿي بيٺل گڏهه جون هينگون به هنن جي ٽهڪن سان شامل ٿي وڃن ٿيون.


    سوال

    استاد حاجي احمد پنهنجي ننڍي شهر ۾ ڏاڍي عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. انتهائي شريف النفس، بااخلاق، باڪردار ۽ هر ننڍي وڏي سان عزت ۽ تحمل سان ڳالهائڻ وارو مذهي خيال جو انسان، سڀ ڪنهن سان محبت ۽ همدرديءَ سان پيش اچڻ وارو پر کيس پنهنجو اولاد نه هُئڻ جو غم هميشه اندر ئي اندر ۾ کائيندو رهندو هو. هو ۽ سندس زال امينه هر وقت الله سائين کي ٻاڏائيندا رهندا هُئا ته سندن جهولي اولاد جي نعمت سان ڀري. اولاد نه هُجڻ سبب هو ڄڻ پاڻ کي اڌورو اڌورو محسوس ڪندا هُئا. ڏاڍا علاج ڪرائڻ، پير فقير ڀيٽڻ، اوليائن جي درگاهن تي باسون باسڻ ۽ بزرگن کان دعائون پنڻ کان پوءِ نيٺ الله سائين سندن عاجزي قبول ڪئي ۽ هن جي گهر ۾ نياڻيءَ جي روپ ۾ هڪ ننڍي پري الله جي رحمت بنجي آئي. ته هنن جي خوشيءَ جي انتها نه رهي، ڌيءَ جي ڄمڻ تي هنن الله سائين جا ڏاڍا شڪرانا ادا ڪيا، مٺايون ورهايون ۽ خير خيراتون ڪيون. هنن هن جو نالو شهزادي رکيو ۽ هر وقت هن تان ساهه صدقي پيا ڪندا هُئا. امينه اٿندي ويهندي رب جا شڪرانا ادا ڪندي هُئي ۽ هن کي ڄڻ پنهنجي پلڪن تي سجائي رکندي هُئي. امينه کي هر وقت اهو ڊپ هوندو هو ته ڪٿي هن کي ڪنهن جي نظر نه لڳي وڃي تنهن ڪري نظر جي وڍ لاءِ ٽوٽا ٽوٽڪا ڪندي رهندي هُئي. جيئن جيئن شهزادي وڏي ٿيندي وئي، تئين سندس ٻاتن ٻولن ۽ ٻاراڻي، حرڪتن تي خوش ٿي ويندا هُئا.
    وقت گذرڻ ۾ دير ئي ڪانه ٿي، ڏسندي ڏسندي شهزادي پنجن سالن جي ٿي وئي، جڏهن پهريون ڀيرو هنن شهزادي کي ننڍي پٽيءَ سان گڏ اسڪول ۾ داخل ڪرايو ته هنن پاڻ ۾ اهو طئه ڪري ڇڏيو هو ته هو شهزاديءَ کي ڊاڪٽر بنائيندا، جو سندن شهر ۾ ڪا ليڊي ڊاڪٽر نه هُجڻ سبب اڪثر عورتون ائين ئي بيماريءَ ۾ چُڻي چڻي گذارينديون هيون. هنن سوچيو ته شهزادي جڏهن ڊاڪٽر ٿي ڳوٺ ۾ ئي غريب عورتن جو علاج ڪندي ته ڪيڏيون نه دعائون کٽيندي پر قدرت کي شايد اهو منظور نه هو. قدرت هن جي قسمت ۾ ته ڪجهه ٻيو ئي لکيو هو.
    اهو ڏينهن هنن لاءِ ڄڻ قيامت جو ڏينهن ثابت ٿيو. هونءَ ته شهزادي کي ڪاڏي اڪيلو نه ڇڏيندا هُئا پر ان ڏينهن صبح جو الاءِ ڪيئن شهزادي گهران نڪري پنهنجي پاڙي جي دڪان تان شئي وٺڻ لاءِ وئي ته وري نه موٽي، شهزاديءَ جي گمشدگيءَ هنن جي مٿان ڄڻ غمن جو پهاڙ ڪيرائي ڇڏيو. حاجي احمد ڌيءُ جي گم ٿيڻ جو درد، دل ۾ سانڍي، ڪُجهه پاڙي وارن سان گڏجي شهزاديءَ کي ڳولڻ نڪتو، زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيائون. هوڏانهن امينه شهزادي کي پڪاريندي غشي جي دورن ۾ هلي ٿي وئي.
    ڏاڍي ڳولا کان پوءِ هو مايوس ٿي موٽي رهيا هُئا ته اوچتو ڪُجهه ٻار دانهون ڪندا ڀڄندا آيا ۽ سهڪندي ٻُڌايائون ته شهزادي، رئيس جي پراڻي ڊٺل جاءِ ۾ بيهوش پئي آهي، اُها ڳالهه ٻُڌي سڀ رئيس جي پراڻي جاءِ ڏانهن ڀڳا..... پر ڏاڍي دير ٿي وئي هُئي. اتي هنن شهزاديءَ جو رت ۾ رڱيل لاش ڏٺو. شهزادي جو لاش ڏسي، حاجي احمد دل ڏاريندڙ دانهن ڪري شهزادي جي جسم سان چنبڙي پيو ۽ هُن کي ڳلن تي هٿ ڦيرائيندي سڏيندو رهيو، پر شهزادي خاموش. سندس کليل اکين ۾ سوال!...؟؟...؟؟.
    شهزاديءَ جو لاش گهر اچڻ تي ڄڻ ڪهرام مچي ويو. امينه سندس لاش سان چنبڙي بيهوش ٿي وئي. پاڙي جون عورتون به ڏُک ۾ ورتل هيون ۽ امينه کي شهزاديءَ جي لاش کان جدا ڪري هن کي بار بار پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻي هوش ۾ آڻينديون رهيون ۽ پوءِ امينه ڄڻ بُت بنجي وئي هُجي. ڳوڙها هُن جي اکين ۾ رڪجي ويا ۽ هُوءَ يڪ ٽڪ شهزاديءَ ڏانهن نهاريندي، مٿي آسمان ڏانهن ڏسندي رهي، ڄڻ الله سائين سان شڪايت ڪندي هُجي.
    ”ٿاڻي تي رپورٽ ڪيو.“ هجوم مان ڪنهن چيو.
    ”ها...ها... هلو... هلو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو“
    ”پر ڪنهن تي.....“ حاجي احمد ڳوڙهن تي ضبط ڪندي چيو،
    ايتري ۾ هڪ ننڍي ٻار اڳتي وڌي چيو، ”چاچا... اسان ڏٺو هو.“
    ”ڇا... ڇا ڏٺو...“
    ”چاچا.... صبح جو مان ۽ مُنهنجو ڀاءُ ٻنيءَ کان گاهه ڪري موٽون پيا نه، ته ان جڳهه مان رئيس جي ڪمدار جو پُٽ ولو ۽ واپاريءَ جو پُٽ بشير عجيب حالت ۾ ٻاهر نڪري رهيا هُئا. اسان کي ڏسي سندن مُنهن تي ڪُجهه ڊپ ظاهر ٿيو پر هو کِلندا، جلدي رستو مٽائي هليا ويا.“
    ”سچ ٿو چئين پُٽ“ ڪنهن پُڇيو.
    ”ها چاچا.... اسان پنهنجي اکين سان ڏٺو هو.“ ڇوڪري قسم کڻڻ جي انداز ۾ اکين تي هٿ رکي چيو.
    ۽ پوءِ هو شهزاديءَ جو لاش کڻي حد جي ٿاڻي تي پهتا، پهريان ته روايتي انداز ۾ پوليس ڪيس وٺڻ کان لنوائيندي رهي ۽ ملزمن جا نالا ٻُڌڻ کان پوءِ ته هنن صاف انڪار ڪري ڇڏيو پر شهر جي ماڻهن جي زور ڀرڻ ۽ ڪاوڙ ڏسي مجبورن ڪيس داخل ڪري، ميڊيڪل چيڪ اپ ۽ پوسٽ مارٽم لاءِ ليٽر ڏنو.
    جاءِ واردات تان ڪُجهه ثبوت ملڻ ۽ شاهدين کانپوءِ پوليس ولو ۽ بشير کي گرفتار ڪرڻ پهتي ته ٻئي روپوش ٿي چُڪا هُئا. پوليس هنن جي ڳولا ڪندي رهي ولو ۽ بشير جي والدين ۽ شهر جي ڪُجهه باعزت ۽ بااثر شخصيتن پوليس تي زور ڀري ڪيس کي لوڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پر سول سوسائٽي جي مداخلت تي ۽ شهزاديءَ سان جنسي ڏاڍائي کان پوءِ بيدردي سان گهُٽا ڏئي مارڻ جي پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کان پوءِ ڄڻ ته هڪ طوفان مچي ويو ۽ سندن خلاف باقاعده ايف آءِ آر درج ڪري ٻنهي کي وڏي جاکوڙ کانپوءِ گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو.
    ٻيو ڪو چارو نه ڏسي قاتلن جي وارثن ۽ بااثر شخصيتن جيڪي هر برائي جو ساٿ ڏيڻ پنهنجو فرض سمجهندا آهن. حاجي احمد تي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڏاڍو زور ڀريو ۽ هن کي لالچون ڏنيون پر حاجي احمد ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار نه ٿيو. هُن جو صرف هڪ ئي جواب هو. ”مونکي انصاف کپي.“ حاجي احمد جڏهن ڪنهن به طرح ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ راضي نه ٿيو ته بااثر شخصيتن پنهنجي روايتي انداز ۾ هن کي ڌمڪيون ڏئي مجبور ڪيو ته هو ڪيس تان هٿ کڻي پر حاجي احمد جو هڪ ئي جواب ”مون کي انصاف کپي.“ جڏهن سڀ حاجي احمد کي نه مڃائي سگهيا ته، جيئن اڄڪلهه ٿيندو آهي، غنڊن، بدمعاشن، قاتلن، ڪرمنلز کي بچائڻ لاءِ منٿ ميڙ قافلو وٺي وڃڻ جو حربو استعمال ٿيندو آهي، تئين قاتلن جا والدين به منٿ ميڙ قافلو وٺي حاجي احمد وٽ آيا. پر حاجي احمد اهو چئي کين نامراد واپس ڪيو ته ”مونکي انصاف کپي.“ تڏهن هنن سوچيو ته هو پنهنجي پئسي ۽ طاقت جي زور تي ڪيس کي ايترو ته الجهائي ۽ اينگهائي ڇڏيندا جو حاجي احمد مجبور ٿي ڪيس تان ئي هٿ کڻي ويندو، پر جڏهن اهو ڪيس دهشتگرد ٽوڙ Anti Terrorism ڪورٽ ۾ ويو ته سڀ پريشان ٿي ويا، کين لڳو ته هاڻي قاتلن جو بچڻ مشڪل آهي. هنن آخري ڪوشش طور اهو سوچيو ته حاجي احمد کي ڳوٺ وارن جو مرشد پير حاجن شاهه ئي مڃائي سگهي ٿو. کين پڪ هُئي ته حاجي احمد مرشد جي حڪم تي ڪيس تان هٿ کڻي ويندو.
    ٻن ٽن ڏينهن کانپوءِ حاجي احمد کي مرشد سائين پير حاجن شاهه جي اچڻ جو اطلاع ڏنو ويو. حاجي احمد پنهنجي مرشد جي اچڻ جو ٻُڌي سندس آجيان جون تياريون ڪرڻ لڳو. کيس پڪ هُئي ته مرشد سائين کيس ضرور انصاف ڏياريندو.
    ۽ پوءِ مقرر ڏينهن تي مرشد سائين، ترجي بااثر شخصيتن ۽ قاتلن جي وارثن سميت حاجي احمد جي تڏي تي پهچي ويو.
    ”ڏس بابا!... الله سائين جون رمزون پنهنجون آهن. ان قضا الاهيءَ کان ڪير به بچي نه ٿو سگهي. قدرت کي شايد اهو ئي منظور هو ته پنهنجي امانت واپس وٺي، ان ۾ به ڪا رمز هوندي. تون ته ماشاءَ الله سمجهدار انسان آهين ۽ خدا جي مرضيءَ جي آڏو هميشه ڪنڌ جهڪايو آهي. ته هن حادثي کي به رضا الاهي سمجهي قبول ڪندين ته رب پاڪ توکي ڪنهن ٻئي طريقي سان ابدي خوشيءَ جي نويد ڏيندو.“ مرشد سائين پنهنجي روايتي انداز ۾ تسبيع جي موٽن موٽن داڻن کي ڦيرائيندي، رٽيل پٽيل جملا ڳالهائيندو رهيو ۽ حاجي احمد ڪنڌ جهڪائي ٻُڌندو رهيو.
    ”ڏس حاجي احمد، تون هڪ ديندار ۽ خدا ترس انسان آهين. وڃڻ واري شئي ته وئي هلي. جنهن جو اسان کي به ڏُک آهي. اسان سڀ جيڪي هتي هلي آيا آهيون. اُهي تُنهنجي ڏُک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هو به ڪنهن جا ٻچا آهن. غلطي هر انسان کان ٿيندي آهي. تنهنجي نياڻيءَ جي قسمت ۾ ائين ئي لکيل هو ۽ تون ته چڱي طرح سمجهين ٿو ته قسمت جو لکيو ڪير به ٽاري نه ٿو سگهي. الله جي شئي هُئي الله ڏي وئي. هاڻي جيڪڏهن تون هنن کي سزا ڏياريندين ته تُنهنجي نياڻيءَ ته موٽي ڪانه ايندي، اجايو ٻه ٻيون معصوم جانيون به ضايع ٿي وينديون.... تون مُنهنجو پيارو مريد آهين تنهنڪري مان تو وٽ هلي آيو آهيان ته هنن کي بخش ڪر، الله سائين درگذر ڪرڻ وارن کي ئي پسند ڪندو آهي. اها مُنهنجي گذارش سمجهه يا مرشد جو حڪم.“
    پير سائينءَ جي خطبي نما ڳالهيون ٻُڌي، حاجي احمد پنهنجو ڪنڌ مٿي کنيو. سندس اکين مان زارو قطار ڳوڙها وهي رهيا هُئا. هن ڀنيل اکين سان قافلي وارن تي نظر وڌي مرشد سائين کي هٿ ٻڌي چيائين، ”بيشڪ اوهان صحي ٿا چئو. الله جي اُها ئي رضا هُئي ته مون کي قبول آ، پر مان اوهان کان هڪ سوال پڇڻ ٿو چاهيان.“
    ”ها....ها... بلڪل بابا.... تون جيئن چوندين تئين ٿيندو.“
    ”مرشد سائين!“ حاجي احمد، مرشد کي مخاطب ٿي چيو:
    ”جيڪڏهن مُنهنجي نياڻيءَ جي جاءِ تي اوهان جي نياڻي هُجي ها ته“...؟؟...؟؟

    زيادتين جو شڪار ٿيل انهن نياڻين جي نانءُ جن جا والدين انصاف لاءِ واجهائي رهيا آهن.


    خالي اکيون خالي رستا

    ڪمري ۾ هر طرف رنگ، فريم، پوريون، اڻ پوريون تصويرون ۽ سامان بي ترتيبيءَ سان ڦهليل ۽ انهن جي وچ ۾ بيٺل جمي. هٿن ۾ رنگن جي ٽري جهليل، ڪينواس تي ڪنهن تصوير ۾ رنگ ڀريندڙ، اوچتو سندس نظر گهڙي ڏانهن وڃي ٿي، ”اوه ڪافي دير ٿي وئي، امان جاڳي پئي ته....“ اهو سوچي، تصوير کي هٿ ۾ جهليل برش جو آخري ٽچ ڏئي، ٿورو پري هٽي تصوير کي ڏسي ٿو ۽ اطمينان ٿيڻ تي ڪنڌ لوڏي، ٽري رکي، ٻاهر نڪري پهريان پنهنجي ماءُ جي ڪمري تي نظر ڊوڙائي ٿو. ”سستي پئي آ.“ سُک جو ساههُ کڻي پنهنجي ڪمري ڏانهن وڌي وڃي ٿو. ماڻس کي هن جو ائين راتين جو دير تائين ڪم ڪرڻ ۽ اوجاڳا پسند نه هُئا ۽ هو ڪوشش ڪندو هو ته سندس ڪم سبب ماڻس جي آرام ۾ خلل نه پوي. ائين ئي، هڪ ڀيرو نه پر ڪيئي ڀيرا هن کي دير تائين ڪم ڪندو ڏسي چوندي هُئي، ”سڄي دُنيا آرام ۾ پئي آهي ۽ تون اڃان تائين ان ماليخوليا ۾ لڳو پيو آهين.“ تڏهن جمي کلي چوندو هو، ”اوهه امان!.... هي ماليخوليا ناهي... فن آ... آرٽ آ. فن جي دُنيا ڏاڍي وسيع آهي، ان کي ماڻڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن ننڊ ۽ آرام جي قرباني ڏيڻي پوي ٿي.“ سندس اُهي ڳالهيون ماڻس کي سمجهه ۾ نه اينديون هيون. سمجهي به ڪيئن، هوءَ ويچاري سادي سادي عام عورت، هن کي فن، ادب، آرٽ جي حسناڪين ۽ فنڪار جي پيڙائن جي ڪهڙي خبر. هن کي ته صرف جميءَ جي صحت جو خيال هوندو هو، ڪٿي هو بيمار نه ٿي پوي تڏهن چوندي هُئي، ”پر اُهو مُئو ڪهڙو فن آ، جيڪو ماڻهوءَ کي هوش مان ئي ڪڍي ڇڏي، نه کائڻ پيئڻ، نه پهرڻ جو هوش؟“ تڏهن جمي تصويرن ڏي نهاري پيار مان سمجهائيندي چوندو هُئس، ”امان!.... هنيئر توکي سمجهه ۾ نه ايندو... ڪُجهه ڏينهن کان پوءِ مُنهنجي تصويرن جي Exhibition، مُنهنجو مطلب آ، نمائش ٿيڻ واري آهي، مُنهنجون تصويرون، ماڻهو پري پري کان ڏسڻ ايندا، اخبارن ۾ فوٽو ڇپبا ۽ TV چئنلن تي انٽرويوز ٿيندا“ سندس ڳالهيون ٻُڌي، سندس اکين ۾ نظر ايندڙ خوابن کي پنهنجي اکين ۾ محسوس ڪندي پيار مان چوندي هُئي، ”.... هون... ته مُنهنجو پُٽ وڏو ماڻهو ٿي ويندو.“ پر وري پيار ڀري ڪاوڙ مان چوندي هُئس، ”ٺيڪ آ... ٺيڪ آ، بس هاڻي ڪُجهه آرام ڪر“ ماڻس سندس جنون ڏسي ڊڄي ويندي هُئي ۽ دل ئي دل ۾ هن جي صحت لاءِ دُعائون گهرڻ سان گڏ سندس ڪاميابيءَ لاءِ هٿ کڻندي هُئي. ماءُ جو هُئي ۽ هر ماءُ، پنهنجي اولاد لاءِ ائين ئي Concerned هوندي آهي.
    ٻئي ڏينهن شام جو نمائش جيVenue تان معاملا طئي ڪري موٽندي، رستي ۾ پوندڙ پنهنجي گرل فرينڊ مونا جي آفيس ڏانهن ڏسي، گهڙيءَ ڏانهن ٿو، ”آفيس ختم ٿيڻ واري آهي. مونا به ايندي هوندي.“ سوچي ٻاهر سندس انتظار ڪرڻ لڳي ٿو. ڪُجهه دير کانپوءِ مونا آفيس مان ٿڪل ٿڪل انداز ۾ ٻاهر نڪري ٿي ته سامهون جميءَ کي بيٺل ڏسي، چپن تي هلڪي مُرڪ آڻي هن ڏانهن وڌي وڃي ٿي. ٻئي هلندي، ڀرسان ئي هڪ ڪيفي جي ڪارنر ٽيبل تي ويهن ٿا، جتان شيشي جي هن پار رستي جو منظر نظر اچي رهيو هو. هو اڪثر اُن ڪيفي ۾، ڪارنر ٽيبل تي ئي اچي ويهندا هُئا ۽ پوءِ چانهه وغيره پيئڻ سان گڏ هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪري اٿي ويندا هُئا.
    ”ٿڪجي پئي آهين نه....“ ڪرسيءَ تي ويهندي، جمي، مونا جي ٿڪل چهري ڏانهن نهاري ٿو.
    ”اهو ته روز جو معمول آهي.“ مونا ڄڻ بيزاريءَ مان چئي ٿي، ”هي ليٽر... هوليٽر.... هو فائيل.... سڄو ڏينهن ٺڪ ٺڪ... مان ته بيزار ٿي پئي آهيان هن جاب مان.“
    ”ڇو“ جمي شرارتي انداز ۾ هن ڏانهن نهاريندي، ”تو واري صاحب کي، تو جهڙي حسين، نازڪ حسينه تي رحم نه ٿو اچي ڇا....“
    ”لعنت وجهينس.... مون کي ته هن جي شڪل ئي ڪانه وڻندي آ. خڙوس آ پورو، سڄو ڏينهن بُڪ بُڪ .... جهڪ جهڪ“ مونا بيزاريءَ مان چئي ٿي پر وري جلدي موڊ ٺيڪ ڪندي، ”ڌوڙ وجهينس.... ٻڌاءِ... Exhibition جو ڇا ٿيو.
    ”Don“.... جمي آڱوٺي سان اشارو ڪندي، ”ايندڙ هفتي آهي. تون ايندينءَ نه....“
    ”گڊ... مان ضرور ايندس.“ مونا خوشيءَ جو اظهار ڪندي، ”بلڪه ان ڏينهن مان آفيس مان موڪل ڪري، سڄو ٽائيم توسان گذارينديس.“
    ” Wow“ جمي سندس هٿ جي مٿان هٿ رکندي، ”پوءِ ته مُنهنجي تصويرن جا رنگ، خيال ۽ concept وڌيڪ اجاگر ٿي ويندا.“
    ”اڙي هو پوپٽ ڏس“ مونا اوچتو خوشيءَ مان هلڪي دانهن ڪري، دريءَ جي شيشي ٻاهران الاءِ ڪٿان ڀٽڪي ڪو پوپٽ هيڏي هوندي اڏندي نظر اچي ٿو.
    ”ويچارو“ جمي پوپٽ کي پريشان ڏسي، ”الاءِ ڪيئن ڀٽڪي هن Polluted ماحول ۾ اچي ويو آ.“
    ”ڪاش!.... مان به ڪو پوپت هُجان ها“ مونا، جميءَ جي Feelings کان بي خبر پوپٽ ڏانهن ڏسندي رهي ٿي. جيڪو اڏري اڏري ڪنهن ٻئي پاسي، پنهنجي ماڳ جي تلاش ۾ نڪري ويو هو، ”بس آزاد فضائن ۾ اڏرندي، ڪڏهن هن گل تي، ڪڏهن هُن گل تي. الا ڪيڏا نه خوبصورت ۽ نازڪ هوندا آهن!“
    ”ها.... ڏاڍا خوبصورت، ڏاڍا نازڪ“ جمي، مونا جي چهري تي شوخ نگاهون وجهي، ”خبر اٿئي، جيڪڏهن تون پوپٽ هُجين ها نه، ته مان توکي پڪڙي شيشي جي جار ۾ بند ڪري ڇڏيان ها. هميشه هميشه لاءِ.“ ٻئي کلڻ لڳن ٿا...

    اڄ جميءَ جي پينٽنگس جي Exhibition هُئي. آرٽ سان دلچسپي رکندڙ مرد ۽ عورتون هيڏي هوڏي ڦرندي تصويرن تي ناقدانه نظر وجهي رهيا هُئا. هڪ پاسي جمي ڪُجهه ماڻهن جي وچ ۾ بيٺي، پنهنجي تصويرن جي باري ۾ اظهار خيال ڪري رهيو هو پر سندس بي چين نگاهون، هيڏي هوڏي نهاري مونا کي تلاش ڪري رهيون هيون. ”... خبر ناهي ڇو نه آئي آ“ من ئي من ۾ سوچي ٿو، ايتري ۾ ڪو زنانو آواز هن کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪري ٿو. ”Excuse Me“ جمي ڪنڌ ورائي ڏسي ٿو. سندس سامهون هڪ نوجوان ڇوڪري بيٺي هُئي.
    ”Yes“ جمي هن ڏانهن نهاريندي.
    ”اوهان جون پينٽنگس ڏاڍيون خوبصورت آهن.“ ڇوڪري تصويرن ڏي نهاريندي چوي ٿي.
    ”Thank You Miss“ جمي هن ڏانهن ڏسندي.
    ”راحيله“ ڇوڪري پنهنجو تعارف ڪرائيندي، ”مان يونيورسٽيءَ ۾ فائن آرٽس جي اسٽوڊنٽ آهيان.“
    ”گُڊ“ جمي کيس ڄڻ انڪريج ڪرڻ جي انداز ۾، ”آرٽ سان دلچسپي زندگيءَ جي علامت هوندي آهي.“
    ”Thanks“ راحيله چئي، هڪ ائبسٽريڪٽ تصوير ڏانهن اشارو ڪندي، ”هن تصوير جي Concept بابت ڪُجهه ٻُڌائيندا.“
    ”Why not“.... بلڪل... اچو.“ جمي تصوير ڏانهن وڌندي، ”زندگيءَ جو Phenomena بذات خود ائبسٽريڪٽ آهي. بقول شاعر، ’اصول اِبتدائي گم آهي، عروج انتها ڪٿان آڻيون‘، انساني ڪرب، انساني پيڙا Feelings ، Thinking ۽ Complexes اُهي سڀ ائبسٽريڪٽ آهن.“ جمي جون نظرون Entrance ڏانهن کڄنديون رهن ٿيون، ”انهن جي اظهار جو ڪو سولو، ساڌارڻ طريقو طئي ڪري نه ٿو سگهجي، اهو ئي طريقو ٿي سگهي ٿو جنهن ۾ هر باشعور، تخيليقي ذهن رکندڙ انسان پنهنجو پاڻ کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.“ ايتري ۾ سندس نظر دروازي مان داخل ٿيندڙ مونا تي پئي ٿي، جيڪا دروازي تي بيٺي بيٺي، جميءَ کي ڳولي رهي هُئي.
    ”.... اوهه..... ايڪسڪيوزمِي....“ جمي راحيله کي تصوير وٽ ڇڏي، اتساهه مان مونا ڏانهن وڌي وڃي ٿي، ”دير ڪيئي....“
    ”ها... سوري“ مونا بيزاريءَمان، ”ڪُجهه ارجنٽ اسائنمنٽس هُئا... مٿان وري صاحب جو موڊ خراب“ لاپرواهيءَ سان ڪنڌ لوڏي، ”خير ڇڏينس Congratulations.“
    جمي ڪنڌ لوڏي پيار مان تصويرن ڏي نهاريندي، ”ڪيئن ٿو لڳئي....“
    ”Wonderful“ مونا تعريفي انداز مان جميءَ ڏانهن نهاريندي، ”مون کي پڪ آهي ته هڪ نه هڪ ڏينهن تُنهنجو نالو به ليونارڊو ڊاونسي، پڪاسو، وان گاڪ ۽ مائيڪل اينجلو سان گڏ کنيو ويندو.“ جمي کلڻ لڳي ٿو ۽ پوءِ هٿ کڻي، ”بس.... بس ايترو انگاس تي نه چاڙهه جو لهڻ ئي مُشڪل ٿي پوي. تو جن آرٽسٽن جا نالا کنيا آهن نه، اُهي پنهنجي دور جا عظيم آرٽسٽ هُئا، مان ته ڪُجهه به ناهيان.“ ٻئي هلندي ڀرسان واري ڪينٽين ۾ اچن ٿا. ”فن ۾ ڪابه ملاوٽ ناهي هوندي...“ ويهندي جمي چئي ٿو، ”سچي فنڪار جي ڏات ۽ فن جي سچائي ۽ سونهن ائين آهي ڄڻ ماءُ جي مامتا ڀري مُرڪ ۽ ارپنا“.
    ”اهو ته صحي آهي پر....“ مونا ڪُجهه سوچيندي، ”اسان جي ملڪ ۾ ان فن جو قدر ڪٿي آ“ سندس ڳالهه ۾ هلڪي مايوسي محسوس ڪندي جمي پڇي ٿو، ”ڇا مطلب...“
    ”مطلب ته شوق جي حد تائين ته ٺيڪ آهي.“ مونا گنڀيرتا سان چئي ٿي، ”پر زندگيءَ جون ٻيون مادي ضرورتون به ته آهن نه.“
    ”صحي آ.“ جمي ڪافيءَ جو مگ کڻندي، ”پر ڪي ڪي خواهشون ۽ ضرورتون پنهنجي مٿان هروڀرو به Impose ڪيون وينديون آهن ۽....“ ڪافيءَ جي سپ وٺي، ”۽ جڏهن اُهي پوريون نه ٿيون ٿين تڏهن فرسٽريشن يا هيومن ڪرائيسز شروع ٿئي ٿو، ماڻهو اندر ئي اندر پاڻ کي کائڻ لڳي ٿو. رشتا ٽُٽڻ لڳن ٿا ۽ ماڻهو آهستي آهستي Isolate ٿيندو ٿو وڃي.“ ساهي کڻي ٿو. مونا هن ڏانهن ڏسندي رهي ٿي، ”...اڄ جي انسان کي خوبصورتي ۽ پيار جي ضرورت آهي ۽ آرٽ ئي اهو واحد ذريعو آهي جنهن سان مرده دلين ۾ ساههُ وجهي، جيئڻ جو اتساهه پيدا ڪري سگهجي ٿو. ”خير ڇڏ... مان تُنهنجو پورٽريٽ ٺاهيندس“
    ”مونا ليزا جهڙو“ مونا خوش ٿي چوي ٿي. ”ها“ جمي سندس اکين ۾ نهاريندي، ”اُن کان به وڌيڪ خوبصورت.... اُن ۾ زندگيءَ جا هڙ ئي رنگ ڀريندس.“
    ”ڇڏ“ مونا مسڪرائي، ”مان ايڏي به خوبصورت ناهيان.“
    ”مُنهنجي اکين ۾ ڏس“ جمي پيار مان چئي هن جي اکين ۾ نهاري ٿو.
    ”اڄ مان ڏاڍو ٿڪجي پئي آهيان“ مونا پيشاني تي هٿ رکندي، ”ڪُجهه طبيعت به ٺيڪ ناهي. شايد ٽيمپريچر به آهي.“
    ”اوهه“ مونا جي ڳالهه ٻُڌي، جمي پريشانيءَ مان سندس پيشانيءَ تي هٿ رکندي، ”ها. واقعي... ڪا دوا وٺي آرم ڪر“.... ”ٺيڪ آ.“ مونا ڪنڌ لوڏي ٿي ۽ ٻئي ڄڻا ڪئنٽين کان ٻاهر اچن ٿا.
    ان کان پوءِ ڪُجهه ڏينهن لاڳيتو مونا هُن جي اسٽوڊيو ۾ ماڊلنگ لاءِ ايندي رهي ۽ جمي سندس پورٽريٽ تي ڪم ته ڪندو رهيو پر هن مونا ۾ ڪُجهه تبديلي محسوس ڪئي جنهن کي هوڪا معنيٰ ته نه ڏئي سگهيو، صرف اهو سوچي ماٺ رهيو ته هوءَ گهرو مسئلن بابت شايد گهڻو فڪرمند رهڻ لڳي آهي. جنهن جو ذڪر، خود مونا به ڪيئي ڀيرا ڪري چُڪي هُئي.
    ”هاڻي مان بور ٿي ٿيان“ مونا ڄڻ بيزاريءَ مان اٿندي چيو، سندس انداز ۾ ڪُجهه چڙچڙو پن محسوس ڪندي جمي، ”Ok.... هل ته ٻاهر هلي ڪُجهه فريش ايئر ۾ ٿا ويهون.“
    ٻئي ڄڻا خاموش. خاموش هلندي ڀرسان واري ننڍڙي پارڪ ۾ اچي هڪ بينچ تي ويهن ٿا. مونا جي مُک تي بيچيني ۽ ڪشمڪش جي انداز کي ڏسي جمي، ”ڇا ڳالهه آ مونا...ڪُجهه پريشان ٿي لڳين.... خير ته آهي نه....!؟“ سندس ڳالهه تي مونا ڄڻ چونڪي، ”ڇا.... ها... نه... نه... ڪُجهه به ته ڪونهي.“
    ”ڏس مونا!...“ جمي سندس هٿ وٺي، هلڪي ٿپڪي ڏيندي، ”تون اداس نه ٿيندي ڪر. سچ تون جڏهن اداس ٿيندي آهين نه، تڏهن ائين لڳندو آ، ڄڻ ڪا تخليق پنهنجي اندر ۾ ئي ڀُري پئي هُجي.“
    ”ڪاش!.... مان به ان پوپٽ وانگر هجان ها“ مونا ڀرسان گذري ويندڙ پوپٽ ڏانهن نهاريندي حسرت مان چئي ٿي.
    ”ته پوءِ اچ...“ جمي سندس هٿ پڪڙي اٿندي، مونا بي دليءَ سان اٿي ساڻس هلي ٿي ۽ گلن جي ڀرسان اچي بيهي رهي ٿي. جمي پوپٽ پڪڙڻ لاءِ هيڏي هوڏي ڊوڙندو رهي ٿو. مونا، جميءَ کي پوپٽن پويان ائين ڊوڙندو ڏسي ٿي ته سندس اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي اچن ٿا. هوءَ ڳوڙهن کي ڳلن تي ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ اکين ۾ ئي جذب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي پر پوءِ به ٻه ڳوڙها، سندس ڳلن تان ترڪي زمين ۾ جذب ٿي وڃن ٿا. پنهنجي ڪيفيت کي لڪائڻ لاءِ هوءَ جميءَ کي پٺي ڏئي بيهي ٿي رهي. ٿوري دير کان پوءِ ڪُجهه سوچي هوءَ جميءَ ڏانهن نهاري ٿي جيڪو سندس لاءِ پوپٽن، پويان ٻارن وانگر ڊوڙي رهيو هو ۽ پوءِ هوءَ تڪڙيون وکون کڻي پارڪ مان نڪري وئي بنا پوئتي مُڙي ڏسڻ جي، عين ان وقت جميءَ هڪ پوپٽ پڪڙي خوشيءَ مان دانهن ڪئي، ”مونا... مونا... هي ڏس... پوپٽ.“ مونا کي نه ڏسي حيرت مان هيڏي هوڏي نهاري ٿو. سندس پوپٽ وارو هٿ کڄيل ئي رهجي وڃي ٿو ۽ هن آڱريون ڍريون ڪري پوپٽ کي آزاد ڪري ڇڏيو ۽ بوجهل قومن سان پارڪ کان ٻاهر وڃڻ وڃڻ لڳي ٿو. کيس ائين لڳي رهيو هو ڄڻ دل ۾ چيل Good Bye لفظن جا پڙاڏا سندس ڪنن ۾ گونجي رهيا هُئا.
    ڪافي ڏينهن گذري ويا. جميءَ جو مونا سان ڪو رابطو نه ٿي سگهيو، مونا جي فون جو Switch Off ئي مليو. ان دوران هو مونا جي پورٽريٽ تي ڪم ڪندي مونا کي پاڻ سان گڏ محسوس ڪندو رهيو پر هن جي ائين غائب ٿي وڃڻ کي ڪا معنيٰ ڏئي نه سگهيو هو. ان ڏينهن هن مونا جو پورٽريٽ مڪمل ڪري، ان جو هر Angle کان جائزو وٺڻ کان پوءِ مطمئن ٿيندي، ”ڪيڏو نه خوش ٿيندي، جڏهن مان هن کي پورٽريٽ سامهون بيهاري چوندس ته ڏس، تون مونا ليزا کان وڌيڪ خوبصورت آهين.“ اهو سڀ ڪُجهه سوچي، هن ڪينواس مٿان ڪپڙو ڏئي ڇڏيو ته متان ڪنهن جي نظر نه لڳي وڃيس.
    ٻئي ڏينهن صبح جو هو ڏاڍو خوش هو. سوچيائين اڄ هو مونا جي آفيس وڃي کيس اُها خوشخبري ڏيندو. روز جيان چانهه پي سگريٽ دُکائي اخبار کڻي ٿو. اخبار تي نظر ڊوڙائيندي اوچتو سندس نظر هڪ فوٽو تي پئي ٿي ”مونا!“ بي اختيار سندس چپن تي مونا جو نالو اچي وڃي ٿو. هو حيرت مان فوٽوءَ کي ڏسندو رهي ٿو جنهن ۾ مونا، ڪنوار جي روپ ۾ پنهنجي باس سيٺ عابد جي ٻانهن ۾ ٻانهن ڏئي بيٺي آهي، ڪئپشن پڙهي ٿو، ”مشهور صنعتڪار سيٺ عابد پنهنجي نئين نويلي ڪنوار مونا سان گڏ.“
    ”اوهه... ته اُها ڳالهه هُئي“ ڪئپشن پڙهي اونهو ساهه کڻي، اخبار سامهون ٽيبل تي رکي، پاڻ کي ڪرسيءَ تي ڍرو ڇڏي ڏئي ٿو ۽ دل ئي دل ۾ چئي ٿو، ”....ٺيڪ آ... ٺيڪ آ مونا... تو صحي چيو هو ”فنڪار سپني جهڙي شهرت ۾ ته گذاري سگهي ٿو پر زندگيءَ جهڙي دولت کان محروم.“ سندس ذهن ۾ مونا جا چيل لفظ گونجڻ لڳن ٿا، ”شوق جي حد تائين ته اهو ٺيڪ آ پر زندگيءَ ۾ مادي ضرورتن کي به نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي.“
    ۽ پوءِ وقت جا بي رحم ڪانٽا، سڪينڊن، منٽن، ڏينهن، مهينن ۽ سالن جي مرادين/نامرادين کي پنهنجي گردش ۾ لپيٽي ڇڏيو.
    فن جي ناقدريءَ کان مجبور ٿي جمي ڄڻ ته تخيلقي ڪم مان هٿ ڪڍي ويو هو. هاڻي هُو ڪمرشيل ورڪ ڪرڻ لڳو ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته هو آرٽسٽ بدران پينٽر ٿي ويو هو.

