ڪتاب جو نالو: ڳجهو دستاويز
مصنف: يوسف سنڌي
ڇپائيندڙ: سنڌيا پبليڪيشنس
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 13 مئي 2016 ع
پڙهيو ويو: 797 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 533 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب “ڳجهو دستاويز” ارونگ ويلس جو لکيل ناول آهي جنهن جو سنڌي ترجمو يوسف سنڌيءَ ڪيو آهي.
هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر دڙو پاران ساحل پرنٽرس حيدر آباد وٽان 2014ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ساڳيو ئي ناول 2015ع ۾ سنڌيا پبليڪيشن پاران پڻ ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آهيون يوسف سنڌي ۽ مور ساگر جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي ڏيڻ سان گڏ هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • قسط 1
  • قسط 2
  • قسط 3
  • قسط 4
  • قسط 5
  • قسط 6
  • قسط 7
  • قسط 8
  • قسط 9
  • قسط 10
  • قسط 11
  • قسط 12
  • قسط 13
  • قسط 14
  • قسط 15
  • قسط 16
  • قسط 17
  • قسط 18
  • قسط 19
  • قسط 20
  • قسط 21
  • قسط 22

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (128) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب “ڳجهو دستاويز” ارونگ ويلس جو لکيل ناول آهي جنهن جو سنڌي ترجمو يوسف سنڌيءَ ڪيو آهي.
    هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر دڙو پاران ساحل پرنٽرس حيدر آباد وٽان 2014ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ساڳيو ئي ناول 2015ع ۾ سنڌيا پبليڪيشن پاران پڻ ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آهيون يوسف سنڌي ۽ مور ساگر جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي ڏيڻ سان گڏ هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    قسط 1

    کيس اهو خيال ئي نه رهيو ته اها ملاقات اڳواٽ طئي ٿيل آهي. صدر مملڪت جي ڊنر جي دعوت قبولڻ کانپوءِ سوچيو هئائين ته پنهنجي هيءَ ملاقات رد ڪري ڇڏي. پر پوءِ اها ڳالهه سندس ذهن مان نڪري وئي. هاڻ ملاقاتي سامهون ويٺو هو. کيس ٿوري وقت ۾ نهايت سٺي نموني منهن ڏيئي روانو ڪرڻو هو. ڇاڪاڻ ته سندس اهو ملاقاتي باشعور، نفيس ۽ حساس انسان هو. ساڻس ڳالهين ۾ بي حد مزو ٿي آيو، پر هن مهل اهو ممڪن نه هو. هن جي ميز تي ڪم جو ڍڳ لڳو پيو هو ۽ کيس “وائٽ هائوس” جي ڊنر ۾ پڻ شريڪ ٿيڻو هو.
    ڳالهه فقط ملاقاتيءَ جي احساسن جو خيال رکڻ جي نه هئي. پر ان شخص کي ايف بي آءِ جي ڊائريڪٽر ٿامسن انٽرويو جي لاءِ موڪليو هو. ٿامسن کي ناراض ڪرڻ جو خطرو ڪير ٿي کڻي سگهيو. گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي ان نئين پوزيشن ۾ ته “ڪرسٽو فرڪولنس” اهو خطرو کڻي نه ٿي سگهيو.
    “ڪرسٽوفر ڪولنس” ملاقاتي جي ڪيسٽ ريڪارڊ کي ڏٺو. جنهن جي لحاظ کان ته هو ليکڪ نٿي لڳو. پهرين ملاقات ۾ ئي هن اها ڳالهه چٽي ڪري ڇڏي هئي ته هو ليکڪ نه پر “گهوسٽ رائيٽر” آهي. يعني ليکڪ جو ڀوت (جيڪي ماڻهو خود پنهنجي سوانح لکي نه سگهندا آهن، سي ان قسم جي ليکڪن کان ڪم وٺندا آهن ۽ ڪتاب تي انهن جو ئي نالو هوندو آهي) ان لحاظ کان هو ڪامياب “گهوسٽ رائيٽر.” هو جو هن هيستائين جنهن شخص جي بايو گرافي لکي هئي، سا تمام گهڻي مشهور ٿي هئي.
    ينگ ڪنڌ مٿي کنيو، هن جي ٻي سوال ڪرسٽو فر کي ملاقات مختصر ڪرڻ جو بهانو ڏيئي ڇڏيو. “ڳالهه هيءَ آهي مسٽر ينگ ته آئون ۽ ڊائريڪٽر ٿامسن جي باري ۾ گهڻو نٿو ڄاڻان.” هن ينگ جي سوال جي جواب ڏيندي چيو. “مونکي کيس ڄاڻڻ ۽ سمجهڻ جو وقت ئي ناهي مليو، مونکي هت ڪم ڪندي فقط هڪ هفتو ٿيو آهي.”
    “اهو ته اوهين اٽارني جنرل جي حيثيت سان پيا چئو.” ينگ اعتراض ڪيو، “منهنجي ڄاڻ موجب انصاف کاتي ۾ اوهين گذريل ارڙهن مهينن کان آهيو. اڳوڻي اٽارني جنرل ڪرنل بيڪسٽر جي ڊپٽيءَ جي حيثيت سان گذريل تيرهن مهينن کان هن کاتي ۾ ڪم ڪيو آهي.”
    “اهو صحيح آهي پر ڊپٽي اٽارني جنرل جي حيثيت سان منهنجو ڊائريڪٽر ٿامسن سان ڪو به رابطو نه هو. ڪرنل بيڪسٽر البته ساڻس ملندو رهندو هو ۽ هنن جي پاڻ ۾ دوستي به هئي.”
    ينگ حيرت مان کيس ڏٺو، “مون ته ٻڌو آهي ته ڊائريڪٽر جو ڪو به دوست ڪونهي. آئون ساڻس سندس سوانح جي سلسلي ۾ ڪيترائي ڀيرا مليو آهيان، منهنجو ذاتي تاثر به اهوئي آهي. البته منهنجو خيال آهي ته هن جي پنهنجي اسسٽنٽ هيري ايڊورڊ سان سٺي لڳندي آهي.”
    “نه! ٿامسن ڪرنل بيڪسٽر جي گهڻو ويجهو هو.” ڪرسٽو فر زور ڀريو، “پر اها ڳالهه ضرور مڃيندس ته ڊائريڪٽر اڪيلائي پسند آهي. پر اها به حقيقت آهي ته ايف بي آءِ جو هر ڊائريڪٽر اڪيلائي پسند ئي هوندو آهي. هن جي ڪم جي نوعيت ئي اهڙي آهي. بهرحال آئون ڊائريڪٽر ٿامسن سان تمام گهٽ مليو آهيان، ۽ هن جي باري ۾ تمام گهٽ ڄاڻان ٿو.”
    ينگ پنهنجو پائپ هٽايو ۽ چپن تي زبان ڦيري، “مسٽر اٽارني جنرل ڪرنل بيڪسٽر کي پنج مهينا اڳ دورو پيو هو ۽ اوهين ان وقت کان وٺي غير سرڪاري طور تي ان جي جاءِ تي ڪم پيا ڪريو. اها ٻي ڳالهه آهي ته اٽارني جنرل جي عهدي تي اوهانجي باضابطه مقرريءَ کي فقط هڪ هفتو ٿيو آهي. سڀني کي خبر آهي ته ايف بي آءِ جو ڊئريڪٽر اوهانجو ماتحت آهي....”
    ڪرسٽوفر کي کل اچي ويئي، “ايف بي آءِ جو ڊئريڪٽر ۽ منهنجي ماتحت مسٽر ينگ! اوهانجي معلومات صفا اڻپوري آهن.”
    “مسٽر ڪولنس! هتي آئون پنهنجي معلومات مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ئي ته آيو آهيان. اوهين مونکي شاگرد سمجهو. آئون جيسيتائين اٽارني جنرل، صدر آمريڪا، سي آءِ اي ۽ ٻين کاتن سان ايف بي آءِ جي ڊئريڪٽر جي لاڳاپن کي نه سمجهندس. تيسيتائين هن جي سوانح ڪيئن لکندس. مسٽر ٿامسن پنهنجي حيثيت جي باري ۾ گهڻي انڪسار ۽ اختصار کان ڪم ٿو وٺي. هن کان مونکي گهڻي ڄاڻ نه ملي آهي. آئون طاقت جي لحاظ کان هن جي اهميت ڄاڻڻ ٿو چاهيان.”
    ڪرسٽوفر هن جي مدد ڪرڻ واسطي ملاقات جي ڊيگهه خطرو کڻي ورتو. وضاحت تمام ضروري هئي. “ڏس مسٽر ينگ! مينوئل مان ته اهوئي ثابت ٿو ٿئي ته ايف بي آئي جي ڊئريڪٽر جي مقرري اٽارني جنرل نه پر آمريڪي صدر، سينٽ جي صلاح سان ڪندو آهي. جيتري قدر هن جي ڪم جو واسطو آهي ته ڊئريڪٽر، اٽارني جنرل سان صلاح به ڪندو آهي ۽ ساڻس گڏجي ڪم به ڪندو آهي، پر مٿس اٽارني جنرل جو ڪو به زور ناهي هوندو. البته آمريڪي صدر، سينٽ جي صلاح کان سواءِ به کيس عهدي تان هٽائي سگهي ٿو. مطلب اهو آهي ته ٿامسن منهنجو ماتحت هرگز ڪونهي. ٿامسن جهڙا ماڻهون ڪنهن جي ماتحتي قبول نه ڪندا آهن. ڳالهه گهمي ڦري وري به اتي ئي اچي ٿي بيهي ته آئون ٿامسن جي باري ۾ گهڻو نٿو ڄاڻان. مونکي ته اهو سمجهه ۾ نٿو اچي ته ٿامسن اوهانکي مون وٽ ڇو موڪليو آهي. آئون جيسيتائين اوهانجي مدد ڪري سگهان ٿو، ڪريان ٿو...”
    ينگ پاڻ کي سنڀاليو، “هن مونکي اوهان ڏانهن نه موڪليو آهي، ٻڌ آئون پاڻ ئي آيو آهيان. آئون ڪجهه اهم ڳالهيون سمجهڻ ۽ ڄاڻڻ چاهيان ٿو.......”
    “ته پوءِ ڳالهه چٽي پيئي آهي.” ڪرسٽوفر سُک جو ساهه کنيو. هاڻ هو ان ملاقات کي مختصر ڪري پي سگهيو. ٿامسن جي ناراضگي جو ڪو به ڊپ نه هو. پوءِ هن نرمي ۽ شائستگي کان ڪم وٺڻ ٿي چاهيو. ينگ کيس سٺو لڳو هو، “اوهين پنهنجي ڪتاب جي سلسلي ۾ ڄاڻڻ ٿا چاهيو......”
    “پنهنجي ڪتاب جي لاءِ نه پر ٿامسن جي ڪتاب جي لاءِ ......” ينگ جلدي چيو، “آئون ٿامسن جي باري ۾ اوهان جا تاثر ڄاڻڻ ٿو چاهيان....”
    “ٺيڪ آهي..... وقت گهٽ آهي.... بهرحال آئون ٿامسن جي باري ۾ اهو ٻڌائيندس ته هو مين آف ايڪشن آهي. اجاين ڳالهين ۾ نه پوندو آهي ۽ شايد پنهنجي عملي جي لاءِ بنهه مناسب ماڻهو آهي.”
    “اهو ڪيئن؟”
    “ڏسو نه! هن جو ڪم وفاقي سطح تي ڏوهن جي جاچ پڙتال ڪرڻ آهي، هو حقيقتون گڏ ڪري سهيڙي ٿو. انهن مان نتيجا ڪڍي ٿو. سفارشون پيش ڪرڻ هن جو ڪم ڪونهي، هن جي ڇنڊ ڇاڻ جي بنياد تي ڪيس تيار ڪرڻ منهنجو ڪم آهي.”
    “پوءِ ته مين آف ايڪشن اوهين ئي ٿيا.”
    ڪرسٽوفر ينگ کي احترام وارين نظرن سان ڏٺو. هو پنهنجي ذهانت ثابت ڪري رهيو هو. “بظاهر ته ائين ئي ٿو لڳي.” هن وراڻيو، “آئون ته قانوندان آهيان، اسين محفوظ رستن تي سست رفتاريءَ سان هلندا آهيون. ٿامسن ۽ سندس اسٽاف جو ڪم خطرناڪ آهي. هاڻ آئون اوهانکي ٿامسن جي باري ۾ٻڌايان ته، هو جنهن شئي کي صحيح سمجهندو آهي، ان لاءِ تن من ۽ ڌن سان ڪم ڪندو آهي. هو گهڻو مستقل مزاج به آهي. اوهين آئين جي 35هين ترميم جو ئي کڻي مثال وٺو، جيڪا هاڻ پاس ٿيڻ جي مرحلي ۾ آهي، ٿامسن ان ترميم جي منظوريءَ جي لاءِ...”
    ينگ هن جي ڳالهه ڪٽيندي چي، “مسٽر ڪولنس! ان جو مطلب آهي ته 35هين ترميم آمريڪي صدر جي نه پر مسٽر ٿامسن جي آئيڊيا آهي؟”
    ڪرسٽوفر ڇرڪي پيو، هن گهوسٽ رائيٽر کي گهوري ڏٺو، “اوهانکي اهو خيال ڪيئن آيو.؟”
    “ڊئريڪٽر ٿامسن جو طور طريقو ته اهوئي ٿو ٻڌائي. هو 35هين ترميم جو ذڪر ايڏي ته محبت سان ٿو ڪري، ڄڻ اها سندس اولاد هجي.”
    “ان سان ڪو به فرق نٿو پوي، 35هين ترميم آمريڪي صدر جي ئي آئيڊيا آهي... مون چيو نه ته هو جنهن ڳالهه جي حق ۾ هوندو آهي. ان جي لاءِ سخت محنت سان ڪم ڪندو آهي. اهوئي سبب آهي جو هو 35 هين ترميم جي سلسلي ۾ ايترو پُرجوش آهي. هو پاڻ کي ان ترميم جو ڪريڊٽ ڏي ٿو.”
    “پر مسٽر ڪولنس! اڃا تائين ترميم منظور ته نه ٿي آهي. 75 سيڪڙو رياستن اڃا اها ترميم منظور نه ڪئي آهي.”
    “ٿي ويندي،” ڪرسٽوفر نڪولس بي چينيءَ سان چيو، “هاڻ باقي ٻن رياستن جي ئي ته منظوري کپي.”
    “۽ فقط ٽي رياستون باقي رهيون آهن.”
    “انهن مان ٻه ته اڄ فيصلو ڪرڻ واريون آهن. منهنجو خيال آهي ته 35هين ترميم اڄ رات آئين جو حصو بڻجي ويندي.” ڪرسٽو فرگهڙي تي نظر وڌي، “در اصل مونکي ڪجهه ڪم ......”
    “آئون اوهان کان هڪ ٻي ڳالهه پڇڻ ٿو چاهيان، جيتوڻيڪ ان جو واسطو هن انٽريو سان بلڪل ڪونهي. مسٽر ڪولنس اهو ته ٻڌايو......ڇا اوهين ان 35هين ترميم جي حق ۾ آهيو؟”
    سوال بنهه غير متوقع هو، هڪ گهڙي جي لاءِ ته ڪرسٽوفر ٻڏي ويو. هونئن به ان مخصوص سوال جو جواب هن کليل طور تي ڪڏهن به نه ڏنو هو. پنهنجي زال ڪيرن کي به نه. هن هٻڪندي هٻڪندي چيو، “مون ان سلسلي ۾ ڪڏهن گهڻو ناهي سوچيو.... منهنجو خيال آهي ته صدر ۽ ايف بي آءِ جي ڊئريڪٽر سوچي سمجهي اها ترميم پيش ڪئي هوندي.”
    “پر سائين، ان جو واسطو ته سنئون سڌو اوهان جي کاتي سان آهي.”
    ڪرسٽوفر سوچ ۾ پئجي ويو، “هائو، آهي ته سهي... پر مون اهو معاملو آمريڪي صدر تي ڇڏي ڏنو آهي... آئون ڪجهه ٻين ڪمن ۾ رڌل آهيان، “هن چيو، ڪجهه گهڙين کانپوءِ چيائين، “ڇا مسٽر ينگ! اوهين ان ترميم جي حق ۾ آهيو؟”
    گهوسٽ رائيٽر جي هٻڪ ڏسي هن جلدي کيس يقين ڏياريو، “ڪو به اُلڪو نه ڪريو..... اها ڳالهه پاڻ ٻن تائين ئي محدود رهندي.”
    “سچ ته اهو آهي ته مونکي ان ترميم کان سخت نفرت آهي. ان جي ڪري بنيادي انساني حق معطل ٿي ويندا.”
    “خير! اها ڳالهه به ڪونهي، اها ترميم فقط ان وقت ڪم ايندي، جڏهن ملڪي سالميت کي خطرو هوندو. ان جي مدد سان غنڊه گردي ۽ لاقانونيت تي قابو پائي سگهبو.... امن امان جي صورتحال.....”
    “آئون شخصي آزاديءَ جي بنياد تي امن ۽ امان قبولي نٿو سگهان.” ينگ چيو.
    ڪرسٽوفر ڪولنس کي ڪاوڙ اچڻ لڳي، ايئن ٿي لڳو ته هر شخص سوچڻ ۽ سمجهڻ کانسواءِ هر مسئلي تي راءِ جو اظهارڪرڻ ضروري ٿي سمجهيو. “مسٽر ينگ! توکي خبر آهي ته رستن تي ڇا پيو ٿئي. هن ملڪ جي تاريخ ۾ ڏوهه ۽ تشدد اڳ ۾ ايترو عام نه هو. ياد اٿئي ته ٻه مهينا اڳ بمن ۽ مشين گنن سان هٿياربند غنڊن “وائيٽ هائوس” تي حملو ڪيو هو. جنهن ۾ 13 گارڊ ۽ ست سياح به مارجي ويا هئا. جيڪي وائٽ هائوس ڏسڻ جي شوق ۾ آيا هئا. هاڻ ٻڌايو ته ڪو به شخص، ڪٿي به محفوظ ڪونهي. اوهان ٽي وي تي اڄ صبح جو خبرون ڏٺيون؟ اڄوڪيون اخبارون پڙهيون اٿئي؟ اڄ الي نوائس ۾ پوليس هيڊ ڪوارٽر تي حملو ٿيو. اڌ کان وڌيڪ پوليس فورس يا ته قبرستان ڀيڙي ٿي وئي يا وري اسپتال پهتي. اوهان وٽ ان رجحان جو ڪو ٽوڙ آهي؟ اوهانجي ذهن ۾ ان مسئلي جو ڪو حل آهي؟”
    ينگ شايد ان مسئلي تي اڳ ۾ ئي خيالن جو اظهار ڪندو رهيو هو، تنهن جواب ڏيڻ ۾ دير ئي نه لڳائي. “جي بلڪل آهي، غربت، معاشي ناانصافي اڻ برابري ۽ ناانصافيءَ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو وڃي ته ڏوهن جو رجحان پاڻ مرادو ختم ٿي ويندو.”
    “اهو ڪم ڏينهن ٻن ۾ ته ٿيڻ جو ڪونهي ...... هونئن آئون تنهنجي ڳالهه سان متفق آهيان، پر سڌارن جي لاءِ وقت کپي. جڏهن ته اسانکي فوري طور تي ڏوهن جي پاڙ پٽڻي آهي.” ڪرسٽوفر چيو.
    “35هي ترميم جي منظوريءَ کانپوءِ سڌارن جي لاءِ وقت نه ملندو. سڌارن جو نوبت ئي ڪانه ايندي.”
    ڪرسٽوفر بحث جي موڊ ۾ نه هو. هن تيزيءَ سان موضوع بدلايو. “مسٽر ينگ! تون ته مسٽر ٿامسن سان ملندو رهندو آهي تنهنجي ته ساڻس ان موضوع تي ڳالهه ٻولهه ٿي هوندي.”
    ينگ ڪلها لوڏيا ۽ چيو، “جيڪڏهن ساڻس ڳالهه ٻولهه ٿئي ها ته آئون هينئر هت نه هجان ها. اوهان سان مون ان لاءِ ڳالهه ڪڍي جو منهنجي خيال ۾ اوهين هڪ سٺا ماڻهو آهيو.”
    “اهو ته آئون آهيان.”
    “منهنجي ڳالهه کي دل ۾ نه ڪجو. پر آئون اهو سوچي حيران پيو ٿيان ته نيٺ اوهين انهيءَ ٽولي ۾ڪيئن شامل ٿيا.”
    ڪرسٽوفر حيران ٿي ويو. مهينو اڳ جڏهن هن اٽارني جنرل جو عهدو قبولڻ جو فيصلو ڪيو ته سندس زال ڪيرن به انهيءَ قسم جي رد عمل جو اظهار ڪيو هو.ان وقت هن ڪيرن کي جوابي دليل ڏنا هئا، پر هاڻ هڪ اوپري ماڻهوءَ جي سامهون انهن کي ورجائڻ مناسب نه هو ۽ نه ئي وري وٽس ايترو وقت هو. هن مُرڪندي چيو، “مون اهو عهدو فقط ان ڪري قبوليو ته جيڪڏهن سٺا ماڻهو اڳيان نه ايندا ته اهو قومي نقصان هوندو.” پر ان وقت ان کان وڌيڪ مناسب نه هو، هو گهڙيءَ تي نظر وجهي اُٿي بيٺو، “مسٽر ينگ آءِ ايم سوري” هن چيو، “هن مهل آئون بي حد گهڻو مصروف آهيان، ڪم به گهڻو اٿم ۽ ٻيو ته مونکي وائٽ هائوس به وڃڻو آهي. ڪجهه مهينن کانپوءِ آئون شايد تنهنجي گهڻي مدد ڪري سگهان. مونکي سيٽ اپ مان واقف ٿيڻ جي لاءِ ايترو وقت ته ضرور لڳندو. ان وقت اوهين مونکي فون ڪري وٺجو. آئون هر سهڪار جي لاءِ حاضر هوندس.”
    ينگ اُٿي کڙو ٿيو، “جيڪڏهن ان وقت تائين اوهين هتي هوندا ته آئون ضرور اوهانکي فون ڪندس. اوهانجي تمام وڏي مهرباني.”
    ڪرسٽوفر ساڻس هٿ ملايو، پوءِ اوچتو کيس ڪو خيال آيو.”مسٽر ينگ! تو مونکي ٻڌايو هو ته تون گذريل ڇهنن مهينن کان ان ڪتاب جي سلسلي ۾ ڊائريڪٽر ٿامسن سان هفتي ۾ هڪ ڏينهن ملندو رهندو آهين. تنهنجي ٿامسن جي باري ڪهڙي راءِ آهي؟”
    ينگ جي چپن تي هڪ وساميل مرڪ نظر آئي، “مسٽر ڪولنس! اها ڳالهه منهنجي روزي بابت آهي ۽ اهو به ٻڌي وٺو ته آئون اهو ڪم ڪرڻ جي لاءِ راضي نه هئس. مونتي دٻاءُ وجهي مونکي مجبور ڪيو ويو آهي.”
    هن جي وڃڻ کانپوءِ ڪجهه دير ڪرسٽو فر ڪولنس سوچيندو رهيو. هو ڊائريڪٽر ٿامسن جي ان ڳالهه سان متفق هو ته 35هين ترميم ڏوهه ۽ تشدد جو خاتمو ڪري ڇڏيندي. ڪجهه گهڙين کانپوءِ کيس احساس ٿيو ته هو پنهنجو نهايت قيمتي وقت زيان پيو ڪري، ڪم تمام گهڻو هو. هن جو ڌيان ميز تي رکيل فائيلن ڏانهن ٿي ويو.
    ڇهه لڳي ويهن منٽن تي هن جي سيڪريٽري ماريان هڪ لفافو آڻي هن جي سامهون رکيو. لفافي تي “بي حد اهم ۽ ڳجهو” لکيل هو. ماريان ٻڌايس ته لفافو رستي جي پرين پاسي واري “ايڊگر هوور بلڊنگ” مان آيو آهي “ايڊگرهوور بلڊنگ” ايف بي آئي جي هيڊ ڪوارٽر جي حيثيت ٿي رکي. ڪرسٽو فرنڪولس مٿو جهلي ويهي رهيو. ڪم ..... ڪم ۽ ڪم ...... ۽ وقت گهٽ هئس.
    هن لفافو کولي ڏوهن جي تازن انگن اکرن جي رپورٽ ڪڍي، اهي انگ اکر پريس کي ڏيڻا هئا. هن انگن اکرن جو جائزو ورتو. قتل ۽ تشدد جي واقعن ۾ ارڙهن سيڪڙو، جنسي ڏوهن ۾ پندرنهن سيڪڙو، ڦر جي وارداتن ۾ ٽيهه سيڪڙو ۽ هنگامن جي وارداتن ۾ ويهه سيڪڙو وڌارو ٿي ويو هو. فقط هڪ مهيني ۾ ايترو واڌارو.
    ڏوهن ۾ واڌاري جي اها رفتار کيس ڊيڄاري رهي هئي، هاڻ ته هو پنهنجي حامله زال کان موڪلائڻ مهل اهو سوچي ڊڄندو هو ته واپسيءَ تي کيس جيئرو ڏسي سگهندو يا نه. هاڻ ڪٿي به ڪو به شخص محفوظ نه هو. زندگي جو ڪو به ڀروسو نه هو. ان لحاظ کان هن جو ۽ ٿامسن جو ڪم بي حد ڏکيو هو. دنيا جي سڀني کان مايوس ڪندڙ ڪم هو.
    پوءِ خود کيس پنهنجي خود ترسي ۽ بد دليءَ تي ڪاوڙ اچي ويئي. جيڪڏهن منجهنس ايترو حوصلو نه هو ته پوءِ کيس هو عهدو قبولڻ جي ضرورت ئي نه هئي. اهو عهدو مسئلا نبيرڻ جي لاءِ آهي يا ٺٺ ۽ نانگر جي لاءِ ....... پنهنجي انا جي تسلي جي لاءِ آهي يا حب الوطني جي فرض نڀائڻ جي لاءِ هو؟ انهن مان ڪنهن هڪ سوال جو جواب به وٽس نه هو. گهٽ ۾ گهٽ اڄ ته نه هو.
    ٽيليفون جو گهنٽيءَ کيس ڇرڪائي ڇڏيو. هن ڪيبينٽ تي رکيل بٽن بورڊ کي ڏٺو. بٽڻ مان خبر پيس ته ذاتي انسٽرومينٽ جي گهنٽي وڳي آهي. هن رسيور کنيو. ٻي پاسي “ڪيرن” هئي. هن ڪيرن کي تيار رهڻ جي هدايت ڪئي ۽ پروگرام ٻڌايو. “پوڻي ستين بجي ڊرائيور توکي کڻڻ ايندو. اسانکي ٺيڪ سوا ستين بجي “وائٽ هائوس” پهچڻو آهي. اسين ٽي وي تي نيو يارڪ ‎۽ اوهو جي ڳڻپ سنون سڌو ڏسنداسين ۽ ....... ٻڌاءِ! تنهنجي طبيعت ڪيئن آهي؟”
    “طبيعت ته ٺيڪ اٿم، پر مونکي اهي پروٽوڪول واريون پارٽيون بلڪل سٺيون نه لڳنديون آهن. آئون وائٽ هائوس فقط هڪ ڀيرو ويئي آهيان. ان ڏينهن اسٽيٽ ڊائننگ روم جي دعوت هئي. بهرحال اڄوڪي دعوت ۾ ته ڪي گهڻا ماڻهو نه هوندا...... ۽ وري مصيبت اها آهي ته گهڻو سوچي سمجهي ڳالهائڻو پوندو....... مونکي ته هينئر کان ئي ڊپ پيو لڳي.”
    “ڪجهه ڳالهائڻ ۽ چوڻ جي ضرورت ئي نه پوندي. اسين خاموشيءَ سان ٽي وي ڏسندا رهنداسين.” ڪرسٽوفر کيس دلاسو ڏنو.
    “اسانجي اُت ضرورت ئي ڪهڙي آهي، اڄ اهڙي ڪهڙي ڳالهه ٿي رهي آهي.”
    “ڏس! پهرين ڳالهه هيءَ آهي ته صدر صاحب مونکي گهرايو آهي ۽ اٽارني جنرل جي حيثيت سان منهنجو اهو فرض آهي ته آئون حڪم جي تعميل ڪريان. تنهن کانسواءِ اڄ نيو يارڪ ۽ اوهيو جي هيٺين ايوانن ۾ 35هين ترميم جي سلسلي ۾ ووٽنگ پئي ٿئي. اها ڳالهه اهم آهي. ڇو ته ترميم جي منظوري جي لاءِ ٽن مان ٻن رياستن جي منظوري ضروري آهي...... هاڻ سمجهئي!”
    “هاڻ سمجهي ويس، مون کان ناراض نه ٿي ڪرس. ڀلا تون به اهو چاهين ٿو ته اها ترميم پاس ٿي وڃي؟ مون ان ترميم جي حمايت ۽ مخالفت ۾ گهڻو ڪجهه ٻڌو ۽ پڙهيو آهي.”
    “پڙهيو ۽ ٻڌو ته مون به تمام گهڻو آهي پياري، پر آئون ڪو فيصلو ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهيان. جيڪڏهن سٺا ماڻهون حڪومت پيا ڪن ته ملڪ ۽ قوم کي فائدو پهچي سگهي ٿو ۽ حڪمران خراب هجن ته اها ترميم ابتڙ نتيجا ڪڍندي. آئون ته فقط ايترو چوندس ته جي اها ترميم پاس ٿي ويئي ته منهنجو ڪم سولو ٿي پوندو.”
    “ته پوءِ منهنجي اها ئي دعا آهي ته اها ترميم پاس ٿي وڃي.” ڪيرن چيو، پر هن جي لهجي ۾ اعتماد ۽ ڀروسي جي کوٽ هئي.
    “ٺيڪ آهي پياري ڪيرن، ستين بجي ملنداسين.” اهو چئي ڪرسٽوفر رسيور رکي ڇڏيو. پوءِ هو ڪيرن جي باري سوچڻ لڳو. ڪيرن ان وقت به مخالفت ڪئي هئي، جڏهن هو پنهنجي پرئڪٽس ڇڏي ڊپٽي اٽارني جنرل جو عهدو قبولڻ جي باري ۾ سوچي رهيو هو. پوءِ جڏهن اٽارني جنرل جو عهدو قبولڻ جو موقعو آيو ته ڪيرن ان جي مخالفت اڃا به وڌي ويئي. حالانڪه اهو گهڻو اهم عهدو هو. ان حيثيت سان هو ڪابينا ۾ شامل هو.
    هونئن به ڪيرن گهٽ ڳالهائو هئي ۽ ظاهر اهو ئي ڪندي هئي ته کيس سياست سان ڪابه دلچسپي ڪونهي. پر ڪرسٽوفر هن جي خيالن کان چڱي طرح واقف هو. ڪيرن “انصاف جي کاتي” ۾ وڃڻ جي مخالفت ان ڪري ڪئي هئي ته هوءَ صدر گلبرٽ کان وٺي ڊائريڪٽر ٿامسن تائين سڀني کي ناپسند ڪندي هئي. ڪيرن کيس سمجهايو ته اهو عهدو هن جي لاءِ سراسر گهاٽي جو سودو ثابت ٿيندو. عهدي جي اهميت پنهنجي جاءِ تي، پر هر خرابي هن جي مٿان ٿاڦي ويندي. هن جي خيال ۾ ملڪ بحران مان لنگهي رهيو هو. اهڙي حالت ۾ اهو عهدو ڪنڊن جي سيج ئي ته هو.
    هنن ٻنهي جي شاديءَ کي ٿورو وقت گذريو هو. جيتوڻيڪ اها ٻنهي جي ٻي شادي هئي. پوءِ ان عهدي جي مصروفيت قبوليت جوڳي ٿي نٿي سگهي.


    قسط 2

    دعوت ڪيبينٽ روم ۾ هئي. ڪرسٽوفر هن کان اڳ پنج ڀيرا ان ڪمري ۾ اچي چڪو هو. پوءِ به ڪمرو کيس اوپرو اوپرو پي لڳو. صدر گلبرٽ گرمجوشيءَ سان سندس آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ معذرت ڪئي ته خاتون اول طبيعت جي خرابيءَ سبب اچي نه سگهي آهي.
    دعوت ۾ صدر کان سواءِ نائب صدر ۽ سندس زال، صدر جي سيڪريٽري مس ليجر، صدر جو پولنگ سيڪريٽري رونالڊ، داخلا وارو سيڪريٽري مارٽن ۽ ان کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي جوڙا شريڪ هئا.
    “اڄ نيو يارڪ ۽ اوهيو جون رياستون 35هين ترميم جي سلسلي ۾ آخري فيصلو ڪري رهيون آهن.” صدر ڪرسٽوفر کي ٻڌايو، “منهنجي پولنگ سيڪريٽري ان سلسلي ۾ جيڪي انگ اکر پيش ڪيا آهن، اهي ڪافي متاثر ڪندڙ آهن. اهو ته طئي آهي ته اوهيو جي سينٽ ترميم جي حق ۾ فيصلو اڏيندي. البته نيو يارڪ ۾ مقابلو سخت آهي. ڪيترن ئي دستور ساز ميمبرن اڃان تائين ڪو به فيصلو نه ڪيو آهي، بهرحال صورتحال اميدواري آهي.”
    ان مهل ايف بي آئي جو ڊائريڪٽر ٿامسن هنن ڏانهن هليو آهي. هن صدر ۽ ڪرسٽوفر سان هٿ ملايو.
    صدر پنهنجي ڳالهه جاري رکي، “ٿامسن! اڃا هڪ ڪلاڪ اڳ جيڪي تو انگ اکر موڪليا آهن، اهي بروقت آهن. اهي اڄ جي ووٽنگ تي اثر انداز ٿي سگهن ٿا.”
    “رونالڊ اوهيو جي سلسلي ۾ پر اعتماد آهي، پر هو نيويارڪ جي سلسلي ۾ مطمئن ڪونهي.” ڊائريڪٽر ٿامسن چيو.
    “آئون بهرحال مطمئن آهيان،” صدر چيو، “ٻن ڪلاڪن جي اندر اندر پنجاهه مان اٺٽيهه رياستون ترميم جي حق ۾ فيصلو ڏيئي. ان کي آئين جو حصو بڻائي چڪيون هونديون.”
    ڪرسٽو فر ٽي وي سيٽ ڏانهن اشارو ڪندي صدر کان پڇيو، “نشريات جي شروعات ڪيڏي مهل ٿيندي.”
    “ڏهن پندرنهن منٽن کانپوءِ “صدر جواب ڏنو، “هينئر پس منظر تي روشني تي روشني وڌي پئي وڃي.”
    “آئون هڪ جام کڻي اچان،” ڪرسٽوفر چيو ۽ ڪيرن جو هٿ جهلي کيس هڪ پاسي وٺي ويو.
    “جام جي ضرورت ته مونکي به ٿئي پئي.” ورنن ٿامسن چيو.هو به انهن سان گڏ هلڻ لڳو. هو ٽيئي ڪيبينٽ ٽيبل طرف وڌڻ لڳا. ٽيبل تي هر قسم جي کاڌي پيتي جي شيءَ موجود هئي. ٿامسن، ڪيرن کي ڌيان سان ڏسندي چيو، “اڄڪلهه تنهنجي طبيعت ڪيئن آهي؟”
    ڪيرن ڇرڪي ڏانهنس ڏٺو، “آئون ته بلڪل ٺيڪ ٺاڪ آهيان.” هن جو هٿ پاڻ مرادو پنهنجي چيلهه سان ٻڌل زنجير انهن کڄي ويو. “اهو ٻڌي مونکي گهڻي خوشي ٿي.” ٿامسن چيو.
    ڪرسٽوفر پنهنجي ۽ ڪيرن لاءِ گلاس ٺاهيان ۽ ٽي وي سيٽ جي سامهون رکيل خالي ڪرسين طرف وڌيو، هو اڃا ويٺو ئي مس ته ڪيرن ڀڻڪاٽ ڪندي چيس، “تو ڪجهه ٻڌو؟”
    “ڇا ٻڌم!”
    “ٿامسن جو معنيٰ خيز جملو ....... هو اهو باور ڪرائي رهيو هو ته کيس خبر آهي ته آئون ماءُ بڻجڻ واري آهيان.”
    ڪرسٽوفر جي لهجي ۾ مونجهارو هو، “اهو ڪيئن ممڪن آهي، ان سلسلي ۾ ته ڪنهن کي به خبر ڪونهي.”
    “نه! کيس خبر آهي؟ هو باور ڪرائي رهيو هو.” ڪيرن زور ڀريو “هو اهو باور ڪرائي رهيو هو. ته کائنس ڪابه ڳالهه لڪيل ڪونهي. تنهنجي ۽ ٻين جي ڀلائي انهيءَ ۾ آهي ته هن جي ٻُڌايل رستي تي هلندا رهو.”
    “تون ضرورت کان وڌيڪ بدگماني ڪري رهي آهين....... هو ايئن ڪونهي.”
    “مونکي ته هو ڪو بگهڙ ٿو لڳي.”
    “هونهه! ايتري زور سان نه ڳالهائي.” ڪرسٽوفر زال کي چيو.
    هو ٻيئي خاموشيءَ سان پنهنجا پنهنجا جام کڻي سرڪون ڀرڻ لڳا، ڪرسٽوفر پنهنجو ڌيان ٽي وي اسڪرين تي ڌرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. انائونسر ترميم جي طريقي ڪار جي سلسلي ۾ وضاحت ڪري رهيو هو. “آمريڪي آئين ۾ ترميم ڪرڻ جا ٻه طريقا آهن. هڪ ۾ ترميم ڪانگريس ۾ تجويز ڪئي ويندي آهي ۽ ٻي طريقي موجب ان تي ٻه ڀاڱي ٽي رياستن جي دستور ساز ميمبرن جي درخواست تي ڪانگريس جي گهرايل قومي ڪنوينشن ۾ غور ڪيو ويندو آهي. سينٽ يا ايوان نمائندگان ۾ منظور ڪيل ترميمي قرار داد جي شنوائي ضابطه ڪميٽي ۽ آئين ڪميٽي جي سامهون ٿيندي آهي. انهن ڪميٽين جي منظوري کانپوءِ ترميم هر رياست جي دستور ساز اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ پيش ڪئي ويندي آهي. ٽي ڀاڱي چار رياستون منظوري ڏيئي ڇڏين ته رٿيل ترميم آئين جو حصو بڻجي ويندي آهي.....”
    ڪرسٽوفر رک وٽيءَ ۾ سگريٽ مروڙي اڇليو ۽ گلاس ڏانهن هٿ وڌايو. هن جون نظرون هڪ گهڙيءَ جي لاءِِ به اسڪرين کان نه هٽيون.
    مبصر جو تبصرو جاري هو، “ڏهن بنيادي ترميمن جو آئين جو حصو بڻجڻ کانپوءِ 1789ع کان وٺي اڄ تائين ترميمن جي سلسلي ۾ پنج هزار ست سئو رٿون ڪانگريس جي سامهون پيش ٿي چڪيون آهن. انهن ۾ هر قسم جون ترميمون شامل آهن، جهڙوڪ صدارت جي جاءِ تي ٽه رڪني حڪمران ڪائونسل جو قيام، نائب صدر جي عهدي کي ختم ڪرڻ جي رٿ. يونائٽڊ اسٽيٽس آف آمريڪا جو نالو بدلائي “يونائٽيڊ اسٽيٽس آف ارٿ” رکڻ جي رٿ. چونڊن جي طريقي ڪار ۾ تبديلي ۽ اهڙيون اڻ ڳڻيون رٿون. پر هيستائين پنج هزار ست سئو تجويز ڪيل ترميمن مان فقط چوٽيهه ترميمون آئين جو حصو بڻجي سگهيون. ڪنهن به ترميم جي سلسلي ۾ ووٽنگ جي لاءِ ڪا مهلت مقرر نه ڪئي وئي آهي. آمريڪا جي تاريخ ۾ سڀني کان جلدي منظور ٿيندڙ ترميم، 26 هين ترميم آهي. جنهن جي آڌار تي، ارڙهن سالن جي عمر ٿيڻ تي ووٽ ڏيڻ جو حق مڃيو ويو هو. اها ترميم ڪانگريس جي منظوريءَ کان پوءِ فقط ٽن مهينن ۽ ستن ڏينهن جي اندر منظور ڪئي ويئي.”
    “هاڻ اچو 35 ترميم ڏانهن. اڄوڪي رات ان ترميم جي لاءِ فيصلو ڪندڙ ثابت ٿي سگهي ٿي. اها ترميم مخصوص هنگامي صورتحال ۾ پهرين ڏهن ترميمن کي معطل ڪري سگهي ٿي. جن کي انساني حقن جي قرار داد چئي سگهجي ٿو. ڪانگريس جا اڳواڻ ۽ صدر گلبرٽ ضرروت پوڻ تي ان ترميم کي قانون لاڳو ڪندڙ هٿيار طور استعمال ڪرڻ چاهين ٿا....”
    “هٿيار!” صدر گلبرٽ جو آواز آواز اُڀريو. هن جي لهجي ۾ احتجاج هو. “هيءَ ڪهڙي بڪواس آهي؟” هن مبصر کي لفظن جي تباهي جو ٿورو به احساس ڪونهي. کيس اندازو ڪونهي ته هو ناظرين کي هڪ بحث هيٺ مسئلي تي ڪهڙو تاثر ڏيئي رهيو آهي. ڪاش! اهڙي ترميم منظور ٿي سگهي، جو هن جهڙن مبصرن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي.”
    “اوهين فڪر نه ڪريو.” ٿامسن چيو، “35هين ترميم هن جهڙن ماڻهن جي لاءِ ڪارگر ثابت ٿيندي.”
    ڪرسٽوفر کي ڪيرن جون تيز نظرون ڪجهه چونديون محسوس ٿيون، هن نظرون چورايون ۽ اسڪرين ڏانهن متوجه ٿي ويو.
    “.... آئين ڪميٽين جي منظوري کانپوءِ رٿيل 35هين ترميم رياستن جي ايوانن ۾ آخري فيصلي جي لاءِ پيش ٿي. ترقي پسند حلقن پاران ان جي محدود پئماني تي مخالفت ٿي. چار مهينا ۽ ٻه ڏينهن اڳ اهو مرحلو شروع ٿيو. شروع ۾ ته اها ترميم سولائيءَ سان رياستي ايوانن مان منظوري حاصل ڪندي ويئي. پر پوءِ ان جي رستي ۾ رڪاوٽون کڙيون ٿيڻ لڳيون. هن مهل تائين پنجاهه مان ستيتاليهه رياستون هن ترميم جي سلسلي ۾ فيصلو ڪري چڪيون آهن، يارهن رياستن انکي رد ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته 36 رياستن ان جي حق ۾ فيصلو ڏنو آهي. آخري منظوريءَ جي لاءِ 38 رياستن جي تائيد ضروري آهي. گويا ٻن رياستن جي تائيد اڃا گهربل آهي. باقي ٽي رياستون وڃي بچيون آهن. انهن مان ٻه رياستون نيو يارڪ ۽ اوهيو جا ايوان ان ترميم جي سلسلي ۾ اڄ ووٽنگ ڪري رهيا آهن. اهو هڪ تاريخي مرحلو آهي. جنهن کي اوهين ڪجهه دير کانپوءِ نيٽ ورڪ جي ذريعي سنئون سڌو اسڪرين تي ڏسي سگهندا. ڪيلي فورنيا جو ايوان پنهنجو فيصلو هڪ مهينو کان پوءِ ٻڌائيندو. سوال اهو آهي ته ڇا ڪيلفورنيا جي فيصلي جي ڪا اهميت هوندي؟ جيڪڏهن اڄ انهن ٻنهي رياستن 35هين ترميم کي رد ڪري ڇڏيو ته پوءِ اها ترميم مئل قرار ڏني ويندي ۽ جيڪڏهن هنن ٻنهي رياستن اها منظور ڪري ورتي ته پوءِ اها ڪيليفورنيا جي فيصلي کانسواءِ ئي آئين جو حصو بڻجي ويندي ۽ صدر گلبرٽ کي وڌندڙ لاقانونيت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ اثرائتو هٿيار ملي ويندو. اڄوڪي اهم ووٽنگ آمريڪا جي تاريخ جو رخ صدين تائين موڙي سگهي ٿي...... هاڻ اچو ته اسين اوهانکي نيو يارڪ اسيمبليءَ ۾ وٺي هلون. ووٽنگ جو عمل شروع ٿيڻ وارو آهي. بحث لڳ ڀڳ پُڄاڻي تي پهچڻ وارو آهي.....”
    اسڪرين تي منظر بدلجي ويو. نيو يارڪ اسيمبليءَ ۾ ترميم جي حق ۾ آخري تقرير ٿي رهي هئي. “اوهانکي ياد ڏيارڻ ٿو چاهيان ته آمريڪا جو لکيل آئين ڪو آسماني ڪتاب ڪونهي.” مقرر چئي رهيو هو، “اهولچڪدار آهي. ان ۾ ترميم جي گنجائش آهي. اوهانکي ياد هوندو ته اهو آئين آزاد خيال جوانن لکيو هو. جيڪي اسان جا ابا ڏاڏا هئا. هو گهوڙا گاڏين ۾ سفر ڪندا هئا. کنڀن وارن قلمن سان لکندا هئا. هنن ڪڏهن بال پوائنٽ جو نالو به نه ٻڌو هو. ٽائپ رائيٽر، ٽيليويزن سيٽ، هوائي جهاز، ايٽم بم ۽ مواصلاتي سيارن جو نالو به نه ٻڌو هو؟ انهن کان اڻ ڄاڻ هئا. پر هنن هن ملڪ ۾ قانون جي بالادستيءَ جي لاءِ اسانکي اهو لچڪدار قانون ڏنو، جنهن کي اسين آئين ٿا چئون. کين احساس هو ته مستقبل ۾ انساني زندگيءَ جون تقاضائون بدلجي وڃڻ جي ڪري ترميم جي گهرج پوندي. اسانجي بزرگن بنيادي انساني حقن جي قرار داد منظور ڪئي هئي. پر هاڻ اهي حق امن امان جي صورتحال ۽ اسان جي جمهوري ڍانچي کي تباهه پيا ڪن. اهڙي حالت ۾ 35هين ترميم ئي اسان کي تباهيءَ کان بچائي سگهي ٿي. آئون اوهانکي اپيل ٿو ڪريان ته اوهين ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏيو.”
    اسيمبلي هال تاڙين سان گونج سان ٻُرائجي اٿيو. ڪيبينٽ روم ۾ آمريڪي صدر ۽ سندس ساٿي به تاڙيون وڄائي رهيا هئا. آمريڪي صدر چيو، “هي شخص وڏو جرئت مند آهي، هن بابت ڄاڻ حاصل ڪريو، اسين هن جي صلاحيتن مان “وائٽ هائوس” ۾ فائدو وٺي سگهون ٿا.” هڪ گهڙي ترسي هن چيو، “ووٽنگ شروع ٿيڻ واري آهي.”
    ووٽنگ شروع ٿي چڪي هئي. اسيمبلي جي ميمبرن نالا واري واري سان پڪارجڻ لڳا. “ها” ۽ “نه” جا جواب هال ۾ گونجي رهيا هئا. ميمبرن جو تعداد ڏيڍ سئو هو. ووٽنگ جو مرحلو ڪافي ڊگهو هو. ڪرسٽوفر بي حد ٿڪل هو. هن جو ڌيان اسڪرين تان هٽي ڊائريڪٽر ايف بي آئي جي چهري تي ڄمي ويو. هو ڪافي بي چين نظر اچي رهيو هو. ڪرسٽوفر آمريڪي صدر ڏانهن ڏٺو. هو به ڪنهن بت جيان خاموش هو، هن جو چهرو بي تاثر هو. ڪرسٽوفر سوچيو، “ماڻهون ڇا به چون، پر هي وطن پرست، ديانتدار ۽ ذميوار ماڻهون آهن.” کيس سڪون جو احساس ٿيڻ لڳو. هو غلط ماڻهن جي وچ ۾ نه هو. ڪيرن ۽ ينگ جهڙن ماڻهن جي بدگماني بي بنياد هئي. کيس ڪرنل بيڪسٽر ياد اچي ويو. جنهن کيس ڊپٽي اٽارني جنرل بنائي اها ڏاڪن فراهم ڪئي هئي، هاڻ هو اٽارني جنرل هو ۽ ڪرنل بيڪسٽر اسپتال ۾ سڪرات جي حالت ۾ هو.
    ڪرسٽوفر شروع کان ئي ڪرنل بيڪسٽر جو ٿورائتو هو. پر هاڻ کيس احساس ٿيڻ لڳو هو ته ڪجهه اتفاقن ۽ غلطين کيس اٽارني جنرل جي عهدي تائين پهچايو آهي. ڪرنل بيڪسٽر سندس پيءُ جو تمام ويجهو دوست هو، ڪرسٽوفر جي پيءَ وڪيل بنجڻ ٿي چاهيو. پر حالتون کيس واپار طرف وٺي ويون. ان جي تلافي هن ڪرسٽوفر کي قانون جي تعليم ڏياري ڪئي. هڪ وڪيل جي حيثيت سان هو پنهنجي پٽ جي ڪاميابين تي نه رڳو فخر ڪندو هو، پر پنهنجن دوستن کي پڻ ٻڌائيندو رهندو هو. جن ۾ ڪرنل بيڪسٽر پڻ شامل هو.
    ڪجهه سالن جي وقفي کانپوءِ ٻه اهڙا واقعا ٿيا، جو ڪرنل بيڪسٽر جو ڪرسٽوفر ڏانهن وڌيڪ ڌيان ٿيڻ لڳو. انهن مان هڪ يونين جي وڪيل جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ هو. ان حيثيت سان هن انساني حقن جي لاءِ ڪم ڪري شهرت حاصل ڪئي. فقط ان لاءِ ته هو اظهار جي آزاديءَ جو زبردست حامي هو. ان ڳالهه ڪرنل کي گهڻو متاثر ڪيو.
    ڪجهه سالن کانپوءِ آڪلينڊ جي نئين اٽارنيءَ جي حيثيت سان هن ٽن شيدين کي پنهنجي انجام تائين پهچايو. انهن ٽنهي جي ڏوهن جي فهرست گهڻي ڊگهي ۽ ڀوائتي هئي. ايئن ڪرنل بيڪسٽر، ڪرسٽوفرکان وڌيڪ متاثر ٿيو. هن جي نظر ۾ ڪرسٽوفر انهن ماڻهن مان نه هو، جيڪي شيدين سان سندس رنگ جي بنياد تي وڌيڪ همدردي ڪندا هئا، پر ڪرنل کي اها خبر نه ئي ته ڪرسٽو فر جيڪو ڪجهه ڪيو، سو هن جو فرض هو. جڏهن ته ذاتي طور هو شيدين کي معاشري جو مظلوم طبقو سمجهندو هو، هو سمجهندو هو ته معاشرو خود کين ڏوهه ڪرڻ تي مجبور ٿو ڪري، تنهنڪري اصل ڏوهاري سماج آهي نه ڪي شيدي. پر بدقسمتيءَ سان قانون کي ڏوهن جي سببن سان ڪابه دلچسپي نه هئي. ڪرنل کي اها خبر نه هئي ته ڪرسٽوفر پنهنجي پريڪٽس جي دروان ڪيترن ئي شيدي ڏوهارين جي لاءِ ڪامياب قانوني ويڙهه وڙهي هئي ۽ ڪيترن ئي شيدين جي زندگي بچائڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي.
    ڪرنل بيڪسٽر، ڪرسٽوفر کان متاثر هو. ڪرسٽوفر هن جو دوست جو پُٽ هو. تنهنڪري هن ڪرسٽو فر کي واشنگٽن گهرايو ۽ کيس پنهنجو ڊپٽي بڻايو. پوءِ ڪرنل بيڪسٽر بيمار ٿيو ته هن جي غير موجودگيءَ ۾ ڪرسٽوفر اٽارني جنرل بڻجي ويو. اهو ڪو معمولي عهدو نه هو. هاڻ هو ملڪ جي اهم ماڻهن ۾ شامل هو.
    ڪمري ۾ ٿيندڙ گوڙ ڪرسٽوفر کي ڇرڪائي ڇڏيو. هن نظرون ڦيرائي ڏٺو ته صدر صاحب ڪرسيءَ تان ٽپ ڏيئي اٿي بيٺو. ڪمري ۾ موجود ماڻهن زور سان نعرو هنيو. ڪرسٽوفر ڇرڪي ٽي وي جي اسڪرين ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ ڪيرن ڏانهن، ڪيرن تاڙيون نه پي وڄايون.
    “نيو يارڪ رياست 35هين ترميم جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي.” هن سرٻاٽ ڪندي ٻڌايس، ڪمري ۾ موجود هر شخص اٿي کڙو ٿيو. سڀ فتح جي احساس سان سرشار هئا.
    “مبارڪ هجئي جناب صدر صاحب!” صدر جي پولنگ سيڪريٽري رونالڊ صدر کي مخاطب ٿي چيو. “اهو نهايت حيرت انگيز ۽ خوشگوار اپ سيٽ آهي.”
    ايف بي آئي جي ڊائريڪٽر ڪرسٽوفر جا ڪلها لوڏي کيس چيو، “پيارا ڪيڏي نه وڏي خبر آهي.... آهي نه!”
    “ٿامسن!” پٺيان صدر ايف بي آئي جي ڊائريڪٽر کي سڏيو. ٿامسن مڙي پويان ڏٺو، “خبر اٿئي! ڦيرو ڪيئن ڦريو اسيمبليءَ ۾ اسمٿ، جنهن جي آخري تقرير هئي، ڪمال ڪري ڏيکاريو، نه ته نيويارڪ رياست پڪ سان ترميم کي رد ڪري ڇڏي ها...... ايئن ٿي لڳو ته اها تقرير تنهنجي لکيل هجي.”
    ٿامسن ڏند ٽيڙيندي چيو، “ٿي سگهي ٿو سائين اها تقرير منهنجي ئي لکيل هجي.”
    ڪمري ۾ موجود سڀ ماڻهو کلڻ لڳا. ڪرسٽو فر به کلڻ لڳو. حالانڪه کيس پنهنجي کل جو سبب سمجهه ۾ نه آيو هو. پر هن پاڻ کي بد رنگ ثابت ڪرڻ نٿي چاهيو.
    ان مهل صدر جي ذاتي سيڪريٽري مس ليجر اعلان ڪيو ته ماني لڳي چڪي آهي. سڀ ماني جي ميزن ڏانهن وڌيا، جلدي جلدي پليٽون ڀري اچي پنهنجي سيٽن تي ويٺا. اوهيو جي رياست ۾ ووٽنگ شروع ٿيڻ واري هئي.
    ٽيلي ويزن تي هڪ انائونسر 35هين ترميم جو مضمون ٻڌائي رهيو هو. “ڪنهن به اندروني هنگامي صورتحال ۾ آئين جا پهريان اهي ئي فقرا معطل ٿي ويندا.” ترميم جو مضمون هن ريت آهي. نمبر 1، قومي سلامتي کي خطرو پيش اچڻ جي صورت ۾ انساني آزادي بابت حق معطل رهندا. 2، اهڙي ڪنهن خطري جي صورت ۾ صدر کي قومي سلامتي ڪميٽي ٺاهڻ جو اختيار هوندو. اها ڪميٽي سلامتي ڪائونسل سان گڏجي ڪم ڪندي. 3، ڪميٽي ۽ ڪائونسل ملڪ ۾ هنگامي حالتن جو اعلان ڪري سگهنديون. 4 ڪميٽي جو چيئرمين ايف بي آءِ جو ڊائريڪٽر هوندو. 5. هنگامي صورتحال جي خاتمي سان گڏ ئي انساني آزاديءَ جا حق بحال ٿي ويندا.”
    ڪرسٽوفر اهو سڀ ڪجهه ڪيترائي ڀيرا پڙهي چڪو هو. پر هن مهل اهو سڀ ڪجهه ٻڌندي کيس بد مزگيءَ جو احساس ٿيو. ترميم جو لهجو ۽ لفظ، ٻيئي سخت هئا، هو فڪر مند ٿي ويو.
    “ووٽنگ شروع ٿي رهي آهي.” صدر جو آوار ٻڌڻ ۾ آيو. “اوهيو اسيمبلي يقيني طور تي ترميم جي حق ۾ فيصلو ڏيندي، ايئن اڄ رات 35هين ترميم آئين جو حصو بڻجي ويندي.”
    ڪرسٽوفر پليٽ هڪ پاسي رکي ۽ اسڪرين ڏانهن متوجه ٿي ويو. ووٽنگ شروع ٿي چڪي هئي. شروع ۾ ته “ها” ۽ “نه” جي وچ ۾ توازن هو پوءِ نه جو تعداد وڌڻ لڳو.
    “اها حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه آهي.” انائونسر جو آواز اُڀريو، “سياسي پنڊتن جي اڳ ڪٿي اُبتي ٿيندي پئي نظر اچي.”
    ڏسندي ئي ڏسندي نتيجا سامهون اچي ويا. اوهيو جي اسيمبليءَ ترميم رد ڪري ڇڏي هئي. ڪيبنيٽ روم ۾ غم جي لهر ڇائنجي ويئي. هر شخص مايوس نظر اچي رهيو هو. ڪرسٽوفر اک ٽيٽ ڪري ڪيرن کي ڏٺو، جيڪا هڪ پاڻمرادو مرڪ کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. سڀ همراهه صدر جي چوڌاري گڏ ٿي ويا هئا. هر چهري تي مونجهاري جو تاثر هو.
    صدر ڪلها لوڏيا ۽ پنهنجي پولنگ سيڪريٽري کي مخاطب ٿي چيو، “هي ڇا ٿيو رونالڊ؟ اسان ته سمجهيو ٿي ته اڄ رات ئي کٽي وينداسين.”
    “جناب صدر آثار ته اهي ئي هئا ته ترميم اڪثريت راءِ سان منظور ٿي ويندي. اها تبديلي رڳو 36 ڪلاڪن جي اندر ظاهر ٿي آهي.” رونالڊ وراڻيو.
    “جناب صدر، شايد ان سلسلي ۾ انائونسر وضاحت ڪرڻ وارو آهي.” صدر جي ايڊي ٽي وي انهن اشارو ڪيو.
    “اجهو هينئر هينئر هڪ اطلاع مليو آهي.” انائونسر چئي رهيو هو “جيتوڻيڪ انهيءَ جي فوري طور تصديق ٿي نه سگهي آهي، پر اسانجي نمائندي کي ٻڌايو ويو آهي ته گذريل رات ۽ اڄ صبح جو ٽوني هيرس پنهنجي طوفاني مهم جي ذريعي صورتحال کي هڪ ئي ڌڪ سان بدلائي ڇڏيو هو. ٽوني هيرس جيڪو پاڻ کي بنيادي انساني حقن جو محافظ چئي ٿو. هڪ مهينو اڳ 35هين ترميم جي خلاف پنهنجي مهم شروعات ڪئي. هن جي لاءِ اوهيو جو اپ سيٽ وڏي ڪاميابي آهي. اسانکي ٻڌايو ويو آهي ته عين وقت تي ٽوني هيرس انهن اسيمبلي ميمبرن کي قائل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. جيڪي اڃان تائين ڪنهن نتيجي تي نه پهتا هئا. ناظرين کي ياد هوندو ته ٽوني هيرس ڪنهن زماني ۾ ايف بي آئي ۾ ڪم ڪري چڪو آهي. بعد ۾ هو سٺو ليکڪ ۽ وڪيل ثابت ٿيو. هو بنيادي انساني حقن جي تحفظ جو زبردست حامي آهي. هن جو ريڪارڊ ٻڌائي ٿو ته ......”
    “اسين هن جي ريڪارڊ کان چڱي پر واقف آهيون....” ٿامسن رڙ ڪندي چيو، “اسين ان ذليل شخص جي باري ۾ سڀ ڪجهه ڄاڻون ٿا.” پوءِ هو مڙيو ۽ معذرت واري لهجي ۾ صدر کي چيائين، “مونکي ان بدتميزيءَ تي معاف ڪريو. پر اهو ٽوني هيرس لائق ئي ان جي آهي. هو سدائين ڏوهارين جي پٺڀرائي ڪندو هو. تنهنڪري مون کيس ايف بي آئي مان ڪڍي ڇڏيو. آئون کيس چڱي طرح سڃاڻان ٿو....”
    “ڇڏ کڻي انهن ڳالهين کي ٿامسن. نانگ ته نڪري ويو، هاڻ ليڪو ڪُٽڻ مان ڪو فائدو ڪونهي.” صدر کيس دلاسو ڏنو.”هاڻ اسانکي اهو سوچڻ گهرجي ته آئنده اهو شخص اسانکي نقصان پهچائي نه سگهي.”
    ڪرسٽوفر گهڻو اپ سيٽ هو. ورنن ٿامسن جو ائين ڦاٽي پوڻ هن جي سمجهه کان مٿي هو. هن ورنن ٿامسن جي شخصيت جو اهو رخ اڳ ۾ نه ڏٺو هو. هن ڪيرن جو هٿ جهليو، جيڪا پاڻ به گهڻي مونجهاري جو شڪار لڳي رهي هئي. ان مهل صدر کيس اشاري سان سڏيو، هو ڪيرن جو هٿ ڇڏي صدر طرف وڌي ويو. ٿامسن صدر وٽ ئي بيٺو هو.
    “حضرات! نيو يارڪ ۾ اسانجي ڪاميابي حيرت ۾ وجهندڙ هئي ته اوهيو ۾ اسانجي شڪست به غير متوقع هئي. گويا حساب برابر ٿي ويو. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته راءِ ڪيڏي نه غير مستحڪم هوندي آهي، هاڻ ڪيليفورنيا جي اهميت وڌي ويئي آهي. ڪيليفورنيا جو ووٽ فيصلو ڪندڙ هوندو. رونالڊ جو چوڻ آهي “هن وقت ڪيليفورنيا ۾ اسان جي پوزيشن سگهاري آهي، پر اها ڳالهه منهنجي لاءِ ڪافي ڪونهي اسين ڪيليفورنيا جي معاملي ۾ ڪو به خطرو کڻي نٿا سگهون. اسانکي پنهنجو سڀ ڪجهه داءُ تي لڳائڻو پوندو. ٿامسن ۽ ڪرس ...... اوهانکي پنهنجا سڀ وسيلا استعمال ڪرڻا پوندا.” صدر چيو، ٿامسن ۽ ڪرسٽوفر پنهنجا ڪنڌ هاڪار ۾ ڌوڻيا.
    صدر سگار کي ڏندن سان ڪٽيو. ورنن ٿامسن لائٽر ٻاري کيس سگار دکائڻ ۾ مدد ڪئي. صدر هڪ ڪش هڻي ڪرسٽوفر کي چيو، “ڪرس ...... تنهنجو واسطو ڪيليفورنيا سان آهي نه!؟”
    “هائو! آئون لاس اينجلس ۾ پرئڪٽس ڪندو رهيو هئس.”
    “آئون چاهيان ٿو ٿه تون ڪيليفورنيا وڃ .... ۽ ترميم جي حق ۾ عام راءِ هموار ڪرڻ جي ڪوشش ڪر.” صدر چيو.
    ڪرسٽوفر فڪر مند ٿي پيو، “آئون چئي نٿو سگهان ته آئون ان سلسلي ۾ فائديمند ثابت ٿي سگهندس يا نه ..... هن چيو. “البته چيف جسٽس هاورڊ جو ان رياست ۾ اثر رسوخ وڌيڪ آهي.”
    صدر ناڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو، “هاورڊ ڪجهه به نٿو ڪري سگهي. مونکي خبر پئي آهي ته هو اُن ترميم جي حق ۾ ڪونهي..... هونئن هڪ جج جو سياسي معاملن تي تبصرو ڪرڻ اثرائتو نٿو ٿئي.”
    ڪرسٽوفر کي اها آئيڊيا پسند نه آئي. پر منجهس انڪار جي جرئت به نه هئي. “جيڪڏهن اوهين سمجهو ٿا ته اهو معاملو وڌيڪ اهم آهي ته پوءِ جيئن اوهين چوندا، تيئن ڪندس.”
    “تمام گهڻو اهو اٿئي.” ڊائريڪٽر ٿامسن هن جي ڳالهه ڪٽيندي چيو، “آئون اڳ ۾ ئي عرض ڪري چڪو آهيان ۽ ٻيهر ٿو ڪريان ته اها ترميم گهڻي اهم آهي....... ان کانسواءِ شايد.... شايد اسين پنهنجي ملڪ کان ئي هٿ ڌوئي ويهون.”
    “ٿامسن ٺيڪ پيو چيو، صدر تائيد ڪئي،” جڏهن وائيٽ هائوس به ڦورن ۽ قاتلن جي حملن کان محفوظ نه رهي ته پوءِ هن ملڪ ۾ ڪو به محفوظ ڪونهي. اسانکي هر قيمت اتي ها ترميم منظور ڪرائڻي آهي.”
    ان مهل مس ليجر صدر کان معذرت ڪندي ڪرسٽوفر کي ٻڌايو ته سندس باڊي گارڊ ڪنهن ارجنٽ ڪم جي سلسلي ۾ ساڻس ڳالهائڻ ٿو چاهي. ڪرسٽوفر اجازت طلب نظرن سان صدر کي ڏٺو. صدر هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو. “ايندڙ هفتي تائين آئون توکي پروگرام ٻڌائي ڇڏيندس. هاڻ تون ڀلي وڃ!”
    ڪرسٽوفر ڪيرن کي وٺي ٻاهر نڪتو، جتي هن جو باڊي گارڊ “ايجنٽ هونگي” هن جو منتظر هو. “ڪهڙو مسئلو آهي هو گن،” ڪرسٽوفر پڇيس.
    “سائين... ڪرنل بيڪسٽر کي هوش اچي ويو آهي پر ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته هو ڪجهه ئي دير جو مهمان آهي. هن هوش ۾ ايندي ئي اوهان سان ملڻ تي زور ڀريو. هو چئي ٿو ته اوهان کي ڪا بنهه ضروري ۽ اهم ڳالهه ٻڌائن ٿو چاهي. مسز بيڪسٽر روئي مونکي التجا ڪئي آهي ته ڪيئن به ڪري اوهان کي ڪرنل بيڪسٽر تائين پهچايان.”
    ڪرسٽوفر، ڪيرن جي لاءِ ڪار جو دروازو کوليو. پوءِ پاڻ به ويهي رهيو. “ٺيڪ آهي، اسانکي اسپتال وٺي هل.” هن ايجنٽ هوگن کي چيو. پوءِ هن زال کي مخاطب ٿي چيو، “خدا ٿو ڄاڻي ته ڪهڙو چڪر آهي.”


