ڪتاب جو نالو: نه هِنَ پاسي - نه هُنَ پاسي
مصنف: سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي
ڇپائيندڙ: امرتا پبليڪيشن
ڪيٽيگري: ڪالم / مضمون
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 22 فيبروري 2017 ع
پڙهيو ويو: 477 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 275 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
محمود مغل لکي ٿو:
”هن ڪتاب ۾، ڏاڏاهي صاحب تقريبن اڌ صديءَ جو سفر طئه ڪيو آهي. سندن نثر کي ڏسجي ٿو ته محسوس ٿئي ٿو ته هٿن جي جاءِ تي، دل جون آڱريون لکي رهيون آهن. لهجي ۾ ڪا بناوٽ ڪانهي ۽ قلم جي ڪاٽَ ۾ پنهنجي جاءِ تي اُها تِکائي آهي، جيڪا ڪنهن ڪالم جو مزاج بڻجي سگهي ٿي. سندن تحريرن ۾ ٻي خاص ڳالهه سندن موضوع آهن. عام رواجي ڳالهين کي بي انتها گهرائپ ۽ ڳُوڙهائپ سان کِلندي کِلندي ڏاڏاهي صاحب بيان ڪري ويا آهن.
ڏاڏاهي صاحب، ڪمال مهربان وجود آهن. وٽن جيڪِي ڪجهه آهي، انهيءَ جي کين ڄاڻ آهي ۽ جيڪِي ڪجهه نه اٿن، انهيءَ جي به سُڌ رکن ٿا ۽ اهو مٿن، سهڻي جو ڪيڏو نه ڪرم آهي. “
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • نه هِنَ پاسي - نه هُنَ پاسي
  • حق ۽ واسطا
  • سنڌ سلامت پاران
  • اداري پاران : هڪ شاعر جو نثر
  • سڄڻ سوا لک : جاويد مرتضيٰ ڏاڏاهي
  • مرتضيٰ ڏاڏاهي هڪ محبتي ماڻهو : رشيد احمد زرداري
  • ليکڪ پاران ٻه چار ڳالهيون : سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي
  • مُهاڳ: اسين بس اوهان جي پاسي : محمود مغل
  • مزاحيه ڪالم

  • بنان عنوان
  • اُبتيون، سُبتيون ڳالهيون 1
  • اُبتيون، سُبتيون ڳالهيون 2
  • اُبتيون، سُبتيون ڳالهيون 3
  • اُبتيون، سُبتيون ڳالهيون 4
  • اُبتيون، سُبتيون ڳالهيون 5
  • اربعا خطا 1
  • اربعا خطا 2
  • اربعا خطا 3
  • بنان عنوان
  • نالو وڏو، شهر سڃو
  • ڳالهه مختصر
  • وتائي فقير جو خط
  • خوش فهمي
  • هاڻ ڇا ڪجي؟
  • وتائي فقير جو ٻيو خط
  • نصير مرزا، نصير واهه ۽ آئون
  • اڻپوري آتم ڪٿا
  • اُٺ، ويسر ۽ آئون!
  • عشق نه پڇي ذات
  • سنجيده ڪالم

  • اُبتيون، سُبتيون ڳالهيون
  • اربعا خطا 4
  • اربعا خطا 5
  • اربعا خطا 6
  • اربعا خطا 7
  • اربعا خطا 8
  • اربعا خطا 9
  • مِٺا محب ماڻهو، پرين پيار وارا
  • آخري عشق
  • من موهيندڙ ماڻهو
  • اڻ پوري آتم ڪٿا 1
  • اڻ پوري آتم ڪٿا 2
  • اڻ پوري آتم ڪٿا 3
  • آخري پنو

  • نه هِنَ پاسي - نه هُنَ پاسي

    نه هِنَ پاسي - نه هُنَ پاسي

    [سيد مرتضيٰ ڏاڏاهيءَ جا سنجيده ۽ مزاحيه ڪالمَ]

    مرتب
    جاويد مرتضيٰ ڏاڏاهي


    امرتا
    پبليڪيشن
    حيدرآباد
    2016ع


    ڊجيٽل ايڊيشن:

    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    حق ۽ واسطا

    Amerta’s Book No. 32


    سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    نه هِنَ پاسي – نه هُنَ پاسي (سيد مرتضيٰ ڏاڏاهيءَ جا سنجيده ۽ مزاحيه ڪالمَ)
    مرتب: جاويد مرتضيٰ ڏاڏاهي
    ڇاپو پهريون: سال 2016ع
    ايڊيٽنگ: فقير محمد ڍول
    ڪمپوزنگ: جاويد مرتضيٰ ڏاڏاهي
    ٻانهن ٻيلي: سجاد مرتضيٰ ڏاڏاهي ۽ شهزاد علي مغل
    هٿَ همراهي: ايم حنيف لغاري، خواجه برڪت علي ’برڪت‘
    ٽائيٽل: نعيم خان ديسوالي
    ڇپائيندڙ: رشيد احمد زرداري، ڊپٽي ڪمشنر، ضلع ٽنڊوالهيار
    ڇپيندڙ: امرتا پبليڪيشن حيدرآباد - ڍول فقير فائونڊيشن، سنڌ
    قيمت: 400.00 روپيا



    Na Hin’a Paas’y – Na Hun’a Psas’y (Coloumns of Syed Murtaza Dadahi)
    Compiled By: Javaid Murtaza Dadahi
    Editing By: Faqir Muhammad Dhol
    Title: Naeem Khan Deswali
    First Edition © Amerta 2016
    Printed by: Rasheed Ahmed Zardari,
    Deputy Commissioner Tando Allahyar
    Published by: Amerta Publication Hyderabad
    Dhol Faqir Foundation, Sindh
    Feedback: +92-3003085130, amerta_mag@yahoo.com
    Price: Rs.400.00


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”هِن پاسي نه هُن پاسي“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب نامياري شاعر ۽ ليکڪ سيد مرتضيٰ ڏاڏاهيءَ جي سنجيده ۽ مزاحيه ڪالمن جو مجموعو آهي، جنهن جو مرتب سيد جاويد مرتضي ڏاڏاهي آهي.
    محمود مغل لکي ٿو:
    ”هن ڪتاب ۾، ڏاڏاهي صاحب تقريبن اڌ صديءَ جو سفر طئه ڪيو آهي. سندن نثر کي ڏسجي ٿو ته محسوس ٿئي ٿو ته هٿن جي جاءِ تي، دل جون آڱريون لکي رهيون آهن. لهجي ۾ ڪا بناوٽ ڪانهي ۽ قلم جي ڪاٽَ ۾ پنهنجي جاءِ تي اُها تِکائي آهي، جيڪا ڪنهن ڪالم جو مزاج بڻجي سگهي ٿي. سندن تحريرن ۾ ٻي خاص ڳالهه سندن موضوع آهن. عام رواجي ڳالهين کي بي انتها گهرائپ ۽ ڳُوڙهائپ سان کِلندي کِلندي ڏاڏاهي صاحب بيان ڪري ويا آهن.
    ڏاڏاهي صاحب، ڪمال مهربان وجود آهن. وٽن جيڪِي ڪجهه آهي، انهيءَ جي کين ڄاڻ آهي ۽ جيڪِي ڪجهه نه اٿن، انهيءَ جي به سُڌ رکن ٿا ۽ اهو مٿن، سهڻي جو ڪيڏو نه ڪرم آهي. “
    هي ڪتاب امرتا پبليڪيشن پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون امرتا پبليڪيشن جي سرواڻ فقير محمد ڍول جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    اداري پاران : هڪ شاعر جو نثر

    منهنجي لاءِ تمام گهڻي خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته اسان جي پبليڪيشن پاران هي ڏاڏاهي صاحب جو ٽيون ڪتاب ڇپجي پڌرو ٿي رهيو آهي، جنهن لاءِ اسان جي ضلع ٽنڊي الهيار جي ڊپٽي ڪمشنر رشيد احمد زرداري صاحب ڀرپور تعاون ڪيو آهي.
    ڏاڏاهي صاحب جي شاعريءَ سببان نه رڳو هند ۽ سنڌ، پر جتي به سنڌي ماڻهو رهن ٿا، انهن سان سندن وابستگي ۽ واقفڪاري هڪڙي شاعر طور رهي ٿي، جيڪا سندن ناماچاريءَ ۽ مڃتا جو اُهڃاڻ آهي، ان ڪري ئي کين سنڌ جو هڪ اهم ۽ وڏو شاعر مڃيو وڃي ٿو، پر هتي آءٌ ذڪر ڪندس، ساڻن منهنجي ذاتي وابستگيءَ جو... منهنجي لاءِ وري سندن نسبت وڏي ۽ اهم بلند پايه شاعر واري ته آهي ئي آهي پر هڪ وڏي ۽ بزرگ واري به آهي. ساڳئي وقت پاڙيسريءَ واري پڻ آهي. ڏاڏاهي صاحب جو مون سان محبت ۽ شفقت وارو رستو آهي. جنهن جا ٻه سبب آهن هڪڙو بابا سائين ڍول فقير ۽ ٻيو ڊاڪٽر پرڌان... جنهن وٽ جڏهن آءٌ ڪم ڪندو هئس اسپتال ۾ ڪمپائونڊر طور ته ڏاڏاهي صاحب ۽ يار محمد لغاري صاحب منهنجي لاءِ ٻه مثالي ماڻهو هوندا هئا، آءٌ هنن ٽنهي مانائتن کان متاثر هوندو هئس. اسپتال ۾ ڊاڪٽر وٽ هنن جو اچڻ جيترو ڊاڪٽر صاحب لاءِ خوشيءَ جو باعث هوندو هو، يقين ڄاڻو ان کان ٻيڻو ٽِيڻو مون لاءِ خوشيءَ جو سبب هوندو هو. ڇو ته سندن ڪچهري ايڏي ته چَسدار ۽ مزيدار هوندي هئي جو ڪيا بات هئه... وري جي ان ڪچهريءَ ۾ حاجي نور محمد هَڪڙَي جهڙو مزيدار ماڻهو اچي ويندو هو ته بس ڳالهه چرچي کان چڙهي ويندي هئي ۽ سون تي سهاڳو ٿي ويندي هئي.
    اصل ۾ ڊاڪٽر پرڌان صاحب وٽ جڏهن ڏاڏاهي صاحب ۽ لغاري صاحب ايندا هئا ته اهو وقت شام جو هوندو هو ۽ اسين سڀ اسپتال جا ڪمپائونڊر ۽ ڊاڪٽر صاحب مريضن جي شفايابيءَ لاءِ ڪم ڪري ٿڪل ۽ ساڻا هوندا هئاسين، ان گهڙيءَ سندن اچڻ اسان سڀني جي لاءِ فائديمند هوندو هو، ڇو ته اسين سندن ڪچهريءَ جي ڪري رِيفريش ٿي تازا توانا ٿي ويندا هئاسين. اهو وقت بي مثل هو ۽ ماڻهو به بي مثل.... لغاري صاحب ۽ هَڪڙو صاحب پنهنجو وارو وڄائي ويا ۽ حُڪمِ الاهِيءَ سان وڃي راهه رباني ورتن. آءٌ ڏاڏاهي صاحب ۽ ڊاڪٽر پرڌان لاءِ دعاگو آهيان، ته سدائين سگها هجن ۽ اگهائي کانئن ڪوهين ڏور هجي (آمين).
    هي ڪتاب امرتا پبليڪيشن پاران اوهان لاءِ اهڙو تحفو آهي، جنهن کي پنهنجو رنگ آهي، هن ۾ ڏاڏاهي صاحب جا شامل ڪيل مزاحيه ڪالم سچ به مون کي پروفن دوران پڙهندي ئي ايڏا ته وڻندڙ، مزيدار ۽ وندرائيندڙ لڳا، جو دل چوي ته اهي ختم ئي نه ٿين، بس ماڻهو ويٺو پڙهندو رهي ۽ حظُ حاصل ڪندو رهي. يقين سان ٿو چوان ته اوهان کي سائينءَ جون هي لکڻيون ضرور وڻنديون، ڇو ته هي هڪ شاعر جو نثر آهي، جنهن ۾ رڌم ۽ رواني ته آهي ئي، پر ان سان گڏوگڏ هي نثر ان کاڌي جيئن چسڪيدار ۽ ذائقيدار آهي، جنهن کي چکڻ يا کائڻ کان پوءِ، ماڻهو پنهنجيون آڱريون به چَٽڻ چاهيندو آهي. ڪتاب بابت اوهان جي راءِ جو اوسيئڙو رهندو.

    نيازمند
    فقير محمد ڍول


    سڄڻ سوا لک : جاويد مرتضيٰ ڏاڏاهي

    قابلِ احترام، من موهيندڙ مُرڪ جي مالڪ ۽ منهنجي لاءِ بزرگ شخصيت سائين رشيد احمد زرداري صاحب، ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊوالهيار، مون جهڙي ادب کان اڻ واقف ۽ ننڍڙي ماڻهوءَ تي ٻيو دفعو هي ذميداري رکي آهي ته بابا جي لکيل ادبي مواد نثر يا نظم جو ڪتاب ترتيب ڏيان، جيڪا ڳالهه منهنجي لاءِ سچ پچ ته وڏو اعزاز آهي. پهريون دفعو 2015 ۾ ’ٿورا نه ٿورا‘ جي ترتيب لاءِ به مونکي حڪم ڪيو ويو هو. جيڪو ’جهڙو حال حبيبان، تهڙو پيش پريان‘ جي چواڻيءَ موجب پورو ڪيو ويو.
    هن ڪتاب جي ڇپائيءَ لاءِ ادا فقير محمد ڍول سان صلاح ڪرڻ ضروري سمجهي، ساڻس احوال اوريم، جنهن بابا جا اخبارن ۽ رسالن ۾ پراڻا ڇپيل مزاحيا ۽ سنجيده ڪالم ڇپائڻ جو مشورو ڏنو، اسان ٻنهي گڏجي بابا کان پڇيو، پاڻ چيائين ته جيڪا اوهان جي مرضي. تنهن بعد آئون رات، ڏينهن پُراڻين پيتين ۾ پيل ۽ ٽُٽل ڦاٽل ڳوڻين ۾ ڳُتيل اخبارون ۽ رسالا ڦلهورڻ لڳس، جيئن ته 2011 ۾ وڏي برسات وسڻ، اُنڙپاڙي ۾ ٻيڙيون هلڻ ۽ گهرن کي نقصان پهچڻ ڪري بابا جو لکيل شاعري توڻي نثر جو ڪافي مواد ضايع ٿي ويو آهي، پر پوءِ به وڏي جاکوڙ سان جيڪي ڪالم هٿ آيا آهن سي هن ڪتاب ’نه هِن پاسي نه هُن پاسي‘ ۾ سهيڙي اوهان اديبن، شاعرن ۽ پيارن پڙهندڙن جي مبارڪ هٿن تائين پهچايا آهن.
    اميد ته هِن ساهتي سوُکڙيءَ جي محبت ڀريِ موٽ ڏيندا.

    سڄڻ سوا لک جا، آئون ٿِي تِر ڀَريان،
    جِهڙو حال حبيبان، تِهڙو پيش پِريان.


    نيازمند

    جاويد مرتضيٰ ڏاڏاهي
    5 جولاءِ 2016ع
    ٽنڊوالهيار سنڌ
    0300-9250038


    مرتضيٰ ڏاڏاهي هڪ محبتي ماڻهو : رشيد احمد زرداري

    مون جڏهن ساڳئي ئي ڊپٽي ڪمشنر ضلع ٽنڊوالهيار واري حيثيت سان سنڌ جي سدا ملوڪ شاعر مرتضيٰ ڏاڏاهي صاحب جو پهريون ڪتاب ’ٿورا نه ٿورا‘ ڇپرايو هو، تڏهن مون کي ان ڪتاب جي ڇپجي اچڻ تي جيڪا خوشي ٿي هئي، ان جو آءٌ اظهار نٿو ڪري سگهان. ڪتاب جڏهن منهنجي هٿن ۾ آيو هو تڏهن مون سمجهيو هو ته مون هڪڙي وڏي شاعر جو حق ادا ڪيو آهي، جيڪو هن ضلعي ٽنڊي الهيار جي هڪ مانائتي منصب تي هئڻ جي ناتي سان مون تي فرض هو ۽ يقين ڄاڻو ته هاڻ جڏهن منهنجي وري واپس ٽنڊي الهيار ۾ مقرري ٿي ۽ منهنجي جڏهن ڏاڏاهي صاحب سان ملاقات ٿي ته مون سان منهنجي دل ڳالهايو ۽ مون کي چيائين ته، ڏاڏاهي صاحب کان پڇ ته جي ٻئي ڪتاب جو مواد اٿن ته ڇپرائي وٺجي. ۽ مون دل جي چوڻ تي ڏاڏاهي صاحب کان اها ڳالهه بنا دير جيئن جو تيئن پڇي ورتي. ائين هن ڪتاب جو ڀاڳ کُليو.
    ڏاڏاهي صاحب هڪڙو رَڄُ اشراف، حساس ۽ محبتي ماڻهو آهي، جنهن جي ملنساري ۽ مُک جي املهه مرڪ مون کي هن جي محبت جو احساس ڏياريندي آهي ۽ ساڻس ڳنڍجي ويل محبت واري پاند جي ڳنڍ کي اڃا وڌيڪ مضبوط ڪندي آهي.
    ماڻهو اسان کي ڪيئي دنياداريءَ جا ڪم چوندا رهندا آهن، پر ڏاڏاهي صاحب هيڏي ويجهي واسطيداري هوندي به ٻيا ڪم ته ٺهيو، ڪڏهن پنهنجي ڪتاب ڇپرائڻ لاءِ به نه چيو. جيڪڏهن آئون کين ڪتاب ڇپرائڻ جي پيشڪش نه ڪريان ها ته يقين ڪريو، اڳ ۾ پڌرو ٿيل ڪتاب يا هي ٻيو ڪتابُ اوهان جي هٿن ۾ اچڻ کان محروم رهجي وڃن ها. آءٌ دل جي حضور سان هتي هيءَ ڳالهه لکي رهيو آهيان ته آءٌ پنهنجي ڪيل هن ڪم کي، هن ضلعي جي لاءِ ڪيل ٻين ڪيترن ئي ڪمن کان اعليٰ ٿو سمجهان، ڇاڪاڻ ته ڏات ڌڻي، ڌرتيءَ جا املهه ماڻڪ موتي هوندا آهن، جن جو درجو عام انسانن کان اُتم ۽ اعليٰ آهي ۽ اهڙن ماڻهن جو قدر ڪرڻ اسان جي فرض ۾ شمار ٿئي ٿو. هي ماڻهو جيترو اسان کان لهڻن ٿا، يقين ڪريو ايترو اسان کين ڏيئي نه سگهيا آهيون.
    هن ڪتاب جي آڳنڌ تان، اوهان کان هاڻ ان اميد سان موڪلايان ٿو ته توهان کي هي ڪتابُ به پسند ايندو. آءٌ ڏاڏاهي صاحب لاءِ هميشه هر گهڙي هر دم دعاگو آهيان ۽ دعاگو رهندس. موڪلاڻي ڪانهي سدائين گڏ، جتي هجو سُکيا هجو ۽ آباد هجو.

    رشيد احمد زرداري
    ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊوالهيار
    5 جولاءِ 2016ع


    ليکڪ پاران ٻه چار ڳالهيون : سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي

    هن کان اڳ محترم رشيد احمد زرداري صاحب ٽنڊي الهيار ۾ ڊپٽي ڪمشنر طور پنهنجي پهرين پوسٽنگ دوران اديبن ۽ شاعرن طرفان مون جهڙي اٻوجهه انسان ۽ ننڍڙي شاعر لاءِ لکيل تاثراتن جو ڪتاب ’ٿورا نه ٿورا‘ ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ ٽنڊوالهيار طرفان ڇپائي ڏنو جنهن لاءِ سندس لک ٿورا. نوڪري ۾ بدليون ته ٿينديون رهنديون آهن ڪجهه وقت بعد پاڻ بدلي ٿي ويو، پرفون تي ساڻس رابطو قائم رهيو. منهنجا ڀاڳ ڀلا جو رشيد احمد زرداري صاحب ٻيهر ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊوالهيار مقرر ٿي آيو. خوشي ٿي، پر مون کيس ٻي ڪتاب ڇپائڻ لاءِ چوڻ مناسب ڪونه سمجهيو.
    گذريل اپريل جي مهيني ۾ منهنجي همشيره جي وفات تي ڊي سي صاحب مهرباني فرمائي عذرخواهي لاءِ منهنجي غريبخاني تي آيو. ڳالهين ئي ڳالهين ۾ پڇيائين ته ڀلا ڪتاب ڇپائڻ لاءِ مواد آهي ته ڇپائجي، مون چيو ها سائين مواد مِلي ويندو. پاڻ منهنجي پٽ کي چيائين ته جاويد شاه مواد ڪمپوز ڪري وٺو ته ڇپايون. مون ٻي ڏينهن اديب، شاعر، صحافي ۽ پبلشر فقير محمد ڍول سان مشورو ڪيو ته شاعري ڇپائجي يا نثر، بهرحال فقير محمد ۽ جاويد چيو ته اوهان جا 20-25 سال اڳ جا لکيل ڪالم ٿا ڇپايون، شاعري اڳي به گهڻي ڇپي آهي، وري ٻي ڀيري ڇپائينداسون، سائين منهنجا آئون ڪو وڏو ليکڪ (نثر نويس) ڪونه آهيان نه ئي مون اهڙي ڪڏهن هام هئي آهي، باقي ها! شاعري ته مون ’جڏهانڪر ٿيام ساڃهه سُپيرين جي‘ کان ڪئي آهي، جيڪا منهنجي نس نس ۾ سمايل آهي، سا تيستائين ڪندو رهندس جيستائين سرير ۾ ساهه آهي.
    مون کي چاهيندڙ ۽ ڀائيندڙ ٽنڊي الهيار توڻي سڄي سنڌ جا مهربان مونکان روبرو، يا فون تي پڇندا رهندا آهن ته اوهان جا ڪلام ڪهڙن فنڪارن ڳايا آهن. جن کي فردن فردن فون تي ٻڌائيندو رهندو آهيان پر اڄ چاهيان ٿو ته انهن فنڪارن جا نالا جيڪي مون کي ياد اچن ٿا سي لکي ڇڏيان. ته سائين منهنجا اڌ صديءَ کان به وڌيڪ عرصي کان جن فنڪارن منهنجا ڪلام ڳايا آهن ۽ رڪارڊ ڪرايا آهن، تن سڀني لاءِ مون وٽ عزت ۽ پيار آهي، سندن اسماءِ گرامي آهن. عابده پروين، روبينا قريشي، ماسٽر محمد ابراهيم، ڍول فقير، استاد غلام علي، مائي ڀاڳي، ٻُڍو فقير، ڦوٽو زرداري، مراد فقير، غلام جعفر زرداري، چاڪر چانڊيو، امام بخش زرداري، امين زرداري، ڪارو مڱڻهار، فيروزگل، قاسم اوٺو، غلام شبير شاهاڻي، غلام قادر لنجواڻي، مصري ڏيپلائي، حسين بخش خادم، جلال چانڊيو، وحيد علي، قمر سومرو، شفيع فقير، صادق فقير، نوربانو، امينا، زيب النساء، انور حُسين وسطڙو، ممتاز لاشاري، نگهت جعفري، ثمينا ڪنول، حميرا چنا، صنم ماروي، انجم آرا، تاج مستاني، مظهر حسين، غلام رسول لوهار، گل بانو، سليمان شاه، عبدالله پنهور، عبدالله ڪڇي، اياز علي، ماريا بلوچ، فرزانا بهار، الهڏنو جوڻيجو، فقير الهڏنو، ذوالفقار علي خاصخيلي، غفور گل، احمد مغل، محمد رحيم سومرو، عاشق نظاماڻي، رامچند، پانڌي فقير، ابراهيم اِبوُ، ناهيد علي، صالوُ ڀيل، ثريا سومرو، طاهر مٺو، صفدر عباس، زيب ميمڻ، ريشمان پروين ۽ ٻين سئو کان وڌيڪ راڳين منهنجا ڪلام ڳايا آهن، ان جي باوجود سنڌي لينگيج اٿارٽي طرفان ڇپايل انسائيڪلوپيڊيا: سنڌيانا، واليُوم 5 جي صفحي 309 تي لکيو ويو آهي ته، ’مرتضيٰ ڏاڏاهي جا ڪلام جلال چانڊيو، سرمد سنڌي ۽ ٻين فنڪارن ڳايا آهن‘ ۽ وري ٻي ڳالهه ته ’منهنجو جنم ڏاڏاهه تعلقي ٽنڊي باگي (ان وقت جي ضلعي حيدرآباد) هاڻي بدين بدران ٽنڊوالهيار لکيو ويو آهي‘ جڏهن ته مون 1967 ۾ ٽنڊي الهيار شهر ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي جتي هينئر به فقيراڻي جهوپڙيءَ ۾ گهرڀاتين سوڌو موجود آهيان، افسوس اهو آهي ته محترم تاج جويي جهڙي وڏي اديب ۽ جاکوڙي شخصيت جي دور ۾ ائين ڇو ٿيو! تاج صاحب منهنجو پراڻو دوست آهي، ان باري ۾ الائجي ته ڪيترا ڀيرا روبرو ۽ فون تي کيس عرض ڪيم ته مهرباني ڪري ايندڙ واليُوم ۾ درستي ڪريو، پر اڄ تائين درستي نه ٿي، تنهن ڪري مجبور ٿي هي چند سٽون لکيون اٿم، اڃان به اميد اٿم ته انسائيڪلوپيڊيا: سنڌيانا، جي ايندڙ واليُوم ۾ درستي ڪئي ويندي، مون پنهنجو مختصر پروفائل لينگيج اٿارٽي جي هڪ ملازم هٿان تاج صاحب کي آڳاٽو موڪلي ڇڏيو آهي ۽ هن ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي به ڇپيل آهي.
    هونءَ ته سنڌ سڄي ئي سونُ آهي ۽ آئون سنڌ جي مڙني مانَ وارن مٺڙن ماڻهن جو ٿورائتو آهيان. پر ٽنڊي الهيار جي مِٺن انبن کان به مِٺن محبوب ماڻهن جو ته بي حد گهڻو شڪر گذار آهيان جن مون جهڙي ننڍڙي شاعر ۽ اڀرڙي انسان کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون آهن ۽ دل سان چاهيو به آهي ته ڀانيو به آهي. آخر ۾ وري به محترم رشيد احمد زرداري صاحب ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊوالهيار جو احسانمند آهيان جنهن مونکي ٻه ڪتاب ڇپائي ڏنا، الله سائين کيس سدائين شاد آباد رکي ۽ ترقي ڪري (آمين)
    سائين منهنجا، مذڪوره ڪالم اُن وقت مون وِندر ۽ وِرونهه خاطر لکي ڇڏيا هئا، جن ۾ اوهان کي ڪا عقل ۽ دانش جي ڳالهه مشڪل ملي سگهي، ڇو جو مون اٻوجهه کي نڪو علم نڪو عقل، ميار به ته عقل تي ٿيندي آهي نه ؟
    ٻي ڳالهه ته مذڪوره ڪالمن ۾ مون ڄاڻي ٻجهي نه ڪنهن جي واکاڻ ڪئي آهي ۽ نه گِلا پر پوءِ به ڪا غلطي ٿي ويئي هجي ته مهرباني ڪري معاف ڪئي وڃي.
    ٿياسين عشق ۾ ابتر، نه هِنَ پاسي نه هُنَ پاسي،
    سَڏي مجنون ٿو سارو تَر، نه هِنَ پاسي نه هُنَ پاسي.


    سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي
    7 جولاءِ 2016ع
    ٽنڊوالهيار سنڌ
    0300-3075181


    مُهاڳ: اسين بس اوهان جي پاسي : محمود مغل

    ڏاڏاهي صاحب تي رب مٺڙو جل شانه ڇا ته مهربان آهي!
    ڏات رب جي پاران مليل اهم نعمتن مان هڪ هوندي آهي. جنهن وٽ هوندي آهي، ان کي شايد ايترو احساس ناهي هوندو، پر جيڪي ان خاص ڏات کان خالي هجن، ڪير انهن کان ته پڇي ڏسي!؟ جن کي ڳائڻ نٿو اچي، سي ڳائڻن کي حسرتن سان ڏسندا آهن، جيڪي اسٽيج تي ڳالهائي نه سگهن، تن لاءِ ڳالهائيندڙ َ عجب جي نشاني هوندا آهن، جيڪي پَچائي نه سگهن تن لاءِ بس... رڳو کائڻ ئي مرحلو هوندو آهي ۽ جيڪي علم و ادب جي جهان ۾ سرجڻهاري نه ڪري سگهن، تن لاءِ پڙهندي، حيرتن جا جهان ڏسڻ ئي بس مقدر هوندو آهي.
    پڙهڻ لکڻ ۾ وري هڪ ٻي دري کُلي ٿي، ڪيترائي اهلِ علم، دانشور، ڏاها، نصاب ۾ زور ته هوندا، پر کانئن شاعري يا نثر نه لکبو، ائين ئي جيئن شاعر ۽ نثرنگار، نصابي تحقيق نه ڪري سگهندو. رنگيءَ جا رنگ آهن... جن وٽ آهي، انهن وٽ ان جي ڄاڻ الاءِ ايتري آهي الاءِ نه، جن وٽ ناهي، انهن کي بهرحال اها ڄاڻ هجي ته سي به دانش جي ڏيڍيءَ ۾ ته ويٺل ئي بڻجن ٿا.
    ڏاڏاهي صاحب، ڪمال مهربان وجود آهن. وٽن جيڪِي ڪجهه آهي، انهيءَ جي کين ڄاڻ آهي ۽ جيڪِي ڪجهه نه اٿن، انهيءَ جي به سُڌ رکن ٿا ۽ اهو مٿن، سهڻي جو ڪيڏو نه ڪرم آهي.
    نثر، شاعري، راڳ، وضعداري، همدردي ۽ پوئواري، ننڍن لاءِ پيار، دوستن لاءِ هُج ۽ وڏڙن لاءِ ادب سندن شخصيت جا حصا آهن ۽ انهن سڀني حصن کي قدرت ڄڻ پاڻمرادو منجهن اوتيو آهي، پر اتي نيازمنديءَ سان هڪڙي سِٽ مان به لکڻ چاهيان ٿو ته ٻين سڀني حسناڪين لاءِ پاڻ شايد ڪوشش نه به ڪئي هجينِ، پر علم و ادب جي جهان ۾ هنن پاڻ پتوڙيو آهي، تنهن ڪري ته پاڻ کي نه ’هِنَ پاسي سمجهن ٿا، نه هُنَ پاسي.‘ محبتن جي ٻين مامرن ۾ پاڻ سدائين هُنَ پاسي رهيا آهن، جيڪو مضبوط، سگهارو، ٽِڪائُو ۽ سدابهار هجي. بس، هن لکڻ جي جهان ۾ شايد کين پنهنجي قد بُت جي ڪَٿَ، پنهنجي حساب سان ڪرڻ نٿي اچي. کين پنهنجي وجود جو وڻ نِميلِ ئي سٺو لڳي ٿو، پر کين اها خبر به يقينن هوندي ته ان وڻ جي ڇانوَ ۽ ان جو ميوو ڪيڏو نه لاڀ ڏيندڙ آهن.
    هن ڪتاب ۾، ڏاڏاهي صاحب تقريبن اڌ صديءَ جو سفر طئه ڪيو آهي. سندن نثر کي ڏسجي ٿو ته محسوس ٿئي ٿو ته هٿن جي جاءِ تي، دل جون آڱريون لکي رهيون آهن. لهجي ۾ ڪا بناوٽ ڪانهي ۽ قلم جي ڪاٽَ ۾ پنهنجي جاءِ تي اُها تِکائي آهي، جيڪا ڪنهن ڪالم جو مزاج بڻجي سگهي ٿي. سندن تحريرن ۾ ٻي خاص ڳالهه سندن موضوع آهن. عام رواجي ڳالهين کي بي انتها گهرائپ ۽ ڳُوڙهائپ سان کِلندي کِلندي ڏاڏاهي صاحب بيان ڪري ويا آهن. سندن ساڻ ويجهڙائپ جي ڪري، جي سندن مزاج ڪجهه سمجهه ۾ آيو آهي ته اِها سندن عام کان احتياط جي حِسَ آهي، جنهن ۾ هُو وڏن وڏن موضوعن کي اهڙي نموني بيان ڪن ٿا، جو ڪنهن تي به بارِ خاطر نه ٿئي. خاص طور وتائي فقير جي واتان جيڪِي ڪجهه چوايل آهي، اهو اوهان پاڻ پڙهي ڏسو، هن فقير پاران ڪيل عرض يقينن اوهان وٽ اگهامي ويندو.
    ڏاڏاهي صاحب جي تحريرَ ۾ شائستگي عجيب درجو رکي ٿي. سندن ڪالم ’اربع خطا‘ ۾ جڏهن هُو ان ڳالهه جو ذڪر ڪن ٿا ته اتفاق سان پنهنجي ڪالم جو عنوان هُو اهو رکي چڪا آهن، جيڪو ڊاڪٽر غلام قادر سومري پاران به رکيل آهي ته ان ’الزام‘ جي موٽ ۾ ’عام اطلاع‘ پڙهي ڏسو. ان مان ئي اوهان کي سندن ذهني چستيءَ، قلم جي تيزيءَ ۽ احساس جي نُدرت جو اندازو ٿي سگهندو:
    ”عام اطلاع
    هن وسيلي سڀني عام خاص، خواتين ۽ حضرات کي (ڪالم نگارن کي خصوصن) اطلاع ٿو ڏيان ته مون پنهنجي ڪالم جو عنوان ’اربعا خطا‘رکيو آهي، پر جيئن ته منهنجي اڳوڻي ڪالم جي عنوان ’ابتيون سبتيون ڳالهيون‘ جو به نيٺ وارث نڪري پيو، تنهن ڪري ضروري سمجهي احتياطن اڳواٽ پڌرو ٿو ڪريان ته آئون پنهنجي سالم هوش حواس سان، بنان ڪنهن جي دٻاءُ ۽ چوڻ جي، پنهنجي رضا خوشيءَ سان، وڏي سوچ ويچار، پڇا ڳاڇا ۽ سنگت ساٿ سان صلاح ڪرڻ بعد پنهنجي ڪالم جو عنوان ’اربعا خطا‘ رکي رهيو آهيان، پر تنهن هوندي به مذڪوره عنوان جو پيءُ، ماءُ، ڀاءُ، ڀيڻ، ڏاڏو ڏاڏي، نانو ناني، يا سئوٽاڻي سوٽ وغيره مان ڪو وارث هجي ته هن ڪالم ڇپجڻ کان 15 ڏينهن اندر ٻن عاقل بالغ، معزز شاهدن ۽ تحريري ثبوتن سميت اچي پنهنجو حق (وارثي) ثابت ڪري. ٻي صورت ۾ مدت گذرڻ کان پوءِ ڪنهن جي به وارثي يا حُجت قابلِ قبول نه هوندي ۽ مذڪوره عنوان ’اربعا خطا‘ قيامت تائين منهنجي ملڪيت رهندو.
    هٿ اکر صحيح ڪالم نگار جي.“
    صرف هن هڪ داڻي چکڻ ساڻ ئي، طعام جي حُسناڪي ۽ چَسُ سمجهه ۾ اچي سگهي ٿو.
    حياتيءَ ۾ احتياط، ڏاڏاهي صاحب جو خاصو رهيو آهي، جنهن جي ڪري هُو گهڻن کي گهڻو ڪجهه چئي نه سگهندا آهن. عرض ڪري چڪو آهيان ته بي انتها وضعدار آهن، جنهن جي ڪري سندن وات ۾ اُها ڇِنڀَ ناهي، جيڪا ڪنهن جي اجائي عمل کي روڪ ڏئي. کين اهو ئي احساس ٿيندو آهي ته متان ڪا دل رنجُ نه ٿي پوي ۽ يقينن اهو ئي احساس آهي، جو هُو سڀ ڪجهه ’وتائي فقير‘ واتان چوائينِ ٿا.
    پنهنجي دور جي هن املهه ماڻڪ جي اڌ صديءَ جي تحريرن کي پڙهي ڏسو... شُسته، شائسته، مڌم ۽ موهيندڙ... ۽ اِها تحرير صرف مرتضيٰ ڏاڏاهيءَ جو خاصو ٿي سگهي ٿي.
    سندن پيرن تي هٿَ رکندي، ان معذرت سان ۽ سندن سِٽُن سان، فقير اجازت طلبي ٿو، ته منهنجو قد بُت، ان لائق ناهي، جو هڪ قادرالڪلام وجود جي ڪاوشن تي اظهارِ خيال ڪري سگهي، پر اوهان جي حڪم پٽاندڙ، جي اها جسارت ڪئي اٿم ته پنهنجي ئي سِٽُن کي ڪَنائيندي، جسارتن ۾ هُج جي درگذر عنايت ڪندا.
    همسريءَ جي هامَ ڪهڙي، مان ذرو تون ماهتاب،
    نازپرور نينهن جي نادار جي پارت هجئي.

