ڪتاب جو نالو: شاهه جي شاعريءَ ۾ سُگهڙائپ جو رنگ
مصنف: عاجز رحمت الله لاشاري
ڇپائيندڙ: حسن درس اڪيڊمي، حيدرآباد
ڪيٽيگري: لطيفيات
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 22 فيبروري 2017 ع
پڙهيو ويو: 783 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 318 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”شاهه جي شاعريءَ ۾ سُگهڙائپ جو رنگ“ نامياري سگهڙ ، لوڪ ادب جي پارکو ۽ لوڪ ادب تي تحقيقي ڪم ڪندڙ محترم عاجز رحمت الله لاشاري صاحب جي تحقيق تي مشتمل آهي.
لطيف جي فڪر جي پوئلڳ ۽ جاکوڙي انسان عاجز رحمت الله لاشاريءَ پنهنجي طرز جو الڳ ٿلڳ ڪم ڪيو آهي ۽ لطيف جي ڪلام ۾ سگهڙائپ جا جيڪي رنگ ڏٺا ۽ انهن کي عام تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. حقيقت اها آهي ته هن وقت لوڪ ادب کان وڌيڪ شاهه سائينءَ جو ڪلام مشهور ۽ عوام ۾ مقبول آهي، عاجز رحمت الله جو هيءُ ڪتاب به ان سلسلي ۾ هڪ بهترين اضافو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا
  • سنڌ سلامت پاران
  • ڪتاب گهرائڻ لاءِ
  • انتساب
  • اداري پاران : انور سولنگي
  • مُهاڳ : ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
  • مقدمو : سليم ڀٽو لطيفي
  • لطيفي فن ۽ فڪر جي پرچار! : فقير علي ڏنو خان نظاماڻي
  • پنهنجي پاران : لوڪ ادب مشاهدو ...! (عاجز رحمت الله لاشاري)
  • ٻه اکر : سگهڙائپ جي پروڙ...! : آغـا ظفـر
  • لوڪ ادب جو اوسيئڙو...! : گل حسن گُل ملڪ
  • فهرست

  • شاهه جو لوڪ رنگ...!
  • لطيفي لات ۾ عوامي ادب...!
  • شاهه جي شاعري ۾ مهانتا...!
  • شاهه جو شاعراڻو دور...!
  • شاهه جي شعرن ۾ سگهڙائپ جون صنفون...!
  • ڏور بيت...!
  • هُنر...!
  • پهاڪا ۽ چوڻيون..
  • شاهه جي شاعريءَ ۾ رنگن جي رونق...!
  • شاهه جي شعرن ۾ گاهن، ٻوٽن، ميون، ڀاڄين، اناج، وڻن ۽ ولين جو ذڪر..!
  • شاهه جي شعرن ۾ لوڪ رسمن جو ذڪر.!
  • شاهه جي شاعريءَ ۾ ڳوٺاڻو/ سماجڪ منظر...!
  • حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمة الله عليه جي شان ۾ عقيدت جو اظهار...!
  • رسالو ڳجهارتون 
  • مددي ڪتاب
  • آخري پنو

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا

    ڪتاب جو نالو : شاهه جي شاعريءَ ۾ سُگهڙائپ جو رنگ
    تحقيق : عاجز رحمت الله لاشاري [0301-3566707]
    سال : 2016ع
    ڇاپو : پهريون
    تعداد : 1000
    پبلشر : حسن درس اڪيڊمي، حيدرآباد
    hassandarsacedemy@gmail.com
    سهڪار : سنڌ سگهڙ ادب لوڪ تنظيم (سلات) سنڌ، پاڪستان
    ڇپيندڙ : ايڊوانس پرنٽنگ ايجنسي، حيدرآباد.
    0300 0815982
    ٽائيٽل : محمد علي سپرو
    لي آئوٽ ۽ ڊزائين : امين سولنگي 0315 3020869
    ڪمپوزنگ : شاهجهان سولنگي، رحمت الله خاصخيلي
    قيمت : 200 روپيه


    All Rights Reserved

    Name of Book : Shah Ji Shairi Main Sughrraip Jo Rang
    Research : Aajiz Rahmatullah Lashari
    Year : 2016
    Print : First
    Publisher : Hassan Dars Academy, Hyderabad
    Contribution : Sindh Sughar Lok Adab Tanzeem (Salat)
    Printed by : Advance Printing Agency, Hyderabad.
    Composed by : Shahjahan Solangi, Rahmatullah khaskheli
    Title : Muhmmad Ali Supro
    Layout & Design: Ameen Solangi
    Price : Rs. 200


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ” شاهه جي شاعريءَ ۾ سُگهڙائپ جو رنگ“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب نامياري سگهڙ ، لوڪ ادب جي پارکو ۽ لوڪ ادب تي تحقيقي ڪم ڪندڙ محترم عاجز رحمت الله لاشاري صاحب جي تحقيق تي مشتمل آهي.
    لطيف جي فڪر جي پوئلڳ ۽ جاکوڙي انسان عاجز رحمت الله لاشاريءَ پنهنجي طرز جو الڳ ٿلڳ ڪم ڪيو آهي ۽ لطيف جي ڪلام ۾ سگهڙائپ جا جيڪي رنگ ڏٺا ۽ انهن کي عام تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. حقيقت اها آهي ته هن وقت لوڪ ادب کان وڌيڪ شاهه سائينءَ جو ڪلام مشهور ۽ عوام ۾ مقبول آهي، عاجز رحمت الله جو هيءُ ڪتاب به ان سلسلي ۾ هڪ بهترين اضافو آهي.
    هي ڪتاب حسن درس اڪيڊمي، حيدرآباد پاران سنڌ سگهڙ ادب لوڪ تنظيم جي سهڪار سان 2016ع ۾ ڇپايو آهي. ٿورائتا آهيون رحمت الله خاصخيليءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ڪتاب گهرائڻ لاءِ

    مرڪزي دفتر: سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات)
    ويجهو ريلوي ڪراسنگ سيد آباد ڪالوني، ڄامشورو.
    فون: 0301-3566707 | 0346-3685474

    ايڊوانس پرنٽنگ ايجنسي
    دوآبا پوليس لائن ويجهو النور ميڊيڪل اسٽور
    قاضي عبدالقيوم روڊ، گاڏي کاتو حيدرآباد.
    فون: 0300-0815982 | 0315-3773743


    انتساب

    لطيفي فڪر جي
    پوئلڳ ڏات ڌڻين
    جي نانءَ


    اداري پاران : انور سولنگي

    حسن درس اڪيڊمي جو مقصد خود حسن درس جي سوچ، فڪر، فهم، علم ۽ عرفان جي ترويج توڙي ترقي ۽ لطيف شناسي، فن، ادب، موسيقي ۽ ثقافت جي واڌاري لاءِ جاکوڙ ڪرڻ آهي.
    لطيف شناسيءَ جي حوالي سان سگهڙن، شاعرن ۽ اديبن جيڪو ڪم ڪيو آهي اهو پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ساراهه جوڳو عمل آهي پر لطيف جي فڪر جي پوئلڳ ۽ جاکوڙي انسان عاجز رحمت الله لاشاري هي جيڪو پنهنجي طرز جو الڳ ٿلڳ ڪم ڪيو ۽ لطيف جي ڪلام ۾ سگهڙائپ جا جيڪي رنگ ڏٺا ۽ انهن کي عام تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي ، انهيءَ کي قدر جي نگاهه سان ڏسندي اسانجي اداري هيءُ ڪتاب ڇپائڻ جو ارادو ڪيو .
    مونکي نهايت خوشي ٿي رهي آهي جو اسان“ حسن درس اڪيڊمي” پاران پنهنجو هيءُ پهريون ڪتاب عاجز رحمت الله لاشاريءَ جي ڪيل پنهنجي نوعيت جي پهرئين ڪم “شاهه جي شاعريءَ ۾ سگهڙائپ جو رنگ” ڇپائي پڌرو ڪري رهيا آهيون. اميد آهي ته ادبي علمي حلقن مان سٺي موٽ ملندي. پڙهندڙن جي راءِ، اصلاحي تنقيد ۽ رهنمائي جي ادارو آجيان ڪندو.


    انور سولنگي
    ڊائريڪٽر
    حسن درس اڪيڊمي، حيدرآباد
    03468242903-03012469363
    hassandarsacedemy@gmail.com


    مُهاڳ : ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

    عاجز رحمت الله لاشاري ءَ جي هن پورهئي کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان لوڪ ادب کي سڀ کان اڳ ۾ سمجهون.
    اظهار جا مختلف طريقا آهن، اشارن وسيلي به اظهار ڪري سگهجي ٿو ته آواز ۽ عمل ذريعي به اظهار ڪري سگهجي ٿو، رنگ به اظهار ۽ پيغام پهچائڻ جا بهترين وسيلا آهن. روڊ تي ڳاڙهي رنگ جي بتيءَ کان گاڏي بيهارڻ ۽ سائي رنگ جي بتيءَ کان گاڏي اڳتي ڪاهڻ جو به ڪم ورتو وڃي ٿو.
    آرٽسٽ رنگن وسيلي تصوير جوڙي پنهنجي اندر جو اظهار ڪري ٿو ٻولي سڀني اظهارن مان سگهارو ۽ عام ذريعو آهي. پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾ نه رڳو احساس ۽ جذبن جو اظهار ڪجي ٿو پر ضرورتن جو به اظهار ڪيو وڃي ٿو. ٻوليءَ ۾ وري ادب کان وڌيڪ بهتر ۽ مؤثر اظهار جو ٻيو وسيلو ناهي. اندر جو اظهار پنهنجي لاءِ نه پر ٻئي ڪنهن هڪ يا هڪ کان وڌيڪ انسانن لاءِ هوندو آهي . ادب ۾ نثر هجي يا نظم اهو عام ماڻهن يا لوڪ لاءِ هوندو آهي. جڏهن سمورو ادب لوڪ لاءِ آهي ته پوءِ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته رُڳو “لوڪ ادب” سان ئي لوڪ لفظ ڇو ٿا ڳنڍيون؟ اظهار جي لحاظ کان سمورو ادب لوڪ ئي هجڻ گهرجي پر اسان جي عالمن ادب جا مختلف حصا رڳو سڃاڻپ لاءِ جوڙيا آهن جيئن:
    لوڪ ادب، اساسي، ڪلاسيڪي ادب، ۽ جديد ادب وغيره.
    ادب جي مختلف قسمن کي ٻوليءَ، صنفن گهاڙيٽي ۽ دؤر جو فرق واضح ۽ الڳ الڳ ڪري ٿو. ٻوليءَ مان مراد قديم ۽ ٺيٺ ٻولي / لهجا ۽ هاڻوڪي دؤر ۾ ڪتب ايندڙ ٻولي وغيره آهي.
    اسان جي سموري ادب جو بنياد لوڪ ادب آهي جنهن کي زنده رکڻ لاءِ خاص ڪري سگهڙ يا لوڪ شاعر پاڻ پتوڙيندا ۽ اڳتي وڌائيندا پيا اچن لوڪ ادب جي شروعاتي وصف اها هئي ته اهڙو ادب جيڪو عام ماڻهن ۾ تمام گهڻو مشهور هجي ۽ ان جي تخليقڪار جي به خبر نه هجي هر ڪو ماڻهو ان کي پنهنجو سمجهي. اڳتي هلي لوڪ ادب جا تخليقڪار به سامهون اچڻ لڳا. سندن تخليقن ۾ شاعرن وانگر سندن تخلص ۽ ذاتيون ۽ نالا به اچڻ لڳا. لوڪ ادب جنهن جا سرجيندڙ رڳو سگهڙ هئا، ان ۾ عام شاعرن ۽ ليکڪن به پنهنجو حصو ڳنڍيو، عام شاعرن ۽ ليکڪن لوڪ ادب جي صنفن تي به طبع آزمائي ڪرڻ شروع ڪئي. هن دور ۾ جيئن شيخ اياز، استاد بخاري، تاجل بيوس ۽ ٻين لوڪ ادب جون صنفون هوجمالو، مورو ۽ ٻولي وغيره به لکيون، ڪن وري تحقيق وسيلي لوڪ ادب کي ترقي ڏياري جيئن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو وغيره. انفرميشن ٽيڪنالاجي جي ترقي انٽرنيٽ ۽ موبائل فون جي وڌندڙ استعمال انساني زندگي ۾ تمام گهڻي تيزي ۽ بهتري آڻي ڇڏي آهي. ان سان ٻهراڙيءَ واري زندگي تيزيءَ سان شهري زندگيءَ ۾ تبديل ٿيندي پئي وڃي. انهن تبديلين جو تڪڙو اثر ٻوليءَ ۽ ادب تي به پئجي پيو.
    ان صورتحال ۾ لوڪ ادب جي وصف به ڄڻ تبديل پئي ٿئي. سگهڙ عام شاعريءَ جي صنفن تي ۽ عام شاعر سگهڙائپ وارين صنفن تي طبع آزمائي پيا ڪن. سگهڙ لاءِ جيڪو عام تصور هو ته هُو اڻپڙهيل هوندو آهي اهو به تبديل ٿي ويو آهي. هاڻي سگهڙ وٽ رسمي تعليم به اچي چڪي آهي ، ڪيترا ته ايم اي يا ان کان به مٿي جي تعليم رکن ٿا. هن وقت لوڪ شاعري اهڙي شاعريءَ کي سمجهيو وڃي ٿو جنهن ۾ ٻهراڙيءَ جي عڪاسي ٿيل هجي ان ۾ ٺيٺ لفظ ڪتب آيل هجن ۽ ان ۾ ڪسوٽيءَ جو عنصر وڌيڪ هجي ڳجهارت يا سوال وارو انداز به هجي. عوام ۾ گهڻي مقبوليت ۽ مشهوريءَ وارو عنصر به ڪمزور ٿيندو پيو وڃي. ڇاڪاڻ ته ميڊيا ۽ تعليم وڌڻ سبب ٻين ٻولين جهڙوڪ انگريزيءَ، اردوءَ ، عربيءَ ۽ هنديءَ جو اثر سنڌي ٻوليءَ ۽ خاص ڪري نئين نسل تي تمام گهڻو پيو آهي، جنهن ڪري سنڌي ٻوليءَ جا ٺيٺ لفظ متروڪ ٿيندا يا مرندا پيا وڃن ٽيڪنالاجي سبب زندگيءَ جو ڪار وهنوار ئي تبديل ٿي ويو آهي. هاڻي نه رهيو آهي نار نه ئي هر ۽ پاڃاري ۽ ڏاندن جو جوڙو وغيره. ان ڪري لوڪ ادب سمجهڻ وارا به گهٽجندا وڃن ٿا. جڏهن ڪا تخليق سمجهي ئي نه سگهبي ته اها مقبول يا عام ڪٿان ٿيندي ؟ بهرحال اهو هڪ الڳ بحث آهي جنهن تي ڪنهن ٻئي مضمون ۾ تفصيل سان لکيو ويندو.
    مٿي ڄاڻايل ڳالهين بيان ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته جيئن عاجز رحمت الله لاشاريءَ جي ڪيل هن پورهئي کي سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي. عاجز صاحب دنيا جي عظيم شاعر شاهه لطيف جي ڪلام مان سگهڙائپ کي نروار ڪرڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي. شاهه صاحب سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ هي ٻن صنفن بيت ۽ وائي ءَ تي عاليشان طبع آزمائي ڪئي آهي وٽس موضوع خيال فن ٻوليءَ ۽ شاعريءَ جون ٻيون خوبيون اعليٰ ترين درجي واريون آهن. سندس ڪلام کي هر لحاظ کان ڪلاسيڪيت جو درجو حاصل آهي هو هڪ ته سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ واري دور سان واسطو رکي ٿو ٻيو سندس ڪلام اعليٰ درجي وارو يعني ڪلاسيڪي آهي، اهوئي سبب آهي جو شاهه صاحب جي ڪلام تي سنڌي ٻوليءَ ۾ وڌ ۾ وڌ تحقيق ۽ تشريح ٿيڻ جي باوجود اڃا گهڻي کوٽ محسوس ٿئي ٿي.
    شاهه صاحب جي ڪلام، پيغام ۽ زندگيءَ بابت ويهن کان وڌيڪ پي ايڇ ڊيون ۽ سوين ڪتاب لکجي چڪا آهن. سندس ڪلام مان قدامت ۽ جدت ڳولڻ جي به وڏي جستجو ٿي آهي. ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي پروفيسر ڊاڪٽر رخمان گل پالاريءَ شاهه جي ڪلام ۾ موجود لوڪ ادب تي پي ايڇ ڊي ڪئي آهي، ڊاڪٽر صاحب جو ڪم اڃا منهنجي سامهون نه آيو آهي عاجز رحمت الله جو شاهه صاحب جي سگهڙائپ بابت مقالو به سال کن پهريان منهنجي نظر مان گذريو هو. عاجز صاحب ان تحقيق کي اڳتي وڌائي ڪتابي صورت ڏني آهي، جنهن تي کيس جس هجي.
    شاهه سائين سرتاج الشعراء آهي اسان جو ته هو عظيم شاعر آهي ئي آهي پر دنيا جو به عظيم شاعر آهي سندس سرتاجيءَ ۽ عظمت کي ٻاهرين عالمن نه رڳو مڃيو آهي پر ثابت به ڪيو آهي اهڙن عالمن ۾ ايڇ ٽي سورلي سرفهرست آهي، شاهه صاحب رڳو عام شاعرن جو سرتاج ئي ناهي بلڪه سگهڙن جو سرتاج به آهي سمورا سنڌي سگهڙ کيس پنهنجو مرشد ۽ سردار پڻ مڃيندا آهن هو پنهنجين ڪچهرين ۾ شاهه صاحب جي ڪلام چوڻ کان سواءِ بيقرار ۽ اڻپورا هوندا آهن . لطيف جو ڪلام سندن دل ٺاريندو ۽ پيغام کين سڌي واٽ ڏيکاريندو آهي هو لطيفي پيغام پکيڙيندڙ ۽ ان ورثي جا سچا وارث آهن. اهو ئي سبب آهي ته سگهڙن جي تنظيم “سلات” جي سرواڻ عاجز رحمت الله لاشاريءَ لطيفي لات کي اڳتي وڌائڻ جو بندوبست ڪيو آهي.
    اسان جا ڪجهه عالم سڳورا کين لطيف سرڪار ۽ سندس پيغام کان سگهڙن کي پري رکڻ جي پرچار ڪندا رهن ٿا ۽ کين ڌڪا به ڏين ٿا پر هي همراهه به مڙڻ وارا ناهن هي شاهه سائين جا پتنگ آهن جن لاءِ پاڻ فرمايائين ته؛
    پتنگن پهه ڪيو، مڙيا مٿي مچ،
    پسي لهس نه لچيا، سڙيا مٿي سچ،
    سندا ڳچين ڳچ، ويچارن وڃائيا.

    (سُريمن ڪلياڻ)
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته شاهه صاحب هڪ بهترين سگهڙ يعني سٺو گهڙيندڙ يا تخليق ڪندڙ آهي شاعر به هڪ تخليقڪار آهي. سگهڙ ۽ شاعر لفظ ته الڳ الڳ آهن پر معنيٰ ۽ مفهوم ساڳيو اٿن سندن ڪم به ساڳيو آهي سنڌ جا سگهڙ لطيف سائين کي سگهڙ چون ٿا. سڀ پنهنجيءَ جاءِ تي درست آهن شاعريءَ ۽ سگهڙائپ جا سمورا رنگ لطيف سرڪار وٽ موجود آهن. هر ڪو پنهنجي عقل سمجهه آهر پرکي ۽ پروڙي ٿو. عاجز رحمت الله به پنهنجي تحقيق وسيلي علمي ۽ عقلي بنيادن تي لطيف سائينءَ جي سگهڙائپ کي ثابت ڪيو آهي هُن ٻوليءَ، گهاڙيٽي، فن ۽ موضوعن وسيلي ثابتيون ۽ مثال ڏنا آهن.
    چوڻي ۽ پهاڪو لوڪ ادب جي صنفن ۾ شامل آهي شاهه صاحب جي ڪلام جا ڪيترائي بيت يا انهن جا ڪجهه بند سنڌي ٻوليءَ ۾ چوڻيءَ طور ڪتب اچن ٿا جيئن؛
    1. سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسيءَ وسري.
    2. حيف تنين کي هوءِ، وطن جن وساريو.
    3. اگهيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي.
    4. اي نه مارن ريت، جيئن سيڻ مٽائن سون تي.
    اهڙيءَ ريت شاهه صاحب جي ڪلام ۾ لوڪ ادب جي صنفن سينگار، هنر ۽ ڏينهن ۽ راتين وغيره وارا بيت به موجود آهن. عاجز رحمت الله هُنر جي مختلف بيتن جي نشاندهي ڪئي آهي. بيتن ۽ صنفن جون سمجهاڻيون ۽ وصفون به ڏنيون آهن اهڙن بيتن مان هتي به هڪ مثال لاءِ ڏجي ٿو.
    جا هَڙ اندر جيءَ ۾ ، ساهَڙَ ٻَڌي ساهه کي،
    سا هَڙ ڇڙي نه ساهه جي، ساهڙ ساهڙ ريءَ،
    ساهڙ ميڙ سميع، ته ساهڙ ڇڙي ساهه جي.

    (سر سهڻي)
    هنر جي معنيٰ آهي ڪاريگري يا فن. شاعريءَ ۾ لفظن کي ڪاريگريءَ ۽ مهارت سان ئي ڪتب آندو ويندو آهي پر ڪنهن هڪ لفظ کي اهڙيءَ ته مهارت ۽ ڪمال ڪاريگريءَ سان ڪتب آندو ويندو آهي جو هڪ لفظ جون مختلف معنائون ۽ مفهوم سامهون ايندا آهن. مٿيئن بيت ۾ به شاهه صاحب هڪ عظيم سگهڙ وانگر لفظ “هَڙَ” کي نهايت ئي ڪاريگريءَ سان ڪتب آندو آهي. بيت ۾ ان جون مختلف معنائون ٿين ٿيون. لفظ “هَڙَ” ۾ “سا” به ڏاڍي ڪاريگريءَ سان جوڙيو ويو آهي. منڊيءَ تي ٽڪ لڳو پيو آهي.
    هَڙَ مان “ساهڙ” ۽ ان جون به مختلف معنائون ٿين ٿيون سنڌي سگهڙائپ جي صنف هنر ۾ شاهه صاحب جو هيءُ بيت شاهڪار جي حيثيت رکي ٿو.
    هَڙ جون مختلف معنائون هن ريت آهن.
    1. هَڙ – ڳنڍ (محبت جو پيچ )
    2. هَڙَ – “سا” سان گڏ – ساهڙ – ميهار (سهڻيءَ جو محبوب / عاشق ) هڪ ئي لفظ
    3. هَڙَ – “سا ” سان گڏ – ساهَڙَ (هتي “سا” جي معنيٰ الڳ يعني جا يا جيڪا ۽ هڙ جي معنيٰ ڳنڍ)
    4. هَڙَ – “سا” سان گڏ – ساهڙ (جيڪا ڳنڍ يا پيچ)
    5. هَڙَ – “سا” سان گڏ – ساهڙ (سهڻيءَ جو محبوب يعني ميهار)
    6. هَڙَ – “سا” سان گڏ – ساهڙ (هتي به ساهڙ هڪ لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ سهڻيءَ جو محبوب )
    7. هَڙَ – “سا” سان گڏ – ساهڙ (سا- جا يا جيڪا، هڙ – ڳنڍ يا پيچ)
    هڪ ئي بيت ۾ ست دفعا لفظ هڙ استعمال ڪيو ويو آهي سڄي بيت جي سمجهاڻي هن ريت آهي، سهڻي ۽ ميهار جو عشقيه قصو مشهور آهي سهڻي ميهار سان درياهه تي ملڻ ويندي هئي ۽ سندس عشق ۾ تڙپندي رهندي هئي. چئي ٿي ته منهنجي من ۾ جيڪو محبت جو پيچ يا ڳنڍ آهي اها مون کي پنهنجي محبوب ميهار ٻڌي آهي، اها ڳنڍ منهنجي ساهه سان ڳنڍجي وئي آهي جڏهن ساهه کي ڳنڍ ايندي آهي ته ڦاهيءَ تي چڙهڻ واري ڪيفيت هوندي آهي، ان ڦاهيءَ کي منهنجي محبوب ميهار کان سواءِ ٻيو ڪوبه کولي نه ٿو سگهي. اهو ملندو ته ڏک ۽ تڪليفون ختم ٿي وينديون اي منهنجا مالڪ اي دانهن ۽ فريادن ٻڌڻ وارا مون کي منهنجو محبوب ميهار ملاءِ ته جيئن منهنجي ساهه جي ڳنڍ ڇُڙي ، کُلي وڃي ۽ مون کي سڪون ملي.
    حقيقت اها آهي ته هن وقت لوڪ ادب کان وڌيڪ شاهه سائينءَ جو ڪلام مشهور ۽ عوام ۾ مقبول آهي عاجز رحمت الله جو هيءُ ڪتاب به ان سلسلي ۾ هڪ بهترين اضافو آهي.
    مان عاجز رحمت الله لاشاريءَ ۽ ڇپيندڙ اداري “حسن درس اڪيڊمي حيدرآباد” کي هن بهترين ڪم تي مبارڪون ڏيان ٿو.


    ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
    ڪراچي

    2016-10-10
    فون نمبر: 03012399345


    مقدمو : سليم ڀٽو لطيفي

    ڪوهه ٿو ڪاڳر ڪوريين، ويٺو وڃائين مس،
    ڏور تتائين ڏس، اکر جئائين جُڙيا.