    ان ڏينهن جمي پنهنجي ننڍڙي اسٽوڊيو ۾ ڪنهن سائن بورڊ تي ڪم ڪري رهيو هو ته ڪنهن جي آهٽ محسوس ڪري ڪنڌ مٿي کڻي ڏسي ٿو ته کيس حيرت وٺي وڃي ٿي. ”مونا.... تون!؟“ کيس ڄڻ وقت جا ڪانٽا Anticlockwise ڦرندا محسوس ٿين ٿا، ”اوهه.... اچ ويهه“ مونا ان اسٽول تي ويهي ٿي جنهن تي پورٽريٽ جي ماڊلنگ دوران ويهندي هُئي. جمي سندس سامهون ٻئي اسٽول تي ويهي، کيس ڏسندو رهي ٿو. مونا ڪنڌ جهڪائي هٿ ۾ جهليل Key Chain کي مهٽيندي رهي ٿي.
    ”ڪيئن آهين“
    ”ٺيڪ...“ مونا آهستي جواب ڏئي، هيڏي هوڏي ڏسڻ لڳي ٿي.
    ”اخبار ۾ تُنهنجو شاديءَ وارو فوٽو ڏٺو هُئم. ڏاڍو ٺهي پيو توتي اهو شاديءَ جو وڳو“ مونا چپ. تڪڙ تڪڙ ۾ چاٻين کي اٿلائڻ پٿلائڻ لڳي ٿي.
    ”ياد اٿئي...“ جمي اٿي هيڏي هوڏي هلندي چئي ٿو، ”هڪ ڀيري پارڪ ۾ پوپٽن کي ڏسي تو چيو هو، ’ڪاش‘ مان به پوپٽ هُجان ها...“ هلڪو مسڪرائي ”۽ مون چيو هو ، ”جيڪڏهن تون پوپٽ هُجين ها ته مان توکي پڪڙي شيشي جي جار ۾ قيد ڪري ڇڏيندس ۽.... ۽ پوءِ تون پوپٽ وانگر اڏامي وئي هُئين... خاموش ڇو آهين... ڪُجهه ڳالهاءِ نه...“ جمي هن ڏانهن نهاري ٿو، مونا ڪنڌ مٿي کڻي، هڪدم جهڪائي ڇڏي ٿي، پر پنهنجون ڀنل پنبڻيون جميءَ کان لڪائي نه سگهي، ”اڙي... هي تُنهنجون اکيون آليون ڇو ٿي ويون آهن... خوش ته آهين نه، ”جمي سندس اکين ۾ نهاري ٿو.
    ”نه.... نه.... مان بلڪل خوش آهيان“ مونا چهري تي ڦِڪي مُرڪ آڻي، ”ڇا ٿيو آ مون کي؟“
    ”ها... شايد ڪُجهه به نه....“ جمي نظرون هٽائي هيڏي هوڏي هلندي، ”مونا! ڪڏهن ڪڏهن اکيون دوکو به کائي وينديون آهن ۽....۽ ڪڏهن ڪڏهن اکيون دوکو ڏيڻ به چاهينديون آهن پر ڏئي نه سگهنديون آهن.“
    ”اڄڪلهه ڇا ٿو ڪرين“ مونا جميءَ جي ڳالهين سان پنهنجو ساههُ مُنجهندي محسوس ڪيو ته هڪدم ڳالهه بدلائيندي چيو.
    ”اهو ئي جيڪو پهريان ڪندو هُئس“ جمي اسٽوڊيو جي سيشن ڏانهن اشارو ڪندي چوي ٿو.
    ”پينٽنگس!؟“
    ”ها.... پينٽنگس!؟“
    ”ها... پينٽنگس... پر رڳو ڪمرشيل ورڪ.“
    ”۽.... ۽... Creative!?“
    ”نه... تخليق جي ڀوڳنا هاڻي سهي نه ٿو سگهان.“ جمي هلڪي ڏُک مان، ”تخليقي عمل ڏاڍو ايذائيندڙ ۽ دکدائڪ آهي.... تو صحي چيو هو، ”هتي فن جو قدر ڪونهي. جتي ڪتاب ۽ فن پاره فٽ پاٿن تي ليٿڙيون پائيندا هجن. اتي، فنڪارن لاءِ ڪهڙو اتساهه؟“
    ”هون....“ مونا، جميءَ جي اداس چهري ڏانهن نهاري ٿي ۽ پوءِ آهستي چئي ٿي، ”...۽ هو پورٽريٽ...“
    ”ها... مون هڪ مورت تخليق ڪئي هُئي“ جمي ڪنڌ لوڏي چئي ٿو، ”مون سوچيو هو، اُها بي بها آهي.... انمول، ان جي بها ته شايد ڪير به ڏئي نه سگهي ها... پر... پر خبر اٿئي ڇا ٿيو؟“ مونا ڪنڌ کڻي هن ڏانهن ڏسندي، ”ڇا.“
    هڪ ڏينهن اوچتو ان مورت جا چپ چرڻ لڳا ۽ هن پنهنجي قيمت پاڻ مقرر ڪري Price Tag پنهنجي ڳلي ۾ لڙڪائي ڇڏيو هو. تڏهن مون هن مٿان ڪارو برش ڦيرائي ڇڏيو هو.“
    ”اوهه....“ مونا جي چهري تي ڪرب جا آثار ظاهر ٿيڻ لڳا. جميءَ جا لفظ تير وانگر هن جي دل ۽ دماغ تي وسي رهيا هُئا، هن کي لڳو ڄڻ هن جو ساههُ ٻوساٽجي رهيو آهي، تڏهن آهستي چيائين، ”... مان وڃان...!“
    ”ڇو... ٿڪجي پئيئن.... اوهه شايد تُنهنجو ساههُ ٿو مُنجهي... هونهه! ياد اٿئي هڪ ڀيري تو چيو هو ته، ”جمي، هن ننڍي جڳهه ۾ تُنهنجو ساهه نه ٿو مُنجهي...“ هي اڪيلائي... توکي ڊپ نه ٿو ٿئي!؟ تڏهن مون چيو هو ، ”مونا ڪيڏي نه عجيب ڳالهه ڪئي اٿئي. پنهنجي گهر ۾ به ڪنهن جو دم گهٽبو آهي ڇا. پنهنجي گهر ۾ ڪهڙو ڊپ.... مان اڪيلو ناهيان مونا!.... مون جهڙا ٻيا به ڪروڙين انسان آهن جيڪي پيرن ۾ نظرون کپائي هلندا آهن ته ڪٿي ڌرتيءَ تان نه اکڙي وڃن... ها... مونکي ڊپ ٿيندو آهي، جڏهن مان اوچي اوچي بلڊنگس جي ڀرسان لنگهندو آهيان ته اهو ڊپ ٿيندو آهي ته اُهي ڪٿي مُنهنجي مٿان نه ڪري پون ۽ مان ۽ مُنهنجو فن انهن جي ملبي هيٺان دٻجي نه وڃي.... اوهه.... سوري. مون توکان چانهه جو ته پُڇيو ئي ڪونه. ترس، مان چانهه جو چئي اچان“ هو ٻاهر نڪري وڃي ٿو ۽ ٿوري دير کان پوءِ واپس اچي ٿو ته مونا کي ساڳئي اسٽول تي Statue وانگر ويٺل ڏسي ٿو.
    ”تون اڃان تائين ڪونه بدليو آهين“ مونا هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي.
    ”ها... ڇاتي بدلجان!؟“ جمي تلخ مسڪراهٽ سان، ”جڏهن پنهنجو پاڻ کي دوکو ڏيڻ جو ساهس ساري سگهيس ته... ها..... شايد.“
    ”چڱو مان هلان ٿي“ مونا سندس ڳالهين جا تير پنهنجي روح تي هلندي محسوس ڪري اٿڻ جي ڪري ٿي.
    ”اڙي... چانهه ته پيتئي ڪانه... بس..... ٻه منٽ اچڻ واري آهي.“ جمي هن ڏي نهاريندي، ”هڪ ڳالهه ٻڌايانءَ؟“ مونا ڪنڌ کڻي سواليه نظرن سان ڏسي ٿي.
    ”بلندين تي چڙهندي، ڪڏهن ڪڏهن ڪنڌ ورائي پستيءَ ڏانهن به ڏسڻ گهرجي. هي بلنديون ۽ هي پستيون هڪ ٻئي جون محتاج آهن... سمجهين ٿي نه.... پستي نه هُجي ته جيڪر بلنديءَ جو احساس ئي ختم ٿي وڃي ٿو.“ اونهو ساههُ کڻي، ”ها مونا! بلندين تي چڙهندي پويان ڪي نشان ضرور ڇڏڻ گهرجن... ائين نه ٿئي جو ماڻهو واپسيءَ جو گس ئي وڃائي ويهي.“
    ”بس ڪر. بس ڪر جمي...“ مونا ڄڻ تڙڦي اٿي ٿي، ”مُنهنجي روح تي وڌيڪ رانڀوٽا نه لڳاءِ....مان.... مان.... واپس اچي وئي آهيان.“
    ”تو ڏاڍي دير ڪئي آ مونا“ جمي چئي دروازي ڏانهن نهاريندي، ”اوهه.... چانهه به اچي وئي.
    هڪ عام شڪل شبيهه واري نوجوان عورت چانهه جي ٽري کڻي داخل ٿئي ٿي. جمي اڳتي وڌي ٽري وٺندي. ”ٿئنڪس“. مونا تجسس مان عورت ڏانهن نهاري ٿي. جمي سندس نگاهن جو سوال پڙهي، ”اوهه... ها.... هي جنت آهي. مُنهنجي لائيف پارٽنر... ۽ جنت هي مونا آهي. مُنهنجي ڪلاس فيلو.“
    جنت سلام ڪري هلي وڃي ٿي. جمي چانهه ٺاهي مونا ڏانهن وڌائي ٿو. مونا ڏڪندڙ هٿن سان ڪپ وٺي پاسي واري اسٽول تي رکندي، ”بهرحال، اهو هڪ وسارڻ جهڙو خواب هو. تُنهنجو... ۽ مُنهنجو... توکي پنهنجو تخليقي ڪم جاري رکڻ گهرجي“ مونا کن رکي، ”تون ئي ته چوندو آهين نه، ته فنڪار قومن جي تاريخ ۽ ڪلچر جا امين ۽ Identity هوندا آهن.“
    ”ها... شايد مان غلط هُئس“ جمي ڏُک مان پنهنجي ٽڙيل پکڙيل پورين اڻپورين تصويرن ڏانهن نهاري، تلخيءَ جي انداز ۾، ”جنهن سماج ۾ فنڪار مجبورين جي Sign board تي ٽنگيل هجي، ان قوم جي ڪهڙي تاريخ.... ڪهڙو ڪلچر.... ۽... ڪهڙي Identity....؟؟؟“
    هو ٻٺي ورائي ٿو. مونا وڃي چُڪي هُئي ۽ ڀرسان رکيل چانهه جي ڪپ مان ٻاڦ نڪري رهي هُئي.


    سمجهوتو (Compromise)

    ..... ۽ پوءِ شازيءَ جي شادي ٿي وئي. نه چاهيندي به پنهنجي پيءُ جي عزت خاطر هن پنهنجو جسم سٺ سالن جي آغا صاحب جي جهوليءَ ۾ اُڇلي ڇڏيو، ”هان وصول ڪر پنهنجو قرض.“ شازيءَ جي پيءُ سيٺ آغا صاحب کان پنهنجي تباهه ٿيل ڪاروبار کي ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ وڏو قرض ورتو هو پر قسمت جي ديوي شايد هن کان رُٺل هُئي. هو اوچتو هڪ موذي مرض جو شڪار ٿي ويو ۽ آغا صاحب کان ورتل قرض سندس بيماريءَ تي خرچ ٿي ويو. آغا صاحب سندس مجبوريءَ جو فائدو وٺندي، قرض جي بدلي سندس جوان ڌيءُ شازي جو سڱ گهري ورتو. شازيءَ جو پيءُ سندس مطالبو ٻُڌي حيران ۽ پريشان ٿي ويو. سندس سامهون جوان ڌيءَ شازيءَ جو چهرو ڦرڻ لڳو ۽ انڪار جي صورت ۾ آغا صاحب طرفان جيل وڃڻ جي ڌمڪي جو آواز.
    شازي کان پنهنجي پيءُ جي حالت ڏٺي نه وئي. هن جي دل ۾ آغا صاحب لاءِ بي پناهه نفرت سمائجي وئي ۽ هن ڪُجهه سوچي ان شاديءَ لاءِ پنهنجو راضپو ڏيکاريو.

    شازي بي جان پٿر جي مورتيءَ جان.... بيڊ تي ليٽيل، سندس ٻئي اکيون بند. هيٺيون چپ ڏندن ۾ ڀڪوڙيل ڀانءَ ڄڻ ٻرندڙ جبل کي ڦاٽڻ کان روڪڻ جي ڪوشش. اندر آڳ جي تپش سندس مُک تي. آغا صاحب سندس مُڙس. سندس ڀر ۾ سُتل آهي ۽ سندس هٿ شازيءَ جي ڇاتيءَ تي رکيل ۽ پوءِ اهو هٿ شازي جي بدن جي لاهين چڙهين تي ڦرڻ لڳي ٿو... شازيءَ جون ٻئي اکيون بند، سندس تڪڙن تڪڙن ساهن جي گرمائش آغا صاحب کي ڇرڪائي ڇڏي ٿي.
    ۽ پوءِ آغا صاحب ناڪام ڪوشش ڪندو رهيو.
    هڪ سيڪنڊ
    ٻه سيڪنڊ... اف!
    آغا صاحب سهڪندي بيڊ تي پير لڙڪائي ويٺل. آڱر سان پيشانيءَ تان پگهر اگهي چور نظرن سان شازيءَ ڏي نهاري ٿو. شازيءَ جون ٻئي اکيون بند، تڪڙا تڪڙا ساهه. آغا صاحب شازيءَ جي تڪڙن ساهن سبب هيٺ مٿي ٿيندڙ ڇاتين جي نوڪن کي ڏسي ڄڻ ڏڪي وڃي ٿو. لڳيس ٿو ڄڻ انهن هماليه جي چوٽين تان ڪري سندس وجود پرزا پرزا ٿي وينديو. اندر ۾ خاليپڻي جو احساس. خال... خال.... خال... هو هڪدم انهن هماليه جي چوٽين تان نظرون هٽائي اٿي بيهي ٿو. ۽ ڀرسان رکيل ڪپڙا کڻي تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻي ڪمري کان ٻاهر نڪري وڃي ٿو.
    ۽ شازيءَ جون ٻئي اکيون بند، تڪڙا تڪڙا ساهه، مُک تي بي پناهه نفرت جا لڙي آيل پاڇا... ”نامرد!“ شازي نفرت مان ڀڻڪي ٿي.
    ٻئي ڪمري ۾ آغا صاحب، گلاس ۾ شراب اوتي آهستي آهستي سرڪيون ڀريندي ڪُجهه سوچيندو رهي ٿو. ٿوري اڳ واري اڻ پوري گناهه جي احساس تي. ”شازي ڪيڏي نه ڪوآپريٽو آهي!“ لڳيس ٿو ڄڻ شازيءَ بدران ڪا ٻي عورت سندس زال هُجي ها ته هو ڪي ڏينهن اڳ آپگهات ڪري مري وڃي ها يا هُو طلاق وٺي وڃي ها. ”عورت لئه پئسو وڏي شئي آهي.“ سوچي ٿو من ئي من ۾. ”هي سڀ ڪُجهه مان شازيءَ لاءِ ئي ته ڪيان پيو نه. هن کي سڀ ڪُجهه ملي ٿو پيو ٻيو ڇا گهرجيس؟“ چپن ڏانهن گلاس وڌائيندي اوچو کڙڪو ٻُڌي ٿو ته گلاس هٿن ۾ لڏي وڃيس ٿو. ”ڪير آ؟!“ ورانڊي ۾ ڪنهن جي پيرن جو آواز ٻُڌي خالي خالي نظرن سان در ڏانهن نهاري ٿو، اجنبي پيرن جو پڙلاءُ ڌمڪ جان سندس مٿي تي لڳندو رهي ٿو. ”ڪير آ؟“ گلاس ٽيبل تي رکي اٿي بيهي ڪنائڻ لڳي ٿو. ڀانئين ٿو ڪا شيءَ آهي. تيز تکي جا ڇريءَ جان سندس ذهن ۾ لهندي ٿي وڃي. اڻپوري گناهه جو احساس. ”مُنهنجو وهم آ شايد....“ کلڻ جي ناڪام ڪوشش، ڦڪي ڦڪي مُرڪ چپن تي. ”ڪير آ؟... ڪير آ؟....“ ڪنهن جي هجڻ نه هُجڻ جو احساس سندس وجود تي بلڊوزر جان هلڻ لڳي ٿو. در جي ڀرسان اچي ساهه روڪي ڪُجهه ٻُڌڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پوءِ در کان هٽي ڪمري ۾ هيڏي هوڏي هلڻ لڳي ٿو. ”ڪير ڪونهي... وهم آ... نه، نه..... وهم ناهي. ڪو آهي. ڪو.“ ڪنهن جي پيرن جي پڙلاءَ هيٺان پاڻ کي چيڀاٽجندي محسوس ڪري، شڪي نظرن سان در ڏانهن نهاري ٿو. ”چور!.... چور ته ڪونهي!“ سوچي ٿو ۽ هڪدم گائون پائي ٽيبل جو خانو کولي پستول کڻي در ڏانهن وڌي ٿو ۽ در جي ڀرسان اچي ڪُجهه ٻڌڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ”ڪير به ڪونهي.“ ڄڻ مطمئن ٿي ڪنڌ لوڏي پوئتي موٽندي ڀڻڪي ٿو. ”ڪير هوندو ڀلا... اجايو...“ پر ڪنهن جي هجڻ جو احساس کيس بي چئن بنائڻ لڳي ٿو. ذهن جي ڪنڊ ڪنڊ مان آواز اچيس ٿو.
    ”ڪو آهي!
    ڪو آهي....!
    ڪو آهي...!
    ڪو.... ڪو....“
    سندس هٿ پستول تي کپي وڃي ٿو ۽ هو آهستي آهستي در ڏانهن وڌڻ لڳي ٿو ۽ پوءِ در تي بيهي ڪُجهه ٻڌڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ پوءِ آهسي آهستي در کولي ٻاهر نڪري وڃي ٿو.... آهستي آهستي پٻن جي زور تي ورانڊي ۾ هلندي هيڏي هوڏي نهاري ٿو. ”ڪير به ڪونهي. مُنهنجو وهم آ.“ سوچي موٽڻ لاءِ پٺي ورائي ٿو. ته اوچتو شازيءَ جي ڪمري مان شازيءَ جو هلڪو ٽهڪ ٻُڌي ڄڻ سراپجي وڃي ٿو. ”هي... هي شازي؟!...“ اوچتو ذهن ۾ شڪ جي ديوار اُڀي ٿيندي محسوس ڪري ٿو. تڏهن سندس مٿي مان ڄڻ ٺڪاءُ نڪري وڃن ٿا. شازي جي ڪمري جي بند ٿيل در کي گهوريندي لڳيس ٿو سندس وجود شازيءَ جي بند ٿيل در جي تاڪن ۾ ڦاٽل. ”شازي!.... شازي!!... شازي!!...“ ڏڪندڙ پيرن سان اڳتي وڌي بند ٿيل در جي ڀرسان اچي بيهي ٿو ۽ در تي ڪن رکي ڪُجهه ٻُڌڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ پوءِ جهڪي ڪي هول مان اندر نهاري ٿو. ”اڙي!“ اوچتو جهٽڪي سان سڌو ٿي ٿڙندڙ قدمن سان پوئتي هٽي بيهي ٿو. لڳيس ٿو ڄڻ ڪنهن لڪل هٿ سندس لوندڙيءَ تي بجليءَ جي تار رکي ڇڏي هُجي. هو درڙي ڀري سڌو ٿي وڃي ٿو. سندس هٿ پستول تي سختيءَ سان ڄمي وڃي ٿو. ”مان... مان ٻنهي کي خون ڪندس.... خون!؟“ تڏهن اوچتو اندران شازي جو ٻيو ٽهڪ گونجي ٿو. سندس اکين مان ڄڻ باهه جا الا نڪرڻ لڳن ٿا. سندس بدن ڏڪڻ لڳي ٿو ۽ جوش ۾ اڳتي وڌي در کولڻ لاءِ هئنڊل ڏانهن جيئن ئي هٿ وڌائي ٿو ته ڪمري اندران شازي ۽ اجنبيءَ جو گڏيل ٽهڪ گونجي ٿو. تڏهن سندس هٿ هئنڊل تي رڪجي وڃي ٿو. ”اف!... ماڻهو ڇا چوندا؟... مُنهنجي عزت... خانداني وقار اوهه!“ ڦاٽل ڦاٽل اکين سان هيڏي هوڏي نهارڻ لڳي ٿو. تصور ۾ سرعام پنهنجي عزت جون ڌڄيون اڏندي ۽ ماڻهن کي پاڻ تي کلندي ڏسي ٿو. وڏا وڏا ٽهڪ نامرد!... نامرد جا آواز سندس ڪنن ۾ گونجندڙ تڏهن اندران اجنبيءَ جو آواز اچي ٿو. ”شازي! تُنهنجو مُڙس اچي وڃي ته پوءِ؟“
    ”پوءِ ڇاهي!“ شازي لاپرواهيءَ سان چئي ٿي. ”مون کي ان نامرد جي پرواهه ڪانهي. مان ڪا چوري ڪانه ٿي ڪريان پنهنجو حق ٿي وٺان. ”جيئن هُن پنهنجو قرض اڳاڙيو آ.“
    ”حق!؟“ در ٻاهران سيٺ صاحب کي ڄڻ حيرت جو جهٽڪو لڳي ٿو. ”حق!؟ حق!!!؟ قرض!!؟ اف!“ تڏهن اندران اجنبيءَ جو آواز اچي ٿو، ”هن جو توتي ڪيڏو نه اعتماد آهي.“
    ”نه“ شازيءَ جو آواز اچي ٿو ”هن جو مون تي نه پر پنهنجي دولت ۽ خاندانيءَ تي اعتماد آهي. اهڙا ماڻهو سمجهن ٿا ڄڻ هو دولت ۽ خاندانيءَ وقار سان عورت جي جسم سان گڏ عورت جو روح به خريد ڪري ٿا سگهن. اف!... ڪيڏو نه عذاب ڀوڳڻو پوندو اٿم!... ڪڏهن ڪنهن پوڙهي عورت سان سمهڻ جو اتفاق ٿيو اٿئي؟... خبر اٿئي جڏهن پنهنجو برف جهڙو سرد جسم مُنهنجي مٿان اڇلائي مون سان چنبڙي ويندو آهي. تڏهن مون کي هن تي ڏاڍو رحم اچي ويندو آهي.“
    ”رحم!؟ اف شازي!“ لڳيس ٿو سندس بدن جو سمورو رت ڄڻ ڪنهن انجيڪشن ذريعي ڪڍي ورتو هُجي. سندس اکين آڏو انڌيرو ڇانئجي وڃي ٿو ۽ هو ٿيڙ کائي انڌن وانگر سهاري لاءِ ڀت ڏانهن هٿ وڌائي ٿو ۽ ڀت کي ٽيڪ ڏئي تڪڙا تڪڙا ساهه کڻڻ لڳي ٿو.
    اندران شازيءَ جو جذبات سان ڀريو آواز اچي ٿو.
    مان ٻري رهي آهيان....
    مان جلي رهي آهيان... اچ...اچ... مون کي پنهنجي ٻانهن ۾ لڪائي مُنهنجي بدن جي آڳ اجهائي ڇڏ!...
    اچ!.... اچ!!...“
    تڏهن سندس وجود اونداهين ۾ گم ٿي وڃي ٿو ۽ هو ٿڪل ٿڪ قدمن سان پنهنجي ڪمري ڏانهن وڌڻ لڳي ٿو ۽ ڪمري ۾گهڙي ڪمرو اندران لاڪ ڪري ڦان ڪري ڪوچ تي ڪري پوي ٿو.
    ٻئي ڪمري مان شازي ۽ اجنبي جا گڏيل ٽهڪ گوجندا رهن ٿا، هو ڊپ مان بند ٿيل در ڏي ڦاٿل اکين سان نهاري ٿو...
    .... ۽ پوءِ گلاس چپن تي رکي هڪ ئي ڳيت سان تلخ شراب نڙي ۾ اوتي ڇڏي ٿو.