    شل آباد سلامت هجو. مولاءِ ڪُل جل شانه اوهان جو افتخار اڃان بلند فرمائي (آمين)

    محمود مغل
    6 جولاءِ 2016ع


    مزاحيه ڪالم

    بنان عنوان

    ڪجهه ڏينهن کان مون کي اچي ڪالم نويسيءَ جو شوق جاڳيو، جاڳيو انهي ڪري ٿو چوان جو ڪالم لکڻ جو شوق ته گهڻن ئي ورهين کان هو، پر ستل هو. جيڪو هاڻي جاڳيو آهي، شوق به گهڻن ئي قسمن جا ٿين ٿا، تحرير جو شوق، تقرير جو شوق، سياست جو شوق، صحافت جو شوق، موسيقيءَ جو شوق، راند جو شوق، شاعريءَ جو شوق ۽ وري عجيب ڳالهه آهي ته هر انسان جي اندر ۾ ڪونه ڪو شوق ضرور ستل هوندو آهي پوءِ جڏهن جاڳي ۽ ڪيترن ويچارن جا شوق ستل ئي رهندا آهن، شڪر ٿيو جو منهنجو شوق جاڳيو ته سهي سو آئون گذريل ڪافي ڏينهن کان سوچيندو رهيس ته ڪالم ته لکان، پر ڇا تي لکان، ڇو ته آئون سياست کان صفا اڻ واقف، تقرير ڪرڻ به ڪانه اچيم، راند روند سان به دلچسپي ننڍپڻ کان ئي ڪانه رهي آهي، ڳائڻ جو شوق به ٻڌڻ جي حد تائين، باقي رهي شاعري سا ته مون منجهان اهڙي ڦاٿي آهي جو ’ نڪا هُوءَ ٿي ڇڏي، نڪين مان ٿو ڇڏيان‘
    خير، نيٺ رات ساڍين ٻارهين وڳي پڪو پهه ڪيم ته ڇا به ٿي پوي اڄ ڪالم ضرور لکڻو آهي. سو بال پين ۽ ڪاغذ کڻي منجهي پيس ته ڪالم جو عنوان ڪهڙو رکان، سوچي سوچي ٿڪجي پيس پر ڪو پسند جو عنوان هٿ نه لڳو، تنهن ڪري في الحال بنان عنوان جي ٿو لکان، چوندا آهن ته شوق جو ڪو به ملهه ئي ڪونهي، سو اڄ پنهنجي شوق کي پورو ٿيندو ڏسي ڏاڍو خوش پيو ٿيان، منهنجو ستل شوق، اخبارن ۾ روزانو محترم علي احمد بروهي، امر جليل، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، قمر شهباز، غلام نبي مغل، حسين شاھ راشدي، انعام شيخ ۽ ٻين ڪيترن ڪالم نويسن جا ڪالم پڙهندي پڙهندي جاڳيو آهي، لکڻ به لڳو آهيان ۽ ڊپ به ڏاڍو پيو لڳيم، ڊپ انهي ڪري ٿو لڳيم ته مون سدائين ڪئي آڏي ابتي شاعري، نثر نويسيءَ جي قاعدن قانونن مان ڄاڻان ڪو نه، وري ٻي خاص ڳالهه ته نه ڪو علم نه ڪو عقل، حياتي جو وڏو حصو ٻهراڙيءَ ۾ گذريو، ڪجهه ورهين کان ٽنڊي الهيار شهر ۾ اچي رهڻ ڪري شهري ٿيو آهيان، پر طرزِ تحرير اڃا به اها ئي ٻهراڙي واري (لاڙي) تنهن ڪري ڊڄان پيو ته متان پراڻا ۽ ناميارا ڪالم نويس ڪاوڙجي نه پون ته هي ڪهڙو ڪالم نويس پيدا ٿي پيو آهي، جنهن کي عنوان به هٿ ڪونه ٿو اچي ۽ ٿي سگهي ٿو ته ٻين کوڙ يونينن وانگر ڪالم نويسن جي به ڪا يونين هجي ۽ عهديدار به هجن، ميمبر ٿيڻ لاءِ ڪا معقول في ۽ ضروري شرطَ به هوندا، الاجي مون کي پنهنجي سٿ ۾ شامل ڪندا يا نه ! بهرحال ڪالم ضرور لکبو پوءِ کٽي قسمت، پسند نه ڪيائون يا لکڻ نه ڏنائون ته پوءِ به ڀلا شاعري ته نه ويئي آهي.
    سائين منهنجا منهنجو هڪڙو پراڻو ۽ پڳ مٽ يار آهي پيراڻو، پاڻ وڏو تجربيڪار، زماني شناس ۽ پارکو مڙس آهي. سندس گهر به آهي پريم نگر ۾ تنهنڪري آئون ڪڏهن ڪڏهن پيار مان کيس ’پيراڻو پريم نگري‘ به چوندو آهيان. سو ٻه ٽي مهينا اڳ مون ساڻس پنهنجي ڪالم نويسي (نثر نويسي) واري ڳالهه ڪئي جيڪا کيس اصل ڪانه وڻي هئي ۽ چيائين ته تون شاعري ڪندو رھه نثر نه لک، مون چيو مون کي شوق آهي ته ڪالم لکان، افسانا لکان، تاثر لکان، ٻين جي لکڻين تي تنقيدون ۽ تبصرا لکان، چيائين ته شوق ته ٻيا به گهڻائي آهن، هرو ڀرو ويهي ڪاڳر ڪارا ڪرڻ ضروري آهي ڇا ! پر نيٺ منهنجي ازحد گهڻي اشتياق کي ڏسندي اجازت ڏنائين ته ڀلي لک، پر وري هڪدم چوڻ لڳو ته تنهنجا ڪالم ڪير ڇپيندو ۽ ڪهڙي اخبار ۾ لکندين، مون ڪجهه پراڻين ۽ نين اخبارن جا نالا ورتا، چيائين ته پراڻيون اخبارون توکي نئون ڪالم نويس سمجهي ڪونه ڇاپينديون ۽ نيون اخبارون وري توکي پراڻو (پُراڻن خيالن وارو) ليکڪ سمجهي ڪونه ڇاپينديون، پيراڻي ڳالهه عقل جي ڪري وڌي، تنهن ڪري ڪجهه وقت لاءِ آئون به ٻڏتر ۾ پئجي ويس، پر ٿوري دير کان پوءِ وري ساڳيو شوق دماغ تي سوار ٿي ويو ۽ چيم پيراڻا يار اخبارون ڀلي ڇاپين نه ڇاپين آئون ڪالم ضرور لکندس، ليڪن مون کي پڪو يقين آهي ته منهنجا ڪالم ڇپبا ۽ ضرور ڇپبا، ڇو جو آئون پنهنجن ڪالمن ۾ اهڙيون ڳالهيون لکندس جيڪي اڳي نه ڪنهن لکيون هونديون نه پڙهيون هونديون، چيائين ته اهو ئي ته مون کي کٽڪو آهي ته تون پنهنجي هڪ ٻن ڪالمن ڇپجڻ کان پوءِ پاڻ کي شاعر سان گڏ ممتاز اديب ۽ صحافي به سڏائڻ لڳندين، مون چيو ڇو نه ! جڏهن منهنجا ڪالم ماڻهو پڙهي هزارين تعريفي خط لکندا، مون کي ادبي ۽ سماجي انجمنون ايوارڊ ڏينديون ۽ منهنجي ڪالمن جي هر هنڌ هاڪ هوندي، مون کي سرڪاري ۽ غير سرڪاري تقريبن جون دعوتون ملنديون، سرڪاري وفدن ۾ ٻاهرين ملڪن جي دورن تي به موڪليو ويندو ته پوءِ برک ليکڪ ۽ صحافي سڏائڻ جو مون کي حق حاصل هوندو، جڏهن منهنجا کوڙ سارا ڪالم فوٽو سميت ڇپبا، پوءِ اخبارن وارا منهنجون خوشامدون ڪندا ته جيئن آئون سندن اخبارن ۾ لکان، ڇو جو سندن اخبارن جي سرڪيوليشن جو دارومدار به ته منهنجن ڪالمن تي هوندو، پيراڻي چيو ٻي خبر اٿئي ڪجهه اخبارون ڪالم نويسن کي معاوضو به ڏينديون آهن مون کي خبر آهي، مون چيو پر منهنجي معلومات مطابق اهو معاوضو عريضي نويس جي هڪ ڏينهن جي ڪمائي کان به گهٽ آهي، عريضي نويس هڪ درخواست جا پنجن کان ڏهن رپين تائين وٺن ٿا ۽ هڪڙي درخواست تي سندن خرچ فقط ڏھ پئسا ڪاغذ جا ٿين ٿا، باقي نو رپيا نوي پئسا في درخواست تي کين بچن ٿا. جڏهن ته منهنجي شوق جو ملهه پئسا نه آهن، منهنجو ته ستل شوق جاڳيو آهي، شوق ڇا جاڳيو آهي ڄڻ ستل سُور جاڳي پيا آهن، مان ڪالم ضرور لکندس. هر ڪالم سان منهنجو رنگين فوٽو به ڇپبو، پوءِ ماڻهو مون کي پري کان سڃاڻندا، ايندي ويندي سلام ڪندا، تنهن ڪري آئون ڪالم نويس ٿيندس، عريضي نويس نه ٿيندس.

    [ ڇپيل: روزانه هلال پاڪستان 06 آگسٽ 1991ع]


    اُبتيون، سُبتيون ڳالهيون 1

    صبح جو سويري ٽيليفون جي گهنٽي وڳي، رسيور کڻي ”هلو“ ڪَيَم تي ٻئي پاسي کان پيراڻي جو آواز آيو. ٻه ٽي مهينا ٿيندا پيراڻي ٽيليفون لڳرائي آهي.
    ”مبارڪون لک لک مبارڪون!“
    ”خير مبارڪون پر ڇا جون پيراڻا، پيريءَ ۾ پٽ ڄائو اٿئي ڇا؟“
    ”نه يار پٽ ڪونهي ڄائو پر تو وارو ڪالم ڇپيو آهي.“ پيراڻي خوش ٿيندي چيو.
    ”سچ پچ ڇپجي ويو پيراڻا؟“
    ”هاها، ڇپجي ويو آهي. اخبار منهنجي اڳيان رکي آهي.“
    پيراڻي چيو ۽ هڪدم فرمايائين ته، ”آئون شام جو تنهنجي گهر ايندس حسبِ معمول منهنجي پسند جي مٺائي جو انتظام ڪري ڇڏجان.“
    پيراڻو اونهاري ۾ گلاب جامن ۽ سياري ۾ کجور ۽ ڳڙڌاڻي شوق سان کائيندو آهي.
    ”ڀلي ڪري، جِي ڪري هليو اچجان. مٺائي گهرائي ٿو رکان.“ مون چيو ۽ پيراڻي ’خداحافظ‘ چئي فون بند ڪئي. مون جلدي اخبار گهرائي ورتي واقعي ڪالم ڇپيل هو، ڏاڍي خوشي ٿي ۽ جن دوستن وٽ فون آهي تن کي فون تي ۽ ٻين کي ماڻهو موڪلي اطلاع ڏنم ته اڄوڪي اخبار ضرور گهرايو منهنجو ڪالم ڇپيو آهي. خير ائين ڏينهن گذري ويو. شام ٿي ويئي ۽ ’پيراڻو پريم نگري‘ پوري پنجين وڳي پهچي ويو. وڏا ڀاڪر پائي مليو وري به مبارڪون ڏنائين ۽ ٻه ٽي گلاب جامن کائڻ کان پوءِ مرڪندي چيائين، ”يار تون واقعي ڪالم نويس ٿي وئين.“
    مون چيو: ”نه پيراڻا ڀائو، هڪ ڪالم ڇپجڻ سان ڪالم نويس نه ٿبو آهي، ٿي سگهي ٿو اخبار وارن منهنجي دل شڪني نه ڪئي هجي ۽ حوصلا افزائي جي خيال سان ڪالم ڇاپيو هجي ۽ تنهن کان سواءِ هاڻي پڙهڻ وارن جي خطن جو به انتظار ڪبو، ڏسون ته ڇا ٿا لکن، اڃا ته پهريون ڪالم ڇپيو آهي ۽ توکي اها به خبر آهي ته اسين پنجتني آهيون، سو گهٽ ۾ گهٽ پنج ڪالم ڇپجن تڏهن پڪ ٿيئيم ته ڪالم نويس ٿي ويو آهيان.“
    پيراڻو ڪجهه دير ويهڻ بعد موڪلائي هليو ويو ۽ ڪلهه تائين ٽوٽل ٽيويهه خط پهتا آهن، جن مان ستن خط لکندڙن ڪالم کي پسند ۽ سورنهن ناپسند ڪيو آهي، پر آئون انهن ناپسند ڪرڻ وارن سورهن صاحبن مان هڪ همراھه جو ڏاڍو ٿورائتو آهيان جنهن لکيو آهي ته ’تنهنجون اُبتيون سُبتيون ڳالهيون اسان جي سمجهه ۾ نه آيون آهن‘ دوست جو شڪر گذار انهي لاءِ آهيان جو مون کي منهنجي ڪالم جو عنوان ملي ويو ’اُبتيون سُبتيون ڳالهيون‘ واهه واھه ٿي ويئي، ڇو جو منهنجون ڳالهيون سچ پچ ته آهن به اُبتيون سُبتيون، تنهن ڪري مهربان پڙهندڙن کي عرض آهي ته منهنجون ’اُبتيون سُبتيون ڳالهيون‘ نه هرو ڀرو ڪنهن جي خلاف هونديون ۽ نه ئي انهن ۾ ڪنهن جي بيجا خوشامد هوندي، ڪوشش ڪندس ته ڪنهن جي دل آزاري به نه ٿيئي، پر وري به انسان آهيان تنهن ڪري جيڪڏهن منهنجون ’اُبتيون سُبتيون ڳالهيون‘ ڪنهن کي نه وڻن يا ناگوار گذرن ته مهرباني فرمائي منهنجي ڪم علمي، ڪم عقلي ۽ ناتجريبڪاري کي نظر ۾ رکي دل ۾ نه ڪندا ۽ معاف ڪري ڇڏيندا ته اوهان صاحبن جي آل و اقبال جو دعاڳو رهندس.
    سائين منهنجا! هڪ محفل ۾ ڪنهن گويئي پڪو راڳ پئي ڳايو، سرگم ۽ پلٽن جي ڌُم لڳي پيئي هجي، ٻڌڻ وارن ۾ راڳ جي ڄاڻ سان گڏ ڪو مون جهڙو اڻ ڄاڻ به ويٺو هو، تنهن سمجهيو ته استاد شايد چرچا پيو ڪري، سو هٿ ٻڌي گويئي کي چيائين، ”استاد گهڻي ئي ڀوڳ چرچي ڪتئي، هُڻ ڪو ڪلام آکو“ سو پاڻ به گهڻا ئي ڀوڳ چرچا ڪيا هاڻَ ڪو ڪلام چئون.
    چوڻي آهي ته جهڙو ديس تهڙو ويس ۽ اها قدرتي ڳالهه آهي ته هر ملڪ، علائقي ۽ قوم جون پنهنجون رسمون پنهنجا رواج، پنهنجي ثقافت ۽ پنهنجي تهذيب هوندي آهي، اسين سنڌي ماڻهو اصل کان وٺي سادا، سٻاجها، درگذر ڪندڙ، وڏي ننڍي ۽ نياڻي سياڻي جي عزت ۽ احترام ڪرڻ وارا، سخي ۽ مهمان نواز مشهور آهيون، ڪو زمانو هو جو مٿي اگهاڙي نه بزرگن جي ڪچهريءَ ۾ وڃبو هو ۽ نه ئي ڪنهن مائٽ عزيز جي گهر ۾ داخل ٿبو هو، گهر ته ڇا پر ڳوٺ ۾ به مٿو اُگهاڙو ڪري نه هلبو گهمبو هو ۽ اڄ ڪلهه وري پٽڪي ۽ ٽوپيءَ واري کي مورڳو ڄٽ، جاهل ۽ اڻ سڌريل چيو ٿو وڃي، اڳي ڪنهن گهٽيءَ يا گس تان ڪا زائفان سامهون ايندي هئي ته مرد اهو دڳ ڇڏي وڃي ٻي واٽ وٺندا هئا ۽ هينئر سُڌريل دور جا نوجوان گهمڻ ئي انهن گهٽين ۽ بازارن ۾ ٿا وڃن، جن ۾ عورتن جي اچ وڃ گهڻي هوندي آهي، اڳي گهر جو سامان وکر، ڪپڙو لٽو، دوا درمل مرد وٺي ايندا هئا ۽ هاڻي پنهنجو ته ٺهيو پر مردن جا ڪپڙا لٽا، پرفيوم پائوڊر، ويندي شيونگ ڪريمون به عورتون وٺيو اچن، منهنجو مقصد اهو هرگز ناهي ته ڪا عورت کي آزادي بلڪل نه هجي، پر هر ڳالهه جي هڪڙي حد مقرر هئڻ گهرجي، اڳي عورت پاڻ کي ٽوپي واري اڇي برقعي يا اجرڪ ۾ اهڙو ته ويڙهجي سيڙهجي ڍڪجي نڪرندي هئي، جو سندس هٿ پير به نظر ڪونه ايندا هئا پر هاڻي برقعو ته ڇڏيو پر پوتي به مٿي بجاءِ ڪلهي تي هوندي آهي. اڳي گهڻا ماڻهو ته سئنيما ۾ فلم ڏسڻ به عيب سمجهندا هئا، هاڻي سئنيما ته پنهنجي جاءِ تي مورڳو گهرگهر وي سي آر اچي ويو آهي، ڄڻ هر گهر ’سئنيما هائوس‘ بڻجي ويو آهي، ڏينهن توڙي رات وي سي آر تي فلم پئي هلي، زائفائون گهر جي ڪم ڪار سبڻ ڀرڻ کان کوٽي ته ٻارن جي پڙهائي به چٽ، وري وڏو آزار اهي ڀارتي فلمون آهن جن ۾ اهڙا منظر هوندا آهن جن جي ڏسڻ سان عورتون ته ڇا! مردن کي به شرم ٿو اچي، انهي کان سواءِ انهن فلمن ۾ حد کان وڌيڪ مار ڌاڙ سبب ٻارن تي ڏاڍو خراب اثر پئجي رهيو آهي، گڏو گڏ وي سي آر ۽ انڊين فلمن جي ڪري ملڪي فلمي صنعت کي به وڏو نقصان پهتو آهي، وي سي آر ۽ فلمن جون ڪيسٽون مسواڙ تي هلائڻ ڪاروبار بڻجي ويو آهي، هر شهر ۾ ڪيسٽن جا دڪان کُليا پيا آهن، ڪير به کين روڪڻ ٽوڪڻ وارو ڪونهي، فلمون اسان به پنهنجي وقت ۾ ڏٺيون، کوڙ ڏٺيون پر اهي ههڙيون اخلاق کان ڪريل نه هونديون هيون، هيتري مار ڌاڙ ۽ ڊزا ڊز بلڪل نه هوندي هئي، پاڻ انهن فلمن ۾ برائي کان بچڻ ۽ چڱائيءَ کي اپنائڻ واريون سبق آموز ۽ نصيحت ڀريون ڳالهيون هونديون هيون، جن جي ڏسڻ سان سچ پچ برن ڪمن کان نفرت ٿيڻ لڳندي هئي. ڳالهه فلمن جي نڪري پئي آهي ته منهنجي هڪ يار جو ذڪر ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان، سندس نالو آهي ’عاشق فلمي‘. فلمي انهي ڪري جو اڳي فلمن ڏسڻ جو شوقين هوندو هو، روزانو ٽيئي شو باقاعدگي ۽ پابنديءَ سان ڏسندو هو ۽ آچر ڏينهن مارننگ شو به ڏسڻ نه وڃائيندو هو، جڏهن آچر تي موڪل ٿيندي هئي. وقت گذرندو ويو، فلمون ڏسي ڏسي هاڻي اچي اداڪاريءَ جو شوق ٿيو اٿس، سو ڪلهه مون سان پنهنجي من جي ماجرا بيان ڪري وڌائين، پر مون سندس ها ۾ ها نه ملائيندي کيس سهڻي صلاح ڏني ته انهي ڳالهه تان لهي وڃ ڪوبه فلمساز يا هدايتڪار توکي پنهنجي فلم ۾ ڪم نه ڏيندو، ها جيڪڏهن ڏوڪڙن جو بندوبست ڪري سگهين ٿو ته (خبر اٿم پئسي وارو آهي) پاڻ فلمساز بڻجي وڃ، هڪ ٻن رنگين فلمن ٺاهڻ جو اخبارن ۾ اعلان ڪري ڇڏ، کوڙ نوان چهرا ڏسڻ جو به موقعو ملندئي، پوءِ پنهنجي فلم ۾ هيرو کان سواءِ جيڪو به رول ڪرڻ چاهين ڪجان. چيائين، ”هيرو ڇو نه؟“
    ”هيرو انهي ڪري نه ٿي سگهندين جو تنهنجي عمر پنجاھه کان چڙهي چڪي آهي. ها باقي هيرو جو پيءَ ٿي سگهين ٿو.“
    چيائين، ”ڀلا اهو به ٺيڪ آهي اداڪاري مون کي ضرور ڪرڻي آهي، تنهن ڪري آئون هيرو جي پيءَ جو رول ضرور ڪندس پر هيرو وري منهنجو سچو پچو ۽ سڳو پٽ الهه بچايو ’بچل‘ هوندو ۽ سندس فلمي نالو ’بچل ڪمار‘ رکيو ويندو،“
    مون چيو، ”يار عاشق هڪ مسلمان جو هندڪو نالو ڪيئن رکندين؟“
    چيائين، ”ڇو نٿو رکي سگهجي، جڏهن يوسف خان، دليپ ڪمار ۽ سيد موسيٰ رضا، سنتوش ڪمار ٿي سگهي ٿو ته پوءِ منهنجو عاقل، بالغ ۽ لائق پٽ بچل ڪمار ڇو نٿو ٿي سگهي، ٻيو ته انهي سان وڏو فائدو اهو به ٿيندو جو منهنجو پٽ الهه بچايو ’بچل‘ شاعر به آهي. فلم جا گانا به پاڻ لکندو، اڳي به سندس ڪيترائي گانن جي طرزن تي ٺاهيل ڪلام ڳائڻن ڪيسٽن ۾ ڳايا آهن، تازو سندس گانن جي ڌنن وارن ڪلامن جي ڪيسٽ مشهور فنڪاره ’قسمت بانو‘ جي آواز ۾ آئي آهي. جنهن تي ڳائڻي قسمت بانو سان گڏ شاعر ’بچل‘ جو رنگين فوٽو به ڇاپيل آهي، ’بچل‘ موسيقيءَ جو به ڄاڻو آهي، تنهن ڪري مرداڻي آواز وارا گانا پاڻ ڳائيندو، جڏهن ته فيميل سنگر قسمت بانو هوندي، انهي ڪري خرچ جي به گهڻي بچت ٿيندي باقي هڪ عدد هيروئن، هڪ ولن ۽ ڪجهه ايڪسٽرا اداڪار ۽ اداڪارائون کپنديون، تن لاءِ اخبارن، ريڊيو ۽ ٽي وي ۾ اشتهار ڏيئي ڇڏينداسين. اداڪاري جا شوقين پاڻهين اچي پهچندا.“
    فلمساز، اداڪار، هدايتڪار ۽ ڪهاڻيڪار عاشق فلمي ڪهاڻي ٻڌائڻ وارو هو ته پيراڻو پريم نگري اچي ويو، پيراڻي کي فلمون اصل ڪونه وڻن، تنهن ڪري عاشق فلمي مون کان موڪلائڻ لڳو ۽ موڪلائيندي ڪن ۾ چيائين ته، ”سڀاڻي اچي فلم جي ڪهاڻي ٻڌائيندس، پر اها ڳالهه پيراڻي کي متان ٻُڌائين، ڇو جو هو هميشه ۽ هروڀرو منهنجي هر ڪم جي مخالفت ڪندو آهي.“

    [ڇپيل: روزانه هلال پاڪستان 14 آگسٽ 1991ع]


    اُبتيون، سُبتيون ڳالهيون 2

    ڪجهه ڏينهن ٿيندا هُو همراهه پڇائون ڪندو اچي منهنجي غريبخاني تي پهتو، گهر لڳ اوطاق عرف بيٺڪ ۾ ويهاريومانس. اڳي اوطاقون گهرن کان ايتريون پري هونديون هيون جو بندوق جو ٺڪاءُ به ٻڌڻ ۾ نه ايندو هو ۽ هاڻي گهر جي ڪنهن هڪ ڪمري کي بيٺڪ بڻايو ٿو وڃي ۽ پوءِ حالت اها آهي جو ڪوپ ساسر جو کڙڪو ۽ گهر واريءَ جو ڪڙڪو، مهمان چڱيءَ طرح ويٺو ٻڌي. رسمي خوش خير عافيت کان پوءِ عرض ڪيم ته، ”سائين هاڻي پنهنجو حال احوال ڏيو.“ چيائين، ”نالو غازي خان تخلص ’ گگدام‘ ويٺل سانگهڙ، ننڍڙي سرڪاري نوڪريءَ ۾ آهيان. شاعري جو شوق ورهين کان دامنگير آهي، استاد جي تلاش ۽ ضرورت اٿم. اوهان جا ڪلام ٻڌندو رهندو آهيان. اوهان جي شاعري کان ڏاڍو متاثر آهيان، اميد رکي آيو آهيان مهرباني ڪري مون کي پنهنجي شاگرديءَ ۾ قبول ڪريو ۽ في الحال هي چار عدد نوٽبڪ پنهنجي شاعريءَ جا آندا اٿم انهن جي اصلاح ڪري ڏيو ۽ بحر، وزن، قافيه ۽ رديف وغيره به سمجهايو. گڏوگڏ ڪجهه ڪلام ريڊيو تي سٺن ڳائڻن ۽ ڳائڻين جي آواز ۾ نشر ڪرائي ڏيو.“
    پري کان پنڌ ڪري آيل مانواري مهمان جا هڪ وقت ۾ ٽي چار مطالبا ٻڌي چُپ ٿي ويس ۽ سوچڻ لڳس ته ڪهڙو جواب ڏيان.
    نيٺ دل جهلي ادب مان عرض ڪيم، ”محترم غازي خان ’گگدام‘ صاحب، شاعريءَ مان آئون پاڻ پورو سورو ڄاڻان، چئن نوٽ بڪن ۾ ڀريل شاعريءَ جي اصلاح ڪيئن ڪري سگهندس؟ پر جيئن ته پري کان پنڌ ڪري، اميد رکي آيا آهيو، تنهن ڪري هڪ نوٽ بڪ ڇڏي وڃو اصلاح جي وس آهر ڪوشش ڪندس، مهيني کن کان پوءِ کڻي وڃجو. بحر، وزن ۽ قافيه رديف بابت ٻي ملاقات ۾ ڳالهائينداسون، تيستائين آئون پاڻ سکي وٺان. هُونءَ به جڏهن آزاد نظم به ڳائجي پيو ته پوءِ قافيي رديف جي ڪهڙي ضرورت. باقي رهيو سوال ريڊيو تان ڪلام نشر ڪرائڻ جو، سو اڳي ڏکيو هوندو هو ۽ هينئر بنهه سولو آهي. ڇو ته نئين شاعر لاءِ مختلف صنفن تي پنهنجا لکيل هڪ سئو ’گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه‘ ڪلام کڻي اچڻ يا موڪلڻ لازمي شرط هوندو هو جيڪي ريڊيو جي ڪهنه مشق شاعرن کي ڏيکاريا ويندا هئا ۽ جڏهن هو پاس ڪندا هئا تڏهن ڪلام نشر ٿيندو هو. هاڻي رڳو هڪ ٻن پروڊيوسرن سان دوستي رکڻ جي دير آهي. بس پوءِ پيا فنڪشن ڪريو، ڳائڻين سان شامون ملهايو. دوست پروڊيوسرن کان صدارتون ڪرايو ۽ کين مهمانِ خصوصي بڻايو. ٻيڙا پار ٿي ويندا، پاڻهي پيا ڪلام نشر ڪندا ۽ ڪمپيئر وري اوهان جو ڪلام نشر ڪرڻ مهل ايتري واکاڻ ڪندو جو في الحال ته اوهان جو به دماغ توائي ٿي ويندو. گستاخي معاف ڪجان مستقبل جا مشهور ۽ مقبول شاعر غازي خان ’گگدام‘ صاحب مون کي اوهان جي تخلص تي اعتراض ته نه پر تعجب ضرور آهي. ڇو ته اسان وٽ گگدام عام طور بي زبان جانور کي چيو ويندو آهي، جڏهن ته اوهين عقلمند انسان آهيو، پنهنجو ٻيو ڪوبه تخلص مثال طور سڪايل، بکايل، ڏکايل، ڌڪاريل، ڏڪاريل، وغيره به رکي سگهيا ٿي؟“
    چيائين، ”اهو ته صحيح آهي پر ’گگدام‘ تخلص مون تي منهنجي پياري دوست ۽ همعصر شاعر ’ميان کٻڙ کاهوڙي‘ کيساني موريءَ واري رکيو آهي، تنهن ڪري اهو بدلائڻ مون لاءِ نامناسب ۽ ناممڪن آهي. تنهن کان سواءِ منهنجي ڪلام جي بغور مطالعي بعد اوهان کي پتو پوندو ۽ اوهين تسليم ڪندا ته واقعي تخلص منهنجي مزاج مطابق رکيو ويو آهي. ٻي ڳالهه ته آئون ڳائيندو به آهيان جنهن ڪري پنهنجي تر ۾ مون کي سريلو ’سُرَ تارَ وارو‘ شاعر ڪوٺيندا آهن. کٻڙ کاهوڙي کيسانوي هونءَ ته مون کان پراڻو ۽ پختو شاعر آهي، پر آئون ڳائڻ واري معاملي ۾ کيس هميشه ماريو وڃان، ڇو جو مشاعرن ۾ هو پنهنجو شعر تحت الفظ پڙهندو آهي. جڏهن ته آئون پنهنجو ڪلام ترنم سان، ڊسڪو ڌُن ۾ ڳائي ٻڌائيندو آهيان ۽ ٻڌڻ وارا مون کي وڌيڪ داد ڏيندا آهن، اجازت ڏيو ته ٻه ٽي ڪلام ڳائي ٻڌايان.“
    مون چيو، ”نه ڀائو هينئر نه، ڪنهن ٻئي موقعي تي ٻڌائجو.“
    غازي خان ’گگدام‘ ڪجهه ساعتون خاموش رهڻ ۽ ٿڌا شوڪارا ڀرڻ بعد فرمائڻ لڳو ته، ”هاڻي آخر ۾ اوهان سان نهايت ئي اهم مشورو ڪرڻو آهي، جنهن لاءِ اهو به شرط هوندو ته اهو راز، راز ۾ رهندو ۽ هرگز فاش نه ڪيو ويندو.“
    مون پاران پوري پڪ ڏيڻ کان پوءِ چوڻ لڳو ته، ”منهنجي شاعريءَ جو بنياد ئي عشق تي ٻڌل آهي. تنهن ڪري سڄي شاعريءَ ۾ عشق جون آهون ۽ درد جون دانهون سمايل آهن، پر جيئن ته آئون سرڪاري نوڪريءَ ۾ آهيان، انهي ڪري مون لاءِ محبوب سان ملڻ ۽ مشاعرن ۾ شرڪت ڪرڻ ڏاڍو مشڪل ٿي پيو آهي، بار بار موڪل نٿي ملي، عشق ۽ شوق ۾ ملازمت رڪاوٽ بڻجي رهي آهي، تنهن ڪري منهنجو خيال آهي ته نوڪريءَ تان استعيفا ڏيان ۽ پوءِ وتان دلبر جو ديدار ڪندو ۽ مشاعرن ۾ شرڪت ڪندو. جيئن عشق ۽ شوق ۾ ڪابه روڪ ٽوڪ نه رهي. هاڻ ڪا سهڻي صلاح ڏيو.“
    مون سندس ڳالهه ٻڌي چيو، ”غازي خان ’گگدام‘ صاحب تون واقعي ’گگدام‘ آهين. ميان ڪڏهن ڀلجي به اهڙي ڀل نه ڪجان، نوڪري ملڻ ڏاڍي مشڪل آهي، شڪر ڪر جو توکي ملي ويئي آهي. نوڪري ڇڏي بيروزگار ٿئين ته محبوب به منهن مٽي ويندئي ۽ مشاعرن ۾ مزو به اصل نه ايندئي، ڇو ته نه تون شهنشاھه عاشقان حضرت قيس عرف مجنون آهين ۽ نه وري تنهنجي محبوبه محترمه ليليٰ آف مصر ٿي سگهندي، تنهن ڪري انهي ڳالهه تان لهي وڃ درويش.“
    غازي خان ’گگدام‘ کي الائجي ته منهنجي صلاح وڻِي يا نه وڻِي، بهرحال ٻه ٽي ٿڌا شوڪارا ڀري، موڪلائي روانو ٿي ويو.

    [ ڇپيل: روزانه هلال پاڪستان 01 سيپٽمبر 1991ع]


    اُبتيون، سُبتيون ڳالهيون 3

    چون ٿا ته عشق اهڙي بيماري آهي، جا جنهن کي به لڳي تنهن کي کاري يا ماري، پر آئون انهيءَ چوڻيءَ سان هرگز متفق نه آهيان. ڇو ته عشق ڪا وچڙندڙ بيماري ناهي ، پر هڪ پاڪ جذبو آهي، هڪ فطري عمل آهي، ۽ هر انسان زندگي ۾ هڪ ڀيرو ڪنهن نه ڪنهن سان عشق ضرور ڪري ٿو. عشق تي اهو اجايو الزام آهي، جڏهن ته هو نه ڪنهن کي ماري ٿو ۽ نه ئي کاري ٿو، پر مورڳو انسان جو اندر اجاري ٿو ڇڏي، کيس امر بڻائي ٿو ڇڏي. بشرطيڪ عشق سچو هجي، منجهس لوڀ ۽ لالچ نه هجي، ملاوت کان پاڪ هجي.
    باقي قرب ۾ قربانيون ته ڏيڻيون پونديون آهن، من گهرئي محبوب جا انگل آرا به کڻڻا پوندا آهن، پوءِ محبت جي مامري ۾ جيڪڏهن سسئيءَ کي جبل جهاڳڻا پيا ۽ پنهون بادشاھه کي ڌوٻي گهاٽ تي ڪپڙا ڌوئڻا پيا، يا مائي سهڻيءَ کي ڪچو گهڙو ڪڇ ۾ ڪري، درياه ۾ بنا گهيڙ گهڙي واڳن جي ور چڙهڻو پيو ته ڇا ٿي پيو ؟
    محبت جي مزن ماڻڻ وارن کي ڏک سور ته اوس سهڻا پوندا آهن ۽ اهي سور سختيون نه هجن ته ڪر سچي ۽ ڪوڙي عشق جي پرک پروڙ ڪيئن پوي.
    انهن عشق جي آزارن، قرب ۾ قربانين ۽ محبت جي مصيبتن ئي ته اهڙن عاشقن کي امر مڻائي ڇڏيو آهي ۽ سندن ياد تيستائين رهندي جيستائين هي دنيا قائم آهي،ڇا اهو اعزاز ۽ انعام گهٽ آهي عاشقن لاءِ ؟
    عشق ناهي راند، جا کيڏن ڳڀرو،
    سسي نيزي پاند، اڇل ته اڌ ٿيئي.

    مون کي ياد آهي ته اسان جي اصلي ۽ اباڻي ڳوٺ ڏاڏاھه ويجهو هڪ ناچو ڳائڻو مصري ڀيل نالي هو، ذات تي ڏات ڪانهي، مصري ذات جو ته ڀيل هو پر الله سائين کيس سهڻي صورت ۽ مٺڙي آواز جي نعمت سان نوازي ڇڏيو هو. انهي مصري ڀيل جي آواز ۽ انداز تي ٻڍي قمبراڻي جي پاسي جو هڪ شخص ننگر ڪلوئي عاشق هوندو هو ۽ جتي به مصري ڀيل جي محفل هوندي هئي اتي ننگر اڻ ڪوٺيو وڃي سهڙندو هو. مون پاڻ ڏٺو ته جيستائين مصري نچندو ۽ ڳائيندو رهندو هو تيستائين ننگر ڪلوئي پيرن ڀر بيٺو هوندو هو، پوءِ ڀلي ته سنجهي کان صبح ڇو نه ٿي وڃي، ڇو جو مصري هن جو محبوب هو ۽ محبوب بيٺو هجي ته عاشق ڪيئن ويهي آرام ڪري. مصري ڪڏهن ڪڏهن بيزار ٿي کيس ڇڙٻون ۽ دڙڪا به ڏيندو هو، پر نينهن ۾ نروار ٿيل ننگر مرڪندو ۽ مصريءَ کي منٿون ڪندو رهندو هو. اها چاليهارو کن سال پراڻي ڳالهه آهي، خبر ناهي ته ٻئي حيات آهن يا گذاري ويا. تنهن ڪري مڃڻو پوندو ته عشق ڪا وچڙندڙ، خطرناڪ يا مارڻ کارڻ واري بيماري ناهي. ها، باقي اڳوڻي ۽ اڄڪلهه واري عشق ۾ فرق ضرور آهي. انهي باري ۾ منهنجي پڳ مٽ يار پيراڻي پريم نگريءَ موجب ته اڳي واندڪائي به هئي ته سستائي به هوندي هئي ۽ دهشتگردن توڙي ڌاڙيلن جون ڪاروايون به ڪونه هونديون هيون.
    جڏهن ته هينئر هر ماڻهو مصروف آهي، ڪنهن کي به فرصت ڪانهي هر ڪو پئسن گڏ ڪرڻ ۽ راتو رات دولتمند ٿيڻ جي چڪر ۾ آهي. اڳي ڪو مٽ مائٽ يا واسطيدار وفات ڪري ويندو هو ته چاليهي تائين پٿر تي ويهبو هو، جڏهن ته هاڻي ڪانڌي مقام تان ئي موٽ ٿا کائين. اڳي شاعر پنهنجي محبوب جي اکين جي مشابهت تيرن، تلوارن، خنجر ۽ ڀالن سان ڪندا هئا، مثال طور:
    تنهنجون تير اکيون، تلوار اکيون،
    ڪن روز ڪهڻ جي ڪار اکيون.
    ۽ هاڻي تازو غازي خان ’گگدام‘ سندس نئين لکيل ڪافي اصلاح لاءِ مون وٽ کڻي آيو، جنهن ۾ محبوب جي مغرور اکين جي ڀيٽ موجوده جديد هٿيارن سان هن ريت ڪيل هئي ته :
    تنهنجون ڪاريون ڪلاشنڪوف اکيون،
    ٻئي گن مشين يا توف اکيون.
    يا اڳي محبوب جي خوبصورت اکين سان گڏ وري تيل ڦليل سان سينگاريل ۽ سنواريل وڏن وارن جي به دل کولي واکاڻ ڪبي هئي، جيڪي ڪارا ڊگها واسينگ وار ويچارن عاشقن کي ونگ وجهي جڪڙي وجهندا هئا ۽ انهن سهڻن سُرهن وارن جي قيد ۾ هڪ دفعو قابو ٿيڻ کان پوءِ رهائي ڪن نصيب وارن کي ئي نصيب ٿيندي هئي. جن لاءِ شاعر ٿو فرمائي ته :
    ”تنهنجي زلف جي بند، ڪمند وڌا، زندان هزارين مان رڳو.“
    ۽ هاڻي شيمپو سان ڌوتل ۽ ڪتريل وارن جي تعريف ڪجي ته ڪهڙي طرح ڪجي؟
    باقي هاڻوڪن عاشقن کي ايترو فائدو ضرور ٿيو آهي جو ڪٽيل وارن ۾ قيد ٿيڻ کان بهرحال بچي ويا آهن. ڇو جو ايڏا وڏا وار ئي ڪونه آهن جن جا بند ڪمند پون. هاڻي ته محبوب جي ڪٽيل وارن واري مٿي مبارڪ ۽ ڄاهي ۾ فرق ڪرڻ مشڪل ٿي پيو آهي.
    اڳي پنهنجي مٺڙي محبوب جي دلربا چهري ( منهن مبارڪ) جي چنڊ سان تشبيهه ڏبي هئي ۽ هاڻي جڏهن انسان وڃي چنڊ تي پهتو تڏهن خبر پئي ته چنڊ ويچاري جي حالت به صفا سنڌي شاعر جهڙي آهي. سچ پچ ته شاعرن لاءِ هاڻي وڏو مسئلو پيدا ٿي پيو آهي. هُو پنهنجي من گهرئي محبوب ۽ دلربا دلبر جي حُسن جمال جي ڀيٽ ڪن ته ڪنهن سان ڪن.