    سنڌي ادبي کيتر ۾ اهڙا اديب جن جو قلمي پورهيو جيڪو کين نه قدبت کي هٿي وٺرائي سگهيو ۽ نه ئي کين ڪو جوڳي مڃتا ڏياري سگهيو، اهي سڳورا ساٿي ادبي ادارن جي ڪرسين جي سهاري ته رڳو تڳڻ، پلجڻ ۽ سستي شهريت ماڻڻ لاءِ انهن ادارن تي قبضو ڪريو ويٺا آهن ۽ نتيجي ۾ اڳ ئي بدحالي ۽ پستي کي ڀوڳيندڙ ادارا ويتر پنهنجي ساک ۽ ڪارج وڃائي ويهن ٿا، جڏهن ته ٿيڻ ائين کپي ته انهن ادبي ادارن ۾ اهڙن ڏات ڌڻين کي خدمت جو موقعو ڏيڻ گهرجي جيڪي ڪنهن به مڃتا جا محتاج نه هجن پر ادارن جي ساک سرهائي ڪن ۽ ان جي بنيادي ڪارج کي به عملي صورت ۾ لاڀائتو بڻائي سگهن.
    هن ڏس ڏٺو وڃي ته ڪوبه ادبي ادارو آڱرين تي ڳڻڻ جيترا به جس جوڳا ۽ لاڀائيتا قدم نه کڻي سگهيو آهي پر ان جي ابتڙ جڏهن ڪنهن ڏات ڌڻي جو اڪيلي سر ڪيل ادبي پورهيو يا ڪنهن تنظيم جو پنهنجي هڙان وڙان ڪيل ادبي خدمتون ۽ ڪنهن اداري کي آرسي ڏيکارڻ لاءِ گهڻو ڪجهه عملي طرح پاڻ مڃايو ۽ نڀايو آهي، اها ساڳي صورتحال ڀيٽ ڪندي پڌري پٽ پئي ٿي ته تحقيق ۽ ڏات ڌڻين جي قلمي پورهئي کي ڇپائڻ ۽ انهن کي مڃتا ڏيڻ جي عمل ۾ به ادبي ادارا پوئتي رهجي ويا آهن ۽ تنظيمن جي محنت ۽ محبت عملي طور سرس رهي آهي.
    هن رخ ۾ سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم “سلات” جو پنهنجي سگهڙائپ ۽ لوڪ ادب جي تحقيق، ڇپائي ۽ ڏات ڌڻين کي مڃتا ڏيڻ، لوڪ ادب ميڙاڪا ڪوٺائڻ، نامور ڏات ڌڻين جا ڏهاڙا ملهائڻ ۽ انهن جي پورهئي تي ويهڪون ڪرائڻ ۽ کين مڃتا ڏيڻ ۽ ڏيارڻ ۾ ڪڏهن ڪنجوسي کان ڪم نه ورتو آهي پر سرڪاري ادبي ادارن جي مُک ڪرسين تي ويٺل ساٿين کي به ڪوٺ ڏئي مان ۽ مڃتا جا وڙ ڪيا آهن، جنهن جو سڄو سارو ثمر صلات جي سڀني ساٿين ۽ خاص طور عاجز رحمت الله جي ذمي اچي ٿو.
    سلات جي جوڙ جڙڻ کان پوءِ لوڪ ادب ۽ لطيفي فڪر ۾ به هڪ ٻنڌ سرجيو ۽ لوڪ ادب جا ڏات ڌڻي لطيفي فڪر جي جامع اولڙي کي به پنهنجي ڏات ۾ اورڻ شروع ڪيو ۽ سگهڙائپ ۾ هڪ نئين صنف جوڙي “رسالو ڳجهارت” هن قسم جي نئين ڳجهارت جي جوڙ به لطيفي ٻولي مان جڙڻ لڳي ۽ ان ڳجهارت جي ڀڃڻي به لطيف سائين جي ڪنهن نه ڪنهن بيت ۾ ملي ٿي، جيڪا سگهڙن جي جس جوڳي محنت، محبت ۽ ڏات جي اوت آهي ۽ هن نئين جوڙ جڙڻ سان سگهڙن تان نه رڳو اها تهمت لٿي ته هو اڻپڙهيل آهن پر هن نئين عمل سان لطيفي فڪر جا اڪيچار املهه موتين جي ونڊ به سڀ کي پلئي پوڻ لڳي.
    رسالو ڳجهارت سگهڙائپ ۾ هڪ نئين تخليقي شروعات آهي، جنهن ڪارڻ لطيف سائين جي ڪلام ۽ سگهڙ صنفن جي صديون اڳي هڪٻئي سان سلهاڙيل سونهن، رشتي ۽ ٻين انيڪ سگهڙائپ جي صنفن جي معيارن تي لوڪ ادب ۽ لطيف سائين جي ڪلام کي نئين رخ سان پرکڻ، پروڙڻ ۽ پرجهڻ ۾ به آساني ٿي ۽ عملي طرح اڪيچار نسبتن کي ڏٺ، سينگار ۽ ڏور بيت جي مسبت سان نوان معنوي مٿاڇرا ۽ نسبتون، تاريخي حقيقتون ۽ فڪر ۽ رخ تجزيي هيٺ آيا ۽ هن عمل سان لوڪ ادب جي ڏات ڌڻين پنهنجي سگهڙائپ جي ڏات وسيلي لطيف سائين جي ڪلام کي عوامي ڪچهرين ۾ عام ماڻهن تائين سائين جي فڪر جي سڃاڻپ ڪرائي جيڪو ڪم ادارا ۽ سرڪاري اديب ۽ عالم به نه ڪري سگهيا.
    اهڙي طرح سگهڙن نه رڳو سگهڙائپ کي لطيفي رنگ ۾ رڱيو پر لطيف سائين جي ڪلام ۾ سگهڙائپ جي صنفن ۽ رنگن کي پرکڻ ۽ پروڙڻ جي جس جوڳي جرئت ۽ جتن سان وک وڌائيندي شاهه جي شاعري ۾ سگهڙائپ جو رنگ جي صورت ۾ هي ڪتاب لکي لطيفي فڪر ۽ فن جي همه گيريت کي ثابت ڪيو آهي، سائين عاجز رحمت الله جي هي ڪوشش به جس جوڳي آهي ته موصوف پاڻ به جس لهڻي.
    هن ڪتاب ۾ ٿورين گهڻن ڪچاين ۽ ڪمزورين باوجود رسالي ۾ ٻولي جي لفظن ۽ شين جي نالن جي مخزن جي وستار ڪئي آهي، ڪيترائي موضوع سامهون آندا آهن، هر موضوع ۽ هر جنس جا انيڪ نالا به ڳڻايا آهن، جيڪي سگهڙائپ جي ڪنهن به صنف جي سگهه ۽ وسعت جي واڌ ويجهه جو ڪارڻ ثابت ٿيندا.
    محترم عاجز رحمت الله جو رسالي سان ڪو گهرو رشتو شايد نه رهيو هجي، تنهنڪري بيتن ۾ به ڪجهه فرق محسوس ٿئي ٿو ۽ ڪجهه موضوعن ۽ جنسن جي نالن ۾ به ڳاڻيٽي جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي، جيئن دريائي وهڪرن جا نالا ڳڻائيندي ڍاڳي ڍورو سندن نظر کان اوجهل رهيو آهي.
    جڏهن ڍاڳي ۽ ڍورو، ٻئي وهندا هئا ٻيليار ۾.

    ساڳي طرح اٺن جا نالا ڳڻائيندي اٺ جي نالي “گرو” ۽ ڪجهه هن بيت ۾ شامل نالا به رهجي ويا آهن.
    دوڪ دهليا جت، گنئورا هلن نه گس ۾،
    چئو سال ئي نه چلڻا، ٿي تنگ نهاري تت،
    سوڌي انين سيد چئي، پوءِ پانجارين پرت،
    ان اڙانگهي پنڌ جي، ڪا نيشن پوءِ نرت،
    سسئي وڏي ست، جا اهڙي پر پنڌ ڪري.

    1. دوڪ: ٻه ڏندا، پنجن يا ڇهن سالن جا اٺ
    2. پانجارين: ڦوه جوان اٺ
    3. نيشن: پورا جوان اٺ
    هن ڪتاب ۾ هٿ جي هنرن، ڪرت ڪار ڌنڌا، پيشا سوڻ ساٺ، ريتون، رسمون، رواج ۽ انهن جو خوشي ۽ غمي جي نسبت سان ورهاست ۽ سٽاءُ جي کوٽ سان گڏ لغت جي حوالي سان لفظن جي کوٽ به محسوس ٿئي ٿي ۽ سوين لفظن جو وستار ڪري سگهجي ۽ اڪيچار عنوان به شامل ڪري سگهجن ٿا.
    جيئن ڪاسائڪي ڪرت سان تعلق رکندڙ لفظ ڪنار آهي، جنهن جي شڪل انگريزي، اکر ايس (S) جهڙي هوندي آهي، جنهن ۾ ڪا سائي گوشت ٽنگيندو آهي.
    سوري سينگاري، اصلن عاشقن کي،
    لڏيا ڪين لطيف چئي، ٿيا نيزي نظاري.

    
    پاٻو هي هيڪار، مونهان پڇيو سڄڻين،
    الست بربکم، چيائون جنهن وار،
    سندي سو ڪنار، تن تڏها ڪون نه لهي.

    
    چوري چنگ ٻنگ لهي، حبيبن هنيوس،

    ٻجهان ٻاڻ لڳوس، ڪانارئو ڪر کڻي.

    
    ڪانارئا ڪُڻڪن، جنين لوه لڱن ۾،
    محبت جي ميدان، پيا لال لڇن،
    پاڻهي ٻڌن پٽيون، پاڻهي چڪئا ڪن،
    وٽان واڍوڙين، رهي اچجي راتڙي.

    جڏهن سورهين ۽ بهادرين جو ذڪر ڪجي ٿو ته صدين جي ڊگهي تاريخي اهڃاڻ “مِهن جي دڙي” مهين جي نسبت سان به مختلف نحوي بناوت جا ڪجهه لفظ ملن ٿا جيئن مهائي ۽ مهاين ۽ هڪ ٻيو لفظ ڇڳير به ملي ٿو.
    اڳيان اڏين وٽ، پوين سر سنبا هيا،
    ڪاٽ ته پوءِ قبول ۾، مڇڻ ڀا يين گهٽ،
    مٿا مهاين جا، پيا نه ڏسين پٽ،
    ڪلاڙڪي هٽ، ڪُسڻ جو ڪوپ وهي.

    
    آيا اُجارين تنڪ، تراريون تيئرا،
    سانگيون سائن هٿ ۾، ڪلهنئون نه لاهين،
    اڀائي آهن، مُهائي مرڻ تي.

    
    ڇپر جيئن پهون، تيئن رڻ ڳجهين رانئيو،
    ونڪا ونڪن گڏيا، ڊوڙيو ڏين ڊهون،
    مُهاين وهون، نير مهانگون ڪنديون.

    
    علاءُ الدين آئيو، کڻي ڇل ڇڳير،
    ڪهين ڪن همتيو، ڪانه جهليندو ڪير،
    سومرين سام کنئين، ابڙي ڪيو اٺ ڀير،
    هو مُهاين مير، پر مستورا تن ماريو.

    مهين لفظ جي بگڙيل صورت ۽ مذهبي اثر ڪارڻ “مهين” ڦري موهن يا موئن ٿيو، مهن هڪ قبيلي جو نالو هو جن کي سنڌ جي هن دڙي جا رهواسي ۽ وارث سڏيو ويو آهي، هن ئي سنڌي قبيلي کي تاج صحرائي پڻي لوڪ سڏيو آهي، انهيءَ “مهين” لفظ جي نحوي بناوٽ مهائي مهاين شاه سائين جي مٿين بيت ۾ آهي جنهن جو ذڪر سراج ميمڻ صاحب پنهنجي ڪتاب سنڌي ٻولي صفحه 192-190 تي ڪيو آهي، پڻي لوڪ ۽ مهاڻا جو تعلق به “مُهين”، مهاين، مهائي سان آهي.
    طب يا طبيب جي عنوان هيٺ به واڍوڙ ۽ واڍوڙڪي منهين ۽ سازن لاءِ سڱڙي، چنگ، نڙ، مرلي، تُبڙي، گهنڊ، لفظن جي ويسرآهي، اهڙي طرح راجا لاءِ هالارڌڻي ۽ ڀٽ ڌڻي ۽ ٻيلي ڌڻي لفظ کٽل آهن، جوڳين جي نالن سري هيٺ جيڪي نالا لکيا ويا آهن، اهي جوڳين جا نه پر مختلف مذهبن، فرقن سان تعلق رکندڙ پوڄارا آهن.

    ڏور بيت جي سري هيٺ ڏنل بيت:
    دلبو منجهه درياءَ، پکي پسي آئيا،
    ويچارن ويساهه، آڻي ات اڙائيا.

    هن کان وڌيڪ تز معنوي طرح هي بيت بهتر ٿئي ها.
    آيون ڍور ڍري، اصل سندي آسري،
    کريهڙ ڀونءَ کري، پاڻا پير ڏکويا پکئين.

    ساڳي سري هيٺ آدم عليه السلام جي حوالي سان ڏنل بيت
    مون کي مون پرين، ٻڌي وڌو ٻار ۾،
    اڀا ائين چون ته، مڇڻ پاند پسائين.

    جي جواب طور هي بيت ڏجي ته جيڪر مفهوم چٽو ٿي پوي.
    سڀ سمنڊين سپجي، ابر آساروس،
    ٻاڙو پئي نه ٻپڙي، مٺو منهن لڳوس،
    ماڻڪ تي ميڙيوس، جيئن تنگ ڪڍيائين تار ۾،
    پهاڪا ۽ چوڻيون جي سري هيٺ
    گهوڙا! گهوڙا! آئون نه جيئندي ان ري.

    هن بيت جي سرجڻ جو تاريخي ڪارڻ ڏيڻ گهرجي ها، دراصل غلام سنڌ ۾ ارغونن ۽ ترخانن جي دور ڌارين گهوڙي سوارن جي ڪاهن دوران سنڌين نوجوانن جا جٿا جيڪي پنهنجي راڄن ۽ ڳوٺن جي سنڀال لاءِ جوڙيا ويا اهي انهن ڌارين گهوڙي سوار ڦورن ۽ لٽيرن جي ڪاهن جو اطلاع ائين ڏيندا هئا، گهوڙا! گهوڙا! مطلب ڌاريا گهوڙي سوار ڪاهي آيا آهن، هنن سان مهاڏي اٽڪائڻ ۽ مال ملڪيت ۽ ٻارن ۽ عورتن جي بچاءُ لاءِ تيار ٿي وڃو.
    هن ئي سري هيٺ ڏنل بيت
    مران، مٿو پٽيان، نهاريان نيڻان، (نيران)
    سخن جي سندان، آئون نه جيئندي ان ري.

    هن بيت جي پهرين سٽ جو آخري لفظ نيڻان نه پر نيران آهي ۽ ان جي معنيٰ نيراني نه پر نهري، نيري ڍوري ڏي اشارو آهي ۽ ان جوءِ ۾ سيد جمال شاهه ڏيئي وارو، ڏاتو فقير ۽ ٻين ٻن بزرگن ڏي اشارو آهي، جن سان لطيف سائين رهاڻيون ڪيون ۽ انهن جي سخت ساروڻين کي ساريندي هي بيت چيو.
    هن حوالي سان اڃا گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو ۽ گهڻي ڊيگهه ٿي ويندي پر ايترو اعتراف ڪرڻو پوندو ته لطيف سائين جي رسالي ۾ سگهڙائپ جي اڪيچار صنفن جا اهڃاڻ موجود آهن ۽ عاجز رحمت الله هي ڪتاب لکي سگهڙن ۽ محققن لاءِ تحقيق جو نئون رخ سامهون آندو آهي ۽ ساٿين کي اڳتي وک وڌائڻ گهرجي ۽ لطيف سائين جي عوامي شاعري ۾ سگهڙائپ جي صنفن کي چٽو ڪري سگهڙ سنگت به پنهنجي ٻولي ۽ فڪر، فن، سٽاءُ، هنر، ڏور بيت ۽ ڳجهارت ۽ خاص طور رسالو ڳجهارت کي اڃا سگهارو ڪري سگهي ٿي.

    سليم ڀٽو لطيفي

    2016-11-14


    لطيفي فن ۽ فڪر جي پرچار! : فقير علي ڏنو خان نظاماڻي

    دنيا جي عظيم شاعر ۽ ڪامل ولي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمةالله عليه جي فن ۾ هر طرح کان رهبري سمايل آهي ۽ اهڙي رهبر جي آفاقي پيغام اندر هر هڪ موضوع چڱيءَ ريت پسي سگهجي ٿو.
    سهڻي سنڌ ڌرتيءَ جي هن انقلابي شاعر جو شعر انهيءَ منزل تي پهتل آهي، جنهن جي پروڙ به پوري پئجي نٿي سگهي. سگهڙن جي امام ۽ شاعرن جي سرتاج ڪي اهڙا لفظ به قلمبند ڪيا آهن. جن جي مقصد تي پهچڻ لاءِ وڏي دماغ جي ضرورت آهي . حقيقت ۾ شعر جي صحيح معنيٰ شاعر جي سيني ۾ ئي هوندي آهي ۽ ٻيا وري عقلي دليل پيش ڪندا آهن.
    حال جي حقيقت کي ڏسئون ٿا ته اڄ اسان سنڌي لوڪ ڇڙوڇڙ آهيون.
    “واٽون ويهه ٿيون، ڪهه ڄاڻان ڪيهي ويا”
    اسانجي سوچ ۽ عمل ۾ ٻڌي ڪانهي، جڏهن ته سنڌ، سنڌي ٻولي، سنڌو، سنڌي لوڪ ۽ انهن جا وسيلا اسان کان هڪ ٿيڻ جي وينتي ورجائي رهيا آهن پر ڪوبه گڏيل ۽ مڃيل ميدان ڪونهي جو سڀ گڏ ٿي سگهون پر اسانجي آفاقي شاعر ۽ سگهڙن جي امام حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو پيغام ۽ فڪر ئي آهي جنهن سان اسان سڀ هڪ ٿي سگهون ٿا.
    ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان پنهنجو قومي ڪردار سنوارڻ لاءِ پنهنجي ثقافتي، تهذيبي، تاريخي ۽ قومي سڃاڻپ کي شاهه سائينءَ جي مهان شخصيت سان سلهاڙيون ۽ شاهه سائينءَ کي پنهنجي فڪري ۽ نظرياتي ٻڌيءَ جي نشان جو مان ڏيون جنهن ۾ نه رڳو اسان سنڌ واسين لاءِ پر سڄي سنسار لاءِ چڱائي ، خير ۽ خوشي سمايل آهي.
    قومن جو عروج ۽ زوال، انهن جي تهذيب، ثقافت ۽ علم ادب سان سلهاڙيل آهي ۽ پڻ دنيا ۾ اهي ئي قومون خوش نصيب ليکجن ٿيون، جن وٽ پنهنجو ادبي سرمايو موجود آهي پوءِ ڀلي ته انهن جا خزانا هيرن ۽ جواهرن جي چمڪ دمڪ کان خالي هجن.
    ان ادبي سرمايي مان اڄ هي ڪتاب “شاهه جي شاعريءَ ۾ سگهڙائپ جو رنگ” اوهانجي هٿن ۾ آهي جنهن کي سهيڙي سموهي ترتيب ۽ تحقيق جي رنگ ۾ رنگيندڙ کي بظاهر ڪنهن ڊاڪٽريٽ جي ڊگري نه به کڻي هجي پر سندس ڪم کي تاريخي طور اوليت ملڻ کپي.
    عاجز رحمت الله لاشاري هڪ سگهڙ ٿي ڪري لطيف سرڪار جي سگهڙائپ کي عام ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. هن کان اڳ شاهه سائينءَ جي سگهڙائپ واري فني موضوع تي ڪوبه ڇپيل ڪتاب نظر مان نه گذريو آهي، پر جي ڪنهن ٻئي عالم، اديب، محقق يا دانشور ان موضوع تي ڪم ڪري پاڻ تائين محدود رکيو به هجي ته سنڌ واسين کي ڪهڙو فائدو ؟!
    هن ڏات ڌڻي سگهڙ انهن کي آرسي ڏيکاري ان طرف ڌيان ڇڪايو آهي ته لطيف سائين جيڪو آهي ئي سگهڙ ته ان جي سگهڙائپ تي تحقيق ڇو نٿي ٿئي ؟ جي ٿئي ٿي ته ظاهر ڇو نٿي ڪئي وڃي.
    عاجز رحمت الله کان اڳ پڳون پائيندڙ، اجرڪون اوڍيندڙ ۽ پاڻ کي شاهه جو شيدائي سڏيندڙ کوڙ سارا سگهڙ ٿي گذريا آهن ۽ ڪي اڃا به انهن دعوائن جا ٻول ٻولي رهيا آهن پر انهن سڀني کي حام جي حد تائين ڇڏيندي لاشاري صاحب عملي ڪم ڪري ڏيکاريو ڇو ته سندس فڪري سوچ اقربا پروري کان الڳ، درٻاري خوشامد کان پاڪ ۽ صوفيانا آهي ۽ اهڙن صوفين لاءِ صوفين جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمةالله عليه فرمايو آهي ته؛
    صوفي لاڪوفي، ڪونه ، ڀائينس ڪير،
    منجهان ئي منجهه وڙهي، پڌر ناهيس پير،
    جنين جو ساڻس وير، ٿئي تني جو واهرو.

    (شاهه)

    صوفين جي پوئواري ڪندڙ هن ڏاهي ڏات ڌڻيءَ لاءِ ڌڻيءَ در دعاگو آهيون ته الله پاڪ کيس اڃا به قلمي سگهه کي سگهارو ڪري ته جيئن مرشد هادي لطيف سائين جي فن ۽ فڪر کي عام ڪرڻ سان گڏ اسانجي قومي ادب جي آبياري ٿيندي رهي آمين.
    سرها ڏٺم سي، جنين ساڃاهه سراڻ جي،
    تيغ تنين جي کي، ڪٽ نه لڳي ڪڏهين.