    اليڪشن سليڪشن

    ٻارهن سالن کانپوءِ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي 2015ع ۾ مڪاني چونڊن جو شيڊيول آيو ته عام ماڻهن ۽ خاص ڪري ڪارڪنن ۾ خوشيءَ جي لهر ڊوڙي وئي. هر ڪو اليڪشن ۾ بيهڻ لاءِ پرساهڻ لڳو. بار بار حڪومت ڪندڙ پارٽيءَ جي ڪارڪنن ۾ اميد جاڳي ته پارٽيءَ لاءِ ڪيل خدمتن ۽ ڏنل قربانيءَ جي عيوض هن ڀيري پارٽي ٽڪيٽ ضرور ملندي. اهو سوچي هنن پنهنجي پنهنجي علائقي جي پارٽي سربراهه وٽ ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ درخواستون جمع ڪرايون جن ۾ هنن پارٽيءَ لاءِ ڏنل پنهنجي قربانين ۽ ڪارڪردگيءَ جو تفصيل سان ذڪر ڪيو.
    علائقي جي پارٽي سربراهه سندن درخواستون وصول ڪندي کين آسرو ڏنو ته سڀني جون درخواستون سفارش سان گڏ ٽڪيٽ ڏيڻ واري مرڪزي ڪاميٽيءَ ۾ ڏنيون وينديون. مان پنهنجي طرفان به سفارش ڪندس ته ڪارڪن پارٽيءَ جو اثاثو آهن، کين ٽڪيٽ ضرور ملڻ گهرجي.
    اڄ پارٽيءَ جي ٽڪيٽ ڏيڻ واري مرڪزي ڪاميٽيءَ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پارٽيءَ جا مختلف علائقن جا سربراهه لسٽون کڻي موجود هُئا. سڀني علائقن جي سربراهن پنهنجي سفارشن تي ٻڌل لسٽ پيش ڪئي، جن ۾ ڪارڪنن جي اهليت بابت خاص ذڪر ڪيو ويو هو ۽ هر علائقي جي لسٽ ۾ هڪ جهڙائي نظر آئي.
    هتي نموني طور هڪ لسٽ جو ذڪر ڪجي ٿو، جيڪا پارٽيءَ جي سينيئر ميمبر خدا بخش پيش ڪئي.
    نالو اميدر جو ڪارڪردگي
    1. گل محمد پٽ خدا بخش خدا بخش جو پُٽ
    2. دوست محمد پٽ خدا بخش خدا بخش جو پُٽ
    3. اڪبر علي پٽ الله بخش خدا بخش جو ڀائيٽو
    4. اصغر علي پٽ الله بخش خدا بخش جو ڀائيٽو
    5. خير محمد پٽ دين محمد خدا بخش جو ڀائيٽو
    6. علي خان پٽ جان محمد خدا بخش جو سالو
    7. فراز علي پٽ اياز علي خدا بخش جي ساليءَ جو پُٽ
    8. محمد جمن پٽ مکڻ خان خدا بخش جو مامو.
    9. مائٽ...... ..................
    10. مائٽ....... ..................
    11................ ..................
    12............... ..................
    13. جانو پٽ خدا بخش خدا بخش جو گڏهه.

    صحيح
    خدا بخش
    (تعلقه صدر-عوامي پارٽي)
    آفيس استعمال لاءِ.
    لسٽ ۾ ڏنل اميدوارن جي اهليت کي ڏسندي کين پارٽيءَ طرفان ٽڪيٽ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏجي ٿي.

    صحيح
    چيئرمين ٽڪيٽ ڪاميٽي
    عوامي پارٽي


    سهڻي صلاح

    اڪبر ۽ جلال سڄو ڏينهن نوڪريءَ جي ڳولا کان پوءِ شام جو پاڙي جي هڪ ننڍي هوٽل ۾ اچي ويهندا هُئا ۽ هڪ ٻئي سان سڄي ڏينهن جي ڪارڪردگي جو احوال اورڻ کانسواءِ هِتان هُتان جون ڳالهيون ڪري، هوٽل جي مسخري ٽائيپ ٽيبل واري لوٽي سان کل ڀوڳ ڪري پنهنجي ذهن جو بوجهه هلڪو ڪندا هُئا.
    ان ڏينهن جيئن ئي هو ٻئي هوٽل ۾ داخل ٿيا ته لوٽي سندس ويهڻ سان ئي چيو، ”اڄ جي تازه خبر.“ اڪبر ۽ جلال هن ڏي سواليه انداز ۾ ڏسن ٿا. لوٽو سندن سامهون جهڪي ڄڻ زارداريءَ جي انداز ۾ ٻُڌائي ٿو، ”هيءُ هوٽل بند ٿيڻ واري آهي“
    ”ڇو!؟“ اڪبر ۽ جلال هڪ ئي وقت پڇن ٿا.
    ”سيٺ جو چوڻ آهي ته هڪ هوٽل ننڍي، ٻيو وري بي روزگارن کانسواءِ اديب شاعر اچي، هڪ چانهه تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي ڪرسيون ٿا ڀڃن.“
    ٻئي کلڻ لڳن ٿا. ”پر اها ڪا نئين خبر ته ڪانهي... پراڻي آ.“ اڪبر کلندي چئي ٿو، ”پنجن سالن کان اُها ڳالهه ڪندو ٿو اچي. تون پريشان نه ٿي.“
    ”سائين سچي ڳالهه ٻڌايانوَ“ لوٽو ٻين گراهڪن کي اٽينڊ ڪري، ويجهو ايندي، ”مان ته هن هوٽل جي نوڪريءَ مان بيزار ٿي پيو آهيان، ٻئي هنڌ ڪا پڪي نوڪري ملي وڃي نه، ته ڏاڍو ڀلو ٿئي.
    ”شڪر ڪر لوٽا جو هي نوڪري به اٿئي“ جلال سمجهائيندي
    ”شڪر آهي سائين... پر هي روز روز جا هنگاما، هڙتالون، گڙ ٻڙ اسان جهڙن کي ته ماري ٿي وجهي، ٻه ڏينهن ڪمايون ٿا ته چار ڏينهن بک تي“ لوٽي ڄڻ ڏُک جي انداز ۾ چيو.
    ”ها يار... چئين ته سچ ٿو“ جلال ڪنڌ لوڏي چيو، ”غريب ماڻهو ڪري ته آخر ڇا ڪري.“
    اڪبر هڪدم چيو، ”اُهو سڄي سياسي بدمعاشي جو نتيجو آهي.“
    ”ها، پر اسان ڇا ڄاڻون سياست مان“ لوٽو سنجيدگيءَ سان چئي ٿو، ”ڪير اچي ٿو... ڪير وڃي ٿو... ڇو ٿو اچي... ڇو ٿو وڃي، وڃي ڌوڙ پائن. اسان ته اهڙا ئي اهڙا، اسانجو واسطو ته روزي روٽيءَ سان آهي نه.“ لوٽو گراهڪ کي اٽينڊ ڪرڻ وڃي ٿو.
    جلال، لوٽي ڏانهن نهاريندي، ”چئي ته سچ ٿو، هي سياست به ڄڻ هڪ ڌنڌو ٿي پئي آهي.“
    ”ٻيو نه ته ڇا“ اڪبر ڪنڌ لوڏيندي، ”هاڻي ته سياست ۽ ميڊيا ڪرمنلز جي ڄڻ ته پناهه گاهون ٿي پيون آهن، ڪرمنلز يا ته اسيمبليءَ جي آڙ ۾ پاڻ کي بچائي ٿا وٺن يا ڪا اخبار، رسالو، ڪو چئنل کولي ويهي ٿا رهن.“
    لوٽو گراهڪن کان واندو ٿي هنن جي ڀرسان ايندي، ”هاڻي اوهان لاءِ چانهه آڻيان.“
    ”اڙي لوٽا تنهنجو خير هُجي، بلڪل هاڻي چانهه جو موڊ ٺهي ٿو.“
    ”سائين هڪ ڳالهه چوان؟“
    ”ها... ها... چئه نه.... شرمائين ڇو ٿو.“
    ”سائين مون کي آئينده لوٽو نه چوندا ڪريو.“ لوٽو گذارشانه انداز ۾ چئي ٿو. ٻئي کلندي لوٽي ڏي ڏسن ٿا، پر لوٽي جي معصوميت ڏسي جلال چوي ٿو، ”تُنهنجي مائٽن تُنهنجو نالو ئي لوٽو رکيو آهي ته پو....“
    ”نه سائين...“ لوٽو هڪدم چئي ٿو، ”مائٽن ته مُنهنجو نالو شهزادو رکيو هو... پر“
    ”پر ڇا“ ٻئي هن ڏانهن ڏسن ٿا.
    ”پر زماني جي گردشن مون کي شهزادي مان لوٽو بنائي ڇڏيو.“ لوٽو ڏُک جي اندروني ڪيفيت مان، ”لوٽو ته ڏاڍو خراب نالو آهي نه.“
    ”ها بلڪل... لوٽا ته سياستدان ٿيندا آهن، جنهن جي Toilet ۾ مفاد ڏسندا آهن، ان ۾ گهڙي ويندا آهن.“
    ”آ آ آ غ....“ لوٽو ڄڻ الٽي ڪرڻ جي انداز ۾ چئي ٿو.
    لوٽي جي ائڪشن تي ٻئي کلن ٿا، پوءِ اڪبر چئي ٿو، ”ٺيڪ آهي، اڳتي توکي شهزادو سڏينداسين.“
    ”بلڪل.“ جلال زور ڏئي چيو، ”اسان توکي شهزادو سڏينداسين ته ديکا ديکي ٻيا به توکي تُنهنجي نالي سان سڏيندا.“
    ”ته پوءِ ان خوشيءَ ۾ اڄ چانهه مُنهنجي طرفان“ لوٽو خوش ٿي ”بلڪل نه.“ اڪبر زور ڏيندي، ”چانهه اسان پنهنجي پئسن سان پيئنداسين“ اڪبر ٿوورو پري ويٺل هڪ جهوني ڏي نهاريندي، ”اڄ چانهه سان گڏ اُها فلمي اخبار به آڻي ڏي ته وه وا.“
    ”ها يار....“ جلال کلندي، ”اڄ اسان به ڪُجهه موڊ ۾ آهيون. نوڪرين جا اشتهار ڏسي ڏسي بور ٿي پيا آهيون.“ کلندي اک ڀڃي، ”اڄ ته ڪي چڱا چهرا ڏسون. آخر اسان جي سيني ۾ به دل آهي.“
    ”پر اهو جهونو فلمي اخبار جي پچر ڇڏيندو ته آڻيندس نه“ لوٽو کلندي چوي ٿو، ”ڪڏهن ڪڏهن ته جهونو اخبار ويڙهي کيسي ۾ وجهي هليو ويندو آهي.“
    ”ته پو اٿ ته هلون“ اڪبر اٿي بيهندي جلال کي، ”.... اڄ هلي ٿا جهوني سان ڪچهري ڪيون.“
    جلال کلندي اٿي، ”ها، تجربيڪار ٿو لڳي. من ڪا سهڻي صلاح ڏئي وجهي.“ ٻئي جهوني ڀرسان اچي، ”اسلام عليڪم!“
    جهونو، جيڪو بالي ووڊ اداڪاره ملڪه شراوت جي اڌ اگهاڙي تصوير کي اکين ئي اکين ۾ کائي وڃن جي انداز ۾ ڏسي رهيو هو تنهن ڄڻ ڇرڪ ڀري هنن ڏانهن ڏٺو، ”....!؟...!؟... اوهان ڪُجهه چيو!؟“
    ”اسان هتي ويهي سگهون ٿا“
    ”ها... ها... ڇو نه“ جهوني خوش دليءَ سان چئي هنن کي ويهڻ جو اشارو ڪندي، اخبار جهوليءَ ۾ رکي ٿو.
    ”مهرباني چاچا“ جلال ويهندي چيو.
    ”ڇا!؟... ڇا چيئي...چاچا...“ جهوني ناگواريءَ مان کين گهوريندي، ”مان توکي چاچو ٿو لڳان!؟!“
    ”هائو نه چاچا سائين“ اڪبر ادب سان، ”اوهانجا ٻچا آهيون“
    ”وري چاچا...“ جهونو کين گهوري ٿو ۽ پوءِ کلندي، ”مُنهنجي ته اڃان شادي به ڪانه ٿي آ“
    ”چ...چ....چ“ جلال همدرديءَ مان، ”ڇو ڪو سڱ نه مليو ڇا؟“
    ”سڱ وري ڪٿان ملندو“ جهوني ڏک مان چيو، ”اڃان ته نوڪري ئي ڪانهي ملي ته پو ڇوڪري ڪٿان ايندي.“
    ”ڇا...!؟...!؟...“ ٻئي حيرت مان هن ڏي نهارين ٿا.
    ”ته ڇا اوهان سڄي عُمر نوڪريءَ جي انتظار ۾ گذاري ڇڏي آ!؟!“
    ”ٻيو نه ته ڇا...“ جهونو هڪ آهه ڀري ٿو ۽ پوءِ اخبار سندن آڏو ڪندي، ”هاڻي ته هنن اداڪارائن جي فوٽن کي ڏسي پنهنجي جوانيءَ پيو ياد ڪيان“
    ”اوه...“
    ”اوهان به مون وانگر نوڪريءَ جي ڳولا ۾ آهيو نه.“
    ”ها نه سائين“ اڪبر ادب سان، ”دعا ڪيو ته ڪٿي اٽڪي پئون.“
    ”هاڻي دعائن کان ڪم چڙهي ويو آهي“ جهوني سنجيدگي سان چيو، ”هن ملڪ ۾ ان جي اميد نه رکو.“
    ”ته پو ڇا ڪيون... ڪا صلاح ته ڏيو نه.“
    ”ها...“ جهوني ٻنهي ڏي ڏسي، ٿورو اڳتي جهڪي ڄڻ زارداريءَ جي انداز ۾ چوي ٿو، ”مان هاڻي هن عمر ۾ ان نتيجي تي پهتو آهيان ته“
    ”ڪهڙي نتيجي تي!؟؟“
    جهونو هيڏي هوڏي نهاري ساڳئي انداز ۾، ”نوڪري ٻوڪريءَ جي چڪر ۾ اجايو پنهنجو وقت، انرجي ۽ عمر ٿا وڃايو مُنهنجي هٿن مان ته نڪري ويو. پر اوهان وٽ اڃان به وقت آهي.“
    ”ها... ها... ٻُڌايو نه ڇا ڪرڻو آهي.“ ٻئي ڄڻا اتساهه مان چون ٿا
    ”مُنهنجي صلاح مڃو.“ جهونو بزرگانه انداز ۾ چوڻ لڳو، ” مُنهنجي صلاح مڃو ته، جيتري محنت اوهان نوڪريءَ جي ڳولا ۾ ٿا ڪيو. ايتري محنت سان ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جي ڌيءُ يا ڪا امير بيواهه ڦاسائي وجهو ته سڀ ٻيڙا پار ٿي ويندا.“
    ”ڇا!؟!....!!...؟؟“ ٻئي ڄڻا جهوني ڏي نهارين ٿا ۽ جهونو فلمي اخبار ويڙهي، کيسي ۾ وجهي وڃڻ لڳي ٿو.


    واپسي

    روزانو صبح جو آفيس وڃڻ لاءِ تيار ٿي، آئيني جي سامهون بيهي، هر Angle کان پاڻ کي چيڪ ڪري گهر کان ٻاهر نڪرڻ ۽ وري شام جو گهر واپس اچڻ تي، پنهنجو پاڻ کي آئيني ۾ ڏسڻ سندس Routine هوندي هُئي. هن هميشه پاڻ کي پاڪ ۽ صاف رکڻ جي ڪوشش ڪئي هُئي ۽ آفيس ۾ به سندس سچائي ۽ ايمانداريءَ سان ڪم ڪرڻ ۽ ساٿي ملازمن سان بهتر رويي سبب هن کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. سندس ڪي ڪي ساٿي ته کيس مذاق ۾ ”فرشتو“ چوندا هُئا ۽ چوندا هُئا ته فرشتن کي ته آسمان تي هُجڻ گهرجي، هي الاءِ ڪيئن ڀلجي، هن انسانن جي دُنيا ۾ اچي ويو آهي.
    پر هو دوستن جي ڳالهين کي مسڪرائي ٽاري ڇڏيندو هو پر ڪڏهن ڪڏهن هن کي به شڪ پوندو هو ته، ”ڪٿي هو فرشتو ته ناهي“ پر وري پنهنجي سوچ تي پاڻ ئي کلي ويهندو هو. جو کيس خبر هُئي ته فرشتن ۽ انسانن ۾ وڏو فرق آهي. انسانن ۾ فرشتن جهڙيون خصلتون ته ٿي سگهن ٿيون، پر فرشتن ۾ انسانن جهڙيون خصلتون ڪونه هونديون آهن. جو انسان، فرشتن ۽ شيطان جي وچ ۾ Sandwich وانگر هوندو آهي. ڪنهن مهل به بدلجي سگهي ٿو. هُن ٻُڌو هو ۽ ڪٿي پڙهيو به هو ته، انسان جيستائين سٺا عمل ڪندو رهندو تيستائين سندس چهري تي تازگي رهي ٿي، پر جڏهن هُو ڪي بُرا عمل ڪري ٿو ته سندس چهري جي تازگي مرجهائجڻ لڳندي آهي ۽ هن جي چهري جي خوبصورتي، بدصورتيءَ ڏانهن مائل ٿيڻ شروع ٿيندي آهي. تنهن ڪري هن جي هميشه اُها ڪوشش هوندي هُئي ته هو هميشه ٽڙيل گل وانگر رهي، پاڻ کي ۽ ٻين کي ان جي خوشبوءَ سان همڪنار ڪندو رهي. اُهو ئي سبب هو جو هو روزانو گهر کان نڪرڻ ۽ وري گهر واپس اچڻ تي آئيني جي سامهون بيهي پنهنجو پاڻ کي ڏسندو هو ته ڪٿي غلطيءَ سان يا لاشعوري طرح هن کان ڪو اهڙو عمل ته نه ٿيو آهي جيڪو هن جي چهري جي تازگيءَ کي متاثر ڪري.
    ان ڏينهن هن سان هڪ عجيب حادثو ٿيو. ان ڏينهن روز جيان آفيس وڃڻ لاءِ تيار ٿي، آئيني جي سامهون بيهي، هر Angle کان پاڻ کي چيڪ ڪري وڃڻ لڳو ته سندس پورن ڏينهن تي پهتل ڳورهاري زال صائمه چيو ته، ”ڪيڪ ٻاهران نه آڻجو. اڄ مان، توهان لاءِ پنهنجي هٿن سان ڪيڪ ٺاهينديس.“ هن مسڪرائي پيار مان صائمه ڏانهن نهاري ڪنڌ لوڏيو، ”O.K.... جيئن تُنهنجي مرضي.“ ۽ گهر کان ٻاهر نڪري ويو ۽ صائمه گهر جي ڪم ڪارن کان فارغ ٿي هن لاءِ ڪيڪ ٺاهڻ جي تياري ڪرڻ لڳي جو اڄ هن جي سالگرهه هُئي.
    شام جو آفيس کان موٽندي صامئه لاءِ سوٽ ۽ ٻارن لاءِ ٽافيون وغيره وٺي، گهر ۾ داخل ٿيو. هٿ ۾ جهليل شاپنگ بئگ ٽيبل تي رکي، هيڏي هوڏي نهاريو ۽ سامهون رکيل صائمه جي ڏاج ۾ مليل ڊريسنگ ٽيبل جي آئيني ۾ نهاريو، ”اڙي!.... هي ڇا!؟“ آئيني ۾ پنهنجو عڪس نه ڏسي هن جون اکيون حيرت مان ڦاٽي ويون. هن هڪدم ٻنهي هٿن سان اکين کي صاف ڪري وري آئيني ۾ نهاريو، پر وري به هن کي پنهنجو عڪس نظر نه آيو، پريشان ٿي هن آئيني کي صاف ڪري ڏٺو پر پوءِ به پنهنجو عڪس نه ڏسي حيران ٿي وڃي ٿو، ”مُنهنجو عڪس ڪاڏي ويو.... مان.... مان آهيان به يا ناهيان“ سوچي، پنهنجي پوري جسم تي هٿ ڦيري، پنهنجي ڪرائي تي هڪ زوردار چهنڊڙي ڀري ٿو ته سندس وات مان هلڪي سور جي دانهن نڪري وڃي ٿي.“ مان ته ٺيڪ آهيان... پر مُنهنجو عڪس!!؟؟؟“ هو واري واري سان گهر ۾ لڳل سڀني آئينن ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پو به کيس پنهنجو عڪس نظر نه ٿو اچي ته پريشان ٿي ڪچن ڏانهن وڌي ٿو، جتي صائمه هن جي سالگرهه لاءِ ڪيڪ جي تياريءَ سان گڏ، ڪباب، سموسا وغيره تيار ڪري رهي هُئي.
    صائمه پنهنجي ڪم ۾ مصروف هُئي ۽ هو خاموشيءَ سان اچي ڪچن جي در تي بيهي ٿو. صائمه اوون ۾ رکيل ڪيڪ کي چيڪ ڪري جيئن ئي پٺي ورائي ته هن کي در تي بيٺل ڏسي مسڪرائي ٿي، ”اوهان اچي ويئو.“
    صائمه جي مسڪرائڻ ۽ ڳالهائڻ مان هن کي اطمينان ٿيو ته ”مان آهيان، پر مُنهنجو عڪس!؟“ اهو ئي سوچي پيو ته صائمه چيس، ”اوهان هلي فريش ٿيو. مان چانهه ٺاهي ٿي وٺان.“ هو واپس ڪمري ڏانهن وڃڻ لڳي ٿو ته سندس ٻار، سني ۽ ٻيلي پاڙي واري مسجد مان مولوي صاحب کان قرآن پاڪ جو درس وٺي اچن ٿا ۽ هن کي سلام ڪري پنهنجون ٻانهون سندس ڳلي ۾ وجهي کيس جنم ڏينهن جي Wish ڪن ٿا ته هو به ٻارن کي پنهنجي ٻانهن ۾ ڀري خوشي ۽ گرم جوشيءَ جو اظهار ڪري ٿو، پر سندس ذهن ۾ اهو ئي سوال ته ”هي سڀ مون کي ڏسن ٿا، مون سان ڳالهائين ٿا ته پوءِ مان پنهنجو پاڻ کي ڇو نه ٿو ڏسي سگهان!؟ مُنهنجو عڪس ڇو نه ٿو اچي!!؟؟“ پريشانيءَ مان بيڊ روم ۾ اچي ويهي ٿو. ٻار پنهنجي ڪمري ۾ هليا وڃن ٿا. ٿوري دير کان پوءِ صائمه هن لاءِ چانهه کڻي اچي ٿي. چانهه وٺندي هو صائمه ڏانهن Thanks جي انداز ۾ نهاري ٿو. صائمه سندس چهري جا ڀاؤ ڏسي ٿي، جتي کيس هلڪي اڻ تُڻ جا آثار نظر اچن ٿا ته هُوءَ پڇي ويهي ٿي، ”ڇا ڳالهه آ.... ڪهڙي سوچ ۾ آهيو، سڀ ٺيڪ آ نه...“
    ”هونهه!...“ هو صائمه جي آواز تي چونڪي هڪدم پنهنجي پريشانيءَ کي لڪائيندي، مسڪرائي، ”سڀ ٺيڪ آ جانو.... ڪُجهه ٿڪاوٽ آهي.“
    ”ته پوءِ ٺيڪ آ....“ صائمه ويندي چوي ٿي، ”اوهان ڪُجهه دير آرام ڪري وٺو ته پوءِ ڪيڪ ڪاٽينداسين.“ صائمه هلي وڃي ٿي. چانهه پيئندي هن جي ذهن ۾ اهو ئي سوال اڀري رهيو هو ته، ”مُنهنجو عڪس ڪٿي آ.“ هو من ئي من ۾ سوچي ٿو، ”آئينا ته ڪوڙ ناهن ڳالهائيندا.... ته پو مُنهنجو عڪس ڇو نه ٿو ڏيکاري؟؟“ ايتري ۾ سني ۽ ببلي ڪمري ۾ اچن ٿا ۽ سندس سامهون ويهي رانديڪن سان کيڏڻ لڳن ٿا ۽ هو سندن عڪس آئيني ۾ ڏسي ٿو پر پنهنجو عڪس نظر نه ٿو اچيس، ”اف الله.... هي مون سان ڇا ٿي رهيو آهي“ هو پنهنجي ذهن تي وڏو بوجهه محسوس ڪري ٿو ۽ ائين ئي ڪنڌ صوفه جي ٽيڪ تي لاڙي اکيون بند ڪري ٿو ڇڏي. ٿوري دير کان پوءِ صائمه اچي کين ڊرائينگ روم ڏانهن هلڻ لاءِ چوي ٿي. ٻار هڪدم ”هي.... هي“ ڪندا ڊرائينگ روم ڏانهن ڀڄن ٿا ۽ هو به صائمه سان گڏ ڊرائينگ روم ۾ اچي ٿو جتي ٻار اڳ ۾ ئي ڪيڪ ڪٽجڻ جو انتظار ڪري رهيا هُئا.
    Happy Birth Day جي گونج ۾ هن ڪيڪ ڪاٽيو ۽ هڪ ٽڪرو کڻي واري سان سني ۽ ببليءَ جي وات ۾ وجهي ٿو، ان وچ ۾ صائمه موبائل تي تصويرون ڪڍندي رهي ٿي، ٻارن کي ڪيڪ کارائڻ کانپوءِ ڪيڪ جو هڪ ننڍڙو ٽڪر کڻي صائمه جي وات ۾ وجهي ٿو ۽ صائمه ٿورو چڪ هڻي باقي بچيل ڪيڪ هن جي وات ۾ وجهي ٿي.
    ”ڪيڪ ڪئين ٺهيو آ.“ صائمه اتساهه مان پڇي ٿي جو هن اهو ڪيڪ پهريون ڀيرو ٺاهيو هو.
    ”Wow.... زبردست“ ٻار ۽ هو هڪ آواز ٿي تعريف ڪن ٿا ۽ صائمه خوش ٿي، آ داب عرض جي انداز ۾ هٿ لوڏي ”ٿئنڪ يو... ٿئنڪ يو“ چئي ٿي ۽ پوءِ ٽيبل تي رکيل ٻين کاڌي جي شين ڏانهن هٿ وڌائين ٿا. فارغ ٿي، ٻار موبائل تي ورتل تصويرون ڏسڻ لڳن ٿا. هو به موبائيل تي نظر وجهي ٿو، ”اڙي هي ڇا“ کيس اسڪرين تي ٻين جا فوٽو ته نظر اچن ٿا پر پنهنجو فوٽو نه ڏسي وڌيڪ پريشان ٿي وڃي ٿو. ”.... ڇو؟....؟؟؟....ڇو؟؟“ هو آرام ڪرڻ جو بهانو ڪري بيڊ روم ڏانهن هليو وڃي ٿو. آئيني جي سامهون ويندي کيس ڄڻ ڊپ لڳي ٿو. تنهن ڪري ڪمري جي لائيٽ آف ڪري ڇڏي ٿو. کيس طرح طرح جا وهم ۽ وسوسا وڪوڙي وڃن ٿا. اوچتو هن کي خيال اچي ٿو ته ”ڪٿي ذهن جي ڪا Nerve ته Damage نه ٿي آ.“ اهو خيال ايندي ئي هو اُمالڪ ٽپ ڏئي اٿي ويهي ٿو، ”ڊاڪٽر.... ها.... مون کي ڪنهن نيورو ”فزيشن سان ملڻ گهرجي.“ اهو فيصلو ڪري هُو چپ چاپ گهر کان ٻاهر نڪري وڃي ٿو.
    ٻاهر زندگي نارمل انداز ۾ هلي رهي هُئي. گهٽين ۽ شهر ۾ هلندي کيس محسوس ٿئي ٿو ته ماڻهو هن کان ڄڻ لاتعلق هُجن، رستي ۾ هڪ ٻه واقفڪار ڏسي هو انهن ڏانهن وڌي Hello ڪري ٿو پر ڪوبه رسپانس نه ٿو مليس، کيس ائين لڳو ڄڻ هنن، هن کي ڏٺو ئي ڪونهي. هر ڪو پنهنجي موج مستيءَ ۾ مگن ۽ هو حيرت مان اکيون ڦاڙي سڀني ايندڙ ويندڙن ڏانهن نهاريندو رهي ٿو. پوءِ اچانڪ هن جي ذهن تي هڪ خيال وڄ جيان ڪري ٿو، ”ڪٿي... ڪٿي مان روح ته ناهيان!!؟؟ پر روح ته مري ويل ماڻهن جا هوندا آهن... مان ته... مان ته جيئرو جاڳندو انسان آهيان.“ هو پاڻ کي چهندڙي پائي ٿو، ”آهه“ سور سبب سندس وات مان هلڪي دانهن نڪري ٿي وڃي. ”هي سڀ ماڻهو پاڳل آهن....“ سوچي پنهنجي گهر ڏانهن ڀڄڻ لڳي ٿو، ”نه.... نه .... مان روح ناهيان... مان... مان انسان آهيان... جيئرو جاڳندو... دل ئي دل ۾ سوچيندي، سهڪندي سهڪندي پنهنجي گهر ٻاهران پهچي ٿو ته هن جي پيرن کي ڄڻ بريڪ لڳي ٿا وڃن. هن ڏٺو سندس گهر ٻاهران شاميانو لڳل آهي ۽ ماڻهو مغفرت لاءِ دُعائون گهري رهيا آهن ۽ گهر اندران روڄ راڙي جا آواز اچي رهيا آهن. تڏهن هن جي ذهن مان ڄڻ ٺڪاءَ نڪري ويا ۽ هن کي ياد اچي ويو ته شام جو آفيس کان موٽندي، صائمه لاءِ سوٽ ۽ ٻارن لاءِ ٽافيون وغيره وٺي گهر اچي رهيو هو ته اوچتو رانگ سائيڊ کان ايندڙ گاڏي هن کي ٽڪر هڻي وئي هُئي ۽ پوءِ هن کي هوش نه رهيو هو. هو حيرت مان اکيون ڦاڙي اهو لقاءُ ڏسندو رهيو پر ڪير به هن ڏانهن متوجه نه ٿيو. ايتري ۾ اوچتو ”مبارڪ... مبارڪ“ جي آوازن سان گڏ گهر اندران هڪ نئين ڄاول ٻار جي زور سان روئڻ جا آواز اچڻ لڳن ٿا. هن جي چهري تي ڄڻ خوشيءَ جي لهر اچي وڃي ٿي ۽ هُو اتي ئي سجدي ۾ ڪري پئي ٿو، ”شڪر آهي مان جيئرو آهيان.“