    [ ڇپيل: روزانه هلال پاڪستان 01 آڪٽوبر 1991ع]


    اُبتيون، سُبتيون ڳالهيون 4

    سونهارِي، سدورِي، سڳورِي، سدا سبز ۽ شاداب سرزمينَ ’سنڌ‘ سدائين املهه اديبَ، عالمَ، شاعرَ، تاريخدانَ، داناءَ، دانشورَ، صوفي، سالڪَ، سياستدانَ، صحافي، دودا، جوڌا، اولياءَ ، درويشَ، قلندر، سورهيَه، سرويچَ، سخي، فنڪارَ ۽ فقيرَ پئي پيدا ڪيا آهن. جن مان ڪنهن جو ذڪر ڪري، ڪنهن جو ڪجي؟ پر اڄ آئون ڪجهه اهڙن مور ماڻهن ۽ شخصيتن جو ذڪر ڪندس، جن مان ڪن سان روح رهاڻيون ۽ قرب واريون ڪچهريون ٿيون ۽ ڪن سان مختصر ملاقات يا ڄاڻ سڃاڻ ٿي، پر سندن باري ۾ چڱي خاصي معلومات اٿم.
    جهڏي گدام شهر جي الهندي پاسي سڏ پنڌ تي پير جمن شاھه قريشي مرحومَ اچي پنهنجو نئون ڳوٺ ٻڌو. پاڻ اڳي اڊوڙي ويجهو خان شاھه جي ميلي وٽ تعلقي ٽنڊي باگي ۾ ويٺل هئا.
    پير جمن شاھه سچ پچ ته بنا لشڪر ۽ بنا خزاني جي سلطان هو. منهنجي والد سيد امام الله شاھه ڏاڏاهي مرحوم سان سندس گهري ، گهاٽي ۽ پڳ مٽ ياري هئي.پير صاحب شڪل ۽ صورت جو موچارو، رعبدار ۽ پروقار شخصيت جو مالڪ هو، وٽس نه وڏي زمينداري هئي نڪو ٻيو وڻج واپار، پر پنهنجي تر جو بيتاج بادشاھه هو. سندس حويلي جي شاندار جڳهه اڳيان ٽنڊي باگي واري رستي لڳ وڏي ويڪري اوطاق هئي، جنهن ۾ روزانو يار دوست، مهمان مسافر، فقير فقراء جا لڏا لٿا پيا هوندا هئا، پوءِ جهڙا مير تهڙي مهماني، جهڙو ماڻهو تهڙي ماني، پاڻ موجود هجي نه هجي اهو مهمان خانو ٻارهو ئي هلندو رهندو هو ۽ نوڪر چاڪر هر وقت حاضر هوندا هئا، جيڪي آئي وئي جي ٽهل ٽڪور پيا ڪندا هئا. مون پاڻ اکين سان پير صاحب کي گهڻا مهمان ڏسي خوش ٿيندي ڏٺو ۽ هر هر پيو نوڪرن کي سڏيندو ۽ پڇندو هو ته بابا مهمانن ماني کاڌي- کين چانهه ملي.
    صبح جو ڪيترا مسافر ته کانئس ڳوٺ جو ڀاڙو به وٺي ويندا هئا. خبر ناهي ته اهو خرچ پکو ڪٿان پورو ٿيندو هو، شايد الله سائين کيس سخاوت ۽ مهمان نوازيءَ جي ڪري غيبي خزانو عطا ڪيو هو. پير صاحب ڪنن کان ڪجهه ڳرو هو پر انهيءَ ٻوڙاڻ کيس وڌيڪ معتبر، معزز ۽ مدبر بنائي ڇڏيو هو. سندس دوستي ۽ شناسائي ان وقت جي وڏن اميرن، وزيرن، جاگيردارن، آفيسرن، اديبن، شاعرن ۽ سياستدانن سان هوندي هئي، پير صاحب وٽ بابا سائين سان گڏ منهنجو وڃڻ به ٿيندو هو ۽ ڪڏهن وري پاڻ پنهنجي اٽالي سان نوڪرن چاڪرن سميت اسان جي غريب خاني تي اچي تشريف فرما ٿيندو هو.
    ان زماني ۾ پير صاحب ۽ بابا سائين جن جي مشترڪه دوستن ۾ رئيس امام علي خان لغاري، ڪرم علي لغاري وارو، آچار پٽيل ميمڻ ڦراهي وارو، سرائي نبي بخش خان گاڏ وارو، غازي خان جمالي ڏيئي وارو، پير جعفر علي شاھ راشدي جهڏي وارو، ميان جي ڏتل خان، حاجي محمد رحيم لاکو، لالچند ليسن بردار، جان محمد اوٺو، حاجي خدا بخش خان ۽ غلام محمد خان کٽياڻ، وڏيرو کاڪو مهر، احمد خان ڪلوئي، گل محمد ابڙينگ ۽ ٻيا ڪيترائي صاحب شامل هئا.
    پير صاحب راڳ رنگ جو به شوقين، ڄاڻو ۽ فنڪارن جو قدردان هو، ڪيترائي مشهور ۽ مقبول ڳائڻا وٽس اچي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا هئا، پاڻ کين داد سان گڏ انعام به دل کولي ڏيندو هو.
    پير صاحب پڙهيل ڪونه هو پر سندس گفتگو مان ايئن لڳندو هو ڄڻ ڪو اعليٰ تعليم يافته، اديب عالم پيو ڳالهائي. مرحوم پير جمن شاھ کي ڪوبه نرينو اولاد ڪونه هو ۽ سندس وفات بعد ڳوٺ ئي ڦٽي ويو.
    سوين هن دنيا مان، سڪندر هليا ويا
    ڇڏي محل ماڙيون، مسافر هليا ويا
    پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل جي ڳالهه نڪتي آهي ته اسان وٽ ڪيترا وڏا شاعر، سگهڙ ۽ فنڪار بظاهر اڻ پڙهيل هئا، پر الله تعاليٰ کين سمجهه ۽ ساڃهه، سُرت ۽ سليقي، فن ۽ فڪر، عقل ۽ ادراڪ جي اهڙي ته ڏات ڏني هئي، جنهن جي جيتري به واکاڻ ڪجي سا گهٽ آهي.
    اسان جي ئي ڏاڏاهي سيدن ۾ فقير محمد شاھه ڏاڏاهي مرحوم سگهڙ ٿي گذريو آهي، جيڪو پڻ اڻ پڙهيل هو، واقعاتي شاعري چڱي خاصي ڪندو هو، سندس چيل بيت ۽ شعر، پونئيرن پاڻ وٽ محفوظ ڪونه ڪيا، چون ٿا ته تعلقي ٽنڊي باگي ۾ ڏاڏاهه ويجهو زميندار سيد محمد هاشم شاھه ڏاڏاهي جي زمينداريءَ ۾ زمين جو هڪ ٽڪر جنهن کي کڏي ڪوٺيندا هئا، سا هميشه فقير محمد شاھه کيڙيندو ۽ پوکيندو هو.
    هڪ دفعي الائجي ڪهڙي سبب ناراض ٿي محمد هاشم شاھه اها کڏيءَ واري ٻني فقير محمد شاھه کان کسي حاجي قاسم ننڌو کي هارپي تي ڏئي ڇڏي، حاجي قاسم جوڙو ٻڌي هر ڏيڻ ۽ کڏي کيڙڻ لڳو، فقير محمد شاھه انهيءَ تي ناراضگي جو اظهار پنهنجي فن ذريعي هن ريت ڪيو ته:
    ”جيڪو کر کيڙيندو کڏِي،
    ماڻس کي مرض ٿيندو،
    جوڻس ٿيندي جڏِي.“
    ۽ ٿيو به ايئن حاجي قاسم جي ماءُ موذي مرض ۾ مبتلا ٿي مري ويئي ۽ گهر واري ٽنگن کان جڏي ٿي پيئي.
    انهيءَ کان سواءِ بُڪيرا شريف ۾ اتي جي هڪ هندو سيٺ مکي رتومل سان پريل شاھه ڏاڏاهيءَ جو جهيڙو ٿي پيو، مُکي هو پئسي وارو ماڻهو، تنهن سيد تي ڪيس داخل ڪري وڌو، پر اڳتي هلي ڪيس ڪوڙو ٿيو ۽ سيد پريل شاھه باعزت بري ٿيو، انهيءَ واقعي تي فقير محمد شاھه چيو ته :
    ”مکي ويچارو، بڪيرن وارو،
    ڪيس جنهن جو ڪوڙو ٿيو،
    سيد ٿيو سوڀارو.“
    انهي کان سواءِ مون کي ياد آهي ته جهڏي واري پاسي جو عثمان فقير لغاري ڪنڊڙيءَ وارو به اڻ پڙهيل هو پر ڏاڍو سٺو ۽ سهڻو سگهڙ هو، کيس شاهه سائين لاکيڻي لطيف جو سڄو رسالو برزبان ياد هو، عثمان فقير ريڊيو تي فتح خان جي ڪچهري ۾ به ايندو هو، هن وقت خبر ناهي ته حال حيات آهي يا ويو الله کي پيارو ٿي، پر سمجهان ٿو ته اڃا زنده آهي جيڪڏهن وفات ڪري وڃي ها ته الهجڙيو “شاد” جهڏي ۾ سندس ضرور ورسي ملهائي ها. ڇو ته الهجڙيو شاد اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن جو قدردان آهي، ورهين کان وٺي هر مهيني ڪنهن نه ڪنهن سان شام، ڪنهن جي ورسي ته ڪنهن جي سالگره ملهائيندو رهندو آهي. شابسون هجنس، نه ته هن زماني ۾ ڪير ٿو ڪنهن کي ياد ڪري.
    منهنجي ننڍي پٽ سجاد هڪ ڏينهن مون کان پڇيو، ”بابا سائين اوهان جي وفات بعد اوهان جي ورسي ڪير ملهائيندو ؟“
    مون چيو، ”الهجڙيو شاد-زنده باد.“

    [ ڇپيل: روزانه هلال پاڪستان 09 آڪٽوبر 1991ع]


    اُبتيون، سُبتيون ڳالهيون 5

    ڪافي عرصي کان اسان وٽ شامون، سالگرهون ۽ ورسيون ملهائڻ جو رواج زور وٺي ويو آهي ۽ هن وقت ته بنهه چوٽ تي آهي، هر روز اخبارن ۾ سالگرهن، شامن ۽ ورسين جا اعلان ۽ اکين ڏٺا احوال شايع ٿيندا رهندا آهن.
    انهن مان ورسيون جيئن ته وفات ڪري ويل نامور شخصيتن جون ملهايون وينديون آهن ۽ سالگرهون گهڻو ڪري وڏن سياسي ماڻهن ۽ سندن پٽن، ڌيئرن جون ڏاڍي ڌوم ڌام ۽ شان شوڪت سان ٿينديون آهن، جن ۾ وڏا وڏا ڪيڪ ڪاٽي هيپي برٿ ڊي ٽو يو “HAPPY BIRTHDAY TO YOU” سُر سان يا بي سُرائي سان ڪورس جي انداز ۾ ڳايو ويندو آهي، باقي شامون اهڙن مشهور، معروف ۽ مقبول اديبن ۽ شاعرن سان ملهائبيون آهن، جن پنهنجين تخليقن وسيلي ملڪ، قوم، ٻولي، ادب ۽ ثقافت جي نمايان خدمت ڪئي هجي ۽ سماج ۾ ڪي قابلِ قدر سڌارا آندا هجن وغيره.
    پوءِ سندس خدمتن جي مڃتا طور ساڻن شامون ملهائي، واکاڻ ڪري سندس ٿورا ڳايا ۽ لاٿا ويندا آهن، جيڪا سچ پچ ته سٺي ڳالهه آهي. پر هاڻي ڪجهه وقت کان اهڙن ماڻهن سان به شامون پيون ملهائجن، جو صاحبِ شام پاڻ به پڪ سان پريشان ۽ پشيمان پيو ٿيندو هوندو ! پر پوءِ به منهن جي پڪائي ڪريو اسٽيج تي ڏند ڪڍيو ويٺو کلندو ۽ ڦڪائي وندرائيندو هوندو.
    اهڙو ئي هڪ پيش آيل واقعو پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ٿو ڪريان. ڪجهه ڏينهن ٿيندا ته ڪي نوجوان گڏجي مون وٽ آيا ۽ رسمي خوش خير عافيت بعد واقفيت ڪرايائون ته، ”اسين شادپور شهر جي ڪنوارا ڪِلب جا عهديدار ۽ ميمبر آهيون. ڀليڏني ’برباد‘ سان شام ٿا ملهايون، اوهان کي صدارت ڪرڻ جي دعوت ڏيڻ آيا آهيون، اميد ته نااُميد نه ڪندا.“
    مون چيو ته، ”منهنجا نئين ٽهي جا ڪُل ڪنوارا دوستو ڀلي آيا جِي آيا، پر مهرباني ڪري اول اهو ٻڌايو ته ڀليڏنو ’برباد‘ ڪير آهي؟ ڇا ڪندو آهي؟ ۽ منجهس اهڙي ڪهڙي خوبي آهي جنهن کان متاثر ٿي اوهان ساڻس شام ملهائڻ ٿا گهرو؟“
    جواب ۾ چيائون ته، ”ڀليڏنو ’برباد‘ نئين ٽهيءَ جو نئون شاعر آهي، اسان جي شهر واري ٿاڻي جي صوبيدارَ جو بورچي آهي. شاعري ته هاڻي شروع ڪئي اٿس، باقي بريانيءَ جو بادشاھه ڪاريگر آهي!“
    مون کين ادب سان عرض ڪيو ته، ”دوستو مون کي معافي ڏيو باقي صدارت لاءِ هڪ موزون ماڻهو ڏانهن خط لکي ٿو ڏيان، اميد ته اوهان مايوس نه ٿيندا“ ۽ مون هنن کي غازي خان ’گگدام‘ ڏانهن خط لکي ڏنو ته، ’شام جي صدارت ڪرڻ فرمائي.‘
    ’گگدام‘ صاحب ته اهڙا ڏينهن الله سائين کان اڳيئي پئي گهريا، تنهن هڪدم ها ڪئي ۽ ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ اخبارن ۾ مذڪوره شام بابت ڌڙا ڌڙ خبرون اچڻ لڳيون ۽ دعوت جا ڪارڊ به ڇپجي ويا، جن جو مضمون لڳ ڀڳ هن ريت هو ته، ’شادپور شهر جي ’ڪنوارا ڪلب‘ پاران نئين ٽهيءَ جي نئين شاعر ۽ ڀلوڙ بورچي ڀليڏني ’برباد‘ سان 29 تاريخ خميس جي شام جو ’شام‘ ملهائي پئي وڃي جنهن جو مک مهمان لاڏلو ليکڪ خدن ’خفقاني‘ هوندو ۽ صدارت سريلو شاعر غازي خان ’گگدام‘ ڪرڻ فرمائيندو، بچل ’بيگانو‘ ۽ الهڏتو ’اڃايل‘ عادت موجب اڻ ڪوٺيا مهمان هوندا. اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض پراڻو پاپي جمن ’جادوگر‘ انجام ڏيندو. جڏهن ته محفل جي مور صاحبِ شام شاعر ڀليڏني ’برباد‘ جي مبهم ماضي، تباھه حال ۽ اونداهي مستقبل تي سندس همعصر شاعر روشني وجهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا ۽ جيئن ته صاحبِ شام ڀليڏني ’برباد‘ جو ڪو ڪلام اڃان منظر عام تي اچڻ جهڙو نه آهي، تنهن ڪري نوجوان فنڪار الغوزي ۽ نڙ تي نوان نڪور لهرا پيش ڪندا. شام ۾ شريڪ ٿيندڙ صاحبن کي گذارش آهي ته مهرباني ڪري موسم آهر بسترو پاڻ سان گڏ آڻڻ نه وساريندا.‘
    سائين منهنجا! هفتي کن بعد مذڪوره شام جو فوٽن سميت اکين ڏٺو احوال اخبارن ۾ پڙهيم، جيڪو اوهان سڀني به پڙهيو هوندو ۽ ساڳي ريت ريڊيو رپورٽ به ٻڌي هوندي ۽ يقينن محظوظ ٿيا هوندا.

    [ڇپيل: روزانه هلال پاڪستان 20 آڪٽوبر 1991ع]


    اربعا خطا 1

    تازو روزانه ’آفتاب‘ حيدرآباد ۾ محترم ڊاڪٽر غلام قادر سومرو جو ڇپيل ڪالم ’ابتيون سبتيون ڳالهيون‘ ڪنهن دوست مون کي موڪلي ڏنو.
    جنهن ۾ ڪالم نگار لکيو آهي ته ’ابتيون سبتيون ڳالهيون‘ جي عنوان سان پاڻ سال کن کان روزانه ’آفتاب‘ ۾ ڪالم لکندو رهيو آهي ۽ اهو عنوان سندس ملڪيت آهي، جنهن تي مون جيئري زوريءَ قبضو ڪيو آهي وغيره.
    سومرا صاحب، اعتبار ڪندا ته مون انهي ڪالم کان اڳ اوهان جو مذرڪوره ڪالم ڪڏهن به نه پڙهيو آهي، نه ته آئون هرگز اهو عنوان ڪونه رکان ها، بهرحال اوهان کي عنوان جي ڪري جيڪڏهن ڪا ذهني تڪليف پهتي آهي ته ان لاءِ معذرت خواه آهيان.
    باقي هونءَ ته ڀائُو-ساڳيو عنوان رکڻ ڪا ’اربعا خطا‘ ته ڪانهي، جو اوهان ڪاوڙ ۾ اچي ان تي سڄو سارو ڪالم لکي وڌو آهي. منهنجا ته ماڻهن ڪلام چورائي پنهنجا نالا وجهي ڳائڻن کان ڳارائي ڇڏيا، پر مون ته کين ميار به ڪانه ڏني. ٻئي پاسي وري اوهين ڊاڪٽر الائجي پِي ايڇ ڊِي الائجي ايم بِي بِي ايس... اسين فقير ماڻهو، اوهان جي مقابلي ۾ ذري گهٽ اڻ پڙهيل ۽ اڻ ڄاڻ، تنهن ڪري اسان تي ڪاوڙ ڪرڻ اوهان کي ڪانه ٿي جڳائي.
    ڪو زمانو هو جو ماڻهو سيدن تان سر قربان ڪري ڇڏيندا هئا ۽ اوهين رڳو عنوان به اُڌارو ڏيئي نه سگهيا. خير سائين وٺو پنهنجو ’عنوان‘ رکو پاڻ وٽ قابو ڪري، اسان جي دعا آهي ته الله تعاليٰ اوهان جو عنوان اوهان کي بخشي بچائي ڏي، شال وڌي، ويجهي، وڏو ٿئي ۽ مينهن وسندي ڪم اچي. (آمين)
    ڊاڪٽر سومرا صاحب، مزاح به ادب جو حصو آهي، اسان وٽ مزاح نگار اديبن ۾ مرزا قليچ بيگ، مولوي نور محمد نظاماڻي، مرحوم محمد هاشم مخلص، رشيد احمد ڀٽي، محمد خان غني، غلام حسين ڪروڙپتي، نور عباسي ۽ ٻيا ڪيترائي صاحب ٿي گذريا آهن. جن پنهنجي وقت ۾ مزاحيه افسانا، ناٽڪ، ڪالم ۽ مضمون لکيا. ڊاڪٽر صاحب اوهان پنهنجي ڪالم ۾ پراڻن ڪالمن مان ’نظري خوش گذري‘ ڪالم جو به ذڪر ڪيو آهي، جيڪو شايد 1960ع کان 1967ع تائين روزانه ’عبرت‘ حيدرآباد ۾ هفتيوار ڇپبو هو، جنهن ۾ منهنجا مزاحيا نظم ’ڪنوارن جو بلو ڪريو‘، ’آڪڙباز پڙهن‘، ’ڇا ٿيندو‘، ’فڪر ناهي‘، ’نئون سال‘، ’ماضي ۽ حال‘، ’زمانو باوفا آهي‘، ’چوڏهين صدي آ‘، ’ظالم زمانو‘، ’ڪنهن عيد ڪئي‘، ’ماني‘، ’برسات ۾‘ ۽ ٻيا ڪافي تعداد ۾ ڇپيا هئا. ان وقت مزاحيه شعر لکندڙ شاعرن ۾ خواجه قلب علي ’قلب‘ جيڪو ’ٽِڪلُو بِي اَي‘ جي نالي سان به لکندو هو، مجذوب لاشاري، لطف بدينوي، پروانو ڀٽي، مجرم لغاري، سومرو سودائي، نور عباسي ۽ عبدالحميد منتظر سومرو جا نالا ياد ٿا اچن، جن مزاحيه شاعريءَ ۾ پاڻ مڃرايو.
    انهن ڏينهن ۾ مزاحيه مشاعرا، ڪانفرنسون ۽ ڪچهريون به ٿينديون هيون. ڊاڪٽر غلام قادر سومرا صاحبَ! اڄ کان آئون پنهنجي ڪالم جو عنوان ’اربعا خطا‘ رکان ٿو، پر ڊپ ٿو لڳي ته متان ان جو به ڪو وارث پيدا ٿي پوي. تنهن ڪري هن ئي ڪالم ۾ عام اطلاع ڏيڻ ضروري ٿو سمجهان.
    عام اطلاع
    هن وسيلي سڀني عام خاص، خواتين ۽ حضرات کي (ڪالم نگارن کي خصوصن) اطلاع ٿو ڏيان ته مون پنهنجي ڪالم جو عنوان ’اربعا خطا‘رکيو آهي، پر جيئن ته منهنجي اڳوڻي ڪالم جي عنوان ’ابتيون سبتيون ڳالهيون‘ جو به نيٺ وارث نڪري پيو، تنهن ڪري ضروري سمجهي احتياطن اڳواٽ پڌرو ٿو ڪريان ته آئون پنهنجي سالم هوش حواس سان، بنان ڪنهن جي دٻاءُ ۽ چوڻ جي، پنهنجي رضا خوشيءَ سان، وڏي سوچ ويچار، پڇا ڳاڇا ۽ سنگت ساٿ سان صلاح ڪرڻ بعد پنهنجي ڪالم جو عنوان ’اربعا خطا‘ رکي رهيو آهيان، پر تنهن هوندي به مذڪوره عنوان جو پيءُ، ماءُ، ڀاءُ، ڀيڻ، ڏاڏو ڏاڏي، نانو ناني، يا سئوٽاڻي سوٽ وغيره مان ڪو وارث هجي ته هن ڪالم ڇپجڻ کان 15 ڏينهن اندر ٻن عاقل بالغ، معزز شاهدن ۽ تحريري ثبوتن سميت اچي پنهنجو حق (وارثي) ثابت ڪري. ٻي صورت ۾ مدت گذرڻ کان پوءِ ڪنهن جي به وارثي يا حُجت قابلِ قبول نه هوندي ۽ مذڪوره عنوان ’اربعا خطا‘ قيامت تائين منهنجي ملڪيت رهندو.
    هٿ اکر صحيح ڪالم نگار جي.

    [ڇپيل: روزانه هلال پاڪستان 03 نومبر 1991ع]


    اربعا خطا 2

    وتايو فقير - گامون سچار، پيراڻو ڀنڀرو ۽ عليم درس، جيڪي اسان وٽ عام ماڻهن ۾ چريا ۽ چرچائيءَ طور سڃاتا وڃن ٿا ۽ مشهور آهن، حقيقت ۾ اهي چريا نه هئا، بلڪ سندن گفتار، ڪردار ۽ ڏاهپ وارن نُڪتن مان ظاهر ٿو ٿئي ته، هو پنهنجي وقت جا وڏا عقلمند انسان هئا، اهو ئي سبب آهي جو اڄ سوين سال گذري وڃڻ جي باوجود به انهن جا قيمتي قول ۽ ٽهڪڙن ڀريا ٽوٽڪا ٻُڌي، سندن دانائيءَ ڏانهن ڌيان ٿو ڌرجي ته عقل دنگ رهجيو وڃي، جن جي ڀوڳن ۽ چرچن وارين ڳالهين ۾ به وڏي معنيٰ، مقصد ۽ نصيحت سمايل آهي، پر ڪو سمجهڻ وارو سمجهي ! اسان جهڙن اڻ ڄاڻ ۽ عقل جي انڌن کي ڪهڙي ڪَلَ ته هو ڇاڇا چئي ويا آهن.
    خير، اڄ اسين انهن مان ذڪر ڪنداسين وتائي فقير جو، جنهن جي اڄ چار سئو چوئيتاليهين سالگرھه آهي، هاڻي يقينن اوهين مون کان اهو ئي سوال ڪندا ته مون کي ڪيئن خبر پئي ته اڄ وتائي فقير جي سالگرھه آهي؟ ته ٻڌو سائين منهنجا سربستو احوال-گذريل ڇنڇر واري ڏينهن منهنجو ڪنهن ڪم سانگي حيدرآباد وڃڻ ٿيو، ۽ جيئن ئي صدر مان بمبئي بيڪري وٽان لنگهي رهيو هوس ته اوچتو منهنجي نظر وڃي وتائي فقير تي پئي، جيڪو بيڪري جي مين گيٽ مان ٻاهر نڪري رهيو هو، وتائي کي شڪل کان آئون انهي ڪري سڃاڻا، جو هو منهنجو ڳوٺائي آهي، يعني سندس جنم به تعلقي ٽنڊي الهيار ۾ ٿيو ۽ هينئر سندس ابدي آرامگاهه به ٽنڊي الهيار کان ٽن ميلن تي حيدرآباد روڊ ويجهو آهي.انهي کان سواءِ به سڃاڻڻ ۾ گهڻي تڪليف نه ٿيڻ جو ٻيو واضح سبب آهي سندس تصوير (فوٽو) جيڪا 1985ع ۾ ٽنڊي الهيار جي ان وقت اسسٽنٽ ڪمشنر عبدالقادر منگي، وتايو فقير سيمينار جي موقعي تي ڇپايل ڪتاب ’وتايو فقير‘ ۽ ’سووينئر‘ جي ٽائيٽل تي ڇپرائي هئي، جيڪا هن وقت به وتايو فقير لائبريريءَ ۾ لڳل آهي، جنهن ۾ پوليس وارو گهوڙيءَ تي سوار آهي ۽ وتايو فقير ويچارو گهوڙيءَ جو ڦر (وڇيرو ) ڪُلهي تي کنيو ٿاڻي طرف وڃي رهيو آهي.
    مون چيو، ”وتايا فقير السلام عليڪم!“
    وتايو وائڙو ٿي ويو ۽ ڀڄڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، پر مون به کيس ٻانهن کان جهلي کڻي سوگهو ڪيو.
    فقير مڙس اڀرو سو ٻانهن ڇڏائي نه سگهيو ۽ بيهي رهيو ۽ هڪدم مون کان پڇڻ لڳو ته تو مون کي ڪيئن سُڃاتو ؟
    مون کيس مٿي لکيل سڃاڻپ وارو داستان ٻڌايو.
    وتايو فقير اڄ خلاف معمول ڪپڙين، گندئين ٺهيل هو، بف وارو سئنڊل، سنڌي ٽوپي ۽ ڦلي واري ٻه پڙي اجرڪ پاتل هوس، چيومانس، ”فقير ڏي خبر اڄ هتي ڪيئن پيو ڏسجين؟“
    چيائين، ”ادا سُڀاڻي منهنجي 444 هين سالگرھ آهي، انهي لاءِ لڪ ڇُپ ۾ بامبي بيڪري تان سالگرھ جو ڪيڪ وٺڻ آيو هوس، ته تو سڃاڻي ورتو.“
    مون چيو، ”فقير فڪر جي ڪابه ڳالهه ڪانهي، آئون ڪنهن کي به ڪونه ٻڌائيندس، پر هاڻي هل ته ڪنهن هوٽل تي ويهي چانهه به پيون ۽ حال احوال به ڪريون، اڄ توکي ڪپڙا به سٺا پاتل آهن ۽ سنوارت به ٺهيل اٿئي تنهن ڪري هوٽل وارا لوڌي ڪونه ڪڍندا.“
    فقير گهڻوئي لنوايو پر منهنجي زور ڀرڻ تي هلڻ لڳو ۽ وڃي ايئرڪنڊيشنڊ هوٽل ۾ نويڪلا ٿي ويٺاسين !
    وتائي فقير سالگرھه لاءِ ورتل ڪيڪ اجرڪ جي پلاند ۾ ڳنڍ ڏيئي ڏاڍو ٻڌو، انهي ڊپ کان ته متان آئون کڻي نه وڃان.
    فقير چانهه جي ساسر مان سرڪي ڀري چوڻ لڳو ته، ”آئون هونءِ به ڪڏهن ڪڏهن گهمڻ ڦرڻ ايندو رهندو آهيان، هن کان اڳ 1985ع ۾ منهنجي نالي ٽنڊي الهيار ۾ ڪوٺايل سيمينار ۾ به آيوهوس، پر ڦاٽل ڪپڙن ۽ وڌيل ڏاڙهي جي ڪري پنڊال ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنائون، جنهن ڪري لاچار شاميانن پويان انسپيڪشن بنگلي واري ڀت کي ٽيڪ ڏيئي پٽ تي ويهي وڏن وڏن اديبن، شاعرن، دانشورن ۽ آفيسرن واتان پنهنجي واکاڻ ٻڌي خوش ٿيڻ بدران ڳوڙها ڳاڙي رهيو هوس، ته پهرو ڏيندڙ پوليس وارا اچي پهتا ۽ رعب مان چوڻ لڳا، اڙي ڪير آهين، رات جو هتي ڇا ويٺو ڪرين، بنگلي کي کاٽ هڻندين ڇا ؟ آئون پوليس وارن جو اڳيئي ڊيڄاريل سو هٿ ٻڌي چيم نه سرڪار چور ناهيان غريب ماڻهو آهيان ٻُڌو اٿم تقريرن کان پوءِ ڳائڻ ٿيندو تنهن لاءِ ويٺو آهيان، ٻيو ڀلا ڇا ٻڌايان ها ته آئون ئي اهو وتايو فقير آهيان جنهن تي لکين رپين جي خرچ سان هي مانڊاڻ متل آهي. چيائون ڪوڙو آهين، هل ٿاڻي تي.
    ايتري ۾ الله ڀلو ڪري تر واري تپيدار جو جيڪو ڪوٽارن سوڌو پنڊال کي پي ڦريو سو اچي نڪتو ۽ پوليس وارن کي چيائين بابا ڇڏيو ويچاري کي ڪو پاڳل ٿو لڳي اجايو پٽيندو، تڏهن جان ڇٽي ۽ وٺي ڀڳس.“
    مون چيو، ”فقير، تو واکاڻ ٻڌي روئڻ لڳين، ٻيلي اها ڳالهه منهنجي سمجهه ۾ نه آئي، جڏهن ته ساراهه تي ته وڏا وڏا صاحب ۽ سردار به سرها ٿيندا آهن؟“
    چيائين، ”مون کي روئڻ ان لاءِ آيو جو جڏهن آئون جيئرو هوس جهان ۾ تڏهن ته مونکي ماڻهن کنگهيو به ڪونه، مورڳو چريو، چريو چئي چٿرون ڪندا ۽ چيڙائيندا هئا! مون کي ياد آهي ته اسان جي اڪيلي ڍڳي جڏهن مري ويئي هئي تڏهن اسان کي ڪنهن ڍڳي ته ڇا ! پر ٻڪري به وٺي ڪانه ڏني. جنهن ڪري آئون ۽ امان سڄي حياتي کير لپ لاءِ سڪندا رهياسين ۽ سدائين سليماني چانهه پيتيسين ۽ هاڻي سائين! منهنجي نالي تي مئي پڄاڻان سيمينار پيا ڪوٺائجن ادبي ڪانفرنسون پيون ٿين ۽ ڪتاب پيا ڇپجن !
    اڃان تازو ڀائو گامونءَ ’گامون سچار‘ مون کي ٻڌايو ته وتايا خبر اٿئي فلمن ٺاهڻ وارا پئسن ڪمائڻ لاءِ توتي فلم ٺاهڻ ٿا گهرن، دير رڳو ان ڪري ٿي رهي آهي جو تنهنجي مُهانڊي وارو ماڻهو، اداڪار ڪونه ٿو ملي. هاڻي يار تون ئي کڻي انصاف ڪر ته آئون پنهنجي مئي کان پوءِ هيڏي قدر دانيءَ تي کلان يا روئان؟“
    اهو چئي فقير اٿڻ لڳو، مون چيو، ”فقير ڪو پنهنجن همراهن، سنگت ساٿ لاءِ پيغام وغيره؟“
    وتائي فقير ورندي ڏيندي چيو، ”سڀني کي وڃي چئو ته پنهنجن ڏاهن ۽ ڏات ڌڻين جو جيئري قدر ڪريو! باقي مئي کان پوءِ ورسين ملهائڻ مان نڪِي ورَي نڪِي سرَي.“
    ائين چئي فقير تڪڙو تڪڙو هوٽل مان نڪري ريلوي اسٽيشن طرف روانو ٿي ويو ۽ منهنجي ننڍي پٽ سجاد جي سڏ تي منهنجي اک کلي ويئي جيڪو ڪتابن جو ٿيلهو پُٺن تي کنيو مون کان اسڪول جي خرچي گهري رهيو هو.

    [ڇپيل: روزانه هلال پاڪستان 18 نومبر 1991ع]


    اربعا خطا 3

    ڳچ ڏينهن کان پوءِ ڪلهه شام جو منهنجو پڳ مٽ يار پيراڻو پريم نگري مون وٽ آيو ۽ چانهه جا ٻه عدد پيالا پيئڻ بعد فرمائڻ لڳو ته، ”ايندڙ مڪاني چونڊن ۾ پنهنجي پاڙي واري تڪ مان بيهڻ ٿو چاهيان !“
    چيو مانس ته، ”يار پنجن سالن کان پوءِ توکي ساڳيو شوق اچي جاڳيو آهي؟“
    ياد رهي ته پنج سال پهرين پيراڻو اليڪشن ۾ بيهڻ جو ارادو ڪري جڏهن ووٽر لسٽ وٺي آيو ته حيران بلڪ صفا پريشان ٿي ويو جو ووٽر لسٽ ۾ سندس نالي جو سيريل نمبر 420 هو! اهو ڏسي پيراڻي ويچاري اليڪشن لڙڻ جو ارادو ئي ترڪ ڪري ڇڏيو ۽ چيائين، ”ادا، مخالف اميدوار ۽ سندس ورڪرن کي منهنجي خلاف پروپيگنڊا جو موقعو ملي ويندو ۽ هو مون کي ’چار سئو ويهه، چار سئو ويهه‘ چئي چيڙائيندا ۽ ووٽرن کي چوندا ته جنهن جو نمبر 420 آهي، تنهن مان چڱائيءَ جي ڪهڙي ٿا اميد رکو وغيره! تنهن ڪري چونڊن ۾ حصو ئي ڪونه ٿو وٺان! “
    ”پيراڻا ڀائو! ڀلا سيريل نمبر جو ڇا ٿيندو ؟“ مون کانئس پڇيو.
    چيائين، ”چريو ڪونه آهيان، ووٽر لسٽ ۾ پنهنجي نالي جو سيريل نمبر درست ڪرائي آيو آهيان، هاڻي ڏسان ته منهنجي خلاف ڪير ٿو ڪهڙي پروپيگنڊا ڪري؟“
    ”اهو ته ڏاڍو چڱو ڪيئي! پر پيراڻا سائين ماڻهو به ڏاڍا ڏاها ٿي ويا آهن، ڀلا توکي ووٽ ڏيندا؟“
    چيائين، ”ڇو نه ڏيندا! مون سدائين سندن ڪم ڪيا آهن! مرڻي، پرڻي ۽ هر موقعي مهل تي هردم حاضر رهيو آهيان ۽ انهي کان سواءِ تڪ جا مشهور سماجي ورڪر توڏل توائي، عاشق فلمي ۽ ولو وڊيو وارو به ته مون سان گڏ آهن ۽ مون کي پڪ آهي ته ماڻهو منهنجو قدر ڪندا! ڇو جو کين منهنجي سچائي، ايمانداري، ديانتداري ۽ شرافت جي خاطري آهي! تنهن ڪري پاڙي وارا منهنجو ضرور قدر ڪندا ۽ ووٽ ڏيندا! آئون کٽي ايندس ۽ هن ڀيري منهنجي چيئرمين ٿيڻ جي به وڏي چانس آهي.“
    مون چيو، ”پيراڻا! يار ڏاڍو ڪو بادشاھه ماڻهو آهين. هن زماني ۾ قدر جي ٿو ڳالهه ڪرين! ٻيلي ڪير ٿو ڪنهن جو قدر ڪري ۽ ڪير ٿو ڪنهن جا ٿورا ڳائي! تنهنجي قدرداني واري ڳالهه تي مون کي ننڍپڻ جو ٻڌل هڪ قصو ياد اچي ويو آهي، جيڪو تون به ٻڌ- هڪڙو همراھه گڏھه تي چڙهيو وڃي رهيو هو ته واٽ تي هڪڙو سهڻو ۽ چمڪدار مڻيون لڌائين. سو ڌاڳي ۾ پوئي گڏھه جي ڳچيءَ ۾ ٻڌي ڇڏيائين ۽ ائين ڪيترا ڏينهن گذري ويا، هڪ ڏينهن ڪنهن شهر مان لانگهائو ٿي رهيو هو ته ڪنهن جوهر شناس جوهريءَ جي نظر وڃي گڏھه جي ڳچيءَ ۾ پيل هيري تي پئي. تنهن هن کي سڏ ڪري چيو ته ڀائو گڏھه جي ڳچيءَ وارو موتي وڪڻين ته ڏھه رپيا ڏيندوسانءِ.
    گڏھه واري غريب ڏٺو ته هن ننڍڙي لڌل مڻئين جا ڏھه رپيا ٿا ملن، تنهن جهٽ گڏھه جي ڳچيءَ مان مڻيون لاهي جوهريءَ کي ڏنو ۽ ڏھه رپيا وٺي روانو ٿي ويو.
    جوهريءَ، موتيءَ کي ڌوئي صاف ڪري شيشي جي خوبصورت شوڪيس (ڪٻٽ) ۾ دوڪان تي کڻي رکيو ته رکڻ سان هڪدم هيرو ٽُٽي ٽُڪر ٿي پيو! جوهري، اِها صورتحال ڏسي حيران ۽ پريشان ته ٿيو پر پشيمان به ٿيڻ لڳو ۽ ذري گهٽ خفقان ٿيڻ وارو هوس ته اوچتو خيال آيس ته ڇو نه ڪنهن ڏاهي کان پڇان ته هي ڇا ٿي ويو؟
    سو شهر جي ڪنهن عقلمند شخص وٽ سڄي ماجرا بيان ڪيائين ته سائين مڻيون گڏھه جي ڳچيءَ ۾ بي عزتي برداشت ڪري به آرام سان پيو رهيو ۽ جڏهن مون کيس مانَ مرتبي واري موزون جاءِ تي رکيو ته ڦاٽي ڦاڪون ٿي پيو سو ڇو؟
    عقلمند انسان چيس، اي چريا چرٻٽ! گڏھه وارو ته هيري جي اصليت، حيثيت ۽ قيمت کان واقف ڪونه هو، تنهن ڪري ان تي ڪهڙي ميار! پر تو ڄاڻين سڃاڻين به سندس قدر ڪونه ڪيو ۽ قيمت فقط ڏھه رپيا لڳائي، جيڪا بيقدري برداشت نه ڪري، هيرو ڦاٽي ڦاڪون ٿي پيو.
    سو پيراڻا ڀائو، تنهنجي مرضي آهي! ڀلي شوق پورو ڪر، منهنجي دعا آهي ته کٽي اچين خير سان، پر ائين نه ٿئي جو متان تنهنجو به هيري وارو حال ٿئي؟“

    [ڇپيل: روزانه هلال پاڪستان 1 جنوري 1992ع]