    قسط 3

    اسپتال پهچي ڪرسٽوفر ڪيرن کي ڪار ۾ ئي ويهڻ جي هدايت ڪئي ۽ خود اسپتال جي عمارت ۾ گهڙيو. هڪ نيول آفيسر ڏانهنس وڌيو.
    “اٽارني جنرل ڪولنس؟” هن پڇيو ڪرسٽوفر ڪنڌ هاڪار ۾ ڌوڻيو “مون سان گڏ اچو سائين ..... هو پنجين ماڙ تي آهي.”
    لفٽ ۾ سوار ٿيندي ئي ڪرسٽوفر کان پڇيو، “ڪرنل بيڪسٽر جي حالت ڪيئن آهي؟”
    “مونکي افسوس آهي سائين ...... ويهه منٽ اڳ جڏهن آئون هيٺ آيس ته هو زندگيءَ جي ڪچي تند ۾ ٻڌل محسوس ٿي رهيو هو.”
    “ڪاش .... ڪاش، آئون ساڻس ملي سگهان.... هونئن وٽس ڪير ڪير موجود آهن؟”
    “سندس زال ۽ پوٽو رڪي بيڪسٽر، هو ساڻس گڏ ئي رهندو آهي. هن جا ماءُ پيءُ سرڪاري ڪم سان ڪينيا ويل آهن ۽ ها جارج ٽائون چرچ جو پادري فادر ڊوسڪي به وٽن موجود آهي.”
    لفٽ مان لهي هو ڪاريڊور ڏانهن وڌيا آفيسر هڪ کليل دروازي ڏانهن اشارو ڪيو. “اوهين اندر هليا وڃو، هي ڪمرو انتظار گاهه طور ڪم ايندو آهي، ڀرواري ڪمري ۾ ڪرنل بيڪسٽر آهي.”
    ڪرسٽوفر ڪمري ۾ گهڙيو، ڀرواري ڪمري مان سڏڪن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. دروازو اڌ کليل هو ۽ ڪرسٽوفر کي بستري جو فقط هڪ حصو نظر اچي رهيو هو. ڪرسٽوفر کي خبر هئي ته اهي سڏڪا حنا بيڪسٽر جا آهن. جنهن جو هو گهڻو احترام ڪندو هو. ڪرسٽوفر اهو سوچي پريشان ٿي رهيو هو ته موت جي بستري تي ڪرنل کيس ڪهڙي اهم ڳالهه ٻڌائڻ جي لاءِ سڏايو هو.
    ڪجهه گهڙين کان پوءِ ڀرواري ڪمري جو دروازو کليو ۽ فادر ڊوسڪي اندران نڪتو. هن دروازو بند ڪري ڪنڌ ڌوڻيو ۽ ڪاريڊور ڏانهن وڌيو. ڪرسٽوفر جي پويان هلڻ لڳو. “ڪرنل بيڪسٽر هوش ۾ آهي؟ هن مونکي گهرايو هو....... آئون ساڻس ملي سگهان ٿو.” هن بي تابيءَ مان چيو.
    پادريءَ نهڪر ۾ ڪنڌ ڌوڻيو، “مونکي افسوس آهي ته اوهين هن سان ملي نٿا سگهو...... اوهين ڏهه منٽ دير سان پهتا آهيو.”
    ڪرسٽوفر جي سمجهه ۾ نه آيو ته هو ڇا چوي. نيٺ چيائين، “فادر مرڻ کان اڳ ڪرنل بيڪسٽر پورو هوش ۾ هو نه ؟”
    “هائو!”
    “هن اوهانکي يا مسز بيڪسٽر کي ٻڌايو ته هو مون سان ڇو ٿو ملڻ چاهي.” “نه، هن پنهنجي زال کي فقط ايترو چيو ته اوهان سان ملڻ تمام ضروري ۽ گهڻو اهم آهي.”
    “۽ هن ٻيو ڪجهه ته نه چيو؟”
    “هن مون سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪئي، جيڪا اعتراف جي دائري ۾ اچي ٿي.”
    “اوهين اها ڳالهه ٻولهه ورجائي سگهندؤ؟ ممڪن آهي ته ان مان مونکي ڪجهه سمجهڻ ۾ مدد ملي ته هن مونسان ڪهڙي ڳالهه ڪرڻ ٿي چاهي.”
    “اهو ممڪن ڪونهي.” پادريءَ جي اکين مان سختي جهلڪڻ لڳي. “اعتراف هڪ سڳورو راز هوندو آهي. اهو ڪنهن تي ظاهر نٿو ڪري سگهجي. مونکي بي حد افسوس آهي.”
    ڪرسٽوفر پادريءَ کان موڪلائي هيٺ هليو آيو، ڪار ۾ ويهي هن ڪيرن کي ٻڌايو ته هتي اچڻ بيڪار ثابت ٿيو.
    “توکي اندازو ڪونهي ته هن توکي ڇا ٻڌائڻ ٿي چاهيو.” ڪيرن پڇيو، “مونکي بلڪل اندازو ڪونهي.” ڪرسٽوفر فڪرمنديءَ مان چيو، “پر آئون اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ضرور ڪندس ته کيس مرڻ مهل، منهنجو خيال ڇو آيو. جڏهن ته آئون سندس ايترو ويجهو نه هئس.”
    “پر آئون اٽارني جنرل جي حيثيت سان ان جو جانشين ته بهرحال آهن.”
    “اهوئي ته آئون به سوچي رهيو آهيان.” ڪرسٽوفر خود ڪلامي جي انداز ۾ چيو، “ان معاملي جو واسطو ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان منهنجي ڪم سان آهي ؟ اها ڳالهه بنهه اهم هوندي، جيڪا موت جي ايترو ويجهو هوندي به هن جي ذهن تي سوار رهي، منهنجي لاءِ هو ڄاڻڻ بي حد ضروري آهي ته هن مونکي ڇا ٿي چوڻ چاهيون آئون اهو ضرور ڄاڻندس.”
    ڪيرن هن جو هٿ مضبوطيءَ سان جهلي ورتو. “مٺا! پاڻ کي ايترو گهڻو ملوث به نه ڪر. آئون پنهنجي ڳالهه جي وضاحت نٿي ڪري سگهان. پر آئون ڊڄان ٿي ۽ ڊپ جي پاڇن ۾ زندگي گذارڻ مونکي سٺو ناهي لڳندو.”
    “۽ مونکي ڳجهارتون سٺيون نه لڳنديون آهن.” ڪرسٽوفر ڪار جي دريءَ مان ٻاهر اوندهه ۾ گهوريندي چيو.


    قسط 4

    ڪرنل بيڪسٽر جي تدفين مئي جي هڪ ڀنل ڏينهن ٿي. آمريڪي صدر به هن جي تدفين ۾ شرڪت ڪئي. فادر ڊوسڪي آخري دعا گهري. هن کانپوءِ ڏکارا، پر بار لاهڻ تي مطمئن شرڪت ڪندڙ ٻيهر زندگي جي هڻ وٺ ڏينهن موٽي ويا. ڊائريڪٽر ورنن ٿامسن، سندس ڊپٽي هيري ايڊورڊ ۽ اٽارني جنرل ڪولنس گڏجي آيا هئا ۽ گڏ ئي واپس موٽيا.
    ايف بي آئي جي هڪ ايجنٽ هن جي لاءِ ٿامسن جي ڪار جو دروازو کوليو. هو ٽيئي ڪار ۾ ويهي رهيا. ڪار رواني ٿي، ڪجهه دير خاموشي رهي پوءِ ٿامسن چيو، “آئون بيڪسٽر جو وڇوڙو شدت سان محسوس ڪندس، تون تصور به نٿو ڪري سگهين ته اسين پاڻ ۾ ڪيترو نه ويجها هئاسين. هن سان ڪچهري ڪندي مونکي بي حد خوشي ٿيندي هئي.”
    “هائو! ڪرنل بيڪسٽر سٺو ماڻهو هو.” هيري ايڊورڊ چيو، هو ڊائريڪٽر جي ها ۾ ها ملائڻ جو عادي هو. کيس ٿامسن جو پڙاڏو قرار ڏنو ويندو هو.
    “آئون به کيس مس ڪندس.” ڪرسٽوفر چيو .”هن جي ڪري ئي اڄ آئون هن هنڌ تي آهيان.”
    “مونکي افسوس ان ڳالهه جو آهي ته هو 35هين ترميم جي منظوري ڏسي نه سگهيو. ان ترميم تي هن وڏي محنت ڪئي هئي. ماڻهون ان جو ڪريڊٽ صدر کي ٿا ڏين، پر حقيقت ۾ ترميم ڪرنل جو ڪارنامو آهي. ڪرنل کي موسٽ ارجنٽ ڪم قرار ڏيندو هو.”
    لفظ “ارجنٽ” تي ڪرنل ڇرڪيو، اسپتال ۾ پادريءَ به اهوئي چيو هو ته ڪرنل بيڪسٽر هن سان ملڻ کي اهم ۽ ضروري چيو هو. ان جو مطلب اهو ٿو ته ڳالهه 35هين ترميم بابت به ٿي پي سگهي. ڪرسٽوفر جي لاءِ اهو ڳجهه نبيرڻ بي حد ضروري هو. هن ٿامسن کان شروعات ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ کيس سڄي ڪهاڻي ٻڌايائين. “پر منهنجي پهچڻ کان ڏهه منٽ اڳ ڪرنل گذاري چڪو هو.”
    “هونهه! عجيب ڳالهه آهي.” ٿامسن ڪنڌ ڌوڻي چيو، “توکي خبر نه پئي ته اها اهم ڳالهه ڪهڙي هئي.” “اهوئي ته مسئلو آهي. ڪرنل مرڻ کان اڳ فادر ڊوسڪي سان ڳالهايو هو. پر فادر ڊوسڪي مونکي ڪجهه ٻڌائڻ جي لاءِ تيار نه آهي. هن جي خيال ۾ اهو اعتراف جي سڳورپ جو مسئلو آهي.” ڪرسٽوفر ٻڌايو. “هاڻ آئون سوچي رهيو آهيان ته ان سلسلي ۾ تون منهنجي مدد ڪري سگهين ٿو. مونکي يقين آهي، ڳالهه منهنجي ڪم بابت ئي هوندي. ممڪن آهي ته ان سلسلي ۾ تنهنجي به ڪرنل سان ڪا ڳالهه ٻولهه ٿي هجي. آئون وڏي مونجهاري ۾ آهيان.”
    ٿامسن ڪجهه گهڙيون شوفر جي پٺ کي گهوريندو رهيو پوءِ چيائين. “مُنجهي ته آئون به پيو آهيان. مونکي ياد نٿو پوي ته ڪرنل بيماريءَ کان اڳ مونسان خاص موضوع تي ڳالهه ٻولهه ڪئي هجي. آئون ته فقط ايترو ڄاڻان ٿو ته هو 35هين ترميم کي جلد منظور ڪرائڻ جو خواهشمند هو.ڇو ته هن جي خيال ۾ ان ۾ ئي ملڪ ۽ قوم جي بقا هئي. ٿي سگهي ٿو ته هو ترميم جي سلسلي ۾ توکي ڪجهه ٻڌائڻ چاهيندو هجي ..... مثال طور ترميم جي اهميت.”
    “ٿي سگهي ٿو ته ائين هجي، پر مرڻ مهل به هن مون سان ڳالهائڻ کي ارجنٽ قرار ڏنو هو. آئون فادر ڊوسڪيءَ کان ڳالهه ڪڍڻ جي هڪ ٻي ڪوشش ڪرڻ جو سوچي رهيو آهيان.”
    هيري ايڊورڊ اڳيان جهڪندي چيو. “اجايو وقت وڃائيندين تون پادرين کي نٿو سڃاڻين. انهن کان ته فقط خدا ئي ڪجهه ڪڍائي سگهي ٿو. بندي جي ڪهڙي مجال.”
    “هيري ٺيڪ پيو چوي.” ٿامسن تائيد ڪئي. پوءِ دري مان ٻاهر ڏسندي چيو. “واهه! اسين انصاف کاتي پهچي وياسين ...... گهر اچي ويو.”
    ڪرسٽوفر ڪار مان لهندي ٿامسن جو ٿورو مڃيو. هو آفيس ڏانهن وڌيو ئي مس جو ٿامسن کيس سڏيو. ڪرسٽوفر مڙي پويان ڏٺو. “تون سامان وغيره ٺاهي وٺ ........ متان ايندڙ هفتي توکي ڪيليفورنيا وڃڻو پوي.”
    “آئون تيار رهندس.” ڪرسٽوفر وراڻيو ۽ اڳيان وڌي ويو. ڊائريڪٽر جي ڪار اڳيان وڌي ويئي. رستي جي ٻئي پاسي ايف بي آءِ جي “ايڊگر هو ور بلڊنگ” هئي. ڪار مان لهڻ کانپوءِ ٿامسن هيريءَ کان پڇيو، “تنهنجو ڪهڙو رايو آهي؟ بيڪسٽر، ڪرسٽوفر کي ڇاٿي ٻڌائڻ چاهيو.؟”
    “آئون ڇاٿو چئي سگهان چيف.”
    “ٿي سگهي ٿو ته آخري وقت ۾ ڪرنل جو ضمير جاڳي پيو هجي. هو دل جو بار هلڪو ڪرڻ جي چڪر ۾ هجي.”
    “ٿي سگهي ٿو، پر حتمي طور تي ڪجهه به چئي نٿو سگهجي. هونئن اهو چڱو به ٿيو. جو هن جي ڪرسٽوفر سان ملاقات ٿي نه سگهي... هو ڪجهه چئي نه سگهيو.”
    “ٿي سگهي ٿو ته هن ڪجهه چيو هجي........ ڪرسٽوفر ٻڌايو ته هن پادريءَ سان ڳالهايو هو.”
    “توکي خبر آهي چيف ته مرڻ واري کي فقط پنهنجي عاقبت جو فڪر هوندو آهي. هو پنهنجي ڪم بابت ڳالهه ٻولهه نه ڪندو آهي، هن فقط پنهنجي گناهن جو اعتراف ڪيو هوندو.”
    “آئون فقط ايترو ڄاڻان ٿو ٿو ته ڪرنل جي دل ۽ دماغ تي ٻوجهه هو ۽ هو اهو هلڪو ڪرڻ جي لاءِ بي تاب هو. آئون ڄاڻڻ ٿو چاهيان ته هن پادريءَ کي ڇا چيو آهي.”
    هيري کنهاڪار ڪندي چيو، “اهو ته ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. پادرين کان اهڙيون ڳالهيون ڪڍڻ بي حد ڏکيو آهي.”
    “اسين ڏکين ڪمن جي لاءِ ته آهيون هيري. اسان ماڻهن جو ڪم ماڻهن کان معلومات ڪڍڻ ئي ته آهي. خاص ڪري اهڙي صورت ۾ جڏهن ان معلومات مان حڪومت کي خطرو هجي. توکي ديول وڃڻو پوندو، پادري کان دوستاڻي نموني پُڇڻ جي ڪوشش ڪر. پر جيڪڏهن سڌي نموني نٿو مڃي ته پوءِ اسانکي ڪا اٽڪل سوچڻي پوندي هيري. اهو ڪم فوري طور ٿي وڃڻ گهرجي.”
    “چيف توکي خبر آهي ته آئون هر ڪم ڪري سگهان ٿو. پر ان ڪم ۾ ڪاميابيءَ جو امڪان ڪونهي.”
    “نه ائين ڪونهي! تون فادر سان ملڻ کان اڳ هن بابت جاچ ڪري ڏس...... هر شخص جي زندگي جا ڪجهه راز هوندا آهن. پادري به انسان هوندا آهن. پهرين هن جو راز معلوم ڪر..... ۽ پوءِ کائنس خاموشي جي قيمت معلومات جي سڪن ۾ وٺڻ جي ڪوشش ڪري..... ناڪاميءَ جو ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي.”
    “اوڪي چيف...... سمجهو ته ڪم ٿي ويو.” هيريءَ ڪنڌ ڌوڻيندي چيو.


    قسط 5

    تدفين کان واپس موٽڻ کان پوءِ ٻن ڪلاڪن تائين ٿامسن ڪم ۾ رڌل رهيو. ٺيڪ پوڻين ٻين بجي هن ڪيبينٽ مان ڪجهه ڳجها فائيل ڪڍيا ۽ آفيس مان ٻاهر نڪري آيو. پنهنجي ڪار ۾ ويهڻ کانپوءِ هن ڊرائيور کي “اليگزينڊريا” هلڻ جي لاءِ چيو. اهو ڇنڇر جو ڏينهن هو ۽ ان ڏينهن جي لاءِ اهو سندس معمول هو ته هو مانجهاندو پنهنجي امڙ سان ڪندو هو. ماءُ جو احترام هن ايف بي آئي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر ايڊگر هورو کان سکيو هو. دنيا جي هر وڏي ماڻهوءَ ۾ ماءُ جي احترام جو قدر ساڳيو هو ۽ ٿامسن پنهنجي ڀر ۾ وڏو ماڻهو هو.
    ڪار گهربل عمارت جي سامهون بيٺي. ٿامسن ڪار مان لهڻ کانپوءِ هڪ ڪلاڪ ترسي اچڻ جي هدايت ڪئي ۽ عمارت ۾ داخل ٿي ويو. وٽس فليٽ جي چاٻي هئي. هن ڳاڙهي رنگ جي سنگل الارم کي دٻائي ڏٺو. الارم بند هو، جيتوڻيڪ سدائين ماڻهنس تي زور ڀريندو هو ته الارم آن رکي. غنڊه گردي جي موجوده رجحان جي ڪري اهو اڃا ضروري هو.
    هو دروازو کولي اندر گهڙيو. ماڻهنس سدائين جيان آرام ڪرسيءَ تي ويٺي ٽي وي ڏسي رهي هئي. هن اسڪرين تان نظرون هٽائڻ کانسواءِ هٿ جي اشاري سان آڌر ڀاءُ ڪيس. ٿامسن ماءُ جو نرڙ چميو. ماڻهنس مرڪي. “ماني تيار آهي، هي پروگرام به ختم ٿيڻ وارو آهي، تون جيڪٽ لاهي ويهه!” اهو چئي هوءَ پروگرام ۾ کوئجي ويئي.
    ٿامسن فائيل هڪ پاسي رکيا؟ جيڪٽ لاهي ڪرسي جي پٺيءَ تي ٽنگيو ۽ کيسي مان سگار ڪڍي دکايو.
    پروگرام ختم ٿيڻ کانپوءِ هنن ماني کاڌي. ماني جي دوران ٿامسن ماڻهنس کي ڪرنل بيڪسٽر جي تدفين جي باري ۾ ٻڌايو. ماني کانپوءِ ماڻهنس پڇيو. “ٻي ڪا نئين تازي؟”
    “پهرين اوهين ٻڌايو .” ٿامسن چيو، اهو سڀ ڪجهه هفتي جي منجهند جي معمول ۾ شامل هو. جواب ۾ روزا ٿامسن سڀ افواهه کيس ٻڌايا. هاڻ ٿامسن جو وارو هو. هن هيري ايڊورڊ جي فڪر سان شروعات ڪئي.
    “هيري ڪيئن آهي؟” ماڻهنس پڇيو.
    “خوش آهي ..... اوهان جي باري ۾ پڇندو رهندو آهي.” ٿامسن چيو ۽ پوءِ نئين اٽارني جنرل ڪرسٽوفر ڪولنس جو ذڪر ڪيو.
    “ورنن..... اهو ڪرسٽوفر سٺو ماڻهو آهي نه؟” ماڻهنس پڇيو.
    “فلحال ته ڪجهه چئي نٿو سگهجي. اڳتي هلي خبر پوندي.” انکانپوءِ آمريڪي صدر، ايف بي آئي جي ڀاڄوڪڙ ڏوهارين کان ٿيندي ٿيندي ڳالهه وڃي 35هين ترميم تائين پهتي. ٿامسن انومان ظاهر ڪيو.
    “ڇو پيو پريشان ٿئين ورنن؟ 35هين ترميم پاس ٿي ويندي.” ماڻهنس کيس دلاسو ڏنو.
    “اسانکي هڪ رياست جي حمايت گهربل آهي ۽ فقط هڪ ئي رياست وڃي بچي آهي.”
    “مونکي پڪ آهي ته تون هارائي نٿو سگهين!”
    ڊرائيور جي واپسيءَ ۾ ڏهه منٽ باقي هئا. اهو ملاقات جو آخري مرحلو هو. هاڻ فائلن جو وارو هو. روزا ٿامسن کي اهو مرحلو ڪافي سٺو لڳندو هو. ٿامسن وڏن ماڻهن بابت جاچ کانپوءِ جيڪا ڄاڻ حاصل ڪندو هو، اها هر هفتي کيس ٻڌائيندو هو. افواهه پسند روزا ٿامسن جي لاءِ اها معلومات تسڪين جو سبب هوندي هئي.
    ٿامسن ڳجها فائيل کوليا ۽ ماڻهنس جي پسند جا اداڪار جي نجي زندگي جا راز بيان ڪرڻ شروع ڪيائين. ان کانپوءِ ڪانگريس جي هڪ عورت ميمبرياڻي جو وارو آيو. روزا ٿامسن جي اکين جي چمڪ هر گهڙي وڌندي ويئي ٿامسن پنجن ڳجهن فائيلن جو متن ماڻهنس کي ٻڌائي ڇڏيو.
    “تون ڪيڏو نه سٺو پٽ آهين ورنن.... ماءُ جو خيال رکڻ وارو....”
    “مهرباني امان.”
    روزا کيس ڇڏڻ جي لاءِ دروازي تائين آئي. هن پٽ جي چهري کي ڌيان سان ڏسندي چيو. “اڄڪلهه تنهنجون پريشانيون وڌي ويون آهن نه .....؟”
    “هائو امان! وقت ڏاڍو خراب اچي ويو آهي. 35هين ترميم منظور نه ٿي ته خدا ڄاڻي هن ملڪ جو ڪهڙو حشر ٿيندو.”
    “تون سڀ ڪجهه ٺيڪ ڪري وٺندين. مونکي پڪ آهي.... تون جي ملڪ جو صدر هجين ها ته به گهڻو ڪامياب ثابت ٿين ها!” روزا ٿامسن محبت واري لهجي ۾ چيو.
    “ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن ڏينهن آئون صدر کان به وڏو ماڻهو بڻجي وڃان.” ٿامسن فليٽ مان ٻاهر نڪرندي چيو.


    اهو ڏينهن اٽارني جنرل جي لاءِ بيحد ٿڪائيندڙ ڏينهن هو. ڪم ايترو ته گهڻو هو جو کيس مانجهاندو ڪرڻ جي مهلت به ملي نه سگهي. اهو ئي ڪارڻ هو جو 36گهٽيءَ جي ان هوٽل ۾ پنهنجي زال ۽ ٻن دوستن سان گڏ ڊنر ڪندي هو. هٻڇين جيان ماني کائي رهيو هو. پال هرلڊ ۽ سندس زال روٽ هلرڊ هنن سان ڊنر ۾ شامل هئا.
    هلرڊ سان ڪرسٽوفر جا نهايت پراڻا لاڳاپا هئا، پال هلرڊ هاڻ جونيئر سينيٽر هو. هو نرم طبيعت وارو هو ۽ سندس طبيعت ڪافي متاثر ڪندڙ هئي. ڪرسٽوفر ڪيليفورنيا وائين جو آرڊر ڏيڻ جو ارادو ظاهر ڪيو ته پال هلرڊ خوشدليءَ مان چيو، “جيتوڻيڪ ڪيلفيورنيا وائين مان منهنجي دل ڀرجي چڪي آهي، پر ڪيليفورنيا مان نه ڀري آهي. آئون ڪيلفورنيا جي سلسلي ۾ توسان ڳالهائڻ ٿو چاهيان..... ڇو ته هاڻ جيڪو ٿيندو سو ڪيليفورنيا ۾ ئي ٿيندو.”
    “تنهنجو اشارو شايد 35هين ترميم طرف آهي.” ڪرسٽوفر پڇيو “هائو! اوهيو جي ووٽنگ کانپوءِ مونکي لڳاتار ڪيليفورنيا مان فونون اچي رهيون آهن.”
    “ڪيليفورنيا جي ڪهڙي رپورٽ آهي؟”
    هلرڊ پائپ دکائيندي چيو، “آثار ته اهي ئي آهن ته ترميم جي حق ۾ ووٽ ايندو. ٻڌو اٿم ته ڪيليفورنيا جو گورنر ايندڙ هفتي ترميم جي حق ۾ هئڻ جو اعلان ڪندو.”
    “صدر گلبرٽ کي گهڻي خوشي ٿيندي.”
    “ڪنهن سان ذڪر نه ڪج، پر حقيقت اها اٿئي ته صدر ۽ گورنر جي وچ ۾ ٺاهه ٿي چڪو آهي. ته گورنر پنهنجو مدو پورو ڪرڻ کانپوءِ سينٽ جي چونڊ وڙهندو ۽ صدر صاحب سندس مدد ڪندو. افسوس بي حد افسوس.” ڪرسٽو فر ڇرڪيو، “ڇو پال! ان ۾ ڪهڙي خرابي آهي.”
    “وڏا ماڻهو 35هين ترميم جي حق ۾ سهمت ٿي چڪا آهن.”
    “منهنجو خيال آهي ته تون پاڻ به ترميم جي حق ۾ آهين”
    “آئون نه ان جي خلاف هئس ۽ نه حمايت ۾. آئون ته رڳو تماشائي هئس. منهنجو خيال هو ته تون به تماشو ڏسندڙن مان آهين. پر هاڻ ڳالهه اسانجي گهر تائين اچي پهتي آهي. هاڻ آئون ان ۾ ملوث ٿيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهان.”
    “ته تون ان ترميم جي خلاف آهين؟”
    پال هاڪار ۾ ڪنڌ ڌڻيو. هن جي زال روٿ چيو، “پال تڪڙ نه ڪر. پهرين اهو ڏس ته ماڻهن جي ان سلسلي ۾ ڪهڙي راءِ آهي.”
    “جيستائين اسين پنهنجي محسوسات کي نه سمجهنداسين. ماڻهن جا احساس به سمجهي نه سگهنداسين. ماڻهو صحيح يا غلط فيصلو ڪرڻ جي لاءِ پنهنجن اڳواڻن طرف ڏسي رهيا آهن. ڏسو نه! اسان ماڻهن جي ذميداري....”
    “۽ توکي صحيح يا غلط جي باري ۾ يقين ٿي چڪو آهي؟” ڪرسٽوفر پُڇيس.
    “آئون يقين طرف وڌي رهيو آهيان. ڪيليفورنيا مان ملندڙ معلومات جي روشنيءَ ۾ 35هين ترميم مونکي اهڙي اينٽي ايئرڪرافٽ (جهاز مار توپ) معلوم ٿي ٿئي. جنهن سان پکين جو شڪار ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو پيو وڃي. ٽوني هيرس جو به اهو ئي خيال آهي. هو ترميم جي خلاف جنگ جي لاءِ ڪيليفورنيا پهچي رهيو آهي.”
    ڪرسٽوفر کي ٽوني هيرس جي باري ۾ ڊائريڪٽر ٿامسن جو رد عمل ياد آيو، هن چوڻ شروع ڪيو، “ٽوني هيرس اعتبار جوڳو ماڻهو ڪونهي. هن 35هين ترميم جي مخالفت کي انتقام جو ذريعو بنائي ورتو آهي. هن جي اصل ويڙهه ترميم جي خلاف ڪونهي، پر ورنن ٿامسن جي خلاف آهي. فقط ان لاءِ ته ٿامسن کيس ايف بي آءِ مان ڪڍيو هو.”
    “تنهنجي خيال ۾ اها حقيقت آهي؟”
    “مون ته اهوئي ڪجهه ٻڌو آهي. پر مون ان سلسلي ۾ ڇنڊ ڇاڻ نه ڪئي آهي.”
    “ته پوءِ ڇنڊڇاڻ ڪر، ڇو ته مون ٻيو ڪجهه ٻڌو آهي. ٽوني هيرس ايف بي آئي کان بد دل ٿي پيو هو. هو ڪجهه اهڙن اسپيشل ايجنٽن جي مدد ڪري رهيو هو جن جي پويان ذاتي سببن جي ڪري ٿامسن لڳل هو. ان ڏوهه جي ڪري ٿامسن، ٽوني جي بدلي ڪرڻ چاهي. پر ٽوني استعفيٰ ڏيئي ڇڏي ته جيئن ايف بي آئي جي سڌاري ۽ انساني حقن جي تحفظ لاءِ کليل نموني ڪم ڪري سگهي. اهو افواهه ٿامسن پکيڙيو آهي ته ٽوني هيرس کي ايف بي آئي مان ڪڍيو ويو آهي.”
    “ان سان ڪهڙو ٿو فرق پوي.” ڪرسٽوفو چيو. “اصل ڳالهه ته اها آهي ته تون ترميم جي مخالفن سان مليل آهين.”
    “هائو ڪرس! مونکي اها ترميم بي حد خطرناڪ ٿي لڳي. آئون ان جي مقصدن کان واقف آهيان. مونکي ڊپ آهي ته ان جو غلط استعمال ڪيو ويندو. مونکي اهو خدشو پريشان ڪري رهيو آهي.”
    “ان جو هاڪاري پهلو به آهي پال! اها ڏوهن جي پاڙ پٽڻ ۾ ڪم ايندي. ڪيليفورنيا کي ئي کڻي وٺ هن وقت ڏوهن جو تعداد ڪيترو نه وڌي ويو آهي.”
    “واقعي!”
    “واقعي مان ڇا مطلب؟ تو ايف بي آئي جي فراهم ڪيل انگ اکر ڏٺا هوندا.”
    “انگ اکر؟ ان سلسلي ۾ ته آئون توسان ڳالهائڻ ٿو چاهيان. آئون هٻڪي رهيو هئس، ڇو ته اهو تنهن جي کاتي جو معاملو آهي. مونکي ڊپ هو ته متان تون ناراض نه ٿي پئين!”
    “آئون ڇو ناراض ٿيان. ۽ ٻيو ته پال اسين سٺا دوست پڻ آهيون. تون مون سان کلي ڳالهائي سگهين ٿو.”
    “ٺيڪ آهي ته پوءِ ٻڌاءِ! ڪلهه مونکي اولن ڪيف فون ڪئي هئي. هن جيڪو ڪجهه ٻڌايو اهو منهنجي لاءِ پريشان ڪندڙ آهي. اولن ڪيف، سان فرانسسڪو مان ڪيليفورنيا جي دستور ساز اسيمبلي جي لاءِ چونڊيو آهي. ڏاڍو ڀلو ماڻهو آهي. توکي ساڻس ملي گهڻي خوشي ٿيندي. بهرحال هو هڪ ڪميشن جو ميمبر آهي. ڪميٽي جي ڪم جي سلسلي ۾ مقامي پوليس جي ڪجهه آفيسرن جي هن سان ملاقات ٿي. انهن مان ٻن شڪايت ڪئي ته ايف بي آئي سندن پوزيشن خراب پئي ڪري. سندن چوڻ آهي ته ڏوهن جي سلسلي ۾ هو ٿامسن کي جيڪي انگ اکر ڏين ٿا. اخبارن ۾ ڇپجندڙ انگ اکر انهن کان مختلف ۽ وڌيڪ هوندا آهن. يعني اوهين انهن کي بدلايو ٿا.”
    “هرگز نه! انگ اکر ٿامسن گڏ ڪندو آهي. منهنجو ڪم فقط هن جي ڏنل انگن اکرن کي پريس ۾ ڏيڻ آهي.” ڪرسٽوفر چڙي چيو. “هونئن تون چوڻ ڇاٿو چاهين؟”
    “آئون توکي ٻڌائي رهيو آهيان ته اولن ڪيف جي خيال ۾ ٿامسن ڏوهن جي انگن اکرن کي گهڻو وڌائي چڙهائي پيو پيش ڪري. خاص ڪري ڪيليفورنيا ۾ ٿيندڙ ڏوهن کي!”
    “هو ايئن ڇو ڪندو؟ اها ڳالهه منهنجي نڙيءَ کان هيٺ نٿي لهي!”
    “ڳالهه سڌي پئي آهي. ٿامسن انهن انگن اکرن جي ذريعي ڪيليفورنيا جي اسيمبلي ميمبرن کي ڊيڄاري رهيو آهي ته هو ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏين.”
    “ڏس! مونکي خبر آهي ته ٿامسن ان ترميم جو وڏو حامي آهي، پر هو ايترو خطرو کڻي نٿو سگهي. ڀلا کيس 35هين ترميم مان ڇا ملندو؟”
    “طاقت.”
    “اها کيس هينئر به حاصل آهي.”
    “ايتري ڪونهي، جيتري ترميم تي عمل ڪرڻ جي صورت ۾ قومي سلامتي جي چيئرمين جي حيثيت سان کيس حاصل ٿيندي.”
    ڪرسٽوفر نهڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو. “آئون يقين نٿو ڪري سگهان پال ...... آئون گذريل ارڙهن مهينن کان انصاف کاتي ۾ آهيان. آئون اندرين ڳالهه ڄاڻان ٿو. تون ۽ تنهنجو اولن ڪيف بي خبر آهيو ....... اندرين حال کان اڻ ڄاڻ .....”
    “منهنجي ڳالهه ڇڏ پر اولن ڪيف گهڻو ڪجهه ڄاڻي ٿو ڪرس! تون ڪيليفورنيا وڃڻ وارو آهين، اتي خود اولن ڪيف سان ملي وٺج..... هو توکي حقيقتون ٻڌائيندو...... اها ٻي ڳالهه آهي ته تون هن سان ملڻ ئي نه چاهين.”
    “توکي خبر آهي ته آئون حقيقت کان منهن نه موڙيندو آهيان.” ڪرسٽوفر تکي لهجي ۾ چيو، “تون منهنجي ساڻس ملاقات طئي ڪرائي ڇڏ....... آئون هن سان ضرور ملندس.”
    “۽ کليل ذهن سان هن جون ڳالهيون ٻُڌج ڪرس! هن ملڪ جي قسمت جو فيصلو هاڻ ڪيلفورنيا جي هٿ ۾ آهي. تون هن جون ڳالهيون ٻڌج ۽ پوءِ فيصلو پاڻ ئي ڪري وٺج!”