    ٽُٽل شيشا ۽ آڱريون

    - .....زيب...
    • هون....
    .... ڇا ٿي سوچين...
    • ڪُجهه نه.... بس ائين ئي .... وقت به عجيب آ!.... ڪيئن نه.... پر لڳائي ٿو وڃي...!
    - .... ها.... پر لڳائي.... وقت ۽ وير ڪنهن جو به انتظار ناهن ڪندا.
    • .... انو!.... ڪڏهن گذرندڙ لمحي کي ڪا شڪل ڏني اٿئي....
    - .... اونهه... مشڪل آ... زيب!... ائين لڳندو آ.... ڄڻ آڙاهه مان پل اپل لاءِ جهٽڪو کائي نڪرندڙ ڄڀي. نه.... ائين نه... ائين چئجي... ڪا ڳالهه اوچتو. زبان تي ايندي ايندي ٿڙڪي وڃي... ائين ئي ڪُجهه آ... مان سمجهان ٿو ان کي رڳو محسوس ئي ڪري سگهجي ٿو...
    • .... هي اکر ۽ هي لفظ ۽ جملا ڪيڏا نه ظالم آهن!؟
    .... اوهه! ها!..... ڪيڏو نه عذاب ٿا ڏين ۽.... ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪيڏا نه خوبصورت ٿي پوندا آهن!...!!... مان جڏهن انهن جي خوبصورتيءَ جو تصور ڪندو آهيان... نه... تڏهن... تڏهن ائين لڳندو آ ڄڻ.... ڄڻ هيءَ سڄي ڪائنات، پنهنجي سونهن سميت مُنهنجي نيڻن ۾ اوتجي ٿي وڃي...
    • ها.... جيون جا ڪيترا نه املهه پل هٿن مان کسڪي ٿا وڃن... ڄڻ.... هٿن مان شيشو.
    - .... هون.... شيشي کان به نازڪ پل.... ڄڻ پوپٽ جا پر...
    • ۽ جڏهن ماڻهو پوپٽن کي پڪڙي ڪتابن ۾ بند ڪري ڇڏيندا آهن!؟
    - ..... واهيات......! اُهي Sadist هوندا آهن. سونهن جا دشمن.
    • هون....... تنهن جي معنيٰ اڄ تنهنجو آخري ڏينهن آ....
    .... ها... آخري ڏينهن.... نئين ڏينهن جي شروعات لاءِ.
    • .... ۽ سڀاڻي، سڀاڻي جو ڇا!؟
    .... مان هليو ويندس، پنهنجي منزل ڏانهن.... سڀاڻي ڪنهن ڏٺي آ. جيڪو ڪُجهه آهي، اڄ جي جهولين ۾ آهي.
    • اوهه!.... ۽ مُنهنجي منزل..!؟؟
    - توکي خبر هوندي ته تون ڇا ٿي چاهين....ڇو ..... اداس ٿي وئينءَ... چري! هلي پئُه، منزل پاڻ ئي ملي ويندي.
    • ... اون..... نه...... نه .... نه... سوچيان ٿي منزل ڪو انت ته ناهي.
    - .... هر وک انت ڏانهن آهي جيڪو سڀاويڪ آهي پر فائنل ناهي. هڪ انت کانپوءِ ٻئي انت ڏانهن سفر.... زيب!... اڄ فيڪلٽيءَ جو انت آهي... محبتن جا ڪيڏا نه، داستان دفن آهن هن جي سيني ۾!
    • ها.... خوشين ۽ ٽرئجڊين جي ....... سفر در سفر
    - ..... هتي جڏهن نوان نوان چهرا ايندا آهن نه.... تڏهن ڪيڏا نه سپنا سجائي ايندا آهن نيڻن ۾....
    • .... ها عجيب... ۽ جڏهن اُهي ٽُٽندا آهن!
    - ..... ۽ جڏهن اُهي ساڀيا روپ ٿيندا آهن؟!....؟؟!!...؟؟؟!!!.
    • .... انو!.... جڏهن مان ڇوڪرن ڏي ڏسندي آهيان، ڇوڪرين ڏي ڏسندي اهيان، مئڊمن ۽ استادن کي ڏسندي آهيان نه تڏهن.... تڏهن ڏاڍي حيرت ٿيندي آ... ڏاڍو عجيب لڳندو آ.... الاءِ ڪهڙا ڪهڙا سپنا... الاءِ ڪهڙا ڪهڙا ڪريز... الاءِ ڪيترا ڪامپليڪس... الاءِ ڪهڙا اميج... ننڍيون ننڍيون خوشيون.... ننڍا ننڍا دک سيني ۾ سانڍي ائين هلندا آهن... ڄڻ انهن کي ڪنهن هپناٽائيز ڪري ڇڏيو هُجي.... ڄڻ ڄڻ هو پنهنجي وس ۾ نه هجن انو! تڏهن لڳندو آ ته ڇا.... ته ڇا انسان ائين ئي وک وک تي آشائن/نراشائن جا مزار ٺاهيندو رهندو ۽.... ۽ پوءِ پنهنجي مزارن ۾ پاڻ ئي دفن ٿي ويندو؟؟.....؟؟؟....!!؟؟؟؟؟....؟؟؟؟؟....
    - .... دراصل.... دراصل اسان ماڻهو... الاءِ ڪيترن حصن ۾ ورهايل آهيون. ٽڪرا ٽڪرا ٿي وکري ويل آهيون زيب!.... ورهايل ۽ وکري ويل ۽.... ۽ رتو ڇاڻ آڱرين سان ان وکري ويل وجود جا ذرا ميڙيندڙ...
    • هون.... اسان سڀ اداس ڇو ٿي ويندا آهيون؟
    .... انسان ڏاڍي نازڪ شيءَ آ... جڏهن... .جڏهن... اسانجي اندر ۾ ڪا خواهش دم ٽوڙيندي آهي نه... تڏهن اُداسي مسڪرائيندي آهي.
    • ڪڏهن ڪڏهن مان سوچيندي هان.... اسان سڀ.... اسان سڀ ڇو آهيون؟... هي سڀ ڪُجهه... هي سڀ ڪُجهه ڇاهي؟... ۽... ۽ ان جو انت ڪٿي آهي؟...
    - ..... نه سوچيندي ڪر زيب!.... اهو رستو ڏاڍو اڻانگو اٿئي.... ڏاڍي جوکم وارو ۽.... ۽ وک وک تي ڪر کڻي بيٺل واسينگ... ڪيستائين پاڻ کي ڏنگائيندي رهندين؟... الاءِ ڏاهي ۾ ٿيان...
    • ته پوءِ هن زندگيءَ جو مقصد؟
    - .... مقصد!.... شايد.... شايد ڪُجهه به نه..... شايد گهٽو ڪُجهه اسان جي سمجهه کان مٿي!
    • شايد..... يعني.... ائين ئي!؟...!؟؟
    - .... ها.... ائين ئي... اوچتو اوچتو... اسان فنا جي ڪاڪ ۾ويهي لمحن جي ڏور کي ڪيڏو نه ڇڪي جهليو آ پر... پر لمحن تي ڪهڙو اعتبار...
    • .... هون.... ها.... لمحن تي ڪهڙو اعتبار!.... ڪيڏي مهل به ڏور ٽوڙي... بس دم گذر آ هي گهڙي جا، مهربان گذري پئي باقي سڀ خواب آ
    .... بلڪل ... ۽ جڏهن ڏور ٽٽي ته سڀ ڪُجهه ختم. ٽُٽندڙ خوابن جا وکريل عڪس ۽ اسان.
    • ..... انو!
    - .... هون.....
    • انهن لمحن کي مُٺ ۾ ڀڪوڙي نٿو سگهجي!؟
    .... ها، ڪي ڪي ماڻهو... زيب! سمجهين ٿي نه.... تارن کي مٺ ۾ بند ڪري، نه، نه.... نه زيب!.... اهو سڀ ڪُجهه ائين ئي رهڻ ڏي... خبر اٿئي. جيڪڏهن اهو لمحو، لمحي لاءِ ئي بيهي وڃي ته، ته.... ته تون ڇا ٿي سمجهين؟
    .... محسوس نه ٿي ڪرين ان لمحي ۾ ٿيندڙ انقلابن کي....
    • اوهه.... ها.... جڏهن لمحو بيهي ويندو ته ڇا.... ته ڇا هي سڀ، هي وينس، هي مريخ.... ۽.... ۽ اسان جي هيءَ خوبصورت ڌرتي، سڀ.... سڀ سج سان ٽڪرائجي فنا ٿي ويندا!.... هي Scorpio…. Capricorn هي...
    .... ها... سڀ ڪُجهه.... نالا مٽائي... Stars مٽائي...
    - .... تنهن ڪري چوانءِ ٿو نه ته.... نه سوچيندي ڪر، ڇڻيل پنن سان جهول ڀرڻ مان ڪو فائدو ڪونهي. زندگي ڏاڍي خوبصورت اٿئي زيب!.... ان کي پل پل جي روڄ ۾ وڃائڻ مناسب ڪونهي.
    • هون.... ها ڏاڍي خوبصورت....
    - ها.... ۽ اسان ماڻهو پنهنجي من ۾ الاءِ ڪيتريون فيڪلٽيون سمائي ٿا هلون....
    • ..... ماڻهوءَ جو من به عجيب آ..... الاءِ ڇا ڇا چاهي وجهندو آ....
    - ها زيب!... ”جوڀَنَ پهريان ڏينهڙا، گهٽائون گهنگهور، مَن انوکو مور، نچي تن سان نڀ ۾.“ من جي تار مان جڏهن ست سر نڪري ڪائنات جي وسعتن ۾ خوشبو جان ڦهلجي ويندا آهن نه، تڏهن... تڏهن ڪيڏو نه عجيب لڳندو آ....
    • ..... انو!.... من جي اُها تار ٽُٽي پوي ته؟؟!!... موت! ..... موت به عجيب شيءَ آهي نه.
    - .... ها زيب!... .اهو موت جو خوف ئي ته آهي، جيڪو جيئڻ تي مجبور ٿو ڪري.
    • زندگي/موت... موت/زندگي....
    - .... موت جو عنصر زندگيءَ مان نڪري وڃي ته زندگيءَ ۾ ٻيو بچندو ئي ڇا...اهو ئي ته Contrast آ.
    • اهو موت...!....!!...!!! موت کي موت اچي وڃي ته.
    - .... اهو موت ئي ته آهي اهو موت. Aesthetical factor of life . ڪيڏي نه اوکي گهڙي آ موت جي.... موت جي سماڌيءَ تي ڪائنات ڪيڏي نه Vast ٿي ويندي آ.... زيب!.... ائين لڳندو آ... ڄڻ، اسان ڪُجهه ڪيو ئي ڪونهي ۽.... ۽ اسان کي گهڻو ڪُجهه ڪرڻو آهي. تمام گهڻو... تڏهن هستيءَ جو رُخ موڙڻ لاءِ اسان ڪيڏا نه ڳرا فيصلا ڪرڻ تي مجبور ٿي پوندا آهيون!.
    • اوهه!.... ڏاڍو پيڙا ڏيندڙ سلسلو آهي هن هستيءَ جو به. دک/سک.... سک/دک.
    - .....هون.... ڪڙي ڪڙيءَ سان مليل.... سچ جي سير ۾ هلي ڏس ڪڏهن. زندگيءَ تي اعتبار اچي ويندئي.
    • سچ ڪٿي آ؟.... نه،نه.... انو!... سچ پنهنجي سچائيءَ ۾ پاڻ ٻُڏي ويو آ.
    - ..... ها... سڀ ڪُجهه پنهنجو پاڻ ۾ ٻُڏي ويو آ. سچائي جا سنگهر ٻڌي لوڙهي آيس! ڪاريءَ جي لاش جيان!!... اونداهي رات ۾.
    • ڪيڏا نه وڏا فيصلا آهن!؟....!!...
    - .... ها... تمام وڏا ۽....۽ جذباتي فيصلا ڪڏهن ڪڏهن ڪيڏا نه وڏا انقلاب آڻي ڇڏيندا آهن!....
    • اوهه!.... هي هٿ ريکائون ڏسين ٿو!؟
    - .... نه،..... مان چهري جون ريکائون ڏسڻ پسند ڪندو آهيان... ۽ انسان پنهنجي هٿ ريک پاڻ ٺاهيندو/موڙيندو آ....
    • .... ۽ هو ڪرم کيتر....!....!!!
    - ..... سڀ بڪواس.... انسان ڪرم کيتر ۾ مڪت آهي ۽ پنهنجي ڪرمن جي چونڊ پاڻ ئي ڪندو آهي.
    • Determination!....
    For Power!....Exactly! -
    • What Power?!
    - Naked Power.... سمجهين ٿي نه زيب! Power Of creation/Destruction
    • اوه!.....
    - ان ڪري مون کي اها ريسلنگ، JKD باڪسنگ، اسڪريما وغيره ڏاڍو وڻندا آهن.... Solid Strength
    • ..... چانهه جو موڊ آ.
    - ڀلي.... اچ ته ڪينٽين ۾ هلون.

    • انو!
    - هون.....
    • اسان وٽ بند ديوارون جي پويان ڪيڏو نه ٽئلنٽ پيو آ.... هوءَ ڇوڪري ڏس!
    - ها.... ڏاڍي بولڊ آ زيب!....
    • ٺيٺ ٻهراڙيءَ جي آ.... ۽ ٻيون به ڪيتريون..... پر هتي اچي ڪيئن نه هڪدم بدلجي ٿيون وڃن!؟
    - ها.... عورتن ۾ ائڊجسٽمينٽ جي ڏاڍي خوبي آ.
    • ها پر مرد ڏاڍا بي شرم آهن.
    - عورتن کان گهٽ.... هاهاها....
    • ڇو؟
    - .... ڇو؟!.... ڏس نه! ٻه ٽي عورتون باٿ روم ۾ ته هڪ ٻئي سامهون اگهاڙيون ٿي وينديون آهن پر مرد ائين ڪري نه سگهندا آهن.
    • مرد ته آرسيءَ جي سامهون به اگهاڙو ٿيندي شرمائيندو آ. هائو نه. ها ها ها.
    - بلڪل، جڏهن مرد کي پنهنجي اگهاڙپ جو احساس ٿيندو آ نه، ته ڄڻ هو پنهنجي نظرن ۾ پاڻ ئي ڪري پوندو آ.
    • اوه!.... هاهاها.... واقعي ائين ڇو آ انو؟
    .... بس آهن.... ڪي سيڪس پرابلمس جيڪي توکي نه ٻُڌائبا.... اهو مرد جو Top Secrete معاملو آ.
    • هونهه!.... ڄڻ مون سيڪس کي پڙهيو ئي ڪونهي!
    - ڇا پڙهيو اٿئي؟
    • سڀ ڪُجهه.... فرائيڊ کان وٺي تو تائين....
    - هاهاها.... هاهاها..... هاهاها....
    • مون کي جمال ابڙي جي ڪهاڻي ”مان مڙد“ ڏاڍي وڻندي آ.
    - مردن کي ذليل ڪيو اٿس تڏهن... هون!
    • الا!... ڏاڍو مزو اچي ٿو وڃي انو!... مان جڏهن عورت جي اهڙي معاشري ۾ مرد جي حيثيت تي سوچيندي آهيان نه، تڏهن ڏاڍي کل اچي ويندي آ.
    - بلڪل سائين!... توهان ڇو نه کلندئو.... توهان کي ته لئي ڪرائي ڇڏي اٿس... هون.
    • هاهاها.... هاهاها.... سچ! اسان جي حڪومت اچي وئي نه، ته ڏاڍو مزو ٿيندو.
    • بلڪل... پر جيڪي هتي هريل آهن نه، اُهي اتي به ڪونه ڇڏيندا، هاهاها.... هاهاها.... هاهاها....
    • حرامي... مرد جي فطرت ۾ ئي تخريب ڪاري آهي.
    -پر.... تون ڏاڍي پياري آهين زيب!..
    • انو!... پيار کان سواءِ به ماڻهو ڄڻ يتيم آهي.... Crash Landing ۾ تباهه ٿيل جهاز جي ان مسافر وانگر جيڪو حادثي ۾ اڪيلو بچي ويو هُجي.
    • ..... ها... زيب!... ڪڏهن ڪڏهن Crash Landing به ڪرڻي پوندي آ ۽ هي.... پيار... ڏاڍي... حيرت انگيز شيءَ آ ۽.... ۽ ڪيترا ماڻهو آهن، هتي جيڪي.... ٿر جي ٺوٺ ڌرتيءَ جان آسمان ۾ اکيون کپائي ويٺا آهن. آگم جي اوسئيڙي ۾.
    • هتي ڪيڏو نه پيار آ انو!.... جڏهن ڇوڪرا/ڇوڪريون زندگيءَ جا خوبصورت/بدصورت لمحا گذاري ڳوٺن ڏي موٽندا آهن. تڏهن ڪيڏو نه عجيب لڳندو آ!....!!؟...
    -.... ها!.... هر ڪو ماٺ.... بي معنيٰ... ڄڻ چپن تي ازلي ماٺ جي ٽيپ لڳل، تڏهن ائين لڳندو آ..... ڄڻ سندن نيڻن جي سڄي اُداسي هنن پهاڙن تي ڦهلجي وئي هُجي...
    • .... اوهان مرد ته وري به نيون دلچسپيون ڳولي ٿا وٺو پر اسان... سچ! جڏهن ڇوڪريون هتان ڳوٺن ڏي موٽنديون آهن نه، تڏهن پنهنجن سپنن کي پنهنجي ڪومل هٿڙن سان مارئي هاسٽل جي يوڪلپٽس جي پاڙن ۾ دفن ڪري ڪيئن نه هيڏي هوڏي نهاري چپ چاپ ڀنل نيڻ کڻي ڪنڌ جهڪائي نڪري وينديون آهن!....!!!...
    - ۽ پوءِ نوان سپنا.
    • اون... ها!... ۽ پوءِ نوان سپنا...!....!!...
    - سپنا ڏسڻ ڏاڍي سُٺي ڳالهه آهي... هان!
    • هون.... ڪنهن حد تائين... سپنن جي به هڪ عُمر هوندي آهي.
    - بلڪل... جيون جي اجاڙ راهن تي انهن جي آڱر پڪڙي هلڻ ۾ ئي مڪتي آهي.
    • ها، نه ته جيڪر اسان ماڻهو هنن دٻاون جي وچ ۾ چپجي چپجي مري وڃون.
    - پنهنجي ئي احساسن جي وچ ۾.
    • هون.... ها.... پنهنجي ئي احساسن ۾.
    - Sensitive ماڻهو ائين جي نه سگهندا....
    • ..... اسان ماڻهو پنهنجي ذات جي دراڙن ۾ ڪيئن نه گم ٿي ٿا وڃون!؟... اها فراريت ناهي؟؟
    - اهو Escapism into life آهي From Life ناهي. پناهه گاهه Must آ زيب!.... روح جي پناهه گاهه... جسم سان گڏ.
    • پوءِ به فراريت موجود آهي.
    - اون... هون.... پر Involvement به آهي.
    • ڪنهن سان؟
    - لائيف سان.... زيب! اسان ٻرندڙ گهر ۾ رهي نٿا سگهون. سمجهين ٿي نه! اسان جلڻ نٿا چاهيون. اسان جي سوچ جون ڌارائون اسان کي لوڙهي ٿيون وڃن، تمام پري. سامونڊي طوفانن ۾ ڦاٿل ٻيڙيءَ جان ۽ پوءِ... ڪنهن ڪن ۾.... آخري پناهه گاهه...
    • ائين ئي!؟
    - نه Struggle ڪندي. Surrender ڪرڻ، Suicide جي برابر آهي.
    • اوه!.... زندگيءَ جو Phenomenon به عجيب آهي.
    - هون.... اهو سڀ ڪُجهه ائين ئي هلندو رهندو زيب!... ڪير چاهي يا نه چاهي.
    • .... نيچر به عجيب آ نه.
    - هونهه. نيچر بڪواس آ. Set of Unseen/Unwritten laws imposed up on us.
    • ۽ اُها امپوزيشن؟
    - ها، اُها به واهيات آهي... توکي خبر آ.... انسان جي هر وک نيچر جي خلاف رهي آ!.
    • .... Fight?
    - بلڪل، Fight ۽ Struggle .... ان Cruelty جي خلاف.... Don’t cry, for life. Be aggressive against nature and… and against life
    • ۽.... پوءِ.... فنا!؟
    - هون...... ها.... فنا جي جهوليءَ ۾ ابدي ننڊ....
    • ڪيڏا نه تضاد آهن لائيف ۾!؟....؟؟؟...!!؟؟
    - هون.... ها، Equal ۽..... ۽ Opposite....
    • ڦيٿي جو ڦرڻ ضروري آ؟... Movement ئي لائيف آ.
    - بلڪل.... بيهي رهيو نه، ته اسان کي چيڀاٽي ڇڏيندو.
    • اوه!.... جيون کي ته ڪا Artistic Style ئي ڪانهي!
    - ڇو نه..... جيون جي Abstraction ۾ Universal Interest ڇو نه ٿو پيدا ڪري سگهجي. بس رڳو Ideas کي Collect ڪجي. پوءِ سڀ ڪُجهه سڀاويڪ آ.
    • ......
    - هي جيڪي اسان جون Name less feelings آهن نه، انهن کي جستائين Characterize نه ڪبو.... تيستائين زندگيءَ جي Valuation ۽ Devaluation کي سمجهي نه سگهبو.
    • ڇا ٿو ڪري سگهجي....
    - منطقي وڪاس جي ڌارائن ۾ هلڻو پوندو.
    • ها، پر.... منطق بذات خود زندگيءَ جي مقصدن مان ته ناهي!
    - نه.... ذريعو آ... Logic is nothing but thinking.
    • .... Imagination..... هون... Survive ڪرڻ جو بهانو!
    - Survival ۽ Re-Production ته جانورن جو ڪم آهي ۽ اسان ۾ ۽ جانورن ۾ وڏو فرق آهي Emotional ۽.... ۽ Intellectual.
    • اوه!.... ته پوءِ Perfect ڇاهي Life يا Philosophy.
    - ڏس نه!.... جِيوَن ڪيتريون ئي دشائون ٿين ٿيون.... ۽ ماڻهو انهن ۾ ورهائجي به وڃي ٿو خوشي سان/مجبوريءَ ۾ به..... هر انسان.... پر فلاسافي ۾ صرف هڪ ئي خواهشDominant هوندي آ.
    Desire to capture whole universe .
    • هون. Existence ۽ ..... Survival.
    - ها، .... شال هجي هي جندڙي، ڪوئي پوپٽ پر، گهڙيءَ لاءِ گذر، جنهن جو گل گلاب ٿي.
    • واه!.... اياز به ڪمال جو سرجڻهار آ!. من جي پاتالن ۾ ڪيڏي نه هلچل ٿو مچائي ڏئي...
    - ... ها، انتهائي.... لطيف کان پوءِ اياز ئي ته آهي اسان وٽ.
    • هون....آ.... اسان وٽ ٽئلنٽ جو Ratio تمام گهٽ ناهي؟!
    -نه ائين ڪونهي.... ڪنهن حد تائين، اهو به غيمت آهي. هي ته ٻه آهن، گهڻا هجن ها ته انهن کي سنڀالي ڪيئن سگهون ها؟ لطيف ڪٿي آ؟ اياز ڪٿي!؟ اڃان ته لطيف سائين تي ئي ڪو سالڊ ڪم نه ٿيو آ، اياز ته پري آ.
    • ٻڌ!... اسان اياز کي معاف ڪري نه سگهنداسين!؟
    -اون.... ها؟.... جيڪر ائين ڪري سگهجي...
    • .... جيڪڏهن ان ڪسوٽيءَ تي ئي سر لاهڻو آهي ته پوءِ ته ٻيا به کوڙ آهن... .اياز کان وڌيڪ ڏوهاري....
    - اوه!.... ها بلڪل زيب!..... اسان جي نيچر به عجيب آهي. ڪهڙي خبر ڪيڏي مهل پورو پويس...
    • فنڪار جي هيڪلائپ جو اندازو ڪري سگهين ٿو.
    -.... مون کي حيرت آهي ته هي ماڻهو... اف!... هي ماڻهو به ڪيڏو نه ڀريل هوندو اندر ۾!
    ....!!...؟؟؟.... لڳندو آ ڄڻ. چڪور، چنڊ جي چاهت ۾، آڪاس ۾ پنهنجو دڳ ڀلجي پيو آهي ۽ پريان ڪنهن طوفاني بادل تان ڪو ڪاري رهيو آهي. ڄڻ پنهنجي اجڙيل آکيري مان جلا وطن ٿيل، پکيئڙو...
    - ”هي ولهه وساڻل ويڙها، مان ڪنهن جو در کڙڪايان!“....
    • .... ماٺيڻو به پڇاڙيءَ ۾ ڪيڏو نه هيڪلو ٿي پيو هو!!
    - ها... ويچارو ٿري!.... دوستن هٿان مارجي ويو... ائين ئي... ماٺ ماٺ ۾...
    • ڏس انو! ڪي ڪي ماڻهو ظاهر ۾ مري ويندا آهن پر.... پر اندر ۾ ڪيترا مئل آهن... ڪُجهه اندازو آهي.
    - انتهائي.... مان سمجهان ٿو. اهو ماٺيڻي جو ڀرپور احتجاج آهي.هن System سان جيڪو الاءِ ڪيترا ماٺيڻا ماريندو ٿو رهي.
    • بلڪل!... جڏهن زندگيءَ مان Charm ختم ٿي وڃي ته پوءِ... مان سمجهان ٿي Voluntary Suicide... ڪيئن؟
    -شايد نه... شايد ها... اسان جو فنڪار ائين ئي مرندو رهندو.... ٽئلنٽ ائين تباهه ٿيندو رهندو ۽... ۽ جيئنس ماڻهو....
    • هي European به ڪيڏا نه Sophisticated آهن!؟
    - بڪواس!. انسان جي حالت اتي به بدتر آهي. فنڪار اتي به پيڙجي ٿو... ڪلاڪار جا پير... نٽهڻ اُس ۾ هميشه ڪلراٺي ڌرتيءَ تي هوندا آهن ۽....۽ ڪراين مان ڳرندڙ رت....
    • .... هٿ، ڪرايون، آڱريون... ڪلاجي ٽياس تي لڙڪيل فنڪار
    - ٽياس نه.... ڪلاجي دُنيا ڏاڍي سندر آهي زيب!
    Multicolor/ Multidimensional
    • .... هون...
    - ڪڏهن ڪڏهن خيال ايندو آ، انسان جنهن ڏينهن ڪلا جي معنيٰ سمجهي ورتي نه، ان ڏينهن ڌرتي تي امن قائم ٿي ويندو.
    • امن!... ڌرتيءَ تي!؟...
    - ها، جڏهن انسان، انسان تي ويساهه ڪرڻ لڳو نه. تڏهن....
    • .... ۽ ڪلا....
    - ها.... ۽ ڪلا، نه... هڪ ڀيرو هي سڀ جنسار ٽٽي.
    • Third World War?!
    -.... نه. ڪا وڏي... Universal Destruction. وري ڪو نئون Big Bang.
    • اوه!... اهو .... Construction ۽ Destruction جو فلسفو به عجيب آ. انو!.... جيڪڏهن هي سڀ جنسار ٽُٽي پوي ته....
    - .... ڇا ٿو چئي سگهجي....
    • اوه!..... ڏاڍي دير ٿي وئي.
    - ها.... واقعي.... دير ته ڏاڍي ٿي وئي آ، پر....
    • پر ڇا؟!
    - .... مان سمجهان ٿو.... اڃان به وقت پنهنجي هٿن ۾ آهي.
    - لاشاري!....
    • ها صاحب!.... حڪم ڪيو.
    -..... اهو ... ٻڌ!.... ماڻهو ٿا چون لاشاري ڏاڍو پلستر آ.
    • هي هي هي.... صاحب! ماڻهو ته آهن بادشاهه ماڻهو... اسان کي اُهي ماڻهو نه وڻندا اٿَو، جيڪي ائين ئي گلائون ڏيندا وتن.
    - وڻندا ته اسان کي به ناهن يار... پر هڪڙي ڳالهه آهي. گلائون به مڙسن تي اينديون آهن. ڪيئن؟
    • بلڪل صاحب!.... اسان به ڀاڙيا ناهيون. پاءُ اٽي جو پنهنجي گهران ٿا کائون. صاحب دير ٿي ٿئي. هو ڏسو ڇوڪرا دانهون ٿا ڪن.
    - اڙي ٺيڪ آ.... ڇوڪرا ته هون ئي دانهون ڪندا آهن. اچ ويهه ته ڪچهري ڪيون ويهي.
    • ڪچهري پوءِ ڪنداسين صاحب. دير ٿي ٿئي.
    - زيب! Payment ڪري ڇڏيندس.
    • عجيب ماڻهو اٿئي...
    - ها انتهائي.... ڏاڍو سادو آ. ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍيون مزيدار ڳالهيون ڪندو آ!
    • ..... انهن جي نفسيات به حيرت انگيز ٿي ٿئي نه!
    - اها نفسيات رڳو اسان پڙهيلن مان اچي ڦاٿي آهي. هي ويچارا ته ڏاڍا معصوم آهن ۽ ... ۽ اسان کان وڌيڪ خوش آهن. ها ها ها...جڏهن موڊ ۾ هوندو آهي نه تڏهن ڏاڍيون مزيدار ڳالهيون ڪندو آهي. زيب! تڏهن مان سوچيندو آهيان ته هنن ماڻهن جي اندر ۾ به ڪيڏيون نه عجيب/معصوم خواهشون جنم وٺنديون آهن. تو/مون وانگر پر اسان ڪريزي آهيون ۽ ...
    • اوه!.... هنن ماڻهن جا Values ئي پنهنجا آهن.
    - ها.... پر هڪ ڳالهه آهي... تنهنجي ڏاڍي تعريف ڪندو آ.
    • ڇا چوندو آ؟
    - هونهه، .... ها ها ها.... انسان تعريف جو ڪيڏو نه بکيو آ!
    • بڪواس نه ڪر... مان ائين ئي ٿي پڇان.
    - چئي پيو. اُها ڏاڍي ٺاهوڪڙي آهي... چيو مانس: مري ويندين ڄٽ!. فلسفي سان مٿو ڪچو ڪري ڇڏيندئي.
    • ها ها ها.... ها ها ها... هونهه يعني مان ماڻهن جو مٿو خراب ڪندي ٿي وتان!؟
    - ٻيو نه ته ڇا!.... خبر اٿئي ماڻهو ڇا ٿا چون تنهنجي نالي.
    • ڇا ٿا چون؟
    - چون ٿا... اها مينٽل ڪيس آ.
    • بڪواس!....
    - ۽ چوندا آهن.... اها ڏاڍي مغرور آ.... پوز ٿي ڪري....
    • واهيات! ۽ تون ڇا ڪندو آهين.
    - مان.... مان چپ ٿي ويندو آهيان ۽ پوءِ مُرڪي پوندو آهيان ۽ پوءِ چوندو آهيان/: بابا! اهڙي ڪابه ڳالهه ڪانهي. اهو ته توهان Suppose ڪيو آ نه. حالانڪه.... حالانڪه هو ته رڳو Impose ڪندي آ.
    • ها ها ها.... تون به ڏاڍو پلستر آهين.
    - پوءِ ڀلا مان ڇا ٿو ڪري سگهان!؟ ماڻهن جي راءِ آهي ۽ راءِ ڏيڻ کان ڪنهن کي روڪي ته نه ٿو سگهجي نه.... هڪڙي ڳالهه ٻڌايانءِ!
    • هون.
    - تون شادي ڪري ڇڏ!
    • ڪنهن سان؟!
    - لاشاريءَ سان.
    • جي!....!؟... ڇا بڪواس آ؟
    - مان صحي ٿو چوانءِ زيب!.... ڏس نه! ان مان ٻه ٽي فائدا ٿيندا، هڪ ته لاشاريءَ جي، تو چواڻيءَ Innocent Mother جي دُعا پوري ٿي ويندي. ٻيو ته تون ان جي Mother-Wife ٿي ويندينءَ نه، ته تنهنجي مامتا جي جذبن کي به تسڪين ملندي ۽.... ۽ ٽيون، لاشاريءَ جو Social Status به ٺهي پوندو.
    Non Sense!
    - اڙي!.... هو... ها ها ها.... ناراض ٿي وئينءَ!.... ڏس! تون جڏهن ناراض ٿيڻ جو پوز ڪندي آهين نه، تڏهن ڏاڍو وڻندي آهين. دل چوندي آ... دل چوندي آ.... ڇا چوندي آ ڀلا زيب!
    • الاءِ! مون کي ڪهڙي خبر ته تنهنجي دل ڪهڙا ڪهڙا گند ڪندي ٿي وتي.
    - واه! .... چرچا ٿي ڪرين!
    • نه، چرچر ڪبا ناهن، ٿي ويندا آهن.
    - ها ها ها.... ها ها ها.... ڏاڍو سٺو.... ڪڏهن ڪڏهن گند ڪرڻ ٺيڪ آ. هروڀرو ائين Serious ٿي پنهنجي زندگيءَ کي Justify ڪرڻ مان فائدو؟
    • ته ڇا.... Justification?!
    - بڪواس....! It is also a consciousness of Crime… Committed Offence!
    • اوه!.... ڪيترن نه خدائن جي اڳيان جهڪڻو ٿو پوي اسان کي!.
    - God is dead. Men have killed him. But they do not realize, what they have done!
    • .... هوءَ مئڊم ڏس!... شخصيت جي ڀرم رکڻ جو عمل به ڪيڏو نه اذيت ناڪ آهي.
    - خوامخواه!... اُها Formal Life!... بڪواس... مون کي مارگريٽ ٽروڊو ڏاڍو متاثر ڪيو هو. شهنشاهي عياشين کي ٺڪرائي روايتن جا سڀ خول ڀڃي. ڪيئن ته ٻاهر نڪري آئي. لائيف کي Enjoy ڪرڻ لاءِ.
    • هون.... ۽ ڪرسٽائي ڪيلر....
    - ... ها... واهه جي عورت آ اُها به ۽....۽ هوءَ سيفو... هو مريم... ميران ۽ هوءَ ڪير هُئي؟ انڊيا واري... هون... ها... ڦولن ديوي. ۽ اسانجون هي پڙهيل عورتون... ڪريزي ڀيڻسان..... Idealists
    • اسان جو سماج.....
    - بڪواس... سماج!... سماج!... سماج!!..!؟... يعني پاڻ کي سماج جو محتاج ئي رکڻو آهي ته پوءِ هي سڀ بڪواس ڇا لاءِ.؟؟.... سماج بدلائڻ سان بدلبا آهن. ڳالهين سان نه. سماج جي آڙ ۾ پنهنجي ڪامپليڪسز کي لڪائڻ جي بي سود ڪوشش! انهن کان ته ڳوٺن جون اڻ پڙهيل عورتون وڌيڪ خوش آهن. Realists ته آهن نه.
    • اڳرائي ڪير ڪري؟
    - تون ڪر!... تُنهنجون اُهي مئڊمون ڪن!؟.
    Risk is life zaib!.... otherwise you will not achieves your goal. باقي هيڏا سارا ڀوائتا Images کڻي جيئڻ مان ڇا حاصل.
    • .... هون... انتهائي... ائين ڀڄي ٿا پون... جيئن..... جيئن هٿ ۾ انڊلٺ ڀري پوي... ائين ئي، اک ڇنڀ ۾....
    - ۽ خبر اٿئي؟.... انهن جا Ideal ڪير هوندا آهن؟.... اُهي ئي عام ڪردار... پر اميج....
    • Personality Complex
    - نه.... اهو سڀ Sadism آهي.... اسان ماڻهو ايڏا ته Sadist ٿي ويا آهيون جو وک وک تي ٿاٻڙجي مُنهن ڀر ڪرڻ اسان جي عادت ٿي وئي آهي.
    • Satisfaction
    - نه.... پاڻ ٺڳڻ.....
    • اهو به Tranquilizers ۾ آهي.
    - بلڪل.... اسان ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن بهاني پاڻ کي Tranquilize ڪندا ٿا رهون...
    • …………
    - اهي عورتون ته پنهنجي پرس کي به پنهنجي هٿن سان مضبوط پڪڙي هلنديون آهن ته متان... متان اُهي سپنا نڪري وڃن . جن جي Cash ٿيڻ جي انتظار ۾ اڌ عمر گذاري ٿيون ڇڏين.
    • تو وٽ Token آهي؟!
    - ها.... هڪ لمبي قطار!
    • جيون جي Bank مان روزانو ڪيترا نه چيڪ Dishonor ٿي ويندا هوندا؟!...
    - هون.... غلط چيڪن جو حشر اهو ئي ٿيندو آ... چيڪ بڪ ۾ صرف ننڍيون ننڍيون خوشيون لکندي ڪر.
    • ۽ پيڙائون....!
    - پيڙائون!.... ڪنهن وڏي بئنڪ جي Locker ۾ رکي وساري ڇڏ.... ۽، ... چاٻيءَ کي سنڌوءَ ۾ لوڙهي ڇڏ.
    • اوه!... ڪا مڇي ڳهي وڃي ته...
    - ها... ۽ مڇيءَ کي ڪو مانگر مڇ... اهو ئي دستور آ.
    - .... هي لئبريري جا سڀ ڪتاب مون کي مانگر مڇ لڳندا آهن... لڳندو آ... ڄڻ ... ڄڻ اُهي مون کي ڳڙڪائي ويندا ۽ پوءِ... مان به ڪنهن شيلف ۾ بند....
    • .... شيلف ۾ بند!... گهٽجي گهٽجي... پڙهندڙ جي اوسئيڙي ۾.
    - ۽ هيءَ عمارت ڪيڏي خوبصورت آ!
    • ها... چانڊوڪين ۾ لڳندو آ... ڄڻ تاج محل بيٺو آ.
    - آه!... تاج محل... خبر اٿئي اهو ڪنهن جو يادگار آ؟
    • شهنشاهه شاهجهان ۽ ممتاز محل جي پيار جو يادگار.
    - بڪواس!.... هي انهن پورهيتن جي محبتن جو يادگار آهي جن پنهنجي رت ۽ پگهر سان سر سر جوڙي ان ۾ پنهنجو پنهنجو پيار ڀريو آهي.
    • اوه!، ها... ۽ ان جي اندر شيلف ۾ محبتن جا بند ڪتاب!.
    - هون... بند ڪتاب!.... بند ڪتاب!!..... ماڻهو/بند ڪتاب/شيلفون.... ڪڏهن انهن کي کولي ڏسجي؟!
    • نه، .... مون کي ڀو ٿو ٿئي...
    - ڪتاب ماڻهوءِ کي اڏوهيءَ وانگر چٽ ڪري ٿا وڃن زيب!!
    • نه، ماڻهو پنهنجو پاڻ کي ٿا کائن. ڪتاب ته جيئڻ جو ڍنگ سيکاري زندگيءَ جي سفر ۾ راهنمائي ڪندا آهن.
    - هوندو... علامه قاضي به ڪتابن جو بک ٿي ويو ۽ ٻيا.....
    • علامه آءِ آءِ قاضي سٺو ڪيو نه!؟.....
    - هون..... سٺو!؟.... علامه جو Creation ۾ ايمان هُجي ها نه، ته شايد ائين نه ڪري ها.
    • اوه!.... اها فرسٽريشن ڇو؟
    - Electrons ۽ Protons جو Disturbance هرانسان فرسٽريٽ آ.... ۽ Reactionary!.
    - ۽... تون؟
    - مان!؟... ڌرتيءَ تي خوشيءَ جي ڳولا ۾.
    • ... ۽ مان جنت جي حور آهيان... ها ها ها...
    - جنت بڪواس آ....دوزخ دڙڪو، بهشت دِلاسو، مان نڪري وڃڻ ٿو چاهيان.
    • ڪاڏي؟!
    - ڪاڏي به... هنگامن ۾/هنگامن کان ڏور.... .Something is creeping in my Mind
    • نئون سڌارٿ!؟
    - تياڳ بڪواس آ.... ماڻڻ جي ڪلپنا!
    • نرواڻ!؟
    - هون.... دل ٿي چئي پاڻ کي Preserve ڪرائي ڇڏجي.... گهٽ ۾ گهٽ سئو سالن لاءِ....
    • Einstein عظيم انسان هو. Matter جي روايتي Concept کي ڀڃي ڀورا ڀور ڪري Energy جو نئون Concept.
    - Theory Of Relativity
    • Scientific Revolution... سائنس ڏاڍي Advance پئي ڪري.... انو!... انسان Lazy ته نه ٿي ويندو؟
    - نه، نه... ڇا جي لاءِ.... باقي هي Play Grounds ڇا جي لاءِ آهن؟!
    • ..... Grounds!.... ماڻهو الاءِ ڪهڙا ڪهڙي Grounds تي هليا ٿا وڃن!!....!!!
    - هاڻي ته Genetics تي ڏاڍو ڪم پيو ٿئي!
    • اوه!.... ها. انو! هاڻي ته Genetics تي حيرت انگيز ڪم پيو ٿئي.
    - واه!.... Imagine ته ڪر.... جڏهن سڀ انسان خوبصورت هوندا، ذهين هوندا، صحتمند هوندا ۽.... ۽ هر Complex کان آجا...
    • حيرت انگيز!.... ڪيڏي نه خوبصورت هوندي اُها دنيا!؟....!!!!.!
    - هون.... Utopian....
    • ..... ۽ هتي ڇا ٿو ٿئي؟... هي وحشانيت.... هي خونريزي... هي نفرتون..... ڇا هنن ماڻهن کي زندگي سان پيار ڪونهي؟!.....؟؟؟؟....؟....
    - پر.... هر ڪنهن جو Frame Of Reference مختلف آهي.
    • ها....پر ڪي Equal Frame به ٿيندا آهن... پيار. رنگ، سونهن، سڳند.... هي نرمل نرمل، ڪومل جذبا.... ڇا اُهي سڀ!؟...؟!!...
    -خير..... خير!
    • .....
    - ..... ماٺ ڇو ٿي وئينءَ..... ماٺ نه ٿي. خبر اٿئي ماٺ ماڻهوءَ کي کائي ويندي آ.
    • اوه..... نه، .... ائين ئي... انو!.... مان توکي.... تون ڇا ٿو چاهين؟
    - .....مان!؟ ڪچي جي چيڪي مٽيءَ مان هڪ نئون خدا ٺاهينداسين.
    • اوه!.... تون...
    - ها زيب!.... مان ان کي پوڄيندس ۽....۽ زيب!... مان ان ۾ پوڄيو ويندس....
    • هون... ته تون خدا ٿيڻ ٿو چاهين.
    - شايد ها.... شايد نه....
    • ڪُجهه به نه.... بس ائين ئي.... اسان ماڻهو سوين سورج پنهنجي پيشانين تي سجائي هلندا آهيون ۽ پوءِ... ، پوءِ انهن جي تپش تي پاڻ ئي ميڻ وانگر رجي ويندا آهيون. ڪيئن انو؟
    - .... ها.... ٿي سگهي ٿو......ميڻ/پٿر، پٿر/ ميڻ
    • خير..... ته تون سڀاڻي هليو ويندين.
    - ها.... روڪيندينءَ ڪونه....
    • نه... جڏهن منزل جدا جدا آهي ته پوءِ روڪڻ مان فائدو!؟
    - فائدو نقصا اُهي ڏسندا آهن جيڪي Materialist هوندا آهن.
    • جي!؟ ... اوه! ها..... شايد، اسان Materialism ۽ Spiritualism جي وچ ۾ Sandwich بنيل آهيون.
    - ¬¬صحي ٿي چئين پر وڃڻو ته آهي نه.... منزل جي خواهش کڻي.
    • .... ها وڃڻو ضرور آ. انو!.... ٻيهر اچڻ لاءِ.... ڳالهه ٻڌ!.... شام المنظر تي هلون.
    - ......!؟؟
    • مان لهندڙ سج جو نظارو ڏسڻ ٿي چاهيان.


