ڪتاب جو نالو: سڄڻن ياد ڪيوم (خط)
مصنف: مير حاجن مير
ڇپائيندڙ: سچائي اشاعت گهر، دڙو / حيدرآباد
ڪيٽيگري: مختلف موضوع
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 22 فيبروري 2017 ع
پڙهيو ويو: 438 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 144 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب شاعر، ليکڪ ۽ محقق مير حاجن مير ڏانهن لکيل خطن جو مجموعو آهي. جيتوڻيڪ هي زمانو ايس ايم ايس، اي ميلز ۽ ٻين مواصلاتي ذريعن جو آهي پر ويجهڙ ۾ خطن جا ڪيترائي مجموعا ڇپجي چڪا آهن. اهڙن خطن جي ڇپيل ذخيري علم و ادب جي دنيا ۾ وڏو واڌارو ڪيو آهي. مير حاجن مير جو هي چوٿون ڪتاب آهي ۽ اهو به اهڙن ئي خطن تي مشتمل آهي هنن خطن مان گهڻائي اهڙن خطن جي آهي جن ۾ سنڌي ادبي سنگت-سنڌ جي حوالي سان ڪيتريون ئي ڳالهيون رڪارڊ تي اچن ٿيون، جيڪي يقيناً سنگت تي تحقيق ڪندڙ مستقل جي مورخن لاءِ لاڀائتيون ثابت ٿينديون.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • اداري پاران
  • مھاڳ
  • خط خوشي مان کول
  • پنھنجي پاران
  • خط

  • ساحر راهو
  • امير فهد پنهور
  • عابد سيوهاڻي
  • حاڪم علي شاهه بخاري
  • منٺار سولنگي
  • جميل احمد پنهور
  • ادل سومرو
  • ايوب کوسو
  • رجب آزاد
  • منٺار سولنگي
  • مخمور بخاري
  • منٺار سولنگي
  • منٺار سولنگي
  • ڊاڪٽر قربان علي جهتيال
  • تاج جويو
  • حنيف عاطر
  • ڊاڪٽر قربان علي جهتيال
  • ڊاڪٽر قربان علي جهتيال
  • اياز امر شيخ
  • آزاد انور ڪانڌڙو
  • تاج جويو
  • آزاد انور ڪانڌڙو
  • معشوق ڌاريجو
  • حنيف عاطر
  • حنيف عاطر
  • مخمور بخاري
  • يوسف سنڌي
  • مشتاق ڦُـل
  • اياز ابڙو
  • حنيف عاطر
  • بهادر ٽالپر ڇتو مادراڻي
  • ذوالفقار سيال
  • شوڪت خواجائي
  • سيد نور محمد شاهه
  • بهادر ٽالپر ڇتو مادراڻي
  • منٺار سولنگي
  • ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
  • آزاد انور ڪانڌڙو
  • خير محمد ٻرڙو
  • ڊاڪٽر ذوالفقار سيال
  • يوسف سنڌي
  • غلام محمد غازي
  • يوسف سنڌي
  • بهادر ٽالپر ڇتو مادراڻي
  • يوسف سنڌي
  • يوسف سنڌي
  • يوسف سنڌي
  • تاج محمد سومرو
  • يوسف سنڌي
  • يوسف سنڌي
  • يوسف سنڌي
  • يوسف سنڌي
  • يوسف سنڌي
  • يوسف سنڌي
  • مقبول احمد چنا
  • يوسف سنڌي
  • يوسف سنڌي
  • يوسف سنڌي
  • مشتاق بخاري
  • ڊاڪٽر مشتاق ڦـل
  • محمد صديق جويو
  • يوسف سنڌي
  • مشتاق ڦُـل
  • پروانو سيوهاڻي
  • منظور اڄڻ (راڻيپور)
  • مشتاق بخاري
  • انور ساگر ڪانڌڙو
  • شاھد حنائی
  • سائل پيرزادو
  • آخری پںو

  • حق ۽ واسطا

    اسٽاڪسٽ
     ڀٽائي بڪ هائوس گاڏي کاتو حيدرآباد
    Cell# 0322-3011506
     ڪويتا ڪتاب گهر، ربي سينٽر گاڏي کاتو حيدرآباد
     ڪنگ پن ڪتاب گهر، پريس ڪلب حيدرآباد
     سنڌي ادبي بورڊ جو بڪ اسٽال حيدرآباد
     قليچ ڪتاب گهر لئنگيئج اٿارٽي حيدرآباد
     ڪلچر ڪتاب گهر سامهون ايم پي اي هاسٽل ڪراچي
     فڪشن هائوس رابعه اسڪوائر حيدرآباد
     شاهه لطيف ڪتاب گهر گاڏي کاتو حيدرآباد
     رابيل ڪتاب گهر- لاڙڪاڻو

    سچائي اشاعت گهر جو ڪتاب نمبر 122 هون

    ڪتاب جو نالو : سڄڻن ياد ڪيوم
    موضوع : خـــط
    سهڙيندڙ ۽ ترتيب : مير حاجن مير
    ڇاپو : پهريون- 2016ع
    ٽائٽل ڊزائين : مور ساگر
    ڪمپوزنگ : مٺو ميگهواڙ/ جهانزيب علي جوڻيجو (ساحل پرنٽر حيدرآباد)
    ڇپائيندڙ : سچائي اشاعت گهر دڙو- حيدرآباد
    ڇپيندڙ : ساحل پرنٽرز اينڊ پبلشرز رابعه اسڪوائر حيدرآباد. 03332634650

    قيمت : /=200

    SAJRAN YAAD KAYOM (Letters) – By: Meer Hajan Meer
    Published by: Sachai Ishait Ghar, DARRO, Sindh,
    Translet in Sindhi: Yousif Sindhi
    Edition First, 2016. Cell: 0301-3640468, 0331-2997336
    Email: myusifmemon@gmail.com


    ارپنا

    کير ٿر جبل جي اڌول انسان
    سنڌي ماڻهن کي قومي شعور ڏيندڙ
    سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ جاکوڙيندڙ
    سنڌي ٻولي ۾
    گهڻي کان گهڻا خط
    مرتب ڪندڙ ۽ سهيڙيندڙ
    هي خطن جو ڪتاب
    ”سڄڻن ياد ڪيوم“
    سائين جي ايم سيد جي نالي


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سڄڻن ياد ڪيوم“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب شاعر، ليکڪ ۽ محقق مير حاجن مير ڏانهن لکيل خطن جو مجموعو آهي.
    جيتوڻيڪ هي زمانو ايس ايم ايس، اي ميلز ۽ ٻين مواصلاتي ذريعن جو آهي پر ويجهڙ ۾ خطن جا ڪيترائي مجموعا ڇپجي چڪا آهن. اهڙن خطن جي ڇپيل ذخيري علم و ادب جي دنيا ۾ وڏو واڌارو ڪيو آهي. مير حاجن مير جو هي چوٿون ڪتاب آهي ۽ اهو به اهڙن ئي خطن تي مشتمل آهي هنن خطن مان گهڻائي اهڙن خطن جي آهي جن ۾ سنڌي ادبي سنگت-سنڌ جي حوالي سان ڪيتريون ئي ڳالهيون رڪارڊ تي اچن ٿيون، جيڪي يقيناً سنگت تي تحقيق ڪندڙ مستقل جي مورخن لاءِ لاڀائتيون ثابت ٿينديون.
    هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر دڙو پاران 2016ع ۾ ساحل پرنٽرس وٽان ڇپايو ويو. لک ٿورا مور ساگر جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي ڏني ۽ مهربانيون مير حاجن مير جون جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    ڪو دور خطن جو دور هوندو هو ۽ خط ئي پري رهندڙ دوستن جي حال احوال ملڻ جو ذريعو هوندا هئا. خطن جو انتظار، انهن جو اچڻ ۽ پوءِ انهن جو جواب لکڻ جو هڪ عجيب رومانس هوندو هو. ان دور ۾ خط زندگي جي ڪار وهنوار جو حصو هوندا هئا.
    دور بدليو، خطن لکڻ، انهن جي اوسيئڙي ۽ جواب لکڻ جو رومانس هاڻ ڄڻ ختم ٿي چڪو آهي، هاڻ سواءِ ڪنهن ضروري يا سرڪاري لکپڙهه جي باقي ڪو ورلي ئي خط لکجي ٿو.
    هاڻ زمانو ايس . ايم . ايس، اي . ميلز ۽ ٻين مواصلاتي ذريعن جو آهي، ويجهڙ ۾ خطن جا ڪيترائي مجموعا ڇپجي چڪا آهن ۽ جن دوستن وٽ خطن جو خزانو آهي اهي هاڻ خط ڪتابن جي صورت ۾ ڇپرائي پڙهندڙن جي اڳيان پيش ڪري رهيا آهن. اهڙن خطن جي ڇپيل ذخيري علم و ادب جي دنيا ۾ وڏو واڌارو ڪيو آهي.
    مير حاجن مير جو هي چوٿون ڪتاب آهي ۽ اهو به اهڙن ئي خطن تي مشتمل آهي هنن خطن مان گهڻائي اهڙن خطن جي آهي جن ۾ سنڌي ادبي سنگت-سنڌ جي حوالي سان ڪيتريون ئي ڳالهيون رڪارڊ تي اچن ٿيون، جيڪي يقيناً سنگت تي تحقيق ڪندڙ مستقل جي مورخن لاءِ لاڀائتيون ثابت ٿينديون.
    خطن جي هن ذخيري کي پڙهندڙن جي اڳيان پيش ڪري مير حاجن مير اهو رڪارڊ پڌرو ڪيو آهي جنهن لاءِ هو کيرون لهڻي.

    يوسف سنڌي
    پهرين نومبر 2016ع


    مھاڳ

    اڳئين دور ۾ ۽ هاڻي به گهڻي قدر خط کي اڌ ملاقات ليکجي ٿو. اڳيون دور انهيءَ ڪري لکيو اٿم ته ان دور ۾ موبائل فون ۽ ڪمپيوٽر وغيره ڪونه هوندا هئا ۽ اڪثر ماڻهو هڪ ٻئي ڏانهن حال احولا، جنهن ۾ خوش خيرو غافيت، غمي، خوشي ۽ ڪم ڪار به شامل هوندا هئا ان سلسلي ۾ رابطي لاءِ خط ئي لکندا هئا. ڪن حالتن ۾ تيز پيغام لاءِ تار به استعمال ڪئي ويندي هئي. هيءَ ڳالهه صرف سنڌ يا برِ صغير ۾ رائج نه هئي پر سڄي دنيا ۾ خطن جو وڏو رواج هوندو هو. ڪن حالتن ۾ يا مهاڀاري لڙاين ۾ ماڻهو پري پري ۽ ڏورانهن ملڪن ۾ رهندا هئا ته هڪ ٻئي ڏانهن خط لکندا هئا، جيڪي گهڻي ڀاڱي پاڻيءَ جي جهازن ذريعي ويندا ويندا هئا. جيئن جيئن دنيا ترقي ڪئي ۽ تيز ميڊيا جو زمانو آيو ته پوءِ خط لکڻ جو رواج گهٽجي ويو پر اڃا تائين ختم نه ٿيو آهي.
    اڳئين دور ۾ جيئن مٿي چئي آيا آهيون ته فاصلا ۽ پنڌ تمام وڏا هوندا هئا ۽ وسيلا به اڻ لڀ هئا خط صرف ڪمن ڪارين لاءِ نه لکيا ويندا هئا پر هڪ ٻئي سان تفصيلي حال احوال لاءِ به لکيا ويندا هئا. ڪافي سياستدان ته پنهنجي سياسي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ پڻ خط لکندا هئا. انهي ڪري خط کي اڌ ملاقات ڪري ليکيو ٿو وڃي. خطن کي موڪلڻ لاءِ مختلف ذريعا استعمال ڪيا ويندا رهيا آهن. اڳئين دور ۾ ڪجهه خادم به هوندا هئا جيڪي وڏن ماڻهن جا قاصد هوندا هئا ۽ هو ئي خطن کي گهربل منزل تائين پهچائيندا هئا ۽ وري انتظار ڪري انهن جا جواب وٺي واپس پهچندا هئا. اِهو ڪم ڪافي عرصي تائين جاري رهيو. بعد ۾ پوسٽ آفيسن جو اجراءُ ٿيو ۽ انهن جي ذريعي اِهو معاملو آسان به ٿيو. پراڻي دور ۾ پوسٽ آفيس ذريعي ٽپالي مقرر ڪيا ويندا هئا جن کي مختلف وھٽ (جانور) ڏنا ويندا هئا ۽ اُهي ٽپالي انهن سوارين ذريعي پنهنجو فرض پورو ڪندا هئا. کين بعد ۾ سائيڪلون پڻ مليل هونديون هيون. سنڌ ۾ انگريزن جي دؤر ۾ سربارٽل فيئر پوسٽ آفيس ۽ ٽپال جو نظام قائم ڪيو جيڪو اڳيان هلي جديد دؤر جي نظام ۾ تبديل ٿيو. سنڌ جي ڪمنشنر سر بارٽل فريئر پوسٽ آفيس کاتي قائم ڪرڻ بعد لفافا ۽ انهن تي لڳندڙ ٽڪليون پڻ جاري ڪرايون. جيئن مٿي چئي آيا آهيون ته جيتوڻيڪ اسان وٽ اهو سڄو نظام اڃا تائين رائج آهي پر جديد دور جي تقاضائن کي ڏسندي دنيا ۾ ترقيءَ جا بهتر قدم کنيا پيا وڃن ۽ مواصلاتي ذريعن ۾ هينئر ايتري ته تيزي اچي وئي آهي جو گهڻي ڀاڱي خطن جي جاءِ انٽرنيٽ يعني ڪمپيوٽر ذريعي اِ ميل ۽ موبائيل فون تي ميسيجن اچي ورتي آهي ۽ انهيءَ ڪري خطن واري نظام کي ڪافي ڌڪ رسيو آهي. هتي اِهو به ٻڌائڻ ضروري آهي ته ڏورانهن علائقن جيئن ٿر ۽ ڪوهستان ۾ پڻ ڏکيائي سان پوسٽ جو ڪم ٿيندو رهيو آهي. انهي علائقن ۾ لڪڙ تار استعمال ٿيندي هئي.
    خطن وسيلي نه رڳو روزمرهه جو حال احوال ڏنو ۽ ورتو ويندو هو پر انهن ۾ عشق محبت جا واعدا ۽ وچن، سياسي سماجي حالتن جي ڄاڻ سڃاڻ، تاريخ ۽ فلسفي جا سبق مطلب ته دنيا جهان جا سڀ موضوع لکيا ويندا هئا ۽ اهڙيءَ ريت خط لکندڙ پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪندا هئا، ذهني سڪون حاصل ڪندا هئا ۽ پنهنجي ۽ ٻين جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪندا هئا.
    ويجهي ماضيءَ ۾ ڪن ناميارين شخصيتن جا لکيل خط ايترا ته مقبول ۽ مشهور ٿيا جو بعد ۾ اُهي ڪتابن جي صورت ۾ مرتب ٿي شايع ٿيا جھڙوڪ مولانا ابوالڪلام آزاد جا پنهنجن دوستن ڏانهن لکيل خط، (نهروءَ جا اهي خط هندستان جي تاريخ جو هڪ دستاويز ٿي ڇپيو انهيءَ ڪتاب جو نالو گلمپسز آف ورلڊ هسٽري يعني بين الاقوامي تاريخ جون جھلڪيون آهن) فيض احمد فيض جا پنهنجي زال ايلس ڏانهن خط. سائين جي. ايم. سيد جا علامه آءِ آءِ قاضي ڏانهن (ساهڙ جا سينگار)، سائين. جي. ايم. سيد جا خط جويي صاحب ڏانهن، رئيس ڪريم بخش نظاماڻي ڏانهن، سائين جا خط دوستن ڏانهن ۽ دوستن جا سائين ڏانهن (اڄ پڻ چڪيم چاڪ)، علي محمد شاهه، راشدي ۽ سائين جا هڪ ٻئي ڏانهن خط. محمد امين کوسي جا سائين جي ايم. سيد ڏانهن خط(واڄٽ ويراڳين جا)، سائين ۽ سيد ميران محمد شاهه جا خط (رهاڻ) ۽ ٻين ڏانهن لکيل خط، سائين محمد ابراهيم جويي جا پنهنجن دوستن ۽ شاگردن، ابن حيات پنهور ، غلام علي چنا، عبدالقادر جوڻيجو ۽ ٻين ڏانهن خط، ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جا پنهنجي نياڻي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ڏانهن خط، هنن خطن جو نالو آهي ”ليٽرس ٽو ماءِ ڊيئريسٽ ڊاٽر“ ( منهنجي پياري ترين ڌيءَ ڏانهن خط) هي ڪتاب به هن وقت تاريخ جو حصو آهي. ڪامريڊ غلام محمد لغاريءَ جا مير علي بخش ٽالپر ڏانهن خط، سائين ڪامريڊ روچي رام جا سيد جلال محمود شاهه ۽ ٻين ڏانهن خط، نوجوان اديب ذوالفقار هاليپوٽو جا سنڌ جي مشهور دانشورن ڏانهن لکيل خط، شيخ اياز ڏانهن هڪ مرد جا ڇوڪري جي نالي ۾ لکيل خط جيڪي انتهائي مشهور ٿيا ۽ ٻن جلدن ۾ ڇپيا، وغيره انهن خطن جي مطالعي مان نه رڳو ليکڪن جي ذاتي زندگيءَ جي حالن احوالن جي پروڙ پوي ٿي پر ان دؤر جي سياسي، سماجي حالتن جي ڄاڻ ۽ سڄي دنيا جي فلسفيانه سوچ ويچار ۽ فڪري نڪتن تي بحث مباحثا پڻ ملن ٿا. جيڪي انهن خطن کي تاريخي ۽ دائمي حيثيت ۽ اهميت بخشين ٿا. خطن جي ان تاريخي ۽ علمي اهميت کي نظر ۾ رکندي سنڌ جي نامياري محقق، اديب ۽ آرڪيالاجسٽ محترم ڪليم لاشاري ان موضوع تي پي ايڇ ڊي ڪئي آهي جيڪا ”خطن جو سوانحي مطالعو “ جي عنوان سان شايع ٿي آهي ۽ پڙهڻ وٽان آهي. اهڙي ٿسيز ايم اي صحافت جي امتحان لاءِ نوجوان دوست ڊاڪٽر عبدالرحيم سومري به لکي آهي جيڪا خاص طور تي ٿر بابت آهي.
    اسان جي پياري دوست مير حاجن مير جيڪو پاڻ هڪ روشن خيال اديب، محبتي ۽ محنتي ماڻهو آهي تنهن ڏانهن مختلف شخصيتن جي لکيل خطن تي مشتمل هي ڪتاب ”سڄڻن ياد ڪيوم“ توهان جي هٿن ۾ آهي. سندس هيءَ ڪاوش تمام اهم آهي. سندس هي لاڀائتا خط اسان کي هن جديد دور ۾ گذريل دور جون حالتن ۽ واقعا ياد ڏياي ڇڏيا آهن. صحافتي لحاظ کان اڄ به خطن جي اهميت گهڻي آهي جو جڏهن اسان دنيا جون سڀ اخبارون ڏسون ٿا ته انهن ۾ خطن لاءِ خاص جڳهه مقرر هوندي آهي، چاهي اهي اخبارون دنيا جي ڪنهن به ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ هجن ۽ ڪنهن به ٻوليءَ ۾ هجن. انهن خطن ذريعي حڪومتن جي ڪار گذارين تي ٽيڪا ٽپڻي به هوندي آهي ۽ مسئلن جي نشاندهي پڻ، انهن خطن ذريعي سماجي مسئلن کانسواءِ تعليم، آلودگي. سياست، صحت ۽ ٻين مسئلن تي به قلم کنيل هوندو آهي.
    مير حاجن جي سھيڙيل هن ڪتاب ۾ هن ڏانهن سندس ڪيترن ئي دل گهرين دوستن جا خطن لکيل آهن جن ۾ سندن هڪ ٻئي ڏانهن دوستي، محبت، پيار، ڏک ڏوراپا، ميل ملاقاتن جا حال احوال شامل آهن. مير حاجن مير کي اِها شاباس ڏئي سگهجي ٿي ته هو سنڌ جي تمام بهترين اديبن، دانشورن ۽ شاعرن سان مسلسل ڳانڍاپو رکيو پيو اچي. جن دوستن سان سندس رابطو خطن ذريعي رهيو آهي سي سنڌ جا مڃيل اديب، شاعر، دانشور ۽ سماجي اڳواڻ آهن.
    انهن ۾ تاج جويو، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، يوسف سنڌي، منٺار سولنگي، ڊاڪٽر مشتاق ڦل، سيد حاڪم علي شاهه بخاري، ادل سومرو، آزاد انور ڪانڌڙو، مشتاق بخاري، اياز امر شيخ، ڊاڪٽر قربان جهتيال، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، معشوق ڌاريجو، منظور اڄڻ، ايوب کوسو، پروفيسر انور ساگر ڪانڌڙو، ساحر راهو، رجب آزاد، شوڪت خواجائي، سيد نور محمد شاهه، پروانو سيوهاڻي، عابد سيوهاڻي، حنيف عاطر، مخمور بخاري، بهادر ٽالپر، امير فهد پنهور، محمد صديق جويو، مقبول احمد چنا، خير محمد ٻرڙو، غلام محمد غازي، تاج محمد سومرو، جميل پنهور ۽ ٻيا شامل آهن.
    انهن ۾ گهڻا دوست سنڌي ادبي سنگت سان لاڳاپيل رهيا آهن ۽ سندن گهڻي لک پڙهه سنڌي ادبي سنگت بابت آهي. انهن ۾ خاص طور تي تاج جويو، يوسف سنڌي ۽ ڊاڪٽر مشتاق ڦل شامل آهن.
    مير حاجن مير جيئن ته پاڻ به سنڌي ادبي سنگت جو هڪ انتهائي سرگرم رڪن ۽ عهديدار رهيو آهي ۽ ڪو وقت سنڌي ادبي سنگت سيوهڻ شاخ جو سيڪريٽري ۽ ڄامشوري ضلعي جو رابطا سيڪريٽري رهيو آهي. ان ڪري سندن لکپڙهه مان سنڌي ادبي سنگت جي سرگرمين ۽ جاکوڙ جي ڄاڻ ملي ٿي ته گڏوگڏ پڙهندڙ ڪافي لطف اندوز پڻ ٿئي ٿو. مون جڏهن دوستن جا هي خط پڙهيا ته مونکي ڪافي ڄاڻ ملي.
    هتي آءٌ مير حاجن ڏانهن سندس دل گهرئي دوست ساحر راهو جو خط پيش ڪيا ٿو.

    پيارا! مير حاجن مير
    اُميد سُڳنڌن ۾ واسيل رهندين.
    احوال تنهنجو خط اڻ پورو ائڊريس هوندي به اکين چُمي ورتو آهي. پيارا حاجن ماڻهوءَ جو خلوص ئي سڀ ڪجهه آهي. مون وٽ اڳ به اهڙا ٻيا به ڪجهه خط آهن جن تي پوري ائڊريس نه هوندي مون وٽ پڳا آهن. اهو سڀ تنهنجي عقيدو جو ڪمال آهي ورنا ڪٿي ساحر راهو ڪٿي حاجن مير پر جنھن محبت کي پنهنجي شڪتي هوندي آهي تنهن محبت ۾ الڳ الڳ نالن ۽ قومن وارا ماڻهو محبت ۾ ميڙجي گڏ ٿين ٿا. توکي منهنجي غزلن ۾ پنهنجو عڪس لڀي ٿو آئون ته پنهنجي دل ۾ اُٿيل آنڌين کي لفطن ۾ سهيڙي ڪاغذ جي وجود تي رکي ڇڏيندو آهيان. ان کان اڳتي منهنجو ڪو به ڪمال نه آهي اگر ڪمال آهي ته تنهنجي خوبصورت سوچ جو جنهن پنهنجو پاڻ سڃاڻي ورتو آهي. آئون ڇا آهيان بس اڻ گهريل ڪاٺ جنهن تي خبر ناهي ڪهڙي ادا جي ڪري ذات جي ديوي مهربان ٿي آهي، مون وٽ ڏات ديويءَ کي کارائڻ لاءِ نه ڪو ڪتابن جا اُٺ نه علم جا ڪاسا نه ڏيئڻ لاءِ اوچا رُتبا پر پوءِ به منهنجي ذهن جي ڪچي آڳر ۾ ديرو ڄمايو ويٺي آهي. آئون به ڪڏهن ڪڏهن ان کي سورن جو ساڳ ۽ ڏک جو ڏڌ پياري ڇڏيندو آهيان. سيوهڻ ڀر سان باجارا ۾ منهنجو انتهائي پيارو دوست رجب ٻگهيو رهي ٿو ڪڏهن ڪڏهن اُن سان ملڻ جي ڇڪ ٿيندي به آهي باجارا ويندو به آهيان سيوهڻ ته رستي ۾ آهي ڪڏهن ٿو اچڻ ٿئي ڪا به خبر ناهي.
    تنهنجي پرخلوص خط جو احسان مند آهيان.

    ساحر راهو
    شهمير راهو سڪرنڊ

    پيارا مير حاجن مير
    مسلسل جنگي مشقن سبب توهان ڏانهن خط لکڻ ۾ اوير ٿي وئي. ان لئه معذرت سچ پُڇين ته هڪ ڪلاڪ به واندڪائي نه پئي ملي جو سوجهرو آفيس تائين وڃي ميبرشپ جمع ڪرايان. تون ته مون تي سخت ناراض هوندين ته مون صرف ڳالهيون ڪيون. پر دوست هتي مون کي خبر آهي منٽ سان گڏ هڪ منٽ مليو پيو آهي. رول ڪنهن دوست هٿان صاف ڪرايو آهي. جلدي توهان ڏي ڏياري موڪليندس.
    سلام ساري سنگت کي چوندا.
    موٽ جو انتظار رهندو.
    فقط توهان جو دعائن ۾ دعاگو

    عابد سيوهاڻي
    ڪينٽ ڪراچي

    منٺار سولنگي سنڌ جو هڪ بهترين اديب ۽ ليکڪ رهيو آهي ۽ مير حاجن سان سندس سٺي دوستي هئي انهيءَ ڪري سندس هڪ خط هتي پيش ڪجي ٿو:

    مان پاڻ ٻڌايان پنهنجي سزا جي صاحب ٿورو ڌيان ڏيو،
    مون لاءِ وٽو ڪو وهه هجي يا سينگاريل ڪو دار هجي.
    (منٺار سولنگي)

    محترم ڀاءُ مير حاجن مير!
    خدا ڪري خوش هجين!
    مان 21 رمضان، 26 آڪٽوبر اربع ڏينهن منجهند تائين اچي ويندس. آخوند وٽ يا حيدري مسافر خاني ۾ رهبو. اوهان افطاري کانپوءِ اُتي اچو ته ڪچهري ڪيون. مان خميس ڏينهن منجهند يا شام تائين اُتي هوندس. جي سنگت جي گڏجاڻي 21 رمضان افطاري کانپوءِ يا خميس تائين ٿي سگهي ته اُن ۾ شامل ٿي مزو ايندو.
    ڪو سُتل آهي، ڪو جاڳايل آهي ڪو پنڌ ڪري ٿو، ڪو ڊوڙي ٿو، زندگيءَ جو سفر اُن جي ارتقا کان وٺي هن ڏينهن تائين جاري ۽ ساري آهي ۽ رهندو. ٿيڻ ائين گهرجي جو پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ايمانداري سان ڪجي. اها خدمت آهي. قوم لاءِ، ديس لاءِ ۽ پاڻ لاءِ.

    منٺار سولنگي
    نئون ديرو

    هڪ خط ڊاڪٽر قربان علي جهتيال صاحب جو پيش ڪيان ٿو، هو هڪ بهرين شاعر ۽ اديب هو ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ ۽ دادوءَ جو بهترين ۽ سرگرم ڪارڪن رهيو هو.

    محترم مير حاجن مير
    اسلام عليڪم!
    اميد ته خوش هوندا
    سنڌي ادبي سنگت جون سرگرميون جاري آهن ٻوليءَ جي مسئلي تي به سنگت مرڪز ۽ مختلف شاخون سرگرم عمل آهن. اوهان پنهنجي ادبي ويهڪن ۾ اهڙي تحريڪ کي زور وٺرايو. سنگت ضلعي رابطا سيڪريٽري دادو ۽ سنگت شاخ ڦلجي اسٽيشن طرفان 20 نومبر 2005ع تي صبح جو 11 بجي گورنمينٽ هاير سيڪنڊري اسڪول ڦلجي اسٽيشن ۾ عظيم شاعر محسن ڪڪڙائي جي ياد ۾ ڪُل سنڌ مشاعري جي تقريب ڪوٺائي وئي آهي. اوهان شاخ جي بهترين شاعر ۽ بهترين ورڪر جو نالو تجويز ڪري موڪليو. سال 2005ع جي ڪارڪردگي رپورٽ به موڪليندا. اُميد آهي ته اوهان هن فنڪشن ۾ ڀرپور تعاون ڪندا. هن مشاعري جي صدارت سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل جناب تاج جويو صاحب ڪندو.