    بنان عنوان

    1991ع ڌاري مون روزانه هلال پاڪستان ڪراچيءَ ۾ سال سوا، ڪالم لکيا هئا، جن مان پهرئين ڪالم جو ڪو عنوان ڪونه هو ۽ ’بنا عنوان‘ جي هو. اڄ وري ڏهن سالن کان پوءِ هيءُ مضمون عرف ڪالم به ’بنا عنوان‘ لکي رهيو آهيان، انهيءَ ڪري ته پورو هفتو ڪوشش ڪرڻ جي باوجود مون کي ڪالم لاءِ عنوان هٿ نه آيو. هونئن به مون کي ڳولڻ سان ڪڏهن به ڪا شيءِ هٿ نه ايندي آهي، تنهن ڪري ’بنا عنوان‘ لکي رهيو آهيان. اڄ کان ذري گهٽ ست اٺ مهينا اڳ ’اَمَرتا‘ جي اعزازي ايڊيٽر فقير محمد ڍول پنهنجي هميشه واري هوڏ تي قائم رهندي، حُجت هلائي ته اَمَرتا لاءِ ماهوار ڪالم لکو. مون چيو، بابا آئون مستقل طور ڪجهه به ڪري نه سگهندو آهيان، سُست به ايترو آهيان جو ٽنڊي الهيار کان حيدرآباد وڃڻ لاءِ سڄو هفتو سنبت\تياري ڪندو آهيان ۽ پوءِ مس مس دل جهلي قميص جي پاسي واري کيسي ۾ عينڪ، رومال، ننڍڙي ڦڻي ۽ سامهون (دل مٿان) واري کيسي ۾ ڏهاڪو کن نمونن جون گوريون هڪ پين/ قلم، ٻه وزيٽنگ ڪارڊ، ٽيليفون انڊيڪس، ٻه عدد پاسپورٽ سائيز فوٽو، پني جي ٻنهي پاسي لکيل هڪ ڪافي، هڪ غزل، ڪجهه قطعه\ چوسٽا، هڪ اڇو پنو، ٽيليفون بوٿ وارو ڪارڊ ۽ اوٽ موٽ جي ڀاڙي (رڪشا سميت) جيترا پئسا کڻي بهادر هوٽل وٽان ڪوچ، ڪوسٽر يا لاريءَ ۾ چڙهي پوندو آهيان، پوءِ ڪڏهن ڪڏهن ته ٽنڊي الهيار شهر جي ئي نصرپور ناڪي واري بس اسٽينڊ تي حيدرآباد وڃڻ جو ارادو ترڪ ڪري لهي پوندو آهيان ته دير ٿي ويئي آهي، سڀاڻي سوير ڀرو ويندس، پوءِ اتان کان شهر ۾ دوست علي نظاماڻي جي ڪپڙي جي دوڪان تي پاڻي پي، سليم بچاڻي جي اوطاق تان سندس پڇا ڪري (جيڪو اڪثر ڪونه هوندو آهي) آخر ۾ زاهد ميمڻ وٽان ٿيندو، مانيءَ مهل ٺڪاءُ اچي گهر ڪندو آهيان، گهر وارا پڇندا آهن، جلدي حيدرآباد مان واپس اچي ويا ؟ آئون ڪوبه جواب ڪونه ڏيندو آهيان، بس سمجهي ويندا آهن ته ويو ئي ڪونهي! وري سوين ڪيل غلطين وانگر، وڃڻ وقت هڪ وڌيڪ غلطي ڪري چئي ويندو آهيان ته ماني نه رکجو، آئون حيدرآباد مان کائي ايندس. پوءِ گهر وارن کي چوندو ناهيان پر هو وري به مون تي ڪهل ڪري تڙ تڪڙ ۾ ماني ٺاهي وٺندا آهن، بلڪ گھڻو ڪري ته منهنجين عادتن کان آگاهي سبب ماني اڳيئي ٺاهي رکي ڇڏيندا آهن، ڇو جو ماني ٽڪي جي معاملي ۾ مڙيئي گهر جو سکيو آهيان، سو آئون به ماني کائي ماٺڙي ڪري پنهنجي ڪمري جا در، دريون بند ڪري سمهي پوندو آهيان. هڪڙي ڳالهه ٻڌائيندو هلان ته منهنجا ٻئي پٽ جاويد ۽ سجاد ٽنڊي الهيار شهر ۾ مون سان پيادل گڏ نه هلندا آهن! چوندا آهن ته اوهين رستي ۾ هلندي هر ڄاڻ سڃاڻ واري سان خوش خير عافيت ۽ لهوارين اوڀارين ڳالهين ۾ بيهي ٿا رهو ۽ اسين انهيءَ ڊيگهه مان بور ٿا ٿيون، تنهن ڪري رڪشا يا موٽر سائيڪل تي هلو، آئون به نه بحث ڪندو آهيان ۽ نه ئي سندن ڳالهه کي رد ڪندو آهيان، ڇو جو هو واقعي سچ ٿا چون.
    خير، تازو دل جهلي مٿي ذڪر ڪيل سامان ساڻ ڪري بهادر هوٽل وٽان ڪوسٽر ۾ چڙهي پيس! ۽ هميشه وانگر نصرپور ناڪي واري بس اسٽينڊ تي سوچيم ته لهي پوان! پر ڪونه لٿس ۽ گاڏي هلڻ لڳي ائين ئي ڪلاڪ کن ۾ وڃي حيدرآباد ڀيڙو ٿيس، شهر ۾ ڪم ڪار ڪو ورلي هوندو اٿم! بس سڌو ريڊيو پاڪستان تي هليو ويندو آهيان، جتي 1963ع کان يعني 38 سالن کان لاڳيتو پيو وڃان، ڏاڍو سڪون ملندو اٿم، ريڊيو اسٽيشن تي، گهڻو وقت اڳي امرجليل، آغا سليم، سيد الهه بخش شاھ بخاري، پير اسحاق جان سرهندي، خواجه امداد علي، قادر بخش ملاح، سرور بلوچ، عبدالڪريم بلوچ، سيد صالح محمد شاھ، سيد منظور نقوي، محمد خان غني، مظفر حسين جوش، زيب عاقلي، عبدالحق ابڙو، مراد علي مرزا، غلام حسين شيخ، محمد نواز ڀٽيءَ جهڙن علمي، ادبي ۽ ثقافتي ماڻهن سان ميل ملاقات ٿيندي هئي، سچ پچ ته انهن شخصيتن جي صلاحيتن ۽ تجربي مان مون پارن ڪيترن گهڻو ڪجهه سکيو ۽ پِرايو.تڏهن ريڊيو تان رات جو نائين وڳي ماهوار لائيو مشاعرو ٿيندو هو، جڏهن مشاعري ۾ وڃبو هو ته رات حيدرآباد ۾ رهڻي پوندي هئي. ريڊيو وارن دوستن سان ميل ملاقات ۽ قرب وارين ڪچهرين جو سلسلو اڄ به قائم آهي، هاڻي به نصير مرزا جو کِلي کِيڪارڻ، مٺڙا ۽ نرم ٻول، ڪامران ڀٽيءَ جو قرب ۽ علي نواز خاصخيليءَ جو خلوص ڇڪ ڪندو آهي ته وٽن وڃي چار گهڙيون دل وندرائي ايندو آهيان، هونئن عنايت بلوچ ۽ سڪندر بلوچ جيڪي ٻئي رٽائرڊ ٿي ويا آهن، مون کي ڀائيندا هئا. انهن کان سواءِ محمد انور هڪڙو، گل حسن قريشي، الاهي بخش ٻانڀڻ، (ڪوثر ٻرڙو ۽ جهانگير قريشي بدلي ٿي ويا آهن) ظهير مرزا، عبدالخالق مستوئي، اشرف ٿيبو، عبدالمجيد مغيري، امام الدين جمالي، محمد جمن، اشرف بلوچ، علي عمران سمون، مشتاق چنگيزي، محمد حسين قادري، مطلب ته سڀئي آڌر ڀاءُ ڪندا آهن، مون تي الله سائينءَ جا وڏا ڪرم آهن ۽ خوش قسمت آهيان جو مون کي موسيقي جي ڀلوڙ فنڪارن ڳايو به ۽ ڀانئيو به، جن ۾ ماسٽر ابراهيم، ڍول فقير، محمد جمن، عابده پروين، مائي ڀاڳي، روبينا، زيب النساء، امينا، زرينه بلوچ، ثمينه ڪنول، حميرا چنا، نور بانو، گل بانو، انجم آرار، ڦوٽو زرداري، غلام قادر، تاج مستاني، ٻڍو فقير، اياز علي، چاڪر چانڊيو، قاسم اوٺو، عبدالله پنهور، عبدالله ڪڇي، استاد غلام علي، سليمان شاھه، غلام جعفر زرداري، غلام شبير شاهاڻي، استاد فيروز گل، استاد وحيد علي، قمر سومرو، مراد فقير، غلام رسول لوهار، ممتاز لاشاري، نگهت جعفري، انور حسين وسطڙو، غفور گل، اسحاق ڪارو مڱڻهار ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن.
    هاڻي وري ٿوري ماضيءَ تي نظر وجهجي، گهڻا سال اڳي جڏهن ايئر ڪنڊيشن ڪوچ، ڪوسٽر ۽ ويگنون ڪونه هلنديون هيون ۽ پڪا رستا به ڪي چند هئا، تڏهن گهڻو تڻو سفر ريل رستي ڪبو هو، موٽر ڪارون به ڪن ڪن وڏن زميندارن ۽ سيٺن وٽ هونديون هيون، منهنجي ڄمڻ کان اڳ بابا سائين سيد امام الله شاھ مرحوم وٽ به فورڊ ڪمپنيءَ جي موٽر ڪار هئي، جيڪا هئنڊل تي اسٽارٽ ٿيندي هئي ۽ پيٽرول به بند ٿيل لوهي ڏٻن ۾ ايندو هو، آئون سمجهه لائق ٿيس ته اها موٽر ڪار ته ڪانه رهي باقي هئنڊل ۽ خالي ڏٻا مون به ڏٺا، جن سان آئون راند کيڏندو هوس.سو ان زماني ۾ حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي رات جو ريل گاڏيءَ مان لهبو هو ته اسٽيشن ٻاهران سينگاريل ٽانگا ۽ بگيون بيٺل هونديون هيون، پوءِ سُکيا ستابا ماڻهو انهن تي سوار ٿي پنهنجن گهرن، هوٽلن، يا عزيزن، دوستن وٽ وڃي ٽِڪندا هئا ۽ غريب غربا رکندا هئا، پيرن تي زور، پر سنڌ زميندار هوٽل وٽان لنگهبو هو ته هوٽل وارن طرفان گراهڪ هٿ ڪرڻ لاءِ بيٺل ملازمن جي رڙ پئي پوندي هئي ته ’هنڌ کٽولو ماڙيءَ تي‘ پوءِ مسافرن کي روڪي، مختلف هوٽلن جي ڪمرن جن جي 24 ڪلاڪن لاءِ مسواڙ پنجن کان ڏهن رپين جي وچ ۾ هوندي هئي ۽ هنڌ کٽولو هڪ رات لاءِ هڪ رپئي ۾ ملندو هو، وٺي وڃڻ لاءِ پنهنجين هوٽلن جي ڪمرن، بسترن ۽ مانيءَ جون ساراهون ڪندا هئا، ماني به عام هوٽلن ۾ هڪ رپئي ۾ گوشت جو ٻوڙ جنهن کي ’سنگل سالن‘ چوندا هئا ۽ چئن آنن ۾ ٻه نان، ٽوٽل سوا رپئي ۾ همراھه کائي پي ڍئو ڪري ڏڪارون ڏيندو وڃي هوٽل جي مسافر خاني ۾ هڪ رپئي ۾ هنڌ کٽولو وٺي لت کوڙي سمهي پوندو هو. هنن سٽن لکندي ڪالم لاءِ ڪجهه عنوان ذهن تي اچڻ لڳا آهن، اوهين به ٻڌي ڇڏيو، انهن مان جيڪو اوهان کي پسند اچي ته مطلع ڪندا، جيئن ايندڙ پرچي واري ڪالم لاءِ اهو عنوان يا ’نالو‘ رکجي.
    زيرِ غور عنوان هي آهن: هنڌ کٽولو ماڙيءَ تي، ڪانگ کي لُڙ ۾ مزو، ڪُڪڙ ڪوريُن جو نالو وڏيري جو، لوڪ لڏڻ ۾ چري اڏڻ ۾، هڪڙي اڻ هوند ٻيا افعال بڇڙا، بار گڏھه تي سهڪي کودو، ٻوڙو کلي ٻه دفعا، نڙ ڳوھه جي وات ۾، گدڙ ۽ ڄرڪو، ڪنڊولڳو گوڏي نڙگهٽَ ڪيو ٺڪاء، دُهَل وڄي دوسُو نچي، پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي، ککر ۾ کڙهو، سَهي ٽنگون ٽي چوٿين لڀي ئي ڪانه، ٽِنڊ به ٽڪا ٿي گهري، رڍن اڳيان رباب، ڍڳو پير پيران، وغيره. هاڻي گهڻي ڊيگهه کان بهتر آهي تَه موڪلائجي، جو مون کي ڊاڪٽر پرڌان کان بلڊپريشر چيڪ ڪرائڻو آهي، ڊاڪٽر ٽائيم جو پابند آهي، شام جا ڇهه ٿيڻ وارا آهن ڊاڪٽر پرڌان ساڍين ڇهين وڳي هليو ويندو ميرپورخاص، پر ها ! موڪلائڻ کان اڳ اهو ٻڌائي ڇڏيان ته مٿي لکيل عنوانن مان اوهين ڀلي پنهنجي پسند جو عنوان چونڊيو، ليڪن اهو ضروري ناهي ته آئون اوهان جي پسند ڪيل نالن مان ئي نالو رکان، منهنجي مرضي آهي ته انهن مان رکان يا اڃا ئي ڪو ٻيو عنوان منتخب ڪريان، اهي حق ۽ واسطا مون وٽ محفوظ آهن، تنهن کان سواءِ اهو به ڄاڻائڻ ضروري ٿو سمجهان ته عنوان چونڊي موڪليندڙ کي ڪوبه معاوضو نه ملندو، سکڻي زباني شاباس ڏني ويندي، ٻي ڳالهه ته ايندڙ مهيني کان جيڪو ڪالم يا مضمون لکبو، سو به هن ڪالم وانگر ئي بي ترتيب ۽ بنا تسلسل جي هوندو، جيڪا ڳالهه جتان ياد آئي اُتان لکبي، باقي هوندو پنجهتر سيڪڙو سچ، سئو سيڪڙو انهيءَ ڪري ڪونه هوندو، جو جيڪڏهن سئو سيڪڙو سچ لکيم ته مون وارا سنگتي، سنگت ڇڏي ويندا ۽ مِٽ مائٽ شادي مراديءَ ۾ اچڻ وڃڻ ئي بند ڪري ڇڏيندا.

    [ڇپيل: ’امرتا‘ مئي 2002ع]


    نالو وڏو، شهر سڃو

    گذريل مهيني واري ’بنا عنوان‘ ڪالم ۾ مون امرتا جي معزز قارئين/ پڙهندڙن کان عنوان گهريا هئا. جنهن جي موٽ ۾ شايد لفافي جي قيمت چار روپيا هجڻ سبب بنهه ٿورن مهربانن عنوان لکي اماڻيا آهن، پر مون کي انهي مان ڪو به ڪونه وڻيو. ڪجهه دوستن چار رپيا بچائڻ خاطر پيرين پنڌ ڪري روبرو اچي عنوان ٻڌايا. هلي آيل صاحبن جي چانهه ۽ شربت سان خاطر تواضع به ڪرڻي پئي. انهن مان منهنجي پراڻي مهربان قدردان شاعر غازي خان ’گگدام‘ جو تجويز ڪيل عنوان ’نالو وڏو، شهر سُڃو‘ مڙيئي چڱو لڳو، تنهن ڪري في الحال اهو استعمال ڪبو، جيستائين ڪو ٻيو ان کان بهتر عنوان هٿ لڳي.
    هاڻي عنوان جي مناسبت سان شروعات به پنهنجي ڏاڏاڻي ڳوٺ ’ڏاڏاھه‘ کان ٿو ڪريان، اسان جا وڏا گهڻو وقت اڳي مٽيارين مان لڏي تعلقي ٽنڊي باگي ان وقت ’ضلع حيدرآباد‘ هاڻي بدين جي ڳوٺ ڏاڏاھه ۾ اچي ويٺا، ڏاڏاھه ڪير هو، اهو نالو ڪيئن پيو ان بابت ڪابه معلومات ڪانه ٿي ملي. بابا سائين جي زباني ٻڌل مطابق سيد پهرين پراڻي ڏاڏاھه ۾ اچي ويٺا، جنهن ۾ هن وقت ميمڻ رهن ٿا، پوءِ اتان به لڏي ميل کن پنڌ تي پنهنجو ڳوٺ اچي ٻَڌائون، مهاڻا، ميگهواڙ، شيدي ۽ سونارا وغيره رهندا هئا، تڏهن ڏاڏاھه وارا سيد سڏبا هئا، سيدن کي پنهنجي وڏي زمينداري هئي، جيڪا تلهار ويجهو گوني مان نڪتل نصيرواھه جي ڪپ تي ڏيٿن ۽ منگواڻن جي ڳوٺ کان شروع ٿي، نصيرواھه جي ٻنهي پاسن وٽان، ڏيئي، هوٿير، ڪنگپير، کيرول، ڪامارو ۽ ڏاڏاھه کان ٿيندي جهڏي شهر ويجهو تعلقي ڊگهڙي ۾ ٻرڙائو ڪوٽ، سيلهور، ڳونيرو، گُگهه موري ۽ چرواڻ تائين هئي.
    اهي مٽيارين مان لڏي آيل سيد ڪافي وقت ڏاڏاھه ۾ گڏ رهڻ بعد آهستي آهستي پنهنجين زمينن سانگي لڏيندا ويا، پوءِ جنهن ڳوٺ ۾ وڃي سڪونت اختيار ڪيائون، انهيءَ ڳوٺ جي نالي سان سڏجڻ ۽ سڃاپجڻ لڳا، مثال طور: سيلهور وارا سيد، ڪاماري وارا سيد، بڪيرن وارا سيد، ننڌن وارا سيد، ڏيٿن منگواڻن وارا سيد، ڳونيري وارا سيد، باقي جيڪي ڏاڏاھه ۾ رهيا سي ڏاڏاھه وارا سيد... لفظ ’ڏاڏاهي‘ مون 1953ع ۾ شاعري ڪرڻ سان سڏايو. حالانڪ آئون مٽياري، مطعلوي يا ڪاظمي وغيره به سڏائي سگهيس پئي، پر مون پنهنجي مائٽاڻي ماڳ کي ترجيح ڏيئي پنهنجي نالي پويان ڏاڏاهي شامل ڪري ڇڏيو، پوءِ ڪلامن\ شعرن ۾ ڪٿي مرتضيٰ ته ڪٿي ’ڏاڏاهي‘ استعمال ڪيم ۽ ڪندو پيو اچان، مذڪوره ڳوٺ جو نالو ته مشهور ٿي ويو، هن وقت اتي سيدن جو رڳو هڪڙو گهر آهي، ٻيو مڙيئي خير !!
    هينئر رات جا ٻه وڳا آهن ٽنڊي الهيار جي اُنڙ پاڙي ۾ منهنجي غريبخاني جي ڀر ۾ شادي آهي ۽ ڇني ۾ ڪا ڳائڻي ڪلام ڳائي رهي آهي، جنهن جو آواز صاف ٻڌڻ ۾ پيو اچي، ان ڪري مون کي به ننڍپڻ ۽ جوانيءَ واري زماني جون موسيقيءَ جون محفلون ياد اچي رهيون آهن، اسين ٻهراڙيءَ ۾ رهندا هئاسين، تڏهن کير ۾ پاڻي ڪونه ملائبو هو، مکڻ ۽ سچو گيهه کائبو هو، بناسپتي گيهه جنهن کي کوپرو چوندا هئا، اهو اتفاق سان ڪنهن شادي مراديءَ ۾ واپرائبو هو. ته به اوڙي پاڙي ۾ ڪاڄ وارن جي گِلا ٿي پوندي هئي ته گيهه بدران ڪنجوسپائي ڪري ڀت ۾ کوپرو وڌو اٿن، جنهن ڪري گلو ئي خراب ٿي پيو آهي. ’امرتا‘ جا پڙهندڙ دوستو، ڀائرو، ڀينرو ۽ بزرگو، آئون هي جيڪي يادگيريون لکي رهيو آهيان، سي پنجاھه کن سال پراڻيون آهن، يعني 1952-53ع ۽ ان کان پوءِ جون آهن، متان اوهين سمجهو ته منهنجي عمر ڪا سئو سوا سال آهي، سو ائين ناهي، آئون 1939ع جي نومبر مهيني ۾ پيدا ٿيس، ان حساب سان منهنجي عمر هن وقت 62 سال آهي ۽ الله سائينءَ جو شڪر آهي جو حافظو مڙيئي چڱو اٿم. تنهن ڪري دماغ جي ڪمپيوٽر ۾ فيڊ ٿيل ڳالهيون هوريان هوريان اسڪرين تي پيون اچن، سو ڳالهه پئي ڪئيسين شادين مرادين جي ته انهن ڏينهن ۾ شادين، طهرن، ميڙن ۽ ٻين خوشيءَ جي محفلن ۾ ڳائڻا، ڳائڻيون ۽ ناچُو ڇوڪرا پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا هئا، تڏهن لائوڊ اسپيڪر ۽ ايڪو سائونڊ جو رواج ڪونه هو، تنهن ڪري فنڪارن کي سڄو ڪم پنهنجي آواز کان وٺڻو پوندو هو، مون اهڙا ڳائڻا ۽ ڳائڻيون روبرو ٻڌا ۽ ٻڌيون جن جو مڌر ۽ بلند آواز ماڪ ڀنل راتين جي خاموشيءَ ۾ ميلن تائين ٻڌڻ ۾ ايندو هو، جڏهن ته هينئر ڀلي ڪنهن ڳائڻي جو آواز سندس سازندا به مشڪل سان ٻڌندا هجن پر ايڪو سائونڊ ۽ لائوڊ اسپيڪرن وسيلي الائجي ڪيترن ميلن تائين ٻڌڻ ۾ پيو ايندو آهي، ان زماني ۾ اسان واري پاسي عثمان ڪڇي، مراد فقير، مائي الهه وسائي، سيد قاسم علي شاھ، اسحاق ڪارو مڱڻهار، سيد سليمان شاھ، مصري ڀيل، علو درس، ڏوڏو شيدي ۽ ٻيا ڪيترائي ڳائڻا مشهور ۽ مقبول هئا، جن مان اسحاق ڪارو مڱڻهار ۽ مائي الهه وسائي حال حيات آهن، الله کين صحت ۽ وڏي حياتي بخشي.
    هر دور وانگر اُن دور ۾ به حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جي شاعري ته ننڍي وڏي، پوڙهي پڪي جي زبان تي هئي، ليڪن ان کان سواءِ اسان جي تر جي شاعرن ۾ مولوي حاجي احمد ملاح جو وڏو نالو ۽ شهرت هئي. سندس ڪلام هر فنڪار کي ياد هوندو هو، مولوي احمد ملاح جو ڪلام:
    • قلب ۾ ڪُنڍڙين اکين جي ڪور ڪوران پئي پوي...
    جلوي تنهنجي کان جسم ۾ جهور جهوران پئي پوي...
    يا وري
    دوستَ تنهنجي دوستيءَ جو داستانو ٻيءَ طرح،
    ڪَئين ديوانا ديس ۾ تنهنجو ديوانو ٻيءَ طرح.
    ۽
    مرحبا محبوب منهنجا تو مٿان سر گهوريان،
    گس گهٽيون ڇايان گلن سان، گنج گوهر گهوريان.
    ڏاڍا مقبول هئا، مولوي صاحب جا ڪلام ماڻهو فرمائشون ڪري ڳائڻن کان ڳارائيندا هئا، انهيءَ کان علاوه ٻين شاعرن ۾ سيد عباس علي شاھ، شاهنواز شائق،حاجي مراد چانڊيو، سيد محسن شاھه ماتليءَ وارو، ميرو گوپانگ، يوسف شورو، صالح خاصخيلي، وينجهر ۽ فتح علي حليم لغاري مشهور هئا، مون به شاعري ان زماني ۾ ئي شروع ڪئي، پر آئون عمر ۾ مذڪوره شاعرن کان ننڍو هوس، هڪڙي ڳالهه ٻڌائي ڇڏيان ته آئون ڊائري هر سال وٺندو ضرور آهيان، ليڪن لکندو ڪجهه به ناهيان ۽ خالي ئي پئي هوندي آهي تيستائين وري نئون سال اچي ويندو آهي، هي ڳالهيون جيڪي لکي رهيو آهيان اهي ياداشت جي سهاري آهن، تنهن ڪري انهن ۾ ٿوري گهڻي ڀُل چُڪ به ٿي سگهي ٿي. منهنجو پهريون ڪلام اسحاق ڪاري مڱڻهار 1953ع ۾ ڏيئي شهر ۾ جمالين جي شاديءَ ۾ ڳايو، ان مهل ڇني ۾ (موسيقيءَ جي محفل۾) ٻين معتبر ۽ معزز ماڻهن سان گڏ منهنجو والد صاحب به ويٺل هو، ڪاري مڱڻهار ڪلام ڳائڻ کان پهرين مون ڏانهن اشارو ڪري منهنجو نالو ورتو ته سمورا موجود ماڻهو مون ڏانهن ڏسڻ لڳا، ڇو جو ان زماني ۾ شاعر ٿورا هوندا هئا، هيترا ڪونه هئا، جيترا هن وقت آهن ۽ ڪنهن خاندان ۾ ، شهر يا ڳوٺ ۾ شاعر جو پيدا ٿيڻ اعزاز سمجهيو ويندو هو ۽ شاعر به معياري شاعري ڪندا هئا، ان وقت منهنجي عمر 14 سال هئي، مون کي ياد آهي ته بابا کي منهنجي شاعري ڪرڻ تي ڏاڍي خوشي ٿي هئي.
    ذڪر شاعرن جو، فن ۽ فنڪارن جو پيو هلي ته هلندڙ مهيني جون جي 22 تاريخ سنڌ جي وڏي سُريلي ۽ منفرد فنڪار ڍول فقير جي وفات جي تاريخ آهي، نهايت ئي سادي ۽ سٻاجهڙي ڍول فقير جو نالو اسان جي لوڪ فنڪارن جي لسٽ ۾ سرِفهرست آهي، ڍول فقير ۽ منهنجو گهر ساڳئي پاڙي بلڪ ٻه گهٽيون ڇڏي ٽين گهٽيءَ ۾ هئڻ ڪري اسان جي ملاقات روز، ٻئي ڏينهن پئي ٿيندي هئي، وفات کان ڪجهه ڏينهن اڳ ڍول فقير سان ڪچهري ان وقت جي اسسٽنٽ ڪمشنر ٽنڊو الهيار محمد عثمان منگي جي بنگلي جي لان ۾ رات جو ٿي ۽ منگي صاحب جي فرمائش تي فقير صاحب چار پنج ڪلام ڍولڪ وغيره کان سواءِ يڪتاري تي ڳائي ٻڌايا، جن ۾ منهنجو ڪلام ’پرديسين جا پيار، دم دم دلڙي ياد ڪري ٿي‘ به شامل هو. اسان وٽ ڪيترائي اديب، شاعر ۽ فنڪار پنهنجو وارو وڄائي ويا ۽ پويان وڏيون ملڪيتون جائدادون ۽ پڙهيل لکيل پهلوان پٽ به ڇڏي ويا، پر افسوس جو انهن مان اڪثر پنهنجن مائٽن کي ڪڏهن ياد به ڪونه ڪيو!! جس هجي ڍول فقير جي صالح سپوٽ پُٽ فقير محمد ڍول کي جنهن سندس والد کي هرگز نه وساريو آهي، جڏهن ته وٽس نه بنگلو، نه باغ باغيچو نه موٽر ڪار ۽ نه ئي ڪا مالي ملڪيت آهي، پوءِ به سال ٻي سال فقير جي ورسي ملهائي، سندس نالي تي ’ڍول فقير فائونڊيشن‘ قائم ڪري ڪتابَ، رسالا ۽ ميگزين ڇپائي ’ڍول فقير ايوارڊ‘ ڏيئي وس آهر پاڻ ملهائي رهيو آهي. الله سائين کيس نيڪ مقصدن ۾ ڪامياب ڪري ۽ ڍول فقير کي جنت الفردوس عطا ڪري.(آمين)
    مٿي مضمون ۾ جن شاعرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، تن مان سائين عباس علي شاھه صاحب حيات آهي، پاڻ گذريل ٽن چئن مهينن ۾ مهرباني فرمائي نئين ڪوٽ لڳ سندس ڳوٺان ٻه ٽي ڀيرا مون کي فون ڪيا اٿن ۽ اچڻ جي دعوت ڏني اٿس، ليڪن آئون سُستي سبب وڃي نه سگهيو آهيان، ’امرتا‘ جا پڙهندڙ مهرباني ڪري نوٽ ڪري ڇڏيو ته ’امرتا‘ جي ڪنهن پرچي ۾ ڪهنه مشق شاعر سيد عباس علي شاهه ۽ سُريلي سينئر فنڪار اسحاق ڪاري مڱڻهار سان ڪيل قرب وارين ڪچهرين جو تفصيل سان ذڪر ڪبو، جيڪڏهن مون کي ڳالهه وسري وڃي ته ياد ڏيارجو.

    [ڇپيل: ’امرتا‘ جون 2002ع]


    ڳالهه مختصر

    ڳالهه مختصر ته عاشقن ۽ شاعرن جون دليون چوري ٿينديون رهيون آهن، صدين کان اهڙين چورين جو سلسلو هلندو پيو اچي، ڍڳا، ڍور، اٺ، گهوڙا، رڍون، ٻڪريون، مينهون، ڳئون، ويندي ڪڪڙيون به چوري ٿينديون آيون آهن. انهن مان ذڪر ڪيل جانور ته سفارشن تي لڳ لاڳاپي تي، ڀُنگ تي يا پوليس ذريعي سڀ نه ته به ڪجهه واپس ڌڻين کي ملي ويندا، ليڪن دل هڪ ڀيرو چوري ٿي ته وري واپس ملڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي ڳالهه مختصر ته گهٽ ۾ گهٽ منهنجي اڌ صديءَ جي ياداشت ۾ اهڙو ڪو به مثال نه ٿيو آهي ته ڪنهن جي نازڪ دل ڪنهن حسين مهجبين چور کان واپس وري هجي.
    خير اها ته هئي مختصر معلومات يا خلاصو. مختصر لفظ تي ياد آيو ته منهنجي هڪڙي دوست زاهد جو هڪڙو دوست آهي. جيڪو هر ڳالهه ڪرڻ کان اڳ ۾ چوندو آهي ته ’ڳالهه مختصر‘ ۽ پوءِ زاهد چواڻي ته اها مختصر ڳالهه ڪلاڪ کان ٽي ڪلاڪن تائين به هلندي آهي ۽ انهي وچ ۾ گهٽ ۾ گهٽ همراھه پنجاهه کن دفعا چوندو آهي ته ڳالهه مختصر سو آئون به چوان ٿو ڳالهه مختصر ته مون کي اول اهو اعتراض آهي ته عاشقن ۽ شاعرن وٽ ويچاري دل ته چند ڏينهن مهمان هوندي آهي هو ته پهرين ئي تِيرِ نظر جا گهايل ٿيڻ شرط دل ڏيئي ڇڏيندا آهن ته پوءِ حسينن تي چوريءَ جو الزام ڇو ٿا هڻن، هڪڙي فلم جو گانو آهي ته ’دلبرا لڪين ڇو ٿو، ڄاڻان ٿي مان، تون ئي آهين چورچور چور، منهنجي دل جو چور‘ وري اڃان وڏو بهتان به ٻڌو ته عاشق رڳو معشوقن کي چور نه پر ڦورو به چون ٿا، جيئن ’منهنجي دل ڦري دلبر ويو’ يا ’کسي دلدار ويو دلڙي‘ وغيره ڳالهه مختصر ته ذڪر ڪيل چوريءَ جي وارداتن کان سواءِ هڪ ٻي قسم جي چوري به ورهين کان وٺي ٿي رهي آهي جنهن جو پير کر ته لڀي سگهي ٿو، پر ان چور خلاف جوڳي ڪاروائي ڪير به ڪونه ٿو ڪري ! اها آهي ادبي چوري ... ڪا نئين ڳالهه يا عجيب انڪشاف ڪونه پيو ڪريان، ادب سان لاڳاپيل دوست ان کان اڳيئي آگاھه آهن، پر چند مهينن کان ’امرتا‘ ۾ اهڙي چوريءَ بابت دانهون ڪوڪون ٿيڻ لڳيون آهن. خاص ڪري گذريل نومبر واري ڪڙي ۾ اهڙا خط ڇپيا آهن، جن ۾ اهڙن ادبي چورن جي نشاندهي ڪندي ’امرتا‘ جي انتظاميا کان مؤثر ڪاروائي ڪرڻ ۽ آئينده ادبي چوري جي روڪٿام لاءِ قدم کڻڻ جو گهرون شامل آهن. پهرين ڳالهه ته ’امرتا‘ کي اهڙي چوري ۽ چور بابت پڪا پختا ثبوت وٺڻ کپن، رڳو الزامن تي ڪاروائي ڪرڻ مناسب ڪانهي پوءِ جنهن تي الزام لڳايو ويو آهي، ان کي به صفائي ۽ بچاءُ جو موقعو ملڻ گهرجي، ان بعد ئي ڪاروائي ڪرڻ جڳائي ٿي، وڌيڪ ادبي ملڪيت جا مالڪ، چور ۽ امرتا جي انتظاميا ڄاڻي ۽ سندن ڪم ڄاڻي پنهنجو ڇا وڃي ؟
    ڳالهه مختصر ته بڪيرا شريف تعلقي ٽنڊي الهيار ۾ درجن کن درگاهون آهن، انهن درگاهن مان هڪ درگاھه جا ٻه عدد فقير رات جو سانجهي ٽاڻي شهر ۾ نڪرندا هئا ۽ نهايت ئي سريلي آواز ۾ هر گهر جي اڳيان صدا هڻندا هئا ’وسي خير بابا، ٻه فقير ٽِي دعا‘ انهن جون صدائون اڄ کان چاليهارو سال اڳ مون پاڻ پنهنجن ڪَنن سان ٻُڌيون ۽ پوءِ هر گهر مان کين خير ملندو هو، هاڻي ته الائجي اهي فقير ۽ سندن سريليون صدائون آهن يا نه ؟ تنهن کان سواءِ هاڻي ته فقير صدائون هڻن ئي ڪونه ٿا ڪال بيل وڄائي يا در کڙڪائي خيرات ٿا وٺن ! سو ڳالهه مختصر ’امرتا‘ جي انتظاميا ۾ ٻه فقير (فقير محمد ڍول ۽ فقير محمد انڙ) آهن باقي ٽيون آئون آهيان !
    ڳالهه مختصر ته ڪالم ٻالم لکڻ اچي ڪونه پر مٿين ٻنهي پيارن همراھن جي دل رکڻ لاءِ مڙيو ٻه چار ضروري غير ضروري ڳالهيون گهڙي وٺندو آهيان تازو ئي ’ٻه فقير ٽي دعا‘ (اسين ٽيئي ڄڻا) اڌڙوٽ شاعر ڊاڪٽر عزيز ناز دائودپوٽي جي ڪيلنڪ تي ويٺا هئاسون (اڌڙوٽ انهي ڪري جو پاڻ نه نوجوان شاعر آهي ۽ نه ئي وري جُهور پوڙهو) ڊاڪٽر به ماڻهن جو آهي، جانورن جو نه، ته پاڻ سندس هڪ غزل اسان کي ڏيکاريائين جيڪو 28 سپٽمبر 1975ع جو لکيل هو ۽ سندس چوڻ موجب ته ان جي اصلاح مون (راقم) شام جو 5 وڳي مهراڻ ايڪسپريس ۾ ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن تي ڪئي هئي، جڏهن عزيز ناز، ايل ايم سي (هاڻي ايل ايم يو) ۾ ايم بي بي ايس جو اسٽوڊنٽ هو، تڏهن پاڻ شاعري زور شور سان ڪندو هو، پوءِ وري ويهه پنجويهه سال گم سم رهيو ۽ هاڻي ’امرتا‘ جي اجراءَ سان عزيز ناز جي شاعري به اجري نکري ۽ پڌري ٿي پئي آهي .ڳالهه مختصر ته هِن منهنجي لکڻيءَ کي نثر جي ڪهڙي صنف چئجي جو هي مضمون، نه افسانو، نه ڊرامو، نه تاثر نه ڪالم ۽ نه ئي ڪهاڻي آهي، تنهن ڪري مون ان کي صنف ’ڊيگهه‘ لکيو آهي ڳالهه مختصر ته هيءُ ’ڊيگهه‘ ڪنهن کي وڻي ته به وهه واهه، جي نه وڻي ته به وهه و ا... آخر ۾ آئون هن ڊيگهه بابت ٻن نالي وارن شاعرن ۽ نثر نويسن نصير مرزا صاحب ۽ ڪوثر ٻرڙي صاحب کي عرض ڪندس ته مهرباني ڪري مون کي ٻڌائين ته هن نثري تحرير، صنف، قسم يا اسم کي ڪهڙو نالو ڏجي ؟ ته آئون ايندڙ مهيني اهو نالو لکان! جيڪڏهن ٻنهي صاحبن ڄاڻ نه ڏني ته پوءِ آئون ’ڊيگهه‘ ئي لکندو رهندس، هاڻي ڳالهه کي سچ پچ مختصر ڪندي موڪلايون ٿا.