    (شاهه)

    رهبر لطيف سائين جو فڪري پوئلڳ

    فقير علي ڏنو خان نظاماڻي
    ڳوٺ فقير غلام حيدر نظاماڻي، هالا، ضلعو مٽياري سنڌ


    پنهنجي پاران : لوڪ ادب مشاهدو ...! (عاجز رحمت الله لاشاري)

    ڏٺو وڃي ته سنڌ جي ھر ادب شناس پنھنجي ٻوليءَ جي عوامي يا قومي ادب لاءِ جاکوڙيو آھي ۽ لوڪ ادب جي سھيڙ ۾ ڪنھن نه ڪنھن طرح سان نالو ڳڻايو آھي پر انھن سڀني ۾ زياده “لوڪ ادب” جي کوج ڪرڻ ۽ ڳوٺن ۾ وڃي ڪچھريون ڪوٺائي، لوڪ ادب جا جدا جدا روپ سھيڙڻ سان گڏ ان جو تنقيدي اڀياس ڪرڻ جي حوالي سان جن عالمن باقائده شروعات ڪئي تن ۾ مُحسنِ سنڌ علامه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جا نالا سونھري اکرن ۾ درج ٿيل آھن. جن جاکوڙين ڏونگر ڏوري، رڻ پٽ روڙي، ڪَمرڪَڇي سنڌ جو چپو چپو گُھمي، سنڌي لوڪ ادب جا املهه ماڻڪ گڏ ڪيا آھن ۽ انھن جو چونڊ حصو ڇپائي ظاھر به ڪيو آھي، جنھن وسيع پيماني تي تحقيقي ڪم ڪري پاڻ ملھائڻ ۾ ھنن ھزار ڀيرا کيرون لھڻيون.
    سنڌ اندر لوڪ ادب بابت تحقيق ۽ ترتيب ۾ ٻين به ڪيترن ئي مسلمانن توڙي غير مسلم اديبن ۽ ڏاهن پاڻ ملهايو آھي، انهن ۾ ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، انجنيئر عبدالوهاب سهتو ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، سيد ميران محمد شاهه اول، ڪوڙو مل چندن ور، نندي رام، ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ، عطاحسين شاهه موسوي، محمد ابراهيم جويو، تاج جويو، پروفيسر زيب ڀٽي، عبدالحسين شاهه موسوي، پروفيسر فهميده حسين، الله بخش نظاماڻي، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر نياز همايوني، ولي محمد طاهر زادو، قاضي مقصود گل، معمور يوسفاڻي، ڊاڪٽر پرسو گدواڻي، ڊاڪٽر نارايڻ ڀارتي، ڄيٺو لالواڻي، ڪلاڌر متوا، لالجي همٿوجي سوٽهڙ، ڊاڪٽر ٻل ديو مٽلاڻي، ڀيرومل مهرچند، گل محمد گلاڻي، رُخمان گل پالاري ۽ ٻين ڪيترن ئي ان جاکوڙ ۾ پنهنجو نالو ڳڻايو آهي.
    ڏسجي ٿو ته سنڌ جي قومي ادب “لوڪ ادب” کي سهيڙڻ جي پهرين تجويز ان وقت جي سنڌي ادبي بورڊ جي سرواڻ مخدوم محمد زمان طالب المولى کي سائين جي. ايم. سيد ڏني هئي جنهن بعد سنڌي لوڪ ادب کي سهيڙڻ بابت تفصيلي تجويز 1955ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ سامهون آندي وئي. جنهن کي هڪ سال جي وٿيءَ کانپوءِ 1956ع ۾ بحال ڪرڻ بعد “لوڪ ادب اسڪيم” جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي مقرر ڪيو ويو ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ “سنڌي لغت آفيس” سان گڏ لوڪ ادب جي مرڪزي آفيس قائم ڪري سرڪاري طور منظور ٿيل هڪ ڪروڙ جي گرانٽ سان جنوري 1957ع کان سهيڙ جو باقاعدي سان ڪم شروع ٿيو ۽ علائقائي طور ڪارڪن مقرر ڪيا ويا. جن مان ڪجهه ڪارڪنن آفيس ۾ ويهي ڇپيل ڪتابي ذخيري مان ضروري مواد اتاريو ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پاڻ سان گڏ ڪجهه ڪارڪنن کي ساڻ ڪري هر ڳوٺ، ڳلي، واهڻ، ۽ وستي سنڌ جي هر ڀاڱي جو گشت ڪري سڄاڻ سگھڙن سان ڪچهريون ڪيون ۽ لوڪ ادب جي هر پهلو کي سمجهڻ ۽ ان جي خاص ذخيري کي قلمبند ڪرايو. ياد رهي ته “لوڪ ادب اسڪيم” جي منظوريءَ وقت چاليهن ڪتابن جي سهيڙڻ ۽ تحقيق لاءِ پنجن سالن جو مدو رکيو ويو هو پر تنهن جي جاوجود به ان ڪم ۾ لڳاتار ڇٽيهه سال لڳي ويا ۽ مخدوم طالب المولى جي ٻيهر سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين مقرر ٿيڻ بعد سندس ذاتي دلچسپي سبب اها اسڪيم جاري رکي وئي. جڏهن ته لوڪ ادب جو سڄو ذخيرو گڏ ڪرڻ ڄڻ اٿاهه سمنڊ سوجهي مڙني موتين ۽ ماڻڪن کي ميڙڻ برابر هو. ان ڪري لوڪ ادب جي جملي جنسن جو مثالي مواد گڏ ڪري مجموعي طور 40 ڪتاب 1991ع ۾ ڇاپي مڪمل ڪيا ويا ۽ آخر ۾ شايع ڪيل سڀني ڪتابن جو تفصيل فهرست (ڄاڻ) بابت ڪتاب پڻ جدا شايع ڪيو ويو.
    لوڪ ادب اسڪيم تحت سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ يونيورسٽي، زيب ادبي مرڪز ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري طرفان سنڌ جي معروف اديب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق ۽ ترتيب هيٺ جملي 45 ڪتاب لوڪ ادب جي موضوع تي پڌرا ٿيا. جن ۾ ان عنوان جو پهريون ڪتاب “ٻيلاين جا ٻول” آھي، جيڪو 1951ع ۾ سنڌ يونيورسٽي شايع ڪرايو. ان کانپوءِ 1958ع ۾ “لاکو ڦلاڻي” پڻ ڇپيو ۽ آخوند عبدالرحيم وفا عباسي جي محنت سان تيار ڪيل ڪتاب “هر گنيو” سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ڇپيو، جنهن جو مقدمو ۽ ايڊيٽنگ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي هئي. جڏهن ته باقي 40 ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ڇپيا، انهن ۾ مداحون ۽ مناجاتون، مناقبا، معجزا، مولود، ٽيهه اکريون، هفتا، ڏينهن، راتيون ۽ مهينا، جنگ ناما، واقعاتي بيت، مناظرا، سنڌي سينگار شاعري، پروليون، ڏٺون، معمائون، ٻول، ڳجهارتون، ڏور، ڳيچ، لوڪ گيت، بيت، نڙ بيت، ڪافيون، سنڌي لوڪ ڪهاڻيون، مشهور سنڌي قصا، سنڌ جي سورهيائي ۽ هنرمنديءَ جو داستان، رسمون، رواج، سوڻ ساٺ، سنڌي هنر شاعري شامل آھن. جن جي ڇپائي جو سلسلو 1959ع کان شروع ٿي 1991ع دوران پڄاڻيءَ تي پهتو، ياد رهي ته مٿي ڄاڻايل لوڪ ادب جي ڪتابن ۾ ڪجهه موضوعن جو مسودو تمام گھڻو ۽ جدا جدا پهلوئن تي هو، ان ڪري ٽيهه اکريون ٻن جلدن ۾، ڪافيون ٽن جلدن ۾، سنڌي لوڪ ادب ڪهاڻيون ستن جلدن ۾، مشهور سنڌي قصا دودو چنيسر، موکي متارا، مري ۽ مڱ ٿر، اڍو ڪيهر ۽ هوٿل، پري، ڦل وڌوئو ۽ ڀوري، لاکو ڦلاڻي، سهڻي ميهار، نوري ڄام تماچي، ليلان چنيسر، سسئي پنهون، مومل راڻو، سورٺ راءِ ڏياچ، هير رانجهو، عمر مارئي، ڍول مارو، مورڙو ۽ مانگر مڇ تي ٻڌل داستان ٻارنهن جلدن ۾ پڌرا ڪيا ويا آھن.
    ان سلسلي ۾ سنڌ جي نوجوان محقق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي محنت کي به وساري نٿو سگهجي، جنهن لوڪ ادب ۽ ثقافت بابت کوڙ سارا ڪتاب سنڌي قوم کي ڏنا آهن، انهن ۾
    1. سنڌي ثقافت جا امر آواز
    2. سنڌوءَ جا گيت (سنڌي لوڪ گيتن جو تحقيقي جائزو)
    3. سنڌي لوڪ ادب (مضمون ۽ مقالا)
    4. ڪچهريءَ جا مور
    5. لوڪ رنگ لقمان جا (سگهڙ محمد لقمان کوکر جو ڪلام)
    6. پاڪستاني زبانون ڪا لوڪ ادب (اردو)
    7. رسالو ڳجهارت
    8. سنڌي لوڪ ادب جو اڀياس
    سنڌي قوم کي ڏئي پنهنجو نالو لوڪ ادب جي خيرخواهن ۾ ڳڻايو آهي.
    اھا به ھڪ حقيقت آھي ته جيڪو علم ۽ ادب، ڳوٺاڻن، ھارين، نارين، پورھيتن جي سيني ۾ سانڍيل ۽ سمايل آھي، اھو اسانکي ڪنھن به شھريءَ ۾ اصل ڪو نه ٿو ملي.
    ٻھراڙين ۾ رھي ڪري لوڪ ادب جا بي مثال ۽ بيشمار خزانا سينن ۾ سانڍيندڙن جي سڃاڻپ سگھڙ طور ٿيندي آھي، معنى، سٺو، سھڻو يا سليقي مند جنھن جي ڏات ۽ ڏاھپ جا گوھر نرالا ۽ نوان ھجن، جنھن جي اکرن جو اچار نج ۽ لفظن جو گھاڙيٽو وزندار توڙي خوش اصلوبيءَ وارو ھجي نون نقطن جي پلٽار جي باني کي سگھڙ سڏبو آھي.
    سگھڙ لفظ کي مختلف معنائن ۾ بيان ڪيو ويو آھي، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي موجب سگھڙ سنسڪرت جي شوگھٽ مان ورتل آھي. شو+ گھٽ گھڙيندڙ- سيبتو. ٻئي معنى آھي، سؤگھڙ، معنى سوين قسمن جي گھڙت ڪرڻ وارو، سگھڙائپ جي فن کي پرکڻ مان پتو پوي ٿو ته واقعي به ان وٽ سوين گھڙون (جوڙون+تخليقون) آھن. لوڪ ادب جي رنگ ۾ سگھڙن سنڌي ٻولي کان سواءِ ڪيترين ٻولين ۾ شاعري ڪرڻ، ڳجھارتن جي ڪيترن ئي قسمن ۾ پروليون يا ٽه ڳڻا، (گروچيلو) چوڻ، ھُنر جا لاتعداد گھاڙيٽا بڻائڻ، بيت بنا نقطي، ھڪ لفظ تي واسع الشفتين (چپُ چَپَ سان نه ملي) وغيره جھڙا کوڙ سارا عنوان لوڪ ادب شاعري ۾ لکن ٿا جيڪي، “سؤگھڙ” جو دليل آھن.
    عوامي راءِ موجب سُگھڙ کي “سو ئي گھڙ” ڪرڻ وارو به چيو ويو آھي، سوئي = چونڊي، گھڙ = ٺاھڻ، جنھن جي معنى چونڊي ٺاھيندڙ ٿئي ٿو، ته سگھڙن جون ڳجھارتون ھجن يا ڏور جا بيت ان ۾ ڳجھارتن جا بند يا پاوا، توڙي ڏور بيتن ۾ ڳُجھن، لڪيل لفظن جا انبار به ڏات ڌڻين پاران ھڪ ھڪ لفظ ڪري چونڊيا ويندا آھن، ساڳيءَ ريت سينگار شاعريءَ تي “ڏھس” وارن بيتن ۾ پڻ سوئڻ کان ڪم ورتو ويندو آھي.
    اڃان جڏھن سنڌ اندر ڪڙمڪي ڪم لاءِ مشينون ايجاد نه ٿيون ھيون ۽ نه ئي وري سئنيما ڪلچر جو عروج يا ڪئبل توڙي ڊش اينٽينا پھتي ھئي، بس خلائي رفتار ذريعي ريڊيو ئي ملڪي صورتحال جي واءُ سواءُ جو ذريعو ھو، تڏھن اڃاتائين انٽرنيٽ ۽ موبائل فون جو آزار نه ھو ته ان وقت ڳوٺن ۾ رھندڙ عام لوڪن لاءِ “ڪچھري” وندر ۽ ڄاڻ جو مکيه وسيلو ھو. سنجھو پلاڻي ھرڪو ڪڙمي، ڪاسبي، ڪم ڪار کان واندو ٿي، رات جي مانيءَ جو اونو لاھي اچي ڪنھن اوطاق ۾ ڪٺا ٿيندا ھئا، جنھن ۾ ھڪڙا ھوندا ھئا ٻڌائڻ جا ملوڪ ته ٻيا وري سُڻڻ جا سالڪ، وچ ۾ رکيل چلم يا حُقو به ڇڪيندا ۽ ڪچھريءَ ۾ پنھنجي پنھنجي نموني جي سوکڙي به ٻڌائيندا جيئن جيئن ڪچھري پئي مچندي ھئي تيئن تيئن پيا باغ بھار ٿيندا ھئا، من ۽ تن کي ملوڪ گفتن ۽ سھڻن سُخنن توڙي سچن ٻولن سان پيا تازو ۽ توانو ڪندا ھئا ۽ ايترا ته محو ٿي ويندا ھئا جو سڄي ڏينھن جي ٿڪاوٽ جو احساس به کين نه ھوندو ھو، ان ڪچھريءَ ۾ ٻئي ادبي ماحول سان گڏ کل ڀوڳ ۽ راڳ رنگ به ٿيندو ھو، ان ڪچھريءَ ۾ وڏا چاھي ننڍا، ٻار چاھي ٻڍا، عالم توڙي اڻ پڙھيل بلڪل سڀئي ھڪ ئي سليقي سان با ادب رھندا ھئا، ڪچھريءَ ۾ پنھنجائپ ۽ ڀائپيءَ وارو ماحول ھوندو ھو، غير دستوري طور ڪجهه به ٻڌائي سگھبو ھو، ڪچھريءَ ۾ ھنر، فن جي اظھار جي عام اجازت ھوندي ھئي، ڪچھريءَ جي فضا ۽ ماحول ايترو ته وڻندڙ ھوندو ھو جو گھڻن ڏينھن تائين ان جي ياد تازي ھوندي ھئي شريڪ سُريلا ۽ سيبتا سگھڙ پنھنجن لوڪ ادب جي لاتين ذريعي پنھنجو لوڪ ثقافتي ورثو قائم ۽ دائم رکندا پئي آيا.
    ڏٺو وڃي ته وقت جي وھڪري نج سنڌي ٻوليءَ جي چيرڦاڙ شروع ڪري ڇڏي آھي، جنھن سبب اسان کان اسانجي برجستي ٻوليءَ جا اصلي لفظ منسوخ ۽ متروڪ ٿيندا پيا وڃن، جنھن کي ڏسي ھانءُ ڇڄي رھيو آھي.
    اھو به ڪو وقت ھو جو اسانجا ڪُڙمي ڪاسبي نار ۽ ھُرلا ھلائي ڏاندن جا ھر ڪاھي، پوک پوکيندا ھئا ۽ نسري نروار ٿيڻ تي کانڀاڻيءَ جا پيھي مٿان ويھي ٺڪاوَ ڪڍي جھار ھڪليندا ھئا پر جڏھن کان مشيني دؤر اچي سھڙيو آھي تڏھن کان اباڻي ڪرت ۾ ڪتب ايندڙ ھزارين نج لفظ وڇوڙي جي ورلاپ ۾ اچي موڪلائيندا پيا وڃن، جنھن سبب اسان جي عوامي ٻولي غير مُروج گفتن جي ور چڙھي رھي آھي ۽ قديم ڪارائتا تُز اکر جملن مان نڪرندا پيا وڃن.
    پر ڏيھي ٻولين جي والار سبب اسانجي اُسرندڙ عُروج مند ٻوليءَ کي نپوڙي، گھوگھاٽيو پيو وڃي پر اسيمبلين ۾ پھتل اسان جا ميمبر صاحبان سڻڀي گرھ جي لالچ سبب ٻڙڪ به ٻاھر نٿا ڪڍن، اسان وٽان قديم رسم ۽ رواج وارا پراڻا سئوڻ ساٺ به ڳجھارت جو روپ ڌاريندا پيا وڃن، اسيمبلي ميمبرن سميت، اڄ جي استادن توڙي جديد ادب جي جاکوڙيندڙ اديبن جي نوجوان اولاد سامھون جڏھن پراڻي تھذيب يا ثقافت جي ڪا ڳالهه ڇڙي ٿي ته اھو ان جي اصلي حقيقت کان واقف نه ھجڻ ڪري ان جي ذري ذري بابت پڇاڻو ڪري ٿو. جيئن ڪنھن بنا سُر جي ڏنل ڳجھارت کي ڳولڻ لاءِ سيبتا سگھڙ ان ڳجھارت جا بند ۽ پاوا ڳوليندا آھن تيئن ھي نوجوان به فلحال ان ڪشمڪش ۾ گم ٿي ٿو وڃي. نئين نسل جا نوجوان ويچارا ته انھن اسڪولن ۽ ڪاليجن اندر پڙھيا ۽ ڪڙھيا آھن جن ۾ ته سنڌي ٻوليءَ جو اير نه ڀير، نالي ڪاڻ ٻه ٽي انڌا منڊا، اجايا سجايا ڪتابڙا پڙھي آئي بلا سمجھي ڪم ٽپايو، اصل ٻولي سکڻ جا اھي طريقا، لفظ معنائون، اُچار ۽ اڻانگا اکر ته سمجھيائي ڪو نه، پوءِ مادري ٻولي ڇڏي ٻي ٻوليءَ جا پڙھندڙ ته اھو به نه سمجھندا ته “رَٻ” ۽ “چٻ” ۾ ڪھڙو فرق آھي.
    ان ڳالهه کي کولڻ ضروري ٿو سمجھان ته اسان وٽ ڳجھارت جو روپ ڌاري ويل سنڌ جي ثقافت توڙي تھذيب سان لاڳاپيل سنڌ جو لباس، اوڏڪيون اوساريون، ڇپرا، لانڍيون، مَنَھَ، مَڏَ، جھوپڙا، پيھا، ڪنواٺي، ساندارا، نار، ھُرلو، ٽِڀو، کارو، مارنگ، گُنديون، ليڙو، وڃڻو، گُگھيون، مَٽَ، ماٽوڙا، دلا، گھڙا، دليون، گَڏون، ڪرمنڊل، چئونري، وٽا، وٽيون، ڪٽورا، ڪٽوريون، تاسريون، ٿالهه، ٿالھيون، ڍاڪون، پاٽ، پاٽڙو، تس، جَمني، جَمن، ٽڦڻي، ڏوئي، چمٽو، پُرڻ، ڪڙاھي، روھي، مُبري، پائُڪي، اُکري، مُھري، ويلڻ، ڇڄ، دَٻڪي، پنڊي، چوٿائي، پاٽي، ٽويو، ڪاسو، ساھمي، کٽون، کٽولا، پيڙھا، صندليون، بُجڪي، داٻڙو، ڏونڱري، صندوق، رليون، رلڪا، پٿرڻيون، کٿيون، ٽٻڻيون، ڊڳڙي، ڦُلڪا، تنجڻ، مُھن رکي، مانڌاڻي، منڌيڻو، چاڏي، دَکي، چلم، حُقو، چٺ، ٺھڪڻ، ڳٽار، ٻُچڪار، ونگار، بيگر، گھاڻا، چيچڙا، دانگي، ٿوٻي، ڪَنڍي، ٻُنڀو، سميت ھزارين لفظ آھن جن ۾ ٻوليءَ جي حُسنا ڪي سمايل آھي تن تي به لَٽ چڙھندي پئي وڃي ۽ اھي خوبصورت لفظ به موڪلائيندا پيا وڃن.
    جديد علمي دنيا جي ڌُٻڻ ۾ ڦاٿل ڪجهه ترقي پسند اديبن، پاران سگھڙن کي دھقاني ۽ اڻ ڄاڻ سڏي لوڪ ادب تي ڳنوارن، ٻڪرارن ۽ ريڍارن جي ادب جي تُھمت مڙھي، مورڳو “لوڪ ادب” کي ئي ادب تسليم نه ڪرڻ جا ھَر با ھلي رھيا آھن. پنھنجي مُنھن ڀُڻڪا ڪرڻ وارن کي سگھڙن جي لکيل “سينگار بيت” جي معنى به سمجهه ۾ ڪا نه ايندي آھي، حالانڪ سگھڙائپ جا گفتا ڪي سؤلا ناھن، لوڪ ادب جي ھڪ ھڪ صنف لاءِ سگھڙن پاران خون پسينو ھڪ ڪري ادبي زمين کي رت مان ريج ڏيڻو پوي ٿو ته جيئن اسانجو قومي ادب سدائين سکيو ۽ ستابو رھي.
    جديد ادب واري سوچ ۽ فڪر جي حامين پاڻ سدائين پرڏيهه کان آيل غزل ۽ قطعه جي قيد ۾ رھي ڪري نثر کي به آزاد نظم سڏيو آھي، کين اھا خبر به ناھي ته شعرٿيندو ئي سالم آھي جنھن ۾ قافيه ۽ رديف جي پابندي لازمي آھي، ساڳئي وقت ڪجهه جديد ادب جي ماھر سڏائيندڙن، سگھڙن کي ان ڪري به شاعر تسليم ناھي ڪيو ته انھن وٽ بحر ۽ وزن ناھي، پر مان انھن کي ٻڌائڻ گھران ٿو ته ڀٽ ڌڻيءَ جي بيتن ۾ اوھان جو ٻڌايل فاعل مفعول وارو قانون ته ڪونھي! پوءِ ان کي به شاعرن جي صف مان خارج ڪريو. ڇو ته اھو آھي ئي پنھنجي رنگ جو شاعر، سندس تعلق نسبي طرح سان الله جي آخري رسول ڪريمﷺ جي ذات سان آھي.
    مان ائينءَ چوندس ته سچل ھجي يا سامي، دلپت ھجي يا روحل، ڇاجاپد، ڇاجون ماترائون، جذبي کي ڪير روڪي؟ اندر جو آواز نڪرندو ۽ وڌندو ويو جيڪڏھن پاڻ کي بحر وزن جي قيد ۾ قابو ڪن ھا ته ايترو اثر شايد نه ھجي ھا.
    لوڪ ادب جي لاتين سان واڳيل ڏات ڌڻي سگھڙن جي لاکيڻي ۽ من مُھڻي ٻوليءَ ۾ سليس ۽ سادا، مٺا ۽ ملوڪ گُفتا ھوندا آھن، ھنن جا نماڻا سُخن به عقلمديءَ سان ڀريل ٿين ٿا. سپورنج سگھڙن جي فني اُڏام به اعلى درجي جي آھي،ڳجھارت جي ڳھيرن آڏو ڳجھارت جھل ئي ڪانه ڏئي، آئي ۽ وئي. ڏور کي ڏورڻ ڇا جو؟ آيو ۽ ويو، ڪامل ذھن ۽ يگانه خيال جي ماھرن وٽ پھاڪا به تمام پُختا ھوندا آھن. جن کي ٻوليءَ جو مغز چيو وڃي ٿو، جي کڻي سوچجي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ جو علم حقيقت ۾ آھي ئي انھن وٽ، جن پنھنجن سينن ۾ ٻوليءَ کي تڏھن کان سانڍيو آھي جڏھن کان اڃان تائين سنڌي ٻولي ڪاغذ ۽ قلم جي وچ تي ھئي، ٻوليءَ جي صورتخطي به نه ھئي تڏھن به ھي سگھڙ ھئا جن جا نقل نظير بادشاھن جي درٻارن ۾ تمام وڏي خوش اصلوبيءَ سان پيش ڪبا ھئا جن ۾ فھم ۽ فضيلت جي جوت جَر ڪندي ھئي.
    ڏٺو وڃي ته ماضيءَ ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران لوڪ ادب اسڪيم ۾ چاليهه جلد، زيب ڪتاب گھر، سنڌي ساھت گھر، مھراڻ اڪيڊمي، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، اڪادمي ادبيات يا سنڌالاجي جھڙن ادارن ڪجهه ڪتاب شايع ڪرائي، ادبي تاريخ ۾ نالو ڳڻايو آھي ڄاڻايل ادارن سميت سڀني لاڳاپيل ادارن کي سمجھڻ کپي ته لوڪ ادب مرتب ڪرڻ جي اھا بنيادي ڪڙي ھئي. اصل ترقي ته ھاڻ ٿي آھي جو سگھڙن بابت اڻ پڙھيل واري ڇاپ ھٽي چڪي آھي ۽ لکيا پڙھيا عالم توڙي استاد سگھڙ ھن ڪڙيءَ ۾ داخل ٿيا آھن. جيڪي ٻولي ۽ ادب جي واڌاري لاءِ منظم تنظيمون ٺاھي ميدان تي لٿل آھن ۽ اوطاقن جي صحنن کان شروع ڪيل جدوجھد کي ادبي ادارن توڙي علمي مرڪزن جي ايوانن تائين پھچايو آھي، ڪميونيڪيشن جي جديد سھولت جو فائدو وٺندي سال، مھيني يا ھفتن جي ڪچھرين کي ڪال ڪانفرنس ذريعي ھر روز نئون رنگ رچائي ٻوليءَ ۾ جديد دؤر جا رنگ ڀرين ٿا، ھڪ خبر لاءِ صحافين پٺيان ڊوڙون پائيندڙن اڄ پاڻ صحافتي ايوانن ۾ جاءِ والاري آھي ۽ پنھنجي جاڳرتا جون پاڻ اخبارون شايع پيا ڪن. نه رڳو ايترو پر سرڪاري ادارن توڙي وس وارن ڏي نماڻيون نگاھون کڻي نھارڻ بدران پنھنجي مدد پاڻ جي جذبي تحت ڪتاب پڻ ڇپرائي رھيا آھن.
    حڪومت سنڌ يا ثقافت کاتو ڪنھن موقعي تي سنڌ فيسٽيول يا سگھڙ ڪانفرنس منعقد ڪرائيندو آھي پر ھي ڏات ڌڻي ته ھاڻي “لوڪ ادب ميلا” “صوفي سگھڙ ڪانفرنسون” “روحاني سگهڙ ڪانفرنسون” صوبائي سطح جا “بين الصوبائي سگھڙ ڪنوينشن”، “گريجوئيٽ سگهڙ ڪانفرنس”، “صاحبِ ڪتاب سگهڙ ڪنوينشن”، “مڃتا سگهڙ ڪانفرنس” ، سدا حيات سگهڙ ڪانفرنس” توڙي گذاري ويل استاد سگھڙن جون ورسيون پڻ پنھنجي پيرن تي بيھي ملھائي رھيا آھن. جن پروگرامن ۾ ڪنھن اعلى ڪاموري يا وزير، مشير جي صلاحڪار جي شرڪت نه ھجڻ سبب وقتي ڪوريج يا پذيرائي نه به ملي پر تاريخي حيثيت ضرور ھوندي آھي جنھن کي ٻوليءَ جا قدردان وقت اچڻ تي سونھري اکرن ۾ ضرور لکندا.
    آخر ۾ سنڌ واسين، لطيف شناسي جي پارکُن ۽ تحقيق نگارن جي خدمت ۾ عرض آهي ته آئون نه ڪو علم جو ڊاڪٽر آهيان نه ٻوليءَ جو پارکُو، بس لطيف سائينءَ جي مُريدن ۾ نالو ڳڻائڻ خاطر سندس سُگهڙائپ جي فن تي هي ٿوري ٿڪي محنت ڪئي اٿم جنهن تي جامع طور لکڻ جي سخت ضرورت آهي.
    نقاد شخصيتون هن منهنجي محنت تي تنقيد سان گڏ منهنجي اصلاح به ڪن ته جيئن ايندڙ ٻئي ڇاپي ۾ ان کي سنواري سُڌاري سگهان. ان ڪري منهنجي عاجزانا عقل جي ڪوتاهين کي معاف ڪري پنهنجي عالمانه راءِ سان نوازيندا.
    هن اداري “حسن درس اڪيڊمي” جي نوجوان جاکوڙين انور سولنگي، غلام علي سولنگي ۽ محمد امين لاءِ دلي دعا ڪري سگهان ٿو جن مرشد لطيف سائين جي فن بابت ڪيل منهنجي هن مختصر محنت کي ڇاپڻ جي قابل سمجهيو ۽ اڄ هيءَ محنت ڪتابي شڪل ۾ اوهانجي هٿن تائين پهتي آهي.
    جن سڄڻن منهنجي هن ٿورڙي محنت تي وقت ڪڍي پنهنجي پاران لکيو آهي انهن جو پڻ احسانمند آهيان، جن ۾ محترم سائين ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، محترم سائين سليم ڀٽو لطيفي، محترم رئيس علي ڏنو خان نظاماڻي، محترم سائين آغا ظفر، محترم سائين استاد سُگهڙ گل حسن “گُل” ملڪ
    شامل آهن.