    قسط 6

    ينگ ٻنپهرن ڌاري “ايڊگرهوور بلڊنگ” ۾ داخل ٿيو. گذريل ڇهن مهينن کان هفتي ۾ هڪ ڏينهن ورنن ٿامسن سان ملڻ هن جي پروگرام ۾ شامل هو. هن جي ويهڻ کانپوءِ ٿامسن فون تي ڪنهن کي ٻڌايو ته هو هاڻ آمريڪي صدر کانسواءِ ٻي ڪنهن جي به فون رسيو نه ڪندو. پوءِ اتي هن پنهنجي آفيس جي ٻنهي دروازن کي بند ڪيو. هو پنهنجي آتم ڪٿا جي سلسلي ۾ ٿيندڙ ان ملاقات مان گهڻو لطف اندوز ٿيندو هو. فقط ان ڪري ته ڳالهه ٻولهه جو مرڪز هو پاڻ هوندو هو.
    ينگ کي انهن ملاقاتين ۽ خود ورنن ٿامسن کان نفرت هئي. ينگ کي ايف بي آئي سان محبت هئي. ڇاڪاڻ ته اهو هڪ ڦڙت ۽ اثرائتو ادارو هو. ايف بي آئي جي ريڪارڊ روم ۾ پنجويهن ڪروڙ ماڻهن جون فنگر پرنٽس موجود هيون. ايف بي آئي هڪ ادارو نه پر هڪ راڪاس هو، جنهن جي پهچ تمام پري پري تائين هئي. پر ورنن ٿامسن سان هن جي پهرين نظر جي نفرت جو رشتو هو. ٿامسن خود پنهنجي سوانخمري لکرائڻ جو خواشمند هو. ۽ الائجي ڪنهن ان سلسلي ۾ ينگ جي نالي جي رٿ ڏني هئي. ٿامسن ينگ جا ٻه ڪتاب پڙهيا هئا ۽ کيس سندس لکڻ جو انداز بي حد وڻيو هو. پر ينگ انڪار ڪري ڇڏيو. پر ٿوري مزاحمت کانپوءِ جيڪا ٿامسن جي بليڪ ميلنگ جي اڳيان دم ٽوڙي ويئي. هو ٿامسن جي سوانح عمري لکڻ تي مجبور ٿي پيو. هان ان قبوليت کي ڇهه مهينا ٿي چڪا هئا.
    ينگ پورٽيبل ريڪارڊر ميز تي رکيو. پوءِ نوٽس ڪڍي هنج ۾ رکيائين. هو ان سيشن جي تياري ڪري آيو هو. اڄوڪو موضوع کيس گذريل ملاقات ۾ ٻڌايو ويو هو. هن ٽيپ ريڪارڊ جي ريڪارڊنگ وارو بٽڻ دٻايو.
    “اسين ايڊگر هوور جي باري ۾ ڳالهائي رهيا هئاسين.” ٿامسن اسٽارٽ ورتو، “آئون جيڪو ڪجهه آهيان ان جي ڪري ئي آهيان 1972ع ۾ هن جي چالاڻي کانپوءِ مون گري، ريڪل ۽ ڪيلي مان ڪنهن سان به گڏ ڪم ڪرڻ پسند نه ڪيو هو سڀ چڱا ماڻهو هئا، پر جنهن ايڊ گر هوور سان گڏ ڪم ڪيو هوندو، اهو ڪنهن ٻي سان گڏ هلي نٿو سگهي. تنهنڪري مون استعفيٰ ڏيئي، پنهنجي جاسوسي ايجنسي کولي، پر پوءِ صدر صاحب، مونکي ايجنسي بند ڪرڻ ۽ بيورو جي سربراهي ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. منهنجو خيال آهي ته اهو سڀ ڪجهه آئون توکي اڳ ۾ ئي ٻڌائي چڪو آهيان.”
    “هائو! مون اهو ايڊٽ ڪري اسڪرپٽ تيار ڪري ورتو آهي.” ينگ ٻڌايو.
    “ان وقت جي حالتن موجب صدر کي اولڊ مين جي ضرورت هئي، اسين بيورو وارا ايڊگر هورو کي اولڊ مين چوندا هئاسين.... ته آئون چئي رهيو هئس. اولڊ مين جي ضرورت هئي. پر مرڻ وارو ڪڏهن ڪنهن جي ضرورت پوري ڪندو آهي. متبادل صورت اها هئي ته ايڊگر هوور جي نقش قدم ٿي هلندڙ ڪنهن شخص کي موقعو ڏنو وڃي. چونڊ جي نظر مون تي پئي ۽ يقين ڪريو ته صدر کي پنهنجي فيصلي تي پڇتائڻو نه پيو. پر حقيقت اها آهي ته مهينو کن اڳ صدر منهنجو هٿ جهلي چيو، “ٿامسن جيڪو ڪجهه ڪيو آهي اهو ڪڏهن ايڊگر هو ور به ڪري نه سگهيو. يقين ڪر ته آمريڪي صدر لفظ به لفظ اهوئي چيو هو.”
    “مونکي ياد آهي.” ينگ چيو، “اهوتمام وڏو خراج تحسين آهي.” “پر ينگ آئون اهو نٿو چاهيان ته ڪتاب ۾ اها منهنجي تعريف لڳي، پر اها اولڊ مين جي واکاڻ ٿيڻ گهرجي ته جيئن پڙهندڙن کي خبر پوي ته آئون اولڊ مين جو ڪيترو نه احترام ٿو ڪريان. ۽ مون کانئس ڪيترو نه سکيو هو.”
    “ٺيڪ آهي سائين! آئون هونئن به سڄو هفتو ايڊگر هوور جي باري ۾ پڙهندو رهيو آهيان.”
    “جيڪڏهن ڪجهه پڙهيو اٿئي اهو وساري ڇڏ! ظالم صحافين اولڊ مين سان ڪڏهن به انصاف نه ڪيو. خاص ڪري پوئين دور ۾، منهنجون ڳالهيون ڌيان سان ٻڌ ۽ هر ڳالهه احتياط سان لک ته جيئن ڪا غلطي وغيره نه رهي.”
    “اوهين اُلڪو نه ڪريو سائين! ٽيپ ريڪارڊ ڪڏهن به غلطي نه ڪندو آهي.”
    “واهه! اهوته آئون هر هر وساري ٿو ويهان. خير! ته اهو ايڊگر هوور ئي هو، جنهن قانون لاڳو ڪرڻ وارن ادارن ۾ پروفيشنلزم متعارف ڪرايو. هن روايتي پوليس مين جي تصور کي غلط ثابت ڪيو ۽ اسان کي عزت ڏياري. هن کان اڳ ايف بي آئي کي حڪومتي ايوان ۾ ڏوهارين جو نمائندو سمجهيو ويندو هو. جڏهن ايڊگر هوور ايف بي آئي جوائن ڪئي ته هن جي عمر 29 سال هئي. ان وقت ايف بي آئي جي ملازمن جو تعداد 657 هو. جڏهن ته هن جي چالاڻي وقت اهو تعداد ويهن هزارن جي لڳ ڀڳ هو. ڪرائيم ليباريٽري ۽ فنگر پرنٽس جو نظام هن ئي قائم ڪيو. سکيا جي لا اڪيڊمي به هن ئي قائم ڪئي. سينٽرل ڪمپيوٽر به هن جو ئي ڪارنامو آهي. جنهن وٽ لڳ ڀڳ ٽيهن لکن ماڻهن جو ريڪارڊ موجود آهي. اهي سڀ اولڊ مين جا ڪارناما آهن. هن جي ۽ منهنجي عهد ۾ ايف بي آئي جو ڪو ايجنٽ نه ڪنهن ڏوهه ۾ ملوث ٿيو نه ئي ڏوهارين جي مدد ڪئي هئي. اها ڪا معمولي ڳالهه ڪونهي. پوءِ انهن خطرناڪ ڏوهارين جا نالا ياد ڪر، جن کي اولڊ سڀن سزا ڏياري، انهن جا نالا ياد ايندي ئي هاڻ به تنهنجا وار ڪانڊارجي ويندا. جيتوڻيڪ اهي هاڻي مري چڪا آهن. انهن ڏوهارين جي فهرست هڪ ڪلو ميٽر ته ضرور ڊگهي هوندي.”
    “اڌ ڪلوميٽر چئو!” ينگ دل ئي دل ۾ چيو. ٿامسن سڀ کان وڏي سوڀ کي ته ڇڏي ڏنو هو. ايڊگر هوور پنهنجي ڊگهي ڪيريئر ۾ مافيا کي نظر انداز ڪري ڇڏيو هو. هو ته مافيا جي وجود کان به نابري واريندو هو. 1963ع ۾ ويلاچيءَ زبان کولي ته هوور پهريون ڀيرو تنظيم جي وجود کي مڃيو. اولڊ مين جا حامي ان سلسلي ۾ اها وضاحت پيش ڪن ٿا ته ايڊگرهوور کي ڊپ هو ته مافيا سان الجهڻ جي صورت ۾ مافيا وارا سندس ايجنٽن کي به مقامي پوليس جيان خراب ڪري ڇڏيندا. رشوت جو عادي بڻائي ڇڏيندا، ايئن سندس ريڪارڊ خراب ٿيندو ويندو. مخالفن جو چوڻ آهي ته مافياسان مهاڏو اٽڪائڻ جي صورت ۾ ايڊگرهوور جي ڪاميابي جا انگ اکر گهٽجي وڃن ها ۽ ڪاميابي جو گراف هيٺ اچي وڃي ها.
    ينگ کي ايڊگر هوور جا ڪجهه ٻيا ڪارنام پڻ ياد هئا. جن جو ٿامسن ذڪر نه ڪيو هو. هوور ڊاڪٽر مارٽن لوٿر ڪنگ جو نيئر کي ڪوڙو قرار ڏنو هو. هن مارٽن جي فون ٽيپ ڪرائي هئي ته جيئن هن جي جنسي زندگيءَ جو ريڪارڊ حاصل ڪري سگهجي. هن اڳوڻي اٽارني جنرل ڪلارڪ کي ڊڄڻو قرار ڏنو هو. فادر بيرگن ۽ جنگ جي مخالف ٻين پادرين کي سازشي ۽ غدار قرار ڏيئي، انهن جي خلاف ڪيس ٺاهيا هئا. هو غير قانوني طور تي ڪانگريس جي ميمبرن جا ڏينهن ۽ راتيون ريڪارڊ ڪندو رهيو هو. جيڪا ڳالهه بنيادي حقن جي توهين برابر هئي. ينگ کي پيٽ هيمل جو هڪ ڪالم ياد اچي ويو. جيڪو هن اڃا ڪالهه پڙهيو هو. پيٽ هيمل لکيو هو، “گذريل ٽيهن سالن ۾ ايڊگرهوور کان وڌيڪ ٻيو ڪو اسان کان اسانجو يقين ۽ ڀروسو کسي نه سگهيو. هن انساني آزاديءَ کي پامال ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي. هن سياسي اختلافن جي بنياد تي بليڪ ميل ڪيو ۽ ماڻهن جي ذاتي ڪمزورين جي بنياد تي ڪيس قائم ڪيا.” پر ينگ اهو سڀ ڪجهه ٿامسن کي نه ٻڌائي رهيو هو، ڇو ته سندس چڱائي ان ۾ هئي.
    “هاڻ آئون توکي هوور جي باري ۾ هڪ اهڙي ڳالهه پيو ٻڌايان جنهن کان فقط ٿورا ماڻهو ئي واقف آهن.” ٿامسن چئي رهيو هو. “ڪنهن به شخص کي سمجهڻ جي لاءِ هن جو ماءُ پيءُ سان اختيار ڪيل رويو بي حد ڪارائتو ثابت ٿئي ٿو. هوور ٽيتاليهن سالن جي عمر تائين پنهنجي ماءُ سان رهيو هو. ڇا اهو سندس عظمت جو ثبوت ڪونهي.” ينگ کي فرائڊ جو خيال آيو.”هڪ ڳالهه ٻي ٻڌايانءِ ته ماڻهون هوور جي عزت ڇو ڪندا آهن هوور ستر سالن جو هو. انهن ڏينهن صدر جانسن تي زبردست دٻاءُ وڌو ويو ته ايڊگرهوور کي عهدي تان هٽايو وڃي. صدر جانسن جي لڳاتار انڪار تي ڪنهن صدر کان انڪار جو سبب پڇيو. صدر وراڻيو، “آئون وائٽ هائوس تي ٻاهران اڇلايل گندگيءَ کان بچڻ ٿو چاهيان.” تون ڪتاب ۾ لک ته صدر اها ڳالهه مونکي چئي هئي. هاڻ جانسن ۽ هوور ٻئي مري چڪا آهن. اسانجي ڳالهه جي ترديد ڪرڻ وارو ڪير به ڪونهي.”
    “ٺيڪ آهي سائين!” ينگ سعادت منديءَ مان چيو.
    “۽ ٻڌ! گذريل هفتي مون هڪ خواب ڏٺو هو، اهو به ڪتاب ۾ شامل ڪري ڇڏ.” ٿامسن چيو، “مون ڏٺو ته ايڊگر هوور مون سان حسد پيو ڪري. فقط ان لاءِ ته آمريڪا ۾ ڏوهن جي مسئلي جو اثرائتو حل مون 35هين ترميم جي شڪل ۾ ڳولي ڪڍيو آهي. هاڻ 35هين ترميم جو ڪريڊٽ ڪنهن تمغي جيان سدائين منهنجي ڇاتيءَ تي لڳل هوندو. هوور مونکي چيو، “ڪاش! مونکي اهو موقعو ملي ها.” مون وراڻيس “منهنجي ڪاميابي اوهانجي ئي ڪاميابي آهي اوهين نه هجو ها ته آئون ايف بي آءِ جو ڊائريڪٽر نه هجان ها.” هو مرڪيو، “اهو هو منهنجو خواب ...... ڪيئن آهي؟”
    ينگ جي جواب ڏيڻ کان اڳ ئي بزر رڙ ڪئي، ٿامسن حيران نظر اچڻ لڳو. هن رسيور کنيو. “ڇا ڳالهه آهي بيٿ؟ اوهه! هيري آهي هو انتظار به ڪري ٿي سگهيو.” ڪجهه گهڙيون ٻڌڻ کانپوءِ چيائين.”بيڪسٽر ڪيس ..... اوهه ...... چرچ وارو معاملو. ڪرسٽوفر ڪولنس..... ٺيڪ آهي. ٺيڪ آهي.... هيري کي چئو ته هڪ منٽ ۾ واندو ٿو ٿيان.” هن رسيور ڪريڊل تي رکيو ۽ ڪجهه گهڙيون سوچيندو رهيو. پوءِ هو مڙيو ۽ ينگ کي سامهون ڏسي ڇرڪي پيو. “اڙي! مونکان اهو وسري ويو ته ڪو تون موجود آهين...... تون منهنجي ڳالهه ٻولهه ٻڌي؟”
    “جي!” ينگ ڇرڪي سوالن جي فهرست تان نظر کنئي. “اوهان ڇا چيو!؟”
    “ڪجهه به نه!” ٿامسن مطمئن نظر اچڻ لڳو. “هاڻ تون وڃ! مونکي هڪ ضروري ڪم ڪرڻو آهي. ايندڙ هفتي وقت جي ان کوٽ جو پورائو ڪري وٺنداسين.”
    ينگ پنهنجو ٽيپ رڪارڊر بند ڪيو ۽ جلدي جلدي ڪاغذن کي سنڀالي بريف ڪيس ۾ رکيو. ٿامسن جيڪو ڪجهه هن جي ڪنن تائين پهچائڻ ٿي چاهيو. سو وٽس ريڪارڊ جي شڪل ۾ موجود هو. کيس بس فقط ايترو ياد هو ته ڳالهه اڳوڻي اٽارني جنرل بيڪسٽر بابت هئي. جنهن کي گذريل ڏينهن دفنايو ويو هو. هو دل ۾ دعا گهري رهيو هو ته کيس ٿامسن جي باري ۾ ڪو جواب ملي وڃي. هن پنهنجو بريف ڪيس ۽ ٽيپ ريڪارڊ کنيو ۽ آفيس مان ٻاهر نڪري آيو.


    “اسان فادر ڊوسڪي جي باري ۾ تحقيق ڪئي آهي.” هيريءَ ٿامسن کي ٻڌايو “پر ڪو خاص کُر پير ملي نه سگهيو آهي. بس ماضيءَ جو رڳو هن ننڍڙو واقعو ئي معلوم ٿي سگهيو آهي. فادر ٽرينيٽ ۾ هڪ منشيات جي ڪيس ۾ ملوث ٿيو هو. پر پوليس ڪيس واپس وٺي ڇڏيو هو. پوءِ به اسان ....”
    “اهو به گهڻو آهي.... فادر جي لاءِ” ٿامسن هيريءَ جي ڳالهه ڪٽيندي چيو. “تون وڃ ۽ ساڻس ڳالهائي....”
    “اهو ڪم آئون اڳ ۾ ڪري چڪو آهيان چيف!” هيريءَ چيو. “مون پادريءَ سان اڪيلائيءَ ۾ ملاقات ڪئي ۽ کيس سڄي ڳالهه ٻڌائي. هن مڃيو ته بيڪسٽر ساڻس ڳالهايو هو. پوءِ هن پڇيو اسان کي بيڪسٽر جي اعتراف جي باري ۾ اٽارني جنرل ڪولنس کان خبر پئي هوندي. مون ان جي ترديد ڪئي ۽ کيس ٻڌايو ته بيڪسٽر جيڪو ڪجهه به چيو، اهو اسانجي ۽ حڪومت جي لاءِ به اهم ٿي سگهي ٿو. ڇو ته بيڪسٽر ملڪ جي ڪيترن ئي اهم رازن کان واقف هو. ان تهميد کانپوءِ مون کائنس بيڪسٽر جو بيان ٻڌائڻ جي فرمائش ڪئي، پر هن سختي سان نابري واري. مون حڪومت جو حوالو ڏنو، جواب ۾ هن خدا کي حڪومت کان مٿاهون قرار ڏنو. مون مٿس ان ڪيس جي حوالي سان وار ڪيو، پر سهي جون ٽنگون ٽي ...... ٺپ انڪار ڪيائين.”
    “لعنت هجي ان ذليل شخص تي!” ٿامسن ميز تي مُڪ هڻندي چيو. “چيف! در حقيقت پادري خدا جي پٺڀرائي جي ڪري عام ماڻهن کان وڌيڪ مختلف ۽ سخت هوندا آهن. فادر ڊوسڪي پنهنجي ماضي کان به ڊنل نه هو. هاڻ اسين ڇا ڪريون چيف!”
    ٿامسن ڪجهه گهڙيون سوچيندو رهيو ، پوءِ چيائين، “ڪجهه به نه ! منهنجو خيال آهي ته جيڪڏهن تون کائنس ڪجهه به ڪڍي نٿو سگهين، ته پوءِ ٻي ڪنهن جي جاءِ به ڪونهي. جيڪڏهن کيس ڪنهن اهم ڳالهه جي خبر آهي ته به اها سندس سيني ۾ ئي دفن رهندي، هڻينس کڏ ۾. اهو معاملو وساري ڇڏ.” ان مهل بزر رڙ ڪئي. ٿامسن رسيور کنيو ڪجهه گهڙيون ٻڌڻ کان پوءِ چيائين، “ٺيڪ آهي بيٽ! صدر صاحب کي چئو ته اجهو ٿو پهچان.” رسيور رکي هو هيريءَ ڏانهن ڦريو. “بس ايترو ڪر، ته فادر ڊوسڪيءَ تي نظر رک. مهرباني.”


    وائٽ هائوس جي بيضوي ڪمري ۾ صدر گلبرٽ سان گڏ سندس پولنگ سيڪريٽري به موجود هو. صدر بنا ڪنهن ٿلهه ٻڌڻ جي ڳالهائڻ شروع ڪيو، “ورنن! اسانجا مخالف ته گڏ ٿي چڪا آهن. هو پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن ته اسين آمريڪا کي پوليس اسٽيٽ بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هي نيو يارڪ ٽائمز جو پرچو ڏس.” هن ٿامسن ڏانهن اخبار وڌائيندي چيو. “هي ايڊيٽوريل ۾ لکن ٿا ته نيو يارڪ اسيمبليءَ 35هين ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏيئي هن رياست کي بدنام ڪري ڇڏيو آهي. هن ۾ انهن ڪيليفورنيا اسيمبليءَ جي دستور ساز ميمبرن کي اپيل ڪئي آهي ته هو 35هين ترميم کي رد ڪري، ملڪ ۽ قوم کي غلاميءَ کان بچائي وٺن.”
    “ظاهر آهي” رونالڊ چيو، “پريس کي پنهنجي آئيندو جو خطري ۾ نظر پيو اچي.”
    “ٻيو ڇا؟ هيءَ جيڪا بڪواس ڇاپين ٿا، ان سان ڏوهن ۾ واڌارو ئي ته ٿئي ٿو. 35هين ترميم کانپوءِ صحافت جي هنن ٽڪرن جي اشاعت به گهٽجي ويندي.” ٿامسن زهريلي لهجي ۾ چيو ،” پر سائين دشمنن جيان اسانجي دوستن جو تعداد، گهٽ ڪونهي، اهڙيون اخبارون به آهن، جيڪي 35هين ترميم جي حق ۾ مهم هلائي رهيون آهن.”
    “واهه! مون توکي ان ڪري سڏيو هو، جو مونکي تنهنجي مدد جي گهرج آهي.”
    “آئون حاضر آهيان سائين!”
    صدر گلبرٽ پنهنجي پولنگ سيڪريٽري ڏانهن مڙيو، “ڪيليفورنيا جي تازي رپورٽ ٻڌائي.”
    “اسان 2455 ماڻهن کان ترميم بابت راءِ ورتي.” رونالڊگلو صاف ڪندي چيو. “انهن مان 41 سيڪڙو ترميم جي حق ۾ آهن. 27 سيڪڙو خلاف ۽ 32 سيڪڙو اڃا تائين ڪو فيصلو ناهي ڪيو.”
    “اهو ڪنهن به نتيجي ته نه پهچندڙن جو تعداد آهي، جيڪو مونکي پريشان پيو ڪري.” صدر چيو . “بهرحال! اها ته عام راءِ هئي. رونالڊ! هاڻ ڪيليفورنيا اسيمبلي ۽ سينيٽ بابت ٻڌائي.”
    رونالڊ سامهون رکيل ڪاغذ هيٺ مٿي ڪيا، اها صورتحال اڃا به خراب آهي سائين! ميمبر ڏاڍا محتاط پيا لڳن. 40 سيڪڙو ميمبرن ڪو به فيصلو نه ڪيو آهي. پوءِ به ان سلسلي ۾ زبان کولڻ کان لنوائين پيا. باقي سٺ سيڪڙي مان 52 سيڪڙو حق ۾ ۽ 48 سيڪڙو ان جي خلاف آهن.”
    “اها صورتحال ڪا سٺي ڪونهي، فيصلو نه ڪندڙ ميمبر ڪيڏي مهل به بازي ڦيرائي سگهن ٿا.” صدر نهڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.
    “اتان کان ئي اسانجي ڪنويسنگ جي شروعات ٿئي ٿي سائين! اهڙن ماڻهن کي سؤلائي سان قائل ڪري سگهجي ٿو.” ٿامسن چيو.
    “ان لاءِ ته مون توکي سڏايو آهي. ان سلسلي ۾ آئون حڪمت عملي ٺاهڻ ٿو چاهيان. ٺيڪ آهي رونالڊ تون هاڻ ڀلي روانو ٿي... ٻيهر توسان ملاقات ڪڏهن ٿيندي.؟”
    “اوهانجي هدايت موجب، هاڻ هر هفتي ڪيليفورنيا ۾عام راءِ کي جاچڻو آهي، آئون ايندڙ سومر تي تازن انگن اکرن سان حاضر ٿي ويندس.” رونالڊ اُٿندي چيو.
    رونالڊ جي وڃڻ کان پوءِ صدر چيو، “ته ورنن! اها آهي صورتحال، اسانجي قسمت جو فيصلو انهن ماڻهن جي هٿ ۾ آهي. جن اڃا تائين ڪو فيصلو نه ڪيو آهي ۽ ٻڏتر ۾ آهن. اسانکي کين قائل ڪرڻو پوندو. کين ٻڌائڻو پوندو ته هنن جي ۽ سڀني جي چڱائي 35هين ترميم جي منظوريءَ ۾ آهي.”
    “مونکي يقين آهي سائين ته ڳالهه ٺهي پوندي.”
    صدر ايترو پر اعتماد نه هو، “ڏس ورنن! اسين هٿ تي هٿ رکي ويهي انتظار نٿا ڪري سگهون. آئينده جو سڄو دارو مدار اسانجي عمل تي آهي.”
    “اوهانجو چوڻ صحيح آهي، آئون ان سلسلي ۾ ڪم جي شروعات ڪري چڪو آهيان ۽ ڪيلفورنيا ۾ ڏوهن جي انگن اکرن تي خاص طور تي زور ڏيئي رهيو آهيان. ڪيليفورنيا جا پوليس آفيسر ماهوار رپورٽون موڪلڻ جي بدران هفتي وار رپورٽون موڪلي رهيا آهن. اهي انگ اکر ڪيليفورنيا وارن کي چڱي طرح سمجهائي ڇڏيندا ته سندن ڀلائي ڪهڙي ڳالهه ۾ آهي.”
    “واهه! پر ورنن انگ اکر صورتحال جي سنگينيءَ کي صحيح نموني چٽو نٿا ڪن. ان جي ابتڙ هڪ سٺي تقرير سٺا نتيجا ڏيئي سگهي ٿي. ان سلسلي ۾ ڪيليفورنيا ۾ ڪيترائي فنڪشن ۽ گڏجاڻيون ٿيڻ واريون آهن. آئون اتي تقرير ڪرڻ جي لاءِ مناسب ماڻهن جي ڳولا ۾ آهيان.” صدر چيو.
    “فقط هڪ شخص اهڙو آهي، جيڪو تقرير جي ذريعي سخت مخالفن کي به ترميم جي حمايت ڪرڻ تي مجبور ڪري سگهي ٿو.”
    “نه ورنن! ائين کوڙو ڪو نه لڳندو “ صدر نهڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.
    “ان جو ته ناڪاري اثر پوندو، تون سياستدان نه آهين، تنهنڪري اها ڳالهه سمجهي نه سگهندين. توکي خبر ڪونهي ته رياستون پنهنجي حقن جي ڪيئن حفاظت ڪنديون آهن. کين پنهنجن معاملن ۾ صدر جي مداخلت به سٺي نه لڳندي آهي. البته آئون ڪرسٽوفر ڪولنس جي باري ۾ سوچي رهيو آهيان.”
    “آئون به ته ان جي باري ۾ ئي سوچيان پيو سائين! پر آئون ڪو فيصلو نٿو ڪري سگهان. جيڪڏهن منجهس ڀروسي جي کوٽ آهي ته هو....”
    “اها ته اهم ڳالهه آهي.” صدر سندس ڳالهه ڪٽيندي چيو. “اها ڳاله ته طئي آهي ته هو اسانجو ساٿاري آهي. هن جو مفاد اسان سان لاڳاپيل آهي. باقي رهي يقين جي کوٽ ته اها هن جي اڻ ڌريي هئڻ جو ثبوت هوندي. آئون کيس ڪيلفورنيا موڪلڻ لاءِ سوچي رهيو ِآهيان. پر منهنجو خيال آهي ته کائنس وڏو ڪم وٺي سگهجي ٿو. پر ان لاءِ اهو ضروري آهي ته هو اوڏانهن ڪنهن ٻي ڪم سان وڃي. سومر کان جمعي تائين ڪيليفورنيا ۾ آمريڪن بار ايسوسيئشن جو ساليانو ڪنوينشن پيو ٿئي. چيف جسٽس هاورڊ ڪنوينشن جي صدارت ڪري رهيو آهي. ان۾ اٽارني جنرل جي شرڪت ۽ تقرير غير فطري هرگز نه هوندي. اتي ڪيليفورنيا دستور ساز اسيمبلي جا به ڪيترا ئي ميمبر موجود هوندا. ٻين لفظن ۾ ڪرس جي تقرير اثرائتي ٿي سگهي ٿي. تنهن کانسواءِ هڪ ٽيليويزن پروگرام “حق جي ڳولا” آهي. ان معاملي ۾ ڪنهن تڪراري مامري تي ٻن ماڻهن جو مناظرو ٿيندو آهي. ان جو ايندڙ پروگرام 35 هين ترميم جي باري ۾ آهي. ٽي وي وارا ترميم جي حق ۾ ڳالهائڻ جي لاءِ توکي پيش ڪرڻ ٿا چاهين. اهو پروگرام ان ڏينهن ئي پيش ٿيندو، جنهن ڏينهن ڪنويشن ۾ ڪرس جي تقرير هوندي. اسانجي لاءِ اهو پروگرام گهڻو اهم ثابت ٿي سگهي ٿو. توکي 35هين ترميم جي وڪالت ڪرڻي پوندي.”
    “ترميم جي خلاف ڪير ڳالهائيندو؟”
    “ٽوني هيرس.” صدر جواب ڏنو.
    ٿامسن پاڻ سنڀاليو ۽ چيو. “جناب صدر ! آئون معافي ٿو وٺان منهنجي خيال ۾ اهڙي پروگرام ۾ ايف بي آئي جي ڊائريڪٽر جو شريڪ ٿيڻ مناسب ڪونهي. پر آئون ته ان کي ذلت ڀريو سمجهندس، جنهن ۾ ايف بي آئي جو هڪ غدار اڳوڻو ايجنٽ شريڪ ٿيندڙ هجي.”
    صدر ڪلها لوڏيا. “جيڪڏهن تون ايتري سختيءَ سان مخالفت ڪرين ٿو ته پوءِ آئون زور نه ڀريندس، پر منهنجي خيال ۾ اسانجي ڪنهن ماڻهوءَ کي ان پروگرام ۾ ضرور شرڪت ڪرڻ گهرجي.”
    “ته ڪرسٽوفر مناسب رهندو.” ٿامسن تجويز پيش ڪئي. “ان ڏينهن هو ڪيليفورنيا ۾ ئي ته هوندو.”
    صدر گلبرٽ ٽڙي پيو. “ها! اهو سٺو خيال آهي، مهرباني ورنن.” هن ٿامسن سان هٿ ملايو ۽ رسيور کڻندي چيو، “آئون هينئر ئي ڪرسٽوفر سان ڳالهائڻ ٿو چاهيان.”


    قسط 7

    ڪرسٽو فر رسيور ڪن ۽ ڪلهي جي وچ ۾ دٻائي رکيو هو. هو ساڄي هٿ سان صدر جو هدايتون ڪاغذ تي نوٽ ڪري رهيو هو. بظاهر ته هو تائيدي لفظ به چئي رهيو هو پر جيڪي ڪجهه چيو پي ويو، اهو هن جي لاءِ ايترو خوش ڪندڙ نه هو. کيس ڪيليفورنيا وڃڻ تي ڪو به اعتراض نه هو. گهر وڃڻ ڪنهن کي سٺو نه لڳندو آهي. ڪيليفورنيا ۾ هو پنهنجي پٽ ۽ وڇڙيل دوستن سان ملي سگهيو پئي. پر عوام جي سامهون 35هين ترميم جي وڪالت ڪرڻ نامناسب هو ۽ پوءِ ٽي وي تي ٽوني هيرس جهڙي ماڻهو سان “حق جي ڳولا” ۾ مناظرو ڪرڻ، جيڪو پروگرام هو ڪيترا ڀيرا ڏسي چڪو هو. پرگرام کيس به سٺو لڳو هو، پر کيس خبر هئي ته پروگرام، ۾ مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪرڻ گلن جي سيج هرگز نه هئي.
    ٻي طرف چيف جسٽس هاورڊ سان هڪئي اسٽيج تي ويهڻ جو تصور به ڪو خوش ڪندڙ نه هو. هاورڊ اهو شخص هو جنهن جي فيصلن کي هن سدائين واکاڻيو هو. ان جي موجودگيءَ ۾ 35هين ترميم جي حق ۾ ڳالهائڻ ڪيئن سٺو لڳي ها. هيستائين هن انتظاميه سان هڪ رسمي لڳ لاڳاپو رکيو هو. پر هڪ پبلڪ گڏجاڻيءَ ۾ 35هين ترميم جي وڪالت ڪرڻ جي معنيٰ اها هئي ته هو صدر جي لائوڊ اسپيڪر جي حيثيت سان استعمال ٿي رهيو آهي؟ وري هاورڊ جي سامهون وڪالت ڪرڻ! پر انڪار جي گنجائش به ته نه هئي.
    “ته اهو آهي تفصيلي پروگرام.” ٻئي پاسان صدر جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو.” سمجهي ويئين نه؟”
    “ٺيڪ آهي سائين! ايندڙ جمع تي مونکي لاس اينجلس پهچڻو آهي. منجهند جو هڪ بجي “حق جي ڳولا” پروگرام ۾ شرڪت ۽ ٽپهري جو ٽين بجي آمريڪن بار ايسوسئيشن کي خطاب ڪرڻو اٿم.”
    “انهن ٻنهي سلسلن جي لاءِ چڱيءَ طرح تياري ڪري وٺ. ٽوني هيرس کي 35هين ترميم کي لتاڙڻ جو موقعو نه ڏج. پر ان کان اڳ کيس لتاڙي ڇڏج.”
    “آئون پوري ڪوشش ڪندس سائين!”
    “بار ايسوسيئشن جي لاءِ ٺوس بنيادن تي تقرير ڪج. اتي موجود ميڙ ٽي وي ڏسندڙن کان مختلف هوندو. اسانجو سڄو مدار توتي آهي. اهو ياد رکج، ۽ ها وڃڻ کان اڳ مون سان ملج.”
    رسيور رکڻ کانپوءِ ڪرسٽوفر دريءَ وٽ وڃي بيٺو. هن جي دل ٻڏڻ لڳي هئي. ڪجهه دير کان پوءِ هو واپس آيو ۽ پنهنجي ڪم ۾ مصروف ٿي ويو. ٽيليفون جي گهنٽي لڳاتار وڄندي رهي، پر کيس رسيور کڻڻ جي گهرج محسوس نه ٿي. ماريان پاڻ ئي فون جي ڪالن کي منهن ڏيئي رهي هئي.
    ڪرسٽو فر ڪنڌ مٿي کنيو ته کيس احساس ٿيو ته ڪمري ۾ اوندهه سري آئي هئي. هن گهڙي ڏٺي. موڪل جو وقت ٿي ويو هو. گذريل ڪيترن ئي مهينن کان هو صحيح وقت تي آفيس مان نڪري نه سگهيو هو. هن سوچيو اڄ ڇو نه مناسب وقت تي پهچي ڪيرن کي حيران ڪري ڇڏيان. هن باقي ڪاغذ بريف ڪيس ۾ رکڻ شروع ڪيا، جو فون جي گهنٽي وڳي، پر هن نظر انداز ڪري ڇڏي. پوءِ انٽرڪام وڄيو. ماريان ٻڌايس ته ڪو فادر ڊوسڪي ساڻس ضروري ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ٿو چاهي. هو گهڻو زور پيو ڀري.
    ڪرسٽوفر کي هڪدم فادر ڊوسڪي ياد اچي ويو. ان سان گڏ هن جو تجسس به وڌي ويو. “مهرباني ماريان، آئون ساڻس ڳالهايان ٿو، تون ڀلي وڃ، سڀاڻي ملنداسين.” پوءِ هن رسيور کنيو ۽ مائوٿ پيس وات تي رکي چيائين. “جي فادر! آئون ڪرسٽوفر ڪولنس پيو ڳالهايان.”
    “آئون سوچي رهيو هئس ته شايد تون مون سان نه ڳالهائين، شايد آئون توکي ياد به نه هجان. اسين ڪرنل بيڪسٽر جي حوالي سان اسپتال ۾ مليا هئاسين.”
    “مونکي ياد آهي فادر، مون خود اوهان سان ملڻ پئي چاهيو.”
    “آئون توسان ملڻ ٿو چاهيان. جيترو جلد ٿي سگهي اوترو چڱو. تنهنجي دلچسپي جي معاملي تي ڳالهائڻو اٿم ۽ ٽيليفون تي ڳالهائڻ صحيح ڪونهي. جيڪڏهن اڄ نٿا اچي سگهو ته سڀاڻي....”
    ڪرسٽوفر ڇرڪي پيو. “آئون..... اجهو اڌ ڪلاڪ ۾ ٿو پهچان.”
    “مونکي خوشي ٿيندي،” فادر جي آواز مان اطمينان محسوس ٿيو.
    “تون چرچ هليو اچ.... پر سامهون واري گيٽ وٽان متان اچين..... 35هين رستي جي کاٻي پاسي مڙي وڃج. کاٻي هٿ تي ريڪٽري بلڊنگ آهي. اهو به ٻڌائي ٿو ڇڏيان ته مکيه دروازي جي نگراني ڪئي پئي وڃي ۽ اسان جي ان ڳالهه ۾ چڱائي آهي ته ان ملاقات جي ڪنهن کي به خبر نه پئي. مون سا ڳالهائڻ کانپوءِ ان جي اهميت پاڻهي سمجهي ويندين.”
    “ٺيڪ آهي فادر! آئون اڌ ڪلاڪ ۾ پهچي ٿو وڃان. خدا حافظ!”


    پنهنجي سرڪاري ۽ ڪيڊلڪ ڪار ۾ “جارج ٽائون” ويندي ڪرسٽوفر سوچي رهيو هو ته فادر ساڻس ڇا ٿو ڳالهائڻ چاهي. گذريل ملاقات ۾ هن ڪرنل بيڪسٽر جي آخري لفظن جي سلسلي ۾ سهڪار کان صاف نابري واري هئي. اها ڳالهه سمجهه ۾ اچڻ واري نه هئي ته هاڻ فادر پنهنجي فيصلي ۾ ترميم آندي هئي. يا ٻي اهڙي ڳالهه هئي، جنهن جي لاءِ فادر ايترو بي تاب آهي ۽ عجب جي ڳالهه اها به آهي ته فادر کيس چرچ جي مکيه دروازي جي نگرانيءَ بابت ٻڌايو. اها نگراني ڪير پيو ڪري؟ ۽ ڪنهن جي لاءِ؟
    هن جي ذهن جو وهڪرو اڳين سيٽ تي ويٺل ٻنهي ڄڻن ڏانهن مڙي ويو. پگانو اڳوڻو پرائز فائٽر هو. جنهن کي هو پنهنجي ڊرائيور جي حيثيت سان ڪيلفورنيا مان پاڻ سان گڏ وٺي آيو هو. پگانو سندس ٿورائتو هو، ڇو ته هن پگانوءَ کي يقيني سزا کان بچايو هو. ان ڏينهن کان وٺي پگانو هن جو غلام بڻجي ويو هو. هو مڪمل طور تي اعتبار جي لائق هو. ٻيو شخص سندس باڊي گارڊ ايف بي آئي جو ايجنٽ گوگن هو. جنهن کي خود ڪرسٽوفر وڏي ڇنڊ ڇاڻ کانپوءِ چونڊيو هو. هو به اعتبار جوڳو هو.
    هاڻ هو 35هين رستي تي پهچي رهيا هئا. “پگانو! گاڏي 35هين رستي او اسٽريٽ جي موڙ تي روڪ!” هن هدايت ڏنس، “مونکي اتي لاهي ڇڏ. آئون نٿو چاهيان ته ڪار ڪنهن کي نظر اچي.”
    ڪار ڪارنر تي بيٺي ته ڪرسٽوفر جلدي دروازو کولي لٿو. “هاڻ ڪار ڪٿي بيهاري ڇڏ! آئون توکي پاڻ ئي ڳولهي لهندس. اهو چوڻ ڏکيو آهي ته منهنجي واپسي ڪيتري دير ۾ ٿيندي.” اهو چئي هو او اسٽريٽ ڏانهن وڌي ويو. هوگن به لهي آيو ۽ ساڻس گڏ پنڌ هلڻ لڳو. “ٺيڪ آهي، تون ريڪٽر تائين مون سان گڏ هل، اندر آئون اڪيلو ويندس..... تون ٻاهر منهنجو اوسيئڙو ڪج.” هن هوگن کي چيو.
    هو دروازي تائين پهتو ئي مس، جو اڻ ڏٺل هٿ دروازو کولي ڇڏيو. پوءِ ڄاتل سڃاتل آواز ٻڌائين. “اندر اچو مسٽر ڪولنس.”
    ڪرسٽوفر اندر گهڙيو. فادر ڪاري لباس ۾ بيٺو هو. هو ڪرسٽوفر کي اتان وٺي پارلر ۾ آيو. “هي پارلر سائونڊ پروف آهي.” هن ڪرسٽوفر کي ٻڌايو.
    “اهو ته ٻڌايو ته چرچ جي مکيه دروازي جي نگراني ڪير پيو ڪري.” ڪرسٽوفر کان رهيو نه ٿيو.
    “ايف بي آئي.” فادر وراڻيو.
    “ايف بي آئي!” ڪرسٽوفر حيرت مان پڇيو، “پر ڇو؟”
    “اوهين ويهو! آئون اوهانکي سمجهايان ٿو........ پر پهرين اهو ٻڌايو ته اوهين چانهن پيئندا يا ڪافي؟”
    ڪرسٽوفر شائستگيءَ سان انڪار ڪيو ۽ ڪرسيءَ تي ٿي ويٺو. فادر به سندس ڀرسان ٿي ويٺو ۽ بنان ڪنهن ڊيگهه جي چوڻ لڳو. “اڄ صبح جو هڪ همراهه مون سان گڏجڻ جي لاءِ آيو هو. سڃاڻپ ڪارڊ ۾ سندس نالو هيري ايڊورڊ هو ۽ عهدو ايف بي آئي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر لکيل هيس. هن مون کان ڪرنل بيڪسٽر جي آخري ڳالهه ٻولهه جي باري ۾ پڇيو. مون انڪار ڪندي چيو ته اها منهنجي سيني ۾ هڪ امانت آهي، جيڪا آئون ڪنهن کي ٻڌائي نٿو سگهان. ايستائين ته ڪا خاص ڳالهه ڪونهي..... پر پوءِ مسٽر ايڊورڊ انڪار تي مونکي دڙڪو ڏنو.”
    “هائو! پر آئون تفصيل ۾ وڃڻ کان اڳ اهو ڄاڻڻ چاهيندس ته مسٽر ايڊورڊ کي ڪرنل بيڪسٽر سان منهنجي ڳالهه ٻولهه جي باري ۾ ڪيئن خبر پئي؟”
    ڪرسٽوفر ڪجهه دير ذهن تي زور ڏيندو رهيو. پوءِ کيس ياد آيو ته “ها اهو ته مون ئي کيس ۽ ڊائريڪٽر کي ٻڌايو هو. مون سوچيو هو ته ٿي سگهي ٿو ته ٿامسن ان سلسلي ۾ منهنجي مدد ڪري سگهي. ڇو ته هو ڪرنل بيڪسٽر جي گهڻو ويجهو رهيو هو. پر هن کان مونکي ڪابه مدد ملي نه سگهي.” پوءِ هو سوچ ۾ پئجي ويو. “هيري ايڊورڊ! ٿامسن جو ڪلهو آهي، هو ٿامسن جي چوڻ تي ئي اوهان سان ملڻ جي لاءِ آيو هوندو. پر هڪ ڳالهه اعتبار جوڳي ڪونهي ته اوهانجي انڪار تي هن اوهانکي دڙڪو ڏنو.”
    “دڙڪو ڇا! آئون ته انهيءَ کي بليڪ ميلنگ چوندس.” پادريءَ ٿڌو ساهه کڻي چيو. “ائين ٿو لڳي ته بيورو وارا هر شخص جي ماضيءَ کي ڦلهورين ٿا، ته جيئن ڪنهن ڪمزوريءَ جي حوالي سان بليڪ ميل ڪري کيس پنهنجن اشارن تي نچائي سگهن ۽ ان جي لاءِ معصوم ماڻهن کي به نٿا بخشين.”
    “جيتوڻيڪ ظاهري طور تي ايف بي آئي جو اهو طريقو ڪونهي.” ڪرسٽوفر جلدي صفائي پيش ڪئي.
    “بهرحال! منهنجي معاملي ۾ ته ائين ئي ٿيو آهي.” پادريءَ ٿڌي لهجي ۾ چيو. هنن مون بابت ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ۽ معلوم ڪري ورتو ته ٽرينٽين ۾ مونکي منشيات جي اسمگلنگ ۾ ڦاسايو ويو هو. حقيقت اها آهي ته مون اتي منشيات فروشن جي خلاف مهم هلائي هئي. هنن ديول ۾ هيروئن رکي پوليس کي اطلاع ڏنو. پوليس چرچ مان هيروئن برآمد ڪئي. جاچ ٿي بشپ صاحب جي مداخلت مونکي اسڪينڊل کان بچائي ورتو. هونئن به آئون بي گناهه هئس. پوليس ڪيس ختم ڪري ڇڏيو. هاڻ مسٽر ايڊورڊ دڙڪو ڏنو آهي ته ڪيس ٻيهر کولي سگهجي ٿو ۽ ان سان پادريءَ جي حيثيت سان منهنجي ساک کي نقصان رسندو. تنهنڪري چڱائي ان ۾ آهي ته آئون ڪرنل بيڪسٽر سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه ورجايان. مون چيو، “آئون ڪنهن به اسڪينڊل کان نٿو ڊڄان ۽ حقيقت ۾ مونکي ڊڄڻ جي ضرورت به ڪهڙي آهي ڇو ته آئون ڏوهاري نه آهيان. پوءِ به سڄو ڏينهن سوچيندو رهيس ته گورنمنٽ جي اها ايجنسي انهن ماڻهن خلاف ڪم پئي ڪري، جن کي تحفظ ڏيڻ جي لاءِ قائم ڪئي ويئي آهي. اها ڪرپشن ڪونهي ته ٻيو ڇا آهي؟”
    “مونکي يقين نه پيو اچي، “ڪرسٽو فر هٻڪيو. “ڪرنل بيڪسٽر جي آخري ڳالهه ايتري اهم ٿي سگهي ٿي، جو اها ڪڍڻ جي لاءِ ٿامسن واهيات طريقن تي لهي آيو آهي.”
    “مونکي خبر ڪونهي، ان جو جواب تون ئي ڏيندين. ڇو ته ان لاءِ مون ئي توکي گهرايو آهي ته جيئن ڪرنل بيڪسٽر سان ٿيل آخري ڳالهه ٻولهه توکي ٻڌائي ڇڏيان.”
    ڪرسٽوفر کي پنهنجي ڪنن تي يقين ئي نه پئي آيو. هن جي جسم ۾ سنسني ڊوڙڻ لڳي.
    “مون ڪافي سوچيو ۽ ويچاريو آهي.” پادريءَ چيو. “۽ ان نتيجي تي پهتو آهيان ته ڪرنل مونکي جيڪو ڪجهه چيو، اهو حقيقت ۾ تنهنجي لاءِ هو. ان ڪري اهو منهنجو روحاني فرض آهي ته آئون امانت تنهنجي حوالي ڪري ڇڏيان. هاڻ ڌيان سان ٻڌ، آئون ڪرنل بيڪسٽر جا آخري لفظ ورجائي رهيو آهيان.” ڪرسٽوفر جي دل جي ڌڙڪن بي ربط ٿي ويئي هڪ ڳجهه حل ٿيڻ وارو هو. “مون اهي لفظ ڪاغذ تي لکي ورتا هئا.” پادريءَ ڪاغذ ڪڍي سامهون رکيو. “آئون لفظ به لفظ ٻڌائي رهيو آهيان. ڪرنل چيو هو”. ها فادر! آئون گناهه گار آهيان. مون وڏو گناهه ڪيو آهي. پر هاڻ مونکي اعتراف ڪري وٺڻ گهرجي. هاڻ هو مونکي تابع ڪري نٿا سگهن. هاڻ آئون آزاد آهيان. مونکي کانئن ڊڄڻ جي گهرج ڪونهي. ڳالهه 35هين ترميم جي آهي.”
    “35هين ترميم!” ڪرسٽوفر چپن ۾ ڀڻڪ ڪئي.
    “35هين ترميم جي ذڪر کانپوءِ ڪرنل جو آواز ٻڏڻ لڳو. مون فقط ايترو ٻڌو. آر دستاويز ....... خطرو ..... خطرناڪ ٽرڪ ....... کي بي نقاب ڪرڻ بي حد ضروري آهي..... هڪدم آر دستاويز ....... اهو....” پوءِ ڪرنل جو آواز ٻڏي ويو. آئون اهي لفظ ٻڌي نه سگهيس. هڪ گهڙي کانپوءِ ٻيهر آواز اڀريو. “مون ڏٺو...... ٽرڪ...... وڃ....... ملينس.” پوءِ ڪرنل جي ساهه جي ڏوري ٽٽي پئي.”
    ڪرسٽوفر ڇرڪي پيو. کيس ايئن لڳو ڄڻ خود قبر ڪرنل بيڪسٽر جا لفظ ورجايا آهن.” ڪرنل آر دستاويز چيو هو؟” هن پڇيو.
    “هائو! مون چٽي طرح ٻڌو هو...... هن ٻه ڀيرا آر دستاويز جو ذڪر ڪيو هو.”
    “۽ ڪرنل وڌيڪ ڪجهه به نه چيو.... اوهان کي يقين آهي؟”
    “چيو هوندو، پر لفظ آئون سمجهي نه سگهيس. اندازو ڪري نه سگهيس.”
    “فادر! اوهانکي اندازو ڪونهي ته آر دستاويز ڪهڙي شيءِ آهي؟”
    “منهنجي خيال ۾ ته ان جي توکي خبر هوندي.”
    “مونکي خبر ڪونهي.” ڪرسٽوفر سوچ ۾ پئجي ويو. اهو ئي پيغام هو. جيڪو ڪرنل بيڪسٽر جي نظر ۾ ارجنٽ هو، ايترو ارجنٽ جو اهو پهچائڻ کانسواءِ هن مرڻ به نٿي چاهيو. هڪ ڳجهارت حل ٿي هئي. پر پيغام خود ڪنهن ڳجهارت کان گهٽ نه هو. هو ڪڙيون ملائڻ لڳو. 35هين ترميم، آر دستاويز، هڪ ٽرڪ جيڪا خطرناڪ هئي، جنهن کي هڪدم ظاهر ٿيڻ کپي. “اهو پيغام هن مونکي ڇو ڏنو؟” هن ڀڻڪيو، “پيغام صدر کي ڇو نه ڏنو؟ پنهنجي زال کي ان ۾ شريڪ ڇو نه ڪيائين فقط مونکي ..... ڇو؟ ڇا ان لاءِ ته آئون سندس جانشين هئس؟”
    “۽ شايد ان لاءِ ته هن صدر صاحب ۽ ٿامسن جي ڀيٽ ۾ توکي وڌيڪ اعتبار جوڳو سمجهيو.” پادريءَ راءِ ڏني.
    “پر آئون ته اهو پيغام سمجهڻ کان لاچار آهيان. اهو آر دستاويز ڪهڙي بلا آهي؟” ڪرسٽوفر جي لهجي ۾ مايوسي ۽ چڙ هئي. “بهرحال! مون پنهنجو فرض پورو ڪري ڇڏيو.” فادر اُٿي بيٺو. “هاڻ آئون تنهنجي لاءِ دعا ڪري سگهان ٿو.”