    مهرباني
    اوهان جي سهڪار جو منتظر

    ڊاڪٽر قربان علي جهتيال ڦلجي

    تاج جويو سنڌ جو هڪ سڄاڻ اديب ۽ دانشور آهي ۽ پاڻ ڪو وقت سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل رهيو آهي ۽ مير حاجن ڏانهن سندس خط لکيل آهن جن مان هڪ خط هتي پيش ڪجي ٿو.

    سنڌي ادبي سنگت، سنڌ جي مرڪزي ڪاروباري ڪميٽيءَ جو اهم اجلاس، 4 ڊسمبر 2005ع تي آچر جي ڏينهن، صبح جو 11 وڳي ميهڙ شهر جي رحمان هوٽل (نزد ڪميونٽي سينٽر، حيدربخش جتوئي پيٽروليم سروس ميهڙ ضلعي دادوءِ) ۾ ٿي رهيو آهي.
    اجلاس جي ايجنڊا هن ريت آهي:
    1. سنڌ سنگت جي مرڪزي رپورٽ (سيڪريٽري جنرل جي رپورٽ).
    2. سنڌي ٻوليءَ جي قومي، سرڪاري ۽ تدريسي حيثيت جي بحاليءَ لاءِ سنگت جي جدوجهد جو جائزو ۽ آئيندي جي حڪمت عملي.
    3. ضلعي رابطا سيڪريٽري ۽ شاخن جي سيڪريٽرين جون رپورٽون.
    4. شاخن جا مسئلا.
    5. سنگت مرڪز جون بقايائون.
    6. سنگت پبليڪيشن.
    7. سنگت جي مرڪزي چوندن بابت غور ويچار ڪرڻ.
    8. وقتي صدر جي اجازت سان ڪو به اسم پيش ڪري سگهجي ٿو.

    نوٽ:
    1. شاخن جي سيڪريٽرين کي هدايت ٿي ڪجي ته مقرر وقت ۽ هنڌ تي ضرور پهچي اجلاس ۾ شرڪت ڪن ۽ رپورٽون لکت ۾ آڻين.
    2. رهيل الحاق في، داخلا في، نامزدگي فارم في ۽ ٻيون بقايائون کڻي اچن.
    3. شاخن جا سيڪريٽري پنهنجا ۽ ڪائونسلرن جا پاسپورٽ سائيز ٻه ٻه عدد فوٽو کنيو اچن.
    4. هر شاخ هنگامي گڏجاڻي ڪوٺائي ڪراچيءَ سميت سڄي سنڌ جي ڪاليجن ۾ يارهين ڪلاس ۾ اردو ڳالهائيندڙن شاگردن کي اسان سنڌي پڙهائڻ، خانگي اسڪولن ۾ سنڌي مادر ٻوليءَ جي پڙهائي لازمي شروع ڪرڻ، ٽيڪنيڪل بورڊ ڪراچيءَ پاران ميٽرڪ ۾ سنڌي نه پڙهائڻ جي مذمت ڪرڻ ۽ سرڪاري دفترن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ لکپڙهه.
    5. ضلعي رابطا سيڪريٽرين ۽ شاخن جي سيڪريٽرين کي هدايت ٿي ڪجي ته هر ضلعي اندر 27 نومبر 2005ع آچر جي ڏينهن، سنڌي ٻوليءَ جي مٿي ڄاڻايل مسئلن بابت سيمينار، ميڙاڪا ۽ مظاهرا ڪن.
    تاج جويو
    سيڪريٽري جنرل
    سنڌي ادبي سنگت سنڌ

    اسلام علڪيم اميد ته خوش هوندؤ
    اڄڪلهه گرمين جون موڪلون آهن. واندڪائي ۽ اڪيلائي آهي. سو سيوهڻ کي ساريان ويٺو. هونئن ته سيوهڻ ۾ مون گهڻو گهر اندر ئي گهاريو هو ۽ ماڻهن سان منهنجا تعلقات نه هئڻ برابر هئا پر سيوهڻ جو طواف مون روز روح ۽ نظر جي حضور سان ڪيو ٿي. رڳو گهر کان نڪري به چو طرف نهاريندو هئس ته روح رچي پوندو هو. قلندر جي عارفاڻي عرفان جو اسير هئس. سو جڏهن شهر ۾ ايندو هوس ته منهنجا لڱ ڪانڊاريل هوندا هئا. منهنجي ڪا رواجي عقيدت نه هئي پر تاريخ ۾ قلندر جي ڪردار کي جيڪو ڪمال ۽ شان آهي، تنهن جو حسن هر وقت منهنجي تحت الشعور ۾ جرڪيو ٿي. جنهن تي دل هرپل نثار هئي. جنهن شهر جي گهٽين ۾ هو پنهنجي قدمن سان گهميو هو، جتي جي جبلن ۽ ڪوٽن کي هُن جي نگاهن ڏٺو هو. جنهن شهر ۾ هُن پنهنجي لاءِ ابدي آرام جي جاءِ پسند ڪئي. جنهن جي بعد از وفات عارفن شهر ۾ چوطرف ڪافيون اڏيون جنهن جي در تي صبح شام ڌمالون وڄن ٿيون ۽ ماڻهو نچن ٿا. جنهن جي وصال جي ميلي ۾ مينديءَ جا سهرا سدا سهاڳڻيون ڳائي روئي پون ٿيون. ته اُن جي روزي جي چو طرف ٽئي ڏينهن زبردست ماتم ٿئي ٿو. ۽ سندس ايوان ۾ اوچي علم تي لال جهنڊو ڦڙڪي آسمان کي گواهي ڏئي ٿو. مطلب آهي ته سيوهڻ انهيءَ پس منظر ۽ پيش منظر سان هڪ عجب اسرار جي صورت ۾ منهنجي روح اندر رهيو ٿي ۽ مان سيوهڻ کي ڏسندي ۽ اُن جي گهٽين ۾ گهمندي هميشه پنهنجو پاڻ ۾ وڃائجي ويس ٿي. ڪڏهن ڪڏهن شام جي وقت اڪيلائيءَ ۾ ڪچي واري بند تان پنڌ ڪندو، سيوهڻ جي ماضيءَ حال کي خيالن ۾ آڻيندو، وڃي قلعي تي چڙهي بيهندو هئس. جتان سج لهڻ واري لالائيءَ ۾ سيوهڻ کي ڏسي، پاسي ۾ درياءَ کي وهندو ڏسي ۽ وري رات جي روشنين ۾ سيوهڻ ڏسي جنهن ڪيفيت ۾ ٻڏي ويندو هئس سا ٻڌائي نٿي سگهجي. ٻيون ٻه خاص جايون هيون جتان بيهي نهارڻ سان منهنجو شعور خمارن ۾ ويڙهجي ويندو هو. جڏهن به شهر ايندو هئس بازار جي منڍ وٽ بيهي درگاهه جي اوڀر واري در ۽ پراڻي علم جو نظارو ڪا گهڙي ضرور بيهي ڏسندو هوس. ساڳيءَ طرح جي درگاهه جي ڏکڻ طرف وڃن ٿيندو هو ته اُتان به اهو ئي نظارو ڪا گهڙي بيهي توڙي رڪشا ويندي به ماڻي وٺندو هوس. هونئن سيوهڻ جي هر ڳلي منهنجي لاءِ اسرار ڀري راهه هئي. ميلي جي رش ۾ لتاڙجي مون ميلي جي سڀني رسمن جو مشاهدو ڪيو ۽ سيوهڻ جي روحانيت کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪيم. لال باغ به ڪيئي دفعا ويس حيدرآبا دکان ايندي ويندي به لال هميشه ڌيان ڇڪيندو هو. لال باغ جو ميلي ۾ اوج به ڏٺم ته بعد جي ويراني به ڏٺم. تنهن کانسواءِ توهان جي ادبي سنگت جون حاضريون ڀريم ۽ پاڻ ۾ ويهي ڪي مختصر ڪچهريون به ڪيون سين. احوال ته ڪي ئي آهن پر هينئر ڪنهن ڪم سان نڪرڻو اٿم. اڃا ته سيوهڻ وارو گهر نه ڇڏيو اٿم. پر ستت ئي گهر به ڇڏڻ ايندس. توهان سيوهڻ ۾ موڪلائي مون کي مارجو نه! حياتي آهي ته موڪلائبو ناهي، ساربو پيو. مان پڪو ٿي ڪنهن ٻي ساعت توهان وٽ ايندس، آخري ڏينهن جي نه اچان ته ميار نه رکجو. ٺهيو اکين ۾ پائي لهي آيو آهي، موڪلاڻي اِها ئي آهي.
    سائين فتح الله کي منهنجا پيرن تي هٿ سارينديءَ دل سان سائين نظير صاحب ۽ سڄي سنگت کي سلام.

    نيازمند
    سيد نور محمد شاهه
    حيدرآباد

    اُميد ته خوش هوندا
    هڪ عدد پروفارما موڪلي، اوهان کي گذارش ڪئي وئي هئي ته پنهنجي ضلعي جي سنڌي ادبي سنگت جي شاخن جي ميمبرن ۽ عهديدارن کان ڀرائي موڪليندا ۽ ڪارروائي رجسٽر/ يا اخباري ڪٽنگس جي فوٽو ڪاپي فراهم ڪندا.
    مون کي يقين آهي ته ان سلسلي ۾ ضرور ڪانه ڪا پيش رفت ٿي هوندي. مون کي اوهان جي موٽ جو انتظار آهي ۽ رهندو.

    خيرانديش
    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    خير محمد آريجا- لاڙڪاڻو

    آزاد انور ڪانڌڙو شاعر، محقق ۽ سنڌي ادبي سنگت جو سرگرم ڪارڪن آهي، مير حاجن مير ڏي لکيل هڪ خط پيش ڪريان ٿو.
    مانائتا سائين مير حاجن مير!
    بابت: دادو ماضي ۽ حال ڪانفرنس ۾ شرڪت ۽ مقالي پرهڻ لاءِ گذارش

    اميد ته خيريت سان هوندا.
    گذارش ته دادوءَ کي ضلع جو درجو ملڻ کي مُني صدي پوري ٿيڻ تي سنڌي ادبي سنگت، شاخ ميهڙ پاران 27 مئي 2007ع آچر ڏينهن ضلعي ڪائونسل هال دادو ۾ صبح جو 10 وڳي ”دادو ماضي ۽ حال ڪانفرنس“ ڪوٺائي پئي وڃي. ان موقعي تي مختلف ڪتابن:
    دادو تعلقي جو ماضي ۽ حال (ليکڪ: محمد عرس” اظهر“ سولنگي)
    شهيد مخدوم بلاول (مرتب: آزاد قاضي)
    اعجاز علي جتوئي محبِ وطن سياستدان (مرتب: آزاد انور ڪانڌڙو)
    جي مهورت پڻ ڪئي ويندي.
    اوهان سنڌي ٻوليءَ جا ناميارا اديب، محقق، شاعر آهيو. اوهان کي مقالو لکي ڪانفرنس ۾ پڙهڻ لاءِ گذارش ڪئي وئي هئي. مهرباني ڪري ڪانفرنس کان اڳ ان مقالي جي فوٽو ڪاپي موڪلڻ جي عنايت ڪندا ته جيئن ان يادگار مقالي کي دادو ضلع جي ادب، صحافت، سياست، تعليم ۽ ٻين شعبن ۾ ڀرپور ڪردار بابت شايع ٿيندڙ ڪتاب ۾ شامل ڪري سگهجي.
    اميد اٿم ته منهنجي گذارش کي مانائتي موٽ ڏيندا. ڪانفرنس ۾ اوهان جي شرڪت اسان لاءِ خوشيءَ جو باعث هوندي.

    خلوص مان
    آزاد انور ڪانڌڙو
    سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت شاخ ميهڙ

    محترم يوسف سنڌي ادبي سنگت جو تمام سرگرم اڳواڻ ۽ تمام سٺو اديب آهي، سندس هڪ خط حوالي طور هتي ڏيان ٿو.

    سائيم سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار
    دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين

    (شاهه)

    محترم سائين مير حاجن مير!
    سڀ کان پهريان اوهان سڀني جا ٿورا جو اوهان اسان تي اعتماد ڪري ايندڙ ٻن سالن لاءِ موجوده مرڪزي قيادت کي خدمت ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو آهي. آس آهي ته اسان سڀئي گڏجي سنگت کي سرگرم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪنداسين.
    سنگت جي پليٽ فارم تان اسين سڀ، پنهنجي دؤر جي ادبي سرگرمين جي تاريخ مُرتب ڪري رهيا آهيون. جيڪڏهن انهيءَ سلسلي ۾ ڪوتاهي ڪنداسين ته ان لاءِ پنهنجي قوم، ٻولي ۽ ادب ڏانهن جوابدار رهنداسين. سنگت جي سڀني ساٿين لاءِ هيٺينءَ ريت ڪجهه صلاحون آهن، جن تي عمل ڪرڻ ضروري آهي.
    1. پنهنجي هفتيوار گڏجاڻين ۽ ٻين پروگرامن جو باقاعدي ماهوار تفصيل، اُن سان گڏ پنهنجي ضلعي جي رابطا سيڪريٽريءَ کي به موڪلڻ گهرجي.
    2. پنهنجن ادبي سرگرمين جون خبرون اخبارن ڏانهن ضرور موڪلڻ گهرجن، اخبار ۾ ڇپيل خبرون شاخ جي رڪارڊ ۾ محفوظ ڪجن ۽ اُنهن جون فوٽو ڪاپيون، ماهوار رپورٽ سان گڏ مرڪز ۽ ضلعي رابطا سيڪريٽري کي موڪلڻ گهرجن.
    3. توهان پنهنجي شاخ جي قائم ٿيڻ جي تاريخ، ميمبرن ۽ عهديدارن جا نالا ۽ ايڊريسون، تفصيلي تفصيل رابطا سيڪريٽرين کي موڪليندا. جيڪڏهن توهان جي شاخ ڪي ڪتاب وغيره شايع ڪرايا آهن ته اُنهن جو تفصيل به اُماڻيندا.
    4. سنگت جي پاليسين خلاف ڪو به اخباري بيان جاري نه ڪندا. (خاص ڪري سياسي بيانن جاري ڪرڻ کان پاسو ڪندا)
    5. هر ضلعي مان بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ هڪ شاخ کي، ”بهترين شاخ“ جو ايوارڊ ڏنو ويندو ۽ شاخ جي سيڪريٽرين کي تعريفي سندون ڏنيون وينديون.
    6. هر شاخ کي سنگت پبليڪيشن جي هر پرچي جون 5 ڪاپيون وي.پي. ڪيون وينديون جيڪو وصول ڪرڻ ضروري آهي.
    7. ڪوشش ڪري پنهنجي تر جي نامور اديبن کي سنگت جي گڏجاڻين ۾ وٺي ايندا.
    8. غير حاضر ميمبرن خلاف بنا رک رکاءَ جي آئيني ڪارروائي ڪندا.
    9. هن سان گڏ اوهان کي هڪ فارم موڪلجي ٿو، جنهن ۾ شاخ جي ميمبرن جا نالا لکي 15 مئي تائين موڪليندا.
    10. جيڪڏهن توهان جي شاخ جون نيون چونڊون نه ٿيون آهن ته پنهنجي ضلعي جي رابطا سيڪريٽري سان لهه وچڙ ۾ اچي اُهي چونڊون جلد ڪرائيندا.
    پنهنجي شاخ جي ميمبرن ۾ ڪتابن پڙهڻ ۽ خريد ڪرڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ دلچسپي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.
    نيڪ تمنائن سان
    يوسف سنڌي
    سيڪريٽري جنرل، سنڌي ادبي سنگت سنڌ

    جناب ڊاڪٽر مشتاق ڦل سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل آهي ۽ سنڌ جو سٺو شاعر ۽ اديب آهي، سندس هڪ خط هتي پيش ڪجي ٿو:

    مانوارا! مير حاجن مير
    رابطه سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت ضلعو ڄام شورو
    بابت: سنڌي ادبي سنگت جي شاخن جون چونڊون

    پيارا ساٿي!
    سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي باڊيءَ جي فيصلي تحت سنگت جي شاخن جون چونڊون سيپٽمبر 2011ع جي آخري هفتي تائين پوريون ڪرائي، سموري ضلعي جي شاخن جا تفصيل سيڪريٽري جنرل ۽ مرڪز جي فيس في شاخ 200 روپيه مرڪزي خزانچي نبي بخش ناز جي ڏس پتي تي مني آرڊر ذريعي ڏياري موڪليندا ته مهرباني ٿيندي.
    نوٽ: شاخ جي سيڪريٽري ۽ ڪائونسلر جو مڪمل ڏس پتو ۽ فون موبائل نمبر موڪلڻ نه وساريندا.
    دعاڳو
    مشتاق ڦل
    سيڪريٽري جنرل ، سنڌي ادبي سنگت سنڌ

    محبتن جا ميرَ،
    منهنجا پيارا دوستَ!
    مير حاجن مير
    اميد ته اوهان سکيا ۽ سَرها هوندا.
    پيارا! اوهان کان موڪلائي، اوهانجا ڏنلَ مانَ ۽ محبتون کڻي خير سان ڳوٺ پهتس.....
    يار! چڱو ٿيو جو ان رات بڊي جبل کان واپسيءَ تي باجارا ۾ اوهان پياري دوستَ ساحر راهوءَ سميت مليا ۽ ساحر سائينءَ جي صدقي سائين رجب ٻگهيو سان به ملاقات ٿي وئي، سائين رجب لاءِ اسانجي اندرَ ۾ سڪ جو سمنڊ ڇوليون هڻندو آهي پر سائين ملاقات جو شرف گهٽ بخشيندو آهي، باقي اوهان، عباس حيدر چنه ۽ سائين امداد سروري صاحب مونسان ملڻ لاءِ ماندا هوندا آهيو، منهنجون ته اوهان سيوهڻ تعلقي جي اديبن ۽ شاعرن سان ته ٻِٽيهه دليون آهن، اوهان سان ملي مَنَ کي اَڻَ ميون مسرتون ملنديون آهن.
    پيارا مير! حقيقت ۾ سائين رجب جو به ڏوهه ناهي، باجارا شهر جي آبهوائي شايد اهڙي آهي مان پاڻ حيران ٿي ويندو آهيان ته باجارا ايندي ئي بدن ۾ سُستيءَ جي لهر ڇانئجي ويندي آهي، اوهان عباس چنه ۽ سائين امداد سروري ڏهه ڀيرا فونون ڪندا آهيو ته مسين 1 يا 2 بجي گهران نڪري سيوهڻ اوهان تائين پهچندو آهيان، عباس چنه سان به گهڻي قدر شام جو وڃي ملاقات ٿيندي آهي، مان حيران ٿيندو آهيان ته مان هيڏو متحرڪ ماڻهو هڪ ڏينهن ۾ ڏهه شهر گهمي وٺندو آهيان، ڪيترن ئي دوستن سان ملي وٺندو آهيان ۽ نه ڄاڻ ڪيترائي پروگرام اٽينڊ ڪندو آهيان ۽ هِتي ميرَ تائين مَس ٿو پهچان. بهرحال اِها ڳالهه مڃبي ته باجارا جي اِها آبهوا تن مَن کي سستي ڏئي سڪون بخشيندي آهي مان جيترا ڏينهن به باجارا ۾ هوندو آهيان سک ۽ سڪون جو ساهه کڻِندو آهيان، باجارا سيوهڻ، جهانگارا، ڀان سيد آباد ۽ ڪرم پور جان سڀ دوست ۽ رهواسي مونکي مانُ ۽ محبتون ڏيندا آهن، اوهان جهڙن دوستن جون محبتون ۽ پيار منهنجي جيون جو سَرمايو آهي، انشاءُ الله وري ملاقات ٿيندي، محبتون ڏبيون ۽ وٺبيون، جيون رهندو جيسين.. ساٿ هي رهندو تيسين....

    اوهان جو دعاگو
    مشتاق بخاري
    پوسٽ آفيس ڊکڻ، ضلعو شڪارپور

    مٿي ڄاڻايل خطن ۾ مير حاجن مير جي سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ جي ادبي حلقي ۾ ڄاڻ سڃاڻ سان گڏ سندس علمي ادبي قدم ڪاٺ جي پڻ پذيرائي ٿئي ٿي.
    ڪجهه ماڻهن جو اڄڪلهه اِهو خيال آهي ته اڄوڪو دور موبائل فون ميسيج ۽ انٽرنيٽ جي سهوليتن جو دور آهي، تنهن ڪري خط لکڻ ۽ انهن کي سانڍڻ جو عمل پنهنجي اهميت وڃائي ويٺو آهي. اِها سندن غلط فهمي آهي مير حاجن مير جي هِن سهيڙيل ڪتاب اها غلط فهمي دور ڪري ڇڏي آهي، ڇاڪاڻ ته تحرير ۽ لکت پنهنجي هڪ دائمي حيثيت ۽ اهميت رکي ٿي جيڪا ڪتاب جي صورت ۾ اچڻ بعد تاريخ جو حصو بڻجي صدين تائين امر بنجھي وڃي ٿي. تنهن ڪري منهنجي سنڌ جي سڀني اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن کي گذارش آهي ته هو به مير حاجن مير جي نقش قدم تي هلندي پنهنجا ۽ پنهنجن دوستن جا خط ڪتابي صورت ۾ مرتب ڪري ڇپرائين.

