ڪتاب جو نالو: لنڊن جا ڏينهن اسڪاٽ لينڊ جون راتيون
مصنف: عبدالحئي پليجو
ڇپائيندڙ: مومل پبليڪيشن، ٻنون
ڪيٽيگري: سفرنامه
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 22 فيبروري 2017 ع
پڙهيو ويو: 858 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 283 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ سفرناما نگار عبد الحئي پليجي جو اسڪاٽ لينڊ ۽ لنڊن بابت لکيل سفرنامو آهي.
پرويز لکي ٿو:
”عبدالحئي پليجو صاحب جو سفرنامو پڙهڻ مهل ائين پيو لڳندو آهي ته اُهو نه رڳو سفر نامو آهي، جنهن جي پڙهڻ سان تفريح جو مزو ماڻي سگهجي ٿو، پر ساڳئي وقت ڄڻ اُها اُن مخصوص خطي جي مڪمل ڊيٽا تي مشتمل هڪ ڊاڪيومينٽري آهي، جنهن مان تاريخ ۽ جاگرافيءَ جا شاگرد ڀرپور ڄاڻ حاصل ڪري سگهن ٿا. تاريخ۽ جاگرافي علم جا ٻه اهڙا شعبا آهن، جن جي اهميت ۽ افاديت کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي. تنهنڪري عبدالحئي پليجو صاحب جي سفرنامن کي محض هڪ تفريحي ادب ئي نه، پر اُن سان گڏ انهن کي نصابي ڪورس جي خاص ڊاڪيومينٽس جي به حيثيت ڏيئي سگهجي ٿي. تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي شاگردن کي اپيل ٿي ڪجي ته هو مختلف ملڪن جي باري ۾ ڀرپور ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ عبدالحئي پليجو صاحب جا سفر ناما مددي ڪتابن جي حيثيت ۾ ضرور پڙهن.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • مهاڳ : پرويز
  • ذهن جي تصوراتي دري : شبنم گل
  • لنڊن جا ڏينهن اسڪاٽ لينڊ جون راتيون
  • اسڪاٽلينڊ
  • لوئر وارد يعني محل جو هيٺانهون ڀاڱو
  • پراڻو گارڊ هائوس
  • مڊل وارڊ يعني محل جو وچيون ڀاڱو
  • اپر وارڊ يعني محل جو مٿانهون ڀاڱو
  • ملٽري جيل ۽ ڊوريز بيٽري يا توپخانو
  • ليکڪ جا ٻيا ڪتاب
  • آخري پنو

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا

    ڪتاب جو نالو: لنڊن جا ڏينهن اسڪاٽ لينڊ جون راتيون
    ليکڪ: عبدالحئي پليجو
    ڇاپو پهريون: ڊسمبر 2016ع
    ڪمپيوٽر لي آئوٽ: مور ساگر
    ڪمپوزنگ: جهانزيب علي جوڻيجو
    ڇپائيندڙ: مومل پبليڪيشن - ٻنون
    ڇپيندڙ: ساحل پرنٽر اينڊ پبليشر حيدرآباد 03332634650
    قيمت: -/300 روپيا


    ارپنا

    سنڌ جي هڪ صوفي منش ۽ ڏاهي انسان
    وتائي فقير جي نالي
    جنهن جون چوڻيون اسان لاءِ
    سبق ۽ سمجهاڻيون آهن.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”لنڊن جا ڏينهن اسڪاٽ لينڊ جون راتيون“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ سفرناما نگار عبد الحئي پليجي جو اسڪاٽ لينڊ ۽ لنڊن بابت لکيل سفرنامو آهي.
    پرويز لکي ٿو:
    ”عبدالحئي پليجو صاحب جو سفرنامو پڙهڻ مهل ائين پيو لڳندو آهي ته اُهو نه رڳو سفر نامو آهي، جنهن جي پڙهڻ سان تفريح جو مزو ماڻي سگهجي ٿو، پر ساڳئي وقت ڄڻ اُها اُن مخصوص خطي جي مڪمل ڊيٽا تي مشتمل هڪ ڊاڪيومينٽري آهي، جنهن مان تاريخ ۽ جاگرافيءَ جا شاگرد ڀرپور ڄاڻ حاصل ڪري سگهن ٿا. تاريخ۽ جاگرافي علم جا ٻه اهڙا شعبا آهن، جن جي اهميت ۽ افاديت کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي. تنهنڪري عبدالحئي پليجو صاحب جي سفرنامن کي محض هڪ تفريحي ادب ئي نه، پر اُن سان گڏ انهن کي نصابي ڪورس جي خاص ڊاڪيومينٽس جي به حيثيت ڏيئي سگهجي ٿي. تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي شاگردن کي اپيل ٿي ڪجي ته هو مختلف ملڪن جي باري ۾ ڀرپور ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ عبدالحئي پليجو صاحب جا سفر ناما مددي ڪتابن جي حيثيت ۾ ضرور پڙهن.“
    هي ڪتاب مومل پبليڪيشن پاران ساحل پرنٽرس وٽان 2016ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز جي سرواڻ مور ساگر جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي. ٿورا سائين عبد الحئي پليجي صاحب جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    مهاڳ : پرويز

    گهڻا سال اڳ مون به ڪوئيٽا گهمڻ وارو ستن اٺن صفحن تي مشتمل سفرنامو لکيو ۽ هڪ مقامي رسالي ۾ اُهو شايع به ٿيو. انهن ستن اٺن صفحن ۾ مون صرف ڪوئيٽا، اڙڪ، هنه ۽ مستونگ، شهر جي باغات، گل ٻوٽن، جبلن وچتان خوبصورت روڊن رستن، پهاڙن، وسندڙ مينهن ۽ موسم جي خوبصورتي بيان ڪئي هئي. سا به بنهه مختصر نموني ۾ ، پر پڙهندڙن اُن مختصر سفر نامي کي تمام گهڻو ساراهيو هو.
    اُن ان اڳ به مون ڪئين سفرناما پڙهيا ڇو ته دنيا جي مختلف ملڪن، ماڳن، مڪانن ۽ خوبصورت هنڌن ڏسڻ جي شوق ٻين لکين ماڻهن وانگر مون کي به هو ۽ اڃا به آهي. پر هر ماڻهوءَ جي وس ۾ اِهو ڪٿي هوندو آهي ته هو سڄي دنيا گهمي ڦري ڏسي سگهي. سو آئون ته وري به ٿيس غريب ۽ غريب جو ٻار. تنهنڪري سفرناما پڙهي ئي پنهنجي دل کي تسڪين پهچائيندو هوس. ادب جي مختلف صنفن ۾ ڪهاڻي ۽ ناول کانپوءِ سفر نامو ئي منهنجي پسنديده صنف آهي.
    ائين ڳچ سال گذري ويا. پوءِ وڃي مون کي خبر پئي ته عبدالحئي پليجو جي لاءِ اهڙا موقعا موجود هئا ۽ اڃا تائين به آهن ته هو صاحب ڪيڏي مهل به ملڪ کان ٻاهر وڃي سگهي ٿو. باقي لکڻ جو ذوق ۽ شوق ماڻهوءَ جي پنهنجي مرضيءَ تي ڇڏيل آهي. مون کي اشتياق جاڳيو ۽ مون عبدالحئي پيلجو جا سفرناما، جيڪي به هٿ اچي سگهيا، سي ڏاڍي شوق ۽ غور سان پڙهڻ شروع ڪيا. تاج بلوچ جي ماهوار رسالي ”سوجهرو“ جا به اسين ٻئي لکندڙ ۽ پڙهندڙ به رهيا آهيون. تنهن کان پوءِ اسين ٻئي ساڳئي ترجا رهاڪو ڳوٺائي پڻ آهيون. اسان جي ڳوٺن ۾ ڪو 14 يا 15 ڪلوميٽرن جو فاصلو آهي. هو صاحب هاڻوڪي سجاول ضلعي جي ”ٻنون“ شهر ۾ ڄائو ۽ نپنو آهي. سنڌو دريا جي ڪپ تي، بچاءُ بند ٿي اڏيل ننڍڙو شهر ٻنون، جتي ارباب نور محمد پليجي صاحب جي گهر ۾ 1945ع ۾ عبدالحئي پليجي اک کولي هئي ۽ مون پڻ ساڳئي سال جي سيپٽمبر جي 2 تاريخ تي دڙو شهر کي ويجهو ڳوٺ لاکا ۾ جنم ورتو هو.
    تعليم جي حصول دوران اسين ڪڏهن ڪڏهن حيدرآباد ۾ گڏبا هئاسين. پوءِ آئون زندگي جي راهن ۾ ايترو ته کوئجي ويس جو اسين ڳوٺن جي وچ ۾ بنهه ويجهڙائيءَ جي باوجود به سالن تائين ملي ڪونه سگهندا هئاسين. ائين زندگيءَ جو سفر گذرندو رهيو. هُن جي زمينداري ۽ غير ملڪي دوران ۽ سفر جاري رهيا ۽ نتيجي طور سندس مختلف ملڪن جي سفر نامن بابت ڪتاب ايندا رهيا.
    علم تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي ۽ اڃا به ترقيءَ جي راهه تي گامزن آهي. علم جو ڪو پرو پانڌ ڪونهي. علم جو ڇيهه ٿيڻون ئي ڪونهي. هر ايندڙ ڏينهن ۾ علم ۾ واڌارو ٿيندو پيو وڃي. هن کان پوءِ جيڪو علم ايجاد ٿيندو، سو ته الڳ رکو. پر جيڪو هيستائين علم لکت ۾ اچي چڪو آهي، رڳو تنهن کي ئي پڙهڻ ۽ پروڙڻ ۾ به حياتيون درڪار آهن. هڪڙيءَ حياتيءَ ۾ موجوده سموري علم جو احاطو ڪرڻ ممڪن ئي ڪونهي. علم جا ٻيا شعبا ته ڇڏيو، پر رڳو ادبي شعبي کي کڻو. اهو به دنيا جي مختلف ٻولين ۾ سرجندڙ، مختلف صنفن تي مشتمل ادب کي پڙهي پورو ڪرڻ به انساني هڪڙي حياتيءَ جي وس کان ٻاهر ٿي چڪو آهي. ان ڪري جو هڪ ته هر ڪنهن پڙهندڙ وٽ ايترا وسيلا ڪونهن، جو هُو دنيا جو سورو ادب گڏ ڪري سگهي. بيو ته هر پڙهندڙ دنيا جون سموريون ٻوليون ڳالهائي ۽ سمجهي به نٿو سگهجي.
    هر ملڪ جي، هر ٻوليءَ جي، هر ليکڪ ۽ شاعر جو پنهنجو ذوق پنهنجو اڀياس، پنهنجو مشاهدو، پنهنجو لهجو، پنهنجي لياقت، شين کي سمجهڻ جي پنهنجي سگهه، ۽ پنهنجي پيشڪش جو انداز به پنهنجو ۽ منفرد هوندو آهي. هر ڪهاڻيڪار، هر ناول نگار، شاعر توڙي سفرناما لکندڙ جي مشاهدي ۽ مطالعي جي سگهه، انداز بيان، پيشڪش جي صلاحيت پنهنجي پنهنجي ملڪي حالتن، رائج قانون، سماجياتي ماحول ۽ معاشي، تهذيبي ۽ ثقافتي حالتن ۽ ضرورتن مطابق الڳ الڳ هوندي آهي.
    عام طرح سفرناما تفريحي ادب جو هڪ حصو آهن، جنهن مان پڙهندڙ مختلف ماڳن، مڪانن، شهرن، وادين، ڍنڍن ڍورن، جبلن پهاڙين، نندين نالن، آبادين، جنگلات ۽ سمونڊن جي ڄاڻ حاصل ڪري، انهن جي خوبصورتيءَ مان لطف اندوز ٿيندو آهي. پر وڌيڪ مزو تڏهن ايندو آهي، جڏهن ان سفرنامي ۾ ڪنهن خاص ملڪ، شهر ۽ ڪنهن خاص ماڳ مڪان جي انگن اکرن سميت تاريخ ۽ جاگرافي به بيان ڪيل هجي. اتي جي ٻولين، ادب، ثقافت، تهذيب، اقتصادي ۽ معاشي ترقي ۽ تنزلي، آزادي ۽ غلامي، آبادي ۽ پکيڙ، زراعت ۽ معدنيات، آبي وسائل، جبلن، دريائن ۽ سمونڊن، موسمي آبهوا، فصلن، آمدني جي وسيلن، آبي جيوت، آمد و رفت جي پراڻن ۽ جديد وسيلن، حڪمرانن ۽ رعيت جي ماضي ۽ حال جو احوال، مستقبل جي رٿابندي، ٿيل ترقي ۽ ترقيءَ لاءِ وٺجندڙ اپائن، سائنسي اپروچ، سياسي صورتحال، راجا ۽ پرجا جي وچ ۾ هم آهنگي، ڪامورن جي فرض ادائگيءَ ۾ ايمانداري ۽ ڪرپشن ۽ زندگيءَ جي ٻين سمورن مامرن متعلق مستند ڊيٽا ڏنل هجي ۽ اهي سموريون شيون عبدالحئي پليجو صاحب جي سفرنامن ۾ موجود هونديون آهن.
    عبدالحئي پليجو صاحب جو سفرنامو پڙهڻ مهل ائين پيو لڳندو آهي ته اُهو نه رڳو سفر نامو آهي، جنهن جي پڙهڻ سان تفريح جو مزو ماڻي سگهجي ٿو، پر ساڳئي وقت ڄڻ اُها اُن مخصوص خطي جي مڪمل ڊيٽا تي مشتمل هڪ ڊاڪيومينٽري آهي، جنهن مان تاريخ ۽ جاگرافيءَ جا شاگرد ڀرپور ڄاڻ حاصل ڪري سگهن ٿا. تاريخ۽ جاگرافي علم جا ٻه اهڙا شعبا آهن، جن جي اهميت ۽ افاديت کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي. تنهنڪري عبدالحئي پليجو صاحب جي سفرنامن کي محض هڪ تفريحي ادب ئي نه، پر اُن سان گڏ انهن کي نصابي ڪورس جي خاص ڊاڪيومينٽس جي به حيثيت ڏيئي سگهجي ٿي. تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي شاگردن کي اپيل ٿي ڪجي ته هو مختلف ملڪن جي باري ۾ ڀرپور ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ عبدالحئي پليجو صاحب جا سفر ناما مددي ڪتابن جي حيثيت ۾ ضرور پڙهن.
    زير نظر ڪتاب ”سُرهي سيج پاسي پرين“ عبدالحئي صاحب جو لنڊن ۽ اسڪاٽلينڊ جي سفرنامي تي مشتمل ڪتاب آهي. مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي ته سفرنامو معنيٰ تفريحي ادب، جنهن مان پڙهندڙ لطف اندوز ٿئي. اُن کان اڳ جو آئون هن ڪتاب جي باري ۾ ڪا پنهنجي راءِ ڏيان، ٿورو هِن رف پڙهندڙ توجهه ڏين. هِن مواد کي ڇا چوندو؟ حئي صاحب لکي ٿو:
    ”...جيڪر انگريز سنڌ ۾ نه اچن ها، ته هي بئراج، پُليون، روڊ رستا، تعليمي ادارا، اسپتالون، ريلون، ٽپال جو نظام، ٽيليگرام، سنڌي ٻوليءَ جي صورتخطي، گرامر-موهن جي دڙي جي دريافت ۽ دنيا ۾ شهرت، ٻهراڙين ۾ اسڪول ۽ شهرن ۾ ڪاليج ۽ يونيورسٽيون، سنڌي شاگردن جو لڊن، بمبئي ۽ عليڳڙهه ۾ تعليم پرائڻ ۽ اتنا ڊاڪٽر، انجنيئر، وڪيل ۽ پي. ايڇ. ڊي. ڪري اچڻ، قاعدن قانونن جو ٺهڻ ۽ هر ننڍي وڏي، امير توڙي غريب جو انهيءَ تي عمل ڪرڻ پوليس فورس ٺهڻ ۽ ڪچي توڙي پڪي م انهيءَ تي عمل ٿيڻ“ پهرين ننڍا ڪارخانا ۽ پوءِ وڏن ڪارخانن جو قيام-مطلب ته انگريزن جي هتي اچڻ ڪري سڄي سماج ۾ وڏي پيماني تي تبديلي آئي. جنهن اسان کي علم ۽ عقل جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو. پر ظاهر آهي ته انگريز هتي رڳو انهيءَ لاءِ ته ڪو نه آيا هئا. هو پنهنجي مطلب ۽ مفادن لاءِ آيا هئا. جيڪي هنن حاصل ڪيا ۽ انهن جي پوري ٿيڻ شرط هِتان، برصغير ۽ ٻين ڪيترن ملڪن مان هليا ويا. پر جتي انهن کي پنهنجا مفاد دائمي طرح سان قائم رکڻا هئا، اتي هميشه لاءِ آباد ٿي ويهي رهيا. پر مقامي آباديءَ کي هنن هميشه لاءِ ڪمزور ۽ هيڻو رکيو...“
    يا”....هن وقت ايشيا ۽ آفريڪا ۾ عيسائي مشنريءَ جو شهرن توڙي ڳوٺن ۾ ڄار وڇايو پيو آهي، جنهن تي اربين ڊالر خرچ ٿين پيا. اُهو خرچ ڪير ٿو ڪري؟ اُهي يورپ جا امير ماڻهو ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنيون آهن، جيڪي غريب ملڪن مان ڪمائي سڄي دنيا جي دولت انهيءَ عيسائي مشنري نيٽ ورڪ کي مهيا ٿا ڪن...“
    يا”..... ايڊنبرگ محل اسڪاٽ لينڊ ملڪ جي شان و شوڪت جي علامت آهي. جنهن ٽَڪريءَ تي هيءَ محل اڏيل آهي، اُها ٽڪري سائنسدانن جي مفروضي موجب 340 ملين سال اڳ هڪڙي زبردست زير زمين زلزلي جي نتيجي ۾ لاوا جي صورت ۾ پيدا ٿي. هِن هنڌ انساني آباديءَ جا اهڃاڻ فقط ٽي هزار سال اڳ کن جا مشاهدي ۾ آيا آهن. انهيءَ دور کي تهذيبي طور برانز ڌاتوءَ وارو پويون دور سڏيو وڃي ٿو..“
    ايڊنبرگ محل جي اڏاوت جا مختلف ادوار ۽ ان ۾ توسيع ۽ تبديلي جي تاريخ ۽ جاگرافي جيئن جيئن ظهور پذير ٿيندي رهي، تيئن سن ۽ صديءَ سميت ڏاڍي تفصيل سان بيان ڪيل آهي. ٿي سگهي ٿو ته اسڪاٽ لينڊ جي هر باشندي کي ايڊنبرگ محل جي باري ۾ ايتري ڄاڻ نه به هجي، جيتري هن سفرنامي جي ليکڪ هن ڪتاب ۾ معلومات مهيا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اڳتي ڏسو ليکڪ لکي ٿو:
    ”....اسان جنهن علائقي ۾ گهمڻ وڃون پيا، ان جو نالو گرام پين Grampain آهي. هن ئي علائقي ۾ اسڪاٽلينڊ جي پهاڙي علائقي جا اوچي ۾ اوچا جبل آهن، جيڪي وڻن ۽ گلن سان ڍڪيا پيا آهن. هن ئي خطي جي ندين ۾ دنيا جون مشهور مڇيون Salmon سالمن ۽ Trout ٽرائوٽ ٿين ٿيون. هن خطي ۾ Balmoral Palce ناليانگلينڊ جي راڻيءَ جو خانگي محل آهي. جتي هوءَ موڪلن دوران اچي رهندي آهي. اُهو محل راڻي وڪٽوريا جي وقت ۾ ٺهيو هو.
    هتي Kerachers ڪراچرس نالي هڪڙي ڪمپني مڇيءَ جي کاڌن تيار ڪرڻ ڪري ڏاڍي شهرت رکندڙ آهي. سڄي اسڪاٽلينڊ جا ماڻهو، توڙي هتي ايندڙ سياح هن ڪمپنيءَ جا مڇيءَ وارا کاڌا ڏاڍي شوق سان کائيندا آهن...“
    ليکڪ جي هِن تجزيئي کي ٿورو غور سان پڙهو:”.... يورپ ۽ آمريڪا صنعت، تجارت، ايڊورٽائيزمينٽ، تعليمي ادارن ۽ سياحت مان ڪمايل پئسي جي زور تي پنهنجي ملڪن کي گل و گلزار ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ ڪري سڄي دنيا هاڻي خود بخود اوڏانهن هلي وڃي ٿي. پاڪستان جي صوبي خيبرپختون خواهه جا اُتريان علائقا قدرتي سونهن جي ڪري ايڏا ته حسين آهن، جو جيڪڏهن اُتي به ايتري دولت خرچ ڪجي ۽ امن امان قائم ڪجي ۽ اُهي سڀ سهولتيون، جيڪي سياحن کي يورپ ۽ آمريڪا ۾ حاصل آهن، سي هتي به ميسر ڪجن ته هي سرسبز ۽ حسين واڌيون به جيڪر يورپ کان به وڌيڪ حسين ۽ پُرڪشش لڳن. پر پاڻ وٽ هڪ نه، پر لک مسئلا آهن، جنهن ۾ پئسي جي کوٽ ۽ امن امان جو مکيه مسئلو آهي، جيڪو ٿورو گهڻو پئسو ٻين ملڪن کان اوڌر تي ملي ٿو، سو به اسان جي فوج ۽ حاڪمن جي عياشين تي خرچ ٿيو وڃي. ۽ نه وري ڪي اسان جا ڪامورا ايڏا ايماندار ۽ ديانتدار آهن، جو جيڪي کين پئسه هٿ ۾ ملن، تن مان هن ملڪ کي چار چنڊ لڳائي ڇڏين. سنڌ ۾ تازو جڏهن (2010ع) ٻوڏ آئي، تڏهن هڪ S.D.O کان پُڇيم ته توکي بندن جي سار سنڀال لاءِ گهڻا پئسه مليا؟ پاڻ چيائين ته پنجويهه لک روپيه. مون پُڇيس ته انهن مان گهڻو خرچ ٿيو؟ پاڻ ٻڌايائين ته خرچ ڇا جو! مڙيئي زمينداري ڇيڙن ۽ بيگرن تي، ماني چانهه کارائڻ ۽ گاڏين جي پيٽرول تي چاليهارو هزار کن مس خرچ ٿيا. پوءِ وري ٻئي سال جڏهن سڄي سنڌ جي بندن جي ٻنهي ڪپرن تي پنج ڇهه فوٽ اضافي مٽي وڌي ويئي. تڏهن سمورن بندن تي مقرر ڪامورن جي زبانن تي سدائين ”سرويچ سجاوليءَ“ جو هيءُ شعر پيو ٻڌڻ ۾ ايندو هو ته: ”جنت الفردوس آهي، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون...“
    ساڳئي طرح عبدالحئي پليجو صاحب اسڪاٽلينڊ ۾ سرجندڙ ادب جي تاريخ، اتي جي مختلف حصن ۾ ڳالهائجندڙ مختلف ٻولين جي تاريخ۽ انهن ٻولين جي ڀرپاسي جي ٻولين سان تعلق، ادب ۽ شاعريءَ ۾ لکجندڙ ڪتاب ۽ انهن جي ليکڪن، اتي جي ماڻهن جي لوڪ ورثي، رهڻي ڪهڻي ۽ شوقن شغلن متعلق کوڙ ساري ڄاڻ درج ڪئي آهي. هيءُ سفرنامون پڙهڻ سان لنڊن جي هڪ هوٽل جي مالڪياڻي نسرين سان گهاريل حسين گهڙين کان وٺي ايڊنبرگ جي سڄي رات تفريح مهيا ڪندڙ اگهاڙن عياش خانن، رقص گاهن، شراب ۽ شباب جي مدمستين، حسين پارڪن، خوبصورت وادين، سحرانگيز مناظرن ۽ روح کي راحت پهچائيندڙ تفريح گاهن جو ايترو ته ويجهڙائيءَ کان مشاهدو ٿئي ٿو، جو ائين ٿو لڳي، ڄڻڪ پڙهندڙ سفرنامو نه پيو پڙهي، بلڪه هُو پاڻ اُهي ماڳ مڪان، شحر ۽ واديون خود پنهنجي اکين سان پيو ڏسي.
    خوبصورت ليکڪ جي خوبصورتي اِها آهي ته هو پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ وٺي هلڻ ۾ ڪيترو ڪامياب ٿو ٿئي، ۽ اِها خوبي عبدالحئي پليجو جي سفرنامن ۾ جهلڪيون پئي پائيندي آهي.
    خوبيءَ کي ڪنهن ٿنڀ يا ٿوڻيءَ جي ٽيڪ جي ضرورت ڪانه هوندي آهي. ماڻهوءَ کي بهتر يا بدتر سندس ڪردار ئي بڻائيندو آهي. سٺي لکڻي، سٺي شاعري، سٺو ادب يا سٺو آرٽ ڪنهن به ايڊورٽائيزمينٽ يا پاڻ پنهنجي هڙان خرچ ڪري هٿرادو پذيرائي حاصل ڪرڻ جو محتاج ڪو نه هوندو آهي. تقريباً ساڍا ٽي سئو سال اڳ جو فقير منش شاعر شاهه عبدالطيف ڀٽائي، هِن دور ۾ پاڻ پنهنجي هڙان خرچ ڪري طليف جا ڏهاڙا، ميلاپ يا ورسيون ته ڪو نه پيو ملهائي، پر لطيف جي پورهئي جو وکر ئي اهڙو آهي، جيڪو پَئي پراڻو ڪو نه ٿيو آهي ۽ اڄ جي دور جي ماڻهن جي به دلين جي ڌڙڪن آهي. اُهي سمورين حقيقتون پنهنجي جاءِ تي ڪنهن به ترديد جون حامل ناهن. پر تنهن هوندي به، ڪڏهن ڪڏهن ڪي بهترين شاعر، اديب ۽ فنڪار ۽ ٻين شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگيءَ جون مالڪ شخصيتون، ڪن تنگ نظر، ڪنهن مخصوص نام نهاد نظريئي جي قيد ۾ ڦاٿل، ڌارين والار پرست ذهنيت وارن ۽ تعصب پرست سوچ تي عمل پيرا رهندڙ ڪرپٽ ماڻهن جي بدعمل جو شڪار ٿي وينديون آهن، ۽ کين سندن حق جيتري پذيرائي ۽ مڃتا به ملي ڪانه سگهندي آهي. سنڌ ۾ به سڳائي رجحان تي عمل پيرا ادارا، لساني ٽولا ۽ حڪمران پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. انهيءَ غلط رجحان جو شڪار ٿيندڙن ۾ سنڌ جا ڪيترائي سون سريکا ۽ سدا ملوڪڙا شاعر ۽ اديب ۽ ليکڪ اچي وڃن ٿا. پر، پر ميار ڪجي ته ڪنهن تي ميار ڪجي. ڏوراپو ڏجي ته ڪنهن کي ڏجي. ڌارين تي ڌارين، پر پنهنجن به پنهنجي وسان گهٽايو ڪونهي! سو دانهن ڏيون به ته ڪنهن کي ڏيون!!
    منهنجي دعويٰ آهي، ڀلي ڪير اُن کي چيلينج ڪري، ته موجوده دور ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ سرجندڙ شاعري، ڪهاڻي، آتم ڪهاڻي، سياست ادب ۽ سفرنامي کي جيڪڏهن سرڪاري سرپرستي هيٺ، دنيا جي مشهور ٻولين ۾ ترجمو ڪرائي دنيا جي ماڻهن تائين پهچايو وڃي، جيئن ٻين ملڪن جو ادب اسان تائين پهچي ٿو ته ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته سنڌ جا اديب ۽ شاعر به سڄي دنيا ۾ مڃتا ماڻي سگهن ٿا. پر سنڌين کي غلام سمجهي هر سطح تي نظرانداز ڪيو پيو وڃي. ته پوءِ دنيا کي ڪيئن خبر پوندي ته سنڌي به ڪي ليکڪ آهن. جيڪي پنهنجي دکن دردن، سورن، اذيتن، پيڙائن ۽ عقوبتن سان گڏ دنيا جي ماڻهن جي اهنجن ۽ ايذائن تي به دانهون ڪوڪون ڪري رهيا آهن...!!

    ساٿ سلامت، سنڌ سلامت

    پرويز
    1 آگسٽ 2015ع


    ذهن جي تصوراتي دري : شبنم گل

    سفر نامن جي تاريخ پُراڻي آهي، قديم زماني کان سنڌ ۾ ٻڌڌرم جو اثر هو. اهوئي سبب آهي ته سنڌ ۾ ڪيترن هنڌن تي ٻُڌڌرم جا اسٽوپا موجود آهن. جنهن جي ڪري چيني ماڻهو هتي آيا انهن چيني سياحن ۾ ڦاهيان، سي ين، هني شينگ ۽ هيون سانگ شامل آهن. هنن ۽ سنڌ جي سفر کي انهن سياحن منفرد انداز ۾ سفرنامي ۾ سهڙيو. ان سفرنامن ۾ ڪيترن ملڪن جي حڪومتن، ريتن، رسمن، ماڻهن، عقيدن ۽ رهڻي ڪهڻي جو ذڪر ملي ٿو.
    چين جي تهذيب قديم ۽ منفرد آهي. جنهن ۾ لوڪ ادب جي ڏاهپ جو اهم حصو رهيو آهي. چين ۾ سفرناما 1979-960ع ڌاري سونگ حڪمراني دوران مشهور ٿيا. ان صنف کي Travel Record Literature چيو ويندو هو. اهي سفرناما نثر، شاعري، مضمونن ۽ ڊائري جي انداز ۾ لکيا ويندا هئا. ان حوالي سان Fan Chengda ۽ Xu xiake ۽ 54 Shi جا نالا قابل ذڪر آهن. چيني ماڻهو زمين، نباتات ۽ فطري توانائي مان تحرڪ حاصل ڪندا رهيا آهن. سندن سياحن پوري دُنيا جا مشاهدا چيني ادب ۾ سهيڙي، ان تهذيب کي وڌيڪ باوقار بنايو.
    ٻئي طرف مڊيول دور ۾ عرب سياحن ابن بطوطه، ابن حوقل، مسعودي، اصطفري ته ٻئي پاسي شروعاتي دور ۾ يوناني سياحن سائيڪلاڪس، ارسطو، بيولس هيڪتايوس ۽ اهڙي طرح مغربي سياحن اليگزينڊر برنس، ڪيپٽن جارج اسٽيڪ، سرجان مارشل، ميجر وليم نيپئر، ڊاڪٽر ارنسيٽ ۽ ٻين ڪيترن سنڌ جي فطري سونهن، فن ۽ فڪر کي لکڻين جو مرڪز بڻايو.
    ارڙهين صدي ڌاري برطانيه ۾ ڊائرين ڇپرائڻ جو رجحان شروع ٿيو. ڪئپٽن جيمز ڪوڪ جي ڊائرين شهرت حاصل ڪئي. ان کانپوءِ هر دور ۾ سفرناما، هر ملڪ جي حالتن ۽ تبديل ٿيندڙ، سماجي و فڪري لاڙن جو دستاويز رهيو آهي.
    اردو ادب ۾ جيڪڏهن مستنصر حسين تارڙ جا سفرناما مشهور آهن ته وري سنڌي ۾ الطاف شيخ سنڌي پرهندڙ کي سڄي دُنيا جي باري ۾ معلومات ڏني آهي. سنڌي ۾ ميران محمد شاهه جي ”گنجي ٽڪر جو سير“ کان سفرنامن لاءِ اُتساهه وڌيو، ان کانپوءِ هر دور ۾ سفرناما لکيا ويا. سفرنامن لکندڙن ۾ الطاف شيخ، عبدالحئي پليجو، ماهتاب محبوب، ڊاڪٽر تنوير عباسي، اشتياز انصاري ۽ اسحاق انصاري شامل آهن. عبدالحئي پليجو ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن. جن ۾ سفرنامن جو تعداد وڌيڪ آهي.
    اسان پنڌ پرين ڏي ”ڪيڏي نه مختصر زندگي“ جي نالي سان سندن آتم ڪٿا پڻ ڇپي آهي. اڃان ڪيترا ڪتاب ڇپائي جي مرحلي هيٺ آهن.
    ادب جي هر صنف بامعنيٰ ۽ گهري آهي پر آتم ڪٿا ۽ سفرناما پڙهندڙ کي وڌ ۾ وڌ معلومات ڏين ٿا. انهن ۾ زندگيءَ جا باطني و خارجي پهلو اچي وڃن ٿا. ليکڪ جي ذات جا لڪل يا نمايا ايندڙ رنگ پُڻ سامهون ايندا آهن. تحرير، شخصيت جو آئينو آهي. سفرناما، دور جي مختلف پهلوئن کي واضع ڪن ٿا. هر ليکڪ جي مشاهدي جو مختلف انداز آهي. مشاهدي جي ان سفري ملڪن جي تاريخ، سماجي زندگي، ثقافت ۽ ليکڪ جي ذاتي زندگيءَ جو عڪس پڻ شامل آهي. ڪي سفرناما مستنصر حسين جا سفرناما سندس اندر جي دنيا سا هم آهنگ نظر اچن ٿا. اهو داخلي انداز پڙهندڙ کي گڏ کڻي ٿو هلي.
    عبدالحئي پليجو جو هي سفرنامو ”لنڊن جا ڏينهن اسڪاٽلينڊ جون راتيون“ ان ڏِس ۾ هڪ اهم اضافو آهي. سفرنامي ۾ شروع کان آخر تائين معلومات ڏنل آهي. جيڪا وقتائتي ۽ ماحول مطابق آهي. مثال جهاز ۾ سفر ڪندي وقت جي باري ۾ سوچڻ ۽ وقت جي باري ۾ معلومات فراهم ڪرڻ يا وري جڏهن جهاز سمنڊ مٿان سفر ڪري ٿو ته سمنڊن جي باري ۾ سوچڻ ۽ ڄاڻ ڏيڻ پر ڪٿي وري سفرنامو، مضمون جو ڏيک ڏئي ٿو. مضمون ۽ ڪالم جي گهرج ڄاڻ فراهم ڪرڻ آهي، جڏهن ته سفرنامي ۾ معلومات هلڪي انداز ۾ ڏيڻي آهي، پر هن سفرنامي ۾ اها ڄاڻ، بار محسوس نٿي ٿئي. جنهن جو سبب ٻوليءَ جي سادگي ۽ رواني آهي. ان سان گڏوگڏ ملڪن جا پاڻ ۾ رابطا ۽ ويڙهه جا سلسلا به بيان ڪيا ويا آهن. اها ڄاڻ سنڌ جي نوجوان لاءِ اهم آهي ته جو سفرنامو پڙهي سڄي دُنيا ۾ ٿيندڙ واقعن کان واقف ٿي وڃي لنڊن شهر جو بيان به وڻندڙ ۽ سڀاويڪ آهي. روڊ رستا، ساوڪ ۽ باغن جو ذڪر پڙهندڙ کي سحر ۾ وڪوڙي ٿو ڇڏي مصنف لکي ٿو ته آمريڪا کان وڌيڪ يورپ جا ماڻهو ڪتاب پڙهن ۽ گلن ٻوٽن سان پيار ڪن ۽ وڌيڪ نفيس ۽ باذوق آهن. اهي لفظ پڙهي مون کي دوست نفيس جي ياد اچي وئي. جنهن لنڊن ۾ رهڻ دوران هڪ ننڍو پلاٽ وٺي پنهنجي پوک پاڻ ڪئي. اُتي اڪثر ماڻهو پلاٽ وٺي ڪچن گارڊن ۾ ڀاڄيون، جڙي ٻوٽيون ۽ ميوا پوکين ٿا. اهي ڀاڄيون، زهرييل ڦوهاري جي مضر اثر کان آزاد ٿين ٿيون. پر هتي ڳوٺن ۾ مون وڏا اڱڻ بيابان جي صورت ۾ ڏٺا آهن. اسان ۾ پاڻ ڀرائي جو رجحان تمام گهٽ آهي. جڏهن ته قديم سنڌ خودانصار ۽ خودڪفالته تحت خوشحال هئي. جيئن يورپ ۽ آمريڪا ۾ ري سائيڪل (پراڻين شين کي ٻيهر ڪتب آڻڻ جو فن) جي ڪري بچت ۽ صفائي جو رجحان موجود آهي. ايئن رَلي، ري سائيڪلنگ جو بهترين نمونو آهي.
    اسان انگريزي ادب ۾ جن شاعرن جو ذڪر پڙهيو انهن جي اڪثريت جو تعلق انهن شهرن سان آهي، جن جو مصنف ذڪر ڪري ٿو. رومانوي منظرن مان اُسريا، چاهي صنعتي انقلاب هجي يا فيشن جا بدلجندڙ لاڙا، فن و فڪر جا مرڪز ۽ ڊراما هجن. هن ملڪ جو براهه راست اسانجي ملڪ جي سماجي زندگي تي اثر پوي ٿو. انگريزن جي سنڌ تي حڪومت دوران، ساڻن فڪري ويجهڙائپ وڌي. سو ملٽي نيشن ڪمپنيون هجن يا سرمائيداري جا خوفناڪ چنبا، مصنف سڄي معاشيات تي پڻ روشني وجهي ٿو. دنيا جون اقتصادي حالتون تيزيءَ سان بدليون آهن. پر اها ڳالهه تعريف جوڳي آهي ته ڪٿي به مصنف کان پنهنجو ملڪ ۽ سنڌ نه ٿي وسري. جيئن لنڊن جي ٽريفڪ جي نظام کي پاڪستان جي ابتر نظام سان ڀيٽيو اٿس. بنيادي سهولتن سبب عوامي زندگي ڪيتري نه آسان ٿي پوي ٿي. يورپ هجي يا سائوٿ ايشيا جا ملڪ هجن. هر جڳهه عوام جي سهولتن جي چٽاڀيٽي لڳي پئي آهي. عوام مطمئن ته حڪومتون به محفوظ پر اسان اها رمز نه سمجهي سگهيا آهيون. ٻاهر خدمت خلق جو به گهڻو ڪم ٿئي ٿو. جنهن جي بهترين مثال آمريڪا پاڻ آهي. ٻئي کي سکيو رکبو ته پاڻ کي به اطمينان نصيب ٿيندو. نه ته رَويا پنهنجي اصليت ڏانهن موٽ کائين ٿا. نفرت، نفرت جو دڳ جهلي ٿي ۽ محبت، محبت جو عڪس بڻجي ٿي.
    ساڳي ريت هن سفرنامي م عيسائي ملڪن جي مذهبي تنگ نظري متعلق به ڄاڻ ملي ٿي. جيڪا چڻنگ جيان انساني قدرن کي ڀنڀٽ بڻجي اُڏائي ٿي ڇَڏي. چڻنگ ڏاهن دُنيا جو ڌيان نه ٿو وڃي پر سڀ باهه جي شعلن جو ماتم ڪندا رهن ٿا. سو هن سفرنامي ۾ عيسائي ملڪن جي مذهبي تنگ نظريي متعلق به ڄاڻ ملي ٿي. جيڪا چڻنگ جيان انساني قدرن کي ڀنڀٽ بنجي اُڏائي ٿي ڇڏي. چڻنگ ڏانهن دُنيا جو ڌيان نه ٿو وڃي پر سڀ باهه جي شعلن جو ماتم ڪندا رهن ٿا. سو هن سفرنامي ۾ جا بجا اهڙين غير محسوس چڻنگن جو ذڪر ٿيل آهي.
    مذهب ثانوي حيثيت اختيار ڪري ويا آهن ۽ غيرانساني روين لاءِ خوبصورت بهانا گهڙيا ويا آهن. مصنف لکي ٿو: هن وقت دُنيا ۾ مسلمانن جي آدمشماري هڪ عرب چاليهه ڪروڙ ايڪٽيهه لک آهي ۽ دُنيا جي نقشي تي مسلمان ملڪ جو تعداد ايڪهٺ آهي. ۽ انهن ايڪهٺ ملڪن جي وڏي حصي تي گذريل سوَن سالن کان عيسائي قابض رهيا آهن. وڌيڪ ان موضوع تي روشني وجهندي مصنف ڄاڻ ڏيئي ٿو ته ”دنيا ۾ وڏي ۾ وڏي فوجي طاقت ناٽو جا 26 ملڪ سواءِ ترڪي جي سڀ عيسائي آهن“ ان مان ظاهر آهي ته اڄ سڄي دنيا جا عيسائي متحد آهن. جڏهن ته مسلمان ملڪن ۾ ٿيندڙ اندروني ويڙهه سندن زوال جو سبب بڻجي رهي آهي.
    سفرنامي ۾ لنڊن جي باغن، شاهي تاريخ ۽ ماحول جو ذڪر ان خطي جي اهميت کي اُجاگر ڪري ٿو. انگلستان تمام گهڻو خوبصورت آهي. ان جا حصا ويلز ۽ اسڪاٽ لينڊ به فطري سونهن سان ڀرپور آهن. اسڪاٽ لينڊ واري ڀاڱي ۾ علم، ادب ۽ تاريخ جو ذڪر ملي ٿو، ان حوالي سان مصنف لکي ٿو ”مهاراڻي وڪٽوريا جي دور حڪومت جي پڇاڙيءَ ۾ جن اسڪاٽلينڊ ڄاون ليکڪن ادبي دُنيا ۾ عالمي شهرت ماڻي، اُنهن ۾ رابرٽ لوئس اسٽيووينس، آرٿر ڪيفن ڊائيلي، جي امي برئي ۽ جارج ميڪڊونالڊ پڻ شامل آهن. ويهين صدي ۾ اسڪاٽ لينڊ جي ادبي دُنيا ۾ سڌاري ۽ واڌاري واري هڪ هڪڙي سگهارو تحريڪ شروع ٿي، تنهن کي اسڪاٽش ادب ۾ پيدا ٿيندڙ نئين جاڳرتا واري تحريڪ سڏين ٿا. انهيءَ تحريڪ جو روح روان، هڪ ميڪڊائرمڊ هو. تنهن اسڪاٽ ٻوليءَ کي سنجينده، مقامي ۽ معياري ادب سرجڻ واسطي استعمال ڪيو. ۽ پنهنجي ادب جي حلقي ۾ رائج ڪرايو. اسڪاٽ اديبن جي هن لڏي جي پيروي، ٻي عالمي اسڪاٽش اديبن ۽ شاعرن ڪئي جنهن ۾ ايڊون مارگن جو نالو سرفهرست آهي. کيس سن 2004ع ۾ اسڪاٽ لينڊ سرڪار، پنهنجي افتتاحي تقريب دوران ”اسڪاٽ ٻوليءَ جو قومي شاعر“ واري اعليٰ اعزاز سان نوازيو.
    هن سڄي سفرنامي مان لنڊن ۽ اسڪاٽ لينڊ جي زندگيءَ جا مختلف رُخ سامهون اچن ٿا. هر رُخ پنهنجي اندر هڪ مڪمل باب آهي.
    سنڌ ۾ هن وقت ڪيترا ماڻهو اهڙا آهن جيڪي آساني سان سفر ڪري سگهن ٿا. پر هنن ٻاهرين دُنيا اڃا نه ڏِٺي آهي. سنڌي سفرنامن کانپوءِ سنڌ جي ماڻهن ۾ ٻاهرين دنيا ڏِسن لاءِ جُستجو پيدا ٿي آهي. عبدالحئي پليجو نه فقط پاڻ دنيا ڏِٺي آهي. پر پنهنجي گهر واريءَ ٻارن کي به گهمايو اٿس. جڏهن ته سنڌي ماڻهو، گهڻي ڀاڱي اڪيلو يا دوستن سان سفر ڪرڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏين ٿا. ان لحاظ کان عبدالحئي پليجو مبارڪباد جو مستحق آهي. سنڌي ماڻهو پان به ٻاهرين دُنيا ڏِسڻ ۽ پنهنجي گهر وارن کي به گڏوگڏ، کين کڻي هلڻ گهرجي، سفر، انسان جي ذهني، اخلاقي ۽ روحاني تربيت پڻ ڪري ٿو. ان سان گڏ ذهن ۾ هڪ تصوراتي دري کولي ٿو ڇڏي. اها دري اڄ جي ٻار ۽ نوجوان جي اهم ذهني گهرج آهي.

    شبنم گل
    حسين آباد، حيدرآباد
    2016-10-31


    لنڊن جا ڏينهن اسڪاٽ لينڊ جون راتيون

    اسان جو جهاز آمريڪا کان ڪافي ڏور ٿي ويو آهي ۽ هاڻ چوطرف سمنڊ ئي سمنڊ نظر اچي رهيو آهي، ڏينهن آهي، تنهنڪري هر شئي صاف ۽ چٽي نظر اچي رهي آهي. ٽائيم ڏٺم ۽ سمجهيم ته نوَن ڪلاڪن کان پوءِ لنڊن جي هيڙو ايئرپورٽ تي پهچبو. آمريڪا ايڏو ته وڏو ملڪ آهي جو خود آمريڪا ۾ به ڇهه مختلف ٽائيم آهن. جن کي اڄڪلهه يونيورسل ڪورڊينيٽيڊ ٽائيم Universal coordinated time جي نالي ياد ڪيو ٿو وڃي ۽ اڳ ۾ هن عالمي ٽائيم کي دنيا اندر گرين وچ مين ٽائيم Green wich mean times جي نالي سان سڏيو ويندو هو ۽ بي بي سي اڄ به انهيءَ عالمي ٽائيم کي GMT نالي سان سڏيندي آهي، ڇو ته اهو نالو انگريزن جو پيل آهي ۽ پاڻ به آمريڪا وقت کي انهيءَ نالي سان ٿا سڏيون.آمريڪا هيٺين انهيءَ مختلف ٽائيمن ۾ ورهايل آهي.
    Easteren Standard Time G.M.T.- 5.
    Central Standard time G.M.T.- 6.
    Mountain Standard Time G.M.T.- 7.
    Pacific Standard Time G.M.T.- 8.
    Alaska Zone Time G.M.T- 9.5 to 11.
    Hawaii Zone Time G.M.T.- 10.
    اسان وقت جي سامهون پرواز ڪندا وڃون، تنهنڪري رفتار جي ابتڙ ٽائيم گهٽجندو وڃي ۽ هونئن ته وقت وڌندو وڃي. ٿوريءَ دير کان پوءِ جهاز ۾ کاڌو ڏنائون، تنهن کان پوءِ فلم شروع ٿي. فلم منهنجي اڳ به ڏٺل هئي. جنهن جو نالو روميو جوليئٽ هو. مون ٿوري فلم ڏٺي، پر پوءِ ڪاپي کڻي سڄي ٽوئر بابت نوٽس لکڻ شروع ڪيا. ڪلاڪ کن اهي لکيم پر فلم اڃان به هلي رهي هئي. منهنجي هٿ ۾ رابرٽ ڪپلان جو ڪتاب آهي. پر پڙهڻ تي دل ئي ڪانه ٿي ٿئي. ننڊ اچي وڃي ته ڏاڍو سٺو ۽ ائين جيڪر لنڊن ۾ تازو توانو ٿي وڃي لهان، پر ننڊ به نٿي اچي. آمريڪا ۾ پنهنجي ٽوئر ۽ آمريڪا جي هيڏي ترقيءَ تي سوچيان ٿو پوءِ اهو به سوچيان پيو ته دنيا ۾ يوناني، رومن-عرب ۽ انگريزن سڄي دنيا تي حڪومت ڪئي، پر اڄ اهي ڪٿي آهن ۽ آمريڪا سڄي دنيا جو حاڪم ٿي ويٺو آهي، سو خود پهرئين عالمي جنگ کان اڳ ڪٿي هو. سرد جنگ کان پوءِ ۽ روس جو معاشي طرح سان ڪمزور هئڻ ڪري دنيا ۾ آمريڪي رويو ڏاڍو جارحانه ٿي پيو آهي. خاص ڪري مسلم ورلڊ ۽ چين سان، مسلم ورلڊ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ تيل واري رياستن جي چوطرف اسرائيل کي وڃي ٿو ڏينهون ڏينهن مضبوط ڪندو ۽ چين کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ هندستان ۽ سندس ڀرپاسي وارن ملڪن کي وڃي اڳيان آڻيندو. خود آمريڪا اندر يارهن سيپٽمبر جي واقعي کان پوءِ مسلمانن لاءِ ڏاڍي نفرت وڌي آهي. پارڪن ۾ ويٺل مسلمانن کي نوجوان طالبان ڪري چيڙائيندا آهن. برقعن ۾ هلندڙ عورتن جي بي عزتي ڪندا آهن ۽ ڏاڙهيءَ وارن کي پوءِ اهي ڇو نه سک هجن، ڇو ته سک به ڏاڙهي رکندا آهن ۽ رنگدار به آهن. تن جي به غلطي سان بي عزتي ڪندي، ڪڏهن ڪڏهن ته گولي هڻندي به دير ڪو نه ڪندا آهن. اهڙا ڪيترا واقعا آمريڪا ۾ ٿي چُڪا آهن. آمريڪا ۽ يورپ ۾ خود اهڙي مذهبي جنونيت ڪري سڄي دنيا ۾ وڃي ٿي مذهبي فرقا واريت ۽ جنونيت وڌندي، جنهن کي وڏي پئماني تي آمريڪن سرپرستي حاصل آهي. پهرئين يورپين ۽ آمريڪن کي پنهنجي فوجي طاقت پنهنجي پئسي ۽ سفيد چمڙي تي باور هو. پر اڳوڻي آمريڪن صدر بش سڌي طرح ”ڪروسيڊ وارس“ (طيبي جنگيون) جا لفظ استعمال ڪيا. ڏسجي ته اها هنن جي جنونيت افغانستان ۽ عراق کان پوءِ ڪٿي ٿي وڃيو دنگ ڪري. آمريڪا دنيا ۾ هاڻ ڏاڍو سو گابو جي اصول تي هلي ڪمزور ملڪن کي ڌمڪائي هيسائي انگلينڊ ۽ ٻين ملڪن کي حصو پتي ڏئي اقوام متحده کي نظرانداز ڪندو دنيا اندر جيڪي وڻيس ٿو سو ٿو ڪري، سڄي دنيا پئي کيس ڏسي ته هاڻ ڪهڙي ملڪ کي ٿو تباهه ۽ برباد ڪري ۽ سندن هر ليڊر جو بيان هڪٻئي کان مختلف آهي. آمريڪا جي وزير خارجه چوي ٿي ته عراق جنگ کان پوءِ ٻئي ڪنهن ملڪ کي ڊڄڻ نه گهرجي، پر خود آمريڪي صدر چوي ٿو ته عراق جنگ کان پوءِ ايران، شام ۽ ڪوريا کي انهيءَ جنگ مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي. سو آمريڪا جي جابرانا ۽ جارحانه پاليسي ڪٿي ٿي وڃيو دنگ ڪري تنهن جي ڪا به خبرڪانهي.
    هاڻ جهاز کان ٻاهر ڪا به شئي نٿي نظر اچي. نه ته اڳ آمريڪا ۽ يورپ وچ ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ شام جي سج جي روشنيءَ ۾ ڏاڍو وڻندڙ لڳي رهيو هو. دنيا ۾ سمنڊن ڪري پهرئين سامونڊي جهاز ايجاد ٿيا پوءِ هوائي جهاز.
    سڄي ڌرتي پاڻيءَ کانسواءِ خشڪ هجي ها ته ماڻهو ڪارن بسن ۽ ريلن ذريعي دنيا جي هڪ ڇيڙي کان ٻي ڇيڙي تائين پيو خشڪيءَ رستي گهمي ڦري. ماڻهو ته اڄ به سائيڪلن ذريعي لنڊن کان جپان وڃيو دنگ ڪن. هي جي هيڏا وڏا سمنڊ جيڪي ڌرتي تي خشڪيءَ کان به وڏا سمنڊ جنهن جو مثال پئسفڪ سمنڊ آهي. ڪيڏو نه وڏو ۽ وشال سمنڊ جنهن جو مختصر احوال توهان کي ٿو ٻڌايان.
    پئسفڪ سمنڊ ڌرتيءَ جي گولي جي تقريباً ٽئين حصي تي پکڙيل آهي، سمنڊ پکيڙ جي لحاظ کان دنيا جو سڀني کان وڏو سمنڊ آهي. سندس پکيڙ ڇهه ڪروڙ چاليهه لک چورس ميل، يا سورهن ڪروڙ سٺ لک چورس ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي. اهو سمنڊ ٻيو نمبر وڏي ۾ وڏي سمنڊ ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ کان ايراضيءَ توڙي پاڻيءَ جي مقدار ۾ ٻيڻو آهي. جنهن مٿان اسان هينئر پرواز ڪري رهيا آهيون. وڌيڪ عجيب ڳالهه اها آهي ته ڌرتيءَ جي سمورن کنڊن يعني خشڪيءَ وارن ڀاڱن جي ڪُل ايراضيءَ کان به پئسفڪ سمنڊ جي پکيڙ وڌيڪ آهي. هن سمنڊ جي ويڪر ڏکڻ برفي سمنڊ يعني اينٽارڪٽڪ کان اتر برفي سمنڊ يعني آرڪٽڪ جي وچ ۾ بيرنگ ڳچي سمنڊ تائين اٺ هزار ٽي سئو پنجاهه ناٽيڪل ميل ۽ سندس ڊيگهه ڏکڻ آمريڪا جي ڪولمبيا ملڪ جي ڪنارن کان ايشيا جي ملائي جزيرن تائين پنج ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ سان پورو ڇوٽ نموني يارهن هزار پنج سئو ناٽيڪل ميل ٿيندي. هي سمنڊ گهٽ ۾ گهٽ 4280 ميٽر يعني 14050 فوٽ اونهون ۽ مريانا کاهيءَ ۾ ان جي وڌ ۾ وڌ گهرائي 11033 ميٽر يعني 36198 فوٽ آهي. ڌرتيءَ جي اتر اڌ گول ۾ آرڪٽڪ برفي سمنڊ ۽ پئسفڪ سمنڊ بيرنگ ڳچي سمنڊ وٽ ملن ٿا. بيرنگ ڳچي سمنڊ هتي 55 ناٽيڪل ميل ويڪرو آهي. ڏکڻ اڌ گول ۾ پئسفڪ سمنڊ ڏکڻ آمريڪا جي ٽيراڊل فيوگو Tieradel Fuego نالي هڪ سوڙهي کاهيءَ وٽ ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ سان ۽ گرهام لينڊ وٽ برفي سمنڊ يعني اينٽارڪٽڪ سان ملي ٿو. هي سمنڊ اوڀر ايشيا ۾ ملائي، فلپائن، انڊونيشي جزيرن ۽ آسٽريليا کنڊ وٽ هندي وڏي سمنڊ سان غير واضح نموني مليل آهي. پئسفڪ سمنڊ جو پاڻي آسٽريليا جي ڏکڻ ۾ باس ڳچي سمنڊ ۽ تسمانيا جزيرن وٽ اينٽارڪٽڪ يعني ڏکڻ برفي سمنڊ سان وڃي ٽڪرائجي ٿو.
    دنيا جي مکيه جبلن جي موجود بيهڪ سبب سمورن دريائن ۽ ندين جي ڪُل پاڻيءَ جو تقريباً ستون حصو وهي هن سمنڊ ۾ داخل ٿئي ٿو. پئسفڪ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندڙ دريائن ۾ چين ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا وارن دريائن کي وڌيڪ اهميت حاصل آهي.
    پئسفڪ سمنڊ جو اُڀرندو ڪنارو آمريڪا جي ڪارڊيليران جابلو سلسلي Cordilleran mountain سان وابسته آهي. هي جابلو سلسلو اتر ۾ الاسڪا کان ٽيراڊل فيوگو تائين پکڙيل آهي. سندس سر اتر ۽ سر ڏکن وارن پهاڙي ڪنارن کي ڇڏي باقي سمورو ساحل هڪ ساريڪو آهي انهيءَ جي ابتڙ سندس الهندو يعني ايشيا وارو ساحل بناوت ۾ هڪ ساريڪو يعني ريگيولر Regular ڪونهي.