    [ڇپيل: ’امرتا‘ ڊسمبر 2002ع]


    وتائي فقير جو خط

    مانوارا ڏاڏاهي صاحب !
    احوال عرض ته: هت سڀ خير آهي، اميد ته تون به سنگت ساٿ سميت خوش هوندين.
    خط ته گهڻو اڳ لکڻ پئي گهريم پر واندڪائي نه هئڻ سبب دير ٿي آهي. واندڪائي ڇو نه آهي ؟ تنهن لاءِ ٻُڌائڻ ضروري ٿو سمجهان ته هتي به گامون سچار، پيراڻو ڀنڀرو، عليم درس ۽ ٻيا کوڙ سارا يار آهن اهي هفتي ٻي ڪانه ڪا محفل مچائي وجهندا آهن. جنهن ۾ انيڪ، اديب، شاعر، سگهڙ صحافي فنڪار توڙي باذوق ٻڌڻ سُڻڻ وارا اچي شريڪ ٿيندا آهن ۽ مون کي به سڏائيندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته مون کان مذڪوره ميڙاڪن جي صدارت به ڪرائيندا آهن ته ڪڏهن خاص مهمان بڻجي ويندو آهيان. مون وارن ٽوٽڪن تي اتان وانگر هتي به همراھه ڏاڍو کِلندا ۽ خوش ٿيندا آهن. ٻي ڳالهه ته اتي جيئن هتي هروڀرو سٺن ڪپڙن لٽن جي به ضرورت ناهي، جو آيو سو اگهيو. شاعرن ۽ فنڪارن ۾ گروپ بندي به ڪانهي، حسد ۽ ريس جو نالو ئي ڪونهي.
    اتان کان ڪو سنگتي ساٿي ايندو آهي ته يارن پيارن جا حال احوال وٺندو آهيان ٻه ٽي سال اڳ يار محمد لغاري اچي تنهنجا سلام ڏنا ۽ وري ڪجهه ئي ڏينهن پوءِ بيزار نظاماڻي به اچي تنهنجي پيار جو اظهار ڪيو. ياد ڪرڻ جي لاءِ ٿورائتو آهيان. پر وساريو اوهان سڀني کي مون به ناهي.1985ع ۾ انهي وقت ٽنڊي الهيار جي وڏي آفيسر عبدالقادر منگي منهنجي نالي تي ’وتايو فقير سيمينار‘ ڪرايو هو. ان ۾ آئون به آيو هوس ۽ پنڊال جي آس پاس پئي ڦريس پر مون کي ڪنهن کنگهيو ئي ڪونه ... پوءِ به محفل جي مزي وٺڻ جي لاءِ اچي پنڊال جو پاسو ورتم ۽ هرين هرين اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪيم ته دروازي تي بيٺل ڪرڙ ڪوٽار مون ڏانهن ڪرڙين اکين سان ڏسندي هڪل ڪئي ته فقير ڪيڏانهن ٿو وڃين، هٽي پري ٿي ڏسين ڪونه ٿو وڏا ماڻهو ۽ ڪامورا پيا اچن. مون چيو ته ابا آئون به مڙئي انهن عقل جي اڪابرن جا ٻه ٻول ٻڌڻ ٿو چاهيان اسان جي انهيءَ هُل تي تر جو تپيدار اچي ويو تنهن تڙيون ڏيندي مون کي تريون هڻي تڙي ڪڍيو. مون گهڻو ئي چيو ته مون کي منهنجن يارن مرتضيٰ ڏاڏاهي ۽ سليم بچاڻيءَ سان ملايو، اهي مون کي اندر وٺي ويندا پر هنن منهنجي هڪ به نه ٻڌي ۽ چيائون ته اهي ٻئي اندر وڏن ماڻهن ۽ ڪامورن جي خوشامد (آجيان) ۾ لڳا پيا آهن. سي تو فقير سان ڪيئن اچي ملندا، خيال آيم ته واقفيت ڪرايان ته آئون وتايو آهيان ۽ هي سڄو مانڊاڻ مون تي متل آهي. پر سوچيم ته هي همراھه ويساھه ئي ڪونه ڪندا، تنهن ڪري ماٺڙي ڪري وڃي پنڊال جي پُٺ ورتم، تقريرون ٿيون مون کي واکاڻي واکاڻي الائجي ڪٿان کان ڪٿي وڃي پهچايائون. اتي اچي ماني جي مهل ٿي پريان بنگلي جي ڀر ۾ چَرَ تان رڌل پڪل ۽ تريل طعامن جي خوشبوءِ پئي آئي بک به اچي ورايو، تقريرن کان پوءِ جڏهن اندر ويٺل عقل جا اڪابر وڏا ماڻهو، ڪامورا ۽ ڪي کيسن خالي کُٽل پر ڪپڙين لٽين ٺهيل ماني واري طرف روانا ٿيا ته مون به وڃي پاسو ورتو، ٿورو ئي اڳيان وڌيس ته ماني واري جاءِ اڳيان در تي بيٺل پوليس وارن تي نظر پيم، جن اڇن ڪپڙن وارن کي اندر پي اماڻيو ۽ مون پارن کي ڌڪا ۽ دڙڪا ڏيئي پئي ڀڄايو، مون کي هڪدم اهو ڏينهن ياد اچي ويو. جنهن ڏينهن نصرپور کان شاهه پور درپور ويندي رستي ۾ مون کي هڪڙي پوليس جمعدار سندس گهوڙيءَ جو تازو ڄاول ڦر کڻايو هو ۽ منهنجي آهستي آهستي هلڻ تي ٻه ٽي ڏنڊيون به وهائي ڪڍيون هيون، سو ٻيلي مون رکيو پيرن تي زور ۽ مُٺيون ڀيڙي وٺي ڀڳس، پر پوءِ به جَسُ هجي عبدالقادر منگيءَ کي جنهن مون کي ياد ڪيو، نه ته:
    دک درد ڀري هن دنيا ۾، ير ڪير ٿو ڪنهن کي ياد ڪري،
    ڪو، ڪونه ٿو ڪنهن جي لاءِ جيئي، ڪو ڪونه ٿو ڪنهن جي ڪاڻ مري.
    ٽنڊي الهيار ۾ منهنجي نالي تي قائم ڪيل ’وتايو فقير لائبريري‘ ۾ ڪڏهن ڪڏهن چمڙاپوش ڪري ايندو آهيان، ڏاڍو عجب لڳندو اٿم ۽ خوشي به ٿيندي اٿم ته لائبريري 18 سالن کان لاڳيتو هلي پئي، هڪڙي راز جي ڳالهه ٿو ٻڌايان ته عام ماڻهو ته ٺهيو پر عقل جا اڪابر به مون کي صدين کان وٺي اڻ پڙهيل چوندا اچن، جڏهن ته آئون لکيل پڙهيل ماڻهو آهيان، پرائمري تعليم نصرپور مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ ميٽرڪ مٽيارين مان ڪيم ۽ ڪڏهن ڪڏهن ’سائين موٽر‘ کان پيادل پنڌ ڪري اچي سبق وٺندو هوس، تنهن ڪري مون کي خوامخواهه اڻ پڙهيل نه ڪوٺيو وڃي، ٻيو ته مون کي ماڻهو پوڙهو جُهور ٿا سمجهن، پر ائين نه آهي آئون هينئر به اڌڙوٽ آهيان.
    تون پنهنجا شاعري وارا ڪتاب جيڪي ايڏانهن ته هونئن ئي ڪير ڪونه ٿو وٺي نه ڪو پڙهي، سو جيڪڏهن اتان ڪو همراهه هيڏانهن ترت اچڻ جي تيارين ۾ هجي ته ان هٿ ڏياري موڪل، پاڻ هاسيڪار کڻي اچڻ جي ڪوشش نه ڪجان، ڇو جو هتي اچي پوءِ واپس ورڻ ڪنهن جي وس ۾ ئي ڪونهي.
    ماڻڪ موتي واري ’منگيءَ‘ تي ميار آهي، جو ڀتين تان ڀَتُ اُڇليندو وتي پر مون کي ڪڏهن ڀُلجي به ياد نه ڪيائين، مون واري لائبريريءَ ۾ تازو ئي چمڙاپوش ڪري آيس، 18 سالن کان پوءِ نيون ڪرسيون ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي، دير سان ئي سهي پر ٻيلي سار سنڀار لهڻ وارا اڃان آهن ضرور.
    ’امرتا‘ وارن ٻنهي فقيرن کي چئجئين هر مهيني تي هڪڙو پرچو ته لائبريري کي ڏيو آئون به فقير آهيان، فقيرن جي رسالي تي فقير جو ايترو به حق ناهي ڇا؟ وڌيڪ سندن مرضي، آئون به اڳ جهليو ويٺو آهيان، اوير يا سوير پر سڀني کي اچڻو اوس هن پاسي آهي.
    چڱو هاڻي پيراڻو پيو اچي، تنهن ڪري في الحال موڪلايون ٿا، وڌيڪ خبرون چارون، اوهان جي جوابي خط کان پوءِ، ٻي خط ۾ ڪنداسين.

    [ڇپيل: ’امرتا‘ فيبروري 2003ع]


    خوش فهمي

    وتائي فقير جي خط جو جواب سندس حڪم موجب جلد لکي ورتم. پر ڏاڍي پريشاني تڏهن ٿي. جڏهن ڪوبه قاصد نه مليو. جيڪو هٿو هٿ وڃي پُرزو پڄائي. ٿيو هيئن ته خط لکي آس پاس ڪوهه ڏيڍ جي اندر پڇائون ڪيم ته ڪو وڃڻ وارو آهي؟ پر ڪٿان به اها ورندي نه ملي. جن جي حالت واقعي وڃڻ واري هئي، سي به هن رنگ برنگي ۽ خوبصورت دنيا مان وڃڻ لاءِ تيار نه هئا. سڀني کان انڪاري جواب ٻڌي، لاچار شاعرن ۽ عاشقن جي پيروي ڪندي ڪانگ ۽ ڪبوتر ڳولڻ لڳس، هفتي جي جهدوجهد کان پوءِ وري به هڪ قبرستان جي قُبي ۾ ڪبوتر کي وڃي قابو ڪيم ۽ خط کي اڳڙيءَ ۾ مضبوط ڏور/ويڙهي ڪبوتر جي ڳچيءَ ۾ ٻڌي اڏاري ڇڏيومانس، هاڻي من خط فقير تائين پهچي. اڃان ڪابه موٽ ڪانه ملي آهي، جڏهن به وتائي فقير جو نوازش نامو نازل ٿيو ته پيرائتو پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪندس. في الحال پنهنجي خوش فهمي بابت احوال ٿو اوريان.
    ويهارو سال اڳ هڪ پڙهيل لکيل ماڻهو جو ڪنهن ڪاموري ۾ ڪم پئجي ويو ۽ بدقسمتيءَ سان اهو ڪامورو منهنجو دوست هو، همراهه کي خبر پئجي ويئي سو اچي مون وٽ پهتو، پهريائين منهنجي شاعري جي بيحد گهڻي واکاڻ ڪندي هڪ ٻن ڪلامن جا حوالا ڏيندي چيائين ته اوهان جي انهن ڪلامن جي ڌوم متل آهي ۽ سچ پچ ته جن فنڪارن اهي ڪلام ڳايا آهن، انهن جي مقبوليت جي ڪارڻ ئي اهي ڪلام آهن، ورنه مذڪوره فنڪارن جا ٻيا ڪلام ڪنهن پاسي ڪونه آهن وغيره. ان کان پوءِ مون کي اچي خوش فهمي ٿيڻ لڳي ته واقعي آئون ته وڏو شاعر آهيان، سو ٻه ٽي مهينا ڪاٽن جا ڪلف وارا ڪپڙا پائي سيٽجي بلڪه آڪڙجي هلڻ لڳس، پر ڪنهن لفٽ ئي ڪانه ڪرائي. شڪر جو جلدئي احساس ٿيم ته هُن همراهه رڳو ڪم ڪڍڻ لاءِ ڪوڙي ساراھه ڪري، مون کي خوش فهميءَ ۾ مبتلا ڪرڻ ٿي چاهيو. سو ٻيلي ڪنهن اجائي تعريف ڪرڻ تي متان ڀلجو متان مٿو نه وڃيوَ.
    وري سائين ڏهاڪو سال ٿيندا جو ان وقت جي اسسٽنٽ ڪمشنر شهدادپور ۽ هاڻ سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم جي سرپرستِ اعليٰ محمد عثمان منگيءَ هڪ شاندار تقريب جو اهتمام ڪيو، ان ۾ عنايت بلوچ صاحب، نصير مرزا صاحب، ڪوثر ٻرڙو صاحب، راقم ۽ ٻيا ڪيترائي اديب، شاعر، فنڪار سگهڙ ۽ صحافي موجود هئا. آئون ۽ نصير مرزا گڏ ويٺا هئاسين ۽ مون ائين ئي کڻي چيو ته نصير صاحب هاڻي ته وار به کسي رهيا آهن ۽ گنج پئي نظر اچي ته پاڻ هڪدم چيائين ته ڏاڏاهي صاحب انهيءَ سان ته سچ پچ اوهان جي شخصيت پروقار ٿي لڳي؟ سائين منهنجا نصير مرزا جهڙي اديب، شاعر، ڪمپيئر ۽ براڊ ڪاسٽر واتان اهي اکر ٻڌي وري ٻيهر خوش فهمي ۾ مورڳو لوهه ٿي ويس ۽ وارن ۾ جيڪو ڪڏهن ڪڏهن تيل پائيندو هوس يا وارن جي نه کُسڻ جو ڏس پتو ڪندو هوس، سو به ڇڏي ڏنم ته ڀلي وار کُسن جيئن اڃان به وڌيڪ پروقار شخصيت لڳان. ڇو ته نصير صاحب جي ڳالهه تي مون کي انهي ڪري به ڀروسو آهي. جو سندس مون ۾ ڪوبه ڪم ڪونهي، جو منهنجي خوشامد ڪري، بلڪه منهنجا ڪم منجهنس پوندا رهندا آهن. خير سائين ائين ڏھه سال اک ڇنڀ ۾ گذري ويا ۽ هڪ ڏينهن صبح جو آرسيءَ ۾ پنهنجو منهن چتائي ڏسڻ سان شڪ پيم بلڪه پڪ ٿيم ته يار هاڻي پاڻ کي پروقار سمجهڻ خوش فهمي به نه پر غلط فهمي آهي! ٻي ڏينهن حيدرآباد وڃڻ ٿيو معمول مطابق ريڊيو پاڪستان تي وڃي نڪتس، ريڊيو وارا مون کي ڏاڍو ڀائيندا آهن. چاليهن سالن کان وٺي مون به ڀيرو نه ڀڳو آهي. هيءَ ڳالهه ڊسمبر 2002ع جي پهرئين هفتي جي آهي. پروڊيوسر گل حسن قريشي صاحب جي ڪمري/ آفيس مهندان لانگهائو ٿيس ساڻس سلام ڪلام ٿي ويو (نوٽ: اهو ڪلام ڳائڻ وارو نه ڳالهائڻ وارو سمجهيو وڃي) پاڻ هميشه جيان نهايت ئي سنجيدگي سان ليڪن مرڪندي ويهڻ لاءِ چيائين، آئون به ٺهي جڙي ڪرسيءَ تي واندن وانگر ويهي رهيس. منهنجو ڳوٺائي ۽ باصلاحيت انائونسر/ڪمپيئر خادم حسين بلوچ به موجود هو. چانهه اچي ويئي آئون چانهه تڪڙي ۽ ڪوسي نه پيئندو آهيان، خير ائين ڳالهين ئي ڳالهين ۾ گل حسن قريشي صاحب چيو، ”ڏاڏاهي صاحب ماشاءَ الله اوهين ته اڃان به جوان لڳا پيا آهيو!“
    سچ پچ ته مون کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ مون چيو، ”قريشي صاحب آئون اڃان جوان آهيان!“
    چيائين، ”ها! آئون 1974ع ۾ جڏهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي آيو هوس تڏهن به اوهان اهڙا ئي هئا جهڙا اڄ آهيو.“
    سائين منهنجا اهي جُملا ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيس ۽ ڪرسيءَ تي جيڪا ٽيڪ ڏيو ويٺو هوس، سا ڇڏي سڌو سنئون ٿي ويٺس ۽ جوانن وانگر ڳالهائڻ لڳس، هاڻي وري خوش فهمي ۾ مبتلا آهيان ته ٻيلي هروڀرو هينئون لاهي ويهي رهيو هوس، آئون ته اڃان جوان آهيان! اڃان به وري بنهه تازو عجيب احوال ٻُڌو، گذريل جنوري جي ٽيهين تاريخ ٽپهريءَ مهل ٽنڊي الهيار جي ٽيشڻ تي هڪ پراڻي پيار ڪندڙ پرستار خاتون ملي ويئي، ڳچ عرصي کان پوءِ ائين اوچتي ملاقات تي في الحال ته ٻئي روئڻهارڪا ٿي وياسين! ريل گاڏي اچڻ ۾ ڪجهه دير هئي. اسين هڪ ٻئي سان ڳالهائيندي ماضيءَ جي يادن ۾ گم ٿي وياسين (ضروري نوٽ: اسان جي ائين پليٽ فارم تي پڌري پٽ بيهي ڳالهائڻ تي، اتي بيٺل ماڻهو ان ڪري ڪوبه ڌيان ڪونه ڏيئي رهيا هئا جو سڀئي مون کي ڄاڻن سڃاڻن ٿا ته آئون رڳو خوش فهميءَ جو شڪار آهيان ۽ مون منجهان ڪنهن کي به خوف خطرو ناهي) پر جلدئي پاڻ سنڀالي پنهنجن مهانڊن کي مرڪڻ تي مجبور ڪرڻ لڳاسين! پاڻ ٿورو مرڪندي چيائين ته، آئون خوامخواھه توکي وساري ويٺي هيس، تون ته اڃان جوانن کان جوان پيو لڳين! هڪ خوبصورت خاتون جي لال لبن مان اهي ماکيءَ کان مٺا لفظ ٻُڌي دماغ کي چڪر اچڻ لڳا ۽ ذري گهٽ ڪِرڻ کان بچندي چيم، ”سچ!“
    چيائين، ”ها سئو سيڪڙو سچ.“ ايتري ۾ گاڏي اچي ويئي ۽ هُوءَ مون کان ٽيليفون نمبر وٺي وڃي ٽرين ۾ چڙهي ۽ آئون حيدرآباد وڃڻ بجاءِ ورتل ٽڪيٽ کيسي ۾ کڻي، پنهنجو ئي پراڻو ڪلام:
    وري شوقين ٿيا آهيون، وري نئون نيهن لايون ٿا،
    وري ڪو عشق آفت جو، گلي ۾ هار پايون ٿا،
    اڃان پيري نه آ پهتي، اڃان جوڀن جواني آ،
    جگر پنهنجي کي جَلوَن سان، اڃان ڀي آزمايون ٿا.
    جهونگاريندو اچي گهر ڀيڙو ٿيس، پنهنجو ڪلام پاڻ انهي ڪري جهونگاريم جو ريڊيو وارا منهنجو ڪو نئون ڪلام رڪارڊ نٿا ڪن ۽ پُراڻن ڪلامن جون ٽيپون ٽُٽي ويون آهن، تنهن ڪري هاڻي آئون روزانو رات جو گهر جي اڱڻ ۾ ويهي پنهنجا ڪلام پاڻ ڳائيندو آهيان! منهنجي سُريلي آواز مان گهر ڀاتي ڪيترو خوش آهن. اها خبر اُنهن کي هوندي، باقي پڪ سان ويچارا پاڙيسري احترامن خاموش آهن. هاڻي ڪلاڪن جا ڪلاڪ پاڻ کي آرسيءَ ۾ ڏسندو ۽ سوچيندو رهان ٿو. ته ڇا! اهو سڀ ڪجهه صحيح آهي ۽ آئون واقعي اڃان جوان ۽ سمارٽ آهيان؟ بهرحال پنهنجو پاڻ ڪنهن فيصلي تي نه پهچڻ سبب، پنهنجن دوستن ڊاڪٽر پرڌان، ڊاڪٽر سليم ٿيٻي ۽ ڊاڪٽر عزيز ناز دائودپوٽي کي حقيقت حال کان واقف ڪيم، جيڪي ڊاڪٽر هجڻ سان گڏ سٺا ليکڪ به آهن. ٽنهي صاحبن، ميڊيڪل بورڊ ويهاري منهنجو مڪمل چيڪ اپ ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي ۽ ان سلسلي ۾ پنهنجون مفت خدمتون آڇيون آهن.

    [ڇپيل: ’امرتا‘ مارچ 2003ع]


    هاڻ ڇا ڪجي؟

    امرتا جي اپريل 2003ع جي ڪڙي / پرچي ۾ منهنجي ايڪونجاهه عشقن واري انوکي انڪشاف واهڻن وستين، شهرن بحرن ۽ ٿرن برن ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي، خطن جا کوڙ لڳي ويا آهن، ٽيليفونن جا ٽڙڪا ۽ ڪڙڪا شروع ٿي ويا آهن، سچي ڳالهه ڪري ڦاسجي ويو آهيان. سچ ڳالهائڻ، سچ ٻُڌڻ ۽ سچ ڳالهائڻ جي سزا سهڻ، اهي سڀئي ڏاڍا ڏکيا مرحلا آهن. خير ڳالهه پئي ڪيم خطن ۽ فونن جي، سو الائجي ڪهڙي شهر/ ڳوٺ مان هڪ محترمه طويل خط لکيو آهي، جنهن جو خلاصو آهي ته، جلد کان جلد ايڪونجاهه عشقن جي تفصيلي احوال جو پڪي جُلد وارو ڪتاب ڇپايو. جيئن نئين نسل جي راههِ عشق ۾ رهنمائي ٿئي، خط ۾ منهنجي ساراهه ڪندي مذڪوره ڪتاب جي ٽائيٽل تي منهنجي خوبصورت ۽ دلڪش تصوير ڏيڻ جي فرمائش پڻ ڪيل آهي.
    وري هڪ ٻي محترمه به ساڳئي ريت ڪنهن نامعلوم ماڳ تان موڪليل نوازشنامي ۾ سهڻي صلاح ڏيندي لکي ٿي ته ايڪونجاهه عشقن جو احوال متان ڇپائين! ڇو ته تون سچ لکڻ کان ڪونه مُڙندين ۽ سچ ۾ هوندو آهي مچ! تنهن ڪري نفعي بجاءِ نقصان جو وڌيڪ انديشو ۽ امڪان آهي !!
    وري سائين هڪ رات جو 12 لڳي 30 منٽن تي ٽيليفون جي گهنٽي وڳي، جيئن ته فون منهنجي سيرانديءَ کان رکيل آهي، تنهن ڪري هڪدم رسيور کنيم (ستل ڪونه هوس، جاڳيس پئي)ڇو ته عاشقن کي ننڊون نصيب ئي ڪٿي هونديون آهن! ٻيو ته ان ڏينهن محبوب سان ملڻ مزي وارو نه ٿي سگهيو هو، تنهن ڪري مزيد بي چيني ۽ بي آرامي هئي!! هيلو، ڪيم ته پريان ڪمند جي رس جهڙو مٺڙو آواز آيو ڪير؟ مون پاڻ سنڀاليندي نهايت نرم لهجي ۾ ادب سان عرض ڪيو، اوهين ڪنهن سان ڳالهائڻ ٿا چاهيو؟ چيائين: ڏاڏاهي صاحب سان! خوش ٿيندي وراڻيم ناچيز حاضرآهي، چيائين اوهان جو ڪالم ’ڊيگهه‘ پڙهيم ڏاڍو وڻيو، ڀلا ڪڏهن ٿا عشقن جو احوال لکڻ شروع ڪيو. عرض ڪيم ته جيڪڏهن اوهان جهڙين قدر ڪرڻ وارين جون اهڙيون قربائتيون فونون آڌيءَ رات جو اينديون رهيون ته ڪيئن نه ڇپائيندس!! پر مهرباني ڪري هڪڙي ڳالهه ٻڌايو ته اوهان کي منهنجو فون نمبر ڪٿان مليو ؟ چيائين بس هتان حيدرآباد مان ئي اوهان جي هڪ دوست کان ملي ويو.
    آئون سمجهي ويس ته اهو نمبر پڪ سان نصير مرزا کان ئي مليو هوندو، ڇو جو منهنجي ناقص ڄاڻ مطابق اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن جا وٽس بي شمار فون نمبر موجود ۽ محفوظ آهن ! نالو پڇيومانس چيائين ’زيبا ناز‘ چيم سچو نالو آهي يا... چيائين سئو سيڪڙو سچو آهي. ٽيليفون نمبر ان ڪري نه پڇيم جو اهو فون C.L.I. (سي.ايل.آءِ) هئڻ ڪري فيڊ ٿي ويو هو. ٻي رات ساڳئي ئي ٽائيم تي ساڍين ٻارهين وڳي مون به سندس نمبر تي فون ڪيو، مرداڻو آواز آيو، ”هَلو!“
    مون چيو، ”سائين آئون ٽنڊي الهيار مان فلاڻو ٿو ڳالهايان، مون کي زيبا ناز صاحبا سان ڳالهائڻو آهي.“
    چيائين، ”آئون سندس پيءُ آهيان ۽ اوهان کي سڃاڻان ٿو، پر زيبا ته آرام ۾ آهي (دل ۾ چيم ٻين جون ننڊون ڦٽايو، پاڻ آرام پئي ڪري)چئو ته جاڳايانس،“
    چيم، ”نه، بس صبح جو ٻڌائي ڇڏجوس.“
    اڄ منجهند مهل منهنجي ايڪٽيهين عشق جي مرڪزي ڪردار محبوبا جو فون آيو، چيائين، ”امرتا ۾ پڙهيو اٿم ته تون پنهنجا عشقيه احوال ٿو ڇپائين، انهن ۾ منهنجو ذڪر نه ڪجان! نه ته گڙٻڙ ٿي پوندي، آئون هينئر اها پندرهن سال پهرين واري الهڙ ۽ اربيلي انجم ناهيان، پر هڪ عدد معزز گهرواري ۽ پنجن ٻارن جي ماءُ آهيان، تنهن ڪري ٻيلي ڀلائي ڪري اهڙو ڪچو ڪم نه ڪجان!“
    سائين منهنجا، پيار ڪرڻ ڪو پاپ ته ناهي، عشق ڪري ٿو هر انسان. تڏهن ته سنڌ جو وڏو شاعر حضرت مخدوم طالب الموليٰ به فرمائي ٿو ته :
    عشق بنان انسان،
    جهڙو آهي، تهڙو ناهي
    واقعي! محبت ڌاران ماڻهو ڪهڙو ؟ محبت کان سواءِ دنيا ۾ رکيو ئي ڇاهي ؟
    حيات آهي محبت سان، محبت خود حيات آهي،
    اها ئي روشني آهي، جهان ۾ ورنه رات آهي.
    (منظور نقوي)
    تنهن هوندي به هاڻ اهو فيصلو ڇڏيان ٿو ٻنهي فقيرن (فقير محمد ڍول ۽ فقير محمد انڙ) ۽ امرتا جي مانوارن پڙهندڙ تي، ته عشقيه احوال ڇپائجن يا نه ؟

    [ڇپيل: ’امرتا‘ مئي 2003ع]


    وتائي فقير جو ٻيو خط

    مانوارا ڏاڏاهي صاحب!
    منهنجي خط جي جواب ۾ لکيل تنهنجو خط ٽيون ڏينهن سوير ڀنڀرڪي مهل هڪ مُئل ڪبوتر جي ڳچيءَ ۾ ٻڌل مليو. ڪبوتر غريب کي ڪنهن شوقين شڪاري دل وندرائڻ خاطر بي گناهه بندوق هڻي ماري ڇڏيو هو ! انهيءَ ۾ تعجب جي ڪابه ڳالهه ناهي، اوهان وٽ ته ماڻهو، ماڻهو کي پيو ماري ۽ سندس ڦٿڪڻ ۽ لُڇڻ جو تماشو ڏسي!! سو ڪبوتر ويچارو ڪهڙي باغ جي موري آهي ، پر يار، ايترو ضرور چئبو ته اسان واري دور ۾ ائين ڪونه هو، ماڻهو ته ٺهيو پر پکين مان به مور، ڪبوتر، طوطو، بلبل ۽ جانورن مان هرڻ ڦاڙهو شڪاري به نه ماريندا هئا! خير، هي خط مون واري لائبريري (جيڪا هاڻي جلد ئي پنهنجن هٿان پڄاڻي تي پهچڻ واري آهي) جي لائبريرين واري ميز جي خاني ۾ وجهي ڇڏيو پيو وڃان، پڪ سان تو تائين پهچي ويندو، لائبريري ۾ ڪرسين کان سواءِ ڪاريءَ وارا ڪک وڃي بچيا آهن، ڪتاب ڪٻٽن ۾ ڪُرفيا پيا آهن، جن مان نڪا کڙ نڪو تيل، رڳو بورڊ تي وڏن اکرن ۾ (وتايو فقير لائبريري) لکيو پيو آهي مطلب ته ’نالو وڏو، شهر سُڃو‘ ٻيلي اوهان (سليم بچاڻي ۽ تنهنجي) جي مرضي!
    مون اڳي به لکيو هو ته هتي اسان وٽ اديب، شاعر، دانشور، سگهڙ ۽ فنڪار، توڙي باذوق حاضرين، سامعين ۽ ناظرين وڏي تعداد ۾ موجود آهن. سو همراهن گذريل مهيني جي آخري آچر جي رات جو مشاعري جو اهتمام ۽ انتظام ڪري وڌو، صدارت مون کان ڪرائي ويئي ۽ خاص مهمان هو پيراڻو ڀنڀرو، مشاعرو رات جو سومهڻي مهل شروع ٿيو، جيڪو فجر واري ٻانگ تائين بنان ساهيءَ جي جاري رهيو، (وچ ۾ رڳو اڌ ڪلاڪ اوٻاسيون ڏيڻ جو وقفو ٿيو) اٽڪل سٺ ستر شاعرن ڪافيون، وايون، غزل ۽ بيت پڙهيا. آزاد نظم، نثري نظم، ٽيڙو، ٻه سٽا ۽ ڏيڍ سٽا، هي شاعر ٺاهي ڄاڻن ئي ڪونه ! مشاعري ۾ حاضرين جو انگ هزارن ۾ هو، پر تنهن هوندي به مڪمل خاموشي ۽ سڪون سان شاعرن کي ٻُڌو ويو، ڪنهن به شاعر تي هوٽنگ، ٽوڪ ۽ چٿر ڪانه ٿي، جيئن اوهان وٽ اڪثر ٿيندو رهندو آهي، جو نالي وارا شاعر به ڪنفيوز ٿي ويندا آهن، مزي واري ڳالهه ته پيراڻو ته اڳيئي مڙس آهي سگهڙ، سو ته شروع ٿي ويو شاعري ۾، پهريائين پنهنجو مشهور بيت ٻڌايائين ته :
    جي وڃان واٽ وٺيو، ته ٿيو کٻڙ ۾ کڙڪو،
    نڙ ڳوهه جي وات ۾ چلم ڪيو ڊُڙڪو،
    پوءِ گدڙ ۽ ڄرڪو، کِلي کِلي کيرا ٿي پيا.
    اهڙا ٻيا ڪيترائي بيت ٻڌائي داد حاصل ڪيائين. توکي خبر آهي ته مون شاعري ڪڏهن به ڪانه ڪئي، سو منجهي پيس ته ڇا ڪريان، هوڏانهن اسٽيج سيڪريٽري عليم درس جي ۽ سامعين جي فرمائش ته وتايا فقير ٻه ٽي شعر ٿي وڃن ! بهرحال تڙ تڪڙ ۾ هڪ ٻن نڌڻڪن شاعرن جا آڏا اُبتا شعر ٻڌائي ڪم ٽپائي ويس.
    مشاعري جي پڄاڻي تي اسٽيج سيڪريٽري عليم درس اعلان ڪيو ته اسان جي هن ادبي ۽ ثقافتي تنظيم ’انجمن ارواح‘ طرفان ايندڙ عظيم الشان مشاعري جي صدارت ڪرڻ لاءِ مرتضيٰ ڏاڏاهي کي آڻڻ جي هرممڪن ڪوشش ڪئي ويندي، مک مهمان سليم بچاڻي ۽ عثمان منگي هوندا، جڏهن ته چار اعزازي مهمان گڏ وٺي اچڻ جو بار به توتي رکيو اٿن، انهي کان سواءِ دوستن جو اصرار آهي ته مذڪوره مشاعري جي اسٽيج سيڪريٽري/ڪمپيئرنگ جا فرضَ ڪامران ڀٽي ادا ڪري، جو سندس آواز ٻڌئي ڪي ورهيه لنگهي ويا آهن، تنهن کان سواءِ پاڻ موسيقيءَ جي به ڄاڻ رکي ٿو ۽ جيئن ته مشاعري کان پوءِ موسيقيءَ جو به امڪان آهي تنهن ڪري سندس سريلي آواز سان پوري پڪ آهي ته محفل کي چار چنڊ لڳي ويندا.
    گذريل مهيني واري مشاعري جي خبر جيڪڏهن اخبار ۾ ڏيڻ چاهين ته ڀلي ڏيئي ڇڏجان جن سٺ ستر شاعرن پنهنجو ڪلام ٻڌايو تن مان هي شاعر قابل ذڪر آهن:
    ڏکايل، بکايل، سڪايل، ستايل، زخمي، ڦٽيل، مهجور، پرديسي، بيروزگار، بيڪار، بيقرار، نڌڻڪو، وڇڙيل، رول، چيلاٽو، ککر، ڏتڙيل، اڀرو، ڪِڇرو، زوراور، ڪمزور، ماٺيڻو، وات ڦاٽو، لاٽون، پتاشو، ڪانگ، ٽالهو، ڳيرو، ٽپالي، موالي، گمنام، بدنام، گهگير ۽ گنجو گيهلپوري، انهن مان گنجي گيهلپوري سندس ڪلام
    اٽي ڏڪر تي، ڪاري ٻڪر تي، گنجي ٽڪر تي
    ڪڏهن ايندين کائڻ ماني، شل مري تنهنجي ناني،
    ترنم سان ٻُڌائي مشاعرو لٽي ورتو. سامعين پاران واه واه ٿي ويئي ۽ چئي رهيا هئا ته گنجو گوءِ کڻي ويو. تاڙيون ڪونه وڳيون جو هتي تاڙين وڄائڻ جو رواج ئي ڪونهي ايڏانهن به اسان واري زماني ۾ تاڙيون رڳو ٽين جنس وڄائيندي هئي، هاڻي جي خبر اوهان کي هوندي !!
    سچي ڳالهه ٿي وسريم، ڪالهه بيزار نظاماڻي مليو تنهن ٻُڌايو ته ’امرتا‘ وارا ٻئي فقير (فقير محمد ڍول ۽ فقير محمد انڙ) اڃان ڪنوارا آهن! مون کي اعتبار ڪونه پئي آيو پر تو واري يار، يار محمد لغاري به شاهدي ڏني ته واقعي ٻئي ڪنوارا آهن ۽ ويجهڙائيءَ ۾ شادي ڪرڻ وارا پار به نظر ڪونه ٿا اچن، سو ورندي خط ۾ اهو احوال لکجان! ڀلا ٻي خبر ڏي پاڻ واري اختر شادي ڪئي يا اڃان وتي ٻين کي نصيحتون ڪندو ؟ يار هتي ٻيا ته سڀ سک لڳا پيا آهن، پر بيماري سيماري ۾ دوا درمل جي ضرورت پوي ٿي ۽ اسان واري آرامگاهه جي آس پاس ٻن ٽن ڪوهن ۾ ڪوبه ڊاڪٽر ڪونهي، ڪالهه رات گامون سچار کي اوچتو ڪنن ۾ سخت سُور پئجي ويو ڏاڍي ڊُڪ ڊوڙ ڪئيسين، پر ڊاڪٽر هٿ ڪو نه آيو. پوءِ جهنگ مان سَهَن جون پولڙيون چونڊي ڪَنَ کي واس ڏنوسين، مڙيئي سور ته لهي ويو، پر ڊاڪٽر جو هجڻ ضروري آهي، سو جيڪڏهن اتي اوهين ڪنهن ڊاڪٽر مان بيزار هجو ته هيڏانهن ڏياري موڪليو وڏا وڙ ٿيندا. چڱو موڪلاڻي ڪانهي الله واهي، وڌيڪ احوال ايندڙ خط ۾ ڪبا.

    [ڇپيل: ’امرتا‘ جون 2003ع]


    نصير مرزا، نصير واهه ۽ آئون

    نصير مرزا جهڙي گهڻ پاسائين ۽ علمي، ادبي توڙي فني حوالي سان نهايت ئي قداور شخصيت تي لکڻ لاءِ علم ۽ عقل جي ضرورت آهي، جن ٻنهي کان آئون وانجهيل آهيان، انهي ڪري جو پڙهڻ کان آئون پاڻ پڙ ڪڍي بيهي رهيس ۽ عقل وري حضرت عشق جي ور چڙهي ويو، ڇو جو عشق ۽ عقل پاڻ ۾ ٺپ ڪونه ٺهن، سو مون پنهنجي سڄي زندگي پرين جا پير چمندي عشق کي ارپي ڇڏي، تنهن ڪري عقل ويچاري موڪلائي وڃڻ ۾ ئي پنهنجي عزت ۽ عافيت سمجهي !
    عشق ۾ ويسر به وڏي آهي، بس رڳو محبوب ئي ياد هوندو آهي، ٻيو سڀ ڪجهه وسريو وڃي.
    اوهين الائجي اعتبار ڪريو يا نه ڪريو پر سچي ڳالهه ٿو ٻڌايان ته ڪجهه ڏينهن اڳ حيدرآباد وڃڻ لاءِ گهران سنبري نڪتس ۽ سڌو وڃي بس اسٽينڊ تان ڪوسٽر ۾ چڙهيس ڪنڊيڪٽر اچي ڀاڙو گهريو مون پندرنهن روپيا ڏنامانس، ڀاڙي جا پئسا آئون هميشه کليا کڻندو آهيان، جو بقايا به ويسر سبب وسري ويندي اٿم. خير سائين ڪوسٽر هلي اڌ مني ڪلاڪ بعد اچي هُو وڏي شاندار بس اسٽينڊ تي بيٺي. آئون ڪوسٽر مان لٿس ۽ وڃي هڪ رڪشا واري کي چيم ته ريڊيو اسٽيشن هلڻو اٿم گهڻو ڀاڙو وٺندين؟ رڪشا وارو منهنجي منهن ۾ ڏسڻ لڳو ! مون چيو بابا ريڊيو اسٽيشن جو ڪيترو ڀاڙو وٺندين؟ نيٺ رڪشا واري ڳالهايو ۽ چيو ڀائي صاحب يهان ڪوئي ريڊيو اسٽيشن نهين هي، آپ ڪهان سي آئي هين. چيم آئون ٽنڊي الهيار کان آيو آهيان مون کي ريڊيو اسٽيشن تي وڃڻو آهي، آئون ڪو اڄ پهريون ڀيرو حيدرآباد ڪونه آيو آهيان، هميشه پيو اچان، ريڊيو اسٽيشن ڇو ڪانهي؟
    چيائين ڀائي صاحب يه حيدرآباد نهين ميرپورخاص هي.!
    منهنجا تاڪ لڳي ويا وري واپس ٻئي ڪوسٽر ۾ چڙهي 30 روپيا ڀاڙو ڏيئي ڏيڍ ڪلاڪ کان پوءِ وڃي حيدرآباد پهتس.
    سو ڳالهه پئي ڪيم نصير مرزا جي ته نصير سان سرسري ملاقاتون ته ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ٿينديون رهنديون آهن. ليڪن پهرين طويل ملاقات ٻارنهن جولائي 1985 تي ٽنڊي الهيار ۾ منهنجي پهرين شعري مجموعي ’زهرو زم زم‘ جي مهورت واري موقعي تي ٿي، جنهن جي صدارت ان وقت جي ادب دوست ۽ اديب اسسٽنٽ ڪمشنر ٽنڊوالهيار محترم عبدالقادر منگي ڪئي هئي ۽ مهمان خاص خوبصورت شاعر ۽ ان وقت جو اسٽيشن ڊائريڪٽر ريڊيو پاڪستان حيدرآباد عنايت بلوچ صاحب هو. جڏهن ته موجوده ايم پي اي سيد علي نواز شاهه رضوي اعزاي مهمان هو. مذڪوره تقريب جي رڪارڊنگ جي سلسلي ۾ بحيثيت پروڊيوسر نصير مرزا به عنايت بلوچ سان گڏ آيل هو، محفل ۾ اديبن شاعرن، آفيسرن ۽ ٻين معزز ماڻهن جو وڏو تعداد موجود هو، جن مان ان زماني ۾ نصير صاحب جي مٺڙي آواز سان ته سڀئي مانوس هئا، پر شڪل کان شايد چند ماڻهو ئي سڃاڻيندا هئا، تنهن ڪري مون هلندي محفل ۾ اديب ۽ اسٽيج سيڪريٽري محمد حسين ڪاشف کان مائيڪ وٺي نصير مرزا جو حاضرين ۽ سامعين سان تعارف ڪرايو. ان کان پوءِ اڄ تائين نصير مرزا صاحب سان ريڊيو تي توڙي ٻين ادبي ثقافتي پروگرامن ۽ تقريبن ۾ ميل ملاقات ۽ قرب وارين ڪچهرين جو سلسلو جاري آهي.
    ريڊيو تي منهنجو اچڻ وڃڻ تڏهن کان شروع ٿيو جڏهن ريڊيو اسٽيشن حيدرآباد قائم ٿي، ابتدا ۾ برادرم سيد صالح محمد شاھ (فتح خان) عبدالڪريم بلوچ، ڪامران ڀٽي، الهه بچائي لغاري ۽ محمد نواز ڀٽي سان نيازمندي ٿي پوءِ آهستي آهستي ريڊيو تي دوستن جو حلقو وڌندو ويو تان جو 1965ع ۾ مون ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڪانٽريڪٽ صحيح ڪيو ۽ منهنجو ڪلام نشر ٿيڻ لڳو، جيڪو سلسلو اڄ 38 سال گذرڻ تائين هلندو اچي انهي وچ ۾ ڪيئي اديب، شاعر، فنڪار، اسٽيشن ڊائريڪٽر پروڊيوسر انائونسر ۽ ڪمپيئر آيا ۽ ويا، ته ڪي اڄ به موجود آهن.
    نصير مرزا جهڙو 20 سال اڳ اڇو اجرو نازڪ نفيس سهڻو ۽ سٻاجهڙو هو تهڙو ئي هينئر به آهي، ملي ته محبت مان ملي، کِلي ته اڻ لکو کلي پر مرڪ سدائين منهن تي، ڳالهائي ته نرم ڳالهائي، ٻڌائي ته مختصر ۽ جامع ٻڌائي، ٻڌي ته تفصيل سان ٻڌي، ياري دوستي ته الائجي ڪيترن سان آهيس پوءِ انهن مان خبر ناهي ته ڪنهن سان گهٽ ڪنهن سان گهاٽي اٿس. ليڪن الله سائين جون مٿس مهربانيون ته ڏسو پاڻ رنگ جو ڳورو / اڇو، قد پورو پنون، نڪ ڊگهو، اکيون خوب خماريل ۽ پرڪشش هٿ نرم، سڄو سهڻو، سچ پچ سٺو نثر نويس، خوبصورت شاعر، ڪامياب ڪمپيئر، بهترين براڊڪاسٽر ۽ ميوزڪ جو ماهر آهي. مون کي ساڻس محبت آهي ۽ ڏاڍو وڻندو اٿم، پر آئون وٽس گهٽ ويندو ۽ گهٽ ويهندو آهيان انهي ڊپ کان ته متان محبت مان وڌي مون کي ساڻس عشق نه ٿي پوي. ڇو جو مون کي منهنجون عادتون ۽ افعال ساريا پيا آهن ته شل نه ڪنهن تي عاشق ٿي پوان پوءِ ان جي جند ئي نه ڇڏيان ! ڀلي کيڪاري يا ڌڪاري، واکاڻي يا طعنا مهڻا ڏي، مون ڏي نهاري، پڇي ، مون وٽ اچي يا نه اچي پر آئون وٽس هر وقت حاضر ۽ مٿانس فدا.
    تنهن ڪري هفتن جا هفتا بلڪ مهينن جا مهينا حيدرآباد ڪونه وڃان ڇو جو حيدرآباد وڃڻ کان پوءِ ريڊيو تي وڃڻ کان رهي ڪونه سگهندس ۽ ريڊيو تي وڃڻ بعد نصير مرزا سان ملڻ کان سواءِ اصل ڪو نه رهندس.
    جيئن ته ريڊيو پاڪستان حيدرآباد علم، ادب، ثقافت ۽ فن جو مرڪز آهي جتان ڪئين اديب شاعر ۽ فنڪار پيدا ٿيا آهن جن پنهنجي ڏات ۽ ڏانءُ وسيلي پنهنجو ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪيو آهي بلاشبه اهو نصير مرزا جهڙن ڄاڻو پروڊيوسرن ۽ بهترين براڊ ڪاسٽرن جي پُرخلوص محنتن جو نتيجو آهي.
    نصير مرزا ۾ علمي، ادبي، ثقافتي ۽ فني خوبيون ته آهن، پر وٽس ٽيليفون نمبر به سڄي سنڌ جي ليکڪن، شاعرن، علمي شخصيتن، فنڪارن، اخباري ۽ ادبي ادارن جا محفوظ آهن، مون کي جڏهن به ضرورت پوندي آهي ته ٽنڊي الهيار مان فون ڪري نمبر پڇي وٺندو آهيان نه رڳو آئون پر مون پارا ڪيترائي دوست مطلوبه ماڻهن جا نمبر وٺي ڳالهائي پنهنجا مسئلا حل ڪندا آهن.
    منهنجا ڪلام ريڊيو تان اٺٽيهه سالن کان نشر ٿي رهيا آهن ليڪن نصير مرزا صاحب جيڪي منهنجا ڪلام رڪارڊ ڪيا آهن تن ڏاڍي مڃتا ماڻي آهي وڏي ڳالهه بلڪ منهنجي لاءِ اعزاز ته کيس منهنجا ڪيترائي ڪلام پسند آهن جن جو پاڻ وقت به وقت اظهار ڪندو رهندو آهي، هڪڙي ڳالهه ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان ته نصير صاحب مون کي ’ڪافي گو‘ شاعر سڏيندو آهي جڏهن ته مون ڪافين سان گڏوگڏ غزل، گيت، بيت، نظم، حمد، نعت، منقبت، قطعه وغيره به گهڻائي ٺاهيا/ لکيا آهن، پر نصير صاحب واري ڳالهه به غلط ناهي، واقعي منهنجي ڪلام ۾ وڏو تعداد ’ڪافي‘ جو آهي.
    هڪڙي راز جي ڳالهه ٻڌائي ڇڏيان ته آئون جيڪو ڪيتري عرصي کان اسان جي شهر ٽنڊي الهيار لڳ اوڀر طرف وهندڙ نصير واهه تي بظاهر واڪ ڪرڻ ويندو آهيان سو درحقيقت واڪ ٻاڪ ڪونهي، پر نصير مرزا جي نالي سان نصير واهه جي مناسبت جي ڪري ويندو آهيان، تصور ئي تصور ۾ نصير واهه جي پاڻي ۾ نصير مرزا جو اولڙو / عڪس نظر ايندو اٿم. مون کي هڪ ئي وقت ۾ بنا خرچ جي ٻه فائدا ٿيندا آهن تفريح جي تفريح ۽ نصير مرزا جو ديدار، عاشقن لئه دلبر جي ديدار کان وڌ ٻي ڀلا ڪهڙي شي ٿي سگهي ٿي ؟ دعاڳو آهيان ته الله سائين شال نصير مرزا جي من موهيندڙ مرڪ ۽ مهڪ سدائين قائم رکي. آمين