    پروفيسر اعجاز قريشي
    ڪراچي
    2016-7-15


    خط خوشي مان کول

    محترم مير حاجن مير جو مرتب ڪيل ڪتاب ”سڄڻن ياد ڪيوم“ منهنجي سامهون آهي. جيڪو هڪ خطن جو مجموعو آهي. ڪتاب کي ڏسندي مان سوچيان ٿو ته انساني تاريخ ۾ خطن جي ڪيتري اهميت آهي!؟ سائنسي ترقي ۾ جديد پيغام رسائي جي ذريعن جھڙوڪ موبائل فون ۽ انٽرنيٽ خطن جي ان قدم روايت کي ذري گهٽ ختم ڪري ڇڏيو آهي. اڄ جو نئون نسل خطن جي اهميت اڻ واقف آهي. پر ڪو زمانو هو جو زندگي جي اڪثر شعبن ۾ خط ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت رکندا هئا.
    قديم زماني ۾ جڏهن بادشاهه پنهنجي درٻاري تاريخدانن کان پنهنجي پسندن جي تاريخ لکرائيندا هئا، ته اهي خط ئي هئا جن جي ذريعي بعد ۾ تاريخ جي صحيح ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ويندي هئي. خط جنگين جو سبب بڻجندا هئا، مذهبي پرچار لاءِ استعمال ٿيندا هئا، واپار ۽ هنر لاءِ استعمال ٿيندا هئا. دنيا ۾ ڪئين اهڙا وڏا واقعا رونما ٿيا، جن جو بنيادي ڪارڻ خط هئا. مٿال طور جيڪڏهن ڪوفي جا ماڻهو امام حسين عليھ السلام جن کي خط لکي پان ڏانهن اچڻ جي دعوت نه ڏين ها ته ڪربلا جھڙو ڏکوئيندڙ واقعو ڪڏهن به نه ٿئي ها. يا برِصغير جي ويجهي تاريخ کي ڏسبو ته جيڪڏهن شاهه ولي الله احمد شاهه ابدالي کي خط لکي هندستان کي حملو ڪرڻ جي دعوت نه ڏئي ها ته شايد هندو مسلمان اتحاد برقرار رهي ها ۽ انگريز سامراج ائين آساني سان هندستان تي قبضو نه ڪري ها، پر شاهه ولي الله اسلام جي خدمت جي عشق ۾ هڪ ڌارئين ڌاڙيل کي خط لکيو جنهن هندستان تي حملو ڪري پاڻي پٽ جي ميدان تي ”مرهٽن“ جي اڀرندڙ طاقت کي شڪست ڏئي، غريب هندستانين جو بي رحمي سان قتل ڪيو ۽ وڏي دولت کڻي افغانستان روانو ٿي ويو شاهه ولي الله جي ان هڪ خط سڄي برِ صغير جي تاريخ کي تبديل ڪري ڇڏيو.
    سنڌ جي تاريخ ۾ يوسف ميرڪ جي شهنشاهه شاهجهان کي لکيل اهو طويل خط ڪيئن ٿو وساري سگهجي جنهن کي ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو ان خط سنڌ جي اڻ لکيل تاريخ کي نروار ڪري وڌو آهي.
    خط سياسي تحريڪن ۽ انقلابن ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن برِصغير ۾ مشهور ريشمي رومال تحريڪ دراصل اهي خط ئي هئا، جيڪي انقلابي اڳواڻ ريشمي رومال تي لکي ڪارڪنن کي هدايتون ڏيندا هئا.
    انقلابي تاريخ ۾ مارڪسي ۽ اينگس جي هڪ ٻئي ڏانهن لکپڙهه به تاريخي اهميت رکي ٿي. لينن جنيوا ۾ ڏهه سال جلاوطن رهيو ۽ خطن جي ذريعي ڪارڪنن کي منظم ڪري.... آڪٽومبر جي انقلاب آندائين. خطن جي اهميت ان اهميت کي ڏسي ڪري انهن کي هڪ ادبي صنف طور تسليم ڪريو ويو. دنيا جي مختلف ٻولين ۾ ليکڪن جا هڪ ٻئي ڏانهن لکيل خط ڪتابي صورت ۾ ڇپجي پڙهندڙن جو ڌيان ڇڪائڻ ۾ ڪامياب ويا.
    اردو ادب ۾ غالب جا خط، قاضي عبدالغفار جو ڪتاب ”لیلیٰ کے خطوط“، ”مجنوں کی ڈائری“ منٽو جو ڪتاب ”انکل سام کے نام“ خواجه احمد عباس جو خطن تي مشتمل ناول ”روپ ٻهروپ“ ڪرشن چندر جون خطن جي فارميٽ ۾ ڪهاڻيون، فيض جا ايلس ڏانهن خط وغيره. تمام وڏي ادبي اهميت حاصل ڪري چڪا آهن. انگريزي ادب ۾ آسڪر وائيلڊ جا خط جيڪي ”سزا جا سُک“ جي عنوان سان سنڌي ۾ فضل احمد بچاڻي ترجمو ڪيا آهن پڻ پڙهڻ وٽان آهن.
    سنڌي ادب ۾ پڻ خطن جي تمام وڏي اهمت رهي آهي. شيخ اياز جا خط ”ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ الطاف شيخ جو ٻيو ڪتاب ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ پڻ خطن تي مشتمل آهي. سنڌي ٻُولي ۾ خطن جو سڀ کان وڏو سهيڙيندڙ سائين جي ايم سيد رهيو آهي. جنهن مرزا قليچ بيگ کان وٺي عبدالواحد آريسر ۽ شهيد عبدالرزاق سومري تائين مختلف ادبي سياسي، سماجي ثقافتي، واپاري ۽ ٻين شخصيتن جا هزارين خط ڪتابي صورت ۾ آندا آهن. انهن خطن جي پنهنجي جاءِ تي ادبي اهميت ته آهي پر ساڳئي وقت اهي تاريخ جا سڀ کان وڏا ماخذ به آهن. انهن خطن کي پڙهڻ سان خبر پور ٿي ته گانڌي ۽ جناح سنڌ کي ڪهڙي نظر سان ڏسندا هئا.
    ڪجهه خطن جا اهڙا به ڪتاب آهن جيڪي پيئرن پنهنجي ڌيئرن ۽ پٽن ڏانهن لکيا آهن. جن ۾ نهروءَ جا اندرا ڏانهن لکيل خط، ”پيءُ جا ڌيءَ ڏانهن خط“ جي سري سان ڇپجي چڪو آهي. هڪرو خطن جو ڪتاب ذوالفقار علي ڀٽي جو بينظير ڀٽو ڏانهن لکيل آهي، جنهن جو عنوان آهي ”منهنجي پياري ڌيءُ“ ساڳي طرح سائين جي ايم سيد جو پنهنجي نياڻي ڊاڪٽر درشهوار سيد ڏانهن لکيل خطن جو ڪتاب ”ڏونگر سي ڏورينديون“ پڻ وڏي اهميت جو حامل آهي. جنهن جا ڪيترائي ڇاپا ڇپجي چڪا آهن. هڪڙو خط محترم رسول بخش پليجي جو چوپڙي جي صورت ۾ ”وڳ ڪيئن وسرياءَ“ جي نالي سان ڇپيل آهي. جيڪو هن جيل مان پنهنجي پٽ اياز لطيف پليجي کي لکيو هو. طارق اشرف ڏانهن جيل ۾ سندس پٽ ۽ سندس محبوبه جا خط به پڙهڻ وٽان آهن. جيڪو ”اڌ ملاقات“ جي نالي سان ڇپيل آهي.
    سنڌي ادب ۾ ٻين به ڪيترن ئي ليکڪن خطن جا ڪتاب آندا آهن جن ۾ خط ٻن اديبن جا عبدالقادر جوڻيجو ۽ محمد ابراهيم جويو، خط خوشي مان کول، راشد مورائي مير محمد ميرل جويي ڏانهن دوستن جا لکيل خط ”ميرل ڏانهن محبت نام“ وغيره اچي وڃن ٿا.
    خطن جي هڪ ٻي اهميت عاشقن جي معشوقن سان رابطي واري به رهي آهي. موبائيل فون جي ايجاد کان اڳ محبوبن ڏانهن چٺيون لکيون وينديون هيون، ڪڏهن ڪڏهن اهي چٺيون پڪڙجي به پونديون هيون ۽ عاشقن تي وڏي شامت ايندي هئي. ڪهاڻين، ناولن توڙي فلمن ۽ ڊرامن ۾ چٺين ۽ خطن جو ذڪر هوندو هو. فلمي ۽ غير فلمي گيتن ۾ چٺين ۽ خطن جو ذڪر به عام هوندو هو. مثال:
    • جٹھی ذراسیاں جی کے نام لکھنا-(نور جھان)
    • دیس پرائے جانے والے، وعده کر کے جانا
    مجھے خط لکھو گے روزانہ-(نور جھان)
    • یہ میرا پریم پڑھ کرتو ناراض نہ ہونا- (محمد رفیع)
    • لکھے جو خط تجھے وہ تیری یاد میں (محمد رفیع)
    • پھول تجھے بیجھاہے خط میں، پھول نہین میر ادل ہے-(لتا، مکیش)
    • چٹھی آئی ہے-(پنکج اداس)
    • سندیس آئے ہیں۔ (سونو نگم)
    يا سنڌي ۾:
    • ٽپالي گهوٽ جو خط ڏيکار. (ڀڳونتي ناواڻي)
    • منهنجا خط تو ڦاڙي ڇڏيا. (امداد حسيني، راڳي نامعلوم)
    • خط وڃي کڏ پون پر. (جلال چانڊيو ) وغيره
    ڪو زمانو هو ٽپالين جي وڏي لئه هوندي هئي، ماڻهو عاجزيءَ وچان انهن کان پنهنجي سڄڻن جي خطن جي باري ۾ اڪثر پڇائون ڪندا هئا. ۽ خط ملڻ تي ٽپالين جو وات مٺو به ڪرايو ويندو هو.
    خط لکڻ لاءِ اڪثر ماڻهو پنهنجي نالي سان پيڊ ڇپرائيندا هئا ڪي وري ڇپيل پيڊ دڪانن تان خريد ڪندا هئا. جن تي اڪثر اردو شعر لکيل هوندا هئا. مثال:
    میری انتھائی نگارش یہی ہے،
    تیرے نام سے ابتدا کر رہا ہوں۔
    يا وري عاشق حضرات لفافي جي پويان اڪثر هي شعر لکندا هئا:
    چلو چل لفافا کبوتر کی چال،
    اگر ہوگی محبت تو ملے گا جواب۔
    مون کي ياد ٿو اچي ته مان جڏهن ٽئين ڪلاس ۾ پڙهندو هئس ۽ چاچو سعودي عرب ڪمائڻ لاءِ ويو هو. تڏهن ان جو پهريون خط آيو ته ڏاڍا خوش ٿيا هئاسين. منهنجو سؤٽ سليمان بار بار اهو خط پڙهي جذبات مان اکين وچان ڳوڙها ڳاڙي ويٺو هو. شام جو اهو خط سڄي گهرجي ڀاتين کي پڙهي ٻڌايو ويو چاچي هڪ هڪ ماڻهو جو نالو لکي ان ڏانهن سلام موڪليا هئا. پر اڄ اهو سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو آهي!
    منهنجي دوست مير حاجن مير کي سندس خطن جو مجموعو ”سڄڻن ياد ڪيوم“ ڇپرائڻ تي سڀ کان پهرين مبارڪباد ڏيڻ گهرجي جو هن ختم ٿي ويل صفن کي ٻيهر زندهه ڪيو آهي. انهن خطن ۾ توهان کي سنڌي اديبن جي ذاتي زندگي، سندن سوچ ويچار ۽ هڪٻئي جي روين جو پتو پئجي سگهي ٿو. سنڌ ۽ سنڌي ٻولي، ادب ۽ سنڌي ادب سنگت جي تاريخ به ملي سگهي ٿي. جيتوڻيڪ اهي خط ادبي نقطه نگاهه کان نه لکيا ويا آهن. نه اياز جي خطن وانگر طويل آهن. يا ميران محمد شاهه جي خطن جيان منظر نگاريءَ جا شاهڪار آهن. پر انهن ۾ هڪ قسم جي سادگي ۽ سچائي ضرور موجود آهي. مونکي مير حاجن مير ڏانهن لکيل خطن جون ڪي خاص ڳالهيون نظر آيون، سي هي آهن:
    مير حاجن مير جو سنڌي ادبي سنگت سان لڳاءُ سنڌي اديبن سان رابطن ۽ خطن جي ڏي وٺ ذاتي اخلاقي ۽ محبت ڀريا واسطا سيوهڻ ۾ ايندڙ اديبن سان خاص ملاقاتون سيوهڻ جي تاريخ، ادب، ثقافت بابت مواد فراهم ڪرڻ، مير حاجن جي ادبي ڪم جي خبر خطن مان پئي ٿي. سندس ادبي ڪم ساراهه وارو آهي. سڀ کان پهرين سنڌ جي نامياري شاعر ساحر راهوءَ جو خطن ڏنل محبت جو اظهار ڪري ٿو ان خط مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ساحر نظم سان گڏ نثر لکڻ جو به بادشاهه آهي. ساڳي عاجزي پنهنجي خط ۾ ناميارو آرڪيالاجسٽ سيد حاڪم علي شاهه بخاري ڏيکاري ٿو. ادل سومري ۽ ايوب کوسي پنهنجي اسلوب ۾ خوبصورت خط تحرير ڪيا آهن. خط ۽ ڊاڪٽر قربان جهتيال جو سنڌي ادبي سنگت جي جاکوڙي ڪارڪنن لاءِ شيلڊن جو اعلان به سندس سنڌي ادبي سنگت لاءِ جاکوڙي ڪردار جو حوالو پيش ڪري ٿو. تاج جويي صاحب جو آفيشل ليٽر پڻ ان حوالي سان اهميت جوڳو آهي. جنهن ۾ هن تجويزون گهريون آهن ته، ادبي سنگت کي ڪيئن فعال ڪجي جيڪو هڪ پراڻو بحث آهي.
    هنن خطن مان سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ ۽ ڪردار به چٽو ٿيندو جو سنگت ڪڏهن ڪالاباغ ڊيم جي خلاف احتجاج جو سڏ ٿي ڏئي ته ڪڏهن وري سنڌي ٻولي جي حوالي سان جاڳرتا جا پروگرام ٿي ڪرائي، ڪڏهن وري سنڌي ادب ۽ ثقافت جي ترقي لاءِ جاکوڙ ٿي ڪري، ڪڏهن وري ڪتابن جي ڇپائي جو ڪم هٿ ۾ ٿي کڻي. هنن ۾ ڪجهه خط پيار، پنهنجائپ ۽ پاٻوهه جو نج نمونو آهن، جن ۾ سيد نور محمد شاهه، بهادر ٽالپر ۽ مشتاق بخاري جا خط پڙهڻ وٽان آهن. جن مان ادبي چس به ملي ٿي ته محبت ۽ پنهنجائپ به ملي ٿي.
    پرواني سيوهاڻي جو خط ٻاراڻي ادب ۾ پرواني سيوهاڻي جي ٻارن جي ادب لاءِ ڪيل جاکوڙ جو هڪ مختصر خاڪو پيش ڪري ٿو. سٺو ٿيو جو اهو خط شامل ڪري مير حاجن پرواني کي نئين سر متعارف ڪرايو آهي. پرواني سيوهاڻي جهڙا مثالي ۽ جاکوڙي اديب اڄڪلهه سنڌ ۾ ڳوليا به ڪونه ٿا لڀن. مونکي ياد آهي ته مون جڏهن ٻاراڻي وهي ۾ ادبي دنيا ۾ پير پاتو هو ته ٻين ڪتابن سان گڏ سرهاڻ پبليڪيشن جو ٻارن لاءِ ڪڍيل پرچو به خريد ڪيو هئم، ٻاراڻي ادب لاءِ پرواني جيڪو هڙان وڙان ڏنو آهي ۽ جيڪي رنڊا روڙيا آهن انهن کي ڪنهن به صورت ۾ وساري نٿو سگهجي. بهتر ٿئي ها جو مير حاجن هن مجموعي ۾ ذاتي دوستن، مٽن مائٽن سان گڏ ڪنهن جيءَ جي جاني جو خط به شامل ڪري ها. جيئن طارق اشرف جيل ۾ تڪليف واري زندگي گذاريندي جيڪي خط سهيڙيا آهن.ا نهن ۾ سندس جيءَ جي جاني ۽ مٺي منٺار جا خط به آهن. مير به ڪنهن اهڙي سهڻي جو خط شامل ڪري ها ته پڙهي خوشي ٿئي ها. پر لڳي ٿو ته محبت جي ديوي مير تي اڃان مهربان نه ٿي آهي. حالانڪه سندس صورت ڪا ايتري ويل به نه آهي ۽ سندس دڪان تي سهڻن جي سدائين پيهه لڳي پئي هوندي آهي. ...
    مونکي پوري اميد آهي ته هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ سٺي مڃتا ماڻيندو ۽ ٻيا دوست به هن ڪتاب مان اُتساهه ماڻي خطن جا ڪتاب آڻيندا. آءُ مير حاجن جي سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ ڪيل خدمت تي سلام پيش ڪرڻ کان سڳواءِ رهي نه ٿو سگهان. جنهن ٿوري عرصي ۾ سنڌي ٻوليءَ تي خوبصورت ڪتاب ڏنا آهن ۽ هي سندس چوٿون ڪتاب آهي. اميد ڪريان ٿو ته ٻولي ۽ ادب سان محبت جو اهو سلسلو هلندو رهندو، ختم نه ٿيندو.
    ايوب عمراڻي
    2016-6-17
    سن


    پنھنجي پاران

    خطن کي دنيا ۾ تاريخ ليکيو ويو آهي، اُهي عاشقن ۽ محبوبن جا هجن، يا بادشاهن جا هُجن، دوستن جا هجن، گهرجي فردن ڏانهن هجن، ڪنهن تنظيم جي اڳواڻ جا ڪارڪنن ڏي هجن يا ڪارڪنن جا اڳواڻ ڏي هجن، حال احوال خبرچار لاءِ هجن، علمي ادبي، ثقافتي سياسي، سماجي هجڻ يا ڪنهن اداريجا هجن، خطن جو دور طويل رهيو آهي ڪيتريون ئي تاريخون ملڪن جون خطن ذريعي ئي لکيون ويون آهن.

    ڪيتريون بادشاهون خطن ذريعي ٺهيون آهن ته خطن ذريعي تباهه برباد ٿيون آهن. خط زندگي جي اهم حصو رهيا آهن. خطن تي ڪھاڻيڪار ڪهاڻي لنکدا هئا. ته شاعر خطن تي شاعري ڪندا هئا.

    خط میں نے تیرے نام لکھا،
    چاہت کا یہ پھلا پیغام لکھا۔

    پهريون خط ايندو هو ته ماڻهو گهڻو خوش ٿيندو هو، خط ورائي ورائي پيو پڙهندو هيو، عاشق ته محبوب خط وهاڻي هيٺان رکي سمهندا هئا. هر هر پڙهندا هئا لڪائي به رکندا هئا. خط کي چمندا به هئا.

    مہرباں لکھوں حسینا لکھوں یا دلربا لکھوں،
    حیران ہوں میں آپ کو اس خط میں کیا لکھوں۔
    (نامعلوم)

    روئي روئي لکيو هي خط هوندئين
    ڳوڙهو ڳوڙهو اکر اکر ۾ آ
    (امين ڀٽو)

    ورنديءَ جي آسري تي لکيا مون خط گهڻا
    آيو نه ڪو جواب لکڻ مون ڇڏي ڏنو
    (ڪرم ٽالپر)

    تنهنجا نياپا چمان چپن وانگي
    تنهنجي خوشبو پڙهان خطن وانگي
    (استاد بخاري)

    خط توڏانهن لکيم، سوين سور سليم
    وري سوچيان پيو، ڄڻ ڪجهه نه لکيم
    (مير عبدالرسول مير)

    ڏيهاڙي ٿا ڪيترا، مون ڏي خط اچن
    اکيون پر ڳولن، تنهنجي ئي تحرير کي
    (ادل سومرو)

    خط ريڊيو تي تمام گهڻا لکيا ويندا هئا. پوري دنيا جي ريڊيو اسٽيشن تي خط ويندا هئا. سنڌ جا ماڻهون جنهن اسٽيشن جو آواز سنڌ تائين پهچندو هيو، ان ڏانهن خط لکندا هئا، انڊيا ،ايران عراق، بي بي سي لنڊن تي سنڌ مان خط جام ويندا هئا، ڪيترن ڪتابن جا نالا خطن جي مناسبت سان رکيا ويندا هئا، ڪو وقت هو ڪبوتر به خط پهچائيندا هئا. ريڊيو اسٽيشن تي پروگرامن جا نالا خطن جي مناسبت سان رکيا ويندا هئا. ڪنهن دؤر ۾ هڪ سنڌ جي ريڊيو اسٽيشن تان پروگرام هلندو هيو.
    ”تنهنجو خط پهتو تنهنجي مهرباني“
    ٽيليويزن چئنلن تي به خط لکيا ويندا هئا. هر شاعر پنهنجي شاعر ۾ خط جو ذڪر ضرور ڪندو هيو، ڀٽائي کان وٺي اياز ۽ استاد تائين شاعرن خط جو ذڪر محبت سان ڪيو آهي. اردو شاعرن به خط جو ذڪر ڪندا رهيا آهن.
    ڪوفين ڪا ڪاغذ لکيو وجهي وچ الله
    اسان تابع تنهنجي تون اسان جو شاهه
    هيڪر هيڏي آءُ ته تخت تاج توکي ڏيون.
    (شاهه)

    اهو به ڪو دور هيو وزير وري خط بادشاهه کي پڙهي ٻڌائيندا هئا خطن جي پنهنجي تاريخ آهي، عاشق پنهنجن محبوبن ڏانهن خط رت سان به لکندا هئا.
    ”خون پنهنجي مان ٻوڙي قلم مون لکيو هي خط آ
    تون ٿو سمجهين مس هي آهي، مس نه پر هي رت آ“

    مون وٽ به سنڌ جي ناميارن اديبن، شاعرن سماجي اڳواڻن جا خط پيل هئا. محترم تاج جويي سان صلاح ڪيم مون وٽ ڪجهه خط پيل آهن ڇا انهن کي ڇپائڻ گهرجي ته يڪدم چيائين خط تاريخ آهن انهن کي جلدي ڇپاءِ انهن خطن کي کڻي اوهان دوستن اڳيان حاضر ٿيو آهيان. ڪجهه خط سيوهڻ سماچار جي حوالي سان آهن. سيوهڻ سماچار آءُ سيوهڻ مان هڪ سلسلي وار ادبي سماجي ثقافتي اخبار 2005ع کان 2008 تائين ڪڍندو هئس. وقتي حالتن جي ڪري اها اخبار بند ڪيم، سيوهڻ ۾ ڪابه پرٽينگ پريس نه هوندي هئي سڄو اخبار جو ڪم حيدرآباد مان ڪرائڻوپوندو . هن ڪتاب ۾ ڪجهه خطن جا عڪس (اصل هٿ اکر به ڏنا اٿم.)
    ڪتاب ۾ سڀن دوستن جا خط احترام لائق آهن. منٺار سولنگي جو پيار ڪٿي ٿو وساري سگهجي، جيڪو سدائين محبتون ڏيندو هيو، سيد نور محمد شاهه جو خط ته پڙحندي اکين ۾ پاڻي آڻي ٿو ڇڏي. تاج جويو، يوسف سنڌي، مشتاق بخاري ۽ انور ساگر ڪانڌڙو ويجها دوست آهن جن سان مذاقون به ڪندو آهيان ته ڏک سک ۾ به انهن سان گڏ هوندو آهيان. خط 20 سالن جي واسطي جا آهن گهڻا خط سنڌي ادبي سنگت سنڌ جا آهن، سنڌي ادبي سنگت ۾ ڪارڪن جي حيثيت ۾ گهڻو ڪم ڪيو آهي. مان پروفيسر اعجاز قريشي جو ٿورائتو آهيان جنهن هن ڪتاب جو مهاڳ لکيو ٻه اکر ايوب عمراڻي به لکيا، يوسف سنڌي جو به ٿورائتو، جنهن هن ڪتاب آڻڻ ۾ مدد ڪئي.

    مير حاجن مير
    2016-10-2


    خط

    ساحر راهو

    ساحر راهو! منهنجي ويجهن دوستن ۾ شمار آهي، سندس پيار محبت سدائين ڇپر ڇانو محسوس ڪندو آهيان. ”خواب کٿوري چنڊ“، ”سانوري شام نيڻ سجدي ۾“، ”خوابن جي خودڪشين“ کانپوءِ، ”دل جي ڳلي“، ”وهي پت جهڙ هي آنکون مين“ سندس ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. ساحر غزل جو خوبصورت شاعر آهي. وڏن بندن تي اڪثر غزل لکي ٿو. مالڪ کيس وڏي ڄمار ڏئي.
    (مير حاجن مير)
    01 جنوري 2004ع
    پيارا! مير حاجن مير
    اُميد سُڳنڌن ۾ واسيل رهندين.
    احوال تنهنجو خط اڻ پورو ائڊريس هوندي به اکين چُمي ورتو آهي. پيارا حاجن ماڻهوءَ جو خلوص ئي سڀ ڪجهه آهي. مون وٽ اڳ به اهڙا ٻيا به ڪجهه خط آهن جن تي پوري ائڊريس نه هوندي مون وٽ پڳا آهن. اهو سڀ تنهنجي عقيدو جو ڪمال آهي ورنا ڪٿي ساحر راهو ڪٿي حاجن مير پر جنھن محبت کي پنهنجي شڪتي هوندي آهي تنهن محبت ۾ الڳ الڳ نالن ۽ قومن وارا ماڻهو محبت ۾ ميڙجي گڏ ٿين ٿا. توکي منهنجي غزلن ۾ پنهنجو عڪس لڀي ٿو آئون ته پنهنجي دل ۾ اُٿيل آنڌين کي لفطن ۾ سهيڙي ڪاغذ جي وجود تي رکي ڇڏيندو آهيان. ان کان اڳتي منهنجو ڪو به ڪمال نه آهي اگر ڪمال آهي ته تنهنجي خوبصورت سوچ جو جنهن پنهنجو پاڻ سڃاڻي ورتو آهي. آئون ڇا آهيان بس اڻ گهريل ڪاٺ جنهن تي خبر ناهي ڪهڙي ادا جي ڪري ذات جي ديوي مهربان ٿي آهي، مون وٽ ڏات ديويءَ کي کارائڻ لاءِ نه ڪو ڪتابن جا اُٺ نه علم جا ڪاسا نه ڏيئڻ لاءِ اوچا رُتبا پر پوءِ به منهنجي ذهن جي ڪچي آڳر ۾ ديرو ڄمايو ويٺي آهي. آئون به ڪڏهن ڪڏهن ان کي سورن جو ساڳ ۽ ڏک جو ڏڌ پياري ڇڏيندو آهيان. سيوهڻ ڀر سان باجارا ۾ منهنجو انتهائي پيارو دوست رجب ٻگهيو رهي ٿو ڪڏهن ڪڏهن اُن سان ملڻ جي ڇڪ ٿيندي به آهي باجارا ويندو به آهيان سيوهڻ ته رستي ۾ آهي ڪڏهن ٿو اچڻ ٿئي ڪا به خبر ناهي.
    تنهنجي پرخلوص خط جو احسان مند آهيان.
    ساحر راهو
    شهمير راهو سڪرنڊ


    امير فهد پنهور

    15 جنوري 2004ع
    اسلام عليڪم! پيارا مير حاجن مير

    هتي سڀ خير آهي ڌڻي جي رحم و ڪرم سان اوهان ڏانهن به خير هوندو (آمين ثم آهين)
    هتي ٻيو سڀ خير آهي اوهين ته آزاد پکي آهيو جيڏي مهل چاهيو ته اڏام ڪري سگهون ٿا پر اسان آزاد نه آهيون اسان کي هڪ جاءِ جي اندر قيد ڪري ڇڏيو اٿن هاڻي اسان آزادي لاءِ ويٺا انتظار ڪريون. ٺيڪ آهي ڪو وقت ايندو جڏهن اسان به آزاد ٿينداسين. منهنجن موڪلن ۾ اوهان جو امتحان هو ان جو ڇا ٿيو منهنجو خيال آهي ته ڪاپي ٿي هوندي ۽ پيپر سٺو ٿيو هوندو. هتي تمام گهڻو سيءُ آهي اوهان ڏانهن منهنجي خيال ۾ به سيءُ نه هوندو، نه هجي ته پاڻ سهي. اسان ٿي سگهي هن مهيني جي 25 کان 31 جنوري جي اندر اينداسين. ڪير چوي ٿو ته 28 تي موڪلون ٿين ٿيون ته وري ڪير چوي ٿو 25 کان، بهرحال اسان کي پڪ ٿي آهي ته 31 تي اچون ٿا پر وري به ڪا خبر نه آهي.
    ٻيو سڀ خير آهي پڙهائي به صحيح هلي پئي ۽ طبيعت به صحيح آهي. هن چڪر ته عيد آهي سو دڪانداري ته انشاء الله عروج تي هوندي. اوهان جي،
    اڄ اڱارو آهي ۽ اڄ ڏاڍو مينهن وسيو آهي، صبح کان شام تائين مينهن وسيو آهي ڏاڍو مزو آيو برسات جي موسم ۾ اسان کي شام جو پي.ٽي ڪرائي وئي اسان کي ڏاڍو مزو آيو. نه هتي لائٽ وئي نه ڪجهه ٻيو ٿيو، سيوهڻ ۾ ته رڳو مينهن جون بوندون پونديون ته لائٽ هلي ويندي پر هتي ائين نه آهي.
    ٻين سڀن کي سلام چوندا.
    امير فهد پنهور
    ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو


    عابد سيوهاڻي

    14 جون 2004ع
    پيارا مير حاجن مير
    مسلسل جنگي مشقن سبب توهان ڏانهن خط لکڻ ۾ اوير ٿي وئي. ان لئه معذرت سچ پُڇين ته هڪ ڪلاڪ به واندڪائي نه پئي ملي جو سوجهرو آفيس تائين وڃي ميبرشپ جمع ڪرايان. تون ته مون تي سخت ناراض هوندين ته مون صرف ڳالهيون ڪيون. پر دوست هتي مون کي خبر آهي منٽ سان گڏ هڪ منٽ مليو پيو آهي. رول ڪنهن دوست هٿان صاف ڪرايو آهي. جلدي توهان ڏي ڏياري موڪليندس.
    سلام ساري سنگت کي چوندا.
    موٽ جو انتظار رهندو.

    فقط توهان جو دعائن ۾ دعاگو
    عابد سيوهاڻي
    ڪينٽ ڪراچي
    نوٽ: عابد سيوهاڻي کي سوجهرو جي سالياني خريدار ٿيڻ لاءِ پئسه ڏنا هيا جيڪي ڪجهه دير سان جمع ڪرايائين ۽ هي خط لکي موڪليائين.
    (مير حاجن مير)


    حاڪم علي شاهه بخاري

    سيد حاڪم علي شاهه بخاري سنڌ جي نامياري شاعر استاد بخاري جو ڀاءُ آهي، پاڻ آرڪيالاجسٽ، محقق ۽ بهترين ليکڪ آهي، سندس جا ڪافي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. سندس سان ويجهڙائي رهي آهي. سندس خط هيٺ ڏجي ٿو.
    (مير حاجن مير)
    18 جون 2004ع

    مير حاجن مير صاحب اسلام عليڪم!
    خط لکيوَ مهرباني، ادا سچ ته مان ڪو اديب يا دانشور نه آهيان جو لکندڙ پڙهندڙ دوستن جي اڳيان بيهي ڪنهن به موضوع تي ڇندڇاڻ ڪري سگهان. ڀلا جي پوءِ به ساٿي ستوهه ڪن ٿا ته ڪو به عنوان، تاريخ ۽ وقت پنهنجي مرضيءَ سان مقرر ڪري مون کي هفتو کن اڳ ۾ ٻڌائيندؤ ته مهرباني. زندگي، صحت ۽ حالتن جو ساٿ رهيو ته اچي حال اوربو. سلام سڄي سنگت لاءِ.
    نيازمند
    حاڪم علي شاهه بخاري
    نوٽ: مون سيد حاڪم علي شاهه بخاري کي خط لکيو هو، جنهن ۾ عرض ڪيو هو ته اوهان آرڪيالاجسٽ جا ماهر آهيو، اسان کي سيوهڻ جي قلعي بابت هڪ ليڪچر ڏيو. بعد ۾ سيد حاڪم علي شاهه بخاري ليڪچر ڏنو. ليڪچر سنڌي ادبي سنگت شاخ سيوهڻ پاران هيو. ان وقت شاخ جو سيڪريٽري آنءُ هئس.
    (مير حاجن مير)


    منٺار سولنگي

    منٺار سولنگي! منهنجي ويجهن دوستن ۾ شمار هيو، هو جڏهن به سيوهڻ ايندو هيو ته خط لکي اڳ ۾ اطلاع ڏيندو هيو ۽ ملاقات ضرور ڪندو هو، پاڻ سنڌ جو ناليوارو شاعر هيو، پاڻ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو جوائنٽ سيڪريٽري پڻ رهيو. سندس ڏنل پيار ڪڏهن وساري نه ٿو سگهجي.

    29 سيپٽمبر2004ع
    محترم ڀاءُ مير حاجن مير!
    اميد ته خوش هوندا.
    اوهان سان ٻيهر مِلي، جڏهن هتي پهتس ته اوهان جو محبت نامو ٽيبل تي پيل هو. اوهان مون لاءِ جن جذبن جو اظهار ڪيو آهي. اُهو اوهان جو اعليٰ ظرف آهي. اصل ۾ اوهان جي دل سُٺي آهي ۽ صاف آهي. تنهن ڪري سڄي ڪائنات اوهان کي سُٺي ۽ سُهڻي ٿي لڳي. مان اوهان جو ٿورائتو آهيان جو پيار ڏيو ٿا.

    لال جو ميلي جون مبارڪون هُجَنَوَ. پاڻ ته گذريل 24 سالن کان ميلي تي ڊيوٽي ڏيندا آيا آهيون. هن ڀيري به ڀرپور تياري آهي. اوهان سان آخري ميلي جي رات 6 آڪٽوبر رات جو 12 کانپوءِ ضرور ملبو. ٻيا خير آهن.

    منٺار سولنگي
    نئون ديرو


    جميل احمد پنهور

    15 ڊسمبر 2004ع

    اسلام عليڪم!
    چوان ٿو توکان وٺان موڪلائي،
    متان اوچتو ئي وڃان موڪلائي،
    ٽٽي پوندي ”استاد“ دادو جي دلڙي،
    بخاري کان مورو متان موڪلائي.
    (بخاري)

    ڪنول گل مان ڪو ڪو نه ٿيندو نه ٿيندو،
    ”بخاريءَ“ کان دوکو نه ٿيندو نه ٿيندو،
    ملهائي نه جو تڃ جيجل جي لوڪو
    اهڙو ڪو به ٿوڪو، نه ٿيندو نه ٿيندو.
    (بخاري)

    پيارا سؤٽ مير حاجن مير هت خير آهي توهان ڏانهن به الله تعاليٰ جي فضل ڪرم سان خير هوندو. (آمين)
    احوال هي آهي، توهان الله تعاليٰ جي ڪرم سان خوش هوندؤ. رزلٽ به پئي آهي. بورڊ مان مارڪشيٽ آئي آهي سٺي رزلٽ آهي. ٻيو سڀ خير لڳو پيو آهي. انهي ڏينهن توهان حيدرآباد ويل هيا ۽ ٻئي ڏينهن توهان جي ملاقات رکيل هئي پر پاڻ ڪو نه ملي سگهياسين. مبارڪون هجن اوهان کي جو ته پي پي جو ليڊر آصف زرداري آزاد ٿيو آهي. ته هاڻي پي پي ۾ به تمام گهڻي طاقت ايندي. توهان به خير سان حج تي ويندؤ. وچ ۾ به ڪا به مؤڪل نه آهي. سو پاڻ مشڪل ملي سگهون. الله جي فضل ڪرم سان چاچا سليمان ٺيڪ هوندو. ٻڌو هو مون بيمار آهي. پر مان نه ملي سگهيس. منهنجا سلام ضروري ڏجوس باقي دعا ڪجو 5 مهينا خير سان پڙهي وٺان. يارهين جي رزلٽ سٺي آئي آهي. A گريڊ آيو اهي. 18 يا 19 تاريخ تي نيوي جي ٽيسٽ آهي دعا ڪجو انيشنل ٽيسٽ پاس ڪريان. سلام قبول ڪجو.