    پئسفڪ وڏي سمنڊ جي هن الهندي ساحل يعني ايشيا واري ڀاڱي سان هن کنڊ جا ڪيترائي علاقائي سمنڊ متصل آهن. جهڙوڪ جاپاني سمنڊ، پيلو سمنڊ، اڀرندو چيني سمنڊ ۽ ڏکڻ چيني سمنڊ وغيره، اوڀر ايشيا جي مشهور وڏين ندين مثلاً Amur يا آمون درياهه، پيلو درياء، يانگزي ندي، سيچيانگ ندي ۽ ميڪانگ ندين جو پاڻي مذڪور متصل علاقائي سمنڊ معرفت اڻ سڌي طرح پئسفڪ سمنڊ ۾ داخل ٿئي ٿو.
    پئسفڪ وڏي سمنڊ کي ماحولياتي لحاظ کان ٽن ڀاڱن (1) اڀرندو، (2) الهندو ۽ (3) وچئين ڀاڱي ۾ ورهائي سگهجي ٿو.
    1. پئسفڪ سمنڊ جو اڀرندو ڀاڱو جيڪو الاسڪا کان فيوگو تائين پکڙيل آهي. اهو اولهه آمريڪا جي ڪارڊيليران جابلو سلسلي سان وابسته آهي. هن ڪانٽينٽل شيلف سوڙهو نسبتاً اُڀ ڪپرو ۽ پورو وڇوٽ آهي. هن ڀاڱي جي اترئين حصي ۾ اڪيپلڪو Acapulco ۽ گوئيٽيمالا واريون کاهيون نمايان آهن. سندس ڏاکڻي حصي ۾ مکيه کاهي پيرو ۽ چلي واري ٽرينڇ آهي.
    2. پئسفڪ سمنڊ جو وچيون ڀاڱو ڌرتيءَ جي پهرين تهه جي شاهي ۽ نسبتاً پائيدار حصي تي مشتمل آهي. هن ڀاڱي ۾ سمنڊ جي عمومي گهرائي 15000 فوٽ آهي.
    3. پئسفڪ سمنڊ جو الهندو ڀاڱو تنهن جي سامونڊي بائونڊري ڪيترين ئي سامونڊي کاهين تي مشتمل آهي. جيڪي هڪٻئي کان پري ۽ غير واسطيدار آهن. هن ڀاڱي جي اترئين حصي ۾ اليوٽين کاهي Aleutain Trench مشهور آهي.
    هن ڀاڱي جي ڏکڻ ۾ وري ڪيتريون ٻيون به کاهيون جهڙوڪ: ڪُرل Kuril جاپان، ٽونگا ۽ ڪرماڊيڪ کاهيون موجود آهن. سمنڊ جو هي ڀاڱو بناوت ۾ ٻين ڀاڱن کان وڌيڪ پيچيدو آهي. هن ڀاڱي جي تقريباً سمورن جزيرن جي وچ ۾ وڏيون کاهيون موجود آهن. جزيرن جي بناوت اُڀڪپري آهي. سندن سطح سنوت وارو ۽ تراکڙي آهي. هنن جزيرن جي ڪنارن سان ڪيترائي علاقائي سمنڊ متصل آهن.
    هن مهان ساگر ۾ ترائين. کاهي، زيرآب ٽڪرين ۽ پهاڙي زيرن جو تعداد پن تمام گهڻو آهي. ڪوڪوز Cocos نالي زيرآب پهاڙي سلسلو اڀرندي پئسفڪ ڀاڱي ۾ گيلاپيگوز جزيرن Galapagos Island تائين پکڙيل آهي. هنن جزيرن جي ڏکڻ اولهه ۾ اوڀر پئسفڪ واري وڏي ترائي موجود آهي. هن ترائي ۽ ڏکڻ اولهه واري ترائي جي وچ ۾ پئسفڪ اينٽارڪٽڪ رج Pacific Antarctic Ridghe نالي زيرآب پهاڙي سلسلو موجود آهي.
    نيوزيلينڊ ۽ اوڀر آسٽريليا جي وچ ۾ ميڪري رج Macquarie Ridge زيرآب پهاڙي سلسلو آهي. هي پاڻيءَ ۾ لڪل پهاڙي سلسلو پئسفڪ سمنڊ ۽ هندي سمنڊ جي سرحد طور ڳڻيو وڃي ٿو. الهندي پئسفڪ ڀاڱي ۾ هنن ريرآب پهڙي سلسلو جهڙوڪر چوطرف پکڙيل.
    ساڳيءَ طرح ڪُرلس kurils بونن Bonin مرياناز Maria naz ياپ Yap ۽ پاتو Patoce زير آب پهاڙيون بسمارڪ Bismarck سولومنس Solomons ۽ سانتا ڪروز Santa Cruz زيرآب پهاڙيون پڻ هن اڀرندي پئسفڪ ڀاڱي ۾ موجود آهن. هنن زير آب پهاڙي سلسلن مان سيمون Samoan ٽونگا Tonga ڪرماڊيڪ Karmadec چدام Chatham ۽ ميڪئري Macquarie نالي جزيرا ڦٽي نڪتل آهن.
    اولهه پئسفڪ ۾ اليوٽين Aleutian ڪُرلس Kurils تائيوان Taiwan فلپينس Philippines انڊونيشيا Indonesia نيوگني New Guinea ۽ نيوزيلينڊ Newzeland پکيڙ ۾ وڏا هئڻ ڪري کنڊن جهڙا يعني خالص خشڪي علائقا ڀانئجن ٿا. هنن جزيرن ۾ ڀروارن ساحلي پهاڙي جا اُهڃاڻ به موجود آهن.
    علم الارضيات جي مفروضن موجب اتر ۽ ڏکڻ آمريڪا جي کنڊن جو مٿاڇرو يعني مٿيون سطح نه فقط اوڀر پئسفڪ جي تري تي پاڻي وانگر مٿان چڙهي ويل ڀانئجي ٿو، پر هن سمنڊ جي سموري تري تي آمريڪي کنڊن جو اهو مٿيون تهه چڙهيل لڳي ٿو.
    فضائي طور تي هن سمنڊ جي سطح ۾ ماٺار سبب هوائي داٻ وڌڻ ۽ اوڀر پئسفڪ ڀاڱي ۾ هلندڙ تيز تجارتي هوائون پڻ ٻين سمنڊن ۾ هلندڙ تجارتي هوائن سان فضائي هڪجھڙائي رکن ٿيون. البت اولهه ۽ اوڀر ڀاڱن ۾ ساڳيءَ ويڪرائي ڦاڪ تي هلندڙ هوائن جي روش ۽ رفتار ۾ فرق آهي.
    پئسفڪ سمنڊ ۾ هلندڙ تجارتي هوائن جو دارومدار اوڀر خط استوائي هوائن جي گهيرن ۽ چڪرن تي آهي. اوڀر پئسفڪ ڀاڱي واريون هوائون تجارتي هوائون خشڪيءَ ڏانهن ٿڌيون هيرون موڪلين ٿيون. پئسفڪ سمنڊ ۾ لڳندڙ تجارتي هوائن جي سراسري رفتار تيرهن ناٽيڪل ميل آهي. فضائي ڪيفيت تقريباً سُٺي رهي ٿي ۽ جزوي طور هلڪن ڪڪرن جا ننڍا ننڍا ميڙ پڻ ڪٿي ڪٿي ۽ ڪڏهن ڪڏهن موجود آهن.
    ڪڏهن ڪڏهن هنن تجارتي هوائن جي عرصي دوران سخت ڀيانڪ طوفان پڻ برپا ٿي پوندا آهن. اولهه پئسفڪ سمنڊ ۾ لڳندڙ هن قسم جي طوفانن کي ٽائيفون Typhoon سڏيندا آهن.
    سامونڊي پاڻيءَ جي وهڪرن جو دارومدار پاڻيءَ ۾ لوڻ جي مقدار ۽ گرميءَ جي درجي تي هوندو آهي. سمنڊ جي تري تي پاڻي تمام گهاٽو ۽ مٿين سطح تي تمام ڇڊو ٿيندو آهي. انهيءَ صورتحال جو مکيه سبب گرميءَ جو درجو ٿئي ٿو. جنهن ڪري تري ۾ پاڻي تمام ٿڌو هئڻ سبب تمام گهاٽو هوندو آهي ۽ مٿاڇري تي اهو گرم ۽ ڇڊو هوندو آهي.
    خط استوائي پٽيءَ ۾ تجارتي هوائن وارن ڀاڱن جي ڀيٽ ۾ پاڻيءَ ۾ لوڻ جو مقدار نسبتاً گهٽ هوندو آهي. پئسفڪ سمنڊ ۾ آبي حياتيءَ جو پڻ لاتعداد ذخيرو موجود آهي. انهيءَ سمنڊ ۾ تقريباً هر قسم جون مڇيون توڙي وڏي ۾ وڏا مڇ به موجود آهن. اوتي اوڀر پئسفڪ سمنڊ جا اسڪينا Skeena فريسر Fraser ۽ ڪولمبيا ندين جي ڇوڙ وارا علائقا ماهي گيريءَ جا مکيه هنڌ آهن. اتر اولهه پئسفڪ ۾ وري جاپان ۽ اوخوسٽڪ متصل سمنڊ ۾ مُڇيءَ جو تمام گهڻو مقدار شڪار ٿئي ٿو.
    جاپان پئسفڪ جي ماهي گيريءَ ۾ سڀني ملڪن کان اڳتي آهي. پئسفڪ سمنڊ جي ڪنارن تي آباد قبيلن ۽ قومن سمنڊ شناسي جي ڪوشش گهٽ ڪئي. جيتوڻيڪ انهن ماڻهن پنهنجون تهذيبون ۽ ثقافتون اُجاگر ۽ روشن ڪيون هيون. نتيجتاً پئسفڪ سمنڊ جي سڃاڻپ يورپي ماڻهن کي سورهين عيسوي صديءَ دوران مُيسر ٿي. تنهن کان پوءِ يورپي لوڪن پئسفڪ سمنڊ کي اوڀر جي ملڪن جن ۾ گرم مصالحن جو تمام وڏو ذخيرو موجود آهي. اُتي پهچڻ لاءِ سولي ذريعي طور استعمال ڪيو.
    سترهين عيسويءَ صديءَ ۾ ڊچ جهاز ران ايبل ٽسمان Abel Tasman تسمانيا، نيوزيلينڊ ۽ فجيءَ جا ٻيٽ ڳولي لڌا. ارڙهين صديءَ ۾ انگريز جهاز ران جيمس ڪوڪ James Cook فرينچ جهازران لوئس بوگينولي Louis Antoine Bougainoville ۽ ٻين پئسفڪ جي ڪوششن سان سموري پئسفڪ سمنڊ جي نسبتاً صحيح ماپ ڪئي وئي.
    اوڻهئين صديءَ ۾ انگريز حياتياتي سائنسدان چارلس ڊارون هڪڙي کوجنا واري مهم جي لاءِ سن 1836ع دوران تقريباً سمورن وڏن سمنڊن جو چڪر لڳائي آيو ۽ حياتيات بابت جڳ مشهور نظريو ”قدرتي انتخاب“ نالي سان پيش ڪيو. تنهن کان پوءِ هن سمنڊ بابت تحقيق جو سلسلو چالو رکيو ۽ اهو اڃا تائين جاري آهي.
    پاڻ نه ڪي سائنسدان آهيون ۽ نه وري ڊارون وانگر ڪو سامونڊي جستجو ڪرڻ وارا جو وري ڪو نئون نظريو پيش ڪريون. پاڻ ته صرف سياهه ۽ ليکڪ آهيون، جيڪو ڪجهه ڏسون ۽ پڙهون ٿا، سو مهربان پڙهڻ وارن کي به ٻڌايون ۽ پڙهايون ٿا.
    جهاز ۾ هاڻ تمام گهٽ روشني ۽ گوڙ آهي، ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ ننڍڙي ٻار جي روئڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو يا ڪنهن وقت ائر هوسٽس جي سئنڊل جي کُڙين جو آواز، جيڪو اڳ ۾ گوڙ جي ڪري بلڪل ٻڌڻ ۾ ڪونه ٿي آيو، سو به ٻڌجي پيو. آئون به اوريا فلاسي جو ڪتاب زوري پڙهڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان، پر ڪتاب پڙهڻ تي دل ئي ڪانه ٿي ٿئي، رکي رکي ننڊ جا جهوٽا اچڻ لڳا آهن. خبر ئي ڪانه ٿي پوي ته ماڻهو سُتو پيو آهي يا جاڳي پيو. هيڏو سارو نون ڪلاڪن جو سفر الله الله ڪري پورو ڪيوسين. ايئرهوسٽس پنهنجي مٺڙي آواز ۾ اها خوشخبري ٻڌائي ته پاڻ ٿوري وقت ۾ لنڊن جي جڳ مشهور هيٿرو ايئرپورٽ تي نه پر گيٽ وڪ Gate wick تي پهچڻ وارا آهيون ته جهاز ۾ به چرپر جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ۽ مسافر به پنهنجا ڪاغذ پٽ ڏسڻ ۽ سامان ٺيڪ ڪرڻ ۾ لڳي ويا ۽ مون به پنهنجو سامان ٺيڪ ڪري ڇڏيو. ٻاهر نظر ڊوڙايم ته صبح جا ڪنوارا ڪرڻا سمنڊ جي وشال ڇاتيءَ تي هوريان هوريان پنهنجا پر پکيڙي رهيا هئا ۽ آئون انهيءَ حسين منظر کي ڏسندو رهيس ته ۽ جهاز ڦيرو کاڌو ته لنڊن جي مٿان سفيد ڪڪرن جي وچ ۾ جهاز کي اڏامندو ڏسي روح کي ڄڻ راحت اچي وئي ۽ جيئن جيئن جهاز وڃي ٿو هيٺ پرواز ڪندو، تيئن تيئن لنڊن جي ساوڪ ۽ سهڻيون ترتيب سان ٺهيل جڳهيون هاڻ بلڪل چٽيون نظر اچي رهيون آهن.
    اسان جو جهاز هاڻ بلڪل هيٺ زمين ڇهي رن وي تي ڊوڙي رهيو آهي ۽ سندس لهڻ ۽ ڊوڙڻ جو آواز (گوڙ) وڌي رهيو آهي ۽ سندس رفتار به ڪافي آهي، جيڪا ٿڪل هرڻ جيان آهستي آهستي ڍري ٿيندي وڃي. ايئرپورٽ اندر ٻيا به ڪئين جهاز هيٺ مٿي پرواز ڪري، لهي چڙهي رهيا آهن. اسان جو هوائي جهاز ايئرپورٽ بلڊنگ سان پنهنجي گيٽ تي لڳو آهي. پر جهاز جي ڪئپٽن مسافرن کي اڃان جهاز مان لهڻ جو ڪو نه چيو آهي. شايد ڪنٽرول ٽاور تان کيس اهڙي اجازت ڪا نه ملي آهي. مسافر گهڻو ڪري سڀ جهاز ۾ اٿي بيهي رهيا آهن. ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ سيٽ تي ويٺل ٿو نظر اچي. جهاز مان ٻاهر نڪرڻ واري دروازي تي ڪافي رش نظر اچي رهي آهي.
    امير ملڪن جا ماڻهو جن کي هر شئي مُيسر آهي مثلاً گهر، کاڌو، گاڏي، خوراڪ، تعليم، دوا ۽ گهمڻ ڦرڻ لاءِ جام ڏوڪڙ ۽ فالتو وقت جيڪي جيٽ سيٽ Jet set زندگي گذارين تن جي ساهه مان به ڄڻ خوشبوءَ پئي نڪري. باقي سونهن صحت رنگ مُنهن مهانڊا وري قيمتي ڪپڙن ۽ سونهن سينگار ڪري يورپ ۽ آمريڪا جا ماڻهو ڏاڍا حسين لڳندا آهن. انهن ۾ به وري فرينچ ڇوري ڏاڍي حسين لڳندي آهي. فرينچ عورت ته جهڙي ٻاهران تهڙي اندران سهڻي لڳندي آهي. ٻاهر نڪرڻ جي انائونسمينٽ ٿي ته آهستي آهستي مسافر جهاز کان ٻاهر نڪرڻ لڳا ۽ آئون به جڏهن جهاز جي گيٽ مان ٻاهر روانو ٿيس ته گيٽ تي بيٺل جهاز جي عملي اسان کي کلي خدا حافظ چيو ۽ آئون جهاز مان نڪري ايئرپورٽ بلڊنگ اندر داخل ٿيس ته صبح جو سوير هوندي به ماڻهن جي بي پناهه رش ڏسڻ ۾ آئي. اسان جي مختصر اميگريشن ۽ ڪسٽم چيڪنگ ٿي ۽ اسان لنڊن جي هن گيٽ وڪ ايئرپورٽ کي خدا حافظ چئي (جيڪو لنڊن شهر کان ڪافي پري ٺاهيو اٿن) اچي هڪ ريل ۾ ويٺاسين، جنهن اچي اسان کي ٻاهر هڪ ٽرمينل تي لاٿو. اسان پنهنجو سامان کڻي اچي ٽيڪسيءَ ۾ چڙهياسين، مون لاس اينجلس مان منهنجي رهائش جي هوٽل واري مالڪ نسرين کي چيو هو ته مون کي لنڊن ۾ ايئرپورٽ تي پنهنجي هوٽل جي سواري موڪلج، پر هينئر صبح سوير هئي، تنهنڪري مون هوٽل تي فون ڪرڻ مناسب ڪو نه سمجهيو، ٻيو هي هوٽل ڪا ايڏي وڏي هوٽلن جيان نه پر هڪ گيسٽ هائوس نما هوٽل هئي، جت خبر ناهي ته اهڙو بندوبست هو به يا نه سو ٽيڪسي ڪري جيڪا ڏاڍي مهانگي به پئي. هوٽل لاءِ روانو ٿي ويس. صبح جو سوير ٽيڪسي لنڊن جي سري Sury جي علائقي مان گذري رهي آهي. جيڪو ڏاڍو خوبصورت ۽ سرسبز آهي. روڊ عام روڊ نه پر انگلينڊ جو موٽر وي آهي. جيڪو ٻٽو رستو آهي ۽ هڪ طرف واري رستي ۾ به ڪئين روڊ آهن. جن تي سَوَن جي تعداد ۾ تمام تيز رفتاريءَ سان ڪارون ۽ ٻي ٽرئفڪ اچي وڃي رهي ۽ آئون چپ چاپ گاڏيءَ جي پٺئين سيٽ تي هن سرسبز ۽ حسين روڊ تان لنگهي رهيو آهيان. ساوا، وڏا قدآور وڻ گاڏيءَ جي تيز هلڻ ڪري ڄڻ مون سان گڏ ڊوڙي رهيا آهن. هتي جا وڻ به غريب ملڪن جي وڻن کان وڌيڪ سهڻا، ساوا صحتمند ۽ مختلف آهن. مون کي سنڌ جهڙو هڪڙو به وڻ يورپ ۽ آمريڪا ۾ نظر ڪو نه آيو. البت گل ٻوٽا ڪي قدر ملندڙ جلندڙ نظر آيا. پاڻ وٽ ته ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو گلن ۽ ڪتابن جو شوق رکن، نه ته ٻيو مڙئي ٿيو خير، پر آمريڪا کان به يورپ جا ماڻهو وڌيڪ ڪتاب پڙهن ۽ گلن ٻوٽن سان پيار ڪن ۽ وڌيڪ نفيس ۽ باذوق آهن. ڪتاب به ماڻهو خريد ڪري پڙهي، پوءِ کڻي ڪٻٽ ڀيڙو ڪندس، پر گلن کي ته هر روز ۽ هر وقت سار سنڀال جي ضرورت آهي. جيڪا گهر اندر ڪا سگهڙ عورت ڪري سگهي ٿي يا هڪ سٺو مالهي. جنهن جو هر وقت گلن جي سار سنڀال تي ڌيان هجي. انهيءَ کانسواءِ گلن جي افزائش ناممڪن آهي. پارڪ ۾ گلن جي چونڊ، انهن جي ڪٽنگس ترتيب سان گڏوگڏ انهن جي پوک ۽ گلن کي ڪيترو پاڻي ملي، جيئن نه سڙن ۽ نه ئي وري سُڪن. ديسي ڀاڻ به اهڙو ڏجي، جنهن ۾ گند ڪچرو نه هجي، نه ته سڄو باغيچو جهنگ ٿي ويندو. موسمي گل هميشه ڪونه ٿين، پر اهي صرف مختلف موسمن ۾ ٿين. جن جي سونهن ئي باغيچي جو ساهه سينگار هوندو آهي. انهن موسمي گلن جي چونڊ تي ئي باغيچي جي سونهن جو دارومدار آهي.
    اسان هاڻ لنڊن جي سري جي سر سبز وادين کي خدا حافظ چئي لنڊن شهر جي حدن ۾ داخل ٿي رهيا آهيون. لنڊن شهر يا لنڊن سٽي دراصل ٻه جاڙا شهر آهن. هڪ لنڊن ته ٻيو ويسٽ منسٽر.
    (ڏسو صفحو 218 ڪتاب (Did you know?
    پر پاڻ وٽ ته ويسٽ منسٽر صرف پارليامينٽ هائوس، قبرستان ۽ چرچ تائين محدود علائقو ئي ويسٽ منسٽر جي نالي سان مشهور ۽ سُڃاتو وڃي ٿو.
    جيئن جيئن اسان جي گاڏي شهر اندر داخل ٿي رهي آهي، تيئن تيئن ٽرئفڪ وڃي وڌندي ۽ اسان جي گاڏيءَ جي اسپيڊ وڃي گهٽجندي مون ٽيڪسيءَ ۾ چڙهڻ کان اڳ ڊرائيور کي پنهنجي رهائش واري هوٽل جي باري ۾ چڱي طرح سمجهائي ڇڏيو هو. تنهنڪري وري وري انهيءَ کي سمجهائڻ صحيح ڪو نه ٿو لڳي. هونئن به انگلينڊ جي ٽيڪسين ۽ ٻي سڄي دنيا جي ٽيڪسين ۾ تفاوت ٿئي. دنيا ۾ ٽيڪسيون پنهنجي شهرن ڪراچي، اسلام آباد وانگر ٿين، پر لنڊن شهر ۾ ٽيڪسي ڊرائيور اڪيلو اڳئين سيٽ تي بالم ٿيو ويٺو آهي. پٺيان سيٽن تي چار مسافر ويهن. انهن جي وچ ۾ هڪ دري ٿئي جيڪا هونئن ته بند هوندي آهي، پر بروقت ضرورت کُلندي رهندي آهي پر انهيءَ جي کولڻ ۽ بند ٿيڻ جو اختيار صرف ڊرائيور وٽ هوندو آهي نه ڪي مسافر وٽ. مسافر صرف دريءَ تي ٺڪ ٺڪ ڪري ڊرائيور کي دري کولڻ لاءِ چئي سگهي ٿو ۽ ڊرائيور ٺڪ ٺڪ جي آواز تي يڪڊم دري کوليندو آهي مون ڏٺو آهي ته ڪي قدر انهيءَ ٽيڪسيءَ ۾ ڊرائيور ۽مسافر وچ ۾ پرائويسي به رهي ٿي ۽ دري بند هئڻ ڪري هڪٻئي جو آواز به ڪو نه ٿو ٻُڌجي. ۽ ٻنهي مان ڪو به جيڪر موبائل فون تي ڳالهه ٻولهه ڪندو ته هڪٻئي جي فون به ڪو نه ٻڌي سگهبي ۽ ٻنهي مان ڪو به هڪ جيڪر سگريٽ پيئندو ته به هڪڙي جي سگريٽ پيئڻ ڪري ٻيو ڊسٽرب به ڪو نه ٿيندو. مطلب ته انگريز بادشاهه ماڻهو آهي. انهيءَ ٻيون به کوڙ خاميون ۽ خوبيون سوچي بعد اهڙي ٽيڪسي ملڪ ۾ هلائي ۽ روڊن تي آندي هوندي. جنهن ۾ اسان اڄ چڙهي لطف اندوز ٿي رهيا آهيون. انهن انگريز ٽيڪسين جو رنگ به ٻي سڄي جهان جي ٽيڪسين کان مختلف يعني صرف ڪارو نه ڪي ٻي سڄي جهان ۾ ٽيڪسين وانگر هلڪو هيڊو يا وري هيڊو ۽ ڪارو يعني ٻن رنگن واري ڪار. پاڻ وٽ پاڪستان ۾ ٻنهي رنگن واريون ٽيڪسيون روڊن تي هلن.
    اسان جي رهائش واري هوٽل جي علائقي جو نالو ويسٽ ڪينسنگٽن West Kensington آهي. ٿوريءَ دير ۾ ٽيڪسي واري آڻي مون کي هوٽل اڳيان لاٿو. آئون ٽيڪسيءَ واري کي پئسا ڏئي کيس Thanks چئي پنهنجو سامان کڻي وڃي هوٽل ريسپشن تي پهتس ته ڪائونٽر تي ويٺل پوڙهي انگريز عورت مونکي خوش آمديد چئي پڇيو ته ڪنهن ڪمپنيءَ طرفان هت آيل آهيو يا انفرادي طور. مون کيس چيو ته مون آمريڪا مان فون ڪري هوٽل مالڪ نسرين کي منهنجي اچڻ جي لاءِ اڳواٽ رزرويشن ڪرائي هئي ۽ آئون اڳ به هتي رهي ويو آهيان. پاڻ سندس رڪارڊ چيڪ ڪري مونکي ٻڌائين ته توهان جي رزرويشن ٿي پئي آهي، پر توهان ته رات اچڻ وارا هئا.ڇو خير ته آهي جو رات نه پهتا ۽ هينئر آيا آهيو. مون کيس ٻڌايو ته مون ائين پئي سمجهيو ته شايد آئون لنڊن رات جو پهچندس پر هت ته صبح نه پر ٻپهر ٿيڻ وارا آهن. پاڻ خود ئي رسيپشن تان لهي چاٻي کڻي اچي مون کي پنهنجو ڪمرو ڏيکاريائين جيڪو هيٺ گرائونڊ فلور تي رسيپشن جي ويجهو ئي هو. ڪمرو تمام ڪشادو ۽ سينگاريل هو ۽ هو به ڊبل بيڊ رومِ پر آئون ته اڪيلو آهيان. هي ڊبل بيڊ روم ڇو؟ پاڻ چيائين ته هوٽل مالڪ مونکي توهان لاءِ هن ڪمري لاءِ چئي وئي آهي. وڌيڪ توهان هوءَ اچي ته انهيءَ سان ڳالهائجو. هوءَ شام جو ايندي منهنجي به ڊيوٽي ختم ٿي وئي آهي. وري پاڻ رات جو ملنداسين. توهان آمريڪا کان وڏي مسافريءَ تان پيا اچو تيستائين آرام ڪريو. مون کيس باءِ ڪري کڻي پنهنجو ڪمرو بند ڪيو ۽ هٿ منهن ڌوئي ڪپڙا بدلائي سمهي پيس ۽ ٽن چئن ڪلاڪن کان پوءِ جاڳ ٿي. هوٽل تان چانهه گهرائي پيتي ۽ ايندي ٻه ٽي رسالا به خريد ڪيا هوم. جن کي کولي پڙهيم ۽ اخبار به گهرائي پڙهيم. آئون ڪپڙا بدلائي تيار ٿي ٻاهر نڪري ٽيليفون بوٿ تان ٻَٽن دوستن کي فون ڪيم ۽ انهن سان وڌيڪ لنڊن ۾ گهمڻ ڦرڻ جو پروگرام ٺاهيم ۽ پوءِ اڪيلو ئي اڪيلو گهمندو ڦرندو اڳتي هلندو ويس. سوچيان ٿو ته يورپ جي ماڻهن سڄي دنيا تي قبضاگيري ڪري سڄي دنيا جا حاڪم ٿي ويهي رهيا. ڪن ملڪن تي سوين سال حڪومت ڪري پوءِ موٽي ويا، پر ڪن ملڪن ۾ خيما کوڙي ويهي رهيا. سوين هزارين ميل سامونڊي سفر ڪري ڪولمبس آمريڪا ڳولي لڌو. ته ڪئپٽن ڪڪ وڃي آسٽريليا پهتو ۽ هندستان ايسٽ انڊيا ڪمپني کولي ويئي ۽ اڄ به ته آمريڪا ۽ يورپ جون ملٽي نيشنس ڪمپنيون ڄرن جيان غريب ملڪن مان پئسو گڏ ڪيو. آمريڪا ۽ يورپ جي بئنڪن ۾ پيون گڏ ڪن، پر انسان هر شئي کي هر نموني سان ٿو سوچي اهو به ٿو سوچي ته جيڪر انگريز سنڌ ۾ نه اچن ها ته هي بئراج، پُليون، روڊ رستا، تعليمي ادارا، اسپتالون ريلون، ٽپال جو نظام ٽيليگرام، سنڌي ٻوليءَ جي صورتخطي، گرامر، موهن جي دڙي جي دريافت ۽ دنيا اندر شهرت، ٻهراڙين ۾ اسڪول ۽ شهرن ۾ ڪاليج ۽ يونيورسٽين جو قيام ۽ سنڌي شاگردن جو لنڊن ۽ بمبئي، علي ڳڙهه تعليم پرائڻ ۽ اتان ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ پي.ايڇ.ڊي ڪري اچڻ، قاعدن قانونن جو ٺهڻ ۽ هر ننڍي وڏي غريب امير جو انهيءَ تي عمل ٿيڻ. پوليس فورس ٺهڻ ۽ ڪچي پڪي ۾ انهيءَ تي عمل ٿيڻ. پهرئين ننڍا ڪارخانا ۽ پوءِ وڏن ڪارخانن جو قيام، مطلب ته انگريزن جي هتي اچڻ ڪري سڄي سماج ۾ وڏي پئماني تي تبديلي آئي. جنهن اسان کي علم، عقل جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو. پر ظاهر آهي ته انگريز هت انهيءَ لاءِ ته ڪو نه آيا هئا. هو پنهنجي مطلب ۽ مفادن لاءِ آيا هئا. جيڪي هنن حاصل ڪيا ۽ انهن جي پوري ٿيڻ شرط هتان برصغير ۽ ٻين ڪيترن ملڪن مان هليا ويا، پر جت انهن کي پنهنجا مفاد دائمي طرح سان قائم رکڻا هئا، اُتي هميشه لاءِ آباد ٿي ويهي رهيا، پر مقامي آباديءَ کي هميشه لاءِ هيڻو ۽ ڪمزور رکيو. جيئن توهان اڄ آمريڪا، ڪئناڊا، آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ ڏسي رهيا آهيو. اهي اصل يورپين ئي هئا. جيڪي انهن ملڪن ۾ اچي آباد ٿيا هئا. پوءِ انهن ئي پنهنجي مطلب لاءِ دنيا مان ٻين قومن کي به هت اچي آباد ڪيو. اهو سلسلو اڄ به جاري آهي. جيڪو توهان هر روز اخبارن ۽ مئگزينن ۾ پڙهندا آهيو ته فلاڻي ملڪ کي هيترن ماڻهن جي ضرورت آهي ۽ هنن هنن شرط تي توهان آمريڪا، ڪئناڊا، نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا جا شهري ئي اتي آباد ٿي ڪم ڪار، روزگار، تعليم حاصل ڪري سگهو ٿا، پر توهان کي هيترن هيترن ڊالرن جي ضرورت آهي. مطلب ته ڪڏهن پئسن، ڪڏهن پڙهيل لکيل ڪڏهن ڪنهن بهاني سان. اڃا تائين انهن ملڪن ڏانهن ماڻهو وڏي تعداد ۾ وڃي رهيا آهن. جڏهن انهن جي ضرورت پوري ٿي تڏهن اهڙا ته قاعدا ۽ قانون ٺاهيندا جو يورپين کانسواءِ ٻيا ماڻهو اُت هڪ ڏينهن به رهي ڪو نه سگهندا ۽ مجبوراً واپس پنهنجن ملڪن ڏانهن موٽندا. جيئن توهان يارهين سيپٽمبر کان پوءِ آمريڪا مان مسلمان ملڪن جي شهرين کي اُتان واپس ايندي ڏٺو، اهو سلسلو اڃان تائين جاري آهي. سو هت به شايد ئي ائين هو. ان وقت انگريزن جي نظر ڪراچي بندر جي تعمير، درياهه سنڌ جيڪو ٽن صوبن ۾ جهاز راڻيءَ لاءِ هڪ واپار جو وسيلو هو ۽ سنڌ جي ڀلن وونئڻن جي فصل تي هئي. جنهن سان انگلينڊ جي ڪپڙي جا ڪارخانا هلن ۽ اهو ڪپڙو وري سڄي هندستان ۾ وڪامجي. جيئن انگلينڊ جا پورهيت ڪارخانيدار ۽ واپاري ڪمائي حڪومت کي ٽيڪس ڏين. جنهن سان انگلينڊ جي حڪومت به امير ۽ شاهوڪار ٿئي. پنهنجي ملڪ ۾ اڄ به سرمائيدار ٻنهي هٿن سان آبادگارن کي لٽي ڦري رهيو آهي. جنهن جو مثال کنڊ جا ڪارخانا ۽ ڪپڙي جا ڪارخانا آهن. هي ڪارخانيدار سيٺيون سستو ڪمند ۽ ڦُٽي خريد ڪري وڏي قيمت ۾ کنڊ ۽ ڪپڙو ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر وڪڻي بي تحاشا دولت ڪمائي ۽ حڪومتي عهدن تي پهچي وزير سفير ٿي پنهنجي ذاتي هوائي جهازن ۾ پيا ملڪ ۽ دنيا گهمن ۽ ويچارو آبادگار انهن ملن تي پنهنجن پئسن لاءِ پيا ڪارخانيدار جي ملازمن ۽ نوڪرن جون اُبتيون سُبتيون ڳالهيون ٻُڌن ۽ دربدر ٿين. ڪامورا به ڪارخانيدارن سان ٺهيا پيا آهن. نه رڳو ٺهيا پيا آهن پر انهن جي ٽڪرن تي پيا پلجن.
    لنڊن جي هوائن ۾ هلندي اچي پنهنجا پور ياد پيا آهن. ٽرئفڪ سنگنل بند ٿيو ته گاڏيون بيهي رهيون. جيڪي صرف ڏهه ٻارهن گاڏيون روڊ جي هن طرف ڏهه ٻارهن گاڏيون روڊ جي ٻئي طرف نظر اچن ٿيون. هن زير زمين ۽ زمين مٿان ريلوي جو ايڏو ته جديد تيز رفتار ۽ سهڻو بندوبست آهي جو ماڻهو سواءِ آرتوار Sunday ۽ پري جي مسافري کانسواءِ سڀ ماڻهو ريل ۽ انڊر گرائونڊ ريلوي ۾ چڙهن نه ڪي ڪارن موٽرن ۾ هت ڪراچي وانگر ڪونهي، جو ماڻهو ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪارن ۾ رستن تي بيٺا آهن. هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ ويندي ويندي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٿيو وڃن. آئون خود به ڪراچي کان پنهنجي ڳوٺ ٻني وڃان ته ڪلفٽن کان لانڍي تائين پنجاهه منٽ لڳن ۽ لانڍيءَ کان ٺٽي تائين ستر منٽ لڳن. يعني شهر جو شهر ۾ پنجاهه منٽ ۽ شهر کان ٺٽي تائين ٽيهٺ ميل مسافريءَ ۾ لڳن ستر منٽ صرف ويهه منٽ هيڏي مسافري ۾ زياده لڳن. پنجاب ۾ نوازشريف لاهور ۽ اسلام آباد وچ ۾ موٽر وي ته ٺهرايو آهي پر ڪنهن شئي کي ٺهرائڻ آسان آهي، پر انهيءَ جي سنڀال ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. خاص ڪري پنهنجي ملڪ ۾.
    جيئن ئي ٽرئفڪ سنگنل کليو ته ڪارون وري روڊ رستن تي هلڻ لڳيون، ڪافي دير ٿي چُڪي آهي هڪ بُڪ شاپ تان ڪجهه مئگزينس ۽ ٻه اخبارون گارڊين ۽ مرر ورتم. هت اخبارن ۾ يورپ آمريڪا جا احوال کوڙ پر پنهنجي ملڪ جو احوال ڪنهن ڪنهن ڏيهاڙي ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ اخبار ۾ ڇپجي. هت رسالا ايڏا ته خوبصورت ڇپجن جو دل پئي چوندي آهي ته ويٺو انهن رسالن کي اُٿلائي پُٿلائي ڏسجي. سهڻو ٽائيٽل، نفيس پنا، لاجواب ڇپائي ۽ بائينڊنگ، ڇپيل فوٽن جي رزلٽ ايڏي لاجواب جو سچ پچ ماڻهو کان به ڪتاب ۾ ڇپيل تصوير ۾ ماڻهو ويڪ حسين لڳي. وري مٿان رسالي اندر ائڊورٽائيز ايڏي ته پرڪشش جو ماڻهو پڙهڻ کان سواءِ به ڪتاب وٺڻ تي مجبور ٿيو پوي ۽ ايڏا سهڻا ڪتاب هوندي به ايترا مهانگا ڪو نه هوندا آهن. انهيءَ جو سبب وڌيڪ تعداد ۾ ڇپجڻ آهي. پاڻ وٽ ڪتاب پڙهندڙ ماڻهن جو تعداد تمام گهٽ آهي. جڏهن ته يورپ جي ماڻهن جو ڪتابن ۽ گلن سان ڏاڍو چاهه آهي. گهڻو ڪري هر گهر ۾ لئبرري ۽ باغيچو ضرور ٿئي. وڏو گهر ته وڏو باغيچو ۽ لئبرري، ننڍو گهر ته ننڍو پارڪ ۽ لئبرري، ماڻهو ته فليٽن ۾ به وڏي تعداد ۾ گل ۽ ڪتاب سهڙيو ويٺا آهن. پاڻ وٽ ته پڙهيل لکيل ماڻهن وٽ ڪتاب ته پري ٿيا، پر مون ڪيترا اهڙا ماڻهن جا گهر به ڏٺا آهن جن ۾ اخبار به ڪانه اچي ۽ نه وري اهڙا ماڻهو اخبار پڙهن. سو هت يورپ ۾ ته انڊر گرائونڊ ٽيوب ۾ يا ريل مان ماڻهو لهن ته هر سيٽ تي توهان کي انهن ماڻهن جون ڇڏيل اخبارون ۽ ڪٿ ته رسالا به وڏي تعداد ۾ ملن، پر انهن کي وري هت ڪير کڻن وارو به ڪونهي ڇو ته هت هر شهري اخبار پڙهي سو انڊر گرائونڊ ۽ ريل جي صفائي ڪرڻ وارو اسٽاف ئي اُهي اخبارون کڻي، انهن جي صفائي ڪري. آئون انڊيا به ڪافي دفعا ويو آهيان. پاڪستان جي ماڻهن جي مقابلي ۾ انڊيا جي ماڻهن کي پڙهڻ لکڻ سان وڌيڪ چاهه آهي. جيتوڻيڪ هندستان پاڪستان سالن کان هڪ ملڪ هو ۽ ورهاڱي کي صرف ڇاونجاهه سال ٿيا آهن، پر ٻنهي ملڪن ۾ وڏو تفاوت آهي. پاڻ وٽ عالمي معيار جا صرف آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ادارا آهن مثلاً ميڊيڪل جي آغا خان ميڊيڪل يونيورسٽي، انجنيئرنگ جو K.I.K.I.S.T ڪمپيوٽر جو F.A.S.T. ۽ SZABIST. اسلام آباد يونيورسٽي I.B.A، LUMS ۽ ٻيو کڻي ايڪڙ ٻيڪڙ يونيورسٽي يا انسٽيٽيوٽ يا ڪو ادارو هوندو نه ته ٻيو مڙيئي ٿيو خير. پر هندستان ۾ سَوَن جي تعداد ۾ عالمي معيار جا ادارا آهن جن جي نه رڳو انڊيا پر سڄي دنيا ۾ وڏي شهرت آهي. نه ته ورهاڱي کان اڳ پاڻ وٽ تعليمي ادارن جو ڏاڍو سٺو معيار هوندو هو. جنهن جو مثال انڊيا جي جڳ مشهور ليکڪ خشونت سنگهه جي سندس آتم ڪهاڻيءَ ۾ ڪيل ذڪر جو احوال آهي. جنهن ۾ هن لکيو آهي ته بابا امان مون کي دهليءَ مان لاهور ڪاليج پڙهڻ لاءِ موڪليو، ڇو ته دهليءَ کان لاهور ۾ وڌيڪ اعليٰ معيار جا ڪاليج ۽ تعليمي ادارا هئا. جت مون پنهنجي تعليم مڪمل ڪئي. پاڻ سندس وقت جي هم ڪلاسين جو به ذڪر ڪيو آهي. جيڪي پوءِ پاڪستان ۾ تمام وڏن عهدن تي پهتا.
    مون واپسيءَ ۾ رستي تي هڪ هوٽل ۾ سوپ پيتو، پوءِ واپس رهائش واري هوٽل تي آيس ته ڪافي دير ٿي چُڪي هئي. رسيپشن تي ويٺل عورت کان پُڇيم ته توهان جي هوٽل جي مالڪ ڪٿي آهي. پاڻ چيائين ته هوءَ گهر هلي ويئي. مون وري کيس ڊبل ڪمري واري ڪهاڻي ٻڌائي ته پاڻ چيائين ته مون کي ڪا به خبر ڪانهي، توهان صبح جو هوٽل جي مالڪڻ کان پُڇي وٺجو. مون دل ۾ چيو ته لڳي رهيس. هنن جي مون کان ڊبل روم چارجس ورتي ته هروڀرو پنجاهه کن پائونڊ مفت ۾ ڏيڻا پوندا. پنجاهه پائونڊ معنيٰ تقريباً ست هزار روپيا. سي به خوامخواه. مون چيس ته تنهنجي مالڪ جي گهر جو فون نمبر ڏي ته آئون ساڻس ڳالهه ٻولهه ڪيان. چيائين ته آئون توهان کي هنن جي گهر جو نمبر نٿي ڏيئي سگهان. توهان صبح تائين انتظار ڪريو. مون کي خبر هئي ته يورپ ۾ هوٽل مالڪ پنهنجي گراهڪن کي بليڪ ميل ڪري پئسا گڏ ڪو نه ڪندا آهن. پر تڏهن به پرديس ۾ کُٽڪو ته ٿئي ٿو. خير آئون هوٽل رسيپشن گرل کي خدا حافظ چئي واپس پنهنجي ڪمري تي پهتس ۽ ٿوري دير ٽي.وي. ڏسي. رسالا ۽ اخبارون پڙهي سمهي رهيس ۽ صبح جو دستور مطابق سجاڳي ٿي ته چانهه گهرائي پيتم. صبح جي تازي اخبار پي پڙهيم ته فون جي گهنٽي وڳي ته سمجهيم ته ملڪ کان ٻاهران يا لنڊن مان ڪنهن دوست فون ڪئي هوندي. پر هوٽل مالڪ نسرين جي فون هئي. جنهن مون کي ٻڌايو ته جنهن وقت توهان لنڊن مان هت پهتا تنهن وقت هوٽل ۾ ڪو به سنگل روم خالي ڪو نه هو ۽ توهان اسان اکي آمريڪا مان فون ڪري ڪمرو رزروڊ ڪرايو هو سو اسان توهان کي عارضي طور انهيءَ ڊبل ڪمري ۾ رهايو، پر اڃان تائين ڪو به سنگل روم خالي ڪونهي. جيئن ئي سنگل روم خالي ٿيو ته يڪدم توهان کي انهيءَ ۾ شفٽ ڪنداسين. تيستائين توهان کان اسان ڊبل ڪمري جي مسواڙ نه پر سنگل ڪمري جي مسواڙ وٺنداسين. ڇو ته توهان ته اسان کي چيو ئي سنگل ڪمري لاءِ هو. مون کيس Thanks ڪيو ۽ پڻ کيس چيم ته مون کي پاسپورٽ ۽ ٻيو ضروري سامان رسيپٽن تي جمع ڪرائڻو آهي. توهان ڪيستائين هوٽل ۾ هوندا. چيائين ته آئون شام تائين هت آهيان توهان جنهن وقت به ٻاهر نڪرو ته هت مون وٽ پنهنجو سامان ۽ پاسپورٽ جمع ڪرائي رسيد وٺي وڃجو. آئون تيار ٿي ڪمرو بند ڪري ٻاهر ناشتي ڪرڻ لاءِ نڪتس، ڇو ته لنڊن يا ڪنهن به وڏي شهر ۾ هوٽل اندر ماني کائيندا يا فون ڪندا ته انهن جو ايڏو ته بل ايندو جو بل ڏيڻ مشڪل ٿي پوندو. تنهنڪري ملڪ کان ٻاهر ڪفايت ڪجي ۽ ڪڏهن به هوٽل تي ماني نه کائجي ۽ نه ئي وري فون ڪجي.
    لائونج اندر هلندي پري کان نسرين کي ڏٺم جيڪا ڪنڌ هيٺ ڪيو ڪجهه لکي رهي هئي. يا ائين ڪنڌ هيٺ ڪيو ڪنهن رجسٽر کي چيڪ ڪري رهي هئي. مون ڪائونٽر تي پهچي سلام ڪري پنهنجي هٿ ۾ کنيل لفافو سندس حوالي ڪيو ته پاڻ مون کي سڄاڻڻ ۾ دير ئي ڪانه ڪيائين. پاڻ مُرڪي لفافو ورتائين. ۽ مون کان پنهنجي آمريڪا جي سفر ۽ آمريڪا مان هت ايندي جي سفر ۽ لنڊن ۾ هڪ ڏينهن جي رهڻ جو پُڇيو ۽ ائين به پڇيائين ته توهان اڳ به ته هت پنهنجي دوست سان گڏ اسان جي هوٽل ۾ رهيا هئا.
    مون محسوس ڪيو ته هو مون کي عام هوٽل ۾ رهندڙ کان ڪجهه وڌيڪ پنهنجائپ محسوس ڪرائي رهي آهي. مون سمجهيو ته شايد لنڊن ۾ ٻيو دفعو اچي ساڳئي هوٽل ۾ رهڻ واري کي ائين ٽريٽ Treat ڪيو ويندو آهي. اها به بزنس ڊيل آهي. پر پوءِ مون هڪ ٻن ڏينهن ۾ محسوس ڪيو ته واقعي هوءَ مون کي ضرورت کان ڪجهه وڌيڪ پنهنجائپ جو تاثر ڏيئي رهي آهي ۽ آئون به اڪيلو هوس. آئون هوٽل مان نڪري ويسٽ منسٽرايبي واري بوٽس جي دِڪي پهچي هڪ بوٽ ۾ چڙهي ٿيمس نديءَ جي سير تي نڪري پيس. اڃان سوير آهي. تنهنڪري رش گهٽ آهي. کليل وڏيون بوٽس گهڻي انگ ۾ هت بيٺل آهن. اسان جي بوٽ ۾ جيئن ئي ماڻهن جو تعداد وڌيو ته بوٽ به هلڻ لڳي ۽ اسان آهستي آهستي ٿي ٿيمس نديءَ ۾ اندر هلڻ لڳاسين. ته بوٽ به تيز هلڻ لڳي. لنڊن جي هنن بوٽس کان جرمنيءَ جي رائن ندي ۽ ائمسٽرڊم جي ائمسٽر نديءَ ۾ هلندڙ بوٽس وڌيڪ سهڻيون، نفيس، سينگاريل، سنواريل ۽ ماڊرن هيون. منهنجو هي ٻن ڪلاڪن جو ٽوئر هو. ٿيمس ندي وچ ۾ ٻنهي ڪپرن تي هاڻ ڪافي تعداد ۾ سياحن سان ڀريل بوٽس هلي رهيون هيون ۽ جيئن پوءِ تيئن اهو تعداد وڌي رهيو هو. ننڍين لهرن ۾ بوٽ پاڻيءَ مٿان ڇر ڇر جو آواز ڪندي اڳين وڃي رهي آهي ۽ بوٽ اندر سياح فوٽو ۽ فلمون ڀري رهيا آهن. ته ڪي وري جوڙا جوڙا پاڻ ۾ کل ڀوڳ ۽ رهاڻيون ڪري رهيا آهن. آئون اڪيلو آهيان سو ڀر ۾ ويٺل هڪ يورپين مرد کي چيم ته آئون پٺيان وڃي اٿي ٿو بيهان. توهان مهرباني ڪري منهنجا فوٽو ڪڍو. پاڻ کِلي خوش ٿي ڪئميرا مون کان وٺي ڪئميرا کي ڏسي وائسي سمجهي منهنجا ڪئين فوٽو ڪڍيائين ۽ فوٽن ڪڍڻ کان پوءِ مون کي ڪئميرا واپس ڏني. مون سندس ٿورا مڃيا. پاڻ مُشڪي مون کي ويلڪم چيائين.
    ٻن ڪلاڪن جو هي ٽوئر ڄڻ چند گهڙين ۾ گذري ويو ۽ اسان واپس انهيءَ جڳهه تي لٿاسين. جتان هن بوٽ ۾ سوار ٿيا هئاسين. آئون هت لهي ٿورو پنڌ ڪري پارليامينٽ هائوس جي ٻاهرئين پاسي جنهن کي هي ويسٽ منسٽرايبي سڏين. انهي علائقي ۾ گهمڻ لاءِ ويس. هت پارليامينٽ اسڪوائر جي اولهه طرف ويسٽ مسنٽر محل سان وابسته هي ننڍرو گرجا گهر ۽ گول ڇت وارو ميوزم اٺين عيسوي صديءَ ۾ قائم ڪيو ويو هو. تنهن کان پوءِ يارهين صديءَ ۾ بادشاهه ايڊورڊ دي ڪنفيسر ۽ تيرهين عيسوي صديءَ ۾ هينري ٽئين هن جي وري وڌيڪ تعمير ڪرائي. هن ايبي ۾ فقط ٻه دفعا تاجپوشيءَ جي رسم ادا ٿي آهي ۽ گهڻو ڪري سمورين امير هستين جو پنج سئو سالن تائين يعني هينري ٽئين کان وٺي جارج ٻئي تائين قبرستان ٿي ڪم آيو. هن ايبي جو احاطو قومي مشاهير جي يادگارن ۽ مجسمن سان سٿيو پيو آهي. احاطي اندر داخل ٿيڻ شرط وِنسِٽن چَرچل ۽ پهرين عالمي لڙائي جي هڪ شهيد سپاهيءَ جون پٿر جون ٺهيل يادگار سرون ڏسڻ ۾ اينديون. بهترين يادگار چرچ واري ڪوئر جي پويان موجود آهن. چرچ جي اترئين ڀاڱي ۾ اوڻيهين صديءَ جي مدبرن جا يادگار موجود آهن. جن ۾ ٽن وزيراعظمن هر هڪ مسٽر پيل، مسٽر پامسٽرن ۽ گليڊسٽون جا يادگار شامل آهن. شاعرن واري ايوان جيڪو چرچ جي ڏاکڻئي ڀاڱي ۾ واقع آهي. اتي جا فري چائوسٽر، لارڊ ٽينيسن، ٽي.ايس. ايليئٽ ۽ ٻين گهڻن عالمن، اديبن ۽ شاعرن جون قبرون ۽ يادگار آهن. جيڪي ڏسندي آئون اڳتي وڃي رهيو آهيان. هت به سياحن جي ڪافي رش آهي. توهان هت پارليامينٽ هائوس جو اجلاس به ڏسي سگهو ٿا پر انهيءَ لاءِ پاس جي ضرورت آهي. جيڪا وٺڻ يا ڪنهن پارليامينٽ ميمبر جي سفارش هئڻ گهرجي، يا نه ته پوءِ به انهي جي اجازت ملي ويندي آهي پر اهو وڏو، ڊگهو ۽ ڏکيو طريقو آهي.
    اڄڪلهه يورپ آمريڪا ۽ ٻين عيسائي ملڪن ۾ مذهبي تنگ نظري انتها تي آهي خاص ڪري انهن جو مسلمان سان رويو ته ناقابل برداشت آهي.
    دنيا جا عيسائي ملڪ جنهن کي ڏاڍي حرفت سان مغربي ملڪن جي نالي سان دنيا ۾ سڃاتو ۽ سڏيو وڃي ٿو. جيڪي مسلمانن کي مذهبي انتها پسند ۽ خبر ناهي ته ڪهڙن ڪهڙن نالن سان ياد ٿا ڪن ۽ پاڻ کي پوتي پاڪ ٿا سمجهن، پر سڄي دنيا جي ماڻهن ۾ زياده ۾ زياده مذهبي جنوني ته خود عيسائي پاڻ آهن. جيڪي سالن کان پوپ کي هر هنڌ ۽ ملڪ ۾ گهليندا گهمن ۽ انهي جي وڏي پئماني تي سڄي دنيا ۾ پروپئگنڊا ڪن ۽ مغرب جا سڀ ريڊيو ۽ ٽي وي چئنل انهي مذهبي ڏيکاءُ کان آجا ڪو نه آهن. ۽ پاڻ پوپ جي استقبالن، جلسن ۽ مذهبي تقريبن کي تمام شوق سان ڏسن ۽ سندن ميڊيا ذريعي سڄي دنيا کي وڏي فخر سان ڏيکاريل انهيءَ جو هڪ مثال هي به آهي ته گذريل صديءَ ۾ وڏي ۾ وڏيون جنگيون يورپ ۾ لڳيون. جنهن ۾ ٻه عالمي جنگيون به شامل آهن. پاڻ هڪٻئي جا وڏا دشمن هوندي ۽ ٻن فرقن ۾ يعني ڪيٿولڪ ۽ پروٽيسٽنٽ ۾ ورهايل هئڻ جي باوجود به هڪ ٻئي جي چرچن، ڪئٿڊرلن ۽ مذهبي عبادتگاهن تي نه بمباري ڪئي نه کين مسمار ڪيو، پر انهيءَ جي مقابلي ۾ مسلمان شيعا، سُني جي بنياد تي هڪٻئي جي امام بارگاهن، مدرسن ۽ مسجدن ۾ گهڙيو هڪٻئي کي نماز پڙهندي به ماريو رتورت ڪريو ڇڏين.
    مسلمان ته حضرت عيسيٰ عليھ السلام کي به نبي ڪري مڃين ۽ سندس وڏي عزت ڪن. خود قرآن پاڪ ۾ به حضرت عيسيٰ عليھ السلام جو ذڪر آهي، پر عيسائي، مسلم قوم مسلمانن جي نبين، ديني ڪتابن ۽ مذهبي جڳهين کي نفرت جي نگاهه سان ڏسن. قدرت الله شهاب پنهنجي ڪتاب ”شهاب نامه“ ۾ لکيو آهي ته ”هالينڊ ۾ هر ماءُ جي پنهنجي اولاد لاءِ اها اپيل آهي ته توهان دنيا ۾ ڀلي هر مذهب اختيار ڪيو يا لامذهب ٿيو پر ڪڏهن به مسلمان نه ٿجو.“
    هن وقت ايشيا ۽ آفريڪا ۾ عيسائي مشينري جو شهرن توڙي ڳوٺن ۾ ڄار وڇايو پيو آهي. جنهن تي اربين ڊالر خرچ ٿين. اهو خرچ ڪير ٿو ڪري. اُهي يورپ جا امير ماڻهو ۽ ملٽي نيشن ڪمپنيز آهن. جيڪي غريب ملڪن مان ڪمائي سڄي دنيا جي دولت انهي عيسائي مشينري نيٽ ورڪ کي مُهيا ٿا ڪن، پر ڪنهن عرب ملڪ يا مسلمان امير شهري ڪنهن مذهبي تنظيم يا اداري کي هڪ روپيو به امداد طور ڏنو ته سڄي دنيا ۾ Fox، BBC ۽ CNN انهي جو ذڪر ڪن.
    خود هندستان ۾ سوين اهڙا واقعا به ٿيا آهن. جو عيسائي عورت راهبائن سان زنا ۽ زيادتي ڪئي وئي، پر مغربي پريس ۽ ميڊيا يا اهڙن افسوسناڪ واقعن کي ڪڏهن به اشو بنائي هاءِ گهوڙا ڪا نه ڪئي آهي. انهيءَ جي برعڪس مسلم ورلڊ ۾ ڪڏهن به اهڙو واقعو نه ٿيو آهي. سنڌيءَ ۾ پهاڪو آهي ته ”غريب تان ڪاوڙ لهي ئي ڪانه ۽ امير تي چڙهي ئي ڪانه.“ انهيءَ کانسواءِ خود يورپ ۽ آمريڪا ۾ مذهبي پارٽيون ۽ انهن جون اخبارون ۽ رسالا توهان کي هر ملڪ ۾ ملندا جنهن جو مثال جرمني، آسٽريليا ۽ ٻين يورپي ملڪن ۾ ڪرسچن ڊيموڪريٽڪ نالي سياسي پارٽيون ۽ آمريڪا ۾ ڪرسچن سائنس مانيٽر ۽ ٻيا ڪيترا مذهبي رسالا شايع ٿيندا آهن. ڪيترن ملڪن ۾ ننڍن قومن جي آزادي ۽ مذهبي تسلط جا سوين مثال آهن. ڪيترن جا نالا لکجن. جنهن جو شڪار اسان خود به آهيون. پر آمريڪا کي سڄي دنيا ۾ صرف عيسائي ۽ يهودي مظلوم نظر ٿا اچن. تازو اقوام متحده آمريڪا ۽ يورپ جي فوجي طاقت جي زور تي انڊونيشيا جي هڪ عيسائي اڪثريت واري صوبي اتر تيمور ۾ راءِ شماري ڪرائي، کيس حق خود اراديت ڏيئي آزاد مملڪت جو درجو ڏنو آهي ۽ ضرورت پوڻ تي هن کي به ايشيا ۾ ٻيو اسرائيل بنائي ڪورين، ويٽنامين ۽ چينين جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيندا. جيئن عربن سان ڪيو اٿن. هن وقت دنيا ۾ مسلمانن جي آدمشماري هڪ عرب چاليهه ڪروڙ ايڪٽيهه لک آهي ۽ دنيا جي نقشي تي مسلمان ملڪن جو تعداد ايڪهٺ آهي جن جا نالا هي آهن:

    آذر بائيجان، آئوري ڪوسٽ. اردن، ازبڪستان، افغانستان، البانيا، الجزائر، انڊونيشيا، ايٿو پيا، ايران، بحرين، برڪينيافاسو، برونائي، بنگلاديش، بوسينيا، بينن، پاڪستان، تاجڪستان، ترڪمانستان، ترڪي، تنزانيا، تيونس، ٽوگو، جيوتي، چاڊ، سري نام، سعودي عرب، سوڊان، سيراليون، سيني گال، شام، صومياليه، عراق، عمان، فلسطين، قازقستان، قطر، ڪرغيزستان، ڪمورو، ڪوويت، ڪيمرون، گني، گني بساءُ، گيانا، گبيون، ڪيمبيا، لبنان، لبيا، مارطانيه، مالديپ، مالي، امارات، مراڪش، مصر، ملائيشيا، موزمبق، نائيجر، نائيجريا، وسطي آفريقا، يمن ۽ يوگنڊا.
    انهن اٻڪهٺ ملڪن جي وڏي حصي تي گذريل سَوَن سالن کان عيسائي قابض رهيا آهن ۽ سندن دولت ۽ قدرتي وسيلن تي سڌي اڻ سڌي طريقي سان اڄ به عيسائي ملڪن جو قبضو آهي ۽ سڄي دنيا جي مسلمان ملڪن تي عيسائين ۽ يهودين (يهودي به عيسائين جي طاقت سان) جا حملا جاري آهن. جنهن ۾ چچنيا، بوسنيا، عراق، ايران، فلسطين، افغانستان، لبنان ۽ شام شامل آهن. پنهنجي انهيءَ مذهبي عيسائي سڃاڻپ کي لڪائڻ لاءِ پاڻ کي سڏائين عيسائين جي بدلي مغربي طاقت ۽ مسلمانن کي سڏين انتها پسند.
    آئون بذات خود مذهبي جنوني نه پر ”لڪم دين ڪم وليدين“ رستي ۽ فڪر جو پيروڪار آهيان ۽ بقول شيخ ا ياز جي ته:
    ”جا ٻانهن ڀڳي منهنجي ڀڳي، جو ظلم ٿيو مون تي ٿيو.“
    ظلم زبردستي ۽ انياء ته ڪنهن به قوم يا فرد تي ٿيڻ نه کپي، ڀلي کڻي اهو ڪير به هجي. حد ته اها آهي جو عيسائي ملڪن جي اسڪولن ۾ مسلمان شاگرد نياڻين کي قانوني طرح اسڪول ۾ مٿي تي پوتي ڍڪڻ جي اجازت به ڪانهي، پر خود پاڻ مذهبي تقريبن ۾ مٿي تي ٽوپي پائيندا آهن، جيڪو توهان BBC ۽ CNN تي ڏسي سگهو ٿا. تازو ماسڪو ۾ آمريڪي سفارتخاني ۾ 11 سيپٽمبر جي واقعي بابت هڪ تقريب ٿي جنهن ۾ گهڻو ڪري سڀني عورتن جا مٿا ڍڪيل هئا. اها تقريب BBC پندرهين سيپٽمبر ڏينهن جو ٽين بجي ڏيکاري. يعني پاڻ عيسائي مٿو ڍڪين يا اگهاڙو ڪن ته مرضيءَ جا مالڪ، پر اسان ڪيون ته رجعت پسند ۽ ڏوهه جا ڏوهاري.
    23 ۽ 24 نومبر تي BBC هي خبر ڪيترائي ڀيرا هلائي ته آسٽريليا جي عيسائي مذهبي اڳواڻ مطالبو ڪيو آهي ته مسلمان عورتن کي برقعي ۽ چادر سان پردي ڪرڻ تي بندش وڌي وڃي ڇو ته انهيءَ آڙ ۾ هي دهشتگردي ٿيون ڪن. جنهن جو مثال هن روس ۾ ٿيئٽر کي يرغمال ٿيڻ ڏنو. اهو اڄ نه پر جڏهن کان اسلام دنيا ۾ عام ٿيو. تڏهن کان سندن اسلام سان رويو هليو اچي. حد ته اها آهي جيڪي مسلمان اسلام کي گاريون ڏين تن کي هي جيءَ ۾ جايون ڏين جنهنجو مثال سلمان رشدي ۽ تسليمان نسرين کي وائيٽ هائوس ۾ دعوتون ۽ ڪئين انعام اڪرام ڏيڻ آهن. پر پنهنجو مطلب پوري ٿيڻ کان پوءِ پُڇن ئي ڪو نه. جنهن جو مثال اسٽالن جي ڌيءَ، رضا شاهه پهلوي ۽ ٻيا سَوَ هزار آهن. مسلمان هنن جي خوشنوديءَ لاءِ ڪيترو به مسلمانيءَ کان پري ٿيڻ جي ڪوشش ڪن، پر هنن ڳالهين کان ڪيئن ٿا انڪار ڪري سگهن.

    1. اسان جو نالو اسلامي طرز مطابق آهي.
    2. هر مسلمان پنهنجي ٻار کي ”طُهر“ سنت ڪرائي ٿو.
    3. هر مسلمان سڏائڻ وارو شاديءَ مهل نڪاح پڙهائي ٿو.
    4. مرڻ کان پوءِ سڀ رسمون مسلمان طور طريقي مطابق ٿين ٿيون ۽ مسلمانن جي قبرستان ۾ دفن ٿئي ٿو.
    سن 2002ع جو عالمي حسن جو مقابلو نائيجريا جي شهر قدونا ۾ منفرد ٿيو. جنهن ۾ عيسائي پارٽين جي اخبارن ۾ ههڙا دل آزاريندڙ مضمون لکيا ته نعوذ بالله جي اڄ حضرت محمد جن زنده هجن ها ته هنن حسينائن مان ضرور ڪنهن هڪ سان شادي ڪن ها. اسان ته حضرت عيسيٰ، گرونانڪ، گوتم ٻڌيا ٻي ڪنهن مذهبي رهنما لاءِ اهڙا لفظ سوچي به ڪو نه ٿا سگهون. گهڻو وقت اڳ هڪ هندو به ”رنگيلا رسول“ نالي اهڙو هڪ دل آزاريندڙ ڪتاب لکيو هو.“
    دنيا ۾ وڏي ۾ وڏي فوجي طاقت ناٽو جا 26 ملڪ سواءِ ترڪي جي سڀ عيسائي آهي. جن جا نالا هن ريت آهن: آمريڪا، ڪئناڊا، ڊينمارڪ، فرانس، انگلينڊ، يونان، آئيسلينڊ، لگزمبرگ، نيدرلينڊ، ناروي، پورچوگال، ترڪي، اسپين، جرمني انهيءَ دنيا جي وڏي ۾ وڏي دولت جي تنظيم G8 ۽ I.M.F جا سڀ ميمبر سواءِ جپان جي عيسائي آهن.
    مطلب ته سڄي دنيا جا عيسائي هڪ پليٽفارم تي گڏ آهن ۽ ٻي سڄي دنيا کي پٺتي ڌڪڻ ٿا چاهين. هاڻ ته پنهنجي عيسائي مذهبي پيشوائن جا احوال ريڊيو تي ٻڌائين ۽ انهن کي اولياء ڪري دنيا اڳيان پيش ڪن. 19 ڊسمبر 2002ع تي شام جو سيربين ۾ BBC ٻڌايو ته پوپ مدر ٽريسا کي اولياء جو درجو ڏنو آهي. ڇو ته ڪلڪتي ۾ هڪ عورت جڏهن مدر ٽريسا جي تصوير ڏسي دعا گهري ته کيس پراڻي ڪئنسر جي بيماري ڇڏي وئي. اها خبر BBC وڏي شدمد سان نشر ڪئي، پر خود اڳوڻي پوپ کي ايڊز جي بيماري ڪنهن دعا يا ڪرشمي سان به نه ڇڏيو.
    هت مون کي گهمندي ڦرندي ڪافي وقت ٿي ويو هو. سو آئون هتان، ٽيڪسي ڪري پنهنجي رهائش جي هوٽل جي ويجهو هڪ انڊين هوٽل تي لٿس، خيال ڪيم ته اڄ انڊين کاڌو کائي پوءِ هوٽل تي وڃي آرامي ٿيان. ٻاهر هلڪي ڦوهار پئجي رهي هئي. اهو پنهنجي ملڪن ۾ ته سالن پڄاڻان ٿئي، پر هت اها معمول جي ڳالهه آهي. مٿي آسمان ۾ ڪپهه جي پوڻين جهڙا وڏا سهڻا سفيد ڪڪر نظر اچي رهيا آهن. هوٽل اندر ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو نظر آيو. هوٽل ۾ پنج پائونڊن ۾ جيڪو کپي سو کڻي کائو يا پنهنجي مرضيءَ تي آرڊر ڏئي پهرين ويجيٽيبل سوپ کڻي ٽيبل تي ويهي پيو، تنهن کانپوءِ ماني کاڌم ۽ آخر ۾ مٺي ۾ ڪلفي کاڌيم. مون کي ان وقت شوگر ڪا نه هئي. هاڻ ته سال ٿيا آهن ته کنڊ جو استعمال بلڪل ڪو نه ڪيان. ڪڏهن ڪڏهن ڪراچي ۾ ٻار منهنجي لاءِ شگر فري ڪيڪ اسپيشل آرڊر تي ٺهرائيندا آهن ۽ آئس ڪريم واري کان شگر فري آئسڪريم منهنجي لاءِ وٺي اچن. ڊاڪٽر پارس چوندي آهي ته بابا هن ۾ شوگر ته ڪانهي پر ڪوليسٽرول تمام گهڻو هوندو آهي جيڪو به شگر وارن لاءِ خراب آهي.

    بهرحال ڪلفي کاڌيم، ڏاڍي مزيدار هئي. پنج پائونڊ ڪائونٽر تي ڏيئي پنڌ ئي پنڌ هوٽل تي اچي پهتس. ڪمرو کولي ڪجهه دير آرامي ٿي پوءِ بيڊ تان اُٿي ڀوراڻيءَ کي فون ڪيم ته پاڻ چيائين ته سائين پنهنجي گهر هوندي هوٽل ۾ وڃي رهيا آهيو. هتي اچو ه ته آئون ٿو اچان هوٽل تان توهان جا ٽپڙ کڻڻ. مون چيس آئون ڪالهه آمريڪا کان هت پهتو آهيان ننڊ اچي خراب ڪريان اهو سٺو و نه ٿو لڳي. آئون هفتو کن هتي لنڊن ۾ آهيان توهان وٽ ضرور ايندس ڪچهريون ڪبيون. هتي برسات به پئي پوي، جيئن ئي برسات گهٽبي ته آئون فون ڪري توهان ڏانهن ايندس پاڻ وٽس رهڻ لاءِ ڪافي چيو. ڀوراڻي صاحب لنڊن ۾ اصل اوطاق کوليو ويٺو آهي. هڪڙا پيا اچن ته ٻيا پيا وڃن، ڪي آمريڪا کان، ڪي انڊيا کان، ڪي دبئي کان پر پاڪستان مان مڙئي ڳچ ڄڻا وٽس اچن. جنهن ۾ آئون سر فهرست آهيان. جو هر سال ٻارن سان ڏينهن جا ڏينهن لنڊن ۾ وٽس رهان، پر هينئر آئون آمريڪا کان اچي رهيو هوس ۽ منهنجو اندازو هو ته آئون رات جو دير سان پهچندس ۽ آئون اڪيلو آهيان رات جو ڪنهن هوٽل ۾ رهي پوءِ صُبح جو وٽس ويندس ۽ ميل ملاقات ٿيندي رهندي ۽ پيا گڏ لنڊن گهمنداسين. برسات پوري ٿي ته ٻاهر نڪرڻ لاءِ ڪمري جي دروازي وٽ پهتس ته نسرين به سامهون کان اچي رهي هئي ۽ اچي منهنجي ڪمري جي اڳيان بيهي رهي مون کيس هيلو ڪيو ته پاڻ به بيهي اوُڀارين لهوارين ڳالهين ۾ شروع ٿي وئي. آئون اڳ به سندس هوٽل ۾ ٻه ٽي ڀيرا لنڊن ۾ رهي ويو هوس ۽ اڳ به ائين ڪمري جي اڳيان بيهي ڪيترا دفعا پنهنجائپ سان مون سان عليڪ سليڪ ڪندي هئيِ پر اڳ ۾ آئون اڪيلو ڪو نه هوس، هينئر اڪيلو آهيان ۽ مون کي هت لنڊن ۾ اڪيلائي دور ڪرڻ لاءِ ڪنهن اهڙي ساٿيءَ جي ضرورت هئي. پاڻ هميشه جيان دروازي جي بلڪل ٻانهين تي ٽيڪ ڏيئي بيهي رهي ۽ اسان هڪ ٻئي سان الاهي ڇا ڳالهائي رهيا هئاسين.
    آئون دل ۾ سوچي رهيو هوس ته ڪيئن کيس چوان ته اچو اندر ٻاهر ڇو بيٺا آهيو. سو ساڻس ڳالهائيندي ڳالهائيندي انهيءَ سوچ ۾ غلطان هوس. نيٺ سوچيندي سوچيندي دل ۾ خيال ڪيم ته آخر هت خود ئي ته ٿي بيهي آئون ته ڪو نه چوانس يا گهرايانس. زياده ۾ زياده چوندي ته نه يا هلي ايندي ٻيو ڇا. جي اندر آئي ته معنيٰ ٻيڙائي پار، نه ته به اتان ئي پيو اُڀرندو. سو کيس رسمن چيم ته اچو اندر اچي ويهو. پاڻ معنيٰ خيز نظرن سان منهنجي اکين ۾ ڏسي مشڪي اندر هلي آئي، ته منهنجي دل جي دڙڪن تيز ٿي وئي ۽ ڏٺم ته ڳالهائڻ ڍرو ٿيندي ويو. ڪمري جو دروازو کليو پيو هو، پاڻ ويهندي شرط رسيپشن تي فون ڪري ٻڌايائين ته آئون فلاڻي ڪمري تي ويٺي آهيان. دل ۾ چيم ته پان ڪمري ۾ هلي آئي آهي باقي مڙسي توکي ڪرڻي آهي. کيس چيم ڇا کائيندا پاڻ چئين ته ڪجهه به نه. مون کيس چيو ته موسم جي تقاضا آهي ته ڪافي پيئجي. توهان جي اڳ پياريل ڪافي اڃان نٿي وسري، پاڻ مشڪي چپ ٿي ويهي رهي. مون رسيپشن تي ڪافيءَ جو آرڊر ڏنو. نسرين بوهري مسلمان هئي ۽ پاڻ انڊين هئي. بمبئي جي اصل رهواسي هئي. تنهنڪري پاڻ عام هندستاني عورتن وانگر لڄاري ڪا نه هئي، پر تڏهن به ته هئي ته عورت. مون کيس چيو ته توهان هت لنڊن ۾ ڪڏهن کان رهندا آهيو. پاڻ چيائين ته آئون ڄائي لنڊن ۾ آهيان ۽ پڙهي نپني هت آهيان. ۽ منهنجو ڪڏهن به هندستان وڃڻ جو اتفاق نه ٿيو آهي. منهنجو پيءُ بمبئي مان هت لنڊن ۾ اچي آباد ٿيو هو. باقي منهنجو مڙس هندستاني مان هت پڙهڻ لاءِ آيو هو، پر ان کي به مون سان شاديءَ کان پوءِ هندستان ويندي ڪي سال ٿي ويا آهن. مون کيس چيو ته ٻاهر گهمڻ هلون، پاڻ چيائين ته منهنجي ڌيءَ جي طبيعت ٺيڪ ڪانهي سو آئون اڄ هوٽل تان به جلد گهر پئي وڃان پوءِ ٻي مھل ضرور گهمڻ هلنداسين. مون کيس سندس گهر جو فون نمبر گهريو ته پاڻ ٻڌائڻ ۾ دير ئي ڪا نه ڪئي. پاڻ اٿڻ واري ڪَئين ته آئون کيس ڪافي ويجهو ٿيس، پر پاڻ پري ڪا نه ٿي ته کڻي هٿ ۾ جهليو مانس ته مشڪي پئي پر پاڻ هٿ مان هٿ ڪونه ڇڏيائين ۽ ائين موڪلائي هلي ويئي. جو خبر ئي ڪانه پئي ته هي سڀ ڪجهه ڇا ٿي ويو ۽ آئون سوچن ۾ گم ٿي ويس. واپس ڪرسيءَ تي ويهي رهيس ۽ ڪافي دير ڪمري ۾ ويٺو رهيس. ڪافي دير کان پوءِ ڪمري کان نڪري ڀر ۾ هڪ پارڪ ۾ وڃي ويٺس جت مون وانگر سَوَن جي تعداد ۾ گهمي ڦري ۽ پاڻ ۾ ڪچهريون ڪري رهيا هئا. ڪي وري هت رکيل بنئچن تي يا سهڻي سائي ڇٻر تي ويهي يا سمهي ڪچهريون ڪري رهيا هئا پر هاڻ آئون به لنڊن ۾ اڪيلائي کي محسوس ڪو نه ڪري رهيو هوس. سهڻا ٻار ڪي اڪيلا ته ڪي ٻارن سان گڏ يا مائٽن سان گڏ ٺينگ ٽپا ڏيئي رهيا هئا، ڪي وري پري پري تائين ڊوڙي رهيا آهن. ٿورو پريان ننڍي ڍنڍ ۾ ماڻهو ٻيڙين ۾ گهمي ڦري رهيا آهن ۽ آئون اڪيلو اڪيلو اهو سڀ ڪجهه ڏسي رهيو آهيان، پر بور ڪو نه ٿي رهيو آهيان. مزو پيو اچي. ڪافي دير کان پوءِ هِتان اُٿي ڀوراڻيءَ کي فون ڪري چيم ته آئون توهان ڏانهن اچي رهيو آهيان ۽ رات جو گڏ ڪچهري ڪبي ۽ ٻاهر ڪٿ گهمڻ لاءِ هلبو. پاڻ چيائين ته هوٽل ڇڏي سامان کڻي هت اچي رهو. مون کيس چيو ته اهي احوال روبرو ڪبا ۽ ائين آئون ٽيوب ۾ چڙهي ڀوراڻي ڏانهن وڃي رهيو آهيان. جيڪو بالم جي علائقي ۾ رهندو آهي ۽ آئون جنهن علائقي ۾ رهندو آهيان انهيءَ کان ڪافي پري آهي. ٽيوب اندر اڪثريت انگريزن جي آهي پر هندستاني ۽ شيدي به ڪافي تعداد ۾ نظر اچي رهيا آهن، پر ٽيوب اندر بلڪل چُپ لڳي پئي آهي. سڀ ڪو ڪجهه نه ڪجهه پڙهڻ کي لڳو پيو آهي. آئون سوچيندو آهيان ته دنيا جي جن به شهرن ۾ ٽيوب جي سهولت آهي. ڪيڏا نه خوش نصيب آهن انهي شهر جا رهواسي جو کين هيڏي وڏي سهولت دستياب آهي. دنيا جي جن به شهرن ۾ اها سهولت آهي. انهيءَ شهر جي شهرين کي پنهنجي سواريءَ جي ڪا به ضرورت ئي ڪانهي. سڄو ڏينهن پنهنجي صحيح وقت تي سڄي شهر ۾ ٽيوب ۾ پيا هلن. جنهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ شهري پيا چڙهن ۽ لهن. انهن ماڻهن جو انهيءَ ٽيوب سروس ڪري ڪيڏو نه وقت بچندو هوندو ۽ ڪيڏو نه کين ذهني سڪون هوندو. ٽيوب جيئن ئي بالم جي اسٽيشن تي پهتو ته آئون ٽيوب مان لهي ٽڪيٽ گيٽ ۾ لڳل سوراخ ۾ داخل ڪري دروازو کولي ٻاهر روڊ تي اچي پهتس. بالم منهنجو ڪيئي ڀيرا ڏٺل علائقو هو. جت آئون ڪيئي ڀيرا اچي رهيس. پل جي هڪ طرف ٽيوب اسٽيشن تي ٻئي طرف ريلوي اسٽيشن. ريلوي اسٽيسن هيٺان اخبارن واري جو دوڪان جت لنڊن مان نڪرندڙ جنگ اخبار به ملي. جڏهن ڀُوراڻي جي گهر رهان ته صبح سوير بيا سڀ ستا پيا هجن. پر آئون سوير اٿي اچي اخبار وٺان ۽ پوءِ چانهه ڍاهي پارڪ ۾ اخبار پڙهان ۽ ۽ چانهه پيان. ٻيا سڀ سُتا پيا هجن ۽ آئون اڪيلو اڪيلو ناشتو ٺاهي خود کاوان. سو ٽيوب مان نڪرڻ شرط سڄو علائقو پنهنجو لڳو. آئون پهريائين ٿورو اڳتي چڪر لڳائي ميڪڊونلڊ ۽ ٻيا ڏٺل واٺل دڪان ۽ نظارا پسي پوءِ ڀوراڻي لاءِ گفٽ وٺي پوءِ ڀوراڻي واري گهر جي گهٽيءَ ۾ گهڙيس، جتي سندس چوٿون نمبر گهر آهي. گهر ٻاهران گهنٽي هنيم ته ڀوراڻي گهر جو در کولڻ ۾ دير ئي نه ڪئي. ڏاڍي حب ۽ اُڪير سان مليو ۽ ملڻ شرط ڏوراپو ڏنئين ته واهه سائين واهه پنهنجي گهر هوندي به وڃي هوٽل ۾ ٽپڙ لاٿئي. مون کيس جوابي سلام ڪيو ۽ پاڻ مونکي وٺي اچي سندس ڪمري ۾ ويهاريائين جت پاڻ ٽي.وي. ڏسي ۽ جن به پي رهيو هو. ڪمري ۾ گهڙڻ شرط منهنجو گلاس ٺاهي کڻي منهنجي اڳيان رکئين. ۽ ائين اڄ جي شام جي شروعات ٿي ويئي. پاڻ سندس دوستن کي فون ڪري گهرايائين. ٿوري دير ۾ سڀ يار پهچي ويا. جن ۾ ٽيري، جسٽني ۽ لورا به شامل هيون. جن به اچڻ شرط پنهنجو گلاس ٺاهيو ۽ اسان جي گلاس سان گلاس ٽڪرائي پوءِ پاڪستان جا ۽ اسان جا حال احوال ورتا ۽ کين ڀوراڻي ٻڌايو ته آئون هت نه پر هوٽل ۾ وڃي ترسيو آهيان ته سڀ مونکي ڏوراپا ڏيڻ شروع ٿي ويا.
    جسٽني گهڻو ڪري سڄو ڏينهن ڀوراڻي جي گهر هوندي هئي ۽ رات جو به ڪچهري ڪري کائي پي تمام دير سان رات ۾ گهر ويندي هئي ۽ ائين حالن احوالن سان ڪچهري جي شروعات ٿي ۽ وڃي رات جو ٻين ٽين بجي سڀني اٿڻ اوري ڪئي جيئن ته رات جو ٻارهين بجي کان پوءِ لنڊن ۾ ٽيوب بند ٿي وڃي. سو ٽيڪسي ڪري وڃي هوٽل ڀيڙو ٿيس ۽ صبح جو دير سان اُٿڻ ٿيو. اخبار پڙهي ناشتو ڪري وري سمهي پيس ته شام ٽاڻي فون جي گهنٽي وڄڻ تي اک کلي. فون نسرين جي هئي. پاڻ چئين ته لنڊن گهمڻ آيو آهين يا سمهڻ. مون کيس رات جي دعوت جو سربستو احوال ٻڌايو ۽ کيس چيم ته ڪمري ۾ چانهه موڪل ۽ تون به اچ. پاڻ چئين ته چانهه موڪليان ٿي ۽ آئون ٿوري دير کان پوءِ اينديس. مون چانهه پي اخبار پڙهڻ شروع ڪئي ته ڪمري ٻاهران ٺڪ ٺڪ جو آواز ٿيو ۽ مون چيو ته ڪم اِن ۽ ائين دروازو کليو ته نسرين اندر هلي آئي مون کيس چيو ته دروازو بند ڪري ڇڏيو ته پاڻ ائين ڪيائين ۽ مون کي هاڻ هن قلعي کي فتح ڪرڻ ۾ ڪا به رنڊڪ نظر نه ٿي آئي. آئون بيڊ تان اٿي دروازي کي ڪندي ڏئي کيس پنهنجي ڀاڪرن ۾ ڀڪوڙي کڻي آڻي بيڊ ڀيڙو ڪيم. ته پاڻ ڪنهن بند ٻوٽي جيان ٽڙڻ ۾ دير نه ڪيائين. مون سندس بٽڻ کي آهستي آهستي کوليو ته پاڻ کڻي اکيون بند ڪيائين سندس شرٽ جا بٽڻ هڪ هڪ ڪري لاهيندو ويس. جڏهن سڀ بٽڻ کليا ته سندس شرٽ لاهڻ جي ڪوشش ڪيم ته سندس شرٽ ڪلهن ۾ ڦاسي پئي ته نسرين پاڻ خود سندس شرٽ لاٿي ته کيسي ۾ پيل ريزگاري جي پٽ تي ڪرڻ جو گهڻو آواز ڪو نه ٿيو پر ريزگاري هيڏانهن هوڏانهن ٽڙي پکڙي وئي ۽ پاڻ ان طرف ڪو به ڌيان نه ڏنائين. شايد مون کان به وڌيڪ کيس تڪڙ هئي. قميص لهڻ شرط سندس بدن جي سرهاڻ سڄي ڪمري کي ائين مهڪائي ڇڏيو. ڄڻ پرهه ڦٽيءَ جو ماڪ ڀنل رابيل جي سرهاڻ، پاڻ سندس شرٽ ۽ جينس لاهي کڻي ڪرسي تي رکيائين ته ڄن چوڏهين جي چنڊ جي روشني ڪمري ۾ پکڙي وئي. سندس ڊگهي ڳچي ۽ ويڪري ڇاتي من کي موهي ڇڏيو. مون کيس ڀاڪرن ۾ پڪوڙي ڳچي کان وٺي، دُن تائين چميو ۽ چٽيو ته پاڻ مدهوش ٿي وئي ۽ سندس ڳچيءَ جون نسون پڙڪڻ لڳيون. مون سندس ڪن ۾ آهستي چڪ پاتو ته پاڻ هوش وڃائي ويهي رهي ۽ سندس اندر جي اُڏام کيس آهستي آهستي آڻي منهنجي ڪڇ ۾ ليٽايو. سندس ڪنڌ هيٺ لڙڪي پيو ۽ سندس وار هيٺ جهومي رهيا هئا. آئون ڪيترو وقت سندس خماريل نيڻن کي ڏسندو رهيس. انهيءَ کان اڳ پاڻ باٿ روم مان باڊي پرفيوم هڻڻ سان گڏ سندس مڌمتي لبڙن تان لالاڻ لاٿائين. پر اڃا تائين سندس لبڙن مان ڀيني ڀيني خوشبوءِ اچي رهي هئي. مون ڏٺو ته جڏهن سندن جي اردگرد چمڙي سخت ٿيڻ لڳي ۽ سندس چپ ڦڪي مرڪ سان ڀڙڪڻ لڳا ته مون کڻي کيس پنهنجي ڀاڪرن ۾ ڀيڙيو ۽ ائين اسان جا انگ انگن سان ملي هڪ ٿي ويا ۽ مون ڏٺو ته سندس اندر جي اُڃ ۾ سندس شرير ٻري رهيو هو ۽ سندس جواني موجون ماڻڻ لاءِ مانڌي ٿي رهي هئي. جڏهن سندس شرير جا چنڊ ستارا گردش مان نڪري ٻاهر آيا ته هوش ٺڪاڻي آيس ۽ ائين پاڻ ڪرسيءَ تي رکيل سندس پينٽ ۽ پوني کڻي باٿ روم ڏانهن رواني ٿي. مون ڀر ۾ رکيل گلاس کڻي هڪ تڪ سان ختم ڪري ڇڏيو. جنهن ۾ اڃان به ٿورو فرينچ ريڊ وائين پيل هو. جيڪو نسرين آندو هو. نسرين جينس ته باٿ روم مان پائي آئي پر شرٽ منهنجي اڳيان اچي وڌائين. پان ٽيهن سالن کن جي ٿيندي، پر پاڻ عمر کان ننڍي لڳي رهي هئي. جيئن يورپ ۽ آمريڪا ۾ هر عورت لڳندي آهي. بٽڻ پائيندي مون کي ڏوراپو ڏيندي چيائين ته اڳ به تون هت اسان جي هوٽل ۾ اچي رهيو هئين ۽ آئون تنهنجي ڪمري ٻاهران اچي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيهندي هيس ۽ تو سان ڪچهري ڪندي هيس ۽ تنهنجي چوڻ تي تنهنجي لاءِ پنهنجي هٿن سان ڪافي ٺاهي ايندي هيس (پر اهو ڪو نه چيائين ته ان ڪافي جا پئسا بل ۾ ڪو نه لڳائيندي هيس) اهو سڀ ڪجهه تون سمجهي ڪو نه سگهين. يا منهنجي چهري جي ڪتاب جا پنا اٿلائڻ ڪو نه ٿي چاهي. يا مون کي ٻي وقت لاءِ ٽاري رکيو هئي. مون سواءِ ڪو به جواب ڏيڻ جي کيس ڪرسيءَ تان کڻي اچي. پنهنجي پلنگ تي ليٽايو. سندس شرٽ لاهي مٿان کڻي بستري جي چادر وڌيم ته پاڻ کلي چيائين ته اڳوڻا پراڻا حساب برابر ٿو ڪرين ڇا؟ مون کڻي کيس پيل ڀاڪر ڍرا ڪيا ته پاڻ ٽپ ڏئي پلنگ تان اٿي شرٽ پائڻ لڳي. پاڻ بيحد حسين هئي ۽ سندس فيشني انداز لنڊن وارو هو. جنهن کي ڏسندي مون کي هي بيت ياد اچي ويو.
    ڪيا رات تهي، ڪه اڪ ڪهاني مين ڪٽ گئي.
    سندس سونهن سوڀيان کي ڏسي مون کي روسي صدر گروميڪو جي سوانح حيات جا هي لفظ ياد اچي ويا. جيڪي هن حسين عورت لاءِ استعمال ڪيا هئا. ”ته هڪ هزار ڊارون Darwin ۽ نفسياتدان به عورت جي خاص خويبن جي وضاحت نٿا ڪري سگهن. اهو پڻ فطرت ۽ قدرت جو هڪ راز آهي.“ جنهن کي سمجهڻ انساني عقل کان زور آهي. پاڻ اهو چئي ته جلدي ٿي اچان ڪمري کان ٻاهر هلي وئي، سندس بنگلي نما هوٽل ۾ ڪم ڪندڙ هڪ انگريز پوڙهي عورت ڪمرو ناڪ ڪري مونکي هڪ ٽيپ رڪارڊ آڻي ڏنو جنهن جو بٽڻ آن ڪيم هي گانو وڄڻ لڳو.
    چلتي چلتي موهي ڪوئي مل گيا تھا سر راه...
    نسرين جي الھڙ جواني ۽ فرينچ ريڊوائين جي مدهن مون کي هڻي ٽُن ڪري ڇڏيو. نسرين ڪافي دير کان پوءِ فون ڪيو ۽ پاڻ ٻڌيائين ته آئون هينئر گهر ٿي وڃان ۽ سڀاڻي پنهنجي ڪار کڻي اينديس پوءِ ٻاهر گهمڻ هلنداسين. آئون اها سڄي رات نسرين جي ڪمري ۽ بستري تي ڇڏيل خوشبوئن جو واس وٺندو رهيس ۽ ائين سوچن سوچن ۾ ننڊ اچي وئي. صبح سوير ٻاهر سنهي سنهي ڦوهار پئجي رهي هئي ۽ آئون دريءَ جو پردو هٽائي ڪافي دير اهو نظارو ڏسندو رهيس. هونئن به يورپ ۾ بوندون بس نه ڪن وارو لقاءُ لڳو پيو آهي. سڄو ملڪ سر سبز هو تنهن مٿان سهڻا وڏا وڏا وڻ هر هنڌ قسمين قسمين ڪيترن رنگن جا گل جن کي ڏسيو روح کي راحت پئي اچي. تقريباً ساڍي يارهين ڌاري نسرين پنهنجي ننڍي ڪار کڻي آئي. مون کي چيائين ته توهان تيار ٿيو ته پاڻ ٻاهر ٿا هلون. تيسين آئون به هوٽل رسيپشن تان ٿي اچان ٿي. آئون تيار ٿي ٻاهر ڪار جي ڀر ۾ اچي نظارا ڏسڻ لڳس ته پاڻ به اچي ڪار جو دروازو کولي ڪار ۾ ويٺي ته آئون به ڪار جو دروازو کولي اچي ڪار ۾ ويٺس ۽ ائين ڪار لنڊن جي رستن تي ڊوڙڻ لڳي. مون کي چيائين ته لنڊن ۾ ڇا ڇا گهميو آهين؟ مون چيس ته گهڻو ڪري سڄو لنڊن گهميل آهي. پوءِ پاڻ مون کي چيائين ته ڪيو گارڊن ڏٺو اٿئي. مون چيس ته ڪيو گارڊن گهمڻ ته پري پر مون ته انهيءَ جو نالو ئي ڪو نه ٻڌو آهي. پاڻ سندس ڪار جو رخ انهيءَ باغ ڏانهن ڪيائين جيڪو لنڊن ته ڇا پر سڄي دنيا ۾ قائم گارڊنس ۾ پنهنجي نوعيت ۾ نرالو باغ آهي. اسان ڪافي دير لنڊن جي رستن تان هلندا اچي انهيءَ باغ ڀيڙا ٿياسين. اسان ڪار مان لهي ڪار پارڪ ڪري اندر وڏي قطار ۾ بيهي ٽڪيٽ خريد ڪري پوءِ دنيا جي عجيب غريب باغ اندر گهمڻ لاءِ داخل ٿياسين.
    ڪيو باغات (Kew gardens) کي اڳي رائيل باٽينڪ گارڊنس سڏيندا هئا. اهي باغات اڳوڻي شاهي جاگير جنهن جو نالو ڪيو Kew هو. هي جاگير لندن شهر مان وهندڙ ٿيمس نديءَ جي ڪناري سان ملحق برگ آف رچمونڊ Berough of Richmond علائقي ۾ واقع آهي. هنن باغن جو وجود ڪيو جاگير ۾ ذاتي ملڪيت جي حيثيت سان سورنهن صدي عيسويءَ کان قائم آهي. هنن باغن واري زمين ويلس جي شهزادي فريڊرڪ لوئيس ۽ شهزادي آگسٽا، ڪيپل گهراڻي وارن کان سن 1731ع ۾ حاصل ڪئي. جتي هنن 1759ع ۾ ولايتي ٻوٽن جا باغ پوکايا. سن 1969ع ۾ هنن باغن ۾ 3400 چوٽيهه سئو قسمن جا بوٽا موجود هئا. سر جوزف بينڪس جي انتظام هيٺ هتي دنيا ڀر جي چونڊ ٻوٽن ۽ وڻن جي پوکي سان باغن ۾ واڌارو ٿيو ۽ اهي دنيا ۾ مشهور ٿي ويا. سر جوزف بينڪس 1772ع کان 1819ع تائين منتظم رهيو. تنهن کان پوءِ سن 1841ع کان 1865ع تائين سر وليم ۽ پوءِ سندس پٽ جوزف ڊالٽن باغن جا ڊائريڪٽر رهيا.
    سندن دور ۾ هي باغ سائنسي تحقيق جو مرڪز ٿي پيا ۽ دنيا جي ناياب وڻن ٻوٽن جي هتي ڏي وٺ ٿيڻ لڳي. سن 1840ع ۾ هنن باغن کي قومي ملڪيت ۾ شامل ڪيو ويو. ويهين صديءَ جي شروعات ۾ باغن جي ايراضي وڌائي 300 ايڪڙ ڪئي وئي.
    رٻڙ جي صنعت لاءِ ڪم ايندڙ وڻن ٻوٽن جي پوک به هنن باغن ۾ شروع ڪئي وئي هئي. مون ۽ ڊاڪٽر راڄي مرحوم هن کان اڳ سريلنڪا جي شهر ڪيئنڊي ۾ ڪيئي رٻڙ جا وڻ ۽ ان مان ٺهندڙ رٻڙ ڏٺا هئا. جيڪي رٻڙ جي ڪارخانن ۾ ٿي ٺهيا. هي باغ اڃا تائين وڻن ٻوٽن جي سڃاڻپ ۽ تعارف ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا ۽ انهن جي نرسري طور موجود آهن. هنن باغن ۾ 33400 زنده وڻن ٻوٽن جا قسم ۽ سندن سائنسي احوال موجود آهي. هتي هڪڙو سائنسي اصولن تحت ٺهيل گودام آهي. جتي تقريباً ستر ملين سڪل ٻوٽا محفوظ ڪري رکيا ويا آهن. جيڪو دنيا ۾ موجود سمورن ٻوٽن جو تعداد جو اٽڪل 98 سيڪڙو ٿيندو. هتي هڪڙو ڪتبخانو به قائم ڪيو ويو آهي. جتي وڻن ٻوٽن بابت هڪ لک ٽيهه هزار ڪتاب رکيل آهن. يعني سنڌالاجي جي لئبريري جيترا ڪتاب، رسالا، جريدا، پمفليٽ، ڇپيل مواد، تصويرون ۽ يادگار شيون اڃا جدا پڙهڻ وارن جي لاءِ موجود آهن. هنن باغن ۾ گرم علائقن وارا ڪيترائي ناياب ۽ عمدي قسم وارا وڻ ٻوٽا پوکيل آهن. جن ۾ ٽراپيڪل آرڪڊس، ٽراپيڪل سڪولينڊس ٽراپيڪل فرنس ۽ ٻيا آسٽريليا وارا وڻ ٻوٽا مکيه آهن. سن 1965ع کان هتي باٽنيڪل آئوٽ اسٽيشن، ويڪهرسٽ پليس وٽ، ويسٽ سُسيڪس نالي قائم آهي.
    سن 1974ع ۾ ڪيو باغن ۾ هڪ سيڊ بينڪ ته شامل ڪئي وئي آهي، پر پنهنجي سنڌ سيڊ ڪارپوريشن وانگي نه جت سيڊ ئي نه ملي.
    سن 1761ع ۾ سر وليم چيمبرس نارنگين پوکڻ لاءِ جارجيا جي عمارت سازيءَ موجب هڪڙي عمارت جي ڊيزائين تيار ڪئي هئي. ان سان گڏ هڪ چيني مذهبي عمارت پيگوڊا نالي، 163 فوٽ اوچو ٽاور ۽ ٻيون ڪيتريون يادگار شيون هتي جوڙايون هيون. هنن باغن ۾ نئين اڏاوتن ۾ سن 1887ع ۾ ويلس جي شهزاديءَ واري ڪنزرويٽر، سن 1990ع ۾ سرجوزف بينڪس سينٽرفارم اڪنامڪ باٽني ۽ وزيٽرس سينتر سن 1992ع ۾ ٺهي راس ٿيا.
    ڪيو باغن ۾ هڪڙو نئون جاپاني طرز وارو باغ سرڪاري طور تي سن 1996ع ۾ کوليو ويو آهي. جيڪو نسرين مونکي ڏاڍي شوق سان ڏيکاريو. اسان هت ڪافي هڪ ٻئي جا فوٽا ڪڍيا، ڪيو باغات جي اداري طرفان ڇپجندڙ مواد ۾ ”ڪيو بوليٽن“ هر ٽن مهينن ۾ ڇپجي ٿو ۽ ٻيو ”ڪيوسائيٽيسٽ“ ٻن سالن ۾ هڪ دفعو ڇپجي ٿو. شامل آهن. تنهن کانسواءِ انڊيڪس ڪيوئينسس Index kewensis نالي هڪ ٻيو به جريدو هن اداري طرفان شايع ٿئي ٿو. جنهن ۾ پوري دنيا جي وڻن جو رڪارڊ محفوظ ڪيو وڃي ٿو. مون اُهي سڀ ڪتاب خريد ڪيا، جيڪي اُتِ سٺي ڊسڪائونٽ تي مليا ٿي.
    باٽنيڪل گارڊن بحيثيت هڪ اداري جا بنياد قديم چين ۽ رومي سمنڊ جي ڪناري سان آباد ملڪن ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اهي اوائلي نباتاتي ادارا ميون، ڀاڄين ۽ ٻين اهڙن ٻوٽن جي افزائش جا مرڪز هئا جن وڻن ۽ ٻوٽن مان انساني غذا ملي ۽ دوائون ٺاهڻ لاءِ ڪم اچن، مون ڏٺو آهي ته يورپ ۽ آمريڪا ۾ اڄڪلهه هربل دوائون وڏي تعداد ۾ استعمال ٿين ٿيون. ڇاپخانن جي ايجاد کان پوءِ انهيءَ دور ۾ صدين کان موجود انهن وڻن ٻوٽن بابت لکڻين جي وڏي پيماني تي اشاعت ٿي جنهن ڪري دلچسپ ٻوٽن جي اشتهارن جي اشاعت ۾ بي پناهه اضافو ٿيو. انهن اشتهارن کي هربل سڏيندا هئا. هربل ۽ انهن جي ڇپائيندڙ مٿين صورتحال جي ردعمل طور باٽنيڪل گارڊن قائم ڪرڻ واري عمل جي لاءِ همٿايو. سورهين صديءَ جي آخر ۾ سڄي يورپ ۾ اهڙا پنج گارڊن هئا ۽ ويهين صديءَ جي وچ ڌاري ڪئين سئو تائين وڌي ويو. انهن ۾ سڀ کان پهرين ٻه اٽلي ۾ قائم ڪيا ويا. هڪڙو سن 1543ع ۾ پيزا (Pisa) شهر ۾ ۽ ٻيو سن 1545ع ۾ پائوڊا Pouda شهر ۾ قائم ڪيو ويو. شروعات ۾ اهڙا باغيچا يونيورسٽين جي ميڊيڪل اسڪولن سان لاڳاپيل هئا. طب جا ماهر وقت جا نباتاتي ماهر پڻ هئا. انهن باغيچن ۾ شاگردن کي انهن وڻن ٻوٽن پوکڻ ۽ منجهائن دوائون ٺاهڻ جي سکيا ڏني ويندي هئي.
    سورهين صديءَ جي مشهور نباتاتي ماهر ڪيرولس ڪِلوسيئس Carolus Clucius ليڊن شهر ۾ قائم باٽنيڪل گارڊن ۾ فلاورنگ بلب Flowering bulb نالي هڪ ٻوٽي پوکي جنهن ڪري ڊچ بلب انڊسٽري جي شروعات ٿي. سن 1800ع جي شروع ۾ سئٽزرلينڊ جي ماهر طب ۽ نباتات لکيو ته ارڙهين صديءَ جي آخر ۾ يورپ ۾ 1600 باٽنيڪل گارڊنس هئا. ارڙهين ۽ اوڻهين صدي دوران علم نباتات پنهنجي سڌريل صورت اختيار ڪئي ۽ نباتات علم جا ماهر انهن باغيچن جا منتظم هئا.
    انهيءَ کانپوءِ انهن باغيچن جي اڳوڻي روايتي حيثيت جنهن دوران اُتي طب ۽ نباتات بابت سکيا ڏني ويندي هئي. اها حيثيت تبديل ٿي ۽ انهن جي حيثيت فقط باغبانيءَ واري وڃي رهي. جتي گلن ۽ ٻي خصوصيت وارن ٻوٽن جي نمائش ۽ افزائش ٿيڻ لڳي.
    اهڙن هنڌن تي زنده وڻن جي ڪثرت ۾ موجودگي پيشيور ماهرن جي لاءِ زبردست ذريعو آهي، پر عام ماڻهن جي سکيا جو به. اهي باغ بهترين وسيلو آهن، ته ڪجهه اهڙن باغن ۾ مختلف وڻن جي پوکي ۽ سنڀال بابت ٻارن توڙي بالغن لاءِ پڻ مختصر نصاب پيل آهي. هنن باغن ۾ وڻن ۽ ٻوٽن جو جيڪو ذخيرو موجود آهي. انهيءَ ۾ ٻوٽن جي نوَن قسمن ۽ جنسن ٺاهڻ واري صلاحيت موجود آهي. ڪينٽ اسڪوائر جي ويجهو لانگ وُڊ گارڊنس وارن آمريڪي زراعت کاتي جي ساٿ سان قدرتي طور سهڻن ٻوٽن کي گڏ ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي مهمون هلايون آهن. جيئن ته گلدار سهڻن ٻوٽن جون نيون جنسون ٺاهي سگهجن.
    تاريخي طور تي انگلينڊ جي ڪيو وارن رائل باٽنيڪ گارڊنس کي اقتصادي ٻوٽن ۽ وڻن کي ڳولي لهڻ ۽ انهن کي دنيا جي انهن علائقن ۾ پهچائڻ جي انهن جي افزائش سٺي ٿئي ٿي. وڏي شهرت حاصل ڪئي.
    اسان کي هت گهمندي ڦرندي ڪافي وقت ٿي ويو. مون نسرين کي چيو ته بک پئي لڳي پاڻ چيايائين ته ٿوري مفاصلي تي هوٽل آهي. اُت ٿا هلي لنچ ڪريون، اسان هوٽل تي پهچي باٿ روم مان فريش ٿي ماني وٺي اچي ٻاهر ڇٻر تي کاڌي. هوٽل اندر ۽ ڇٻر تي ويٺل سياح هزارن جي انگ ۾ هئا پر سڀني ماني ڪا نه ٿي کاڌي، ڪي ٺلها ويٺا ڪچهريون ڪندي به ڏسڻ ۾ آيا، اسان به هڪ خوبصورت گلن سان ٽمٽار وڻ جي هيٺان ويهي ماني کائڻ لڳاسين. انگلش طرز سوپ اندر گوشت جا ننڍا ٽڪر پيل هئا ۽ سوپ ڏاڍو لذيذ هو ۽ ماني پڻ لذيذ هئي. ماني نسرين پنهنجي پسند مطابق ورتي هئي ۽ سوپ منهنجي پسند جو هو. ماني کائي ڪجهه دير آرام ڪري پوءِ وري باغ گهمڻ شروع ڪيوسين. ڇو ته هي باغ ايڏو ته وڏو هو جو هن کي گهمڻ لاءِ هڪ ڏينهن نه پر ڪئين ڏينهن جي ضرورت هئي. ڪيو باغن جي اها به ذميواري آهي ته هيٺ ڄاڻايل وڻن ۽ ٻوٽن جي شهرت پيدا ڪري. انهن کي دنيا ۾ پکيڙيو وڃي.
    مثلاً: رٻڙ، پائين ايپل، ڪيلو، چانهه، ڪافي، ڪڪائو، سنڪونا جنهن مان ڪونئين ٺهي ٿي ۽ ٻيا ڪيترائي وڏا وڻ جن جو ڪاٺ عمارت سازي ۽ فرنيچر وغيره ۾ ڪم اچي ٿو. باٽنيڪل گارڊنس ۾ هڪڙو ٻيو ته اهم ڪم ٿئي ٿو ته اتي ماڻهن کي باغباني جي سکيا ڏني ويندي آهي. ڪيناڊا وارن نياگرا آبشارن وٽ قائم باغبانيءَ جي اسڪول ۾ ڪافي وقت کان اهڙي سکيا جو بندوبست ڪيو آهي.
    ڪيو، ايڊن برگ، ڊبلن ۽ رمسليءَ ۾ قائم باغن ۾ قائم سکيا جي مرڪزن ۾ گهڻا باغبان تيار ٿيا آهن. جيڪي گهڻن ملڪن ۾ باغبانيءَ جي ادارن ۾ ڪم ڪن پيا. پاڻ وٽ به ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ گلن جون نمائشون ٿين. ۽ اُت ليڪچر به گلن جا ماهر ڏين مون به جناح باغ ڪراچيءَ ۾ اهڙا ليڪچر ٻڌا آهن. باغن جي بناوت حيثيت ۽ سهولتون سائنسي بنيادن ۽ اصولن موجب پوکيل باٽنيڪل گارڊنس ۽ عام باغيچن ۽ پارڪن ۾ وڻ ٻوٽا نمائش ۽ تفريح خاطر پوکجن ٿا، پر سائنسي باغيچن ۾ وڻ، ٻوٽا تعليم تحقيق ۽ سکيا خاطر پوکيا وڃن ٿا.
    مثلاً: ڪنهن خاص قسم، گروپ، فئملي يا خاندان جا وڻ ۽ ٻوٽا خاص هنڌن تي پوکيا وڃن ٿا ته جيئن انهن جو اڀياس سولائي سان ڪري سگهجي. سائنسي باغيچا ٻوٽن جي اصل طبعي ماڳ موجب پڻ پوکجن ٿا. عموماً وڏن پارڪن جي وچ ۾ مختلف گلن جهڙوڪ: گلاب، اِرِس راڪ، وائلڊ فلاور وغيره. جون اڪثر و بيشتر ٻاريون تفريح طور پوکيل هونديون آهن. سائنسي باٽنيڪل گارڊنس جي پکيڙ گهٽ وڌ هوندي آهي. ڪي ننڍا ڪجهه هيڪٽرن تي مشتمل ته ڪي وري سوين ايڪڙن تي پوکيل هوندا آهن.
    جيتوڻيڪ هنن باغن جي منصوبن ۽ نقشن ۾ ٻوٽن جي سندن نسلن ۽ سندن مزاج موجب پوکيءَ جي ترتيب جو امڪان موجود آهي. پر ڪي اهڙا گل جهڙوڪ، گلاب جنهن جا هٿرادا سوين قسم آهن، جيڪي سونهن خاطر نمائشن موجب پوکجن ٿا. مگر عام قائدن موجب ٻوٽا نسلي گروهه بنديءَ موجب پوکجن ٿا. عموماً سائنسي باغيچن سان گڏ نمائشي باغ يا گرين هائوس پڻ قائم ڪيل آهن، جن وسيلي انهن وڻن ٻوٽن جي مشهوري ڪئي وڃي ٿي. جن تي موسمي تبديليون ۽ اثرات گهٽ ٿين ٿا. پوري پُني آبهوا وارن علائقن ۾ جتي سياري ۾ ٿڌ گهڻي ٿئي ٿي. اتي ٽراپيڪل آرڪڊ ٻوتاٽ گرين هائوس ۾ پوکجن، هنن گلن سان گڏ ٽراپيڪل فرن بروميليئڊ، ڪيڪٽي ۽ ٻيا، سڪولينٽس، آفريڪي وايوليٽس بيگونياس ۽ ڪوسي قمر بند وارا اقتصادي ٻوٽا پڻ گرين هائوس ۾ پوکجن ٿا.
    هاٽ بيڊس توڙي گرين هائوس نرسري يعني، ٻيجارڻ طور استعمال ٿين ٿا ته جيئن گرمي جو درجو وڌي ته انهن ٻوٽن کي کليل فضا ۾ لڳائجي.
    اسان هڪ اهڙي ڪمري ۾ وياسين جيڪو ڏاڍو گرم هو ۽ مونکي گرمي ۽ مُنجهه محسوس ٿي رهي هئي.
    مون ڏٺو ته نسرين جو انگ انگ پگهر ۾ شم ٿي ويو هو، پر پاڻ ڪڇي به ڪانه ۽ آئون جلد کيس اتان ٻاهر ڪڍي وري ٻئي هنڌ وٺي ويس ۽ تازي گلاب وانگر وري ٽڙي پئي. هت جنهن سائنسي باغيچي ۾ وڏن وڻن جي افزائش ٿئي ٿي. اتي اهڙن سائنسي گدامن جي به ضرورت ٿئي ٿي. جتي ٻجن ۽ ٻيجارن لاءِ سندن مزاج موجب گرمي جو درجو مهيا ڪري سگهجي. مناسب ٿڌ وارا گدام اهو مقصد پورو ڪري سگهن ٿا ۽ نازڪ ٻوٽن کي گهڻي ٿڌ کان بچائي سگهن ٿا. ڪاٺ جي سنهن تختن سان ٺهيل گرهن ۾ پڻ گهڻي اس نه سهندڙ ٻوٽا رکي سگهجن ٿا. ڪيترن ئي باغيچن ۾ هربيريا (Herberia) يعني اها جاءِ جتي سڪل ٻوٽن جا هزارين گل، پن، ڏانڊيون ڪاغذ يا گتي جي شيٽن تي لڳائي رکن ٿا. موجود آهن. انهن ٻوٽن بابت معلومات سندن ڪاغذن تي ڏنل آهي ته هن جو نالو ۽ قسم ڪٿان لڌو ويو ۽ سائنسي نالو به ڄاڻايل هوندو آهي. انهن ٻوٽن وارن ڪاغذن کي شوڪيسن ۾ سندن قسمن ۽ نسل موجب نمائش لاءِ رکيل آهي. جيئن ته انهن بابت اڀياس ۽ تحقيق ڪرڻ وارن کي به آساني ٿئي. اهي سڪل ٻوٽن وارا گهر ٻوٽن جي لائبريري يا لغات جي حيثيت جا حامل آهن. جيڪي وڻن ۽ ٻوٽن بابت تمام گهڻي ڄاڻ مهيا ڪن ٿا. يونيورسٽين سان واڳيل سائنسي باغيچن ته مخصوص، لائبريريون، هربيريا ۽ تجربيگاهون موجود آهن. جيڪي نباتات جي ماهرن جون تقاضائون پوريون ڪن ٿا.
    ڪجهه سائنسي باغيچن ۾ باغباني ۽ گرين هائوس بابت پڙهائي لاءِ ڪلاس روم پڻ آهن. جتي مذڪور سکيا ڏني وڃي ٿي. اتي باغباني جو رجحان وڌڻ لڳو آهي. اڪثر وڏن باٽنيڪل گارڊنس طرفان سائنسي ٽيڪنيڪل توڙي عام دلچسپي جا حامل جريدا ۽ رسالا وغيره شايع ٿيندا آهن. ۽ ڪي وڏا باغيچا ته ڪتاب ۽ فلمون به تيار ڪرائيندا آهن. اهو آهي هت گلن وڻن جو قدر.
    اسين وچينءَ ڌاري هن گارڊن مان ٻاهر نڪتاسين ۽ ٻاهر نڪري ڪار ۾ چڙهي اچي پنهنجي هوٽل پهتاسين، مون پنهنجي ڪمري تي ٿورو آرام ڪري چانهه پي پوءِ ڀوراڻي کي فون ڪيم، پاڻ چيائين ته توهان هت منهنجي گهر اچو ته پوءِ رات جو ڪلب هلنداسين. آئون هوٽل مان ٻاهر نڪري پنڌ ٽيوب اسٽيسن پهتس جت ٽڪيٽ وٺي ٽيوب ۾ چڙهي ڀوراڻيءَ جي گهر پهتس، ڀوراڻي منهنجي انتظار ۾ ويٺو هو.
    پاڻ ٻڌايائين ته مون پنهنجي هڪ دوست کي فون ڪئي آهي، جيڪو پهچڻ وارو آهي. اهو هت ڪيترن ڪلبن جو ميمبر آهي ۽ اهو پاڻ کي به اتي وٺي گهمائي ڦيرائي سگهي ٿو. ٿوري دير ۾ ڀوراڻي جو اهو دوست جيڪو هندستاني هندو هو ۽ سندس نالو گپتا هو. ۽ پاڻ انگلينڊ جو شهري هو ۽ رٽائر زندگي ٿي گذاريائين. ڪافي امير ماڻهو هو. ڀوراڻي منهنجو ساڻس تعارف ڪرايو. پاڻ اسان کان پاڪستان جي باري ۾ ڪافي معلومات ورتائين. ۽ پاڻ ٻڌايائين ته هندستان ۽ پاڪستان جي جهڳڙي هڻي ٻنهي ملڪن جا لاهه ڪڍي ڇڏيا آهن ۽ اسان انگلينڊ ۾ رهندڙ هندستاني ۽ پاڪستاني چاهيون ٿا ته ٻنهي ملڪن ۾ اها ڪشمڪش ختم ٿئي. مون کيس چيو ته اهو جهيڙو انگريزن جي حڪمت عملي هئي. جيڪو هو هر غلام ملڪ ۾ ملڪ ڇڏڻ وقت ڪري ويا آهن. اهو جهيڙو نه رڳو هندستان ۽ پاڪستان پر هر انهيءَ جڳهه نظر ايندو جت انگريز حاڪم رهيا آهن. مثلاً: هندستان، پاڪستان، مڊل ايسٽ، جتي عراق جو هڪ ننڍو تيل وارو ٽڪرو ڪٽي ڪويت ٺاهون. اردن، شام، مصر وچ ۾ اسرائيل قائم ڪيئون ۽ فلسطين جي ملڪ واري ڀاڱي تي اردن جي حاڪم عبدالله کي چئي انهيءَ تي قبضو ڪرايائون. ۽ ترڪي کي به ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيئون. ۽ انهيءَ جي مقابلي ۾ ٻين يورپي قومن جت جت ڪالونيون قائم ڪيون، اُت نه رڳو ملڪن کي ٺاهيو ۽ امن قائم ڪيو، پر ملڪ ڇڏڻ مهل به اُت اهڙي نموني ملڪ کي آزاد ڪيو، جو دنيا ۾ ڪٿ به جهيڙو فساد ڪونهي. انهيءَ جي مقابلي ۾ انگريز ڄاڻي واڻي پٺيان فساد ۽ جهيڙي جو اهڙو ته بنياد وجهي ويا، جو اهي ملڪ اڃا پيا لوڙهين. گڏيل هندستان ۾ انگريزن بنگال تي جدا ته ميسور تي جدا ته سنڌ پنجاب تي جدا جدا قابض ٿيا هئا، پر ملڪ ڇڏڻ مهل جدا جدا رياستن ۽ ملڪن کي ڳنڍي مصنوعي سرحدون ٺاهي صرف پنهنجي مفاد خاطر جيئن ڪرڻو هئن، تيئن ڪري هليا ويا. ڪشمير کي زوريءَ هندستان سان شامل ڪري سوا سئو ڪروڙ ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ويا. جي ڪشمير پاڪستان سان شامل ٿئي ها ته ڇا ٿي پوي ها. پر صرف نهرو جي ضد جي ڪري اهو سڀ ڪجهه ٿيو ۽ لارڊ مائونٽ بيٽن پنهنجي زال جي ڪري اهو سڀ ڪجهه ڪيو. ڇو جو مائونٽ بيٽن جي زال نهروءَ جي دوست هئي. هنن جي اها سنگت تڏهن کان هئي جڏهن مائونٽ بيٽن سينگاپور ۾ نيوي جو ڪمانڊر هو ۽ هندستان جي آزادي کان پوءِ به جڏهن به نهروءَ لنڊن ويندو هو ته ليڊي مائونٽ بيٽن جي گهر وڃي رهندو هو. اهو سربستو احوال خشونت سنگهه پنهنجي آتم ڪٿا ۾ تفصيل ساڻ بيان ڪيو آهي نه رڳو نهروءَ جو اهو احوال، پر ٻيو به گهڻو ڪجهه لکيو اٿس. اسان گپتا جي ڪار ۾ لنڊن جي رات واري روشنين ۾ سهڻن رستن ۽ چوڪن تان ڦرندا گهرندا وڃي رهيا آهيون. لنڊن جي نائيٽ لائيف پنهنجي رنگينين جي ڪري سڄي دنيا ۾ مشهور ۽ بدنام آهي جنهن ۾ لنڊن جو ٿئيٽر ۽ پب جو ته سڄي دنيا ۾ جوڙ ۽ ثاني ئي ڪونهي. جيتوڻيڪ پب يارهين بجي بند ٿي ويندو آهي، پر انگلينڊ جو پب سڄي دنيا ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. جنهن جو ٻئي ڪنهن ملڪ ۾ مثال ئي ڪونهي. انهيءَ کانسواءِ لنڊن جي نائيٽ لائيف ۾ به ميوزڪ ۽ ڊانس جي وڏي ڌوم متل هوندي آهي. جنهن ۾ لنڊن جون ڇوريون ۽ ڇورن کانسواءِ دنيا جا سياح ڀرپور نموني حصو وٺن. خاص ڪري لنڊن جي سنڊي نائيٽ ته کٽندي ئي ڪانهي، وڃي صبح ٿئي. گاڏي گپتا هلائي رهيو هو،آئون ۽ ڀوراڻي گاڏي ۾ پٺيان ويٺا هئاسين. گپتا سان اڳيان گاڏي ۾ به ڀوراڻي جو دوست اعظم ويڍل هو. جيڪو هت سروس ۽ بزنس ڪندو آهي. گپتا اسان کي جتان جتان ٿي لنگهياسين اتي جا حال احوال ۽ معلوامت ٻڌائيندو ويو ۽ ڀوراڻي رڳو گوڊ، گوڊ، گوڊ (Good, Good, Good) چوندو ٿي ويو. اعظم ۽ آئون رڳو. سُر ۾ سُر ملائيندا اڳتي وڃي رهيا هئاسين. تان جو وڃي پنهنجي منزل انهي ڪلب جي اڳيان گاڏي مان لٿاسين. اسان جي گاڏي مان لهڻ شرط هڪ همراهه گپتا کان چاٻي وٺي اسان جي ڪار وڃي پارڪنگ ۾ بيهاري ۽ اسان ڪلب ۾ داخل ٿياسين. هي لنڊن جو ڪلب پنهنجي حيدرآباد جي جيم خانا ڪلب يا ڪراچي جي سنڌ ڪلب، ڪريڪ ڪلب، جيم خانا ڪلب يا ڪراچي ڪلب کان گهڻو ننڍو پر سندس بلدنگ پنج ڇهه ماڙ ۽ تمام وڏي بلڊنگ هئي. جنهن جي هر فلور تي ڪافي رش هئي ۽ تمام سهڻو سينگاريل هو. جنهن ۾ عورتون ۽ مرد راندين ۽ ٻين محفلن ۾ مصروف هئا. گپتا اسان کي سڄو ڪلب هر هر فلور ڪري ڏيکاريو. ڪلب اندر به هڪ دنيا لڳي پئي هئي. گپتا اسان کي ڊرنڪ ۽ ماني به پنهنجي طرفان انهيءَ ڪلب ۾ کارائي ۽ پاڻ اسان کي ڪلب جي اسٽاف ۽ دوستن سان هر هنڌ ٿي تعارف ڪرايو. پاڻ هن ڪلب جو پراڻو ميمبر هو. ڀوراڻي اسان کي گهڻا سال اڳ هن ڪلب ۾ وٺي آيو هو. پر انهيءَ وقت اسين تمام ٿورو وقت ڪلب ۾ گهميا هئاسين، پر هن دفعي اسان تمام گهڻو وقت هن ڪلب ۾ گذاريو. هت:
    راڪ جاز Rock Jaz
    بليو ڊسڪو Blues Disco
    ۽ ٻين ڪيترن قسمن جي ميوزڪ ۽ ڊانس جو بندوبست هو، پر اڄڪلهه جي اليڪٽرانڪ انٽرومينٽ جي اچڻ جي ڪري راڳ ۽ سنگيت ۾ گوڙ وڌي ويو آهي. جنهن ڪري ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه ٿي اچي، پر وٺ رينگٽ واري ماجرا لڳي پئي آهي. هت پاڪستان ۾ به توهان ڊجيٽل سيٽ لائيٽ چئنلس تي اهي سازن جا قسم ڏسي ۽ ٻُڌي سگهو ٿا. پر انهن جو آواز ته توهان جي ڪنٽرول ۾ آهي گهٽ ڪريوس يا مٿي اها اوهان جي پنهنجي مرضي آهي، پر هت ڪلبن يا نائيٽ ڪلبن ۾ ته هو پنهنجي مرضيءَ جا مالڪ آهن. اسان رات جي پونئين پهر هتان روانا ٿي اچي ڀوراڻي جي گهر پهتاسين. آئون به ات ئي سمهي رهيس صبح دير سان اٿياسين، پر ڀوراڻي اڃا ستو پيو هو. مون چانهه هت پيتي پوءِ ٽيڪسي ڪري پنهنجي رهائش واري هوٽل پهتس ۽ وهنجي سهنجي ڪپڙا بدلائي اخبار کڻي پڙهڻ ويهي رهيس. آمريڪا ۽ يورپ جي اخبارن پڙهڻ جو به هڪ نشو آهي ۽ ٻين نشن مان ته ماڻهو جان ڇڏايو وڃي، پر هي نشو جيئن پوءِ تيئن وڌندو ويندو ۽ چڙهندو ويندو. انسان ڪٿ به هجي پر جي ڪڏهن اخبار نه ملي ته سمجهو ته زندگيءَ جي ڊائريءَ مان اهو ڏينهن ئي نڪري ويو.