    ان رات ماني کائڻ جي دوران، ڪرسٽوفر ڪيترا ڀيرا سوچيو ته ڪيرن کي فادر ڊوسڪيءَ سان ملاقات جي باري ۾ ٻڌائي، پر ڪا اڻ ڄاڻ حس کيس روڪيندي رهي. هونئن به هن ڪيرن کي پريشان ڪرڻ نٿي چاهيو. پاڻ ته پريشان ٿو چڪو هو. البته هن ڪيرن کي صدر جي هدايتن جي باري ۾ تفصيل سان ٻڌايو. هن ڪيرن کي به ڪيليفورنيا هلڻ جي لاءِ چيو پر ڪيرن ٿڪاوٽ ۽ طبيعت خراب هئڻ جو عذر پيش ڪيو.
    ڪرسٽوفر پروگرام ٺاهيو ته ڪيليفورنيا ۾ رهڻ جي دوران پنهنجي پٽ جون سان به ملندو. تنهن کانسواءِ کيس اسيمبلي جي ميمبر اولن ڪيف سان به ملڻو هو، جنهن سان ملڻ جي پال هلرڊ سفارش ڪئي هئي. اولن ڪيف جي دعويٰ هئي ته ٿامسن ڏوهن جا انگ اکر وڌائي پيو پيش ڪري. فادر سان ملاقات کانپوءِ هو پاڻ به ايف بي آئي جي ڪردار کان مشڪوڪ ٿي ويو هو.
    صبح جو اٿيو ته مٿي تي آر دستاويز جو بار هئس. آفيس جي لاءِ ڊرائيونگ ڪندي هن ڪرنل بيڪسٽر جي خواهش بابت سوچيو. جنهن موجب کيس آر دستاويز جي باري ۾ ڄاڻڻ ۽ ان کي بي نقاب ڪرڻو هو. پوءِ هو مُنجهڻ لڳو. ڪرنل ڪهڙي ٽرڪ ڏٺي هئي. ان بابت ڪيئن معلوم ڪجي. هن منطقي انداز ۾ سوچڻ جي ڪوشش ڪئي. سڀ کان پهرين هن ڪرنل جا فائيل ۽ ڪاغذ ڦلهورڻ ٿي چاهيا، ڪرنل جو سڀ شيون ماريان وٽ محفوظ هيون. بظاهر ته اهو ڪم سولو هو. پر ڏکيائي اها هئي ته کيس آر دستاويز جي باري ۾ ڪا به خبر نه هئي. آر لفظ کان شروع ڪجي. 35هين ترميم جي حوالي سان لفظ ٽي سان شروع ڪجي. سيڪرٽ جي حوالي سان لفظ ايس سان يا خطرناڪ جي حوالي سان لفظ ڊي کان شروع ڪجي. پوءِ به کيس اندازو هو ته فائلن مان مدد ملڻ مشڪل هئي، ته پوءِ ڪرنل جون ذاتي شيون ڦلهوريون وڃن. سندس ويجهن دوستن يا ويجهن ماڻهن کان پڇيو وڃي، شايد هنن مان ڪنهن ‘آر دستاويز’ جو ذڪر ٻڌو هجي. سوال اهو آهي ته پهرين ڪنهن سان ملجي. ان سلسلي ۾ ورنن ٿامسن بي حد مناسب ماڻهو هو. ڪرنل جي آخري لفظن مان اهڙي ڳالهه جي چٽائي نه پي ٿي نه ڪو ٿامسن شڪي ماڻهو آهي. البته هڪ دليل هو ته ڪرنل هن جي بدران ٿامسن کي ڇو نه گهرايو؟ ڇا ان لاءِ ته هن جي نظر ۾ ٿامسن اعتبار جوڳو ماڻهو نه هو. ٻيو دليل اهو هو ۽ وڌيڪ اثرائتو هو ته هن ٿامسن کي ٻڌايو هو ته ڪرنل بيڪسٽر مرڻ مهل فادر ڊوسڪي کي ڪجهه چيو هو. ان تي ٿامسن جو رد عمل غير معمولي هو. هن هڪدم هيري ايڊ ورڊ کي پڇا ڳاڇا لاءِ موڪليو. فادر مان ڳالهه ڪڍڻ جي ڪوشش ۾ بليڪ ميلنگ تي لهي آيو. ڇو؟ ڇا ان لاءِ ته ڪرنل بيڪسٽر جيڪي ڪجهه چيو، ٿامسن جي ڄاڻ ۾ واڌارو ڪري ٿي سگهيو؟ يا ان لاءِ ته هن جي خيال ۾ ڪرنل ڪو اهڙو راز فاش ڪيو هو، جيڪو هن جي ۽ ڪرنل جي وچ ۾ هو؟
    پوءِ کيس ڪرنل بيڪسٽر جي بيوه حنا بيڪسٽر جو خيال آيو، جنهن تي اعتبار ڪري ٿي سگهجيو. هو ڪرسٽوفر سان سدائين مهربانيءَ سان پيش ايندي هئي. اها مدد به ڪري ٿي سگهي، پر هتي سوچڻو ن ٿي پيو ته ڪرنل دل جو بار هن جي سامهون هلڪو ڇونه ڪيو. جيتوڻيڪ ڪرنل کيس پنهنجي زال جي وسيلي ئي گهرايو هو. ٿي سگهي ٿو ته ان ڪري به ته ڪرنل پنهنجي ڪم بابت ڪڏهن به نه ڳالهائيندو هو.
    پنهنجي آفيس ۾ پهچي هن ماريان کان ڪرنل بيڪسٽر جا فائيل گهريا. “ڪرنل جا فائيل ٻن قسمن جا آهن.” ماريان وضاحت ڪئي. “سرڪاري فائيل ته مون وٽ آهن. باقي ذاتي فائيل هن جي فائر پروف ڪيبينٽ ۾ هوندا هئا. هو اسپتال م داخل ٿيو ته اها ڪيبينٽ سندس گهر موڪلي ويئي.”
    “ته ذاتي فائيل هن جي گهر ۾ آهن؟” ڪرسٽوفر پڇيو.
    “هائو! مونکي گهربل فائيل بابت ٻڌايو، آئون سندس گهر وڃي فائيل کڻي اينديس.”
    “نه! تون تڪليف نه ڪر. اهو ڪم آئون پاڻهي ڪري وٺندس.”
    “ٺيڪ آهي، آئون مسز بيڪسٽر کي فون ڪري وقت مقرر ڪري ٿي وٺان.”
    ڪرسٽوفر کي احساس ٿي ويو ته اها ‘آر دستاويز’ جي سلسلي ۾ سندس پهرين انٽرويو جي ڳالهه پئي ٿي. “ٺيڪ آهي ماريان، اڄ شام جو وقت مناسب رهندو ۽ ها ماريان مونکي آر دستاويز جي ڳولا آهي. تو اهو نالو ٻڌو آهي؟”
    ماريان ڪجهه گهڙيون ذهن تي زور ڏنو. پوءِ چيائين. “گهٽ ۾ گهٽ مون ان نالي جو ڪو به دستاويز ڪڏهن فائيل نه ڪيو هو.”
    “اهو شايد 35هين ترميم بابت ڪو ميمورنڊم هو. تون پنهنجا فائيل ڏسي وٺ!” ڪرسٽوفر چيو ۽ پنهنجن ڪمن ۾ مصروف ٿي ويو. هن ڊائريڪٽر انفارميشن سان به ڳالهايو، جيڪو تقرير تيار ڪرائي رهيو هو. جيڪا کيس آمريڪن بار ايسوسيئيشن جي ڪنوينشن ۾ ڪرڻي هئي. پوءِ هن پنهنجي ڊپٽي سان هڪ سرڪاري ڪم جي سلسلي ۾ ڳالهايو.
    ٻنپهرن جو ماريان کيس اطلاع ڏنو ته ‘آر دستاويز’ ڪرنل جي سرڪاري فائيلن ۾ موجود ڪونهي. هن اهو به ٻڌائيس ته مسز بيڪسٽر ساڻس ٻين بجي ملي سگهندي.
    مانجهاندي کانپوءِ ڪرسٽوفر آر دستاويز جي پهرين ڳولا جي مهم جي لاءِ روانو ٿي ويو. پگانو گاڏي هلائي رهيو هو، هوگن ساڻس گڏ ويٺل هو. ٻن ٿيڻ ۾ اڃا پنج منٽ هئا جو آنجهاني ڪرنل بيڪسٽر جي گهر سامهون لٿو ۽ اطلاعي گهٽيءَ جو بٽڻ دٻايو. پگانو ۽ هوگن ڪار ۾ ئي ويٺا رهيا. شيدڻ نوڪرياڻي ڪرسٽوفر کي اندر وٺي ويئي.
    ڊرائنگ روم ۾ پهچي ڪرنل سگريٽ دکايو. ان گهڙيءَ حنا بيڪسٽر جو پوٽو رڪي ڪمري ۾ گهڙيو. هن جي هٿ ۾ هڪ ڪيسٽ ريڪارڊ هو.
    “هيلو مسٽر ڪولنس!” هن چيو.
    “ڇا ڳالهه آهي رڪي، تون اڄ اسڪول نه ويو آهين؟” ڪرسٽوفر پڇيو.
    “ڊرائيور بيمار هو، تنهنڪري اڄ موڪل ملي ويم.” رڪي خوش ٿي ٻڌايو ۽ ان دوران هو پنهنجي ڪيسٽ ريڪارڊ تي ٽچ ٽچ ڪندو رهيو.
    “هن ۾ ڪا خرابي ٿي پئي آهي ڇا؟”
    “هائو! ... مونکي هڪ پروگرام ريڪارڊ ڪرڻو آهي.”
    “هيڏانهن مونکي ڏي!” ڪرسٽوفر هٿ وڌائيندي چيو. ٻارنهن سالن جي رڪي ڪيسٽ ريڪارڊ هن جي حوالي ڪري ڇڏيو. هن پهرين بٽڻ چيڪ ڪيا پوءِ ريڪارڊ کولي ڏٺو. ان ۾ ننڍڙي خرابي هئي. جيڪا هن ٺيڪ ڪري ڇڏي، پوءِ هن پلي ۽ ريڪارڊ جو بٽڻ دٻائي چيڪ ڪيو. هاڻ ڪيسٽ ريڪارڊ ڪري رهيو هو.
    رڪي مهرباني مڃي. “هيءَ منهنجي هابي آهي سائين! آئون ريڊيو ۽ ٽي وي تان نشر ٿيندڙ سڀئي سٺا انٽرويو ريڪارڊ ڪندو آهيان. اسڪول ۾ ڪنهن وٽ به مون جيترو ذخيرو ڪونهي.”
    “هائو! ۽ هڪ ڏينهن ان ذخيري جي وڏي اهميت ٿيندي.” ڪرسٽوفر چيو. هو دل ئي دل ۾ سوچي رهيو هو ته هي ٽيپ ريڪارڊ جو دور آهي، اهو ئي حال رهيو ته مستقبل ۾ ماڻهو لکڻ وساري ويهندا ۽ 35هين ترميم منظور ٿي ويئي ته اڃا به خراب ٿيندو. جاسوسيءَ جا اليڪٽرانڪ اوزار عام ٿي ويندا.
    “هيلو ڏاڏي!” رڪي جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. ڪرسٽوفر تيزيءَ سان اٿي بيٺو. هن حنا بيڪسٽر کان طبيعت پڇي ۽ احترام واري لهجي ۾ سندس مڙس جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو. حنا رڪي کي پنهنجي ڪمري ۾ موڪلي ڇڏيو. هن اڃا هوم ورڪ نه ڪيو هو. رڪي جي وڃڻ کانپوءِ هن ڪرسٽوفر کي ويهڻ جو اشارو ڪيو ۽ پاڻ به ويهي رهي. ڪجهه دير هوءَ پنهنجي مڙس جي گذريل وقت جون ڳالهيون ڪندي رهي ۽ پوءِ ٿڌو ساهه کڻندي چيائين.” ڇڏ کڻي انهن ڳالهين کي .... ٻڌاءِ تنهنجو ڪم ڪار ڪيئن پيو هلي؟”
    “ڪم سولو ڪونهي، هاڻ مونکي اندازو ٿئي ٿو ته ڪرنل ڪيترو نه ذهين ۽ ڦڙت هو.”
    “هو سدائين اهو ئي چوندو هو ته اهو ڪم ڀُرڪڻي مٽي تي ڊوڙڻ وانگر آهي. پر ڪرس! ڪرنل کي توتي وڏو ڀروسو هو. هن جو چوڻ هو ته تون ان عهدي جي لاءِ بي حد مناسب ماڻهو آهين.”
    “ان رات هن مونکي ڪم جي سلسلي ۾ ئي گهرايو هو؟”
    “بلڪل!”
    “هن اوهانکي ڇا چيو هو؟”
    “هو هوش ۾ آيو ته آئون وٽس ئي ويٺي هيس، هو بي حد ڪمزور ٿي ويو هو. مونکي ڏسي هن جي اکين ۾ شناسائي جي چمڪ اڀري. پوءِ هن جهيڻي آواز ۾ ڪجهه چيو. پوءِ هن مونسان ذاتي نوعيت جون ڳالهيون ڪيون. پوءِ چيائين “ڪرسٽوفر کي گهرائي.” اهو بي حد ضروري آهي. مونکي ساڻس ضروري ڳالهائڻو آهي. اهو ارجنٽ آهي. مون هڪدم توکي گهرائڻ جي ڪوشش ڪئي. پر افسوس جو تون وقت تي پهچي نه سگهين.”
    “هڪ ڳالهه ته ٻڌايو، هن جيڪو ڪجهه مونکي ٻڌائڻ ٿي چاهيو، اهو اوهانکي ڇو نه ٻڌايو.”
    حنا بيڪسٽر ڇرڪي، شايد هن ان انداز ۾ سوچيو ئي نه هو. “هو ايئن نٿي ڪري سگهيو.” هن ۾ ڀروسي واري لهجي ۾ چيو “مونکي يقين آهي ته اها ڳالهه هن جي ڪم بابت هئي ۽ هو مون سان اهڙي ڪا ڳالهه بلڪل نه ڪندو هو. هو نجي زندگيءَ کي آفيس جي زندگيءَ کان بلڪل ڌار رکندو هو.”
    ڪرسٽوفر کيس ٻڌائڻ ٿي چاهيو ته ڪرنل پادري ڊوسڪيءَ سان اها ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي، پر ڪجهه سوچي هو ماٺ ٿي ويو. حنا بيڪسٽر کي انهن معاملن ۾ ملوث ڪرڻ مناسب نه هو، جنهن کان مڙسهينس کيس ڌار رکيو هئس. “ڪاش! منهنجي ساڻس ڳالهه ٻولهه ٿئي ها.” هن چيو. “ڪجهه ضروري فائيل مونکي نه پيا ملن. آفيس ۾ منهنجي سيڪريٽري چڱيءَ طرح ڏسي ورتو آهي. هن ٻڌايو ته ڪرنل جي ذاتي ڪيبينٽ گهر موڪلي ويئي هئي.”
    “اهو صحيح آهي.”
    “اوهين مونکي ڏيکاريو. ٿي سگهي ٿو گهربل فائيل ان ۾ موجود هجن.”
    “اها ڪيبينٽ هاڻ هتي ته ڪونهي.” حنا جواب ڏنو. “جنهن ڏينهن ڪرنل لاڏاڻو ڪيو، ورنن ٿامسن اها ڪيبينٽ مون کان ٻن ٽن مهينن جي لاءِ گهرائي ورتي هئي. هن جو چوڻ هو ته ان ۾ ڪي ڳجهيون شيون آهن. توکي جيڪڏهن فائيلن جي گهرج آهي ته ٿامسن سان ڳالهائي، هو توسان سهڪار ڪندو.”
    ڪرسٽوفر کي اها ڳالهه عجب جهڙي لڳي. ٿامسن جو ڪاغذن سان ڪهڙو واسطو ٿي پي سگهيو، پر هن اها ڳالهه حنا بيڪسٽر کي چوڻ نٿي چاهي. تنهنڪري هن چيو. “حنا! مونکي 35هين ترميم بابت ڪجهه ڪاغذن جي ڳولا آهي. جن کي ڪرنل آر دستاويز جو نالو ڏنو آهي. ڪڏهن اهو دستاويز اوهان جي نظر مان ته نه گذريو آهي؟”
    “مونکي انهن فائيلن سان ڪابه دلچسپي نه هئي. اهو ئي سبب آهي جو مون ڪڏهن به انهن ڪاغذن کي هٿ به نه لڳايو.”
    “هونهه، ممڪن آهي ته ڪرنل ڪڏهن اوهان سان آر دستاويز جو ذڪر ڪيو هجي؟”
    حنا نهڪر ۾ ڪنڌ ڌوڻيو. “نه مونکي ياد ڪونهي، مون توکي ٻڌايو نه ته هو مونسان آفيس جي معاملن تي ڪڏهن به نه ڳالهائيندو هو.”
    ڪرسٽوفر جي مايوسي هر گهڙي وڌندي ويئي. “اوهين ڪنهن اهڙي شخص کي سڃاڻو، جيڪو ڪرنل جي ويجهو رهيو هجي. ٿي سگهي ٿو ته ڪرنل ڪنهن اهڙي شخص کي آر دستاويز جي باري ۾ ٻڌايو هجي.”
    “بيڪسٽر تنهائي پسند شخص هو.” حنا جواب ڏنو هن جا ويجها دوست گهڻا نه هئا. آفيس ۾ هيري ايڊورڊ ۽ ورنن ٿامسن سان ويجهو هو. پر نجي زندگيءَ ۾ .....” هو ڪجهه دير هن کي زور ڏيندي رهي. پوءِ چيائين “هائو! هڪ شخص اهڙو هو جيڪو نجي زندگيءَ ۾ هن جو دوست هو، ڊونالڊ ڪريڊن ۽ اهو گهڻو ويجهو هئس. اهو ئي سبب آهي جو ويچاري ڊونالڊ تي خراب وقت آيو ته بيڪسٽر کي گهڻو افسوس ٿيو. پوءِ هن جو رونالڊ سان ڪو رابطو نه رهيو.”
    ڪرسٽوفر کي نالو ٻڌل محسوس ٿيو. هو ذهن تي زور ڏيندو رهيو. نيٺ اخبارن جي سرخين جي حوالي سان کيس اهو نالو ياد اچي ويو.
    “ڊونالڊ تي ڪيس هليو ۽ کيس سزا ملي. هن وقت هو لوئس برگ جيل ۾ آهي.” حنا ٻڌايو، “هن جي جيل وڃڻ کانپوءِ بيڪسٽر هڪ ويجهي دوست کان محروم ٿي ويو. پنهنجي پوزيشن کي نظر ۾ رکندي هو جيل وڃي ساڻس ملي نٿي سگهيو. پر بيڪسٽر کي يقين هو ته ڊونالڊ بي ڏوهي آهي. هن جي نظر ۾ ڊونالڊ جي معاملي ۾ قانون جون تقاضائون ته پوريون ٿي ويون هيون، پر انصاف جون تقاضائون پوريون نه ٿيون هيون.”
    “ڊونالڊ ڪريڊن، ها، مونکي ياد اچي ويو،” ڪرسٽوفر چيو. “ٻه ٽي سال اڳ جي ڳالهه آهي نه! ان مالياتي اسڪينڊل جي وڏي شهرت ٿي هئي. تفصيل البته ياد نه اٿم.”
    “مڪمل تفصيل ته مونکي به ياد ڪونهي، بهرحال ڊونالڊ وڪيل هو. گذريل صدارتي انتظاميه ۾ هو صدر جو صلاحڪار هو. مٿس رشوت وٺڻ يا سرڪاري رقمن ۾ گهوٻيون هڻڻ جو الزام هو. ان سلسلي ۾ ايف بي آئي هالينڊ نالي هڪ شخص کي جهليو هو. جيڪو پوءِ سلطاني گواهه بڻجي ويو هو. هن مان ڏهه لک ڊالرن جي اها رقم نه نڪتي، جيڪا هالينڊ جي الزام موجب هو ٿرڊ پارٽيءَ کي پهچائڻ پي ويو. ڊونالڊ جو چوڻ هو ته رقم وٽس نه هئي، بهرحال هالينڊ جي شاهديءَ جي ڪري هو سزا کان بچي نه سگهيو.”
    “هائو! هاڻ مونکي ڪجهه ياد پيو اچي. منهنجو خيال آهي ته کيس ڪا وڏي سزا ملي هئي.”
    “پندرنهن سال ٽيپ!” حنا ٻڌايو، بيڪسٽر ان ڳالهه تي گهڻو ڏکارو هو ۽ هن جو چوڻ هو ته صدارتي انتظاميه پنهنجا پلئه آجا رکڻ جي لاءِ ڊونالڊ کي ڦاسايو آهي. هو ڪيس جي دوران فقط ايترو ڪري ٿي سگهيو ته سزا گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري، پر ان ۾ به کيس ڪاميابي نه ٿي. بيڪسٽر جو ارادو هو ته ڊونالڊ پنج سال سزا ڪاٽي وٺي ته کيس پيرول تي آزاد ڪرائي وٺي. پر هاڻ بيڪسٽر ئي ڪونهي. هاڻ ڊونالڊ کي ڪنهن به شيءِ سان دلچسپي ڪونهي. خير ته آئون اهو چئي رهي هيس ته ڊونالڊ ئي اهو اڪيلو شخص هو، جنهن کان توکي مدد ملي ٿي سگهي.”
    “اوهانجو مطلب آهي ته ڊونالڊ کي آر دستاويز جي باري ۾ ڪا نه ڪا خبر هوندي.”
    “آئون پڪ سان ته ڪجهه به چئي نٿي سگهان. جيڪڏهن اهو دستاويز ايترو ئي اهم هو ته پڪ سان ڊونالڊ سان ڳالهه ٻولهه ٿي هوندي. هو ڏکين معاملن ۾ سدائين ڊونالڊ کان راءِ وٺندو هو. تون اٽارني جنرل جي حيثيت سان “لوئس برگ” وڃي ڊونالڊ سان ملي سگهين ٿو. تون کيس ٻڌائي سگهين ٿو ته هاڻ بيڪسٽر جي جاءِ تي تون هن جي مدد ڪندين ۽کيس پيرول تي ڇڏائيندين. ائين هو توسان سهڪار ڪندو ۽ توکي گهربل ڄاڻ مهيا ڪندو. آئون به کيس خط لکي ڇڏينديس ته تون بيڪسٽر جو سٺو دوست آهن ۽ توتي اعتبار ڪري سگهجي ٿو.”
    “آئون اوهانجو ٿورائتو رهندس.” ڪرسٽوفر احسان منديءَ مان چيو، “آئون واقعي به کيس پيرول تي آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندس.”
    “ٺيڪ آهي.... آئون کيس خط لکي ڇڏيندس. خط ته مونکي هونئن به لکڻو ئي هو. تون وٽس ڪڏهن ويندين.”
    “هڪ هفتي جي اندر اندر.” ڪرسٽوفر اٿندي چيو. “توهانجي وڏي مهرباني حنا! جيڪڏهن توکي ڪنهن ڪم۾ منهن جي مدد جي گهرج پوي ته بنا هٻڪ جي فون ڪري وٺج. خدا حافظ.”
    اتان نڪرندي هو ڪافي مطمئن هو. ڊونالڊ ڪريڊن جي روپ ۾ هڪ نئون امڪان سامهون آيو هو. پر هو وسامي ويو هو. آر دستاويز جي سلسلي ۾ کيس ورنن ٿامسن سان مُنهان منهن ٿيڻو هو. کيس سوچڻو هو ته ان سلسلي ڪهڙي حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي. اهو به طئي هو ته جيترو جلد سامهون ٿي وڃجي اوترو سٺو آهي.


    قسط 8

    ٻي ڏينهن صبح جو سوا ڏهين بجي ڪرسٽوفر، ايڊگرهوور بلڊنگ پهتو. کيس توقع هئي ته ِٿامسن سان سندس آفيس ۾ ئي ملاقات ٿيندي ۽ هو ڏسي سگهندو ته ڪرنل بيڪسٽر جي ڪيبينٽ اتي موجود آهي يا نه. پر ٿامسن کيس ڪانفرنس روم ۾ وٺي ويو ۽ کيس صدراتي ڪرسيءَ تي ويهاري پاڻ سندس ڀر ۾ ويهي رهيو.
    پنهنجي بريف ڪيس مان انگن اکرن جو لفافو ڪڍندي ڪرسٽوفر، ٿامسن کي پنهنجي سيڪريٽري بيٿ سان کل ڀوڳ ڪندي ڏنو. جيڪا ڪافي کڻي آئي هئي. ڊائريڪٽر جي اها خوشدلي ڏسي ڪرسٽوفر جا شڪ ۽ شبها ڌوپجڻ لڳا. جيڪي فادر ڊوسڪيءَ سان ملاقات کانپوءِ هن جي دل ۾ ٿامسن جي لاءِ اُڀريا هئا،. هن سوچيو، فادر ڊوسڪيءَ کي غلط فهمي به ٿي سگهي ٿي.
    “ها بيٿ!” ٿامسن ٻاهر ويندڙ سيڪريٽري کي مخاطب ٿي چيو “هاڻ اسان کي ڊسٽرب نه ڪج.” دروازو بند ٿيندي ئي هو ڪرسٽوفر ڏانهن مڙيو. “ها ڪرس! هاڻ ٻڌاءِ آئون تنهنجي لاءِ ڇاٿو ڪري سگهان.”
    “آئون لاس اينجلس جي لاءِ پنهنجي تقرير تي ڪم پيو ڪريان. ان تقرير ۾ آئون ڪيلفورنيا ۾ ڏوهن جي باري ۾ تنهنجا تازا انگ اکر شامل ڪرڻ ٿو چاهيان.”
    “هائو، ڪيليفورنيا تي ته اسين خاص محنت پيا ڪريون. اهو اسانجي جنگ جو آخري ميدان آهي. مون ڪلهه توکي ڏوهن جا تازا انگ اکر موڪليا هئا.”
    “اهي ته هيءَ آهن.” ڪرسٽوفر لفافو کڻندي چيو. “آئون ڄاڻڻ ٿو چاهيان ته ڪا نئين ڳالهه ته ناهي....”
    “اهي بنهه تازا آهن.” ٿامسن سندس ڳالهه ڪٽيندي چيو. “تنهنجي تقرير ۾ گهڻو اثرائتا ثابت ٿيندا. ۽ ڪيلي فورنيا وارن کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندي ته کين آئيني مدد جي گهرج آهي” ڪرسٽوفر انگن اکرن جو جائزو ورتو ۽ چيو، “اها ڳالهه چئي آهي ته ڪيليفورنيا ۾ ڏوهن جي واڌ ٻين رياستن جي مقابلي ۾ وڌي ويئي آهي. اهي انگ اکر صحيح آهن نه؟”
    “ظاهر آهي... هي اتي جي پوليس جو فراهم ڪيل ريڪارڊ آهي.”
    ڪرسٽوفر ڪافيءَ جو ڍڪ ڀريندي چيو. “ٽي وي مناظري واري آئيڊيا مونکي سٺي نه لڳي. ان جو سبب اهو آهي ته مون ترميم جي نفس مضمون تي وڌيڪ غور نه ڪيو آهي.”
    “اڙي ڪجهه به ڪونهي.” ٿامسن لاپرواهيءَ مان هٿ هلايو. “تون ڪامياب رهندين. هونئن به توکي ترميم بابت سموري ڄاڻ آهي.”
    “ٿي سگهي ٿو ..... ٿي سگهي ٿو، مونکي خبر نه هجي.” ڪرسٽوفر هٻڪندي چيو.
    “ڇا پيو چوين....؟” ٿامسن حيرت ظاهر ڪئي. “توکي سڀ ته خبر آهي....”
    ڪجهه ڪرڻ جي گهڙي اچي پهتي هئي. “ان سلسلي ۾ هڪ شيءِ آر دستاويز به ته آهي.... مونکي ٻڌائي ته ان جو 35هين ترميم سان ڪهڙو واسطو آهي؟”
    ٿامسن جي منهن تي معصوم حيرت کانسواءِ ٻيو ڪو به تاثر نه هو. يا ته هو اداڪار هو. يا کيس واقعي، آر دستاويز جي باري ۾ ڪجهه به خبر نه هئي. “آر دستاويز ڪهڙي بلا آهي؟ ان جي باري ۾ توکي ڪٿان پتو پيو. مون ته اهو نالو پهريون ڀيرو ٻڌو آهي.” هن چيو.
    “آئون اڄ ڪرنل جا ڪاغذ ڏسي رهيو هئس جو منهنجي هڪ ڪاغذ تي نظر پئي. اهو 35هين ترميم بابت هو. ان ۾ آر دستاويز جي باري ۾ ذڪر ڪيل هو.”
    “اهو ميمو ڪٿي آهي. مونکي ٿورو ڏيکار.”
    “اهو ته مون وٽ ڪونهي، شايد ڦاڙڻ وارن ڪاغذن ۾ هليو ويو. بهرحال اهو دستاويز منهنجي ذهن ۾ اٽڪي بيهي رهيو آهي. مون سوچيو ته ٿي سگهي ٿو توکي ان جي باري ۾ ڪا ڄاڻ هجي.”
    “مون ڪڏهن به آر دستاويز جو نالو نه ٻڌو آهي.” ٿامسن پراعتماد لهجي ۾ چيو. “ٿي سگهي ٿو اهو 35هين ترميم جي لاءِ ڪرنل بيڪسٽر جو ڪوڊ ورڊ هجي. ٻي ڪا وضاحت ته منهنجي سمجهه ۾ نٿي اچي. بهرحال! توکي يقين هئڻ گهرجي ته توکي 35هين ترميم جي باري ۾ هر ڳالهه جي ڄاڻ آهي. تون پنهنجو ڪم ڪر. اسين پنهنجو ڪم ڪنداسين ۽ ايئن ترميم پاس ٿي ويندي. ڪرس! توکي اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته ان معاملي ۾ اسين شڪست جي سٽ سهي نه سگهنداسين.”
    “ٺيڪ آهي، آئون هلان ٿو.” ڪرسٽوفر چيو ۽ لفافو بريف ڪيس ۾ رکڻ کانپوءِ اُٿي کڙو ٿيو.
    واپسيءَ جي سفر ۾ هو سوچيندو ۽ منجهندو رهيو. ڪرنل بيڪسٽر موت جي بستري تي آر دستاويز کي خطرناڪ قرار ڏنو هو. پر ايف بي آئي جي ڊائريڪٽر ان کان اڻ ڄاڻائي جو اظهار ڪيو هو. ڳالهه نڙيءَ کان هيٺ نٿي لٿي. هن سوچيو، ڪيليفورنيا ۾ رهڻ جي دوران ايف بي آئي ۽ ڊائريڪٽر ٿامسن جي باري ۾ گهڻو ڪجهه معلوم ٿيڻ جو امڪان آهي ۽ پوِءِ لوئس برگ جيل ۾ ڊونالڊ ڪريڊن سان ملاقات به آر دستاويز جي باري ۾ گهڻو ڪجهه کولي سگهي ٿي. ڪرنل بيڪسٽر مرڻ مهل کيس تاڪيد ڪئي هئي ته ان خطرناڪ ٽڪ کي هر حالت ۾ بي نقاب ڪرڻ گهرجي. جنهن جو نالو آر دستاويز آهي. شايد ڪرنل کي احساس نه هو ته هن جو نياپو هڪ اهڙي ڪمري وانگر آهي، جنهن جو نه ڪو دروازو نه ئي وري ڪا دري آهي. پهريون ڪم ته ڳجهو دروازو ڳولڻ جو هو.
    ڪرسٽوفر فيصلو ڪيو ته هو اهو ڪم جلد کان جلد ڪندو.


    ڊائريڪٽر ٿامسن پنهنجي آفيس ۾ ويٺو هيري ايڊورڊ جو اوسيئڙو ڪري رهيو هو. هيري آفيس ۾ گهڙيو ته ٿامسن اکيون کڻڻ کانسواءِ ئي چيو. “هو اجهو هينئر ئي ويو آهي.”
    “ڇا جي لاءِ آيو هو؟” هيريءَ پڇيو.
    “بهانو ته ڪو ٻيو هو پر حقيقت ۾ هو آر دستاويز جي باري ۾ پڇي رهيو هو.”
    “اوهان ڪڏهن ان دستاويز جو نالو ٻڌو آهي؟”
    “سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، منهنجي سمجهه ۾ هن جي ڪابه ڳالهه نه آئي.”
    “ته پوءِ کيس ڪٿان خبر پئي؟”
    “چئي رهيو هو ته ڪرنل بيڪسٽر جي هڪ ميموءَ ۾ ان جو ذڪر آهي. پر مونکي خبر آهي ته هو ڪوڙ پيو ڳالهائي.” ٿامسن هيريءَ جي اکين ۾ ڏسندي چيو. “هي ڪرسٽوفر هر معاملي ۾ ٽنگ اڙائڻ وارو ٿو لڳي. منهنجو خيال آهي ته هو اسانجي لاءِ ڏکيائون پيدا ڪندو رهندو.”
    “ڪهڙيون ڏکيائون چيف!”
    “اهوئي ته هو سمجهي ٿو ته ورنن ٿامسن کي بيوقوف بنائي سگهي ٿو.” ٿامسن چيو. “خبر اٿئي هيري! ايڊگر هوورڊ بلڊنگ “هوور جي” لاءِ تمغي جي حيثيت ٿي رکي. اها مونکي ملي نٿي سگهي. پر 35هين ترميم منهنجو تمغو آهي. مونکي خبر آهي ته اها ترميم آئين جو حصو بڻجي ويئي ته آئون سدائين ان حوالي سان ياد رکيو ويندس.”
    “بيشڪ چيف.” هيري پرجوش لهجي ۾ تائيد ڪئي.
    “۽ ان جي لاِءِ ضروري آهي ته ڪرسٽوفر تي نظر رکي وڃي. رڳو هتي ئي نه پر ڪيليفورنيا ۾ به. آئون ان سلسلي ۾ تفصيلي پروگرام طئي ڪرڻ ٿو چاهيان. تنهنڪري ڌيان سان ٻُڌ.”


    ٽي وي مذاڪري ۽ بار ايسوسئيشن جي سامهون تقرير ڪرڻ جي جهنجٽ جي باوجود ڪرسٽوفر کي ڪيليفورنيا جي دوري جو خيال ڏاڍو سٺو لڳي رهيو هو. پروگرام موجب خميس جي ڏينهن کيس منجهند ڌاري سان فرانسسڪو پهچڻون هو. سان فرانسڪو هوٽل ۾ هڪ سوئيٽ بڪ هو. اتي کيس ٻن سرڪاري وڪيلن سان ملاقات ڪرڻي هئي. پوءِ کيس پنهنجي اوڻيهن سالن جي پٽ جوش سان ملاقات ڪرڻي هئي. جيڪو برڪلي مان ساڻس ملڻ جي لاءِ اچڻو هو. جوش سان ملندي اٺ مهينا ٿي چڪا هئا.
    پر هن جو پروگرام اڻ پورو رهجي ويو. رواني ٿيڻ کان اڳ هن پروگرام پڪو ڪرڻ جي لاءِ جوش کي فون ڪئي، ڪجهه دير هتان هتان جي ڳالهين کانپوءِ جوش ٻڌايس ته هو گهڻو مصروف آهي.
    “خميس واري ڏينهن آئون سان فرانسسڪو اچي رهيو آهيان. توسان ملاقات ٿي سگهي ٿي؟” ڪرسٽوفر پڇيس. پوءِ پنهنجي دوري ڪرڻ جي مقصد بابت به ٻڌايس.”
    ڪجهه گهڙيون خاموشي رهي، پوءِ رسيور مان جوش جو آواز اُڀريو. “اوهين 35هين ترميم جي حق ۾ ڪم پيا ڪريو نه!؟”
    ڪرسٽوفر هٻڪيو، کيس طوفان جي اچڻ جا آثار نظر اچڻ لڳا. نيٺ هن جواب ڏنس. “هائو! اهائي ڳالهه آهي.”
    “پر ڇو؟”
    “ڇاڪاڻ هت اهو منهنجي فرض ۾ شامل آهي. آئون انتظاميا جو هڪ پرزو آهيان.”
    “اهو نه ڪو مناسب سبب ڪونهي ڊيڊي.”
    “۽ ٻيا به سبب آهن، 35هين ترميم جا ڪجهه هاڪاري پاسا به آهن.”
    “آئون پوري ديانتداريءَ سان چوان پيو ته مونکي ڪو به هاڪاري پاسو نظر نٿو اچي. ان ترميم جي خلاف جنگ ۾ شامل آهيان. آئون ٽوني هيرس گروپ ۾ شامل آهيان. اسين ڪيليفورنيا ۾ بنيادي حقن جي تحفظ لاءِ ان ترميم خلاف ڀرپور جنگ وڙهنداسين.”
    “آئون توکي ڪاميابي جي دعا ئي ڏيئي سگهان نٿو. پر مونکي ڊپ آهي ته اوهين پنهنجي جنگ هارائي ويندا. صدر صاحب ترميم کي منظور ڪرائڻ جي لاءِ هڙئي وسيلا استعمال ڪري رهيو آهي.”
    “صدر صاحب!” جوش جي لهجي ۾ ڪاوڙ هئي. “هن جو مٿو به فٽبال جيان خالي آهي. پر اسانکي سندس فڪر ڪونهي. اسانکي ته ورنن ٿامسن جو فڪر آهي، جيڪو هن دور جو هٽلر آهي.”
    “منهنجي خيال ۾ تون مبالغي کان ڪم پيو وٺين. ٿامسن ته هڪ پوليس وارو آهي. جنهن جا فرض سولا ڪونهن، کيس هٽلر سان گڏڻ زيادتي آهي.”
    “آئون ثابت ڪري سگهان ٿوته اوهين غلطيءَ تي آهيو.” جوش جو لهجو تکو ٿي ويو.
    “تنهنجو مطلب ڪهڙو آهي؟”
    “35هين ترميم جا حامي اهو دليل ڏين ٿا ته 35هين ترميم کي هنگامي حالتن ۾ استعمال ڪيو ويندو. پر ٿامسن ۽ سندس ساٿين جا ارادا ڪجهه ٻيا آهن. ترميم هڪ ڀيرو منظور ٿي وئي ته پوءِ هو فوري طور تي ان مان فائدو وٺندا.”
    “ڇا مطلب؟”
    “آئون فون تي تفصيلي ڳالهائي نٿو سگهان. پر پنهنجي ڳالهه ثابت ڪري سگهان ٿو. اسين ان سلسلي ۾ تحقيق ڪري چڪا آهيون ۽ ووٽنگ کان ڪجهه ڏينهن اڳ ان کي ماڻهن جي سامهو پڌرو ڪرڻ جو ارادو رکون ٿا. اوهانجي پوزيشن جي ڪري منهنجي ساٿين کي ان تي اعتراض نه ٿيندو. ٿي سگهي ٿو ته اوهين قائل ٿي وڃو.”
    “آئون هر مناسب ڳالهه ٻڌڻ جي لاءِ تيار آهيان، پر توکي ان ڳالهه جو خيال رکڻو پوندو ته مون وٽ گهڻو وقت ڪونهي.”
    “آئون اوهانکي وٺي هلندس. اوهانجو وقت به ذيان نه ٿيندو. ڊيڊي! منهنجي هڪ ڳالهه بس رڳو ڳالهه مڃو.”
    ڪرسٽوفر ڇرڪي پيو. جوش زندگيءَ ۾ ڪڏهن به ائين منٿ نه ڪئي هئي. “ٺيڪ آهي، آئون تنهنجي لاءِ وقت ڪڍي وٺندس. تون ڇا ٿو چاهين؟” هن پڇيو.
    “اوهين خميس جي منجهند جو مونکي سڪرا منٽو ۾ ملو. اتان اسين ڪار جي وسيلي نيويل وينداسين.”
    ڪرسٽوفر پروگرام بدلائي ڇڏيو. هو رڳو اٽارني جنرل نه پر ان پٽ جو پيءُ به هو. جنهن سان کيس محبت هئي. هي سان فرانسسڪو جي بدران سڪرانٽو جي اڏام ۾ چڙهيو. ايئرپورٽ تي جوش هن جي اوسئيڙي ۾ هو. هو ڪرسٽوفر سان ٻکجي ويو. محبت جي ان مظاهري کانپوءِ هو ٻيئي ڀاڙي جي هڪ ڪار ۾ وڃي ويٺا. ايجنٽ هوگن به ساڻن گڏ هو.
    ڪار جو سفر ٿڪائيندڙ هو. جوش بار بار ٻڌايو ٿي ته بس ڄاڻ پهتاسين. پر هن منزل جي سلسلي ۾ ڪنهن وضاحت ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. “اوهين پاڻ ئي ڏسي وٺجو” ڪرسٽو فر زور ڀرڻ تي هن اهوئي جواب ٿي ڏنو. ڪرسٽوفر کي افسوس ٿي رهيو هو ته هن هرو ڀرو جوش جي ڳالهين تي ڌيان ڌريو. نوجوان ڇوڪرا هونئن ئي ڳالهه کي ڳالهوڙو بنائي ڇڏيندا آهن. پر هو خوشگوار لهجي ۾ هتان هتان جون ڳالهيون ڪندو رهيو.
    “ڊيڊي! بنيادي انساني حقن جو دستاويز آمريڪا لاءِ عظمت جي نشان جي حيثيت رکي ٿو.” جوش چيو، ڪرسٽوفر تلخيءَ سان سوچيو، الائجي ڇو سڀ پٽ پنهنجي پيئرن جي باري ۾ اهو گمان رکن ٿا ته کين ڪا به خبر ڪونهي. “۽ هاڻ 35هين ترميم آمريڪا کي انهن عظمتن کان محروم ڪرڻ واري آهي.” جوش وڌيڪ چيو.
    “ايمرسن آئين جي باري ۾ چيو آهي ته هر آئين انسان جي قد کان وڏو پاڇو هوندو آهي. انسانن پاڻ کي هڪٻئي جي مقابلي ۾ تحفظ ڏيڻ جي لاءِ اهي جوڙيا آهن ۽ جيڪڏهن اهو تحفظ کسجي وڃي ته پوءِ سخت قدم کڻڻ ضروري ٿيو پون.”
    “آئون نٿو مڃيان.” جوش ناڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو. “ڪنهن شئيءِ کي جاچڻ جو هڪئي اثرائتو طريقو هوندو آهي. دنيا کي ڏسو هر اها مملڪت، جيڪا حقيقي معنيٰ ۾ آزاد آهي، ان بنيادي حقن ۾ جنهن معطلي يا ترميم جي گنجائش نه ڇڏي آهي ، باقي جتي ڊڪٽيٽرشپ آهي، اتي جي ڳالهه ٻي آهي. پر هو به بنيادي حقن جو ڍونگ رچايو ويٺا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان کي، جيئن ته، ڇاڪاڻ ۽ پر جهڙن لفظن جي ذريعي غير موثر ڪيو ويو آهي. اسانجي آئين جي سڀ کان وڏي خوبي اهي ترميمون آهن. جيڪي بنيادي انساني حقن جي دستاويز جي حيثيت رکن ٿيون ۽ اوهان جو صدر صاحب ۽ ايف بي آئي اُن کي پائمال ڪرڻ ٿا چاهيو. يقين ڪريو ته جيڪڏهن ڪيليفورنيا اسيمبليءَ ان ترميم کي پاس ڪري ڇڏيو ته اسين سڀ هميشه جي لاءِ انصاف۽ آزادي جي تصور کان محروم ٿي وينداسين. تنهن ڪري ان کي آئون آمريڪا جي تاريخ جي اهم ترين جنگ قرار ڏيئي رهيو آهيان.”
    ڪرسٽوفر کي اهو سڀ ڪجهه ٻڌندي ٿڪاوٽ جو احساس پي ٿيو. هن ڳالهايو ته سندس لهجي ۾ ٿڪاوٽ هئي، “جوش! تون جيڪو ڪجهه چئي رهيو آهين. اهو ڪڏهن به نه ٿيندو. 35هين ترميم اوهانکي تحفظ ڏيندي. پر حقيقت اها اٿئي ته اها ڪڏهن استعمال ڪرڻ جي نوبت ئي نه ايندي.”
    “اجهو پندرهن منٽن کانپوءِ اوهين جيڪي ڪجهه ڏسندا، اهو اوهانجي ان ڳالهه جي ترديد جي لاءِ گهڻو ڪجهه آهي. هون! بس هاڻ اسين اتي پهچڻ وارا آهيون.”
    ڪرسٽوفر دريءَ مان ٻاهر ڏٺو. جنهن رستي تي هو سفر ڪري رهيا هئا، اهو آمريڪا جو حصو ته لڳو ئي نه ٿي. اتي هڪ سڪل ڍنڍ ۽ هنڌ هنڌ تي لوڻ جي دڳن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو. اتي زندگيءَ جا آثار به نه هئا.
    پر هاڻ هڪ اسٽور ۽ هڪ گيسولين پمپ نظر آيو. ٻنهي هنڌن تي ڪجهه ماڻهو گڏ بيٺل هئا. هڪ سائن بروڊ لڳل هو، جنهن تي نيويل لکيل هو، جوش ڊرائيور کي هدايتون ڏيندو رهيو. نيٺ کيس گاڏي روڪڻ جي لاءِ چيائين. ڪرسٽوفر حيران ٿي ويو. “ڪٿي وٺي آيو آهين؟”
    “هيءَ نيول ڍنڍ آهي.” جوش فاتحانه لهجي ۾ ڄڻ اعلان ڪيو. ڪرسٽوفر ذهن تي زور ڏيندو رهيو. نالو ڪجهه ٻڌل سڌل پي لڳس.
    “اها 1942ع جي ڳالهه آهي. پرل هاربر تي حملي کان اٺ هفتا پوءِ صدر روز ويلٽ جي حڪم نمبر 9066 جي ذريعي هيءَ ڪيمپ قائم ڪئي وئي.” جوش وضاحت ڪئي، “هن جاپاني نسل جي آمريڪين کي قومي سلامتيءَ جي لاءِ خطرو قرار ڏنو. تنهنڪري هڪ لک ڏهن هزارن جاپانين کي، جن ۾ ٻه ڀاڱي ٽي آمريڪا جي قوميت رکندڙ هئا، ڏهن مختلف ڪيمپن ۾ نظر بند ڪيو ويو.” نيويل ڍنڍ واري ڪيمپ به انهن ۾ شامل هئي. ان کي آمريڪا جو بدترين عقوبت خانو قرار ڏنو وڃي ٿو. هتي ارڙهن هزار ماڻهو قيد هئا.”
    “تو جيان مونکي به آمريڪا جي پانڌ تي اهو داغ سٺو نه ٿو لڳي.” ڪرسٽوفر چيو “پر ان جو حال يا 35هين ترميم سان ڪهڙو واسطو!؟”
    “اوهين پاڻ ڏسي وٺو.” جوش چيو ۽ پويون دروازو کولي ٻاهر نڪتو. ڪرسٽوفر به ائين ڪيو. گرم ۽ خشڪ هوا جا جهوٽا کيس سَٽي رهيا هئا. هن ڪيمپ جو جائزو ورتو. لوهي تارن جي واڙجي پويان سرن جون عمارتون هيون. هن هڪ پاسي اشارو ڪندي جوش کان پڇيو. “هي نيويل ڍنڍ آهي.؟”
    “هئي! هاڻ ڪونهي،” جوش هڪ هڪ لفظ کي زور ڏيئي چيو. “هيءُ اسانجو سخت ترين عقوبت گهر هو. سڪل ڍنڍ جي ڇويهه هزار ايڪڙن تي ٻڌل. پر هاڻ ٻيو ڪجهه آهي ۽ آئون اوهانکي اهو ئي ڏيکارڻ جي لاءِ هت وٺي آيو آهيان.”
    “ڪم جي ڳالهه ڪر جوش!”
    “ٺيڪ آهي ڊيڊي! پر ان کان اڳ هڪ شئيءِ ڏسي وٺو ته جيئن سڀ ڪجهه چٽو ٿي وڃي.” جوش لفافي مان ڇهه ست تصويرون ڪڍي ڪرسٽوفر ڏانهن وڌايون. “پهرين هي تصويرون ڏسي وٺو. اهي اسانکي جاپاني نسل جي ايسوسيئشن وٽان مليون آهن. هيءَ هن هنڌ تي موجود ڪئمپ جون هڪ سال پراڻيون تصويرون آهن. اوهان کي فرق صاف پيو نظر اچي.”
    ڪرسٽوفر تصويرن کي ڌيان سان ڏٺو. انهن ۾ لوهي ڪنڊيدار تارن جو جنگلو مخلتف هنڌن تان ڀڳل ٽٽل پي نظر آيو. جنگلي جي پويان ڪجهه پراڻين بيرڪن جون تصويرون پي نظر آيون. هڪ ڀڳل مينار به هو. جيڪو چوڪيدارن جي لاءِ ٺاهيل هوندو.
    ڪرسٽوفر، تصويرون جوش کي واپس ڪندي چيو. “هنن تصويرن مان تون ڇا ٿو ثابت ڪرڻ چاهين؟ هنن ۾ ته ڪجهه به ڪونهي.”
    “اهو ته ٻڌائي رهيو آهيان.” جوش چيو. “هڪ سال اڳ هت ڪجهه به نه هو سواءِ هنن کنڊرن جي!” هن تصويرن ڏانهن اشارو ڪندي چيو. “هاڻ ٿورو هن علائقي کي ته ڏسو..... هي ڪنڊيدار تارن جو نئون جنگلو، تارن ۾ بجلي ڊوڙي رهي آهي. بلڪل نئون واچ ٽاور. گڏو گڏ سرچ لائيٽون. هي ٽي نيون عمارتون. اوهانکي ڪيئن پيو لڳي؟”
    “اهو ئي ته هتي اڏاوتي ڪم پيو ٿئي. ٻيو ڇا ٿو سمجهي سگهجي.” ڪرسٽوفر بي پرواهيءَ مان چيو.
    “ڪهڙي قسم جو اڏاوتي ڪم. آئون ان جي نوعيت ٻڌايان. هي هڪ ڳجهو سرڪاري پراجيڪٽ آهي. اهو نئون عقوبت خانو آهي. مستقل عقوبتي ڪيمپ. 35هين ترميم جي منظوري کانپوءِ هتي ٻڌي جي حساب سان قيدي آندا ويندا.”
    ڪرسٽوفر کي ذهني ڌڪ لڳو. پوءِ کيس ڪاوڙ لڳي. هن هرو ڀرو سڄو ڏينهن ذيان ڪري ڇڏيو. تڪليف وارو سفر ڪيو ۽ ڪجهه هڙ حاصل نه ڪئي.
    “ڏس جوش! تون اها توقع نٿو ڪري سگهين ته آئون تنهنجي ڳالهه مڃي، هن هنڌ کي عقوبتي ڪيمپ تسليم ڪري وٺندس. هي سڀ تنهنجو وهم آهي ۽ آئون ان وهم جو بنياد به سمجهڻ کان قاصر آهيان. سيڪورٽي جي نقط نظر سان ملڪ ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي رٿائون مڪمل ٿيڻ جي مرحلي ۾ هونديون.”
    “ڪنهن به رٿا جي نوعيت اهڙي نه هوندي”
    “بهرحال! آئون هن کي عقوبت گهر مڃي نٿو سگهان. هن ملڪ ۾ نه عقوبتي ڪيمپن جي گهرج آهي ۽ نه وري آئنده ڪڏهن هوندي. 1971ع ۾ صدر نڪسن ۽ اٽارني جنرل مچل جي باري ۾ اخبارن اهائي خبر ڇپي هئي ته هو پنهنجن مخالفن کي دٻائڻ جي لاءِ پراڻيون جاپاني ڪيمپون ٻيهر قائم ڪري رهيا آهن. پر اها ڳالهه صحيح ثابت ٿي نه سگهي هئي.”
    “صحيح ثابت نه ٿي سگهي هئي ته غلط به ثابت ٿي نه سگهي هئي.” جوش ٺهه پهه وراڻيو.
    ڪرسٽوفر آڏيءَ اک سان جنگلي جي اندرين پاسي کان ٻن ڄڻن کي مکيه دروازي ڏانهن ايندي ڏٺو.” آئون اجهو ٿو تنهنجي دعويٰ کي غلط ٿو ثابت ڪريان.” ڪرسٽوفر چيس. “تون هتي بيهه.” اهو چئي هو دروازي ڏانهن وڌي ويو. گيٽ ڏانهن ايندڙ ٻنهي همراهن مان هڪ ملٽري يونيفارم ۾ هو. گيٽ تي هنن هٿ ملايو. يونيفارم وارو گيٽ تي ئي موجود رهيو ۽ سويلين لباس وارو ڪنسٽرڪشن سائيڊ طرف موٽي ويو ۽ يونيفارم وارو ڪرسٽوفر کي تيز نظرن سان ڏسڻ لڳو.”
    “تون هتي گارڊ جي حيثيت سان ڪم پيو ڪرين.”
    “هائو!”
    “هي نجي ملڪيت آهي يا سرڪاري؟”
    “سرڪاري ملڪيت آهي سائين! فرمايو آئون اوهان جي ڪهڙي خدمت ڪري سگهان ٿو؟”
    “آئون گورنمنٽ جو ماڻهو آهيان. تون مونکي هيءِ جاءِ ڏيکاري سگهين ٿو؟”
    گارڊ سرسري طور تي ڪرسٽوفر کي ڏٺو ۽ ڪنڌ ڌوڻيندي چيو، “جيڪڏهن اوهين گورنمنٽ جا ماڻهو آهيو ته پوءِ .....” اهو چئي هن مڙي سويلين لباس واري کي سڏ ڪيو. “اي ٽم......” سويلين لباس واري مڙي پويان ڏٺو. “هي صاحب گورنمنٽ جو ماڻهو آهي، بهتر آهي سائين ته توهان هن سان ڳالهايو.” گارڊ ڪرسٽوفر ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
    ٻيو شخص سري گيٽ تائين آيو. “آئون ڪنسٽرڪيشن ڪمپنيءَ جو فورمين آهيان. حڪم ڪريون آئون اوهان جي ڪهڙي خدمت ڪري سگهان ٿو.” هن ڪرسٽوفر کان پڇيو.
    “آئون هن پراجيڪٽ جو جائزو وٺڻ ٿو چاهيان.” ڪرسٽوفر وراڻيو. هن اٽارني جنرل جي حيثيت سان پنهنجو تعارف ڪرائڻ ٿي چاهيو. پر ڪجهه سوچي چيائين. “منهنجو واسطو انصاف واري کاتي سان آهي.”
    “پينٽاگون يا نيوي جي ڪليئرنس کانسواءِ اهو ممڪن ڪونهي.” فور مين وراڻيو. “حقيقت ۾ هي ممنوعه علائقو آهي.”
    “هن جو واسطو نيويءَ سان آهي.”
    “هائو! اها ڪا راز جي ڳالهه نه آهي. هتي آبدوزن سان رابطي جي لاءِ مواصلاتي سسٽم تيار ڪيو پيو وڃي.”
    “هونهه به دراصل آئون ڪافي ڏينهن کان اخبارون پڙهي نه سگهيو آهيان. منهنجو خيال آهي ته مونکي غلط هنڌ تي آندو ويو آهي. بهرحال تڪليف ڏيڻ تي معذرت ٿو وٺان. مهرباني!” اهو چئي ڪرسٽوفر واپس وريو. کيس ڦڪائي به محسوس ٿي رهي هئي ته پنهنجي بيوقوف ٿيڻ جو احساس به. جوش ڪار وٽ سندس اوسئيڙي ۾ بيٺو هو. هن ڪوشش ڪئي ته هو پنهنجي ڪاوڙ کي قابو رکي هن هلڪي ڦلڪي نموني جوش جي سامهون صورتحال جي وضاحت ڪئي. پوءِ چيائين، “هاڻ تون ٽوني هيرس ۽ پنهنجن ٻين ساٿين کي اهو ٻڌائي سگهين ٿو ته هو ڪيڏي وڏي غلط فهميءَ جو شڪار آهن.”
    جوش پنهنجي ڳالهه تي قائم رهيو. “ڇا اوهين اها توقع ڪريو ٿا ته اهو مڃي وٺندا. هي عقوبتي ڪيمپ آهي. هي کوليون.... هي ڪوٺڙيون جيل ڪونهي ته ٻيو ڇا آهي؟”
    “اهو ته تون ٿو چوين نه!؟”
    “نيوي وارن کي هن قسم جي سيٽ اپ جي گهرج نه هوندي آهي.” جوش هن جي ڳالهه ڪٽيندي چيو. هي واچ ٽاور ڇاجي لاءِ؟ هي بجلي واريون تارون ڇاجي لاءِ ..... هي رازداري ڇو؟”
    “هن جو چوڻ آهي ته هي پروجيڪٽ ڪو راز ڪونهي هن بابت اخبارن ۾ گهڻو ڪجهه ڇپجي چڪو آهي.”
    “بابا! آئون اوهان سان شرط هڻڻ جي لاءِ تيار آهيان. اسانجي گڏ ڪيل معلومات تصديق ٿيل هوندي آهي. اوهين جيڪڏهن آمريڪي صدر ۽ ايف بي آئي جي منصوبن بابت ٻڌو ته اوهين حيران ٿي ويندا. اوهانکي استعمال ڪيو پيو وڃي.”
    ڪرسٽوفر ڪار طرف وڌي ويو. “منهنجو خيال آهي ته توکي استعمال ڪيو پيو وڃي. هاڻ اچ! اسانکي واپس سڌريل دنيا ڏانهن واپس هلڻ گهرجي.” هن مڙي پٽ کي للڪاريو.
    واپسي جو سفر خاموشيءَ ۾ گذريو. سڪرامنٽو ايئرپورٽ تان ڪرسٽوفر کي لاس اينجلس جي فلائيٽ ۾ چڙهڻو هو. ڪرسٽوفر مرڪندي جوش جي ڪلهي کي ٿڦڪي ڏني. “ڏس پٽ مونکي توتي فخر آهي ته تون باشعور آهين ۽ هڪ مقصد جي لاءِ جدو جهد پيو ڪرين. پر توکي الزام هڻندي محتاط رهڻ گهرجي. ڪا ڳالهه چوڻ آکڻ کان اڳ سڀئي حقيقتون گڏ ڪرڻ ضروري هونديون آهن.”
    “مون جيڪو ڪجهه چيو آهي اهو پوري پڪ ۽ اطمينان کان پوءِ چيو آهي.”
    پٽ جو ضد چريو ڪرڻ جهڙو هو. ڪرسٽوفر ڏاڍي ڏکيائي مان پنهنجي خوشدلي برقرار رکي. “ٺيڪ آهي پٽ! جيڪڏهن آئون اهو ثابت ڪري ڏيکاريان ته تو مونکي جيڪو ڪجهه ڏيکاريو آئون پاڻ کي غلط آهي پوءِ ته مڃيندي نه!؟”
    جوش جي چپن تي پهريون ڀيرو مرڪ نظر آئي. “اها ڳالهه مناسب آهي بابا، اوهين اهو ثابت ڪري ڏيکاريو، آئون پاڻ کي غلط مڃي وٺندس.”
    “منهنجو واعدو آهي ته آئون اهو ثابت ڪري ڏيکاريندس. هاڻ هلان ٿو. مونکي هڪ اهڙي ميمبر سان ملڻو آهي، جيڪو تنهنجو ساٿاري آهي. پر کيس به پنهنجي ڳالهه ثابت ڪرڻي پوندي.”