    [ڇپيل: ’امرتا‘ جولاءِ 2003ع]


    اڻپوري آتم ڪٿا

    ڪيترائي دوست ۽ محسن ڪافي وقت کان چوندا پيا اچن ته پنهنجي سوانح حيات/آتم ڪٿا لک، پر الائجي ڇو آئون، اها ڳالهه ٻُڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏيندو هوس، ڪڏهن به ان طرف سنجيدگيءَ سان ڪونه سوچيم! ليڪن ڪجهه ڏينهن کان انهي پاسي پاڻهي ڌيان ڇڪجڻ لڳو آهي ته سچ پچ ’آتم ڪٿا‘ لکان!
    وري سوچيان ٿو ته آئون نه سياستدان نه سائنسدان ۽ نه ئي وڏو اديب يا دانشور آهيان، بس فقط هڪ شاعر آهيان ته پوءِ سوانح ڇا لکان!! بهرحال همت ڪري بسم الله ڪريان ٿو اڳتي الله مالڪ آهي ته سائين منهنجا آئون 26 نومبر 1939ع تي والد سيد امام الله شاھه ڏاڏاهي جي گهر پيدا ٿي پيس. الله سائين جي حڪم سان، ان ۾ منهنجي مرضي بلڪل شامل نه هئي، نه ڄمان ها ته به ڪو فرق ڪونه پوي ها، دنيا مون کان اڳي به ائين ئي هلي پي جيئن هينئر پئي هلي! ۽ منهنجي مرڻ کان پوءِ به ساڳيءَ طرح هلندي رهندي. بس فقيرن پارا چند دوست ٻه ٽي ورسيون ملهائي پوءِ وساري ويهي رهندا.
    پنهنجي سوانح حيات جو عنوان ’اڻ پوري آتم ڪٿا‘ ان ڪري رکيو اٿم جو مون کي پڪ آهي ته هيءَ آتم ڪٿا ڪڏهن به پوري ڪانه ٿيندي ۽ اڻ پوري ئي رهندي!!
    خير هاڻي في الحال آتم ڪٿا کي اتي اسٽاپ ڪري، اڄ ٻه چار ٻيون ڳالهيون ٿا ڪريون. ڪلهه شام جو منهنجي کٽل خاني / غريب خاني تي فقير محمد ڍول اعزازي ايڊيٽر ماهوار ’امرتا‘ فقير محمد انڙ اسسٽنٽ ايڊيٽر، امرتا جو ٽيلينٽيڊ رائيٽر منظور ڪالرو ۽ سندس ٻانهن ٻيلي ارمان گل اوڏ تشريف فرما ٿيا، رسمي آڌرڀاءُ بعد ڪورس جي انداز ۾ فرمائڻ لڳا ته اوهان تي امرتا جو سالگرھه نمبر ڪڍڻ کان پوءِ اسان منصوبه بندي ڪئي آهي ته، عيد بعد اوهان جي سالگره /جنم ڏڻ ڌام ڌوم سان ملهائي اوهان سان قرب واري ڪچهري ڪريون ۽ ڪيڪ به ڪٽرايون، مون جواب ۾ عرض ڪيو ته منهنجا نهايت ئي مهربان، قدردان دوستو اوهان جون لک ڀلايون، اوهان امرتا جو سالگره نمبر ڪڍي جيڪي اڻ ميا احسان ڪيا آهن، آئون ته اهي ئي نه لاهي سگهندس، سواءِ ڳائڻ جي !! ته وري مٿان ايڏو قربائتو قرض ڪيئن لاهيندس، ٻيو ته اوهان سالگره نمبر ۾ راز جي ڳالهه پڌري ڪري وڌي، آئون الائجي ڪيترن ورهين کان 40 ڪڏهن 45 سالن جي عمر پيو ٻڌائيندو هوس، اوهان 63 هين سالگره مبارڪ لکي، ڪم ئي لاهي ڇڏيا، جنهن ڏينهن سالگره نمبر مارڪيٽ ۾ آيو آهي، تنهن ڏينهن کان مون گهر کان ٻاهر نڪرڻ ئي بند ڪري ڇڏيو آهي، هونئن به ٻاهر هاڻي ڀلا نڪران به ڪنهن لاءِ ؟ڪنهن اردو جي خوبصورت شاعر چواڻي ته :
    وه شخص تو شهر هِي ڇوڙ گيا،
    مين باهر جائون ڪس ڪي ليئي.
    سو آئون اڳئي پاڻ مرادو / خودساخته گوشه نشين آهيان، تنهن ڪري ڪجهه ڏينهن مهلت ڏيو جيستائين ڌڪ پچايان! پوءِ جيڪو اوهان جو حڪم، پر همراه پنهنجي هميشه واري هوڏ تان هر گز نه هٽيا ۽ هڪلون ڪندا هليا ويا ته اسين ايندڙ مهيني اوهان جي سالگره هر حالت ۾ ملهائينداسين ۽ جيڪڏهن اوهان هاڪار نه ڪئي ته پوءِ اسين اوهان جي خلاف پهرين علامتي بک هڙتال پوءِ در اڳيان ڌرڻو ۽ آخر ۾ اوهان جي مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال ڪنداسين. هاڻي منهنجا سمجهدار ۽ ساڃهه وند صلاحڪار ادا عثمان منگي قرب وارا ڪوثر ٻرڙا، نازڪ نصير مرزا، پيارا پرڌان ۽ سهڻا سليم بچاڻي ڪا سهڻي صلاح ڏيو ته ٻيلي ڪيئن ڪريان ۽ ڪيڏانهن وڃان ؟
    ’امرتا‘ جا پيارا پاٺڪو، هيءَ هئي وقت جي ڳالهه، جيڪا آتم ڪٿا روڪي ڪيم، جڏهن ته ’اڻ پوري آتم ڪٿا‘ جيئن جا تيئن جاري رهندي. في الحال ايندڙ مهيني تائين اجازت ڏيندا، الله واهي.

    [ڇپيل: ’امرتا‘ ڊسمبر 2003ع]


    اُٺ، ويسر ۽ آئون!

    اُٺ به عجيب جانور آهي، جهڙو اڳي هو تهڙو ئي هينئر به آهي. اُٺ لاءِ عام چوڻي آهي ته، ’اُٺ کي جنهن وڻ سان ٻڌبو، ان کي کائيندو.‘
    ۽ واقعي ائين آهي به سهي. اُٺ کي ٻٻر جي وڻ سان ٻڌو، ٻير سان ٻَڌو يا کٻڙ سان، ٽنهي کي کائڻ شروع ڪري ڏيندو، ڪنڊن جو به خيال ڪونه ڪندو. لاڙ ۾ لاڻو يا لاڻي به ٿيندي هئي (هاڻي ته الائجي ٿئي ٿي يا نه) جنهن کي اُٺ وڏي شوق سان کائيندو آهي، وري اوڳو ۽ موڳو به حد درجي جو آهي ۽ ويسر مون کان به وڌيڪ اٿس. مهري اُٺ کي هر سال اٺ سوار / اوٺي، سليقي سان پنڌ\هلڻ سيکاريندا آهن، بارگيرن کي نه ! پر هُو سال کان پوءِ سڄي سکيا وساري ڇڏيندو آهي، ٻئي سال وري نئين سئين هلڻ سيکاريو ويندو، اُٺ با اصول به ڏاڍو آهي، ڦرڻو گهرڻو اصل نه آهي، جيڏانهن ڪنڌ تيڏانهن پنڌ هلندو ويندو، جيستائين کيس واريو نه !
    لاڙ ۾ لاڻن ۽ لاڻين جي ذڪر مان ياد پيو ته اها لاڻي ڳوٺاڻا لُڻي/ وڍي باهه ڏيئي ساڙي انهي جي ڇار / ڦُلهيار کي ’کار‘ چوندا هئا ۽ ان کي سوڍا کار جي جاءِ تي استعمال ڪبو هو، مايون ڪُني ديڳڙي يا ڏٻي ۾ اها کار پائي، ان ۾ ميرا ڪپڙا وجهي چُلهه تي چاڙهي رڌينديون هيون ۽ پوءِ ڪجهه دير ڪپڙا چلهه تان لاهي پاڻيءَ سان مَهٽينديون ۽ ڌوئنديون هيون ۽ بنان خرچ جي ڪپڙا ڌوپجي اڇا اجرا ٿي پوندا هئا.
    اُٺ رڙندو اڄ به اهڙو ئي آهي، جهڙو سوين سال پهرين، ويهي ته به رڙي، اُٿي ته به رڙي ۽ هلي ته به رڙي، تڏهن ئي شايد چيو ويو هو ته اُٺ تڏهن رنا / رڙيا، جڏهن ٻورا ٿي سبيا، پر اها چوڻي بارگير اٺن لاءِ آهي، مهريَن لاءِ نه! ڇو ته ٻورا بارگيرن تي رکيا ويندا آهن، پر رڙڻ ۾ مهرين کي به ماٺ ڪانهي! رڙڻ شايد اُٺ جي فطرت ۾ شامل آهي، پوءِ بار بردار هجي يا سواريءَ وارو مَهري !!
    مون کي به اڄ الائجي ڇو اُٺ گهڻو ياد پيو اچي، جڏهن ته منهنجي آتم ڪٿا سان اُٺ جو ڪهڙو تعلق ! سواءِ ويسر ۽ موڳائيءَ ۾ هڪ جهڙائيءَ جي !
    سچ پچ ته اڄوڪي هن قسط جو عنوان ’اُٺ، ويسر ۽ آئون‘ به ان ڪري ئي رکيو ويو آهي، جيئن جلدي سمجهه ۾ به اچي وڃي ۽ آتم ڪٿا وارو تسلسل به متاثر نه ٿئي، اُٺن کي اسان جي شاعرن به زمانن کان وٺي ڳايو آهي. اُٺ جو مارئيءَ ۽ عمر بادشاھه ، مومل واري راڻي ۽ سسئيءَ جي ڏيرن /پنهونءَ جي ڀائرن سان سٺو يا خراب پر واسطو ضرور رهيو آهي.
    اُٺ مون کي ان ڪري به وڻندو آهي جو منجهس هستي به آهي، ته مستي به آهي، سياري جي مند ۾ مست ٿي پوندو آهي ۽ گُڙندو رهندو آهي، ڪي چون ٿا ته اُٺ کي سياري ۾ چئن مهينن جو عارضي عشق ٿي پوندو آهي، تنهن ڪري مست ٿي گوڙ ڪندو آهي، وري ڪي چون ٿا ته اُٺ ويچاري کي عشق جي ڪهڙي خبر؟اهو سڀ ڪجهه سياري جي سيءَ سبب آهي. بهرحال حقيقت جي سربستي خبر ته جانورن جي ڪنهن ماهر ڊاڪٽر کان معلوم ڪرڻ گهرجي.

    [ڇپيل: ’امرتا‘ اپريل 2004ع]


    عشق نه پڇي ذات

    ماضيءَ جي لاتعداد خوبصورت يادگيرين مان هڪ ڳالهه ياد ٿي اچي ته اسان جي ڳوٺ بلڪ اوطاق تي يڪتاري پوٽا، کڙتال / چپڙيءَ تي ڳائڻ وارا، ويهي هارمونيم تي ڳائيندڙ قاسم علي شاھه ، ڀورو خالصو ۽ مٺُو ڪڇي، بيهي ڳالهه ڪري ڳائڻ وارا اسحاق ڪارو مڱڻهار، علو درس، ڏوڏو شيدي ۽ ناچو ڇير ٻڌي ڳائڻ وارن ۾ سيد سليمان شاھه ، حُسين جمالي، مصري ڀيل ۽ ٻيا ڪيترائي مشهور ۽ مقبول هئا، ناچن ۾ مصري ڀيل جو جهڙو نالو تهڙو آواز به مٺو هو ۽ اهڙو ئي شڪل صورت جو به سهڻو هو، جنهن مهل ڇير ٻڌي، پنهنجا وڏا ۽ ڪارا وار ڪلهن تي کولي نچندو ۽ سريلي آواز ۾ ڳائيندو هو ته ڏسندڙن ۽ ٻُڌندڙن تي سحر طاري ٿي ويندو هو ۽ ماڻهو مٿانس نوٽن جون گهورون پيا گهوريندا هئا، اسان جي ڳوٺ کان ڳپل پنڌ تي ٻڍي قمبراڻي واري پاسي جي ننگر خان ڪلوئي نالي همراهه کي ٻه ٽي ٻارا ٻنيءَ جا به هئا ته مالوند به هو، سو مصري ڀيل جي مٺي آواز ۽ سهڻي صورت تي اڪن ڇڪن ٿي پيو، پهريائين پاڻ وٽ گهرائي کيس ٻُڌندو ۽ انعام/گهور ڏيندو هو، پر جڏهن آهستي، آهستي سندس مالي حالت ڪمزور ٿيڻ لڳي ۽ ٻنيون ٻارا ۽ مال متاع به عشق جي نذر ٿي ويا ته پوءِ جتي مصري جي محفل هوندي هئي، اتي اڻ ڪوٺيو وڃي سهڙندو هو، چون ٿا ته مصريءَ کيس گهڻو سمجهايو ۽ سنگتين ساٿين به صلاحون ڏنيون ۽ هدايتون ڪيون پر ننگر نه مڙيو، ڀلا عشق ۽ عقل پاڻ ۾ ڪڏهن ٺهيا آهن ! جو عاشق تي ڪنهن نصيت جو اثر ٿئي ؟
    سو نيٺ اها حالت وڃي بيٺي مصريءَ جي متوالي ننگر نماڻي جي، جو مصري ڀيل جي سازندن سان گڏ ڍولڪ يا هارمونيم/باجو کڻيو پيو هلندو هو، چون ٿا ته مصريءَ کي ڪنهن ڪاڄ يا محفل ۾ جڏهن گهور گهٽ ملندي هئي ته ننگر کي نڀاڳو چئي دڙڪا ڏيندو هو ۽ الائجي ڇا جو ڇا چوندو هو، پر مجال آهي عاشق ننگر جي، جو پنهنجي محبوب مصريءَ جي مهڻن ۽ طعنن جو ڪو جواب ڏي ؟
    بس زاروزار روئڻ لڳندو هو، پوءِ ڪجهه لمحن بعد جڏهن مصري کيس ڳراٽڙي پائي پيار مان پرچائيندو هو ته ننگر خان جون عيدون ٿي وينديون هيون.
    آئون انهن ڏينهن ۾ ننڍو هوس پر مون مصري ڀيل جو ڳائڻ ٻڌو ۽ سندس ناچ ڏٺو هو ۽ ننگر کي به ڏٺو هيم !!
    هاڻي خبر ناهي ته جيئرا آهن جهان ۾ يا ويا وارو وڄائي !
    اهو ڪو هڪڙو واقعو ناهي پر اهڙا ڪيترائي سونهن تان صدقي ٿيڻ وارا عاشق ويچارا هئا ۽ هينئر به آهن ؟ عاشق عشق ۾ ذات پات، حسب نسب ۽ غريبي اميريءَ کي ٿورو ئي ڏسندو آهي ! عاشق ته پنهنجي معشوق، مرغوب، مطلوب، محبوب جي هر ادا ۽ هڪ هڪ ناز تان سئو سئو ڀيرا صدقو ٿيندو آهي، جيئن ننگر خان مصري ڀيل تان !!


    [ڇپيل: ’امرتا‘ مئي 2004ع]


    سنجيده ڪالم

    اُبتيون، سُبتيون ڳالهيون

    تازو اخبار ۾ هڪ خبر پڙهيم، جنهن جو مُک سِرو هو، ’ڪونجون به سنڌ کان رسُي ويون‘ ۽ خبر هئي ته هر سال سياري جي مند ۾ روس ۽ ٻين ملڪن مان ڪونجون سنڌ ۾ اينديون هيون، پر جڏهن کان سنڌ ۾ ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن جون ڪاروايون زور وٺي ويون آهن ۽ ڏهڪاءَ واري صورتحال پيدا ٿي آهي، مائوزر، ڪلاشنڪوف، بم ۽ راڪيٽ لانچرن جا دل ڏاريندڙ ڌڌڪا ۽ ڌماڪا ٿيڻ لڳا آهن، تڏهن کان ڪونجن سنڌ جي سرزمين تي اچڻ بند ڪري ڇڏيو آهي.
    ها ! ڀلا ويچاريون اچن به ڪيئن؟
    ڪونج هڪ مٺڙي، پياري ۽ سريلي آواز وارو سهڻو ۽ نازڪ پکي آهي، ڪونج اُتي ايندي يا ويندي آهي، جتي محبت هجي، پيار هجي، امن هجي ۽ سڪون هجي.
    ڪونجن کي قرب هو، محبت هئي، امن ۽ سڪون هو ته پرڏيهي ماڻهو، پکي ۽ جانور به سنڌ ۾ ايندا هئا ۽ اچي ڀٽائي، قلندر، سچل ۽ سمن سرڪار جي سرسبز ۽ ساڳي سرزمين تي سک جو ساھه کڻندا هئا ۽ گهمي ڦري، سير سفر ڪري، واپس ويندي سنڌڙيءَ جون نه وسرندڙ يادون پاڻ سان کڻي، سنڌين جي آڌرڀاءُ، اخلاق مهمان نوازي ۽ سخاوت جا گيت ڳائيندا ويندا هئا ۽ اڄ! اڄ اها ئي ساڳي سنڌ آهي، جنهن کان پرڏيهي پکي به پاسو ڪرڻ لڳا آهن.
    ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي ته ڪڏهن ’جاپاني‘ پيا اغوا ٿين، ڪڏهن ’چيني‘ ته ڪڏهن ٻيا ٿا اغوا ٿين.
    اسان جي ته ولايتن ۾ واکاڻ هوندي هئي.
    پر ڇا! هاڻي به اهي جاپاني ۽ چيني پنهنجي ملڪ وڃي اسان جي تعريف ڪندا؟ ۽ پنهنجي هم وطنن کي چوندا ته سنڌ ۾ وڃي موهن جو دڙو، رني ڪوٽ، ڪينجهر ڍنڍ، معصوم شاھه جو منارو، ڪوٽڙيءَ واري پل، مڪليءَ جو مقام، شاھه جهان جي مسجد ، المنظر، ڪارونجهر ڏسو، گهمو ۽ دل وندرايو؟ گذريل زمانو ياد ڪري اکين مان بي اختيار لڙڪ لڙي ٿا پون.
    ڇا امن هو ؟ ڇا! سڪون هو ؟ ڇا! ميٺ محبت هئي ؟ قرب هو قرار هو، پريت هئي ۽ پيار هو، وفا هئي، سخا هئي، دعا هئي، باغن ۾ بهارون هيون، ڪونجن سنديون قطارون هيون، ٿڌڙيون مٺڙيون راتيون هيون، بلبل سنديون باتيون هيون، ميلا ملاکڙا ٿيندا هئا، ڪوڏي ڪوڏي، ونجهه وٽي، ٻيلهاڙو ۽ وڏڪٻل ڪڏبي هئي، راتين جون راتيون قرب واريون ڪچهريون ۽ ڳائڻ وڄائڻ جون محفلون پيون هلنديون هيون، ڪي ڳجهارتون پيا ڏيندا ۽ پڇندا هئا ته ڪي نڙ تي ساوڻ فقير جا بيت پيا چوندا هئا، گڏو گڏ کِل ڀوڳ ۽ چرچا گُهٻا به ٿيندا رهندا هئا، گهڻو ڪري سفر به راتين جو ڪيو ويندو هو ۽ سفر ۾ ڪنهن جيت جڙي ۽ جانور کان احتياط ڪندي ڪو جهڙو تهڙو هٿيار گڏ کڻبو هو ۽ هاڻي جانور کان نه پر ماڻهو کي ماڻهوءَ کان ڊپ ٿو لڳي.
    اڳي ڍڳي ڍور جي چوري ٿيندي هئي يا ڪنهن جي گهر کي کاٽ لڳندو هو ته مهينن جا مهينا پيون ڳالهيون هلنديون هيون ته فلاڻي جي چوري ٿي آهي !
    هاڻي ته انسان پيو انسان کي اغوا ڪري، ڪُهي ۽ قتل ڪري. اڳي ڪنهن جي ٻچڙن ۽ نياڻين تي هٿ ڪونه کنيو ويندو هو، هاڻي ته انهن کي به نٿا بخشين. رات جون رهاڻيون ۽ قربائتيون ڪچهريون ته ٺهيو پر ويچارن ماڻهن رات جو شادين مرادين جا ڪاڄ ڪرڻ به بند ڪري ڇڏيا آهن.
    اچو ته سڀئي گڏجي دعائون گهرون ته الله تعاليٰ ڌاڙيلن ۽ دهشت گردن کي ڪا ساڃهه ڏي، هدايت ڏي ته هو پنهنجون قهري ڪاروايون بند ڪن، جيئن اسان وٽ امن امان، سک ۽ سڪون موٽي اچي، اسين وري بنان ڊپ ڊاءُ جي اڳي وانگر رات توڙي ڏينهن گهمون ڦرون، ميلا ملاکڙا ٿين، رهاڻيون رچن، پرديسي پکي ۽ ماڻهو اچن، سير سفر ڪري خير خوبيءَ سان واپس پنهنجي وطن وڃن ۽ وڃي واکاڻ ڪن.

    [ڇپيل: روزانه هلال پاڪستان 27 آڪٽوبر 1991ع]


    اربعا خطا 4

    دنيا ۾ سُر تار وارا به کوڙ آهن، ته بي سُرن جي به ڪمي ڪانهي !
    جنهن به شعبي ڏانهن نگاهه ڪبي ته ڪم وارن ۽ محنتي ماڻهن سان گڏ ڪجهه ناٽائو ۽ بي ڪمان به ضرور نظر ايندا. جتي وڏا عالم، اڪابر، ڏاها ۽ ڏات ڌڻي هوندا، ته ان ئي شهر يا ڳوٺ ۾ پڪ سان بيوقوفن جي به اڻهوند نه هوندي !
    سو اهو قدرت جو قانون آهي جيڪو ڪروڙين سالن کان هلندو پيو اچي ۽ قيامت تائين هلندو رهندو، اُئين ئي جيئن حياتي ۽ موت ؟
    اسان جي سنڌ سونهاريءَ ۾ فنڪارن جو ڪڏهن به ڏڪار نه رهيو آهي، ڪلاسيڪل راڳ کان وٺي هلڪي ڦلڪي موسيقي تائين اسان جي سهڻن ۽ سُريلن فنڪارن هميشه بهترين فن جو مظاهرو ڪري پاڻ مڃرايو آهي ۽ پنهنجو توڙي پنهنجي ملڪ جو نالو روشن پئي ڪيو آهي. سٺا فنڪار اسان وٽ اڳ به هئا ۽ اڄ به آهن، پر سندن چوڻ آهي ته اهي ٻُڌڻ سُئڻ وارا مور ماڻهو ۽ قابل قدردان ناهن رهيا، جن جي قرب وارين ڪچهرين ۽ ماکيءَ کان مٺين محفلن ۾ ڳائي، وڄائي کين دلي سرور حاصل ٿيندو هو !
    فنڪار به هڪ انسان آهي، سندس طلبون، تمنائون ۽ ضرورتون به ٻين انسانن کان هرگز مخلتف ناهن ! فرق رڳو اهو آهي ته فنڪار فطري طور ڏاڍو حساس طبع هوندو آهي. صحيح ۽ سچي پچي فنڪار جي سڃاڻ (پرک) اها آهي ته هو دان کي ترجيح نه ڏيندو. هن کي روڪڙي انعام کان وڌيڪ راڳ جي پارکو جي داد جي ضرورت هوندي آهي، جيڪو کيس ڌيان ۽ دل سان ٻُڌي پسند ڪري پوءِ واھ واھه ڪري !
    راڳ جي ڄاڻ رکندڙ ۽ فنڪارن جي قدردانن جي ڳالهه نڪتي آهي ته مون کي راڳ جو پارکو، ڪلاڪارن جو قدردان، ماتلي جو مور رئيس ڪريم بخش نظاماڻي شدت سان ياد پيو اچي، جنهن جي محفل سدائين متل هوندي هئي، پاڻ ماتلي ۾ پنهنجي بنگلي تي هجي يا ڪنهن ميلي ۾ اوطاق اڏيو ويٺو هجي، يا کڻي ڪنهن يار قربدار وٽ مهمان هجي. ڳائڻن جا ڪٽڪ سدائين سندس ڪڍ هوندا هئا ! جتي پهتو پاڻ، اتي راڳ رهاڻ ! وٽس ڪلاسيڪي راڳ جا استاد راڳي ( گويا ) هلڪي ڦلڪي موسيقيءَ جا سريلا ڳائڻا، ڳائڻيون، توڙي ڀلوڙ ٽولين وارا، سڀئي پيا ايندا هئا ۽ چونڪي ڏيندا هئا.
    پاڻ روڪڙو انعام گهٽ ڏيندو هو، پر ڳائڻا پئسن کان وڌيڪ رئيس جي داد جا طالب ۽ تمنائي هوندا هئا، رئيس طرفان پسنديدگي جي اظهار کي بهترين فن جو سرٽيفڪيٽ سمجهيو ويندو هو. لاڙ جو مشهور ڍولڪ نواز علڻ مڱڻهار ۽ هارمونيم (باجي) جو بادشاھه ڪاريگر استاد شاھه محمد ڪلوئي مرحوم چوندا هئا ته رئيس پڪواز ۽ باجي جو ايڏو ڄاڻو هو، جو اسين سندس محفل ۾ ڊڄي ڊڄي وڄائيندا هئاسين !
    منهنجون ملاقاتون رئيس ڪريم بخش خان سان، مير جان محمد ٽالپر مرحوم ڊگهڙيءَ واري سان گڏ سمن سرڪار جي ميلي ۾ ٿينديون هيون، رئيس جي ماهر موسيقي هئڻ جي ته اسان سڀني کي آڳاٽي خبر هئي، پر جڏهن سندس آتم ڪهاڻي (يادگيرين) جي ضخيم ڪتاب ’ڪيئي ڪتاب‘ جا ٻه جلد ڇپجي پڌرا ٿيا (جيڪي مون وٽ موجود آهن) تڏهن اها به سُڌ پئي ته رئيس ڪريم بخش نظاماڻي راڳ جي پارکو هئڻ سان گڏ وڏو اديب، ليکڪ ۽ دانشور به هو ( هاڻي ٻڌو اٿم ته ’ڪيئي ڪتاب‘ جو ٽيون جلد به ڇپيو آهي) رئيس شاعري به ڪئي، سندس ڪلام مشهور لوڪ فنڪار اسحاق ڪارو مڱڻهار مون کي اچي ٻڌائيندو هو. رئيس زنده دل ۽ خوش مزاج ماڻهو هو، سندس خوش طبعي جي باري ۾ اسحاق ڪاري ٻڌايو ته هڪ ڀيري اسين درجن کن ڳائڻا رئيس جي بنگلي تي واري واري سان ڳائي رهيا هئاسون ته هڪ ڳائڻو پهريون دفعو اچي پرگهٽ ٿيو، ڪجهه دير بعد نئين آيل ڳائڻي کي وارو ڏنو ويو، همراھ حد کان وڌيڪ بي سُرو هجي ! پر رئيس کانئس ٻه ڪلام به ٻڌا ۽ پنجاھه رپيا انعام به ڏنو. اسين خاموش رهياسين، صبح جو جڏهن اهو ڳائڻو موڪلائي ويو هليو، تڏهن مون دل جهلي رئيس کان پڇيو، ”سائين اسان ٻن ڏينهن کان ڳائي ڳائي ٿڪي پياسين پر اوهان اسان کي رپيو به ڪونه ڏنو ۽ هن بي سُري ڳائڻي کي پنجاھه رپيا ڏيئي ڇڏيو، سو ڇو؟“
    رئيس چيو، ”ڪارا فقير، سُرتار وارا فنڪار مون ورهين کان پئي ٻڌا آهن، پر ههڙو بي سُرو ڳائڻو ڪڏهن ڪونه ٻڌم، تنهن ڪري هن کي سندس بيحد بي سُرائيءَ جي باوجود به ڳائيندو رهڻ تي انعام ڏنم.“
    اڄ لاڙ وارا پيارا ماڻهو ياد پيا آهن ته ڏاڏاھه ۽ ڏيئي شهر جي وچ پنڌ تي ميمڻن جي ڳوٺ واري لوڪ ڳائڻي علو درس جي صورت اکين اڳيان پئي ڦري جيڪو پنهنجي وقت جو سٺو ۽ سريلو ڳائڻو هو ۽ هو ڏانڊئي تي نچي ڳائيندو هو، انهي زماني ۾ ڏوڏو شيدي به ساڳي ريت ڏانڊئي تي ڳائيندو هو، هڪ ڀيري سمن سرڪار جي پڙ ۾ علو درس ڳائي رهيو هجي ۽ ماڻهو کيس دل کولي انعام ڏيئي رهيا هجن. ڏوڏو شيدي به واري ملڻ جي انتظار ۾ واجهائي رهيو هجي! پر نه علو جي ڪلامن جو سلسلو کُٽي ۽ نه ڏوڏي کي وارو ملي! علو درس هڪ پويان ٻيو، ٽيون ۽ پوءِ چوٿون ڪلام شروع ڪيو، جنهن جا ٻول هجن:
    اک اُڃايل، دل بکايل، سي ٻئي بند ۾ ڪنهن وڌيون،
    تنهنجي سُورن جون ڪي سنگهرون، منهنجي ڪنڌ ۾ ڪنهن وڌيون.
    ڏوڏو شيدي، جيڪو سڙيو ويٺو هو، تنهن هڪل ڪري چيس، ”علو! اهي سنگهرون سمن سرڪار وڌيون اٿئي.“
    انهي تي محفل ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو ۽ علو درس کي ويهاري ڏوڏي شيدي کي وارو ڏنو ويو:
    اڄ دکيءَ دل کي وري، دلبر دلارا ياد پيا!
    راتڙيون راحت ڀريون، ڏينهڙا پيارا ياد پيا!
    هُو عجيبن جا اوتارا، مور ماڻهو، محبتي،
    اُتر، اولهه، ٿر، ڪراچي، لاڙ وارا ياد پيا!