    اسڪاٽلينڊ

    تقريبن يعني سعودي عرب، انگلينڊ، بيلجم، هالينڊ، جرمني، دگزمبرگ، سوئيزرلينڊ، اٽلي، موناڪو، فرانس، يعني ڏهن ملڪن ۽ پنجاهه کن شهرن جو سفر ڪري واپس انگلينڊ ۾ هڪ هفتو آرام ڪري پوءِ پروگرام هن ريت هو ته پاڪستان ۾ ڪاليجن جون موڪلون ختم ٿيڻ واريون آهن. تنهنڪري منا، نور، فرخ، واپس پاڪستان وڃن ۽ آئون پنهنجي دوست نظام الدين جتوئي جي دعوت تي آمريڪا ويندس، پر ٿيو هيئن جو اسان کي لنڊن جي وڏي ۾ وڏي شاپنگ مال هيرڊس ۾ محمد عثمان چانهيو گڏيو ۽ چيائين ته اسان ڪالهه هي اسڪاٽ لينڊ مان گهمي آيا آهيون. توهان به اوڏانهن گهمڻ وڃو، ڏاڍو مزو لڳو پيو آهي. ۽ سندس خوبصورتي ڏسڻ وٽان آهي. توهان به اتان ٿي اچو، سو اسان به پروگرام کي چار پنج ڏينهن وڌائي ڇڏيو ۽ اتان ئي اسڪاٽ لينڊ جو ٽوئر بڪ ڪرڻ لاءِ ٽوئر ڪمپني جي آفيس ۾ پهچي چئن ڏينهن جو ٽوئر باءِ ٽرين بڪ ڪرائي ۽ هوٽل Ritz جي رزرويشن ڪرائي سڌا پنهنجي رهائش واري گهر پهچي رات ترسي صبح سوير اسڪاٽ لينڊ جي ٽوئر لاءِ ريلوي اسٽيشن لاءِ روانه ٿياسين. اسان لنڊن جي ڪنگس ڪراس ريلوي اسٽيشن تي پهچي پنهنجا ريل ٽڪيٽ ڏيکاري ريل اندر داخل ٿياسين. لنڊن کان ايڊنبرو هر ڪلاڪ ڪلاڪ ۾ ريلوي رواني ٿيندي آهي. ريل اندر ڏاڍي رش هئي. ريلوي اسٽيشن ايڏي ته لاجواب هئي. جو آئون ڏسي حيران ٿي ويس ته ڪا ريلوي اسٽيشن به ايڏي خوبصورت ٿي سگهي ٿي. هي ريلوي اسٽيشن ڪيترن ئي ايئرپورٽن کان به وڌيڪ پروقار ۽ شاندار لڳي رهي هئي. چون ٿا ته انگريزن جي دور ۾ لاهور ريلوي اسٽيشن به سڄي هندستان ۾ سهڻي ۾ سهڻي ريلوي اسٽيشن هوندي هئي، اسان جي ريل جيئن ته پنهنجي مقرر وقت کان ويهه منٽ ليٽ هئي، انهي ڪري لائوڊ اسپيڪر تي ذري ذري پي معذرت ڪيائون. جيستائين ريلوي هلي، تيستائين فرخ جلدي جلدي ڪوڪ ۽ کائڻ جو ڪافي سامان وٺي آيو. سفر ۾ اسان جي سامهون سائوٿ آفريڪا جي هڪ انگريز فيملي به ويٺل هئي. جنهن سان سفر دوران ڪافي ڪچهري ٿي. هندستان ۽ پاڪستان جي آزاد ٿيڻ کان پوءِ بي بي سي جي مارڪ ٽيلي کان سواءِ ٻيا سڀ انگريز هندستان ڇڏي هليا ويا پر سائوٿ آفريڪن ۾ اڄ به لکن جي تعداد ۾ سفيد فام انگريز رهن ٿا. اسان ايڊنبرو پهچڻ کان اڳ هن ريل مان لهي وري ٻئي ريل ۾ چڙهياسين، ريل سفر دوران لائيٽ ۽ فون جا ڪاٺ جا اهڙا ٿنڀا ڏٺم جيڪي پنجاهه سال اڳ ڪراچي ۽ ٺٽي وچ ۾ لڳل هوندا هئا، سي انگلينڊ جهڙي ملڪ ۾ هينئر ڏسي ڏاڍو تعجب ٿيو، پر اها ڳالهه سمجهه ۾ ڪا نه آئي نه وري اها ڳالهه ڪنهن ٻئي کان پڇيم ته هيڏي ترقي يافته ملڪ ۾ هي پراڻو نظام اڄ به ڇو قائم آهي. لنڊن کان ايڊنبرو تائين سڄي انگلينڊ جي حسين وادين جو سفر پورو ڪري اسان ايڊنبرو ريلوي اسٽيشن پهچي وياسين جنهن کي هو Waverley ريلوي اسٽيشن جي نالي سان سڏين. اسان اسڪاٽ لينڊ جي هن وڻن ۽ سهڻن گلن ۾ سينگاريل شهر ۾ ٽيڪسي ڪري پنهنجي هوٽل رٽز Ritz تي پهتاسين ته هڪ صفا پوڙهي اسڪاٽ عورت رسيپشن تي اسان جو کلي استقبال ڪيو ۽ اسان کي پنهنجي ڪمري جي چاٻي ڏنائين. اسان ڪمري تي ٿوري دير آرام ڪري پنهنجي ٽوئر وارن جي آفيس تي پهتاسين، جن اسان کي ايڊن برگ شهر جو سير ڪرايو.
    ايڊنبرگ جنهن کي مقامي ماڻهو ايڊنبرا اُچاريندا آهن. اسڪاٽ لينڊ جو دروازو ۽ اتر يورپ جو اٿينس سڏجي ٿو. ايڊنبرگ حقيقت ۾ يورپ جي تمام سُهڻن شهرن مان هڪ آهي ۽ تاريخي ۽ علمي ادبي دنيا جي آفاقي ڪردارن جو پڻ حامل آهي. جهڙوڪ:
    جان ناڪس John knox
    ميري ڪئُين آف اسڪاٽس Mary Queen of Scots
    رابرٽ لوئس اسٽيوينس Robert Louis Stevenson
    سر آرٿر ڪونن ڊائل Sir Arthur Conon Doyle
    اليگزينڊر گراهم بيل Alexander Graham bell
    سر والٽر اسڪاٽ Sir Walter Scott
    پرنس چارلي Bonnie Prince Charlie
    وغيره سندس عظمت جي عاليشان علامت آهن.
    موجوده دور ۾ شهر ۾ ايڊنبرگ انٽرنيشنل فيسٽيول Edunburgh International Festival نالي تاريخي، سائنسي ۽ ثقافتي ميلي جي هر سال انعقاد ٿيڻ سبب هي شهر دنيا لاءِ وڌيڪ پرڪشش ٿي پيو آهي. انهيءَ عالمي ميلي جي ڏينهن ۾ شهر ۾ سياحن جو تعداد تمام گهڻو هئڻ سبب سڄي شهر ۾ تمام گهڻي پيهه هوندي آهي. ميلي وارن ڏينهن دوران هوٽلن جي مسواڙ ۽ کائڻ پيئڻ جي شين ۾ غير معمولي مهانگائي ٿئي ٿي. ميلي جي خاتمي بعد سڪون ۽ فرحت محسوس ٿئي ٿي. مهانگائي گهٽجي وڃي ٿي ۽ زندگي معمول مومي روان ٿئي ٿي. جنهن ۾ ماڻهن جي رواداري ۽ مهمان نوازيءَ وارو مزاج وري نروار ٿئي ٿو.
    Firth of Forth فرٿ آف فورٿ نالي اترئين سمنڊ جي هڪ کاڙي جي ڪپ تي ٻرندڙ جبل جي هڪڙي وساڻل بُٺي جي ايراضي تي اڏيل هي شهر ڪنهن سواريءَ جي ڀيٽ ۾ پيدل گهمڻ جي وڌيڪ لائق آهي، جيڪو چوڌاري سر سبز ۽ شاداب ٽڪرين سان گهيريل آهي. انهن جي چوٽين تان شهر جي نئين توڙي پراڻي ٻنهي ڀاڱن ۾ موجود شاندار رستا ۽ عجيب و غريب سوڙهيون گهٽيون، راندين جا ميدان، پارڪ ۽ باغ باغيچا، نهايت عاليشان عمارتون، پروقار محل ماڙيون ۽ سمورا حسين نظارا ڏسڻ سان بيحد لطف ۽ راحت حاصل ٿئي ٿي.
    هتي جون شامون ته نهايت سحر انگيز آهن. انهن کي هتي جا ماڻهو گلومنگ Gloaming يعني مُنهن اونداهي سڏيندا آهن. جيڪڏهن سموري برطانيه ۾ فقط ٻه شهر گهمڻ جي گنجائش هجي ته لنڊن کان پوءِ ايڊن برگ تي ئي اڪتفا ڪجي ته بهتر ٿيندو، ورنه گنجائش ۽ خواهش آهر ايڊن برگ جي چوڌاري پڻ ڪيترائي تاريخي ۽ تفريحي مقام موجود آهن. جهڙوڪ: لنلٿگو محل جتي راڻي ميري، ڪئُين آف اسڪاٽس ڄائي هئي ۽ ڊرليٽن، جتي آڳاٽن محلن جا کنڊرات عظمت آشڪار آهن.
    هتي اچڻ ۽ وڃڻ لاءِ سفر جا سمورا وسيلا يعني هوائي سروس، ريل گاڏيون، بسون توڙي ڪارٽيڪسيون برطانيه جي سمورن وڏن توڙي ننڍن شهرن ۾ دستياب آهن.
    ايڊنبرگ شهر معروضي طور ٻن مکيه ڀاڱن هر هڪ قديم شهر ۽ جديد شهر تي مشتمل آهي. سياحن جي واضح اڪثريت وڌيڪ بهتر صورتحال سبب پنهنجي رهائش جديد شهر ۾ اختيار ڪري ٿي. جڏهن ته کائڻ پيئڻ ۽ سير ۽ تفريح لاءِ ماڻهو شهر جي قديم ڀاڱي ڏانهن ايندا آهن.
    New Town يعني جديد شهر جو ڀاڱو ارڙهينءَ صديءَ ڌاري تعمير ٿيو. هن ڀاڱي ۾ شهر جي مکيه سڙڪ Princes Street واقع آهي. هن علائقي ۾ پهرين شاهي عمارت سن 1767ع ۾ تيار ٿي. انهيءَ صديءَ جي آخر ڌاري هتي ڪيترائي شاندار ڪلاسڪي اسڪوائر، رستا، رهائشي عمارتون ۽ شاپنگ سينٽر تعمير ٿيا.
    هتي جي مشهور سڙڪ پرنسز اسٽريٽ ميل کن ڊگهي آهي، جنهن تي ڪيترائي شاپنگ سينٽر قائم آهن. هن سڙڪ جي دنگ وٽ شهر جي پراڻي علائقي سان لڳ سهڻا باغيچا پوکيل آهن. جيڪي نهايت دلفريب منظر پيش ڪن ٿا.
    هڪڙي ٻي شاندار سڙڪ جارج اسٽريٽ George Street پرنسز اسٽريٽ سان بلڪل پور وڇوٽ مفاصلي تي موجود آهي. جيڪا چارلوٽ اسڪوائر کان شروع ٿي اوڀر طرف ويندي اينڊريو اسڪوائر وٽ ڇيهه ڪري ٿي. جارج اسٽريٽ جي سر اتر طرف موجود سڙڪ جو نالو ڪئُين اسٽريٽ آهي. انهيءَ گليءَ جي اترئين دنگ وٽ ڪئُين اسٽريٽ گارڊن واقع آهي. پرنسز اسٽريٽ جي سر اتر طرف روز اسٽريٽ نالي هڪڙي خوبصورت گلي موجود آهي. جتي گهڻي ۾ گهڻا ريسٽورينٽ، شاپس ۽ پبس Pubs موجود آهن.
    شهر جي قديم ڀاڱي جي مکيه شاهراه جو نالو رائيل ميل Royal Mile آهي. اها ايڊنبرگ محل کان شروع ٿي، سڄو شهر سير ڪندي وڃيو پيلس آف هولي روڊ هائوس Palace of Holy rood house نالي محل وٽ دنگ ڪري. هن رستي کي جدا جدا هندن تي چئن مختلف نالن سان پڪارين ٿا. ايڊن برگ محل وٽ ان کي ڪَيسَل هل Castle Hill سڏين. مارڪيٽ وٽ Lawn Market لان مارڪيٽ، چاڙهي وٽ کيس هاءِ اسٽريٽ High Street ۽ دنگ وٽ اها ڪينن گيٽ Canon gate سڏجي ٿي. ڪنهن زماني ۾ انهيءَ گليءَ ۾ رکيل ڦاسي گهاٽ تي سزا مليل ڏهارين کي ڦاسيءَ تي ٽنگيندا هئا. شهر جون غير معروف جڳهيون گهمڻ ۾ پڻ عجيب لطف حاصل ٿئي ٿو. شهر جي وجود جي شروعات قديم ڀاڱي جي تعمير سان ٿي. رائيل مائيل سڙڪ هن ڀاڱي جي مکيه سڙڪ آهي. جنهن ۾ مختلف هندن تي چار مختلف گليون. هر هڪ ڪيسل هل، لان مارڪيٽ، هاءِ اسٽريٽ ۽ ڪينن گيٽ اچي ملن ٿيون. تنهنڪري انهن هنڌن وٽ رائيل مائيل سڙڪ کي انهن گلين وارن نالن سان سڏيو وڃي ٿو.

    ڊينيئَل ڊيفو Daniel Defoe نالي هڪ انگريز ليکڪ لکيو ته شايد پوري دنيا ۾ ماڻهن ۽ واپاري دڪانن جي لحاظ کان هيءَ سڙڪ سڀ کان وڏي ۽ سڀ کان وڌيڪ سهڻي آهي. اها چوَڻي اڄ به غلط ڪو نه چئبي. جڏهن مِنا کي اها ڳالهه ٻڌايم ته پاڻ چيائين ته شايد پئرس جي بازار شانزلي زي ڪو نه ڏٺي اٿائين.
    هاءِ اسٽريٽ گلي جي ڏکڻ ۾ ميل کن پنڌ تي مارچ مونٽ March Mont نالي علائقو سر سبز ميدانن ۽ پارڪن سان گهيريل رهائشي عمارتن وارو سهڻو علائقو آهي. هن علائقي ۾ سن 1869ع کان 1914ع جي وچ ۾ انهن ماڻهن جي رهائش جي بندوبست طور عمارت سازي ٿي، جن کي جديد ڀاڱي ۾ رهائڻ جي گنجائش ڪا نه هئي.
    برنٽسفيلڊ Brunts field نالي علائقو شهر جي اولهه ۾ واقع آهي. جتي متواتر آمدني وارا ماڻهو رهندا آهن. بادشاهه جيمس چوٿين سن 1513ع ۾ هن هنڌ اسڪاٽ لشڪر گڏ ڪيو. فولڊن جي ميدان ۾ لڙائي ۾ کيس شڪست آئي. مهامري پليگ جي شڪار ماڻهن کي هن هنڌ دفنايو ويو هو. سندن قبرن وٽ اڄڪلهه جهنگ موري ويو آهي.
    چرچل نالي علائقو Holy Coerer مقدس گوشو سڏيو وڃي ٿو. ڇو ته هن سڙڪ سان لڳ چوڪن جهڙوڪ: ڪولنٽن، چيمبرلين ۽ برنٽسفيلڊ رستن وارن چوڪن وٽ ڪيترائي ديول موجود آهن. اهي ديول ننڍا ۽ مقامي ماڻهن جي عبادت لاءِ جوڙيل آهن. منجهن ڪا فنڪارانه خصوصيت عدم موجود آهي. هن علائقي جي باشندن ۽ اسڪاٽ لينڊ جون مشهور شخصيتون پڻ رهنديون هيون. مثلاً:
    جين ويلش ڪارلائل Jane welsh Carlyle
    جارج ميڪل ڪيمپ George meikle kemp
    جنهن پرنسز اسٽريٽ اسڪاٽ مونيومنيٽ Scot Monument تعمير ڪيو هو. ليٿ Lieth نالي بحري بندر پرنسز اسٽريٽ جي اتر ۾ چند ميلن جي مفاصلي تي واقع آهي. اهو شهر جو مکيه بندر Firth of Forth فرٿ آف فورٿ نالي اتر سمنڊ سان وابسته آهي. جديد طرز سان ترقي ڪرڻ سبب اڄ ڪلهه هي ماڳ شوقين مزاج ۽ جو ان سال آباديءَ لاءِ پرڪشش ٿي پيو آهي. ليٿ بندر جي ڪا عسڪري حيثيت ڪانهي. هن علائقي جا ماڻهو ايڊنبرگ شهر کي آلڊ ريڪي Auld Reekie نالي سان پڪارين ٿا. ويورلي ريلوي اسٽيشن Waverley Station شهر جي اولد ٽائون واري علائقي ۾ پرنسز اسٽريٽ ۾ واقع آهي. اسان لنڊن کان ايندي هن ريلوي اسٽيشن تي لٿا هئاسين.
    ايڊنبرگ شهر جو هوائي اڏو شهر جي اولهه طرف ڇهن ميلن جي پنڌ تي واقع آهي. هتي ملڪي توڙي غير ملڪي هوائي ڪمپنين جا هوائي جهاز چوويهه ڪلاڪ سروس ۾ آهن. ايڊنبرگ اينڊ اسڪاٽ لينڊ انفارمينشن سينٽر Edinburgh and Scotland Information Centre نالي اطلاعات ۽ معلومات واري مرڪز جي آفيس پرنسز اسٽريٽ جي ڪنڊ ۽ ويورلي ريلوي اسٽيشن جي وچ ۾ قائم آهي. انفارميشن اينڊ اڪوموڊيشن ڊيسڪ Information and Acomodation Desk نالي هڪڙي معلوماتي آفيس ايڊنبرگ هوائي اڏي تي پڻ قائم آهي. جتان پڻ شهر جو رهائش، غذا، توڙي گهمڻ ڦرڻ بابت معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي.
    شهر جي مرڪز ۾ موجود
    بالمورال هوٽل Dalmoral Hotel
    دي بونهام The Bonham
    ڪيليڊو نيئَن هوٽل Calidonian Hotel
    ڪارلٽن هائيلينڊ هوٽل Carlton Highland Hotel
    جارج انٽرڪانٽينينٽل هوٽل George Inter Continental Hotel
    هاورڊ هوٽل Howord Hotel
    رلڪسبرگ هوٽل Orxburghe Hotel
    شيراٽن گرانڊ هوٽل Sheraton Grand Hotel
    تمام مهانگيون هوٽلون آهن.
    سيونٽين ايمبرڪرومبي پليس 17 Ambercromby Place
    مائونٽ رائيل هوٽل Mount Royal Hotel
    اولڊ ويورلي هوٽل Old Waverlay Hotel
    پرسٽن فيلڊ هائوس Preston Field House
    پڻ مهانگيون هوٽلون آهن پر اڳي ڄاڻايل هوٽلن کان ڪجهه سستيون آهن. هتي مناسب اگهن ۽ مسواڙ واريون هوٽلون پڻ آهن، جيڪي هيٺيون آهن:
    لائين ڊوچ پليس Lynedoch Place
    برنارڊس ڪريسينٽ Bernard’s Crescent
    ڊرمانڊ پليس Drummond Place
    فورس اسٽريٽ Forres Street
    هيريئٽ رو Heriot Row
    دينيوب اسٽريٽ Danube Street
    اي هيون A Haven
    بينڪ هوٽل Bank Hotel
    سبيٽ هائوس Sibbet House
    اسٽوئرٽ هائوس Stuart House
    هيٺ ڄاڻايل هوٽلون سستيون آهن.
    گرين سائيڊ هوٽل Green Side Hotel
    مينس فيلڊ هائوس Mansfield House
    ريسٽورينٽس ٻارن ۽ پيش جو سڄي شهر ۾ گهاٽو ڄار وڇايل آهي.
    نيشنل گيلري آف اسڪاٽ لينڊ National Galary of Scotland
    نيشنل ميوزم آف اسڪاٽ لينڊ National Museum of Scotland
    اسڪاٽش نيشنل گيلري آف مارڊرن آرٽ Scottish National Galary of Modern Art
    اسڪاٽش نيشنل پورٽريٽ گيلري Scotish National Portriat Galary
    اسڪاٽ مونيومينٽ Scott Monument
    شهر ۾ عاليشان عجائب گهر موجود آهن. انهيءَ کانسواءِ:
    ڊائنامڪ ارٿ Dynamic Earth
    جارجيئَن هائوس Georgian House
    رائيل آبزرويٽري وزيٽر سينٽر Royal Observatory visitors
    سرجولس ٿارن ايگزيبيشن آف هسٽري آف سرجري / ڊينٽل ميوزم
    Sir Jules Thorn Exhibition of History of Surgery / Dental museum.
    ايڊنبرگ زو Edinburgh Zoo
    نيلسن مونيومينٽ Nelson Monument
    صد بار گهمڻ جي لائق آهن.
    ايڊن برگ ۾ رائيل باٽينڪ گارڊن Royal Botanic Garden خاص گهمڻ وٽان آهي. مسل برگ ريس ڪورس Mussel burgh Race Course نالي گرائونڊ شهر جي اوڀر طرف چار ميل کن پري آهي. جتي گهوڙي ڊوڙ جون شرطون سدائين قائم آهن. مُري فيلڊ اسٽيڊيم Murray filed Stadium رُگبي Rugby راند جو ميدان شهر جي اولهه طرف ميل کن ٿيندو.
    سمنڊ جي ڪناري ترڻ لاءِ ڪيترائي علائقا مقرر آهن. تنهن کانسواءِ سوئمنگ پولس Swimming Pools پڻ وڏي تعداد ۾ ٺهيل آهن. انهن ۾ سڀ کان سٺو ۽ عاليشان پول رائيل ڪامن ويلٿ پول Royal Common Wealth Pool آهي.
    ٽينس ۽ بيڊمنٽن ۽ ٻين راندين لاءِ ڪريگ لاڪهارٽ اسپورٽس سينٽر Craiglock hart sports centre نالي هڪڙو عظيم الشان راندين جو ڪامپليڪس ڪولنٽن روڊ تي قائم آهي.
    ڊيبنامس Debenham’s جينرس Jenner’s ۽ ويورلي مارڪيٽ شاپنگ سينٽر Waverly market Shoping Centre شهر ۾ تمام وڏا ڊپارٽمينٽل اسٽور آهن. جت هر هڪ شئي ملي سگهي ٿي.
    شهر ۾ رات دوران وندر ۽ ورونهن لاءِ پڻ جوڳو بندوبست ۽ اهتمام ٿيل آهي. موسيقي، ناچ توڙي کائڻ پيئڻ لاءِ شهر جي چپي چپي تي، پبس، بارون ناچ گهر ۽ عشرت ڪده سڄي رات خدمت چاڪريءَ ۾ پورا آهن. انهن ۾ سي سي بلومس C.C.Blooms’ نيوٽائون بار New Town Bar ۽ پلينيٽ آئوٽ Planet out کي بارس ائنڊ ڪلبس Gay bars and clubs پڻ شامل آهن. اسان رات دير تائين گهمي ڦري پنهنجي هوٽل ڀيڙا ٿياسين. ماني کائي وڃي ڪمري تي آرامي ٿياسين. ٻي ڏينهن اسان جو پروگرام شهر جي سير سان گڏ ايڊنبرگ جي تاريخي قلعي ڏسڻ جو هو، اسان پهريائين قلعي جو سير ڪرڻ قلعي تي وياسين، جت قلعي ٻاهران قلعي جا خوبصورت ماڊل ۽ ٻيو به شاپنگ لاءِ دڪانن تي بيشمار سامان وڪري لاءِ موجود هو. جتان اسان سڀني سوئيٽر ڪوٽ ۽ اسڪاٽ لينڊ جا رنگين پٽين وارا ڪپڙا ۽ مفلر خريد ڪيا، هلڪي ڦلڪي شاپنگ کان پوءِ اسان هي تاريخي ۽ قديم قلعو ڏسڻ وياسين، فرخ ۽ نور محمد هن تاريخي قلعي جي وڊيو ڀري ۽ ڪئي فوٽا ڪڍيا. سڄي يورپ ۾ قلعا ۽ محل ايڏا وڏا ڪو نه آهن، جيڏا هندستان ۽ پاڪستان ۾ آهن، پر هي پنهنجي سڀني تاريخي ورثن کي نهايت ئي سهڻي نموني سنڀاليو ويٺا آهن.
    هي ايڊنبرگ محل اسڪاٽ لينڊ رياست جي سگهه ۽ سونهن جو اولين ۽ اعليٰ ترين مظهر آهي. محل جي سير لاءِ رهبريءَ جي نسبت سان ان جي نقشي تي دلچسپيءَ وارن مکيه هنڌن ۽ جڳهين جي نشاندهيءَ واسطي ٽڪليون يا پٽيون ڇپيل آهن. انهن جو تعداد ڇويهه آهي. مٿن سلسليوار 26 تائين انگ لکيل آهن. نمبرن جي نسبت سان مذڪوره جڳهين بابت تعارف بيان ڪيل آهي.
    محل جي سير جي شروعات گيٽ هائوس وٽان ٿئي ٿي، جتي محل جي اوڀر طرف وارو مکيه دروازو آهي. تنهن کان اڳتي هلندي لوئر وارڊ ۾ پهچبو. ان کان پوءِ اڃان اڳتي مٿي اپر وارڊ يعني محل جي مٿئين ڀاڱي ۾ داخل ٿي وڃبو. اهو محل جو سڀ کان مٿانهون هنڌ آهي. هن ڀاڱي ۾ ڪرائون اسڪوائر يعني حاڪمن جي رهائش گاهه آهي. هي محلات ڏسڻ کان پوءِ محل جي اولهه طرف موجود دلچسپيءَ وارن ماڳن ڏسڻ سان محل جو سير مڪمل ٿئي ٿو.


    لوئر وارد يعني محل جو هيٺانهون ڀاڱو

    هي ڀاڱو محل جو اڀرندو حصو آهي جيڪو سطح جي لحاظ کان محل جو سڀ کان هيٺانهون حصو آهي. محل جو مکيه گذرگاهه هن ڀاڱي ۾ موجود آهي. هتي ٺهيل عمارت کي گيٽ هائوس سڏجي ٿو. مکيه گذر گاهه هئڻ ڪري محل جي سمورن ڀاڱن ۽ جڳهين جي ڀيٽ ۾ هن عمارت کي اڪثر گهڻو نقصان رسندو رهيو آهي ۽ انهيءَ جي وقتاً فوقتاً مرمت توڙي نئين سر تعمير ٿيندي رهي آهي. گيٽ هائوس جي موجوده عمارت کي بچاءُ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سهڻو ڪري ٺاهيو ويو. اها سن 8 1886ع ۾ جڙي راس ٿي. گذر گاهه جي اندرين پاسن کان پٿر جون ڳڙکيون موجود آهن، جن ۾ مشهور مونس ميگ سميت ٻيون به توپون فٽ ٿيل آهن. سن 1929ع ۾ گذر گاهه جي ٻنهي طرفن تي بادشاهه رابرٽ دي بروس ۽ سر وليئم ويليس جا پتل جا ٺهيل مجسما نصب ڪيا ويا هئا. گيٽ هائوس جي اڳيان هڪڙي کاهي پڻ ٺهيل آهي، جيڪا ڪرومويل جي دور ۾ سن 1650ع ڌاري کوٽي وئي هئي. شهر ۽ محل جي وچ وارو ميدان 1753ع کان پريد لاءِ ڪم اچڻ لڳو. انهيءَ کي 1820ع ۾ پٿر ان فرش بند ڪيو ويو.