    عاجز رحمت الله لاشاري
    باني چيئرمين
    سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات)
    سنڌ، پاڪستان
    رجسٽرڊ 8070
    0346-3685474
    0301-3566707


    ٻه اکر : سگهڙائپ جي پروڙ...! : آغـا ظفـر

    لفظن جي ڀڃ گهڙ ۽ جڙاءَ سان ئي ٻوليءَ جي سونهن، سوڀيا ۽ ميٺاڄ ۾ اضافو ٿئي ٿو ۽ اهڙي ترتيب جو ٻيو نالو سگهڙائپ آهي .
    لفظ “سگهڙ” جو ڇيد (اشتقاق) ڪبو ته ان جي معنيٰ به ساڳي ئي نڪرندي (س+گَهڙَ) معنيٰ سهڻي اڏاوت، لفظن جي اهڙي اڏاوت جيڪا موزون ۽ مقرر ٿيل ماپن ۾ قيد ٿي هڪڙي جهيلار سان اچارجي ته اها سگهڙائپ ٿي پوي ٿي ۽ جي ٻيءٰ طرح ڏسبو ته اها شاعري آ هي ۽ شاعري هڪ اهڙي ڌات را تخليق جو نالوآهي جيڪا پنهنجي تخليقڪار کي درجي بدرجي اتم کان اتم ڪندي ويندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته اها پنهنجي تخليقڪار کي مهانتا جي اهڙي چوٽيءَ تي رسائيندي آهي جتي ٻيا ماڻهوسندس تعظيم ۾ پوڄا جي حد تائين پهچيو وڃن.
    لطيف سائين به اهڙن ئي تخليقڪارن (شاعرن) مان آهي، جنهن کي سندس قوم پنهنجو رهبر ۽ رهنما ڪري مڃيو آهي.
    ڪنهن به شاعر جي مهانتا کي جانچڻ لاءِ پرک جا جيڪي عالمي معيار مقرر ڪيل آهن انهن مان هڪ اهو به آهي ته جنهن ٻوليءَ ۾ شاعري ڪئي وئي آهي، انهيءَ جي ڳالهائيندڙن جي هر طبقي جو ماڻهو سندس شعرن مان شعور وٺندو ۽ ورجائيندو هجي، اهو لطيف سائين ئي آهي جنهن مذهب، سياست، سماجيات، معاشيات، فلسفي، نفسيات . تاريخ توڙي جاگرافي کان ويندي فن ۽ هنرتي به لکيو ۽ ڳايو، اهو ئي سبب آهي ته جتي هر ساڃاهه وند، ڏاهو، سمجهو، تاريخدان، عالم فاضل، مذهبي روحاني پيشوا، ۽ وگياني کانئس رهنمائي حاصل ڪري ٿو اتي هاري ناري هنرمند مزدور، سياسي سماجي ڪارڪن قومي وحدت لاءِ جاکوڙيندڙ ماڻهو ۽ سرحدن جي حفاظت تي مامور سپاهي به لطيف جي لفظن مان اتساهه وٺن ٿا.
    نوجوان سگهڙ ۽ سک نه سمهڻ واري جاکوڙي ڪارڪن عاجز رحمت الله لاشاري به لطيف کي پڙهڻ، پرجهڻ، سمجهڻ ۽ پرکڻ جي ڪوشش ۾ سندس شاعري ۾ جيڪو سگهڙائپ جو رنگ پسيو تنهن کي هُن، هڪ مقالي جي صورت ۾ لکيو، لطيف ادبي ڪانفرنس ۾ پڙهيو ۽ اڄ ڪتابي صورت ۾ ڇپائي اسان آڏو پيش ڪيو. عاجز جو هيءُ ڪم پنهنجي موضوع جي لحاظ کان بلڪل نئون ۽ اڇهيو ڪم آهي. بنا ڪنهن وڌاءَ جي چئي سگھجي ٿو ته عاجز هن ڏس ۾ آئيندي جي محققن لاءِ هڪ نئون گس ڏنو آهي.جنهن لاءِ کيس سلام پيش ڪندي اميد ساريان ٿو ته سندس محنت صاب پوندي ۽ هي مرادون ماڻيندو.

    آغـا ظفـر
    حيدرآباد


    لوڪ ادب جو اوسيئڙو...! : گل حسن گُل ملڪ

    سنڌ ۾ جتي اديب، دانشور، محقق، عالم، ڏاها، ليکڪ ۽ برک صحافي پنهنجي ذهني ۽ قلمي پورهيئي سان جنگ جوٽيون پيا اچن، اتي صدين جي تهذيب، قديم روايتن جي امين لوڪ ادب جي تخليقڪارن ۽ سنڌي ٻولي جي محافظ سگھڙن به پنهنجي حال آهر جاکوڙ جاري رکي آهي، ڪجهه ڏات ڌڻي جديد سهولتن جي کوٽ سميت اعلى تعليمي ادارن جي درسي تعليم نه هجڻ باوجود پنهنجو پاڻ ملهائي رهيا آهن، سگھڙن وٽ عقل جو اونهو سمنڊ ۽ ڏات جو اڻ ملهه خزانو آهي جيڪو سرڪاري ادارن جي ڪرسين تي ويهي پگهارن تي ڪم ڪندڙ قلم ڌڻين جي پت کي وائکو ڪري ٿو، سگھڙن جي سٽاءُ سان سرجيل هر لفظ موتي کان سهڻو ۽ مشڪ جهڙو هڳاءُ ڏيندو پيو محسوس ٿيندو آهي.
    سنڌ جي اڻ ڳڻين ڏات ڌڻين ڌرتي سان محبت جي ترجماني ڪندي تاريخ ۾ پنهنجو نالو ڳڻايو آهي جنهن جي تسلسل تي نظر پوندي ته سندن ئي ڇانوءُ ۾ ڏات جي ڏاوڻ تي اڳتي اڀري آيل انيڪ سگھڙن ، ثقافت ۽ تهذيب جي ترجماني ڪندي اوطاقون آباد ڪرڻ توڙي نڪور تخليقون ايجاد ڪرڻ کان وسان ناهي گھٽايو، تنهن جي باوجود به سنڌ جي ڏات ڌڻي سگھڙن توڙي لوڪ ادب کي اڃا تائين سرڪاري سطح تي ڪابه گهربل موٽ نه ملي سگهي آهي. سرڪاري توڙي ادبي ادارن جي بي ڌياني سبب ڪجهه سگهڙن ته پنهنجو فن سيني ۾ سانڍي هن دنيا کي الوداع چيو، پر ڏکن، سورن ۽ دردن جي ديس ۾ همت ۽ حوصلي کان ڪم وٺندڙ باقي رهيل سگھڙن جون اوطاقن تائين محدود ٿيل ڪچهريون ۽ ذهني تخليقون جيڪي هزارين بيتن تي مشتمل آهن سي اُڏيهي جي ور چڙهي رهيون آهن.
    انتهائي حد درجي جي نظر اندازي سبب لکيل لوڪ ادب جي حفاظت لاءِ ڪي به واسطيدار ادارن طرفان جوڳا قدم ناهن کنيا ويا، جنهن سبب سگھڙن ۾ سخت پريشاني جي لهر ڇانيل آهي، ٻئي طرف اڪثر ٻهراڙين جي ڳوٺن سان واسطو رکندڙ هارپي تي گذر سفر ڪندڙ هنن سپورنج سگھڙن جي تنگ دستي ۽ پريشان حال کين چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، سگھڙ ڪچهرين مان عوام جو شوق گهٽجي وڃڻ سبب اوطاق ڪچهريون زوال طرف وڌي رهيون آهن، جنهن سبب ڏات ڌڻين جي هن صورتحال کي ڏسندي سگھڙن جي تنظيم “سلات” جديد دور جي سائنسي ۽ ٽيڪنالاجي سهولتن جو فائدو وٺندي موبائيل فون ذريعي روزانه گهرن ۾ ئي موجود سگھڙن سان ڪچهري رچائي پئي وڃي. سگھڙن جو فن بچائڻ توڙي سندن مالي سهڪار ڪرڻ لاءِ نه ئي سنڌ سرڪار پاران ڪو فنڊ مخصوص ڪيو ويو آهي نه ئي ادبي ادارن، ڪو تحرڪ ورتو آهي. تنهنڪري لوڪ ادب کي تمام ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي.
    سنڌ جي قديم تهذيب ۽ تاريخي حيثيت رکندڙ سنڌي ثقافت جو مرڪز اوطاق، ڌاڙيل ڪلچر، موبائيل فون، ڪيبل ۽ انٽرنيٽ جي مصروفيتن سبب پنهنجو مان ۽ حيثيت وڃائڻ لڳي آهي، ڌرتي ڌڻين ماضي ۾ هميشه محبت جي امين هجڻ جو ڪردار ادا ڪندي پنهنجو پاڻ ملهايو آهي پر وقتي حالتن ۽ زماني جي گردشن سبب باشعور قوم جي سڃاڻپ رکندڙ اوطاق ويران ٿيندي پئي وڃي، سنڌ جي ٻهراڙين جي مهمان نوازي کٽ تي ٽُڪ جي رلي مٿان ويهاري آڌر ڀاءُ کانپوءِ سرنهن جي ساڳ، مريئڙي ۽ هرٻي جي ٻوڙ توڙي لسي ماني جو رواج چانهه اچڻ کانپوءِ ختم ٿيندو پيو وڃي، جديد مشينن جي ايجاد سنڌ جي ڏاند گاڏي جو پڻ خاتمو آڻي ڇڏيو آهي، جنهن سبب مڪمل ڪار ونهوار مشينري ذريعي منٽن ۾ حل ڪيو پيو وڃي، ڊالڊا جي دور اچڻ کانپوءِ مکڻ جون ماٽيون ۽ کير جا وٽا ماضي جو اهڃاڻ بڻجي چڪا آهن.
    جنهن سبب اڄ جو نوجوان نسل هوٽل جو هيراڪ بڻجڻ توڙي تفريح گاهن تي پڪنڪ ملهائڻ کي اهميت ڏئي ٿو، ساڳئي وقت ڪيبل، انٽرنيٽ ۽ موبائيل فون ماڻهن جا خيال مٽائي ڇڏيا آهن جنهن سبب محبتن جا ميلا ۽ قربتن جا ڪٺ ختم ٿيندا پيا وڃن.
    هوڏانهن بدامني جي باهه جي نتيجي ۾ اوطاقي ماڻهو پنهنجا ماڳ ڇڏي ڪنهن شهر جي ڀر ۾ اچي ويٺا ۽ ڪن ويچارن ته اوطاقن کي مورڳو مال جو وٿاڻ بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن سبب ٻهراڙين ۾ اوطاق جي ڪچهري وارو سلسلو نالي ماتر وڃي رهيو آهي.
    جڏهن ته قديم تاريخ جو حصو بڻيل ماروئڙن جي ڪاڄن سميت خوشي وارن ڏهاڙن ۾ منفرد انداز سان لوڪ ادب ۾ شامل لاڏا، گيت ۽ سهرا ڳائڻ جو سلسلو نالي ماتر رهيو آهي. جديد دؤر جون عورتون سهرن ۽ لاڏن جي جاءِ تي “مُني بدنام هوئي” ۽ “شيلا ڪي جواني” وغيره جهڙا غيرمهذب گانا ڳائين ٿيون جن سان نه “ادا” ڪجهه ڪڇن ٿا ۽ نه ئي وري اسان جون “اديون” توڙي “نانيون، ماسيون” ڪو شرم محسوس ڪن ٿيون.
    ڪو وقت هئو جو سنڌي ثقافت کي اجاگر ڪندي ماروئڙا اجرڪن سان ڪانڀون ٻڌي مٿي تي ٽوپي، پٽڪي جا سهرا سجائي پنهنجائپ جو درس ڏيندا هئا اهو منفرد رنگ پڻ گهٽجي رهيو آهي ساڳئي وقت معاشي حالتن، لاڳاپيل ڪاروبار ۽ وقتن به وقتن پيدا ٿيندڙ بحرانن پڻ اوطاق ڪچهرين کي پٺتي ڌڪي ڇڏيو آهي.
    ان سموري صورتحال کي ڏسڻ کانپوءِ اسان پنهنجي قومي ورثي کي بچائڻ لاءِ پنهنجي وس ۽ طاقت آهر جاکوڙ جاري رکي آهي جنهن ۾ توڙي جو وسائلن جي اڻهوند آهي پر اسان ڦُڙي ڦُڙي تلاءَ وانگر ادبي سمنڊ جون ڇوليون پلٽائي عوام کي اڻ ميو لوڪ ادب جو خزانو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
    اسانجي محسن دوست ۽ سگھڙن جي سرواڻي جو تاج پهريندڙ سائين عاجز رحمت الله لاشاري کي جس هجي جنهن سگھڙن جون سُهمون، ادارن جا اڻ ڍنگا رويا، مخالفن جون الزام تراشيون، طرح طرح جا طعنا ۽ مهڻا پنهنجي سر تي سهي هن ڏات جي ڏيئن کي روشن ڪرڻ ۽ ڏات ڌڻين جي پر گهور لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي.
    هن کان اڳ اسان جي تنظيم “سلات” نه رڳو ڪچهريون ڪرائڻ تائين محدود رهي آهي پر کوڙ سارن سگھڙن جا ڪتاب پڻ شايع ڪرايا آهن ۽ رسالا توڙي اخبارون پڻ ان جو جيئرو جاڳندو ثبوت آهن. “سلات” تنظيم سنڌ، بلوچستان جي سگھڙن جي نمائنده تنظيم هئڻ جي نه رڳو ٺلهي دعوى ڪئي پر ان ۾ عملي ڪارڪردگي به ڏيکاري آهي جنهن جو هن کان اڳ شايع ٿيل ڪتاب “سهڻل جا سينگار” ۽ “سگھڙن جي جامع ڊائريڪٽري” ان جو پڪو دليل آهي.
    حڪومت سنڌ توڙي سرڪاري ادارن جو سهڪار هجي چاهي نه هجي، بس اسان پنهنجي هڙان وڙان واري جاکوڙ انساني همدرديءَ جي بنياد تي جاري رکنداسين ۽ ڪڏهن به الله پاڪ جي ڪامل مدد کان نااميد نه ٿينداسين.

    اوهانجو پنهنجو

    گل حسن گُل ملڪ
    سيڪريٽري جنرل: سلات
    مبارڪپور، ٺل، جيڪب آباد


    فهرست

    شاهه جو لوڪ رنگ...!

    سگھڙ ۽ سگھڙائپ جي فن تي نظر رکندي سڀ کان پهريان دنيا جي عظيم سگھڙ ۽ شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي آفاقي شاعري تي نظر رکي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي ته سمورا سگھڙ لطيف سائين جا پوئلڳ آھن ۽ بنيادي سگھڙائپ جي تاريخ ته نه ملي سگهي آهي پر ان فن کي نئين نڪور نجپڻي واري ٻوليءَ ۾ عروج عطا ڪندڙ هن فن جو باني “لطيف سائين” آھي. ان عظيم شاعر، انسانيت جو آواز، مفڪرن جي منزل، گوهرن جي گفتار، سڄاڻن جي ساڃاهه، صوفين جي صداقت، اديبن جو عشق، فاضلن جو فڪر، عالمن جو علمي خزانو، ڏاهن جو ڏانءُ، ننگدارن جو نانءُ، سگهڙن جي سونهن، شاعرن جو سرتاج، جنهن تي لکڻ لاءِ ڪيئي ڏينهن ۽ راتيون کپن.
    ڀٽائي گهوٽ جي شاعري کي پڙهڻ ۽ پُرجهڻ، پرکڻ ۽ پروڙڻ، ڳائڻ ۽ هنڊائڻ، سمجهڻ ۽ سُڻائڻ، سهيڙڻ ۽ سموهڻ، لکڻ ۽ لکائڻ، ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ وارا، اهي پياسي پتوئڻ وارا، گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڪيئي آيا، ڪيئي ويا، ڪيئي آهن، ڪيئي ايندا، ڪيئي ويندا، پر سندس سوچ ۽ الاهي راز مڙني کان مٿڀرو آهي.
    لطيف سائين پوري دنيا جو شاعر آهي، پوري دنيا جي تصوير پر خصوصي طرح پوري سنڌ جي تصوير پنهنجي ڪلام ۾ وڏي خوبصورتيءَ سان سهيڙي، سينگاري، چاهه سان چِٽي آهي، جنهن جو ڪو مثال نه آهي. لطيف سائين سنڌي عوام جي مروجه سليس، سادي ۽ سلوڻي زبان ۾ هڪ عوامي شاعر طور بلند خيالي، نفسيات جي نائڪ سان فڪر جي ڦرهيءَ تي نقش نگاري ڪئي آهي، سا انساني دلين جي عميق گهرائين تائين پهچي، عجيب رقت، جدت ۽ محويت پيدا ڪيو ڇڏي. سندس لفظن ۾ ڪرت بابت هاري، هر، ٻج، ڇيڙ، پوک، ڪُت، ناڙي، ڪانڀو، ڪڻا، ڊنگهر استعمال ڪيل آهي ته ڪٿي پکين جي پچار ۾ ڪونجون، ڪونج، ڪونجڙيون، ڪونجڙي، ڪونجل، ڪانگ، ڪبوتر، ڪانيرو، ڪانگو، ڪانگل، ڪانگيرو، چٻ، اُلو، دُدو، بورائو، باز، ڳجهه، گُرڙ، لکيو اٿائين. جڏهن ته جانورن ۾ روجهه، هرڻ، اٺ، وڇڙو، گهوڙو، شينهن، قيصر، هاٿي، سيارڙو (گدڙ)، کانپوءِ موتي، سگبان، پونچو، اُلير، گُلر، جنبور، شڪاري، چوهڙو، ڏاڪاريو، چئي ڪُتي لاءِ ڪيترائي نالا آندائين. ساڳئي وقت جڏهن ندين کي نروار ڪري ٿو ته سنڌو، مهراڻ، مياڻي، ڪينجهر، ڍورو، هاڪڙو، پٽيهل، ٻليار، ڍاڪو، ولاسو ۽ پُراڻ جي پيارن نالن کي نشانبر ڪري لکيائين. ان کانسواءِ هر قسم جي پيشي سان تعلق رکندڙ مختلف ڪاريگرن جي عادتن، اطوارن ۽ رسم رواجن جي احوالن ڏيڻ سان گڏ لطيف سائين سندن جذبن، اُڌمن، خوبين ۽ خامين جو ذڪر پڻ اهڙي پيرائتي نموني سان ڪندو هليو آهي، جيئن ڪو ڪامل مرشد پنهنجي سُلوڪ جي سالڪ کي اشارن ۽ استعارن، تشبيهن ۽ تمثيلن سان فطرت جي ڪتاب جا سبق پڙهائيندو هلندو رهندو هجي.
    شاهه هر ان شيءِ جو ذڪر ڪيو، جا سندس نظرن مان گذري، جيئن قرآن شريف ۾ ڪوريئڙي (عنڪبوت) جهڙي خسيس جيت جو به ذڪر آهي، تيئن رسالي شريف ۾ به ڪُتي کان وٺي سيارڙي ۽ شينهن تائين، ڪنگ ۽ ڳِجهه کان ويندي هنج تائين جا مثال ڏنل آهن. انهن ۾ اُٺ، گهوڙا، گڏهه، مينهون، مڇ، مور، هرڻ، هُماءَ، هنج، تاڙا، تتر، باز، ڪٻرون، ڪونجون، ڪرول، سَپ، سِپون، چَڙيون، چَتون ۽ چيها سڀ اچيو وڃن ٿا، مثالن سان انهن جي فطرتي خوبين ۽ خامين جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ کانپوءِ سڳوري سيد سِڪ، صلح ۽ سلامتيءَ سان، باعزت ۽ پرامن نموني ۾ زندگي گهارڻ جا جيڪي گُر ڏسيا آهن، اهي ديس وارن لاءِ هڪ حتمي حڪم جي حيثيت رکن ٿا.
    لطيف سرڪار عوامي ادب جو شاعر يعني سگهڙ هو، ان بابت فقير محمد قاسم راهمون جا سندس مرتب ڪيل رسالي “شاهه جو گنج” ۾ شايع ٿيل اهي اکر به شاهدي ڏين ٿا ته:
    دراصل لطيف سرڪار جا پارکو، اهي پياسي ۽ اداسي ماڻهو، توهان کي جهنگن توڙي جهرن، ٿرن توڙي برن، بيابانن توڙي بيرانن، جبلن توڙي لڪن، ڍنڍن توڙي ڍورن، دريائن توڙي سامونڊي پٽيءَ تي رهندڙ سرويچن ۽ ڀِٽن تي رهندڙ ڀلارن، ڪڇ تي رهندڙ ڪوهيارن، لاڙ جي رهندڙ لاکيڻن، وچولي جي رهندڙ ولهارن، اتر جي وسندڙ اوتارن، سَرو جي رهندڙ سٻاجهن ماڻهن وٽان ئي شاهه صاحب جي شاعري جي سڃاڻپ، ڄاڻ ۽ پرک ملندي، اصل ۾ شاهه صاحب کي سُڻڻ وارا، اهي سچا صحبتي ماڻهو، اهي مٺا ۽ محبتي ماڻهو، اهي هنر مند ۽ هاري، اهي ڪوري ۽ ڪنڀار، اهي ساڻيهه جا سنگهار، اهي ويڙهيچا ۽ وينجهار، اهي سٻاجها ۽ سانگي، اهي جيءُ چوندڙ جهانگي، اهي بحر جا بادشاهه، مير مهاڻا، اهي نماڻا ناکئا، اهي لوهه ڌمڻ وارا لوهار هئا، اهي سٻاجها ۽ صدورا، اهي وڙائتا وينجهار هئا، جن وٽ سچائيءَ جي سرهاڻ، روح واري رِهاڻ، محبت واري مانڊاڻ متل هئي، جيڪي هر وقت عشق ۽ اُڪير، سڪ منجهان سَرير ۾، صدما ۽ سور سانڍڻ، اندر ۾ اورڻ، جيءُ ۾ جذبا رکندڙ روح جا راڻا هئا.
    (شاهه جو گنج، مرتب: محمد قاسم راهمون)
    مطلب ته شاهه صاحب خود انهن سان گڏ ويهي انهن جا ئي سور سُڻائڻ شروع ڪيا ۽ انهن کي ئي سندن ڪهاڻيون ٻڌائڻ شروع ڪيائين، پاڻ سنڌ ۽ هند جو ڳچ حصو گهمي پاڻ کي سنڌ جي واهڻ، ڳوٺ، شهر ۽ هر آبادي سان سلهاڙي ڇڏيو، سنڌ جي ڪِرت ڪار، ڌنڌي داڙي، کيٽ کري ۽ چَپي چَپي جا حوالا مشاهدي هيٺ آڻي بيتن ۾ بيان ڪري پنهنجي ڪلام ۾ مٽيءَ جي محبت، مهانتا، ڌرتي جي عظمت، ساڻيهه جي سونهن ۽ سڳنڌ، ڀلاري ڀونءِ جي تخليقي قوتن کي ڳايو آهي.

    لطيف سرڪار پنهنجي بيتن ۾ سماج جي عوامي ڪردارن سميت جنهن ڪرت جو ذڪر ڪيو آهي، سو سڀ سگهڙائپ وارو رنگ آهي، ان ڏيٺ ۽ مشاهدي موجب شاهه سائين شراب ٺاهيندڙ ۽ پيئندڙ، حڪيم ۽ مريض، اوٺي ۽ پانڌي، شڪاري ۽ تماشائين، وينجهر ۽ صراف، ٻيڙيائتا ۽ سوداگر، ڪنڀر ۽ سونارا، پنڃارا ۽ رنگريز، هاري ۽ ڪاسبي، ٽوٻا ۽ مڇي مار، موتين ۽ سِپن جا ڳوليندڙ توڙي واپاري، پير ۽ مريد، جوڳي ۽ مانڊا، سنياسي ۽ ويڄ، ڪاتيار ۽ ڪوري سميت جن به هنرن ۽ هنرائتن ماڻهن جو ذڪر ڪيو آهي، تنهن کي سگهڙائپ چئجي ٿو. لطيف سائين سماج سان لاڳاپيل ڪرت توڙي قصا ۽ ڪهاڻيون، جيڪي ڏٺيون ۽ ٻڌيون، انهن سڀني کي پنهنجي رنگ ۾ رنگي عوامي طرح سان بيت لکيا. سندس اکين ڏٺي مشاهدي ۽ قلب جي ڪارب ۾ جو ڪجهه آيو، ان کي پنهنجي لازوال لفظن ۾ امر بڻايائين.


    لطيفي لات ۾ عوامي ادب...!