    الف ب جو قسم

    ڪامريڊ سچل قميص جي دامن سان نظر جي چشمي جا شيشا صاف ڪري پائي پنهنجي سامهون ويٺل ڏهاڪو کن نوجوانن ڏانهن نهاري ٿو جيڪي قوم ۽ ٻوليءَ بابت پنهنجي من ۾ آيل سوالن جي جوابن ۽ رهنمائي حاصل ڪرڻ لاءِ هن جي سامهون عقيدت مان ويٺا، سواليه نظرن سان هن اڏول شخص ڏانهن نهاري رهيا هُئا، جيڪو پنهنجي مست جواني جا ڏينهن قوم ۽ ٻوليءَ لاءِ جبل، جهنگ جهر جهاڳندي، جيل جي ڪال ڪوٺڙين ۾ ڪاٽيندي جاکوڙيندو رهيو هو ۽ هاڻي پيريءَ ڏانهن مائل هوندي به سندس اکين ۾ ٻرندڙ اميد جي لاٽ ۽ جذبن ۾ اهو ئي اڏول پن هو.
    ”اوهان جي خيال ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ خطرا وڌندا ٿا وڃن ۽ اوهان کي ڊپ آهي ته ڪٿي سنڌي ٻولي ختم نه ٿي وڃي.“ هن مرڪي، نوجوانن ڏانهن نهاريو، ”ڪوشش ته اُها ڪئي پئي وڃي پر...“ هن اونهو ساههُ کنيو ۽ سامهون ديوار تي ٽنگيل سنڌ جي نقشي ڏانهن نهاري گنڀيرتا سان چوڻ لڳي ٿو، ”جيستائين ڪنهن به ٻوليءَ ۾ سهرا، لاڏا، ڳيچ، ڏور، پروليون، لوڪ گيت، لوڪ ڪهاڻيون، لوريون ۽ ڪلاسيڪل گاريون زنده آهن، تيستائين قوم ۽ ٻولي به زنده آهن، پر جيڪڏهن ڪنهن قوم کان سندس ٻولي کسي وڃي ته ڄڻ ان قوم جو وجود ئي ختم ٿي وڃي ٿو.“ ساهي پٽي نوجوانن ڏانهن ڏسندي، ”سنڌي ٻولي توراريخي، تهذيبي ۽ ثقافتي لحاظ کان مالا مال آهي ۽ پنهنجي وسعت سان هزارين سالن کان موجود آهي.“ سامهون ٽيبل تي رکيل پاڻيءَ جي جڳ ۽ گلاس ڏانهن هٿ وڌائي ٿو ته هڪ نوجوان اٿي، پاڻيءَ جو گلاس ڀري، ادب مان هن ڏانهن وڌائي ٿو. ”مهرباني“ ڪامريڊ گلاس وٺي ٻه ٽي ڍُڪ ڀري گلاس رکندي، ”تاريخ گواهه آهي ته سنڌ تي ڪيترائي حمله ٿيا، ڪيتريون ئي استحصالي قوتون آيون، ڪتب خانه ۽ تعليمي درسگاهون، ساڙيا ويا پر ڇاڪاڻ ته سنڌي ماڻهن جي خمير ۾ ٻوليءَ سان اٿاهه پيار ۽ ٻوليءَ لاءِ مرڻ جيئڻ جو جذبو هميشه موجود رهيو آهي. تنهنڪري سنڌي قوم ۽ سنڌي ٻولي اڄ به زنده سلامت آهي ۽ پنهنجي بقا جي جنگ، هر قدم تي وڙهي، پنهنجو وجود برقرار رکي سگهي آهي... ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻوليءَ جون پاڙون پنهنجي ڌرتيءَ ۾ کُتل آهن ۽ سنڌي ماڻهن جي شعور ۽ لاشعور ۾ ان جي حفاظت ڪرڻ جو نه رڳو جذبو، پر جوش ۽ جنون موجود آهي.“
    ”اوهان جي خيال ۾ قومي ٻولي لاءِ ڪهڙآ ماڻ هجڻ گهرجن؟“ هڪ نوجوان ادب مان پڇيو، ”ڇا سنڌي ٻولي انهن ماڻن تي نه ٿي لهي جو ان کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ کان انڪار ڪيو ٿو وڃي!؟“ سندس سوال ٻُڌي ڪامريڊ ڪنڌ لوڏي ٿو“ ٻولي ڪنهن به قوم جي ريتن، رسمن، رواجن، ثقافت، نفسيات، تاريخي ۽ جاگرافيڪل حالتن جي حوالي سان، ان قوم جي سڃاڻپ هُجي ٿي، جيڪا ئي ان قوم جي قومي ٻولي هُجي ٿي... قومي ٻوليءَ جي حيثيت اهڙي ٻوليءَ کي ڏئي سگهجي ٿي، جيڪا سڄي قوم جي ٻولي هُجي، جنهن کي پنهنجي ڌرتي، تهذيبي، ثقافتي ۽ تاريخي ورثو هُجي. اُهي ئي قومي ٻوليءَ جا ماڻ آهن.“ ڪامريڊ گلاس ڏانهن هٿ وڌائي کڻي ٿو ۽ خشڪ ٿيل زبان کي آلو ڪرڻ لاءِ ٻه ڍُڪ پاڻي پي گلاس رکندي، ”بدقسمتيءَ سان پاڪستان، هڪ قومي نه، پر گهڻ قومي وفاق آهي، جتي هونءَ ته کوڙ ساريون ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون پر وفاق ۾ شامل يونٽن يا رياستن ۾ جيڪي ٻوليون ڪثرت سان ڳالهايون وڃن ٿيون، اُهي سنڌي، پنجابي، بلوچي، پشتون ۽ سرائڪي آهن جن وٽ پنهنجي ڌرتي، تاريخ، تمدن، تهذيبي ۽ ثقافتي قدر موجود آهن. ان کانسواءِ ڳالهائجندڙ ٻيون ٻوليون به قابل احترام آهن جن جي حيثيت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي.“
    ”ته پوءِ ٻولين جي مسئلي تي ڪن لاٽار ڇو ٿي ڪئي وڃي؟“ ٻئي نوجوان سوال ڪيو، ”اهو ته انهن قومن جو حق آهي“، ”ها بلڪل.“ ڪامريڊ ڪنڌ لوڏي نوجوانن ڏانهن نهاريندي، ”پاڪستان نالي واري ملڪ صوبن يا رياستن کي ڪنهن جنگ ذريعي فتح نه ڪيو آهي، پر رياستون رضاڪارانه طور پاڪستان ۾ شامل ٿيون هيون ته جيئن نئين ٺهندڙ آزاد ملڪ ۾ پنهنجي حقن سميت آزاديءَ سان رهي سگهن..... اُهي رياستون پاڪستان ٺهڻ کان اڳ به هزارين سالن کان پنهنجي ورثي ۽ شاهوڪار ٻولين سان وجود رکندڙ هيون... ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته پاڪستان ٺهڻ سان ئي انهن صوبن/رياستن جي ورثي جي حفاظت ڪندي، انهن جي ٻولين کي قومي ٻوليءَ جي حيثيت ڏني وڃي ها.... پر افسوس...“ ڪامريڊ جي چهري تي هلڪي ڪاوڙ ۽ ڏُک جي ڪيفيت ظاهر ٿيڻ لڳي ٿي، ”.... ائين نه ڪيو ويو ۽ وفاقيت جي نالي ۾ رياستن جي ٻوليءَ کي نظر انداز ڪري، هڪ اهڙي ٻوليءَ کي قومي ٻولي جي نالي ۾ رياستن مٿان مڙهيو ويو جنهن کي نه رڳو پنهنجي ڌرتي ڪانه هُئي پر ان جي ڳالهائيندڙن جو تعداد به اٽي ۾ لوڻ برابر هو.“ ڪامريڊ ٿڌو ساهه کڻي ٿو ۽ وري چشمو لاهي قميص جي دامن سان صاف ڪري، ساڳئي دامن سان ڀنل اکيون صاف ڪري ٿو. نوجوان هن ڏي ڏُک مان نهاريندا رهن ٿا. ڪامريڊ چشمو پائي جذباتي انداز ۾ چئي ٿو، ”اُها مقامي قومن ۽ ٻولين خلاف هڪ وڏي سازش هُئي، خاص ڪري سنڌ جي حوالي سان ڳالهائجي ته اُها سنڌ ۽ سنڌين خلاف گهنائوني سازش، سوچيل سمجهي منصوبي تحت 1947ع کان، اڃان به ان کان ڪُجهه اڳ شروع ڪئي وئي هُئي، جنهن کي اسانجا سنڌي ليڊر سمجهي نه سگهيا.... ڳالهه ڪنهن کي نه به وڻي، پر اها حقيقت آهي ته سنڌين کي اقليت ۾ آڻڻ جي شروعات تحريڪ پاڪستان کان ئي شروع ڪئي وئي هُئي جنهن جو مثال پاڪستان ٺهڻ سان ئي مهاجرن جي لوڌ کي سنڌ جي شهرن ۾ آباد ڪرڻ کان سواءِ ٻين صوبن مان ايندڙ پناهگيرن کي سنڌ ۾ آباد ڪري، سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪري، ٻولي ۽ ثقافت کي ختم ڪرڻ جا شعوري جتن ڪيا ويا ۽ ان عمل ۾ اساجي باغ جا مالهي به ذميوار، اڃان به ائين چئجي ته گنهگار آهن، جيڪي بنان ڪنهن هوم ورڪ جي، انقلابن جي تاريخ کان جاهليت جي حد تائين بي خبر ليڊر مذهب جي نالي تي يا پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اقتدار حاصل ڪرڻ جي لالچ ۾ مسلمين ڀائرن کي سيني سان لڳائڻ سان گڏ سنڌي هندن کي زوري لڏائڻ ۽ کين ڌرتيءَ ماءُ کان جُدا ڪرڻ ۾ به ڪثر ڪانه ڇڏي ۽ اهو هندن کي لڏائڻ جو عمل اڄ تائين جاري آهي.“
    ”اوه“ نوجوان هڪ ٻئي ڏانهن ڏُک ۽ حيرت مان ڏسڻ لڳن ٿا. ”اهو ته قوم سان مذهب جي نالي تي وڏو بلنڊر (Blinder) ڪيو ويو آهي.“ هڪ نوجوان، ڪامريڊ ڏانهن نهاري چوي ٿو. ”جڏهن ٻين ملڪن ويندي هندستان تائين گهڻين ٻولين، ويندي سنڌي ٻوليءَ تائين قومي ٻولين جو درجو حاصل آهي ته پوءِ هتي ڇو نه؟“
    ”انقلابِ روس کان پوءِ ڪُجهه مشيرن لينن کي اُها صلاح ڏني هُئي ته ملڪ ۾ صرف روسي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي، جنهن جي جواب ۾ لينن چيو هو ته ”اهو ممڪن ڪونهي ته روس تي رڳو روسين جي بالادستي هُجي، هي گهڻ قومي ملڪ آهي جنهن ۾ گهڻيون ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، انقلاب ۾ سڀني جو حصو آهي، تنهن ڪري هتي سڀني جا هڪ جهڙا حق آهن.“ ڪامريڊ ساهي پٽي،”لينن مطابق اهڙو ڪوبه متحسبانه فيصلو روس ۾ انتشار جو سبب ٿيندو... پر هتي،“ ڪامريڊ جي چهري تي ڪاوڙ ظاهر ٿئي ٿي ۽ هو جذباتي انداز ۾ چئي ٿو، ”.... هتي وري وفاق جي سطحي منطق آهي ته هڪ قوم جون گهڻيون ٻوليون قومي ٻولي ٿي نه ٿيون سگهن، صوبن جي ٻولين کي قومي ٻوليءَ قرار ڏيڻ سان عليحدگي پسندن جي سوچ کي هٿي ملندي.“
    ”اُها ته عجيب منطق آهي.“ هڪ نوجوان ڪاوڙ مان چيو، ”ان جو ڪو مثال؟“
    ”ها....“ ڪامريڊ ساڳئي انداز ۾ چئي ٿو، ”ان منطق جي وضاحت ۾ مشرقي پاڪستان، بنگال جو مثال ڏيندي چيو وڃي ٿو ته 1956ع جي آئين ۾ بنگالي ٻوليءَ کي قومي ٻولي طور شامل ڪرڻ جي نتيجي ۾ مشرقي پاڪستان، بنگله ديش جي صورت ۾ الڳ ٿي ويو.“
    ”نان سينس“ هڪ نوجوان جذٻاتي ٿي، ”ڪيڏي نه شرم جي ڳالهه آهي، بنگله ديش جي ٺهڻ جو سبب بنگالي ٻوليءَ کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ نه پر مغربي پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ ۽ پنجاب جي مقتدر هستين طرفان، بنگال جي وسيلن جي ڦرلٽ سان گڏ بنگالين کي ڪمتر حيثيت جو سمجهي، سندن انساني حقن جي لتاڙ ڪندي، هر طرف ظلم ۽ بربريت جو بازار گرم ڪيو ويو. هنن جي عورتن جون عصمت دريون ڪيون ويون، ٻارن کي نيزي پاند ڪيو ويو هو.“
    ”بلڪل“ هڪ ٻئي نوجوان به جذباتي ۽ ڪاوڙيل لهجي ۾ چيو، ”اهو ئي سبب هو جو بنگالي تڙڦي اٿيا ۽ پنهنجي ڌرتي ٻولي ۽ وسيلن جي مالڪي ڪرڻ ۽ مغربي پاڪستان جي استحصالي قوتن مان جند آزاد ڪرائڻ لاءِ آزاديءَ جو نعرو هڻي، سر سان ڪفن ٻڌي، آزادي جي تحريڪ شروع ڪئي ۽ جڏهن اهڙي ڪنهن جذبي سان تحريڪ هلي ٿي ته ان جو نتيجو بنگله ديش جهڙي ملڪن جي آزاديءَ جو سبب بنجي ٿو.“
    نوجوانن جو جذباتي انداز ڏسي، ڪامريڊ جي چهري تي خوشيءَ ۽ تحسين جا روشن پاڇا نچڻ لڳن ٿا. ”بلڪل صحي ٿا چئو“ ڪامريڊ کين شابس ڏيندي چيو، ”محسن سنڌ سائين محمد ابراهيم جويو صاحب چواڻيءَ اسان پاڻ به اهو فرض پورو ڪري نه سگهيا آهيون، جيڪو هڪ قوم طور پنهنجي وجود جي بقا ۽ ٻوليءَ کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ بنگالين ادا ڪيو هو.“
    ”اسان جي شڪايت ۽ ڏوراپو ته ان پارٽي سان به آهي، جيڪا شهيدن جي نانءُ تي ووٽ وٺي بار بار حڪومت ڪندي رهي آهي پر سنڌ جي معاملن تي اکيون پوري ويٺي آهي.“ هڪ نوجوان ڏُک مان چئي ٻين ڏانهن نهاري ٿو.
    ”صحي ٿو چئين.“ ٻئي نوجوان هٿ کڻي چيو، ”انهن ثابت ڪيو آهي ته هنن وٽ نه رڳو ووٽ جو تقدس ڪونهي. پر شهيدن سان محبت ڪندڙ سنڌ واسين جي جذبن جو به قدر ڪونهي.“
    ”بلڪل“ ٽئين نوجوان جذباتي ٿي چيو، ”هنن ته سنڌ کي ايترو ڀيليو آهي، جيترو ڌارين حمله آورن به نه ڀيليو هوندو.“
    ”ٻيو نه ته ڇا“ هڪ ٻئي نوجوان به زبان کولي، ”هنن رڳو پنهنجي ۽ پنهنجن واٺن جي مفاد ۾ ئي ڪم ڪيو آهي، باقي عوام وڃي ڌوڙ پائي.“
    ڪامريڊ سندن ڳالهين ۽ چهرن جي ڀاون ۽ جذبي جي سچائيءَ کي محسوس ڪيو ته سندس اکين ۾ اميد جي چمڪ ۽ چهري تي رونق اچي وئي. هو بي اختيار اٿي نوجوانن کي خوشيءَ مان ڀاڪر ۾ ڀريندي چئي ٿو، ”اوهان نوجوانن جو جوش ۽ جذبو ڏسي، مون کي يقين ٿي ويو آهي ته اسان پنهنجا حق ضرور وٺي رهنداسين، بس ضرورت آهي ته سڀ گڏجي هڪ آواز ۽ هڪ قوت بنجي جدوجهد جاري رکون.“ ڪامريڊ سچل پنهنجو هٿ اڳتي وڌائي ٿو ته نوجوان سندس هٿ تي پنهنجا هٿ رکي کيس آٿت ۽ وچن ڏيندي چون ٿا، ”ڪامريڊ سائين، اسان تُنهنجي هٿ تي هٿ رکي پنهنجي جيجل ماءُ سنڌ جي مقدس ٻولي جي الف ب جو قسم ٿا کڻون ته اسان پنهنجا اختلاف وساري، سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ تائين پنهنجي جان ۽ مال قربان ڪرڻ لاءِ تيار رهنداسين.“ تڏهن ڪامريڊ جي اکين ۾ خوشيءَ جا ڳوڙها تري اچن ٿا جيڪي نوجوانن جي هٿ تي ڪري چوندا هُجن ته ”سنڌ امان توهان جي حوالي نوجوانو! مُنهنجا هي ڳوڙها اوهان وٽ امانت آهن.“