    قسط 9

    لاس اينجلس پهچي کيس ايترو وقت مس ملي سگهيو جو هو پنهنجي ٽن ڪمرن واري بنگلي ۾ پنهنجو سامان ڇڏي سگهو. سامان رکي هن “بيورلي هلز” هوٽل جورخ ڪيو. جتي ڏهين بجي اسيمبلي ميمبر اولن ڪيف سان ملاقات طئي ٿيل هئس. هو هوٽل پهتو ته ڏهه لڳي پنج منٽ ٿي چڪا هئا.
    هوٽل جي آپريٽر هن جي فرمائش تي چوٿين ماڙ تي اولن ڪيف جي ڪمري ۾ فون ڪئي، ٻي گهڙي اولن ڪيف ڪرسٽوفر کي مخاطب هو.
    “اوهان ماني کاڌي آهي؟” ڪيف پڇيو.
    “سڄو ڏينهن ٿي ويو آهي. هڪ گروهه به پيٽ ۾ نه وڌو اٿم. ڇا اوهين ان سلسلي ۾ ڪا آڇ پيا ڪريو.” ڪرسٽوفر بي تڪلفيءَ مان پڇيو.
    “هائو! اوهين مٿي هليا اچو، آئون ماني گهرايان ٿو.” ٻي پاسان جواب مليو. “اسين تنهنجي اوسئيڙي ۾ آهيون”.
    “اسين” تي ڪرسٽوفر ڇرڪيو، هو فقط ڪيف سان ملڻ جي لاءِ آيو هو. هاڻ خبر پئي ته اڪيلو ڪونهي. پوءِ ڪرسٽوفر چيو، ٿي سگهي ٿو ته ڪيف جي زال ۽ ٻارڙا به هجن. پر ڪمري ۾ پهچي خبر پيس ته ڪيف کان سواءِ ٻه ٻيا همراهه به ڪمري ۾ موجود آهن. ڪيف جي چپن تي دوستانه مرڪ هئي، هن گرم جوشي سان ۽ جوش سان هٿ ملايو. پوءِ هن پنهنجي ٻنهي ساٿين جو تعارف ڪرايو. اهي ٻئي اسيمبلي ميمبر هئا. هڪ جو نالو ٽوبي ۽ ٻي جو باڪر هو.
    رسمي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ ڪيف چيو، “مونکي اوهانجي ٿڪاوٽ جو احساس آهي، تنهن ڪري وقت نه وڃائيندس ته جيئن جلد ئي اوهانجي جند ڇٽي سگهي.”
    “آئون ٿورائتو رهندس. مون ڏاڍو مصروف ڏينهن گذاريو آهي. هاڻ ٿڪ سبب چري به نٿو سگهان.”
    “ جيڪو ڪجهه چوندس، اهو اوهان سميت ڪمري ۾ موجود سڀني ماڻهن جي لاءِ اهم هوندو.” اولن ڪيف چيو، سينٽر پال هلرڊ، ڪنهن حد تائين اوهانکي ٻڌايو هوندو. پر آئون جيڪو ڪجهه چوندس، اهو منهنجو خيال آهي ته اوهانجون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي نه هوندو.”
    “هائو! پال هلرڊ ڪجهه ٻڌايو ته هو، “ڪرسٽوفر چيو ۽ ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين پر بک ۽ ٿڪاوٽ هن جي دماغ جي ڦرهيءَ تان سڀ ڪجهه ڊاهي ڇڏيو هو.
    “پال مونکي يقين ڏياريو هو ته اوهان سان کلي ڳالهائي سگهجي ٿو.” ڪيف چيو، ڪرسٽوفرهاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو. ڪيف چيس. “مسٽر ڪولنس! اوهين جيڪو ڪجهه ٻڌندا اهو خوشگوار ڪونهي.”
    ڪرسٽوفر جي لاءِ اهو واڌارو غير متوقع هو. “اوهين جيڪو چوڻ ٿا چاهيو، اهو کلي چئو.”
    “آئون اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اسين ٽيئي.... هن پنهنجي ساٿين ڏانهن اشارو ڪري چيو، “اسيمبلي جا گهڻا تڻا ميميبر وات کولڻ کان لنوائين ٿا. ان جو سبب اهي هٿڪنڊا آهن. جيڪي اوهانجو کاتو ڪيليفورنيا ۾ 35هين ترميم منظور ڪرائڻ جي لاءِ اختيار ڪري رهيو آهي.”
    “ڪهڙا هٿڪنڊا؟” ڪرسٽوفر پڇيو. “مون اڃا تائين ڪنهن به اسيمبلي ميمبر تي ڪو به دٻاءَ نه وڌو آهي. اوهانکي منهنجي ڳالهه تي يقين ڪرڻ گهرجي.”
    “ٿي سگهي ٿو اوهانکي خبر نه هجي.” ٽوبيءَ مداخلت ڪئي. “پر اوهانجي کاتي جو ڪو فرد اسيمبلي جي ميمبرن کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.”
    “مون چيو ته مونکي اهڙي ڪنهن به ڳالهه جي خبر ڪونهي. هونئن به مبهم الزامن مان ڪهڙو فائدو. اوهانکي جيڪو ڪجهه چوڻو آهي اهو کلي ڪري چئو.” ڪرسٽوفر جو لهجو خراب ٿي ويو.
    ڪيف پنهنجي ساٿين ڏانهن تائيد طلب نظرن سان ڏٺو ۽ چيو.
    “ٺيڪ آهي، هاڻ اسين کلي ڳالهايون ٿا. شروعات اوهانجي ڏوهن جي انگن اکرن واري رپورٽ کان ٿا ڪريون. ايف بي آئي حقيقي انگن اکرن کي وڌائي چڙهائي پئي پيش ڪري ته جيئن ڪيليفورنيا جا ماڻهو ۽ اسميبلي ميميبر ڏوهن جي وڌندڙ رجحان کان ڊڄي 35هين ترميم کي قبول ڪري وٺن. آئون هيستائين چوڏهن پوليس چيفس سان ڳالهائي چڪو آهيان. هو سڀ حيران آهن ته ايف بي آءِ انگ اکر وڌائي چڙهائي ڇو پئي پيش ڪري. ايئن هو سندن ساک خراب پئي ڪري.”
    ڪرسٽوفر کي، ڪيف جي لهجي ڪنبائي ڇڏيو. “اهو بي حد سخت الزام آهي.” هن ڪنڌ ڌوڻيندي چيو. “اوهان وٽ انهن پوليس چيفس جو لکت ۾ بيان آهي؟”
    “ڪونهي، هو ان حد تائين وڃڻ جي لاءِ تيار ڪونهن. هو ايف بي آئي سان مهاڏو اٽڪائڻ نٿا گهرن. هنن مون سان اها ڳالهه اڳواٽ ئي ڪئي ته کين پنهنجو پاڻ کي ائين نااهل ثابت ڪرڻ سٺو نه لڳو، پر هو ايف بي آئي جي خلاف وڃڻ نٿا چاهين. نه مسٽر ڪولنس! لکت ۾ بيان ملڻ ممڪن ڪونهي. اوهانکي اسانتي ڀروسو ڪرڻو پوندو. جيئن اسان اوهان تي ڪيو آهي.”
    “آئون ڀروسو ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيان. پر ڊائريڪٽر ٿامسن اها ڳالهه نه مڃيندو. اوهين منهنجي پوزيشن سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو. بنا ڪنهن ثبوت جي آئون ٿامسن ۽ هن جي سڄي کاتي کي للڪاري نٿو سگهان.”
    “آئون لکت ۾ بيان وٺڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري چڪو آهيان.” ڪيف چيو. “اهو ناممڪن آهي.”
    “ٿي سگهي ٿو ته منهنجي ڪوشش ڪامياب وڃي. آئون بهرحال اٽارني جنرل آهيان، اوهين مونکي هنن جا نالا ڏيو، آئون پاڻ سان ڳالهائيندس.” ڪرسٽوفر چيو.
    “هيئنر ئي وٺو!” ڪيف پنهنجو بريف ڪيس کوليو. ان گهڙي دروازي تي ٺڪ ٺڪ ٿي ويٽر ڪرسٽوفر جي لاءِ ماني کڻي آيو هو. ڪرسٽوفر جي بک ختم ٿي چڪي هئي. پر پوءِ به وڌيڪ ڪمزوري کان بچڻ جي لاءِ ٻه ٽي گرهه کڻڻ مناسب سمجهيائين. ڪيف بريف ڪيس مان نوٽ بوڪ ڪڍيو ۽ ان مان ٽي صفا ڦاڙي ڪرسٽوفر ڏانهن وڌايائين “هي انهن جا نالا، فون نمبر ۽ ايڊريسون آهن. منهنجو خيال آهي ته هو لکت ۾ بيان اوهانکي به نه ڏيندا. بهرحال، آئون اوهانجي ڪاميابيءَ لاءِ دعاگو آهيان.”
    “آئون ڪوشش ڪندس.” ڪرسٽوفر گرهه کڻندي چيو.
    “مسئلو هي آهي ته اوهانجي کاتي جا ڪجهه ماڻهو ڪيلفورنيا ۾ دهشت پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هنن اهو پڪو پهه ڪري ورتو آهي ته هو 35هين ترميم ضرور اسانجي نڙيءَ کان هيٺ لاهيندا. پوءِ ڀلي کين شرافت ۽ ديانت جو خون ڇو نه ڪرڻو پوي.” ڪرسٽوفر ڇرڪيو. پر ڪيف پنهنجي ڳالهه جاري رکي. “هاڻ اوهانکي جيڪو ڪجهه ٻڌائڻ وارو آهيان، اها بي حد مڪروهه پر سچي حقيقت آهي. ڳالهه فقط انگن اکرن ۾ گڙ ٻر ڪرڻ تائين ڪونهي. هو اسانجي زندگيءَ ۾ گڙ ٻڙ ڪري رهيا آهن. هو اسانجي لاءِ بحران پيدا ڪري رهيا آهن.”
    ڪرسٽوفر پاڻ سنڀاليو. “اوهانجو مطلب ڇا آهي؟”
    “ايف بي آئي وارا اسانکي بليڪ ميل ڪرڻ کان به نٿا مڙن.”
    لفظ “بليڪ ميل”ڪرسٽوفر کي ڏڪائي ڇڏيو. کيس فادر ڊوسڪي سان پنهنجي ملاقات ياد اچي وئي. هن به اهائي شڪايت ڪئي هئي. هاڻ ڪيليفورنيا اسيمبلي جا ميمبر به اهو ئي چئي رهيا آهن.
    “هو ڏاڍي هوشياري ۽ چالاڪيءَ سان بليڪ ميل ڪري رهيا آهن، هنن جي نشاني تي اهي اسيمبلي ميمبر آهن، جيڪي 35هين ترميم جي سلسلي ۾ ٻڌتر جو شڪار آهن، ۽ اڃا تائين فيصلو ڪري نه سگهيا آهن ۽ جيڪي سولو نشانو آهن.”
    “سولو نشانو؟”
    “هائو! اهڙا ميمبر جن جي زندگي کليل ڪتاب نه آهي ۽ جيڪي ان کي کليل ڪتاب بنائڻ به نه ٿا چاهين. هو ويچارا نه احتجاج ڪن ٿا ۽ نه وري ڪو فرياد، بار ڪر ۽ ٽوبي جو مثال اوهانجي سامهون آهي. هي ايف بي آئي تي ڪو الزام به ناهي، فقط ان ڪري ته بليڪ ميلنگ چٽي ڪونهي. اسين ان سلسلي ۾ شڪايت ڪريون ته اها ثابت نٿا ڪري سگهون.” ٽوبي چيو.
    “هائو! منهنجا هي ٻئي ساٿي سرڪاري طور تي احتجاج ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه آهن. ان ڪري ذاتي طور تي اوهان سان احتجاج ڪري رهيا آهن. پهرين ته هي ڊنل هئا، هنن جي خيال ۾ اوهين به ان راند ۾ شريڪ ٿي سگهو ٿا. پر سينٽر پال هلرڊ مونکي اوهانجي باري ۾ يقين ڏياريو هو. منهنجي پڪ ڏيارڻ تي هن کي ايتري همت ٿي آهي.”
    ڪرسٽوفر پاڪيٽ مان سگريٽ ڪڍيو، هن جا هٿ ڏڪي رهيا هئا. کيس ان ڳالهه تي ڪابه مٺيان نه لڳي. ان ڏينهن هڪ ٻئي جي پويان ڪيترن ئي ذهني جهٽڪن سان واسطو پيو هئس. هن سگريٽ دکايو ۽ چيو. “آئون اهو سمجهي نه پيو سگهان ته منهنجي بي خبريءَ ۾ منهنجي کاتي ۾ ڇا پيو ٿئي.”
    هن ڀيري، بارڪ وراڻيو، “آئون اوهانکي تفصيل ٻڌايان ٿو مسٽر ڪولنس! ڪنهن زماني ۾ آئون شراب جو عادي رهيو هئس. پوءِ سيني ٽوريم ۾ ان عادت کان جند ڇڏائڻ جي لاءِ داخل ٿيو هئس. اها اٺ سال اڳ جي ڳالهه آهي جتان آئون چاڪ چڱو ڀلو ٿي نڪتس ۽ اڄ سوڌي ان لعنت کان محفوظ آهيان. اها ڳالهه منهنجي گهر واريءَ کانسواءِ ٻيو ڪنهن کي خبر ڪونهي. هڪ هفتو اڳ نيوٽن ۽ بارڪ هل نالي ٻه ايف بي آئي جا ايجنٽ سڪرامنٽو ۾، منهنجي آفيس ۾ آيا، هنن هڪ انڪوائري جي سلسلي ۾ مون کان مدد گهري، هنن چٽو ڪيو ته اهو هڪ ڏکيو ڪيس آهي. 35هين ترميم جي منظوري کانپوءِ ته ان قسم جي جاچ ۾ سهولت ٿي پوندي. پر في الحال کين وک وک سنڀالي کڻڻي پئي پوي. هنن سيني ٽوريم جو حوالو ڏيئي ٻڌايو ته هو ڪيلفورنيا اسيمبلي جي هڪ ميمبر جي باري ۾ جاچ پيا ڪن. جيڪو ڪنهن زماني ۾ شراب جو عادي رهيو هو. هنن مون کان سيني ٽوريم جي پروپرائيٽر جي باري ۾ سوال پڇيا.” بارڪر بي يقينيءَ مان ناڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي چيو. “هنن مونکي فقط ٻڌائڻ ٿي چاهيو ته اسيمبلي ميمبر جي عزت هاڻ هنن جي رحم ۽ ڪرم تي آهي. منهنجو راز هنن جي هٿن ۾ هو. سچ پڇو ته منهنجي طبيعت بگڙڻ لڳي هئي.”
    طبيعت ته ڪرسٽوفر جي به بگڙي رهي هئي، “اوهان انهن کي ڪهڙو جواب ڏنو!؟”
    “آئون ڇاٿي چئي سگهيس. مون مڃيو ته آئون ئي مذڪوره سيني ٽوريم ۾ رهي چڪو آهيان. آئون ان فرضي ڪيس ۾ هر ممڪن طريقي سان هنن جو هٿ ونڊائيندو رهيس. مون کانئن پڇيو ته ڇا هو پنهنجي معلومات کي راز ۾ رکندا. هنن وراڻيو، ان سلسلي ۾ اسانجي ڊائريڪٽر سان ڳالهايو، ڇو ته اوهانکي شاهديءَ جي سلسلي ۾ عدالت ۾ به گهرائي سگهجي ٿو. پوءِ هو هليا ويا. مون ڊائريڪٽر ٿامسن سان فون تي ڳالهايو. هن فقط ايترو چيو ته 35هين ترميم ملڪ ۽ قوم جي حق ۾ سٺي آهي، ايئن پيغام مڪمل ٿي ويو. هاڻ آئون ڪنهن جي اڳيان دانهيان.”
    “هاڻ اوهين ڇا ڪندا؟”
    “آئون وڏي جدو جهد کانپوءِ هن هنڌ تي پهتو آهيان. آئون جنهن تڪ مان چونڊيو ويو آهيان. اتي شرابي نمائندي کي سٺي نظر سان نٿو ڏٺو وڃي. آئون ڇا ٿو ڪري سگهان. 35هين ترميم جي حق ۾ ئي ووٽ ڏيندس.”
    “اوهانکي يقين آهي ته اها انڪوائري هٿ ٺوڪي هئي، اصل مقصد فقط اوهانکي ڊيڄارڻ هو.”
    “منهنجي جاءِ تي پاڻ کي رکي ڏسو ۽ پوءِ ڪو فيصلو ڪريو،. آئون ڪو به خطرو کڻڻ جي پوزيشن ۾ نه آهيان.”
    “منهنجو به اهوئي حال آهي.” ٽوبيءَ چيو.
    “يعني! اوهان سان به اهو ئي ڪجهه ٿيو آهي.” ڪرسٽوفر پڇيو.
    “لڳ ڀڳ اهڙو ئي !” ٽوبي وراڻيو، “فرق رڳو ايترو آهي ته هون مون وٽ نه آيا، پر منهنجي گرل فرينڊ سان مليا. آئون اهل ۽ عيال وارو آهيان ۽ بظاهر پرسڪون گهرو زندگي گذاري رهيو آهيان. پر حقيقت اها آهي ته زال سان منهنجا اختلاف ڪافي پراڻا آهن. فقط ٻارڙن جي ڪري اسان ڌار ٿيڻ کان پاسو ڪيو آهي. ان جا فائدا به آهن. منهنجي ڪري منهنجي زال کي سوشل لائف ملي رهي آهي ۽ اسڪينڊل نه بنجڻ جي ڪري منهنجو ڪيريئر محفوظ هو. ان سڄي عرصي ۾ منهنجا هڪ عورت سان لاڳاپا رهيا. مون کيس ڌار فليٽ به وٺي ڏنو هو. گذريل هفتي ايف بي آئي جا ٻه ايجنٽ ان فليٽ تي منهنجي گرل فرينڊ سان ملڻ جي لاءِ پهچي ويا. هوءَ ڊڄي پئي، پر هنن جي ساڻس رويو شريفاڻو هو. ڪجهه دير ته هو هتان هتان جو ڳالهيون ڪندا رهيا. هنن 35هين ترميم جي سلسلي ۾ به هن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پوءِ هوريان هوريان هنن رخ بدلايو. هتي اهو به ٻڌائي ڇڏيان ته ڪجهه وقت اڳ آئون سرڪاري ٺيڪن بابت هڪ ڪميٽي ۾ هئس. ايف بي آئي وارن منهنجي گرل فرينڊ کي چيو ته هو ڪيمٽي جي هڪ ميمبر جي خلاف جاچ ڪري رهيا آهن. هنن کائنس پڇيو ته ڇا آئون سرڪاري ٺيڪن بابت ساڻس ڪا ڳالهه ٻولهه ته نه ڪندو هئس. هن جو جواب ناڪار ۾ هو. بلڪه منهنجي گرل فرينڊ کين چيو هو ته هوءَ مونکي چڱي طرح سڃاڻي نه نٿي. پر هو اسان جي لاڳاپن جي تفصيلن کان مڪمل واقف هئا. هنن وڃڻ مهل دڙڪو ڏنو ته منهنجي گرل فرينڊ کي حلفيه بيان جي سلسلي ۾ عدالت ۾ به گهرائي سگهجي ٿو.”
    ڪرسٽوفر هڪ ڊگهو ساهه کنيو ۽ چيو. “مونکي يقين نه پيو اچي!”
    “پر مونکي يقين آهي.” ٽوبيءَ چيو. “پر آئون اهو ثابت نٿو ڪري سگهان ته اهو سڀ ڪجهه سوچيل سمجهيل رٿا تحت مونکي جهڪائڻ جي لاءِ ڪيو ويو آهي. پر پنهنجي زال ۽ گرل فرينڊ، ٻنهي کي تحفظ ڏيڻ منهنجي ذميداري آهي. مونکي پنهنجي ڪيرئر جو به خيال رکڻو آهي. تنهن ڪري مون ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. مونکي ان ترميم کان نفرت آهي. پر ايوان ۾ آئون وڏي واڪي ان جي حمايت جو اعلان ڪندس.... اوهين منهنجي ڳالهه سمجهو پيا نه مسٽر ڪولنس؟”
    ڪرسٽوفر ڪولنس ششدر ٿيو ويٺو هو، کيس پنهنجي طبيعت خراب ٿيندي محسوس ٿي. “ڇا اسيمبليءَ جي ٻين ميمبرن سان به ايئن ٿيو آهي؟” هن پڇيو.
    “مونکي خبر ڪونهي،. نجي نوعيت جي معاملن ۾ ڪير به هڪ ٻئي سان نه ٿو ڳالهائي؟” ٽوبيءَ چيو.
    ڪرسٽوفر اولن ڪيف ڏانهن ڌيان ڌريو. “۽ تنهنجي پوزيشن ڪهڙي آهي.”
    “مون وٽ ڪير به نه آيو آهي، کيس خبر آهي ته آئون ڪنهن به قسم جو دٻاءُ قبول نه ڪندس. هو مونکي بليڪ ميل نٿا ڪري سگهن.” اولن ڪيف چيو. “ ۽ اهي جن ماڻهن جو اوهين ذڪر پيا ڪريو، اهي ڪير آهن!؟”
    “مونکي خبر ڪونهي.”
    “مونکي به خبر ڪونهي. بس ايترو چئي سگهان ٿو ته منهنجي آفيس ان معاملي ۾ ملوث ڪونهي.” ڪرسٽوفر وراڻيو. “جيڪڏهن اها مهم ايڏي وڏي پئماني تي هلائي پئي وڃي ته ان جي پويان آمريڪي صدر کان وٺي ايف بي آءِ جي ڊائريڪٽر تائين، ڪير به ٿي سگهي ٿو.”
    “اوهين ان سلسلي ۾ ڪجهه ڪري سگهو ٿا.” اولن ڪيف پڇيو.
    ڪرسٽوفر اٿي کڙو ٿيو، “يقين سان ڪجهه چئي نٿو سگهان، اصل ۾ پاڻ وٽ نه ته بليڪ ميلنگ جا ڪي ثبوت آهن ۽ نه ئي وري انگن اکرن ۾ گڙ ٻڙ جو ڪو ثبوت. ٿي سگهي ٿو ته واسطيدار انڪوائريون حقيقي هجن.”
    “اوهين انهيءَ جو فيصلو ڪيئن ڪندا؟”
    “جاچ ڪرڻ کان پوءِ.” ڪرسٽوفر وراڻيو.

    ڪرسٽوفر هيٺ پهتو ته جوش جو پيغام هن جي اوسيئڙي ۾ هو. جوش لکيو هئس ته اسان گذريل هڪ سال جون اخبارون جانچيون آهن، نيول ڍنڍ پراجيڪٽ جي باري ۾ اڄ سوڌي ڪابه خبر نه ڇپي آهي. هاڻ اوهانجو ڪهڙو خيال آهي. پني جو چوٿائي پڙهي ڪرسٽوفر کي ياد آيو ته هن پنهنجي پٽ سان ان پراجيڪٽ بابت تصديق ڪرڻ جي لاءِ واعدو ڪيو هو. پر هتي ته رڳو مسئلا ئي مسئلا هئا،. نيول ڍنڍ جو پراجيڪٽ، ڏوهن جا ڪوڙا انگ اکر ۽ هاڻ ايف بي آئي جي بليڪ ميلنگ، آر دستاويز جو حصول، کيس هر ڪم ترتيب سان ڪرڻو هو.
    هن ويجهي ٽيليفون بوٿ تان ڊپٽي اٽارني جنرل ايڊشيروڊ جو نمبر ملايو. کيس خبر هئي ته هو ايڊ جي ننڊ خراب ڪري رهيو آهي. ورجينا ۾ ان مهل صبح جا ٽي ٿي رهيا هوندا.
    ٻي پاسي کان ننڊ ۾ ٻڏل آواز آيو. “ڪير آهي ڀائو، سوري!”
    رانگ نمبر، لهجي ۾ بيزاري هئي.
    “رانگ نمبر ڪونهي آئون ڪرس پيو ڳالهايان. فون متان رکين. مونکي ڪجهه معلومات گهربل آهي. صبح ٿيڻ کان اڳ توکي اهو ڪم ڪرڻو آهي. پينسل کڻ!” پوءِ هن ايڊ کي نيول ڍنڍ جي نيول پراجيڪٽ جي باري ۾ تفصيل سان ٻڌايو، جيڪو اتر ڪيليفورنيا ۾ تياري هيٺ هو. ان جي باري ۾ جيڪا معلومات گڏ ڪري سگهين، سا گڏ ڪر.” هن چيس، “آئون سوا ٻارنهن بجي تائين انتظار ڪندس، هاڻ سمهي پئو.”
    بوٿ مان ٻاهر اچي هو باڊي گارڊ سان گڏ پنهنجي بنگلي ۾ آيو. باڊي گارڊ کان موڪلائي هو اندر گهڙيو، ٿڪاوٽ سبب سنڌ سنڌ ۾ سور هئس، اسيمبلي جي ٽن ميمبرن سان ملاقات هن جي ذهن تي ڌار بار بڻجي پئي هئي. هو انهن ڳالهين تي ويچار ڪندو رهيو. اهو ممڪن نه ته هو، جو هنن ڪهاڻيون گهڙي ٻڌايون هجن. انهن سان کيس ڪو فائدو پهچي نه ٿي سگهيو. پر بهرحال ڪو ثبوت نه هو.
    هن ڪپڙا لاٿا ۽ ڪمري جو بلب کولڻ کانسواءِ ئي باٿ روم ۾ هليو ويو. لائٽ کولي هو وهنجيو. آرسيءَ ۾ پنهنجي چهري جو عڪس ڏسي کيس ڪابه حيرت نه ٿي. ڪپڙا پائڻ جي لاءِ مڙيو ته حيران ٿي ويو. ٽنگڻي تان هن جا رات وارا ڪپڙا غائب هئا. هن سوچيو ٿي سگهي ٿو نوڪرياڻي رات جو پائڻ وارا ڪپڙا بستري تي رکي ڇڏيا هجن. باٿ روم جي بتي بند ڪري هو ٻاهر نڪتو ۽ هٿوراڙيون ڏيندو استري طرف وڌيو. ٻاهرين بيٺڪ جي بند دروازي مان روشنيءَ جي ليڪ ڪمري ۾ اچي رهي آهي. ان جي هلڪي روشنيءَ ۾ کيس پنهنجا ڪپڙا هنڌ تي پيل نظر آيا. هن جي تابيءَ مان هٿ ڪپڙن ڏانهن وڌايو هن جلدي ڪپڙا پائي سمهڻ ٿي چاهيو. اوچتو هڪ نرم هٿ هن جي جسم کي ڇهيو. هن کان هلڪي رڙ نڪري وئي. دل ڄڻ ڌڙڪڻ لڳيس. “ڪير آهي...... “ڪ.... ڪ ڪير آهي؟” هن گهٻرائيندي پڇيو.
    “آئون آهيان منهنجا مٺا!” هڪ زناني آواز چيو، “بستري تي هليو اچ نه!”
    هن ڀٽڪندڙ زناني هٿ کي پاسي جهٽڪيو ۽ بي تابيءَ کان سوئچ ڳولهڻ لڳو. نيٺ هيڊ ليمپ روشن ٿي ويو. هلڪي روشنيءَ ۾ هو سچ پچ ته ان ڇوڪريءَ کي ڏسي حيران ٿي ويو.
    “منهنجو نالو ڪيٽي آهي. مون سمجهيوته تون واپس ئي نه ايندين.” ڇوريءَ وڏي ناز مان چيو.
    “ڪير آهين، آئون توکي ته نٿو سڃاڻان.” ڪرسٽوفر سخت لجهي ۾ چيو.
    “بنگلي جو نمبر ته صحيح آهي...... مونکي ٻڌايو ويو هو ته هتي مسٽر ڪولنس ملندو.”
    ڪرسٽوفر چڪرائجي ويو، گويا ڳالهه غلط فهمي جي نه هئي. “اهو ڪهڙو مذاق آهي.” توکي هتي اچڻ جي لاءِ ڪنهن چيو. هن سخت لهجي ۾ چيو.
    “آئون تنهنجي دوست جو تحفو آهيان.” ڇوڪري نخرا ڪندي چيو.
    “ڪهڙو دوست!؟”
    “اهو ته تون ئي ٻڌائي هن مونکي پنهنجو نالو نه ٻڌايو آهي. ادائيگي روڪڙي ٿي آهي. هن مونکي چيو ته هو توکي سرپرائيز ڏيڻ ٿو چاهي. هاڻ اچ به کڻي.”
    تون هينئر ئي ........ڀڄ هتان ........ نڪر ٻاهر. آئون اهڙو واهيات مذاق سهڻ جو عادي نه آهيان.” ڪرسٽوفر رڙ ڪري چيو ۽ ڇوڪريءَ کي دروزاي ڏانهن ڌڪڻ لڳو.
    “مون سان اڳ ڪنهن به ڪنهن ائين نه ڪيو آهي.” ڇوڪري روئڻهارڪي ٿي ويئي.
    “پر آئون ڪريان پيو تنهنجي چڱائي ان ۾ ئي آهي ته شرافت سان هتان نڪري وڃ!”
    ڇوڪريءَ مزاحمت نه پي ڪئي. پر هن چپن تي جبري مرڪ آڻيندي چيو. “تنهنجي دوست چيو هو ته پهرين تنهنجو اهو ئي رد عمل هوندو پر ڪجهه گهڙين کانپوءِ راضي ٿي ويندين.”
    ڪرسٽوفر صفا سڙي ويو. “هرگز راضي نه ٿيندس. تون نڪر هتان.”
    هو ڇوڪريءَ کي ڌڪيندو، ٻاهرين بيٺڪ تائين آيو. پوءِ ٻاهرين دروازي تي پهچي هن معذرت ڪئي. “اها غلط فهمي هئي، جنهن جو افسوس اٿم.”
    “منهنجو ڪو به نقصان نه ٿيو آهي. پر منهنجو خيال آهي ته تون رڳو نالي ۾ مرد آهين.” ڇوڪريءَ کيس تاءَ ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ڪرسٽوفر خاموشيءَ سان دروازو کوليو. ڇوڪري ٻاهر نڪتي. ڪرسٽوفر کي اوچتو ڀت وٽ هڪ چر پر ڪندڙ پاڇو نظر آيو. ٻي گهڙي هن پاڇي جي هٿ ۾ ڪئميرا ڏٺي. ڪرسٽوفر تيزيءَ سان پٽ تي ويهي رهيو. ان گهڙيءَ فليش لڳي. ڪرسٽوفر ڪئميرا جي رينج کان ٻاهر هو. پوءِ هن دروازو بند ڪري ڪنڊي ڏني. هو بيڊ روم ۾ واپس آيو ته هن جا هٿ ڏڪي رهيا هئا.
    هو حيران ۽ پريشان سوچي رهيو هو ته ڪهڙو نه عجيب ڏينهن هو ۽ ان ڏينهن جي پڄاڻي ڪيڏي نه عجيب انداز سان ٿي هئي. کيس احساس ٿيو ته ڪجهه گهڙيون اڳ جيڪو ڪجهه ٿيو هو، اهو ڪو دوستاڻو مذاق نه هو. اهو ته سوچيل سمجهيل منصوبو هو. کيس مزاج جي ابتڙ ڳالهين تي ٺاهه ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ جي ڪوشش هئي. سوال اهو هو ته ڪوشش ڪرڻ وارو ڪير هو؟ ترميم جو خالق؟ پر هو ائين ڇو پيو ڪري. جڏهن ته هو سندن ساٿاري هو. ترميم جا مخالف اها حرڪت ڪري نٿا سگهن ۽ نه ئي وري انهيءَ مان کين ڪو فائدو رسڻ جو امڪان هو. پوءِ چڪر ڪهڙو هو؟.
    ان ذهني انتشار جي باوجود به هو هنڌ تي ليٽڻ شرط سمهي پيو، سڄي ڏينهن جي ٿڪاوٽ جو هئي.


    قسط 10

    صبح جو هو دير سان اٿيو، ننڊ به سٺي نه ڪئي هئائين. ناشتي کانپوءِ هن ڪجهه ملاقاتين ۽ هڪ انٽرويو جي خواهشمند عورت صحافڻ سان مليو. انٽرويو جي دوران هو 35هين ترميم جي کليل حمايت ڪرڻ کان پاسو ڪندو رهيو. ان کانپوءِ مقامي پوليس چيفس جا فون نمبر کڻي ويٺو. پر ٽي ڪالون ڪرڻ کانپوءِ کيس وڌيڪ فونون ڪرڻ جي همٿ ئي نه ٿي. پوليس چيفس کي جيئن ئي خبر پئي ته اٽارني جنرل ساڻن مخاطب آهي ته هو بي حد محتاط ٿي ويا. ٽن مان فقط هڪ ڄڻي اهو مڃيو ته انگن اکرن ۾ ٿوري تبديلي ٿي رهي آهي. پر هن اهو به چيو ته شايد اها ڪمپيوٽر جي غلطي هجي. ٽنهي کي ايف بي آئي کان ڪابه شڪايت نه هئي. هنن جو چوڻ هو ته اولن ڪيف کي ٻڌڻ ۾ غلطي ٿي هوندي.
    هاڻ هن وٽ هڪ ٻيو به کوج هو. يعني ايف بي آئي جي انهن ايجنٽن جا نالا، جن انڪوائري جي بهاني اسيمبلي ميمبرن کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ڪرسٽوفر سوچيو، هيري ايڊورڊ يا ورنن ٿامسن سان ڳالهايو وڃي. پر صورتحال کي نظر ۾ رکندي کيس اهو مناسب نه لڳو. تنهنڪري هن پنهنجي سيڪريٽري ماريان کي فون ڪئي.
    “ماريان، ٽي نالا لک، نيوٽن، پارڪ هل ۽ هارورڊ... اهي ٽيئي ايف بي آئي جا اسپيشل ايجنٽ آهن. خبر وٺ ته اهي ٽيئي اڄ ڪلهه ڪيليفورنيا ۾ ٻن ڪيسن جي سلسلي ۾ جاچ ڪري رهيا آهن يا نه... اهو معلوم ڪري فون تي مون کي ٻڌاءِ.”
    رسيور رکي هو ڪمري ۾ هلڻ لڳو ۽ پنهنجي تقرير جو تنقيدي جائزو وٺندو رهيو. جيڪا کيس بار ايسوسيئيشن جي ڪنوينشن ۾ ڪرڻي هئي. پندرهن منٽن کانپوءِ گهنٽي وڳي. ٻي طرف ماريان هئي. “مسٽر ڪولنس! عجيب جهڙي ڳالهه آهي ته ايف بي آئي ۾ اوهانجي جي ڏنل نالن وارا ايجنٽ ئي ڪونهن..... سڄي ملڪ ۾ ڪٿي به نه.”
    ڪرسٽوفر وڌيڪ چڪرائجي ويو. نالن ۾ غلطي جو امڪان نه هو. ٻي طرف اسيمبيلي ميمبر بنا سڃاڻپ ڪارڊ جي ٽنهي کي ايف بي آءِ جو ايجنٽ به نه مڃيو هوندو. ان مان فقط هڪ ڳالهه ثابت ٿي ته ايف بي آئي ۾ ڪجهه ايجنٽ اهڙا به آهن. جن جا نالا ريڪارڊ ۾ موجود ڪونهن ۽ اهڙا ايجنٽ اسيمبلي ميمبر کي ڊيڄاري رهيا آهن.
    شڪ جا پاڇا اڃا به گهرا ٿيندا ويا. فادر ڊوسڪي جو بليڪ ميلنگ ڪيس اڳ ۾ ئي موجود هو، هو سوچڻ تي مجبور ٿي پيو ته 35هين ترميم جي منظوري کان اڳ ايف بي آئي جو اهو حال آهي ته ترميم جي منظوريءَ کانپوءِ ڪهڙا حال ٿيندا. کيس ان ڳالهه تي ڪاوڙ به هئي ته اٽارني جنرل هئڻ جي باوجود کيس انهن ڳالهين کان بي خبر رکيو پي ويو.
    هاڻ کيس ٽي وي پروگرام جي تياري ڪرڻي هئي. هو ڪپڙا پائي واندو ٿيو ته فون جي گهنٽي وڳي. هن ڀيري ڊپٽي اٽارني جنرل ايڊشيروڊ هڪ ٻي ڪهاڻي ٻڌائي رهيو هو. “ڪرس! مون پينٽاگون وارن سان ڳالهايو آهي..... تنهنجي ٻڌايل پروجيڪٽ جو نيوي وارن سان ڪو به واسطو ڪونهي. هت اهڙو ڪو پروجيڪٽ زير تعمير ڪو نه اٿن.”
    ڪرسٽوفر کي پنهنجي ڪنن تي يقين ئي نه پي آيو. “ڇا پيو چوين! اڏاوتي ڪمپني جي فورمين اها ڳالهه پاڻ ئي مونکي..... خير لعنت وجهين. مون پاڻ ڏٺو آهي... اتي ڪجهه نه ڪجهه ٺهي ضرور پيو. مهرباني ايڊ!”
    رسيور رکڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو هن دل ئي دل ۾ اعتراف ڪيو ته هن جي پٽ جي دعويٰ درست به ٿي سگهي ٿي. نه رڳو اهو پر اولن ڪيف ٽوني ۽ بارڪر به صحيح چئي رهيا هوندا.
    اسٽوڊيو ويندي هو انهيءَ مونجهاري ۾ ڦاٿل هو، آر دستاويز، جنهن کي ڪرنل بيڪسٽر مرڻ مهل خطرناڪ ٽرڪ قرار ڏني هئي ۽ ان کي بي نقاب ڪرڻ جي گذارش ڪئي هئي. ڪيلفورنيا ۾ ڏوهن کي وڌائي چڙهائي پيش ڪيو پي ويو. نيول ڍنڍ جي علائقي ۾ هڪ عقوبتي ڪئمپ اڏجي رهي هئي. گذريل رات هڪ فوٽو گرافر هڪ بازاري رن سان گڏ هن جي تصوير ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ۽ اها ڳالهه ته ٻڌل سڌل نه هئي، پر هن جي مٿان گذري هئي. هن جي ڪهاڻي جو هڪ حصو هئي.
    هو پنهنجي آسپاس کان، آسپاس جي ماڻهن کان، 35هين ترميم جي حامين کان ۽ خود ترميم کان ڊپ محسوس ڪري رهيو هو. ڊپ ۽ بي اعتباري اهڙي حالت ۾ هو ٽي وي تي قوم جي سامهون 35هين ترميم جي حامين کان ۽ خود ترميم کان ڊپ محسوس ڪري رهيو هو. ڊپ ۽ بي اعتباري. اهڙي حالت ۾ هو ٽي وي تي قوم جي سامهون 35هين ترميم جي حمايت ڪيئن ٿي ڪري سگهيو. اهو تصور هن جي لاءِ روح رنجائيندڙ هو. پر هاڻ واپسيءَ جي گنجائش نه هئي. هو اسٽوڊيو پهچي چڪو هو.