    جميل احمد پنهور
    ڪيڊٽ ڪاليج پيٽاڙو


    ادل سومرو

    ادل سومرو! سنڌي ٻولي جو جديد سرموڙ شاعر آهي. سندس شعري جون حسناڪيون ڏيهه پرڏيهه مشهور آهن، سندس شاعري سنڌي ٻولي جي شاهڪار شاعري آهي. هن وقت تائين روز ٽڙن رابيل (شاعري) چنڊ پشم گولو (شاعري) آچر جا احوال(نثر) پتلين جو تماشو (شاعري) جيتن جي ڪانفرنس (نثر) پوپٽ جهڙا گيت(شاعري) نيئن دور جا نوان سبق (نثر) وليون وڻ ڦلارئا (شاعري) اسين مسافر پيار جا (نثر) سمنڊ جاڳي ٿو (شاعري) وساري نه ڇڏجو(شاعري) ڪتاب ڇپجي چڪا اٿس.
    (مير حاجن مير)

    8 آگسٽ 2005ع

    محترم مير حاجن مير!

    سدائين خوش هجو شال.
    مان اوهان جو ٿورائتو آهيان، جو اوهان مون کي جنم ڏينهن جون مبارڪون موڪليون ۽ منهنجي ڪتاب وساري نه ڇڏجو کي پسند ڪيو. اوهان دوستن جون اهي محبتون، اسان لاءِ وڏي اهميت رکن ٿيون.
    اُميد ته خيريت سان هوندا.
    اوهان جو
    ادل سومرو


    ايوب کوسو

    ايوب کوسو! سنڌ جو ناميارو شاعر ۽ نثر جو خوبصورت ليکڪ آهي، سندس ٿوري وقت ۾ وڏي شهرت ملي آهي. لکڻ جو ڏانءُ نئون اٿس. گلابن جو ڪفن، اڪيلائي جو آسمان، ديوارن جي دنيا پويان، بارش سوچي ٿي. نگاهون نيرا گل، درد جون مسافريون، ڪنارن تان سڏ، سنڌ اداس آهي رڻ تي چانڊوڪي اوجاگن جي پن ڇڻ، سهائي سپرين جي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، ايوب سان پراڻي سنگت آهي. هڪ خط هتي ڏجي ٿو.
    (مير حاجن مير)

    13 سيپٽمبر 2005ع
    پيارا مير حاجن مير!
    هر رت ۾ گلاب رهين شل!
    تنهنجو يادگيري نامو پهتو آهي، جنهن لاءِ لک قرب لک وڙ، ”سيوهڻ سماچار“ جا ورق سٺا رهيا آهن. اها به هڪڙي بانوري ڪوشش رهي آهي ”ماٺ ويهڻ مري وڃڻ برابر آهي“ شعر لکڻ ڪهاڻيون تخليق ڪرڻ، ڪنهن شهر جو سماچار سهيڙڻ، اهي سڀ عمل مهذب آهن، پيارا آهن، وجود جي وجد جو جاڳندو رهڻ ضرور آهي. ڇو جو ائين ئي ته نئين تاريخ جڙندي آهي، سيوهڻ جون گليون، گس ۽ صبح شامون رابيلن جي هڳاءُ تاريخ جي هر دؤر ۾ رهيون آهن. ويساهه آهي ته اهو سلسلو جاري رهندو، ياد ڪرڻ لاءِ ٿورائتو آهيان. گهڻين محبتن مان آئون تنهنجو پنهنجو.

    ايوب کوسو
    جهڏو


    رجب آزاد

    رجب آزاد ڪهاڻيڪار ۽ شاعر آهي، سندس ڪتاب، رانڀوٽا، ڌمچر ۽ ڪارو چشمو ڇپجي چڪا آهن. مزاحيه شاعري به لکندو آهي، منهنجي دوستن ۾ شمار اهي، حق سچ هميشه چوندو آهي، ان ڪري گهڻا دوست هن سان نه ٺهندا آهن.
    (مير حاجن مير)
    13 سيپٽمبر 2005ع
    پيارا مير حاجن! سدا سرهو رهين.
    اسلام عليڪم!
    ڪجهه ڏينهن اڳ اوهان طرفان موڪليل سيوهڻ سماچار پهتو، پڙهي دل کي ڏاڍي خوشي محسوس ٿي، ڇاڪاڻ ته ههڙي گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ اڃا به ڪي آهين، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان علم و ادب جي لاٽ کي جلا بخشين ٿا.
    سچ پچ ته توهان جي هي ڪوشش ڏاڍي ڪارائتي آهي، اوهان جس لهڻو. دوست! سيوهڻ جو ميلو عنقريب اچڻ وارو آهي، اڃا شاهن مان ڪڏهن جان ڇٽندي، توهان سيوهاڻين ۾ اڃا ڪو اهڙو شايد پيدا نه ٿيو آهي جو انهن وقتي بادشاهن سان مهاڏو اٽڪائي. هن ڀيري اسان کي دعوت ڪونهي، اوهان سيوهاڻين مان به ڪنهن کي آهي الائي نه. اوهان ان سلسلي ۾ اڳتي اچو ۽ سنگت جي پليٽ فارم تان انهن سان مهاڏو اٽڪايو ته جيئن اهو مشاعري وارو ايوينٽ اوهان پنهنجي هٿ آڻي سگهو. جيڪي هينئر ڪانفرنس جا ڪنوينر آهن يعني بخاري حاڪم علي ان جي ٻي ڪهڙي حيثيت آهي. سواءِ بخاري جي ڀاءُ هجڻ جي. سندس ٻي ڪهڙي خدمت آهي، گذريل ڪانفرنس ۾ پڻ اسان ۽ توهان سان ڏاڍي ڪئي هئائون، جو پروگرام کان هڪ ڏينهن اڳ دعوت ڏني هئائون ۽ ان مسئلي کي مون هلندڙ ڪانفرنس ۾ آواز اٿاريو هو ۽ صدارت به هڪ اهڙي نااهل کان ڪرائي وئي هئي جنهن کي اسان دادوءَ جي پروگرامن ۾ اعزازي مهمان ڪرڻ لاءِ به سوچيندا آهيون. دوست! مان اوهان مان اميد ٿو ڪريان ته اوهان مستقبل ۾ ان شيءِ جا پاڻ سنڀاليندڙ هوندا. ڇو ته قلندر جي نگريءَ تي وڌيڪ حق سيوهاڻين جو آهي نه ڪي دادو وارن جو.
    اميد ته خوش هوندا.
    پرواني ۽ همراز جا ڪهڙا حال آهن، انهن سان اوهان جا تعلقات ڪيئن آهن. متحد ٿي وڃو ائين نه ته اسان جي دادو جي سنگت وانگر ڇڙوڇڙ ٿي وڃو.
    فقط
    والسلام دوستن کي سلام
    رجب آزاد
    طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادو
    نوٽ: رجب آزاد جي خط کي نظر ۾ رکندي ۽ مان پنهنجي شعور تحت حضرت قلندر لعل شهباز ادبي ڪانفرنس جو ڊپٽي ڪنوينر 3 سال رهيس، بعد ۾ پنهنجي خوشي سان ڪنوينرشپ ڇڏي ويس سرڪاري ماڻهن جي هيٺائين مون کان نه پهتي.
    (مير حاجن مير)


    منٺار سولنگي

    27 سيپٽمبر 2005ع
    مان پاڻ ٻڌايان پنهنجي سزا جي صاحب! ٿورو ڌيان ڏيو، مون لاءِ وٽو ڪو وهه هجي يا سينگاريل ڪو دار هجي.
    (منٺار سولنگي)

    محترم ڀاءُ مير حاجن مير
    اميد ته خوش هوندا!
    هن ڀيري مرشد جي ميلي کي گرميءَ ڏاڍو ڦٽايو. مٿان وري برف ۽ پاڻيءَ جي کوٽ ۽ بجليءَ جي اکٻوٽ سڀئي ڪسرون پوريون ڪري ڇڏيون. پاڻ ته آخري ڌمال تائين هياسين پر ڏاڍا بور، ڏاڍو بيقرار! ان ڪري ئي اوهان سان به ڪا ڪچهري نه ٿي. اُميد ته دل ۾ نه ڪَيو هوندوَ.
    مان 21 رمضان تي ايندس. روزو اُتي افطار ڪبو. اوهان سان به ضرور مِلبو ۽ ڪَچهري به ڪبي.
    هن ميلي جي موقعي تي جيڪو سووينئر ڇپيو هو اُن جي ڪاپي موڪليندا ته مهرباني ٿيندي.
    منٺار سولنگي
    نئون ديرو


    مخمور بخاري

    ڊاڪٽر مخمور بخاري شاعر ۽ محقق آهي پاڻ سچل سرمست ۽ ان جا همعسر شاعر جي موضوع تي PH.D ڪئي اٿس، سندس ڪتاب سچل سرمست سچ جو شاعر، هالا جي ادبي تنظيمن جو تنقيدي جائزو ۽ ٻيا ڪتاب ڇپجي چڪا اٿس. پاڻ هن وقت سنڌ يونيورسٽي ۾ پنهنجا فرائض انجام ڏئي رهيو آهي.
    (مير حاجن مير).
    29 سيپٽمبر 2005ع
    محترم مير حاجن مير صاحب
    مان اوهان جو نهايت ٿورائتو آهينا جو اوهان وڏي سڪ ۽ خلوص مان ”سيوهڻ سماچار“ جي پهرين ڪڙي مطالعي جي خيال سان موڪلي آهي.
    هن نفسانفسي جي دور ۾ وت ۽ وس آهر سنڌي علم و ادب جي خدمت ڪرڻ به هڪ جهاد بڻجي ويو آهي. جس آهي اوهان کي جو اوهان پنهنجي زندگي جي قيمتي گهڙين کي ڪارگر بڻائيندي سنڌي علم و ادب جي پڙهندڙن کي ”سيوهڻ سماچار“ جي صورت ۾ هڪ خوبصورت تحفو ڏئي رهيا آهيو. هن بهتر ڪم جي شروعات تي مون پاران مبارڪ باد قبول ڪندا ۽ هن سلسلي ۾ منهنجي ڪنهن به قسم جي مدد جي ضرورت محسوس ڪيو ته آئون پاڻ لاءِ سرهائي ڀائيندس.
    هي ٻه اکر لکڻ ۾ ڪجهه تاخير ٿي آهي، ان لاءِ معافي جو طلبگار آهيان.

    اوهان جو مخلص
    مخمور بخاري
    هالا


    منٺار سولنگي

    19 آڪٽوبر 2005ع
    مان پاڻ ٻڌايان پنهنجي سزا جي صاحب! ٿورو ڌيان ڏيو، مون لاءِ وٽو ڪو وهه هجي يا سينگاريل ڪو دار هجي.
    (منٺار سولنگي)

    محترم ڀاءُ مير حاجن مير!
    خدا ڪري خوش هجين!
    مان 21 رمضان، 26 آڪٽوبر اربع ڏينهن منجهند تائين اچي ويندس. آخوند وٽ يا حيدري مسافر خاني ۾ رهبو. اوهان افطاري کانپوءِ اُتي اچو ته ڪچهري ڪيون. مان خميس ڏينهن منجهند يا شام تائين اُتي هوندس. جي سنگت جي گڏجاڻي 21 رمضان افطاري کانپوءِ يا خميس تائين ٿي سگهي ته اُن ۾ شامل ٿي مزو ايندو.

    ڪو سُتل آهي، ڪو جاڳايل آهي ڪو پنڌ ڪري ٿو، ڪو ڊوڙي ٿو، زندگيءَ جو سفر اُن جي ارتقا کان وٺي هن ڏينهن تائين جاري ۽ ساري آهي ۽ رهندو. ٿيڻ ائين گهرجي جو پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ايمانداري سان ڪجي. اها خدمت آهي. قوم لاءِ، ديس لاءِ ۽ پاڻ لاءِ.

    منٺار سولنگي
    نئون ديرو
    نوٽ: منٺار 21 رمضان 26 آڪٽومبر 2005 تي سيوهڻ آيو سندس سان خوب ڪچهري ٿي. سنڌي ادبي سنگت شاخ سيوهڻ جي گڏجاڻي به ٿي جنهن جي صدارت منٺار سولنگي ڪئي.
    (مير حاجن مير


    منٺار سولنگي

    30 آڪٽوبر 2005ع
    مان پاڻ ٻڌايان پنهنجي سزا جي صاحب! ٿورو ڌيان ڏيو، مون لاءِ وٽو ڪو وهه هجي يا سينگاريل ڪو دار هجي.
    (منٺار سولنگي)
    محترم ڀاءُ مير حاجن مير
    خوش هجو شال!
    اوهان جي تمام گهڻي مهرباني جو مختصر ٽائيم هوندي هڪ يادگار گڏجاڻيءَ جو بندوبست ڪري ورتو. سچ ته دوستن جون لکڻيون ٻڌي ۽ اُنهن سان ڪچهري ڪري مزو آيو. اهو سڀ اوهان جي ڪري ئي ٿيو. ان ڪري وري به اوهان جي مهرباني.
    هيڏانهن اچڻ لاءِ اڳ به اوهان چيو آهي وري به عرض ڪيو آهي.
    اِنهي گڏجاڻيءَ جون اخباري ڪٽنگس جي ڪاپي ضرور موڪلجو. مون پاران محترم همراز ڀٽي، محترم نظير حيات سيوهاڻي ۽ ڀاءُ ماجد کي سلام چوندا.

    منٺار سولنگي
    نئون ديرو


    ڊاڪٽر قربان علي جهتيال

    ڊاڪٽر قربان علي جهتيال شاعر ۽ صحافي هو، پاڻ سنڌي ادبي سنگت رابطا سيڪريٽري ضلعي دادو جو چار دفعا رهيو سنڌي ادبي سنگت جو ايڪٽو ڪارڪن هيو، ريڊيو پبليڪشن جي نالي سان هڪ رسالو ڦلجي مان ڪڍندو هيو.
    (مير حاجن مير)


    15 نومبر 2005ع
    محترم مير حاجن مير اسلام عليڪم!
    اميد ته خوش هوندا.
    سنڌي ادبي سنگت جون سرگرميون جاري آهن ٻوليءَ جي مسئلي تي به سنگت مرڪز ۽ مختلف شاخون سرگرم عمل آهن. اوهان پنهنجي ادبي ويهڪن ۾ اهڙي تحريڪ کي زور وٺرايو. سنگت ضلعي رابطا سيڪريٽري دادو ۽ سنگت شاخ ڦلجي اسٽيشن طرفان 20 نومبر 2005ع تي صبح جو 11 بجي گورنمينٽ هاير سيڪنڊري اسڪول ڦلجي اسٽيشن ۾ عظيم شاعر محسن ڪڪڙائي جي ياد ۾ ڪُل سنڌ مشاعري جي تقريب ڪوٺائي وئي آهي. اوهان شاخ جي سڀني ميمبرن شاعرن ۽ قلمڪارن کي اطلاع ضرور ڏيندا. شاخن جي سيڪريٽرين، شاخن جي بهترين شاعرن ۽ ورڪرن کي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويندا. ضلعي جي بهترين ٽن شاخن کي شيلڊون پڻ ڏنيون وينديون. اوهان شاخ جي بهترين شاعر ۽ بهترين ورڪر جو نالو تجويز ڪري موڪليو. سال 2005ع جي ڪارڪردگي رپورٽ به موڪليندا. اُميد آهي ته اوهان هن فنڪشن ۾ ڀرپور تعاون ڪندا. هن مشاعري جي صدارت سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل جناب تاج جويو صاحب ڪندو.
    مهرباني
    اوهان جي سهڪار جو منتظر
    ڊاڪٽر قربان علي جهتيال
    ڦلجي


    تاج جويو

    20 نومبر 2005ع
    محترم مير حاجن مير
    سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت شاخ سيوهڻ
    سنڌي ادبي سنگت، سنڌ جي مرڪزي ڪاروباري ڪميٽيءَ جو اهم اجلاس، 4 ڊسمبر 2005ع تي آچر جي ڏينهن، صبح جو 11 وڳي ميهڙ شهر جي رحمان هوٽل (نزد ڪميونٽي سينٽر، حيدربخش جتوئي پيٽروليم سروس ميهڙ ضلعي دادوءِ) ۾ ٿي رهيو آهي.

    اجلاس جي ايجنڊا هن ريت آهي:
    1. سنڌ سنگت جي مرڪزي رپورٽ (سيڪريٽري جنرل جي رپورٽ).
    2. سنڌي ٻوليءَ جي قومي، سرڪاري ۽ تدريسي حيثيت جي بحاليءَ لاءِ سنگت جي جدوجهد جو جائزو ۽ آئيندي جي حڪمت عملي.
    3. ضلعي رابطا سيڪريٽري ۽ شاخن جي سيڪريٽرين جون رپورٽون.
    4. شاخن جا مسئلا.
    5. سنگت مرڪز جون بقايائون.
    6. سنگت پبليڪيشن.
    7. سنگت جي مرڪزي چوندن بابت غور ويچار ڪرڻ.
    8. وقتي صدر جي اجازت سان ڪو به اسم پيش ڪري سگهجي ٿو.
    نوٽ:
    1. شاخن جي سيڪريٽرين کي هدايت ٿي ڪجي ته مقرر وقت ۽ هنڌ تي ضرور پهچي اجلاس ۾ شرڪت ڪن ۽ رپورٽون لکت ۾ آڻين.
    2. رهيل الحاق في، داخلا في، نامزدگي فارم في ۽ ٻيون بقايائون کڻي اچن.
    3. شاخن جا سيڪريٽري پنهنجا ۽ ڪائونسلرن جا پاسپورٽ سائيز ٻه ٻه عدد فوٽو کنيو اچن.
    4. هر شاخ هنگامي گڏجاڻي ڪوٺائي ڪراچيءَ سميت سڄي سنڌ جي ڪاليجن ۾ يارهين ڪلاس ۾ اردو ڳالهائيندڙن شاگردن کي اسان سنڌي پڙهائڻ، خانگي اسڪولن ۾ سنڌي مادر ٻوليءَ جي پڙهائي لازمي شروع ڪرڻ، ٽيڪنيڪل بورڊ ڪراچيءَ پاران ميٽرڪ ۾ سنڌي نه پڙهائڻ جي مذمت ڪرڻ ۽ سرڪاري دفترن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ لکپڙهه ڪرڻ جا ٺهراءَ پاس ڪري، سنڌ جي وڏي وزير، وزير تعليم ۽ سيڪريٽري تعليم کي ٺهرائن جون ڪاپيون موڪليون وڃن.
    5. ضلعي رابطا سيڪريٽرين ۽ شاخن جي سيڪريٽرين کي هدايت ٿي ڪجي ته هر ضلعي اندر 27 نومبر 2005ع آچر جي ڏينهن، سنڌي ٻوليءَ جي مٿي ڄاڻايل مسئلن بابت سيمينار، ميڙاڪا ۽ مظاهرا ڪن.

    تاج جويو
    سيڪريٽري جنرل سنڌي ادبي سنگت سنڌ


    حنيف عاطر

    حنيف عاطر سنڌي اردو، ۽ پنجابي ٻولي جو خوبصورت شاعر آهي. سندس، لڙڪن جو قرض، مٽي جو درد ۽ ٻيا ڪتاب ڇپجي چڪا آهن جهڏي ۾ حڪمت ڪري ٿو. سندس مادري ٻولي اردو آهي پر هن جي گهڻي شاعري سنڌي ۾ آهي. غزل گهڻو لکيو اٿس.
    (مير حاجن مير)

    9 ڊسمبر 2005ع
    پرين! مير حاجن مير

    خوش هجو جيئي سنڌ
    تنهنجي نيڻن ۾ سنڌ جو نقشو،
    مون کي سانڍي رکڻ جو شوق آهي،
    هڪ ته وحشي هوا جو زور گهڻو،
    ٻيو ڏيئن کي ٻرڻ جو شوق آهي. (عاطر)
    پيارا جيئن ته اوهان کي به خبر هوندي ته منهنجو پهريون شعري تخليقي پورهيو ”لڙڪن جو قرض“ شايع ٿي چڪو آهي ۽ سڄي سنڌ ۾ اوهان جهڙن دوستن جي توسط سان سٺو پيو هلي. براءِ مهرباني اوهان به گهٽ ۾ گهٽ 5 ڪاپيون وي پي گهرائي منهنجي همت افزائي ڪندا ۽ منهنجا ادبي مددگار ثابت ٿيندا جيئن ايندڙ ڪتاب ”خنجر هوا جي هٿ ۾“ ۾ اوهان جو ٻين دوستن سان گڏ زڪر پڻ هجي. اُميد ته اوهان طرفان سُٺي موٽ ملندي. ايوب کوسو، اياز رضوي موسيٰ ڏيئو، اَمر ساهڙ، ڪرم ڪلوئي جا سڄي سنگت کي سلام.
    موٽ جو انتظار رهندو
    اوهان جو پنهنجو
    حنيف عاطر
    جهڏو ضلعو ميرپورخاص

    نوٽ: سندس مدد خاطر لڙڪن جي قرض جون 5 ڪاپيون گهرايون ويون.
    (مير حاجن مير)


    ڊاڪٽر قربان علي جهتيال

    7 ڊسمبر 2005ع

    ڪالا باغ ڊيم خلاف مظاهرو ۽ سيڪريٽرين جو اجلاس
    پيارا ساٿي
    سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي جي فيصلي موجب 11 ڊسمبر آچر ڏينهن صبح جو 10 بجي سنگت ضلع دادو جي سڀني شاخن طرفان ڪالا باغ ڊيم خلاف هڪ ڀرپور مظاهرو پريس ڪلب دادو اڳيان رٿيو ويو آهي. مظاهري کان پوءِ ضلعي دادو جي سيڪريٽرين جو هڪ اهم اجلاس سنگت دادو شاخ جي آفيس ۾ منجهند جو 12 بجي رکيو ويو آهي. اميد ته اوهان شاخ جي سڀني ميمبرن سميت ان مظاهري ۾ شرڪت ڪري قومي ٻڌي جو ثبوت ڏيندا.
    ساٿ سلامت
    اوهان جو پنهنجو
    ڊاڪٽر قربان علي جهتيال
    ڦلجي


    ڊاڪٽر قربان علي جهتيال

    7 جنوري 2006ع
    محترم مير حاجن مير
    سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت شاخ سيوهڻ
    سنڌي ادبي سنگت ضلع دادو جي سڀني شاخن جي سيڪريٽرين ۽ ڪائونسلرن جو اجلاس تاريخ 22 جنوري آچر ڏينهن منجهند جو 2 بجي مين پرائمري اسڪول مڇي مارڪيٽ دادو ۾ منعقد ڪيو ويو آهي. هن اجلاس جي صدارت سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل جناب تاج جويو ڪرڻ فرمائيندا. سنگت ضلع دادو جو نيوزليٽر ۽ ملڪي صورتحال تي ادبي سنگت جو ڪردار جي ايجنڊا تي ويچار ونڊيا ويندا. اوهان نيوز ليٽر لاءِ پنهنجي شاخ جو مواد، شاعري ۽ تصويرون ضرور آڻيندا. هي نيوز ليٽر چار فيبروري تائين پڌرو ڪيو ويندو. اميد ته اوهان هن اجلاس ۾ شرڪت ڪري پنهنجو آئيني ذميواريون نڀائيندا. مهرباني. ساٿ سلامت.

    اوهان جو پنهنجو
    ڊاڪٽر قربان علي جهتيال
    ڦلجي اسٽيشن ضلعو دادو


    اياز امر شيخ

    اياز امر شيخ! سنڌي ٻولي جو خوبصورت شاعر آهي منهنجو پيارو دوست آهي. سندس ڪتاب سونهن موڙيون آرسون، سنڌ جو چنڊ، ٽٽل ٽڪرا وجود جا، ڪلاجي ڪائنات ۾، صليب جا سڏ ڇپجي چڪا آهن، سندن سان تعلق محبتن وارو رهيو آهي، پاڻ نثر ۾ به بهترين لکي ٿو.
    (مير حاجن مير)
    7 جنوري 2006ع
    پيارا مير حاجن مير
    توهان جو پريت نامون پهتو. جنهن جا سمورا احساس ڪنهن پاڪ مُرڪ جيئان هيئين ۾ هُڳاءُ سان محسوس ٿي رهيا آهن. هن دل جي ديس مان هي مُحبتن جا گُلاب ئي ته توهان ڏي موڪلي سگهجن ٿا!
    سچ ته توهان جي ڪاوش نيري اُڀ ۾ ڪونجن جي ڪا ڊگهي قطار ٿي لڳي جنهن جو مڌر آلاپ ماڻهن جي ذهنن ۽ اکين کي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ ۾ ڪا به سُستي نه ڏيکاريندو آهي. هي سيوهڻ سماچار سنڌ جي تاريخ جي سيني ۾ هڪ ادب جي صفحي جو جنم ٿي لڳي. قلندر جي ڌمال تي نچندڙ ڪنهن درويش جي مستيءَ جو معراج ٿي لڳي. درد جي گهاڻي ۾ پيڙهيل ڌرتيءَ جي دانهن ٿي لڳي، سچ ته هيءَ سيوهڻ سماچار سڦلتا جي سونهري سچ جيئان ٿي لڳي. هن ماٺ جي ماحول ۾ ادب سان عشق جو نڀاءُ انسانيت جا احساس ئي ٿا ڪري سگهن.
    جن مان هڪ تون!
    پيار مان ياد ڪرڻ تي لفظن ۾ نه ماپجندڙ ٿورن سان ٿورائتو آهيان.
    پيار سلامت ساٿ سلامت

    تنهنجو پنهنجو
    اياز امر شيخ
    سجاول


    آزاد انور ڪانڌڙو

    آزاد انور ڪانڌڙو شاعر سينيئر صحافي ۽ محقق آهي، پاڻ سنڌي ادبي سنگت جو به اڳواڻ رهيو آهي، منهنجي ويجهن دوستن ۾ شمار آهي.
    (مير حاجن مير)
    22 جنوري 2006ع
    محترم سائين، مير حاجن مير
    ضلعي رابطا سيڪريٽري ضلعو ڄامشورو
    سنگت سلامت سنڌ سلامت
    اميد ته خيريت سان هوندا.
    سنڌي ادبي سنگت، سنڌ جي اديبن، دانشور، شاعرن ۽ ڏات ڌڻين جي نمائنده ادبي جماعت آهي. سنگت گذريل 58 سالن کان سنڌي ٻولي، ادب، ثقافت جي ترقي ۽ ڦهلاءُ لاءِ مثالي جاکوڙ ڪئي آهي.
    اوهان کي سنڌي ادبي سنگت جي سال 07 2006ع جي مرڪزي چوندن ۾ بنا مقابلي ضلعي رابطا سيڪريٽري چونڊجڻ تي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيندي اميد ٿو ڪريان ته اوهان سنڌ، سنڌي ٻولي، ادب، ثقافت جي ترقي لاءِ جاکوڙ ڪندا ۽ سنگت کي پنهنجي ضلع اندر متحرڪ ۽ فعال بنائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا.
    خلوص مان
    اوهان جو پنهنجو
    آزاد انور ڪانڌڙو
    ميهڙ


    تاج جويو

    تاج جويو سنڌ جو ناميارو اديب شاعر، محقق، ٻولي جو ماهر آهي ڪيترائي ڀيرا سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل رهيو آهي ڪيترا سفر سنڌ جا سندس سان گڏ ڪيا آهن منهنجي تمام ويجهن دوستن ۾ شمار آهي، سندس سنڌي ٻولي سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتون هميشه تاريخ ۾ ياد رکيون وينديون.
    (مير حاجن مير)
    22 جنوري 2006ع
    محترم مير هاجن مير
    سيڪريٽري / ڪائونسلر
    سنڌي ادبي سنگت شاخ سيوهڻ

    سنگت سنڌ ڪائونسل جو اجلاس ۽ مرڪزي چونڊون
    سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سنگت سنڌ ڪائونسل جو اهم اجلاس (سنڌ سنگت جون سال 07 2006ع لاءِ مرڪزي چونڊون، چونڊ ڪاميٽي پاران مقرر ڪيل نئين تاريخ موجب) 19 فيبروري 2006ع، آچر ڏينهن، گورنمينٽ مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد ۾ صبح جو ساڍي 10 وڳي ٿينديون. جنهن ۾ اوهان سمورن واسطيدار عهديدارن، ضلع رابطا سيڪريٽرين ۽ شاخن جي سيڪريٽرين / ڪائونسلرن کي اجلاس ۾ مقرر تاريخ ۽ وقت تي شرڪت جي هدايت ڪجي ٿي.
    ايجنڊا
    1. گذريل سنگت سنڌ ڪائونسل اجلاس جي ڪارروائي جي منظوري.
    2. سنڌ سنگت جي مرڪزي رپورٽ.
    3. مرڪزي مالياتي رپورٽ.
    4. مختلف ٺهراءُ.
    سنگت سنڌ ڪائونسل جي اجلاس ختم ٿيڻ کان ترت پوءِ مرڪزي چونڊون ٿينديون.
    نوٽ: ضلعي رابطا سيڪريٽرين ۽ شاخن جي سيڪريٽرين کي هدايت ٿي ڪجي ته رهيل الحاق في، وفد في، نامزدگي فارم في، مرڪز جي ڪتابن جي بقايا، رهيل سنگت آفيس فنڊ، چونڊن کان اڳ جمع ڪرائڻو پوندو ۽ اهڙي بيباڪي جو سرٽيفڪيٽ/رسيد مرڪزي خزانچي کان وٺڻي پوندي.