    مشرقي توڙي مغربي شاعرن جا شعر پڙهيل ماڻهو سمجهي سگهن ٿا پر هن سگهڙ ۽ عوامي شاعر جو شعر عام خاص، جاهل عالم، جهنگ جي جهانگيءَ کان ويندي وڏي ۾ وڏي علامه تائين مقبول ۽ پسند آهي. سادن ۽ سليس لفظن ۾ اعليٰ خيال، دقيق ۽ اونها پيچيده مسئلا اهڙي نموني سان ڪَتب آندا اٿس، جو ارسطو جهڙا استاد اڄ به اگر پيدا ٿين ته حيران ۽ دنگ رهجي وڃن.
    مثال طور! چنڊ، سج، تارا، ڪَتيون، جبل، هوائون، سمنڊ، درياهه، ڍنڍون، ٻيڙيون، جهاز، رڇ، مڇ، سڙهه، بيرقون، درياءَ جا وهڪرا ۽ وهه، ان جي دهشت ۽ ڌُم، لهريون ۽ سَپ، آڇاڙا ۽ عميق، لوهار جي ڌنوڻي ۽ سانداڻ، مترڪا ۽ سراڻيون، رک ۽ ڪوئلا، ڪُتا ۽ مِرون، پنجوڙ ۽ ڪناتون، لڪ ۽ پيچرا، اُٺن جا گس ۽ گُپس، ٽِليون ۽ ٽونئر، چرخو ۽ پُوڻيون، ڪپهه ۽ سُٽ، کپُر ۽ ڪاريهر، مطلب ته ڪا به شيءَ ناهي ڇڏي.
    توهان ڏسو شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ پنهنجن ماروئڙن جي ماڳ سان محبت، ساڻيهه سان سڪ، ڪلچر سان قرب، جُوءِ سان جيءُ لڳائڻ، ديس سان دل ڳنڍڻ ۽ وطن جي هر شيءَ سان محبت ڪرڻ توڙي ان سان وفادار رهڻ جو سبق ملي ٿو:

    “ايءُ نه مارن ريت، جيئن سيڻ مٽائن سون تي.”

    شاهه ڀٽائي جي شاعري ۾ اُجري ۽ اڇي انسانيت، سورهيائي شُجاعت، صديقاڻي صداقت، شريفاڻي شرافت، دليراڻي ديانت، ذوقي ذهانت، محبوبي محبت، سچائي ۽ سخاوت، مهرباني ۽ مروت، نياز ۽ نوڙت، ڀائپي ۽ اخوت، عدل ۽ اخلاقيت، وحدانيت جي واکاڻ ۽ سنڌ جي ثقافتي سرهاڻ، چڱيءَ ريت پَسي سگهجي ٿي.
    سگهڙ جو بنيادي تعلق سنڌ سان آهي ۽ سگهڙائپ جي فني ارتقا به سنڌ سان ئي لاڳاپيل آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڀٽائي ڀلاري جون سورميون جن ۾ سسئي، مارئي، مومل، سورٺ، سهڻي، نوري، ليلان به سنڌ جون ئي آهن. سندس تشبيهاتي تصور توڙي مشاهدو پسجي ٿو ته لطيفي لات ۾ عوامي ادب جا جذبا ۽ جُولان چڱي طرح سان پَسي سگهجن ٿا، جن ۾ ساڻيهه جي سونهن، ساوڪ جي سُرهاڻ، ڪينجهر جو قرب، منڇر جي محبت، آڙين جي اُداسي، ڪارونجهر جي ڪور، مورن جي مهڪار، ڀٽن جي بهاري، تاڙي جي تنوار، ڪڪرن جو ڪارونڀار، کنوڻين جا کيل، وڄڙين جا واڪا، پَلر جي پالوٽ، گاهن جي گلزاري، سامونڊين جي ساروڻي، سِپُن جي سِڪ، درياهه جا دڌڪا، ڇولين جا ڇڇڪا، ڪُنن جا ڪڙڪا، ڪاتياري جو ڪَتڻ، ڪاپائتي ڪار، چرخو چورڻ جهڙا لاتعداد نمونا پَسي سگهجن ٿا. جن ۾ لوڪ ادب جو نجپڻو نظر اچي ٿو.
    پر جي کڻي پرکجي ٿو ته لطيف سائين پنهنجي اعليٰ ۽ آفاقي سگهڙائپ جي ذريعي هڪ هڪ شيءِ جا لاتعداد نالا آندا آهن، جيڪو لوڪ ادب يا لوڪ رنگ آهي. تحقيقي تشريح مطابق هيٺ مختصر نالا ڏجن ٿا.

    جيئن اُٺن لاءِ استعمال ڪيل نالا:
    اُٺ، توڏو، موڏو، مَيو، متارو، مهري، موڏ، توڏ، ڪَرهو، ڪنواٽ، ڪَڪو، ڪيڪاڻ، ڳوڌو، ٻُهاڻ، چوسالو، دوڪ، دايو، ليڙو، لَلو، چانگو، پانگُر، گئونرو، گُنگو، ڏاگهو، بوتو، ٻُور، ڀُور، ڀٽارو وغيره.

    تير لاءِ استعمال ڪيل مختلف نالا:
    تير، ٻاڻ، ٻُنگو، نائُڪ، سيلو، پيلو، بانُ، ڪانُ، ڪمان وغيره.

    سورهيه يعني بهادر لاءِ آندل مختلف نالا:
    بهادر، بانڪو، بورائو، پانڊپ، پهلوان، پانو، وِيرُ، ونڪو، وَرنَهه، هاتڪ، ڪُوپو، ڪنڌار، ڪؤنر، ماهي، مانجهي، مير، متارو، مُڇڙ يارو، مَل، سائو، سَڌر، شير، وريام، جهونجهار، جوڌو، جُنگ، جوان، پاونگ، راوت، دلير، دودو، ماچ، جُود، ڳڃُڙي، شاهُو، سورهيه، گهوٽ وغيره.

    شراب لاءِ استعمال ڪيل مختلف نالا:
    ڪڪوهه، قاتل، ڪڙو، ڪڪاڻ، ڪلاڙ، مئه، مَدُ، مَنڌُ، سَرو، سُرڪي، وِههُ، ٽوهه، زهر وغيره.

    طبيب لاءِ استعمال ڪيل مختلف نالا:
    ڏاهو، حڪيم، طبيب، ويڄ، دارون، ٻُڪي، ڊڀُ، ڊبڙا، حاذق وغيره.

    ساز لاءِ استعمال ڪيل مختلف نالا:
    ساز، سُرندو، سُرود، ڪماچ، ڪِينَرو، ڪِينَر، ڪَنجهو، تُنبي، تُنبير، تنبورو، تانُ، تندُ، تَنبور، دنبورو، چنگ، واڄو، وَڏاڻ، ولايتي، بِين وغيره.

    مڱڻهار لاءِ استعمال ڪيل مختلف نالا:
    مَڱتو، مَڱڻو، ميراسي، ماچ، مڱڻهار، ڀانُ، ڀَٽُ، ڀاٽُ، ڀُوڻو، سائل، سيڪڙُو، سُرنديو، سورٺيو، ڪِيرتيو، قوال، ڪامل، جاجڪ، چارڻ، ڏاني، پينار، پاٽ، ربابي، راڳائي، عليل، عطائي، ٻيجلئو، ٻيجل، ٻارٽ، ٻاٽُ، لنگهو وغيره.

    راجا لاءِ استعمال ڪيل مختلف نالا:
    راجا، راءُ، راڄيو، راڄاڻُ، راهوُ، جادم، جکرو، جَسکرو، جڳ سکرو، ڏياچُ، ڏاتار، سخي، سورٺ ور، صاحب، حاڪم، پانڊپ، ٻاجهاڻو، دولهه، درٻار ڌڻي، مير، ملوڪ، مانجهي، مِيون، مُلڪ ڌڻي، مَڻيارو، ڪامل، سَپڙ، سَٻر، کنگهار، گهوٽ، حڪمدار، ريسارُو، حاتم وغيره.

    جوڳين لاءِ استعمال ڪيل مختلف نالا:
    جوڳي، جلالي، جلپتي، جناتي، بابو، بيکاري، بيراڳي، پُوربي، پوربيا، واٽيا، ويراڳي، مهيسي، لانگوٽيا، لال، لاهوتي، صابري، سوامي، سامي، سامٽيا، سنياسي، سامِيڙا، ساڃارُو، سيڪڙُو، آديسي، آڌوتي، ڀڀوت، ڀڀوتيا، ڀوڳي، راول، رَند، رملي، روڳي، نانگا، نپٽا، نِسورا، قُوت، ڪڙايا، ڪاپڙي، ڪلپتي، ڪَن وٽيا، ڪَن چير، ڪَن ڍار، ڪَن ڦوڙ، ڪَنوسريا، ڪَن ڪٽ، ڪاپَٽ، ڪاراٽيا، آگهوري وغيره. مطلب ته ڪافي لفظ ملن ٿا، جيڪي ڀٽائي گهوٽ سگهڙن واري سهڻي گهڙ ڪري ڪتب آندا آهن.


    شاهه جي شاعري ۾ مهانتا...!

    شاهه سائين جا پورهيت ڪردار به ساڳيو اتساهيندڙ تاثر رکن ٿا، هي پورهيت ڪردار به سماج جي ارتقا ۽ ترقيءَ ۾ پنهنجو ڪردار نڀائيندي نظر اچن ٿا، سنڌي سماج جا جيڪي به هنر، ڌنڌا ۽ ڪاريگريون آهن، انهن جي پڻ خوبصورت تصوير ڪشي ڪئي آهي. مثال: لوهار، ڪوري، ڪنڀار، هاري، ميربحر، مالوند ماڻهو، موکي جو منڌ چڪائڻ، اوٺار، گهريلو زائفاڻو هنر، پنهنجي بيتن ۾ سنواري پيش ڪرڻ سگهڙائپ آهي. شاهه سائين هر طرح کان پنهنجي ماروئڙن ۽ سانگيئڙن جي حال جي هيڻائين ۽ اڀراين، اميدن ۽ آسرن، ڏکن ۽ سکن سان سلهاڙيل آهي. لطيف سائين جهڙو عظيم عوامي شاعر، پنهنجي ڌرتي، پنهنجي سماج جي مسئلن تي پنهنجي حڪيماڻي نظر نه وجهي اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي...!

    مون اڪثر محققن، اديبن ۽ عالمن وٽان ٻڌو آهي ته شاهه سائين کان پهرئين دور جا سگهڙ خاص ڪري درٻارن جي زينت بڻيل وزيرن ۽ اميرن جي شان ۽ مان ۾ ڳڻ ڳائيندا هئا، نه انهن کي ڪُڇڻ جي اجازت هوندي هئي ۽ نه ئي معاشي مامرن جي عڪاسي ڪري سگهندا هئا. سواءِ چند عارف باالله ۽ تصوف ڏانهن لاڙو رکندڙن جي، باقي اڪثريت جو شمار بادشاهي ڪچهريون مچائڻ ۽ سندن خوشامد جا بيت چئي پيٽ گذر ڪرڻ ئي زندگيءَ جو مشغلو هوندو هو. جن جي باقيات مان ڪي سگهڙ اڄ به ان روايت موجب ڪامورن جي قصيده گوئي ڪندي نظر ايندا آهن ۽ ڪيترن جا ته لوڪ ادب جي نالي تي شايع ڪيل ڪتابن اندر ڪيترائي داستان اهڙي درٻاري شاعريءَ سان ڀريل آهن. پر جڏهن حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جهڙو ڀرجهلو آيو ته ان سگهڙائپ کي نوان رخ ۽ لاڙا ڏنا، جي چاهي ها ته اڄ جي عام رسمي پيرن وانگر انهن کان عقيدت جي اظهار طور پنهنجي شان ۾ قصيده لکرائي ها، ڇوته سيد اڳ ئي هو، بس حڪم جي دير هئي. پر شاهه سائين ائين ڪرڻ بدران ان وقت جي طاغوتي قوتن خلاف ڪڏهن ظاهري ته ڪڏهن مخفي مام اندر قلمي جهاد ڪيو. ان مرحلي ۾ لطيف سائين پاڻ هٿ ۾ تلوار ته ڪانه کنئي پر ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جي ڏاڪارين سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ هڪ علمي ۽ عملي مزاحمت جو بندوبست ڪيو، پنهنجي فن ۽ فڪر جي تخليقي عمل ۽ ڪردار سان هڪ سياسي مدبر وانگر رهنمائي ڪئي، نه رڳو ايترو پر پنهنجي ڌرتي تي رهندڙ انتهائي سادن ماڻهن جي ڳالهه ڪري پنهنجي آفاقي شاعريءَ ۾ مهانتا بخشي، جن ۾ ککيءَ کوڙ ۽ ککيءَ کاريون ڏٺائين، تن کي آٿت ۽ اتساهه بخشيائين، جن جي هٿن ۾ قُم، ڪوڻيون ۽ ڪالوڙا هئا، جن جا ڇڄ ڇڇيءَ هاڻا هئا، مُنهن جن جا ميرا، بدن جن جي بوءِ، هٿين پيرين ڇيڳرا، رنگ ۽ روءِ ۾ بي رونق، مڇيءَ سان محبت ڪندڙ ڪمذات ۽ ڪمزور، پاٻوڙن جي پوشاڪ پهريندڙ، گند جن جي گود ۾، تن کي تسليون ڏئي ايترو ته مان بخشيائين جو سدائين لاءِ سرها ٿي ويا.
    ايران کي حافظ تي ناز آهي ته عرب کي امراءُ القيس تي بانور ٿي سگهي ٿو، هندستان کي ڪاليداس، انگلستان کي ملٽن ۽ آمريڪا کي لانگمن تي فخر آهي ته سنڌ به شاهه ڀٽائيءَ تي بهار ٿي سگهي ٿي. ڀٽائي ڀلارو جنهن ساري عالم جو خير گهريو، ان جو مثال سر سارنگ جو هي بيت آهي.

    موٽي مانڊاڻن جي، واري ڪيائين وارَ،
    وِڄون وسڻ آئيون، چوڏِسيين چَوڌارَ،
    ڪي اُٺيون اِستنبول تي، ڪي مَڻيون مَغرب پارَ،
    ڪي چمڪن چين تي، ڪي لَهن سَمر قنديَن سارَ،
    ڪي رَمي ويون روم تي، ڪي ڪابل ڪي ڪنڌارَ،
    ڪي دِلي ڪي دَکن پورب پَڇَم، ڪي گُڙنِ مٿي گِرنارَ،
    ڪن جُنبي جيسلمير تان، ڪيو بيڪانير بهارَ،
    ڪني ڀُڄ ڀِڄايو، ڪي ڍَٽين پَٽين ڍارَ،
    ڪي پُريون پَنجاب ڏي، ڪي هلن مٿي هالار،
    ڪن اچي عمرڪوٽ جا، وسايا ولهارَ،
    سائينمِ سدائين، ڪرين مٿي سِنڌ سُڪار،
    دوست مِٺا دلدارَ، عالم سڀُ آباد ڪرين.

    (شاهه جو گنج/مرتب: محمد قاسم راهمون)


    شاهه جو شاعراڻو دور...!

    سنڌي شعر جا اڄوڪي زماني تائين ڪُل چار (4) دور ٿي گذريا آهن، پهريون دور اهو هو جڏهن قديم وقت کان وٺي عيسوي چوڏهين صديءَ تائين هليو، انهيءَ ۾ هندي يا برج ڀاشا جي دهرن جي نموني تي، بلڪ انهيءَ ٻوليءَ ۾ سنڌي بيت ٻن مصراعن وارا ڪم ايندا هئا. گرونانڪ صاحب، جن جو ڪلام جپ صاحب ۾ آهي، بابا تلسيداس برهمڻ، جنهن رامائڻ جو ڀاشا ۾ ترجمو ڪيو، بابا سورداس، جنهن سري ڪرشن جو ذڪر ڀاشا ۾ لکيو. ڪبير صاحب ۽ شيخ فريد صاحب، اهي انهيءَ زماني جا هندي شاعر آهن. انهن جو شعر سنڌ ۾ ايتري قدر گهڻو ڪم ايندو هو، جو انهيءَ کانپوءِ ٻئي دور ۾ به ڪي سنڌي شاعر اهڙو ساڳيو شعر سنڌي يا سرائيڪي ۾ بلڪ ڀاشا ۾ به چوندا هئا. انهيءَ پهرئين دور وارن ڪن شاعرن جا شعر شاهه جي رسالي جي سُر سريراڳ هنديءَ ۾ ڏنل آهن، جنهن مان ثابت آهي ته اهو ڀاشا وارو هندي شعر انهيءَ زماني ۾ سنڌ ۾ ڪم ايندو هو. مثال:

    ڪوا سڀ تن کائيي چن چن کائيي ماس،
    دو نينان مت کائيي، جن ڪو پيا ملن ڪي آس.

    ٻئي دور وارن سنڌي شاعرن يوسف فقير کوکر ۽ روحل فقير ڪنڊڙيءَ واري ۽ ڪن ٻين جو به اهڙو شعر آهي، جنهن کي “ٻاڻيون” سڏيندا آهن.ٻيو دور عيسوي ارڙهينءَ صديءَ تائين هليو، جنهن ۾ انهن ڀاشا وارن دهرن جي نموني تي سنڌي شعر چوڻ ۾ آيو. جيئن شاهه ڪريم جي رسالي ۾ آهي ۽ جنهن کي سڌاري، وڌائي گهڻن مصراعن وارا بيت ڪيائون ۽ انهن سان گڏ ڳائڻ لاءِ وايون چيائون، انهيءَ قسم جي شعر جو باني شاهه عبداللطيف ڀٽائي هو. انهيءَ ساڳئي دور ۾ ۽ اهڙي ساڳئي شعر ۾ مذهبي شعر مداحون، معجزه وغيره چوڻ ۾ آيا، جو ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾ عام هو.
    ٽئين دور ۾ ميرن جي صاحبي ٿي اچي، جا اڻويهين عيسوي صديءَ جي وچ تائين هلي، جنهن ۾ اڳوڻي سنڌي شعر سان گڏ فارسي بحرن ۽ وزنن تي شعر چوڻ لڳا، بلڪ فارسي آميز سنڌي ٻولي شروع ٿي، انهيءَ قسم جي شعر جو باني سيد ثابت علي شاهه هو، جنهن جا مرثيا، منقبت ۽ ٻيو شعر مشهور آهي.
    چوٿون دور انگريز جي صاحبيءَ سان گڏ شروع ٿيو، جو اڄ تائين هلندو اچي، جنهن ۾ ٽئين دور واري شعر زياده ترقي ڪئي ۽ سنڌي ديوان ۽ ٻيو انگريزي مضمون ۽ نموني جو شعر، بلڪ انگريزي آميز ٻولي ڪم ۾ اچڻ لڳي آهي.
    مٿئين مختصر بيان مان معلوم ٿيو ته اسان جو اولياءَ شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي ٻئي دور جي شعر جو باني هو. اگرچه تاريخي دستور موجب انهيءَ دور جو شعر به اڃا جهنگلي يا اڌ جهنگلي هو، ته به انهيءَ دور اندر انهيءَ ۾ سڌارو شروع ٿيو ۽ باقاعدي شعر چوڻ ۾ آيو. انهيءَ سڌاري جا صورت ورتي ۽ جا شاهه ڀٽائيءَ جي ڪلام جي خاصيت شمار ۾ آئي، اها ساڳي هئي.
    اڄ لکئي پڙهئي سماج ۾ هر باشعور ماڻهو اها ڳالهه ڪري ٿو ته سگهڙ گهڻي ڀاڱي اڻ پڙهيا هوندا آهن، ان سلسلي ۾ مرحوم همايون قليچ بيگ مرزا جا هي لفظ شاهدي طور ڪافي آهن ته:
    شاهه صاحب جي حياتيءَ جي احوال مان معلوم آهي ته شاهه صاحب کي ننڍي هوندي ڪا درسي تعليم نه ملي هئي، جيڪو علم حاصل ٿين، سو عالمن ۽ درويشن جي صحبت ۾، ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جي وسيلي. هو پاڻ طبعي يا قدرتي شاعر هو، شعر کي هنر وانگي نه سکيو هو، جيئن هن زماني ۾ ضروري آهي. سڀ ڪنهن قوم يا ملڪ ۾ سچا خدائي شاعر هميشه اهڙا رهيا آهن، جو شعر نهايت ئي عمدو چيو اٿن مگر شعر جي قاعدي قانون جي ڪابه خبر نه پئي اٿن:

    شعر تن جو ٿيو مٺو جهڙي نبات،
    پر نه ڄاڻن فاعلاتن فاعلات.

    (يادگار لطيف 1956ع، همايون قليچ بيگ مرزا) 


    شاهه جي شعرن ۾ سگهڙائپ جون صنفون...!

    ڏٺو وڃي ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو سمورو مذهبي مواد سگهڙائپ آهي، ڇوته اڄ تائين پيدا ٿيندڙ سگهڙن شاهه سائين جي پيروي ڪندي اول الله سائين جي توحيد پوءِ پاڻ سڳورن سان محبت ۽ بعد ۾ پنجتن پاڪن سميت باقي ولين سڳورن جو پڻ شان لکن ۽ پڙهن ٿا.
    سينگار:
    “سنڌي سينگار شاعري” ۾ مشھور محقق علامه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سينگار شاعريءَ بابت تمام گھڻو تفصيل ۽ تحقيق سان سمجھايو آھي، جنهن ۾ لکي ٿو ته:
    “سنگار رس” لاءِ استعمال ٿيل ھندي ٻوليءَ جي لغت محض سنسڪرت ۽ ھندي محاورن تائين محدود ھئي. سنڌ جي سڄاڻ سگھڙن پنھنجي “سنڌي سينگار” فن لاءِ ھڪ طرف پنھنجا انوکا سنڌي الفاظ اختيار ڪيا، ٻئي طرف “سنگار رس” شاعريءَ ۾ عام استعمال ٿيل سنسڪرت ۽ ھندي اسمن کي پنھنجو ڪيو، ۽ ٽئين طرف وري عربي، فارسي، ۽ بلوچي وغيره ٻولين مان انوکن اسمن جو ھڪ وڏو سرمايو ھٿ ڪيو. اھڙيءَ طرح “سنڌي سينگار” شاعريءَ کي انوکي ۽ ڳوڙھي اسلوب بيان ۾ ادا ڪرڻ لاءِ پنھنجي لغت ۾ ھڪ وڏي وسعت پيدا ڪيائون، بلڪ ائين چئجي ته خاص “سنڌي سينگار” فن لاءِ ڄڻ ھيءَ نئين لغت تيار ڪيائون، جنھن ۾ سنڌي، سنسڪرت، عربي، فارسي، بلوچي، براھوي، سرائڪي، ٿري ۽ ڍاٽڪي ٻولين جي انوکن اسمن جو سرمايو شامل ھو. مختلف ٻولين جي مطلوب اسمن جي واقفيت ۽ ڄاڻ کي سنڌ جي سگھڙن ھڪ خاص “سگھڙپائي جو فن” قرار ڏنو، جنھن کي “ڏھسنامو” ڪري سڏيائون. ڀٽائي صاحب، جو جلال ۽ سندس ساٿين جو ھمعصر ھو، ۽ جنھن پنھنجي ذاتي فڪر ۽ طبع زاد بيان جي علاوه، ضرورت آھر ھر گل مان واس وٺي پنھنجي فڪر کي عالمگير ۽ بيان کي جامع البيان بنايو، تنھن پڻ پنھنجي ھمعصر شاعرن جي ھن نئين شاعرانه فن ۽ انوکي اسلوب بيان کي قدري پنھنجي زباني ڳايو ۽ چمڪايو.
    مثلاً :
    سر ڪوھياري جا ھيٺيان ٻه بيت جن ۾ عمداً انوکن عربي لفظن کي استعمال ڪيو اٿس، سي ھن معاصرانه سينگار شاعريءَ جي ڳوڙھي اسلوب بيان جو عڪس ڏيکارين ٿا:
    “ليل” نه جاڳئين لِک سين، ڪلي “نوم” ڪياءِ،
    “قم” ٿي پھچ قريب کي،”اجلس” تو نه جڳاءِ،
    مٺي! مھمانن سين ويھي رات وھاءِ،
    جيلانهه ننڊ ڪياءِ، تيلانهه روز رئين ٿي راهه ۾.

    

    “اجلس” ڪري اٿيا، تنواريو توڏن،
    “نوم” نوازي ان کي، مرحبا موڏن،
    رڙھي رس روڏن، “اَليَومُ سِيرُو” سسئي!.


    نه فقط ايترو پر خود معاصرانه سينگار شاعريءَ جي دلچسپ مضمونن کان متاثر ٿي، ڀٽائي صاحب ھيٺيون بيت بلڪل انھيءَ رنگ ۾ چيو آھي ته:

    گَنيَرَ گَت سکن، چلڻ جي چاھ پئي،
    ھِنڊوا حيرت ۾ پيا، لالي ڪي لبن،
    چمڪن چوڏس چنڊ جيئن وڄڙيون وھسن،
    لوچن ٿيون “لطيف” چئي، پسڻ لاءِ پرين،
    ڪيسر قريبن، سنباھي ساڻ ڪيا.

    (سر سارنگ، داستان ٽيون)

    ھن بيت ۾ “گنيرگت” (ھاٿيءَ جي چال) ھنڊوا (ڳاڙھا مينھن وساوڙا جيت) ۽ ڪيسر (زعفران جنھن جي ڳاڙھي رنگ ۽ خوشبوءِ سان محبوب جي بدن جي لال ٻھڪندڙ رنگ ۽ ھٻڪار کي مشابھت ڏجي ٿي) خاص طرح ڏھس نامي جي لغت جا الفاظ آھن جي سينگار شاعريءَ ۾ عام استعمال ٿيل آھن.‎ ‎
    (سنڌي سينگار شاعري: سنڌي ادبي بورڊ)

    ان حوالي سان راقم الحروف طرفان ترتيب ڏنل ڪتاب “سهڻل جا سينگار” ۾ شايع ڪيل حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سينگار شاعريءَ جا چند بيت مثال طور پيش ڪجن ٿا.

    کڻي نيڻ خُمار مان، جان ڪئائون ناز نظر،
    سورج شاخون جهڪيون، ڪو ماڻو قمر،
    تارا ڪتيون تائب ٿئا، ديکيندي دلبر،
    جهڪو ٿئو جوهر، جانب جي جمال سين.