    مٽيءَ جا ماڻهو

    سندس نظرون وال ڪلاڪ ۾ کتُل آهن، گهڙيال جي لڏندڙ پينڊولم کي گهوريندي لڳيس ٿو، ڄڻ هو وقت جي ڳچيءَ ۾ پينڊولم جان لڙڪندو رهيو آهي. ”ڪٿي مان غلطي ته ڪونه ٿو ڪيان؟“ گهڙيال کي گهوريندي ڄڻ پنهنجو پاڻ کان سوال ڪري ٿو. ”استعيفيٰ ڏيندس ته ٻي نوڪري ڪٿان ملندي؟.... اوه!...“ ياد ٿو اچيس ته مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ ڪيڏو دربدر ٿيو هو ان معمولي ڪلارڪيءَ لاءِ. ڪڏهن هن جي پويان. ڪڏهن هن کي ايلاز. ڪڏهن آفيسن جا ڌِڪا، ڪڏهن آفيسرن جون ڇڙٻون ۽ پوءِ الاءِ ڪيئن کيس اُها نوڪري ملي وئي هُئي. جڏهن مئٽرڪ ڪئي هُئائين تڏهن سندس ڪيڏي نه خواهش هُئي ته هو ميڊيڪل جوائن ڪندو. پر سندس اُها حسرت به ٻين ننڍين ننڍين خواهشن جان ڪچلجي وئي هُئي. جڏهن هن مئٽرڪ جو امتحان ڏنو هو تڏهن پڻس رٽائر ٿي ويو هو. پنهنجي عُمر جا سٺ سال ڏئي. ساڳي ڪلارڪي جي ڪرسيءَ تان جتي ٽيهه، پنجٽيهه سال اڳ مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ ويٺو هو. جڏهن پڻس، کيس پنهنجي رٽائرمينٽ جي ڳالهه ٻُڌائي هُئي تڏهن لڳو هُئس ڄڻ سڀ ڪُجهه رٽائر ٿي ويو هجي. تڏهن سندس اکين آڏو انڌيرو ڇانئجي ويو هو ۽ هو چپ ڪري گهران نڪري ويو هو. لڳس ڄڻ پڻس وقت کان اڳ رٽائر ٿي ويو هجي.
    پڻس جي رٽائرمينٽ سندس مستقبل جا هڙ ئي دروازا بند ڪري ڇڏيا هُئا. پوءِ به پيءُ کي ڪيڏا نه ايلاز ڪيا هُئائين. مستقبل جا ڪيڏا نه خواب ڏيکاريا هُئائينس. ”جڏهن هو ڊاڪٽر ٿي ايندو...“ تڏهن به پڻس نه مڃيو هو ۽ چيو هُئائين: مون ۾ تُنهنجي تعليم جو خرچ برداشت ڪرڻ جي شڪتي ڪانهي ڪمال... بس، هاڻي اهو سڄوٻار توکي کڻڻو آهي. مان پنهنجي عُمر ۾ جيڪي ڪري سگهيس وس آهر. سو ڪيم.“
    ”پر بابا!.... ادو جمال جو آهي.“
    ”جمال!... نه بابا!... جمال مون کان زور آهي... ڪابه ذميواري محسوس نه ٿو ڪري.“ تڏهن پيءُ جي ڳالهه ٻڌي ماٺ ٿي ويو هو. سوچيو هُئائين. ”سٺن نمبرن ۾ پاس ٿيندس ته بابو ڪُجهه نه ڪُجهه ضرور ڪندو. پر ڪندو ڪٿان؟... پينشن ۽ گريجوئيٽي وغيره جا پئسا ته اڳواٽ ئي کپائي ڇڏيا هُئائين....“ پر جڏهن سندس رزلٽ نڪتي هُئي ته ان کان هڪ هفتو اڳ ئي پڻس اوچتو مري ويو هو. ”اوه!....“ ڪيڏو نه ڏُک ٿيو هُئس اُن ڏينهن... پوءِ جڏهن سندس رزلٽ آئي هُئي ۽ پنهنجو نمبر فرسٽ ڪلاس ۾ ڏٺو هُئائين تڏهن خوشيءَ مان ڊوڙندو ڀاءُ وٽ آيو هو ۽ اخبار کولي سيٽ نمبر تي آڱر رکي. اخبار ڀاءُ جي اڳيان رکي دٻيل لفظن ۾ پنهنجي خواهش ظاهر ڪئي هُئائين. تڏهن جمال سندس ڳالهه ٻُڌي ماٺ ٿي ويو هو ۽ پوءِ ڪوبه جواب ڏيڻ بجاءِ اُٿي ويو هو. تڏهن هن جون اکيون ڀرجي آيون هيون ۽ ڀريل اکين سان ڀاءُ کي ويندو ڏسي، پرتي ويٺل ماءُ ڏي نهاريو هُئائين. لڳو هُئس اها ماٺ ڄڻ فوجي بوٽن جان سندس نڙيءَ تي اچي وئي هُجي ۽ پوءِ اونهو ساهه کڻي، اخبار کي ائين ئي لاپرواهيءَ سان اڇلي ڇڏيو هُئائين ۽ پوءِ هو نوڪري ڪرڻ تي مجبور ٿي پيو هو.
    گهڙيال چار ڌڪ هڻي ٿو ته سندس ذهن مان ڄڻ ٺڪاءُ نڪري وڃن ٿا. هو ڇرڪي هيڏو هوڏي نهاري ٿو. سندس انداز مان ذهني پيڙا، ٿڪاوٽ ۽ بي زاري ظاهر ٿئي ٿي. سڪل چپن تي زبان ڦيري، وات ۾ گڏ ٿيل پڪ کي ٽڙچڪ ڪري ڳيت ڏئي ٿو ۽ ٽيبل تي ڦهليل ڪاغذن کي بي دليءَ سان هيڏي هوڏي ڪرڻ لڳي ٿو.
    ”هلندين ڪونه ڇا؟“ پر واري آفيس جو ڪلارڪ سندس آفيس ۾ اچي ٿو.
    ”جي!.... ڇا چيئي؟“
    ”گهر ڪونه هلندين ڇا؟....“
    ”گهر!؟.... اوه!.... ها... صاحب اٿي ته پوءِ....“ صاحب جي ڪمري ڏانهن نهاريندي.
    ”تُنهنجو صاحب به عجيب آ.“
    ”ٻيو نه ته ڇا... چوتيو آ پهرين نمبر جو... پڇينس چوتيا تون ڇا جي لاءِ ويٺو آهين!.... ڪم به ته ڪونهيس ته... رڳو ويٺو فون کڙڪائيندو..... هونهه، ڪنهن ٻئي جو احساس ئي ڪونهينس.“ ڪمال دٻيل انداز ۾ جڪ کائيندي چوي ٿو.
    ”ها ها ها... چڱو يار! مان ته هلانءِ ٿو“ ٻيو ڪلارڪ کيس اڪيلو ڇڏي هليو وڃي ٿو. ڪمال کيسي مان سگريٽ ڪڍي دکائي ٿو ۽ ڪرسيءَ تي ڪنڌ لاڙي دريءَ جي کليل تاڪن مان يو ڪلپٽس ۽ بم باڪس جي ڳاڙهن گلن ڏي نهارڻ لڳي ٿو. ٿوري دير کان پوءِ اُٿي ورانڊي ۾ اچي ٿو.
    ”انسان!...“ دل ۾ سوچي ٿو، ”اسان به انسان آهيون!؟... .انسان!“ نهاري ٿو صاحب جي آفيس ٻاهران بئنچ تي ويٺل پٽيوالن ڏي. چپ چاپ بوتن جان ويٺل صاحب جي نڪرڻ جي انتظار ۾. ”حرامي. اڃان تائين ويٺو آهي. گهر ۾ زال موچڙا ٿي هڻينس ڇا. هونهه.“ ڀڻڪي ورانڊي جي ڏاڪڻ تي اچي بيهي ٿو. ”نوڪري به ذلالت ناهي ته ٻيو ڇاهي؟ سندس نظرون بم باڪس جي ڳاڙهن گلن ڏي کڄي وڃن ٿيون. ڪانو، ڪٻرون ۽ ٻيا پکي گلن جي چوڌاري ڦري گلن جي رس پيئڻ لاءِ گلن کي چنبن ۾ پڪڙي ٽڪي رهيا آهن ۽ ڳاڙها گل ٽارين کان ڇڄي هيٺ ڪرندا رهن ٿا. پٽ تي ڪريل گلن جي ڍير ڏي نهاري اونهو ساهه کڻي ٿو ۽ آهستي آهستي ڏاڪڻ تان هيٺ لهي سگريٽ جو لمبو ڪش هڻي سگريٽ جو ٽوٽو بم باڪس جي ڪريل گلن جي وچ ۾ اڇلي ٿو. هڪ لمحي لئه ڳاڙهن گلن جي وچان نڪرندڙ اڇي دونهين جي لاٽ کي ڏسي ٿو ۽ ڪنڌ جهڪائي هلڻ لڳي ٿو. ”ڌوڙ وڃي پائي صاحب ۽ صاحب جي....“
    گيٽ کان ٻاهر نڪري گهڙي لئه بيهي هيڏي هوڏي نهاري ٿو ۽ پوءِ هلڻ لڳي ٿو. چپ چاپ، بي دليو، ڄڻ اوپرو اوپرو. ڪلراٺي ڌرتيءَ تي. سوچن جي مهاڄار ۾ ڦاٿل ڪوريئڙي جان...
    وچ روڊ تي هلندي پري کان ايندڙ تيز رفتار جيپ کي ڏسي لاشعوري طور روڊ جي ڪناري تي اچي وڃي ٿو. ”هر وقت ان سرٽنٽي.... (Uncertainty) حالتون. اوه!“ اوچتو چيخ. سامهون ايندڙ تيز رفتار جيپ جو ڦيٿو روڊ ڪراس ڪندڙ ڪتي جي ڳچيءَ مٿان چڙهي وڃي ٿو. ڪتي جي چيخ سان گڏ جيپ مان ٽهڪن جا آواز اڀرن ٿا ۽ جيپ تيزيءَ سان گذري وڃي ٿي. هو ڪنڌ کڻي جيپ ڏانهن نهاري ٿو ۽ پوءِ روڊ تي تڙپندڙ ڪُتي ڏي نهاريندي سندس اکيون گيهٽ پائيندڙ ڪتي جي رت تي کُپي وڃن ٿيون.
    ”اڙي! ڪتو مري ويو....“
    ”ڪتو مري ويو....“ ڪنڌ کڻي هيڏي نهاري ٿو، ”جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ مٿان چرهي وڃي ها ته پوءِ؟.... ؟؟.... اف! هن سماج ۾ انسان ۽ ڪتي ۾ فرق به ڪهڙو آهي... ماڻهو مري ويو. ڄڻ ڪتو مري ويو!“ لڳيس ٿو ڄڻ وچ روڊ تي تڙپندڙ ڪتو هو پاڻ آهي... ڏسي ٿو تصور ۾ پاڻ کي جيپ هيٺان چيڀاٽيل. جيپ جو ڦيٿو سندس نڙيءَ تي ۽ وچ روڊ تي تڙپندڙ، رت ۾ لت پت سندس جسم.... ”اوه! سندس بدن مان سيسراٽ نڪري وڃن ٿا ۽ هو ڪنڌ جهٽڪي هلڻ لڳي ٿو...

    ماٺ جو مانڊاڻ من ۾ کڻي هلندي، هميشه وانگر سندس نظرون روز جيان روڊ جي نالي واري بورد ڏانهن کڄي وڃن ٿيون. ”اوه!....“ سندس مُنهن تي اندروني ڪرب ۽ اذيت جا پاڇا وري اچن ٿا. سندس لوندڙيون ڌوڻ لڳن ٿيون ۽ ڪروڌ مان سندس مٺيون ڀڪوڙجي وڃن ٿيون. ”اف!... اسان ماڻهو!؟.... اسان ماڻهو آخر جيئون ڇو ٿا؟... اسان جي ٻوليءَ؟... اسان جو ڪلچر!؟... آخر!“ ڏسي ٿو بيوسيءَ ۽ ڪروڌ مان روڊ جي نالي واري بورڊ ڏي. ياد ٿو اچيس ته ڪُجهه ڏينهن اڳ تائين بورڊ تي روڊ جو نالو سنڌي ۾ لکيل هو پر پوءِ اوچتو هڪ ڏينهن، اهو سنڌيءَ ۾ لکيل نالو ميسارجي ويو هو ۽ اتي سنڌي بدران روڊ جو نالو ڌارين ٻوليءَ ۾ لکجي ويو هو. ”آخر... آخر هي سڀ ڪُجهه ڪيستائين برداشت ڪبو؟....؟؟.....؟؟؟....“ من جي ڀيڙا وڌي وڃيس ٿي. ڀانئين ٿو آنڊا وات مان نڪرندڙ اکين آڏو ڦرڻ لڳنس ٿيون، ديناداستي مذهب قوم، ٻولي جي نالي ۾ ٿيندڙ غنڊا گرديون. آخر.... ڇا مقصد آ؟.... اسان! ائين ئي چپ چاپ ختم ٿي وينداسين؟!.... هان!؟... نه.... نه....“ سندس وک وڌي وڃي ٿي. ”اسان جي هيڏي تاريخ.... هيڏو ڪلچر... سڀ ختم ٿي ويندو؟!.... ۽....۽ هاڻي هي سنڌ جو نالو مٽائڻ جي سازش!.... باب السلام آ.... ته پوءِ... ته پوءِ اسان چپ ڇو آهيون؟“ ڳيت ڏئي وات ۾ گڏ ٿيل پڪ نڙي کان هيٺ لاهي ٿو. ”جڏهن..... جڏهن هو اسان جي گهرن ۾ گهڙي اسان جي لڄُن ۾ هٿ وجهندا!.... ٻارن کي سنگينن ۽ ڪرپانن تي اڇلي چڏن کان چيري ڇڏيندا! يا گرم ٿيل لوهيون مهرون اسانجي عورتن جي ڇاتين تي هڻندا. ۽ پيٽ تي لت ڏئي... ۽ هاڻي ڇا ٿو ٿئي؟؟...؟؟؟؟....“ لڳيس ٿو ڄڻ سندس نڙيءَ تي جيپ جو ڦيٿو چڙهي ويو هجي، ڪنڌ ورائي روڊ تي مُئل ڪُتي کي ڏسي ٿو ۽ پوءِ ڪنڌ جهڪائي هلڻ لڳي ٿو، ذهن ۾ هزارين سوالَ کڻي.
    تڏهن سندس پوڙهي ماءُ جو چهرو سندس اکين اڳيان ڦرڻ لڳندو هُئس، جنهن جي ڪري هو وهه جا ڍُڪ پيو ڀريندو هو. کيس خبر هُئي ته ڀاڻس جمال ۽ ڀاڄائيءَ جو ماءُ سان ڪهڙو برو ورتاءُ هو. جمال زال جي چغلين تي ڪيئن نه ماءُ کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو رهندو هو. تڏهن سندس هيانءُ هڄي پوندو هو. ان حالت ۾ جيڪڏهن هو به ماءُ کي اڪيلو ڇڏي وڃي ها ته جيڪر ماڻس جيئري ٿي قبر حوالي ٿي وڃي ها. کيس خبر هُئي ته سندس چاهڻ جي باوجود ماڻس ان گهر کي ڇڏڻ لئه تيار نه هُئي، جنهن گهر ۾ پهرين سهاڳڻ ٿي آئي هُئي. سندس مڙهه به اتان ئي نڪري. اها سندس ماءُ جي خواهش هُئي. تڏهن ته پيءُ جي حادثي ۾ هلاڪ ٿي وڃڻ کان پوءِ ماڻس پاڻ سان گڏ کيس به ان ذلت واري زندگيءَ گذارڻ تي مجبور ڪندي هُئي.
    جڏهن ڀاءُ ۽ ڀاڄائيءَ جا طعنا وڌي ويندا هُئس تڏهن ماڻس اکين ۾ ڳوڙها آڻي چوندي هُئس ”ابا! شادي ڪري وجهين نه. ته جيڪر هي هر هر مانيءَ جا طعنا ٻڌڻا نه پون.“ تڏهن هو چڙي پوندو هو ۽ چڙ مان ماءُ کي ڇڙٻ ڏيڻ جي انداز ۾ چئي ويندو هو. ”ڪٿان ڪيان شادي؟... هو تُنهنجو ڀاءُ آهي نه، چيئنس ته سڱ ڏئي نه مون کي. جڏهن زينا مُنهنجي مڱيندي آهي ته پوءِ ڇو نٿو ڏئي؟“.... ڪٿان آڻيان ٻيو وڏو گهر... هان!... چپ ڇو ٿي وئينءَ؟... ۽ پوءِ هو گهران نڪري ويندو هو. ٻاهر نڪري دل ئي دل ۾ پاڻ تي ملامت ڪرڻ لڳندو هو ته ماءُ سان اهڙي لهجي ۾ ڇو ڳالهايائين. لعنت آهي اهڙي ڀاءُ تي... اهو امان جو سر آهي. جيڪر.... مري پئي ته جان ڇُٽي پوندس هن روز روز جي عذاب کان... هونهه! ڌار به نه ٿي ٿئي نه... ماڻهو ڇا چوندا؟... ڌار ٿينداسين ته ماڻهو کلندا!... چوندا حاجي خان جا پُٽ پاڻ ۾ نه ٿا ٺهن!... هونهه!.... حاجي خان جا پُٽ!.... حاجي خان پاڻ وري ڪهڙو چڱو مُڙس هو، سڄي عُمر شراب ۽ شباب ۾ وڃائي ڇڏيائين اسان لئه ڇا ڪيائين؟... ان کي ته ماڻهو ڪونه پيا چون!.... اسان کي ڄڻي ڪو اسان تي ٿورو ڪيو اٿس ڇا؟.... هونهه، شادي پنهنجي جنسي تسڪين لئه ڪيائين. پنهنجي گهر آباد ڪرڻ لاءِ ڪيائين. جيڪڏهن اسان کي ڄڻيائين تڏهن به پنهنجي مفاد لئه... پنهنجي نالي جيارڻ لاءِ. هونهه، ماڻهو چوندا فلاڻي خان جو اولاد آهي. هونهه، سڀ ڪُجهه پنهنجي لئه...لعنت آهي ماڻهن تي، بيوقوف ڪنهن جاءِ جا.... ڀلي گهر ۾ هڪ ٻئي جي شڪل به نه وڻي پوءِ به گڏ رهڻو آ.... صرف ان ڪري ته ماڻهو ڇا چوندا؟!... ڇا وري ڇا چوندا!؟... ڪهڙو آڱوٺو پٽي وٺندا!؟... جڏهن اهو خلوص، پيار، همدردي ئي ڪانهي ته پوءِ گڏجي رهڻ مان فائدو!؟...“ هلندي سندس خيال زينا ڏي ڇڪجي وڃي ٿو. ”ذليل!... ڪميڻي!.... جڏهن اسان هڪ ٻئي کي پسند ڪيون ٿا ته پوءِ مائٽن جي چوڻ تي ڇو ٿي لڳي؟... هونهه!... چئي ٿي.... چئي ٿي مان تُنهنجي ڀاءُ جي گهر ۾ نه رهنديس.... آڱوٺي تي رهندي؟ مان به سندن گهر ڪونه رهندس... مُنهنجي به ڪا حيثيت آهي!!... زال جي گهر!.... ماڻهو ڇا چوندا؟!... اف! لعنت آهي انهن ماڻهن تي. الاءِ ڪٿان هليا ٿا اچن ماءُ جا... ماڻهو ڇا چوندا... ماڻهو ڇا چوندا... ڄڻ ماڻهن جي پيءُ جي ڪڙئي تي ويٺا آهيون!؟... نه، مون کي ڪُجهه ڪرڻو پوندو. هاڻي ڳالهه سهڻ کان ڳري آهي... ته پوءِ ڇا ڪجي؟...؟؟....“ زينا سان هڪ هڪاڻي ڪجي، مڃي ٿي ته ٺيڪ آ، نه ته ڌُوڙ وڃي پائي. مان به هن کان سواءِ مري ڪونه ويندس. اهو سوچي زينا سان مليو هو، پنهنجي بي پناهه محبت جا واسطا به ڏنا هئائين، پر زينا جيڪا ماءُ کان پوءِ هُن جي جيئڻ جو اتساهه هئي، ان جي ضد آڏو هن جي محبت هارائي وئي ۽ زينا هن جي اونداهي مستقبل جو جواز ڏئي، هن کي محبت جي اڌ پنڌ ۾ ڇڏي، ڪنهن ٻئي جي همسفر ٿي وئي هئي ته هُن کي پنهنجو وجود پولار ۾ ڀٽڪندي محسوس ٿيو هو، پر وري سندس ذهن ۾ ماءُ جو چهرو ڦري ايندو هو. جيڪا سندس لئه در ۾ اکيون وجهي ويٺي هوندي هُئي. تڏهن هو مجبور ٿي پوندو هو ۽ اکين ۾ ڀرجي آيل ڳوڙهن کي اکين ۾ جذب ڪري ڇڏيندو هو ۽ سندس قدم بي اختيار گهر ڏانهن وڌڻ لڳندا هئا.
    ”هاڻي ته امان به هري وئي آهي!؟“
    ان ڏينهن چو واٽي تي بيهي چئني رستن ڏي نهاريندي دل ۾ سوچيو هُئائين. ”هاڻي پرائي گهر ۾ رهڻ مناسب ڪونهي.“ تڏهن سندس نظرون قبرستان واري رستي ڏي کڄي ويون هيون.
    ”جڏهن دنيا ۾ ڪوبه ڪنهن جو ڪونهي ته پوءِ اڪيلو جيئڻ ڇا جو؟... هيڪلائپ جي زندگي به ڪا زندگي آهي!؟... نه... نه....اُها بزدلي آهي. ته پوءِ ڇا ڪجي؟“ جهنگ واري رستي ڏي نهاريو هُئائين. ”فراريت!... نه... نه... اها به بزدلي آهي! بزدلي.... بزدلي.... بزدلي... ته بهادري ڇاهي؟؟...“ تڏهن اوچتو سندس ذهن ۾ اهو بورڊ ڦري ٿو اچي ۽ اهڙا ڪيترا بورڊ. ڌارين ٻوليءَ ۾ لکيل روڊن تي، اسٽيسن تي. آفيس تي.... سندس ڇيٻارا ڪڍائيندڙ... جيپ مان گونجندڙ ٽهڪ ۽...۽ وچ روڊ تي مُئل ڪُتو. ”اوه!...“ سندس مُنهن تي اندروني ڪرب ۽ اذيت جا پاڇا وري ٿا اچن ۽ سندس لوندڙين مان ٺڪاءُ نڪرڻ لڳن ٿا. تڏهن اوچتو سندس ذهن ۾ ڄڻ کنوڻ جو چمڪاٽ ٿئي ٿو ۽ گهپ انڌيري ۾ کن پل لئه سندس اڳيان ڄڻ چئني رستن مان هڪ نئون رستو روشن ٿي وڃي ٿو.
    شهيد هوش محمد روڊ.
    ها، اهو ئي رستو آجپي جو رستو آهي. ائين چُڻي چُڻي مري وڃڻ کان بهتر آهي ته موت کي ڪو مقصد ڪا معنيٰ ڏجي.
    هو چپن ۾ ڀڻڪي ٿو ۽ پوءِ هلڻ ٿو لڳي... تڪڙو...... تڪڙو.......


    ديوارون، پاڇا ۽ پڙاڏا

    .... آهستي آهستي سڀ ڪُجهه ظاهر ٿيندو ويو. اکين جي آڏو ڇانئجي ويل ڌنڌ ڄڻ فضا ۾ تحليل ٿي ويو هو ۽ پوءِ.....
    مُنهنجي اڳيان ڪُجهه به ڪونه هو. ڪُجهه به نه.... ڪورو ڪئنواس.
    تڏهن مون کي سڀ ڪُجهه ياد اچڻ لڳو.
    اها هڪ ديوار هُئي... تمام اوچي.... تمام پڪي.... پٿر جي ديوار.... ديوار چين.... ديوار برلن... ديوار... ديوار.... ديوار
    ۽ مان ان ديوار جي سامهون بيٺو هُئس.
    ان تي پهريائين پنهنجو عجيب و غريب ڀوائتيون تصويرون ٺهندي ۽ ڊهندي ڏسي ان کي سڪرين سمجهي ويٺو هُئس.
    زندگيءَ جا چٽا، اڻ چٽا عڪس.... ڌنڌليون ڌنڌليون تصويرون.... اڏيون ابتيون تحريرون.... چچريل آواز....
    پر اها اسڪرين نه هُئي. اجنتا جي غارن جي ديوارن جان هڪ ديوار ۽ مان ان ديوار جي سامهون بيٺو هُئس... نه، اصل ۾ مان ديوار جي سامهون ڪونه بيٺو هُئس. ديوار مُنهنجي سامهون اچي وئي هُئي. ها. مون کي ياد ٿو اچي. مان الاءِ ڪٿان، ڪهڙي وقت کان هڪ ڊگهي ڊوڙ ڪري. ان جاءِ تي پهتو هُئس ته ائين ئي. اوچتو، الاءِ ڪيئن اها ديوار زمين مان نڪري آئي هُئي ۽ مُنهنجي سامهون اڀي ٿيندي وئي هُئي. مُنهنجو حيرت سان ڀريل نظرون ديوار سان گڏ مٿي کڄي ويون هيون. مٿي... تمام مٿي ۽ پوءِ ديوار ڌنڌ ۾ گم ٿي وئي هُئي. نه، ديوار پنهنجي جاءِ تي بيٺي هُئي. اصل ۾ مُنهنجي نهار کٽي وئي هُئي... تڏهن مون ان ديوار تي سوچيو هو جيڪا ائين ئي.... اوچتو الاءِ ڪيئن زمين مان نڪري مُنهنجي سامهون اڀي ٿيندي وئي هُئي ۽ مان ڊوڙندي ڊوڙندي هڪدم بيهي رهيو هُئس. پوءِ مون گهڻين ديوارن تي سوچيو هو. ننڍيون ديوارون... وڏيون ديوارون.... ٺهندڙ ديوارون... ڊهندڙ ديوارون... شيشي جون ديوارون.... پٿر جون ديوارون، پر سمجهي نه سگهيو هُئس ته: اُهي ديوارون ائين ئي انسانن جي سامهون زمين مان اڀري ٿي آيون يا انسان پاڻ انهن جي سامهون اچي ٿي ويو؟!....!؟....؟؟؟....
    .....تڏهن مون کي لڳو هو:
    انهن ديوارن ۽ مُنهنجي وچ ۾ هڪ نازڪ رشتو موجود آهي جنهن کي ڪوبه نالو ڏئي نه سگهيو هُئس.
    ۽ هڪ ٻي ديوار....!!
    سو اُها هڪ ديوار هُئي. جيڪا ائين ئي، اوچتو زمين مان نڪري مُنهنجي سامهون اڀي ٿيندي وئي هُئي ۽ تمام مٿي وڃي ڌنڌ ۾ گم ٿي وئي هُئي. نه، اصل ۾ مُنهنجي نهار کٽي وئي هُئي.
    جنهن شيءَ کي مون پهريائين ديوار تي ڏٺو هو ۽ جنهن کي ڏسي پهريائين ڊڄي ويو هُئس ۽ جڏهن اها چٽي ٿي وئي هُئي تڏهن سچ پچ ڊڄي ويو هُئس. مُنهنجو بدن ڏڪي رهيو هو ۽ مان پگهر ۾ شل ٿي ويو هُئس. تڏهن لاشعوري طرح مان ان شئي کي گهورڻ لڳو هُئس. ڊپ ۾. لڳو هُئم: ان شئي تان نظرون هٽايم ته اها مون کي ڳڙڪائي ويندي.
    تڏهن الاءِ ڪيئن همٿ ڪري آهستي آهستي پنهنجو هٿ مٿي کنيو هُئم ۽ آڱر سان نرڙ تان پگهر اگهي، پگهر جا ڇنڊا ان ديوار تي اڇليا هُئم ۽ سوچيو هُئم: اتان ڀڄي وڃان. ۽ جڏهن مون ائين سوچيو هو ته پوئين پير موٽڻ لئه پير اڃان مس کنيو هُئم تڏهن ان شئي مون کي پاڻ ڏي سڏيو هو...!... اها شئي جنهن کي پنهنجي سامهون اڀي ٿيل ديوار تي ڏسي پهريائين ڊڄي ويو هُئس. پوءِ سچ پچ ڊڄي ويو هُئس ۽ اتان ڀڄي وڃڻ جو سوچي اڃان پير مس کنيو هُئم تڏهن هوءَ مون کي سڏي رهي هُئي. تڏهن مان ڇرڪي پيو هُئس ۽ ڀڄي وڃڻ لئه اڃان پير مس کنيو هُئم ته اوچتو سمڪ اچي وئي هُئم ۽ پوئتي کنيل پير اڳتي وڌائي ساڳي جاءِ تي رکي ڇڏيو هُئم تڏهن مون کي پنهنجي بزدليءَ تي ڏاڍي ڪاوڙ اچي وئي هُئي ۽ ڪروڌ مان ان شئي کي گهورڻ لڳو هُئس.
    ۽ اها شئي.... اصل ۾ ٻيو ڪُجهه ڪونه هو.
    مُنهنجو پاڇو هو....
    جنهن کي ڏسي پهريائين ڊڄي ويو هُئس. پوءِ سچ پچ ڊڄي ويو هُئس ۽ اتان ڀڄي وڃڻ جو سوچي اڃان پير مس کنيو هُئم ته اهو. جيڪو اصل ۾ ٻيو ڪُجهه ڪونه هو. مُنهنجو پاڇو هو تنهن مون کي پاڻ ڏي سڏيو هو. تڏهن مون سوچيو هو:
    پاڇا به ڳالهائيندا آهن ڇا؟!....!!.... پاڇا ته رڳو ڊيڄاريندا آهن.!
    تڏهن مان ڏڪي ويو هُئس. ڊپ ۾ وار ڪانڊارجي ويا هُئا ۽ مان لاشعوري طرح پنهنجي پاڇي کي گهورڻ لڳو هُئس. ڊپ ۾. لڳو هُئم:
    پنهنجي پاڇي تان نظرون هٽايم ته اهو مون کي ڳڙڪائي ويندو.
    تڏهن مون کي لڳو هو ته،
    اصل ۾ اهو مُنهنجو پاڇو ڪونه هو!
    مان پاڻ هُئس!؟....
    جنهن کي پهريائين پاڇو سمجهي ڊڄي ويو هُئس. پوءِ سچ پچ ڊڄي ويو هُئس ۽ اتان ڀڄي وڃڻ جو سوچيو هُئم تڏهن ان پاڇيءَ نه، مون پاڻ کي سڏيو هو. تڏهن وري به ڀڄي وڃڻ جو سوچيو هُئم پر ڀڄي نه سگهيو هُئس.
    پوءِ مون گهڻن پاڇن تي سوچيو هو.
    ڏينهن جا پاڇا.... رات جا پاڇا.... انڌا پاڇا.... روشن خيالي پاڇا.... حقيقي پاڇا.... پاڇا.... پاڇا....
    تڏهن ڪيترائي ڀوائتا پاڇا وحشين وانگر چيخون ڪندا مُنهنجي چوڌاري ڦرڻ لڳا هُئا.
    .... پر اهو مُنهنجو وهم هو.
    ۽ هاڻي سوچيان ٿو ته واقعي اهو مُنهنجو وهم هو ۽ جڏهن مون پنهنجي ان وهم تي سوچيو هو، تڏهن شايد ان تي کليو به هُئس. دل ئي دل ۾. شايد ان ڪري ته متان مُنهنجي ٽهڪن جو آواز مُنهنجي سامهون اڀي ٿيل ديوار سان ٽڪرائجي پڙاڏا پڙاڏا ٿي مُنهنجي وجود کي پرزا پرزا نه ڪري ڇڏي.
    تڏهن مون کي پنهنجي ٽهڪن جي پڙاڏن کان ڊپ ٿيو هو ۽ مون سوچيو هُو:
    آواز کان وڌيڪ خطرناڪ آواز جا پڙاڏا ٿيندا آهن جيڪي هڪ دفعو گونجڻ کان پوءِ صدين تائين گونجندا رهندا آهن.
    ۽ مون پنهنجا ٽهڪ دٻائي رکيا هُئا. پنهنجي انرجي بچائي رکي هُئم ڪنهن سهاني سمي لئه.