    تاج جويو
    سيڪريٽري جنرل
    سنڌي ادبي سنگت سنڌ


    آزاد انور ڪانڌڙو

    22 جنوري 2006ع
    محترم سائين، مير حاجن مير
    اميد ته خيريت سان هوندا.
    استاد بخاري نه صرف سنڌ جو ناميارو عوامي ۽ قومي شاعر هو، پر هو خوبصورت نثر نگار به هو. هن وقت تائين سندس شاعري تي ڪافي ڪم ٿيو آهي، پر سندس نثر جي حوالي سان ڪو به ڪم ناهي ٿيو.
    گذارش ته مون استاد بخاري جي نثر ۾ تحريرن، ڪتابن جي مهاڳن، مضمونن، مقالن، انٽرويوز، تقريرن، تاثراتن، خطن کي سهيڙڻ جو ڪم شروع ڪيو آهي، اوهان سنڌي ٻولي جا ناميارا اديب، شاعر آهيو، اوهان وٽ استاد بخاري جي ڪا به تحرير، ڪتاب جو مهاڳ، مضمون، مقالو، انٽرويو، تقرير، تاثرات، خط يا ٻي ڪا لکڻي موجود هجي ته مهرباني ڪري ان جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي ڏياري موڪليندا ته توهان جا وڏا احسان ٿيندا.
    اميد اٿم ته منهنجي گذارش کي مانائتي موٽ ڏيندا.

    خلوص مان اوهان جو پنهنجو
    آزاد انور ڪانڌڙو
    ميهڙ، دادو


    معشوق ڌاريجو

    معشوق ڌاريجو قاضي احمد جو رهاڪو آهي، سنڌي ٻولي جو سهڻو شاعر آهي سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي عهديدار رهيو آهي سندس سان پراڻا ناتا آهن، دلربا شخص آهي، منهنجي ويجهن دوستن ۾ شمار آهي.
    (مير حاجن مير)
    27 جنوري 2006ع
    محترم سائين! مير حاجن مير
    حق موجود
    سنڌي ادبي سنگت سنڌ، سنڌ جي دانشورن، اديبن ۽ شاعرن جي نمائنده ادبي جماعت/ تنظيم آهي. اُن جي بهتر ۽ روشن مستقبل جو فيصلو اُن جا سڄاڻ ۽ باشعور سيڪريٽري ۽ ڪائونسلر ئي پنهنجي ووٽ وسيلي ڪري سگهن ٿا.
    آئون پڻ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي روشن مستقبل جو خواب کڻي، چونڊن ۾ حصو وٺي رهيو آهيان. اوهان ساٿ ڏنو ته: اوهان جي اعتماد تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪندس.
    معشوق ڌاريجو
    اميدوار
    مرڪزي خزانچي سنڌي ادب سنگت سنڌ
    نوٽ: حڪم موجب معشوق ڌاريجي کي ووٽ ڏنو ويو سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو خزانچي چونڊجي آيو.
    (مير حاجن مير)


    حنيف عاطر

    4 فيبروري 2006ع

    محترم مير حاجن مير!
    اميد ته خوش هوندا
    ڊگهو عرصو ٿي ويو، اوهان الائي ڇو رابطي ۾ ناهيو. امرتا ۾ اوهان کي پڙهندو آهيان بنهه سٺو پيا لکو. پرين مير! فن ۽ فڪر جي مضبوطي قلم جي طاقت اسان جي زندگي جو هاڻي باقي حصو آهي. ڌرتي جو آجپو مقصد حيات آهي. اٻوجهه مسڪين سنڌين کي الائي ڪيستائين اوجاڳن کي منهن ڏيڻو پوندو. خير پاڻ سڀ گڏ آهيون رهنداسين.
    نياز مند
    حنيف عاطر
    جهڏو


    حنيف عاطر

    21 فيبروري 2006ع
    وہ ایک بار ہی آیا تھا مجھ سے ملنے کو
    مرے مکان سے ابتک گُزرہے خوشبو کا

    (غاطر)

    پرين مير حاجن مير صاحب
    جيئي سنڌ
    ادا توهان جو خط ڏاڍي تاخير سان مليو. اوهان جي راءِ ڪتاب 3 ۾ ڪمپوزنگ لاءِ ڏئي ڇڏي آهي. ڪتاب 2 ”مٽي جو درد“ مارچ ۾ اچي پيو. اڳيئي کان وڌيڪ سهڪار ڪندا ته لک لائق. منهنجي عادت آهي ته سُٺن دوستن جو هر طرح سان احترام ڪجي. اوهان دوستن جي مدد سان ئي ”لڙڪن جو قرض“ رڳو ٻن مهينن ۾ ختم ٿي چڪو آهي. هي ريڪارڊ آهي. گهٽ ۾ گهٽ يار توتي 5 ڪاپيون واجب آهن. ائين کڻي ڄاڻ ته هڪ غريب دوست جي مدد پيو ڪريان. سُٺي ڳالهه آهي ته هين دوست ۾ ڪا خامي هجي ته ظاهر ڪئي وڃي هڪ اُردو دان سنڌي ۾ لکي پيو هن پوائنٽ کي به مد نظر رکڻ کپي. آس اٿم ته ترت جواب ڏيندين.
    منهنجو رسم الخط بگڙيل آهي ڇو جو خطن جو تعداد گهڻو آهي. هر ڪنهن کي جلدي جلدي جواب ڏيان پيو. ڪنهن غلط بياني کي نظر انداز ڪندا. ڪتاب 3 جي ڪمپوزنگ جاري آهي. عابد سيوهاڻي آيو هجي ته لکڻ لاءِ چوندا.
    سيوهڻ گهمڻ جو شوق ڊگهي عرصي کان آهي. ضرور اچبو پيشگي اطلاع ڪبي. ٻيو سارو سک.
    دوستن کي سلام چوندا
    نيازمند
    حنيف عاطر
    جهڏو


    مخمور بخاري

    30 مارچ 2006ع

    محترم حاجن مير!
    شال سدا سُرها رهو
    هڪ ڀيرو ٻيهر يادگيري لاءِ وڏا قرب ”سيوهڻ سماچار“ جو پرچو ٽيون ڪجهه ڏهاڙا اڳ پهتو. اوهان خلوص مان علم ادب جي خدمت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهيو. اوهان جون محنتون ساراهه لائق آهن، جيڪي هميشه ياد رکيون وينديون.
    ”سيوهڻ سماچار“ جي ڪڙي نمبر هڪ اڳ پهتي ۽ ڪڙي نمبر 3 به هاڻ پهتي، ڪڙي 2 اڳ پهتل ناهي. جيڪڏهن ڪڙي 2 اسٽاڪ ۾ موجود هجي ته ايندڙ پرچي سان ڪڙي 2 گڏ موڪلي ڏيندا. رڪارڊ تي رکڻ لاءِ، اميد ته خير و عافيت سان هوندا.

    اوهان جو مخلص
    مخمور بخاري
    هالا نوان


    يوسف سنڌي

    5 اپريل 2006ع
    مانوارا مير حاجن مير
    رابطا سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت ضلع ڄامشورو

    پيارا ساٿي!
    اوهان کي اهو ٻُڌي بي حد خوشي ٿيندي ته ”سنگت پبليڪيشن“ جي پهرينءَ پرچي جي ڇپائي جو ڪم سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر زوالفقار سيال جي نگرانيءَ ۾ آخري مرحلي ۾ آهي. ان سلسلي ۾ اوهان کي هيٺيون گذارشون ڪجن ٿيون.
    1. پهرينءَ شماري جي تعارفي قيمت 40 روپيا رکي ويئي آهي ۽ اهو پرچو هر شاخ کي 5 ڪاپيون، 150 روپين ۾ وي پي ڪري موڪليو ويندو. جنهن شاخ کي وڌيڪ ڪاپيون کپن ته اها پنهنجو آرڊر انچارج پبليڪيشن کي جلد ڏياري موڪلي. جيڪڏهن ڪا شاخ چاهي ته اڳواٽ 150 مرڪزي خانچي جي پتي تي موڪلي ڏي. وڌيڪ ڪاپين جي صورت ۾ في ڪاپي 30 روپيا (رعايتي اگهه) سان پئسا موڪليا وڃن. اڳواٽ پئسا موڪلڻ سان، هر شاخ جو وي پي خرچ بچي پوندو. اها پنجن ڪاپين جي وي پي هر شاخ جي لاءِ ڇڏائڻ بيحد ضروري آهي.
    2. سڀني رابطا سيڪريٽرين کي گذارش ٿي ڪجي ته هو پنهنجي ضلع جي نون چونڊيل سيڪريٽرين جي لسٽ پوسٽل ايڊريس ۽ فون نمبر سميت سيڪريٽري جنرل / انچارج پبليڪيشن سيڪشن کي ترت ڏياري موڪلين، جيئن ساڻن رابطي ۾ سهوليت ٿئي.
    3. هر رابطا سيڪريٽري جو نالو ”سنگت پبليڪيشن“ ۾ ضلع جي نمائندي طور لڳايو ويو آهي. کين گذارش ٿي ڪجي ته هو پبليڪيشن جي وڪري، مالي مدد ۽ ٻي مدد ۾ هر قسم جو سهڪار ڪن ۽ هر رابطا سيڪريٽريءَ کي پڻ 5 ڪاپيون وي پي ڪيون وينديون.

    يوسف سنڌي
    انچارج
    (پبليڪيشن سيڪشن)
    سنڌي ادبي سنگت سنڌ

    نوٽ: هر دفعي يوسف سنڌي 5 ڪاپيون V.Pڪندو هيو اها. V.P ڇڏرائي ويندي هئي
    (مير حاجن مير)


    مشتاق ڦُـل

    مشتاق ڦل سنڌ جو ناميارو شاعر آهي سندس ”هوءَ، مان، ڄامشورو“ شاعر جي اک سان آمريڪا جو عڪس ۽ ٻيا ڪتاب ڇپجي چڪا آهن هن وقت سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل آهي. سنڌي ادبي سنگت ۾ هن سان گڏ ڪافي ڪم ڪيو آهي.
    (مير حاجن مير)
    11 اپريل 2006ع
    مانوارا ساٿي مير حاجن مير
    رابطا سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت ضلعو ڄامشورو
    سنڌ سلامت سنگت سلامت
    عنوان: مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽيءَ بابت اطلاع
    ايجنڊا:
    1. سنگت جي سمورين شاخن جي ڪارڪردگي رپورٽ.
    2. سنگت پبليڪيشن جي باري ۾ حتمي فيصلا.
    3. نومبر ۾ ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ سنگت جي گولڊن جوبلي تقريب.
    4. سنگت جي ويب پيج بابت صلاحون ۽فيصلا.
    5. سنگت جي مرڪزي آفيس جي اڏاوت ۽ ان ۾ رڪاوٽون.
    6. صدر جي اجازت سان ڪاٻي رٿ.
    پيارا ساٿي جيئن ته اڪثر ضلعي رابطا سيڪريٽرين اڃا تائين شاخن جي چونڊن جا نتيجا ۽ سندن ڏس پتو مرڪز کي نه پهچايو آهي، تنهنڪري اوهان کي ئي پنهنجي ضلع جي سمورن سيڪريٽرين کي هن خط جي ڪاپيءَ سان گڏ پنهنجي ليٽر ذريعي اطلاع ڏيڻ جي ذميواري رکجي ٿي.
    اجلاس جي تاريخ 23 اپريل 2006ع، آچر جي ڏينهن 11 بجي سنڌ ايجوڪيشن ٽرسٽ گاڏي کاتو حيدرآباد ۾ رکي وئي آهي.
    خيرانديش

    مشتاق ڦُـل
    مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري
    سنڌي ادبي سنگت سنڌ


    اياز ابڙو

    13 مئي 2006ع
    محترم مير حاجن مير
    چاهت هميشه چانڊوڪيءَ جهڙي ويس ۾ ويڙهيل هوندي آهي! پوءِ چاهي اُها ڇو نه رات جهڙي رولاڪين جي سفر ۾ هُجي!
    ائين ئي مير تُنهنجي شاعريءَ ۾ عشق جو احساس اُجرو نظر اچي رهيو آهي! مير تُنهنجي خيالن جي خوبصورتيءَ ۽ منظر نگاري جا عڪس ڪنهن مصور جي پينٽ ٿيل تصوير جيئان چٽا ۽ دلڪش محسوس ٿي رهيا آهن. تنهنجي هن احساسي آئيني ۾ پيار جي پنگهٽ کان وٺي وضوع ٿيل وفا جي ورد جا آلاپ تنبوري جي تارن جي سُرن کان گهٽ نه آهن!
    ۽ تنهنجي ڏات جي ڏيئي جي هر لاٽ مُنافقت هوائن سان مُهاڏو اٽڪائيندي نظر اچي رهي آهي جنهن مان مُحبت جون ڪئين مشعلون مُرڪندي نظر اچي رهيون آهن. مير تو ته ڌرتيءَ جي درد کي ڀي پنهنجي ساهن ۾ سهڪندي محسوس ڪيو آهي. جنهن جو هر تازو زخم تنهنجي شاعريءَ جي سيني تي چٽو نظر اچي رهيو آهي. آخر ۾ منهنجي پاران تنهنجي لاءِ اها ئي دعا ڌڻيءَ در ته تنهنجي ڏات جو روشن ڏيئو ڪڏهن ڀي لاٽ لڪائڻ جي ڪوشش نه ڪري ۽ تون سڦلتا جو سج ٿي اُڀرندي رهيو. آمين

    اياز امر شيخ
    سجاول


    حنيف عاطر

    23 مئي 2006ع
    حق موجود سچ موجود
    ساٿ سلامت سنڌ سلامت
    اُميد ته خوش باش هوندا.
    ادا! حاجن، منهنجو ٻيو شعري مجموعو ”مٽي جو درد“ ڪراچي مان ڇپجي ڪالهه پهتو آهي. مون کي پڪ يقين آهي ته اڳي جيان منهنجو ساٿ ڏيندا. ضرورت مطابق ڪجهه ڪاپيون گهرائي وري به احسان ڪندا.
    ٻيو ته اسان جي سنگت جو ارادو آهي ته اوهان جي پاڪ نگري ڏسي اچون پر ڪجهه موسم گرم آهي. موسم خوشگوار ٿئي. پوءِ اينداسين اوهان جو فون نمبر گم ٿي ويو خط ۾ لکندا. اسان جي سڄي سنگت طرفان اوهان جي سنگت کي سلام ڏيندا. مهرباني.
    سُٺي موٽ جو انتظار رهندو
    اوهان جو ساڳيو نيازمند
    حنيف عاطر
    جهڏو


    بهادر ٽالپر ڇتو مادراڻي

    28 مئي 2006ع
    محترم مير حاجن مير!
    اميد ته خوش هوندا. گذارش ته اوهان جي ايڊيٽرشپ ۾ نڪرندڙ ”سيوهڻ سماچار“ سائين فتح الله صديقي جي معرفت پڙهڻ جو موقعو ملندو رهيو آهي. اوهان جي هن پرچي ۾ خاص سيوهڻ بابت خبرون هونديون آهن. ڪجهه ادب/شاعري وغيره پڻ هوندي آهي. اوهان هڪ ننڍڙي چڻنگ دکائي آهي. منهنجي دعا آهي اها ڪڏهن من شعلو بڻجي پوي!
    اسان سنڌي ادبي سنگت ڇتو مادراڻي پاران جولاءِ 2005ع کان ”ڪائنات پبليڪيشڻ“ نالي نج ادبي پرچو شاعري ڪري رهيا آهيون. اُهو پرچو آئون سائين فتح الله صديقي کي موڪليندو رهيو آهيان. هينئر مارچ / اپريل جو پرچو اوهان ڏي موڪلي رهيو آهيان. پڙهي پنهنجي راءِ موڪليندا ته مهرباني! سائين فتح الله سان تازو فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي. کيس منهنجا سلام چوندا.
    فقط نيازمند
    بهادر ٽالپر
    ڇتو مادراڻي


    ذوالفقار سيال

    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سنڌ جو ناميارو شاعر آهي، پاڻ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل رهيو آهي، ڏهاڪو کن ڪتاب ڇپيل اٿس. تازو سنڌ جي نامور شاعر مير علي نواز نازتي PH.D ڪئي اٿس. سنڌي ادبي سگنت ۾ هن سان گڏجي ”ڪارڪن جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو آهي.
    (مير حاجن مير)

    29 مئي 2006ع
    محترم مير حاجن مير
    ضلعي رابطا سيڪريٽري ضلعو ڄامشورو
    بابت: ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو فيصلو ۽مرڪزي بقايائون
    سائين! هن سال آڪٽوبر نومبر ۾، سنڌ سنگت جو گولڊن جوبلي سال ملهائڻ جي سلسلي ۾، 23 اپريل تي، حيدرآباد ۾ ٿيل ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي اجلاس ۾، اهو فيصلو ڪيو ويو هيو ته، گولڊن جوبلي جي سلسلي ۾، هر شاخ هڪ هزار روپيا ۽ رابطا سيڪريٽري ٻه هزار روپيا ڏيندو. جيئن ته اهو ڪم جاري آهي. ان ڪري اوهان کي گذارش ٿي ڪجي ته مهيني اندر، مهرباني ڪري اوهان پنهنجو فنڊ مرڪز وٽ جمع ڪرايو. جيئن گولڊن جوبلي ڪانفرنس کي شايان شان ڪري ملهايو وڃي.
    اسان کي اهو به افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته چونڊون (شاخن جون) تقريبن مڪمل ٿي چڪيون آهن. پر نامينيشن فارم في، ۽ ٻيون مرڪزي بقايائون اڃان تائين مرڪز وٽ جمع نه ڪرايون ويون آهن. مرڪز، سنگت پبليڪيشن، رجسٽريشن، ويب سائيٽ ۽ ٻين ڪيترن ئي اهم ڪمن تي خرچ ڪري چڪو آهي. جڏهن ته ڪنهن به شاخ اڃان تائين مرڪزي بقايائون نه ڏنيون آهن.
    سنگت کي هلائڻ سڀني جي ذميواري آهي. اُميد ته اوهان پنهنجي حصي جو ڪم ندا ۽ مرڪزي بقايائون مهيني اندر لازمي طور جمع ڪرائيندا. هن خط کي، تڪڙو سمجهي اُڪلائيندا.

    ذوالفقار سيال
    سيڪريٽري جنرل
    سنڌي ادبي سنگت، سنڌ


    شوڪت خواجائي

    شوڪت خواجائي سنڌ جو ناميارو محقق ۽ تاريخدان هو، سندس سان ويجهڙائي هئي، هو جڏهن به سيوهڻ ايندو هو ته ملاقات ڪندو هيو. خاص ڪر تاريخ جي موضوع تي ڪچهري ڪندا هئاسين.
    (مير حاجن مير)
    15 جون 2006ع
    پيارا مير حاجن مير
    سائين، توهان طرفان سيوهڻ سماچار مليو. اسان به توهان طرف ”سنگت سماچار“ جا ٽي پرچار موڪليا آهن. اميد اٿم ته توهان کي مليا هوندا.
    پيارا توهان سان هڪ دفعو ملاقات نظير حيات سيوهاڻي جي معرفت توهان جي دوڪان تي ٿي آهي. توهان، سيوهڻ جي سماج متعلق جيترو سوچيو ٿا، لکو ٿا ۽ عملي طور تي ڪم ڪيو ٿا اهو قابل تحسين آهي. سائين قلندر سرڪار جي ننگري هميشه جي لاءِ آباد ۽ شاد هوندي. خدا توهان کي ۽ سنگت کي هميشه جي لاءِ آباد ڪندو.
    اوهان جو خادم
    شوڪت خواجائي
    سکر


    سيد نور محمد شاهه

    سيد نور محمدشاهه، اصل دادو جي هڪ ڳوٺ جو رهاڪو آهي، پاڻ سيوهڻ ڪاليج ۾ ليڪچرار ٿي آيو ان وقت کان ويجهڙائپ رهي. تمام سادي طبيعت جو مالڪ آهي، دلربا شخص آهي منهنجو تمام پيارو دوست آهي، هن وقت حيدرآباد ۾ رهي ٿو ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ پنهنجا فرائض انجام ڏئي پيو، سٺو مقرر، بهترين ليکڪ آهي.
    (مير حاجن مير)
    2 جولائي 2006ع
    پيارا مير حاجن مير صاحب!
    اسلام علڪيم اميد ته خوش هوندؤ
    اڄڪلهه گرمين جون موڪلون آهن. واندڪائي ۽ اڪيلائي آهي. سو سيوهڻ کي ساريان ويٺو. هونئن ته سيوهڻ ۾ مون گهڻو گهر اندر ئي گهاريو هو ۽ ماڻهن سان منهنجا تعلقات نه هئڻ برابر هئا پر سيوهڻ جو طواف مون روز روح ۽ نظر جي حضور سان ڪيو ٿي. رڳو گهر کان نڪري به چو طرف نهاريندو هئس ته روح رچي پوندو هو. قلندر جي عارفاڻي عرفان جو اسير هئس. سو جڏهن شهر ۾ ايندو هوس ته منهنجا لڱ ڪانڊاريل هوندا هئا. منهنجي ڪا رواجي عقيدت نه هئي پر تاريخ ۾ قلندر جي ڪردار کي جيڪو ڪمال ۽ شان آهي، تنهن جو حسن هر وقت منهنجي تحت الشعور ۾ جرڪيو ٿي. جنهن تي دل هرپل نثار هئي. جنهن شهر جي گهٽين ۾ هو پنهنجي قدمن سان گهميو هو، جتي جي جبلن ۽ ڪوٽن کي هُن جي نگاهن ڏٺو هو. جنهن شهر ۾ هُن پنهنجي لاءِ ابدي آرام جي جاءِ پسند ڪئي. جنهن جي بعد از وفات عارفن شهر ۾ چوطرف ڪافيون اڏيون جنهن جي در تي صبح شام ڌمالون وڄن ٿيون ۽ ماڻهو نچن ٿا. جنهن جي وصال جي ميلي ۾ مينديءَ جا سهرا سدا سهاڳڻيون ڳائي روئي پون ٿيون. ته اُن جي روزي جي چو طرف ٽئي ڏينهن زبردست ماتم ٿئي ٿو. ۽ سندس ايوان ۾ اوچي علم تي لال جهنڊو ڦڙڪي آسمان کي گواهي ڏئي ٿو. مطلب آهي ته سيوهڻ انهيءَ پس منظر ۽ پيش منظر سان هڪ عجب اسرار جي صورت ۾ منهنجي روح اندر رهيو ٿي ۽ مان سيوهڻ کي ڏسندي ۽ اُن جي گهٽين ۾ گهمندي هميشه پنهنجو پاڻ ۾ وڃائجي ويس ٿي. ڪڏهن ڪڏهن شام جي وقت اڪيلائيءَ ۾ ڪچي واري بند تان پنڌ ڪندو، سيوهڻ جي ماضيءَ حال کي خيالن ۾ آڻيندو، وڃي قلعي تي چڙهي بيهندو هئس. جتان سج لهڻ واري لالائيءَ ۾ سيوهڻ کي ڏسي، پاسي ۾ درياءَ کي وهندو ڏسي ۽ وري رات جي روشنين ۾ سيوهڻ ڏسي جنهن ڪيفيت ۾ ٻڏي ويندو هئس سا ٻڌائي نٿي سگهجي. ٻيون ٻه خاص جايون هيون جتان بيهي نهارڻ سان منهنجو شعور خمارن ۾ ويڙهجي ويندو هو. جڏهن به شهر ايندو هئس بازار جي منڍ وٽ بيهي درگاهه جي اوڀر واري در ۽ پراڻي علم جو نظارو ڪا گهڙي ضرور بيهي ڏسندو هوس. ساڳيءَ طرح جي درگاهه جي ڏکڻ طرف وڃن ٿيندو هو ته اُتان به اهو ئي نظارو ڪا گهڙي بيهي توڙي رڪشا ويندي به ماڻي وٺندو هوس. هونئن سيوهڻ جي هر ڳلي منهنجي لاءِ اسرار ڀري راهه هئي. ميلي جي رش ۾ لتاڙجي مون ميلي جي سڀني رسمن جو مشاهدو ڪيو ۽ سيوهڻ جي روحانيت کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪيم. لال باغ به ڪيئي دفعا ويس حيدرآبا دکان ايندي ويندي به لال هميشه ڌيان ڇڪيندو هو. لال باغ جو ميلي ۾ اوج به ڏٺم ته بعد جي ويراني به ڏٺم. تنهن کانسواءِ توهان جي ادبي سنگت جون حاضريون ڀريم ۽ پاڻ ۾ ويهي ڪي مختصر ڪچهريون به ڪيون سين. احوال ته ڪي ئي آهن پر هينئر ڪنهن ڪم سان نڪرڻو اٿم. اڃا ته سيوهڻ وارو گهر نه ڇڏيو اٿم. پر ستت ئي گهر به ڇڏڻ ايندس. توهان سيوهڻ ۾ موڪلائي مون کي مارجو نه! حياتي آهي ته موڪلائبو ناهي، ساربو پيو. مان پڪو ٿي ڪنهن ٻي ساعت توهان وٽ ايندس، آخري ڏينهن جي نه اچان ته ميار نه رکجو. ٺهيو اکين ۾ پاڻي لهي آيو آهي، موڪلاڻي اِها ئي آهي.
    سائين فتح الله کي منهنجا پيرن تي هٿ سارينديءَ دل سان سائين نظير حيات سيوهاڻي صاحب ۽ سڄي سنگت کي سلام.
    نيازمند
    سيد نور محمد شاهه
    حيدرآباد


    بهادر ٽالپر ڇتو مادراڻي

    1 آگسٽ 2006ع
    پيارا مير حاجن مير صاحب!

    اميد ته اوهان خوش هوندؤ! اوهان طرفان موڪليل سيوهڻ سماچار ۽ نوازش نامو مون کي راجپوتانه اسپتال حيدرآباد ۾ پنهنجي ڀائٽي آڻي پهچايا. منهنجو ٻيو نمبر وڏو ڀاءُ حاجي عطا محمد ٽالپر اتي داخل هو. جيڪو اُن ئي اسپتال ۾ 5 جولاءِ 2006ع تي وڇوڙي جا ورلاپ ڏئي ويو.
    مٿين سبب ڪري اوهان کي پهچ نه ڏئي سگهيس اوهان ”سيوهڻ سماچار“ لاءِ شاعري جي فرمائش ڪئي آهي. ڪجهه نه ڪجهه عنقريب موڪلڻ جي ڪوشش ڪندس. ڪڏهن قسمت ٿي ته سيوهڻ به اچي نڪربو. اوهان کي 23 اپريل 2006ع واري سنگت سنڌ جي اجلاس (حيدرآباد) ۾ مون ڏٺو هو البت هڪ ٻئي سان ملاقات نه ڪري سگهياسين.
    سائين فتح الله صديقي اسان واري پاسي ڪافي عرصو نوڪري ڪري ويو آهي. ساڻس خط و ڪتابت ٿيندي رهندي آهي. البت ويجهڙائي ۾ هن صاحب به ياد نه فرمايو آهي. مون فون ڪري کانئس ڪائنات جي پهچ بابت دريافت ڪيو هو.
    وڌيڪ سک/ مخلص
    بهادر ٽالپر
    ڇتو مادراڻي


    منٺار سولنگي

    23 نومبر 2006ع

    مان پاڻ ٻڌايان پنهنجي سزا جي صاحب، ٿورو ڌيان ڏيو!
    مون لاءِ وٽو ڪو وهه جو هجي يا سينگاريل ڪو دار هجي

    (منٺار سولنگي)


    پيارا ڀاءُ مير حاجن مير!