    [ڇپيل: روزانه هلال پاڪستان 04 ڊسمبر 1991ع]


    اربعا خطا 5

    منهنجو ڪالم ’اربعا خطا‘ اربع جي ڏينهن ڇپجي رهيو آهي ۽ صحيح به آهي ته جيڪو عنوان اهو ئي ڏينهن ! خدا ڪري شل مون کان اربعا خطا نه ٿئي.
    گذريل ڪجهه ڪالمن ۾ مون پراڻيون يادگيريون لکيون آهن ۽ اهڙين شخصيتن جو ذڪر اذڪار ڪيو آهي، جيڪي اسان کان ورهيه ٿيا وڇڙي ويا آهن ۽ اهڙي پار وڃي ابدي آرامي ٿيا آهن، جتان ڪڏهن به ڪوئي واپس ناهي آيو !
    انهن ڪالمن تي منهنجن ڪجهه دوستن مون کي ڊپ ڏيڻ شروع ڪيا آهن ته تون پراڻيون سراڻيون ڳالهيون ۽ مماتي وارن مرهياتن جو ذڪر ڪرڻ لڳو آهين، جنهن مان اسان کي شڪ، بلڪ پڪ آهي ته هاڻ تون به هن دارالفنا مان ڪُوچ ڪري سگهوئي دارالبقا ڏي وڃڻ وارو آهين !! ڇو ته هن کان اڳ جا اهڙا ڪيترائي مثال ملن ٿا ته جنهن به اهڙيون ڳالهيون ڪيون، تنهن ڄڻ وڃڻ جون وايون ڪيون! تنهن ڪري تون انهي ضد تان لهي وڃ ۽ جيئرن جاڳندن تي لک، هرو ڀرو ڇو اچي حياتي مان ڪڪ ٿيو آهين ۽ جيڪڏهن توکي اها غلط فهمي يا خوش فهمي آهي ته ڪو تنهنجي لاڏاڻي کان پوءِ تو تي ميلا لڳندا ۽ تنهنجون ورسيون ملهائبيون، يا تنهنجي نالي تي اسڪول، ڪاليج ۽ اسپتالون قائم ٿينديون ۽ روڊ رستا ٺهندا ته اها تنهنجي سئو سيڪڙو ڀُل آهي !
    بهرحال اها ته هئي منهنجن همدردن، يارن ۽ خيرخواهن جي سهڻي صلاح، هاڻي سندن مشوري تي عمل ڪريان يا نه ڪريان، سا منهنجي مرضي !
    پر آئون به ڊڄڻ وارو ٿوروئي آهيان، موت هڪ نه هڪ ڏينهن اوس اچڻو آهي ۽ وري اها به پڪ اٿم ته جيڪڏهن سچ پچ الله کي پيارو ٿي ويس ته منهنجا دوست ۽ مداح مون کي ڪڏهن ڪونه وساريندا.
    مون کي ياد آهي ته 1984ع ۾ آئون بيمار ٿي پيو هوس ۽ پوءِ حيدرآباد توڙي ڪراچيءَ جي مختلف اسپتالن ۾ زيرِ علاج رهيس، منهنجا دوست ۽ همدرد اخبارن ۾ سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جا مطالبا پورو سال ڪندا رهيا، اخبارن جي ايڊيٽر صاحبن وڏا وڙ ڪري ايڊيٽوريل لکيا، پر سرڪاري خرچ تي علاج ڪو نه ٿيو !!
    چون ٿا ته ڪراچي جي هڪ وڏي ۽ مهانگي پرائيويٽ هاسپيٽل جي ايمرجنسي وارڊ ۾ الائجي ڪيترا ڏينهن بيهوش پيو رهيس !
    منهنجي هڪ دوست ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته هُن جهان مان ٿي موٽيو آهين. سو جڏهن اهڙي حالت ۾ به مرڻ کان بچي ويس ته هاڻي مرهياتن جي ڳالهين ڪرڻ سان ڪيئن مرندس؟
    سائين منهنجا! منهنجو والد صاحب مرحوم سيد امام الله شاھه ڏاڏاهي فارسي زبان جو وڏو ڄاڻو هو، وٽس سنڌي، فارسي ۽ اردو ٻولي جي ڪتابن جو چڱو خاصو ذخيرو موجود هو، پاڻ مون کي ننڍپڻ ۾ فارسي ۽ اردو ڪتابن مان قصا ۽ ڪهاڻيون ترجمي سان ٻڌائيندو هو، کيس تعلقي ٽنڊي باگي ۽ ڊگهڙيءَ ۾ پنهنجي ڪافي زمين هئي ۽ آئون سندس اڪيلو پٽ هوس، ٿيڻ ته ائين کپندو هو ته آئون به ٻين اڪثر روايتي وڏيرن جي اولاد وانگر شوق شغل ڪريان ها ! ميلا ملاکڙا ڏسان ها! ڪڪڙ ۽ ڪتا ويڙهايان ها ! پر والد صاحب جي بهترين تعليم ۽ تربيت سان گڏ ننڍپڻ ۾ ڪتابن جي مطالعي مون جهڙي اڌ چرئي کي شاعر بنائي ڇڏيو! (ڪڪڙن ۽ ڪتن ويڙهائڻ کان بچي ويس)
    اڄ الائجي ڇو؟ سنڌي فلمن جي مشهور ۽ پنهنجي وقت جي مقبول اداڪار مشتاق چنگيزي جي خوبصورت ۽ پر وقار شخصيت منهنجي اکين اڳيان پئي ڦري! جنهن سان ڪافي وقت کان پوءِ تازو ڪلاڪارن جي قدردان محمد عثمان منگي (اسسٽنٽ ڪمشنر ٽنڊو الهيار) وٽ ملاقات ٿي، چنگيزي، منگيءَ جو پراڻو ۽ پيارو دوست آهي. هونئن به عثمان منگي يارن جو يار، قربدار ۽ مور مڙس آهي، جنهن جي اندر ۾ هڪ حساس طبع فنڪار لڪل آهي جيڪو کيس، هر فنڪار، ڪلاڪار، شاعر ۽ اديب جي عزت ۽ قدر ڪرڻ لاءِ مجبور ٿو ڪري !
    مشتاق چنگيزي ! جنهن کي ڏسڻ لاءِ ماڻهو سِڪندا هئا ! سندس هزارين پرستار ساڻس چار گهڙيون گڏ گذارڻ پنهنجي خوش قسمتي سمجهندا هئا ! اخبارن ۽ رسالن وارا سندس انٽرويو ڇاپيندا هئا! نوجوان ۽ شاگرد کانئس آٽوگراف وٺڻ لاءِ آتا هوندا هئا! اهو چاليهن سنڌي فلمن ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاري پاڻ مڃرائڻ وارو مشتاق چنگيزي! اڄ اسان سنڌي ماڻهن طرفان سندس قدر نه ڪرڻ ۽ چند سالن ۾ وساري ڇڏڻ تي ڪا ميار، ڪو ڏک، يا ڪابه شڪايت ڪو نه ٿو ڪري . الله تعاليٰ جي رضا تي راضي رهي نهايت صبر ۽ شڪر سان عزت جي زندگي بسر ڪري رهيو آهي. پر سندس اها معنيٰ خيز ماٺ، اسان کان سوال ٿي ڪري ته ڇا !؟ ههڙن املهه انسانن ۽ باصلاحيت فنڪارن جو اسان وٽ بس، اهوئي قدر آهي ؟

    [ڇپيل: روزانه هلال پاڪستان 11 ڊسمبر 1991ع]


    اربعا خطا 6

    سچ لکڻ ڏکيو! سچ چوڻ سُڻڻ ۽ سهي وڃڻ ڏکيو! پر منهنجي خيال ۾ پنهنجي متعلق سچ لکڻ سڀ کان ڏکيو ڪم آهي؟
    پاڻ کي سچ چوڻ ڪا معمولي ڳالهه ٿوروئي آهي! چوڻي آهي ته سچ زهر کان به ڪڙو ٿئي ٿو. ڪجهه سال اڳ مون کي به اچي شوق ٿيو ته پنهنجي آتم ڪهاڻي لکان، جنهن ۾ ’گامون سچار‘ ٿي سئو سيڪڙو سچ لکان ۽ ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ وجهان!
    سو سائين! ڏاڍي ڪوشش ڪيم ۽ نوٽ بوڪ جا ڏهاڪو کن صفحا سڌو سنئون سچ لکيم، تنهن کان پوءِ هڪدم بريڪ لڳي ويئي ۽ بيهي رهيس، ڇو جو ڪجهه پنهنجون ۽ ڪجهه يارن دوستن جون اهڙيون ڳالهيون ذهن تي تري آيون، جو اُهي جيڪڏهن جيئن جون تيئن لکان ها ته نه دوستن اڳيان منهنجو منهن مَرڪي سگهي ها ۽ نه ئي منهنجا يار ماڻهن مهندان ڪنڌ کڻڻ جي قابل رهن ها !!
    ها! ڪي اهڙا مرد مجاهد به آهن، جي ڪنهن به ڳالهه جي پرواھه نه ڪندي سچ لکي ٿا وڃن! اهڙن سچ ٻول سڄڻن ۾ رئيس ڪريم بخش نظاماڻي ماتليءَ واري جو نالو سِرفهرست آهي، جنهن پنهنجي سچي آتم ڪهاڻي ’ڪيئي ڪتاب‘ ۾ سچ لکي اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته ’سچ ٿا مرد چَوَن ، ڪنهن کي وڻي نه وڻي.‘
    بهرحال مون اهي لکيل پنان ڦاڙي، آتم ڪهاڻي لکڻ وارو پروگرام في الحال ملتوي ڪري ڇڏيو آهي!
    مون کي ياد آهي ته ڳچ سال اڳ مون پنهنجي هڪڙي دل واري دوست کي سچ چوندي کيس سندس ڪُل ڪمزوريون، اوڻايون ۽ خاميون ويهي ٻڌايون هيون، بس! اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن، همراھه ٻيو ته ٺهيو پر شادئين مرادئين اچڻ وڃڻ وارو سلسلو به ختم ڪري ڇڏيو!
    تنهن ڪري هاڻي پڪو پهه ڪيو اٿم ته سچ اصل ڪنهن کي به ڪونه چئبو! هروڀرو ڪو سچو پچو گامون سچار ته آئون آهيان ڪونه جو وتان ماڻهن کي سچ چوندو ۽ راڄ رُسائيندو ؟
    اڄ هڪ اهم مسئلي جو ذڪر ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان، جنهن جو واسطو اوهان سان، مون سان، بلڪ هر هڪ سان آهي.
    منهنجا سائين ! هر ڪُڌي ڪم (ڏوھه) جي خاتمي لاءِ قانون ۾ ڏوهاري لاءِ سزا آهي ! اگهاڙپ ۽ فحاشي هر دين ۽ ڌرم ۾ ممنوع آهي، پر خاص طور اسان جي دين اسلام ۾ ته ان جي هرگز اجازت ڪونهي ۽ فحاشي مذهبي توڙي قانوني طرح جرم آهي. ڪافي وقت کان وٺي اسان وٽ وي سي آر تي فلمن ڏسڻ جو شوق حد کان وڌي ويو آهي ۽ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي.
    ننڍا وڏا، ٻار توڙي ٻڍا، ويندي زائفائن تائين وي سي آر جي وچڙندڙ وبا ۾ وٺجي چڪا آهن ۽ شهرن ۾ اهي ڪيسٽون ۽ وي سي آر کليو کلايو دڪانن تي رکيا آهن، جن ۾ اخلاق کان ڪريل فلمن جون ڪيسٽون به شامل آهن ! جن جي ڏسڻ سان نئين نسل (ٻارن) جي ڪچڙن ذهنن تي ڏاڍو خراب اثر پئجي رهيو آهي. پر انهي کان سواءِ اڄڪلهه سنڌي گانن جون به اهڙيون ڪيسٽون مارڪيٽ ۾ ڌڙا ڌڙ اچي رهيون آهن، جن ۾ ڳايل گانن ۽ ڪلامن جا ٻول اهڙا ته واحيات آهن جو هتي لکي نٿا سگهجن! جن جي ٻڌڻ سان انهن ٺڙڪو ۽ سستي شُهرت جي شوقين شاعرن ۽ لالچي ڳائڻن کي ته الائجي ڦڪائي ٿئي ٿي يا نه؟ پر ٻڌڻ وارن بااخلاق ماڻهن کي ڪنن ۾ آڱريون ضرور وجهڻيون پون ٿيون! اهڙن گندن گانن واريون ڪيسٽون، بسن ۾، هوٽلن تي، بازارن ۾ ۽ ميوزڪ سينٽرن تي وڏي آواز سان رات ڏينهن وڄنديون رهن ٿيون!! جڏهن ته بسن ۾ مردن سان گڏ عورتون به سفر ڪن ٿيون، جن کي پڻ مجبورن سفر وارو سڄو وقت اهڙا ڪِنا ڪلام ۽ گندا گانا ٻڌڻا ٿا پون.
    ڇا! اهڙن اخلاق کان ڪريل شاعرن، ڳائڻن ۽ ميوزڪ سينٽرن وارن لاءِ به ڪا پابندي ۽ ڪو قائدو قانون آهي يا نه ؟ انهي کان سواءِ هن سلسلي ۾ منهنجو اهڙن سستي شهرت جي شوقين شاعرن کي به التماس آهي ته خدارا اهڙي هلڪڙي (ٽرڙائپ واري) شاعريءَ کان پاسو ڪريو ۽ سنجيده شاعري ڪريو . شهرت اوهين سٺي ۽ اخلاق واري شاعريءَ سان به حاصل ڪري سگهو ٿا ؟


    [ڇپيل: روزانه هلال پاڪستان 18 ڊسمبر 1991ع]


    اربعا خطا 7

    باوجود ڪوشش جي به 25 ڊسمبر ۽ 8 جنوريءَ تي ڪالم نه موڪلي سگهيس. جنهن ڪري اهي ٻئي اربعا خالي ويا ! مطلب ته مون کان به، ٻه اربعا نيٺ خطا ٿي ويا !! انهي جو سبب فقط اهو آهي ته آئون اصل کان وٺي لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ ڏاڍو سست رهيو آهيان (سواءِ شاعريءَ جي) ايتري قدر جو ڪيترائي سنگتي ساٿي خطن جي موٽ نه ملڻ ڪري دوستيءَ تان ئي دستبردار ٿي ويا. تنهن ڪري مانوارن پڙهندڙن جي خدمت ۾ اڳواٽ عرض ڪري ٿو ڇڏيان ته جيڪڏهن ڪو اربعا، خطا ٿي وڃي ته دل ۾ نه ڪندا، ڇو جو اڀري لڏ آهي اوير سوير ٿي سگهي ٿي پر سلسلو ختم ڪونه ڪبو.
    سائين منهنجا! هن سڌريل زماني ۾ ريڊيو ۽ ٽي وي جو شمار اهم ضرورتن ۾ ٿئي ٿو. ريڊيو ٽيليويزن جتي اسان کي وندر ۽ تفريح جو سامان مهيا ڪن ٿا، اتي انهن وسيلي علم، هنر ۽ عام معلومات ۾ به اضافو ٿئي ٿو. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سان ٽيهارو کن سالن کان ۽ پي ٽي وي ڪراچي سينٽر سان ويهن ورهين کان وٺي ڪنهن نه ڪنهن طور طريقي، ناتي يا نموني مڙيئي تعلق رهندو پيو اچي سو اڄ ذڪر ڪبو ٽيليويزن جو !
    اڪثر ڪري شام مهل ڏسبو آهي ته گهرن کان سواءِ هوٽلن، دڪانن، اوطاقن ۽ پبلڪ پارڪن ۾ ٽي وي ڏسندڙن جا هشام لڳا پيا هوندا آهن، جن ۾ ننڍا، وڏا، عورتون، مرد، شهر توڙي ٻهراڙي وارا، پڙهيل، اڻ پڙهيل سڀئي ماڻهو شامل آهن. جيڪي پنهنجي پنهنجي پسند جا پروگرام ڏسي دل وندرائن ٿا !
    مون کي ياد آهي ته 1975ع ۾ ڪراچي ٽي وي اسٽيشن تي عبدالڪريم بلوچ صاحب جيڪو ان وقت پروگرام پروڊيوسر هو، تنهن مون کي چيو ته منهنجو خيال آهي ته ٽيليويزن تان سنڌي مشاعرو ڪجي، جنهن جو موضوع ’ٿر‘ هجي ۽ شاعر به سڀئي ٿرپارڪر ضلعي جا هجڻ کپن ۽ اهو ڪم آئون اوهان تي ٿو رکان، اوهين ان لاءِ ٿرپارڪر ضلعي جي شاعرن سان رابطو ڪري کين موضوع ڏيئي، مقرر تاريخ تي وٺي اچو .
    مذڪوره مشاعري جا دعوتناما مون لکيا، جن تي بلوچ صاحب صحيح ڪئي! ان بعد مون سڀني شاعرن سان سندن ڳوٺ وڃي ملاقات ڪئي ۽ دعوت ڏني. مقرر تاريخ کان هڪ ڏينهن اڳ شعراءِ ڪرام مون وٽ ٽنڊي الهيار پهتا، رات رهي صبح جو ڪراچي روانا ٿياسين ۽ ٽي وي اسٽيشن تي پهچي سڀني شاعر حضرات کي عبدالڪريم بلوچ سان ملايو ويو ۽ ٻئي ڏينهن شام جو مشاعري جي رڪارڊنگ ٿي، جنهن ۾ عبدالڪريم پلي مرحوم عمرڪوٽ (جيڪو ان وقت ايم پي اي هو) ثابت علي شاھه لڪياري ’ثابت‘، سروري دونهائو شريف ڊگهڙي، ولي محمد رونجهو ’ولي سروري‘ پٿورو، پير عطاءُ الله جان ’عطا سرهندي‘ سامارو، محمد هوت ’مجرم لغاري‘ جهڏو ۽ راقم شرڪت ڪئي ۽ شعر پڙهيا. انهي مشاعري ۾ سامعين به چڱي تعداد ۾ ويهاريا ويا هئا. انهي کان پوءِ ڪيترائي دور آيا، مشاعرا ۽ ٻيا پروگرام ٿيندا رهيا. عبدالڪريم بلوچ جنرل مئنيجر به ٿي ويو.
    هن وقت ڪراچي ٽي وي اسٽيشن تان هفتي ۾ چار ڏينهن روزانو 25 منٽ ۽ ٽي ڏينهن پنجاھه منٽ (خبرن کان سواءِ) سنڌي پروگرام ٽيلڪاسٽ ٿيندو آهي ۽ موجوده وقت جيڪي پروگرام هلي رهيا آهن، تن ۾ ’سنڌرنگ‘، ’پرک‘، ’ڪچهري‘، ’کٽڻهار‘، ’ناٽڪ رنگ‘، ’هٿين گل ميندي‘، ’حال احوال‘ ۽ ’روشن تارا‘ شامل آهن.
    ’سنڌ رنگ‘ ذهين، محنتي ۽ هردلعزيز پروڊيوسر بادل جمالي پيش ڪري رهيو آهي، هي پروگرام ٿوري وقت ۾ گهڻو مقبول ٿيو آهي. ههڙي قسم جي پروگرام جي ڪافي وقت کان ضرورت محسوس ڪئي پئي ويئي، جنهن ۾ مشاعرا، ملاقاتون ۽ تبصرا وغيره هجن، جيڪي سڀئي رنگ ’سنڌ رنگ‘ ۾ موجود آهن. هن پروگرام جي ڪاميابي ۽ مقبوليت ۾ پروگرام جي ڪمپيئر (ميزبان) شبنم گل جي ذهانت، صلاحيت ۽ محنت شامل آهي.
    شبنم گل، جيڪا پاڻ به سٺي ليکڪا ۽ شاعره آهي، تنهن ’سنڌ رنگ‘ کي خوبصورت رنگن سان سينگاري، سنواري وڌيڪ خوبصورت بڻائي ڇڏيو آهي، هن بهترين پروگرام پيش ڪرڻ تي بادل جمالي ۽ شبنم گل کي مبارڪون ڏيندي هڪ گذارش به ڪندس ته نوَن شاعرن، اديبن ۽ پراڻن شاعرن ۽ اديبن کي هڪ ٻي کان الڳ نه گهرايو وڃي، بلڪ انهن کي پروگرام ۾ گڏ آندو وڃي، ڇو جو پراڻن کان ئي ته نوان سکندا آهن؟ تنهن ڪري آئينده مشاعري، مذاڪري يا ٻئي ڪنهن سلسلي ۾ پراڻن ۽ نون شاعرن ۽ اديبن کي هڪ ئي وقت ساڳئي پروگرام ۾ گڏ آندو وڃي.
    انهي کان سواءِ ’پرک‘ به نهايت ڪاميابي سان هلي رهيو آهي. هن قسم جي سنڌي پروگرام جي به سخت ضرورت هئي، جيڪا سڄاڻ ۽ محنتي پروڊيوسر اعجاز عليم عقيلي صاحب ’پرک‘ ذريعي پوري ڪئي آهي. پروگرام جي ڪمپيئر اسلم آزاد جي ڪمپيئرنگ واکاڻ لائق آهي، پر هڪ گذارش کين ضرور ڪندس ته رڳو نوجوان ۽ ساڳين ساڳين فنڪارن کي نه آندو وڃي، بلڪ ڪڏهن ڪڏهن پراڻن ۽ مشهور فنڪارن کي به موقعو ڏنو وڃي.
    ’ڪچهري‘ تجربيڪار پروڊيوسر فدا حسين بلوچ صاحب پيش ڪري رهيو آهي، هي پروگرام شهر توڙي ٻهراڙي ۾ تمام گهڻو مقبول آهي، جنهن ۾ سيد صالح محمد شاھه جهڙو سينئر اداڪار ۽ صداڪار ڪامياب ميزبان جا فرض نهايت خوش اسلوبيءَ سان انجام ڏيئي رهيو آهي. ’ڪچهريءَ‘ جو وقت 25 منٽ بنهه گهٽ آهي، جيڪو وڌائي 50 منٽ ڪرڻ گهرجي.
    ’کٽڻهار‘ منظور قريشي صاحب جهڙي سينئر ۽ وڏو تجربو رکندڙ پروڊيوسر جو پروگرام آهي، اميد آهي ته مقبوليت حاصل ڪندو.
    ’ناٽڪ رنگ‘ ۾ ڊراما شروع کان وٺي توقع کان به وڌيڪ ڪامياب ٿيا آهن ۽ عوام تمام گهڻو پسند ڪيا آهن، انهي مان ظاهرآهي ته اسان وٽ سٺن ڊراما رائيٽرن ۽ بهترين پروڊيوسرن جي ڪمي ڪانهي.
    ’هٿين گل ميندي‘ ريتن رسمن تي ٻڌل ملبوساتي ميوزيڪل فيچر آهي. جيڪو ڏسڻ وارن (خصوصن خواتين) ڏاڍو پسند ڪيو آهي.
    ’روشن تارا‘ هاڻي عبدالحق عظيم جهڙي پراڻي ۽ ڄاڻو پروڊيوسر کي مليو آهي، اميد ته عظيم صاحب ٻارڙن جي هن پروگرام کي مثالي پروگرام ڪري ڏيکاريندو.
    انهي کان سواءِ اڃان هڪ مزاحيه پروگرام جي ضرورت آهي، جنهن لاءِ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر جي جنرل مئنيجر صاحب ۽ پروگرام پروڊيوسر صاحبن کي گذارش آهي ته ڪو سٺو هفتيوار مزاحيه پروگرام پيش ڪيو وڃي جيئن هيءَ گهرج به پوري ٿئي.

    [ڇپيل: روزانه هلال پاڪستان 15 جنوري 1992ع]


    اربعا خطا 8

    ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سان ٽيهارو کن سالن کان سنگت هلندي پئي اچي انهي عرصي دوران ڪيترائي اسٽيشن ڊائريڪٽر، پروگرام مئنيجر، پروڊيوسر، انائونسر ۽ فنڪار آيا ۽ ويا.
    جن مان ڪيترن سان دوستي رهي ۽ ڪن سان دعا سلام/ڄاڻ سڃاڻ جي حد تائين واسطو رهيو، اسٽيشن ڊائريڪٽرن ۾ محمد بخش انصاري، علي محمد چاڳلا ۽ الياس عشقي، پروگرام مئنيجرن ۾ امرجليل، آغا سليم، الهه بخش شاھ بخاري، پير اسحاق جان سرهندي، خواجه امداد علي، مراد علي مرزا، پروڊيوسرن ۾ مرحوم انور بلوچ، غلام حسين شيخ، سڪندر بلوچ، نعيم مرزا ۽ قادر بخش ملاح (هاڻي پروگرام مئنيجر) سٺو پاڻ ملهايو، سندن محنتون وسارڻ جهڙيون نه آهن، انهن پنهنجي وقت ۾ ريڊيو کي سٺا پروگرام، سريلا آواز، بهترين فنڪار ۽ خوبصورت شاعر ۽ ليکڪ ڏنا جن ۾ مصطفيٰ قريشي، عبدالڪريم بلوچ، سيد صالح محمد شاھ، عبدالحق ابڙو، مشتاق مغل ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن !
    سيد صالح محمد شاھ ڳوٺاڻي ڪچهري (جمهور جو آواز) ۾ هڪ بزرگ شخص فتح خان جو ڪردار اهڙو ته خوب نڀايو ۽ ان ۾ ايڏو مقبول ۽ مشهور ٿيو جو ماڻهو کيس صالح محمد شاھه بجاءِ فتح خان سڏڻ لڳا. مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي ته ٻهراڙي جا ماڻهو شام جو ٻيا سڀ شغل ۽ مصروفيتون ڇڏي ’فتح خان جي ڪچهري‘ ٻڌندا هئا. انهي کان سواءِ مرحوم محمد خان غني، زيب عاقلي، منظور نقوي، مظفر حسين جوش ۽ محمد نواز ڀٽيءَ جون قربائتيون ڪچهريون ۽ خوش مزاجيءَ واريون ڳُڻن ڀريون ڳالهيون وسارڻ سان نٿيون وسرن !
    انائونسمينٽ ڪرڻ به هڪ وڏو فن آهي ۽ اها هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي، پر اسان کي خوشي آهي ته ان سلسلي ۾ به ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي انائونسرن سرور بلوچ، عبدالطيف عباسي، مير محمد لنجار، امام الدين جمالي، جهانگير قريشي (هاڻي پروڊيوسر) محمد علي ٻگهيو، گل حسن قريشي (هاڻي پروڊيوسر)، عبدالغفور کوسو، محمد خان لغاري (هاڻي پروڊيوسر)، نور محمد خاصخيلي ۽ ٻين ڪيترن پنهنجي سٺي ۽ مٺي آواز ۽ صحيح تلفظ سان انائونسمينٽ ڪري پاڻ مڃرايو آهي.
    سنڌي خبر پڙهڻ وارا ته هينئر به کوڙ آهن، پر ڪامران ڀٽي، گل محمد هوت ۽ محمد عيسيٰ نظاماڻيءَ جي ڳالهه ئي ٻي هئي !
    خير هاڻي اچون ٿا موٽي ويجهڙائي وارن پروگرامن طرف، ڇو جو جيڪڏهن گذريل 30 سالن جي طويل عرصي وارن سمورن پروگرامن ۽ هڪ هڪ فنڪار جو تفصيل سان ذڪر ڪبو ته ههڙيون ڪيئي قسطون لکڻيون پونديون.1987ع کان 1991ع تائين چئن سالن وارن پروگرامن کي ريڊيو پروگرامن جون انقلابي تبديليون چيو پئي ويو ۽ اسان کي اميد هئي ته واقعي پروگرامن کي اڃا به وڌيڪ سڌاري سنواري خوبصورت بڻايو ويندو؟پر افسوس ته جهڙي اميد هئي اهڙو نتيجو نه نڪتو!!
    بهرحال گذريل ٽن چئن مهينن کان (چئن سالن واري نئين نشريات جي جاءِ تي) پراڻي طرز نشريات ٻيهر شروع ڪئي ويئي آهي، جنهن ڪري وري اميد پيدا ٿي آهي ته اڳوڻن پروگرامن جهڙا، بلڪ انهن کان به وڌيڪ سٺا ۽ سهڻا پروگرام پيش ڪيا ويندا .
    هن وقت عنايت بلوچ صاحب ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو اسٽيشن ڊائريڪٽر آهي جيڪو نهايت ذهين ۽ تجربيڪار هئڻ سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جو خوبصورت شاعر پڻ آهي. عنايت بلوچ سان نيازمندي ورهين کان آهي، 1985ع ۾ منهنجي پهرين شعري مجموعي ’زهرو زم زم‘ جي مهورت واري موقعي تي پاڻ خاص مهمان جي حيثيت ۾ تقرير ڪندي منهنجي ڪچي ڦڪي شاعري ۽ مون جهڙي اڌ چرئي ماڻهو جي جيڪا واکاڻ ڪئي هئائون، اها مون لاءِ وڏو اعزاز ۽ يادگار به آهي ته سَنَد به .
    دوستو! ڪي ڪي ماڻهو واقعي موتيءَ داڻا هوندا آهن ۽ عنايت بلوچ سچ پچ ته موتيءَ داڻو آهي، جن کيس ويجهڙائي کان ڏٺو هوندو ۽ ٻه چار گهڙيون ساڻس گڏ گذاريون هونديون، اهي سندس خلوص ڀري کيکار، سهڻي من موهڻي صورت، ماکيءَ جهڙي مٺي گفتگو ۽ قرب واري ڪچهري کي عمر ڀر نه وساري سگهندا ۽ وري وري وٽس وڃي روح رهاڻ ڪرڻ جا بهانا پيا ڳوليندا. انهي کان سواءِ قادر بخش ملاح جهڙو سينئر ماڻهو پروگرام مئنيجر آهي، جنهن مان پڻ وڏي اميد آهي ته پروگرامن کي خوبصورت کان خوبصورت بنائڻ جي ڪوشش ڪندو. موجوده پروڊيوسرن ڪوثر ٻرڙو، گل حسن قريشي، محمد خان لغاري، نصير مرزا، ڪامران ڀٽي، نعيم مرزا، سيد نوراظهر جعفري ۽ انور هڪڙي جون محنتون ۽ ڪوششون به واکاڻ لائق آهن پر ساڳئي وقت کين چند گذارشون ڪرڻ به ضروري ٿو سمجهان ته 1987ع کان 1991ع وارن چئن سالن ۾ جيڪي کوڙ سارا نوان شاعر، ڪمپيئر ۽ ڳائڻا ريڊيو تي آيا آهن انهن تي نظرثاني ڪئي وڃي. جنهن لاءِ شاعري، موسيقي ۽ انائونسمينٽ جي پنجن ڄاڻو ماڻهن جي هڪ ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا شاعرن جو ڪلام پڙهي پوري ريت ڇنڊ ڇاڻ ڪري ۽ ڪمپيئرن توڙي ڳائڻن جي ٻيهر آڊيشن وٺي، پوءِ انهن مان جيڪي اهل هجن انهن کي برقرار رکيو وڃي، باقي ٻين کان معذرت ڪئي وڃي؟ انهي کان سواءِ ريڊيو تان ڪيترائي خوبصورت ۽ املهه ڪلام ٻڌڻ ۾ ڪونه ٿا اچن شايد انهن جا ٽيپس ۽ گراموفون رڪارڊ ڀڄي ٽٽي ضايع ٿي ويا آهن ۽ ڀانئجي ٿو ته انهن جي ڪا ماسٽر ڪاپي به موجود ناهي !! بهرحال، آئينده انهن جي حفاظت ڪئي وڃي ۽ ماسٽر ڪاپي به رکي وڃي ته بهتر ٿيندو.
    علاوه انهيءَ جي، نون شاعرن، انائونسرن ۽ ڳائڻن کي پاس ڪرڻ لاءِ هڪ پنج رڪني ڪميٽي ٺاهي وڃي جنهن ۾ ٻه ريڊيو جا ۽ ٽي ريڊيو کان ٻاهر جا تجريبڪار ماڻهو شامل هجن. انهي کان سواءِ پراڻن فنڪارن کي به پروگرام ڏنا وڃن ۽ پراڻن شاعرن جو ڪلام وڌيڪ نشر ڪيو وڃي.

    [ڇپيل: روزانه هلال پاڪستان 19 فيبروري 1992ع]


    اربعا خطا 9

    اصل کان وٺي انسان خود پسند رهيو آهي ۽ رهندو اچي، هر ڪو ماڻهو پاڻ کي حسين، جميل، عقلمند ۽ اڪابر سمجهي ٿو ۽ پنهنجو پاڻ سان بي انتها پيار ڪري ٿو !
    پنهنجي واکاڻ ۽ نالو ٻڌي خوش ٿئي ٿو ۽ اها فطري ڳالهه به آهي! ڇو جو جيڪڏهن ماڻهو پنهنجو پاڻ پسند نه ڪري! بيوقوف سمجهي ۽ پاڻ کان نفرت ڪري ته پوءِ جيڪر مرڻ کان اڳيئي مري وڃي !!
    اهڙي طرح شهرت به هر ڪنهن کي وڻي ٿي، ماڻهو چاهي ٿو ته مشهور هجان، جيئن ڏسڻ وارا پري کان ئي سڃاڻي وٺن ۽ چون ته، ”او اهو فلاڻو صاحب پيو وڃي!“ ۽ جتان به لنگهان ته ماڻهو ادب ۽ احترام سان سلام ڪن!! ائين آهي به سهي ته ڪن اهڙن ئي مشهور معروف ماڻهن سان ملڻ يا سندن ڪاڄ، راڄ، ڪوٺ ۽ ڪچهري ۾ اچڻ کي باعثِ فخر ۽ عزت سمجهيو ويندو آهي ! پر شهرت به اها جيڪا محنت، مشقت، فن، فڪر، علم، عقل، ادب، تهذيب، سر، سنگيت، ڪردار، گفتار، ڏات ۽ ڏاهپ جي ڪري نصيب ٿئي ؟ باقي پئسن تي پنهنجي پبلسٽي ڪرائي شهرت حاصل ڪرڻ کي سچي پچي ۽ حقيقي شهرت ٿوروئي چئبو !
    ڪيترائي ڪروڙپتي گمناميءَ جي زندگي گهاري گذاري ويا، جن جو نالو به ڪنهن کي ياد نه هوندو ، پروري ڪيترا مسڪين ۽ مولائي ماڻهو خدا داد صلاحيتن سبب جڳ مشهور آهن .
    سو منهنجا سائين ! آئون به انسان آهيان، ٻين وانگر مون کي به پنهنجي تعريف ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿيندي آهي ! هونئن ته ورهين کان وٺي ڪافيون ڪلام پنهنجا کوڙ سارا ريڊيو ۽ ٽيليويزن تان نشر ٿيندا رهيا آهن ۽ جڏهن به ٻڌندو آهيان ته ڏاڍا وڻندا اٿم! ڀلا پنهنجي تخليق ڪيئن نه وڻندي ؟ پر ڪڏهن ڪڏهن ڪا شئي ڪنهن سبب جي ڪري وڌيڪ وڻي ويندي آهي ! اڄ کان 24 سال اڳ جي ڳالهه آهي شام جي مهل ريڊيو ويٺي ٻڌم ته منهنجي ئي هڪ ڪافي حسين بخش خادم ڳائي جنهن جا ٻول هئا، ’ڪانگا ڪج ڪا ڳالهه، منهنجي محبوبن سان.‘ شام جي ٿڌڙي ۽ پُرسڪون پهر ۾ حسين بخش جي جوانيءَ واري مٺڙي ۽ سريلي آواز ۾ ڪافيءَ اهڙو مزو ڏنو جو ڪجهه ساعتن لاءِ پنهنجو پاڻ کي وساري ويٺس! پر اڃا به جنهن خاص ڳالهه جي ڪري مذڪوره ڪافي جي اهميت مون وٽ وڌي ويئي آهي، سا هيءَ آهي ته ٻن ڏينهن بعد 12 سيپٽمبر 1967ع تي قبله مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ صاحب جن جو نوازشنامو (خط ) پهتو (خط و ڪتابت جو سلسلو اڳيئي هلندڙ هو، جيڪو سندن مهربانيءَ سان اڃان تائين جاري آهي) جنهن ۾ پاڻ تحرير فرمايائون ته، ”هن وقت شام جا پنج لڳي ٽيهه منٽ ٿيا آهن، ۽ حسين بخش اوهان جي ڪافي ’ڪانگا ڪج ڪا ڳالهه، منهنجي محبوبن سان.‘ ڳائي پيو، جيڪا اسان کي تمام گهڻو وڻي آهي. واھه واھه ! هاڻي ڪافي ته پوري ٿي چڪي آهي، پر دل جي ڪَنن ۾ اڃا ٻُري پئي.“
    مخدوم صاحب جن جهڙا عالم، اديب، دانشور ۽ عظيم شاعر ڪِنهن ڪافي، ڪلام کي پسند ڪري تعريفي لفظ لکي موڪلين. اها ته هڪ وڏي ۾ وڏي سَنَد ۽ اعزاز آهي.
    سنڌ جي برک ليکڪا محترمه ماهتاب محبوب صاحبا جي لکڻ موجب، جڳ مشهور عالم، اديب ۽ تاريخدان سائين پير حسام الدين راشدي مرحوم کي منهنجا ڪلام ۽ ڪافيون ايتري قدر پسند هئا جو پاڻ انهن جون ڪيسٽون ڀرائي رکيون هئائون، جيڪي دوستن جي ڪچهرين ۾ توڙي اڪيلائي ۾ ٻڌندا رهندا هئا. اهڙو ذڪر ممتاز مرزا صاحب به ڪيو ۽ چيائين ته پير صاحب جن ڪيترا ڀيرا مون کي به چيو ته ٽي ويءَ تي مرتضيٰ ڏاڏاهيءَ جو ڪلام وڌيڪ هلايو وغيره... نامياري اديب نسيم کرل مرحوم به منهنجن ڪلامن جون ڪيسٽون ڀرائي رکيون هيون.
    بهرحال! هيءَ هئي پنهنجي پاڻ ساراھه جيڪا مون ڪئي! تعريفي ڳالهيون ته اڃا گهڻيون ئي آهن، پر اهي وري ڪنهن ٻئي وقت ڪبيون. دوستو! زندگيءَ ۾ حضرت عشق جي ور به چڙهياسون، پنهنجي طرفان پيار به ڪيوسون (ٻي پاسي کان ته الائجي هو يا نه ؟)

    ٿياسين نه محبوب ڪنهن جا ته ڇا ٿيو!
    محبت ۾ ڪنهن تان فدا ٿي ڏٺوسين!
    محبوب ماڻا ڪري رُٺا ته ميڙون منٿون ڪري، روئي رڙي پرچاياسون! ۽ سڄي حياتيءَ ۾ رڳو هڪ ڀيرو آئون به من گهريي محبوب سان ماڻو ڪري، انهي آسري تي رُٺس ته ضرور پرچائيندو... پر منهنجو خيال غلط نڪتو، محبوب کنگهيو ئي ڪونه! پڇا به ڪانه ڪيئين! نيٺ لاچار ٿي هفتي کن کان پوءِ آئون پاڻ وڃي پرتس!
    ۽ وري هميشه لاءِ رسڻ کان توبهه ڪيم !!!

    [ڇپيل: روزانه هلال پاڪستان 4 مارچ 1992ع]


    مِٺا محب ماڻهو، پرين پيار وارا

    سونهاري سنڌ صدين کان وٺي، ڪيئي پير فقير ، درويش ، اولياء ، عالم ، صوفي ، سالڪ ، دانشور ، سگهڙ ، صحافي ، عاشق ، عارف ، اديب ، شاعر، اداڪار ، صداڪار ، فنڪار ، ڏاها ، ڏات ڌڻي ۽ املهه انسان پيدا ڪيا آهن ۽ پيدا ٿيندا رهندا. اهو سلسلو ختم ٿيڻو ناهي، جاري آهي ۽ جاري رهندو، قبله حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب به اهڙن ئي املهه انسانن مان هڪ هو، جنهن جي وصال کي 9 سال گذري ويا آهن، پر سچ پچ ته ڪلهوڪي ڳالهه ٿي لڳي.
    11 جنوري 1993ع جي شام جو ساڍين ڇهين وڳي ڌاري آئون پنهنجي دوست ۽ شاعر محمد عثمان منگي اسسٽنٽ ڪمشنر، ٽنڊو الهيار جي بنگلي تي پهتس، جتي پي ٽي وي ڪراچي سينٽر جو پروگرام پروڊيوسر قربان چنا صاحب پڻ موجود هو، پهچڻ سان ٻنهي دوستن مون کان پڇيو ته، ”اوهان ٽي ويءَ تان سنڌي خبرون ڏٺيون؟“
    مون چيو، ”نه !“ چيائون، ”مخدوم صاحب گذاري ويو.“
    انهيءَ مختصر، پر نهايت ئي دکدائڪ جملي ٻُڌڻ کان پوءِ اسين ٽيئي ڄڻا وڌيڪ ڪجهه به ڳالهائي نه سگهياسين ۽ ڪافي وقت خاموش ويٺا رڳو هڪ ٻئي جي مُنهن ۾ نهاريندا رهياسون ! شايد ٽنهي کي خبر تي ويساھه ڪونه پئي آيو ته ڪو واقعي مخدوم صاحب وفات ڪري ويو آهي. ڇو جو اهڙا عظيم انسان مرندا ٿوروئي آهن، اهي ته صدين تائين زندھه رهندا آهن. قبله سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب جهڙا سهڻا، سٻاجها، اهلِ دل، اديب، عالم، شيرين زبان شاعر، يارن جا يار، غمخوار، خوش خلق، خوش پوش، درگذر ڪندڙ، اڇا اُجرا، نازڪ نفيس ۽ ماکيءَ کان مٺا ماڻهو سچ پچ ته خوش قسمت قومن ۾ مدتن کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن. پاڻ بهترين شاعر، نثر نويس، نظم توڙي نثر جي ڪيترن ئي ڪتابن جا مصنف ۽ موسيقيءَ جا ماهر هئا. قبله طالب الموليٰ سائين سان هالا، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪيتريون ئي قرب واريون ڪچهريون ۽ روح رهاڻيون ٿيون، ڪيترن ئي مشاعرن ۽ ادبي ڪانفرنسن ۾ سندن خدمت ۾ حاضر رهيس، اهي قربائتيون ڪچهريون وسارڻ سان به نٿيون وسرن، سندن سُهڻي صورت ۽ من موهيندڙ مُرڪ اڄ به اکين آڏو آهي. پاڻ جڏهن طبيعت ۾ ناخوش رهڻ لڳا ته پوءِ ڪڏهن روبرو ته ڪڏهن ٽيليفون تي سندن خيريت معلوم ڪندو رهندس هوس، فون تي ڪڏهن ته پاڻ به ڳالهائڻ جي مهرباني ڪندا هئا، ڪڏهن وري سندن خدمتگار/ملازم ٻڌائيندا هئا ته سائين خوش آهن، انهيءَ کان سواءِ ڪڏهن ڪڏهن قبله جميل سائين يا عقيل سائين جن سان ٽيليفون تي رابطو ٿي ويندو هو ته کانئن سائين وڏن جي صحت بابت پڇي وٺندو هوس.
    1955ع کان قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب جن سان نياز مندي ۽ خط و ڪتابت جو سلسلو شروع ٿيو، جيڪو آخري وقت تائين قائم رهيو، آئون پاڻ لاءِ اهو هڪ اعزاز ٿو سمجهان ته مخدوم صاحب جن جا کوڙ سارا خط مون وٽ موجود آهن، پاڻ منهنجي هر خط جو جواب باقاعدگيءَ سان لکندا هئا، ايتري قدر جو ڪراچي، حيدرآباد، لاهور، راولپنڊي ۽ لنڊن مان به خط لکيائون ۽ قبله حضرت طالب الموليٰ سائين هر عيد تي، عيد ڪارڊ پڻ اُماڻيندا هئا.
    مون کي ياد آهي ته ڊسمبر 1984ع ۾ آئون، منهنجو دوست سليم بچاڻي صاحب ۽ منهنجو وڏو پٽ شير محمد شاھه (مرحوم) هالا ۾ قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب جي خدمت ۾ حاضر ٿياسين ۽ مون منهنجي ننڍي پٽ سجاد علي شاھه جي طهر (3 جنوري 1985ع) جي دعوت جو ڪارڊ پيش ڪيو، پاڻ پڙهي فرمايائون ته ڏاڏاهي صاحب موسم به سياري جي آهي، پر تنهن هوندي به جيڪڏهن طبيعت صحيح هوندي ته اسين پاڻ اينداسين، نه ته به اسان مان ڪو (فرزندن مان) ضرور شرڪت ڪندو ۽ پوءِ مقرر تاريخ 3 جنوري 1985ع تي رات جو سندن فرزند قبله مخدوم سعيد الزمان ’عاطف‘ صاحب تشريف فرما ٿيا. وري سندن طرفان اڃا به وڌيڪ عزت ۽ مانُ ڏيڻ جو خوبصورت انداز ڏسو ته قبله مخدوم سعيد الزمان عاطف صاحب هٿ هڪ خط به لکي موڪليائون، جنهن ۾ لکيل هو ته، ”طبيعت جي ناسازيءَ سبب اسين پاڻ نه اچي سگهيا آهيون، ليڪن پنهنجي پاران مخدوم سعيد الزمان ’عاطف‘ موڪلي رهيا آهيون، اوهان کي ڪاڄ جون مبارڪون ڏيون ٿا.“
    قبله مخدوم طالب الموليٰ سائين جي قربن ۽ نوازشن جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪري ڪهڙيون ڪجن! الله سائين جهڙي کين سُهڻي صورت ڏني هئي اهڙي ئي پيار، پاٻوھ، خلوص ۽ محبت واري دل به عطا ڪئي هئي، ليڪن وساريو پونئيرن به ناهي، قبله مخدوم امين فهيم صاحب، سندن لائق فرزندان قبله جميل الزمان صاحب ۽ مخدوم عقيل الزمان صاحب توڙي ٻيا مخدوم صاحبان به ياد ڪندا رهندا آهن. مثال طور 15 آڪٽوبر 1993ع تي قبله جميل سائين ٽيليفون ڪيو ۽ چيو ته، ”مرڪزي بزم طالب الموليٰ طرفان 4 نومبر 1993ع تي رات جو سروري اسلاميه ڪاليج هالا جي بيت الحڪمت هال ۾ پهريون ڪل سنڌ مخدوم طالب الموليٰ يادگار مشاعرو ڪرايو پيو وڃي ۽ مرڪزي بزم طالب الموليٰ جي چيئرمين ۽ درگاھه حضرت مخدوم نوح عليه رحمت جي موجوده سجاده نشين قبله مخدوم امين فهيم صاحب جن جي خواهش موجب اوهين انهيءَ مشاعري ۾ خاص مهمان هوندا.“ ۽ واقعي يادگار مشاعرو ٿيو، صدارت مخدوم شفيق الزمان (مرحوم) ڪئي، قبله جميل سائين به موجود هئا، مشاعري جي ڪاروائي مشهور شاعر انور هالائي (مرحوم) هلائي، مذڪوره مشاعري ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پنجاھه کان وڌيڪ شاعرن شرڪت ڪئي.
    قبله مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰ‘ سائينءَ جي يادگيرين جو جيڪڏهن تفصيلي ذڪر ڪبو ته ڪيئي ڪتاب لکجي ويندا، پر ڪي اهڙا لحما به ياد ٿا اچن جو بي اختيار اکين مان لڙڪ لڙيو پون، تاريخ ته ياد ناهي پر اندازن سال 1965-66ع جي ڳالهه آهي ته آئون صبح جو سندن حيدرآباد واري بنگلي تي پهتس، کين ٻڌايو ويو، پاڻ بنا دير جي سڏايائون ۽ هميشه وانگر مرڪي مليا، خوش خير عافيت ٿي، حال احوال ورتائون، تيستائين نوڪر اسپيشل چانهه کڻي آيو ۽ رکي هليو ويو، مخدوم صاحب جن پاڻ چانهه ٺاهڻ لڳا، مون عرض ڪيو، قبله آئون ٿو چانهه ٺاهيان، چيائون نه اوهان ڇڏيو، اسين ٿا ٺاهيون ۽ پاڻ پنهنجن هٿن مبارڪن سان چانهه ٺاهي، هڪ ڪوپ مون کي ڏنائون ۽ پاڻ به پيتائون. اهڙا قرب ۽ اهڙي پنهنجائپ ڀلا ڪٿي ٿي وسري سگهي، ڇا ته ماکيءَ جهڙي مٺي نرم لهجي واري سندن گفتگو هئي، ڇا قرب واري ڪچهري هئي، هر لفظ سوچي ويچاري توري تڪي ڳالهائيندا هئا. سال 1994ع جي جنوري مهيني جي پهرئين هفتي ۾ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر جي ان وقت جي پروگرام پروڊيوسر (هاڻي پروگرام مئنيجر) منظور قريشي صاحب جو ٽيليفون آيو ته سڀاڻي ٽي وي اسٽيشن تي پهچي وڃو. قبله مخدوم طالب الموليٰ صاحب جن جي پهرين ورسيءَ جي سلسلي ۾ سندن ياد ۾ پروگرام رڪارڊ ڪرڻو آهي، آئون مقرر تاريخ ۽ ٽائيم تي پهچي ويس، رڪارڊنگ ٿي جنهن ۾ قبله مخدوم جميل الزمان صاحب، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ صاحب، امداد حُسيني، عبدالقادر جوڻيجو، جميل الدين عالي صاحب ۽ آئون شريڪ ٿياسين ۽ ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب ڪمپيئرنگ ڪئي، مذڪوره پروگرام پي ٽي وي ڪراچيءَ تان 11 جنوري 1994ع تي شام جو ٽيليڪاسٽ ٿيو.
    قبله حضرت مخدوم طالب الموليٰ سائين مون کي ته تمام گهڻي عزت ڏيندا هئا، پر منهنجي پٽ جاويد کي به ڀائيندا ۽ پيار ڪندا هئا. شال الله تبارڪ و تعاليٰ کين جنت الفردوس ۾ جايون ڏي ۽ پونيئرن کي سندن نقش قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)