    پراڻو گارڊ هائوس

    محل تي چوڪي ڏيڻ لاءِ 1853ع ۾ تعمير ڪيو ويو. انهيءَ ۾ هڪ قيدخانو ٺاهڻ لاءِ سن 1866ع ۾ منجهس توسيع ڪئي وئي. سن 1989ع ۾ انهيءَ کي محل جي دوڪان ۾ تبديل ڪيو ويو. ٻاهرين ۽ اندرئين گيٽن جي وچ تي رڪاوٽ طور انربيريئر سترهين صديءَ ۾ کاهيءَ جي مٿان لچڪيدار پل جي صورت ۾ ٺاهيو ويو هو. هيستائين انهيءَ ۾ ڪافي تبديلي آندي وئي آهي.
    پورٽڪولس گيٽ ريجينٽ مارٽن 73 1571ع واري طويل محاصري کان پوءِ ڊٺل ڪانسٽيبل ٽوار واري هنڌ مکيه رڪاوٽ طور اڏايو هو. هن ۾ لوهي دروازن جي وچ ۾ سيخن سان ٺهيل جعفري کانچن ۾ فٽ ڪندا هئا. انهيءَ کي ڪڍي پڻ سگهبو هو. تنهن کي پورٽڪولس چئبو آهي. گيٽ جي مٿان ٺهيل پينل ۾ دل ۽ پنجڪنڊا تارا لڳل آهن. اهي جيمس ڊگلس، جيڪو بادشاهه جيمس ڇهين جي دور ۾ ريجينٽ ۽ مارٽن جو چوٿون ارل هو، تنهن جي يادگار طور لڳل آهن. پينل ۾ شيلڊ 87 1886ع ڌاري لڳائي وئي هئي.


    مڊل وارڊ يعني محل جو وچيون ڀاڱو

    تاريخ جي وچئين دور يعني پندرهين عيسويءَ کان اڳي ايڊنبرگ محل جو مکيه ڀاڱو جنهن کي اپر وارڊ سڏين ٿا، سو ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي اڏيل هو. محل جو وچيون ڀاڱو پندرهين صديءَ کان وٺي ٺهڻ لڳو، جتي اول لوهارن جا دُڪان ۽ بٺيون ٺهيون. ڳرين توپن ۽ ٻئي سامان آڻڻ ۽ نيئڻ ۾ آساني پيدا ڪرڻ لاءِ پڪو رستو به ٺاهيو ويو.
    لانگ اسٽيئر نالي ستر ڏاڪن تي مشتمل سيڙهي اپر وارڊ ڏانهن مٿي ويندڙ آهي. اها ٽاور واري گول ڀت سان گڏ ٺهيل آهي. آرگائيل بيٽري يعني ڇهن توپن تي مشتمل توپخانو محل جي اترئين طرف وارو مکيه توپ خانو آهي. محل جي الهندي طرف واري توپخاني کي مل مائونٽ بيٽري سڏجي ٿو. هي توپخانو سن 1730ع ۾ ميجر جرنل ويڊ جي سفارش موجب قائم ڪيو ويو هو. هتي رکيل توپون ڪاسٽ آئرن جون ٺهيل آهن ۽ ارڙهن پائونڊ وزني گولا اڇليندڙ آهن. اهي توپون اوڻيهين صديءَ جي شروع ۾ نيپولين وارين جنگين دوران ٺاهيل آهن. آرگائيل توپخاني جي سامهون روڊ جي ٻئي طرف تي 1801ع ۾ ٺاهيل گارڊ هائوس جا بنياد ڏسڻ ۾ اچن ٿا. سن 1853ع ۾ انهيءَ جاءِ تي ٻيو گارڊ هائوس اڏيو ويو. انهيءَ کي هاڻي اولڊ گارڊ هائوس چون ٿا. ڪارٽ شيڊ نالي پوري محل ۾ واحد عمارت آهي، جيڪا سن 6 1545ع ۾ جيڪب واري حملي کان ترت پوءِ تعمير ٿي هئي. هن وقت اها ريسٽورانٽ طور استعمال ۾ آهي. اصل ۾ انهيءَ جي مهاڙي کليل هئي. منجهس 50 بار بردار گاڏين جي بيهڻ جي گنجائش هئي. سن 89 1988ع دوران ٿيل آثار قديمه کاتي طرفان ٿيل کوٽائي سبب اسٽور ڪيپر جي گهر جا بنياد ڏسڻ ۾ آيا ۽ اُتان ليٽ برانز يعني پتل ڌاتوءَ واري پوئين دور جون ٺهيل شيون لڌيون ويون آهن. اهي اٽڪل 900 سال ق.م. جون ٺهيل آهن. ملس مائونٽ بيٽريءَ نالي توپخاني ۾ ”ون او ڪلاڪ گن“ نالي واري ٻي عالمي لڙائيءَ ۾ ڪم آيل 25 پائونڊن وارا گولا فائر ڪندڙ توپ رکيل آهي. آچر کان سواءِ انهيءَ توپ جو روزانو هڪ بجي فائر ڪيو وڃي ٿو.
    گورنرس هائوس نالي هڪ زبردست عمارت سن 1742ع ۾ تعمير ٿي، جنهن ۾ محل جي گورنر جي رهائش کان سواءِ ٻيا رهائشي ڀاڱا پڻ تعمير ٿيل هئا. انهن ۾ محل جو ”ماسٽر گز“ يعني توپخاني جو عملدار ۽ محل جي اسٽور جو انچارج عملدار رهندا هئا. سن 1860ع ۾ محل جي گورنر واري آسامي ختم ڪرڻ کان پوءِ اتي محل جي اسپتال واريون نرسون رهڻ لڳيون. هن وقت انهيءَ عمارت جو مرڪزي ڀاڱو فوجي ڪامورن جي ميس آهي. ان جي ساڄي هٿ تي عمارت جو اتر وارو ڀاڱو وري به محل جي گورنر لاءِ مخصوص آهي. بادشاهه سن 1935ع ۾ محل جي گورنر جي آسامي وري ٻيهر بحال ڪئي. هن عمارت جي سير تي بندش آهي.
    نيو بيريڪسن نالي عمارت سن 99 1796ع دوران جڙي راس ٿي. هن ۾ 600 نفري ۽ ڪامورن تي مشتمل هڪ انفينٽري بٽالين جي رهڻ جي گنجائش اهي. اها عامرت اڇا تائين فوجي مقصدن لاءِ ڪم ۾ اچي پئي. هن عمارت جي سامهون رستي جي ٻئي پاسي سن 1900ع ۾ ٺاهيل ڊرل هال ۾ اسڪاٽ حڪمران وارو ريجمينٽل ميوزم قائم آهي.


    اپر وارڊ يعني محل جو مٿانهون ڀاڱو

    گوگس گيٽ نالي گذر گاهه جي پويان ٺهيل عمارتن کي محل جو اپر وارڊ سڏين ٿا. اهو ڀاڱو ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي واقع آهي. هي ڀاڱو وچئين توڙي قديم دورن ۾ ٺهيل محلن جو مکيه حصو رهيو آهي. تعميرات جي ضرورت موجب محل واري ٽڪريءَ جي تراش خراش ڪئي وئي آهي.
    فوگس گيٽ نالي اڏاوت جي اصليت جي خبر ڪانهي، البت هي گذر گاهه اپر وارڊ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ مکيه رستو آهي. آڳاٽي وقت ۾ لانگ اسٽيئرس نالي چاڙهي وسيلي هتي رسڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو هو. هن گيٽ جي ٻنهي پاسن کان هڪڙي شاهي ۽ ويڪري ديوار اڏيل آهي، جنهن تي پيادل هلڻ جو رستو ٺهيل آهي. بادشاهه چارلس ٻئي جي دور حڪومت ۾ جنهن سن 1649ع کان 1685ع تائين حڪومت ڪئي؛ هن گيٽ جي وڌيڪ حفاظت خاطر انهيءَ جي ڀتين ۽ توپن توڙي بندوقن جي استعمال لاءِ ڪيتريون ڳڙکيون ٺاهيون. گيٽ جي اپر وارڊ طرف اندرئين پاسي حملا آورن کي روڪڻ لاءِ اوڻيهين صديءَ ۾ پاڻيءَ جا ٻه تمام وڏا حوض به ٺاهيا ويا.
    سينٽ مارگريٽ وارو چيپل يعني گرجا محل جي وچئين دور واري ڪل تعميرات مان واحد بچيل عمارت آهي. سن 1124ع کان 1153ع تائين حڪومت ڪندڙ بادشاهه ڊيوڊ اول پنهنجي ماءُ راڻي مارگريٽ (جنهن محل ۾ سن 1093ع ۾ وفات ڪئي هئي) تنهن جي نالي سان هي گرجا جوڙايو هو. شروع ۾ هيءَ گرجا شاهي خاندان جي عبادت لاءِ مخصوص هو پر پوءِ ان کي بارود خاني ۾ تبديل ڪيو ويو. نيٺ سن 1845ع ۾ ان جي اصلي حيثيت بحال ڪئي وئي ۽ اها اڃا تائين برقرار آهي. هن چيپل واري عمارت ٻاهران سادي پر اندر ڏاڍي سهڻي آهي. ڇت سهڻن شهتيرن واري V شڪل واري ڪينچي ڊزائين جي ٺهيل آهي. منجهس سهڻيون ونگون ٺهيل آهن. انهن تي عمدي قسم جي چٽسالي ٿيل آهي. هن چيپل ۾ سينٽ مارگريٽ وارو انجيل جو نُسخو رکيل آهي. چيپل جي درين جي شيشن تي سينٽ اينڊريو، سينٽ ننئين سينٽ ڪولمبا، سينٽ مارگريٽ ۽ قومي هيري سروليم ويليس جون تصويرون پينٽ ٿيل آهن. اهي تصويرون ڊگلس اسٽريچن نالي مصور سن 1922ع ۾ ٺاهيون هيون.
    آرگائيل ٽاور نالي عمارت تي اهو نالو آرگائيل جي نائين ارل آرڪيبالڊ پڄاڻان پيو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته کيس سن 1685ع ۾ مارڻ کان اڳ ۾ انهيءَ ٽاور ۾ قيد ڪيو ويو هو. اهو ٽاور پورٽڪولس گيٽ جي مٿان ٺهيل آهي. اهو ڀاڱو وڪٽورين معمار، هپولائيٽ بلينڪ جي ذهني ڪاوش جو نتيجو آهي. هن گريٽ هال کي پڻ نئين سر سنواريو ۽ سينگاريو.
    فوروال بيٽري نالي توپخانو 1544ع ۾ وچئين دور واري بچاءَ واري ماڳ تي برپا ڪيو ويو. سن 1573ع واري محاصري کان پوءِ انهيءَ کي اڃا به وڌيڪ اوچائي تي نصب ڪيو ويو ۽ سترهين صديءَ ۾ انهي جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وئي. فورويل نالي کوهه چوڏهينءَ صديءَ جي اوائل کان وٺي اپر وارڊ کي گهربل پاڻيءَ جو واحد ذريعو رهيو. 34 ميٽر اونهو هئڻ جي باوجود منجهس جيڪو تقريباً 2240 گيلن يا 11435 ليٽر جي برابر ۽ محاصري دوران ماڻهن جي پيئڻ جيترو مس هوندو هو. سن 1628ع ۾ پوئين طرف هڪ کوهه کوٽي گهربل مقدار جو پورائو ڪيو ويو. هي فورويل نيٺ سڪي ويو. تنهن ڪري شهر مان پائيپ لائين وسيلي محل ۾ پاڻي مهيا ڪيو ويو.
    هاف مون بيٽري نالي توپخانو سن 1573ع واري محاصري کان پوءِ ريجينٽ مارٽن جي فرمان موجب محل جي نهايت اهم هنڌ جيڪو اڀرندي طرف ۾ واقع هو، هڪ اتاهين هنڌ تي نصب ڪيو ويو. سن 1650ع ۽ 1689ع وارن محاصرن دوران هن توپخاني کي گهڻو نقصان پهتو. جنهن کي بعد ۾ درست ڪيو ويو. هن توپخاني۾ رکيل توپون ارڙهن پائوند وزني گولا فائر ڪندڙ آهن ۽ اوڻيهين صديءَ جي شروعات ۾ ٺهيل آهن. ارڙهين صديءَ تائين هتي پتل جون ست توپون رکيل هيون. انهن کي ست ڀينر ي ڀيڻون سڏيندا هئا. اهي توپون محل ۾ ٺاهيون ويون هيون. ڪرائون اسڪوائر واريون عمارتون جن ۾ حڪمران پنهنجي ڪٽنب سان رهندا هئا، پندرهين صديءَ ۾ محل جو مکيه ڀاڱو هو. اهي عمارتون ٽڪريءَ جي ڏاکڻي حصي کي گهڙي هموار ڪري تعمير ڪيون ويون. هنن عمارتن کي اڳي پيليس يارڊ چوندا هئا. سن 1818ع ۾ هتان اسڪاٽ بادشاهي تاج ۽ ٻيا شاهي نوادرات لڀڻ کان پوءِ هنن عمارتن کي ڪرائون اسڪوائر سڏڻ لڳا آهن.
    بادشاهن جي رهائش گاهه جنهن کي پيلس يعني محلات سڏين ٿا. ڪرائون اسڪوائر جي مکيه عمارت آهي. سندس موجود شڪل گهڻين ڦيرين گهيرين ۽ اڏاوتي ترميمن جو نتيجو آهي. هن عمارت کي اسڪاٽ راڻي ميريءَ جي دور ۾ عروج حاصل ٿيو. راڻي ميري سن 1542ع کان 1567ع تائين حڪومت ڪئي ۽ تاريخ 19 جون 1566ع تي محل جي هڪڙي ننڍي ڪمري ۾ پنهنجي پٽ کي جنم ڏنو. اهو اسڪاٽ لينڊ جي بادشاهه جيمس vi ۽ پڻ انگلينڊ جي بادشاه جيمس اول جي نالي سان مشهور ٿيو. انگلينڊ فتح ڪرڻ کان پوءِ هو جڏهن 1617ع ۾ واپس هتي آيو. تڏهن هن محل ۾ گهڻي تعميراتي ترميم ڪري ان کي وڌيڪ سهڻو بنايو ويو. هن محلات ۾ هڪڙو ڪمرو ڪرائون روم سڏجي ٿو. اتي شاهي تاج ۽ ٻيا شاهي نوادرات رکيل آهن، جن ۾ هڪ پٿر پڻ رکيل آهي. ان کي اسٽون آف ڊسٽني (Stone of Destiny) سڏيندا آهن. اهو پٿر اڳي لنڊن ۾ موجود ويسٽ منسٽر ايبيءَ ۾ رکيل هو، جتي گهڻن بادشاهن کي هن پٿر تي ويهاري بادشاهي تاج پهرائي تاج پوشيءَ جي رسم ادا ڪئي ويندي هئي. سن 1696ع ۾ اهو پٿر اتان کڻائي واپس هتي رکيو ويو آهي.
    گريٽ هال سن 1513ع ۾ بادشاهه جيمس چوٿين جي وفات کان اڳ ۾ جڙي راس ٿيو هو. هن هال ۾ شاهي تقريبون منعقد ڪيون وينديون هيون پر سن 1650ع دوران ڪرومويل جي قبضي دوران انهيءَ کي فوجي بيرڪ ۾ تبديل ڪيو ويو. سن 1737ع ۾ 312 وڌيڪ ماڻهن جي گنجائش واسطي منجهس گهڻي اڏاوتي تبديلي آندي وئي. سن 1800ع ۾ بيرڪن سان گڏ اسپتال طور پڻ ڪم اچڻ لڳو ۽ سندس اها حيثيت سن 1887ع تائين برقرار رهي.
    بعد ۾ مشهور معمار هپولائيٽ بليڪ هن هال ۾ عجيب تبديل آندي. هن هال جي ڪاٺ واري ڇت کان سواءِ ٻي ڪافي ترميم آندي. هن هال جي ڇت ڪمال ڪاريگريءَ سان ڪاٺ جي شهتيرن سان ٺاهي وئي آهي، جنهن تي رنگين چٽسالي نهايت وڻندڙ انداز سان آراسته آهي ۽ پوري اسڪاٽ لينڊ ۾ واحد مثال آهي.
    راڻي اينيءَ جي محلات نالي عمارت واري هنڌ تي وچئين دور ۾ بورچي خانو هوندو هو. ان جي ڀر ۾ شاهي توپ رکيل هئي. ان توپ جو نالو مونس ميگ هو. سن 1708ع ۾ فرينچ قبضي دوران فرينچ فوجي ڪامورن جي رهائش گاهه ٿي وئي. سن 1933ع ۾ هن عمارت ۾ اڪسات بحري ۽ فوجي ميوزم قائم ڪيو ويو. هتي اسڪاٽ فوجي يادگار شيون جهڙوڪ هٿيار، يونيفارم ۽ ٻيون شيون رکيل آهن. پرنس آف ويلس جيڪو پوءِ بادشاهه ايڊورڊ اٺون ٿيو، تنهن هن ميوزم جو افتتاح 14 جولاءِ 1927ع تي ڪيو. تڏهن پهرين عالمي لڙائي ۾ شهيد ٿيل اسڪاٽ سپاهين کي پڻ خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. ٻي عالمي لڙائي جي اسڪاٽ شهيدن جا يادگار پڻ هتي قائم آهن.
    آف دي بيئن ٽريڪ واري ڀاڱي ۾ اپر وارڊ جي اولهه طرف هيٺئين سطح تي ٺهيل جايون شامل آهن. هن ڀاڱي ۾ سترهين صديءَ جي شروعات تائين ڪا به اڏاوت ٿيل ڪا نه هئي. البت ڪرائون اسڪوائر جي هيٺئن طرف تي ڪجهه تهه خانا ٺهيل آهن. اهي پندرهينءَ صديءَ ۾ اڏيا ويا هئا. اهي ڪيترن ئي ڪمن ۾ استعمال ٿيندڙ هئا. جهڙوڪ گودام، بورچي خانو، فوجي بيرڪ، قيد خانو ۽ جنگي قيدين جو جيل. انهن مان هڪ خاني ۾ شاهي توپ مونس ميگ رکيل آهي.


    ملٽري جيل ۽ ڊوريز بيٽري يا توپخانو

    هي فوجي جيل محل جي سپاهين لاءِ سن 1842 ۾ ٺهيو 1880 ۾ اُن کي وڏو ڪيو ويو. 1923ع ۾ اهو آخري ڀيرو استعمال ٿيو هو. انهيءَ وقت لشڪر کي شهر کان ٻاهر ٺهيل ريڊ فورڊ بيريڪس ۾ رکيو ويو. هي جيل ٻين عوامي جيلن جهڙو ٺهيل آهي، جنهن کي پرٿ سڏين ٿا. انهيءَ کي کليل هال جي پاسن تي کولين جون ٻه قطارون ٺهيل آهن.
    ڊوريز بيٽري نالي توپخانو محل جي ڏکڻ طرف ڪئپٽن ٿيو ڊور ڊوري (Theodore dury) هڪ فوجي انجنيئر سن 1708ع کان 1713ع جي وچ ۾ قائم ڪرايو. هن وقت هتي رکيل توپون ارڙهن پائونڊ وزني گولا فائر ڪنديون هيون. اهي سن 1810ع ڌاري ٺاهيون ويون هيون.
    آرڊيننس اسٽور هائوس ۽ اسپتال سن 1753ع ۾ هڪڙي معمار وليم اسڪنر جي نقشي موجب، هڪ ڪورٽ يارڊ جي ٻنهي طرفن تي فوجي ساز و سامان، هٿيارن ۽ بارود ۽ ٻئي سامان لاءِ ڪجهه تعداد ۾ گدام يا جايون اڏيون ويون. بارود رکڻ جي مکيه جاءِ ڪورٽ يارڊ جي اولهه طرف وارن ڪمرن ۾ هئي. سن 1897ع ۾ اها ڊاهي انهيءَ هنڌ تي ٻن ڪمرن تي مشتمل عمارت اڏي فوجي اسپتال قئام ڪئي وئي جيڪا هن کان اڳ ۾ گريٽ هال جي هڪ ڀاڱي ۾ قائم هئي.
    ڪورٽ يارڊ جي اتر طرف قائم اسلح خانو قائم هو. اهو هاڻي يونائيٽيڊ سروسز ميوزم ۾ تبديل ٿي ويو آهي. اسپتال واري عمارت جي اولهه طرف محل جي حفاظتي ديوار ڏسڻ ۾ اچي ٿي. هن طرف سياحن جي گهمڻ تي بندش آهي. بادشاهه چارلس ٻئي جي دور حڪومت ۾ (سن 1649ع کان 1685ع تائين) هڪ ٻي حفاظتي ديوار پڻ انهيءَ طرف کان ٽڪريءَ جي ڏند تي ڏياري وئي ۽ ان جي ڀرسان چوڪيءَ وارن سپاهين جي پيادل هلڻ لاءِ هڪ رستو پڻ تعمير ڪرايو ويو. هن ديوار ۾ هڪ پويون گيٽ سيلي پورٿ نالي آهي جتان 9 مارچ سن 1689ع ۾ وڪسائونٽ ڊنڊي محل جي گورنر وٽ اچي کيس پنهنجي منشا ٻڌائي ۽ بادشاهه جيمس ستين جي حمايت ۾ اتر ۾ فوج تيار ڪرڻ لاءِ واپس ٻاهر روانو ٿي ويو. محل جو گورنر جلاوطن بادشاهه جي پاران محل جي حفاظت لاءِ مڪمل تيار رهيو ۽ نيٺ محل کي بچائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. سن 1715ع ۾ جيڪبائيٽس حمله آورن هن سيليپورٽ گيٽ واري ديوار ڊاهڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي. انهيءَ جي پيش نظر ميجر جنرل ويڊ محل جي مذڪوره اولهه طرف وارين ديوارن کي اوچو ڪرڻ جي سفارش ڪئي. فوجي معمار وليم آدم ٺيڪيدار جي حيثيت ۾ ڪم شروع ڪيو. سن 1828ع ڌاري مرمت جو ڪم مڪمل ٿيو. سن 1628ع ۾ پاڻي جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ محل جي پٺيان هڪڙو ننڍڙو کوهه جيڪو فقط 2.5 ميٽر يعني 10 فوٽ اونهو کوٽيو ويو.
    ايڊنبرگ محل اسڪاٽ لينڊ ملڪ جي شان شوڪت جي علامت آهي. جنهن ٽڪريءَ تي هي محل اڏيل آهي، اها ٽڪري سائنسدانن جي مفروضي موجب 340 سال اڳ هڪڙي زبردست زير زمين زلزلي جي نتيجي ۾ لاوا جي صورت ۾ پيدا ٿي. هن هنڌ انساني آباديءَ جا اهڃاڻ فقط ٽي هزار سال کن اڳ جا مشاهدي ۾ آيا آهن. انهيءَ دور کي تهذيبي طور برانز ڌاتو وارو پويون دور سڏيو وڃي ٿو.
    پهرئين عيسوي صديءَ ۾ هتي ڪاهي ايندڙ رومي لشڪر هن ٽڪريءَ تي هڪڙي خوشحال وسندي ڏٺي هئي. سن 600ع کان ڪجهه اڳي ڊن ايڊن (Din Eidyn) يعني ايڊن جو قلعو وارو مفروضو مروج هو ۽ سن 600ع ۾ ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي قائم هال ۾ بادشاهه جنگ جو طبل وڄرائي ماڻهن کان بادشاهه جي خدمت ڪندي سندس حمايت ۾ ان جي مخالفت حمله آورن سان مقابلو ڪندي مري وڃڻ لاءِ تيار رهڻ جو وچن وٺندي ڏٺو ويو.
    هيءَ ٽڪري راڻي مارگريٽ جي وفات واري وقت ۾ نهايت اهم شاهي قلعي جي حيثيت اختيار ڪري چڪي هئي. راڻيءَ سن 1093ع ۾ وفات ڪئي. سموري وچئين دور دوران ايڊنبرگ وارو محل اسڪاٽ لينڊ جي مکيه محلن ۾ نمايان حيثيت جو حامل رهيو ۽ ان جي ڪهاڻي گهڻي ڀاڱي اسڪاٽ لينڊ ملڪ جي ئي ڪهاڻيءَ تي مشتمل آهي.
    سورهينءَ صديءَ جي اوائل ۾ هولي روڊ هائوس محل اڏجڻ سبب شاهي رهائشگاهه اوڏانهن منتقل ٿي. تنهن هوندي به ايڊنبرگ محل علامتي طور تي پوري بادشاهت جي دل واري حيثيت ۾ برقرار رهيو.
    هي محل وقت گذرڻ سان سرڪار جو فوجي مرڪز ٿي پيو. وچئين دور جي تقريباً گهڻي اڏاوت کي فوجي استعمال ۾ آندو ويو. پراڻيون ديوارون ڊاهي نئين سر مورچابند ڪوٽ ۽ ديوارون اڏيون ويون.
    انهن ۾ توپ خانا ۽ ڪيترائي مورچا ٺاهيا ويا. هن محل جو آخرين محاصرو سن 46 1745ع ۾ جيڪ بائيٽ حمله آورن ڪيو هو. انهي وقت کان وٺي هيءُ مضبوط محل اسڪاٽ لينڊ جي سگهاري قومي علامت طور قائم آهي.
    اسان هن تاريخي قلعي کي ڏسي پوءِ ايڊنبرا شهر جي سير تي روانا ٿياسين. ايڊنبرا جو شهر ٻن حصن يعني اولڊ ٽائون ۽ نيو ٽائون ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. رهائش ۽ هوٽل وارو علائقو نيو ٽائون ۾ آهي ۽ بازاريون شاپنگ مال گهمڻ ڦرڻ سير ۽ شاپنگ اولڊ ٽائون واري علائقي ۾ ٿيندي آهي. سو اسان به هوٽل شاليمار ۾ ماني کائي پوءِ هن علائقي ۾ گهمڻ لاءِ روانا ٿياسين. هن علائقي ۾ چار مک بازارون آهن. جيڪي:
    1) Castle Hill.
    2) Lawn Market.
    3) High Street.
    4) Canon Gate.
    آهن. هي علائقو اسڪاٽلينڊ انگلينڊ ۽ يورپ جي ٻي مثال تفريح ماڳن مان هڪ آهي. ايڊنبرو ۾ سياحن جي گهمڻ لاءِ.
    1. ڪلاسيڪل ميوزڪ هال.
    2. ٿئيٽر ڊرامن لاءِ
    3. اوپيرا.
    4. ڊانس هال.
    ۽
    5. بيشمار ڪلب نائيٽ ڪلب ۽ (Concert) ڪانسرٽ هال آهن، جت توهان کي ڏينهن رات هزارين سياح ملندا. جنهن ۾:
    1. فسٽويل ۽ ڪنگسي ٿيئٽر.
    2. اسڪاٽ بيلٽ.
    3. اسڪاٽ اوپيرا.
    4. اسڪاٽ آرڪيٽسرا.
    5. گليمرس ڪلب ميراڊو (Glamorous Club Merado)
    ۾ هر جمعي تي (Cut price drink) گهٽ قيمت تي ڊرنڪ ۽ داخلا مفت هوندي آهي. سندس ٽائيم آهن شام پنج کان رات ڏهه. هن ڪلب ۾ هڪ نه ٻئي ڇنڇر جي رات خاص پروگرام ٿيندو آهي جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻهو شريڪ ٿين. ايڊنبرگ شهر ۾ وڏي ۾ وڏو نائيٽ ڪلب آهي.
    ريوو ليوشن (Revolution) جنهن ۾ ڏهه بارون ۽ ٻه هزار ماڻهن لاءِ هڪ ئي وقت ڊانس فلور آهي. هن ڪلب جو خاص پروگرام آهي. اسٽوڊنٽس نائيٽ هي ڪلب صرف چار ڏينهن اربع خميس جمع ۽ ڇنڇر کليل هوندو آهي. باقي ڏينهن بند هوندو آهي. تمام گهڻي رش ڪري ميلي جو سمان هوندو آهي. باقي اسڪاٽ روايتي ميوزڪ گهڻو ڪري سياحن کي سفردوران ڏيکاريندا آهن، جنهن ۾ اسڪاٽ لينڊ جو هڪ قسم جو بئنيڊ خاص ائٽم هوندو آهي. جيڪي هو پنهنجي روايتي لباس پائي جنهن ۾ چيڪ نما ڪپڙي جي چڍي ۽ اهڙائي گوڏن تائين جوراب ڪاري يا ڳاڙهي واسڪوٽي وار بلڪل سنڌي چوٽي وانگيان ٺهيل عورتن جا وار جيڪي روايتي ڊانس ڪن ۽ مرد وري وات سان ساز وڄائين جنهن کي هو (CEILIDHS) يا (Scottish reo downs) چون عورتن وارو اهو اسڪاٽ ناچ وارو پروگرام ڏاڍو دلچسپ هوندو آهي. ننڍي پيماني تي هي پروگرام وڏين هوٽلن ۾ به پيش ڪندا آهن، ماڻهو پنهنجو ٽائيم ۽ پيسو خرچ ڪري ڪڏهن ڪڏهن ٿو ملڪ کان ٻاهر گهمڻ وڃي، سو هر سياح کي انهي ملڪ جا هي روايتي ثقافتي پروگرام ضرور ڏسڻ گهرجن، هون به روبرو فون تي خطن ۽ اي ميل ذريعي سون جي تعداد ۾ ماڻهو ملڪ کان ٻاهر گهمڻ وارا يا پڙهڻ وارا اڪثر مشورا پڇندا آهن. آئون ڪوشش ڪري سڀني کي جواب ڏيندو آهيان. آئون حج ۽ عمرو ڪرڻ وارن کي به چوندو آهيان ته مذهبي فريضي کان پوءِ سعودي ملڪ جا ٻيا شهر به ڏسو جيئن توهان کي عربن ۽ هن ملڪ جي تهذيب ثقافت ۽ سياست جي معلومات حاصل ٿئي. اسان شهر گهمڻ جي شروعات ايڊنبرو جي مشهور پرنسيس اسٽريٽ کان ڪئي جيڪا ايڊنبرو جي سٺي ۾ سٺي بازار آهي. جيڪا تقريبن هڪ ميل ڊگهي ٿيندي. ۽ گهمڻ ۽ شاپنگ کان سواءِ به پنهنجي سونهن ڪري سڄي اسڪاٽلينڊ ۾ ڏاڍي مشهور آهي ۽ جيڪو سياح ايدنبرو اچي ۽ هي بازار نه ڏسي معنيٰ انهي اسڪاٽلينڊ يا ايڊنبرو ڏٺو ئي ڪو نه. اسان به پنڌ ئي پنڌ هن بازار ۾ خريداري ڪئي. گهمياسين ۽ ماني کاڌي پرنسيس اسٽريٽ گولڊن ايج جي ارڙهين صدي ۾ قائم ٿئي. هن بازار جي شروعات هڪ شاندار باغ کان ٿئي ٿي. جنهن جو نالو پرنسيس گارڊن آهي.
    اسان هتي تمام گهڻو گهميو، تنهن ڪري ٿڪجي پياسين، سو واپس پنهنجي هوٽل تي پهچي ڪجهه دير آرام ڪيوسين. تنهن کان پوءِ وري به هڪڙي ڪلب ۾ وياسين، جتي اسان کي روايتي اسڪاٽ لوڪ موسيقي ٻڌايائون. هن ڪلب ۾ داخلا لاءِ ڪا به ٽڪيٽ ڪا نه هئي، صرف اسڪاچ شمپيئن يا بيئر جي هڪڙي بوتل خريد ڪرڻي هئي. اسان رات دير سان گهر روانا ٿياسين ۽ وري صبح سوير هڪ ٽوئر بس ۾ چڙهي سڄي اسڪاٽ لينڊ جي سير تي روانا ٿياسين. بس اسان کي هوٽل تان صبح نوين بجي کنيو ۽ وري نوين بجي رات جو هوٽل تي لاٿو. اسڪاٽ لينڊ ۾ رات جو ٽين بجي به فجر جهڙي روشني لڳي پئي هوندي آهي. آئون هڪ دفعي رات جو ٽين بجي ننڊ مان اُٿيس ته پردن پٺيان به ٻاهر جهڙي فجر واري روشني محسوس ٿي ۽ پري بيٺل موٽرڪارن جون نمبر پليٽون به صاف نظر پئي آيون. اسڪاٽ لينڊ ۾ اسڪاچ شراب جون ٽي سئو کان به وڌيڪ ڊسٽيلريز يعني بَٺيون موجود آهن، جن مان ڪجهه اسان کي به ڏيکاريائون. هنن وسڪي ٺاهڻ وارن جي اسڪاچ مالٽ وسڪي سوسائٽي Scotch Malt Whisky society نالي پنهنجي هڪڙي تنظيم آهي جنهن تحت برٽش ڊسٽيلري انڊسٽري مئگزين به شايع ٿيندي آهي. اسڪات لينڊ ۾ شراب جا ڪارخانا گهڻو ڪري اسڪاٽلينڊ جي اترئين سامونڊي پٽي تي Morey District موري ڊسٽرڪٽ جي Grampain گرامپيئن علائقي ۾ قائم آهن. اڳوڻي دور ۾ هي تاريخي علائقو پنهنجن قلعن ۽ جنگي ميدانن سبب مشهور هو ۽ هاڻ وري راندين جي ميدانن خاص ڪري گاف Golf راند جي ميدانن ڪري سڄي اسڪاٽلينڊ ۾ ڏاڍو مشهور آهي.
    هن ئي علائقي ۾ جيڪو هڪ سئو تيرهن ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي، شراب جا پڻ سوين ڪارخانا موجود آهن. خاص ڪري اسپي Spey نديءَ جي ڪپ تي. شراب کي مقامي ماڻهو Usage Beatha يوزيج بيٿا يعني آب حيات سڏيندا آهن، چون ٿا ته امريڪين هن علائقي مان پاڻي کڻي وڃي آمريڪا ۾ شراب ٺاهيو پر اهي اسڪاٽلينڊ جهڙو شراب ڪو نه ٺاهي سگهيا ۽ نيٺ کين شراب ٺاهڻ جا اهي ڪارخانا بند ڪرڻا پيا. انگلينڊ ۾ شراب پيئڻ لاءِ قانوني طرح سان ماڻهوءَ جي عمر گهٽ ۾ گهٽ ارڙهن سال هئڻ گهرجي. پاڻ وٽ وري ووٽ ڏيڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ عمر ارڙهن سال مقرر آهي. انگلينڊ ۾ سورهن سالن جو ٻار شراب خانن ۾ ڪجهه مخصوص ڪمرن کان سواءِ پنهنجي مائٽن يا سنڀاليندڙن سان گڏ داخل ٿي سگهي ٿو. باقي توهان شراب پي گاڏي هلائي نٿا سگهو. البت گاڏيءَ ۾ شراب رکي سگهو ٿا. آمريڪا ۾ گاڏيءَ اندر نه البت ڊگيءَ ۾ شراب رکي سگهجي ٿو. انگلينڊ ۾ توهان شراب خانن اندر ڏينهن جو ساڍي يارهين بجي کان رات جو يارهين بجي تائين شراب پي سگهو ٿا. رهائش وارين هوٽلن ۾ به اهو ساڳيو قانون لاڳو آهي. ڪجهه شراب خانا آرتوار جي ڏينهن به کليل هوندا آهن، جن مان ڪن ۾ عريان رقص به ٿيندو آهي ۽ داخلا في به ڪانهي. اسان جنهن علائقي ۾ گهمڻ وڃون پيا ان جو نالو Gram pain گرام پين آهي. هن ئي علائقي ۾ اسڪاٽلينڊ جي پهاڙي علائقي جا اوچي ۾ اوچا جبل آهن جيڪي وڻن ۽ گلن سان ڍڪيا پيا آهن. هن ئي خطي جي ندين ۾ دنيا جون مشهور مڇيون Salman سالمن ۽ Trout ٽرائوٽ ٿين ٿيون. هن خطي ۾ Balmoral Place نالي انگلينڊ جي راڻيءَ جو خانگي محل آهي، جتي هوءَ موڪلن دوران اچي رهندي آهي. اهو محل راڻي وڪٽوريا جي وقت ۾ ٺهيو.
    هتي Kerachers ڪراچرس نالي هڪڙي ڪمپني مڇيءَ جي کاڌن تيار ڪرڻ ڪري ڏاڍي شهرت رکندڙ آهي. سڄي اسڪاٽ لينڊ جا ماڻهو توڙي هتي ايندڙ سياح هن ڪمپنيءَ جا مڇي وارا کاڌا ڏاڍي شوق سان کائيندا آهن. پاڻ وٽ ڪراچي ڪلفٽن ۾ آغا سپر اسٽور تي اهي ساڳيون مڇيون دٻن ۾ بند ملنديون آهن. اسڪاٽلينڊ جي هنن سحرانگيز حسين وادي ۾ سڄو ڏينهن گذاري اسان رات جو ڏهين وڳي پنهنجي رهائشي هوٽل تي پهتاسين، جت سڄي ڏينهن جي مسافريءَ سبب فرخ ۽ نور ته ماني کائڻ کان سواءِ ئي سمهي پيا. آئون ۽ منيٰ ٿورو سوپ پي وڃي آرامي ٿياسين. صبح جو سوير پنهنجو سامان کڻي اچي ايڊنبرا ريلوي اسٽيشن تي پهتاسين، جتان ريل گاڏيءَ ۾ چڙهي اسڪاٽلينڊ جي هنن حسين وادين کي آخري سلام ڪندا اسان لنڊن روانا ٿياسين. يورپ ۽ آمريڪا صنعت، تجارت، ايڊورٽائيزمينٽ، تعليمي ادارن ۽ سياحت مان ڪمايل پيسي جي زور تي پنهنجن ملڪن کي گل و گلزار ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ ڪري سڄي دنيا هاڻ خود به خود اوڏانهن هلي وڃي. پاڪستان جي صوبي خيبرپختون خواهه جا اُتريان علائقا قدرتي سونهن ڪري اڏي ته حسين آهن، جو جيڪڏهن اتي به ايتري دولت خرچ ڪجي ۽ امن امان قائم ڪجي، ۽ اهي سڀ سهولتون جيڪي سياحن کي يورپ ۽ آمريڪا ۾ حاصل آهن، سي هتي به مُيسر ڪجن ته هي سر سبز ۽ حسين واديون به جيڪر يورپ کان به وڌيڪ حسين ۽ پرڪشش لڳن. پر پاڻ وٽ هڪ نه پر لک مسئلا آهن. جيڪو ٿورو گهڻي پيسو ٻين ملڪن کان اوڌر تي ملي ٿو سو به اسان جي فوج ۽ حاڪمن جي عياشين تي خرچ ٿيو وڃي، نه ته اسان جا ڪامورا ته ايڏا ايماندار ۽ ديانتدار آهن جو جيڪر کين پيسا هٿ ۾ ملن جو هِن ملڪ کي چار چنڊ هڻي ڇڏين. سنڌ ۾ تازو جڏهن ٻوڏ آئي ته SDO کان پُڇيم ته توکي بندن جي سار سنڀال لاءِ گهڻا پيسا مليا، پاڻ چئين ته پنجويهه لک. مون پڇيس ته انهي مان گهڻو خرچ ٿيو، پاڻ ٻڌايائين ته خرچ ڇا جو مڙئي زمينداري ڇيڙن تي ماني کارائڻ ۽ پٽرول وغيره تي چاليهارو هزار کن مس خرچ ٿيا، پوءِ وري جي ٻي سال جڏهن سڄي سنڌ جي بندن جي ٻنهي ڪپرن تي ڇهه، فٽ اضافي مٽي وڌي ويئي تڏهن سڄي بندن تي مقرر ڪامورن جي زبان تي سدائين سرويچ جو هي شعر ته ٻئي ڪنڌيون مهران جون جنت الفردوس آهن ٻڌڻ ۾ ايندو هو.
    ايڊنبرگ مان اسڪاٽش ادب، سياست، سياحت، ۽ معيشت بابت ڪجهه ڪتاب خريد ڪيا هئم، تن کي ريل گاڏيءَ ۾ سرسري نظر سان پڙهان پيو. اچو ته اسڪاٽش ادب متعلق توهان کي به ڪجهه ٻڌايان. اسڪاٽش ادب مان مراد اهو ادب، جيڪو اسڪاٽلينڊ رياست جي حدن اندر تخليق ٿيو يا اسڪاٽلينڊ جي شهريت جي حامل ليکڪن جو سرجيل ادب آهي، جيڪو وقت به وقت سازگار حالتن پٽاندر نه فقط هڪڙي اسڪاٽش زبان يعني اسڪاٽلينڊ جي قومي ٻوليءَ ۾ تخليق ٿيندو رهيو، پر اهو انگريزي، اسڪاٽش، گائيلڪ، يعني قديم آئرلينڊ ۽ اسڪاٽلينڊ جي مٿانهن پَٽَن ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻوليءَ، برائيٿونڪ، يعني ويلس ۽ برٽين لوڪن جي ٻولي، فرانسيسي، لاطيني، توڙي ٻين ڪيترين ئي ٻولين ۾ موجوده اسڪاٽلينڊ رياست جي حدن اندر سرجندڙ ادب اسڪاٽش ادب سڏجي ٿو. جهڙوڪ ڇهين عيسوي صديءَ ۾ ابرائيٿانڪ ٻوليءَ ۾ لکيل ادب ويلس رياست جي ادب جي حصي جي حيثيت ۾ اڃا زنده آهي ۽ اهو موجوده جديد اسڪاٽلينڊ رياست جي حدن اندر تخليق ٿيڻ سبب ”اسڪاٽش ادب“ شمار ڪيو وڃي ٿو. بعد وارين صدين ۾ رومن ڪيٿولڪ چرچ جي اثر هيٺ، اسڪاٽلينڊ ۾ لاطيني ٻوليءَ ۾ ادب سرجيو. آڳاٽي انگريزي ٻوليءَ ۾ سرجيل ادب، انگريز ڪليسا جي پوئلڳ انگريز آبادڪارن اسڪاٽلينڊ ۾ آندو. جڏهن کان Alba البا نالي قديم علائقو اٺين عيسوي صديءَ ۾ ترقي ڪري اسڪاٽلينڊ نالي هڪ آزاد ۽ خود مختيار رياست طور وجود ۾ آيو ۽ اتي بادشاهت قائم ٿي، تڏهن کان هتي ترقي پسند ليکڪن جو هڪڙو گروهه پيدا ٿيو، تنهن گائيلڪ ۽ لاطيني، ٻنهي ٻولين ۾ اسڪاٽلينڊ، آئرلينڊ ۽ ٻين ڀروارن تخليق ڪيو. تيرهين عيسوي صديءَ ۾ برپا ٿيندڙ ”ڊيوڊ واري ادبي انقلاب“ کان پوءِ تخليق ٿيندڙ ادب ۾ ترقي پذير فرينچ ٻولي ۽ ثقافت وارو رُجحان ڇانئيل رهيو. جڏهن ته اُن وقت اسڪاٽلينڊ ۾ آباد ٿيندڙ ناروي ۽ اسڪينڊينيويا جي ٻين علائقن کان آيل لوڪن وري Norse نارس يعني ناروي ملڪ جي ماڻهن جي مادري زبان ۾ ادب تخليق ڪرڻ جاري ڪيو. جيئن سنڌي ٻوليءَ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ سنڌ جي سورمن ۽ سورمين کي پنهنجي شاعريءَ ۾ آڻي محفوظ ۽ اَمر ڪري ڇڏيو، تيئن چوڏهين عيسوي صديءَ ۾ مشهور اسڪاٽ شاعر John Barbour جان باربر جو لکيل اسڪاٽ سورمن جي ڪارنامن بابت رزميه شاعريءَ تي مُبني طويل نظمن وارو ڪتاب، جنهن جو عنوان Brus برس هو، حقيقت ۾ اسڪاٽش ادب جو پهريون ڪتاب آهي، جيڪو اڃا تائين ثابت ۽ سلامت آهي.
    تنهن کان پوءِ اسڪاٽلينڊ ۾ ڳالهايون ويندڙ تقريباً سڀني ٻولين ۾ يورپ جي وچئين دور جي مشهور عشقيه ڪهاڻين تي شاعريءَ ۾ طبع آزمائي ٿيڻ لڳي. انهن شاعراڻين ڪاوشن جو سلسلو پندرهين عيسوي صديءَ ۾ سرجندڙ دور ۾ شاهي يعني سرڪاري سرپرستيءَ سبب شاعري، نثر توڙي ناٽڪن وارين صنفن ۾ ڪافي ادب تخليق ٿيو. بادشاهه جيمس پنجين جي درٻار سان واڳيل نامياري اديب ۽ شاعر Sir David Lindsay of the Mount يعني مائونٽ واري سر ڊيوڊ لنڊسي جي مشهور تصنيف The three Estaitis ”دي ٿِري اسٽيٽس“ انهيءَ ڏِس ۾ مثال طور ڄاڻائي وڃي ٿي. سورهين عيسوي صديءَ جي آخر ۾ شاهي سرپرستيءَ هيٺ اسڪاٽلينڊ جي شاهي درٻار سان وابسته شاعرن ۽ موسيقارن جي هڪڙي انجمن Castalian Band ڪاسٽيليئن بينڊ جي نالي سان قائم ٿي. بادشاه جيمس ڇهون انهيءَ انجمن جو سرپرست ۽ ميمبر پڻ هو. جڏهن 1603ع ۾ هڪ سياسي معاهدي تحت اسڪاٽلينڊ انگلينڊ جي طابع ٿيو ته شاهي سرپرستيءَ جي عدم موجودگيءَ سبب اسڪاٽش ادب، خاص ڪري شاعريءَ ۾ ماٺار اچي ويئي. اهو جمود پوري هڪ صدي کان پوءِ يعني سن 1707ع ۾ انگلينڊ سان سياسي اتحاد کان پوءِ ٽٽو، جنهن ۾ مکيه ڪرار ناميارن ليکڪن ايلن رامسي، ۽ جيمس مڪفرسن ادا ڪيو. جيمس مڪفرسن جي عظيم تصنيف Occian Cycle ”اوشن سائيڪل“ کيس اسڪاٽلينڊ جو پهريون عالمي شاعر هجڻ جو اعليٰ رتبو حاصل ڪرايو. هن رابرٽ برنس، والٽر اسڪاٽ ۽ ٻين ڪيترن ئي همعصر ۽ جونيئر يعني سيکڙاٽ تخليقڪارن جي همت افزائي ۽ مدد ڪئي، جنهن ڪري رابرٽ برنس اسڪاٽ لينڊ جي قومي شاعر جي حيثيت حاصل ڪئي ۽ والٽر اسڪاٽ کي Waverley Novels ”ويورلي ناولس“ نالي تخليق وسيلي اوڻيهين عيسوي صديءَ واري اسڪاٽلينڊ جي حقيقي معاشرتي يعني سياسي، معاشي، ثقافتي ۽ علمي ادبي صورتحال جي عالمانه اپٽار ڪرڻ سبب عالمي شهرت نصيب ٿي.
    مهاراڻي وڪٽوريا جي دور حڪومت جي پڇاڙيءَ ۾ جن اسڪاٽلينڊ ڄاون ليکڪن ادبي دنيا ۾ عالمي شهرت ماڻي، انهن ۾ رابرٽ لوئس اسٽيووينس، آرٿر ڪينن ڊائيل، جي امي برٽي ۽ جارج ميڪدونالڊ پڻ شامل آهن. ويهَئين عيسوي صديءَ ۾ اسڪاٽ لينڊ جي ادبي دنيا ۾ سڌاري ۽ واڌاري واري هڪڙي سگهاري تحريڪ شروع ٿي، تنهن کي اسڪاٽش ادب ۾ پيدا ٿيندڙ نئين جاڳرتا واري تحريڪ سڏين ٿا. انهيءَ تحريڪ جو روح روان، هف ميڪڊائرمِڊ هو، تنهن اسڪاٽ (اسڪاٽ لينڊ جي قومي) ٻوليءَ کي سنجيده، مقامي ۽ معياري ادب سرجڻ واسطي استعمال ڪيو ۽ پنهنجي حلقھ ادب ۾ رائج ڪرايو. اسڪاٽ اديبن جي هن لڏي جي پيروي، ٻي عالمي لڙائيءَ کان پوءِ پيدا ٿيندڙ نئين ٽهيءَ جي اسڪاٽش اديبن ۽ شاعرن ڪئي، انهن ۾ ايڊوِن مارگن جو نالو سر فهرست آهي. کيس سن 2004ع ۾ اسڪاٽ لينڊ سرڪار، پنهنجي افتتاحي تقريب دوران ”اسڪاٽ ٻوليءَ جو قومي شاعر“ واري اعليٰ اعزاز سان نوازيو. سن 1980ع واري ڏهاڪي کان وٺي اسڪاٽش ادب ۾ جاڳرتا جي هڪڙي نئين لهر پيدا ٿي، تنهن جو گِلاسگو جي اديبن واري ترقي پسند گروهه سان گهرو لاڳاپو هو. انهيءَ گروهه جو اڳواڻ اِروِن ويلِش هو. انهيءَ دور ۾ پيدا ٿيندڙ اسڪاٽش شاعرن ۾ مکيه نالو ڪيرول اين ڊُفِي جو آهي، سا پهرين اسڪاٽش شاعره آهي، جنهن کي سندس شاعراڻي ڏات جي مڃتا طور ”برطانيه جي عظيم شاعره“ جي بلند مرتبه اعزاز سان نوازيندي، مئي 2009ع ۾ ”پوئينٽ لاريئيٽ“ جي تاجپوشيءَ لاءِ مخصوص گلن جو ٺهيل تاج پهرايو ويو.
    اڪثر سياح حضرات پنهنجن سفرنامن ۾ صرف چٽپٽيون ڳالهيون لکندا آهن، پر آئون ڪوشش ڪري گهُميل ملڪ جي تاريخ، جاگرافي، معيشت، سياست ۽ ادب تي به ٿورو گهڻو لکندو آهيان ته جيئن پڙهندڙن کي انهي ملڪ بابت ڪجهه اهم معلومات ملي.
    هينئر ذڪر پيو هلي ”اسڪاٽش ادب“ جو، ته تاريخي طور يورپ جي وِچئين دور ۾ رومي حڪمرانن جي برطانيه مان نڪري وڃڻ کان وٺي Alba البا رياست جي بادشاهيءَ جي قيام ۽ البا رياست جو ”اسڪاٽ لينڊ“ نالي رياست جي قيام تائين واري عرصي دوران سيلٽڪ ٻولين جي گروهه مان اتر برطانيه وارن علائقن ۾ ڪيتريون ئي مختلف ٻوليون ڳالهايون وينديون هيون، انهن جي نتيجي طور هنن علائقن ۾ عيسائيت وارو مذهب پکڙيو، مضبوط ٿيو ۽ لاطيني ٻولي ۽ آڳاٽي انگريزي ٻولي پيدا ٿي.
    جديد ادبي تاريخ، جنهن جو بنياد ڪجهه جهونن ماڳن ۽ وستين جي نالن ۽ ڪجهه تاريخي ثبوتن تي مشتمل آهي، ڄاڻائي ٿي ته اتر اوڀر اسڪاٽ لينڊ ۾ رهندڙ قديم لوڪ، جن کي Picts پِڪٽ سڏيو ٿي ويو، اهي ماڻهو برائيٿونڪ ٻولي ڳالهائيندا هئا، پر هن وقت انهيءَ ٻوليءَ ڪو به علمي ادبي مواد يا رڪارڊ موجود ڪونهي. آڳاٽي ويلش ادب جو ڳچ مواد موجوده اسڪاٽ لينڊ ۽ ان جي آسپاس وسندين ۾ تخليق ٿيو، سو به برائيٿونڪ ٻوليءَ ۾ لکيو ويو. ويلس رياست جي ماڻهن جي ويلش ٻولي به انهيءَ برائيٿونڪ ٻوليءَ مان پيدا ٿي ۽ ڪافي عرصو پوءِ ويلس علائقي ۾ لکجڻ لڳي. ويلش ٻوليءَ ۾ لکيل سڀ کان وڌيڪ جهونو صحيفو ”گوڊو ڊِن“ نالي ڪتاب شمار ٿئي ٿو، جنهن جو مصنف ”انِيرِن“ ڄاڻايل آهي. چوڻ ۾ اچي ٿو ته ا ُنيرِن، ڇَهين عيسوي صديءَ ۾ گوڊودن نالي شهر جو رهاڪو، شاعر هو. ويلش ٻوليءَ ۾ لکيل ٻئي قديم ڪتاب جو نالو ”بيٽل آف گِوين يسٽريڊ“ آهي. جنهن جو مصنف ”ٽيليسن“ اندازاً انيرن جو همعصر ۽ فيجڊ جو درٻاري شاعر هو. انهيءَ دور ۾ مذهبي ادب پڻ سِرجيو، جيڪو وري اڃا مختلف، يعني گائيلڪ ٻوليءَ ۾ لکيو ويو. جهڙوڪ ڊالان فور گائيل جو لکيل ”ايليگي فار سينٽ ڪولمبا“ سن 597ع ۾ سرجيو، ۽ ”اِن پريز آف سينٽ ڪولمبا“ بيڪن ميڪ لِنيوگڊيڪ سن 677ع ۾ لکيو. بيڪن ميڪ لِنيوگڊيڪ روم شهر جو باشندو هو. لاطيني ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتاب ”پريئر فار پروٽيڪشن“ ڇهين عيسوي صديءَ جي وچ ڌاري ”سينٽ ميوگنٽ“ لکيو ۽ ”الٽس پروسيٽر“ نالي ڪتاب، سينٽ ڪولمبا سن 597ع ڌاري لکيو. اسڪاٽ لينڊ رياست جي آڳاٽي دور ۾ انهن علائقن اندر ڳالهائي ويندڙ آڳاٽي انگريزي ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتاب ”دِي ڊِريم آف دي روڊ“ مان ورتل چند سٽون ”رُٿويل ڪراس“ نالي صليبي شيلڊ تي اُڪريل لڌيون آهن.
    اسڪاٽ لينڊ جي بادشاهه ڊيوڊ اَوَل جي حڪومت کان اڳي ئي اتي عالمن ۽ اديبن جو ترقي پسند حلقو موجود هو. انهن اديبن ۽ شاعرن گائيلڪ ۽ لاطيني ٻولين ۾ ڪافي مقدار ۾ ادب تخليق ڪيو، جنهن جي اشاعت آئرلينڊ ۽ آسپاس جي ٻين علائقن ڏانهن به منتقل ٿيندي رهي. اسڪاٽ لينڊ جي هيٺاهن علائقن جي مختلف وستين، جهڙوڪ لوچ ليوِن ۽ بريچن ۾ به تيرهين عيسوي صديءَ دوران گائيلڪ ٻوليءَ ۾ ادب تخليق ڪندڙ ادبي گروهه موجود هو. يورپي وِچئين تاريخي دور ۾ به آئرش ٻوليءَ ۾ تخليق ٿيل ادب جو اڪثر مواد، ممڪن آهي ته آئرلينڊ جي بدران اوڀر اسڪاٽلينڊ ۾ ئي سرجيو هجي، پر افسوس ته چوڏهين عيسوي صديءَ جي شروعات کان اڳي ئي اسڪاٽ لينڊ ۾ علمي ادبي سرگرمين ۾ ماٺار سبب اهو آئرش ادب ضايع ٿي ويو. ٿامس اووين ڪلينسي، مشهور اديب جو خيال آهي ته ”ليبر پريٽنيچ“ نالي ڪتاب، جنهن کي آئرش ٻولي ۾ ”آئرش نينيئس“ سڏين ٿا، اهو ڪتاب اسڪاٽلينڊ جي شهر ايبرنيٿي ۾ قائم عيسائي خانقاه ۾ لکيو ويو هو. پر انهيءَ جو مسودو فقط آئرلينڊ ۾ محفوظ ڪيل دستاويزن ۾ موجود هجڻ سبب مذڪور دعويٰ کي گهربل اهيمت حاصل ڪانهي. ٻين بچي ويل ادبي دستاويزن ۾ ڏاهي شاعر گِل برائيڊ البانيچ جو لکيل نظم ”هيڊنگ فار ڊِمِيٽا“ به شامل آهي، جيڪو هن 1218ع ڌاري، پنجين صليبي لڙائيءَ جي تجربن بابت لکيو هو.
    تيرهين عيسوي صديءَ ۾ اسڪاٽلينڊ ۾ فرينچ ٻوليءَ پڻ علمي ۽ ادبي زبان جي حيثيت ۾ ترقي ڪئي، جنهن ۾ لکيل ڪتاب ”رومن ڊي فرگُس“ اسڪاٽلينڊ ۾ تخليق ٿيل، فرينچ ٻوليءَ ۾ قديم ترين دستاويز آهي. ”اَرٿَريئَن سائيڪل“ نالي فرينچ ٻوليءَ ۾ لکيل ڪهاڻين جي ڪتاب بابت ڊِي ڊِي آر اوون سميت ڪجهه عالمن جو خيال آهي ته انهيءَ ڪتاب ۾ شامل ڳچ ڪهاڻيون پڻ اسڪاٽلينڊ ۾ ئي سرجيون هيون. مٿي ذڪر ڪيل ٻولين کان سواءِ، اسڪاٽلينڊ جي اُتر ۽ اولهه وارن علائقن ۾ آباد ٿيل ناروي جي ماڻهن جي نارس ٻوليءَ ۾ پڻ ڪجهه ادبي مواد سرجيل آهي. جهڙوڪ نارس ٻوليءَ ۾ لکيل مشهور ڪتاب ”آرڪِنئِنگا ساگا“ جيڪو آرڪِني علائقي جي نوابيءَ بابت لکيل هو، اهو به اسڪاٽلينڊ جي علائقي آئس لينڊ ۾ تخليق ٿيو هو. ٻين ٻولين سان گڏ اسڪاٽلينڊ ۾ لاطيني ٻوليءَ ۾ به علم ۽ ادب سرجيو. مثلاً گلاسگو جي شهرين جي فتح بابت ”ڪارمن ڊي مورٽي سمرليڊي“ عنوان سان لکيل نظم ۽ ”انچڪام اينٽيفونر“ عنوان سان لکيل شعر جيڪو سينٽ ڪولمبا جي شان ۾ لکيل هو. وچئين دور ۾ سڀ کان وڌيڪ اهميت جو حامل ادبي شهپارو ”ويٽاڪولمبا“ جي عنوان تحت لکيل ڪتاب، جيڪو لاطيني ٻوليءَ ۾ لکيو ويو، ان جي تخليق جو ماڳ پڻ اسڪاٽلينڊ آهي.
    آڳاٽي اسڪاٽ ادب جي مکيه ڀاڱي ۾ جان باربر جو لکيل رزميه شاعريءَ تي مشتمل برُس جي عنوان هيٺ ڪتاب، بادشاهه رابرٽ ثانيءَ جي سرپرستيءَ تحت سن 1375ع ۾ سرجيو. انهيءَ رزميه شاهڪار ۾ جان باربر انگريزن جي اسڪاٽلينڊ تي حملي کان وٺي اسڪاٽلينڊ جي آزاديءَ جي جنگ دوران رابرٽ پهرئين جي شجاعت ۽ همت جو احوال شاندار نموني بيان ڪيو آهي. آڳاٽي ادب جو هي پهريون شاهڪار آهي، جيڪو محفوظ ڪيو ويو. هي ڪتاب حاڪم ۽ امير طبقي توڙي اسڪاٽ عوام ۾ نهايت مقبول آهي. جهڙي طرح انگلينڊ ۾ سندس همعصر شاعر چائوسر کي انگريزي ٻوليءَ جو اولين عظيم شاعر هجڻ جو اعزاز حاصل آهي، ساڳئي طرح جان باربر کي پڻ اسڪاٽلينڊ ۾ اسڪاٽ ٻوليءَ جو پهريون وڏو شاعر هجڻ جو رُتبو حاصل آهي. پندرهين عيسوي صديءَ ۾ ٻيا به عظيم ليکڪ پيدا ٿيا. انهن مان هڪڙي اينڊريو ونٽُون ”اوريجنل ڪرانيڪل آف اسڪاٽلينڊ“ نالي شاعريءَ جو شاندار شاهڪار تخليق ڪيو ۽ بلائينڊ هيري نالي عظيم اديب ”دي واليس“ نالي تاريخي مجازي ڪهاڻين تي مشتمل شاهڪار سرجيو. مَٿِيَن ٻنهي تخليقڪارن تي فرينچ لوڪ ڪهاڻين جو گهرو اثر هو. مثال طور ڪتاب ”دي بيوڪ آف اليگزينڊر“، ”لينسيلاٽ آف دي ليڪ“ ۽ ”دي پورٽِيئس آف نوبليس“. پويون ڪتاب گلبرٽ هي جي تصنيف آهي.
    وچئين دور ۾ اسڪاٽ ادب جا معمار، جن کي ”ميڪرس“ سڏيندا هئا، انهن جي شاهي درٻارن سان وابستگي هئي. جهڙوڪ جيمس اول، جنهن ”دي ڪِنگِس ڪوائر“ نالي ڪتاب لکيو. انهن اديبن ۽ شاعرن مان ڪيترائي اعليٰ تعليم يافته هئڻ سبب ”ڪِرڪِ“ نالي اسڪاٽ مذهبي اداري سان پڻ واڳيل هئا. جڏهن ته ڊُنبار جو لکيل ڪتاب ”ليمينٽ فار دي ميڪرس“ جيڪو هُن سن 1505ع ۾ لکيو هو، اهو درٻار ۽ چرچ کان ٻاهر سيڪيولر خيالن جو ثبوت پيش ڪري ٿو. اسڪاٽلينڊ ۾ ڇاپخانا قائم ٿيڻ کان اڳ وارا اديب ۽ شاعر اسڪاٽ شاعريءَ جي معراج تي هئا. مثلاً رابرٽ هينري سن، وليئم ڊُنبار، والٽر ڪينيڊي، گيون ڊگلس ۽ ٻيا.
    پندرهين عيسوي صديءَ جي آخر ۾ اسڪاٽ ادب ۾ نثر جي تخليق به ٿيڻ لڳي. جيتوڻيڪ آڳاٽي اسڪاٽ ادب ۾ به نثر نويسيءَ جو ثبوت موجود آهي، مثلاً ”آچلنليڪ ڪرانيڪل“ اسڪاٽ نثري ادب ۾ پهريون مڪمل طور محفوظ ڪتاب ۽ جان آئيرلينڊ جو لکيل ڪتاب ”دي ميروئر آف وزڊم“ سن 1490ع ۾ لکيو ويو هو. هن دور يعني سن 1450ع کان وٺي فرينچ نثر جو اسڪاٽ ٻوليءَ ۾ ترجمون ٿيڻ لڳو، جنهن ۾ ”دي بُڪ آف دي لا آف دي آرميز“، ”آرڊر آف ڪنچٿوڊ“ ۽ ”سيڪريٽا سيسيٽورم“ ڪتاب سرفهرست آهن. جيمس چوٿين جي دور حڪومت ۾ گيون ڊگلس طرفان ورجل جي ڪتاب جو ترجمو حقيقي شاهڪار آهي ۽ اهو آڳاٽي ادب مان چونڊيل مڪمل ترجمون ليکيو وڃي ٿو. ڊگلس انهيءَ ڪتاب جو مڪمل ترجمون سن 1513ع ۾ پورو ڪيو. شاعرن ۽ اديبن جي سرپرست جي حيثيت ۾ بادشاهه جيمس پنجين ناميارن تخليقڪارن وليئم اسٽيوارٽ ۽ جان بلينڊن جي ڀرپور مدد ڪئي، جن لاطيني ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتاب ”هسٽري آف اسڪاٽلينڊ“ جو سندن مادري زبان اسڪاٽ ٻوليءَ ۾ ترجمون ڪيو ۽ سن 1527ع ۾، هيڪٽر بوئيس نالي مولف انهيءَ ڪتاب جي نظم توڙي نثر ۾ تاليف ڪئي. سر ڊيوڊ لِنڊسي، ”لارڊ ليون“ يعني ليون جي ڪورٽ جو جج، سفارتڪار ۽ شاندار شاعر هو. هن لنلٿگو محل ۾ سندس لکيل ۽ هلندڙ ناٽڪ، ”دي ٿري اسٽيٽس“ جي وچ تي اداڪارن توڙي ڏسندڙن کي ساهي کڻائڻ واسطي وقفو ڪرايو. اهو سن 1540ع هو. انهيءَ ناٽڪ ۾ هُن چرچ توڙي سرڪار تي بدعنوانيءَ باعث تنقيد ڪئي. اسڪاٽ ادب جو اهو پهريون ناتڪ محفوظ آهي. سن 1580ع کان سن 1590ع تائين بادشاهه جيمس ڇهين پنهنجي جنم ڀوميءَ جي ادب کي فروغ ڏياريو. هن علم عروض بابت پنهنجو لکيل ڪتاب ”سَم روس اينڊ ڪاشنس ٽوبي آبزروِڊ اِن اسڪاٽش پروسوڊي“ سن 1584ع ۾ شائع ڪرايو، تڏهن پاڻ اڃا 18 سالن جو نوجوان هو. هُن انهيءَ ڪتاب ۾ سندس مادري زبان ”اسڪاٽ“ جي شاعريءَ جو جائزو وٺي ان جي سڌاري ۽ واڌاري خاطر مُروِج ادبي صنفن ۾ نئين جاڳرتا وارا ترقي پسند اصول لاڳو ڪرايا. هو ”ڪاسٽيلِيئَن بينڊ“ نالي اديبن، شاعرن ۽ موسيقارن جي انجمن جو سرپرست ۽ ميمبر پڻ هو. وليئم فائولر ۽ اليگزينڊر به انهيءَ انجمن ۾ شامل هئا.