    اميد ته خوش هوندا.
    اڃان تائين موبائيل نه ورتي اٿم. سوچيم جيسين وٺان تيسين خط رستي ئي هيلو هاءِ ڪجي. اوهان ڪيئن آهيو؟ ڇا پيا ڪيو اڄڪلهه؟
    سيوهڻ سماچار جو نئون شمارو؟ ۽ ها، هاڻي پنهنجي ڪتاب کي به ترتيب ڏيڻ شروع ڪيو ۽ سنگت سيوهن لاءِ به ٽائيم ڪڍو. ڪو هلڪو ڦلڪو پروگرام ڪا گڏجاڻي ضروري آهي. جي اسان کي ياد ڪندؤ ته اسان جا ته اوهان لاءِ سدائين بسترا تيار آهن حڪم ڪندؤ ته حاضر ٿينداسين.
    ڪڙهائي واري ٽيسٽ اڃان وات ۾ محسوس ڪيان ٿو. مون پاران سلام قبول ڪندا.

    منٺار سولنگي
    نئون ديرو
    نوٽ: منٺار ۽ مون ماني گڏجي کاڌي هئي. ان جو خط ۾ ذڪر ڪيو اٿس
    (مير حاجن مير)


    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سنڌ جو ناميارو محقق آهي سندس جا ڪافي ڪتاب ڇپيل آهن، سندس سان ويجهڙائي رهي آهي.

    14 مارچ 2007ع
    قابل احترام
    مير حاجن مير
    اُميد ته خوش هوندا
    هڪ عدد پروفارما موڪلي، اوهان کي گذارش ڪئي وئي هئي ته پنهنجي ضلعي جي سنڌي ادبي سنگت جي شاخن جي ميمبرن ۽ عهديدارن کان ڀرائي موڪليندا ۽ ڪارروائي رجسٽر/ يا اخباري ڪٽنگس جي فوٽو ڪاپي فراهم ڪندا.
    مون کي يقين آهي ته ان سلسلي ۾ ضرور ڪانه ڪا پيش رفت ٿي هوندي. مون کي اوهان جي موٽ جو انتظار آهي ۽ رهندو.

    خيرانديش
    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    خير محمد آريجا- لاڙڪاڻو


    آزاد انور ڪانڌڙو

    1 مئي 2007ع
    مانائتا سائين
    مير حاجن مير!

    بابت: دادو ماضي ۽ حال ڪانفرنس ۾ شرڪت ۽ مقالي پرهڻ لاءِ گذارش
    اميد ته خيريت سان هوندا.
    گذارش ته دادوءَ کي ضلع جو درجو ملڻ کي مُني صدي پوري ٿيڻ تي سنڌي ادبي سنگت، شاخ ميهڙ پاران 27 مئي 2007ع آچر ڏينهن ضلعي ڪائونسل هال دادو ۾ صبح جو 10 وڳي ”دادو ماضي ۽ حال ڪانفرنس“ ڪوٺائي پئي وڃي. ان موقعي تي مختلف ڪتابن:
    دادو تعلقي جو ماضي ۽ حال (لاکڪ: محمد عرس” اظهر“ سولنگي)
    شهيد مخدوم بلاول (مرتب: آزاد قاضي)
    اعجاز علي جتوئي محبِ وطن سياستدان (مرتب: آزاد انور ڪانڌڙو)
    جي مهورت پڻ ڪئي ويندي.
    اوهان سنڌي ٻوليءَ جا ناميارا اديب، محقق، شاعر آهيو. اوهان کي مقالو لکي ڪانفرنس ۾ پڙهڻ لاءِ گذارش ڪئي وئي هئي. مهرباني ڪري ڪانفرنس کان اڳ ان مقالي جي فوٽو ڪاپي موڪلڻ جي عنايت ڪندا ته جيئن ان يادگار مقالي کي دادو ضلعي جي ادب، صحافت، سياست، تعليم ۽ ٻين سعبن ۾ ڀرپور ڪردار بابت شايع ٿيندڙ ڪتاب ۾ شامل ڪري سگهجي.
    اميد اٿم ته منهنجي گذارش کي مانائتي موٽ ڏيندا. ڪانفرنس ۾ اوهان جي شرڪت اسان لاءِ خوشيءَ جو باعث هوندي.

    خلوص مان
    آزاد انور ڪانڌڙو
    سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت شاخ ميهڙ


    خير محمد ٻرڙو

    خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي، سنڌ جو ناميارو محقق، تاريخدان ٻولي جو ماهر آهي سندس ذاتين جو انسائيڪلوپيڊيا، سيوهڻ صدين کان،اسماءِ حسنيٰ، قلندر لعل شبهاز مع شاعري، اسماءِ مصطفيٰ، سنڌوندي جي مختصر تاريخ ڇپجي چڪا آهن، سندس سان اڪثر ڪچهريون ٿينديون رهنديون آهن، منهنجي ويجهن دوستن ۾ شمار آهي.
    (مير حاجن مير)
    31 مئي 2007ع
    محترم مير حاجن مير
    رابطا سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت ضلع ڄامشورو

    برادرم اسلام عليڪم!
    اميد ته خوش و خورم هوندا. اڳ ۾ به عرض ڪيل هو ۽ هاڻي به عرض ڪجي ٿو ته بنده سيوهڻ جي تاريخ تي ڪم ڪري رهيو آهي. ان سلسلي ۾ 1947ع کان پوءِ جي مشاهيرن، بزرگن، نامياري شخصيتن، شاعرن ۽ سگهڙن جي سوانح حيات گهربل آهي، جيڪي سب ڊويزن سيوهڻ ۾ اچن ٿا. مهرباني ڪري ان سلسلي ۾ ڄاڻ فرمائي ٿورائتو ڪندا.
    والسلام

    مخلص
    خير محمد ٻرڙو
    سيوهاڻي
    نوٽ: محترم خير محمد ٻرڙي ڪتاب سيوهڻ صدين کان لکيو بعد ۾ اهو تاريخي ڪتاب ڇپايائين ادبي، شخصيتن بابت کيس ڄاڻ فراهم ڪئي وئي،
    مير حاجن مير


    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال

    15 نومبر 2007ع
    محترم سائين مير حاجن مير
    سنڌ سلامت سنگت سلامت
    اوهان کي ڄاڻ آهي ته ”سنڌي ادبي سنگت“ جي مرڪزي تنظيم کي گذريل سال 2006ع ۾ پنجاهه سال پورا ٿيا آهن ۽ا نهيءَ سلسلي ۾ اسين هاڻي ايندڙ 15، 16 ڊسمبر 2007ع تي ڪراچي ۾ انهيءَ يادگار موقعي جو گولڊن جوبلي ڪانفرنس ملهائي رهيا آهيون.
    ڪانفرنس کي شانائتي نموني ملهائڻ لاءِ مختلف ڪاميٽيون ٺاهيون ويون آهن. اوهان جي شخصيت ۽ خدمتن کي نظر ۾ رکندي گولڊن جوبلي جي آرگنائيزنگ ڪاميٽي اوهان کي سيشن ڪاميٽيءَ تي چيئرمين/ميمبر طور کنيو آهي، جنهن جو اطلاع اوهان کي فون وسيلي پڻ ڪيل آهي. هاڻي اوهان کي گذارش آهي ته مهرباني فرمائي پنهنجي ڪاميٽي جون ميٽنگون ڪوٺائڻ سان ڪم ڪار جي رٿابندي ڪندا. ميٽنگ لاءِ ”سنگت“ جي ڪئمپ آفيس جي ائڊريس هن ريت آهي.
    تبت چوڪ وٽ، ريڊيو پاڪستان جي ويجهو ۽ انهيءَ لائين ۾ ايم اي جناح سامهون ماما پارسي اسڪول، رفيق پلازا جي گرائونڊ فلور جي مکيه دروازي جي فلٽ وٽ سنگت جي گولنڊن جوبلي آڦيس جو بورڊ لڳل آهي.

    منهنجي هيٺئين موبائيل نمبر تي اوهان پڻ رابطو ڪري سگهو ٿا. مهرباني ڪري ڪم جي شروعات ترت ڪرڻ فرمائيندا. آفيس هر روز شام جو 3 وڳي کان 6 وڳي تائين کليل رهندي.

    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال
    سيڪريٽري جنرل
    سنڌي ادبي سنگت سنڌ
    2476704-0300

    نوٽ: سنڌي ادبي سنگت جي 50 گولڊن جوبلي ۾ به مونکي ميمبر مقرر ڪيو ويو هو، اسان سنگت جي گولڊن جوبلي ملهائي هئي. ليڪن تاريخي اعتبار کان سنڌي ادبي سنگت 1947ع ۾ ٺهي آهي.
    (مير حاجن مير)


    يوسف سنڌي

    22 جنوري 2008ع

    سائيم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
    دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين

    محترم مير حاجن مير
    رابطا سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت سنڌ

    بابت: رابطا سيڪريٽرين جي گڏجاڻي
    پيارا ساٿي
    سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سڀني ضلعن جي رابطا سيڪريٽرين ۽ مرڪزي عهديدارن جي گڏجاڻي 6 جولاءِ تي صبح جو ڏهين وڳي ”سنڌ ايجوڪيشن ٽرسٽ گاڏي کاتو حيدرآباد ۾ رکي وئي آهي، جنهن ۾ هيٺين ايجنڊائن تي ويچاريو ويندو.
    1. ضلعا رابطا سيڪريٽرين جي رپورٽ.
    2. مرڪزي آفيس جي قيام بابت سوچ ويچار.
    3. سنڌي ٻولي قومي ٻولي جاڳرتا مهم بابت رٿابندي.
    اوهان کي گذارش ٿي ڪجي ته هن سان شامل پروفارما ڀري، شاخن جي ڪارڪردگي رپورٽ سميت گڏجاڻي ۾ ٽائيم جي پابندي سان شريڪ ٿيندا.
    سواءِ ڪنهن اهم سبب جي گڏجاڻي ۾ عدم شرڪت لاپرواهي ۽ عدم دلچسپي تصور ڪئي ويندي.

    نيڪ تمنائن سان
    يوسف سنڌي
    سيڪريٽري جنرل
    سنڌي ادبي سنگت، سنڌ


    غلام محمد غازي

    غلام محمد غازي سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي عهديدار رهيو آهي، سندس جا ڪافي ڪتاب ڇپيل اٿس ۽ شاعر به آهي.


    25 فيبروري 2008ع
    محبتي ميڙي، ڳوٺ ٻڌجي هيڪڙو،
    تنهين جي ويڙهي پاڻهي ايندو پاتشاهه.
    (شاهه)

    سنڌ جيئي سنڌي ٻولي جيئي
    قابل احترام مير حاجن مير

    اسلام عليڪم!
    سنڌي ادبي سنگت جي موجوده باڊي کي چونڊڻ ۾ اوهان جي باوقار ڪردار جو مشڪور آهيان. اوهان جنهن محبت ۽ اعتماد جو هن نماڻي تي اظهار ڪيو آهي. ان لاءِ ڌڻيءَ در دعاگو آهينا ته سنڌي ادب، سنڌي قومي ٻولي ۽ اوهان جي خدمت ڪري سگهان.
    ساٿ هلندو رهي، لاٽ ٻرندي رهي.

    اوهان جي تعاون ۽ دعائن جو طلبگار
    غلام محمد غازي
    مرڪزي آڊيٽر، سنڌي ادبي سنگت سنڌ


    يوسف سنڌي

    5 مئي 2008ع

    سائيم سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار
    دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين
    (شاهه)

    محترم سائين مير حاجن مير!
    محبتن جا سلام قبول ڪندا
    سڀ کان پهريان اوهان سڀني جا ٿورا جو اوهان اسان تي اعتماد ڪري ايندڙ ٻن سالن لاءِ موجوده مرڪزي قيادت کي خدمت ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو آهي. آس آهي ته اسان سڀئي گڏجي سنگت کي سرگرم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪنداسين.
    سنگت جي پليٽ فارم تان اسين سڀ، پنهنجي دؤر جي ادبي سرگرمين جي تاريخ مُرتب ڪري رهيا آهيون. جيڪڏهن انهيءَ سلسلي ۾ ڪوتاهي ڪنداسين ته ان لاءِ پنهنجي قوم، ٻولي ۽ ادب ڏانهن جوابدار رهنداسين. سنگت جي سڀني ساٿين لاءِ هيٺينءَ ريت ڪجهه صلاحون آهن، جن تي عمل ڪرڻ ضروري آهي.
    1. پنهنجي هفتيوار گڏجاڻين ۽ ٻين پروگرامن جو باقاعدي ماهوار تفصيل، اُن سان گڏ پنهنجي ضلعي جي رابطا سيڪريٽريءَ کي به موڪلڻ گهرجي.
    2. پنهنجن ادبي سرگرمين جون خبرون اخبارن ڏانهن ضرور موڪلڻ گهرجن، اخبار ۾ ڇپيل خبرون شاخ جي رڪارڊ ۾ محفوظ ڪجن ۽ اُنهن جون فوٽو ڪاپيون، ماهوار رپورٽ سان گڏ مرڪز ۽ ضلعي رابطا سيڪريٽري کي موڪلڻ گهرجن.
    3. توهان پنهنجي شاخ جي قائم ٿيڻ جي تاريخ، ميمبرن ۽ عهديدارن جا نالا ۽ ايڊريسون، تفصيلي طرح رابطا سيڪريٽرين کي موڪليندا. جيڪڏهن توهان جي شاخ ڪي ڪتاب وغيره شايع ڪرايا آهن ته اُنهن جو تفصيل به اُماڻيندا.
    4. سنگت جي پاليسين خلاف ڪو به اخباري بيان جاري نه ڪندا. (خاص ڪري سياسي بيانن جاري ڪرڻ کان پاسو ڪندا)
    5. هر ضلعي مان بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ هڪ شاخ کي، ”بهترين شاخ“ جو ايوارڊ ڏنو ويندو ۽ شاخ جي سيڪريٽرين کي تعريفي سندون ڏنيون وينديون.
    6. هر شاخ کي سنگت پبليڪيشن جي هر پرچي جون 5 ڪاپيون وي.پي. ڪيون وينديون جيڪو وصول ڪرڻ ضروري آهن.
    7. ڪوشش ڪري پنهنجي تر جي نامور اديبن کي سنگت جي گڏجاڻين ۾ وٺي ايندا.
    9. غير حاضر ميمبرن خلاف بنا رک رکاءَ جي آئيني ڪارروائي ڪندا.
    10. هن سان گڏ اوهان کي هڪ فارم موڪلجي ٿو، جنهن ۾ شاخ جي ميمبرن جا نالا لکي 15 مئي تائين موڪليندا.
    11. جيڪڏهن توهان جي شاخ جون نيون چونڊون نه ٿيون آهن ته پنهنجي ضلعي جي رابطا سيڪريٽري سان لهه وچڙ ۾ اچي اُهي چونڊون جلد ڪرائيندا.
    پنهنجي شاخ جي ميمبرن ۾ ڪتابن پڙهڻ ۽ خريد ڪرڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ دلچسپي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.

    نيڪ تمنائن سان
    يوسف سنڌي
    سيڪريٽري جنرل
    سنڌي ادبي سنگت سنڌ


    بهادر ٽالپر ڇتو مادراڻي

    7 مئي 2008ع
    پيارا مير حاجن پنهور

    اميد ته اوهان خوش هوندؤ. اوهان پنهنجو تازو شعري مجموعو ”رنگ، خوشبو ۽ گل“ مون کي جنهن پاٻوهه مان گفٽ ڪيو آهي ان لاءِ آئون ڇا چوان؟! سواءِ ان جي ته ”ٿورا، نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا“.
    پيارا! اوهان فون تي ڪجهه ڏهاڙا پهرين چيو هو ته آئون اوهان جو ڪتاب پڙهي ڪي ريمارڪ به ڏيان... مون اوهان جو ڪتاب اڃا مڪمل پڙهيو ڪونهي ۽ شايد منهنجي اها وڏي ۾ وڏي ڪمزوري آهي ته آئون ڪا به شيءِ مڪمل طور پڙهي نه سگهندو آهيان. پر جيڪو ڪجهه پڙهندو آهيان ته پنهنجي ليکي ڌيان سان پڙهندو آهيان. معصوميت جنهن هيٺ رهي ڪو شاعر پنهنجي شاعري سرجيندو آهي. مون لاءِ اهو سوال رهيو آهي ته اهڙي معصوميت پڙهندڙ ۾ به هئڻ کپي يا نه...؟! ”معصوميت“ جو لفظ مون ان ڪري استعمال به آندو آهي جو گهڻن شاعرن لاءِ اهو چيو ويندو آهي ته اُهي پنهنجي شاعري ۾ معصوم لڳندا آهن. انهن جي شاعري تضع (ٺاهه ٺوهه) کان آجي به ان ڪري هوندي آهي ڇاڪاڻ ته هو معصوم هوندا آهن. معصوم لفظ توڙي ان جي ڪيفيت جي تفصيل ۾ وڃڻ بدران جيڪڏهن آئون چوان ته رات ستارن سان سونهي ٿي. نئين نويلي ڪنوار گهونگهٽ ۾ ئي سونهندي آهي ۽ هڪ شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ ئي سونهندو آهي ته بجا ٿيندو. سونهن جنهن جو عام تصور ڇا به هجي؟! پر هڪ شاعر وٽ اهو جُدارو ئي هوندو اهي. شاعر ڪوجهي ۽ ڪاري ماڻهو ۾ به سونهن تلاش جي جستجو رکندو آهي ته پٿر مان ڪنهن مصور جيان حسين تصوراتي مورت لفظن جي مالها ۾ پوئي اچي اڳيان رکندو آهي، شاعري لاءِ ڪنهن چيو ته ”اها احساس جي تاريخ آهي“ انهن لفظن ۾ ٿوري ترميم ڪري ائين چئجي ته ”اها احساسن جو سمنڊ آهي“ ته به بجا ٿيندو. ڇاڪاڻ ته احساس ئي ٻين ڪجهه شين سوڌو شاعريءَ جي جنم جا سرچشما آهن. شاعر طويل رستي جا مسافر هوندا آهن. اهو رستو، جنهن جون راتيون به طويل هونديون آهن ته ان جا ڏينهن به اياز جي لفظن ۾ ”ڪڙهائيءَ جيئن ڪڙهندا“ آهن. هڪ باشعور شاعر وٽ طويل رات هڪ استعاري طور هوندي آهي ۽ هو ان استعاري کي مختلف هنڌن تي مختلف نموني ٽريٽ ڪندو رهي هو. جيئن اوهان پنهنجي هڪ غزل جي شعر ۾ رات کي اظهاريو آهي. ”توکي ساري رات اسان هو، تارن سان گڏ ڪاٽيو ٽاڻو“ رات فطرت جي مظهرن مان هڪ سهڻو مظهر آهي. سهڻو ان معنيٰ ۾ ته اهو ڏينهن جي اهميت جي آشنائي ڏي ٿو. جيڪڏهن رات نه هجي ها ته ڏينهن جي اهميت ئي ڪهڙي هئي؟! ائين ئي ڀلا جدائي نه هجي ها ته ڪنهن کي رات جي وڳڙي م سارڻ ڪهڙي معنيٰ ٿي رکي سگهيو؟! جدائي جو ٽاڻو (وقت) به ڏاڍو تلخ ٿئي ٿو. هونئن ته هڪ شاعر جي نصيب ۾ ڪيتريون ئي تلخيون اينديون آهن ۽ هو انهن تلخين کي نازڪ جذبن ۽ احساسن جي رنگن جي آميزش ۾ رڱي شاعريءَ ۾ پرکي ٿو. پر هڪڙي اهم ۽ تلخ حقيقت خود هن لاءِ زندگي به آهي. زندگيءَ ۾ ڇا وهي واپري ٿو؟ ڪهڙا ڏک ڏاکڙا، ڪهڙيون خوشيون مسرتون ۽ حسناڪيون زندگي آڇي ٿي؟! اهڙين ڳالهين کي ٻين شاعرن جيان اوهان به موضوع سخن بنايو آهي. مجموعي طور تي اوهان اجتماعي توڙي انفرادي ڏک پيڙائون ۽ زندگيءَ جا مختلف الميا پنهنجي شاعري ۾ آندا آهن. تصوف جيئن ته هاڻي همعصر دور جو گهڻي ڀاڱي موضوع نه رهيو آهي پر اوهان جي نظم: ”تون خدا کي ڪٿ پيو ڳولين؟“ ۾ ان جو اُهاءُ ملي ٿو. ان مان مون کي ائين لڳو ته اوهان روايت کي به پنهنجي شعاري ۾ گڏ کڻي هلڻ گهرو ٿا. منهنجي دعا آهي ته اوهان جي شاعري روايت جي رنگ سان گڏ ”جدت جو سنگ“ به ماڻي ۽ جدت جو سنگ ماڻن لاءِ مطالعي ۽ مشاهدي سان گڏ رياضت جي به ضرورت پوندي ۽ يقيناً اوهان اهڙين ڳالهين کان آگاهه هوندا!

    فقط نيازمند
    بهادر ٽالپر ڇتو
    مادراڻي - ضلعو بدين


    يوسف سنڌي

    يوسف سنڌي سنڌ جو ناميارو اديب ڪهاڻيهڪار، ناول نگار، مترجم ۽ پبلشر آهي. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل رهيو آهي، پاڻ سنڌي ادبي سنگت جو ايڪٽو مرڪزي اڳواڻ رهيو آهي، دلي دوست آهي منهنجي ويجهن دوستن ۾ شمار آهي چاليهارو کان مٿي ڪتاب لکيا اٿس.
    (مير حاجن مير)

    23 جولائي 2008ع
    مانوارا مير حاجن مير
    رابطا سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت ضلعو ڄام شورو
    بابت: سنڌ سنگت جي ڪاروباري ڪميٽيءَ جو اجلاس
    مانوارا سائين:
    سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي ڪاروباري ڪميٽيءَ جو دستوري اجلاس تاريخ 17 آگسٽ 2008ع بروز آچر جي ڏينهن صبح جو يارهين وڳي سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد ۾ رکيو ويو آهي، جنهن ۾ هيٺين ايجنڊائن تي غور ڪيو ويندو.
    1. سيڪريٽري جنرل جي رپورٽ.
    2. خزانچيءَ جي رپورٽ.
    3. رابطا سيڪريٽرين جون رپورٽون.
    4. سنگت جي آڦيس جو قيام/ اڏاوت.
    5. ”سنڌي ٻولي ڪانفرنس“ بابت رٿابندي.
    گڏجاڻي ۾ شاخ جي سيڪريٽريءَ کانسواءِ ٻيو ڪو به غير واسطيدار ماڻهو، مبصر يا عيوضي شريڪ ٿي نه سگهندو.
    هر شاخ هڪ سؤ روپيا ڊيليگيشن في ادا ڪندي ۽ جنهن شاخ 2008ع جي چونڊن جي نامزدگي في جمع نه ڪرائي آهي ته اها پاڻ سان کنيو اچي. ٽائيم جي پابندي سان شرڪت ڪندا.

    نيڪ تمنائن سان
    يوسف سنڌي
    سيڪريٽري جنرل سنڌي ادبي سنگت سنڌ


    يوسف سنڌي

    2008-7-25
    مير حاجن مير
    رابطا سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت ضلع ڄامشورو
    بابت: سنڌ سنگت پاران آگسٽ مهيني ۾ اعلانيل ”سنڌي ٻولي-قومي ٻولي“ جاڳرتا مهم ۾ حصو وٺڻ لاءِ شاخن کي هدايتون.
    مانوارا سائين!
    ”سنڌي ادبي سنگت-سنڌ“ پاران آگسٽ 2008ع ۾ اعلانيل ”سنڌي ٻولي-قومي ٻولي“ جاڳرتا مهم جي سلسلي ۾ اوهان کي هيٺين ڳالهين تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪجي ٿي.
     پنهنجي شاخ پاران خاص گڏجاڻي، مذاڪرو، سيمينار يا ڪانفرنس ڪوٺائي، ان ۾ ٻولي جي ماهرن، استادن، اديبن، پارليامينٽرين، سول سوسائٽي ۽ ميڊيا جي ماڻهن کي مدعو ڪري کائنس سنڌي ٻولي جي قدامت، اهميت ۽ حيثيت بابت مقالا پڙهايا وڃن/ ڳالهرايو وڃي ۽ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ لاءِ قرارداد پاس ڪرائي وڃي.
     پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي نمائندن سان خصوصي گڏجاڻيون ڪري کين ٻوليءَ ۾ پيدا ٿيندڙ بگاڙ کان آگاهه ڪيو وڃي ۽ کين گذارش ڪئي وڃي ته هو ٻوليءَ جي صحيح استعمال، اُچار ۽ گرامر تي خاص ڌيان ڏين.
     پنهنجي شهر جي يونين ڪائونسل/تعلقه ڪائونسل/ ميونسپل ڪميٽي/ڊسٽرڪٽ ڪائونسل (گونمينٽ) جي ناظمن ۽ ميمبرن سان وفدن جي صورت ۾ ملي کين ان ڳالهه تي آمادهه ڪيو وڃي ته هو ڪائونسلن پاران اهڙيون قرادادون پاس ڪن ته ”سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي قرار ڏنو وڃي.“
     نجي تعليمي ادارن جي انتظاميا سان ملي کين سنڌ گورنمينٽ پاران جاري ڪيل لازمي سنڌي ٻولي پڙهائڻ جو نوٽيفڪيشن تي عمل ڪرڻ جي گذارش ڪيو ۽ س-ا-س جي مقامي شاخ جي ميمبرن تي ٻڌل اهڙي مانيٽرنگ ٽيم، ٺاهي انهن جي نگراني ڪريو ۽ جيڪڏهن ڪو اسڪول ان نوٽيفڪيشن تي عمل نٿو ڪري ته ”ان بابت تفصيلي رپورٽ“ سنڌ جي تعليم واري وزير کي موڪلي وڃي ۽ جيڪڏهن ڪي اسڪول لازمي سنڌي پڙهائڻ لاءِ ”سنگت“ کان ڪو سهڪار گهرن ته اهو رضاڪارانه طور تي ڪيو وڃي.
     پنهنجي ميمبرن کي ”سنڌي ادبي سنگت-سنڌ“ جي پڌرنامي کان آگاهه ڪري کين وڌ ۾ وڌ سنڌي ڪتاب خريدڻ ۽ پڙهڻ لاءِ آماده ڪيو وڃي.
     جيڪڏهن ڪا شاخ پنهنجا اسٽيڪر ڇپائڻ ۽ بينر ٺهرائڻ چاهي ته کيس اجازت آهي. انهن تي فقط ”سنڌي ٻولي-قومي ٻولي“ لکيل هجي. اهي بئنر شهر جي نمايان هنڌن تي هنيا وڃن.
     مختلف ضلعن جي رابطا سيڪريٽري پاران هيٺين ريت ٻولي ڪانفرنس جو شيڊول پڌرو ڪيل آهي. ساڻن رابطو ڪري نه رڳو فقط انهن جي انعقاد ۾ سندن مدد ڪئي وڃي، پر انهن ۾ شرڪت ڪري انهن کي ڪامياب ڪيو وڃي.
    1- مظهر خاصخيلي (ضلع نوشهرو فيروز) 2 آگسٽ
    2- سورج سجاولي (ضلع ٺٽو) 8 آگسٽ
    3- ڊاڪٽر قربان جهتيال (ضلع دادو) 9 آگسٽ
    4- عنايت انڙ (ضلع ٽنڊو الهيار) 10 آگسٽ
    5- انعام ٽکرائي (ضلع خيرپور) 11 آگسٽ
    6- محمد ايوب لاڙڪ (ضلع خيرپور) 15 آگسٽ
    7- مولابخش ڪاڪا (ضلع مٽياري) 16 آگسٽ
    8- خطائي ٿيٻو (ضلع عمرڪوٽ) 19 آگسٽ
    9- دليپ ڪوٺاري (ضلع مٺي) 22 آگسٽ
    10- غلام حسين ٻگهيو (ضلع لاڙڪاڻو) 23 آگسٽ
    11- ڀائو در محمد ٻرڙو (ضلع قمبر-شهداد ڪوٽ) 24 آگسٽ
    12- رخسانه لغاري (ضلع ڪراچي) 26 آگسٽ

    30 آگسٽ تي حيدرآباد ۾ مرڪزي ڪانفرنس ڪوٺائي ويندي.
    نوٽ: ”سنڌي ٻولي قومي ٻولي“ جاڳرتا مهم دوران ڪنهن به قسم جي مهم جوئي يا حڪومت جي خلاف نعريبازي يا ٽڪراءُ ۾ اچڻ کان پاسو ڪيو وڃي.
    - سڀني شاخن کي سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي جي ڀلي ۽ بهتري لاءِ جاڳرتا مهم کي ڪامياب بنائڻ لاءِ حصو وٺڻ جي هدايت ڪجي ٿي.
    - پنهنجي سرگرمين کي ميڊيا تي آڻڻ سان گڏ، مرڪز کي به لکت ۾ رپورٽ ڪئي وڃي.
    - جيڪا شاخ مٿين هدايتن تي عمل نه ڪندي، انهي کي سنگت جي ڪاز سان عدم دلچسپي تصور ڪيو ويندو ۽ کيس غير فعال سمجهيو ويندو.
    نيڪ تمنائن سان

    يوسف سنڌي
    سيڪريٽري جنرل
    سنڌي ادبي سنگت سنڌ


    يوسف سنڌي

    20 آگسٽ 2008ع

    سائيم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
    دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين

    محترم مير حاجن مير

    بابت: سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سالگره جو ڏينهن ملهائڻ

    پيارا ساٿي!
    توهان کي خبر آهي ته سنڌي ادبي سنگت جو بنياد 1947ع ۾ يعني ورهاڱي کان ڪجهه اڳ گوبند مالهي ۽ ٻين رقي پسند اديبن رکيو. پر اهو سلو نسرڻ کان اڳ ئي ڪومائجي ويو ۽ پوءِ 17 آڪٽوبر 1956ع تي سڄي سنڌ ۾ ڌار ڌار ڪم ڪندڙ ادبي سنگتن کي ڪراچي جي سنڌ مدرسي ۾ ڪنوينشن ڪوٺائي هڪ لڙي ۾ پوئي ”سنڌي ادبي سنگت سنڌ“ جو بنياد رکي محترم اياز قادري کي ان جو سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو. اڄ اها سنڌي ادبي سنگت 122 شاخن تي مشتمل آهي. ائين سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي بنياد پوڻ جو ڏينهن 17 آڪٽوبر ٿئي ٿو ۽ اوهين ان ڳالهه کان به واقف هوندا ته هر تنظيم پنهنجي بيناد پوڻ جو ڏينهن ملهائيندي ۽ پنهنجي پروگرام ڪم ۽ ڪردار کان ماڻهن کي واقف ڪندي آهي.
    سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران فيصلو ڪيو ويو آهي ته هن سال سنڌي ادبي سنگت سنڌ جون سڀيئي شاخون 17 آڪٽوبر تي (يا پنهنجي سهولت آهر هڪ اڌ تاريخ هيٺ مٿي ڪري) سنگت جي سالگره ملهائين جنهن ۾ سنگت جي 52هين سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽين ۽ ڪا ننڍي وڏي تقريب ڪن. ان موقعي تي پنهنجي تر جي اديبن، شاعرن ۽ ساڃهه وندن کي مدعو ڪن ۽ کين سنگت جي پروگرام ۽ جدوجهد کان واقف ڪن.
    اوهان کي گذارش ٿي ڪجي ته اوهين به سنگت جي سالگره جي حوالي سان پنهنجي شاخ پاران ڪو پروگرام ترتيب ڏيو/ خصوصي گڏجاڻي ڪوٺايو ۽ سنگت جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽيو ۽ اهڙي تقريب ۾ ميڊيا وارن کي خصوصي طور تي مدعو ڪندا ۽ سالگره جي رپورٽ اخبارن سان گڏ مرڪز کي به موڪليندا.
    سڄي سنگت کي عيد مبارڪون قبول پون.