    [ڇپيل: ’امرتا‘ جنوري 2002ع]


    آخري عشق

    ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ مان بهار جي بوءِ ايندي آهي، پوءِ ڪو ڪنهن جي لاءِ ته ڪو ڪنهن جي لاءِ! منهنجي ترڪڻي طبعيت اصل کان اهڙي ئي رهي آهي، جهڙي اڄ آهي. شل نه ڪا سهڻي صورت ۽ من موهڻي مُورت ڏسان، بس منٽن ۾ موهجي پيو. سندس آس پاس ڦيرا ڏيندس ۽ وري جي مَنَ گُهريو محبوب / محبوبا مرڪي پوي ته ڄڻ عيدون ٿي ويون، بنا سوچڻ ويچارڻ جي مٿس ’اڪن ڇڪن‘ ٿي پوندو آهيان.
    ماڻهن کي عطر عنبير وڻن، پرفيوم پسند اچن. گلن جي خوشبو وڻي، بلاشڪ اهي سڀئي سرهاڻ جا سامان آهن، ڇو نه وڻن، پر آئون سدائين من گهرئي محبوب جي بي بها بدن جي مهڪ تي مست رهيو آهيان ! ڇو جو منهنجي خيال ۾ ٻيون سرهاڻيون ته هٿرادو هونديون آهن ۽ فقط چند گهڙين لاءِ سُرورُ بخشين ٿيون، ليڪن ماهرو محبوب جي جسم جي خوشبو ته هميشه هڪجهڙي هوندي آهي، جيڪا عاشق جو اندر ته ڇا، پر وڻ ٽڻ به واسيو ڇڏي، الله سائين ڪري شال محبوب سدائين مرڪندا رهن.
    خير... ڪٿان جي ڳالهه ڪٿي وڃي پهتي! اڄ مون کي ذڪر ڪرڻو آهي پنهنجن پيارن، يارن، قربدارن جو، جن مان سليم بچاڻي به هڪ آهي. سليم ۽ آئون سِڪَ ۽ سنگت جو سڳو سالن کان سوريندا پيا اچون. نڪو هوُ ٿو ڇني نڪو آئون ٿو ڇنان! شابس هجي سليم کي، جو ايڏي عرصي ۾ ڪڏهن به ڪوسو ٿي ڏوراپو نه ڏنو اٿس، نه ته منهنجن لڇڻن جي کيس سڄي خبر آهي.
    سليم بچاڻي مون کي اڄ کان پورا پنجويهه سال، پنج مهينا ۽ پنج ڏينهن پهرين پسند آيو هو، اڇو ڳورو، سهڻو سرو قد، نازڪ نفيس، آئون پهرين ملاقات ۾ ئي مٿس دل جان سان عاشق ٿي پيو هوس، جنهن جي خبر کيس اڄ ڏينهن تائين ناهي !!
    هونئن اڪثر ائين ٿيندو آهي ته عاشق معشوقن جا انگل آرا کڻندا آهن، پر هتي ان جي بنهه ابتڙ سليم منهنجا انگل آرا کڻندو رهيو آهي. پاڻ ڪچهرين جو ڪوڏيو، راڳ جو ڄاڻو ۽ مطالعي جو شوقين آهي، شاعري به ورهين کان وٺي ڪندو پيو اچي، شاعري ۾ مون کي پنهنجو استاد چوندو آهي اها سندس ذره نوازي آهي، جڏهن ته ادب جي اسڪول ۾ آئون پاڻ کي اڄ به شاگرد سمجهان ٿو.
    عاشق به آئون مٿس ۽ وري منهنجون ارڏايون ڏسو، ڪجهه ڏينهن اڳ کيس هڪ ننڍڙي چٺي لکيم، ته: ”ٽيليفون نٿا ڪريو، تنهن کان بهتر آهي ته فون ئي ڪٽائي ڇڏيو.“ جنهن جي جواب ۾ پاڻ مختصر ليڪن جامع خط لکيائين، جيڪو جيئن جو تيئن پيش ڪجي ٿو:
    محترم استاد سائين مرتضيٰ ڏاڏاهي!
    قبله، نه فون ڪٽائي اٿم ۽ نه وري اوهان مان بيزار ٿيو آهيان، جو هرو ڀرو اوهان کان پاسيرو رهان، پر سائين توهان کي ته منهنجي هيڻي حال جي ڄاڻ آهي، منهنجي طبعيت ۽ صحت کان به واقف آهيو ۽ منهنجي مزاج کان به آشنا آهيو. اوهان جون ميارون مناسب نه آهن، پر جي پنهنجو سمجهي ڏيو ٿا ته اکين تي رکان ٿو. فون ڪرڻ ۾ دير لاءِ معذرت خواه آهيان، ان آس ۽ اميد سان ته هميشه وانگر ناچيز جون ڪوتاهيون درگذر ڪندا ۽ شفقت ڀري نگاهه سان جڏي جيءَ کي جيئڻ جو حوصلو بخشيندا رهندا.
    ’امرتا‘ رسالي ۾ ’وتائي فقير جو خط‘ پڙهيم، سچ پچ ته ڏاڍو پسند آيو، بندهه کي ان ۾ ياد ڪرڻ لاءِ ممنون آهيان. آئون ته اوهان جي تحريرن، تقريرن، گفتارن، ۽ بيانن ۾، جيڪي منهنجي لاءِ استعمال ڪندا آهيو، انهن اکرن جو ٿورو به لاهي نٿو سگهان، سواءِ دعائن جي - سدائين گڏ.

    نياز مند
    سليم بچاڻي

    آئون اهو خط پڙهي روئڻهارڪو ٿي ويو هوس ۽ پنهنجو پاڻ سان واعدو ڪيو هوم ته هاڻي ڪڏهن به ڪنهن دل واري کي ميار نه ڏبي !
    مون انيڪ عشق ڪيا آهن، خوش قسمتيءَ سان ڪنهن هڪ ۾ به ناڪام نه ٿيو آهيان !
    مون کي نصير مرزا جو مقناطيسي مرڪڻ، ڪوثر ٻرڙي جو کلڻ، بيدل مسرور جو ملڻ ۽ فقير محمد ڍول جو ’امرتا‘ لاءِ مضمون گهرڻ ۽ پنهنجو روئڻ ڏاڍو وڻندو آهي، انهن چئني ڄڻن جي مذڪوره چئن خوبين ۽ خصوصيتن تي به عاشق آهيان (پنهنجي روئڻ تي نه) آئون زندگي ۾ کِليو گهٽ ۽ رُنون گهڻو آهيان.
    ڳالهه پئي هلي سليم بچاڻي جي ته سليم کي سمجهڻ ۽ سڃاڻن سولو ناهي، هُو ڏاڍو ڏکيو، ڏاهو ۽ ڏانءَ وارو شخص آهي، گَهڻ سَهُو به ڪمال جو آهي، ڪير ڀلي ڪيڏي سندس گِلا ڪري ۽ ڪو اچي ٻڌائيس، ته به ڪجهه ڪونه ڪُڇندو، بس مُرڪي ماٺ ٿي ويندو. عاشق به ذري گهٽ مون جهڙو آهي، حُسن اسان ٻنهي جي ڪمزوري آهي. سليم جي عشقن جي انگ جي خبر سليم کي هوندي. باقي مون زندگي ۾ ايڪونجاهه عشق ڪيا آهن، جن مان اٺيتاليهه پُڄاڻي کي پهچي چڪا، جڏهن ته ٽي حال هلندڙ آهن، انهن مان به آخري ايڪونجاهين عشق ته ڪَنَ ڳاڙها ڪري ڇڏيا آهن. نصير مرزا، هڪ اخباري انٽرويوءَ ۾ پنهنجي عشق بابت سئو سيڪڙو سچ ڳالهيو هو. جنهن تي مون کيس پرپُٺ داد ڏنو هو ۽ آفرين چئي هئي. آئون به عشق ، پيار ۽ محبت جون ڳالهيون لڪائيندو ناهيان، جڏهن ته انهن عادتن سبب نقصان به ڏاڍا برداشت ڪيا اٿم، پر مون پيار ڪري ڪڏهن به پڇتايو ناهي، پيار ڪري پوءِ پڇتائبو وري ڪيئن؟ پيار ته ڀاڳن وارن کي نصيب ٿيندو آهي ۽ آئون انهن ڀاڳن وارن مان آهيان. ارادو آهي ته عزيز ناز دائودپوٽي جي ناول ’حميده‘ جون قسطون خير سان پڄاڻي کي پهچڻ بعد، آئون ’امرتا‘ ۾ پنهنجن ايڪونجاهه عشقن جو سربستو احوال لکندس، جيڪو پڪ سان منهنجي ۽ ’امرتا‘ جي آخري ايامن تائين هلندو.


    [ڇپيل: ’امرتا‘ اپريل 2003ع]


    من موهيندڙ ماڻهو

    لطيف سرڪار جي سهڻي ۽ صدوري سرزمين سنڌ، مانائتن محبتي مٺڙن ماڻهن سان ڀري پئي آهي، ڪنهن جو ذڪر ڪري ڪنهن جو ڪجي، پر انهن ۾ ڪي انتهائي دلربا ۽ پرڪشش شخصيتون هونديون / ٿينديون آهن. قرب وارو ڪوثر ٻرڙو بلاشبه اهڙو ئي پيارو ۽ من موهيندڙ ماڻهو آهي، سدائين مرڪ منهن تي، جڏهن به ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ساڻس ملڻ وڃبو هو ته ڏسندي ئي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي ڀاڪر پائي ملندو هو. پورو عرصو ته ياد ناهي پر ڀانيان ٿو ته اٺ سال کن غلام قاسم ‘ڪوثر’ ٻرڙو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي بحثيت پروڊيوسر رهيو، اسان جو ٿوري وقت ۾ پيار وڌي عشق جي حد تائين پهچي ويو، ليڪن اها خبر اڄ تائين ڪنهن کي به پئجي نه سگهي ته اسان ٻنهي مان عاشق ڪير ۽ معشوق ڪير آهي.
    ڪيڏو نه خوش قسمت آهي ڪوثر جو هڪ ئي وقت مخلص دوست، خوبصورت شاعر، نثر نويس ۽ بهترين براڊڪاسٽر آهي. سندس دوستن جو حلقو وسيع آهي پر پاڻ مون تي خصوصي طور تمام گهڻو مهربان رهيو آهي. حيدرآباد مان جڏهن بدلي ٿيو ته يارن دوستن سندس پُرتڪلف الوداعي دعوتون ڪيون ۽ آخر ۾ پاڻ وري پنهنجن يارن قربدارن جي پروقار دعوت ڪيائين، جنهن ۾ آئون باوجود بيمار هئڻ جي به هلي وڃي حاضر ٿيس، ڇو جو قرب وارن جي قربائتي ڪوٺ تي پاڻ کڻائي به وڃي پهچبو آهي، سو وڃي پهتس. رات جي ماني کائي جڏهن موڪلايوسين ته مون سميت الائجي ڪيترا سندس دوست لڙڪ روڪڻ جي ڪوشش ڪندي به روڪي نه سگهيا هئا. ظاهر آهي ته ان مهل ڪوثر صاحب جي ڪهڙي حالت هوندي ! ڪوثر سندس غزل ۾ الائي ڪنهن کي چيو آهي ته، ”تون منهنجو صنم آهين، مان تنهنجو صنم آهيان“ پر اسين سمورا دوست کيس پنهنجو ’صنم‘ ٿا سمجهون.
    سچ پچ ڪوثر صاحب جي آفيس، آفيس گهٽ اوطاق وڌيڪ لڳندي هئي. شاعر، اديب، فنڪار، اداڪار، صداڪار، صحافي، ڪمپيئر ۽ ٻيا دوست ڪرسيون والاريو ويٺا هوندا هئا. خوبصورت آواز جو مالڪ انائونسر ۽ صداڪار محمد علي ٻگهيو مرحوم به هر وقت حاضر هوندو هو. ڪڏهن ڪوثر صاحب موجود نه هوندو هو ته منهنجي خاطر تواضع محمد علي ٻگهيو مرحوم ڪندو هو. غفور گل کان سواءِ مذڪوره اوطاق نما آفيس ٻُسي ٻُسي پئي لڳندي هئي. ان کان علاوه استاد فيروز گل مرحوم ۽ امين ارباب پڻ حاضر هوندا هئا. سنجيده ڪچهريءَ سان گڏوگڏ کل ڀوڳ جو سلسلو به جاري رهندو هو. منجهند جي ماني ڪڏهن محمد عثمان منگي صاحب سان گڏ ‘فاران’ هوٽل ۾ وڃي کائبي هئي ته ڪڏهن ڪوثر صاحب پريس ڪلب جي ڪينٽن تان ماني گهرائي مانجهاندو ڪرائيندو هو ۽ ڪڏهن وري اسان جو سهڻو فنڪار غفور گل، گول بلڊنگ جي ڀرواري سندس گهران پراٺا ۽ تريل پٽاٽا کڻي ايندو هو. جيڪي ڏاڍا لذيذ هوندا هئا.
    ڪڏهن ائين به ٿيندو هو جو آئون سويري پهچي ويندو هوس. ڪوثر صاحب سيٽ تي موجود نه هوندو هو ۽ جيڪڏهن اتفاق سان ’صبحِ مهراڻ‘ جي سلسلي ۾ ٻئي با اخلاق ۽ باصلاحيت ڪمپيئر ’ملاح سسٽرس‘ آفيس ۾ هونديون هيون ته وڏي عزت ۽ احترام سان ڀليڪار ڪنديون هيون ۽ هڪدم پٽيوالي کي سڏي چانهه بسڪيٽ به گهرائي وٺنديون هيون. مطلب ته ڪوثر صاحب جي ڪمي محسوس ٿيڻ نه ڏينديون هيون. ‘صبح مهراڻ’ ته جاري و ساري آهي. ليڪن ٻنهي ڪمپيئر ڀينرن جي ڪمي اڄ تائين محسوس ٿئي پئي. الله سائين خوش رکين.
    منهنجي ناقص تجربي مطابق نوڪريءَ وارن ماڻهن / دوستن مان ٽرانسفر ٿيڻ کان پوءِ ڪو ورلي ياد ڪندو آهي، سچ پچ ته ڪوثر ٻرڙي ۽ محمد عثمان منگيءَ انهي ڳالهه کي غلط ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ۽ خط توڙي ٽيليفون وسيلي ياد پئي ڪيو آهي. ڪوثر صاحب ريڊيو خيرپور، ريڊيو پاڪستان تربت ۽ لاهور مان به وقت بوقت ياد ڪندو رهندو هو ۽ اهو سلسلو هينئر به جاري آهي، وري اسان ٻنهي جو مشترڪه دوست ۽ ثقافتي شخصيت محمد عثمان منگي ٽنڊي الهيار مان بدلي ٿي وڃڻ کان پوءِ سجاول هجي يا سانگهڙ، موري هجي يا ماتلي ،سکر هجي يا شهدادپور ٽيليفون جا ڪڙڪا ڪندو رهيو. سو ڳالهه پئي ڪيم قرب واري ڪوثر ٻرڙي جي، ڪجهه سال پهرين پاڻ پنهنجي پهرئين شعري مجموعي لاءِ ٻه ٽي اکر لکڻ جو حڪم ڪيائين ۽ مون به هن مضمون / تاثر جهڙيون ڪچيون ڦڪيون ڪجهه سٽون لکي حڪم جي تعميل ڪئي. وري ٿيو هيئن ته ڪجهه ئي ڏينهن کان پوءِ سندس يادگيرين تي مشتمل نثر جو بهترين ڪتاب ياد گهر اچي پهتو. جنهن ۾ مون ناچيز جو ذڪر، فوٽو ۽ خط وغيره شامل ڪرڻ جو شرف بخشيائين. ڪوثر صاحب ’ياد گهر‘ ۾ ريڊيو پاڪستان ڪراچي، حيدرآباد، خيرپور، لاڙڪاڻي، تربت ۽ لاهور بابت ايتري معلومات مهيا ڪئي آهي جو پڙهڻ وارو ائين پيو ڀائيندو ڄڻ هو پاڻ پنهنجن اکين سان اهي اسٽيشنون ۽ شهر ڏسي گهمي آيو آهي.
    آئون بنا خوشامد سچ ٿو چوان ته ڪوثر ٻرڙي جهڙي يار ويس، قرب ۽ سچائي هر هڪ ۾ نه پر ڪن چند محبتي ماڻهن ۾ هوندي آهي. ڪوثر صاحب جا اسان پارن ڪيترن ئي دوستن تي ٿورا آهن، جيڪي لاهي نه سگهيا آهيون، ليڪن ڳائبا ضرور پيا. دعاگو آهيان ته الله تعاليٰ کيس ٻچڙن سميت خوش رکي، شال سدائين مرڪندو ۽ مهڪندو رهي. (آمين)

    [ڇپيل: ’ادب‘ ڊسمبر 2003ع]


    اڻ پوري آتم ڪٿا 1

    ...ته سائين منهن جا! ٻالڪپڻ جي مون کي پاڻ کي ته ياد ناهي، پر چوڻ وارا چون ٿا ته وڏي لاڏڪوڏ سان گذريو. باقي سمجهه لائق ٿيڻ بعد آئون جلد ئي سڀ ڪجهه سمجهڻ لڳس، (سچ پڇو ته اڄ تائين به ڪجهه سمجهي نه سگهيو آهيان !)
    والد صاحب روايتي زمينداري ۽ سيد سڳورو هئڻ سان گڏ لکيل پڙهيل ۽ سوشل قسم جو ماڻهو هو، علم ادب ۽ سياست جي به چڱي خاصي ڄاڻ رکندڙ هو. انهي ڪري گهر ۾ ديني، تاريخي، سياسي، ڪهاڻين جا ڪتاب ۽ شاعريءَ جا مجموعي توڙي اخبارون موجود هونديون هيون، ڪتابن ۾ شاھه سائينءَ جو رسالو، سچل سرمست جو رسالو، حافظ حاجي حامد جو ‘ارمغان حامد’ خليفي نبي بخش قاسم جو قلمي رسالو، مثنوي مولانا روم، مير عبدالحسين سانگيءَ جو رسالو، مل محمود پليءَ جو ڪتاب ‘مجمع العجائب’ ڪهاڻين جا ڪتاب الف ليليٰ، جان عالم، گل بقاولي، طوطو مينا، چار درويش، يوسف زليخان، شيرين فرهاد، ليليٰ مجنون، حاتم طائي ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتابَ هئا، جيڪي پاڻ اسان کي پڙهي ٻڌائيندو هو، بابا روزي ۽ نماز جو پابند هو، قرآن پاڪ جو دور به روزانو ڪندو هو. جمع جي نماز اسان جي ڳوٺ واري مسجد ۾ پاڻ پڙهائيندو هو. جڏهن ته مسجد ۾ ٻانگ ڏيڻ لاءِ ٻانگو / موذن مقرر ٿيل هو، جمع جي نماز پڙهڻ کان پوءِ نمازين کي ماني پڻ کارائي ويندي هئي، ڇو جو نماز تي نمازي، اسان جي ڳوٺ سان گڏوگڏ اوسي پاسي جي ڳوٺن جا پڻ ايندا هئا، ٻئي پاسي وري بابا راڳ رنگ جو به شوقين هو، ڳائڻا ايندا رهندا هئا، راتين جون راتيون محفلون متل هونديون هيون. انهيءَ کان سواءِ خاص موقعن تي مولودي به گهرائيندو هو، ان زماني ۾ جسڪاڻي، حاجي غازي ڪنڀار، محمد نوح ٿيٻو، محمد رحيم مڱڻهار ۽ سيد محسن شاھه سنڌ جا مشهور مولودي هئا، جيڪي اسان جي اوطاق تي واري واري سان ايندا رهندا هئا.
    اولاد ۾ آئون سڀني کان وڏو هئڻ سبب دادلو به هوس، بابا ٽي شاديون ڪيون، پهرين ننڌن مان، ٻي سيدن مان ۽ ٽين پنهورن مان، مون کان ننڍو ڀاءُ اسد الله شاھه هو جيڪو 10 سالن جي عمر ۾ ماتا جي بيماريءَ ۾ وفات ڪري ويو، اسد الله شڪل صورت جو نهايت سهڻو هو ،جنهن ڪري اسان جي پڦي جنهن کيس نپايو هو سا، توڙي ٻيا ماڻهو پٺاڻ چوندا هوس، ان پٽ جي وفات جو بابا کي تمام گهڻو صدمو پهتو، ان بعد ٻه ٻيا ننڍا ڀاءُ به هڪ ٻئي پٺيان ساڳي ئي ماتا (Small Pox) جي وبائي بيماريءَ ۾ گذاريءَ ويا، ان زماني ۾ ماتا نهايت خطرناڪ بيماري هئي، جنهن ڳوٺن جا ڳوٺ ناس ڪري ڇڏيا هئا. ماتا کان بچاءَ جا ٽڪا هڻڻ لاءِ ڳوٺن ۾ وئيڪسينيٽر / ٽُڪيدار ايندا هئا، جيڪي اچي ٻارن ۽ نوجوانن کي ٻانهن جي ٻنهي ڏؤنرن يعني ٺونٺ کان مٿي ٻه ٻه ٽڪا هڻندا هئا، ڪجهه سال پوءِ هڪ ڏوري ۾ هڪ ٽڪو لڳايو ويندو هو. ليڪن ماتا ٿي پوڻ کان پوءِ ڪو خاص علاج ڪونه هوندو هو، بس پڙهائي وغيره ڪرائي ويندي هئي، هاڻي الله تعاليٰ جي مهربانيءَ سان ماتا ملڪ مان بلڪل ختم ٿي چڪي آهي، جيڪا خوشيءَ جي ڳالهه آهي، (رب پاڪ شال ماتا توڙي ٻين موذي مرضن کان مڙني کي محفوظ رکي.) مطلب ته بابا جي چئن پٽن مان آئون اڪيلو وڃي رهيس، جڏهن ته ڀينرون ست هيون.

    [ڇپيل: ’امرتا‘ جنوري 2004ع]


    اڻ پوري آتم ڪٿا 2

    هي انهن ڏينهن جون ڳالهيون آهن، جڏهن دل مذڪر ۽ دڪان مونث نه ٿيو هو، هاڻي ته نر، ماديءَ جي خبر ئي ڪانه ٿي پوي. تازو ئي مون پنهنجي اوطاقڙي تي ويٺل هڪ همراهه کي چيو ته هي پنج رپيا وٺ وڃي امتياز جي دڪان تان جنهنور جون ٽڪيون وٺي اچ، جواب ۾ فرمايائين ته سائين دير ٿي وئي آهي، منهنجو دل چوي ٿو ته دڪان بند ٿي ويئي هوندي ۽ ٻيو ته اهي جنهنور جون ٽڪيون ڇا ٿينديون آهن ؟ هاڻي ٻڌايو ته آئون روئان يا کِلان ؟
    خير! اسان جو ڳوٺ جيئن ته ٻهراڙيءَ ۾ هو ۽ آئون يا ته هڪ جيڏن سان گڏ ويٺو فوني تي رڪارڊ وڄائيندو هوس، يا وري ڳوٺ جي ڇوڪرن (جيڪي اسان جي هارين نارين ۽ نوڪرن جا پٽ هوندا هئا.) سان گڏجي ٻنين تي گهمڻ راند روند ڪرڻ يا نصير واهه ۽ کٽياڻ واهه ۾ وهنجڻ ويندو هوس.
    اسان واري لاڙ (تعلقو ٽنڊوباگو) جي جهنگ ۾ ڄاريون / کٻڙ، ٻيريون، لَيون، ڪَنڊيون، ٻٻر ۽ ڪرڙ عام جام هوندا هئا، جڏهن ته نم ۽ ٽالهي وغيره جا وڻ ڪٿي ڪٿي نظر ايندا هئا، کٻڙن / ڄارين ۾ مَڪ ۽ پيرون ٿيندا هئا، مَڪ به مٺي هوندي هئي پر ڳاڙها، اڇا ۽ ساوا پڪل پيرون ڏاڍا مٺا ٿيندا هئا، جيڪي اسين پٽي کائيندا هئاسون، انهي کان سواءِ ڪنڊين ۾ سنڱر ۽ ڪرڙن ۾ ڳاڙھا پڪا ٿيندا هئا، جيڪي پڻ ماڻهو کائيندا هئا، بلڪ مون به کاڌا، ڪرڙن وارا ’پڪا’ جڏهن ڪچا هوندا آهن ته انهن کي ڏونرا چئبو آهي انهن جو ٻوڙ به رڌبو آهي ۽ سانڌاڻو / اچار به ٺاهبو آهي، ٻنين ۾ وڻن تي گولاڙي ۽ گُرڙ جون وليون چڙهي وڻ کي وڪوڙي وينديون هيون. گولاڙي ۾ ڳاڙهيون لال گولون ٿينديون هيون جن کي شوق سان کائبو هو ۽ گرڙ وري ڪچا کائبا هئا، اهو جهنگلي ميوو / فروٽ هو، جيڪو هر غريب غربو بنان جهل پل جي واپرائيندو هو. تڏهن لاڙ ۾ زمينون مٺيون هيون ايتري قدر جو سانوڻي جي مينهن کان پوءِ پوٺن تي کُنڀيون نڪري اينديون هيون، کُنڀي جو ٻوڙ توڙي تريل ڏاڍيون لذيذ ٿينديون آهن، هاڻي سم ۽ ڪلر ٿي وڃڻ ڪري کنڀيون ٿين ئي ڪونه ٿيون. ان زماني ۾ لاڙ ۾ وڌ کان وڌ ساريال جي پوک ٿيندي هئي جڏهن ته رتڙيا ۽ موتيا چانور ٿيندا هئا، موتين چانورن کي پيهي ماني پچائبي هئي ، جڏهن ته رتڙين چانورن جو پلاءُ، خشڪو ڀت ۽ رکو رڌبو هو، لاڙ جا سُڳداسي چانور مشهور هوندا هئا، جن مان فصل پچڻ وقت توڙي رڌڻ مهل خوشبو پئي ايندي هئي، لاڙ جا ماڻهو ٻارنهن ئي مهينا ماني موتين / ڳاڙهن چانورن جي کائيندا هئا، ڪڻڪ بيراج ايراضي مان ڪڏهن عيد برات تي آڻبي هئي، اسان جي زمينداري ڊگهڙي تعلقي ۾ به هئي، تنهن ڪري بابا ڪڻڪ اُتان کڻائي ايندو هو. لاڙ جا ماڻهو اڪثر مالونَد هوندا هئا، مينهون، ڍڳيون، ٻڪريون ۽ رڍون هر ڳوٺ ۾ هونديون هيون ڌراڙ / ڌنار، شام ٽاڻي جڏهن مال چاري واپس ٿيندا هئا ته ’ولاڙو‘ سُر سان ڳائيندا ايندا هئا جنهن جا ٻول ڪجهه هن طرح هوندا هئا»
    او ولَو، ولَو ولَوڙي ولَو
    اهي مٺڙا سُريلا ٻول شام جي ٿڌڙيءَ ويل ڏاڍا وڻندا هئا، تڏهن کير وڪڻڻ جو رواج نه هو، ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جي خبر ناهي، پر ٻهراڙين ۾ کير وڪرو ڪرڻ عيب سمجهيو ويندو هو، بلڪ ٻڍڙا ۽ ٻڍڙيون چونديون هيون ته ، ”ابا کير ۽ پُٽ ڪير وڪڻي؟“
    شادين مرادين تي ڪاڄ ڌڻي جي چوڻ تي آس پاس جي ڳوٺن جا ماڻهو کير جون چؤنريون ۽ گهڙا ڀري کڻي ايندا هئا، مرڻي ۽ پرڻي جي موقعن تي هنڌ بسترا، ديڳيون ۽ چر جي ٻارڻ لاءِ ڪاٺين جون گاڏيون به ڳوٺاڻا پهچائينداهئا، ڊيڪوريشن ڪانه هوندي هئي تنهن ڪري ڇنا به مٽ مائٽ، سنگت ساٿ وارا ۽ وڏن ماڻهن جا هاري ونگار ڪري ٺاهيندا هئا، بلڪ ٻڪريون پاڏا ۽ ڍڳا به مدد ۾ مفت ملندا هئا، سيدن، پيرن، ميرن، رئيسن ۽ وڏيرن لاءِ ٽامي جا قلعي ٿيل ڍاڪون ڪائي/شيشي جا گلاس استعمال ٿيندا هئا، باقي راڄن جي عام ماڻهن جي کاڌي/ڀت کائڻ لاءِ ٺڪر جون ڦيلهيون ۽ پاڻي پيئڻ لاءِ ٺڪر جون ڇلون ڪنڀارن کان هزارن جي تعداد ۾ آرڊر تي ٺهرائبيون هيون، لاڙ جا ماڻهو راڳ روپ جا به شوقين هئا ۽ اڄ به آهن، هر خوشيءَ جي موقعي تي رات جو سمهڻي مهل کان فجر تائين ڳائڻا ڳائيندا رهندا هئا، جن ۾ ڪلاسيڪل فنڪار، نيم ڪلاسيڪل راڳي ۽ ناچو شامل هوندا هئا، سرگس مهل به گهوٽ جي گهوڙي اڳيان ڳائڻا ڳائيندا هلندا هئا. گهوٽ جا مِٽَ مائٽ ۽ يار دوست نوٽن جون گهورون گهوريندا هلندا هئا. شاديءَ جا ڏينهن ٻَڌڻ (تاريخ مقرر ڪرڻ) کان وٺي شادي ٿي وڃڻ تائين گهوٽيتن جي در تي روز ‘دس’ وڄندو هو، بس مڱڻهار جي دهل جي ڌُم لڳي پئي هوندي هئي، ڇا ته اهي پيار، محبت، ۽ خوشيءَ جا ڏينهن هئا!

    [ڇپيل: ’امرتا‘ فيبروري 2004ع]


    اڻ پوري آتم ڪٿا 3

    اسان وٽ اوطاقن ۽ مهمان خانن جو رواج گهڻو آڳاٽو آهي، هر ڳوٺ ۾ ننڍي /وڏي اوطاق ضرور هوندي هئي. جتي اوير سوير ڪو واقفڪار، يار، دوست توڙي اڻ واقف مسافر انهن اوطاقن ۾ اچي مهمان ٿيندا هئا، رات جو ڳائڻ وڄائڻ، ڏور، بيت، ڳجهارتن، پهاڪن، ڀوڳن، چرچن ۽ آکاڻين جو سلسلو هلندو هو. مون پاران ڪيئي ڪم عقل انهن اوتارن مان ئي لکڻ پڙهڻ، اٿڻ ويهڻ ۽ ڳالهائڻ سکيا. افسوس آهي ته اڄ نه اهي اوطاقون آهن ۽ نه ئي اوطاقي ۽ وري انسانيت به هئي، اتفاق سان اوطاق تي ڪو چور چڪار اچي ٽِڪندو هو ۽ ماني کائيندو هو ته نمڪ حلالي سبب ان ڳوٺ مان هرگز چوري نه ڪندو هو! نمڪ حرامي وڏي ۾ وڏي گار سمجهي ويندي هئي، امن امان ته اهڙو هو جو گهڻو تڻو سفر ئي رات جو گهوڙن، اٺن ۽ ڍڳي گاڏين تي ڪبو هو. هاڻي ته ڏينهن ڏٺي جو سفر ڪندي ڊپ ٿو لڳي. اڳي رات جو بگهڙن، سوئرن ۽ ڪتن کان خوف ٿيندو هو. هاڻي ته ماڻهو ماڻهوءَ کان ٿو ڊڄي. نياڻي سياڻي جي ادب ۽ حياءَ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! جنهن واٽ تان ڪا زائفان پئي ايندي هئي ته مرد اها واٽ ئي ڇڏي کڙ کوٻڙ مان لنگهي ويندا هئا يا بيهي رهندا هئا، جيسين عورت لنگهي وڃي. ريل گاڏين ۾ عورتن جا گاڏا، الڳ هوندا هئا، عورتون انهن زنانن گاڏن ۾ وڃي ويهنديون هيون، مرداڻن گاڏن ۾ بلڪل نه چڙهنديون هيون، هاڻي به عورتن لاءِ گاڏا گاڏيءَ ۾ ته هوندا آهن، پر مايون مرداڻن گاڏن ۾ ويٺيون هونديون آهن، انهيءَ کان سواءِ لارين /بسن ۾ به زائفائن لاءِ مقرر سيٽن جي اڳيان توڙي پويان لوهي ڄاريءَ وارا جهنگلا ٺهيل هوندا هئا ، عورتون انهن ئي مخصوص ۽ محفوظ سيٽن تي ويهنديون هيون.
    سياست به موجوده ۽ اڳوڻي ۾ فرق هو. محدود سياسي پارٽيون هيون، جن جا اميدوار اليڪشن ۾ حصو وٺندا هئا، بس رواجي طرح ورڪ ٿيندو هو، مقرر تاريخ تي ووٽر ڍڳي گاڏين ۾، اٺن گهوڙن تي يا پنڌ ئي پولنگ اسٽيشن تي پهچي ويندا هئا، جتي اميدوار طرفان عام ووٽرن کي هَڏو ڀَت کارايو ويندو هو.
    اسان وٽ والد صاحب جي پڙهيل لکيل هُجڻ ۽ سياسي لاڳاپن ڪري سياستدانن جو اچڻ وڃڻ به ٿيندو رهندو هو ۽ روزانيون اخبارون به اينديون هيون، جن ۾ ’الوحيد‘ ايڊيٽر مولوي عبدالغفور ستيائي، ’عوام‘ ۽ ’غازي‘ ايڊيٽر بيباڪ صحافي مولوي خير محمد نظاماڻي، ’هلال پاڪستان‘ ايڊيٽر عبدالشڪور منشي، ’قرباني‘ ايڊيٽر پير علي محمد راشدي ۽ ڪجهه ٻيون هونديون هيون، جن جا نالا وسري ويا اٿم. ان ڪري ته آئون اصل کان وٺي هر سال ڊائري وٺندو ضرورآهيان پر لکان بلڪل ئي ڪونه. هي سڀ ڳالهيون جيڪي منهنجي دماغي ڪمپيوٽر جي ڊسڪ ۾ فيڊ ٿيل آهن، سي لکي رهيو آهيان، تنهن ڪري ان ۾ غلطي به ٿي سگهي ٿي، جنهن لاءِ اڳواٽ معذرت خواه آهيان، انهن اخبارن کان ڪجهه وقت پوءِ وري روزانه ’ڪاروان‘، ’مهراڻ‘، ’نواءِ سنڌ‘، ’نئين سنڌ‘ جاري ٿيون. انهن اخبارن، ڪتابن جي مطالعي ۽ سياسي، سماجي، ادبي ثقافتي شخصيتن جي قرب ڪچهرين ۽ روح رهاڻين رنگ لاتو، جو آئون اڄ جو ڪجهه آهيان، اوهان آڏو آهيان!! اڳوڻي عشق ۽ موجوده عشق ۾ به فرق آهي، هاڻي اوهين ضرور پڇندا ته ڪيترو فرق آهي ؟ ته مختصر ۽ جامع لفظن ۾ ٻڌايان ٿو ته ايترو، جيترو ٻنهي فقيرن (فقير محمد ڍول ۽ فقير محمد انڙ) ۾.


    [ڇپيل: ’امرتا‘ مارچ 2004ع]


    آخري پنو


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 343804
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 141623
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