    (سُر کنڀات: د-1، ب-23)
    ناز مَنجهاران نڪري، جڏ پرين ڪري ٿو پنڌ،
    ڀونءِ پڻ بسم الله چئي، راهه چمي ٿي رَند،
    اڀيون گهڻي ادب سين، وٺي حورون حيرت هنڌ،
    مونکي سائينءَ جو سوڳنڌ، جئن ساجن سڀنئان سهڻو.

    (برووسنڌي: د-3، ب-1)

    جهڙا پانن پن، تهڙيون سالون مٿن سائيون،
    عطر ۽ عنبير سين، تازا ڪئائون تن،
    مڙهيائون مشڪ سين، چوٽا ساڻ چندن،
    سُونهَن رُپي سون سين، سندا ڪامڻ ڪن،
    ڪيائين لال “لطيف” چئي، وڏا ويس ورن،
    منجهه مرڪيس من، ته سوڍي سين سڱ ٿيو.

    (راڻو: د-3، ب-3)


    ڏور بيت...!

    مشهور محقق ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو لکي ٿو ته:
    سگهڙن جي ڪچهريءَ ۾ ٻين سوکڙين سان گڏ ڏور به ڏيندا آهن، ڇوته ڪچهريءَ جو سونهن ڀريو سامان، وندر ۽ ورونهن جو وکر ئي ڏور آهي يا ائين کڻي چئجي ته ڏور بنا ڪچهري اڌوري ۽ اڻپوري آهي. ويجهڙائي کان ڪي اهڙيون به سگهڙن جون ڪچهريون ٿينديون رهن ٿيون، جن ۾ ڪچهريءَ جو مرڪزي مواد ڏور ئي پئي رهيو آهي. ڏور، هر هڪ شاعر ۽ سگهڙ سولائيءَ سان ٺاهي پيش ڪري سگهي ٿو ۽ معنيٰ ۽ مطلب کان به پوريءَ پر، واقف ٿي ٻين کي ٻڌائي سگهي ٿو.
    ڏور جي ابتدا به ان دور کان ئي سمجهڻ کپي، جنهن دور کان ڪچهريءَ ۾ ٻيو مواد پيش ٿيو، هر هڪ ڇاڙهه، وقت جي تقاضا آهر، پنهنجي پنهنجي زماني ۾ ظاهر ٿيندي رهي، تنهنڪري ائين چئي سگهبو ته ڪيترين ڇاڙهن يا صنفن جي ظاهر ٿيڻ ۾ ڪجهه نه ڪجهه وقت جي وٿي ضرور آهي پر ائين نه جو صديون شمار ڪجن، شاهه ڪريم، شاهه ڀٽائي، جلال کٽي توڙي ٻين جهونن شاعرن جي ڪلام مان ڏور جا بيت ملن ٿا. جهڙي طرح پرولي، ڳجهارت، ڏٺ، دراهي وغيره ۾ ڪانه ڪا لڪ رکيل آهي، اهڙي طرح ڏور ۾ به شاعرن ۽ سگهڙن ڪانه ڪا ڏاهپ ضرور ڏيکاري آهي، ڪچهري ۾ جا چيز پيش ٿئي، تنهن ۾ لڪ ضروري آهي ته جيئن ڪچهريءَ جو منڊل مچي، تنهنڪري ائين ڏسجي پيو ته ڏور ۾ به ڏاهن ڏٺ وانگر ڪانه ڪا رمز ضرور رچي آهي، جنهن جي ڀڃڻ يا کُلڻ يا ڏوري ڏسڻ سان ڏور جو مطلب حل ٿيو وڃي، ڏور، ڏورڻ (ڳولڻ) مان ئي سمجهڻ کپي.
    (لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو)
    جناب محمد عالم صاحب “عالم” يادگار لطيف 1956ع ۾ شايع ٿيل پنهنجي هڪ مقالي “شاهه صاحب جو شعر” ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي بيتن جي تشريح ۾ ڪجهه بيت “ڏور” بيتن جي نشاندهي طور ڏنا آهن:دلبو منجهه درياهه، پکي پسي آئيا،
    ويچارن ويساهه، آڻي اُت اڙائيو.

    هي شعر معنيٰ خيز آهي، جو مان پنهنجي ناقص عقل موجب هن ريت بيان ڪريان ٿو ته:
    درياهه (هي دنيا)، پکي (ٻه ملائڪ سڳورا هاروت ۽ ماروت)، يعني ته: جڏهن آدم ذات جو دنيا ۾ دخل ٿيو، تڏهن ڪيتريون ئي خرابيون پيدا ٿيون ۽ ملائڪ سڳورا چوڻ لڳا ته “اي رب سائين! تنهنجي وحدانيت کي قبول ڪرڻ لاءِ، عبادت کي بجاءِ آڻڻ لاءِ، اسان ئي ڪافي هئاسين، تو هي انسان ڇو پيدا ڪيا! هينئر دنيا ۾ ڪيتريون خراب رسمون رائج ٿي رهيون آهن.”
    انهيءَ بعد الله پاڪ آزمائش لاءِ ٻن ملائڪ سڳورن هاروت ۽ ماروت کي انساني وصفون ڏيئي زمين تي موڪليو. جڏهن هو زمين تي آيا ۽ انسانن وانگر زندگي گذارڻ لڳا، تڏهن هڪ عورت تي عاشق ٿي پيا، سندن حالت اهڙي ٿي جو قدرت کانئن ناراض ٿي پئي ۽ سندن لاءِ حڪم ٿيو ته اوهان لاءِ سزا مقرر ڪئي وئي آهي، ليڪن ان سزا ۾ اوهان خودمختيار آهيو ۽ اوهان جي مرضي تي ڇڏيل آهي ته آخرت جي سزا قبول ڪيو يا هن دنيا جي. هن دنيا جي سزا اها آهي جو اوهان جي عام اڳيان تذليل ڪئي ويندي ۽ هن دنيا ۾ سزا اها مقرر ڪئي وئي آهي جو اوهان کي بابل واري کوهه ۾ تا قيامت اونڌو ڪري لٽڪايو ويندو. ٻنهي سزائن مان ملائڪ سڳورن پوئين (هن دنيا واري) سزا قبول ڪئي ۽ اڄ تائين ٻئي ملائڪ سڳورا ان بابل واري کوهه ۾ اونڌا لٽڪيل آهن. اها گواهي خود قرآن پاڪ به ڏيئي رهيو آهي.
    شاهه صاحب جو شعر هڪ حقيقت آهي ۽ سندس هڪ شعر ۾ اُها رقت آهي جا ٻئي ڪنهن به شاعر جي شعر ۾ نظر نه ٿي اچي، شاهه صاحب فرمائي ٿو ته:
    قسمت آنديون ڪونجڙيون وطن سندن روهه،
    ڪنهنجو ڪونهي ڏوهه، رزق رازق هٿ ۾.

    هي وڏو ڪمال آهي، جو سادن لفظن ۾ ڪهڙي نه عجيب ڪيفيت قائم ڪئي وئي آهي، هي شعر به نهايت رازدارانه آهي. منهنجي ناقص فهم موجب ڪونجڙيون لفظ پاڪ بيبين سڳورين لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي، جو کين شمر لعين ڪربلا مان قيد ڪري شام ڏانهن وٺي ويو هو ۽ روهه لفظ مديني منوره لاءِ فرمايو ويو آهي. يعني ته قدرت بي پرواهه آهي جو ههڙن پاڪن پرديدارن تي ڪيتريون نه تڪليفون عائد ڪيون ويون هيون. سندن ملڪ مدينو شريف هو ۽ اڄ هو ڪيئن ۽ ڪٿي، ڪهڙي نه دلسوز حالت ۾ مجبور آهن.
    (يادگار لطيف 1956ع)
    راقم الحروف جي عاجزانه عقل مطابق مشهور واعظي عالمن وٽان ٻڌل عامي روايت کي نظر ۾ رکندي هيٺيون ڏور جو بيت به مٿئين سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.
    نو نِيَر، ڏهه ڏاوڻيون، پندرهن پينڌ پياس،
    بغل منجهه بگهاڙيون، لڱين لوهه لڳاس،
    جُه ساجن سنڀرياس، ته ڇرڪ ڇنائين هيڪڙي.

    (سُر کنڀات، د 4، ب17/جامع مستند شاهه جو رسالو)
    بيت جي مُراد:
    حضرت نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جي چاچي بيبي فاطمه بنت اسد رضي الله تعاليٰ عنها جيڪا حضرت ابوطالب سائين جي گهر واري ۽ مولا علي مشڪل ڪشا جي امان سانئڻ هئي، جن جي پيٽ مبارڪ ۾ جڏهن حضرت مولا علي شير خدا تشريف فرما ٿيا، تڏهن پاڻ سڳورا ٻاهر کان جنهن وقت گهر ۾ تشريف فرما ٿيندا هئا ته ان وقت امان فاطمه بنت اسد اٿي بيهندي هئي، ان سندن اٿي بيهڻ تي ڪجهه قريش جي ماڻهن اعتراض ڪيو ته حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جن ننڍا ۽ بيبي فاطمه بنت اسد وڏي آهي، هئڻ ائين کپندو هو ته جنهن ويلي امان سانئڻ اچي ته پاڻ سڳورا ادب ۾ اٿي بيهن، پر هتي ان جي ابتڙ پاڻ سڳورن جي اچڻ تي امان سانئڻ اٿي بيهي ٿي. ان ڪري کين حضرت ابو طالب سائين کي چئي امان بيبي فاطمه بنت اسد کي اٿي بيهڻ کان منع ڪيائون. جنهن تي بيبي سانئڻ فرمايو ته مان پاڻ اٿي نٿي بيهان، پر منهنجي بطن مبارڪ ۾ جيڪو ٻارڙو (حضرت علي عليه السلام) آهي، اهو مون کي اٿڻ تي مجبور ڪري ٿو. جنهن ڳالهه تي عرب جي اعتراض ڪندڙ ماڻهن ڀروسو نه ڪيو ۽ آزمائڻ خاطر امان سانئڻ جا هٿ پير ٻڌي گهر ۾ ويهارڻ کان بعد حضرت ابو طالب سائين کي چيائون ته هاڻي پنهنجي ڀائٽيي حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جن کي سڏ ڪيو ۽ جڏهن پاڻ سڳورا صه گهر ۾ آيا ته واقعي به امان سانئڻ جي پاڪ بطن ۾ موجود ٻارڙي (حضرت علي عليه السلام) پنهنجي طاقت جي آڌار تي امان کي اٿڻ تي مجبور ڪيو ۽ اهي رسا ۽ زنجير ٽُٽي ويا ۽ مٿيون بيت به لطيف سائين جي چوڻي مطابق ان روايت جي شاهدي آهي.
    ڏور بيت کي نظر ۾ رکندي لطيف سائين جو هي بيت به ساڳي نشاندهي ڪري ٿو ته:
    مون کي مون پريَن، ٻڌي وڌو ٻار ۾،
    اڀا ائينءَ چون، ته مڇڻ پاند پسائين.

    (سُر آسا، د 4، ب 19/ڪلياڻ آڏواڻي)
    بيت جي مراد:
    جڏهن حضرت آدم عليه السلام کان جنت ۾ منع ڪيل داڻو کائڻ واري لغزش ٿي، تڏهن کيس هن سرزمين تي موڪليو ويو ۽ ان واقعي تي لطيف سائين جو هي بيت سگهڙ ڏيندا آهن، جيڪو شاهه سائين روحاني طور حضرت آدم عليه السلام جي چوڻيءَ طور لکيو آهي.


    هُنر...!

    مٿي بيان ڪيل لوڪ ادب جي صنفن سينگار، ڏهس ۽ ڏور بيت کانپوءِ هنر واري عنوان تي اچون ٿا، جيڪا سگهڙن طرفان صنف عام آهي ۽ مختلف عنوانن سان مشهور آهي. ان سلسلي ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جا به ڪيترائي بيت، سگهڙائپ واري هنر سان ملندڙ آهن پر نموني طور صرف هڪڙو بيت ڏجي ٿو. مشهور محقق ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو هنر بابت راءِ ڏيندي لکي ٿو ته هنر فارسي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي فن، ڪاريگري. ڪاريگر جو ڪيل ڪم تڏهن ظاهر ٿيندو، جڏهن ڪري ڏيکاري. مثال: پٿر، ڪاٺ ۽ مٽي، جڏهن اصلوڪيءَ حالت ۾ آهن، تڏهن انهن ئي نالن سان سڏجن ٿا، پر جيڪڏهن ڪاريگر انهن شين کي پنهنجي اٽڪل ۽ استاديءَ سان ڪا موزون شڪل ڏئي ته اهو سندس هنر چئبو، ان مان ثابت ٿيو ته هنر شيءَ جي اصلوڪي حالت جو نه بلڪ ان مان ٻي بڻايل موزون حالت جو نالو آهي، جيئن “پٿر” مان تراشيل شڪل “ آهُر”، بُت، “روهي”، “روهڙو” وغيره، ڪاٺ مان “ڏوئي”، “گهڙامنجي”، “صندل” وغيره ۽ مٽيءَ مان “مَٽ، ڪُنو، دِلو” وغيره. نالا ڏئي سگهجن ٿا، اهڙي طريقي سان شاعر ۽ سگهڙ لفظن، جملن ۽ بيتن ۾ ڪا رمز رچي هنر جي معنيٰ رکندا آهن.
    شاهه سائين جو هي بيت به ان نموني جي هڪ ڪڙي آهي.

    جا هڙ اندر جيءَ، سا هڙ ٻڌي ساهه کي،
    ساهڙ ڇڙي نه ساهه جي، ساهڙ ساهڙ ريءَ،
    ساهڙُ ميڙ سميع، ته ساهڙ ڇڙي ساهه جي.

    (سر سهڻي، د 7، ب 13/جامع مستند شاهه جو رسالو)
    لفظن جي چير: (1) جا+هڙ: جا = ڳنڍ (2) سا+هڙ: سا = ڳنڍ (3) ساھڙ = محبوب
    مقصد ته جيڪا منهنجي جيءَ ۾ پنهنجي پيار واري ڳنڍ منهنجو محبوب ٻڌي پاڻ کي دل ۾ قابو ڪري ويو آهي، سا ايسيتائين ٻڌل هجي، جيسيتائين سريءَ ۾ ساهه آهي ۽ دعا ٿو ڪري ته مالڪ سائين مون کي منهنجو محبوب ملاءِ ته ان جي وصال سان ئي دم نڪري.


    پهاڪا ۽ چوڻيون..

    هر ڪنهن سڌريل ٻوليءَ ۾ پهاڪن ۽ چوڻين جو هڪ وڏو خزانو موجود هوندو آهي، جو ان ٻوليءَ جي تحريري يا زباني ادب جو هڪ اهم ۽ مکيه حصو هوندو آهي. سگهڙ مرد توڙي گهرو سگهڙ عورتون شاعر، اديب ۽ مقرر جڏهن چاهيندا آهن، ته پنهنجي نصيحت يا اندر جي جذبات ٻين تائين مؤثر نموني ۾ پهچائين، ته اڪثر اهي پهاڪن ۽ چوڻين جو سهارو وٺندا آهن.
    سنڌي زبان پهاڪن ۽ چوڻين جي حالت ۾ دنيا جي سڌريل ٻولين کان ڪنهن به طرح کان گهٽ ناهي، شاهه صاحب جي ڪلام کي پڙهنداسون ته ان ۾ ڪافي پهاڪا ۽ چوڻيون موجود آهن.
    “دراصل پهاڪن جي استعمال سان ئي شاهه جي ٻوليءَ ۾ رواني ۽ سليتائي اچي وئي آهي.”
    سر سارنگ جي بيت جي هيٺئين مصرع پڙهو:
    “جن مهانگو لهي ميڙيو، سي ٿا هٿ هڻن”.
    هٿ هڻڻ جي معنيٰ پڇتائڻ آهي، هتي شاهه صاحب انهن واپارين جي ڳالهه ٿو ڪري جيڪي برسات پوڻ يا وسوڳ ٿيڻ سان پوءِ پڇتائيندا آهن ته “هاڻي اَنَ جو اگهه گهٽجي ويندو ۽ سندن نفعو ته ٺهيو پر اُلٽو کين نقصان پوندو.”

    هڪ ٻيو مثال سُر مارئيءَ مان:
    “اي نه مارن ريت، جيئن سيڻ مٽائين سون تي!”
    هتي “سيڻ مٽائين سون تي” عام چوڻيءَ جو گويا سڀاويڪ طور استعمال ڪيو ويو آهي ۽ اهڙيون ڪيئي چوڻيون شاهه جي ڪلام ۾ موجود آهن. سور ۽ درد جي آهه کي ظاهر ڪرڻ لاءِ سنڌي زبان ۾ ڪيترائي اصطلاح، پهاڪا ۽ چوڻيون موجود آهن، مگر اندر جي آهه جي اظهار لاءِ جيڪو شاهه صاحب هيٺيون اصطلاح استعمال ڪيو آهي، ان کي پڙهو:
    “گهوڙا! گهوڙا! آئون نه جيندي اُن ري.”

    (رام ڪَلي)
    اگرچه ان جي جاءِ تي قهر، ظلم، فرياد، افسوس، قيامت، هاءِ هاءِ! شاهه صاحب استعمال ڪري سگهيو پئي، مگر جيڪا درد جي اظهار جي قوت ۽ جذبات جي ترجماني ۽ “گهوڙا ڙي گهوڙا” ڪرڻ سان ٿئي ٿي، يقينن ٻيو ڪوبه اصطلاح پورائو نه ڪري سگهي ها.
    ٻيو مثال:
    مران، “مٿو پٽيان”، نھاريان نيڻان،
    سُخن جي سندان، آئون نه جيندي اُن ري.

    (رام ڪلي)
    جهڙيءَ طرح “گهوڙا!، گهوڙا!” ڏک جي اظهار لاءِ اثرائتو اصطلاح آهي، اهڙي طرح “مٿو پٽيان!” به سنڌي زبان جو اصطلاح وڏي ڪِرڀ رکي ٿو. اُرههُ پِٽڻ ٻين قومن ۾ به آهي ۽ ڳوڙها ڳاڙي ڏک جو اثرائتي نموني اظهار ڪرڻ ته انساني فطرت جو گُڻ آهي. مگر “مٿو پِٽڻ” رڳو سنڌي ثقافتي زندگيءَ جو انفرادي گُڻ آهي، جيڪو شاهه صاحب استعمال ڪري_ پنهنجي وسيع سنڌي ثقافت جي مطالعي جو ثبوت پيش ڪيو آهي. سڄو ڪلام مطالعو ڪيو ته اهڙا ڪيئي اصطلاح، مختلف موضوعن جي ترجماني لاءِ اسان کي نظر ايندا ۽ ان مان شاهه صاحب جي زبان دانيءَ جو اقرار ڪرڻو پوندو.

    سُر سريراڳ جي هيٺئين بيت تي ويچار ڪريو.

    چڱا ڪَنِ چڱايون، مَٺايون مَٺنِ،
    جو وڙ جُڙي جن سين، سو وڙ سيئي ڪن.

    (سريراڳ)
    هن بيت جي حيثيت اڄڪلهه سنڌي معاشري ۾ پهاڪي ۽ چوڻيءَ جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي، يقينن زبان جا ماهر ان ٻڌائڻ کان قاصر آهن ته اها چوڻي سنڌي زبان ۾ اڳ موجود هئي. بيت جو سِٽاءُ ۽ صورت ٻڌائي ٿي ته ان جو خالق شاهه عبداللطيف ڀٽائي آهي ۽ ان جي معنيٰ ۽ مفهوم سليتائي ۽ سونهن ايتري ته جاذب آهي، جو اڄ انهيءَ بيت چوڻيءَ جي صورت اختيار ڪئي آهي.
    (سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف: ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر)


    شاهه جي شاعريءَ ۾ رنگن جي رونق...!

    سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ فيبروري 1988ع دوران ڪوٺايل بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس ۾ مشهور ليکڪ تنوير عباسي پيش ڪيل مقالي ۾ لکي ٿو ته:
    شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ رنگن جو اڀياس به ان ڪري ضروري آهي جو ان سان هن عظيم شاعر جي ذهني رجحانن ۽ نفسياتي لاڙن جي باري ۾ ڪجهه ڄاڻي سگهنداسين.
    ڳاڙهو رنگ، شاهه لطيف جو سڀ کان وڌيڪ مرغوب رنگ آهي، جيترن بيتن ۾ ڳاڙهي رنگ جو ذڪر آهي، اهي ٻين سڀني رنگن جي بيتن جي مجموعي انداز کان وڌيڪ آهن. شاهه لطيف ڳاڙهي رنگ کي “لال”، “لالن”، “رت ورنو”، “ڪڪور”، “ڀنڀو”، “ڳاڙهو”، “مڃٺ”، “ارتو”، “ريٽو”، “رتول”، “کنهنبو”، “سُرخي”، “ڪَڪو”، “رتڙو” سڏيو آهي. مثال طور شاهه سائينءَ جي بيتن جون چونڊ سٽون جن ۾ ان رنگن جي رونق نروار ڪئي آهي. پيش ڪجن ٿيون:
    ان کي “لالن” لنگهايو، ساندارو سمونڊ جو.

    (سريراڳ)
    ڪڏهن پسي ڪانه ڪا، ريءَ لالن لالائي.

    (ديسي)
    هينئڙو ڏاڙهونءَ گل جئن ريٽو رتائون،
    حال منهنجو ههڙو جهڙو.

    (حسيني:وائي)
    آيو ڪاڪ تڙاءُ، ڪئنارن ڪڪورئو.

    (مومل راڻو)
    جهڙا گل گلاب جا، تهڙا مٿن ويس.

    (مومل راڻو)
    ڪاڪ ڪڙهي وڻ ويا، ٻريا رنگ رتول.

    (مومل راڻو)
    آب ارتو اکئين، لڙڪ وهائين لال.

    (مومل راڻو)
    سونا ڪر ڪَنن ۾، ڳچيءَ ڳاڙها هار.

    (ليلا چنيسر)
    رتو رت رتول، مولهيو مير حُسين عه جو.

    (ڪيڏارو)
    ڏاڙهي رت رتياس، ڏند ته موتين ڳُتئا.

    (ڪيڏارو)
    رُئان رت مڃٺ، هاڻي تن پريَن کي.

    (حسيني)
    لڏو لاههِ مَ لڏ ته ڳاڙهي سج ڳالهه مِڙين.

    (حسيني)
    “اوتن ارٿي گاڏئون”، منجهان اکين آب.

    (رام ڪلي)
    آئي مند ملهار، آئون کنهبا ڪنديس ڪپڙا.

    (سارنگ: وائي)
    ڳاڙهي رنگ کانپوءِ ڪارو رنگ شاهه لطيف جو ٻيو نمبر مرغوب رنگ آهي، عام طور ڪارو رنگ ماتم جو رنگ آهي پر سُر ڪيڏاري کانسواءِ (سو به لفظ هڪ بيت ۾) شاهه لطيف ان کي ماتم يا ڏک جي اهڃاڻ طور ڪتب نه آندو آهي، شاهه لطيف ڪاري رنگ کي ڀوائتي ماحول جي نقش چِٽڻ مهل پسمنظر ۾ آندو آهي، جيئن خوف ۽ خطري جو تاثر وڌيڪ گهرو ۽ چِٽو ٿئي. سُر سُهڻيءَ ۾ ڪاري رات جو خوفناڪ منظر هن ريت چِٽيو اٿائين.
    ڪاري رات ڪچو گهڙو، مٿاءُ وسي مينهن،
    هڪ ڀئو بيراهه جو، ٻيو سانڀارا سينهن،
    شال مَ ڇڄي نينهن، گِهِڙان گهورئو جندڙو.

    شاهه لطيف ڪاري رنگ لاءِ فارسيءَ جو لفظ سياهي ڪم آندو آهي ۽ ڪاري رنگ يا سياهيءَ کي سور جو سبب سڏيو اٿائين. سُر کنڀات جي هڪ وائيءَ جي سِٽ آهي:
    ڪاري جا قيام سين، هوت جنهن جو حامي.

    ساڳي طرح سُر ڪوهياري جي هڪ وائيءَ ۾ پڻ ڪاري رنگ کي بري، خراب يا بُڇڙي جي معنيٰ ۾ ڪتب آندو آهي.
    ڪري ڪوهيارو هليو، مون سين قيامت ڪاري.

    ڳاڙهي ۽ ڪاري رنگ کانپوءِ ٽئين نمبر تي شاهه لطيف جو مرغوب رنگ آهي اڇو، اڇو رنگ اڄڪلهه امن ۽ سلامتيءَ جو اهڃاڻ آهي.
    چنڊ تنهنجي ذات، پاڙيان نه پريَن سان،
    تون اڇو منجهه رات، سڄڻ نِت سوجهرو.

    (کنڀات)
    سُر آسا ۾ به شاهه لطيف اڇي رنگ ۽ اڇائيءَ کي چڱائيءَ ۽ نيڪيءَ جي معنيٰ ۾ ڪتب آندو آهي.
    سُرمو سفيديءَ جو، جڏهن پاتو جن،
    تڏهن ڏٺي تن، اڇائي عالَمَ ۾.


    ساڳئي وقت سائي رنگ کي سينگار جي رنگ طور، شاهه لطيف هڪ ماهر چترڪار/مصور وانگر استعمال ڪيو آهي، سُر مومل راڻي جو هي بيت پڙهو:
    جهڙا پانن پن، تهڙيون سالون مٿن سائيون،
    عطر ۽ عنبير سين، تازا ڪئائون تن،
    مڙهيائون مشڪ سين، چوٽا ساڻ چندن،
    سُونهَن رُپي سون سين، سندا ڪامڻ ڪن،
    ڪيائين لال “لطيف” چئي، وڏا ويس ورن،
    منجهه مَرڪيس من، ته سوڍي سين سڱ ٿيو.