    اوهان جو پنهنجو

    يوسف سنڌي
    سيڪريٽري جنرل سنڌي ادبي سنگت سنڌ


    تاج محمد سومرو

    25 آگسٽ 2008ع

    وسارڻ سان نه ٿو وسرين دعا ۾ ياد تون آهين،
    نه ٿو دل مان ڪڏهن نڪرين دعا ۾ ياد تون آهين.
    (مير حاجن مير)

    مهربان دوست مير حاجن مير صاحب اسلام عليڪم!
    ڪلهه سندم استاد پروفيسر محمد هنڱورجو صاحب جي هٿان گفٽ طور اماڻيل توهان جو شاعري تي لکيل، رنگ، خوشبو ۽ گل ڪتاب مليو. گلابي گل سان سينگاريل ٽائٽل وارو محبوب جي مرڪ جهڙو مرڪندڙ ڪتاب منهنجي نظرن اڳيان آهي. سنڌ ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ذوالفقار سيال صاحب ۽ مانواري محسن محمد ابراهيم جويو صاحب جي لکيل مهاڳ سان سينگاريل ڪتاب هن ڏکئي دؤر ۾ ڇپرائي اسان جهڙن غريب ۽ پڙهيل لکيل سنڌي نوجوان تائين پهچائڻ تي کوڙ مبارڪون.
    ادا مير حاجن! اسان مارئي جي پر امن ماڳ صحراءِ ٿر جا ماروئڙا تنهنجي ادبي ڪاوش تي مبارڪن سان گڏ التجا به ڪيون ٿا ته هاڻي ٿر وٺو آهي، جيڪڏهن ڏکيو سفر طئه ڪري ايندا ته اسان ويتر خوش ٿينداسون.
    هڪڙي ڀيري تو ڏنو مون کي هڪڙو گل هيو،
    مون کان ڪيئن وسري اهو.
    مير حاجن مير

    تاج محمد سومرو
    صدر
    نوجوان سومرا تحريڪ ٿرپارڪر مٺي


    يوسف سنڌي

    5 سيپٽمبر 2008ع

    سائيم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
    دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.

    محترم مير حاجن مير
    رابطا سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت ضلعو ڄام شورو

    بابت: مرڪز پاران آگسٽ مهيني ۾ هلايل ”سنڌي ٻولي قومي ٻولي“ جاڳرتا مهم جي ڪاميابي لاءِ ورتل ڪوششن جي شڪريه ادائي
    پيارا ساٿي
    سنڌي ادبي سنگت سنڌ، اوهان جي دل جي گهراين سان ٿورائتي آهي. جو اوهان آگسٽ 2008ع ۾ سنڌ سنگت پاران هلايل ”سنڌي ٻولي قومي ٻولي“ جاڳرتا مهم کي ڪامياب بڻائڻ جون ڪوششون ورتيون ۽ شاخن کي متحرڪ ڪيو.
    سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران جلد ئي مهم جو ٻيو مرحلو ”پوسٽ ڪارڊ“ مهم شروع ڪئي ويندي، جنهن ۾ مرڪز پاران ڇپيل پوسٽ ڪارڊ شاخن کي موڪليا ويندا. جيڪي صدر پاڪستان جناب آصف علي زرداري کي مخاطب ٿي لکيل هوندا. ان پوسٽ ڪارڊ جي قيمت في ڪارڊ 5 روپيه هوندي ۽ سنگت جو ڪو به ميمبر يا ڪو به سنڌي اهو خريد ڪري هڪ روپئي جي ٽڪلي لڳائي پوسٽ ڪري ڇڏيندو. ڪارڊ ۾ صدر پاڪستان کان گهر ڪيل هوندي ته ”سنڌيءَ سميت سڀني پاڪستاني ٻولين کي آئين ۾ ترميم ڪري قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي.“ اوهان مهرباني ڪري گهربل تعداد ۾ پوسٽ ڪارڊن جو آرڊر سيڪريٽري جنرل کي فون تي يا خط ذريعي نوٽ ڪرائيندا ۽ ان مهم لاءِ اڳواٽ تياري ڪندا.
    سنڌي ادبي سنگت جي 7 جولاءِ واري رابطي سيڪريٽرين جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلي موجب هر ضلعي جو رابطا سريڪريٽري 10 آڪٽوبر تائين مرڪزي آڦيس لاءِ مرڪز کي 10000روپيه فنڊ ڪٺو ڪري ڏيندو. ان ۾ هو هر شاخ کان 500 روپيه پڻ وصول ڪندو. اوهان کي مٿئين فنڊ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر يادگيري ڏيارجي ٿي.
    نهايت افسوس سان چوڻون ٿو پوي ته اوهان جي ضلعي هيٺين شاخن پاران نه ڪا سرگرمي ڏيکاري پئي وڃي، نه ئي وري انهن سنڌي ٻولي قومي ٻولي جاڳرتا مهم ۾ حصو ورتو ۽ نه ئي وري سنگت پبليڪيشن ٿيون وصول ڪن، نه وري ڪاروباري ڪميٽي جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيون ۽ نه وري ميمبرشپ جي فهرست ٿيون موڪلين... سنگت جي آئين جي فقري 2 (شاخ جو خاتمو) صفحي 17 موجب جيڪا شاخ لڳاتار ڇهن مهينن تائين مرڪز سان رابطو نه رکندي. ان جي الحاق جي خاتمي جو سوال ايندڙ ڪاروباري ڪميٽي جي ميڙ ۾ رکيو ويندو. اوهين کانئن پڇاڻو ڪري مرڪز کي رپورٽ ڪندا.

    يوسف سنڌي
    سيڪريٽري جنرل سنڌي ادبي سنگت سنڌ


    يوسف سنڌي

    16 آڪٽوبر 2008ع

    سائيم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
    دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين

    محترم مير حابن مير
    رابطا سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت ضلعو ڄام شورو

    بابت: ڪاروباري ڪميٽي جي اجلاس جو اطلاع
    مانوارا سائين:
    مانوارا ساٿي، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي ”ڪاروباري ڪميٽيءَ جو اجلاس 9 نومبر 2008ع (آچر جي ڏينهن) صبح جو يارهين وڳي گورنمينٽ هاءِ اسڪول نمبر1 عمرڪوٽ ۾ رکيو ويو آهي. جنهن ۾ هيٺين ايجنڊائن تي ويچاريو ويندو. اوهان کي وقت جي پابنديءَ سان پنهنجي شاخ / ضلعي جي ڪارڪردگي رپورٽن سان پهچڻ جي گذارش ڪجي ٿي.
    ايجنڊائون:
    1. سيڪريٽري جنرل جي رپورٽ.
    2. خزانچي جي رپورٽ.
    3. رابطا سيڪريٽري جون رپورٽون.
    4. ”سنڌي ٻولي قومي ٻولي“ جاڳرتا مهم جي ٻي مرحلي جي تياري/رٿابندي.
    5. آفيس جي اڏاوت / قيام.
    6. سنگت جي آئين جي فقري (سنڌ سنگت وارا پيٽي قائدا چونڊ بابت) 17 (2) صفحي نمبر 20 موجب ته ”شاخن جون ساليانيون چونڊون هر صورت ۾ ڊسمبر ۽ جنوري مهينن ۾ مڪمل ڪرايون وينديون.“ آئين تحت شاخن جي چونڊن لاءِ شيڊول جي پڌرائي.
    7. ڪو به اسم وقتي صدر جي اجازت سان.
    اجلاس ۾ مرڪزي عهديدارن / ضلع رابطا سيڪريٽرين / شاخن جي سيڪريٽرين کانسواءِ، عيوضي / نمائندي / مبصر کي ويهڻ جي اجازت نه هوندي.
    ڊيليگيشن في هڪ سؤ روپيا ادا ڪئي ويندي.
    نوٽ: اجلاس جي پڄاڻيءَ تي س.ا.س. عمرڪوٽ پاران مشاعري جو بندوبست ڪيو ويو آهي. شرڪت جي دعوت عرض رکجي ٿي.


    نيڪ تمنائن سان
    يوسف سنڌي
    سيڪريٽري جنرل سنڌي ادبي سنگت سنڌ


    يوسف سنڌي

    1 جنوري 2009ع

    سائيم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
    دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين

    محترم مير حاجن مير
    رابطا سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت ضلعو ڄامشورو

    بابت: مرڪزي عهديدارن ۽ رابطا سيڪريٽرين جي گڏجاڻي
    مانوارا سائين
    سنڌي ادبي سنگت، سنڌ جي مرڪزي عهديدارن ۽ رابطا سيڪريٽرين جي گڏيل گڏجاڻي 11 جنوري آچر 2009ع جي ڏينهن منجهند جو ٻين بجي حيدرآباد ۾ رکي وئي آهي. جنهن ۾ هيٺين اسمن بابت ويچاريو ويندو.
    1. شاخن جي چونڊن بابت رپورٽ.
    2. سنڌي ٻولي قومي ٻولي جاڳرتا مهم جي ٻي مرحلي بابت رٿابندي ۽ ڪارڊن جي ورهاست. (هر ضلعي رابطا سيڪريٽريءَ کي شاخن جي حساب موجب پوسٽ ڪارڊ ڏنا ويندا)
    نوٽ: گڏجاڻي ۾ اوهان جي شرڪت ضروي آهي. وقت جي پابندي ڪندا.
    هن سان گڏ شامل پروفارما ڀري کڻي ايندا.
    پنهنجي ضلعي جي بهترين سرگرم شاخ جي رپورٽ کڻي ايندا.
    جيڪي فيون وصول ٿيون آهن سي کڻي ايندا.
    هنڌ: سنڌ ايجوڪيشن ٽرسٽ گاڏي کاتو حيدرآباد

    اوهان جو پنهنجو
    يوسف سنڌي
    سيڪريٽري جنرل سنڌي ادبي سنگت سنڌ


    يوسف سنڌي

    18 جون 2009ع
    سائيم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
    دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين

    محترم مير حاجن مير
    رابطا سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت ضلع ڄامشورو

    بابت: 7 جولاءِ ”سنڌي ٻوليءَ جو ڏينهن“ ملهائڻ
    مانوارا ساٿي!
    اوهان کي ياد هوندو ته 7 جولاءِ 1972ع تي سنڌ اسيمبليءَ اڪثريت راءِ سان سنڌي ٻولي بل پاس ڪيو هو. جنهن ۾ ٻين ڪيترن ئي اهو نقطن سان گڏ، اهو به چيل هو ته ٻارهن سالن جي اندر سنڌي ٻولي کي دفتري ٻوليءَ طور لاڳو ڪيو ويندو. پر پوءِ ڪن اڻ ڄاتل سببن جي ڪري، ان بل تي عمل درآمد ڪيو ويو. 7 جولاءِ جي اهميت کي نظر ۾ رکندي، گذريل سال کان سنڌي ادبي سنگت سنڌ، 7 جولاءِ کي ”سنڌي ٻوليءَ جو ڏينهن“ ڪري ملهائڻ شروع ڪيو آهي.
    اوهان کي گذارش ٿي ڪجي ته هن سال به 7 جولاءِ کي ”سنڌي ٻوليءَ جو ڏينهن“ ڪري ملهايو وڃي ۽ پنهنجي ضلعي جي سڀني شاخن جي سهڪار سان ضلعي هيڊ ڪوارٽر يا ڪنهن مکيه شهر ۾ ان ڏينهن جي مناسبت سان هڪ ڀرپور ٻولي ڪانفرنس ڪوٺائي نه رڳو مذڪوره بل کي اصلي صورت ۾ لاڳو ڪرڻ جي حڪومت کان گهر ڪئي وڃي، پر سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جي به گهر ڪئي وڃي. ڪانفرنس ۾ پنهنجي ضلعي جي اديبن، شاعرن، صحافين ۽ قومي ڪارڪنن کي مدعو ڪيو وڃي. مذڪوره بل جو متن سنگت پبليڪيشن جي 15هين ڪڙيءَ ۾ ڇپيل آهي.
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت

    يوسف سنڌي
    سڪيريٽري جنرل سنڌي ادبي سنگت سنڌ


    يوسف سنڌي

    18 جون 2009ع

    سائيم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
    دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين

    محترم مير حاجن مير
    رابطا سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت ضلعو ڄام شورو
    بابت: سالياني الحاق في
    پيارا ساٿي
    سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو هڪ آئين به آهي. جنهن تي عمل ڪرڻ سان عمل ڪرڻ سان تنظيم وڌيڪ متحرڪ ۽ سگهاري ٿئي ٿي. سنگت جي جوڙ جڪ (آئين) جي فقري 7 (سالياني في) صفحي 8 موجب ”سنڌ سنگت جي هر شاخ کي هر سال ٻه سؤ روپيا سالياني فيءَ طور ڏيڻا پوندا. (جنهن کي عام طور تي سالياني الحاق في چوندا آهيون).
    اوهان جي ضلعي جي هيٺين شاخن ڏانهن سال 2009ع جي الحاق في رهيل آهي. جيڪا هنن کي سکر واري سنڌ ڪائونسل جي اجلاس ۾ ادا ڪرڻي هئي. اوهان ڌيان ان آئيني ذميداري پوري ڪرڻ ڏانهن ڇڪائيندي گذارش ٿي ڪجي ته کانئن فوري طور تي الحاق في وٺي (جنهن سان شاخ جو مرڪز سان الحاق برقرار رهندو) مرڪز وٽ جمع ڪرائيندا.
    1. سيوهڻ
    2. سنڌي ادبي سنگت شاخ يونيورسٽي
    ڪالوني ڄام شورو

    نيڪ تمنائن سان
    يوسف سنڌي
    سيڪريٽري جنرل سنڌي ادبي سنگت سنڌ


    يوسف سنڌي

    18 آڪٽوبر 2009ع
    سائيم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
    دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين
    محترم مير حاجن مير
    رابطا سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت ضلعو ڄام شورو

    بابت: مرڪزي عهديدارن ۽ رابطا سيڪريٽرين جي گڏجاڻي
    پيارا ساٿي
    سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي آفيس جي قيام جي سلسلي ۾ هڪ اهم گڏجاڻي 8 نومبر 2008ع بروز آچر جي ڏينهن، هيٺين شيڊول موجب رکي ويئي آهي. جنهن ۾ اوهان کي سنگت جي آفيس لاءِ چونڊيل جڳهه/گهر ڏيکاريو ويندو ۽ ان جي خريداري بابت بريفنگ ڏني ويندي.
    گڏجاڻي جو هنڌ: SPO جي آفيس، نزد گرلس ڊگري ڪاليج
    شمس بلڊرز جي پويان، مين روڊ قاسم آٻاد.
    گڏجاڻي جو ٽائيم: منجهند جو ٻارهين وڳي شروعات ڪئي ويندي
    هڪ وڳي جاءِ جي وزٽ.
    ڏيڍ وڳي چانهه
    2 وڳي گڏجاڻي ختم
    نوٽ: شيڊول موجب گڏجاڻي جي ٽائيم جي پابندي جي سختي سان گذارش ڪجي ٿي، ڇو جو گڏجاڻي جو هنڌ/جاءِ فقط ٻارهين کان ٻين وڳي تائين ورتل آهي.
    اوهان کي گذارش ٿي ڪجي ته هن گڏجاڻي ۾ ضرور شريڪ ٿيو، اها نه رڳو اهم گڏجاڻي آهي پر ايندڙ وقت ۾ سنگت جي آفيس جي قيام جي سلسلي ۾ اوهانجو نالو انشاءَ الله سونهري لفظن ۾ ليکيو ويندو.
    نوٽ: ان موقعي تي سڀني عهديدارن جو گروپ فوٽو ڪڍيو ويندو، جيڪو آفيس ۾ يادگار طور هنيو ويندو.
    نيڪ تمنائن سان
    يوسف سنڌي
    سيڪريٽري جنرل سنڌي ادبي سنگت سنڌ


    مقبول احمد چنا

    1 مارچ 2009ع

    سائيم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
    دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين

    سائين مير حاجن مير
    اميد ته خير سان هوندا.
    مان توهان کي اسان جي هن پڙهڻ لکڻ ۽ سوچڻ سمجهڻ جي قافلي ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار چوان ٿو ۽ مون کي يقين آهي ته توهان جو هيءُ قدم، ڦڙي ڦڙي تلاءَ جي چواڻي سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري جو سبب بڻجندو. مون کي اها به اميد آهي ته توهان هن ساٿ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ٻين گهڻ گهرن کي پڻ شامل ڪندا. ان کان سواءِ هڪ ٻي گذارش ته اسان جو هيءُ رسالو پنهنجي گهر ڀاتين کي به ضرور پڙهائيندا ته جيئن هنن ۾ پڻ پڙهڻ لکڻ جو شوق پيدا ٿئي. شايد اهڙي ريت ئي اسان پنهنجي گهرن ۾ لائبرريون قائم ڪرڻ جو بنياد وجهڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهون.
    مان هڪ ڀيرو ٻيهر سهڪار لاءِ توهان جو ٿورائتو آهيان.

    مهرباني
    مقبول احمد چنا
    مارڪيٽنگ آفيسر نيوز ائنڊ اوپنين حيدرآباد

    نوٽ: هي خط نيوز اينڊ اوپنين جي ايڊيٽر ڏي لکيو ان جي موٽ ۾ ان خط جو جواب هي خط آيو.
    (مير حاجن مير)


    يوسف سنڌي

    20 مارچ 2009ع

    سائيم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
    دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.

    محترم مير حاجن مير

    بابت: ٻولي ڪارڊن جي پئسن جي ادائگي
    مانوارا سائين!
    سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران ”سنڌي ٻولي قومي ٻولي“ جاڳرتا مهم جي سلسلي ۾ اوهان کي 200 پوسٽ ڪارڊ ڏنا ويا هئا. في ڪارڊ 5 روپين جي حساب سان ڪل 1000 روپيه ٿيا. جن مان في ڪارڊ هڪ روپيو ٽڪلي جو ڪٽي ڪارڊ تي ٽڪلي لڳائي صدر صاحب کي پوسٽ ڪندا ۽ باقي ڪارڊن جا ڪل پئسا 800 بئنڪ ڊرافٽ / ڪراس چيڪ / مني آرڊر جي صورت ۾ ترت ڏياري موڪليندا. جيئن پريس وارن کي ڪارڊن جي ڇپائي جي ادائگي ڪري سگهجي. بئنڪ ڊرافٽ / چيڪ نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جو هجي ۽ اهو سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي نالي ٺهرايو وڃي.

    نيڪ تمنائن سان

    يوسف سنڌي
    سيڪريٽري جنرل
    سنڌي ادبي سنگت سنڌ

    نوٽ: يوسف سنڌي کي ڪارڊن جا پئسه 800 روپيا حڪم موجب ڏنا ويا.
    (مير حاجن مير)


    يوسف سنڌي

    10 جنوري 2010ع
    سائيم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
    دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.

    محترم مير حاجن مير
    رابطا سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت ضلعو ڄامشورو

    سنڌي ٻولي قومي ٻولي جاڳرتا مهم جي ٽين مرحلي لاءِ صحيح وارو فارم موڪلجي ٿو. اهو فوٽو اسٽيٽ ڪرائي، سڀني شاخن کي ڏيندا ۽ کين پابند ڪندا ته هو ڪانفرنسون، سيمينار ۽ ريليون ڪوٺائي، وڌيڪ فارم فوٽو اسٽيٽ ڪرائي وڌ ۾ وڌ صحيحون وٺندا ۽ پوءِ اهي سڀ فارم مرڪز کي روانو ڪندا. اوهان به پنهنجي ضلعي ۾ سرگرم ٿيو. ڪوشس ڪريو ته هر شاخ ريلي ڪڍي، جيڪا شاخ ٻولي مهم ۾ سرگرم نه ٿيندي، ان جو الحاق ايندڙ اجلاس ۾ ختم ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي ويندي. اوهين جلد شاخن جو اجلاس به سڏائيندا. اوهان هيڊ باءِ سڀني ساڃهه وندن سان رابطي ۾ رهو ۽ مرڪز کي باقاعده رپورٽون موڪليون.

    نيڪ تمنائن سان
    يوسف سنڌي
    سيڪريٽري جنرل سنڌي ادبي سنگت سنڌ


    يوسف سنڌي

    25 جون 2010ع
    سائيم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
    دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.

    مير حاجن مير!
    پيارا ساٿي!
    آئون اوهان جو دل جي گهراين سان ٿورائتو آهيان. اوهان گذريل ٻن سالن ۾ مون سان ڀرپور سهڪار ڪيو ۽ اوهان جي انهي ساٿ جو ئي نتيجو آهي، جو اسان سنگت جي هڪ نئين تاريخ ٺاهي آهي. سنگت جي آفيس جو قيام، سنڌي ٻولي-قومي ٻولي جاڳرتا مهم، ڪتابن جي اشاعت، سنگت پبليڪيشن جو جاري رهڻ، لڳاتار پروگرامن سميت انيڪ ڪم، سڀ اوهان جي ساٿ جو ئي نتيجو آهن.
    اميد اٿم ته اوهان ساڳئي جذبي سان ڪم ڪندا. منهنجي دل ۾ اوهان جي لاءِ بي حد عزت ۽ احترام جو جذبو موجود آهي، جيڪو سدائين رهندو، هن سان گڏ سنڌي ٻولي-قومي ٻولي جاڳرتا مهم ۾ حصو وٺڻ تي اوهان کي مڃتا سرٽيفڪيٽ پڻ موڪلجي ٿو.

    نيڪ تمنائن سان
    يوسف سنڌي
    سيڪريٽري جنرل سنڌي ادبي سنگت سنڌ


    مشتاق بخاري

    22 جولاءِ 2010ع

    مشتاق بخاري سنڌ جو نامور شاعر آهي، سندس جا ڪتاب گيتن جهڙا ٻار، پيار جي موٽ ۾، سونهن سنسار جي سار جي خوشبوءَ هڪ وجود ڪيئي وجود، سفر چاهتن جو ڇپجي چڪا آهن، پاڻ سنڌ ادبي سنگت سنڌ جو جوائنٽ سيڪريٽري پڻ رهيو آهي. منهنجي دوستن ۾ شمار آهي، سنڌي ادبي سنگت جو ايڪٽو اڳواڻ آهي
    محترم مير حاجن مير
    رابطا سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت ضلع ڄامشورو
    عنوان: مرڪزي باڊيءَ جي اجلاس جي رپورٽ
    20 جولاءِ 2010ع تي سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي باڊيءَ جو اجلاس سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي صدارت ۾ ٿي گذريو. هِن اجلاس ۾ مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري مشتاق بخاري، مهرالنساءِ لاڙڪ، خزانچي نبي بخش ناز، آڊيٽر بشير منگيءَ کان علاوه بهادر ٽالپر رابطه سيڪريٽري بدين سڪندر اوڳاهي (گهوٽي)، سجاد ميمڻ (ٺٽو)، ملهار سنڌي (لاڙڪاڻو) شمن لاشاري (دادو) زيب نظاماڻي (حيدرآباد)، عاجز غلام رسول ابڙو (خيرپور) مسافر لاکو (نواب شاهه)، مظهر خاصخيلي (نوشهروفيروز) خطائي ٿيٻو (عمرڪوٽ)، اصغر باغي (ڪراچي)، مير حاجن مير (ڄام شورو) شرڪت ڪئي. هِن اجلاس ۾ متفقه راءِ سان فيصلو ڪيو ويو ته سڄي سنڌ جي شاخن جون چونڊون ضلعي رابطا سيڪريٽرين جي نگرانيءَ ۾ 10 آگسٽ تائين ڪرايون وينديون. سنگت جي آفيس جي تعمير قانوني گهرجن پوري ٿيڻ کانپوءِ سنگت جي پلاٽ تي تمام جلد ڪرائي ويندي. هن ئي سال ادب جي مختلف صنفن تي مختلف ضلعن ۾ تربيتي ورڪشاپ ڪرائي نون لکندڙن جي سکيا لاءِ عملي ڪوششون ڪيون وينديون ۽ سنڌي ڪلاسيڪل موسيقيءَ کي لاحق خطرن جي درپيش هڪ مذاڪرو ۽ ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي ڄاڻو فنڪارن کان محفل موسيقي ڪرائي ويندي. گڏجاڻيءَ ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اختلافي مسئلن کي اخبارن ۾ آڻڻ بجاءِ سنگت جي آئيني فورمن ۾ گڏيل اڪثريتي راءِ سان آئيني ۽ اخلاقي قدرن کي سامهون رکي حل ڪيو ويندو. سنگت کي وڌيڪ فعال ۽ مضبوط بڻائڻ لاءِ سنڌ جي سينئر اديبن توڙي نئين ٽهيءَ جي خوبصورت ڏات ڌڻين کي اپيل ڪئي وئي ته هو سنگت ۽ سنڌ جي مفادن ۾ ادبي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿي نون لکندڙن جي اصلاح ۽ همت افزائي ڪن. گڏجاڻي ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ ڀرپور جدوجهد هلائي 29 آگسٽ تي سموريون شاخون سيمينار ۽ مذاڪرا ڪرائينديون. چشما لنڪ ڪئنال کي بند ڪري سنڌ کي پنهنجي حصي جو پورو پاڻي ڏيڻ جي گهر ڪندي فيصلو ڪيو ويو ته ان مسئلي تي جيڪي به سنڌ دوست ڌريون عملي جدوجهد ڪنديون سنگت جا ڪارڪن انهن ۾ ڀرپور شرڪت ڪندا.