    ميڪ اپ جي مرحلي مان لنگهي هو اسٽيج تي پهتو. جتي هن جو مد مقابل ٽوني هيرس اڳ ۾ ئي موجود هو. هو اڃا به سوچن جي گهيري ۾ هو. هو هتي ان بم جي حمايت ڪرڻ آيو هو، جيڪو بنيادي انساني حقن کي ليڙون ليڙون ڪرڻ وارو هو. صدر گلبرٽ ۽ ورنن ٿامسن جهڙن آزادي دشمنن جو ساٿاري هو. ڇو؟ ڪيئن؟ هو هن مقام تائين ڪيئن پهتو؟ ڪيئن؟ ڪيئن؟ لعنت هجي! هر سوال جو جواب ته موجود هو. هو اڳيان وڌڻ جي حوس ۾ هن حال تي پهتو. ڪاميابي ۽ ڪامراني جي جوف هن جي آڱر کي جلهي هن هنڌ تي پهچايو هو.
    هن ٽوني هيرس کي ڏٺو. هو ڪڏهن به ٽوني هيرس سان نه مليو هو. پر تصويرن جي حوالي سان کيس سڃاڻڻ ۾ ڪابه تڪليف نه ٿي. ٽوني سان ملي کيس وڌيڪ مايوسي ٿي. ڪاش! هو بدمعاش هجي ها. پر هو بدمعاش نه هو. هن جي شخصيت دل لڀائيندڙ هئي. هو خوش لباس، خوش گفتار ۽ خوش اخلاق هو. هو ته هيرو هو،. ڪرسٽوفر جي دل ٻڏڻ لڳي. کيس بدمعاش جي گهرج هئي. هڪ اهڙي شخص جي گهرج هئي، جنهن کي پهرين ئي نظر ۾ دشمن سمجهي سگهجي. پر هتي جيڪڏهن ڪو دشمن هو ڪو بدمعاش هو ته هو پاڻ هو.
    “نيٺ اوهان سان ملاقات ٿي وئي. مسٽر ڪولنس ۽ مونکي اوهان سان ملي خوشي ٿي آهي.” ٽوني هيرس گرمجوشيءَ مان چيو. “اوهانجو پٽ جوش ڏاڍو لائق ڇوڪرو آهي. هو اوهان بابت اسانکي ٻڌائيندو رهندو آهي.”
    “مونکي به خوشي ٿي آهي مسٽر هيرس، جوش اوهانجو ذڪر ڏاڍي احترام سان ڪندو آهي.” ڪرسٽوفر مئل لهجي ۾ چيو.
    “جينٽلمين!” ڪمپيئر مداخلت ڪئي. “وقت بنهه گهٽ آهي. ٻن منٽن کانپوءِ اسين آن ايئر هونداسين. آئون اوهانکي تفصيل سمجهائي ڇڏيان. ڪمرشلز جي لاءِ ٻه وقفا ٿيندا. آئون سوال اٿاريندس ته ڇا ڪيليفورنيا اسيمبلي کي 35هين ترميم منظور ڪرڻ کپي يا نه، ائين پروگرام جي شروعات ٿيندي. آئون ترميم جو تعارف ڪرائيندس. پوءِ مسٽر ڪولنس! ڪئميرا اوهان ڏانهن ايندي. اسين ناظرين سان اوهان جو مختصر تعارف ڪرائينداسين. پوءِ ڪئميرا مسٽر هيرس کي فوڪس ڪندو، هن جو تعارف ايف بي آئي جي اڳوڻي ايجنٽ، هاڻوڪي وڪيل ۽ انساني حقن جي تحفظ جي حوالي سان ڪرايو ويندو. پوءِ آئون اوهانکي سڏيندس اوهان وٽ ٻه منٽ هوندا مسٽر ڪولنس، انهن ۾ اوهانکي ٻڌائڻو پوندو ته اوهين 35 ترميم جي حمايت ڇوپيا ڪريو. پوءِ مسٽر هيرس کي ٻه منٽ ملندا، انهيءَ کانپوءِ اوهان ۾ مناظرو شروع ٿيندو. هاڻ تيار رهو. ڪئميرا جي مٿان ڳاڙهو بٽڻ ٻرڻ شرط ئي اوهين سمجهي وٺجو ته پروگرام شروع ٿي چڪو آهي. گڊ لڪ جينٽليمن!”
    ڪجهه گهڙين کان پوءِ ڪئيمرا جي مٿان ڳاڙهو بلب روشن ٿي ويو. ڪرسٽوفر جي طبيعت خراب ٿيڻ لڳي. هن ڪمپيئر جو شروعاتي تعارف به صحيح نموني نه ٻڌو. پوءِ هن پنهنجو نالو ٻڌو، گويا هن جو تعارف ڪرايو پئي ويو. هو هوشيار ٿي ويٺو. وڏي مشڪل سان هن جي چپن تي مرڪ ظاهر ٿي ۽ پوءِ هيرس جو نالو سڏيو ويو. تعارف جي دوران هيرس جي چپن تي خوبصورت مرڪ هئي.
    هن ٻيهر پنهنجو نالو ٻڌو.ڏکيو مرحلو شروع ٿي چڪو هو. هن مٿين انداز ۾ شروعات ڪئي. گهرو ويڙهه کانپوءِ هيستائين اسانجي ملڪ ۽ ادارن کي ڪڏهن به اهڙو خطرو لاڳو نه ٿيو. جهڙو هينئر آهي. 1975ع هڪ لک آمريڪين ۾ ڏهه قتل ٿيندا هئا. اڄ اهو تعداد ٻاويهه تائين وڃي پهتو آهي. 35 هين ترميم جي گنجائش جو سبب ڏوهن جو وڌندڙ رجحان آهي.” هوءَ ڏهه سال اڳ جي صورتحال سان ڀيٽ ڪندي، انگ اکر ٻڌائيندو رهيو. ايستائين جو “پندرنهن سيڪنڊ باقي هئا.” جو ڪارڊ هن جي سامهون اچي ويو. هن سڪون جو ساهه کڻندي پنهنجو شروعاتي بيان مڪمل ڪيو.
    هاڻ ٽوني هيرس ڳالهائي رهيو هو. هن جو هرجملو هڪ چهبڪ هو. جيڪو ڪرسٽوفر کي پنهنجي اندر ۾ ويڙهجڻ ۽ سسڻ تي مجبور ڪري رهيو هو. هو ڪوشش ڪري رهيو هو ته ٻڌڻ جا دروازا بند ڪري ڇڏي. هاڻ فقط ٻه منٽ باقي هئا ۽ ان کانپوءِ ڏکيو مرحلو..... يعني بحث مباحثو.
    “انسان گذريل اڍائي هزار سالن کان آزادي جي لاءِ جدو جهد پيو ڪري. 35هين ترميم منظور ٿي وڃڻ سان رات وچ ۾ آمريڪا ۾ ان جدوجهد جو خاتمو ٿي ويندو. بنيادي حق اڻڄاتل مدي تائين معطل ٿي سگهن ٿا. ايف بي آئي جو ڊائريڪٽر ۽ ان جي قومي سلامتي ڪيمٽي جو هن ملڪ تي راڄ....”
    “اڻڄاتل مدي لاءِ نه پر هنگامي حالتن ۾ ٿوري وقت جي لاءِ ...” ڪرسٽوفر مداخلت ڪئي.”وڌ ۾ وڌ ڪجهه مهينن جي لاءِ......”
    “1962ع ۾ انڊيا ۾ به اهو ئي چيو ويو هو.” ٽوني هيرس جواب ڏنو.” هنن هنگامي حالتون نافذ ڪيون ۽ بنيادي حق معطل ڪري ڇڏيا هئا جيڪي ڇهه سال معطل رهيا. پوءِ ٻيهر 1975ع ۾ بنيادي حق معطل ڪيا ويا. ڪير اها گارنٽي ڏيئي ٿو سگهي ته هتي ايئن نه ٿيندو ۽ شخصي آزادي ختم نه ڪئي ويندي. اسان وٽ ان دعويٰ جو ثبوت به آهي. آمريڪا ۾ اڳ ۾ به ائين ٿي چڪو آهي ۽ ان جا نتيجا تباهه ڪندڙ.......”
    “ڇا پيا چئو مسٽر هيرس! ڪمپيئر ٽوني هيرس کي ٽوڪيو، “اوهين اهو چوڻ ٿا چاهيو ته آمريڪا جي تاريخ ۾ اڳ م به بنيادي حق معطل ٿي چڪا آهن.”
    “هائو! ..... پر غير سرڪاري طور تي. اوهين انهن کي معطل چئو يا نظر انداز ڪرڻ چئو. ڳالهه ساڳي آهي. ائين ڪيترائي ڀيرا ٿي چڪو آهي. هر ڀيري قومي سطح تي نقصان ٿيو آهي.”
    “ايئن ڪڏهن ٿيو آهي. ٿوري وضاحت ڪريو...؟” ڪمپيئر پڇيو.
    “هائو، 1798ع ۾ انقلاب فرانس کي نظر ۾ رکندي آمريڪا کي اهو خدشو ٿيو هو ته ڪٿي فرانسيسي انتها پسند هتي گهڙي نه اچن ۽ حڪومت جو تختو نه اونڌو ڪري ڇڏين. هسٽريا جي ان ڪيفيت ۾ ڪانگريس بنيادي حقن کي نظر انداز ڪيو، جن ايڊيٽرن ان جي خلاف اداريا لکيا، تن کي جيلن ۾ وڌو ويو. صدر جون آدم جي خلاف ٿامسن جيفرسن مهم هلائي ۽ ماڻهن ان جي بنياد تي کيس ملڪ جو ايندڙ صدر چونڊيو.”
    “تنهن کانسواءِ سول وار جي دوران ماڻهن کي کليل عدالتن ۾ ڪيسن جي حقن کان محروم ڪري فوجي عدالتن ۾ مٿن ڪيس هلايا ويا. پهرين مهاڀاري جنگ کانپوءِ اٽارني جنرل مچل ‘سرخ خطري’ جي نالي تي بنا وارنٽ جي گرفتارين جو سلسلو عام ڪيو ۽ ساڍا ٽي هزار ماڻهو گرفتار ڪيا ويا ۽ ست سئو ڄڻن کي ملڪ نيڪالي ڏني وئي. ان عمل کي چيف جسٽس چارلس هيوز بدترين ۽ آمرانه قرار ڏنو. ٻي مهاڀاري لڙائي ۾ انهن آمريڪي شهرين کي جن جا وڏڙا جاپاني هئا نه رڳو پنهنجي ملڪيتن کان محروم ڪيو ويو پر کين عقوبتي ڪئمپن ۾ وڌو ويو. پوءِ 1954ع ۾ سينيٽر جوزف ميڪارٿي اسٽيٽ ڊپارٽمنٽ جي 305 ملازمن کي ڪميونسٽ پارٽي جو ميمبر قرار ڏيئي. “سرخ خطري” جو پرچار ڪيو. ميڪارٿي اهو بد بخت شخص هو، جنهن اختلاف ڪندڙ آمريڪي شهرين کي غدار قرار ڏنو. نيٺ هو پاڻ فوجي عدالت جي هٿان پنهنجي انجام کي رسيو.
    تازو مثال 1969ع جو آهي. جڏهن صدر نڪسن ۽ اٽارني جنرل جان مچل، ڪرائم ڪنٽرول ايڪٽ تحت بنيادي حقن کي معطل ڪيو. ان ايڪٽ تحت شخصي آزادي کي ڌڪ رسيو. جوابدارن کي بنا وارنٽن جي سندن گهرن ۾ گهڙي گرفتار ڪيو ويو. سياسي مخالفت ۽ عوام جي نجي ڳالهه ٻولهه ٽيپ ڪئي ويئي.”
    “پر جمهوريت پوءِ به زنده رهي.” ڪرسٽوفر چيو.
    “هائو مسٽر ڪولنس! پر جمهوريت هاڻ وڌيڪ اهڙن حملن جي سگهه ساري نٿي سگهي. هڪ مفڪر چيو هر پابندي آزادي کان وڌيڪ منظم هوندي آهي. مون جيڪي ڀوائتا مثال ڏنا آهن، انهن ۾ بنيادي حقن جي قرارداد مڪمل طور تي غير موثر نٿي ٿئي. جڏهن ته 35هين ترميم جي نتيجي ۾ قرارداد مڪمل طور تي، معطل ٿي ويندي. مسٽر ڪولنس اسانجو بنيادي انساني حقن جي آئين ۽ بنيادي حقن جي قرارداد دنيا ۾ ڊگهي عرصي تائين جيئرو رهڻ وارو دستاويز آهي. اسانکي اهو پنهنجي هٿن سان تباهه نه ڪرڻ گهرجي.”
    “مسٽر هيرس! اوهين آئين جو ذڪر ايئن پيا ڪريو، ڄڻ اهو پٿر تي ليڪو هجي....... لچڪدار نه هجي. مسٽر هيرس، آئين ڪو آسماني دستاويز ڪونهي حقيقت اها آهي ته وقت سان گڏو گڏ آئين جي شڪل به بدلجندي رهندي آهي.”
    “ڳالهه اها ڪونهي.”
    هن ڀيري ڪمپيئر مداخلت ڪئي، “حضرات! هڪ سيڪنڊ آئون چاهيان ٿو ته مسٽر اٽارني جنرل پنهنجي ڳالهه پوري ڪري وٺي.”
    “آئون چئي رهيو هئس ته آئين ۽ بنيادي حقن جي قرار داد جا ڪيترائي پهلو آهن. آئون اهو ثابت پيو ڪريان ته آئين ۾ ترميم جو مطلب اهو ڪونهي ته آئين بدلايو پيو وڃي. ان جو ثبوت اهو آهي ته آئين ۾ ترميمون ٿينديون رهنديون آهن. پر آئين اڄ به موجود آهي. ترميم جو لفظ لاطيني زبان مان ورتو ويو آهي. جنهن جو مطلب “درستي” آهي. آئين ۾ ترميم جو مطلب آهي ان کي صحيح ڪرڻ. آمريڪا جو تحريري دستور 1787ع ۾ لکيو ويو. جنهن تحت تيرنهن رياستون هڪ جهنڊي هيٺ گڏ ٿيون. اهو به ٻڌي وٺو ته جنهن صدارت کي اوهين سڳورو سمجهو ٿا، اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن جي ان جي باري ۾ ڪهڙي راءِ هئي. هملٽن تاحيات صدر چونڊجڻ جي حق ۾ هو. ايڊمنڊ ۽ جارج ميسن جو خيال هو ته ٽن ڄڻن تي ٻڌل صدارتي ڪائونسل جوڙي وڃي.جڏهن ته بنجامن فرينڪلن حڪمران ڪائونسل جي حق ۾ هو. ان نڪتي تي ته صدر جي چونڊ جو حق ڪانگريس کي ملڻ گهرجي ، پنج ڀيرا ووٽنگ ٿي. ورجينا جي وفد هڪ سربراهه جو تصور پيش ڪيو هو. ايڊمنڊ ان کي آمرن جي شروعات قرار ڏنو هو.” اهو چئي ڪرسٽوفرڪمپيئر ڏانهن سواليا نظرن سان ڏٺو. ڪمپيئر ڪنڌ ڌوڻي کيس ڳالهه جاري رکڻ جي موڪل ڏني. “ڪيترا ماڻهو سينٽ کي به سڳورو ادارو سمجهندا آهن. جيتوڻيڪ پهرين ڪنويشن ۾ ان تي به خوب بحث مباحثو ٿيو هو. ڪجهه ميمبر ان جي حق ۾ هئا ۽ سينيٽرن کي دستور ساز اسيمبلي چونڊي، هملٽن تاحيات سينيٽر چونڊڻ جي حق ۾ هو. ميڊيسن نون سالن جو عرصو مقرر ڪرڻ جي رٿ ڏني. جڏهن ته اهو طئي ٿيو ته سينيٽر جي چونڊ عوام ڪندو ته شرڪت ڪندڙن جو چوڻ هو ته اهو حق فقط مضبوط مالي ۽ اقتصادي پوزيشن رکندڙن کي ڏنو وڃي. ‘جون جي’ چيو هو جيڪي ماڻهو ملڪ جا مالڪ آهن، ملڪ تي حڪومت به انهن کي ڪرڻ گهرجي، ان تي مباحثي کانپوءِ سينيٽ جي هاڻوڪي شڪل مڃي ويئي. ۽ اهو طئي ٿيو ته سينيٽر جي عهدي جو عرصو ڇهه سال هوندو. 1913ع ۾ 17 ترميم جي ذريعي اهو عرصو بدلايو ويو. جيسيتائين بنيادي حقن جي دستاويز جو واسطو آهي ته آئين لکجڻ کانپوءِ به ان جو تصور نه هو. آئين لکندڙن جي نظر ۾ آئين خود بنيادي انساني حقن جي ضمانت هو. آئون انهن ماڻهن کي آمريڪا جو ذهين ترين شخص شمار ڪريان ٿو ۽ ورجائيندس ته انهن ماڻهن جي نظر ۾ بنيادي انساني حقن جو دستاويز غير ضروري هو. تنهنڪري ان کي آئين جو حصو نه ڪيو. منهنجي سمجهه ۾ اها ڳالهه نٿي اچي ته 35هين ترميم کي آئين ٽوڙڻ جوڳو قرار ڏنو پيو وڃي. جڏهن ته ان جو مقصد ملڪ ۾ وڌندڙ لاقانونيت کان بچڻ آهي. بنيادي حق رڳو وقتي طور تي ئي معطل ٿيندا.”
    “مسٽر هيرس!.... اوهان ان جي باري ۾ ڇا ٿا چئو.” ڪمپيئر وان برگ ٽوني هيريس کي چيو.
    “مسٽر ڪولنس! اوهين ڇا به چئو، پر هاڻ بنيادي حقن جي قرارداد آئين جو حصو آهي.” ٽوني هيرس چيو، “اها قرارداد هن قوم کي ڪيئن ملي، اهو اوهان ڄاڻي واڻي نه ٻڌايو. ماڻهن جي خواهش جي بنياد تي ئي اها قرارداد جوڙي ويئي. رياستن چاهيو ٿي ته ماڻهن جا حق ۽ رياست جي حقن جي ڌار ڌار وضاحت ڪئي وڃي. ان سلسلي ۾ ويهه ترميمون تجويز ڪيون ويون. انهن مان پهريون آڏه منظور ڪيون ويون. اها 1791ع جي ڳالهه آهي.”
    “اوهان اهو ڇو ڪونه ٻڌايو ته انهن ترميمن تي سڀ رياستون سهمت نه هيون.” ڪرسٽوفر اعتراض واريو.، “تيرهين مان ٽن رياستن انهن کي رد ڪري ڇڏيو هو. در حقيقت انهن 1939ع کان اڳ انهن کي قبول نه ڪيو هو. يعني ڏيڍ سئو سال کانپوءِ قبول ڪيو هو.”
    “اهم ڳالهه هيءَ آهي ته بنيادي حقن جي قرار داد شروع کان وٺي آئين ۾ شامل هئي. جنهن موجب ماڻهن کي ٽن بنيادي آزادين جي ضمانت ڏني وئي هئي. مذهب جي آزادي، تقرير جي آزادي ۽ الزام لڳڻ تي عدالت ۾ ڪيس جو حق. جنهن کي ٿامس جيفرسن سڄي دنيا ۾ ڪنهن به حڪومت جي مقابلي ۾ عوام جو واحد بچاءُ قرار ڏنو هو. اڄ ٿامسن جيفرسن موجود هجي ها ته چئي ها پڪ سان 35هين جي مخالفت ڪري ها، جيئن آئون پيو ڪريان.... ۽ اهو ان ڪري پيو ڪريان ته اها ترميم تهذيب کي، بنيادي انساني حقن کي ڳڙڪائي ويندي.”
    هاڻ ڪرسٽوفر پاڻ کي گهيريل ۽ بي وس محسوس ڪيو. پر هن مدافعت جاري رکڻ جي ڪوشش ڪئي. “مسٽر هيرس! آئون جمهوريت جي تحفظ لاءِ 35هين ترميم جي حمايت ٿو ڪريان.” هن ڏکاري لهجي ۾ چيو. اسانجي ملڪ ۾ ڏوهه ۽ انارڪي جي وبا جنهن رفتار سان پکڙجي رهي آهي، اها جمهوريت کي ڳڙڪائڻ بلڪه ملڪ کي ختم ڪرڻ ۾ گهڻي دير ته لڳائيندي جيڪڏهن اهوئي حال رهيو ته ڪجهه سالن جي اندر ئي جمهوريت ته پنهنجي جاءِ تي ملڪ ئي نه رهندو ته پوءِ اوهين بنيادي حق ڪنهن کي ڏيندا.”
    “مونکي ان ملڪ جي ڀيٽ ۾ جنهن ۾ آزادي نه هجي، ملڪ کان محروم ٿيڻ قبول هوندو.” ٽوني هيرس جو لهجو ٿڌو هو. “پر اوهانجو مفروضو غلط آهي. هر اهو هنڌ ملڪ سڏيو آهي. جتي آزاد ماڻهو رهندا هجن. جتي غلامي نه هجي. انهن تي قابو پائڻ جا بهتر طريقا موجود هجن. اها ڳالهه به ڪونهي ته ڪو انهن جي ڪري ملڪ کي آمريت جي حوالي ڪيو وڃي،. تنهنڪري اسانکي عوام کي انصاف سميت سڀئي ضرورتون ۽ مساوات فراهم ڪرڻ کپي.”
    “مسٽر هيرس، آئون به انهن سڀني ڳالهين تي يقين رکان ٿو. پر ان جي لاءِ پهرين رتوڇاڻ کي روڪڻو پوندو. تنهن کانپوءِ امن جي حالت ۾ اسانکي ٻين اهم معاملن ڏانهن ڌيان ڌرڻو پوندو.”
    ٽوني هيرس هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو، “بنيادي حق کسجڻ کانپوءِ ڪير ڪجهه به ڪري سگهندو. ڪو به جبري ڀرتي کي روڪي نه سگهندو. شاگردن کي تعليم کان فارغ ٿيڻ کانپوءِ ڪنهن به انڊسٽري ۾ زبردستي ڀرتي ڪيو ويندو. جنهن به شخص کي بنا ڪو سبب جي قيد ڪري سگهبو.....”
    ٽوني هيرس چوندو پي ويو ۽ ڪرسٽوفر پنهنجي ڪرسي ۾ گهڙندو پي ويو. پنهنجو پاڻ ۾ سسندو پي ويو. هن پنهنجو پاڻ کي جنهن جنگ جي لاءِ تيار ڪيو هو، هاڻ منجهس اها سگهه نه رهي هئي. هاڻ ته هو سوچي رهيو هو ته کيس هت هئڻ ئي نه کپندو هو. هن جو هتي ڪو به ڪم نه هو. هو ظلم ۽ زيادتي جو ساٿاري ڪيئن ٿي ٿي سگهيو. پر کيس اڳيان وڌڻ جي لالچ ئي هتي وٺي آئي هئي.
    هو خاموشيءَ سان ٻڌندو رهيو. هڪ ٻه ڀيرا هن ڀڳل دل سان ترميم جي بچاءَ ۾ مداخلت ڪئي. هاڻ هو فقط پنهنجو فرض نڀائي رهيو هو. وقت جونءَ جي رفتار سان وڌندو رهيو. نيٺ منٽ پورا ٿيا ته هن سک جو ساهه کنيو. هاڻ گپ شپ جو وقت هو. پر وٽس وقت نه هو. هن هيرس ۽ وان برگ کان معذرت گهري ۽ ٽوالٽ ڏانهن ڀڳو.
    هٿ منهن ڌوئي،هن پنهنجو پاڻ کي آئيني ۾ ڏٺو. پهريون ڀيرو کيس احساس ٿيو ته هو بنيادي انساني حقن جي بقا جي حق ۾ هو.


    قسط 11

    هڪ ڪلاڪ کانپوءِ هو پنهنجو لائحه عمل طئي ڪري چڪو هو. هن جيڪو ڪجهه ڪرڻ ٿي چاهيو. اهو سڀ سندس وس ۾ نه هو. پر هو پنهنجي مرضي سان شروعات ته ڪري سگهيو پئي.
    پنهنجي باڊي گارڊن جي گهيري ۾ هو اخباري نمائندن ۽ فوٽو گرافرن کان بچندو، پلازه هوٽل جي لابي ۾ پهتو. جتي آمريڪن بار ايسوسيئشن جو ڪنوينشن ٿي رهيو هو. شرڪت ڪندڙن جو وڏو تعداد ڏسي هو ڏڪي ويو. پنهنجي تقرير وارو فائيل هٿ ۾ کڻي هو جڳ مڳائيندڙ اسٽيج تي پهتو هو. هال تاڙين سان ٻرائجي ويو. اها ڳالهه هن لاءِ حيرت ۾ وجهندڙ هئي، جو هو اڃا عوامي مقبوليت جي ان درجي تي نه پهتو هو. هن مهمان خاص چيف جسٽس هاورڊ سان هٿ ملايو، هاورڊ ننڍي هوندي کان ئي سندس آئيڊيل رهيو هو. اڇن وارن، مضبوط ڄاڙين ۽ چمڪندڙ اکين وارو اهو شخص ديانت ۽ انصاف جي علامت جي حيثيت رکندو هو. ان وقت هن جي عمر 70 سال هئي. پر هن جي شخصيت جو وقار قائم هو.
    ڪرسٽوفر جي لاءِ ٻيو مرحلو ڏکيو هو. هن جي هاورڊ سان گهري شناسائي نه هئي. هو فقط ٻه ٽي ڀيرا اهڙين تقريبن ۾ پاڻ ۾ گڏ ٿيا هئا. هنن جي وچ ۾ رسمي دعا سلام کان وڌيڪ ڪڏهن به ڳالهه ٻولهه نه ٿي هئي. آمريڪن بار جو صدر اسٽيج تي اچي چڪو هو. ڄڻ تقريب شروع ٿيڻ واري هئي. ڪرسٽوفر کي جيڪو به ڪرڻو هو، تيزي سان ڪرڻو هو. هن جسٽس کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪندي چيو.
    “مسٽر چيف جسٽس! آئون اوهان سان اڪيلائي ۾ ڪجهه ڳالهائڻ ٿو چاهيان. اوهين مونکي پنج منٽ ڏيئي سگهندا.”
    “ڇو نه مسٽر ڪولنس! ٽيئين ماڙ تي منهنجو ڪمرو آهي. منهنجي زال کي شاپنگ جي لاءِ وڃڻو آهي. ايئن اسانکي اڪيلائي ملي ويندي” هاورڊ جواب ڏنس.
    ڪرسٽوفر مطمئن ٿي ويو. ايسوسيئشن بار جو صدر هن جو تعارف ڪرائي رهيو هو. جيڪو هو بي ڌياني سان ٻڌندو رهيو. هو 35هين ترميم جي باري ۾ سوچي ڊپريشن جو شڪار ٿيڻ لڳو هو. هن پنهنجي تقرير ڪڍي ۽ ان جي ڪاٽ ڪوٽ ۾ لڳي ويو. هاڻ اها تقرير خود هن جي لاءِ قبوليت جوڳي نه رهي هئي. هن تقرير کي نهايت بي دردي سان ڪٽيو. ان کان وڌيڪ هو ٻيو ڪجهه ڪري به نٿي سگهيو.
    نيٺ تقرير جي لاءِ هن جو نالو سڏيو ويو. تاڙين جي گونج ۾ هو اٿيو ۽پوءِ مائيڪ ڏانهن وڌي ويو.
    ٻن ڪلاڪن کان پوءِ هو چيف جسٽس هاورڊ جي سوئٽ ۾ ويٺو هو. هاورڊ جي شاندار تقرير اڃا به هن جي ڪنن تي ٻري رهي هئي.
    “آئون تمهيد ۾ وقت نه وڃائيندس.... چيف جسٽس....” هن ڳالهه شروع ڪئي. “آئون 35هين ترميم بابت اوهان جو نقطه نظر ڄاڻڻ ٿو چاهيان..... ان سلسلي ۾ اوهانجي ڪهڙي راءِ آهي.”
    هاورڊ پائپ ۾ تماڪ ڀريندو رهيو. پوءِ هن چيو، “اهو سوال تون ذاتي طور پيو ڪرين يا اٽارني جنرل جي حيثيت ۾.”
    “اهو منهنجو ذاتي تجسس آهي. ان سلسلي ۾ مونکي ڪنهن به هدايتون نه ڏنيون آهن.”
    “هونهه......!”
    “اوهانجو نقطه نظر منهنجي لاءِ ڏاڍو اهم آهي. اوهين منهنجي لاءِ بي حد محترم آهيو ۽ اها تڪراري ترميم ۽ بي حد دورس نتيجن جي حامل بنجي سگهي ٿي.”
    هاورڊ پنهنجو پائپ دکايو ۽ گهرو ساهه کنيو ۽ چيو، “تون اندازو لڳائي سگهين ٿو. آئون ان ترميم جو مخالف آهيان. ان کي آئون تباهه ڪندڙ سمجهان ٿو. اها ترميم اسانجي جمهوريت جي خاتمو ڪري کيس آمريت ۾ بدلائي سگهي ٿي. ڏوهن جو وڌندڙ رجحان پنهنجي جاءِ تي، پر آزادي کسڻ ان مسئلي جو نبيرو ڪونهي، ان سان امن ۽ امان بحال ٿي سگهي ٿو. پر امن امان ته قوت سان به بحال ٿي سگهي ٿو. اسانکي خبر آهي ته غربت ڏوهن جي ماءُ آهي. غربت ختم ڪريو پوءِ ڏوهه پاڻمرادو ختم ٿي ويندا. آئون فرينڪلن جي ان ڳالهه سان سهمت آهيان ته آزادي جي بدلي ۾ تحفظ خريد ڪندڙن کي نه تحفظ مليو ۽ نه ئي وري آزادي. هو ٻنهي مان ڪنهن به شيءِ جا حقدار ناهن. 35هين ترميم تحفظ ته فراهم ڪري سگهي ٿي. پر شخصي آزاديءَ جي عيوض. منهنجي نظر ۾ اهو سودو مهانگو آهي. آئون ان جو مخالف آهيان.”
    “ته اوهان اهو سڀ ڪجهه کليل نموني ڇونه ٿا چئو....؟ عوام کي اهو سڀ ڪجهه ڇو نٿا ٻڌايو؟”
    هاورڊ پائپ جو ڊگهو ڪش هڻندي ڪرسٽوفر کي ڌيان سان ڏسندي چيو.” تون اٽارني جنرل آهي. تون ان ترميم جي مخالفت ڇو نٿو ڪرين.” هن جوابي سوال ڪيو.
    “ڇاڪاڻ ته پوءِ آئون اٽارني جنرل نه رهندس.” ڪرسٽوفر سادگيءَ مان چيو.
    “ته تنهنجي لاءِ اها ڳالهه اهميت واري آهي ته تنهنجو عهدو برقرار رهي؟”
    “هائو، ڇو ته ان عهدي تي رهي آئون ڪيترائي هاڪاري ڪم ڪري سگهان ٿو.” ڪرسٽوفر جي لهجي ۾ سچائي هئي. “۽ ٻيو ته منهنجي ڳالهه ايتري اثرائتي ٿي نٿي سگهي. جيتري اوهانجي هوندي. منهنجي عهدي کانپوءِ ڪابه حيثيت نه آهي. جڏهن ته مقبوليت جي تازي سروي ۾ اوهانکي 75 سيڪڙو ووٽ ووٽ مليا آهن. ماڻهو ۽ اسيمبلي جا ميمبر اوهان جي ڳالهه کي نظر انداز نٿا ڪري سگهن.”
    “هڪ منٽ، مسٽر ڪولنس. تو ته مونکي منجهائي ڇڏيو آهي.” هاورڊ چيو، “مون تنهنجي سوال جي جواب ۾ سوال ڪيو هو ۽ منهنجو خيال هو ته تون چوندين ته تون ترميم کي سٺو ٿو سمجهين. پر تنهنجو جواب ثابت ٿو ڪري ته تون منهنجو هم خيال آهين..... منهنجي لاءِ اها ڳالهه حيران ڪندڙ آهي.”
    “جيڪا تقرير مون اڄ ڪئي هئي، اها اڳ جي لکيل هئي.” ڪرسٽوفر وضاحت ڪئي، “پر پوءِ آئون ترميم جي حوالي سان مشڪوڪ ٿيندو ويس. ترميم جو غلط استعمال به ٿي سگهي ٿو. هاڻ آئون ترميم جو وڌيڪ بچا ڪرڻ جي ڀيٽ ۾ استعفيٰ ڏيڻ کي ترجيح ڏيندس. پر آئون پنهنجو عهدو برقرار رکڻ ٿو چاهيان. اٽارني جنرل جي حيثيت سان منهنجا ڪي ڪم اڌ ۾ رهيل آهن. آئون ترميم جي مخالفت ڪرڻ کان اڳ اهي پورا ڪرڻ ٿو چاهيان. هيڏانهن وقت به ڪونهي. تنهنڪري اوهانکي عرض ٿو ڪريان ته اوهين ان ترميم کي فنا ڪري سگهو ٿا.”
    “ترميم منهنجي مداخلت کانسواءِ به فنا ٿي سگهي ٿي.”
    “مونکي ان ۾ شڪ آهي. راءِ عامه جي تجويز ڪجهه ٻيو پئي چوي.”
    “ٺيڪ آهي، هاڻ آئون توکي ٻڌايان ٿو ته آئون ان ترميم جي کليل مخالفت ڇو نٿو ڪري سگهان. شايد توکي خبر ڪونهي ته ڏيڍ سال اڳ عدالتن جي ججن هڪ اخلاقي ضابطي تي اتفاق ڪيو هو. جنهن موجب اسين ڪنهن اهڙي معاملي زباني يا لکت ۾ خيالن جو اظهار ڪري نٿا سگهون. جيڪي ڪنهن ڏينهن عدالتن ۾ پيش ٿي سگهن ٿا. ترميم به اهڙوئي معاملو آهي.” تنهنڪري آئون چيف جسٽس هوندي ان تي کليل راءِ نٿو ڏيئي سگهان. آئون ان ضابطي جو پابند آهيان.”
    “هونهه ته اها ڳالهه آهي.” ڪرسٽوفر جي لهجي ۾ مايوسي هئي.
    “ته اوهين ماڻهن تائين پنهنجي راءِ ڪنهن به نموني پهچائي نٿا سگهو.”
    “هائو! البته هڪ صورت آهي. آئون استعفيٰ ڏيئي ترميم جي مخالفت ڪري سگهان ٿو. پر موجوده حالتن ۾ اهو انتهائي قدم کڻڻ منهنجي لاءِ ممڪن ڪونهي!”
    “پر اوهين سوچيو ته مستقبل ۾ ڪهڙيون حالتون وڃي بيهنديون.” هاورڊ ڪجهه دير سوچيندو رهيو.”تون ٺيڪ ٿو چوين.” گهڙي کن ترسي هن چيو “پهرين اهو مڃڻ جي لاءِ ٺوس سبب ته هجن ته 35 هين ترميم ملڪ ۽ قوم جي لاءِ تباهه ڪندڙ ثابت ٿي سگهي ٿي. ان صورت ۾ آئون عهدو ڇڏي ترميم جي خلاف جنگ ۾ شامل ٿي ويندس. پر رڳو خدشن جي بنياد تي نه .....”
    ڪرسٽوفر کي اوچتو آر دستاويز ياد اچي ويو ۽ ان سان گڏ ڪرنل بيڪسٽر جي موت کان وٺي پادري جي سهڪار تائين هر ڳالهه ورجائي ڇڏي. “ڪرنل ان کي خطرناڪ قرار ڏنو هو. ٿي سگهي ٿو ته اهو دستاويز 35هين ترميم جو اصل روپ سامهون آڻي ڇڏي، جيڪو نظرن کان پاسيرو هجي.”
    “ٿي سگهي ٿو.”
    “جيڪڏهن مون آر دستاويز ڳولهي ورتو ۽ ان سان ملڪ ۽ قوم کي پيش آيل خطري جي نشاندهي ٿي، پوءِ ته اوهين خاموش تماشائي ٿي نه ويهندا نه؟”
    “هائو! پر دليل مناسب ۽ ثبوتن سان هجي.” چيف جسٽس محتاط لهجي ۾ چيو.
    “مناسب ڳالهه آهي.” اهو چئي ڪرسٽوفر اُٿي کڙو ٿيو، “هاڻ آئون آر دستاويز جي ڳولها ڪندس ۽ جيئن ئي ڪا اهم ڳالهه سامهون آئي ته سڀ کان پهرين اوهانکي ان جو اطلاع ڏيندس.”
    جسٽس هاورڊ به اٿي کڙو ٿيو، “آئون تنهنجي ڪال جي اوسيئڙي ۾ رهندس. تون ٺوس ثبوت فراهم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وين ته آئون فوري طور تي ڪو فيصلو ۽ عمل ڪري سگهندس.”
    ڪرسٽوفر چيف جسٽس جو سوئٽ مان نڪتو ته هن جو ذهن پهرين جي ڀيٽ ۾ گهڻو صاف ٿي چڪو هو. ان جو هڪ سبب هيءَ به هو ته هاڻ هو 35هين ترميم بابت پنهنجون ڪيفيتون ۽ محسوسات مڪمل طور تي سمجهي چڪو هو. هاڻ کيس اها به خبر هئي ته ترميم کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ هڪ ساٿي به موجود آهي. ڳالهه آر دستاويز جي ملڻ جي هئي. کيس اها گم ٿيل ڪڙي ڳولهڻي هئي.
    هاڻي کيس واشنگٽن وڃڻو هو. ٻي هفتي کيس لوئس برگ جيل ۾ ڪنهن سان ملڻ لاءِ وڃڻو هو.


    ٻي ڏينهن صبح جو “ايڊگر هوور” بلڊنگ ۾ در ۽ دريون بند ڪريو، ورنن ٿامسن ۽ هيري ايڊورڊ ٽيپ ريڪارڊ سامهون رکيون ڳالهه ٻولهه ٻڌي رهيا هئا. پندرنهن منٽن تائين هو ماٺ ڪريو ڳالهه ٻولهه ٻڌندا رهيا. آر دستاويز جي ذڪر تي ٿامسن جي منهن جو پنو ئي لهي ويو. پوءِ هن جسٽس هاورڊ کي ڪرسٽوفر سان واعدو ڪندي ٻڌو.
    “ذليل، ڪمينو، حرامي!” ٿامسن چيو، “هيري! ٽيپ بند ڪري ڇڏي.”
    هيري ٽيپ ريڪارڊ بند ڪري ڇڏيو. پوءِ هوءِ پنهنجي باس کي بي چيني مان اچ وڃ ڪندي ڏسڻ لڳو. ٿامسن پنهنجي هٿ تي مُڪ هنئي ۽ چيو، “خبيث! سوئر جو ڦر! غدار، اسانکي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش پيو ڪري پر اسين کيس ترت ئي رستي تان هٽائي ڇڏينداسين. البته مونکي ان هاورڊ جو فڪر آهي. هن ڪميونسٽ جيڪڏهن ڪيليفورنيا ۾ 35 ترميم جي خلاف ڳالهائڻ شروع ڪيو ته اسانجي لاءِ گهڻيون ڏکيائون پيدا ٿي پونديون.”
    “بنا ڪنهن ثبوت جي هو ائين نه ڪندو. هن پاڻ به اها ڳالهه ڪئي هئي.” هيري کيس دلاسو ڏنو.
    “مونکي مٿس اعتبار ڪونهي. آئون ڪو خطرو کڻي نٿو سگهان، آئون انهن ٻنهي کي ميدان ۾ لهڻ کان اڳ شڪست ڏيڻ ٿو چاهيان.”
    “ڪرسٽوفر سؤلو نشانو آهي. اوهين هي ٽيپ صدر صاحب کي ٻڌايو، هو هڪ منٽ ۾ ئي اٽارني جنرل کي چلتو ڪري ڇڏيندو.” هيري چيو.
    ٿامسن هٿ کڻندي چيو، “نه هيري! تنهنجي ماڻهن لاس اينجلس ۾ زبردست ڪم ڏيکاريو آهي. هي ٽيپ بي حد قيمتي آهي. پر آئون هي طريقيڪار صدر صاحب جي سامهو آڻڻ نٿو چاهيان. صدر کي اسانتي ڀروسو آهي. هن اسانکي سڀ اختيار ڏيئي ڇڏيا آهن. پر هو پاڻ کي گهڻو ملوث ڪرڻ نٿو چاهي. اسانکي اٽارني جنرل ۽ چيف جسٽس سان پنهنجي سر منهن ڏيڻو پوندو.”
    “ان سلسلي ۾ ڪا آئيڊيا آهي چيف!” هيريءَ پڇيو.
    ٿامسن هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو. “هائو!، ڪجهه آئيڊياز آهن. ڪرسٽوفر جو طريقو ٻڌائي ٿو ته هو هاڻ بيهندو ڪونه، پر مونکي اميد آهي ته هو ڪجهه به حاصل ڪري نه سگهندو. بهرحال ڪرسٽوفر ۽ هاورڊ ٻيئي ملڪ جي لاءِ خطرناڪ آهن. اهو چڱو ٿيو جو اسين وقت کا اڳ ٻنهي جي ارادن کان واقف ٿي وياسين. ايئن اسين تياري ڪري سگهنداسين. پر اسين هٿيار رڳو ان مهل کڻنداسين، جڏهن ائين ڪرڻ اڻ ٽر ٿي پوندو...”
    “آئون اوهان سان سهمت آهيان چيف.”
    “اسانکي شروعات اٽارني جنرل ڪرسٽوفر ڪولنس کان ڪرڻ گهرجي. هن جو ماضيءَ جو سڄو ريڪارڊ کولي ڇڏ.”
    “پر سائين! هن جي مقرري مهل ته اسين هن جي باري ۾ چڱيءَ طرح ڇنڊ ڇاڻ ڪري چڪا آهيون.”
    ٿامسن هٿ هوا ۾ لهرائيندي چيو. “اها ته سرسري جاچ پڙتال هئي. آئون تفصيلي ڇنڊ ڇاڻ جي ڳالهه پيو ڪريان. ان ڪم جي لاءِ تون پنهنجا بهترين ماڻهو لڳائي ڇڏ. ڪرسٽوفر جي زندگيءِ جو ڪو به پهلو ڪنڊائتو رهڻ نه گهرجي. جاچ فقط هن جي ذات تائين محدود نه رهي پر هن جي دوستن يارن، مٽن مائٽن ۽ هن جي زال جي مائٽن بابت به خبر چار لهه. ڪٿي نه ڪٿي ڪجهه نه ڪجهه ضرور ملي ويندئي.”
    هيري هاڻ اٽينشن ٿيو بيٺو هو. “بس اوهين سمجهو ته اهو ڪم ٿي ويو چيف!
    “آئون اهو ڪم هڪ هفتي جي اندر مڪمل ڏسڻ ٿو چاهيان.”
    “هڪ هفتي ۾ ئي ٿي ويندو چيف.”
    “ان کانپوءِ هاورڊ تي ڌيان ڏج. چيڪنگ ته هن جي به ٿي چڪي آهي، پر تفصيلي چيڪنگ بي حد ضروري آهي.”
    “هائو!، گذريل چيڪنگ ته پندرهن سال اڳ ٿي هئي.”
    “۽ اهو ياد رک ته ڪيليفورنيا ۾ ڪرسٽوفر اسانکي ٿورو ٿڪو نقصان پهچائي سگهي ٿو، پر هاورڊ وڌيڪ خطرناڪ آهي، هو اسانکي مڪمل طور تي تباهه ڪري سگهي ٿو. اسانکي ان ڳالهه جي لاءِ تيار رهڻ گهرجي.”
    هيري اڳيان جهڪي آيو، “چيف! هڪ ڳالهه آئون به ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته اسانکي هاورڊ جي خلاف ڪجهه مواد ملي ويو ته به اسين کيس 35هين ترميم جي خلاف کلم کلا مخالفت کان روڪي نٿا سگهون.”
    “پر ان سان هن جو ماڻهن مان اعتبار ته گهٽجي سگهي ٿو.”
    “ٿي سگهي ٿو اوهين عام راءِ جا نتيجا به سامهون رکو. ماڻهو ته هن جي پوڄا ٿا ڪن.”
    “مونکي خبر آهي.... بهرحال تون هن جي باري ۾ سڀ ڪجهه هٿ ڪري رک.” ٿامسن چيو ۽ پوءِ ڪنهن اونهي سوچ ۾ ٻڏي ويو. “تون ٺيڪ پيو چوين هيري! ڪرسٽوفر کي ته سولائي سان ڌڪي سگهجي ٿو، پر هاورڊ جو معاملو مختلف آهي. اسين کيس سندس ڪمزوري جي حوالي سان روڪي نٿا سگهون. جيڪڏهن هن استعفيٰ ڏيئي ترميم جي مخالفت تي سندرو ٻڌي بيهي رهيو ته پوءِ اسانکي آخري حد تائين وڃڻو پوندو. پوءِ يا ته هو رهندو يا اسين ان سلسلي ۾ منهنجي ذهن ۾ هڪ خيال آيو آهي پر سوچ ويچار کانسواءِ چڱي ڀلي رقم جي به گهرج پوندي.”
    “رقم ته صدارتي فنڊ مان به.....” هيريءَ چيو.
    “نه!” ٿامسن هن جي ڳالهه ڪٽيندي چيو. “مون چيو نه ته صدر کي اهڙن معاملن ۾ ملوث ڪرڻ ٺيڪ ڪونهي. اهو اسانجو ڪم آهي ٻج اسين پوکينداسين ۽ فصل هو لڻندو. اسانکي رقم ائين حاصل ڪرڻ پوندي جو ان جي ڳولا ڪندڙ اسان تائين پهچي نه سگهن.” پوءِ اوچتو هن پنهنجي هٿ جي تري تي مُڪ هئين. “خدا جو قسم..... واهه....... ائين ئي ٿيندو.” هن هڪدم انٽر ڪام کنيو ۽ پنهنجي سيڪريٽري کي چيائين. “ڊونالڊ ڪريڊن جو فائيل ڪڍ ۽ هڪدم مون وٽ کڻي اچ.” پوءِ هي مرڪندي هيري کي ڏسڻ لڳو.
    هيري جي چهري تي مونجهارو برقرار هو. “ڪريڊن اهوئي آهي ته، جيڪو لوئس برگ جيل ۾ قيد پيو ڪاٽي.”
    “هائو.... اهوئي.”
    “۽ اوهين هينئر هڪ وڏي رقم حاصل ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهيا هئا؟”
    ٿامسن ڏند ٽيڙيندي چيو، “۽ مونکي ياد اچي ويو اها رقم ڪٿان ملي سگهي ٿي. بس هيري هاڻ رڳو ويٺو تماشو ڏس، پنهنجي باس تي مڪمل ڀروسو رک!”
    ٻن منٽن کانپوءِ گهربل فائيل کڻي آيو. ٿامسن هن جي مهرباني مڃي ۽ فائيل جا پنا اٿلائي ڏسڻ لڳو. ڪنهن ڪنهن مهل هو پڙهڻ ٿي لڳو. نيٺ هن فائيل بند ڪيو.، هن جي چهري تي اطيمنان هو. “واقعي آئون هڪ جينئس ماڻهو آهيان. هاڻ هاورڊ گڙ بڙ ڪندو ته اسين به کيس منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار هونداسين.”
    “مون ڳالهه نه سمجهي چيف!”
    “اچي ويندئي! في الحال منهنجي ڳالهه تي عمل ڪندو وڃ! ڪرسٽوفر جي سلسلي ۾ پوءِ ڪم ڪج. پهرين لوئس برگ جيل جي وارڊن بروس سان ڳالهائي کيس چئو ته معاملو بيحد ڳجهو آهي. بروس ڀروسي جوڳو ماڻهو آهي. کيس چئو ته هو اڄ رات جو ٻين بجي ڊونالڊ ڪريڊن کي جيل مان ٻاهر وٺي اچي. آئون ساڻس اڪيلائي ۾ ملڻ ٿو گهران. اهو ڏاڍو اهم آهي هيري....”