    ساڳئي سُر مومل راڻي جي هڪ ٻئي بيت ۾ سائي رنگ جو استعمال ڏسو:
    سائي شال ڪلهن تي، سامي سون سري.

    سُر سارنگ جي هڪ ٻئي بيت ۾ به شاهه لطيف سائي رنگ کي آسودگيءَ جي اهڃاڻ طور ڪتب آندو آهي.
    بر وٺا، ٿر وٺا، وٺيون ترايون،
    پرهه جو پٽن تي، ڪن ولوڙا وايون،
    مکڻ ڀرين هٿڙا، سنگهاريون سايون،
    ساري ڏُهن سامهيون، ٻولايون رايون،
    ٻانهيون ۽ ٻايون، پکي سونهن پانهنجي.

    مٽيءَ جو رنگ خاڪي آهي، ان کي ڀڀوت به چوندا آهن، اچو ته ڏسون ته شاهه لطيف ان رنگ کي ڪهڙيءَ ريت استعمال ڪيو آهي.
    ڪالهه گڏئوسين ڪاپڙي، بابو رنگ ڀڀوت،
    سرئو سين سڪوت، جوڳيءَ سندي ذات کان.

    (مومل راڻو)
    اچو ڏسون ته شاهه لطيف ان جوڳين ۽ صوفين جي گيڙو رنگ کي ڪيئن ڪتب آندو آهي، هن گيڙو رنگ لاءِ لفظ “ڌاڄو” ڪتب آندو آهي.
    اڄ ملنديس ماءُ، ڌاڄا ڪنديس ڪپڙا،
    جيجان جوڳياڻي ٿيان، مون کي جهل مَ پاءِ،
    هوت ٻاروچي لاءِ، ڪنين ڪنر پائيان.

    (سسئي آبري)
    شاهه لطيف پِيلو رنگ به استعمال ڪيو آهي، مُنهن پِيلو ٿي وڃڻ، سنڌي محاورو آهي، شاهه لطيف به هتي ڪمزور ٿيڻ جي معنيٰ ۾ پِيلو مُنهن ٿيڻ ڪم آندو آهي ۽ پِيلي رنگ لاءِ لفظ “ميٽو” ڪتب آندو اٿائين.
    ياد گرو ڪن گودڙيا، بر بازار بيٺا،
    پڙهن سور سبحان جي، پيَن تنهن پيٺا،
    جيلاهه منهن “ميٺا”، تيلاهه نشا چاڙهيئون نينهن جا.

    (رام ڪلي)
    نيرو رنگ خطرناڪ هجڻ جي اهڃاڻ طور ڪتب آندو اٿائين:
    وڏا وڻ وڻڪار جا، جت نانگ سُجهن نيلا،
    اتي عبداللطيف چئي، ڪيا هيڪليءَ حيلا،
    جت ڪڙم نه قبيلا، ات رسج رهبر راهه ۾.

    (سسئي آبري)
    (نرتي تند نياز سين: مرتب عبدالجبار جوڻيجو/ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگھيو)


    شاهه جي شعرن ۾ گاهن، ٻوٽن، ميون، ڀاڄين، اناج، وڻن ۽ ولين جو ذڪر..!

    مٿي بيان ڪيل ڌرتيءَ مان پيدا ٿيندڙ سمورين شين جي حوالي سان مشهور ليکڪ ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپر لکي ٿو ته:
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي سيلاني بڻجي سنڌ جي نه رڳو مختلف ماڳن ۽ هنڌن جي وڻن، ٻوٽن، گاهن، ميون ۽ ڀاڄين کي ڏٺو پر ان سان گڏوگڏ ڪلام ۾ به ان جا نالا ڄاڻايا اٿس ۽ نالا به اهڙا جيڪي اڄوڪي دور ۾ بلڪل اوپرا ٿا لڳن يا ائين ٿو محسوس ٿئي ته ڄڻ ته اهي لفظ ڌارين ٻولين جا لفظ آهن. مثال: “ڦنگي” جنهن کي پاڻ “کُنڀي”، چئون ٿا، تنهن جو استعمال شاهه سائين سُر سارنگ ۾ هن ريت ڪري ٿو ته:
    “ميها، چڀڙ، ڦنگيون، ٿين سڀيئي ٿوڪ”

    هن سٽ ۾ بيان ڪيل لفظ “ميها” ۽ “چِڀُڙَ” ڀاڄيون آهن ۽ “ڦنگيون” پڻ کائڻ لاءِ ڪتب اينديون آهن ۽ اهي مينهن جي موسم واريءَ جي ميدانن ۾ دڙن تي اڀرنديون آهن.
    شاهه سائين جتي ويو، اتي جاگرافيائي حدن ۽ اتان جي آبهوا کي به شاعريءَ ۾ سمائي ڇڏيائين، ان سان گڏوگڏ اتي جي ٻوٽن، وڻن، گاهن، پوکن، گلن ۽ ميون جو به اونهو اڀياس ڪيائين، جنهن جو اندازو سندس هن بيت مان لڳائي سگهجي ٿو.
    سَرَ، لوهيڙا، ڳڀيا، ڪُسر نسريا،
    تو ڪيئن وسريا، ڍوليا ڏينهن اچڻ جا.

    هن مٿي ڏنل بيت ۾ ٽن مختلف ٻوٽن (سَر، لوهيڙا ۽ ڪُسر) جو ذڪر ڪندي ڄاڻائي ٿو ته جڏهن سَر ڳڀيا آهن، تڏهن ڪُسر نسرندا آهن. “ڪُسر” جن کي ڪوڙا سَر به چئبو آهي، تنهن جو اشتقاق ائين آهي ته:
    ڪ= ڪوڙا+ سر= سر= “ڪوڙا سر”
    شاهه سائين ماروئڙن جي خوراڪ، اناج، ٻاجهر، جوئر، مکڻي، کِهه، سائون، سيارڇ، لنب، مانڌاڻ ۽ آراڙي جي اَنَ بابت پنهنجن بيتن منجهه ان ريت بيان فرمايو آهي ته:
    آڻين ۽ چاڙهين، ڏٿ ڏهاڙي سومرا،
    سٿا ڪيو سيد چئي، سائون سُڪائين،
    منجهان لُنب لطيف چئي، چانور ڪيو چاڙهين،
    پلاءُ نه پاڙين، عمر آراڙي سين.

    (سُر مارئي)
    مارئي بند اندر پنهنجي ديس جي گاهن “جن کي مارو رڌي کائين ٿا” کي ياد ڪندي رهي ٿي ۽ سندس دل اعليٰ طعامن کي نه ٿي هرکي. ڀلارو ڀٽ ڌڻي ٿر جي گاهن جو ذڪر، مارئي واتان انهن لفظن ۾ ڪري ٿو ته:
    چُرن، چُڻڪن چِت ۾، گهارين مٿي گهٽ،
    کِهه مانڌاڻو، مکڻي، ڍوئين مٿي ڍٽ،
    پنهوارڪي پکڙيين وڃي ڪريان وٽ،
    ساڻيهه سامهون سٽ، ڪندس ڀڃي ڪڙن کي.

    (سُر مارئي)
    ٿر جي ولين ۽ وڻن بابت ذڪر شاهه سڳورو انهن لفظن ۾ ڪري ٿو ته:
    ورُ سي وطن ڄائيون، صحرا ستر جن،
    گولاڙا ۽ گُگريون، اوڇڻ اباڻن،
    ويڙهيا گهمن ولڙين، جهانگي منجهه جهنگن،
    مون کي ماروئڙن، سُڃ ڳڻائي سيج ۾.

    ماروئڙن جي کاڄ ۽ اناج جو ذڪر سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي انهن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي ته:
    منهنجو تور تلن ۾، آئون هِت بندياڻي،
    مون ڏاڏاڻي ڏيهه ۾، ڦرهه ۽ لاڻي،
    ڪندس رهاڻي، مارو پاس ملير ۾.


    شاهه سڳورو مارئي واتان ماروئڙن جي کاڌ خوراڪ بابت فرمائي ٿو ته:

    کاڄ کئيون سڦرو، سڱر ۽ سائون،
    سا ڪيئن کائي کارڪون،
    جنهن کي ڏؤنرا ڏيج ڏنئون،
    کهه مانڌاڻو، مکڻي، قوت جنين جو سائون.

    (سُر مارئي:وائي)
    ملير ۾ جيڪي ڦل ڦول آهن، تن جو ذڪر به شاهه سائين پنهنجن شعرن ۾ ڪيو آهي، ملير ۾ هي ڦل ڦول ٿين ٿا، ميها، گولاڙا، ڳاڱا، ڳم، ڳنڍير، ڏٿ، ڏؤنرا، مريڙو، لُلُر، پُسي، پڪا ۽ پڪ وغيره. اهو سمورو کاڌو ملير جا ماڻهو کائين ٿا، اها شاهه سائين جي ڪلام جي خوبي آهي جو پاڻ مارن جي کاڌ خوراڪ کي سهڻي ۽ چٽي نموني بيان ڪيو آهي. مثال طور بيتن جون چند سٽون هيٺ ڏجن ٿيون.
    مون جيڏيون ملير ۾، چونڊين موڪ ميها.

    ٻئي هنڌ آيل آهي ته:
    سرتين ڏٿ سبيل ڪيو، اڱڻ ڍوئي ڍير.

    ڏٿ بابت مارئي سڪ منجهان چوي ٿي ته:
    ڏٿ چونڊينديس ڏيهه ۾، ساڻ سرتين ساڳ،
    هن مند مارو سنرا، کائر ۾ خوشحال،
    سائون، سيارڇ مکڻي، جيڏيون آڻين جال.

    نه صرف انساني کاڌ خوراڪ جو ذڪر لاکيڻي لطيف جي ڪلام ۾ ملي ٿو، پر جانورن ۽ “ٿر جي جانورن” جي کاڌ خوراڪ جو ذڪر ڀلاري ڀٽ ڌڻي انهن لفظن ۾ ڪيو آهي ته:
    کوهر، ٿوهر، ٿر، جت ساٺيڪا ۽ سٽيون،
    چارن ات چاهه منجهان، پاسي ڦوڳن ڦر،
    ڪيئن لهندم ڪر، جيئن مارو پاڻ اپاريا.

    وسڪاري جي مند بعد ڇا ٿو ٿر ۾ اڀري ۽ اُسري، تنهن جو ذڪر شاهه سڳوري هنن لفظن ۾ ڪيو آهي:
    پڪا پنوهارن ڏي، ميوا، مَڃَر، مڪ.

    ٻئي بيت ۾ انهن نالن جو استعمال ڪيل آهي ته:

    جت کرڙ، کٿا، کاهيون، پال، پڪا، پڪ.

    لنب ٿر جي جانورن جو کاڄ آهي، جنهن بابت ڀٽ ڌڻي هنن لفظن ۾ چوي ٿو ته:
    هن مند مارو سنرا، جيائي جالين،
    چاريو لنب لطيف چئي، واڳيين وهارين.

    مارئي پنهنجي ديس جي وڻن کي ياد ڪندي چوي ٿي ته:
    کارا کٻڙ ڏيهه ۾، ٻيا واريءَ منجهه وٿاڻ.

    ٻئي هنڌ سُر مارئي ۾ ڀٽائي سڳورو فرمائي ٿو ته:
    ساريم سيد چئي، گاڏيليون گوندا.

    اهڙيءَ ريت هڪ ٻئي ميويدار ٻوٽي جو ذڪر شاهه ڀٽائي سُر مارئي ۾ هن ريت ڪيو آهي:
    هن مند مارو سنرا، ڍنگر ڍار رهن،
    کاٽونبا کاڄن، مينهن وسندا موٽ تون.

    مارئي وطن وڃي ڪهڙا ميوا ۽ ڀاڄيون کائيندي، تن جو بيان هن ريت شاهه سائين فرمايو آهي ته:
    سڱر ساهيڙين سين، ساڙيهه منجهه سٽيندي،
    عمر! انهيءَ ڏيهه جا، ڪوڏر قوت ڪريندي،
    گولون گولاڙن جيون، جهپي ساڻ جهٽيندي،
    ڪوڪڙ ڪنڊيرن ۾، ڦوڪيو ڦڪ ڀريندي،
    عيدن برادن تي، کِههِ مانڌاڻو کيندي،
    پسي کائي پيٽ ۾، ڏؤنرا ڏن ڏيندي،

    ڏيهه ڏاڏاڻين پکڙين.

    (سُر مارئي: وائي)
    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي بيتن ۾ استعمال ڪيل شيون هر هڪ قسم ۾ جدا جدا ڪري لکجن ٿيون.

    گاهن جا قسم:
    کِههِ، مکڻي، آراڙي، مانڌاڻو، لُنب، ڳم، ڳنڍير، چيهو، پاهه، آنر(لؤنش به چئجي ٿو)، ڪپور (ڪافور)

    ٻوٽن جا قسم:
    لاڻو يا لاڻي، ڦوڳ، ڪرير، کوٽونبا (واحد: کاٽونبو)، جَرُ، اڪ، کٽڻهار، تُورُ، سر، چاهڪ، ڪانهن، ڪنؤر،

    ولين جا قسم:
    گولاڙا، سيارڇ، ڪوڏر (ڪوڍير)

    ڀاڄين جا قسم:
    ساڳ، ميها، ڏؤنرا، چڀڙ، لُلُر، پُسي، ڦنگيون (کنڀيون)

    ميون جا قسم:
    پڪا/پڪ، پپون، مڪ، ٽوهه، کارڪو، ڳاڱيون يا ڳاڱا، گوندا، آما (انب)، ليما، راڱا، ڦاروها، پاٻوڙا،

    اَنَ جا قسم:
    سائون، ڏُٿ، ڦرهه، سڱر، مڃر

    وڻن جا قسم:
    گُگريون (گُگري/کنؤر جو وڻ)، ٿوهر، ساڏوهيون، ڪرڙ، کارا کٻر، ڪريڙ، ليار، ڪنڊا، ڪانڊيرا، لوهوڪا (لوهيڙي جو وڻ)، ليون، جائو (لئي جو جابلو وڻ)، جمر (بيد جو وڻ)،چندن، سرکنڊ (صندل جو خوشبودار وڻ)، کٿوري، اگر.
    سُر سهڻي ۾ شاهه سائين مهراڻ جي موجن، درياهه جي دڌڪن، سهڻي جي سڪ ۽ اُڪير ۽ ميهار جي مينهن جي چڙين جو گهڻي قدر ذڪر ڪيو آهي، ان سان گڏوگڏ شاهه سائين ڪٿي ڪٿي گاهن ۽ ٻوٽن جو ذڪر پڻ ڪيو آهي، مينهن جي چاري جو ذڪر ڪندي شاهه سائين فرمائي ٿو ته:

    چاهڪ چري، تار تري، آيون مٿي آر،
    ڪوڙيين ڪر کڻنديون، سڻي سڏ ڌراڙ،
    مينهون ساڻ ميهار، پرچي پار لنگهيون.

    چاهڪ: ڪانهه جو قسم جيڪو مينهون گاهه جي طور چرن ٿيون. اهو ساڳيو لفظ چاهڪ شاهه سائين ٻئي هنڌ هنن لفظن ۾ استعمال ڪيو آهي ته:
    چاهڪ چري تار تري آيون مٿي ٻيٽ.


    ٻئي بيت جي مصرع هن ريت آهي ته:
    چاهڪ چري، تار تري، آيون مٿي ڪُنن.

    ساڳيو چاري جو لفظ انهن ۾ استعمال ڪيل آهي ته:
    چاهڪ چري تار تري، آيون مٿي کوهه.

    ٻئي بيت ۾ شاهه سائين سُهڻيءَ جي واتان هي سٽ ادا ڪرائي ٿو ته:
    ڪنڌيءَ جهليو ڪانهن، عاشق اڀو آهون ڪري.
    مطلب ته سندس ان سر جي پڙهڻ سان درياهه ڪنڌي بيٺل ڪانهن ۽ سرن جي ٻوٽن جي ڄاڻ ملي ٿي.
    (نرتي تند نياز سين، مرتب: عبدالجبار جوڻيجو/ڊاڪٽر قاسم ٻگھيو)
    شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جو جائزو وٺبو ته اسان کي چڱي طرح معلوم ٿيندو ته سندس ڪلام جو تمام گهڻو حصو وطن جي حب، ساڻيهه جي سڪ، ملڪ جي وڻن، جهنگن، جهرن سان پيار، ڀِٽن سان ڀرم ۽ مسڪين ماروئڙن سان موههُ ۽ پنهوارن سان پريت جو پيغام نظر ايندو، سُر مارئي جي ھر هڪ بيت بلڪ هر ڪنهن سِٽ ۾ سانگين جي سڪ، وطن جي حُب ۽ ديس جي وڻن جي هُٻڪار محسوس ٿيندي.
    عمر سومري جي ڏاڍائي تي، مارئيءَ کيس هونئن ته هزارين ميارون ۽ مهڻا پئي ڏنا پر ملڪ جي وڻن ٽڙن به جيڪي عمر حاڪم ڏانهن مهڻا ۽ ملامتون موڪليون، ان جي تصوير شاهه صاحب هيٺيئين بيت ۾ چٽي آهي.
    اڄ پڻ آنديون اوٺيين ڪِتابتون ڪي،
    ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، سُڻ تون عمر سي.

    (سُر مارئي)
    بيت جي مضمون مان معلوم ٿو ٿئي ته حق ۽ سچ ڳالهائڻ لاءِ سنڌ جي وڻن کي به زبان آهي، مگر اها زبان جنهن ۾ تشدد نه آهي، تِيسو نه آهي، انسان کي انسان جي هٿان قتل ڪرڻ جي هُشي نه آهي، بلڪ پيار ۽ محبت جون ميارون آهن، وقت جي حاڪمن کي مسڪين رعيت جا ويڻ آهن، جيڪي تاريخ جو وهڪرو ميساري نه سگهندو!

    شاهه صاحب جي وقت ۾ سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾، آباديءَ جو گهڻو حصو مَنَهَن، پکن ۽ کبڙَن جي ويڙهين ۾ رهندو هو، انهن مارن ۽ جهانگيئڙن جي رهڻي ڪهڻيءَ جو ذڪر شاهه صاحب ڪيو آهي.
    جهُڙ ڦُڙُ جِت ٿيا، اُت اڏيائون پکڙا.

    (سُر مارئي)
    شاهه صاحب جڏهن پنهنجي ڪلام ۾ سنڌ جي رهڻي ڪهڻي جو ذڪر ڪري ٿو ته اهو اڪثر ٻهراڙيءَ جي ماڻهن جي ڳالهه ڪري ٿو، جيڪا هڪ سگهڙائپ آهي. هيٺئين بيت ۾ سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي عورت جي گهرو زندگي ۽ سندس ڪم ڪار سان لڳاءَ جو بيان ڪندي شاهه صاحب مڪمل طور هن جي سماجي جيوت جو نقش چِٽيو آهي.
    بَرَ وُٺا، ٿر وُٺا، وٺيون ترايون،
    پرهه جو پٽن تي، ڪِن ولوڙا وايون،
    مکڻ ڀرين هٿڙا، سَنگهاريون سايون،
    ساري ڏُهن سامُهيون، ٻولايون رايون،
    ٻانهيون ۽ ٻايُون، پکي سُهن پانهنجي.

    (سُر سارنگ)
    هن بيت ۾ لطيف سائين سنڌ جي اڪثريت وارن جو ذڪر ڪيو آهي، جن جي توڪل ۽ تڪيو خدا تي ئي هوندو آهي، مينهن وسڻ کانپوءِ جهانگي ماڻهو تمام گهڻو خوش هوندا آهن، زمين گلن ۽ گاهن جي ويس ۾ ملبوس ٿي پوندي آهي، سنگهارن جو چوپايو مال اُهي ويءَ چري جهجها کير ڏيندو آهي، انهيءَ کير مان مکڻ ولوڙي سنڌ جا مالدار ماڻهو پاڻ به کائيندا هئا ۽ وڪرو به ڪندا هئا، مگر اهي عورتون جن کي کير، مکڻ جي نعمت نصيب هوندي هئي، تن کي ماڙين ۽ محلن جي اصل حسرت ڪانه هوندي هئي. هو ته پنهنجن پکن ۾ به موچاريون لڳنديون هيون، ڇوته انهن مسڪينن جو اوڇڻ ۽ آجڪو ڪيترين ئي پيڙهين کان مَنَههَ ۽ پَکا رهندو ايندو آهي. سندن مسرتون ۽ غم انهن ئي ماروئڙن جي مَنَهن ۾ اُسرندا ۽ اجهامندا رهندا آهن، کين عزت وقار جو اونو، توڙي معاشرتي ترغيب انهن ئي ڪکائن گهرن جي مليل هوندي آهي، ان ڪري ماڙين ۽ محلن کي آزاد زندگي گذاريندڙ قيد سمجهندا آهن، سچ ته جيڪي پاڪ خوشيون ۽ مسرتون مارن جي مَنَهَنَ ۾ آهن، اهي ماڙين ۾ ڪٿي؟ محل ۽ ماڙيون ته معصوم انسانن جي رت ۽ پگهر سان جوڙيون وينديون آهن ۽ انهن جي سنڀال لاءِ به رت ۽ پگهر گهرجي، ان ڪري اهڙي محل ۾ قرار ڪٿي هوندو؟
    (سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف: ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر)


    شاهه جي شعرن ۾ لوڪ رسمن جو ذڪر.!

    شاهه صاحب جي زماني ۾ شاديءَ جي موقعي تي گهوٽ ۽ ڪنوار کي ٻانهن ۾ ڳانا ۽ سڳڙا ٻڌا ويندا هئا، جن جو ذڪر شاهه صاحب سُر مارئي ۾ ڪيو آهي.
    سون برابر سڳڙا، مون کي ٻانُهن ٻڌائون.

    (سُر مارئي)
    اهي ڳانا يا سڳڙا ايسيتائين گهوٽ ۽ ڪنوار کي ٻڌل هوندا آهن، جيسين لانئون اچي وڃن ۽ نکيٽي ٿي وڃي. لانئن ويل جيڪي ساٺ سنئوڻ ڪيا ويندا آهن، انهن ۾ “ڏانوڻ ڏانئڻ” به هڪ رسم آهي، جڏهن گهوٽ ڪنوار جي گهر جي در تي پهچندو آهي، تڏهن ڪيتريون ڪنواريتيون زالون سندس رستو روڪي بيهنديون آهن، انهن مان گهوٽ جي سالي يا ٻي ڪا سهاڳڻ هڪ ڪچو ڌاڳو کڻي پير جي آڱوٺي کان وٺي سندس مٿي تائين ڏانوڻ ڏائيندي آهي ۽ ڪجهه لاڳ وٺي پوءِ ڇڏينديون آهن، انهيءَجو مطلب هوندو آهي ته مرد پنهنجي ونيءَ وٽ ڪچي ڌاڳي ۾ ٻڌو پيو هجي. اها رسم شاهه صاحب جي زماني ۾ به هئي ۽ سسئي جي واتان چورائي ٿو ته:
    ڪيچين آءُ نه ڪڙي، ڪنهن ڏکيءَ ڏانوڻ ڏائيو.

    (سُر سسئي)
    “ڏکيءَ ڏانوڻ ڏايو” جو مطلب آهي ته سسئي کي اهو وهم ٿي پيو ته شايد ڪنهن اهڙيءَ زال ڏانوڻ ڏائيو هو، جيڪا سهاڳڻ نه هئي، جنهنڪري کانئس پنهل رُسي ويو، ان ڪري سنڌي سماج ۾ ڪنهن به ڏهاڳڻ کان ڏانوڻ جي رسم ادا نه ڪرائي ويندي آهي.
    مٿئين سنئوڻ وانگر ڪن حصن ۾ اڄ به گهوٽ کان ڍڪڻ ڀڃائڻ جي رسم ڪنوار جي گهر ۾ ادا ڪرائي ويندي آهي. سُر ليلان ۾ شاهه صاحب انهيءَ سنئوڻ جو ذڪر ڪيو آهي.
    پوچا ڏٺم پير، ڍڪڻ مٿي ڍول جا،
    مون ڀائيون تنهن وير، ڪوجهِي ڪندو پريتڙي.

    (سُر ليلان)
    ان کانپوءِ گهوٽ جو پيءُ يا ماءُ، يا ڪا سهاڳڻ عورت ٻنهيءَ جا مٿا ٽڪرائيندي آهي، جنهن کي لانئون چئبو آهي، شاهه صاحب “سُر مارئي” ۾ لانئن جي رسم جو ذڪر ڪندي مارئي جي واتان چورائي ٿو:
    “مون ماروءَ سين لڌيون، لوئيءَ ۾ لانئون.”


    شاهه جي شاعريءَ ۾ ڳوٺاڻو/ سماجڪ منظر...!

    سنڌ جي ٿر ۽ ڏاکڻين حصي ۾ ڍنڍون ۽ ڍورن ۾ گڏ ٿيل پاڻيءَ جي مٿان نار يا هُرلو چاڙهي ۽ آبادي ڪئي ويندي هئي، شاهه صاحب پنهنجي سگهڙائپ واري ڪلام ۾ اهڙي نار جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪو مينهن جي پاڻيءَ تي چاڙهيو ويندو هو:

    بَر وُٺا، ٿر وُٺا، وٺي ڪڇ ڪِنار،
    پوياڙي پٽن تي، ڏس! نايائُون نار،
    سٻاجهي ستار، لاٿا ڏَرِتَ ڏيهه تان.

    (سُر سارنگ)
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي ڪلام ۾ هارين جو به ذڪر هن ريت ڪري ٿو ته:

    ٻِج کڻي پَٽ هليا، هاري منجهان هيجَ،
    راضي منجهان ريج، عالم سڀ آباد ٿيو.