    مشتاق بخاري
    جوائنٽ سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت سنڌ


    ڊاڪٽر مشتاق ڦـل

    22 جولاءِ 2010ع

    محترم جناب مير حاجن مير
    رابطا سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت ضلعو ڄامشورو

    بابت: شاخن جون ساليانيون چونڊون سال 2010ع
    محترم ساٿي!
    سال 2010ع لاءِ سنڌي ادبي سنگت جي شاخن جون ساليانيون چونڊون ڪرائڻ لاءِ مختلف ضلعن جي رابطا سيڪريٽرين جي نگرانيءَ ۾ ڪاميٽيون جوڙيون ويون آهن. جيڪي شاخن جي چونڊن واري عمل کي 10 آگسٽ 2010ع تائين مڪمل ڪري رپورٽون مرڪز کي اماڻي ڏينديون. هن ليٽر ذريعي اوهان کي اهڙي آگاهي ۽ اختيار ڏجي ٿو.

    چونڊ ڪاميٽين جو تفصيل

    نمبر ضلعو رابطا سيڪريٽري/نگران چونڊ ڪاميٽيءَ جا ميمبر
    1 عمرڪوٽ خطائي ٿيبو حليم باغي، شفيع فقير
    2 ڪراچي اصغر باغي سميع بلوچ، اسحاق انصاري، هدايت بلوچ
    3 بدين بهادر ٽالپر الطاف باگراڻي، خاڪي جاني
    4 ٺٽو سجاد ميمڻ بلاول سمون، سورج سجاولي
    5 قمبر شهدادڪوٽ قادر جاگيراڻي ضمير کرل، ڪوڙل قربدار
    6 خيرپور عاجز غلام رسول ابڙو لالڻ چنو، محبت سهتو
    7 سکر طارق سمائر نذير وڌو، ذوالفقار ڪورائي
    8 دادو شمن لاشاري ڊاڪٽر قربان جهتيال، ذوالفقار گاڏهي
    9 ڄام شورو مير حاجن مير هدايت پريم، محمد علي گهانگهرو
    10 لاڙڪاڻو ملهار سنڌي ڪامريڊ ڪريم بلوچ، سڪايل سرگاڻي
    11 شڪارپور سلطان بخاري وفا علي بخش جوڻيجو، غني غمدل
    12 سانگهڙ رضا ڏاهري امر لغاري، بهادر رند
    13 جيڪب آباد منتظر گولو سومرو شبير احمد، جاويد ساگر
    14 مٽياري عبيد راشدي ساحر راهو، مخمور بخاري
    15 نوشهروفيروز مظهر خاصخيلي حاجي عبدالله شاد جلباڻي، جبار ملاح
    16 گهوٽڪي سڪندر اوڳاهي پريم پتافي، عبدالحئي ڀٽو
    17 نواب شاهه مسافر لاکو مير بيتاب پريو، فدا سنجراڻي
    18 حيدرآباد زيب نظاماڻي گل ڪونڌر
    نوٽ: مٺي شاخ لاءِ صادق فقير ۽ سائينداد ساند کي ڪاميٽيءَ جي ذميواري سونپي وئي آهي.

    ڊاڪٽر مشتاق ڦـل
    سيڪريٽري جنرل سنڌي ادبي سنگت سنڌ
    مشتاق بخاري
    جوانئٽ سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت سنڌ


    محمد صديق جويو

    29 سيپٽمبر 2010ع
    محترم مير حاجن مير
    رابطه سيڪريٽري ساس ضلعو ڄامشورو

    السلام عليڪم!

    عرض ته ڀريا وليج ڄامشورو ساس سنگت طرفان 15 آڪٽوبر 2010ع بروز جمعي جي شام ست بجي سنڌ جو نوجوان دانشور محمد صديق جويو خطباتِ سيد تي ليچڪر ڏيندو. ان لاءِ اسان توهان کي دل جي گهراين سان دعوت ڏيون ٿا ته مذڪوره ادبي ويهڪ ۾ شريڪ ٿي اسان جو مانُ مٿانهون ڪندا.

    مزيد خير
    محمد صديق جويو
    سيڪريٽري ساس ڀريا وليج ڄامشورو


    يوسف سنڌي

    25 ڊسمبر 2010ع
    محترم مير حاجن مير
    رابطا سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت ضلع ڄامشورو

    ”نئين سال“ ۽ ”عيد جون مبارڪون“ قبول پون.
    اميد ته اوهان پنهنجي ضلعي جي شاخن جون چونڊون خير ۽ خوبي سان مڪمل ڪرائي ورتيون هونديون. هن سان گڏ اوهان کي هڪ پروفارما موڪلجي ٿو، جيڪو ڀري موڪليندا، جيئن سنگت پبليڪيشن جي سلسلي ۾ سنگت شاخن جي نون عهديدارن سان رابطو رکي سگهجي.

    يوسف سنڌي


    مشتاق ڦُـل

    9 جولاءِ 2011ع
    مانوارا! مير حاجن مير
    رابطه سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت ضلعو ڄام شورو

    بابت: سنڌي ادبي سنگت جي شاخن جون چونڊون
    پارا ساٿي!
    سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي باڊيءَ جي فيصلي تحت سنگت جي شاخن جون چونڊون سيپٽمبر 2011ع جي آخري هفتي تائين پوريون ڪرائي، سموري ضلعي جي شاخن جا تفصيل سيڪريٽري جنرل ۽ مرڪز جي فيس في شاخ 200 روپيه مرڪزي خزانچي نبي بخش ناز جي ڏس پتي تي مني آرڊر ذريعي ڏياري موڪليندا ته مهرباني ٿيندي.
    نوٽ: شاخ جي سيڪريٽري ۽ ڪائونسلر جو مڪمل ڏس پتو ۽ فون موبائل نمبر موڪلڻ نه وساريندا.
    دعاگو
    مشتاق ڦل
    سيڪريٽري جنرل سنڌي ادبي سنگت سنڌ


    پروانو سيوهاڻي

    پروانو سيوهائي سنڌي ٻاراڻي ادب جو هڪ وڏو نالو آهي معذور هوندي ڪيل سندس ادبي ڪم ساراهه وارو آهي، سندس ڪتاب ٽياسي جي ٽي ناٽڪ، تماشو، پکين جي ديس ۾، چنڊ ۽ چڪور، هلو ته هلون چنڊ تي، منهنجون يادون منهنجون ننڍپڻ ۽ اڏام، ڇپجي چڪا آهن، سندس سان ويجهڙائپ رهي آهي، هميشه ٻاراڻي ادب جو فڪر هوندو اٿس
    (مير حاجن مير)

    2 فيبروري 2012ع
    سرهاڻ جو ساڃاهه وندن لاءِ ساهتي سنيهو
    مانوارا سائين مير حاجن مير
    حق موجود سنڌ موجود
    منهنجا سائين!
    سيوهڻ ماضي ۽ حال جي هر دور ۾ علم ۽ ادب جو مرڪز رهيو آهي. هن خطي جي سر زمين ڪيترن ئي اديبن ۽ شاعرن کي جنم ڏنو آهي ۽ ڪيترائي اشاعتي ادارن سنڌي ٻوليءَ جي ڀرپور ۽ بي لوث خدمت ۽ ٻوليءَ جي پرچار ڪئي آهي انهن اشاعتي ادارن مان سرهاڻ پبليڪيشن سيوهڻ به ٻاراڻي ادب جو هڪ مڪمل ادارو آهي جنهن جو سرواڻ ۽ سهڙيندڙ محترم پروانو سيوهاڻي آهي.
    منهنجا سائين! هن اداري جو بنياد 1977ع جي جنوريءَ جي مهيني ۾ حافظ محمد احسن چنا جي پريس تي سنڌ جي سدا حيات ۽ عوامي شاعر استاد بخاريءَ رکيو... هن مقصد سان هيءُ ادارو (سرهاڻ پبليڪيشن) سنڌ ۾ ٻاراڻي ادب جي اوسر لاءِ جاکوڙيندو ۽ سرهاڻ پبليڪيشن جو پهريون ڪتاب ٻاراڻي ساهتي کيتر ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو... ۽ پوءِ سرهاڻ ڪتابي سلسلي ٻارن لاءِ معياري ڪهاڻين، ناٽڪن ۽ معلوماتي سائنسي ڪتاب ٻارن لاءِ وقت به وقت ڇپرائي پڌرا ڪيا آهن... ۽ ان کانسواءِ ٻارن جو رسالو سرهاڻ به هن پبليڪيشن جو سلسلو آهي. جيڪو مالي مسئلن جي ڪري هاڻي وقت سر ڇپجي پڌرو نٿو ٿي سگهي.

    منهنجا سائين! اها حقيقت آهي ته سرهاڻ رسالي جي ايڊيٽر پرواني سيوهاڻيءَ جو ڪردار هڪ سياڻي پٽيوالي جو ڪردار آهي... ڪڏهن سنڌ جي ڪهڙي اسڪول ۾ ته ڪڏهن وري ڪهڙي اسڪول ۾... اڻپوري وجود جو ادبي کيتر ۾ اهڙو ڏکيو ڪم ڏسي ڏندي آڱريون اچي وڃن ٿيون... ڄڻ ”پروانو سيوهاڻي“ موبائيل سروس هجي. منهنجا سائين...! هيءُ ادارو پنهنجي مدد پاڻ ڪرڻ واري اصول تي رڪاوٽن جي باوجود اڃا تائين قائم ۽ دائم آهي.
    وقت جي وهڪرن سان مقابلو ڪري هاڻي هيءُ ٻارن جو علمي ۽ ادبي ادارو هاڻي پوين پساهن ۾ آهي هن کي وري جيارڻ سنڌي ٻوليءَ جي سڃڻن مخلص ادب دوستن جي ضرورت آهي. 1990ع کان وٺي هيءُ ٻاراڻي ادب جو ادارو سست رفتاريءَ سان ڪم ڪندو رهي ٿو... جيڪو نه هئڻ جي برابر آهي اسان کي اوهان جي سهڪار سان هڪ ڀيرو وري سرهاڻ پبليڪيشن کي جيارڻو پوندو..
    سائين منهنجا!... ٻار هر ڪنهن کي پيارو لڳندو آهي پر جي هر هڪ باشعور سنڌيءَ کي ٻار جيان ٻاراڻو ادب به پيارو لڳي ته پوءِ مون کي پڪ آهي ته ٻاراڻي ادب ۾ واڌارو اچي سگهي ٿو... والدين ٻارن کي قيمتي رانديڪا ته وٺي ڏيئي ٿو پر ان کي ذهني نشونما لاءِ خوبصورت ڪتاب نٿو وٺي ڏيئي جنهن سان ٻار جي نشو نما به ٿئي ۽ ذهني اوسر به ٿئي اسان جو جيستائين ٻاراڻو ادب به ترقي نه ڪندو. اوستائين سنڌي ٻولي به ترقي نٿي ڪري سگهي هن علمي ۽ سائنسي دور ۾ اسان جي ٻار کي رانديڪي جي ضرورت ڪانهي. ٻار کي علمي ادبي ۽ سائنسي ڪتاب جي ضرورت آهي. رانديڪو ٻار کي رانديڪو بنائي ڇڏي ٿو ۽ ڪتاب ٻار کي ڪتاب بنائي ڇڏي ٿو... ٻار سماج جو ڳالهائيندڙ ڪتاب آهي.
    سائين منهنجا!... اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته ٻار زندگي جي علامت ۽ سنسار جي سونهن آهي ۽ مستقبل جو پڻ معمار آهي انهن جي آبياري ڪرڻ اسان جو قومي فرض آهي. اسان کي ٻار جي نازڪ ۽ نفيس احساسن ۽ جذبن جو سچيءَ دل سان احترام ڪرڻ گهرجي...

    گل تارا...
    ها... سائين گل تارا... سرهاڻ پبليڪيشن سيوهڻ وري هڪ نئين جذبي ۽ حوصلي سان ٻارن لاءِ علمي، ادبي ۽ سائنسي رسالو گل تارا ڇپرائي پڌرو ڪري رهي آهي. اوهان کي گذارش ته آهي هن قومي ڪم ۾ اسان جو ڀرپور ساٿ ڏيو ۽ اسان سان سهڪار ڪيو ۽ رسالي گل تارا جا ساليانه خريدار ٿيو سال ۾ گل تارا جا چار رسالا سرهاڻ پبليڪيشن ڇپرائي ٻاراڻي ادب ۾ پڌرا ڪندي اوهان جو سهڪار سرهاڻ پبليڪيشن لاءِ جبل جهڙو حوصلو هوندو ساليانو چندو 300 اکر ٽي سو روپيه آهي.
    سائين منهنجا!... اوهان جا پئسا قومي ڪم ۾ خرچ ٿيندا ۽ اوهان کي سنڌ جو هر ٻار دعا ڪندو.

    مهرباني
    ايڊيٽر
    پروانو سيوهاڻي
    پروانو سيوهاڻي، سيوهڻ


    منظور اڄڻ (راڻيپور)

    1 جولاءِ 2013ع
    محترم مير حاجن مير صاحب
    اڳوڻا ضلعي رابطا سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت ڄام شورو

    عنوان: ڏک جو اظهار
    مانوارا سائين!
    اوهان جي چاچي جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي ڏک رسيو آهي، اوهان جي چاچي جي لاڏاڻي تي مان توهان سان ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان ۽ ڌڻي دعا آهي ته خدا شال مرحوم کي پنهنجي رحمت ۽ ٻاجهه سان جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي ۽ پونئرن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي.
    ساٿ سدائين قائم

    اوهان جو خيرانديش
    منظور اڄڻ (راڻيپور)
    ڊپٽي سيڪريٽري جنرل
    سنڌ گريجوئيشن ائسوسيئيشن سنڌ

    نوٽ: منهنجو چاچو حاجي غلام حسين پنهور ولد احمد خان پنهور 2013-5-25 تي وفات ڪري ويو، محترم منظور اڄڻ خط لکي ڏک جو اظهار ڪيو.
    (مير حاجن مير)


    مشتاق بخاري

    12 نومبر 2014ع
    محبتن جا ميرَ،
    منهنجا پيارا دوستَ!
    مير حاجن مير

    اميد ته اوهان سکيا ۽ سَرها هوندا.
    پيارا! اوهان کان موڪلائي، اوهانجا ڏنلَ مانَ ۽ محبتون کڻي خير سان ڳوٺ پهتس.....
    يار! چڱو ٿيو جو ان رات بڊي جبل کان واپسيءَ تي باجارا ۾ اوهان پياري دوستَ ساحر راهوءَ سميت مليا ۽ ساحر سائينءَ جي صدقي سائين رجب ٻگهيو سان به ملاقات ٿي وئي، سائين رجب لاءِ اسانجي اندرَ ۾ سڪ جو سمنڊ ڇوليون هڻندو آهي پر سائين ملاقات جو شرف گهٽ بخشيندو آهي، باقي اوهان، عباس حيدر چنه ۽ سائين امداد سروري صاحب مونسان ملڻ لاءِ ماندا هوندا آهيو، منهنجون ته اوهان سيوهڻ تعلقي جي اديبن ۽ شاعرن سان ته ٻِٽيهه دليون آهن، اوهان سان ملي مَنَ کي اَڻَ ميون مسرتون ملنديون آهن.
    پيارا مير! حقيقت ۾ سائين رجب جو به ڏوهه ناهي، باجارا شهر جي آبهوائي شايد اهڙي آهي مان پاڻ حيران ٿي ويندو آهيان ته باجارا ايندي هئي بدن ۾ سُستيءَ جي لهر ڇانئجي ويندي آهي، اوهان عباس چنه ۽ سائين امداد سروري ڏهه ڀيرا فونون ڪندا آهيو ته مسين 1 يا 2 بجلي گهران نڪري سيوهڻ اوهان تائين پهچندو آهيان، عباس چنه سان به گهڻي قدر شام جو وڃي ملاقات ٿيندي آهي، مان حيران ٿيندو آهيان ته مان هيڏو متحرڪ ماڻهو هڪ ڏينهن ۾ ڏهه شهر گهمي وٺندو آهيان، ڪيترن ئي دوستن سان ملي وٺندو آهيان ۽ نه ڄاڻ ڪيترائي پروگرام اٽينڊ ڪندو آهيان ۽ هِتي ميرَ تائين مَس ٿو پهچان. بهرحال اِها ڳالهه مڃبي ته باجارا جي اِها آبهوا تن مَن کي سستي ڏئي سڪون بخشيندي آهي مان جيترا ڏينهن به باجارا ۾ هوندو آهيان سک ۽ سڪون جو ساهه کڻِندو آهيان، باجارا سيوهڻ، جهانگارا، ڀان سيد آباد ۽ ڪرم پور جان سڀ دوست ۽ رهواسي مونکي مانُ ۽ محبتون ڏيندا آهن، اوهان جهڙن دوستن جون محبتون ۽ پيار منهنجي جيون جو سَرمايو آهي، انشاءُ الله وري ملاقات ٿيندي، محبتون ڏبيون ۽ وٺبيون، جيون رهندو جيسين..
    ساٿ هي رهندو تيسين..

    اوهان جو دعاگو

    مشتاق بخاري
    پوسٽ آفيس ڊکڻ، ضلعو شڪارپور


    انور ساگر ڪانڌڙو

    انور ساگر ڪانڌڙو سنڌ جو ناميارو شاعر ۽ محقق آهي ڪافي ڀيرا قلندر لعل شهباز رح جو ادبي ڪانفرنس جو ڪنوينر رهيو آهي، ڪافي ڪتاب مرتب ڪيل اٿس، منهنجو محبوب دوست آهي، مالڪ سائين خوش رکيس.
    (مير حاجن مير)
    05 مئي 2015ع

    مٺڙا دوست مير حاجن مير
    اميد ته شل سکيو هوندين!
    ڪالهه توهان کان موڪلائي اڄ حيدرآباد ڇا پهتو آهيان، سيوهڻ جا منظر اکين ۾ لهي ويا آهن، اڄ سوچيم ته اوهان سان هن خطَ ذريعي حال احوالي ٿيان ۽ مهمان نوازي جو شڪريو ادا ڪيان، اوهان سيوهڻ جهڙي تاريخي شهر جي سفر ۾ هم سفر رهيا ۽ تمام گهڻي معلومات مهيا ڪئي، اهو ان ڪري به جو سيوهڻ تي اوهان جو تازَو ڪتاب ”سيوهڻ جو ادبي شخصيتون“ پڻ شايع ٿيو آهي، ان کان علاوه سيوهڻ تي جنهن کي تحقيق ڪرڻي هوندي آهي اَهي توهان سانَ ۽ سائين نظير حيات سيوهاڻي سان ضرور ملندا آهن، جنهن جو ذڪر اوهان هن سفر ۾ ڪيو هو، توهان کان علاوه سائين نظير حيات سَيوهاڻي جو تهه دل ٿورائتو آهيان جنهن قلندر جي ڪافين جو احوال تفصيل سان ٻڌايو، سبزواري سادات جي مقبرن جي باري نئون ڳالهيون ٻڌي مان ته اچرج ۾ اچي وس، ڇٽي آمراڻي مزار جو رنگ بيحد پسند آيو، اتي جي قبرن جي قدامت جي باري ۾ پڻ قيمتي ڪتاب پڙهياسين، ڪربلا تي پڻ اوهان سان گڏ وڃڻ ٿيو ۽ سيد ثابت علي جي مزار تي حاضر ڀريسين، اوهان خاص طور تي تذڪره مشَائخ سيوستان جي ڪردارن جو مزارون پَڻ ڏيکاريون نه رڳو گهمايو اٿو، پر مهمان نواز خاطر تواظع جو ڪو ڇيهه نه هو، لجپال هوٽل جا مزيدار کاڌا پڻ مهيا ڪيا.مهربانيون قرب، سيوهڻ جي گھٽي گهٽي گهمائي ان مان معلوم ٿيو ته سيوهڻ کي هر گهٽي ۾ ڪانه ڪا يادگار ڪا نه ڪا ڪافي، ڪا نه ڪا درگاهه موجود هئي.
    هاڻي ته مون ڪنهن آرٽيڪل ۾ اهو پڙهيو آهي ته سيوَهڻ جي گهٽي گهٽي ڪهاڻي آهي، اَن کان علاوه منهنجو خواب به پورو ٿيو جو چاهيو پئي ته مغرب جي وقت جيڪا نوبت لڳندي آهي ان جي زيارت ڪيان، جنهن جي باري ۾ اها روايت موجود آهي ته ان وقت قلندر سائين پاڻ درگاهه تي شربت کڻي ايندا آهن ۽ پوءِ توهان ڏٺو ته ڌمال کي ڏسندي مون تي ايڏو وجد طاري ٿي ويو جو مون به حسن دَرس وانگر ڌمال هڻڻ شروع ڪئي ان ڌمال منهنجي طبيعت تي وڏو اثر ڪيو آهي ۽ مون هتي اچي هڪ غزل چيو آهي ته:

    مئڪدي مان ته مون کي وٺي ٿا وڃون پر ٻڌايو ڪٿي اهڙو منظر به آ،
    ۽ هتي ٿو جو دل ۾ ڌمالون هڻي سو دنيا ۾ ٻيو قلندر به آ،
    ڇا ته تاريخ ۾ جاڳيو آهي سيوهڻ قلعي مان هي ٽاپون ڪنائجن پيو،
    ها هتان کان ڊنل ڪو بطوطا هيو ۽ هتان جو ڌڪيل ڪو سڪندر به آ،
    (انور ساگر)

    ان کان علاوه چوٿنڀي وارو منظر مون کان وسري ئي نٿو ساڄي پاسي منڇر جو دلڪش نظارو، کاٻي پاسي سنڌو درياءُ ڏکڻ ۾ جبل ۽ اتر اوڀر طرف قلندر لعل شهباز جي روضي جو درشن ڇا ته وڻندڙ نظارو هو، چوٿنڀي تي ويهي ميرڪ يوسف جو ڪتاب ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ ياد ته ان وقت جا حڪمران ڪيئن هئا، فوري لاءِ ان چوٿنڀي واري ٿلهي تي اچي ويهندا هئا، اهو سج لهڻ وارو منظر تاقيامت نه ٿو وساري سگهان، تنهنجا ٿورا جو تو پنهنجو قيمتي وقت مون کي ڏنو، هڪ شاعر جي ذهن کي الائي ڪاٿي پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيئي، سگا واري دوست نور محمد سيال جو ٿورائتو آهيان ان پڻ هن شهر جي اهم جاين جي نشاندهي ڪئي، ان کان علاوه سندس پٽ پاران ميهڙ مان آندل پتي مان ٺهيل ڪڙڪ پتي واري چانهه ۽ تيل ڀينڊين جو ذائقو اڃا تائين پنهنجي چپن تي محسوس ڪندو آهيان، پروفيسر اڪبر ميمڻ ۽ نور محمد سيال جو تهه دل شڪر گذار آهيان جو مهرباني ڪري مون کي خدا آباد ۾ نظير ڀنڊ جو درشن ڪرايائين، جيڪو نه رڳو منهنجي والد جو دوست پر منهنجو پراڻو شفيق ۽ همدرد رهيو آهي، منهنجي وڃڻ جي کين ايتري خوشي ٿي جو پنهنجن دوستن کي منهنجي اچڻ جي خبر ڏنائين پنهنجي ڪوششن سان اڏايل اسپتال جو درشن ڪرايائين، سائين امداد سروري، سائين نظير حياتي سوهاڻي ۽ اڪبر ميمڻ کي منهنجا گهڻا گهڻا سلام چئج تذڪره مشائخ سيوستان جا باقي ٻه چار رهيل ڪردار به ڳولي هٿ ڪيو ته ان ڪم کي اڳتي واڌايون.
    سنگت کي سلام چئجو
    والسلام


    فقط پيار ۽ اڪير/اوهان جو پنهنجو

    انور ساگر ڪانڌڙو
    ليڪچرار گورنمينٽ ڪاليج قاسم آباد حيدرآباد
    0300-3091683


    شاھد حنائی

    ۱۶ جولائی ۲۰۱۵ء
    گولاڑچی
    محترم و مکرم میر حاجن میر صاحب
    آداب!
    اْمیدہے کہ مزاج بخیر ہوں گے۔
    آپ کی طرف سے بھجوائی گئی کتب ’’نیرا خواب‘‘ اور’’ سیوھن جون ادبی شخصیتوں‘‘ کا تحفہ وصول پایا۔ اس کرم فرمائی کے لیے شکر گزار ہوں ، بے حد شکر گزار۔ آپ کی شاعری میں لہجے کی بے ساختگی اور حساس فرد کی ترجمانی کے عناصر نمایاں ہیں۔ آپ نے شعریت کو اس کے معنوی حسن کی تقدیم کے مطابق بڑھایا ہے ۔ محض لفاظی یا تک بندی سے کام نہیں لیا۔ آپ مختصر بحروں میں زیادہ متاثر کن کلام کہتے ہیں ۔ بعض بعض اشعار میں اُستاد بُخاری کے مدھر لہجے کا سا گمان ہوتا ہے۔ آپ کی نظموں میں گہرائی ہے اور چونکا دینے کی صلاحیت ، نعرہ بازی کا شہائبہ تک نہیں ہوتا۔ مجھے آپ کی شاعری اچھی لگی ۔
    کم بیش ہر ضلع کے اُدبا، صحافیوں اور نام ور شخصیات کے حوالے سے کام ہوچکا ہے۔ اس سلسلے میں ڈاکٹر بشیر شاد کا اہم کام ہے ۔ آپ نے اپنے شہر سیوہن کی ادبی شخصیات کے کوائف اور تخلیقات یک جا کرنے کا کارنامہ انجام دیا ہے ۔ یہ بہت ہی تھکا دینے والا کام ہوتا ہے۔ گوٹھ گوٹھ پھرنا لئبریریوں ، کتابوں تک رسائی حاصل کرنا ، کلام اور تصاویر کا حصول بھی مئلہ ہوتا ہے ۔ مرحوم ہوچکی شخصیات کی تاریخ پیدائش کا درست ریکارڈ حاصل کرنا آسان نہیں ہوتا ۔آپ نے ایک تاریخی کام کیا ہے، جس کی اہمیت ہمیشہ قائم رہےگی۔ بلاشبہ یہ کام آپ کی عمر سے بڑا ہے۔ ایسے کام وقت ، وسائل سے کہیں زیادہ جذبے اور خلوص کے متقافی ہوتے ہیں ۔’’سیوھن‘‘ادبی لحاظ سے زرخیز خطہ ہے ۔ آپ نے ایک ناقابل فراموش کارنامہ کر دکھایا ہے ۔ ہر اچھے کام میں بہتری کی گنجائش رہتی ہے ۔ مجھے آپ سے کئی اچھی امیدیں وابستہ ہیں۔ بہت خوش رہیں۔
    شاھد حنائی
    گولاڑچی بدین


    سائل پيرزادو

    سائل پيرزادو سنڌ جو ناميارو شاعر آهي، نثري نظم ۽ غزل خوبصورت لکيو اٿس، سندس ڪتاب ”سمنڊ ڪناري ڪوڏ“، ”تاڻيان تند نه نبري“، ”خوشيون پرڏيهه جا پنڇي“، ”اکين ۾ مند مينهوڳي“ ڇپجي چڪا اٿس. سندس منظوم خط شامل ڪيان ٿو.
    (مير حاجن مير)
    10 جون 2016ع
    محترم مير حاجن مير
    يار حاجن!
    حال توکان پُڇان؟
    ديس هِنَ
    بدحال جو
    بس ياد آئين،
    اَڄ صفا تون اوچتو!
    ۽ نيڻ منهنجا
    ٿي ڌمال چوڪ ويا!
    سار تنهنجي ٿي قلندر
    پئي نچي
    اَڄُ ذهن ۾!
    تون شاهي بازار ۾
    اوگهڙ ڍڪڻ جو
    ڪاروبار
    ٿو ڪرين!
    ۽ وري رات جو
    خيالن جو بدن
    ڍڪين ٿو لفظن ۾
    ڪيڏو مالا مال آهين
    جذبن ۾
    شال تنهنجو ڏات
    هي رقصم رهي!
    لفظ تارا ٿي پون!
    شاعري جي اُڀ تي
    روشن چارا ٿي پون،
    عاشقيءَ جي پنڌ ۾!!
    مان صفا
    تنهنجو سائل آهيان.

    قرب مان

    سائل پيرزادو
    سڪرنڊ


    آخری پںو


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 467
    ڪتابن جو مشاهدو: 397344
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 160522
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