    اف! تڏهن زندگي ڪيڏو نه آهستي پئي گذري. وقت ڄڻ بيهي رهيو هو ۽ مان پٿر ٿي ويو هُئس ۽ ديوار تي مُنهنجو پاڇو نه هو.... مان پاڻ هُئس. شانت مورت سمان.
    تڏهن اوچتو ئي اوچتو زنجير کڙڪي پيا هُئا.
    زنجيرن جي کڙڪڻ جو آواز ٻُڌي مون ڇرڪ ڀري مٿي نهاريو هو ۽ مُنهنجي بدن مان سيسراٽ نڪري ويا هُئا.
    ٻه هٿڪڙيون.
    ها. ٻه هٿڪڙيون ديوار تان هيٺ لهي رهيون هيون.
    مون دهشت مان اکيون ڦاڙي مٿي نهاريو، پر مُنهنجي نهار کٽي وئي.
    پوءِ اوچتو مُنهنجي چوڌاري هُل ٿي ويو. الاءِ ڪٿان ڀوائتن چهرن وارا وحشي انسان چيخون ۽ خرڙاٽ ڪندا زمين مان نڪري آيا هُئا. سندن هٿن ۾ چمڪندڙ ڪات ۽ ڀالا ڏسي مُنهنجي رڳن ۾ ڄڻ رت ڄمي ويو هو. نڙي خشڪ. موت جا پاڇا مُنهنجي چوڌاري نچي رهيا هُئا.
    پوءِ مون دانهن ڪئي هُئي. نه، دانهن ڪرڻ تي هُئس ته هڪ هٿ مُنهنجي چپن تي اچي ويو هو.
    اهو هٿ هُن جو هو. نرم ۽ نازڪ هٿ... ۽ مُنهنجي چيخ اندر ۾ ئي دٻجي وئي.
    تڏهن مون ڏٺو. انهن وحشين ۾ ڪي مُنهنجا پنهنجا به هُئا. دوست.... واقف.... مائٽ ۽ مون کي مُنهنجي بغاوت جي ڏوهه جي سزا ڏيڻ لاءِ آتا. ڪريزي. هٿن ۾ ڪات ۽ ڀالا کڻي مُنهنجي چوڌاري نچي رهيا هُئا.
    پوءِ هڙئي ڪات ۽ ڀالا مُنهنجي جسم ۾ کپي ويا هُئا.... ديوار تان لهي آيل هٿڪڙين جا خوفناڪ ٽهڪ..... مُنهنجي ڪپيل هٿ ڪراين کي سڏيندڙ هٿڪڙيون....
    تڏهن مون کي خبر پئي هُئي ته اُها ديوار ڪنهن قربان گاهه جي ديوار هُئي ۽ مان قربانيءَ جي سرد سر تي بيٺل.... ۽ چوڌاري وحشي انسانن جو وحشيانه ناچ.
    تڏهن مون کي پنهنجي وجود جو احساس ٿيو هو.... اهو مُنهنجو وهم ڪونه هو. مان رت ۾ لت پت قربان گاهه جي سر تي ديوار طرف مُنهن ڪري بيٺو هُئس ۽ مُنهنجو وجود! تڏهن مُنهنجي رڳن ۾رت تيزيءَ سان ڊوڙڻ لڳو هو.....
    ....... هڪ ٻي بغاوت!
    ۽ مان ديوار جي حقيقت کي سمجهڻ لڳو هُئس.
    هٿڪڙيون مون کي سڏي رهيون هيون ۽ مون ڪروڌ مان انهن ڏانهن نهاريو هو. پوءِ اڳتي وڌي ويو هُئس. هٿڪڙين ڏانهن ۽ پوءِ مون پنهنجا هٿ هوا ۾ بُلند ڪري ڇڏيا هُئا... هٿ تريون ۽ نرڙ ديوار سان جڙي ڇڏيو هُئم. تڏن مون کي پنهنجي ۽ ديوار جي نازڪ رشتي جو احساس ٿيو هو ۽ مان آهستي آهستي ديوار ۾ جذب ٿيڻ لڳو هُئس.... ۽ پوءِ... مان ديوار ۾ سمائجي ويو هُئس.
    ۽ ديوار تي رهجي ويو هو پاڇو....
    تڏهن پنهنجي ناڪاميءَ تي زنجير، تپي باهه ٿي ويا هُئا ۽ پوءِ رجي، مُنهنجي پاڇي جي نه.... مُنهنجي پيرن ۾ ڪري پيا هُئا... فولاد جا بيڪار ٽڪر. تڏهن هڪ خيال الاءِ ڪيئن اچي ويو هُئم:
    ديوار ڏاڍي ڪم جي شئي آهي.
    پوءِ مون پنهنجي پگهر سان ان ديوار تي لکيو:
    اهو سڀ زندگيءَ جو ڏنڊ آهي. جيستائين اهو ڏنڊ نٿو ڀرجي تيستائين اڳتي وڌڻ جي هر ڪا راهه بند ٿي وڃي ٿي ۽ سڀ ڪُجهه بي لاڀ ۽ ڀُنگ ٿي وڃي ٿو.

    پوءِ مان گم ٿي ويو هُئس. مُنهنجو پاڇو به ديوار تان آهستي آهستي غائب ٿي ويو هو ۽ مُنهنجي پويان رهجي ويو هو مُنهنجي جسم جو خال.
    اونداهي غارن جو پٽيل وات.
    ۽ مُنهنجي لکيل چمڪندڙ تحرير.
    تڏهن مُنهنجي چپن تي هلڪي مُرڪ تري آئي هُئي ۽ مان انهن خالن تي سوچڻ لڳو هُئس: زندگيءَ جا خال..... موت جا خال..... عدم جا خا.... وجود جا خال..... اونداهيءَ جا خال.... روشنيءَ جا خال.... ديوارن جا خال.... دارڙن جا خال.... ڌرتي جا خال.... آڪاش جا خال..... ننڍا خال... وڏا خال.... خال.... خال.... خال....
    تڏهن مون سوچيو هو:
    ننڍا خال وڏا ٿي ويندا آهن ۽ وڏا خال سُسي سُسي ننڍا خال ٿي ويندا آهن ۽ پوءِ غائب ٿي ويندا آهن!
    پوءِ مون کان سڀ ڪُجهه وسري ويو هو ۽ مان گم ٿي ويو هُئس....
    لڳو هُئم ڪنهن خال ۾ سمائجي ويو آهيان....

    ..... پوءِ جڏهن....
    هن مُنهنجو مٿو پنهنجي جهوليءَ ۾ رکي. مُنهنجي وارن ۾ پنهنجون ڪومل آڱريون ڦيرائيندي. مُنهنجي مٿان جهڪي پنهنجا گرم گرم چپ مُنهنجي پيشانيءَ تي رکي ڇڏيا هُئا ۽ سندس اداس نيڻن مان ٻه گرم گرم لڙڪ مُنهنجي ڳلن تي ڪريا هُئا. تڏهن انهن لڙڪن جي حرارت مون ۾ ڄڻ نئين شڪتي ڀري ڇڏي هُئي ۽ لڳو هُئم ڄڻ جيون جا ڪيترائي امر پل مُنهنجي مُٺ ۾ ڀڪوڙجي ويا آهن.
    تڏهن مون کي سڀ ڪُجهه ياد اچڻ لڳو هو.
    اها هڪ ديوار هُئي ۽.... ۽ مان ديوار ۾ سمائجي ويو هُئس. تڏهن سوچيو هُئم ديوارون حفاظت لاءِ ضروري آهن.
    ۽ مان ديوار جي ٻئي پاسي بيٺو هُئس.
    ۽ مُنهنجي پيرن هيٺان هئي کير جهڙي اڇي سنگمرمر جي سرد، لمبي ڏاڪڻ. مان ڏاڪڻ جي مٿئين ڏاڪي تي بيٺو هُئس ۽ ڏاڪڻ هيٺان سنگمرمر جي اڻ کُٽ ميدان ۾ انڌن، ٻوڙن، گونگن ماڻهن جو انبوهه، ڊنل ڊنل، مون کي ڏسي سندن مُک تي خوشيءَ جي لهر ڊوڙي وئي هُئي ۽ هو هٿ کڻي. گلا ڦاڙي نعرا هڻڻ لڳا هُئا.
    روح ابد اچي ويو.... روح ابد اچي ويو.... اي روح ابد! اسان کي نجات ڏي.... اي روح ابد! اسان کي شڪتي ڏي.... اي روح ابد! اسان جو شرير ڄمي برف ٿي ويو آهي... اي روح ابد! اسان کي آڳ ڏي.... اسان کي آتما ڏي.... اي روح ابد!... اي روح ابد!.... اي.....!!...
    تڏهن مون سندن مُک تان اندر جي پيڙا جو پاڇو ڏٺو هو ۽ مُنهنجي نس نس ۾ گونجي، اٿيا هُئا ظلم جي تاريخ جا سوين پڙاڏا.... ۽ الا ڪيئن. نه چاهيندي به مُنهنجا هٿ فضا ۾ بُلند ٿي ويا هُئا....
    تڏهن هو سڀ سجدي ۾ ڪري پيا هُئا.
    اف! ڪيڏو نه اذيت ناڪ منظر هو مُنهنجي اڳيان..... ۽ مون پٺي ورائي ديوار جي خال ڏي ڏٺو هو... تڏهن مُنهنجي اکين مان وهي نڪتا هُئا ٻه لُڙڪ.
    تڏهن مون هن کي وري ڏٺو هو. پنهنجي سامهون. اوچتو ئي اوچتو الاءِ ڪٿان نڪري آئي هُئي ۽ پنهنجي ڪومل هٿن جي ترين سان مُنهنجي لُڙڪن کي مُنهنجي ڳلن تي ملڻ لڳي هُئي.
    تڏهن اوچتو،
    مُنهنجي ذهن ۾ سوين سورج ٻري پيا هُئا ۽ پري پري تائين سڀ ڪُجهه چٽو ٿي ويو هو.
    تڏهن ڪنڌ ورائي پوئتي ڏٺو هُئم. هڪ وڏي ديوار ۽ ديوار تي ٺهندڙ ڊهندر تصويرون ۽ پاڇا... پوءِ پاڻ کي ڏٺو هُئم ۽ سوچيو هُئم وڏيون ديوارون ننڍين ديوارن کي ازدها وانگر ڳڙڪائي وينديون آهن.

    ۽ پوءِ مان رک ٿي ويو هُئس.
    مُنهنجي مٿان ڪيئي صديون بي رحميءَ سان گذري ويون هيون ۽ پوءِ هڪ ڏينهن، اوچتو زلزلو اچي ويو هو..... زمين آسمان ڏڏي ويا هُئا ۽ تيز طوفان لڳا هُئا مان ذرو ذرو ٿي وکري ويو هُئس.
    اف! ڪيڏا نه عذاب ڀوڳيا هُئم..... پوءِ مون کي سڀ ڪُجهه ياد اچڻ لڳو هو.
    انساني تهذيب جا هڙئي ورق مُنهنجي اکين آڏو ڦري آيا هُئا... پوءِ مان ڪٿي ڪٿي نه رليو هُئس. پنهنجي ذرن کي پلاند ۾ ميڙڻ لئه... وحشت ۽ بربريت جي ڀيانڪ تاريڪين کان اڄ جي ٽيڪنالاجيءَ جي دور تائين ڪيڏي نه پيڙا ڀوڳي هُئم!!

    ۽ پوءِ مان هڪ ڏينهن مڪمل ٿي ويو هُئس.
    جڏهن مُنهنجي اندر ۾ اهو مڪملتا جو احساس پيدا ٿيو هو. تڏهن سڀ ڪُجهه چٽو ٿي ويو هو. اکين جي آڏو ڇانئجي ويل ڌنڌ ڄڻ فضا ۾ تحليل ٿي ويو هو ۽ پوءِ..... مُنهنجي اڳيان ڪُجهه به ڪونه هو.... ڪُجهه به نه.... ڪورو ڪئنواس....
    تڏهن مون کي سڀ ڪُجهه ياد اچڻ لڳو هو. اها هڪ ديوار هُئي تمام اوچي.... تمام پڪي.... ۽ مان ان ديوار جي سامهون بيٺو هُئس.
    جنهن شيءَ کي مون پهريائين ديوار تي ڏٺو هو. اصل ۾ اهو مُنهنجو پاڇو هو. تڏهن مان پنهنجي پاڇي کي گهورڻ لڳو هُئس. ڊپ ۾ لڳو هُئم پاڇي تان نظرون هٽايم ته اهو مون کي ڳڙڪائي ويندو.
    اصل ۾ اهو مُنهنجو پاڇو ڪونه هو!
    مان پاڻ هُئس!؟....
    ۽ مان آهستي آهستي ديوار ۾ جذب ٿيڻ لڳو هُئس...
    ۽ پوءِ مان ديوار ۾ سمائجي ويو هُئس.
    ۽ ديوار تي رهجي ويو هو مُنهنجو پاڇو.
    پوءِ مون کان سڀ ڪُجهه وسري ويو هو.
    مان گم ٿي ويو هُئس....
    لڳو هُئم ڄڻ ڪنهن خال ۾ سمائجي ويو آهيان....

    پوءِ جڏهن....
    هن مُنهنجو مٿو پنهنجي جهوليءَ ۾ رکي، مُنهنجي وارن ۾ پنهنجون ڪومل آڱريون ڦيرائيندي مُنهنجي مٿان جهڪي پنهنجا گرم گرم چپ مُنهنجي پيشانيءَ تي رکي ڇڏيا هُئا ۽ سندس اداس نيڻن مان ٻه گرم گرم لُڙڪ مُنهنجي ڳلن تي ڪريا هُئا، تڏهن انهن لڙڪن جي حرارت مون ۾ ڄڻ نئين شڪتي ڀري ڇڏي هُئي. لڳو هُئم ڄڻ جيون جا ڪيترائي امر پل مُنهنجي جهوليءَ ۾ اچي ڪريا هُئا.

    تڏهن مون کي سڀ ڪُجهه ياد اچڻ لڳو هو.
    اها هڪ ديوار هُئي.... تمام اوچي... تمام پڪي.... پٿر جي ديوار...
    پوءِ مون کان چيخ نڪري وئي هُئي ۽ مون هن جي اکين ۾ نهاري سڏڪندي چيو هو.... مان.... مان ديوار ۾ سمائجي ويو آهيان.... مان ديوار ۾..... مُنهنجو پاڇو مون کي ڳڙڪائي ويو آ.... مون کي ڪڍ!.... مون کي ڪڍ!..... مون کي ڊپ ٿو ٿئي.... مُنهنجو ساهه ٿو ٻوساٽجي.... مون کي ڪڍ!.... مُنهنجو پاڇو.... مان.... اف!....!!....!!!
    تڏهن هوءَ اداس ٿي وئي هُئي. ڏُک مان چيو هُئائين: ڏس!... توکي وري Fits ٿا پون نه.... ڪيترا ڀيرا چيو اٿمانءِ ته گهران نه نڪرندو ڪر.
    تڏهن سندس ڳالهه ٻُڌي مان ڇرڪي پيو هُئس.
    فٽس!؟....ڇاجا؟....
    تڏهن آهستي آهستي سڀ ڪُجهه ظاهر ٿيندو ويو. اکين آڏو ڇانئجي ويل ڌنڌ فضا ۾ تحليل ٿي ويو هو ۽ پوءِ....

    مُنهنجي اڳيان ڪُجهه به ڪونه هو. ڪُجهه به نه... ڪورو ڪئنواس.
    تڏهن مون کي سڀ ڪُجهه ياد اچڻ لڳو هو.
    اها هڪ ديوار هُئي.... تمام اوچي..... تمام پڪي.... پٿر جي ديوار....
    ۽ مون ان ديوار جي پاڇي ۾ هلڻ جي ڪوشش ڪئي هُئي.
    ۽ پوءِ اوچتو مون کي دورو پئجي ويو هو.
    ۽ مان ديوار جي پاڙ ۾ ڪريو پيو هُئس.... اڪيلو... لاوارث.


    ۽ عنوان کُٽي ويا

    لطيف ڏُکيو سُکيو وقت ڪاٽي يونيورسٽيءَ مان ڪامرس ۾ ايم اي ڪرڻ کانپوءِ نوڪري جي لاءِ پريشان هو. نوڪريون هيون، سي ميرٽ تي ملڻ بجاءِ پئسن تي وڪامجي رهيون هيون ۽ هن وٽ ايترا پئسا ڪونه هُئا جو ڪا ننڍي وڏي نوڪري خريد ڪري سگهي. گهر ۾ پاليل مال متاع ۽ ٻه ٽي جريب زمين کپائڻ کان پوءِ به هن وٽ ايترا پئسا گڏ نه ٿين ها. هو پئسن تي نوڪري وٺڻ جي سخت خلاف هو جو سندس مشاهدي ۾ اهو به هو ته پئسن تي ورتل اهڙين نوڪرين جا آرڊر يا ته ڪوڙا هوندا آهن يا وري پئسن تي ڪم ڪرائي ڏيڻ وارا پئسا کائي ويندا هُئا. اهڙن ئي چڪرن ۾ سندس ڪُجهه دوست ۽ واقف ڪار، پنهنجو الهه تلهه چٽ ڪري ويٺا هُئا.
    لطيف پنهنجي والدين جو اڪيلو پُٽ هو ۽ چئن ڀينرن جو اڪيلو ڀاءُ. پڻسن ولي محمد اسڪول جي پٽيواليءَ کان رٽائر ٿي گهر ۾ ئي ننڍڙو دڪان کولي ويٺو هو ۽ پنهنجي ٻه ٽي جريب زمين تي به ڪم ڪندو هو، جنهن مان هنن جو گذر سفر ڪُجهه بهتر ٿي ويندو هو. ولي محمد پاڻ کي تڪليفون ڏئي، محنت ڪري پُٽ کي پڙهايو ته سهي، پر هاڻي سندس بيروزگاريءَ تي دل ئي دل ۾ ڪڙهندو رهندو هو ۽ الله کي ٻاڏائيندو رهندو هو. هڪ ڀيري ان ئي سوچ سان هن لطيف کي مال ۽ زمين کپائي نوڪري وٺڻ جي ڳالهه ڪئي هُئي ته لطيف ڪاوڙجي پيو هو ۽ پيءُ کي سختيءَ سان منع ڪندي چيو هو ته، ”بابا سائين، اُها زمين ئي ته اسان جي جئيدان جو ذريعو آهي. جيڪڏهن اُها به هٿن مان وئي ته ڄڻ سڀ ڪُجهه ويو“ پوءِ پيءُ کي سمجهائيندي چيو هُئائين، ”پئسن تي نوڪري وٺڻ وارن جا حال ڏسو ٿا پيا، ڪيئن نه پنهنجو پاڻ ڦرائي هاڻي پريشانيءَ ۾ گذاري رهيا آهن. اوهان پنهنجي دل تي بوجهه نه رکو، سڀ سڻائي ٿي ويندي.“
    ”ها پُٽ،“ ولي محمد فڪرمنديءَ مان چيو هُئس، ”چئين ته صحي ٿو.... پر...“
    ”پر ڇا بابا؟“
    ”سوچيان ٿو، تون روزگار سان لڳي وڃين ته نياڻين جو بار به لاهي ڇڏيون هن جي عمر به وڌندي ٿي وڃي... هوڏانهن مامهن وارا به سليمه جي شاديءَ لاءِ زور ڀريندا ٿا رهن.“
    ”الله سائين نياڻين جو نصيب چڱو ڪندو“ لطيف گنڀيرتا سان چيو هو، ”نياڻين جي دعائن سان سڀ ٺيڪ ٿي ويندو، اوهان دل نه لاهيو بابا“ ۽ پوءِ ٻئي خاموش ٿي ويا هُئا. ٻنهي جي دل جي ڌڙڪن، ڄڻ هڪ ٻئي جي سوچ کي زبان ڏئي رهي هُئي.
    هر طرف کان مايوس ٿي، لطيف ڪراچي وڃي قسمت آزمائي جو فيصلو ڪيو. کيس اميد هُئي ته ڪراچي جيڏي وڏي شهر ۾، جتي ٻين صوبن ۽ شهرن مان ماڻهو اچي ڪٿي نه ڪٿي روزگار جو وسيلو ڳولهي ٿا وٺن ته پوءِ هو به ڪوشش ڇو نه ڪري. هن جي اهڙي سوچ پويان، سندس ڳوٺائي دوست احمد جو به هٿ هو جيڪو هن کي هر وقت ڪراچي اچڻ جي ترغيب ڏيندو هو. احمد پاڻ ته گهڻو پڙهيل ڪونه هو، تنهنڪري ڪا وڏي نوڪري هٿ ڪرڻ بدران هڪ ڪارخاني ۾ پلمبر طور ڀرتي ٿي ويو. پر کيس پڪ هُئي ته لطيف يونيورسٽيءَ مان پڙهيل، ذهين نوجوان آهي، جنهن کي ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾، ڪٿي نه ڪٿي عزت ڀري نوڪري ملي ويندي.
    وڏي مشڪل سان لطيف گهر وارن کي راضي ڪري، ڪراچي هليو آيو ۽ احمد سان گڏ سندس ننڍڙي کوليءَ نما گهر ۾ رهڻ لڳو. روز صبح جو نوڪريءَ جي تلاش ۾ نڪرندو هو ۽ شام جو مايوس ٿي موٽي ايندو هو. پر هن همت نه هاري ۽ پنهنجي ڳولا جاري رکي. ويهه ڏينهن گذرڻ کانپوءِ احمد هن کي ٻُڌايو ته سندس ڪارخاني ۾ اسسٽنٽ اڪائونٽنٽ جي جڳهه خالي ٿي آهي. احمد کيس اهو به ٻُڌايو ته هن مئنيجر کي سندس لاءِ عرض ڪيو آهي، جنهن چيو آهي ته پنهنجا ڪاغذ کڻي اچي انٽرويو ڏئي، جيڪڏهن ميرٽ تي لٿو ته کيس نوڪريءَ تي رکبو.
    انٽرويو جي مقرر ڏينهن تي لطيف پنهنجا ڊاڪيومينٽس کڻي انٽرويو لاءِ ويو جتي ٻيا به ڪافي اميدوار موجود هُئا، پنهنجي واري اچڻ تي لطيف انٽرويو ڏئي آيو. کيس اطمينان هو ته هن سُٺو انٽرويو ڏنو آهي. باقي جيڪا الله جي مرضي ۽ پوءِ نياڻين جي دعائن سان الله جي مرضي به شامل ٿي وئي ۽ هن کي اسسٽنٽ اڪائونٽنٽ جي پوسٽ لاءِ سليڪٽ ڪري کيس نوڪريءَ جو آرڊر ڏنو ويو.
    جنهن ڏينهن هن کي نوڪريءَ جو آرڊر مليو، ان ڏينهن هو ڏاڍو خوش هو. پهريائين ته هن شڪراني جا نفل ادا ڪيا ۽ پوءِ پهرين فرصت ۾ سندس ڳوٺ جي پاڙي ۾ رهندڙ تپيدار جي اوطاق واري فون تي پيءُ کي گهرائي اُها خوشخبري ڏني ته ولي محمد جي اکين مان خوشيءَ جا ڳوڙها ڳڙي پيا ۽ ڳوڙهن ڀرين اکين ۽ ڏڪندڙ چپن سان هن کي ڪاميابين ۽ وڏي ڄمار ماڻڻ جون دعائون ڏنيون. جڏهن ولي محمد اُها خبر گهر ۾ ٻُڌائي ته سڀ ڏاڍا خوش ٿيا ۽ لطيف جي ماءُ ۽ چارئي ڀينرون شڪراني جا نفل ادا ڪرڻ ۽ لطيف جي ڪاميابيءَ لاءِ دعائون گهرڻ لڳيون.“
    لطيف پنهنجي ذهانت ۽ ايمانداريءَ سان ڊيوٽي سرانجام ڏيندو رهيو پر هُن کي هر وقت پئسن جي چنتا ۽ ڀينرن جي شاديءَ جو فڪر رهڻ لڳو. جنهن لاءِ هن کي کوڙ پئسا گڏ ڪرڻا هُئا. ان باري ۾ سوچيندي هُن کي خيال آيو ته ڇو نه پاڙي ۾ ڪو ٽيوشن سينٽر کولجي، جتي شام جو پاڙي جي ٻارن کي پڙهائي ڪُجهه پئسا ڪمائي سگهجن ته جيئن ڀينرن جي شادي باعزت طريقي سان ڪري سگهي. سندس اُها ڳالهه احمد کي به وڻي ۽ هن چيو ته، هُو پاڙي ۾ ڪُجهه ماڻهن سان ڳالهائيندو ته جيئن هو ٻارن کي ٽيوشن لاءِلطيف وٽ موڪلين، پر سوال اهو پيدا ٿيو ته، احمد جي کوليءَ نما جڳهه ۾ ايتري گنجائش ئي ڪانهي، جتي ٻارن کي پڙهائي سگهجي. ان مسئلي جو حل به احمد ئي ڪڍيو، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي زنده دليءَ سان پاڙي ۾ ڪافي ڄاڻ سڃاڻ پيدا ڪري ويو هو، هن پاڙي جي هڪ معتبر شخص سان اُن باري ۾ ڳالهايو ته اهو شخص خوش ٿي ويو، چي، ”اها ته ڏاڍي سٺي ڳالهه آهي، پاري ۾ جيڪڏهن سينٽر کلي ٿو ته سڀني جو ڀلو ٿي ويندو. جڳهه جو فڪر نه ڪيو، هُو، مون واري جاءِ خالي پئي آهي نه، ان ۾ ئي کوليو. في الحال اوهان کان مسواڙ نه وٺبي، سينٽر هلي ته پوءِ ڏسنداسين. احمد هن جا ٿورا مڃي خوش خوش هليو آيو ۽ اُها خوشخبري لطيف کي ٻُڌايائين ته هُو به ڏاڍو خوش ٿيو.
    هاڻي لطيف جي روٽين اُها ٿي وئي جو هو صبح جو آفيس ويندو هو ۽ شام جو ٽيوشن پڙهائيندو هو. شروع ۾ ته هن وٽ صرف مالڪِ مڪان جا ٻه ٻار اچڻ لڳا پر پوءِ آهستي آهستي انهن جو تعداد وڌڻ لڳو ۽ لطيف جي پڙهائڻ جي انداز مان والدين متاثر ٿيڻ لڳا ته هن جي پبلسٽي به ٿيڻ لڳي ۽ هن جي آمدني به وڌڻ لڳي.
    ائين ئي ڏيڍ سال گذري ويو. هن وٽ مناسب پئسو گڏ ٿي ويو ۽ هو پاڙي واري تپيدار جي اوطاق تي لڳل فون تي پيءُ سان به رابطو رکندو ايندو هو، ان ڏينهن پئسن جو اندازو ڪري پيءُ کي فون تي چيائين ته هاڻي ڀلي وڏي ڀيڻ سليمه جي شاديءَ جي تاريخ مقرر ڪري تياريون شروع ڪري.
    ٻن ڏينهن کانپوءِ پيءُ سان فون تي ڳالهائڻ تي پڻس ٻُڌايو ته سليمه جي شادي ايندڙ مهيني مقرر ڪئي وئي آهي. اُهو ٻُڌي لطيف ڏاڍو خوش ٿيو ۽ تصور ئي تصور ۾ ڀيڻ کي ڪنوار جي روپ ۾ ڏسي گد گد پيو ٿئي، کيس ياد آيو ته جڏهن ٻه مهينا اڳ هڪ ڏينهن جي موڪل تي ڳوٺ آيو هو ته مذاق مذاق ۾ سليمه شرمائيندي پنهنجي شاديءَ تي ڪراچيءَ جو ڳاڙهو شرارو پائڻ جي خواهش ڪئي هُئي. تڏهن هن ڀيڻ جي مٿي تي هٿ رکي پيار مان چيو هو، ”فڪر نه ڪر سليمه! مان تنهنجي لاءِ هڙو شرارو آڻيندس جنهن کي پائي تون شهزادي لڳيندين“ ان کانپوءِ هو واپس اچي، فرصت واري وقت ۾ ڀيڻ جي شاديءَ لاءِ خريداري ڪندو هو. هن ٻين شين سان گڏ ڳاڙهي رنگ جو هڪ شرارو به ورتو. جڏهن دڪان تي شرارو هٿن ۾ کڻي ڏسي رهيو هو ته هن جي اکين ۾ الاءِ ڪيترا ديپ ٻري پيا هُئا ۽ سندس اکين مان ٻه ڳوڙها وهي شراري ۾ جذب ٿي ويا هُئا.
    اڄ پهرين تاريخ هُئي ۽ هن کي ڀيڻ جي شاديءَ لاءِ ڳوٺ وڃڻ جي خوشي هُئي. هفتي جي موڪل تي هو اڳ ۾ ئي وٺي چُڪو هو. سامان ته رات جو ئي پيڪ ڪري ڇڏيو هُئائين، سوچيو هُئائين ته پگهار وٺي پر ٻاهرون ئي ڳوٺ هليو ويندو..
    روز وانگر هو ۽ احمد ڪارخاني جي Pick n Drop واري بس ۾ سوار ٿيا. هلندي بس ۾، سندس ذهن ۾ ڳوٺ جا منظر ماءُ، پي ۽ ڀينرن جا خوشي ۾ ٻهڪندڙ ڇهرا گهمندا رهيا ۽ ذهن ۾ شاديءَ جون شرنايون ۽ دهل دمام جا آواز گونجڻ لڳا هُئا ۽ سندس چپن تي هلڪي هلڪي مُسڪراهٽ به ليئا پائيندي نظر اچي رهي هُئي. هو انهن ئي خيالن ۾ گم هو ته اوچتو تيز بريڪن جي چيخاٽ سان، بس جهٽڪي سان بيهي رهي ته هن جي خيالن جي ڏور ٽُٽي پئي ۽ هو حيرت مان هيڏ هوڏي نهارڻ لڳو، ”هن ويراني ۾ بس ڇو بيٺي آهي!؟“ هو ڪُجهه وڌيڪ سوچي، ان کان اڳ ئي ٻه ٽي هٿياربند بس ۾ چڙهي آيا ۽ سڀني کي بس مان هيٺ لهڻ جو چي. بس ۾ ويٺل مسافر هٿياربندن کي ڏسي هراسجي ويا ۽ دل ئي دل ۾ ”يا الله خير“ چوندا، ڊڄندي، ڊڄندي بس مان ٻاهرن نڪرڻ لڳا. جڏهن سڀ لهي آيا ته هنن کي سڃاڻپ ڪارڊ هٿن ۾ کڻي بيهڻ جو چئي، قطار ۾ بيهاريو ويو. هٿياربندن جا ٻه همراهه هنن جا ڪارڊ چيڪ ڪندا رهيا. جن جا سڃاڻپ ڪارڊ اندرون سنڌ جا هُئا، انهن کي الڳ ڪري بيهاريو ويو ۽ ٻين کي واپس بس ۾ وڃڻ جو چئي، پنهنجي ڪلاشنڪوفن جو رُخ لطيف ۽ احمد واري پاسي ڪيو ۽ ڪلاشنڪوفن مان ڄڻ برسات وانگر گوليون نڪري سندن جسم پروڻ ڪري ڇڏيو. هر طرف چيخ و پڪار، آهه و بقا مچي وئي، لطيف خون ۾ لت پت، آسمان ڏي نهاريو، ڪُجهه دير اڳ لطيف جي ذهن ۾ ڀيڻ جي شاديءَ جون جيڪي شهنايون گونجي رهيون هيون، اُهي ڄڻ اندر مان سوڳ ئي آلاپ ڪڍي رهيون هيون.
    ها... اهو پهريون آڪٽوبر جو ڏينهن هو.