    قسط 12

    سوا ٻه ٿيا هئا، چنڊ آسمان تان غائب هو. تنهنڪري رات بنهه اونداهي هئي، هيري ڏاڍي سست رفتاريءَ سان گاڏي هلائي رهيو هو. ٿامسن هن سان گڏ اڳين سيٽ ٿي ويٺو هو. هن تشويش واري لهجي ۾ پڇيو. “هيري! ڪنهن اسانجي شهر مان ٻاهر هئڻ جي خبر ته ڪونهي؟”
    “اوهين بي فڪر رهو. ريڪارڊ موجب هينئر اسين واشنگٽن ۾ آهيون.”
    “واهه! هيري.” ٿامسن ڪنڌ ڌوڻيندي چيو. “پر مونکي ڪجهه به نظر نٿو اچي،. توکي پڪ آهي ته اسين صحيح رستي تي پيا وڃون.”
    “چيف! آئون وارڊ بروس جي هدايتن تي مڪمل عمل پيو ڪريان. بس هاڻ منزل تي پهچڻ وارا آهيون.”
    هو واشنگٽن مان هڪ اهڙي بحري جهاز جي ذريعي پينلوانيا پهتا هئا، جنهن ۾ هنن ٻنهي کانسواءِ ٻيو ڪير به نه هو. ايئرپورٽ تي ڪار هنن جي اوسيئڙي ۾ هئي. ايئن اهو سفر ِشروع ٿيو هو. ٿامسن سموري رستي ۾ گهڻو بيچين رهيو هو. پنجاهه ڪلو ميٽرن جو فاصلو طئي ٿي چڪو هو. لوئس برگ، رات جو چادر اوڍي گهري ننڊ سمهي پيو هو. سٽي اسڪول ڀرسان لنگهندي، هيري ڪار جي رفتار گهٽائي ڇڏي. هاڻ ڪار سري رهي هئي. هيڊ لائٽس جي روشني ۾ سامهو گهاٽو جهنگ نظر اچي رهيو هو. ايئن پي لڳو ته اها رستي جي پڇاڙي آهي. پوءِ ڪار وڻن جي وچ ۾ هڪ خالي زمين جي ٽڪري تي پهچي ويئي.
    “اجهو! اسين پهچي وياسين.” هيري بريڪ هڻندي چيو. پوءِ هن هيڊ لائيٽون وسائي ڇڏيون. “هتي آمريڪا جا سخت خطرناڪ ڏوهاري رهن ٿا.” هن جيل جي پوئين حصي ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
    “تون ٺيڪ ٿو چوين! پر ڊونالڊ ڪريڊن خطرناڪ ڏوهاري نه پر هو ته سياسي قيدي آهي.”
    “واهه!... مونکي ان ڳالهه جي خبر نه هئي.” هيري جي لهجي ۾ حيرت هئي.
    “ٽيڪنيڪي طور تي هو سياسي قيدي ڪونهي. پر حقيقت ۾ هو سياسي قيدي ئي آهي.” ٿامسن وراڻيو. “هو اندر جون ڳالهيون ڄاڻي ٿو .... ۽ اندر جون ڳالهيون ڄاڻڻ به ڏوهه ئي هوندو آهي.”
    ٿوري دير کانپوءِ کيس ٻئي پاسان هڪ ڪار ايندي نظر آئي. ٿامسن ڪار مان لٿو ۽ پوئين سيٽ تي وڃي ويٺو. “آئون هن سان ڳالهائيندس.” هن هيريءَ کي چيو، “تون ماٺ ڪريو ويٺو ٻڌج..... کيس هينڊل ڪرڻ منهنجو ڪم آهي.”
    هيريءَ هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو. ٻي ڪار هنن کان ڪجهه پرڀرو بيٺي. دروازو کليو...... ۽ بند ٿيو. پيرن جو کڙڪو ٿيو، پوءِ کيس وارڊن بروس جو منهن نظر آيو. ٿامسن دريءَ جي ويجهو کسڪي آيو. “هيلو بروس! ڪهڙا حال اٿئي؟” ٿامسن پڇيو.
    “اوهان سان ملي خوشي ٿي ڊائريڪٽر.... اوهانجو فرمائشي تحفو منهنجي ڪار ۾ موجود آهي.” بروس چيو، “پر هن اوهان سان ملڻ نه ٿي چاهيو.”
    “پوءِ به تجسس جي ڪري انڪار ڪري نه سگهيو.”
    “هائو بلڪل!”
    “هاڻ کيس هتي ڇڏي وڃ ۽ جڏهن هو منهنجي ڪار مان لهي ته کيس پنهنجي ڪار ۾ ويهاري واپس مون وٽ اچج.... مونکي توکان هڪ ڪم وٺڻو آهي.”
    “آئون حاضر آهيان سائين!”
    “۽ ياد رکج ته هيءَ اها ملاقات آهي، جيڪا ڪڏهن ٿي ئي نه هئي.”
    “ڪهڙي ملاقات، ڪڏهن ٿي هئي.” بروس ڀرون تاڻيندي چيو.
    “گڊ! هاڻ کيس وڃي موڪل!”
    ڪجهه گهڙين کانپوءِ ڪار جو پويون دروزاو کليو. ڊونالڊ ڪريڊن جي هٿن ۾ هٿ ڪڙي هئي. “هٿڪڙي کولي ڇڏ بروس! هيءَ نجي نوعيت جي ملاقات آهي.” ٿامسن چيو.
    بروس هٿڪڙي کولي ڇڏي. ڊونالڊ ڪريڊن پوئين سيٽ تي ٿامسن سان گڏ اچي ويٺو. هو اڳ جي مقابلي ۾ گهڻو ڪمزور لڳي رهيو هو. اکيون به ڏرا ڏيئي ويون هيس.
    “سگريٽ پيئندين!” ٿامسن، ڊونالڊن کان پڇيو. پوءِ جواب جو انتظار ڪرڻ کانسواءِ ئي هيري کي چيائين. “هن کي سگريٽ ۽ لائيٽر ڏي.” ڊونالڊ سگريٽ جا ٻه وڏا ڪش هنيا ۽ پوءِ اطمينان سان مرڪيو.
    “ڪهڙا حال اٿئي ڊونالڊ!” ٿامسن پڇيو.
    “ڪهڙو نه ذليل سوال ڪيو اٿئي.”
    “اوهه.....ته تون تڪليف ۾ آهين.منهنجو خيال هو ته تنهنجي ڊيوٽي جيل جي لئبريري ۾ لڳائي ويئي هوندي.”
    “ان سان ڪهڙو فرق ٿو پوي. ڇا اهو گهٽ آهي ته آئون بي ڏوهي هئڻ جي باوجود به جيل ۾ آهيان ۽ جانورن جيان رهان پيو.”
    “هائو! آئون اندازو لڳائي سگهان ٿو.... جيل ڪڏهن به ڀانءِ کي نٿو پوي.”
    ڊونالڊ چڙ جي ڪيفيت ۾ سگريٽ کي ڦوڪيندو رهيو.
    “مونکي افسوس آهي......” ٿامسن همدردارنه لهجي ۾ چيو. “بيڪسٽر جو موت تنهنجي لاءِ وڏو ڌڪ هوندو. هو دنيا ۾ ٻيو ماڻهو هو، جيڪو توکي وقت کان اڳ آزادي ڏياري سگهيو ٿي.”
    ڊونالڊ ڇرڪي ٿامسن کي ڏٺو. “ٻيو!؟” هن جي لهجي ۾ حيرت هئي.
    “هائو! آئون پهريون آهيان.” ٿامسن مرڪندي چيو. “آئون تو لاءِ هڪ آڇ کڻي آيو آهيان. اهو واپار آهي. آئون توکي آزادي ڏياري سگهان ٿو ۽ تون مونکي رقم فراهم ڪري سگهين ٿو. آئون مختصر ڳالهائيندس تو فلوريڊا ۾ ڪٿي ڏهه لک ڊالر لڪائي رکيا آهن. ترديد جي ضرورت ڪونهي. آئون ريڪارڊ مان تصديق ڪري چڪو آهيان. توکي اها رقم مياميءَ ۾ ڪنهن کي پهچائڻي هئي. پر تو نه پهچائي. رقم به توکان نه نڪتي پوءِ ان سلسلي ۾ تو چپ سُبي ڇڏيا. ٻارنهن سالن کانپوءِ اها رقم تنهنجي لاءِ ايتري اهم ڪونهي. آئون توکي فوري طور تي آزادي ڏياري سگهان ٿو. ان جي بدلي ۾ توکي سڄي رقم نه پر فقط هڪ حصو ڏيڻي پوندي. توکي آزاد ٿيندي ئي ميامي وڃڻون پوندو ۽ ڏهن لکن ڊالرن مان ساڍا ست لک ڊالر منهنجي ماڻهوءَ کي ڏيڻا پوندا. تون اڍائي لک ڊالرن جي مدد سان نئين سر زندگي جي شروعات ڪري سگهين ٿو......ڇئو ڇا ٿو چوين....”
    ڊونالڊ سگريٽ جو ٽوٽو ٻاهر اڇليو. هو هٻڪڻ لڳو هو.
    ٿامسن هن جو هٻڪڻ سمجهي ورتو. “آئون سمجهي ويس. تون جزئيات ڄاڻڻ ٿو چاهين. ڏس! تنهنجي سزا معاف ڪرائڻ يا پيرول تي آزادي ڏيارڻ منهنجي وس ۾ ڪونهي. پر آئون توکي آزادي ڏياري سگهان ٿو. اسانکي چالاڪيءَ کان ڪم وٺڻو پوندو. جيل مان نڪرندي ئي توکي هڪ ٻي شخصيت جو روپ اختيار ڪرڻو پوندو. آئون تنهنجي لاءِ نوان ڪاغذ تيار ڪرائي وٺندس. اسانکي سڀ کان پهرين ڊونالڊ ڪريڊن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو پوندو. وارڊن بروس تنهنجي سرڪاري موت جو اعلان ڪندو. پوءِ اسين توکي آزاد ڪنداسين. توکي تنهنجي فنگر پرنٽس کان ڇوٽڪارو ڏياريو ويندو. پلاسٽڪ سرجري جي ذريعي تنهنجي شخصيت بدلجي ويندي. تون جيئرو ۽ آزاد هوندين. پر ڊونالڊ ڪريڊن مري چڪو هوندو. ٿامسن رونالڊ جي رد عمل کي جاچڻ لاءِ هن جي چهري تي نظر وڌي، پر ڪو به رد عمل سامهون نه آيو. تنهنڪري ٿامسن پنهنجي ڳالهه جاري رکي.” اسانکي خبر آهي.” تنهنجي هڪ ڌيءَ آهي، جيڪا ڊونالڊ ڪريڊن جو سوڳ ملهائيندي. ڏکيو مرحلو اهو آهي ته تون پنهنجي ڌيءَ سان ڪڏهن به ملي نه سگهندين. کيس حقيقت جي خبر پوڻ نه گهرجي. اها اٿئي صورتحال، مون وٽ ڪو گهڻو وقت ڪونهي منهنجي اها آڇ آخري اٿئي. مونکي ها يا نه ۾ جواب گهرجي نه جي صورت ۾ توکي وڌيڪ ٻارنهن سال جيل ۾ گذارڻا پوندا ۽ اهو ان شرط تي به ته تنهنجي حياتي هجي. جيل ۾ ڪو توکي ڇرو به هڻي سگهي ٿو.” هن جي لهجي ۾ ڌمڪي اچي ويئي. “جيڪڏهن تون ٻارنهن سال ڀوڳي وئين ته ڏهه لک ڊالر به تنهنجا هوندا ۽ تنهنجو اصل نالو به برقرار رهندو. ها چوڻ جي صورت ۾ اڍائي لک ڊالرن سميت توکي آزادي ملندي. پر تون پنهنجي نالي ۽ پنهنجي ڌيءَ ۽ پنهنجي دوستن کان محروم ٿي ويندين. فيصلو تنهنجي اختيار ۾ آهي.”
    ڊونالڊ ڪريڊن ڪنهن اونهي سوچ ۾ ٻڏل هو. هن جي اکين مان ڇڪتاڻ جو اظهار پي ٿيو.


    لاس اينجلس مان واپس ورندي ئي ڪرسٽوفر، صدر گلبرٽ کي پنهنجي دوري جي رپورٽ پيش ڪئي. رپورٽ مختصر هئي. ڇو ته ڪرسٽوفر، صدر کي ڪيليفورنيا ۾ پنهنجي سڀني سرگرمين جي باري ۾ ته ٻڌائي نه نٿي سگهيو. اڃا هو يقين سان چئي نٿي سگهيو ته ان سيٽ اپ ۾ صدر جو ڪردار هيري جو آهي يا ولين جو. هن پنهنجي ٽي وي مناظري ۽ بار ايسوسيئيشن جي ڪنوينش ۾ پنهنجي تقرير جو ذڪر ائين ڪيو، ڄڻ اهي سندس وڏيون فتحون رهيون هيون. پر شايد صدر صاحب کي ڄاڻ هئي، هن ڪرسٽوفر جي ڪارڪردگي کي بيحد مايوس ڪندڙ قرار ڏنو.
    “تو 35هين ترميم جي لاءِ کليل طور تي نه ڳالهايو .” صدر چيو “بهرحال صورتحال قابو ۾ آهي،. ڪجهه نيون خبرون به آهن.”
    انهن مان پهرين سٺي خبر صدر جي پولنگ ايجنٽ رونالڊ ڏني جنهن موجب تازي ڪيل سروي موجب 65 سيڪڙو اسيمبلي ميمبر ترميم جي حق ۾ ٿي چڪا آهن. ڪرسٽوفر ڏاڍي ڏکيائي سان پنهنجي مايوسيءَ کي لڪايو. جنهن جو مطلب اهو هو ته کيس تيزيءَ سان ڪم ڪرڻو آهي.
    نيٺ پنجين ڏينهن ڪرسٽوفر کي لوئس برگ جيل وڃڻ جو موقعو ملي ويو. کيس خبر هئي ته هن جو بنا ڪنهن سبب جي جيل جو دورو ڪرڻ مناسب نه ٿيندو، تنهنڪري پهرين هن هڪ جواز گهڙيو. انهن ڏينهن هو جيلن ۾ سڌارن بابت هڪ ايڪٽ جي سلسلي ۾ رٿون گڏ ڪري رهيو هو. ان لحاظ کان هن جو لوئس برگ جيل جو دورو غير معمولي نه هو.
    هن وارڊن بروس سان گڏ جيل جي مختلف حصن جو معائنو ڪيو. هن کولين ۾ موجود قيدين سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي، هاڻ اهو اهم معاملي جي لاءِ پاڻ کي تيار ڪري رهيو هو. تنهنڪري هن سرسري لهجي ۾ وارڊن کي چيو “اڙي ها... هڪ ڳالهه ياد اچي ويم. اڄڪلهه هڪ قيدي جو خيال پيو اچي... ڇا مونکي هن سان پنج ست منٽ اڪيلائي ۾ ملڻ جو موقعو ملي سگهي ٿو.”
    “بلڪل سائين! اوهين مونکي رڳو ان جو نالو ٻڌايو.”
    “آئون ڊونالڊ ڪريڊن سان ملڻ ٿو چاهيان؟”
    وارڊن بروس پنهنجي حيرت لڪائي نه سگهيو. “ان جو مطلب اهو آهي ته اوهان اڄوڪيون صبح واريون اخبارون نه پڙهيون آهن. نه ئي وري اوهان ٽي وي ڏٺي آهي؟”
    “بلڪل! آئون انهن نعمتن کان اڄ محروم رهيو آهيان.”
    “مونکي افسوس آهي ته ٽي ڏينهن اڳ ڊونالڊ ڪريڊن وفات ڪري ويو. دل جو دورو هن جي موت جو سبب ٿيو. هن جي وارثن جي خبر چار لهڻ تائين اسان هن جي چالاڻي جي خبر جاري نه ڪئي.”
    “ڊونالڊ ڪريڊن مري چڪو آهي!” ڪرسٽوفر کوکلي لهجي ۾ چيو، گويا آر دستاويز جي سلسلي ۾ هن جي آخري اميد به ختم ٿي وئي.
    “اوهان ٽي ڏينهن اڳ اچو ها ته هن سان ملي وٺو ها..... بيڊ لڪ!”
    ڪرسٽوفر واپسي جي لاءِ مڙي ئي رهيو هو، جو هڪ خيال کيس ڇرڪائي ڇڏيو. هن وارڊن کان پڇيو.”اوهانکي هن جي وارثن جي خبر پئجي ويئي.”
    “هائو! هن جي ڌيءَ فلاڊليفا ۾ رهي ٿي. هو شهر کان ٻاهر ويل هئي.، هن جي موڪل ڏيڻ تي اسان هن کي هتي ئي دفنائي ڇڏيو.”
    “ڇوڪري جو رد عمل ڪهڙو هو؟”
    “فطري ڳالهه آهي..... هن جي لاءِ پيءُ جي موت جي خبر وڏو صدمو هو. اڳوڻي اٽارني جنرل بيڪسٽر کانپوءِ هوءَ اڪيلي هستي هئي، جيڪا ڊونالڊ کي خط لکندي هئي.”
    “اوهين مونکي هن جو پتو ڏيئي سگهو ٿا.”
    “هائو! پوسٽ باڪس جي ذريعي اسان اها خبر هن تائين پهچائي هئي. وارڊن بروس چيو ۽ پتو لکي ڪرسٽوفر جي حوالي ڪري ڇڏيو.
    ڪرسٽوفر واپس روانو ٿيو. هاڻ هن وٽ بس هڪ ننڍو امڪان ئي وڃي بچيو هو ته هن شايد پنهنجي ڌيءَ سان آر دستاويز جي باري ۾ ڪا ڳالهه ٻولهه ڪئي هجي.


    سڀ ڪجهه ڪنهن ڏکيائي کانسواءِ ٿيو هو، هاڻ هو موٽر بوٽ جي ڪيبن ۾ ويٺو هو. گذريل هفتي جي واقعن کي ذهن ۾ تازو ڪري رهيو هو. اڄ کان ڇهه ڏينهن اڳ هن ايف بي آءِ جي ڊائريڪٽر ورنن ٿامسن جي آڇ قبول ڪئي هئي، جيڪا حقيقت ۾ کيس ناقابل عمل ۽ بي وقوفي واري لڳي هئي. ٻه راتيون اڳ هو ماٺ مٺيءَ ۾ وارڊن جي ڪار جي پوئين حصي ۾ ويٺو هو. ان گهڙي کانپوءِ هو ڊونالڊ ڪريڊن نه پر هربرٽ ملر هو. هڪ عام شهري. هڪ آزاد انسان.
    ٿامسن سان ملاقات کانپوءِ کيس هڪ ڪوٺڙيءَ ۾ اڪيلو بند ڪيو ويو هو. اتي هن جي ملاقات ٿامسن جي ڊپٽي هيري ايڊورڊ سان ٿي. هيري سان گڏ ٽي ماڻهو ٻيا به هئا، جن جي نالن جي کيس خبر پئجي نه سگهي هئي. انهن سان گڏ هڪ اڌڙوٽ منڊو همراهه به هو. جنهن فنگر پرنٽس بدلائڻ جي لاءِ هن جي آڱرين تي مخصوص قسم جو تيزاب استعمال ڪيو هو. اهو مرحلو بي حد تڪليف وارو هو، پوءِ عينڪ جي بدران هن کي اکين ۾ ڪنٽيڪٽ لينس فٽ ڪيا ويا. پوءِ حجام هن جون مڇون صاف ڪري، هن جي سونهري وارن کي ڪارو ڪيو. آخري مرحلو ڪاغذن جو هو. هيريءَ کيس برٿ سرٽيفڪيٽ، فوج مان باعزت ڊسچارج سرٽيفڪيٽ، ڊرائيونگ لائسنس ۽ سوشل سيڪيورٽي ڪارڊ فراهم ڪيو هو. جنهن جي بنياد تي هو هاڻ هربرٽ ملر هو. هن جي عمر 59 سال هئي. پوءِ کيس پائڻ جي لاءِ پراڻي فيشن جو برائون سوٽ ڏنو ويو هو.
    هيري جي هدايت موجب کيس ميامي وڃڻو هجي، جتي ‘بيامو هوٽل’ ۾ هربرٽ ملر جي لاءِ ڪمرو بوڪ ٿيل هو ۽ ٻي ڏينهن شام جو کيس پنهنجا لڪايل ڏهه لک ڊالر ڪڍڻا هئا. پوءِ کيس مسز ريموس نالي عورت سان ملي پلاسٽڪ سرجري جي سلسلي ۾ سرجن سان رابطي جي صورت معلوم ڪرڻي هئي. ان کانپوءِ کيس فلٽر آئي ليند ۾ هڪ مخصوص هنڌ تي ان شخص کي ساڍا ست لک ڊالر ڏيڻا هئا. جيڪو کيس ملر جي نالي سان سڏي. ڪوڊ ورڊ ‘لينڊا لينڊا’ هو. رقم ڏيڻ کانپوءِ ٻيهر ٻيڙيءَ ۾ ويهڻو هو. ان کانپوءِ هو مڪمل آزاد هو.
    سڀ ڪجهه پروگرام موجب ٿيو. هن بينڪ جي لاڪر مان ڏهه لک ڊالر ڪڍي سوٽ ڪيس ۾ رکيا ۽ “بيا مو هوٽل” هليو آيو. هن پنهنجي ڪمري پهچي اڍائي لک ڊالر ڪڍي ٻي سوٽ ڪيس ۾ رکيا. رات ٿيندي ئي هن اڍائي لک ڊالر وارو سوٽ ڪيس کڻي ميامي ايئرپورٽ جي هڪ لاڪر ۾ رکيو. پوءِ هن اخبار خريد ڪئي پنهنجي يعني ڊونالڊ ڪريڊن جي موت جي خبر پڙهي. پهريون ڀيرو کيس پنهنجي بي حيثيت ٿيڻ جو احساس ٿيو. هن زندگيءَ ۾ ڪجهه به ته نه ڪيو هو. هن جي پلئه تي نه ڪيل گناهن جا داغ هئا. کيس ان جي بي انصافيءَ تي سخت ڪاوڙ لڳي. پوءِ هن جي پنهنجي ڌيءَ سوزي جي لاءِ دل ڏکڻ لڳي. هن ويچاريءَ کي ورثي ۾ پنهنجي پيءُ جي مجرم ماضي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه مليو هو. ڪاش هو ساڻس ملي کيس ٻڌائي سگهي ته هو بي ڏوهي آهي. پر هن ۾ ايتري همٿ نه هئي. جيڪي ماڻهو هڪ جيئري جاڳندي ماڻهوءَ کي ماري، هڪ ٻيو نئون ماڻهو تخليق ڪري سگهن ٿا. سي معاهدي جي خلاف ورزي ڪرڻ جي صورت ۾ خطرناڪ ثابت ٿي پي سگهيا.
    مسز ريموس سان ملاقات به سٺي رهيس، “اوهين خوش قسمت آهيو مسٽر ملر.” مسز ريموس چيو هو. “اسين پنهنجي پراڻي پلاسٽڪ سرجن کي وڃائي ويٺا هئاسين. اڃا ٻه ڏينهن اڳ اسانکي انجو متبادل مليو آهي. ان جو نالو گريشيا آهي. هو ڪيوبا مان غير قانوني طور تي هتي آيو آهي. جيسيتائين سندس سڃاڻپ جا ڪاغذ نٿا ٺهن. تيسيتائين هو اسانجو هر ڪم ڪرڻ تي مجبور آهي. بهرحال پروگرام طئي ڪري ٿا وٺون. رات جو سوا ڏهين بجي سرجن گريشا اوهانجي ڪمري ۾ اوهانجي انتظار ۾ هوندو. اوهين مهرباني ڪري پنهنجي ڪمري جي چاٻي مونکي ڏيو. ٺيڪ آهي نه؟”
    رات جو مقرر وقت تي هو فشر آئي لينڊ پهتو. هن ٻيڙيءَ واري کي بيهڻ جو چيو ۽ ٻيٽ ڏانهن روانو ٿي ويو. ساڍن ستن لک ڊالرن وارو سوٽ ڪيس هن جي هٿ ۾ هو. هو اڌ ميل کن اڳتي مس ويو، جو پويان ڪنهن سڏيس. “مسٽر ملر” هن جو آواز وڏو ۽ لهجو اسپيني هئس.
    “لنڊا لنڊا...” ڊونالڊ جواب ڏنس.
    “اوهان وٽ جيڪو ڪجهه آهي، اهو هتي ڇڏي ۽ واپس ٻيڙي طرف هليا وڃو.”
    ڊونالڊ سوٽ ڪيس زمين تي رکيو ۽ واپس روانو ٿي ويو.پر اونداهي سبب کيس رستي جو صحيح اندازو نه پي ٿيو. ڪجهه منٽن کانپوءِ هو ساهي پٽڻ جي لاءِ بيٺو. ان مهل کيس وڻن جي پويان ٻن ڄڻن جي ڳالهائڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. ان سان گڏ هن جو تجسس پڻ جاڳي پيو. شايد ان ڪري به ته هو هاڻ آزاد شخص هو. هن پهريون ڀيرو ان خيال کان سوچيو ته ڀلا ٿامسن کي هيڏي وڏي رقم جي گهرج ڇو پئي. هن پنهنجا سرڪاري وسيلا استعمال ڇو نه ڪيا؟ هو نه هٿين خالي هو ۽ نه ئي وري بي اختيار هو. هوريان هوريان دٻيل قدمن سان اڳيان وڌيو. هن وڻن جي اوٽ مان جانچيو. هو ٻيئي کائنس مشڪل سان ٽيهن فوٽن جي فاصلي تي هئا.
    لالٽين جي روشنيءَ ۾ هو کليل سوٽ ڪيس تي جهڪيا پيا هئا. لالٽين ٿوري ڊگهيرڙي همراهه جي هٿ ۾ هئي. هن چيو. “مسٽر رامن هاڻ ته تون گهڻو امير ماڻهو آهين.” هن جو لهجو چٽو هو.
    هن جي ساٿيءَ اسپيني لهجي واري انگريزي ۾ چيو. “شٽ اپ فرنانڊس.” پوءِ هن ڪنڌ مٿي کنيو ۽ اسپيني ۾ ڪجهه چيو. لالٽين جي روشنيءَ ۾ هن جي چهري جو هڪ نقش ڊونالڊ کي صاف نظر آيو. هاڻ آهي ٻيئي اسپيني ۾ ڳالهائي رهيا هئا. ڊونالڊجي لاءِ هاڻي وڌيڪ بيهڻ بيڪار هو. جيتوڻيڪ هن جي تجسس جي اڃ اڃا به نه اجهي هئي. اهو مونجهارو به هئس ته هو انهن اسپيني نسل جي ماڻهن کي ڪڏهن به ايف بي آءِ جو ايجنٽ مڃڻ جي لاءِ تيار نه هو. ان صورتحال ۾ سوال اهو ٿي پيدا ٿيو ته ايف بي آءِ جي ڊائريڪٽر ٿامسن جو انهن سان ڪهڙو لاڳاپو هو.
    ٿوري دير ڀٽڪڻ کانپوءِ کيس رستو لڀجي ويو ۽ هو ڪنڌيءَ ڏانهن هلڻ لڳو. کيس هاڻ ٻيو سڀ ڪجهه وساري فقط پنهنجي مستقبل جي باري ۾ سوچڻو هو. ٻيڙيءَ ۾ ويهي، مياميءَ جي ساحل تي لهڻ کانپوءِ هن پاڻ کي هوائن جيان آزاد محسوس ڪيو. پر هڪدم کيس خيال آيو ته هڪ مرحلو اڃا رهيل آهي. کيس پنهنجي هوٽل جي ڪمري ۾ ڊاڪٽر گريشيا سان ملي پنهنجو چهرو تبديل ڪرائڻو هو. ان ملاقات جي لاءِ سوا ڏهين بجي جو وقت مقرر ٿيل هو. پر ٻي طرف کيس سخت بک به لڳي رهي هئي. ماني کائڻ جي صورت ۾ کيس ڪجهه دير ٿي پي سگهي، پر ان سان ڪو به فرق نه ٿي پيو. فرق پوندو به ڪيترو وڌ ۾ وڌ پندرنهن منٽن جو. تنهنڪري هن هڪ سٺي هوٽل جو رخ ڪيو. ٽي سال جيل جي ماني کائڻ کانپوءِ سٺي ماني جو تصور به کيس وڏي عياشي محسوس ٿي رهي هئي.
    پر ماني کائڻ جي سلسلي ۾ هن جو اندازو غلط ثابت ٿيو. پندرهن منٽن جي بدران کيس منو ڪلاڪ لڳي ويو. يارهين بجي هو ٽيڪسي ڪري هو “بيامو” هوٽل واري رستي تي پهتو ته اتي ميڙ لڳو پيو هو. هن ٽيڪسي روڪائي ۽ لهي پنڌ هوٽل طرف روانو ٿي ويو. هن جي دل ڌڙڪي رهي هئي. هوٽل جي ڀرسان پهچي هن اندازو لڳايو ته سڀني جو ڌيان بيامو هوٽل طرف آهي. فائر مين هوز پائيپ گهيريندي پي ڦريا. هن کي اهو سوچي جهٽڪو لڳو ته هن جو پنهنجو ڪمرو به ٽئين ماڙ تي هو. هن پنهنجي ڀر ۾ بيٺل تماشائيءَ کان پڇيو. “ڇا ٿيو، ڪهڙو چڪر آهي.”
    “اڌ ڪلاڪ اڳ ٽئين ماڙ تي ڌماڪو ٿيو ۽ باهه لڳي ويئي. چار پنج ڪمرا تباهه ٿي ويا آهن. ڪنهن ٻڌايو پي ته هڪ ماڻهو مئو آهي ۽ ڪجهه زخمي به ٿيا آهن.” جواب مليو.
    ڪجهه پرڀرو، ڪجهه صحافي ۽ ڦوٽو گرافر بيٺا فائر مين سان ڳالهائي رهيا هئا.
    ڊونالڊ ميڙ مان جاءِ ٺاهيندو انهن ڏانهن وڌيو.
    “هڪ ماڻهو مئو آهي. ڪمري ۾ ڌماڪو ٿيو آهي. ان مان لاش مليو آهي. جيڪو سڙي چڪو آهي. سڃاڻپ جو ته ڪو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. پر هوٽل جي رجسٽر موجب فوتيءَ جو نالو هر برٽ ملر هو.”
    ڊونالڊ کي پنهنجي پيرن هيٺان زمين کسڪندي محسوس ٿي. ٻي صحافيءَ سوال ڪيو، ڌماڪي جو سبب ڪهڙو هو؟ گيس جو ليڪ ٿيڻ يا بم رکيو ويو هو؟”
    “في الحال ته ڪجهه چوڻ ڏکيو آهي. سڀاڻي تائين صورتحال چٽي ٿي سامهون اچي ويندي.”
    ڊونالڊ تي ڏڪڻي طاري ٿي وئي. هو تکو تکو هجوم مان ٻاهر نڪتو، هن جي لاءِ سوچڻ ڏکيو ٿي پيو هو. هڪ ئي هفتي ۾ پنهنجي موت جون ٻه خبرون پڙهڻ ڪو خوشگوار ڪم ته نه هو. ٿامسن، ڊونالڊ ڪرينڊن کي ماري هر برٽ ملر تخليق ڪيو هو. ۽ ساڍا ست لک ڊالر ملڻ کانپوءِ هربرٽ ملر کي به ٺڪاڻي لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ڪوشش ڇا ڪئي هئائين. سرڪاري طور تي ته ماري ئي ڇڏيو هئائين. ڊونالڊ دل ئي دل ۾ کيس گاريون ڏيندو رهيو. پر ان سلسلي ۾ هو عملي طور تي ڪجهه به نٿي ڪري سگهيو. نه اڄ نه ئي وري آئنده ڪڏهن. هاڻ هو جيئرو هو. پر نالي ۽ شخصيت کان محروم هو. پهريون ڀيرو کيس احساس ٿي رهيو هو فقط وجود، اثبات وجود ڪڏهن به نه هوندو آهي. پوءِ کيس خيال آيو ته جيڪڏهن هي ڊونالڊ ڪرينڊن ۽ هربرٽ ملر جي حيثيت سان نه سڃاتو وڃي ته هو محفوظ رهندو. ان سلسلي کيس احتياطي تدبيرن جي گهرج هئي ۽ ان جي لاءِ کيس هڪ پلاسٽڪ سرجن جي گهرج هئي. ويچارو، ڊاڪٽر گريشيا ته هن جي حصي جي موت قبولي سڃاڻپ کان ٻاهر ٿي چڪو هو. هونئن به آمريڪا ۾ هن ويچاري جي ڪابه سڃاڻپ نه هئي.
    في الحال کيس لڪڻ جي لاءِ جڳهه گهربل هئي ۽ ڪو اهڙو شخص، جنهن تي مڪمل طور تي ڀروسو ڪري سگهي. پر اهڙو ڪير هو...... اڍائي لک ڊالرن ياد اچي ويس. هو ميامي ايئرپورٽ ڏانهن روانو ٿي ويو. اڍائي لک ڊالرن واري سوٽ ڪيس جي اهميت ويتر وڌي وئي هئي.


    قسط 13

    ٻئي ڏينهن ڪرسٽوفر ڪولنس بي حد خوش اميديءَ مان پنهنجي ڊپٽي ايڊ جي ڪال رسيو ڪندي پڇيو “ڪهڙي خبر آهي ايڊ؟”
    “پوسٽ باڪس نمبر351 مس سوزن ڪريڊن جي نالي آهي.”
    ٻي پاسان وراڻي ملي “۽ ايڊريس اٿس 419000 سائوٿ اسٽريٽ.... ٻڌ ڪرس. هي ڪهڙو چڪر آهي.”
    “پهرين ته آئون سمجهي وٺان. پوءِ توکي سمجهائيندس.” ڪرسٽوفر پتو نوٽ ڪندي رسيور رکيو ۽ پاڻ کي سمجهايو ته صورتحال مايوس ڪندڙ ڪونهي. ڊونالڊ ڪريڊن ٽن ڏينهن کانپوءِ مئو هجي ها ته اهو مسئلو به حل ٿي چڪو هجي ها. پوءِ به هن جي ڌيءَ جي روپ ۾ هڪ ڏس ضرور موجود آهي ڊونالڊ ذهني طور تي ڌيءَ جي گهڻو ويجهو هو. ٿي سگهي ٿو ته آر دستاويز جي سلسلي ۾ هن پنهنجي ڌيءَ سوزن سان ذڪر ڪيو هجي. امڪان ته ڪو نه هو. بهرحال هڪ امڪان هو ته سهي.”
    هو اُٿيو ۽ پنهنجي سيڪرٽري جي ڪمري ۾ منهن وجهندي چيائين. “ماريان!.... منهنجو اڄ جو شيڊيول ڪيئن آهي.”
    “ڪا اهڙي اپائنٽمنٽ جيڪا رد ڪري سگهجي؟”
    “نه سائين! آءِ ايم سوري.”
    “۽ سڀاڻي.....؟”
    “ڏسان ٿي ..... هائو، صبح جو واندڪائي ملي سگهي ٿي.”
    “ٺيڪ آهي توکي منهنجي هر اپائنٽمنٽ ڪينسل ڪرڻ جو اختيار آهي. سڀاڻي صبح جو فلاڊلفيا جي فلائٽ ۾ منهنجي سيٽ بوڪ ڪرائي ڇڏ. اهو معاملو گهڻو اهم آهي. گهٽ ۾ گهٽ منهنجو ته اهو ئي خيال آهي.”


    روانگي کان اڳ. ڪرسٽوفر، سوزن ڪريڊن جي باري ۾ ممڪن حد تائين معلومات حاصل ڪري ورتي هئي. هو ڊونالڊ ڪريڊن جي اڪيلي ڌيءَ هئي. عمر 26 سال هيس ۽ “فلاڊلفيا ٽائمز” ۾ فيچر رائٽر جي حيثيت سان ڪم ڪري رهي هئي. هن اخبار جي آفيس ۾فون ڪري ملاقات جو وقت طئي ڪرڻ چاهيو، پر کيس ٻڌايو ويو ته سوزن بيمار آهي ۽ موڪل تي آهي.
    ڪرسٽوفر پنهنجي ڪار ۽ باڊي گارڊ کي سوزن جي گهر کان اڌ بلاڪ پويان ڇڏيو ۽ خود گهر ڏانهن وڌيو. هن جي سمجهه ۾نه پئي آيو ته سوزن سان ڪيئن ڳالهائي، بهرحال ڳالهه ڇا به هجي، سوزن هن جي آخري اميد هئي. هن هر خيال ذهن مان جهٽڪي اطلاعاتي گهنٽي جو بٽڻ دٻايو. ڪجهه گهڙين جو اوسيئڙو. پر ڪو به جواب نه مليو. هن ٻيهر گهنٽي وڄائي هن ڀيري ۾ ڪو جواب نه مليو. هو واپس ورڻ وارو ئي هو، جو ٿورودروزاو کليو ۽ جهروڪي مان هڪ جوان ڇوڪري ٻاهر نهاريو. سونهري وارهن جي ڪلهن تي لڙڪي رهيا هئا. “اوهين سوزن ڪريڊن آهيو؟” ڪرسٽوفر پڇيس. ڇوڪري جي اکين ۾ فڪرمنديءَ جا آثار جهلڪڻ لڳا. پر هن هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو. “آئون واشنگٽن مان آيو آهيان.” فقط اوهان سان ملڻ جي لاءِ ڪرسٽوفر ٻڌايو.
    “ڳالهه ڇا آهي؟”
    “مونکي اوهانجي پيءُ جي موت جو افسوس آهي. آئون ان سلسلي ۾ اوهان سان ڪجهه ڳالهائڻ.....”
    “هيئنر آئون ڪنهن سان به ملي نٿي سگهان.” ڇوڪريءَ سخت لهجي ۾ چيو. “ اوهين مونکي وضاحت ته ڪرڻ ڏيو.”
    “نيٺ به ته اوهين آهيو ڪير.....؟”
    “منهنجو نالو ڪرسٽوفر ڪولنس آهي، آئون آمريڪا جو اٽارني جنرل آهيان ڪرنل بيڪسٽر منهنجو ويجهو دوست هو. مونکي اوهان سان ڪجهه ضروري ڳالهيون ڪرڻيون آهن.”
    “اوهين ڪرنل بيڪسٽر کي سڃاڻندا آهيو...”
    “هائو! مهرباني ڪري مونکي اندر اچڻ ڏيو. آئون اوهانجا فقط ڪجهه منٽ ئي وٺندس.”
    ڇوڪري ٿورو هٻڪي، پوءِ هن دروازو کولي ڇڏيو “ٺيڪ آهي.... اچو.” هن چيو. “پر آئون گهڻو وقت ڏيئي نه سگهنديس.”
    ڪرسٽوفر اندر گهڙيو. هو ڪمري جي آرائش کي واکاڻڻ کانسواءِ رهي نه سگهيو. سامهون هڪ دروازو هو، جيڪو بيڊ روم ۾ ٿي کليو. ڇوڪريءَ جي اشاري تي هو صوفي تي ويهي رهيو. ڇوڪري بيٺي رهي. پر هو ڪجهه هٻڪيل نظر اچي رهي هئي ۽ بار بار پنهنجي هٿ سان نراڙ تي آيل وارن کي پويان هٽائيندي رهي.
    “مونکي اوهانجي پيءُ جي موت جو ٻڌي افسوس ٿيو آهي.” ڪرسٽوفر چيو.
    “جي ڇا واقعي اوهين سچي به اٽارني جنرل آهيو.”
    “هائو!”
    “۽ اوهان کي ايف بي آئي وارن ته نه موڪليو آهي.”
    ڪرسٽوفر مرڪيو، “هو مونکي نه پر آئون هنن کي موڪليندو آهيان. هتي آئون پنهنجي مرضيءَ سان ۽ هڪ ذاتي ڪم جي سلسلي ۾ آيو آهيان.”
    “اوهان چيو هو ته اوهين ڪرنل بيڪسٽر جا دوست آهيو؟”
    “هائو! منهنجو خيال آهي ته اوهانجو پيءُ به ڪرنل جي ويجهن دوستن مان هو.”
    “هائو!، بلڪل ويجهن دوستن مان هو.”
    “ان ڪري آئون هتي آيو آهيان.” ڪرسٽوفر زرو ڏيندي چيو.
    “ڪرنل بيڪسٽر مرڻ وقت منهنجي لاءِ هڪ نياپو ڇڏيو هو. آئون ان نياپي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان. منهنجو خيال آهي ته اوهانجو بابا ان سلسلي ۾ منهنجي مدد ڪري سگهندو. ٿي سگهي ٿو ته ڪرنل ان سلسلي ۾ ساڻس ڳالهه ڪئي هجي. مون ٻڌو آهي ته هو ان سلسلي ۾ اوهانجي پيءُ تي گهڻو ڀروسو ڪندو هو.”
    “هائو! اها ڳالهه صحيح آهي. پر اوهانکي ڪيئن خبر پئي.”
    “حنا بيڪسٽر کان.” ڪرسٽوفر وراڻيو. “هن ئي مونکي ٻڌايو ته اوهانجو پيءُ لوئس برگ جيل ۾ آهي. آئون ٻه ڏينهن اڳ لوئس برگ جيل ويو هئس. اتي اوهانجي والد جي افسوس ناڪ وفات جي خبر پئي. مون سوچيو ته ٿي سگهي ٿو ته اوهانجي پيءُ ان سلسلي ۾ اوهان سان ڪو ذڪر ڪيو هجي. ان سلسلي ۾ آئون اوهان سان ملڻ جي لاءِ آيو آهيان.”
    “اوهين ڇا ٿا ڄاڻڻ چاهيو؟”
    ڪرسٽوفر ڊگهو ساهه کنيو، ڳالهه ڪيئن شروع ڪجي اهو به هڪ مسئلو هو. نيٺ هن چيو، “آئون آر دستاويز جي باري ۾ ڄاڻڻ ٿو چاهيان.”
    ڇوڪري حيران نظر اچڻ لڳي. “اها ڪهڙي شيءِ آهي.”
    ڪرسٽوفر وسامي ويو. “ان جي ته مونکي به خبر ڪونهي. مون سمجهيو ٿي ته اوهانکي خبر هوندي.”
    “نه مون ڪڏهن به ان بابت نه ٻڌو آهي.”
    “اهو ٻڌي مونکي مايوسي ٿي. خير ڇڏيو کڻي مون ته پنهنجي پر ۾ ڪوشش ڪري ڏٺي.” اهو چئي هو اُٿي بيٺو. “آئون اوهانکي وڌيڪ تڪليف نه ڏيندس.” هن هٻڪندي چيو. “پرايترو ضرور چوندس ته ڪرنل بيڪسٽر کي تنهنجي پيءُ جي بي گناهي جو يقين هو. هو اوهانجي پيءُ کي پيرول تي آزاد ڪرائڻ جي سلسلي ۾ ڪم ڪري رهيو هو. مون پاڻ هن جي تيار ڪيل ڪيس کي پڙهيو آهي ۽ ساڻس سهمت ٿيڻ کانسواءِ رهي نه سگهيس ته، اوهانجي پيءُ کي ڦاسايو ويو هو. مون مسز بيڪسٽر سان واعدو ڪيو هو ته ڪرنل جي ڪم کي آئون پورو ڪندس ۽ مسٽر ڪريڊن کي پيرول تي آزادي ڏياريندس. مسز بيڪسٽر واعدو ڪيو هو ته هو مسٽر ڪريڊن کي خط لکي منهنجي اچڻ بابت آگاهه ڪندي ۽ مون سان سهڪار جي اپيل ڪندي. پر افسوس جو آئون دير سان پهتس. خبر ڪونهي ڇو مونکي سدائين دير ٿي ويندي آهي.” هو ڇرڪيو، ڇو ته هن ڇوڪريءَ ۾ ڪجهه تبديلي پيدا ٿيندي ڏٺي. ڇوڪريءَ جون اکيون ڦاٽي ويون. هن جو هٿ بي اختيار وات تي هليو ويس. هوءَ اکيون ڦاڙي هن جي پويان ڏسڻ لڳي.
    اوچتو ڪمري ۾ ٽيون آواز اڀريو، “هن ڀيري توکي دير نه ٿي آهي دوست.”
    آواز ڪرسٽوفر جي پٺيان آيو.ڪرسٽوفر مڙي پويان ڏٺو. بيڊ روم ڏانهن کلندڙ دروازي ۾ هڪ اجنبي بيٺو هو. هن جو چهرو ڄاتل سڃاتل پي لڳو. پر هو اجنبي هو.
    هو ڪرسٽوفر ڏانهن وڌيو ۽ هن جي ويجهو بيهي رهيو. “آئون ڊونالڊ ڪريڊن آهيان.” هن چيو. “آر دستاويز...؟ تون آر دستاويز جي باري ۾ ٿو ڄاڻڻ چاهين ....؟”