    (سُر سارنگ)
    سُر سارنگ جي هڪ ٻئي بيت جي سِٽ آهي ته:
    هارين هر سنباهيا، سرها ٿيا سنگهار.

    ساڳئي وقت لطيف سائين مال ۾ مينهُن جي کير جو ذڪر هن طرح ڪيو آهي:

    مينهون پاڻ مراديون، ٿڌا چَرن ٿر،
    وڏي اوهه آئيون، پُٺي لائي ڦر،
    ساري اچيو سُوا مينهون، ڏين کير سَڄَر،
    ساڻ وانڍن ور، پِرين پرچڻ جون ڪيون.

    (سُر سارنگ)
    لطيف سائين نه رڳو مينهُن جو ذڪر ڪري ٿو، پر ساڳي وقت اسان کي ڀلين مينهُن جا قسم به ٻڌائي ٿو، جيڪا هڪ ڀلي ڀاڳيي جي سُڃاڻپ آهي.
    مينهُون هن ميهار جون، الا! سڀ بچن،
    ڪاريون، ڪَڪيون، ڪُنڍيون، وارا ڪئو وين،
    جوءِ جا جاندارن جي، ٻيلا ٻَههَ ٻَهه ڪن،
    اچي ريل رهن، مون سنڀارا سُپرين.

    (سُر سارنگ)
    اهڙيءَ ريت لطيف سرڪار جانورن ۾ گهوڙن جي اهميت جو ڄاڻو هوندي انهن جو ذڪر به سُر ڪيڏاري ۾ هينئن ڪري ٿو:
    گهوٽن ۽ گهوڙن، رِڻِ ۾ لانئون لڌيون.

    ڪتو هڪ وفادار جانور آهي ۽ سنڌ ۾ گهڻو آهي، ان جو ذڪر شاهه صاحب هيٺيئين طرح ڪري ٿو:
    سَگبان سينڊارئا، بڇئيا تي بَهن،
    ڦريا نه فَرمان کان، مُلُ نه موتيئڙن،
    ڪونهي ڏوهه ڪُتن، ڏاڪارئا ڏاڙهين ٿا.

    (سُر معذوري)
    سنڌ جهڙي زرعي ملڪ لاءِ “ڏاند” هڪ اهم جانور آهي، گهاڻو هجي يا نار جي ڳاڌي، هر هجي يا بيل گاڏي، ڏاند سنڌي هاريءَ جو ڏاڍو مددگار رهيو آهي. شاهه صاحب جي وقت ۾ ته خاص ڪري ڄَڃُن توڙي مَڃُن، سُکائن توڙي ميلن ملاکڙن ۾ سنڌ جي ڏاند سنڌيءَ ماڻهوءَ جو ڏاڍو ساٿ ڏنو آهي، شاهه صاحب سنڌ جي ان اهم ساٿيءَ کي به نه وساريو آهي.
    ڏاندن ساٿ سيد چئي، ڪي پِياديون پُهچن.
    (سُر ديسي)
    سنڌ ۾ ڏاند جا به سندس عمر موجب جدا جدا نالا هوندا آهن، کير ڌائڪ کي “گابو” چون، جڏهن جوان ٿئي ته “وهڙو” چونس ۽ هر ڪاهڻ جهڙو ٿئي ته “ڏاند” سڏينس. شاهه به ڏاند کي سندس عمر موجب سڏيو آهي، سُر ديسيءَ ۾ وهڙي جو ذڪر ڪري ٿو:
    هڻي چيلهه چراڪئا، وَهه پئي وَهڙن.

    (سُر ديسي)
    وهڙو جڏهن جوان ٿيندو آهي ته پيرن سان زمين کي ٻُکيون هڻي چرا ڪري وجهندو آهي ۽ اهو زمانو هن جي وهيءَ جو هوندو آهي، جو شاهه صاحب بيان ڪيو آهي:
    کٽن کيٽا ڇڏئا، جي مِڙيون ٿي مس،
    گابا مٿي گس، ڏک نه ڪندا ڏٻرا.

    (سُر سارنگ)
    هن بيت ۾ شاهه صاحب “ گابن” کي ڳئن سان گڏ ياد ڪيو آهي، سوائون ڳئون کيٽو ڪري بيهنديون آهن ۽ کير نه ڏينديون آهن. شاهه صاحب جي زماني ۾ جيتوڻيڪ سنڌ جي سڄي علائقي ۾ ڳئون پاليون وينديون هيون. جن مان ڏاندن جي حاصلات سان گڏ هتي جي مالدار ماڻهن کي گيهه مکڻ ۽ ڏُڌ مان گهڻو فائدو پوندو هو، پر ڇاڪاڻ ته اڻاٺ جو شڪار گهڻو ڪري ٿر جو علائقو رهيو آهي. ان ڪري ٿر جي ڳنوارن کي پنهنجي “رزق” خاطر مينهن جي سخت ضرورت ٿيندي هئي، جنهن ڪري شاهه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ انهن ڳنوارن جي ڳالهه ڪري ٿو:
    وري وڏي وس جون ڪيون، ڳالهيون ڳنوارن،
    سيد چئي سڀن آهه، توههَ تنهنجو آسرو.

    (سُر سارنگ)
    ساڳي وقت شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي ڪلام ۾ ريڍارن ۽ رڍن جو ذڪر پڻ ڪري ٿو ۽ اهو به ٻڌائي ٿو ته ننڍن گهيٽن جي اُنَ ڪهڙي مند ۾ مالدار ماڻهو ڪترائيندا آهن ۽ ڪهڙي ڪم ۾ اها آڻيندا آهن.
    پنهوارن پاٻوهيو، ڪي وس واهندن،
    لٿو سِيءُ، لطيف چئي، ٻڌو ڦَڻُ ڦَرُنِ،
    اوءِ ٿا ڪورن، ڪُنئَري، سرتيون! مٿا سَسَن،
    عمر! اُن اگندري، پاسي ڪاندَ ڪَتَن.

    (سُر مارئي)
    لطيف سائين پنهنجي ڪلام ۾ ٻاڪري مال جو به ذڪر ڪري ٿو:
    هن مُند مارو سنرا، ويڙيين وَڳ وارين،
    ڇِڇئا ڇِيڪارِئو ڇيلڙا، پٽين پَهَرائين.

    (سُر مارئي)
    شاهه صاحب اها ڳالهه مارئي جي واتان چورائي آهي پر اکين سان به وڃي اها جُوءِ ۽ جانور پاليندي پڻ ڏِٺا اٿس:
    اُٺي وئڙا اُڪري، عُمر! اَباڻا،
    ٻَڪَر ٻاٻاڻا، پَسان شاَلَ! پر ڪَهين.

    (سُر مارئي)
    ٻئي بيت ۾ شاهه سائين فرمائي ٿو ته:
    ٻُري نه ٻَڪَرَ دانهن، ڀُون ڀُڻڪو نه سُڻان،
    ميان! ماروئڙن جا، اوڻا ڏٺم آنهَن.

    (سُر مارئي)
    ڏڪار سببان جڏهن هي لڏي ويندا آهن، تڏهن ڪنهن به تڙ تي پهر ڪانه هوندي آهي، اوڏيءَ مهل نه ڪا ٻڪر جي دانهن، نڪو ڀوڻ ڀڻڪو ٻڌڻ ۾ اچي، آنهن يعني حوض به سُڪل نظر ايندا آهن. سنڌ ۾ مڇيءَ جي موزون ماحول جو ذڪر به ڀٽائي سرڪار پنهنجي بيتن ۾ ڪيو آهي.
    سُر سهڻيءَ ۾ فرمائي ٿو ته:
    دائِمَ جا درياههَ ۾، سا مَڇي ڪِني ڪوههَ.

    سنڌو درياهه جي پاڻيءَ جي تعريف به لطيف سرڪار ساڳئي سُر جي هن بيت ۾ ڪئي آهي ته:
    لهر مڙوئي لالُ، وَهَڻ کُٿورئا وِترو،
    او ٻهارا عبير جا، جَر مان اَچن جال.

    (سُر سهڻي)
    ان کانسواءِ لطيف سائين مڇي ماريندڙ مڇيرن ۽ مهاڻن جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪي پنهنجي پورهئي سان محبت ڪن ٿا:
    ڄاريون، کاريون، ڇَڄ، ڇپريون، جن جي محبت مڇيءَ ساڻ،
    رهن، وِهن، سِر ٻانڌيين، سڀئي بدبوءِ هاڻ،
    لُڌڙن جيئن لطيف چئي، پاڻي وجهن پاڻ،
    تن ملاحن جو ماڻ، سمي سر ڪئو پانهنجي.

    (سُر ڪاموڏ)
    کارين ۾ مڇي وجهي مهاڻيون ڳوٺن ۾، سيرن تي، واٽن تي کپائينديون آهن، جيئن شاهه صاحب جي هن بيت مان ظاهر ٿئي ٿو:
    ڪاريون، ڪوجهيون، ڪُوڙيون، مور نه موچاريون،
    وٺي ويٺيون واٽ تي، کِکيءَ جون کاريون.

    (سُر ڪاموڏ)
    شڪار جي شوق خاطر نه رڳو مهاڻا پر ڪڏهن ڪڏهن وقت جا حاڪم به مڇيءَ سان وابستا رهيا آهن، جن جو مشاهدو لطيف سرڪار هئين ڪري ٿو ته:

    مَئيءَ هٿ ۾ مڪڙي، ڄام هٿ ۾ ڄار،
    سڄو ڏينهن شڪار، ڪينجهر ۾ ڪالهه هيو.

    (سُر ڪاموڏ)
    شاهه صاحب جي دور ۾ سنڌ ڪپڙي جي صنعت ۽ حرفت ۾ تمام عروج کي پهتل هئي، جنهن کان شاهه عبداللطيف ڀٽائي متاثر ٿي پنهنجي ڪلام ۾ اهڙن ڪارائتن ۽ سيبائتن هنرمندن جو به ذڪر ڪري ٿو:
    ڪاپائتي سڀ ڪا، ڪَتي سيباڻي،
    ڄاتو جَن ڄاڻي، تن هٿان پَهي نه ڇڏي.

    (سُر ڪاپائتي)
    لطيف سائين ساڳئي سُر ڪاپائتي ۾ اهڙن سنڌ جي ڪاريگرن جو ذڪر به ڪيو آهي، جيڪي پنهنجي هُنري پورهئي سان وفادار، ذميوار ۽ دل ۾ شوق رکي ڪم ڪندا هئا.

    سُٽ اُنِيَن جو سَڦرو، جي پَرِ ۾ پچائين،
    آواز اَرٽ جو، ساهه نه سُڻائين،
    لڪايو لطيف چئي، ڪنبئو ڪتائين،
    جي ماڻڪ موٽائين، ته به مُلهه مهانگو ان جو.

    شاهه صاحب سنڌ ۾ ٺهندڙ ٻيڙن جو به ذڪر ڪيو آهي ۽ انهن جي سونهن ۽ نفاست جي ڳالهه اهڙي انداز سان ڪري ٿو، جنهن مان سنڌ ۾ ٺهندڙ ٻيڙن جي خوبصورتيءَ جي خبر پوي ٿي:

    سِڙهه سنوان، لاڄو نوان، اولا سَندُن عاج،
    ساٿي سفر هلئا، ڀري جُنگ جهاج،
    حاصل ڪَرين حاج، واحد! وَڻجارن جي.

    (سُر سريراڳ)
    لطيف سائين لوهارن جو منظر به اکين سان ڏٺو هو ۽ سنڌ جي سگهڙ هئڻ جي ناتي سان انهن جي ڪِرت کي به ڪين وساريائين. سائين فرمائي ٿو ته:
    سِر سنداڻ ڪري، پُڇج گهر لوهار جو،
    ڌَڪن هيٺ ڌَري، مانَ گڏنيئي، رُڪ سين.

    (سُر يمن)
    سنڌ ۾ ڪنڀارڪو هنر تمام قديم زماني کان هلندو پيو اچي، لطيف سرڪار ڪنڀارن جي ڪِرت ۽ محنت کي ڏسندي چوي ٿو:
    ڪِي جو ڪنڀارن، مِٽي پائي مَنيو.

    (سُر رِپ)
    مٽي ڪمائڻ کان بعد، ڪنڀار چڪ تي ٿانوَ ٺاهيندا آهن ۽ جڏهن سُڪي ويندا آهن ته پوءِ “آوي” يا “نهائينءَ” ۾ پچائيندا آهن “نهائين” ڪنڀرن جي ان کوريءَ کي چئبو آهي، جنهن ۾ هو ٺِڪر جا ٿانوَ پچائيندا آهن، شاهه صاحب ڪنڀارن جو اهو سمورو ڪم اکين سان ڏسي هڪ سگهڙ جي ڏِٺ وانگر مشاهدو ڪندي فرمائي ٿو ته:
    نينهُن نهائينءَ، جيئن، ڍَڪيو ڪوههُ نه ڍڪيين،
    ڄَرَ ڄيري ڇڏي ته رَڇَ پچندا ڪيئن،
    تون پڻ ڪريج تيئن، جيئن ڪنڀار ڪن ڪم سين.

    (سُر رپ)
    سنڌ ۾ اڄ به ڪجهه علائقن ۾ “ٺاٺارو” ٿانون جي تبادلي جو اهڃاڻ آهي، جست ۽ ڪنجهي جي ٿانون جو وڏو ٻوجهو، سندس مٿي تي نظر ايندو ۽ وتندو ڳوٺ ڳوٺ ۾ ٿانون جو ڪاروبار ڪندو، لطيف سائين ان جو به ذڪر هن طرح ڪيو آهي:
    ڀلي ڪري آيو، ٺاٺارو ڏيهاءُ،

    سي نه پُڄنديون.
    ڀَڳي “ڪُٽِ” سَڄي ٿي لٿي، جاڪ ڳِراءُ،
    سي نه پُڄنديون.
    (سُر سامونڊي_وائي)

    لطيف سائين پنهنجي ڪلام ۾ صرافن، موتين جي واپارين ۽ وينجهارن جو ذڪر ڪيو آهي، واپاري ۽ ڪاريگر شاهه سائين ٺٽي ۾ ڏٺا هئا، جن جو واپار انگريزن جي دور ۾ به جاري هو. شاهه صاحب انهن جي ڳالهه ڪندي چوي ٿو ته:

    اي گتُ غواصن، جئين سمنڊ سوجهيائون،
    پيهي منجهه پاتال جي، ماڻڪ ميڙيائون،
    آڻي ڏنائون، هيرا لعل هٿن سين.

    (سُر سريراڳ)
    سنڌ ۾ اوڏن جو وجود به تمام قديم آهي، لطيف سائين به هن پورهيت طبقي جو سر ڏهر ۾ هن ريت ذڪر ڪيو آهي:
    اڏي اڏي اوڏ، ڇڏي ويا ڀيڻيون،
    ڪوڏارا ۽ ڪوڏ، پيا آهن پَٽ ۾.

    سُر ديسي ۾ لاکيڻو لطيف “پَرٽ” ڌوٻيءَ جو به ذڪر ڪري ٿو، جيڪي پڻ ٻهراڙين جي سونهن هئا.
    اَسين پاڻَ پَرٽ، پورهيت پنهون ڄام جا،
    هوت کٿوريءَ هيرئون، مون ۾ صابڻ ڇٽَ،
    آتڻ منجهه اگُهٽ، ڪانڌُ ڪنهن جي م ڪري!.

    (سُر ديسي)
    مٿي بيان ڪيل سموري مضمون ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي چونڊ ڪلام کي سگهڙائپ جي فن طور ڏيکاريو ويو آهي، ياد رهي ته علامه دائودپوٽو ۽ مرزا قليچ بيگ سميت ڪجهه نامور محققن ۽ اديبن تمام وڏي بحث کانپوءِ ان ڳالهه کي دليل بڻايو آهي ته شاعر هميشه علم عروض واري ڪاريگري يعني فاعل مفعول جي ڀر وٺندو آهي. پر اسان جي سنڌ جو شاهه لاکيڻو لطيف ان مڙهيل پابندي کان پري ۽ آفاقي پيغام ڏيندڙ “تجنيس حرفي” توڙي “تحت اللفظ” جو بنياد رکي سموري شاعري “بيت” ۾ ڪئي آهي، جڏهن ته سندس سُرن ۾ ڏنل وايون به ان ئي قسم جو تسلسل آهن، اڄ به لطيف سائينءَ جا حقيقي پيروڪار سگهڙ پنهنجي شاعري بيتن ۾ ئي ڪن ٿا. جڏهن ته وقتي نزاڪتن جي مد نظر ساڳين سگهڙن علم عروض واري شاعري غزل توڙي نظم جي گهاڙيٽي کي پڻ قبول ڪري ورتو آهي، پر اصل ۾ سگهڙائپ واري بنيادي شاعري بيت آهي، ان ڪري ان ڳالهه چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ناهي ته ڀٽائي گهوٽ آفاقي شاعر سان گڏ سگهڙ به هو. 


    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمة الله عليه جي شان ۾ عقيدت جو اظهار...!

    شاعرن ۾ سنڌي ٻوليءَ، جو ادارو آ لطيف،
    ترجمي ۾ پيش ڪيو، قرآن سارو آ لطيف.

    اعليٰ درجي، جوهي شاعر، آ سچو محب وطن،
    ٻولي جنهن جي، آ ٻاجهاري ۽ سڀئي سهڻا سخن،
    ٿو مڃان سرتاج صوفين جو سهارو آ لطيف.

    جنهن طريقت ۽ شريعت، جي رکي سچي سڃاڻ،
    آ حقيقت سان لڌو تنهن، معرفت جو ماڳ پاڻ،
    اوکي منزل عشق جي ءَ ۾ ٿيو سوڀارو آ لطيف.

    آ علم لُدني عطا ٿيل، از طرف الله کان،
    فيض جي اعليٰ عنايت ٿي رسول الله کان،
    هي اصل کان پاڪ پنجتن جو پيارو آ لطيف.

    عارفن ۽ اوليائن، جي جماعت ۾ اُتم،
    وقت رياضت ۾ گذاري، ٿيو عبادت ۾ اُتم،
    وحده جي واٽ سان ئي ڪيو گذارو آ لطيف.

    جنهن ڪيو ڪلياڻ ۾ وحدت وڏائيءَ جو بيان،
    آ يمن ڪلياڻ اندر تنهن ڏسيو صوفين جو شان،
    ۽ کنيون کنڀات ۾ حسين نظارو آ لطيف.

    سُر سَريراڳ ڳائڻن جنهن وقت جاٿي ڳائيو،
    ان اندر روحاني رمزن ۾ سيد سمجهائيو،
    انسان کي سڌري هلڻ جو، ڪيو اشارو آ لطيف.

    سُر سامونڊيءَ ۾ سمورو آ وڇوڙي جو بيان،
    جيءُ ٿو جهريو پوي هن جا پڙهي ٽئي داستان،
    آ قصو هت ڪانڌ جو ڪيو درد وارو آ لطيف.

    سهڻي، سسئي آبري، معذوري، ديسي ڏس پڙهي،
    سُر ڪوهياري ۽ حُسينيءَ ۾ هئي سسئي رڙي،
    سُر حسيني ڳايو سورٺ ۽ ڪيڏارو آ لطيف.

    مارئي ڪاموڏ، گهاتو، راڻو مومل ۽ ڏهر،
    آسا، سارنگ، رِپ، کاهوڙي ۽ ليلا چنيسر،
    برووسنڌيءَ ۾ چٽيو نقشو سونهارو آ لطيف.

    رامڪلي، ڪاپائتي، پورب، ڪارايل مون پڙهيو،
    سُر بلاول ساڻ گڏ، پرڀاتي جيءَ اندر جڙيو،
    جنهن ۾ جوڙيو نينهن جو پيارو نظارو آ لطيف.

    هي آ سنڌي شاعرن ۽ سڀني صوفين جو امام،
    آ بڻيو “لاشاري عاجز” ان جي گولن جو غلام،
    هي وٺي ڏيندڙ خدا کان ڇوٽڪارو آ لطيف.


    رسالو ڳجهارتون 

    رسالو ڳجهارت...!

    ڏيڻي:
    ليکو مهانگو جر جو، ٻولي شهادت،
    ٻولي عبادت، نالو نالو پرينءَ جو.

    ڀڃڻي: بند

    1. ليکو = ملهه 2. جرجو = قطرو
    3. ٻولي = سڪڻ 4. ٻولي = اسان
    5. نالو = نظر 6. نالو = ناز
    سڄي:
    مُلهه مهانگو ، قطرو سِڪڻ شهادت،
    اسان عبادت، نظر ناز پرينءَ جو.

    (سُرڪلياڻ)

    رسالو ڳجهارت...!
    ڏيڻي:
    نالو چائين فقير جي ڪرين، نالن اي نه نالو،
    ٻولي ٻولي مرد جي، وجهه اڇلي آڳ ۾.

    ڀڃڻي:
    بند
    1. نالو = صوفي 2. فقير جي = سڌ
    3. نالن = صوفين 4. نالو = صلاح
    5 ٻولي = ڪاٽي 6. ٻولي = رک
    7. مرد جي = ٽوپي (ڪُلاه)
    سڄي :
    صوفي چائين سڌ ڪرين، صوفين ئي نه صلاح،
    ڪاٽي رک ڪُلاه، وجهه اڇلي آڳ ۾.

    (سُريمن ڪلياڻ) 

    رسالو ڳجهارت...!
    ڏيڻي:
    ذات تنهنجي ذات، مٽ نه سمجهان نالي سين،
    تون ٻولي ۾ رات، نالو ٻولي سوجهرو.

    ڀڃڻي:
    بند
    1. ذات = چنڊ
    2. نالو = پرين
    3. ٻولي = اڇو
    4. نالو = سڄڻ
    5. ٻولي = نِت
    سڄي :
    چنڊ تنهنجي ذات پاڙيان نه پرين سين،
    تون اڇو ۾ رات، سڄڻ نت سوجهرو.

    (سُرکنڀات)

    رسالو ڳجهارت...!
    ڏيڻي:
    ليکو علم جن ۾، علم مڙوئي هيڪ،
    هندو نالو نيڪ، ته بسم الله ئي بس ٿي.

    ڀڃڻي:
    بند
    1. ليکو = ڪروڙين
    2. علم جا = ڪتاب
    3. علم = حرف
    4. هندو = جي تو (نالو)
    5. نالو = نظر
    سڄي:
    ڪوڙين ڪتابن ۾، حرف مڙوئي هيڪ،
    جي تو نظر نيڪ، ته بسم الله ئي بس ٿي.

    (سُر يمن، داستان 5، بيت 16)


    رسالو ڳجهارت...!
    ڏيڻي:
    مرض جنين جي ڪپڙي ۾، شهر ٻولي شاڪ،
    مال جي اوطاق، نالو نالو آئيو.

    ڀڃڻي:
    بند
    1. مرض = گند
    2. ڪپڙو = گوڏ
    3. شهر = پٻڻ
    4. ٻولي = پوءِ
    5. مال جي = اُنَ
    6. نالو = راجا
    7. نالو = ريجهل
    سڄي:
    گند جنين جي گوڏ ۾، پاٻوڙا پوشاڪ،
    اُني جي اوطاق، راجا ريجهي آئيو.

    (سُر ڪاموڏ، داستان 3، بيت 5)

    رسالو ڳجهارت...!
    ڏيڻي:
    نالو تنهنجي حاڪم جي نرنان ڏٺي سون،
    وڻ جو پکي جَر ۾ جبل تارين تون،
    جي عورت جو اچين مون،
    ته نالو ئي حاڪم جو لهان.

    ڀڃڻي:
    بند
    1. نالو = صاحب
    2. حاڪم جي = صاحبي (حڪمراني)
    3. نرنان = عجب
    4. وڻ جو = پن
    5. پکي = ٻوڙي
    6. جر جو = پاتار
    7. جبل = پهڻ
    8. عورت جو = گهر
    9. نالو = مير
    10. حاڪم جو = مانُ
    سڄي:
    صاحب تنهنجي صاحبي، عجب ڏٺي سُون،
    پن ٻوڙين پاتار ۾، پهڻ تارين تون،
    جي گهر اچين مون، ته ميريائي مانُ لهان.


    (سُر ڏهر، داستان 1، بيت 14)

    رسالو ڳجهارت...!
    ڏيڻي:
    عضوو ته نالي جهڙو جَر جي شيطاني،
    راند جي بيراني مرض پنڌ نه ڇڏيين.
    ڀڃڻي:
    بند
    1. عضوو = مُنهن
    2. نالو = موسيٰ
    3. جَر جِي = سِير
    4. راند جي = بازي
    5. مرض = ڪَڍ / اُلٽي
    6. پنڌ جو = ڪوهُه
    سڄي:
    مُنهن ته موسيٰ جهڙو، سيرت شيطاني،
    بازي بيراني، ڪڍي ڪوهه نه ڇڏيين.


    (سُر ڪلياڻ، داستان 3، بيت 17)


    مددي ڪتاب

    1. شاهه جو جامع ۽ مستند رسالو = مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
    2. شاهه جو رسالو = ڪلياڻ آڏواڻي
    3. نرتي تند نياز سين = مرتب: عبدالجبار جوڻيجو/محمد قاسم ٻگهيو
    4. سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف = مرتب: ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر
    5. شاھ جو گنج = مرتب فقير محمد قاسم راھمون
    6. ڳالهه پريان جي ڳجهه جي = سليم ڀٽو لطيفي
    7. يادگارِ لطيف 1956ع = مختلف شخصيتن جا چونڊ مقالا
    8. رنگ رحمت الله جا = عاجز رحمت الله لاشاري
    9. سُھڻل جا سينگار = عاجز رحمت الله لاشاري
    10. سنڌ جو لوڪ ثقافتي ورثو = ولي محمد طاهر زادو


    آخري پنو


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 468
    ڪتابن جو مشاهدو: 399841
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 161586
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