    هن دور ۾ بيليڊ يعني داستاني گيت اسڪاٽ ادب توڙي اسڪاٽ عوام ۾ مقبول صنف جي حيثيت حاصل ڪئي. جيتوڻيڪ بيليڊ اسڪاٽ ادب ۾ انهي وقت کان گهڻو عرصو اڳ ئي رائج هو ۽ تيرهين عيسوي صديءَ جي اسڪاٽ ماڻهن جي رسم و رواج بابت قِصا ۽ ڪهاڻيون موجود هيون. انهيءَ وقت جي بيليڊ جي سرجڻهارن ۾ سر پيٽرڪ اپينس ۽ ٿامس دي رائمر مشهور هئا. شروعات ۾ بيليڊ لکيا ڪو نه ويندا هئا، پر اهي داستاني گيت ڳائي وڄائي پيش ڪيا ويندا هئا. انهن کي لکت ۾ گهڻو گهڻو پوءِ آندو ويو. بيليڊ سهيڙيندڙن ۾ مکيه نالا رابرٽ برنس ۽ والٽر اسڪاٽ جا آهن. سترهين عيسوي صديءَ کان وٺي انهن داستاني گيتن کي ادبي صنف جو درجو حاصل ٿيو. اهو ادبي صنف جو درجو ڏيارڻ ۾ رابرٽ سيموئل، ليڊي ايلزبيٿ وارڊلا ۽ ليڊي گرزل بيلي جو اهم ڪردار هو. جيتوڻيڪ انگلينڊ سان اتحاد سبب اسڪاٽ خاص طبقي ۾ انگريزي ٻولي رواج ۾ آئي، پر اسڪاٽ ادب مسلسل ترقي ڪندو رهيو ۽ برطانيه ۾ مقبوليت ماڻيندو رهيو. ايلن رامسي آڳاٽي اسڪاٽ ادب لاءِ نئين جاڳرتا جو بنياد رکيو ۽ دهقاني شاعريءَ جو رحجان پيدا ڪيو ته جيئن ”هيبي اسٽينزا“ صنف ۾ ترقي ٿئي. جيمس مسڪفرسن پهريون اسڪاٽ شاعر هو، جنهن کي ”اوشن“ الي شاعر جو ڪلام هٿ ڪري، انهيءَ جو ترجمون شايع ڪرڻ سبب بين الاقوامي شهرت ملي. سندس تاليفات کي سيلٽڪ ٻوليءَ ۾ تخليق ڪيل آڳاٽي رزميه شاعريءَ واري حيثيت حاصل ٿي. ”فِنگل“ نالي ئي ٻولين ۾ ترجمون ٿيو، ڇو ته انهيءَ تصنيف ۾ اسلوب، ٻوليءَ، قدرتي حسن جو بيان، مجازي گداز، غم ۽ الم جو بيان نهايت وڻندڙ ۽ دلربا انداز ۾ ڪيل هو، جنهن سبب يورپ جي ادبي دنيا ۾ رومانوي انداز تحرير جي تحريڪ پيدا ٿي. انهيءَ تحريڪ جو اثر هرڊر ۽ گوئٽي جي تخليقات ۾ ظاهر ٿيو. رابرٽ برنس ۽ والٽر اسڪاٽ تي پڻ اوشن واري شاعراڻي اسلوب جو گهرو اثر هو. رابرٽ برنس آئيرشائير شهر جو رهاڪو، اسڪاٽ لينڊ جو قومي شاعر تسليم ڪيو ويو. هن اسڪاٽلينڊ ۽ ان کان ٻاهرئين علائقن جو لوڪ ادب پڻ سهيڙيو، جنهن ۾ لوڪ گيتن جو وڏو ذخيرو هو. ادب ۾ رومانوي تحريڪ ۾ سندس مکيه ڪردار هو. سندس مشهور گيت ”آلڊ لينگ سائين“ سال جي آخري ڏينهن وارين تقريبن ۾ خصوصاً ڳايو ويندو هو. سندس ”اسڪاٽس واهاء“ جي عنوان واري گيت کي طويل عرصي تائين غير سرڪاري طور، پر قومي تراني وارو رتبو حاصل رهيو.
    والٽر اسڪاٽ وقت جو وڏو شاعر هو. هن ڪيترائي داستاني گيت يعني بيليڊ ميڙيا چونڊيا ۽ شايع ڪرايا. سندس پهرين نثري تخليق ”ويوَرِلي“ سن 1814ع ۾ شايع ٿي. انهيءَ کي اسڪاٽ ادب ۾ پهريون تاريخي ناول قرار ڏنو ويو آهي. هن ٻيا به ڪيترائي تاريخي ناول لکيا، جهڙوڪ: اِوان هو، راب راء ۽ دي هرٽ آف بدلوٿِيئن، جن ۾ هن اسڪاٽ سماج جي سموري سچي عڪاسي ڪئي آهي. جيمس هاگ، ايلن ڪُننگهام ۽ جان گالٽ مذڪوره اديبن ۽ شاعرن جا همعصر تخليقڪار هئا. اُڻيهَئين عيسوي صديءَ جي آخري حصي ۾ به اسڪاٽ ڄاون اديبن ۽ عالمن عالمي شهرت ماڻي. انهن مان هڪڙي رابرٽ لوئس ايسٽيوينسن سن 1886ع ۾ ”اسٽرينج ڪيس آف ڊاڪٽر جيڪل“ عنوان تحت گاٿ قوم جي شهري زندگيءَ متعلق هڪڙو زبردست ناول لکيو ۽ ٻيا تاريخي مهم جوئيءَ متعلق پڻ ناول لکيا، جهڙوڪ: ڪِڊٽيپڊ ۽ ٽريزر آئلينڊ وغيره. مشهور اديب آرٿر ڪينن ڊائيل ”شرلاڪ هومز“ نالي جاسوسي شاهڪار تخليق ڪيو، جنهن ڪري جاسوسي ڪهاڻين ۽ ناولن لکڻ جو رجحان اُسريو. جي ايم سري، پيٽر پان ۽ جارج ميڪڊونالڊ خيالي ڪردار نگاريءَ واري صنف جا اسڪاٽ ادب ۾ پيشرو هئا. ويهَئين عيسوي صديءَ جي شروعات ۾ اسڪاٽ ادب ۾ نئين جاڳرتا جو رُجحان پيدا ٿيو، جنهن ۾ مکيه ڪردار هف ميڪ ڊائرمڊ ادا ڪيو.، هن اسڪاٽ ٻوليءَ ۾ سنجيده ادب جي تخليق خاطر حقيقي ڪوشش ڪئي. هن سن 1936ع ۾ ”اي ڊرنڪِ مين لُڪس ايٽ دي ٿيسل“ نالي تحقيقي ڪتاب لکي اسڪاٽ ٻوليءَ جي تاڃي پيٽي ۾ مختلف متروڪ لفظن، محاورن ۽ مختلف علائقن ۾ ڳالهايا ويندر لھجن کي ڏاهپ سان مِلائي اسڪاٽ ٻوليءَ کي نهايت منفرد صورت ۽ صلاحيت عطا ڪئي. مذڪوره نئين جاڳرتا واري تحريڪ ۾ جن اديبن ۽ شاعرن حصو ورتو، انهن ۾ ايڊوِن موئر، وليئم سوٽار، نيل گُن، جارج بليڪ، نين شيفرڊ، اي جي ڪِرونِن، نائومي مچسِن، ايرڪ لنڪليٽر، لوئس گراسڪ گِبَن،، جيمس برائڊي ۽ ٻيا گهڻائي شامل هئا، جيئن اسان وٽ شيخ اياز، استاد بخاري، نياز همايوني، شمشير الحيدري، امداد حسيني، سرويچ سجاولي، امر جليل، جي ايم سيد، محمد ابراهيم جويو، حسام الدين راشدي ۽ مرزا قليچ بيگ جديد سنڌي ادب جا باني هئا.
    اسڪاٽلينڊ ۾ ڪجهه ٻيا ليکڪ، جيڪي ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ پيدا ٿيا، ميڪ ڊائرمد کان متاثر ٿيا ۽ اسڪاٽ ٻوليءَ ۾ لکڻ لڳا، انهن مان مکيه نالا رابرٽ گيريئوچ ۽ سِڊني گُڊسر اِسمٿ جا آهن، جن اسڪاٽ اديبن انگريزي ٻوليءَ ۾ دلچسپيءَ سان شاعري شروع ڪئي، انهن ۾ نارمن ميڪ ڪائگه، جارج بروس ۽ مئُو رائيس لنڊسي جا نالا اهم آهن. اورڪني شهر جو رهاڪو جارج ميڪي برائون ۽ لوئس شهر جو رهاڪو، لين ڪرچٽين اسمٿ، هنن ٻنهي ڄڻن نظم توڙي نثر ۾ سندن اباڻن جزيرن جي سماجي پس منظر ۾ قابل تعريف طبع آزمائي ڪئي. گلاسگو شهر واسي شاعر ايڊون مارگن مختلف يورپي ٻولين مان شاعري چونڊي اسڪاٽ ٻوليءَ ۾ ترجمون ڪرڻ سبب شهرت ماڻي. هي پهريون اسڪاٽ شاعر آهي، جنهن کي سن 2004ع ۾ اسڪاٽ سرڪار هڪ پروقار سرڪاري تقريب منعقد ڪري ”سرڪاري طور اسڪاٽ ٻوليءَ جو قومي شاعر“ جي اعليٰ اعزاز سان نوازيو.
    تازو دور درشن چينل تان گلزار کي اندراگانڌي ايوارڊ سان نوازڻ واري تقريب ڏٺِيَم، جنهن ۾ وزير اعظم ڊاڪٽر من موهن سنگهه ۽ سونيا گانڌي به شريڪ ٿيا هئا. انهيءَ تقريب ۾ گلزار ڏاڍي لاجواب تقرير ڪندي چيو ته ڪڏهن ڪڏهن خوشيءَ وارا موقعا به ايڏا ته ڳرا محسوس ٿيندا آهن، جو غم جي واقعن کان به ماڻهوء جي ذهن تي وڌيڪ بار ٿي پوندا آهن. مون اها سڄي تقريب رڪارڊ به ڪئي، پر هتي ذڪر پيو ٿئي اسڪاٽ ادب جو، ته ٻي عالمي لڙائيءَ کان پوءِ پيدا ٿيندڙ ڪيترائي اسڪاٽ ناول نگار، جن سندن حياتيءَ جو ڳچ حصو اسڪاٽلينڊ کان ٻاهر گذاريو، مثلاً موريئل اسپارڪ، جيمس ڪيناوي، اليگزينڊر ٽروشي، حيسي ڪيسن، روبن جينڪِنس ۽ ٻيا، پر سندن تخليقات جو محوَر سندن مادر وطن اسڪاٽلينڊ جي سماجي پس منظر تي مُنحصر آهي. مثال طور 1961ع ۾ موريئل اسپارڪ جو نالو ”دي پرنس آف مس جين بروڊي“ ۽ سن 1956ع ۾ ڪيناوي جو فلم: ”ٽيونس آف گلوري“ لاءِ لکيل مسودو. ميڪلين جا ايڪشن ناول ۽ ڊوروٿي دُنيٽ جا تاريخي فِڪشن ناول اسڪاٽ عوام ۾ مقبول ٿيا.
    سن 1960ع ۽ 1970ع وارن ڏهاڪن دوران جيڪي نوان ناول نگار پيدا ٿيا، انهن ۾ شينامَيڪي، ايلن اسپينس، ايلن ماسي ۽ وليئم ميلواني جا نالا قابل ذڪن آهن. سن 1980ع کان وري به اسڪاٽ ادب ۾ سڌاري ۽ نوان جي هڪڙي ترقي پسند تحريڪ، گلاسگو سان وابسته ليکڪن جي ٽولي شروع ڪئي، جنهن جو روجروان فلپ هوبسبام نالي عظيم استاد، نقاد ۽ شاعر هو. پوليگان بُڪس سلسليوار ڪتابن جي ايڊيٽر پيٽر ڪِراوِٽز جو پڻ هن تحريڪ ۾ اهم ڪردار هو. جيمس ڪلمين، الاسڊيئر، لِزلوچهيڊ، ٽام ليونارڊ ۽ اونگهاس ميڪنيڪائيل به مذڪوره تحريڪ جا برجستا ڪارڪن هئا. هن لڏي جي ليکڪن مان اِروِن ويلش جي ناول ”ٽرينسپيٽنگ“ سن 1993ع ۾، وارنر جي ناول ”مارِوَرِن ڪالر“ 1995ع ۾، گري جي ناول ”پوئر ٿِنگس“ 1992ع ۾ ۽ ڪَلمَين جي ناول ”هائوليٽ اِٽ واز، هائوليٽ!“ سن 1994ع ۾ ادبي انعام حاصل ڪيا. ڪرائيم فِڪشن يعني سماجي ڪُڌن ڪرتوتن کي ادب ۾ پڌرو ڪري تنقيد جو نشانو بنائيندڙ اسڪاٽ قلمڪارن ۾ وال مڪڊرمڊ، فريدرڪ لنڊسي، ڪرسٽوفر بروڪمائر، ڪوئينٽِن جارڊن، ڊينائيز مِنا ۽ ايڊنبرگ واري آئن رينڪن جا نالا قابل ذڪر آهن. اديبن ۽ شاعرن جي هن سٿ ۾ ڪيٿلين جيمي ۽ گلاسگو ڄائي ڪيرول اين ڊُفِي جا نالا پڻ اهميت جا حامل آهن. ڪيرول اين ڊفي کي سن 2009ع ۾ ”پوئيٽ لاريئيٽ“ يعني سرڪاري وظيفو حاصل ڪندڙ درٻاري شاعر جو اعزاز مليو. اهو به هڪ عجيب اتفاق آهي ته هوء پنهنجي تخليقات ۾ کلي طرح هم جنس سنجوڳ جو پرچار ڪندڙ پهرين اسڪاٽ شاعره آهي، جنهن کي اسڪاٽ سرڪار، ڪامل شاعره جي حيثيت ۾ ادب جي خدمت عيوض وظيفو ڏيندي اچي.
    سنڌي ادب ۾ جنس يا جنسيات تي لکڻ ته ڄڻ ڏوهه برابر آهي، پر ٻي دنيا ۾ ته ٺهيو، فقط هندستان ۽ بنگلاديش ۾ به جنسيات تي گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي. انهيءَ موضوع تي اردو ادب ۾ زاهده حِنا جو ڪتاب ”راه مين اجل هي“ ۽ سنڌي ۾ ”عورت، مرد ۽ فطرت“ رفيه ملاح لاجواب ڪتاب لکيا آهن. اميد ته مون سان گڏ توهان به اسڪاٽش ادب مان ڪافي لطف اندوز ٿيا هوندا.
    منيٰ ۽ فرُخ پنهنجي منهن ڪچهري ڪري رهيا آهن، ريل پنهنجي معمول موجب رفتار سان لنڊن ڏانهن هلي رهي آهي ۽ آئون Victoria and Abdul نالي ڪتاب اٿلائي پٿلائي سرسري طور پڙهي رهيو آهيان. ٿيو هِينئن ته برطانيه جي مهاراڻي وڪٽوريا جي دور حڪومت ۾ هندستان مان ٻن مسلمان ملازمن، (1) عبدالڪريم ۽ (2) محمد بخش کي مهاراڻيءَ جي حڪومت جي جوبلي سالگره جي موقعي تي محل ۾ ملازمت لاءِ لنڊن روانو ڪيو ويو. محمد بخش ويچارو ته خبر ڪانهي ته ڪٿي رهيو، پر عبدالڪريم محل جي هڪ معمولي ملازم مان ترقي ڪندو نيٺ وڃي راڻيءَ جي انڊين سيڪريٽريءَ جي عهدي تي پهتو ۽ کيس ”ڪمپَنيئن آف دي انڊيئن امپائر“ C.I.I جي اعليٰ اعزاز سان نوازيو ويو. هو پوءِ عبدل جي نالي سان سڏجڻ لڳو، سو چوويهن سالن جي هڪ ڊگهي قد واري نوجوان جي حيثيت ۾ انگلينڊ اچڻ کان اڳ راجپوتانا رياست جي پوليٽيڪل ايجنٽ جنرل ڊيني ۽ ڏولپور جي راڻي حاڪم وٽ به ڪجهه وقت ملازم رهي چڪو هو. گورنر سر جان ٽيلر خود پاڻ هن کي منتخب ڪري مهاراڻيءَ جي خدمتگار طور انگلينڊ موڪليو هو. هي انگريزي ۽ اردو ڄاڻندو هو. خود راڻي ڪجهه وقت هن کان اردو سکڻ شروع ڪئي، ۽ هن ٿوري وقت ۾ راڻيءَ جي دل ۾ اهڙي ته جاءِ پيدا ڪري ورتي، جو محل جو سڄو انگريز عملو هن جي خلاف ٿي پيو، پر راڻي عبدل جي معاملي ۾ ڪنهن جي به هڪ نه ٻُڌي. نيٺ ڳالهه انهي حد تي وڃي پهتي، جو هندستان جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ لارڊ هملٽن جو هڪ خط جڏهن راڻيءَ ڏٺو، ته هوء خود حيران ٿي وئي. خط ۾ لکيل هو ته راڻي سرڪاري لکپڙهه عبدل کي ڏيکاري ٿي، تنهن ڪري هاڻ سرڪاري لکپڙهه راڻيءَ کي نه موڪلي وڃي. اڳتي اهو ئي سيڪريٽري لکي ٿو ته جڏهن اهو ليٽر راڻيءَ ڏٺو ته هن هر قسم جي لکپڙه عبدل کي ڏيکارڻ ته بند ڪري ڇڏيا پر ان کان پوءِ سڄو سال راڻيءَ مون کي ڪنهن به سرڪاري يا خانگي دعوت ۾ ڪو نه گهرايو. راڻي هندستان جي وائيس راء کي ليٽر لکي حڪم ڏنو ته عبدل کي هندستان ۾ ڪا زمين جاگير طور ڏني وڃي ۽ وائيس راء جڏهن به آگره وڃي ته عبدل جي پيءَ ڊاڪٽر فيروزالدين سان ملي ۽ کيس ٻُڌائي ته راڻي وڪٽوريا محل ۾ عبدل جي ڪم ڪار مان تمام گهڻي خوش آهي! مُنشي عبدل جڏهن به هندستان ويندو هو ته راڻي وڪٽوريا کيس وائيس راء لاءِ سفارشي خط ڏيندي هئي. هڪ دفعي عبدل ۽ وائيس راء جي زال ساڳئي جهاز ۾ انگلينڊ کان سفر ڪري هندستان پهتا. (ڪتاب ملڪھ وڪٽوريا ۽ منشي عبدالڪريم صفحو 80، ليکڪ رضا علي عابدي)
    تمام گهڻي مخالف جي باوجود ڪيترا سال راڻيءَ جي محل ۾ رهڻ بعد جڏهن واپس هندستان ويو ته عبدل اتي تمام گمنام ۽ خاموش زندگي گذارڻ لڳو. راڻي وڪٽوريا جو پٽ پرنس آف ويلس جيڪو پوءِ جارج پنجون جي نالي سان هندستان جو بادشاهه ٿيو، سو جڏهن هندستان ويو ته هو آگره وڃي عبدل سان مليو ۽ انهيءَ ملاقات جو سربستو احوال پنهنجي ماءُ راڻي وڪٽوريا کي لکي موڪليو.
    عورت سان پيار جا به ڪيترا رشتا آهن، جنهن ۾ ماءُ، ڌيءَ، ۽ زال جا رشتا سڀني رشتن کان وڌيڪ مضبوط ۽ دائمي آهن، ۽ اهڙن مثالن سان سڄي دنيا جي تاريخ ڀري پئي آهي. اچو ته توهان کي به اهڙا ٻه ٽي دلچسپ قصا ٻُڌايان. چون ٿا ته شاهجهان بادشاهه پنهنجي زال ممتاز محل سان ڏاڍي محبت ڪندو هو. بادشاهه کي ممتاز محل مان چوڏهن ٻار ٿيا. راڻي جي وفات کان پوءِ به بادشاهه ٻي شادي ڪا نه ڪئي. تاريخ نويس لکن ٿا ته شاهجهان بادشاهه راڻي ممتاز محل جي وفات کان پوءِ هميشه بيمار رهڻ لڳو، جنهن ڪري صفا ڪمزور ۽ ڏٻرو ٿي پيو. سندس مٿي ۽ ڏاڙهيءَ جا سڀ وار اڇا ٿي ويا. ممتاز محل جي محبت، سندس جُدائيءَ ۾ رنگ لاتو ۽ بادشاهه راڻي ممتاز محل جي قبر مٿان تاج محل نالي حسين ترين مقبرو ٺهرائي سڄي دنيا کي ۽ خاص ڪري محبت ڪندڙن کي محبت جي ڪڏهن به نه وسرندڙ ۽ دائمي علامت ڏيئي ويو، جيڪو شاعرن لاءِ به هڪ نئون موضوع پيدا ٿي پيو. هڪ شاعر لکيو ته: ایک شہنشاهه نے دولت کا سهارا لیکر، ساري دنيا کی محبت کا اڑايا ہے مذاق، ته وري ٻيو ٿو چوي ته اڪ شهنشاه ني بنوا ڪه حسين تاج محل، ساري دنيا ڪو محبت ڪي نشاني دي هي.
    وري ڄمون ڪشمير جو اڳوڻو وزير اعليٰ شيخ عبدالله پنهنجي سوانح حيات ”آتش چنار“ ۾ لکي ٿو ته عورت ۽ ڪشمير جواهر لال نهرو جي ڪمزوري هوندي هئي. هن انهي سلسلي ۾ ڪافي مثال ۽ ڪيترين ئي عورتن جا نالا نهرو جي معاشقي سان ڳنڍيا آهن. پر خوشونت سنگهه ته پنهنجي آتم ڪٿا ۾ نهرو جي معاشقن جي بيان ۾ انهن عورتن مان کيس پيدا ٿيل ٻارن جو به ذڪر ڪيو آهي. هوڏانهن وري انگريز ليکڪ اسٽينلي ولپرٽ طرفان جناح جي سوانح حيات جي اردو ترجمي جي صفحي 130 تي لکيل اهي ته جڏهن جناح جي زال کي دفن ڪرڻ مهل کيس چيائون ته مرس جي حيثيت ۾ اسلامي رسم مطابق پهرين توهان مٿس مٽي وجهو، تڏهن سندس همت صفا جواب ڏئي ڇڏيو ۽ هو ننڍن ٻارن وانگر روئڻ لڳو. اسٽينلي لکي ٿو ته ”جناح جي دوست ڇاڳلا مون کي ٻڌايو ته جناح سڄي زندگيءَ ۾ انهي موقعي کان سواءِ ڪڏهن به ڪو نه رُنو.“
    اسين لنڊن ۾ پنهنجي هوٽل ڀيڙا ٿياسين ۽ رات جا ٻه ٽي پهر آرام ڪري، صبح سوير ناشتو ڪري پوءِ تيار ٿي لنڊن گهمڻ نڪتاسين. اسان جي پهرين منزل لنڊن جي نهايت مصروف بازار ڪيمڊن مارڪيٽ آهي. لندن شهر ۾ هيمپسٽيڊ روڊ جي ويجهو، ڪيمڊن ٽائون ۾ واقع هن بازار کي ”لاڪ آف دي ريجينٽ ڪينال“، ”ڪيمڊن لاڪ“ ۽ ”ڪيمڊن مارڪيٽ“ به سڏجي ٿو. هن مارڪيٽ ۾ قائم دُڪانن تي مختلف قسمن جا ڪپڙا، سينگار جو سامان، گهرن جي سينگار جو سامان، هٿ جي هنر وارو سامان ۽ ترت تيار کاڌو موجود آهي. لنڊن شهر جو هي چوٿون نمبر وڏو واپاري مرڪز آهي، جتي هر هفتي جي پڇاڙيءَ واري موڪل جي ڏينهن، اٽڪل هڪ لک ماڻهو واپار ۽ وندر واسطي اچن ٿا. هن مارڪيٽ جي ڀر ۾ اِنورنيس اسٽريٽ اندر خوردني شين جي مارڪيٽ آهي، جيڪا ويهين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ قائم ڪيل هئي، سان ڪيمڊن مارڪيٽ جي ترقيءَ سبب زوال جو شڪار ٿي وئي. سن 2010ع ۾ اتي ميوات ۽ ڀاڄين جا فقط ٽي دُڪان وڃي بچيا. پر ڪيمڊن لاڪ جي ويجهو سن 1974ع کان هر آچر ڏينهن لڳندڙ هفتيوار بازار ترقي ڪري تمام وڏي واپاري مرڪز واري شڪل اختيار ڪري وئي آهي. هي علائقو توهان کي لنڊن نه پر ڪنهن مشرقي ملڪ جو شهر لڳندو، جتي توهان کي انگريز گهٽ پر دنيا جي ٻين مختلف ملڪن جا ماڻهو ۽ انگلينڊ ۾ رهندڙ غيرانگريز ماڻهو هزارن جي تعداد ۾ ڏسڻ ۾ ايندا. هن علائقي ۾ وڏي تعداد ۾ دڪان ۽ هوٽلون پڻ غير انگريز ماڻهن جون آهن. هتي ڪجهه دڪان پاڪستانين جا ۽ هڪ دڪان سنڌي مجيب ميتلي جو به آهي، جيڪو ننڍين ننڍين سوکڙي نماشين سان سٿيو پيو آهي. اهو دڪان مجيب جا ٽي چار مائٽ هلائي رهيا هئا، جن ۾ سندس هڪ ڀاء به شامل هو. دڪان جي رسيپشن تي ويٺل همراه کي جڏهن ڳالهه ٻولهه مان معلوم ٿيو ته اسين سنڌي آهيون ته پاڻ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چَئين ته هن سڄي دڪان مان توهان کي جيڪا به شئي کپي، سا ڪنهن به قيمت کان سواءِ توهان کڻي سگهو ٿا. اسين سندس شڪريو ادا ڪندي روانا ٿي وياسين.
    ڪيمڊن مارڪيٽ جي ڪامپليڪس ۾ ڇهه مکيه ڀاڱا آهن. هر ڀاڱي ۾ مخصوص شين جو واپار ٿئي ٿو. هن واپاري مرڪز ۾ تمام گهڻي رش سبب پيدا ٿيندڙ خطرناڪ صورتحال کان بچڻ لاءِ ڪيمڊن ٽائون ٽيوب اسٽيشن تي مسافرن کي آچار جي ڏينهن اڳين کان پوءِ اچڻ تي بندش وڌي وئي آهي. تنهن هوندي به چاڪفارم اسٽيشن ۽ مارننگ ڪريسينٽ اسٽيشن ذريعي هزارين ماڻهو مارڪيٽ ۾ پهچي رش جو سبب بنجن ٿا. واقع! اسان کي به لنڊن ۾ گهڻي ۾ گهڻي رش هن مارڪيٽ ۾ محسوس ٿي. ڪيمڊن لاڪ مارڪيٽ ريجينٽ ڪينال جي ڪپ تي پراڻي بازار واري ماڳ تي ٺهيل آهي. سن 1970ع ۾ ريجينٽ ڪينال وسيلي ٿيندڙ واپار جي خاتمي کان پوءِ هن علائقي ۾ سن 1974ع ۾ هڪڙي عارضي بازار قائم ڪئي وئي. سن 1976ع ۾ هتي موٽر وي جي تعمير جو منصوبو ترڪ ٿيڻ بعد ڪيمدن ٽائون جي هيءَ بازار هتي جي رونق جو سبب بني. هتي اصل ۾ ڪاريگرن جي ٺهيل شين جي بزار قائم هئي. سنڊي ٽريڊنگ ايڪٽ 1994ع تحت آچر تي بازار بند هجڻ واري قانون کان اڳ، هتي ڏاڍي رش ٿيندي هئي ۽ سٺو واپار ٿيندو هو، پوءِ آهستي آهستي وڌيڪ ٻين شين جهڙوڪ ڪتابن، نيلامي شين، نيلامي ڪپڙن ۽ زيورن جا دڪان به چالو ٿيا. هتي هاڻ فاسٽ فوڊ يعني ترت تيار کاڌي جا دڪان به جام آهن. سن 1991ع ۾ مشهور معمار جان ڊڪنسن جي منصوبي موجب اڳوڻي مارڪيٽ واري هنڌ تعمير ٿيل ٽماڙ مارڪيٽ يا بازار چالو ٿي. هن بازار جي عمارت روايتي طور اُڻيهئين عيسوي صديءَ ۾ تعمير ٿيندڙ صنعتي ۽ رهائشي عمارتن وانگر سِرُن ۽ پالٽوي لوهه جي ٺهيل آهي. سن 2006ع ۾ ڪيمڊن لاڪ مارڪيٽ ۽ اسٽيبلس مارڪيٽ جي وچ واري ماڳ تي هڪڙي شاهي بازار اڏي وئي. نومبر 2007ع ۾ اسٽيبلس مارڪيٽ جو وڏو حصو ڊاهي جديد نقشي موجب ٻيهر تعمير ڪيو ويو. اهو مون کي ڏاڍو پسند آ!
    تاريخي اهميت جي حامل اسٽيبلس مارڪيٽ جيڪا بيبو ائنڊ او ڊي ڪوبو، رچرڊ ڪيرنگ ۽ ايليئٽ برنارڊ آف چيلس فيلڊ ڀائيوارن جي گڏيل ملڪيت آهي، اها ڪيمڊن لاڪ مارڪيٽ جي وڏي حصي تي مشتمل آهي. اها مارڪيٽ اصل ۾ پڪفورڊ جي گهوڙن جي ڪُڙه ۽ گهوڙن جي اسپتال واري هنڌ اڏيل آهي. هتي گهڻا دڪان ۽ اسٽال ريلوي پل جهڙين وڏين وَنگُن وارين جاين ۾ قائم آهن. هن مارڪيٽ ۾ گهڻا دڪان ڪپڙن جا آهن، پر هتي فرنيچر، گهرن جي سينگار جو سامان، گهرو استعمال جون شيون، هٿ جي هنر واريون شيون ۽ ڪيترن ئي قسمن جي فني شاهڪارن ۽ فنپارن تي مشتمل شيون وڪامن ٿيون. سن 2007ع ۾ هن مارڪيٽ ۾ به چار ماڙ نيون شاهي بازارون ٺهيون، جن ۾ مختلف شين جا دڪان، دفتر، گُدام ۽ نمائش لڳائڻ لاءِ گهربل شاهي هال به تعمير ڪيو ويو. اسٽيبلس مارڪيٽ جي پوئين پاسي سان لڳ پيدل ماڻهن لاءِ فٽپاٿ به ٺاهيو ويو آهي. اسٽيبلس مارڪيٽ جي هڪ واپاري خاتون ساشا روڊوئي، اسٽيبلس هارس هاسپيٽل ۽ ٽيونل کي نوَنِ معمارن هٿان ڀڃڻ کان بچائڻ خاطر سن 2006ع ۾ ”ڪيمڊن اسٽيبلس مارڪيٽ بچايو“ مهم شروع ڪئي. هن ”سُوڪِي جيڪس“ جي فرضي نالي تحت مڪاني حڪومت کي مذڪور مارڪيٽ کي بچائڻ خاطر هڪ عرضداشت پيش ڪئي ۽ پريس ۾ چاره جوئي ڪئي. هن ”ڪيمڊن اسٽيبلس مارڪيٽ بچايو“ عنوان سان هڪ پمفليٽ به شايع ڪرايو. انهيءَ ڏِس ۾ مقامي شهرين طرفان مذڪور مهم بابت ڪيمڊن ”ڪائونسل“ کي به عرضداشتون پيش ڪيون ويون. نتيجتاً ڪيمڊن ڪائونسل جي ڊيولپمينٽ ڪنٽرول ڪميٽيءَ جي چيئرمين سومپر بيان ڏنو ته اسين شهرين جي اسٽيبلس مارڪيٽ جي مخصوص تعميراتي اصليت برقرار رکڻ واري خواهش سان سهمت آهيون ۽ انهيءَ جو احترام ڪريون ٿا. اسان کي ڪيمڊن ٽائون ايريا جي اقتصادي اهميت جو پورو پورو احساس آهي. انهيءَ موجب ئي اڏاوت ڪئي ويندي. چاڪ فارم روڊ جي اوڀر ۾ ريجينٽ ڪينال سان لڳ ڪيمڊن لاڪ وليج نالي واپاري مرڪز بيبو اينڊ او ڊي نالي سئوٽن جي ملڪيت آهي. ڪينال مارڪيٽ نالي بازار ڪوبو، رِچرڊ ڪيرنگ ۽ ايليئٽ برنارڊ نالي ڀائيوارن جي ملڪيت آهي. انهيءَ مارڪيٽ جو دروازو ڍڪيل سُرنگهه وانگر ٺهيل آهي. هن مارڪيٽ کي 9 فيبروري سن 2008ع ۾ باهه لڳي، تنهن ڪري اها وري تعمير ڪري ڪيمڊن لاڪ وليج نالي مئي 2009ع ۾ وري چالو ڪئي وئي. ڪيمڊن مارڪيٽ جي بڪ اسٽريٽ مارڪيٽ نالي ڀاڱي ۾ ڪپڙن جا دڪان آهن. ڪيمدن ٽائون ٽيوب اسٽيشن جي ڀر ۾ اليڪٽر بالرِوم نالي نائيٽ ڪلب سن 1950ع کان قائم آهي. اُنهيءَ ڪلب جي چوڌاري ولائتي مال جا دڪان آهن. ڪيمڊن مارڪيٽ جي انوَرنيس اسٽريٽ مارڪيٽ نالي سئو سالھ قديم بازار ۾ هاڻي ته سبزي ۽ ميوي جا فقط ٽي دڪان باقي آهن. اسان ڪيمڊن مارڪيٽ ۾ ڪافي خريداري ڪئي ۽ سامان کڻڻ لاءِ هڪٻئي کي ورهائي ڏنوسين، تڏهن به ڪافي سامان هر هڪ کي کڻڻو پيو. هاڻ اسان لاءِ مانيءَ جو مسئلو به هو، سو هڪ ويجهي هوٽل تي برگر وغيره کائي، ڪوڪ پي، سامان کڻي ٽيڪسي ڪري پنهنجي رهائش واري هوٽل ڏانهن روانا ٿياسين، ڇو ته هاڻ هيتري ساري بار ساڻ گهمي ڦري ته ڪو نه ٿي سگهياسين. ٻئي ڏينهن تيار ٿي لنڊن جي جڳ مشهور تفريحي ماڳ ”لنڊن آء“ گهمڻ وياسين. نورمحمد سڀني جا ٽڪيٽ خريد ڪيا ۽ اسين پنهنجي واري جي انتظار ۾ قطار ۾ بيهي رهياسين. لنڊن آء نالي هي سيربين يا جهان نما تفريح گاهه ٿيمس نديءَ جي ڏاکڻي ڪپ تي لنڊن شهر ۾ فولاد جو ٺهيل هڪ شاهي ڦيٿي جي سڪل وارو گنبذ ٺهيل آهي، جنهن جي مجموعي اوچائي 443 فوٽ ۽ قطر 394 فوٽ آهي. اهو يورپ ۾ سڀ کان وڌيڪ اوچو فولادي گنبذ ۽ سياحن لاءِ سڀ کان وڌيڪ پُرڪشش عنصر طور موجود آهي، جنهن کي هڪ سال ۾ 35 لکن کان به وڌيڪ سياح ڏسڻ اچن ٿا. اسين به انهن 35 لکن سياحن ۾ شامل آهيون. هي ڦيٿي جهڙو تفريح گاهه جڏهن سن 1999ع ۾ جُڙي راس ٿيو ته اهو دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ اوچو فولادي چڪرو هو، پر سن 2006ع ۾ اسٽار آف نان ڍچانگ نالي 520 فوٽ اوچي ٺهيل چڪري ۽ سن 2008ع ۾ جوڙيل 541 فوٽ اوچي ”سنگاپور فلائير“ نالي فولادي چڪري ان کي مات ڏني. محبوب سنگاپور ۾ ڪافي وقت رهي آيو آهي، تنهن به منهنجي ڳالهه جي تصديق ڪئي ته اهو چڪرو به لاجواب چيز آهي. هي فولادي چڪرو لنڊن شهر ۾ ويهون نمبر اوچي اڏاوت آهي. هن تفريح گاهه کي عام طرح ”لنڊن آء“ ۽ مِلينِيئَم وِيل به سڏيندا آهن. پر وِيههَ جنوري سن 2011ع کان ان جو سرڪاري نالو: ”اِي.ڊِي.ايف. اِنرجي لنڊن آء“ مقرر ڪيو ويو آهي. هي فولادي چڪرو يا گنبذ ٿيمس نديءَ جي ڪپ تي ويسٽ منسٽر پُل ۽ لنڊن برگ آف ليمبيٿ وٽ هنگر فورڊ پُل جي وچ ۾ موجود جوبلي گارڊنس جي الهندي دنگ سان ملي ٿو. انهيءَ جي ٻئي طرف ڊوم آف ڊسڪوري نالي واري مشهور عمارت اڏيل آهي، جنهن ۾ سن 1951ع ۾ ”فيسٽيول آف برٽين“ نالي تاريخي تقريب مُنقعد ڪئي وئي هئي. هن شاهي فولادي سيربين گنبذ يا چڪري جي ڊزائين فرينڪ ايناتولي، نِڪ بيلي، اسٽيوچلٽن، مالڪوم ڪُڪُ، مارڪ اسپيرو هاڪ ۽ هڪ ال ۽ مڙس واري جوڙي جُليا بارفيلڊ ۽ ڊيوڊ مارڪس نالي معمارن تيار ڪئي هئي. تعمير جي مينيجمينٽ ميس ڪمپنيءَ جي حوالي هئي. فولاد جي مکيھ ڪم جو ٺيڪيدار هالينڊيا ۽ سِوِل ٺيڪيدار ٽِلبَري ڊگِلَسِ، ڪَنسَلٽِنگ انجنيئر ٽوني گي ۽ ڀائيوار معمارن پيڙه جي ڪم جو نقشو تيار ڪيو ۽ آبي معاملن واري ڪم متعلق ڊزائين انجنيئر بيڪيٽ رينِڪِينِ تيار ڪئي. نيٿنِيئل لچفِيلڊ اينڊ پارٽنرس ڪمپنيءَ وارن لنڊن آء چڪري بابت منصوبه بندي تعمير ۽ ٿيمس نديءَ جي ڏاکڻي ڪپ تي موجود ديوار ۾ تعميراتي ترميم واري ڪم ۾ توساد گروپ جي مدد ڪئي. هن گنبذ جو رِمِ يعني مکيه چڪرو سائيڪل جي ڦيٿي ۾ اسپوڪن وانگر ڇڪيل فولادي رسين سان ڳنڍيل آهي. ڊسمبر 2006ع ۾ لنڊن آء چڪري ۾ بجليءَ جو نظام ليد ڪمپنيءَ کان نئين سر تعمير ڪرايو ويو. هي فولادي چڪرو يا گنبذ جدا جدا حصن ۾ ٺاهي، ٿيمس نديءَ ۾ ٺهيل مخصوص پليٽفارمن تي آڻي رکيا ويا.
    تنهن کان پوءِ انهن کي گهربل نموني پاڻ ۾ ڳنڍي اينر پيڪ ڪمپنيءَ جي جوڙيل اسٽرانڊ جيڪ سِسِٽم وسيلي اُڀو ڪيو ويو. انهيءَ کي پوءِ هڪ هفتو انهيءَ پوزيشن ۾ رهڻ ڏنو ويو، جنهن دوران معمارن انهيءَ کي اڀو ڪرڻ واري ٻئي مرحلي لاءِ تياري ڪئي. لنڊن آء جي تعمير وارو منصوبو يورپي معمارن تيار ڪيو هو. منجهس ڪم آيل مکيه سامان ڇهن ملڪن مان گهرايو ويو. فولاد برطانيه مان نيدرلينڊس موڪليو ويو، جتي هالينڊيا ڪمپنيءَ اهو گهربل طريقي سان صاف ۽ ڪمائتو بنايو. اسٽيل ڪيبلس يعني فولادي رسيون اٽليءَ مان گهرايون ويون. بيئرنگس جرمنيءَ مان آندائون، اسٽيل ڪيپسول فرانس جي پوما ڪمپنيءَ تيار ڪيا ۽ انهن ۾ لڳل شيشا اٽليءَ جا آهن. اسپنڊل ۽ هب ڪِزيڪ ريپبلڪ ۾ ٺهيا ۽ بجليءَ جو سامان برطانيه جو ڪم آندو ويو. هن گنبذ نما چڪري ۾ لڳل 32 سيل ٿيل ايئرڪنڊيشنڊ بيضوي شڪل جا ڪيپسول، جيڪي ليٽنر پوما ڪمپنيءَ جا ٺهيل آهن، اهي چڪري جي ٻاهرئين مدار ۾ فٽ ٿيل آهن ۽ بجليءَ جي موٽرن وسيلي ڦرندا آهن. هر ڪيپسول جو وزن ڏهه ٽن آهي، ۽ هر هڪ لنڊن جي مختلف جاگرافيائي ڀاڱي يعني برگ سان منسوب ٿيل آهي. هر ڪيپسول ۾ پنجويهن ماڻهن جي چڙهڻ جي گنجائش آهي، جيڪي چڙهي ڪيپسول جي ڦرڻ سان لنڊن آء جي چوڌاري سڄي شهر جو وڻندڙ نظارو ڏسي سگهن ٿا. ڪيپسول اندر هلي ۽ گهمي ڦري به سگهي ٿو، جيتوڻيڪ منجهس ويهڻ لاءِ سيٽون به موجود آهن. لنڊن آء سيربين چڪرو يا گنبذ هڪ سيڪنڊ ۾ 26 سينٽيميٽر برابر 10 انچ جي رفتار سان ڦري ٿو، يعني هڪ ڪلاڪ ۾ 0.9 ڪلوميٽر رفتار سان ڦيرو کائي ٿو. اهڙيءَ ريت هن چڪري جو هڪ مڪمل ڦيرو 30 منٽن ۾ پورو ٿئي ٿو. مجموعي طور انهيءَ جي ڦيري جي رفتار ايتري ته گهٽ آهي، جو انهيءَ جي ڦرندي ئي ماڻهو انهيءَ ۾ چڙهي ۽ انهيءَ مان لهي سگهي ٿو. لنڊن آء تفريح گاهه جي ٻاهران مختلف لباس ۾ ڪيئي مسخرا ٺينگ ٽپا ڏيئي رهيا هئا. ننڍا وڏا توڙي عورتون انهن ساڻ فوٽو ڪڍائي رهيا هئا. مون منيٰ کي چيو ته تون به انهن ساڻ فوٽو ڇڪاءِ. پاڻ چئين ته آئون هنن ساڻ فوٽو ڪو نه ڪڍائينديس. مون کانئس پڇيو ته ڇو نه؟ جواب ڏنائين ته هي مسخرا ساڻن فوٽو ڪڍائيندڙ هر مرد توڙي عورت کي ڀاڪر پائي ساڻن فوٽو ڪڍائين ٿا، سو ڪير ٿو هنن ساڻ فوٽو ڪڍائي! اهو ٻُڌي آئون کِلي ماٺ ڪري رهيس. اسين پنهنجي واري ملڻ تي سڀئي ڄڻا لنڊن آء ۾ داخل ٿياسين. مون کي سينيئر سٽيزن هجڻ ڪري ٽڪيٽ ۾ ويهه سيڪڙو ڊسڪائونٽ به ڏنائون. هر سينيئر سٽيزن کي Soho سوهو کان سواءِ سڄي انگلينڊ ۾ هر هنڌ ملندو. سوهو واري علائقي ۾ هاڻ اهڙي ڪابه شئي ڪانهي. ڪيپسول ۾ چڙهڻ وقت مون کان پڇئون ته ڪيپسول کي توهان جي چڙهڻ لاءِ بيهاريون؟ پر مون کين منع ڪئي. سينيئر سٽيزن ۽ اپاهجن لاءِ اها به سهولت آهي ته ان کي بالڪل بيهاري ڇڏيندا آهن. اسان سڀني هڪٻئي جا فوٽو ڪڍيا. جيئن جيئن ڪيپسول مٿي ٿيندو ويو، تيئن تيئن لطف وڌندو ويو ۽ سڄو شهر حد نظر تائين وڌيڪ صاف نظر ايندو ويو، ڇو ته اڄ سج سچي لنڊن کي پنهنجي روشنيءَ سان جرڪائي رهيو هو. لنڊن ۾ ماڻهن لاءِ سج ائين آهي جيئن پاڻ وٽ محبوب جو درشن ۽ ميلاپ. رسمي طور لنڊن آء جهان نما چڪري يا گنبذ جو انهيءَ وقت جي برطانوي وزيراعظم ٽوني بليئر 31 ڊسمبر سن 1999ع تي افتتاح ڪيو، پر ڪجهه مشيني مسئلن سبب 9 مارچ 2000ع تائين اهو عوام لاءِ کُلي نه سگهيو. درحقيقت اهو پنهنجي افتتاحي تقريب کان وٺي سياحن لاءِ بيحد اهميت جو حامل تفريحي ۽ تعميراتي عنصر تصور ڪيو وڃي ٿو. پهرين جنوري سن 2005ع کان وٺي نئين سال جي آتش گير روشنيءَ جي ڏهن منٽن واري تقريب هن تفريح گاهه ۾ منعقد ٿيندي آهي، جيڪا رج ذريعي سڄي دنيا سان گڏ پاڻ به ڏسندا آهيون. سن 2006ع ۾ تُسادس گروپ لنڊن آء جي ملڪيت ۾ ٻن ڀائيوارن، (1) برٽش ايئر ويز ۽ (2) مارڪس بارفيلڊ فيملي، جيڪي لنڊن آء جي تعمير ۾ مکيه ڀائيوار هئا، انهن جا حصا خريد ڪيا. سن 2007ع ۾ مَرلِن اينٽرٽينمينٽ ڪمپني تُسادس گروپ کان سمورا حصا خريد ڪيا ۽ هن وقت اها هن تفريح گاهه جي سئو سيڪڙو مالڪ آهي. سن 2008ع تائين لنڊن آء واري نالي جي برانڊ ۾ برٽش ايئر ويز جو نالو به شامل هو، پر پوءِ اهو لنڊن آء لوگو مان خارج ڪيو ويو. مَرلِن اينٽرٽينمينٽ ڪمپنيءَ جي مالڪي ڏيکارڻ خاطر 12 آگسٽ سن 2009ع تي هن تفريحي چڪري جو نالو ”مَرلِن اينٽرٽينمينٽ لنڊن آء“ مقرر ڪيو ويو، ۽ ان جو لوگو يعني ان جو تجارتي نشان حقيقي اک سان ٺهڪندڙ ٺاهيو ويو. 2012ع ۾ لنڊن شهر ۾ ٿيندڙ اولمپڪس راندين جي علامتي نشان کي لنڊن آء چڪري تي لڳائڻ لاءِ راندين جي انتظاميه مختلف واپارين ۽ ڪمپنين جي ٺيڪن جي واڪ دوران اعلان ڪيو. 5 جون 2008ع تي اعلان ڪيو ويو ته مارچ 2000ع کان وٺي هيستائين ٽي ڪروڙ ماڻهو لنڊن آء چڪري ۾ سوار ٿي شهر جو نظارو ڪري چڪا آهن. سن 2009ع ۾ لنڊن آء جي مالڪن هن ۾ توسيع آندي ۽ ڪيپسولن کي 12.5 مِليئن پائونڊن جي لاڳت سان اپگريڊ ڪيو ويو. جنوري سن 2011ع ۾ اي.ڊي.ايف. انرجي نالي نيوڪليئر ڪمپنيءَ سان لنڊن آء پلانٽ ۾ گهٽ ڪاربان واري بجلي استعمال ڪرڻ لاءِ ٽن سالن جي مُدي وارو معاهدو ڪيو ويو. لنڊن آء جي تعمير کان 104 سال اڳ يعني سن 1895ع ۾ ايمپائير آف انڊيا ايگزيبيشن لاءِ اَرپس ڪورٽ تي گريٽ وِيل نالي 308 فوٽ اوچو چڪرو ٺاهيو ويو، جيڪو آسٽريلوي انجنيئرن ايڊم گاڊيلن ۽ گريٿ واٽسن جي جوڙيل 200 کان وڌيڪ فولادي چڪرن مان اولين هو. اهو گريٽ وِيل سن 1906ع تائين استعمال ۾ رهندو آيو. انهيءَ ويل ۾ ماڻهن جي چڙهڻ لاءِ چاليهه ڪارون لڳل هيون. هر ڪار ۾ چاليهن ماڻهن کڻڻ جي گنجائش هئي. 1906ع تائين انهن ڪارن ۾ چڙهندڙ ماڻهن جو تعداد اڍائي ڪروڙ ٻڌايو ويو. سن 1907ع ۾ اهو گريٽ ويل مسمار ڪيو ويو. آئون پنجويهن سالن کان لنڊن ايندو رهندو آهيان، پر مون اهو ويل اڳ ڪو نه ڏٺو هو. هن چڪري نما گنبذ يعني لنڊن آء تفريح گاهه کي سڀ کان وڌيڪ ويجهي انڊرگرائونڊ ريلوي اسٽيشن واٽرلو آهي. اسين به ٽيوب ۾ انهيءَ اسٽيشن تي اچي لٿاسين. ويسٽ منسٽر ريلوي اسٽيشن به هن تفريح گاهه کي ڪافي ويجهي آهي. ٿيمس نديءَ جي لانچن ۾ سفر ڪندڙ سياح واٽرلو مِلينِيئَم نالي تڙ تي لهي لنڊن آء ڏانهن ايندا آهن. جڏهن اسين لنڊن آء ۾ پهريون ڀيرو چڙهياسين، تڏهن نور محمد جي ڊيوٽي به واٽرلو ٽيوب اسٽيشن ۾ هئي. اسين اڌ ڪلاڪ لنڊن آء ۾ چڪر لڳائي ان مان لٿاسين، تنهن کان پوءِ نور محمد اسان کان موڪلائي واٽرلو ٽيوب اسٽيشن جتي سندس ڊيوٽي هئي، اوڏانهن روانو ٿي ويو، باقي اسين وري لنڊن جي ۽ دنيا جي عجب ۾ وجهندڙ عجائب گهر نيچرل هسٽري ميوزم گهمڻ لاءِ اوڏانهن روانا ٿياسين. اتي پهچي عجائب گهر ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ڪجهه خريد ڪري کاڌو، ڇو ته لنڊن آء گهمڻ ۾ ٽڪيٽ خريد ڪري پنهنجي واري جي انتظار ۾ لڳو ڪُل هڪ ڪلاڪ، پر هن ميوزم ۾ ماڻهوء کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڏينهن صرف ڪرڻ گهرجي، ڇو ته هي هڪڙو لاجواب گهمڻ لائق ماڳ آهي. هن کان اڳي به ڪيترائي ڀيرا لنڊن آيس، پر هي عجائب گهر ڪو نه ڏٺم. هينئر تازو منهنجي نياڻي پرهه سندس پٽ اويس ۽ ڌيءَ آمنه کي لنڊن گهمائڻ آئي، تنهن دوران نيچرل هسٽري ميوزم به ڏٺائين، تڏهن مون کي اهو ضرور گهمڻ لاءِ چيائين ۽ لنڊن ۾ رهندڙ منهنجي نُنهَن ڊاڪٽر رابعه کي به تاڪيد ڪيئين ته بابا ۽ امان جن جڏهن فرانس ۽ اسڪاٽلينڊ گهمي واپس لنڊن ايندا ته کين هي عجائب گهر ضرور گهمائجو. سو امان رابعه ۽ بوبي پهرين اسان کي لنڊن آء گهمائي ۽ بوبي يعني نور محمد پنهنجي ڊيوٽي تي ويو، پر رابعه اسان کي هتي وٺي آئي. هتي ٻاهر توڙي اندر ميوزم ۾ لنڊن آءِ کان به وڌيڪ رش هئي، ڇو ته ميوزم ۾ داخلا ٽڪيٽ ڪانهي ۽ اها فري آهي.
    اسان جي گائيڊ ڊاڪٽر رابعه جي هدايت مطابق ميوزم گهمڻ جي شروعات ڪئيسين. هي نيچرل هسٽري ميوزم لنڊن شهر جي ڪينسنگٽن علائقي ۾ ايگزيبيشن روڊ تي قائم ٽِن شاهي عجائب گهرن مان هڪڙو آهي. ٻين عجائب گهرن جا نالا آهن: (1) سائنس ميوزم، (2) وڪٽوريا اينڊ البرٽ ميوزم. نيچرل هسٽري ميوزم ٽيڪسن کان آجو ڪيل فلاحي ادارو آهي، جيڪو انگلينڊ جي خبر رسائيندڙ اداري، راندين واري اداري ۽ ثقافت واري کاتي جي سهڪار سان هلندڙ آهي. هن عجائب گهر ۾ گڏ ڪيل پنجن سائنسي علمن سان واسطو رکندڙ شين، جِنسُن، تقريباً سمورن ساهوارن، جيتن جَڻِيَن، وڻن ۽ ٻوٽن تي مشتمل عناصر جو تعداد اٽڪل ست ڪروڙ کن ٿيندو. هي ميوزم عالمي شهرت جو حامل تحقيقاتي ادارو به آهي، جتي مختلف شين، وڻن ٻوٽن، سمورن ساهوارن ۽ جيتن جَڻِيَن جي سُڃاڻپ، درجي بندي ۽ حفاظت ڪرڻ جي وڏي مهارت حاصل ڪئي وڃي ٿي. مشهور سائنسي عالم چارلس ڊارون جي گڏ ڪيل شين، جيتن ۽ ٻوٽن وغيره وانگر هن عجائب گهر ۾ رکيل لکين شيون تاريخي ۽ سائنسي طور تمام گهڻي اهميت رکندڙ آهن. هتي قائم ڪيل ڪتبخاني ۾ مختلف سائنسي علمن متعلق ڄاڻ ۽ تحقيق واسطي لکيل ڪتاب، رسالا، ميگزين، اخبارون، هٿ سان لکيل مُسَوِدا، فنپارا وغيره به لکن جي تعداد ۾ گڏ ڪيل آهن. ڪتب خاني ۾ رسائي يا داخلا فقط واسطيدار عملدارن کان اجازت وسيلي ٿئي ٿي. قديم جانورن يعني ڊائنوسارس جي هڏائين پڃري جي نمائش سبب هن ميوزم کي عالمي شهرت ملي. اسان کي فقط هن ئي هڏائين پڃري کي ڏسڻ ۾ پورو هڪ ڪلاڪ لڳو. اها واقع حيرت انگيز شئي آهي. سن 1881ع ۾ الفريد واٽر هائوس نالي گهربل عمارت جوڙي، برٽش ميوزم مان نرالي خاصيت وارين مخصوص شين کي آڻي هن عمارت ۾ نمائش لاءِ آويزان ڪيو ويو. ڪجهه وقت کان پوءِ هن نمائش گاهه کي جيالاجيڪل ميوزم جو نالو ڏنو ويو. هن ميوزم ۾ ڊارون سينٽر گهڻو وقت پوءِ قائم ڪيو ويو. ڊارون جا لکيل ڪتاب ننڍي هوندي ڏاڍو بور ڪندا هئا، پر پوءِ اهي وري وري پڙهڻ سان جيڪا سمجهه ۽ سُرت حاصل ٿي، تنهن دماغ جا سڀ پردا هٽائي ڇڏيا ۽ سموريون دقيل نوسي ۽ مُدي خارج سوچون دماغ مان هميشه لاءِ نڪري ويون، ڪوڙ ۽ سچ ۾ تميز ٿي، هر ڳالهه عقلي بنياد تي سمجهه ۾ اچڻ لڳي ۽ صدين جي مصنوئي ڪوڙن مان زندگيءَ کي نجات ملي. هن ميوزم ۾ سڀ کان پهرين ڊاڪٽر سر هينس سِلون جا گڏ ڪيل سُڪل ٻوٽا، جانورن ۽ انسانن جا سُڪايل هڏاوان پڃرا رکيا ويا، جيڪي هن کان اڳي برٽش ميوزم جي مونٽيگ هائوس نالي عمارت ۾ سن 1756ع ۾ رکيا ويا هئا. سر هينس جا گڏ ڪيل اهي نوادرات برطانوي سرڪار لاٽري وسيلي خريد ڪيا هئا. اُوڻِيهَئِين عيسوي صديءَ جي شروعاتي ڏهاڪن دوران انهن نوادرات جي گهڻائي گم ٿي وئي. ميوزم جي زولاجي واري شعبي جي سن 1806ع تائين رهندڙ انچارج عملدار ڪيتريون شيون رائيل ڪاليج آف سرجنس کي وڪڻي ڏنيون. هُن کان پوءِ مقرر ٿيل عملدار وليئم ايلفورڊليچ ميوزم جي هيٺئين ڀاڱي ۾ باهه لڳارائي. سن 1833ع جي رپورٽ موجب ڊاڪٽر سِلون جي ٺاهيل فهرست ۾ ڄاڻايل 5500 جيتن جا ڍانچا تباهه ٿي ويا. اهڙيءَ ريت ميوزم جي عملي جي نااهلي پڌري ٿي پئي، ڇو ته عملي کي اقربا پروري جي بنياد تي مقرر ڪيو ويو هو. مثلاً هڪڙي ٽُرَسٽِي جي داشته جي ڀائيٽي کي اينٿا مالاجيڪل اسِسِٽنٽ طور مقرر ڪيو ويو، جنهن کي هڪ پوپٽ ۽ ڪِينئين ۾ فرق به معلوم نه هو. زولاجي واري شعبي جي انچارج عملدار جي.اي.گري ميوزم جي عملي ۾ ذهني ناچاڪيءَ جي شڪايت ڪئي. هڪڙي ملازم نالي جارج شا محفوظ ڪيل ڪوڏا ڀڃڻ جي ڌمڪي ڏني. هڪ ٻئي ملازم جيتن وارين پيتين تان نمبر ۽ ليبل لاهي ڇڏيا. ڪوڏن ۽ سپين جي گڏ ڪيل ذخيري مان گِري جي زال ڪوڏن وارا اُگهاڙا ٽِري کڻي ٻاهر اڱڻ ۾ آئي ته ان وقت واڇوڙي لڳڻ سبب ڪوڏن تي لڳل سمورا ليبل لهي اڏامي ويا. انهيءَ وقت لائبرريءَ جي مکيه انچارج ملازم اينٽونيو پانِيزِي کي سائنسي علمن ۽ نيچرل هسٽري ميوزم جي مڙني شعبن کان سخت نفرت هئي. عوام کي نيچرل هسٽري ميوزم ۾ لڳل نمائشون ڏسڻ لاءِ ڪا به ترغيب ڪا نه ٿي ڏني وئي. سن 1835ع ۾ سر هينري ايلس پارليامينٽ جي سليڪٽ ڪميٽيءَ اڳيان بيان ڏنو ته ميوزم جي ڪتب خاني جو مکيه عملدار ۽ سندس ساٿي اهلڪار مذڪوره ناجائز رَوَيي کي مڪمل طور روا رکيو اچن. نيٺ سن 1856ع ۾ رچرڊ اووِن کي برٽش ميوزم جي نيچرل هسٽريءَ وارن شعبن جو سُپرنٽينڊنٽ مقرر ڪيو ويو، تنهن اچي مذڪوره اُوڻائين کي ختم ڪيو. سندس آندل سڌارن کان متاثر ٿي هڪ عالم بيل بِرائِسَن لکيو ته نيچرل هِسٽري ميوزم کي هر شخص جي ڏسڻ لاءِ تيار ڪري مسٽر اووِن اسان جي انهن توقعات کي وڌايو آهي ته هڪ عجائب گهر قائم ڪرڻ جو مقصد ڇا هوندو آهي! اووِن محسوس ڪيو ته نيچرل هسٽريءَ وارن شعبن کي حقيقي طور تي موجود ايراضيءَ کان اڃا وڌيڪ ايراضي گهربل آهي، جڏهن ته برٽش ميوزم وٽ ايتري وڌيڪ گهربل ايراضي ڪانهي. تنهن ڪري انهي مقصد جي حصول لاءِ ڏکڻ ڪينسنگ ٽن علائقي ۾ گهربل ايراضي خريد ڪئي وئي ۽ سن 1864ع ۾ اتي ميوزم جي عمارت اڏڻ لاءِ ان جي نقشي ۽ پلان واسطي وقت جي ناميارن معمارن ۾ چٽاڀيٽي ڪرائي وئي، جن مان سِوِل انجنيئر ڪَيپٽَن فرانسز فائوڪ جو نقشو پاس ڪيو ويو. اهو انجنيئر ٿوري ئي وقت اندر گذاري ويو ته پوءِ اهو منصوبو الفريد واٽر هائوس جي حوالي ٿيو، تنهن نقشي ۾ پنهنجي سوچ آهر جيڪا تبديلي آندي اها ساراهي وئي. اڏاوت جو ڪم سن 1873ع ۾ شروع ٿيو ۽ سن 1880ع ۾ مڪمل ٿيو. نئون ميوزم جُڙڻ کان پوءِ 1881ع ۾ عوام جي ڏسڻ لاءِ کوليو ويو، جيتوڻيڪ سمورا نوادرات نئين عمارت ۾ آڻي رکڻ جو عمل سن 1883ع ۾ مڪمل ٿيو. هن عمارت کي ماحولياتي گدلاڻ کان بچائڻ خاطر عمارت اندر توڙي ٻاهر ٽيرا ڪوٽا يعني پڪن ٽائيلن جو استعمال ڪيو ويو آهي. انهن ٽائيلن تي سِرُن تي مختلف قسمن جي گلڪاري ۽ آڳاٽن ۽ هاڻوڪن جانورن جون تصويرون ٺاهيون ويون آهن. انهن کي ڊاروِن جي نظريئي مطابق ڏيکاريو ويو آهي ته موجوده جانور آڳاٽن جانورن مان ڪِيئن سُڌرِي موجوده حالت ۾ آيا آهن. هي ميوزم اِمپيريئل ڪاليج لنڊن، رائيل البرٽ هال ۽ البرٽ ميموريئل وارين عمارتن جي سِڌِي قطار ۾ انهن سان متصل آهي. رائيل البرٽ هال ۾ پاڪستان ۽ هندستان جا ماڻهو پنهنجا پنهنجا ميوزڪ پروگرام ۽ سياسي جلسا ڪندا آهن، جن کي ٻنهي ملڪن جا ماڻهو تمام مهانگيون ٽڪيٽون خريد ڪري وڏي چاهه سان ڏسندا آهن. تقريباً ٽيهارو کن سال اڳ رائيل البرٽ هال ۾ لتامنگيشڪر جو ميوزڪ ڪنسرٽ پروگرام ٿيو هو. انهي پروگرام جي سچي ڪامينٽري دليپ ڪمار هلائي هئي. پاڻ انهي ڪمپيئرنگ دوران لتا منگيشڪر جي شان ۾ اهڙا ته سٺا ۽ وڻندڙ ٻول ٻوليائين جو انهن مان ڪجهه مون کي اڄ به دل تي تري آيا آهن. لتامنگيشڪر جي آواز جي باري ۾ دليپ ڪمار چيو ته: ”جس طرح ڪسي پهول يا بهتي هوئي جهرني ڪا ڪو مذهب نهين هوتا، اسي طرح لتا جي ڪي آواز ڪا بهي ڪوئي رنگ، نسل يا مذهب نهين. لتا جي جب گاتين هين تو ايسا لگتا هي ڪه جيسي اس ڪي گلي مين سي بهگوان بول رها هي.“
    مار! ڪٿان کان ڪٿي وڃي نڪتاسين! نيچرل هسٽري ميوزم الڳ حيثيت سان تعمير ٿي کلڻ جي باوجود سئوکن سالن تائين برٽش ميوزم جو حصو ٿي رهيو، جيتوڻيڪ سن 1866ع ۾ چانسلر آف ايڪس چيڪر وٽ داخل ڪيل دعويٰ تي واسطيدار ادارن ۽ سائنسدانن جهڙوڪ ڊارون، هُڪسلي ويليس وغيره صحيحون ڪري هن ميوزم کي جداگانه آزاد حيثيت ڏيارڻ جي گهُر ڪئي هئي. تقريباً سئو سالن جي مٿاڪُٽ کان پوءِ نيٺ برٽش ميوزم ايڪٽ 1963ع تحت برٽش ميوزم نيچرل هِسٽري هڪ آزاد عجائب گهر جي حيثيت حاصل ڪئي ۽ ان جو پنهنجو الڳ بورڊ آف ٽرسٽير قائم ٿيو، تنهن هوندي به ان جو نالو سڳايو ئي يعني برٽش ميوزم نيچرل هسٽري برقرار رهيو، تان جو ميوزمس اينڊ گيلريز ايڪٽ 1992ع ٺهڻ کان پوءِ ان جو نالو ڦيرائي نيچرل هسٽري ميوزم مقرر ڪيو ويو. ڊاڪٽر تنوير عباسي پنهنجي لنڊن جي سفرنامي ۾ هن ميوزم جو پراڻو نالو لکيو آهي. سن 1986ع ٺهڻ کان پوءِ ان جو نالو ڦيرائي نيچرل هسٽري ميوزم مقرر ڪيو ويو. سن 1986ع ۾ جيالاجيڪل ميوزم کي هن عجائب گهر ۾ ضنم ڪيو ويو. هن ميوزم ۾ مشهور عالم سائنسدان چارلس ڊارون جي نالي سان ڊارون سينٽر به قائم ڪيو ويو آهي، جتي سائنسي طور اهميت واريون ۽ ڪمائتيون شيون تجربن، تجزيئن ۽ نمائش خاطر محفوظ ڪيون ويون آهن. ڊارون سينٽر جي فيز پهرئين ۾ رکيل جنسون الڪوهل ۾ محفوظ ڪيل آهن. انهن جو واسطو حيوانات وارن شعبن سان آهي. ڊاروِن سينٽر جو ٻيو ڀاڱو سن 2008ع جي سيپٽمبر مهيني ۾ جُڙي راس ٿيو ۽ عوام لاءِ سيپٽمبر 2009ع ۾ کوليو ويو. هن ڀاڱي ۾ ناياب جِيتَن ۽ ٻوٽن کي محفوظ ڪيو ويو آهي. سينٽر جي هن ڀاڱي جي وچ تي رکيل 8.62 ميٽر ڊگهي سامونڊي مڇ کي گهڻي شهرت ملي آهي. ڊاروِن سينٽر ۾ ملٽي ميڊيا ڪميونيڪشن واسطي مشهور براڊڪاسٽر سر ڊيوِڊ اٽينبرگ جي نالي سان اٽينبرگ اسٽوڊيو قائم ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي، جتي روزانه ليڪچر ۽ ڊمانسٽريشنس ٿيندا. ڊارون سينٽر جي مرڪزي هال ۾ ڪارنيگي ميوزم ۾ رکيل 105 فوٽ ڊگهي مڇ جي اصل هڏائين پڃري جو نقل رکيل آهي. انهيءَ نقل ٺاهڻ جو خرچ برٽش ميوزم جي ٽرسٽيءَ جي حيثيت ۾ بادشاهه ايڊورڊ ستين سان گفتگو ڪرڻ بعد اسڪاٽ لينڊ آمريڪن ڪارخانيدار اينڊريو ڪارنيگي 2000 پائونڊ ڀريو. ڪارنيگي انهيءَ ڊائينوسار جا نقل يورپ ۽ آمريڪا جي ٻين عجائب گهرن ۾ به ٺهرائي رکڻ جو فيصلو ڪيو. اسان هت اچڻ کان اڳ به هن ميوزم متعلق ڪافي پڙهيو هو، پر ڊاڪٽر رابعه به انهي جي باري ۾ اسان سان ڪافي ناليج شيئر ڪئي، ڇو ته هوءَ تازو ئي پرهه ۽ ان جي ٻارن کي هي ميوزم گهمائڻ آئي هئي، تنهن ڪري هوءَ هاڻ اسان جي لاءِ سٺي گائيڊ ثابت ٿي رهي هئي. نيچرل هسٽري ميوزم جي نيو وهيل هال ۾ 25 ميٽر ڊگهو ۽ 10 ٽن وزني بِلو وهيل مڇ جو ماڊل رکيل آهي. ۽ ميوزم جي ڊاروِن سينٽر ۾ سن 2004ع ۾ فاڪلينڊ جي جزيرن وٽان ڄار وسيلي پڪڙيل 8 ميٽر ڊگهو آرڪي نالي مڇ پڻ نمائش خاطر محفوظ ڪيل آهي. ٿيمس نديءَ مان پڪڙيل وهيل مڇ جا هڏا پڻ هتي رکيل آهن، جيڪو سن 2006ع ۾ ڀُلجي ٿيمس نديءَ ۾ اچي ڦاٿو هو. هتي ڊائنوڪوچليا نالي هڪ پراسرار آبي جنس جو ڍانچو به محفوظ ڪيو ويو آهي، جنهن کي اَوَلِ شاهي گيسٽر ويوڊ، پوءِ ڪوپرولائيٽ ۽ آخر ۾ وڏي جيت جي پٿرايل خول طور سُڃاتو ويو. هن ميوزم ۾ جهنگلي جيوت لاءِ گهر به ٺهيل آهي. اُتي واسطيدار سائنسي علمن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ پبلڪ پروگرام منعقد ڪرڻ جو پڻ بندو بست ٿيل آهي. جيڪو سياح، اسڪالر يا شاگرد، جنهن کي لنڊن گهمڻ يا اتي پڙهڻ جو موقعو ملي، تنهن کي هي ميوزم ضرور ڏسڻ گهرجي. اهو گهمڻ کان اڳ انٽرنيٽ ئي ڪتابن ۾ هن ميوزم بابت ڪجهه اهم معلومات حاصل ڪري، تنهن کان پوءِ هي ميوزم گهمڻ ۾ کيس وڌيڪ مزو ايندو. چند ماڻهن کان سواءِ باقي ماڻهو روز روز ته لنڊن گهمڻ ڪو نه ٿو اچي، جو ان کي اهڙو عاليشان ميوزم ڏسڻ جو موقعوسدائين ميسر هوندو. نيچرل هسٽري ميوزم جي انتظاميه ڊيوِن ۽ ڊورسيٽ جي جيو راسڪ ساحل کي يونيسڪو طرفان عالمي تهذيبي ورثي طور تسليم ڪرائڻ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو ۽ اها انتظاميه لائيم ريگس جانورن جي پٿرائيل جسمن جي نمائش لڳائڻ ۾ ڀائيوار طور ڪم ڪندي آهي. سن 2005ع ۾ هن ميوزم ۾ چند عالِمن ۽ علم پرور ماڻهن جا نقل تيار ڪرائي هڪ گيلري ۾ رکيا ويا، جيڪي گيلري گهمندڙ ماڻهن کي سندن ڪهاڻيون، واقعا ۽ ايجادون کِل ڀوڳ واري انداز ۾ بيان ڪري کين واقف ڪن ٿا ۽ وندرائين ٿا. سن 2010ع ۾ بي بي سي وارن ڇهن ڀاڱن تي مشتمل هڪ ڊاڪيومينٽري فلم نيچرل هسٽري ميوزم بابت تيار ڪئي، تنهن جو عنوان هو ”ميوزم آف لائيف ۽ بيهائينڊ دي سِين“ هن ميوزم ۾ ”نيچر لائيو“ عنوان سان هڪ پروگرام شروع ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سير ڪندڙ ماڻهو ميوزم ۾ تحقيقاتي ڪم ڪندڙ سائنسدانن سان ملي سندن ڪم بابت گفتگو ڪندا آهن. اهي گڏجاڻيون روزانو 30:14 گِرين وِچ مين ٽائيم موجب ٿينديون آهن جن دوران ڪائنات جي پيدائش کان وٺي آبهوا جي تبديليءَ، حياتيات ۽ خِلا بابت علمن تي گفتگو ٿيندي آهي، سياح سوال پڇن ٿا، غير معمولي شين جو معائنو ڪن ٿا ۽ وِڊيو عمل ۾ شامل ٿين ٿا. اهو وڊيو عمل ميوزم جي ويب سائيٽ تي موجود هوندو آهي ۽ انٽرنيٽ تي سڄي دنيا ۾ ڏسجي ٿو. هرٽ فورڊ شائير شهر جي نرالي مزاج واري شخص نالي والٽر روٿسچائلڊ، پنهنجي شهر جي ٽرنگ علائقي ۾ نيچرل هسٽري ميوزم وانگر سندس نالي سان والٽر روٿسچائلڊ زولاجيڪل ميوزم قائم ڪيو، تنهن جو نيچرل هسٽري ميوزم سان سن 1938ع ۾ الحاق ٿيو. اسين انهن چند ماڻهن ۾ شامل هئاسين جيڪي هن ميوزم مان سڀني ماڻهن کان پڇاڙي ۾ نڪتا هئاسين. سواقع عجب ۾ وجهندڙ ۽ حيران ڪندڙ آهي هي نيچرل هسٽري ميوزم!
    اڄ ڪلهه سڄي دنيا ۾ هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ وڃڻ لاءِ پاسپورٽ ۽ ويزا تمام ضروري ڪاغذ واسطيدار ملڪن کان وٺڻا پوندا آهن. انهن کان سواءِ ڪنهن به ٻئي ملڪ ۾ داخل ٿي نٿو سگهجي سواءِ پنهنجي ملڪ پاڪستان جي، خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ جتي لکن جي تعداد ۾ بِهاري، برمي، بنگلاديشي ۽ افغاني سواءِ ڪنهن به اجازت نامي ۽ پاسپورٽ جي رهن ۽ پنهنجي مرضيءَ سان ڪُڌن ڪاروبارن ۾ مشغول آهن. کانئن ڪير به پُڇڻ وارو ڪونهي. نائين اِليونِ جي واقعي کان پوءِ ته يورپ ۽ آمريڪا، توڙي ٻين به ڪيترن ئي مُلڪن ۾ ذري گهٽ پاڪستاني شهرين لاءِ ويزائون ته صفا بند ڪري ڇڏيون آهن. سر ظفرالله خان پاڪستان جو پهريون وزير خارجه ۽ گڏيل هندستان جو ”ليگ آف نيشنس“ ۾ نمائندو پنهنجي آتم ڪٿا ”تخديث نغمت“ ۾ لکي ٿو ته پهرين عالمي جنگ کان اڳ هندستاني ماڻهن لاءِ سواءِ رُوس ۽ تُرڪيءَ جي يورپ جي ڪنهن به ملڪ ۾ وڃڻ لاءِ ويزا ته ٺهيو پر پاسپورٽ جي به ضرورت ڪا نه هوندي هئي. صرف بينڪ ۾ اڪائونٽ کولڻ لاءِ ماڻهوءَ کي سندس رهائش واري ضلعي جي ڪليڪٽر جو ليٽر کپندو هو، باقي ٿيو خير. ٻي به هڪ ڏاڍي دلچسپ ڳالهه تحرير ڪئي اٿس، جيڪا چاهيان ٿو ته توهان سان به شيئر ڪريان. پاڻ لکي ٿو ته آئون جڏهن پڙهڻ لاءِ سيپٽمبر سن 1911ع ۾ انگلينڊ پهتس، ته اتي هزارن جي تعداد ۾ پنجابي رهائش پذير ڏٺم، جن ۾ اهڙا به ماڻهو هئا، جيڪي صرف پنجابي ڳالهائي سگهندا هئا. ساڳئي ڪتاب جي 29 صفحي تي به بيحد دلچسپ ۽ آئون سمجهان ٿو ته اسان سنڌين لاءِ سبق آموز قصو آهي. هو لکي ٿو ته انگلينڊ ۾ منهنجي پڙهائيءَ واري عرصي دوران انگريزن پنجاب ۾ زرعي زمينون هارين ۾ ورهايون. انهيءَ پاليسي تحت پنجاب جي لُڌيانا ضلعي ۾ به هارين ۾ زمينون ورهايون ويون، پر ڪن هارين کي زمينون ڪو نه مليون ته انهن پنجاب ۾ سرڪاري سطح تي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر کين زمينون ڪو نه مليون، تڏهن وري ڪن ماڻهن کين بيوقوف بنائڻ لاءِ يا همدرديءَ طور صلاح ڏني ته توهان هاڻ لنڊن وڃي اتي وزير هند کي درخواست ڏيو ته توهان کي زمين ملي ويندي. سو هي همراه قرض کڻي يا پنهنجو تڏو توري وڪڻي وڃي لنڊن ۾ انڊيا آفيس پهتا. مزي جهڙي ڳالهه ته کين پنجابيءَ کان سواءِ ٻي ڪا به ٻولي ڪا نه ايندي هئي ۽ انڊيا آفيس ۾ به هنن جي ٻولي سمجهڻ وارو ڪير به ڪو نه هو. پر اتفاقاً مون کي به پنهنجي تعليم جي سلسلي ۾ ان ڏينهن انهيءَ آفيس ۾ وڃڻو هو ۽ آئون جيئن ئي آفيس اندر داخل ٿيس ته آفيس انچارج مون کي چيو ته هنن ماڻهن جي انگريزي ۾ لکيل درخواست ته مون پڙهي آهي، پر ان بابت منهنجو جواب هي همراه ڪو نه ٿا سمجهن، سو مهرباني ڪري تون کين سمجهاءِ، تڏهن مون کين ٻڌايو ته هي صاحب چوي ٿو ته انهيءَ سبجيڪٽ جو اسان سان ڪو به واسطو ڪونهي ۽ نه ئي ڪا اسان انهيءَ سلسلي ۾ اوهان جي ڪا به مدد ڪري سگهون ٿا. جيئن ئي مون هنن کي اها ڳالهه سمجهائي بس ڪئي ته مونکي پڙهائي جي سلسلي ۾ اندر سڏ ٿيو ته يڪدم آفيس اندر هليو ويس ۽ واپس جڏهن آفيس کان ٻاهر آئيس ته اهي ٽيئي همراه اُتي موجود ڪو نه هئا. توهان کي هي قصو ٻڌائڻ جو مطلب صرف اهو هو ته اڄ به سنڌي ماڻهو ڪنهن وڏي مقصد جي حصول لاءِ پنهنجو گهر ڇڏڻ لاءِ تيار ڪو نه آهن، پر سئو سال اڳ به هي اڻپڙهيل ڳوٺاڻا پنجابي زمين ٽُڪر وٺڻ لاءِ انگلينڊ پهچي ويا. تاريخ ٻڌائي ٿي ته دنيا ۾ انهن ماڻهن ۽ قومن ترقي ڪئي، جن پنهنجو شهر ۽ ملڪ ڇڏيو. ان جو مثال مهاجر ۽ پنجابي آهن. يورپين قومون جيڪڏهن آمريڪا ۽ آسٽريليا کنڊ ڳولي نه لهن ها ته اڄ شايد يورپ اندر ئي پاڻ ۾ وڙهيا ويٺا هجن ها ۽ سڄي دنيا جي دولت تي قابض نه هجن ها. اهو ساڳيو مثال يونانين، رومين ۽ مسلمانن لاءِ به ڏئي سگهجي ٿو. اڄڪلهه سڄي دنيا ۾ هي چوڻي عام آهي ته هي سڄي دنيا هڪ ئي ڳوٺ آهي، پر شاهه لطيف تقريباً پوڻا ٽي سئو سال اڳ چيو ته ”چپر مڙوئي ڇاڙڪي“ يعني ڇپر معنيٰ آسمان معنيٰ جهان، معنيٰ هي ڪائنات ئي ڇاڙڪيءَ جيتري تمام مختصر يا ننڍي آهي. اهي به ته انسان هئا جن هزارين سال اڳ چيو ته ڌرتي گول آهي ۽ اها سج جي چوڌاري ڦري ٿي.