    زندگي ۽ سندرتا

    اڄ، هو پاڻ کي ڏاڍو ٿڪل ٿڪل ۽ نستو محسوس ٿو ڪري. ڇت کي گهوريندو لڳيس ٿو ڄڻ سڄي عُمر پيرن ۾ پهاڙ ٻڌي. پٺن تي سڄي دُنيا جي گناهن جو ٻوجهه کڻي هلندو رهيو آهي. ”اڃان ته ماني به پچائڻي آهي. اوه! ڌوڙ وڃي پائي... اڄ ائين ئي ليٽي ٿو پوان.“ پنهنجي ساءِ ڀڻڪي، پيشانيءَ تي هٿ رکي ٿو. ”بخار آهي شايد... اڄ مون کي آرام ڪرڻ گهرجي.“ اکيون ٻوٽي ٿو ڇڏي. پيٽ ۾ بُک جا ولهوٽا ٿا پونس. ياد ٿو اچيس ته رات جو دير سان ننڊ اچڻ سبب صبح جو اک دير سان کُلي هُئس، گهڙي کڻي وقت ڏٺو هُئائين ته ڇرڪ نڪري ويو هُئس. تڏهن سندس سامهون نئين آيل ڪڙڪ آفيسر جو دئوس چهرو ڦري آيو هو ۽ تڪڙ ۾ تيار ٿي نيرن ڪرڻ کانسواءِ نڪري آيو هو. اوڏي مهل به پيٽ ۾ بک جو چڪ محسوس ڪيو هُئائين. ”ذليل... ڪميڻو...“ واٽ تي پنهنجي دئوس آفيسر کي دل ئي دل ئي دل ۾ ڪچيون گاريون ڏئي بک جي احساس کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي هُئائين. رستي تي هلندي لڳو هُئس ڄڻ هو موهن جي دڙي جي گاڏيءَ جي پاڃاري پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجهي پنج هزار سالن کان اڻانگن رستن تي هلندو رهيو آهي ۽ تباهه ٿيل آثارن جي بوجهه سان ڀريل گاڏي چيڪٽ.... چيڪٽ ڪندي سندس پويان گهلبي پئي اچي. اٿي پاڻي پئي ٿو. آفيس مان موٽي گهر اچي ٿو. بک کان بي حال ”هيءَ بک به وڏي واهيات شئي آهي... ماڻهو کي ڪيڏو نه ذليل ٿي ڪرائي!؟....“ گلاس اڇلي، پاڻ تي جڪ کائيندي ڪپڙا مٽائڻ لڳي ٿو. ڪپڙا مٽائيندي سندس نظر سامهون ٽنگيل آرسيءَ تي پوي ٿي. ”شيو به وڌي وئي آ.“ ڏاڙهي تي هٿ ڦيرائي گهورڻ ٿو لڳي پنهنجي عڪس کي. آهستي آهستي سندس پيشانيءَ ۾ گهنج پوڻ لڳن ٿا ۽ نظرن ۾ ڪروڌ ڀرجي اچيس ٿو. لڳيس ٿو آرسيءَ ۾ ڪنهن اجنبيءَ جو عڪس چيٻارا ڪڍائيندو. ڪروڌ وڌي ٿو وڃيس. ”يعني.... اهو.... اهو مان آهيان!؟...!!...نه، نه.... ڇهن مهينن ۾ هيءَ حالت ٿي وئي آ مُنهنجي. هان!؟....“ آهستي آهستي هٿ وڌائي ڀرسان رکيل ٽيبل تان Valium جي شيشي هٿ ۾ کڻي عڪس کي گهوريندي سوچي ٿو. عڪس کي آرسيءَ ۾ ئي ٽوڙي ڇڏي. ڏارون ڏارون ٿي ڀڄي ڀري پوي سندس وجود جان. سندس نظرون عڪس ۾ کپي وڃن ٿيون. Valium جي شئي مٺ ۾ ڀڪوڙجي وڃيس ٿي. هڪ سڪينڊ.... ٻه سڪينڊ... ٽي سڪينڊ.... پوءِ الاءِ ڇو کيس رحم اچي ٿو وڃي پنهنجي عڪس تي ۽ چپ ڀڪوڙي، شيشي ٽيبل تي اڇلي تيزيءَ سان ڪمري کان ٻاهر نڪري ٿو وڃي.
    بورچيخاني ۾ بيهي هيڏي هوڏي نهاري هڪ دٻو کڻي ڏسي ٿو ۽ هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏي دٻي مان دال لپ کڻي ڌوئي ديڳڙيءَ ۾ وجهي چلهي تي رکي ٿو. پوءِ ٻئي دٻي مان ٿالهه ۾ اٽو ڪڍي ڳوهڻ لڳي ٿو. ”هونهه!... ڇا ته ذلالپ آهي...“ اٽو ڳوهيندي دل ئي دل ۾ ڪُجهه سوچيندو رهي ٿو. اٽو ڳوهي هڪ طرف رکي ديڳڙيءَ جو ڍڪ لاهي ڏسي ٿو ۽ ڪنڌ لوڏي ديڳڙيءَ ۾ منڌيئڙو گهمائي ديڳڙيءَ تي ڍڪ ڏئي، اتي ئي ڀت کي ٽيڪ ڏئي، سگريٽ لاءِ کيسي ۾ هٿ هڻي ٿو ته ڪا شيءَ هٿ کي لڳندي محسوس ڪري ان کي ٻاهر ڪڍي ٿو. اهو زيبوءَ جو خط هو. سندس زال زيبو. جيڪا ڇهن مهينن کان پنهنجي ننڍڙي پُٽ سليم سميت کانئس رسي پيڪين هلي وئي هُئي.
    گذريل چئن پنجن ڏينهن کان اهو خط ڪيترائي ڀيرا پڙهي چُڪو هو. وري به، نه چاهيندي به، پڙهڻ ٿو لڳي. خط پڙهندي سندس مُنهن هڪ گهڙيءَ لئه پيلو ٿي وڃي ٿو ۽ پوءِ ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ڀڻڪي ٿو. ”لعنت آهي توتي به.... جيڪڏهن تُنهنجي هروڀرو اها مرضي آهي ته پوءِ ٺيڪ آ.... مان توکي طلاق ڏئي ڇڏيندس.... طلاق! نه طلاق لفظ سٺو ناهي... ته پوءِ؟.... اوه.... Separation.... ها... اسان Separate ٿي وينداسين... هونهه، سمجهي ڇاٿي پاڻ کي.... ڄڻ مان هن کانسواءِ مري ويندس.“ خط کيسي ۾ رکي ديڳڙيءَ جو ڍُڪ لاهي ديڳڙيءَ ۾ منڌيئڙو گهمائي ٿوري دال ڪڍي چکي ٿو. ”ڦڪي آ... هونهه، زندگيءَ وانگر ڦڪي... ڦڪي دال ۽ ڦڪي زندگيءَ ۾ ڪهڙو فرق آ؟“ دٻي مان لوڻ چپٽي ڀري ديڳڙيءَ ۾ وجهندي سوچي ٿو ”دال جو رنگ ۽ زندگيءَ جو رنگ ٻئي هڪ جهڙا آهن... واهيات!“ ڪاوڙ مان سوچي ٿو ديڳڙي کڻي پٽ تي اونڌي ڪري ڇڏي، پر پيٽ ۾ پلجندڙ نانگن جا چڪ محسوس ڪري ارادو مٽائي ڇڏي ٿو. ”هونهه، هتي ماڻهو دال کائڻ کان هلاڪ آهن ۽ ڊاڪٽر چون ٿا Balanced Diet کائو!... صبح جو بيدا، کير، فروٽ.... منجهند جو گوشت، مڇي، سائي ڀاڄي، فروٽ ڌوڙ ڇائي ۽ رات جو..... Vitamins…… proteins… Calories… Carbohydrates.....“ پاسي ۾ رکيل پراڻي اخبار جو ٽڪرو کڻي ڏسڻ ٿو لڳي. ”ڊاڪٽرن کي اها خبر ڪانهي ته اسان جي ملڪ ۾ ڪيڏي بُک ۽ بيروزگاري آهي!.... نانسنس!.... هن ذليل زندگيءَ کان ته آپگهات ڪري ڇڏجي.... سٺو آهي.... ها هن روز روز جي هڻ هڻان کان ته مري وڃڻ ئي چڱو آهي.“ ياد ٿو اچيس ڪٿي پڙهيل جملو.... Death and darkness are the finale success of human being سوچي ٿو من ئي من ۾ ڀڻڪي ٿو The monster is none other but life destiny it self ياد ٿي اچيس مصري ديوي مالائي ڪردار ديوي Sphinx جي ڳجهارت.
    ماني کائيندي سندس مٿان گذرندڙ قيامتون ذهن ۾ ڦرڻ لڳن ٿيون ۽ هو خاموشي سان ماني ڄڻ زهر مار ڪندو ٿو رهي. ماني کائي اٿي ٿو ته سندس مٿو ڦرڻ ٿو لڳي. پاڻي پي، پاڻ کي ڪرسي تي ڪيرائي ٿو ڇڏي ۽ سگريٽ دکائي آهستي آهستي ڪش هڻندي ڇت کي گهورڻ لڳي ٿو.... ”بلڪل... هاڻي ته ٻيو ڪو رستو به ڪونهي.“ کن رکي پنهنجي ساءِ ڄڻ چپن ۾ ڀڻڪي ٿو. ”آخر جيئجي به ته ڪنهن جي لاءِ؟!....؟!!...“ کيس زيبوءَ جي ياد ٿي اچي. ننڍڙي پُٽ سليم جو چهرو سندس اکين اڳيان ڦرڻ ٿو لڳي. ”اوه!.... مُنهنجي مرڻ کان پوءِ زيبو بيوه ٿي ويندي؟.... هونهه!... هوءَ ته ڄڻ ڇهن مهينن کان ئي بيوه آهي..... مُنهنجي مرڻ سان ڪهڙو فرق پوندو؟... پر سليم جو ڇا ٿيندو؟؟... کن پل لاءِ سندس ارادو ڊانواڊول ٿي وڃي ٿو پر وري ڪروڌ مان سوچي ٿو. ”هونهه! بابي مُنهنجي لاءِ ڇا ڪيو هو جو مان پنهنجي پُٽ لاءِ ڪندس... مان به هلي ويس نه... پاڻ ئي هلي ويندو... هر ڪو پنهنجي قسمت پاڻ ٺاهي... ماڻس ڪمائي.... اڙي! هي ڇا ٿو سوچين بيغيرت!؟.... هون.... جڏهن مرڻو ئي آهي ته پوءِ غيرت ڇا جي؟... غيرت به پنهنجن سان نه.... جي پنهنجا ئي نه رهن ته پوءِ؟ ڪهڙي خبر زيبوءَ ڪنهن ٻئي سان اک اڙائي هُجي! ذليل! زيبوءَ لاءِ ائين سوچيندي شرم نٿو اچئي؟.... ته پوءِ ڇو نه ٿي اچي مون وٽ؟... پڪ ڪو چگهه ڪيو هوندائين، تڏهن ته طلاق ٿي گهري نه.... ته جيئن مون مان جان ڇڏائي ان سان وڃي مزا ماڻي.... مان ڇا جي لاءِ پرچائي اچانس؟... مون ٿورو ئي چيو هو مانس ته وڃي مائٽن وٽ ويهي رهي.... اتي ته پڪي ٿي کائي نه..... مون ته سڀ ڪُجهه آڻي سندس هٿ ۾ ٿي ڏنو. ٻيو ڪٿان آڻيان ها!“ ياد ٿو اچيس ته ڪيئن نه هڪ ڏينهن زيبو پاڙي واري ڪلارڪ زيديءَ جي زال وٽ نئون ڪپڙن جو جوڙو ڏسي آئي هُئي ۽ گهر موٽي کيس چيو هُئائين، ”وٺي ڏي نه من!“ تڏهن هن آهستي چيو هُئس، ”مان ڪٿان وٺي ڏيان؟... سڄي پگهار ته توکي ٿو آڻي ڏيانءِ. بچت هُجئي ته وٺي ڇڏ.“ تڏهن سندس ڳالهه ٻُڌي زيبو ڪاوڙجي چيو هو. ”بچت وري آڱوٺو آ... هتي ته پوري ئي ڪانه ٿي پوي. ڪٿان وٺان؟“ پوءِ هميشه جان وات هڻندي، سڄو گهر مٿي تي کڻي ڏنو هُئائين. ”مُنهنجا ته ڀاڳ ڦٽا آهن. توسان پرڻجي... هو به ته تو وانگر ڪلارڪ آهي نه.... رڳو تون آهين جو....“ پوءِ ڪاوڙ مان اٿي ننڍڙي سليم کي هروڀرو ٻه ٽي چٽوڙا وهائي ڪڍيا هُئائين ۽ گهر جي سامان کي هيڏي هوڏي اڇلڻ لڳي هُئي. تڏهن به هو ماٺ ڪري ويٺو ڏسندو رهيو هو ۽ جڏهن معاملو تمام وڌي ويو هو تڏهن کيس به ڪاوڙ اچي وئي هُئي ۽ ڏٺو هُئائين ”هو ته زال کان ڌنڌو ٿو ڪرائي، تون چاهين ٿي ته مان به توکان؟“ تڏهن زيبوءَ ڪاوڙ ۾ هٿ ۾ جهليل لوٽو هن ڏي اڇلي دانهن ڪري چيو هو. ”ذليل!... ڪميڻا!.... بي غيرت! شرم نه ٿو اچئي ائين چوندي. مُئا بي شرم. مون کي ڪهڙي ڪل ته مُئي بي غيرت سان ٿو پلئه اٽڪي. سنڀال پنهنجو گهر. مان وڃانءِ ٿي.“ ۽ پوءِ زيبو ڪاوڙجي هلي وئي هُئي. هن کيس پرچائڻ جي ڪيتري ڪوشش ڪئي هُئي پر زيبوءَ سندس هڪ به نه ٻُڌي هُئي ۽ انهن ئي پيرن تي برقعو پائي سليم کي کڻي پيڪن ڏي هلي وئي هُئي. ان کانپوءِ به هن ڪيترا ڀيرا زيبوءَ جي گهر وڃي موٽي اچڻ لاءِ ايلاز ڪيا هُئا پر سندس هڪ نه هلي هُئي ۽ کيس هر ڀيري نامراد موٽڻو پيو هو. کيس پڪ هُئي ته هڪ نه هڪ ڏينهن زيبوءَ کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ضرور ٿيندو ۽ هوءَ گهر موٽي ايندي پر هيترا ڏينهن گذرڻ کان پوءِ زيبو ته ڪانه آئي پر زيبو طرفان طلاق جو مطالبو اچي ويو. ”اف!... زيبو، تو هي ڇا ڪيو؟... توکي... توکي ڪهڙي خبر ته مون توکي ڪيترو چاهيو هو!.... پنهنجي سڀني ڏنگاين ۽ ارڏاين سميت تون مون کي ڪيڏي نه پياري هُئينءِ؟!“ سندس اکيون ڀرجي ٿيون اچن ۽ هو وهاڻي ۾ مُنهن لڪائي سڏڪڻ لڳي ٿو. ”جڏهن زيبو ئي نه رهي ته پوءِ جيئڻ ڪهڙو؟“ سوچيندو ٿو رهي من ئي من ۾. ”مُنهنجي مرڻ کان پوءِ زيبو ڇا ڪندي؟... ٻي شادي؟.... ڌنڌو.؟!... اف! اسان جي معاشري ۾ عورت لاءِ ضروري آهي ته ٻي شادي نه ٿي ڪري ته پيشو ڪري؟؟.... هن سماج ۾ عورت کي مرد جوڳيجهو ٿيڻ گهرجي يا Prostitute. عورت کي پنهنجي مرضيءَ سان جيئڻ جو حق به ڪونهي!؟ Dirty thinking....“ لڳيس ٿو ڄڻ زوري ڪنهن سندس وات ۾ اڪ جا پن وجهي ڇڏيا هُجن. کيس شريفن جي حويلين جا برج گناهن جي باهه ۾ سڙندا نظر اچن ٿا... ”ڌوڙ وڃي پائن. مُنهنجو ڇا؟“ کن رکي سوچي ٿو. ”مون کي ته مرڻو ئي آهي... آپگهات!؟.... ها موت ئي مُنهنجي تڪليفن جو علاج آهي.“ اٿي کڻي ٿو Valium جي شيشي. ”هڪ گوري.... هڪ مان ڇا ٿيندو؟!... هاڻي ته گوريون ملڻ به مشڪل ٿي پيون آهن.“ ياد ٿو اچيس ته گورين حاصل ڪرڻ لاءِ ميڊيڪل اسٽور واري کي ڪيڏيون نه منٿون ڪرڻيون پونديون هُئس. ان ويل پاڻ کي دُنيا جو ڪريل ترين انسان محسوس ڪيو هُئائين ۽ سوچيو هُئائين. ان ذلت جي اوڙاهه ۾ جيئڻ کان ته مري وڃڻ ئي چڱو آهي. ٻئي ڀيري به ڏاڍن ايلازن کان پوءِ اسٽور واري گوريون ڏيندي چيو هُئس. ”دڪان تي ڇاپا ٿا لڳن. اڳتي گوريون نه ملندئي.“ تڏهن به سوچيو هُئائين ته هن ڀيري سڀ گوريون کائي پنهنجو انت آڻيندس پر گورين ملڻ کان پوءِ ائين ڪري نه سگهيو هو. ”لعنت آهي ان اسٽور واري تي به.... سمجهي ڇا ٿو پاڻ کي واهيات ڪنهن جاءِ جو.... ٺيڪ آ، مرڻو ئي آهي ته پوءِ ذليل ٿي ڇو مرجي.... مرڻ جا ٻيا به ڪيترائي طريقا آهن، گورين لئه منٿون نه ڪندس... ته پوءِ؟؟“ نهاري ٿو هيڏي هوڏي. سندس نظرون ڇت ۾ لڳل پکي ۾ کپي وڃن ٿيون. ”ڦاهو!... هون... ائين ٺيڪ آ. ڇٽي پوندس هن عذاب کان...“ ٽپ ڏئي اٿي ٿو ۽ کٽ مان واڏڻ ڪڍڻ لڳي ٿو. رسي ڪڍي سيلنگ فين هيٺان ڪرسي رکي ڪرسيءَ جي ٻانهن تي چڙهي ٿو بيهي ۽ پکي جي راڊ ۾ رسي جو هڪ ڇيڙو ٻڌي ٻئي ۾ سرڪڻ ڦاهي ٺاهي پنهنجي سامهون کڻي ڦاهيءَ کي ڏسي ٿو. سندس اکين اڳيان ڦاهيءَ تي لڙڪيل انسان جو تصور ڦرڻ لڳي ٿو. ”کٽ جي موت کان ته هي موت وڌيڪ بهتر آهي.“ سوچي ٿو ۽ پوءِ ڦاهو ڳچيءَ ۾ وجهي رسيءَ کي ٿوري ڇڪ ڏئي ٿو. ”اف! ڪيڏي نه تڪليف ايندي.... زبان ٻاهر نڪتل.... اکيون ڦاٽل... لڙڪي لڙڪي ختم ٿيڻ.... ضروري ٿورئي آهي ته هڪ جهٽڪي سان مڻڪو ٽُٽي!....“ سندس ٻئي هٿ ڳچيءَ ۾ پيل رسيءَ ۾ کپي وڃن ٿا، خوف مان سندس بدن مان خوف جي درڙي نڪري وڃي ٿي. ”بيکوندو موت... ڊاڪٽرن جي چير ڦاڙ...“ سندس اکين اڳيان نشتر ۽ ڪينچون ڦرڻ لڳن ٿيون. ”نه، نه.... اهو تڪليف وارو موت آهي...اف! ڪيڏا نه بهادر آهن اهي ماڻهو جيڪي مرڪندي ڦاهي تي چڙهي ٿا وڃن. نه، نه..... مان ائين نه ڪري سگهندس مان چاهيان ٿو.... اهڙو موت هُجي جو هڪ ئي ڌڪ سان ختم.... ته پوءِ ڇا ڪجي؟؟“ ڳچيءَ مان رسو ڪڍي هيٺ لهي ٿو. سندس نرڙ تي پگهر جا ڦڙا چمڪڻ لڳن ٿا ۽ هو پکو فل اسپيڊ ۾ هلائي ڪرسيءَ تي ويهي رهي ٿو. سندس نظرون سوچ جي انداز ۾ هيڏي هوڏي ڀٽڪڻ لڳن ٿيون. پوءِ.... پوءِ ڇا ڪجي؟.... ٽرين!... ها... اهو ٺيڪ آ“ ڪنڌ لوڏي ڪرسيءَ تان لهي واچ کڻي، وقت ڏسي ٿو. ”گاڏيءَ ۾ اڃان دير آهي.... تيستائين ڇا ڪجي؟“ ڪرسيءَ تي ويهي سوچڻ ٿو لڳي. ”اون.... وصيت لکان؟.... هونهه، مون وٽ آهي به ڇا جو وصيت لکان!... اعتراف لکان... مان هوش ۽ حواس سان. هوش ۾ حواس سان....!.... ڇا مطلب؟!.... مان هوش ۽ حواس سان ڇا ٿو ڪيان؟.... نه اهو ٺيڪ ناهي. نٿو لکان. جڏهن مرڻو ئي آهي ته پوءِ ايڏي ڊيگهه ڇو؟ شناختي ڪارڊ ته کيسي ۾ ضرور هُئڻ گهرجي. ڪُجهه ته سڃاڻپ ٿئي نه ته لاوارث سمجهي، پر مُنهنجو وارث آهي به ڪٿي؟.... مان اڪيلو آهيان... Alone“ کيس هيڪلائپ جو احساس ٿئي ٿو ۽ هو اداس ٿي وڃي ٿو.
    ”ٽرين هيٺان اچي مرڻ....“ ڏسي ٿو تصور ۾ پاڻ کي پٽڙين جي آس پاس ٽڪڙا ٿيل. ٻانهن هيڏي، ٽنگ هوڏي، منڍي چٿيل، مغز پٽڙيءَ تي چيڀاٽيل، ڌڙ سليپرن جي وچ ۾ تڙڦندڙ.... ”اوه!...“ سندس بدن مان سيسراٽ نڪري ٿا وڃن. ”ڊڄي وئين بزدل! نه، نه.... ڊڄڻ ڇا جو.... اهو موت.... اف! ايڏو ڀيانڪ... نه، نه، مان مرڻ چاهيان ٿو. سڪون سان، سڄي عُمر زندگي جا عذاب ڀوڳي ڀوڳي وري به عذاب کائي مرڻ ڪهڙي عقلمندي آهي. بلڪل. آسان موت Heart Attack ئي ٿئي. پهرين جهٽڪي ۾ هليو وڃجي. Paralysis جو شديد حملو.... مٿي جي رڳ ئي ڦاٽي پوي.... Coma ۾ هليو وڃجي ۽ ان وچ ۾ موت.“ ڪرسيءَ تان اٿي نستو ٿي کٽ تي ڪري پوي ٿو. ”چون ٿا وقت اچي پيو جڏهن ماڻهوءَ کي پنهنجي پسند جي موت جي اجازت هوندي. گورنمينٽ طرفان اهڙا خودڪشي گهر قائم ٿيندا. اُهو ڪيڏو نه Peaceful Death هوندو!؟ مزو اچي ويندو.“ هو اکيون ٻوٽي ڇڏي ٿو. سندس ذهن ۾ خوبصورت موت جو تصور ڦرڻ لڳي ٿو. ”سڀ ڪُجهه هُجي... سڀ ڪُجهه! زندگي جي هر خواهش پوري ڪري، پر اهو سڀ ڪُجهه ايندو ڪٿان؟... مان دبئي هليو ويندس نه ڪويت.... نه سعودي... سڀ ٺيڪ آهن. تيل جي مايا جتي ڪٿي گهڻي آهي. ٺيڪ آ... هنن عربن به مذهب جي نالي تي سنڌ کي گهڻو لُٽيو آهي ۽....۽ ان تيل ۾ اسان جو حصو به آهي، پر... هي پاسپورٽ!... هي ويزا...“ اٿي هيڏو هوڏي هلڻ لڳي ٿو ”بڪواس مان سنڌوءَ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيندس.“ وڌي پرس کولي پئسن کي ڏسي ٿو. ٺيڪ آ... ڪم ٿي ويندو... اڄ شراب. نه، Green whisky هلي ويندي ۽ پوءِ.... مهراڻ جي سون ورني موجن تي لهندڙ سج جا ٻڏندڙ پاڇا ۽ پاڇن ۾ هڪ ٻيو پاڇو مُنهنجو پاڇو.
    سندس نظرون پري تائين ڦهليل پاڻي تي کتُل آهن ۽ هو ڪناري تي ويٺي عجيب نظرن سان گهوري ٿو ٺهندڙ ڊهندڙ لهرن کي آس پاس کان بي خبر. اوچتو هڪ بال سندس ڀرسان اچي ڪري ٿو. هڪ ڇوڪر ڊوڙندو سندس ڀرسان اچي ٿو. هو بال هٿن ۾ کڻي بال کي ڏسڻ لڳي ٿو ۽ پوءِ ڇوڪر کي ڏسي ٿو. الاءِ ڇو ڇوڪر کيس ڏاڍو پيارو ٿو لڳي ۽ سندس چپن تي هلڪي مُرڪ اچي ٿي وڃي.
    ”مُنهنجو بال آ انڪل!“
    ”هون....انڪل!... نالو ڇاهي تُنهنجو؟“
    ”پپو.... توهان چپ ڇو ويٺا آهيو؟“
    ”مان!... اوه!... ها پپو.... ائين ئي“
    پوءِ ڪيتري دير تائين پنهنجي مرڻ جي ڳالهه وساري. الاءِ ڇو پپوءَ سان ڳالهائيندي کيس سڪون محسوس ٿئي ٿو. پپوءَ سان ڳالهائيندو رهي ٿو ۽ پوءِ.... پپو سندس دوست ٿي وڃي ٿو.
    ”انڪل!... تون هتي ايندين نه،.... اسان هر جمع تي هتي ايندا آهيون او، هو مُنهنجو پاپا ۽ ممي ويٺا آهن.
    سندس نظرون پارڪ ڏي کڄي وڃن ٿيون، ته پپوءَ جو پاپا هٿ لوڏي پپوءَ کي سڏي ٿو. پپو مُرڪي هٿ لوڏي ٿو ۽ اڳتي وڌي هڪ گل پٽي سندس هٿ ۾ ڏيندي چوي ٿو، ”پاپا چوندو آ گل زندگيءَ جي علامت آهن. ها نه؟“
    ”هون!... ها....“
    ”مان هلان انڪل!“
    ”ها. ڀلي...“
    ”توهان جمع تي ايندؤ نه.“
    ”مان!؟... نه، نه، مان ته.... مان ته...“
    ”ڇو انڪل توهان نه ايندؤ.... مُنهنجي ڪري به نه...“
    ”ايندؤ نه؟“
    پپوءَ جي معصوميت ڏسي. کيس پپوءَ تي بي انتها پيار اچي وڃي ٿو کيس لڳي ٿو ڄڻ سندس پُٽ سليم سندس سامهون هُجي. بي اختيار پپوءِ جا ٻئي هٿ پڪڙي ڀنل نيڻن سان پپوءَ کي ڏسي ٿو ته سندس معصوم انگل تي سندس چپن تي هلڪي مُرڪ اچي وڃي ٿي ۽ هو بي اختيار هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏي ٿو ويهي.
    ”ٿئينڪ يو انڪل...“ پپو هوا ۾ هٿ لوڏي ڊوڙي وڃي ٿو. پپو کي ڏسي دل ئي دل ۾ چئي ٿو، ”تئنڪ يو پپو تو مون کي جيئڻ جو ساهس ڏنو آهي. هو گل هٿ ۾ کڻي گل ۽ پپوءَ ڏي واري سان ڏسندو رهي ٿو تڏهن سندس چپن تي مُرڪ اچي وڃي ٿي ۽ اکيون ٻوٽي پرسڪون انداز ڪناري جي واريءَ تي سڌو ليٽي وشال آسمان ڏي نهاريندي گل کي ڳلن تي ڦيرڻ لڳي ٿو.


    آخری پںو


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 468
    ڪتابن جو مشاهدو: 399839
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 161586
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