    اسان ڪالهه هوٽل مان پنهنجو سامان کڻي اچي نور محمد جي گهر رکيو ۽ رات گهر ۾ ڪچهري ڪري سڀئي وڃي آرامي ٿياسين. صبح جو سڀني چيو ته لاڳيتا ٻه ٽي ڏينهن لنڊن گهميا آهيون. اڄ آچر تي نور محمد جي به موڪل آهي، تنهنڪري اڄ پاڻ سڀئي يعني آئون، منيٰ، نور محمد، رابعه ۽ محبوب گڏجي آڪسفورڊ يونيورسٽي ۽ شهر گهمڻ هلنداسين. سو ترت سڀ تيار ٿي اوڏانهن روانا ٿياسين. لندن کان آڪسفورڊ ريل گاڏيءَ جي سفر ۾ ٻه ڪلاڪ لڳن ٿا. ريل گاڏيون ڏينهن رات هلن پيون. هتي هوائي اڏو به آهي، جتان هوائي جهاز ڏيهه توڙي پرڏيهه ڏانهن اڏامون ڪندا آهن. آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ آڪسفورڊ اويئيشن اڪيڊمي نالي هڪ ادارو به قائم آهي، جتي هوائي جهاز اڏائڻ جي سکيا ۽ ٻيا واسطيدار عمل سيکاريا وڃن ٿا. آڪسفورد بس سروس هيٿرو هوائي اڏي ۽ گيٽ وي هوائي اڏي کان آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ لاءِ بسون هلائيندي آهي. لنڊن ۽ آڪسفورڊ وچ ۾ ڪوچ سروس ۽ ٻين ڪمپنين جي بس سروس به چالو آهي. تنهن کان سواءِ ريل گاڏين جو انگلينڊ ۽ برطانيه ۾ ته بي مثال ۽ عاليشان نظام رائج آهي. ٻن ڪلاڪن جي هن سفر ۾ اسين هتي جي ٻهراڙيءَ جا ٻنيون ٻارا ۽ ننڍا وڏا ڳوٺ ڏسندا اچي آڪسفورڊ پهتاسين. هتي سڄي دنيا مان اسان وانگر آيل سياح، شاگرد ۽ سندن مائٽ بي شمار تعداد ۾ اچي گڏ ٿيا هئا. آڪسفورڊ هاڻي هڪ وڏو شهر ٿي ويو آهي. آمريڪا ۽ يورپ جي دولت ۾ جيڪڏهن هيٺيون چار شيون شامل نه هجن ها ته سندن حال شايد پاڻ کان به بڇڙا هجن ها. هڪ ته عرب دنيا جي پيٽروليم جي دولت سِڌِي توڙي اڻسڌيءَ طرح سندن قبضي ۾ آهي. ٻيو ته سندن هٿيارن جو سڄي دنيا ۾ واپار ٿئي ٿو. ٽيو ته سندن تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ غير آمريڪي ۽ غير يورپي شاگردن جي پڙهائيءَ مان حاصل ٿيندڙ دولت به ڪنهن به صورت ۾ گهٽ ڪانهي. چوٿون ته کين سندن ملڪن ۾ ويندڙ سياحن طرفان بي تحاشا خرچ ٿيندڙ دولت به حاصل ٿئي ٿي. آڪسفورڊ شهر ۾ يونيورسٽيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي، پر انهيءَ جي باوجود هتي هڪ سال دوران هڪ ڪروڙ کن سياح يونيورسٽي گهمڻ ايندا آهن. انهيءَ مان اندازو لڳايو ته هر سال سڄي انگلينڊ، برطانيه ۽ سڄي يورپ ۾ ڪيترا ٽوئرسٽ ايندا هوندا. اسان پهرين يونيورسٽيءَ قديم علائقي جو سير ڪيو ۽ اهي ڪاليج ۽ هاسٽلون ڏٺيوسين، جتي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو ۽ اندراگانڌي جن پڙهندا ۽ رهندا هئا. پوءِ انهيءَ هاسٽل ڏانهن وياسين جتي هينئر بلاول ڀٽو زرداري رهندو آهي، پر ويڪيشن سبب پاڻ اُتي موجود ڪو نه هو. آڪسفورڊ يونيورسٽي انگلينڊ جي سڀني کان جهوني ۽ تاريخي طور بالڪل نرالي حيثيت جي حامل مادر علمي آهي، جيڪا لڳاتار نوَن (9) صدين کان وٺي تدريس ۽ تحقيق جو عمل برقرار رکيو اچي. هن عظيم يونيورسٽيءَ جي بُنياد پوڻ جي حقيقي تاريخ ته معلوم ڪانهي، پر سن 1096ع ۾ بادشاهاه هينري ٻئي جڏهن انگريز شاگردن تي پيرس يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ تي بندش وڌي، تڏهن کان وٺي هيءَ يونيورسٽي ترقي ڪرڻ لڳي. سن 1188ع ۾ انگريز تاريخدان جيرالڊ آف ويلس، آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي سمورن استادن اڳيان پنهنجو مقالو پڙهي ٻڌايو هو. سن 1190ع ۾ هن يونيورسٽيءَ ۾ پهريون پرڏيهي شاگرد اچي داخل ٿيو هو، تنهن جو نالو Emo ايمو هو. هو فريسلينڊ جو باشندو هو. سن 1201ع ۾ هن يونيورسٽيءَ جي ناظم اعليٰ کي Magister Scolarum Oxonie ميجسٽر اسڪالرم آڪسوني سڏيندا هئا، تنهن کي سن 1214ع کان Chancellor چانسلر ڪوٺڻ لڳا. سن 1231ع ۾ يونيورسٽيءَ کي ڪارپوريشن يعني انتظامي ۽ مالياتي طور پاڻ ڀرو ۽ آزاد حيثيت وارو ادارو تسليم ڪيو ويو. ساڳئي تيرهين عيسوي صديءَ ۾ آڪسفورڊ شهر جي ماڻهن ۽ يونيورسٽيءَ جي شاگردن درميان فساد ٿيڻ جي نتيجي ۾ يونيورسٽي انتظاميه طرفان قديم رهائشي هال تعمير ڪرايا ويا، انهن هالن اڳتي هلي يونيورسٽيءَ جي ماتحت هلندڙ ڪاليجن جي صورت اختيار ڪئي. انهن ڪاليجن جو انتظام هلائيندڙ اهلڪار کي Master ماسٽر سڏيو ويندو هو. ماسٽر يونيورسٽيءَ طرفان مقرر ڪيو ويندو هو. Balliol College باليئل ڪاليج Merton College مرٽن ڪاليج هن يونيورسٽيءَ جا سڀئي کان وڌيڪ جهونا ڪاليج آهن، جيڪي سن 1249ع ۽ 1264ع درميان قائم ڪيا ويا هئا. انهيءَ کان پوءِ هڪ صديءَ کان به ٿوري وقت اندر پنهنجي قدامت، نصاب، ضابطه عمل ۽ شاگردن کي حاصل سهولتن جي ڪري، آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ وقت جي موجود سمورين درسگاهن ۾ سڀ کان وڌيڪ اعليٰ رتبو حاصل ڪيو، جنهن جي پوپن، بادشاهن ۽ وقت جي اڪابرن طرفان تعريف ۽ تعظيم ٿيڻ لڳي. سن 1355ع ۾ بادشاهه ايڊورڊ ٽِئين، يونيورسٽيءَ کي خراج پيش ڪندي چيو ته هن يونيورسٽيءَ تدريسي عمل ۾ بي بها ڪردار ادا ڪيو آهي. سندس سنَدِ يافته افراد مختلف رياستي ادارن ۾ عاليشان خدمتون سرانجام ڏيڻ تي جس لهڻن! ڪجهه وقت کان پوءِ يونيورسٽي جا عالم ۽ اڪابر استاد سياسي ۽ مذهبي تڪرارن سبب مختلف گروهن ۾ ورهائجي ويا. باليئل ڪاليج جي چوڏهين عيسوي صديءَ واري ماسٽر John Wyclif جان واِڪِلف، ڪليسا جي مرضيءَ خلاف بائيبل کي لاطيني ٻوليءَ بدران انگريزي ٻوليءَ ۾ لکي ڇپرائڻ واسطي وڏي مهم هلائي هئي. سن 1530ع ۾ بادشاهه هينري اٺين پنهنجي راڻي Catherine of Aragon ڪيٿرين آف اريگن کي ڏنل طلاق کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ يونيورسٽيءَ تي گهڻو دٻاء وِڌو. سورهين صديءَ وارن سڌارن جي سرڪاري مهم دوران Arglican Church اينجليڪن چرچ وارن عالمن، Cranmer ڪرينمر Latimer لاٽيمر ۽ Ridley رڊلي تي مذهبي بي حرمتيءَ جي الزام تحت مقدمو هلائي کين آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ اندر کين جيئرو ساڙائي مارايو. انگلينڊ جي گهرو لڙائيءَ دوران بادشاهه چارلس پهرئين، يونيورسٽيءَ جي ڪانووڪيشن هال ۾ حقيقي پارليامينٽ جي خلاف پنهنجي نقلي پارليامينٽ جو اجلاس منعقد ڪرايو هو. سترهين عيسوي صديءَ جي آخري حصي دوران آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي جڳ مشهور مفڪر John Locke جان لاڪ کي غداري ڪرڻ جي شڪ جي بنياد تي مُلڪ بدر ڪرڻ لاءِ دٻاء وڌو ويو. اوڻهين عيسوي صديءَ دوران جڏهن آڪسفورڊ يونيورسٽي سياسي سرگرمين ڪارڻ تياڳيل ليکبي هئي، انهيءَ زماني ۾ يونيورسٽيءَ ۾ قدامت پرست مذهبي رجحان جي زور هوندي به تعليمي ميدان ۾ قابل قدر تدريس، تحقيق ۽ سائنسدانن طرفان نيون ايجادون ٿينديون رهيون. جاميٽري جي پروفيسر Edmund Halley ايڊمنڊ هالي، هڪ فلڪياتي عنصر Comet پُڇر تاري جي وري آسمان تي ظاهر ٿيڻ جي پيشنگوئي ڪئي، جيڪا صحيح ثابت ٿي، ته انهي پڇر تاري کي انهيءَ سائنسدان جي نالي پٺيان ”هيلي“ نالو ڏنو ويو. انهيءَ عرصي دوران يونيورسٽيءَ جي مذهبي قدامت پرست عالمن، جان ۽ چارلس ويسلي وارن سخت مذهبي جنوني جلسا ڪري هڪڙي جنوني عيسائي فرقي جو بنياد رکيو. انهيءَ فرقي کي Methodist Society ميٿڊسٽ سوسائٽي سڏيو ويو. مهاراڻي وڪٽوريا جي حڪومت دوران خصوصي طور مذهبي فسادن جي حوالي سان آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مکيه ڪردار ادا ڪيو. هتي جي مذهبي عالمن جنوني مذهبي تحريڪ برقرار رکندي، اينجليڪن فرقي ۽ ڪيٿولڪ جنوني نڪته نظر به نئين سر اُجاگر ڪيو. آڪسفورڊ جي انهن جنوني مذهبي عالمن مان هڪڙو، جان هينري نويمين، سن 1845ع ۾ رومن ڪيٿولڪ فرقي ۾ شامل ٿيو ۽ پوءِ هو ڪارڊينل يعني پوري ملڪ ۾ سمورن پادرين جو اڳواڻ پادري مقرر ٿيو. سن 1860ع ۾ يونيورسٽيءَ جي نئين ميوزم ۾ عظيم مفڪر، ٿامس هُڪسلي، جيڪو ارتقا جي جديد نظريئي جو وڏو حامي هو، تنهن ۽ هڪ پادري نالي ولبر فورس جي وچ ۾ مشهور علمي مناظرو منعقد ٿيو هو. سن 1878ع کان وٺي جيڪي عورتن جي لاءِ الڳ درسگاهون قائم ٿينديون رهيون، انهن کي سن 1920ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ سان الحاق حاصل ٿيو. سن 1974ع کان وٺي يونيورسٽي سان ملحق 39 ڪاليجن پنهنجي اڳوڻي پاليسي تبديل ڪري، مردن سان گڏ عورتن کي به داخلا ڏيڻ شروع ڪئي، پر يونيورسٽي جو فقط هڪ ئي سينٽ هلڊاز ڪاليج آهي، جنهن ۾ اڃا تائين فقط عورتن کي ئي پڙهايو وڃي ٿو. ويهين عيسوي صديءَ دوران آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي تدريسي عمل ۾ وڏي پيماني تي توسيع، سمورن سائنسي شعبن ۾ تحقيق جي صورت ۾ ٿيندي رهي، جنهن ۾ طب ۽ دواسازيءَ لاءِ علم ڪيميا ۾ خصوصي کوجنا قابل ذڪر آهي. اهڙي نمايان ڪارڪردگيءَ سبب يونيورسٽيءَ عالمي پيماني تي هڪ عظيم مادر علمي ۽ ڏاهپ جي مرڪز طور، پنهنجي روايتي ڪردار کي اُجاگر ڪيو ۽ مستحڪم بنايو. جوڙجڪ ۽ انتظامي طريقيڪار جي حوالي سان، آڪسفورڊ يونيورسٽي پنهنجو انتظام پاڻ ئي هلائيندڙ آزاد علمي ادارو آهي، جنهن ۾ چاليهارو کن ڪاليج مرڪزي ڍانچي يعني يونيورسٽي انتظاميه تحت عمل پيرا آهن. يونيورسٽيءَ جو ناظم اعليٰ، وائيس چانسلر آهي. سندس سروس جو مُدو وڌ ۾ وڌ ست سال آهي. وائيس چانسلر کان سواءِ، پنج پرو وائيس چانسلر به مقرر ٿيل آهن، جيڪي هيٺ ڄاڻايل شعبن کي سنڀاليندا آهن.
    1. ترقيات ۽ خارجه معاملن وارو شعبو.
    2. تعليمات وارو شعبو.
    3. ذاتي، انفرادي ۽ مساوي موقعا مهيا ڪندڙ شعبو.
    4. وسيلن ۽ منصوبه بندي وارو شعبو.
    5. کوجنا يا تحقيق وارو شعبو.
    يونيورسٽيءَ جو چانسلر معمول موجب، مُلڪ جي مشهور ماڻهن مان هڪڙو، تاحيات چونڊبو آهي. هن جو عهدو اعزازي هوندو آهي. هو يونيورسٽيءَ جي سمورين مکيه تقريبن جي سرواڻي يا صدارت ڪندو آهي. آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جو مکيه پاليسي ساز ادارو، يونيورسٽيءَ جي ڪائونسل Council of University سڏجي ٿو. انهيءَ ڪائونسل جا 26 ميمبر هوندا آهن، جن مان چار ميمبر يونيورسٽيءَ کان ٻاهر جي افراد مان چونڊبا آهن، باقي ٻاويهه ميمبر يونيورسٽيءَ جي اسٽاف ۽ ملحق ڪاليجن جي نمائندن مان چونڊبا آهن. هيءَ ڪائونسل تعليمي پاليسي ۽ حڪمت عملي جوڙڻ ۽ انهن تي عمل ڪرائڻ واسطي هدايتون جاري ڪرڻ وارو واحد ادارو آهي، جيڪو چَئين مکيه ڪاميٽين وسيلي سمورن قائدن، قانونن ۽ پاليسين تي عمل درآمد ڪرائي ٿو. اهي ڪميٽيون آهن:
    1. ايجوڪيشنل پاليسي اينڊ اسٽينڊرڊ ڪاميٽي.
    2. جنرل پر پرز ڪاميٽي.
    3. پرسنل ڪاميٽي.
    4. پلاننگ اينڊ رسورسز ايلوڪيسن ڪاميٽي.
    يونيورسٽيءَ جي تدريس، تحقيق، توڙي انتظامي معاملن بنسبت قانون سازي ڪرڻ وارو آخري ادارو، يونيورسٽي جي قانون ساز مجلس آهي. انهيءَ مجلس جا 3700 (ٽي هزار، ست سئو) ميمبر آهن، جن کي اڪيڊمڪ برانچ، کوجنا واري شعبي، لائيبرري، ميوزم ۽ انتظاميه وارن شعبن جي ملازمن مان چونڊبو آهي. ماليات ۽ منصوبه بنديءَ بابت هر روز حساب ڪتاب ڪرڻ ۽ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ واريون ذميواريون، يونيورسٽيءَ جي چئين تدريسي شعبن، جهڙوڪ: 1. هيومينٽيز واري شعبي، 2. رياضي ۽ طبعي علمن واري شعبي، 3. طبي علمن واري شعبي ۽ 4. سماجي علمن واري شعبي کي سونپيل آهن. هر هڪ شعبي جو بورڊ چونڊبو آهي. هر شعبي جو اڳواڻ ڪل وقتي ملازمت جي اصول تحت مقرر ڪبو آهي. تدريسي عمل جو تسلسل اڃا ٻئي بورڊ جي ذميواري هوندي آهي. انفرادي طور آزاد ۽ خود مختيار رهڻ جي باوجود، اڳ ذڪر ڪيل 39 ڪاليج وفاقي اصول موجب الحاق قائم ڪندي هن مادر علميءَ جي جوڙجڪ ڪن ٿا. هر هڪ ڪاليج کي پروي ڪائونسل طرفان تصديق ٿيل چارٽر ڏنو ويندو آهي، جنهن کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ، يونيورسٽيءَ جي اهلڪارن تي مشتمل هڪڙي مجلس عمل قائم ڪيل آهي. يونيورسٽيءَ ۾ ست دائمي پرائيويٽ هال يعني ڪاليج عيسائي مذهبي نالن سان قائم ٿيل آهن، جن ۾ اڃا تائين مذهبي اثرات موجود آهن. يونيورسٽيءَ جي ٽيهن ڪاليجن ۽ مذڪور ستن پرائيويٽ هالن يا ڪاليجن ۾ شاگردن جي داخلا 1. انڊرگريجوئيٽ، 2. گريجوئيٽ سَنَدُن لاءِ ٿيندي آهي. ست ٻيا ڪاليج فقط گريجوئيٽ سَنَدَ وٺڻ وارن شاگردن جي داخلا لاءِ مخصوص آهن. يونيورسٽيءَ واري All Souls College آل سولس ڪاليج ۾ فقط Fellows فيلوز داخل ٿيندا آهن. ڪيلاگ ڪاليج ۾ پارٽ ٽائم گريجوئيٽ ۽ پڙهائي برقرار رکندڙ شاگرد داخل ڪيا ويندا آهن. هن يونيورسٽيءَ ۾ هر سال دنيا جي هر ڪُنڊ ۽ ڪڙڇ کان هزارن جي تعداد ۾ شاگرد علم حاصل ڪرڻ ايندا آهن، ڇو ته اها دنيا جي قديم ۽ بهترين مادر علميءَ جي حيثيت سان حقيقي ۽ سچن شاگردن لاءِ مثبت ڪشش جو باعث آهي. انهيءَ ئي سبب ڪري هتي هڪ سئو ٽيهن کان به وڌيڪ قومن ۽ ملڪن جا شاگرد داخل آهن. هن يونيورسٽيءَ جا ڏيهي توڙي پرڏيهي کوجنا ڪندڙ ادارن، صنعتي کوجنا ڪندڙ ادارن ۽ تجارتي کوجنا ڪندڙ ادارن سان تدريس ۽ تحقيق واسطي مستحڪم تعلقات قائم آهن. تنهن کان سواءِ يونيورسٽيءَ جون پنهنجون جڳ مشهور لائيبرريون، ليبارٽريون ۽ ميوزم موجود آهن، جتي مطالعي، مشاهدي، مناظري، تحقيق ۽ تجربا ڪرڻ جو بهترين سهولتون مُيسر آهن.
    يونيورسٽيءَ جي مخصوص ڪاليجي الحاق واري نظام سبب يونيورسٽيءَ جا اُستاد توڙي شاگرد پاڻ کي هڪ ئي برادريءَ جا ماڻهو، يعني هڪ ٻئي کي پنهنجا عزيز قريب ڪري ليکين ٿا ۽ ان موافق ورتاءُ ڪن ٿا. شاگردن کي هتي عظيم محققن جي ماتحت سِکڻ جا ڪَئين موقعا مُيسِر آهن. هن يونيورسٽيءَ ۾ ان طرفان هڪڙو مالي مدد وارو منصوبو جوڙي، ان تي سن 2006ع کان عمل ڪيو پيو وڃي، جنهن تحت برطانيه جي انهن غريب شاگردن جي مالي مدد ڪئي وڃي ٿي، جيڪي هن يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ جي خواهش رکن ٿا. انڊر گريجوئيٽ شاگردن لاءِ پنهنجي پسند جي مضمونن ۾ اعليٰ تعليم جي حصول لاءِ انيڪ موقعا مُيسِر آهن. تدريس واري نظام موجب شاگرد اڪيلي سِر يا ٻن ٽن ڄڻن جي ٽولي جي صورت ۾ سکيا واسطي سدائين پنهنجن استادن سان ملندا رهندا آهن. انهيءَ نظام تدريس جو مکيه مقصد آهي ته شاگردن ۾ منطقي، علمي ۽ آزاد حيثيت سان سمجهڻ ۽ سوچڻ جي صلاحيت پيدا ٿئي. يونيورسٽيءَ جي ٽيهن ڪاليجن ۾ ستن پرائيويٽ هالن يعني يونيورسٽيءَ ۾ مذهبي ادارن طرفان قائم ڪيل ڪاليجن ۾، سواءِ سينٽ هلڊا ڪاليج جي، جتي فقط عورتون داخل ڪجن ٿيون، انڊرگريجوئيٽ ڊگريءَ لاءِ مردن توڙي عورتن، ٻنهي جنسن کي داخلا ملي ٿي. سمورن ڪاليجن ۾ فقط ذهني طور بالغ شاگردن جي داخلا ٿئي ٿي. هيرس مانچيسٽر ڪاليج ۾ داخلا لاءِ اڃا به وڌيڪ سختي ڪئي وڃي ٿي. گريجوئيشن لاءِ ان جي ٻين ستن ڪاليجن، جهڙوڪ 1. گِرِين ڪاليج، 2. لائينيڪر ڪاليج، 3. ٽيمپلٽن ڪاليج، 4. سينٽ اينٽونيوز ڪاليج، 5. سينٽ ڪراس ڪاليج، 6. نيوفيلڊ ڪاليج ۽ 7. وولفسن ڪاليج ۾ ٻنهي جنسن جي شاگردن جي داخلا ٿئي ٿي، جيڪي ڪل شاگردن جو تقريباً ٽيو حصو تعداد ۾ ٿيندا. اهي شاگرد يونيورسٽيءَ جو بيش بها ڀاڱو جوڙين ٿا. اهي هِڪ، ٻن ۽ ٽِن سالن وارين گريجوئيشن ڊگرين لاءِ تدريس ۽ تحقيق ۾ رُڌل هوندا آهن. هي يونيورسٽي تدريس ۽ تحقيق ۾ رُڌل هوندا آهن. هي يونيورسٽي تدريس ۽ تحقيق توڙي پرڏيهي درسگاهن سان سٺن لاڳاپن جي تسلسل واسطي پرڏيهي شاگردن کي خصوصي اهميت ڏيندي آهي، ڇو ته اهي ڪل شاگردن جو چوٿون حصو ته ضرور هوندا آهن. هيءَ يونيورسٽي هر سال سوين شاگردن کي پاڻ ۽ ٻين امدادي ادارن کان وظيفا وٺي ڏيندي آهي، ته جيئن اهي سندن خواهشن موافق تعليمي زيور سان سينگارجن. جڳ مشهور مادر علميءَ جي حيثيت سبب، سموري دنيا مان ڪيترائي استاد، عالم ۽ اڪابر هن يونيورسٽيءَ ۾ تدريسي ۽ تحقيقي عملن ۾ شامل ٿي وڌيڪ کوجنا ڪرڻ لاءِ ڪهي ايندا آهن. هن يونيورسٽيءَ طرفان سموري دنيا جي تعليمي ۽ تحقيقي ادارن سان سهڪاري اپاء جاري ۽ ساري آهن. انهيءَ ڏِس ۾ هن مادر علمي طرفان ڏور اوڀر، ڀارت، پاڪستان، چين، ڏکڻ آفريڪا، آمريڪا ۽ ڪجهه ڏکڻ آمريڪي ملڪن ۾ تدريسي ۽ تحقيقاتي ادارا قائم ڪيل آهن. پرنس يونيورسٽي، ڪيوٽو يونيورسٽي، آسٽريليئن نيشنل يونيورسٽي ۽ پيڪنگ يونيورسٽيءَ سان هن يونيورسٽيءَ تدريسي ۽ تحقيقاتي عمل لاءِ باهمي تعاون جا معاهدا ڪيا آهن. تنهن کان سواءِ هي يونيورسٽي IARU يعني انٽرنيشنل الائينس آف ريسرچ يونيورسٽيز ۽ LERU يعني ليگ آف يورپين ريسرچ يونيورسٽيز نالي تنظيمن جي ميمبر پڻ آهي. برطانيه جي پنجويهن وزيراعظمن ۽ دنيا جي ٻين هزارين سياسي اڳواڻن ۽ تعليمي ماهرن کان سواءِ پاڪستان جي ٻن وزيراعظمن ۽ ڀارت جي هڪ وزيراعظم پڻ هن يونيورسٽيءَ ۾ تعليم حاصل ڪئي. شهيد بينظير ڀٽو هن يونيورسٽيءَ جي ڊبيٽنگ سوسائٽيءَ جي صدر پڻ چونڊي وئي هئي. سابق آمريڪي صدر بِل ڪلنٽن به هتي پڙهيو هو. دنيا جي هڪ سئو ٽاپ يونيورسٽين جي لسٽ ۾ سموري اسلامي دنيا مان فقط هڪ ملڪ ملائيشيا جون ٻه يونيورسٽيون شامل آهن. اها ڪيڏي نه افسوسناڪ ڳالهه آهي! سن 5 2004ع جي ڊيٽا موجب آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ ارڙهن هزارن کان به وڌيڪ شاگردن داخل هئا، انهن جي اٽڪل چوٿين حصي کان به وڌيڪ شاگرد غير برطانوي هئا. يونيورسٽيءَ ۾ ساڍا ڇهه هزار کن شاگرد پوسٽ گريجوئيشن ڪري رهيا هئا. انهن مان اٽڪل چار هزار شاگرد آرٽس ۽ هيومينٽيز گروپن ۾ تحقيق ڪري رهيا هئا. يونيورسٽيءَ جي تعليم جاري رکڻ واري شعبي طرفان پيش ڪيل ڪورسن ۾ هر سال اٽڪل پندرهن هزار کن شاگرد داخل ٿيندا آهن. يونيورسٽيءَ جي داخلا وارو دفتر، برطانيه جي پنجن هزارن کان به وڌيڪ ڪاليجن ۽ اسڪولن سان دائمي طرح رابطي ۾ مشغول رهندو آهي. هڪ خصوصي تحقيق موجب، آڪسفورڊ يونيورسٽي سراسري طور، هر ڪم واري ڏينهن دوران، نصاب کان وڌيڪ، گهٽ ۾ گهٽ هڪڙو پروگرام ضرور منعقد ڪندي آهي. يونيورسٽيءَ جي اسٽاف ۾ 70 فيلوز رائيل سوسائٽيءَ جا ۽ نوي فيلوز برٽش اڪيڊميءَ جا شامل آهن. يونيورسٽيءَ سِڌي ۽ اڻ سڌي طرح سورهن هزارن کان به وڌيڪ ڪم جي آسامين جو خرچ ڀري ٿي، جيڪي ساڻس لاڳاپيل ڪاليجن، پريس ۽ اسپِن آئوٽ ڪمپنين ۾ موجود آهن. مالي سال 5 2004ع دوران يونيورسٽيءَ ۾ ٿيل تحقيقي ڪمن مان حاصل ٿيل ڪل رقم 263.2 ملِيئَن پائونڊ هئي، جنهن ۾ 183.6 مِليئن پائونڊ ٻاهرين گرانٽس ۽ ڪانٽريڪٽس مان حاصل ٿيا ۽ 79.6 مِلِيئن پائونڊ HEFCE طرفان تحقيق لاءِ گرانٽ طور مليا. آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي هيءَ مختصر ڪهاڻي، اميد ته توهان جي دلچسپيءَ جو باعث به بني هوندي. اسان يونيورسٽيءَ اندر تقريباً پنج ڇهه ڪلاڪ گهمي ڦري، پوءِ هڪ هوٽل تي ماني کائي، واپس ورڻ جي ڪئي. واپسيءَ ۾ اسان هتي هڪ ٻن ريلوي اسٽيشنن تي ريلوي اسٽيشنن جا نالا گرمکي زبان ۾ به لکيل ڏٺا. اسان پنهنجي گهر وڃڻ کان اڳ لنڊن جي مشهور علائقي سائوٿ هال جو سير ڪيو ۽ اُتي چوڌريءَ جي هوٽل تي ماني کاڌي. هوٽل جي ٻاهران نموني طور ڪراچيءَ ۾ هلندڙ مشهور مني بس نمبر W-11 ۽ ڪراچيءَ ۾ هلندڙ هڪ رڪشو به بيٺل ڏٺا. اسين ريل گاڏيءَ مان لٿاسين ته ڏاڍو سيءَ لڳو. سو بوبي سندس ڪوٽ به لاهي مون کي پائڻ لاءِ ڏنو. لنڊن ۾ ايڏي وڏي تعداد ۾ گردوارا، مسجدون ۽ مندر هڪ ٻئي سان گڏوگڏ ڏسي ڏاڍو عجب لڳو! هت لکن جي تعداد ۾ سک ۽ مسلمان پنجابي، هندو ۽ برصغير جا مسلمان رهن، جيڪي هڪٻئي ۾ شاديون به ڪن ۽ تمام امن ۽ شانتيءَ سان پان ۾ گڏجي رهن. هن علائقي ۾ توهان کي انگريز ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ڏسڻ ۾ ايندو. اسان کي ته رڳا هندستاني ۽ پاڪستاني ماڻهو ڏسڻ ۾ آيا. رات ٿي چڪي هئي، تنهن ڪري اسان صرف هڪ هوٽل ۽ ٻن ٽن دڪانن ۾ داخل ٿياسين، پر اُت هڪ به انگريز نظر نه آيو. مانيءَ لاءِ چوڌري جي هوٽل ۾ داخل ٿي ڏٺوسين ته سڄي هوٽل ماڻهن مان ڀري پئي هئي. هيءَ هوٽل لنڊن ۾ سڀني انڊين هوٽلن کان وڏي ۽ ويڪري هئي. اسان پنجن ڄڻن کي بيٺل ڏسي، مالڪ اشارو ڪري هوٽل جي بيري کي چيو ته هنن کي ڪنهن خالي جڳهه تي ويهار، تنهن اسان کي اچي چيو ته ٿورو انتظار ڪرڻو پوندو. اسان کي هت ڪراچيءَ جي هوٽلن جو نه پر لاهور جي Food Street جي هوٽلن جهڙو ماحول لڳو. جڳهه خالي ٿيڻ تي، بيري وٺي اچي اسان کي اتي ويهاريو ۽ پاڻ وري هليو ويو، ڪافي دير کان پوءِ اچي اسان کان آرڊر ورتئين. هت يورپين هوٽلن وارو تر برابر به ماحول ڪو نه ٿي لڳو. نه وري سروس وارو يا ڪو گراهڪ هوٽل اندر انگريز نظر آيو. هت ماحول ۽ گوڙ به پاڪستاني هوٽلن جهڙو هو. بوبي سڀني کان پڇي پوءِ آرڊر ڏنو. هو لنڊن ۾ سالن کان رهي پيو پر پاڻ ٻڌائين ته آئون به هت پهريون دفعو آيو آهيان. آئون سمجهان ٿو ته سڄي لنڊن ۾ هڪ ئي هنڌ ايترا هندستاني ۽ پاڪستاني گڏ ڪو نه رهندا هوندا، جيترا هت ٿا رهن. توهان کي هت پارٽيشن کان اڳ واري هندستان وارو ماحول ڏسڻ ۾ ايندو. ماني ڏاڍي لذيذ هئي ۽ سڀني کي وڻي، ڇو ته پنهنجي مزاج مطابق ٺهيل هئي. اسان کي هت ڪافي دير ٿي چڪي هئي ۽ سردي به تمام گهڻي هئي، سو جلد اچي ريلوي اسٽيشن تي ريل گاڏي ۾ چڙهي پنهنجي گهر روانا ٿياسين.
    اسين رات جو دير سان گهر پهتاسين ۽ اُٿياسين به دير سان. ناشتو ڪري دستور موجب نيٽ تي ڪاوش اخبار پڙهي پوءِ پروگرام ٺاهيوسين ته ٻه ڏينهن لنڊن شهر گهمبو، پوءِ ڪيڏانهن شهر کان ٻاهر گهمڻ هلنداسين. منهنجو وڏو پٽ فيمليءَ سميت ۽ ننڍو پٽ جيڪو اڃا ڪنوارو آهي ڪافي سالن کان لنڊن ۾ رهندا آهن ۽ منهنجو پوٽو ته ڄائو ئي لنڊن ۾ آهي، پر اهي سڀ اُتي گهر ۾ توڙي ٻاهر پاڻ ۾ صرف پنهنجي مادري زبان سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندا آهن. جڏهن ته ڪراچيءَ ۾ رهندڙ مٿئين طبقي وارا پنجاهه سيڪڙو سنڌي ڪٽنب ٻاهر توڙي گهرن ۾ اردو ڳالهائيندا آهن. ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ڪٽنب گهرن ۾ انگريزي ڳالهائيندا آهن. اسان پنهنجي ٻچن کي سنڌي زبان ڳالهائڻ کان محروم ڪرڻ جو ته ڪڏهن سوچيو به ڪونهي. پنهنجي اولاد کي پنهنجي زبان کان محروم ڪرڻ، غلاميءَ کي ذهني طرح قبول ڪرڻ جي برابر آهي. اهڙن ماڻهن لاءِ شاهه سائينءَ هي شعر چيو آهي:
    جي تو فارسي سِکيو، ته گولو توء غلام،
    اُڃيو ٿو آب گهُري، بُکيو تان طعام،
    اِيءُ عامن سندو عام، خاصن منجهان ڪو نه ٿيو.
    اسان ٽيوب ۾ چڙهي پهرين ويسٽ فيلڊ انڊر گرائونڊ مارڪيٽ ڏسڻ لاءِ روانا ٿياسين ۽ ٿوري دير ۾ ئي پهچي هن مارڪيٽ ۾ داخل ٿياسين. هيءَ مارڪيٽ سڄي يورپ ۾ وڏي ۾ وڏي زير زمين بازار آهي ۽ ڏاڍي سُهڻي سپر مارڪيٽ آهي. يورپ ۾ سخت سردي، گهڻي برسات ۽ برفباري ٿيڻ ڪري، هاڻ هتي اهڙيون زير زمين مارڪيٽون ٺاهڻ شروع ڪيون ويون آهن ته جيئن موسمي اثرات کان بچندي سيلاني ۽ خريدار ماڻهو سڄو ئي سال اهڙين محفوظ مارڪيٽن ۾ اچي سگهن ۽ سندن واپار تي ڪو اثر نه پوي. هيءَ بازار ويسٽ فيلڊ لنڊن شهر ۾ سڀ کان وڏو شاپنگ سينٽر، شهر جي هيمر اسمٿ اينڊ فُلهام برگ واري وائيٽ سِٽي نالي علائقي ۾، ويسٽ فيلڊ گروپ وارن سرمائيدارن، هڪ ارب سٺ ڪروڙ پائونڊن جي لاڳت سان تعمير ڪرايو. اهو ٽن طرفن کان يعني ويسٽ ڪِراس روٽ اي 3220 شاهراه، ويشٽ وي اي 40 ۽ ودلين اي 219 شاهراهن سان گهيريل آهي. هي شاهي شاپنگ سينٽر 30 آڪٽوبر سن 2008ع تي چالو ٿيو. هن واپاري مرڪز جي جاءِ وقوع وائيٽ سِٽي ڊسٽرڪٽِ ۾ آهي، جتي اڃا تائين ڪيترائي ٻيا ترقياتي منصوبا زير تعمير يا زير منصوبه بندي آهن. هي واپاري مرڪز برائون فيلڊ نالي ماڳ تي اڏيل آهي، جنهن جي ڪجهه ايراضيءَ تي سن 1908ع ۾ منعقد ٿيل فرانس ۽ برطانيه طرفان گڏيل نمائش لاءِ گهربل اڏاوت ڪئي وئي هئي. انهيءَ نمائش وارن بچيل هال هن مرڪز جي تعمير خاطر زمين صاف ڪرڻ دوران ٺاهيا ويا. انهن هالن جي مُهاڙين کي اڇو رنگ لڳايو ويو هو، تنهن ڪري انهي نمائش واري سموري اڏاوت کي وائيٽ سِٽي نالو ڏنو ويو.انهيءَ ايراضيءَ جو گهڻو ڀاڱو ريلوي کاتي جي گدامن جي نذر ٿي ويو هو. هي واپاري مرڪز پنهنجي تمام گهڻي پکيڙ سبب مشهور آهي. اهو ڏيڍ لک چورس ميٽرن جي ايراضي والاريو بيٺو آهي، جيڪا فوٽ بال راند جي تقريباً ٽيهن ميدانن جي برابر ٿيندي. هي شاپنگ سينٽر جڏهن جُڙي راس ٿيو ۽ چالو ڪيو ويو، تڏهن اهو يورپ ۾ سڀني کان وڏو شاپنگ سينٽر ڄاڻايو ويو. هن واپاري مرڪز کي وڌيڪ ويجهيون زير زمين ريلوي اسٽيشنون هيٺيون آهن. 1. وڊلين، 2. وائيٽ سٽِي، 3. شيفرڊس بُش، 4. شيفرڊس بُش مارڪيٽ ريلوي اسٽيشن.
    شيفرڊس بُش اوور گرائونڊ ريلوي اسٽيشن به هن مرڪز کي تمام ويجهي آهي. اسان هتي وائيٽ سٽي ٽيوب ۾ آيا هئاسين. هن شاپنگ سينٽر جي تعمير جو منصوبو ڪجهه گهڻ قومي سرمائيدار ڪمپنين جي هڪڙي گروهه جوڙيو ۽ مکيه ڀائيوار برطانيه ۾ آسٽريليا جي سرمائيدار ڪمپني ملٽي پليڪس گروپ هو. پر اهو ٻين منصوبن ۾ نقصان کائڻ سبب هن منصوبي تان هٿ کڻي ويو ۽ انهيءَ ڪمپنيءَ جو حصو آسٽريليا جي ٻئي ڪمپني ”ويسٽ فيلڊ گروپ“ خريد ڪري، پنهنجي تعميراتي گروپ طرفان اڏاوت جو ڪم شروع ڪيو. ”رابرٽ برڊ گروپ“ جي انجنيئرن ڪم هلايو. هن شاپنگ سينٽر جي واپاري نشان جي حامل ڇِت ڏسڻ ۾ بيحد شاندار هئي. اسان هتي ڪافي فوٽو ڪڍيا. مِنيٰ کي ڇت ۾ لڳل لائيٽن جو نماء ڏاڍو وڻيو. هن پروجيڪٽ جو ڊائريڪٽر جان رابرٽس هو. هي عظيم واپاري مرڪز اٺ هزار مزدورن پنج سال لاڳيتو پورهيو ڪري تيار ڪيو، جنهن ۾ ڪل 255 تمام وڏا اسٽور آهن ۽ سمورا ڏاڍا خوبصورت ۽ خصوصي اهميت جا حامل آهن. اسان پهرين هڪ چڪر ۾ سڄي مارڪيٽ سراسري طرح گهمي ڏٺي، پوءِ ڪجهه دڪانن تان ٿوري ٿوري خريداري ڪئي. آئون ۽ مِنيٰ ڪجهه دير لاءِ هت پيل ڪرسين تي ويهي مووي ڪيمرا ڀرڻ لڳاسين ۽ ويٺي ويٺي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا سياح، جن ۾ ڪارا توڙي ڳورا سڀ شامل هئا، انهن کي مختلف لباسن ۾ ڏسندي مزو پئي آيو. نور محمد، سندس گهرواري ڊاڪٽر رابعه ۽ محبوب پڻ گهُمي ڦري واندا ٿي آيا ته هت ئي هڪ هوٽل ۾ گڏجي ماني کاڌيسين. ماني ته ڇا! بس، نهايت ئي هلڪي غذا، ڪنهن برگر کاڌو ته ڪنهن صرف سُوپ پيتو ته ڪنهن وري صرف آئيس ڪريم تي گُذارو ڪيو. بل ڏيئي، اتي ئي ويٺي سڀني پروگرام ٺاهيو ته هاڻ هت لنڊن ۾ تازي ٺهندڙ هڪڙي نئين تفريحي ماڳ، جنهن کي چون ” او ٽو“ گهُمڻ هلون. اهو تفريح گاهه نور محمد، ڊاڪٽر رابعه ۽ محبوب جو ته اڳئي ڪافي ڀيرا ڏٺل هو، پر منيٰ ۽ ائون اهو پريون دفعو گهمڻ پئي وياسين. بقول شيخ اياز:
    ماڻهو چنڊ ٽِپي ويو آهي،
    تون ته اُتي ئي بيٺو آهين.
    سو دنيا ڪٿ وڃي پهتي آهي پر اسين اڃا وطن ڪارڊ ٺِري ۽ گهوٽڪي مان ئي جان آزاد ڪرائي ڪو نه سگهيا آهيون. لڳي ٿو ته علم ۽ واپار کان پري هئڻ ۽ اهڙين ڪيترين ئي خراب علتن ۽ ڪمزورين ڪري اسين آهستي آهستي هيڻا ۽ نيٺ فنا ٿي وينداسين. هر ضلعي ۾ چاليهه پنجاهه سياستدانن، وڏيرن ۽ ڪامورن جي امير ٿيڻ سان سڄي قوم کي امير ۽ عالم چئي نٿو سگهي. شل اسان کي پاڻهي پاڻ تي رحم اچي! انهيءَ لاءِ اسان ڏوهاري وري سڄي دنيا کي ٺاهيو ويٺا آهيون. چي اسان سان وڏو ظلم لڳو پيو آهي. حقيقت ۾ اسين پنهنجي غلطين کي نظرانداز ڪريو ويٺا آهيون. انهيءَ کي چئبو آهي پاڻهي پاڻ سان ڪوڙ ۽ ٺڳي. جيڪي ماڻهو پاڻهي پاڻ سان ڪوڙ ڪندا، تن جو انجام برباديءَ کان سواءِ ٻيو ڪهڙو ٿيندو!
    خير سوچيندي ۽ سِرندي اسان پنهنجي نئين منزل يعني ”دِي اوٽو“ پهچي وياسين. هن عجيب تفريح گاهه جي ڪهاڻي ڪجهه هن طرح آهي ته اهو به هڪڙو زبردست تفريحي مرڪز آهي، جيڪو گِرين وِچ اپٻيٽ تي اڏيل آهي. گرين وچ اپٻيٽ لنڊن شهر جي ڏکڻ اوڀر ڪنڊ تي واقع آهي. هن تفريحگاهه اندر مختلف راندين جو آکاڙو، هڪ ميوزڪ ڪلب، سائين وَرلڊ نالي هڪڙي سئنيما نمائش لاءِ مخصوص هڪ شاهي هال، ڇٽين سان ڍڪيل هڪ چوڪ، ڪيترائي مئي خانا ۽ ريسٽورينٽ قا/م آهن. هي تفريحي مرڪز اصل ۾ ايڪيهئين صديءَ يعني ٽئين هزاريءَ جي شروع ٿيڻ بابت لڳندڙ نمائش لاءِ اڏيل عمارت جنهن کي ”مِلينِيئَم ڊوم“ جو نالو ڏنو ويو هو، تنهن ۾ واڌارو ۽ سڌارو ڪري قائم ڪيو ويو. انهيءَ کي ڪافي نالن جهڙوڪ ملينيئم ڊوم، دي اوٽو ڊوم ۽ دي اوٽو سينٽر به سڏجي ٿو. اوٽو ڪمپني، جيڪا هاڻي ”ٽيلي فونيڪا يورپ“ جي نالي سان موجود آهي، تنهن هن تفريح گاهه جي سڌاري ۽ واڌاري جو ڪم ڪندڙ ۽ هن مرڪز ۾ قائم آکاڙي ۽ ان جي چوڌاري ڪجهه ايراضي ليز تي ورتي آهي، تنهن کان نالي جو حق خريد ڪيو. سن 2005ع ۾ ٽِئين هزاريءَ بابت نمائش لاءِ ٺاهيل گنبذ نما عمارت جي اندر توڙي ٻاهر، نارٿ گِرِين وِچ اسٽيشن، ڪِيُو اي ٽُو آبي دِ ڪي ۽ مکيه دروازي جي چوڌاري ايراضيءَ ۾ نئين سِر سُڌاري ۽ واڌاري لاءِ گهربل ڪم ڪيل آهي. مون آمريڪا، يورپ توڙي ايشيا کنڊ ۾ ڪيتريون ئي وڏيون وڏيون سپر مارڪيٽون ڏٺيون آهن، پر آمريڪا کان پوءِ دُبَئِي ۾ جيڪي سپر مارڪيٽون ٺهيون آهن، انهن جو جواب ڪونهي. انهن مارڪيٽن ۽ Mall کي ڏِسيو، ماڻهو دنگ رهجيو وڃي! خاص ڪري جيڪا دنيا جي سڀ کان وڌيڪ اوچي سپر مارڪيٽ يا مال ”بُرج خليفه“ نالي تعمير ٿي آهي، انهيءَ جو ته سڄي دنيا ۾ وڏو چرچو آهي. پاڻ هاڻ وري اچون ٿا دِي او ٽو جي احوال تي. هن تفريحي مرڪز ڏانهن اچڻ لاءِ نارٿ گرين وچ ٽيوب اسٽيشن تي اچبو، يا جُوبلي لائين ۽ بس روٽ اختيار ڪبا. سينٽرل لنڊن مان ٿيمس نديءَ ۾ ٻيڙين ۽ لانچن ذريعي به دِي اوٽو ڏانهن وڃي سگهجي ٿو. ٿيمس نديءَ ۾ اوٽو لا ايڪسپريس لانچون به هلنديون آهن. نمائش واري اڏاوت کي تفريح گاهه ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ترقياتي تعميري ڪم اي اِي جِي ڪمپنيءَ ڪرايو. اُهو ڪم ”اين وي اِي“، ”ايڇ.او.ڪي“ ۽ ”بروهَيپولڊ“ نالن وارين ڪمپنين سٺ ڪروڙ پائونڊن عيوض ڪري ڏنو. ”مَيرِيڊِيئَن ڊيلٽا“ ڪمپنيءَ، انگريز حڪومت ۽ انگريز ڀائيوارن سان نمائش واري اڏاوت ۽ ان جي چوڌاريءَ موجود ايراضيءَ جو مقاطو 999 سالن لاءِ حاصل ڪرڻ لاءِ هڪڙو سمجهوتو ڪيو. اي.اِي.جي ڪمپنيءَ مَيرِيڊيئَن ڊيلٽا ڪمپنيءَ کان ڊوم سائيٽ 58 سالن لاءِ لِيز تي ورتي ۽ آکاڙو به 58 سالن لاءِ انگريز ڀائيوارن کان ليز تي ورتو. ترقياتي ڪم جي شروعات گنبذ نما اڏاوت اندر عمارت سازيءَ سان ٿي. گنبذ جي اصل اڏاوت ۾ ڪا به تبديلي ڪا نه ڪئي وئي. البت ٿنڀن ۾ بِلُو رنگ جون بتيون نصب ڪيون ويون ۽ مُجسمن کي پِلازما سان سنگاريو ويو. آکاڙي جي ڇت ٺاهي وئي ۽ آکاڙي جي چوڌاريءَ وِندِرَ ۽ وِرُونهَن واسطي گهربل عمارتون اڏيون ويون. اوٽو تفريح گاهه ۽ نارٿ گِرين وِچ ريلوي اسٽيشن جي وچ ۾ هڪ ڪُشادو رستو ٺاهيو ويو. اصل گنبذ واري عمارت اڳيان پينزُولا اسڪوائر پلازا جوڙيو ويو، جتي خاص تقريبن جو اهتمام ٿيندو آهي. اسٽيشن سان مِلندڙ رستي کي شيشي جي ڇت سان ڍڪيو ويو آهي ته جيئن اسٽيشن توڙي تفريح گاهه لاءِ ايندڙ ماڻهو برسات دوران پُسڻ کان بچن. اوٽو ۽ ڪِيُو اِي ٽُو پائير جي وِچَ ۾ رستي کي به ڍڪيو ويو آهي. پر لنڊن جي آسمان ۾ اڄ سج جي روشني لڳي پئي آهي، برسات جو ڪو به امڪان ڪونهي، نه ته يورپ ۾ بُوندون بس نه ڪن وارو لقاء لڳو پيو هوندو آهي، خبر ئي ڪا نه پوندي آهي ته مِينهِن ڪِٿان اچي نڪتو! تنهن ڪري اڪثر طور گهر کان ٻاهر نڪرڻ وقت تقريباً هر ماڻهوءَ جي هٿ ۾ هڪڙي ننڍي ڇٽي ضرور هوندي آهي.
    اينشِٽز ڪمپنيءَ دِي او ٽُو جي ايراضيءَ اندر هڪ سُپر ڪَيسِينو ٺاهڻ جو منصوبو جوڙيو، جنهن تحت تعمير بعد اهو ڪرزِنَر انٽرنيشنل ڪمپنيءَ طرفان هلايو وڃڻو هو، پر اهو منصوبو اوچتو هڪ ڦڏي جي نذر ٿي ويو ۽ ڪجهه وقت لاءِ انهيءَ جي تعمير رُڪجي وئي. نيٺ انهيءَ جي تعمير واسطي انهيءَ جو لائيسنس مانچيسٽر ڪمپنيءَ کي مِليو، ته اي اِي جِي ڪمپنيءَ اعتراض ڪيو ۽ اُهو اُتي ئي رهجي ويو. دِي او ٽُو تفريح گاهه آخرڪار ٽئين ترقياتي تعمير بعد 24 جون سن 2007ع تي بون جو وِي گروپ طرفان پيش ڪَيلَ راڳ رنگ واري پُر وقار تقريب وسيلي عوام لاءِ کوليو ويو. اُنهيءَ کان اڳ اهو تفريح گاهه پنهنجي چوڌاري رهندڙ ماڻهن کي غير رسمي طور گهمايو ويو، جنهن دوران پنهنجي عملي لاءِ دِي او ٽُو پرسمِيئَر نالي هڪ تقريب به منعقد ٿي هئي. هتي فلم ڏسڻ لاءِ اسان ٽڪيٽ ورتا، پر شو چالو ٿيڻ ۾ اڃا ڪجهه دير هئي، تنهنڪري انهيءَ دوران اصل گنبذ اندر ”اوٽو ايرينا“ نالي آکاڙو ۽ وِندِرَ وِرُونهن لاءِ ٺهيل اَوينِيُو ڏسڻ وياسين، جنهن ۾ مختلف بارون، ڪلب ۽ ريسٽورينٽ ٺهيل آهن. گنبذ اندر هڪ وِي آءِ پِي ڪلب لائونج، هڪ آپريشن روم، هڪ ميڊيا سينٽر ۽ ڪيترائي ڊريسنگ روم، موجود آهن. هن تفريح گاهه ۾ جديد قسم جي روشنيءَ، آواز ۽ سِيڪورٽيءَ جو عاليشان سرشتو قائم آهي. تفريح گاهه ۾ داخل ٿيڻ واري مکيه دروازي وٽ سياحن ۽ سندن سامان جي چڪاس جديد ايڪس ري مشين ۽ ڊِٽيڪِٽر مشينن وسيلي ڪئي وڃي ٿي. اسان جي به اُت چڪاس ڪري پوءِ اندر وڃڻ ڏِنئُون. هتي مُختلف راندين لاءِ او ٽُو ارينا نالي ٺهيل آکاڙي ۾ ويهه هزار تماشِبينن جي ويهڻ جي گُنجائش آهي. اڳي هتي راڳ جون محفلون رچائيندا هئا. هي آکاڙو تفريح گاهه کي پوري وِچ تي لنڊن شهر ۾ آمريڪي طرز تعمير موجب ٺهيل ۽ مانچيسٽر آرينا کان پوءِ يورپ ۾ سڀ کان وڏو ۽ گهڻ مقصدي ارينا آهي، جتي سڄي دنيا جي آکاڙن جي ڀيٽ ۾ سدائين رشِ تمام گهڻي هوندي آهي. هن آکاڙي جي ڀر ۾ ”اِن ڊِگ“ نالي ميوزڪ ڪلب ٺهيل آهي. سئينما انهيءَ کان اڃا اڳتي ٺهيل آهي. ميوزڪ ڪلب ۾ چار بارون قائم آهن. جن مان ٻه گرائونڊ فلور تي، هڪ وِي آءِ پي پر پيل لائونج ۾ ۽ هڪ اُتي قائم اسٽالن جي وچ ۾ ”بيچلرس بار“ نالي موجود آهي. پرپِل لائونج ۾ وي آءِ پي مهمانن جي خصوصي خدمت ٿئي ٿي. کين ”ڪِنگس رو“ نالي بهترين فرنيچر سان آراسته هال ۾ ميوزڪ ڪلب ۾ هلندڙ رنگين پروگرام ڏيکاريا ويندا آهن. ڪِنگِس رو هال جي مٿان ٽاپ فلور تي هڪ اهڙو به سرڪِل ٺهيل آهي، جتي اِن ڊگ او ٽُو جي سمورن منظرن کي ڏسڻ ۾ ڪا به رُڪاوٽ حائل ڪانهيءَ نَڪا جهَلَ نه پَلَ، سڀڪو پسي پرينءَ کي! هي ڪِلَب ”اينسِڪو ميوزڪ ڪِلَب لِميٽيڊ“ نالي ۾ اي اِي جِي ڪمپنيءَ جي حصي طور مينيجمينٽ ۾ مشغول آهي.
    هن تفريح گاهه ۾ مختلف نمائشي ۽ ثقافتي تقريبن جي انعقاد واسطي، ڦوڪڻي جي شڪل سان مشابهه ٻه طبق اوچي ۽ سُهڻي عمارت جو نالو ”دِي او ٽُو ببُل“ آهي، اُها ايڊن پروجيڪٽ ۾ ڪم آندل مٽيريئل مان ئي انهيءَ پروجيڪٽ واري ڀيڻيءَ تي ئي اڏيل آهي. تعمير کان پوءِ اُها عوام جي گهمڻ لاءِ نومبر سن 2007ع ۾ کولي وئي هئي. مَنجهس پهرين نمائش ”توڪَنِ خامِنِ اينڊ دِي گولڊن ايج آف دِي فرائوهِز“ نالي سان منعقد ٿي. پوءِ اُتي ”باڊي ورلڊس“ نالي نِمائش لڳي. آڪٽوبر سن 2009ع ۾ هتي مائيڪل جيڪسن جي ذاتي استعمال جي شين، سندس ٽوئرن، راڳ جي محفلن جي سي ڊي ۽ فلمن جي ذخيري جي نمائش لڳائي وئي هئي.
    هتي جي آکاڙي واري گول عمارت جي چوڌاريءَ اينٽرٽينمينٽ اوينيو شاپنگ سينٽر وانگر اڏيل آهي. اهو ريسٽورينٽ ۽ بارون هلائيندڙ واپارين کي لِيز تي ڏنو ويو آهي. تفريح گاهه جون مختلف عمارتون جهڙوڪ: دِي اوٽو بَبُل، سائين ورلڊ سئينما ۽ اِن ڊِگ او ٽُو ميوزڪ ڪلب هن اوينيو جي حد ۾ شامل آهن. منجهس 25 بارون ۽ ريسٽورينٽ به موجود آهن. هن تفريح گاهه جي ڇت تان سڄي شهر جو چوڌاريءَ نهايت دلڪش نظارو ڏسي لطف اندوز ٿيڻ واسطي مٿي چڙهڻ لاءِ عمارت جي هڪ پاسي کان ڪپڙي جهڙي پر سخت مادي مان ٺهيل رستو بيحد خوبصورت نموني تعمير ڪيو ويو آهي. ڇِت تان لهڻ لاءِ عمارت جي ٻئي پاسي کان ساڳئي قسم جو رستو ٺهيل آهي. چڙهڻ ۽ لهڻ وارن ٻنهي رستن جي ڪُل ڊيگهه هڪ سئو نوي ميٽر آهي. اهو رستو رسمي طور 21 جون سن 2012ع ۾ چالو ڪيو ويو. هن تفريح گاهه ۾ هڪ وڌيڪ ميوزڪ ۽ نائيٽ ڪلب ”پِرائوڊ ٽُو“ نالي سان موجود آهي. هتي فلم شروع ٿيڻ ۾ اڃا به ڪجهه دير هئي، سو اسان هڪ ٿائي هوٽل ۾ وڃي ٿائي قسم جي ماني کاڌي. هوٽل اندر داخل ٿيڻ شرط محسوس ٿيو ته جهڙوڪر اسين بينڪاڪ ۾ ڪنهن هوٽل ۾ ويٺا آهيون، ڇو ته اتي سمورو اسٽاف ۽ سندن لباس، ڀِتِين تي ٽنگيل تصويرون، فرينچر توڙي ڪِراڪري، مطلب ته هوٽل منجهه گراهڪن کان سواءِ هر شئي ٿائي هئي. ماني کائڻ کان پوءِ به ڪافي وقت هن تفريح گاهه ۾ گهمي ڦري نيٺ فلم ڏسڻ لاءِ هتي واري سئنيما ڀيڙا اچي ٿياسين. انهيءَ سائين ورلڊ نالي سئنيما ۾ يارهن اِسڪرين لڳل آهن، تِن مان هڪڙو اسڪاءِ سُپر اسڪرين ست سئو ستر سيٽن واري آڊيٽوريئم ۾ لڳل آهي، سو لنڊن شهر ۾ ٽيونمبر وڏو ۽ برطانيه ۾ ڇهون نمبر وڏو پردو آهي. هن سئنيما جو انتظام سائين ورلڊ ڪمپنيءَ جي حوالي آهي. هتي فلم ڏسڻ لاءِ ٽڪيٽ هتان جي سڀني اسٽالن تان ملن ٿا. هتي عمومن ۽ اڪثر ڪري ٽڪيٽ ملي ويندي آهي پر ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن مشهور فلم جي پهرئين ڏينهن تي اها نه به ملندي آهي.


    ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

    ڇپيل ڪتاب

    1. They Ruleltifteen years
    2. هي وري نه ورندو وڻجارو
    3. ڏوريم ڏيساور
    4. هو جي وڻ ولات جا
    5. سنڌي شاگرد سياست ٻه دفعا ڇپيل
    6. ڪجل ڀنل نيڻ
    7. اُتر لڳا آءُ پرين
    8. ديس بديس
    9. بندر مون ڏور ٿيا
    10. عالمي عجائبات
    11. ٽوئر ٽو آمريڪا
    12. ٻنون ٽو ٽو ڪيو
    13. پريان سندي پار ڏي
    14. ڳر لڳي ڳالهيون ڪريون
    15. اسان پنڌ پرين ڏي
    16. دنيا جا مشهور شهر
    17. ڪنواريون ۽ ڪنول
    18. ڪيڏي نه مختصر زندگي
    19. سُرهي سيج پاسي پرين
    20. تن سپون سوجهي ڪڍيون
    21. واقعات عالم
    22. اسپين جو سفرنامو پريسن ۾


    اڻ ڇپيل ڪتاب

    1. خاڪا (مختلف شخصيتون)
    2. سفر نامون استنبول
    3. خط
    4. مونتي لکيل مضمون
    5. آتم ڪٿا (حصو چوٿون)


    آخري پنو


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 538
    ڪتابن جو مشاهدو: 567566
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 216109
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