    پر آر دستاويز جي باري ۾ بامعنيٰ ڳالهه ٻولهه اڌ ڪلاڪ کانپوءِ ئي ممڪن ٿي سگهي. پهريون مسئلو ته اهو هو ته ڪرسٽوفر کي پڪ ئي نه پي ٿي. ڏاڍي ڏکيائي سان ڊونالڊ کيس قائل ڪيو ته. “آئون جيئرو آهيان، منهنجو رڳو نالو مري ويو آهي. خير پهرين تون مونکي پنهنجي باري ۾ يقين ڏيار. آئون پنهنجو سڄو تفصيل پوءِ توکي ٻڌائيندس.... اهو ٻڌائي ته تون مون تائين ڪيئن پهتين؟” پر ڪرسٽوفر جي وضاحت کان اڳ کيس پنهنجي ڌيءَ سوزن کي مطمئن ڪرڻو پيو. جيڪا حيران ۽ پريشان بيٺي هئي.
    “مٺي! ..... مونکي ڪنهن جي مدد جي ضرورت آهي ۽ منهنجو خيال آهي ته آئون مسٽر ڪولنس تي ڀروسو ڪري سگهان ٿو. کيس منهنجي جيئري هئڻ جي خبر نه هئي. پوءِ به هن جو لهجو همدرديءَ وارو هو.”
    ڪرسٽوفر، ڪرنل بيڪسٽر جي موت کان وٺي هيسيتائين جا واقعا بنا ڪنهن گهٽ وڌائي جي بيان ڪري ڇڏيا. هن حنا بيڪسٽر سان پنهنجي ملاقات ۾ تفصيل به ٻڌايو.
    “هائو! حنا مونکي خط لکيو هو ۽ ان ۾ تنهنجي جيل ۾ اچي مون سان ملڻ بابت لکيو هو.”
    “آئون ويو هئس! هاڻ اهو چوندي عجيب پيو لڳي ته اتي مونکي اوهانجي موت جي باري ۾ ٻڌايو ويو.... بهرحال ائين آئون هتي پهتس.” ڪرسٽوفر ٻڌايو.
    “تون ٻڌائي چڪين! هاڻ آئون ٻڌايان ته هت ڪيئن پهتس.” ڊونالڊ چيو. “اها منهنجي خوش بختيءَ جي ڪهاڻي آهي. ان تي ذرو به شڪ نه ڪج.” اهو چئي ڊونالڊ پنهنجي رام ڪهاڻي ٻڌائڻ شروع ڪئي. ڪرسٽوفر جو وات پٽيل هو ۽ هن جي اکين مان بي يقيني جهلڪي رهي هئي. تنهن کانسواءِ ڪجهه سوال به تنگ ڪري رهيا هئا ته اهڙي ڪهڙي ضرورت اچي پئي هئي، جنهن لاءِ ڏوڪڙن جي حصول واسطي ٿامسن کي ايترو خطرناڪ ۽ڏکيو رستو اختيار ڪرڻو پيو. پر ماٺ ڪيو سڀ ڪجهه ٻڌندو رهيو. هن ڊونالڊ جي بيان ۾ مداخلت نه ڪئي.
    ڊونالڊ جي ڪهاڻي ٻڌڻ کانپوءِ ڪرسٽوفر جي سڄي خوشفهمي ختم ٿي ويئي. کيس ان ۾ ڪو به شڪ نه رهيو ته ڪيليفورنيا خير ۽ شر جي جنگ جي ميدان بڻجي چڪو آهي.
    “هر رٿ جي پويان ٿامسن آهي.” ڊونالڊ پڇاڙيءَ ۾ چيو. “۽ ان جو مناسب سبب به آهي. 35هين ترميم کيس آمريڪا جو بي حد سگهارو ماڻهو بنائي ڇڏيندي. صدر کان به وڌيڪ سگهارو. پر مونکي يقين آهي ته اسين هن جي خلاف هڪ..... رڳو هڪ ٺوس ثبوت به مهيا ڪري نٿا سگهون.”
    ڪرسٽوفر به ان ئي انداز ۾ سوچي رهيو هو. “تون صحيح ٿو چوين. البته آر دستاويز جو ڳجهارت ڀَڄي پوي ته ڪو ٺوس ثبوت حاصل ٿي سگهي ٿو. هاڻ اوهين آر دستاويز جي باري ۾ ڳالهايو.”
    “ان ئي ڳالهائڻ کان اڳ توکي منهنجون ٽي ڳالهيون مڃڻيون پونديون.” ڊونالڊ چيو “پهرين اها ته پلاسٽڪ سرجري جي ذريعي منهنجو چهرو بدلرائي ڇڏ.....؟”
    “ٿي ويندو! نيواڊا ۾ اسانجو سرجن آهي. جنهن بابت ايف بي آءِ کي به خبر ڪونهي. اهو ڪم سڀاڻي ئي ٿي ويندو.” ڪرسٽوفر پڪ ڏياري.
    “ٻي ڳالهه اها ته مونکي پنهنجي سڃاڻپ کپي. ڊونالڊ ڪرينڊن لوئس برگ. جيل ۾ مري چڪو آهي. هر برٽ ملر هوٽل جي ڌماڪي ۾ هلي چُريو، هاڻ آئون هڪ بي نانءَ ماڻهون آهيان. مونکي هڪ نالي ۽ ضروري ڪاغذن جي گهرج آهي.”
    “ڪاغذ توکي پنجن ڏينهن کانپوءِ ملي ويندا. ٻيو ڪجهه.”
    “۽ هڪ ٻيو واعدو ٿو چاهيان ته ٿامسن کي بي نقاب ڪرڻ کانپوءِ تون منهنجي پلئه تي لڳل داغ هٽائيندي..... منهنجو نالو ۽ منهنجي شخصيت بحال ڪرائيندين.”
    “مونکي خبر ڪونهي ته ائين ڪري سگهندس يا نه !”
    “منهنجو مطلب آهي ته تون ڪوشش ۾ وسان نه گهٽائيندين.”
    “ان ڳالهه جو آئون حلفيه اقرار ٿو ڪريان.” ڪرسٽوفر پوري سچائي سان چيو.
    “هاڻ آئون توکي آر دستاويز جي باري ۾ ٻڌايان ٿو. “ڊونالڊ سگريٽ دکائيندي چيو. “منهنجي ڄاڻ مڪمل ته ڪونهي پر ڪجهه نه ڪجهه بهرحال ڄاڻان ٿو. آر دستاويز 35هين ترميم جو اڻ لکيل حصو آهي. ان جي باري ۾ ڪنهن کي به خبر ڪونهي.، انهيءَ جي اُڻت ان وقت ڪئي وئي جڏهن مونکي اڃا سزا نه ملي هئي. ان جي ڪري بيڪسٽر گهڻو پريشان هو. هو قدامت پسند ضرور هو، پر بي حد شريف ۽ معقول به هو. آئين جي محبت ۽ احترام هن جي نس نس ۾ سمايل هو. دستور سان مذاق ڪرڻ کيس بنهه نه وڻندو هو. پر ملڪ ۾ ڏوهن جي وڌندڙ سيڪڙي جي ڪري مٿس دٻاءُ وڌي رهيو هو. ملڪ ۾ امن ۽ امان قائم رکڻ هن جي ذميداري هئي. ۽ نوبت ايستائين پهتي جو 35هين ترميم کانسواءِ ان جو ڪو امڪان نه هو. تنهنڪري نه چاهيندي به هو ان ترميم جي حمايت ڪري ويٺو. پر ان تي سدائين پڇتائيندو به رهيو. پر هو ان ۾ اهڙو ته گپجي چڪو هو، جو پويان هٽڻ هن جي وس ۾ نه هو.”
    “اها ڳالهه صحيح آهي ته ڪرنل جا آخري لفظ به ان ڳالهه جي تائيد ڪن ٿا. پر سوال اهو آهي ته هو ڊنل ڪنهن کان هو.”
    “مونکي خبر ڪونهي.” ڊونالڊ چيو. “آئون بس ايترو ٿو ڄاڻان ته هو گهڻو اڳتي نڪري ويو هو. هو پريشان به هو ۽ کيس مون کانسواءِ ٻيو ڪنهن تي به ڀروسو نه هو. جڏهن به دل تي بار وڌندو هئس ته مون سان ڳالهائڻ لڳندو هو . اهڙي ئي هڪ موقعي تي آر دستاويز جو ذڪر نڪتو. ان کانپوءِ ڪيترائي ڀيرا ان جو ذڪر ٿيو هو، چوندو هو ته ڪاش ٿامسن مونکي 35هين ترميم ۽ آردستاويز جي چڪر ۾ نه ڦاسائي ها. هاڻ ٻڌ! آر مخفف آهي” ري ڪنسٽرڪشن جو “يعني ترميم جي سلسلي ۾ نئين سر تعمير جو دستاويز” آمريڪا جي نئين سر اڏاوت جو دستاويز. اهو دستاويز 35هين ترميم جو لڪل حصو آهي. ان جي ذريعي آمريڪا کي ڏوهن کان پاڪ ملڪ بنائي سگهجي ٿو. ان دستاويز جا ٻه حصا آهن. ڪرنل بيڪسٽر کي فقط هڪ حصي جي خبر هئي. هن مونکي ٻڌايو هو ته ٻي حصي تي ٿامسن اڃا ڪم پيو ڪري. ...... پهريون حصو هڪ قسم جو پائلٽ پروگرام هو. “ڪرسٽوفر مُنجهي پيو پائلٽ پروگرام؟ ڇا مطلب.”
    “آئون خود وضاحت ڪرڻ وارو هئس. 35هين ترميم ٿامسن سوچي هئي. هن اها ڪيئن سوچي؟ ان جو اهو جواب آهي ته آمريڪي صدر ۽ ڪانگريس ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرڻ جو سوچي رهيا هئا. ان وچ ۾ ٿامسن کي هڪ انوکو مثال نظر آيو. سوچ ته سهي! جيڪڏهن ڪنهن شهر ۾ ڏوهن جو تناسب سڄي ملڪ جي مقابلي ۾ نه هئڻ جي برابر هجي ته ان جو تجزيو ته ڪري سگهجي ٿو نه؟ ٿامسن سڀني شهرن جي ڊيٽا گهرائي ڪمپيوٽر کان مدد ورتي هئي. ڪمپيوٽر ڪجهه علائقا ڌار ڪيا، جيڪي ڏوهن کان پاڪ هئا. اتفاق جي ڳالهه آهي ته اهڙا سڀئي علائقا ڪمپني ٽائون هئا.”
    “ڪمپني ٽائون؟”
    “هائو! آمريڪا ۾ ڪمپني ٽائون ڀريا پيا آهن. جتي به ڪنهن ڏورانهين هنڌ تي ڪا صنعت قائم ٿئي ٿي ته اتي ڪم ڪندڙن جي لاءِ شهر وسايو وڃي ٿو. اهو ڪمپني ٽائون سڏبو آهي ۽ اتي ڪمپني جي حڪومت هوندي آهي. جيتوڻيڪ ائين به ڪونهي ته ڪو هر ڪمپني ٽائون ڏوهن کان پاڪ هجي، پر ڪجهه اهڙا به آهن. جتي ڏوهن جو تناسب نه هئڻ جي برابر آهي. اهي ننڍيون ٽائونون آهن، جتي ڪنهن فرد يا ڪمپنيءَ جي حڪمراني آهي.”
    “يعني ڊڪٽيٽر شپ؟”
    “ائين ئي سمجهه، اتي بدمعاشن ۽ سماج تي سخت ڪنٽرول هوندو آهي. اهڙن ئي شهرن مان هڪ شهر ٿامسن کي پسند اچي ويو. انهي جو ريڪارڊ ڊگهي عرصي کان ڏوهن جي حوالي سان صاف هو ۽ ان جو نالو “آرگوسٽي آهي ۽ اهو ايريزونا جي آرگو ڪمپني جي انتظام هيٺ آهي. ٿامسن ان بابت مڪمل تحقيق ڪئي. خبر پئي ته بنيادي حقن جي دستاويز جي اڪثر نڪتن تي اتي عمل نه ٿو ڪيو وڃي. شهرين کي به ان ڳالهه تي ڪو اعتراض نه هو. ڇو ته انهن جي جان ۽ مال کي مڪمل تحفظ حاصل هو. اتان کان ٿامسن کي 35هين ترميم جو خيال آيو. هن سوچيو، جيڪو ڪجهه آرگوسٽيءَ ۾ ممڪن آهي. اهو سڄي آمريڪا ۾ به ممڪن ٿي سگهي ٿو. پر آرگوسٽي جي شهرين کي ان وقت به ڪي حق حاصل هئا. ٿامسن پنهنجن ايجنٽن جي ذريعي انتظاميا تي زور بار وجهرائي بنيادي حقن کي تجرباتي طور تي معطل ڪرائي ڇڏيو. ايئن کڻي سمجهو ته ان شهر ۾ 35هين ترميم جو نفاذ ٿي چڪو آهي. ان شهر جي وسيلي سان ڊائريڪٽر ٿامسن عملي طور تي 35هين ترميم جي اثر انگيزي ثابت ڪري رهيو آهي.”
    “منهنجا خدا ! اهو سڀ يقين کان ٻاهر آهي.” ڪرسٽوفر ڪنجهندي چيو. “ان جو مطلب اهو ٿيو ته آمريڪا ۾ هن وقت به هڪ شهر اهڙو آهي، جيڪو بنيادي انساني حقن کان محروم آهي.”
    “منهنجي ڄاڻ موجب اهڙو شهر واقعي موجود آهي.”
    “پر اهو ته جمهوري روح جي ابتڙ ۽ غير قانوني آهي. هڪ جمهوري ملڪ ۾ ائين ٿي نٿو سگهي.” اٽارني جنرل جي لهجي ۾ احتجاج هو.
    “اهو متان وسارين ته ڪيليفورنيا ۾ 35هين ترميم جي توثيق کانپوءِ اهو سڀ ڪجهه قانوني ٿي ويندو.” ڊونالڊ چيو. “بهرحال! ڊائريڪٽر ٿامسن جو اهو تجربو آر دستاويز جو پهريون حصو آهي.”
    “۽ ٻيو حصو!؟”
    ڊونالڊ ڪلها کڻندي وراڻيو. “مونکي خبر ڪونهي.”
    “مونکي يقين نٿو اچي.” ڪرسٽوفر چيو “۽ ها! نتيجن جي باري ۾ به ته ٻڌا ئي ته آرگوسٽي ۾ ان تجربي جا نتيجا ڪيئن رهيا؟”
    “اهو ته توکي ڏسڻ گهرجن.” ڊونالڊ هن جي اکين ۾ اکيون وجهي چيو.
    “ڇا تون اهو سڀ ڪجهه پنهنجي اکين سان ڏسڻ پسند نه ڪندين؟”
    “بلڪل پسند ڪندس. اهو ضروري آهي. آئون ڊائريڪٽر ٿامسن جي رٿا جي تهه تائين پهچڻ ٿو چاهيان. ڇاڪاڻ ته ملڪ جي سالميت داءَ تي لڳل آهي. هونئن ڇا اهو ممڪن آهي ته آئون اهو شهر ڏسي سگهان.”
    “جيستائين مونکي خبر آهي ته ٻاهريان ماڻهو اتي نه ويندا آهن. پر فقط ٻه ماڻهو نمايان به نه لڳندا.”
    “ٻه نه ٽي چئو.”
    “ٽي؟ ڊونالڊ ڇرڪيو،” اهو خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو.”
    “اهو اهڙو خطرو آهي، جيڪو بهرحال کڻڻون ئي آهي. ٽيون شخص ايترو ته اهم آهي جو هو اڪيلي سر 35هين ترميم کي ڌوڙ ڪري سگهي ٿو.”


    اٽارني جنرل واپس ايندي ئي ڪمپني ٽائونز جي سلسلي ۾ طوفاني ريسرچ شروع ڪرائي ڇڏي. ايريزونا جي آرگوسٽي تي گهڻو زور ڏئي رهيو هو. ريسرچ خاموشي ۽ تيز رفتاري سان وڌندي رهي، چئن ڏينهن کانپوءِ رپورٽ هن جي ميز تي موجود هئي.
    ان رپورٽ جو جائزو وٺڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪمپني ٽائونز جي اهميت مٿس چٽي ٿي. ڏورانهن علائقن ۾ کاڻيون کوٽيندڙ ڪمپنين کي ڪارڪنن جي گهرج پوندي هئي. کين ان ڪم تي لڳائڻ لاءِ ڪمپني کي سڄو شهر آباد ڪرڻو پوندو هو. هو اتي گهرن جون اڏاوتون ڪندا هئا. ٻيون ڪارو باري اسڪيمون شروع ڪندا هئا. جن ۾ کاڌ خوراڪ جي شين جا دوڪان، جنرل اسٽور ۽ هوٽلون قائم ڪندا هئا. ته جيئن سندن ڪارڪنن کي هر ڪا سهولت ميسر ٿي سگهي. اهڙن شهرن ۾ عام طور تي گهر، دوڪان، مطلب ته هر شيءِ ڪمپني جي ملڪيت هوندي هئي. اتي مزدورن جي نظر ۾ اهو شهر مستقل نه پر وقتي ٺڪاڻو هوندو آهي. هو اتي ڪمپني جي رحم ۽ ڪرم تي هوندا هئا. زبان کولڻ کان هر شخص گهٻرائيندو هو. اتي ڪنهن جي راءِ جي ڪابه اهميت نه هئي.
    جنرل رپورٽ پڙهڻ کانپوءِ ڪرسٽوفر آرگو سٽي واري تحقيق وارو فائيل کوليو. آرگوسٽيءَ بابت موجود معلومات بنهه گهٽ هئي. پر ٻين ڪمپني ٽائونز جو ان کان مختلف هئڻ بلڪل چٽو هو. آرگو سٽي ۾ هر شيءِ ڪمپني جي ملڪيت هئي. اتي فقط ڪمپنيءَ جا ضابطا هلندا هئا ۽ فقط ڪمپنيءَ جا نوڪر ئي رهندا هئا، گذريل پنجن سالن ۾ اتي ڪو ننڍڙو ڏوهه نه ٿيو هو. اها تمام وڏي خوبي هئي. تمام سٺي ڳالهه هئي..... خوفناڪ ۽ ڊيڄاريندڙ حد تائين.”
    ڪرسٽوفر فائيل بند ڪري ڇڏيو. حقيقت ڄاڻڻ جو هڪئي طريقو هو. ۽ اهو هي ته پاڻ وڃي شهر کي ڏسجي، ان صورت ۾ ئي کيس اندازو ٿي سگهي ٿو ته 35 هين ترميم هيٺ آمريڪا جو ڪهڙو حال ٿيندو ۽ ان سلسلي ۾ فقط هو ۽ ڊونالڊ ئي ڪافي نه هئا. چيف جسٽس هاورڊ کي اهو سڀ ڪجهه ڏيکارڻ ضروري هو. فيصلو ڪرڻ ۾ کيس ڪا ڏکيائي نه ٿي.
    هن رسيور کڻي پنهنجي سيڪريٽريءَ کان پڇيو ته، “ماريان ٽيليفون ٽيپ ڪرڻ جو سسٽم غير موثر آهي نه!؟” “هان انهيءَ جي گهرج ڪانهي رهي سائين!” ماريان وراڻيو. “اوهانجو گهرايل جديد ترين سسٽم لڳي چڪو آهي. هاڻ ڪنهن به انسٽرومينٽ تي نه ڪا ڳالهه ٻولهه ٻڌي ٿي سگهجي ۽ نه ئي وري ٽيپ ٿي ڪري سگهجي.”
    ڪرسٽوفر مطمئن ٿي ويو. اوزار هڻندڙن وڏي تيزي ڏيکاري هئي.
    هن چيف جسٽس هاورڊ جو نمبر ڊائل ڪرڻ شروع ڪيو.


    اها جون جي شروعات هئي، جمع جو ڏينهن هو. ٽيئي مختلف هنڌن تان اڏام ڪندا فونيڪس. ايزيزونا پهتا. ڪرسٽوفر سڀني کان پهرين پهتو هو. بالٽي مور مان آيو هو. رزويشن جي حساب سان هن جو نالو برنارڊ هو. کائنس پوءِ ڊونالڊ آيو، جيڪو ڊوور جي نالي سان سفر ڪري رهيو هو. هو ڪارسن سٽيءَ مان آيو هو. آخر ۾ چيف جسٽس پهتو، هن جوزف جي نالي سان سفر ڪيو.
    اهو اڳ ۾ طئي هو ته ڪرسٽوفر ۽ ڊونالڊ، هاروڊ جو انتظار نه ڪندا. هنن ٽنهي جو هڪٻئي وقت آرگو سٽي ۾ داخل ٿيڻ شڪ پيدا ڪري سگهيو ٿي.
    ڪرسٽوفر، ڊونالڊ کي ان وقت تائين سڃاڻي نه سگهيو. جيسيتائين هو بلڪل هن جي ويجهو پهچي نه ويو. نيو ڊا جي پلاسٽڪ سرجن واهه جو هٿ ڏيکاريو هو. “مسٽر برنارڊ؟” ڊونالڊ محضوظ ٿيندي چيو.
    “مسٽر ڊوور.” ڪرسٽوفر جواب ۾ چيو ۽ هڪ لفافو ڊنالڊ ڏانهن وڌايائين، هن ۾ اوهانجي نئين شخصيت جا ڪاغذ ۽ سڀ ڄاڻ موجود آهي.”
    “آئون تنهنجو ٿورو ڪيئن مڃان. تون منهنجي لاءِ وڏو ڪم ڪيو آهي.”
    “نه! ڪم ته تو وڏو ڪيو آهي. تو جيڪو ڪجهه ٻڌايو اهو ثابت ٿي ويو ته چيف جسٽس هاورڊ 35هين ترميم کي ابتو ڪري ڇڏيندو. هاڻ اچ! ويهن منٽن کانپوءِ هارورڊ کي پهچڻو آهي.”
    ڪرسٽوفر اڳ ۾ ئي هڪ فورڊ ڀاڙي تي ڪري چڪو هو. هو فورڊ ۾ ويٺا ۽ ڏکڻ اولهه طرف روانا ٿي ويا. ساين ستابين ٻنين کانپوءِ ريگستاني علائقو شروع ٿي ويو. ميڪسيڪن سرحد طرف وڌي رهيا هئا. نيٺ کين سائن بورڊ نظر آيو. “آرگوسٽي، آبادي چوڏهن هزار قائم ڪيل. آرگوريفائنگ ڪمپني.”
    ڪجهه دير کانپوءِ هو آرگو سٽي جي وچ ۾ هئا. رستي ۾کين پوسٽ آفيس ۽ ڪيترائي جنرل اسٽور نظر آيا. اڳتي کين هڪ سئنيما، لائبريري ۽ پارڪ به نظر آيو. شهر بي حد صاف ۽ سٿرو هو. نيشنل هوٽل جي چار ماڙ عمارت اسپيني اڏاوت جو نمونو هئي. هنن ڪار پارڪ ڪئي ۽ هوٽل جي لابي ۾ گهڙيا “هيءَ ته ايڊگر هوور بلڊنگ جي نقل ٿي لڳي.” ڪرسٽوفر تبصرو ڪيو. “ٿامسن ٺهرائي هوندي هيءَ.”
    ڊونالڊ کيس چپن تي آڱر رکي ماٺ ڪرڻ جي لاءِ چيو. “مسٽر ڊونالڊ! گهڻيون ڳالهيون ڪرڻ جو ناهن هونديون.” هن چيو.
    هنن هوٽل جي رجسٽر ۾ پنهنجا فرضي نالا لکيا. روانگي جو وقت رات جو لکيو. پوءِ هنن جو سامان ٽئين ماڙ تي هنن جي ڪمري تائين پهچايو. ٻنهي جا ڪمرا گڏو گڏ هئا. پورٽر وچيون دروازو کوليو. ايئرڪنڊيشنڊ چيڪ ڪيو ۽ ٽپ وٺي موڪلائي هليو ويو.
    هاڻ هو ٻئي ڪرسٽوفر جي ڪمري ۾ اڪيلا هئا. هنن جو وچ ۾ اڳ ئي طئي ٿي چڪو تو ته هاورڊ جي اچڻ کانپوءِ ٻاهر نڪربو. هاورڊ کي ٽئڪسي ۾ اچڻو هو ۽ واپسي جو سفر پنهنجي ساٿين سان گڏ فورڊ ۾ ئي ڪرڻو هو.
    “هونئن مونکي ته هي شهر بلڪل نارمل پيو لڳي.” ڪرسٽوفر چيو.
    “ٻاهر نڪري ڏسندين ته خبر پئجي ويندئي.” ڊونالڊ چيس ۽ پنهنجو بريف ڪيس کولي ان مان هڪ فهرست ڪڍي. “مون بيڪسٽر جي فراهم ڪيل معلومات جي آڌار ۽ پنهنجي ياداشت جي سهاري ڪلهه رات هيءَ فهرست سهيڙي آهي.”
    “هڪ فهرست مون وٽ به آهي. جيڪا منهنجي ماتحتن سهيڙي آهي. اسانکي هن فهرست ۾ موجود هنڌن جي جاچ پڙتال ڪرڻي پوندي...... اچ هارورڊ جي اچڻ کان اڳ ئي ڪو لائحه عمل جوڙي وٺون.”
    ٻنهي فهرستن جي ڀيٽ ڪري هڪ ماسٽر لسٽ تيار ڪئي ويئي. هنن وٽ فقط چار ڪلاڪ هئا، کين جيڪو ڪجهه ڪرڻو هو انهن چئن ڪلاڪن ۾ ئي ڪرڻو هو.”
    “ڏسڻو اهو آهي ته هتي جا ماڻهو اسانجي ڪور جي باري ۾ مشڪوڪ ته نٿا ٿين.” ڊونالڊ چيو. “تو وٽ ليٽر ته آهي نه!؟”
    ڪرسٽوفر ڪوٽ جي کيسي کي هٿ هڻي ٿڦڪي ڏني. “ان جو ڪو به اُلڪو نه ڪر. فلپس انڊسٽريز جو ليٽر هيڊ رات ئي ملي ويو هو. منهنجي اسٽاف ان کي مستند بنائڻ ۾ ڪا ڪوتاهي نه ڪئي هوندي.”
    ڪجهه دير هو پنهنجي فرضي حيثيتن جا باري ۾ جزئيات تي ڳالهائيندا، پاڻ کي پختو ڪندا رهيا. هو هتي فلپس انڊسٽري جي نمائندن جي حيثيت سان آيا هئا ۽ کين ڪجهه شهري سهولتن کي ڏسڻو هو. ته جيئن فلپس انڊسٽري پنهنجي ٽائون ۾ انهن مان فائدو حاصل ڪري جو فيصلو ڪري سگهي.
    “هاورڊ جو ڪور ڪهڙو هوندو؟” ڊونالڊ پڇيو.
    “ان جو معاملو مختلف آهي.” ڪرسٽوفر ٻڌايو ته.” هو هوٽل ۾ رات جو رهڻ جي بڪنگ ڪرائيندو. جيتوڻيڪ هن جي روانگي اسان سان گڏ ٿيندي هو هڪ رٽائرڊ وڪيل جي حيثيت سان ايندو. جيڪو پنهنجي ڌيءَ سان ملڻ جي لاءِ وڃي رهيو آهي ۽ ڊگهي سفر جي ڪري هڪ رات جو هتي ترسڻ تي مجبور ٿي پيو. هو هتي هڪ گهر خريدڻ جي امڪان جو جائزو وٺڻ جي لاءِ نڪرندو، ڇو ته هي پرسڪون هنڌ کيس وڻي ويو آهي.”
    “مونکي ته ڊپ پيو لڳي.” ڊونالڊ چيو.
    “اڙي! فقط چئن ڪلاڪن جي ڳالهه ته آهي ۽ هتي گهر خريدڻ جي ارادي جي نتيجي ۾ گهڻي قيمتي معلومات حاصل ٿيندي.” ڪرسٽوفر کيس تسلي ڏني. “آئون آر دستاويز جي ٻي حصي بابت تشويش ۾ مبتلا آهيان. ڪاش هتي ان جو ڪو اثرائتو پتو ملي وڃي.”
    “ان ڳالهه جو ڪو به امڪان ڪونهي. ان راز کان فقط ڊائريڪٽر ٿامسن ۽ اٽارني جنرل بيڪسٽر با خبر هئا. مونکي اها خبر بيڪسٽر جي ذريعي پئي ۽ مون کان توکي. ٿامسن رازداريءَ سان ڪم ڪرڻ جو عادي آهي.”
    بهرحال! اسانجي اڄوڪي جاچ گهڻي اهم آهي. جيڪڏهن هتان اسانکي ڪو ثبوت نه مليو ته پوءِ اسين 35هين ترميم کي شڪست ڏيئي نه سگهنداسين.”


    قسط 14

    ڏهن منٽن کانپوءِ چيف جسٽس هاورڊ به ساڻن اچي مليو، کيس عام قسم جا ڪپڙا پاتل هئا، ته جيئن چيف جسٽس جي حيثيت سان سڃاڻجي نه سگهي. ڪرسٽوفر، ڊونالڊ جو هارورڊ سان تعارف ڪرايو.
    هاورڊ، ڊونالڊ جي چهري تي نظرون کپائيندي چيو، “آرگو سٽي جي باري ۾ تنهنجي اطلاع مونکي ڏڪائي ڇڏيو، منهنجي دعا آهي ته هتي گذاريل وقت اجايو نه وڃي.”
    “مون اهوئي ڪجهه چيو آهي، جيڪو ڪرنل بيڪسٽر کان ٻڌو هئم.” ڊونالڊ بچاءَ واري لهجي ۾ چيو. “آر دستاويز جو بنياد آرگو سٽي جي تجربي تي رکيو ويو هو. تجربو ڪندڙ ايف بي آءِ جو ڊائريڪٽر ٿامسن هو.”
    “هون....! معنيٰ اسين خدانخواسته 35هين ترميم جي منظوري کانپوءِ جي آمريڪا جي جهلڪ ڏسڻ وارا آهيون. پر ڊونالڊ! مونکي يقين ڪونهي ته تو جيڪو ٻڌو آهي، اهو ممڪن به آهي.”
    “ڇڏيو کڻي..... اجهو ٿوري دير ۾ پتو پئجي ٿو وڃي.”
    ڪرسٽوفر پنهنجا نوٽس سنڀاليا. “مسٽر چيف! اوهانکي سڀ کان پهرين آرگو سٽي اسٽيٽ سان رابطو ڪرڻو پوندو. اوهين کين ٻڌائيندا ته اوهانکي علائقي جي سڪون گهڻو متاثر ڪيو آهي ۽ اوهين باقي زندگي هتي گذارڻ ٿا چاهيو. اوهين هڪ سابق وڪيل جي حيثيت سان هتان جي جج سان به ملي سگهو ٿا. پوءِ اسٽورن ۾ وڃو. سپر مارڪيٽ وڃو. اتي عام ماڻهن سان ملو جلو، ڳالهيون ڪريو، سڀ ڪجهه سامهون اچي ويندو.”
    چيف جسٽس هاورڊ اهو سڀ ڪاغذن تي نوٽ ڪندو رهيو.
    “وقت ملي ته آرگو سٽي جي نيوز آفيس به هليا وڃجو. انهن کان پراڻين اخبارن جون ڪاپيون وٺي پڙهو. اوهان وٽ گهڻو وقت نه هوندو. پر جيڪڏهن رپورٽر ۽ ايڊيٽر سان ڳالهه ٻولهه ٿي وڃي ته اڃا به سٺو ٿيندو.”
    “وقت ته واقعي گهٽ آهي ۽ ڪم گهڻو.” هاورڊ چيو.
    “ان کان اڳ جو اسين هن شهر ۾ پڌرا ٿي پئون. اسانکي هي شهر ڇڏڻو پوندو.” ڪرسٽوفر وڌيڪ چيو “آئون ۽ ڊونالڊ پبلڪ لائبريري ۽ پوسٽ آفيس جو جائزو وٺنداسين. پوءِ سٽي مئنيجر سان ملڻ جي ڪوشش ڪنداسين. تنهن کاسواءِ اسين عام شهرين سان ڳالهائڻ جي به ڪوشش ڪنداسين. اهڙي ڳالهه ٻولهه ته واٽ ويندي ئي ٿي سگهي ٿي.” هن گهڙي تي نظر وڌي. “هن مهل هڪ لڳي ڏهن منٽ ٿيا آهن. پنجين بجي اسين هن ئي ڪمري گڏباسين ۽ پنهنجي حاصل ڪيل ڄاڻ جي ڏي وٺ ڪنداسين. ان وقت تائين سچائي اسانجي اڳيان ظاهر ٿي چڪي هوندي. بس هاڻ اسانکي پنهنجو ڪم شروع ڪرڻ گهرجي. مسٽر چيف جسٽس پهرين اوهين نڪرو.”
    هاورڊ اٿيو، مٿي تي هيٽ رکيائين ۽ ڪمري مان نڪري ويو. پنجن منٽن کانپوءِ ڪرسٽوفر ۽ ڊونالڊ به نڪري ويا. آرگوسٽي جي ريسرچ جي شروعات ٿي چڪي هئي.

    سٽي مئنيجر نڪ تي عينڪ ڄمائي، “ها صبح! مونکي افسوس آهي ته آئون اوهانکي وڌيڪ وقت ڏئي نه ٿو سگهان.” هن گهڙيال ڏانهن اشارو ڪيو. “سوا چئين بجي مونکي هڪ ٻي ملاقاتي سان ملڻو آهي.” پوءِ هو ڪرسٽوفر ۽ ڊونالڊ کي دروازي تائين ڇڏڻ آيو.” مونکي خوشي ٿي آهي ته آئون اوهانجي ڪنهن ڪم اچي سگهيس. يا رکو ته سٺو ماحول ۽ ڀرپاسي جي صورتحال ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿي. ايئن علائقو پر امن رهي ٿو. شيرف به اوهانکي اهوئي ٻڌائيندو. هن شهر ۾ ڏوهن جو تعداد نه هئڻ جي برابر آهي. جڏهن ته اسانجي قانون موجب ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي پابندي لڳل آهي. هتي ڪو به عوامي مظاهرو نه ٿيو آهي. اسان جا ملازم،يعني شهري بي حد خوش ۽ مطمئن آهن. هتي فقط هڪ ڪنو بيدو آهي. اها آهي تاريخ جي استادياڻي، اسين ان مان به جلد جند ڇڏائڻ وارا آهيون. گڊ لڪ دوستو! منهنجي دعا آهي ته اوهين به پنهنجي ڪمپني جي لاءِ اهڙو شهر آباد ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو.”
    کانئن موڪلائي سٽي مئنيجر ٻيهر پنهنجي ڪرسيءَ تي اچي ويٺو. ڪجهه گهڙين کانپوءِ هن جي سيڪريٽري اندر آئي. هن جي چهري تي پريشاني هئي. “هنن ٻن شخصن هينئر موڪلايو آهي” هن چيو “ مون کين فلپس سٽي جي نئين سر اڏاوت جي باري ۾ ڳالهائيندي ٻڌو.”
    “هائو! هو ان ئي غرض سان آيا هئا.” سٽي مئنيجر وراڻيو.
    “پر اهو ته غلط آهي، ان شهر جي اڏاوت ته بند به ٿي چڪي آهي. اها ڪجهه سال پراڻي ڳالهه آهي. مون وٽ ان جو فائيل به موجود آهي.” سيڪريٽري وراڻيو.
    هاڻ سٽي مئينجر پريشان نظر اچڻ لڳو. “اهو ڪيئن ممڪن آهي؟”
    “آئون اوهانکي فائيل ڏيکاري سگهان ٿي.”
    ڪجهه منٽن کانپوءِ سٽي مئينيجر، نقشن تصويرن ۽ اخباري تراشن تي مشتمل فائيل ڏسي رهيو هو. سندس سيڪريٽري جي دعويٰ صحيح ثابت ٿي هئي. فائيل هڪ پاسي رکي هن فلپس اندسٽريز جي مسٽر هليمين کي فون ڪئي. هلمين سان ڳالهائڻ کانپوءِ هن آرگو سٽي جي شيرف جو نمبر ملايو ۽ کيس فلپس ڪمپني جي ٻن جعلي نمائندن جي جاچ بابت واقف ڪيو.” کين گرفتار ڪري وٺ” هن چيس.
    “اهو ممڪن نه آهي. توکي مٿين جي احڪامات جي ته خبر آهي. اسانکي اڳ ۾ اهو معلوم ڪرڻو پوندو ته اهي ڪير آهي.” ٻي پاسان شيرف چيو.
    “پرهڪ.”
    “تون اهي معاملا مونتي ڇڏي ڏي. آئون ڪيلي سان ڳالهائي وٺندس. هو صحيح فيصلو ڪري سگهي ٿو.”


    آرگو سٽي هاءِ اسڪول جي ٻي ماڙ تي، ملاقاتي ڪمري ۾، تاريخ جي ٽيچر مس واٽڪنس، ڪرسٽوفر ۽ ڊونالڊ جي سامهون ويٺي هئي.
    “پرنسيپال مونکي ٻڌايو ته اوهين مون سان ملڻ ٿا چاهيو. فرمايو اوهانجي ڪهڙي خدمت ڪري ٿي سگهان؟”
    “اسان ٻڌو آهي ته توکي نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو آهي.” ڪرسٽوفر چيو “اسين اوهان کان ڪجهه سوال پڇڻ ٿي چاهيون.”
    “اوهين ڪير آهيو؟”
    “اسين فلپس سٽي جي اسڪول بورڊ سان واڳيل آهيون ۽ آرگو سٽي جي اسڪول سسٽم بابت سروي پيا ڪريون. سٽي مئينجر سان ڳالهين جي دروان اسڪول مان اوهانجي ڪڍڻ جو معاملو اسانجي علم ۾ آيو. سٽي مئنيجر جو چوڻ آهي ته اوهين سسٽم کان هٽي ڪري.....”
    “سسٽم!” مس واٽڪسن جي لهجي حيرت هئي.” آئون ته پنهنجو فرض نڀائي رهي هيس. شاگردن کي آمريڪي تاريخ پڙهائي رهي هيس.”
    “بهرحال!..... اوهانکي نوٽيس ڏنو ويو؟”
    “هائو! اڄوڪو ڏينهن اسڪول ۾ منهنجو آخري ڏينهن آهي.”
    “اوهين ڪجهه تفصيل ٻڌائينديون ته ڇا ٿيو آهي؟” ڊونالڊ فرمائش ڪئي.
    “مونکي ته ٻڌائيندي به شرم پيو اچي.” مس واٽڪنس چيو. “عجيب ٿو لڳي. آئون آمريڪا جي ابن ڏاڏن بابت شاگردن کي ٻڌائي رهي هيس. پوءِ مون کين آمريڪي آئين بابت ٻڌايو. جيڪو اسانجي لاءِ فخر جوڳو آهي. ان سلسلي ۾ بنيادي انساني حقن جي قرارداد جو ذڪر آيو. مون شاگردن کي ٻڌايو ته آمريڪا جي جمهوري سر بلنديءَ در حقيقت ان قرار داد جي ڪري ئي آهي.” هن گهڙي کن ترسي وري چيو. “ٻارن گهر وڃي مائٽن سان ان قرار داد جي باري ۾ ڳالهايو. ٻن ڏينهن کانپوءِ تعليمي بورڊ جو هڪ نمائندو مون سان مليو ۽ هن چيو ته آئون شهر جي انتظاميا لاِءِ مسئلا کڙا ڪري رهي آهيان. مون وضاحت ڪئي ته آئون ته فقط تاريخ پڙهائي رهي آهيان. جيڪو منهنجو فرض آهي. ان تي هن منهنجي برطرفي جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا. منهنجي سمجهه ۾ ته ڪجهه به نه پيو اچي.”
    “ته ان برطرفي تي اوهين احتجاج نه ڪنديون؟”
    مس واٽڪنس حيران نظر اچڻ لڳي. “احتجاج! ڪنهن سان ڪريان، هتي ڪو به شخص اهڙو ڪونهي. هجي ها ته به آئون احتجاج نه ڪريان ها.”
    “ڇو...؟”
    “آئون جيئو ۽ جيئڻ ڏيو جي قول تي عمل ڪندي آهيان. مونکي اهو احساس ته ٿي ويوآهي ته هتي جا ضابطا ڪجهه ٻيا آهن، ۽ مون اڻ ڄاڻائي ۾ ڪنهن اصول جي خلاف ورزي ڪئي آهي.”
    “ته هاڻ تون ڇا ڪندينءَ؟” ڊونالڊ پڇيو. “ڇا هتي ئي رهندينءَ؟”
    “اهو ممڪن ڪونهي. هتي فقط اهي ماڻهو رهي سگهن ٿا، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن حيثيت ۾ هتي ملازم هجن ۽ هاڻ هتي مونکي ٻي ڪا به نوڪري نه ملندي. مونکي واپس وڃڻو پوندو. ٻي نوڪري ڳولهڻي پوندي پر منهنجي سمجهه ۾ نٿو اچي ته مون کان ڪهڙي غلطي ٿي آهي.”
    ڪرسٽوفر ۽ ڊونالڊ مس واٽڪنس کي وڌيڪ کوٽڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هوءَ لنوائڻ لڳي. پوءِ نيٺ معذرت ڪري اُٿي بيٺي.
    اسڪول مان ٻاهر نڪرندي ڊونالڊ چيو، “ڪرس! الائجي ڪنهن چيو آهي ته آمريڪا ۾ فاشزم فقط ان صورت ۾ اچي سگهي ٿو ته ماڻهون ان جي حق ۾ ووٽ ڏين.”
    “ڪاش! ائين ئي ٿئي.” ڪرسٽوفر چيو. “اچ، هاڻ هوٽل واپس هلئون، اڃا اسانکي ڪيترن ئي ڳالهين جي باري ۾ فيصلو ڪرڻون آهي.”


    چار لڳي پنجونجاهه منٽن تي هو ٽيئي ٻيهر ڪرسٽوفر جي ڪمري ۾ گڏيا. “مسٽر چيف جسٽس! پهرين اوهان ٻڌايو ته اوهان ڇا ڏٺو؟” ڪرسٽوفر پڇيو.
    “مون وٽ ان لاءِ فقط هڪئي لفظ آهي. ...”شاڪنگ”... مونکي يقين نه پيو اچي ته اهو سڀ ڪجهه آمريڪا ۾ به ٿي سگهي ٿو.”
    “جي.... بلڪل! ۽ ماڻهو ان جا ايترا ته عادي ٿي چڪا آهن، جو کين پنهنجي حقن جي محروميءَ جو احساس به ڪونهي.” ڊونالڊ تائيد ڪئي.
    “هاڻ اسانکي جلدي هتان نڪري وڃڻ گهرجي. “ڪرسٽوفر چيو. “تفصيلي ڪچهري ڪار ۾ به ٿي سگهي ٿي.”
    “آئون شيرف سان مليس. اخبار جي ايڊيٽر سان به مليس. انهن سان ڳالهائي احساس ٿيم ته زندگي گهارڻ جو اهو طريقو هنن جي لاءِ معمول جي حيثيت اختيار ڪري ويو آهي. هزتي انسان نه پر روبوٽ رهن ٿا.” هاورڊ چيو.
    ڪرسٽوفر اُٿي بيٺو، “هاڻ مون کان به ڪجهه ٻڌي وٺو. هن شهر جو سڄو ڪاروبار ڪمپني جي ملڪيت آهي. ملازمن کي پگهارون ڪوپنن جي صورت ۾ ملن ٿيون. جيڪي فقط ڪمپني جي دوڪانن ۽ ادارن ۾ قابل قبول آهن. تنهن ڪري ڪمپني جي موڙي، ڪمپني وٽ ئي رهي ٿي.”
    “هن خلائي دور ۾ به ڪهڙي نه چالاڪيءَ سان ٻانهپ کي وڌايو پيو وڃي.” ڊونالڊ چيو.
    “تنهن کانسواءِ هتان جي لائبريري ۾ سياست ۽ تاريخ جو موضوع تي ڪو به ڪتاب موجود ڪونهي، انهن تي پابندي لڳل آهي. هتي جي ٽپال به سنسر ٿئي ٿي. هوٽل ۾ ڪنهن ڌارين شخصن کي ٻن ڏينهن کان وڌيڪ ترسڻ جي موڪل ڪونهي. ٽن ڏينهن کانپوءِ ڌارين کي رولاڪي جي الزام ۾ جهليو ويندو آهي. پادريءَ جو وعظ به سنسرشپ کان آجو ڪونهي. ذاتي گهر ڪنهن کي به ڪونهي. گهرن جي مسواڙ پگهارن مان ڪٽي ويندي آهي.”
    “هائو! مون گهر خريدڻ جو ارادو ظاهر ڪيو ته مونکي اهي سڀ تفصيل ٻڌايا ويا هئا.” جسٽس ڪنڌ ڌوڻي چيو. “آئون تصور به نٿي ڪري سگهيس ته آمريڪا ۾ بنيادي انساني حقن کي ائين پائمال به ڪري سگهجي ٿو.”
    “هي شهر ڪونهي... هي ته نظربندن جي ڪيمپ ٿي لڳي.”
    ڪرسٽوفر کي پنهنجي پٽ جوش جي ڳالهه ياد اچي وئي.
    “هتي آمريڪا جي حڪومت جا سڀ اختيار ۽ حق ڪمپني وٽ آهن.” هاورڊ چيو.
    “ڪمپني وٽ نه پر ايف بي آءِ جي ڊائريڪٽر ورنن ٿامسن وٽ چئو.”
    “هائو!، تون صحيح ٿو چوين، پر آئون حيران آهيان ته وفاقي حڪومت هتي جي معاملن کان بي خبر آهي. پر رياست ايريزونا جي عملدارن کي ته ان ڳالهه جي خبر هئڻ گهرجي. هو ان سلسلي ۾ ڪجهه ڪن ڇو نٿا؟”
    “ٿامسن بليڪ ميلنگ جي ذريعي سڀ ڪم ڪري ٿو وٺي. هو جنهن کي چاهي تنهن کي ڪٺ پتليءَ جي حيثيت سان استعمال ڪري سگهي ٿو.” ڪرسٽوفر چيو.
    “اسين ان صورتحال کان ڪن لاٽار نٿا ڪري سگهون. اٽارني جنرل جي حيثيت سان آئون ايڪشن کڻندس ۽ هتي هڪ جاچ ٽيم موڪليندس.”
    جسٽس هاورڊ هٿ کڻندي چيو. “بنيادي مسئلو اهو ڪونهي، ڳالهه رڳو هتان جي چوڏهن هزار ماڻهن جي ڪونهي. اهو ته سڄي ملڪ جي مسئلو آهي.”
    “اوهانجو اشارو 35هين ترميم ڏانهن آهي.”
    “هائو! هي شهر ته 35هين ترميم جي تجربي گاهه جي حيثيت رکي ٿو. هاڻ اسانکي اندازو ٿي ويو آهي ته 35هين ترميم آئين جو حصو بنجڻ کانپوءِ آمريڪا جو ڇا حال ٿيندو.” هاورڊ پرجوش لهجي ۾ چيو. “مون فيصلو ڪري ورتو آهي. ڪيليفورنيا اسيمبلي ۾ 35 ترميم منظور ٿي نه ٿي سگهي.”
    “ته مسٽر چيف جسٽس اوهان...!” ڪرسٽوفر جي لهجي ۾ فتح مندي جا احساس جي جهلڪ هئي.
    “هائو! مون جيڪو واعدو ڪيو هو، اهو نڀائيندس. تو واعدي موجب مونکي آر دستاويز جو هڪ حصو ڏيکاري ڇڏيو آهي. جمهوريت واقعي خطري ۾ آهي. آئون هتي تحفظ جي نالي ۾ فاشزم کي ڪنڌ کڻندي ڏسي رهيو آهيان. آئون قانون جي پردي ۾ لاقانونيت ٿيڻ نه ڏيندس.آئون پهرين صدر کي تفصيل کان واقف ڪندس ۽ 35هين ترميم جي سلسلي ۾ موقف بدلائڻ جي لاءِ قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. ان ۾ ناڪام رهيس ته پوءِ کليل طور تي ترميم جي مخالفت ڪندس. ڪنهن کي به آمريڪا کي آرگو سٽي بنائڻ جي اجازت ڏئي نٿي سگهجي.” جسٽس جو چهرو ڳاڙهو ٿي ويو.
    ڪرسٽوفر گهڻي گرمجوشي سان جسٽس هاورڊ سان هٿ ملايو. ڊونالڊ ٿورائتي انداز ۾ تائيد ۾ ڪنڌ ڌوڻيندو ويو.
    “بس هاڻ هلڻ گهرجي. آئون پنهنجي ڪمري مان سامان کڻي ٿو اچان ٻن منٽن کانپوءِ هيٺ ملاقات ٿيندي.” جسٽس هاورڊ چيو ۽ دروازي ڏانهن وڃڻ لڳو.
    “تون فونيڪس کان پوءِ ڪيڏانهن ويندين؟” ڪرسٽوفر ڊونالڊ کان پڇيو.
    “واپس فلاڊ لفيا ويندس.”
    “واشنگٽن اچ! مونکي تنهنجي ضرورت آهي. آئون توکي سرڪاري نوڪري ڏياريندس. اسانجو ڪم اڃا پورو نه ٿيو آهي. 35هين ترميم کان پوءِ اسانکي ڏوهن جي خاتمي لاِءِ هڪ سٺو ۽ متبادل پروگرام تيار ڪرڻو پوندو. ان سلسلي ۾ اسين گڏجي ڪم ڪري سگهون ٿا.”
    ڊونالڊ جو آواز ڀرجي آيو.” آئون ٿورائتو رهندس. ... پر ....”
    “هان نڪرڻ گهرجي. وقت وڃائڻ جي گهرج ڪونهي.”
    هيٺ لهي، هنن ڊيسڪ تي ڪمرو ڇڏڻ جو اطلاع ڏنو ۽ هوٽل مان نڪري آيا. هو ڪار ڏانهن وڌڻ لڳا، جو جسٽس هاورڊ رستي ۾ بيهي مقامي اخبار جو تازو ايڊيشن ورتو. انڌي اخباري هاڪر سڪن جي جهنڪار ٻڌي ڪنڌ مٿي کنيو. کيس ڪارو چشمو پاتل هو. هن چيف جسٽس کي ٿورائتي مرڪ سان نوازيو.
    هڪ منٽ کانپوءِ ٽئيي ڀاڙي جي فورڊ ۾ ويهي. فونيڪس ڏانهن روانا ٿي ويا، جتان کين آزاد فضائن طرف اڏام ڪرڻي هئي.


    انڌي اخباري هاڪر، سڪا کيسي ۾ وڌا ۽ هوٽل ڏانهن روانو ٿيو ويو. پارڪنگ لاٽ جي ڀرسان پيٽرول پمپ هو. جتي ٻه بوٿ موجود هئا. هن هڪ بوٿ ۾ گهڙي دروازو اندارن بند ڪيو. پوءِ عينڪ لاهي کيسي ۾ وڌايائين سالٽ ۾ سڪووجهي نمبر ڊائل ڪرڻ ۾ لڳي ويو. ٻي پاسان رابطو ٿيڻ تي هن مائوٿ پيس ۾ چيو.”آئون اسپيشل ايجنٽ ڪيلي پيو ڳالهايان مونکي ڊائريڪٽر ٿامسن سان ڳالهائڻو آهي.”
    ڪجهه گهڙين کانپوءِ ٻي پاسان آواز آيو، چئو ڪيلي.... چا ڳالهه آهي.”
    “آئون آريو پوائنٽ ٿيا پيو ڳالهايان. هتي ٽي ڄڻا آيا هئا. انهن مان ٻن کي مون سڃاتو آهي. هڪ اٽارني جنرل ڪولنس هو ۽ ٻيو چيف جسٽس هاورڊ. بلڪل سائين... آئون پڪ سان ٿو چوان. مونکي سڃاڻڻ ۾ ڪابه غلطي نه ٿي آهي.”


    قسط 15

    ٻي ڏينهن پندرنهن منٽن جي وقفي سان صدر صاحب، ڊائريڪٽر ٿامسن کي ٻيهر فون ڪئي. اهو پهريون موقعو هو، جو ٿامسن، پنهنجي سيڪريٽري جي ذريعي چورايو ته هو موجود ڪونهي، در حقيقت هو بند دروازي جي پويان پنهنجي نائب هيري جو موڪليل تازو ٽيپ ٻڌي رهيو هو. اها صدر ۽ چيف جسٽس هاورڊ جي وچ ۾ ڪلاڪ اڳ ٿيندڙ فون تي ڳالهه ٻولهه جي ڪيسٽ هئي. فون چيف جسٽس ڪئي هئي ۽ ڪال پنجن منٽن تي مشتمل هئي.
    صدر صاحب جي پهرين ڪال ان مهل آئي هئي، جڏهن هيري ايڊورڊ ڪيسٽ کڻي ٿامسن جي آفيس ۾ گهڙيو هو. ٻي ڪال ان مهل آئي هئي جڏهن اها ڪيسٽ ٻڌي پئي وئي. ٿامسن سيڪريٽري کي چيو ته کيس چئو ته آئون موجود نه آهيان. پر ڪنهن به وقت اچي سگهان ٿو. ان کانپوءِ هو سڄي ڪيسٽ ٻڌي پوءِ ئي اٿيو.
    هيري ٽيپ رڪارڊ آف ڪندي چيو. “ٻيهر ٻڌڻ چاهينءَ ٿو چيف؟”
    “نه، هڪ ڀيرو ٻڌڻ ئي ڪافي آهي.” ٿامسن چيو. “مون کي مونکيءَ ڪيلي ڪلهه ئي آرگو سٽيءَ مان رپورٽ ڏني هئي. جنهن ڪري مونکي ڪا حيرت ڪانهي. مونکي خبر هئي ته اهو ئي ٿيندو. ۽ اهو ئي ٿيو، هاڻ بهتر آهي ته صدر صاحب کي فون ڪري هن جي واتان به ٻڌي وٺان.”
    ان کانپوءِ هن پنهنجي سيڪريٽريءَ کي وائٽ هائوس جو نمبر ملائڻ جي لاءِ چيو. ڪجهه منٽن کانپوءِ هو صدر صاحب سان ڳالهائي رهيو هو.” مونکي افسوس آهي، جو اوهانکي اوسيئڙو ڪرڻو پيو.” هن معذرتي لهجي ۾ چيو “آئون اجهو ٿو اچان. ڪا خاص ڳالهه ڇا سائين؟”
    “هائو! ورنن معاملو بگڙي ويو آهي. هاڻ 35هين ترميم کي مئل ئي سمجهه.” ٻي پاسان صدر چيو.
    ٿامسن تعجب جو اظهار ڪيو. “ڇا پيا چئو سائين؟”
    “چيف جسٽس هاورڊ مونکي فون کي هئي. هن موکان پڇيو ته مونکي آرگو سٽي جي باري ۾ ڪا خبر آهي. مونکي نالو ڪجهه ٻڌل لڳو. پوءِ مونکي ياد آيو ته ڪلهه رات تو بيورو جي تازين سرگرمين جي باري ۾ رپورٽ ڏيندي، آرگوسٽي جو ذڪر ڪيو هو. مون جواب ڏنو، هائو! اها هڪ ڪمپني ٽائون آهي. جنهن تي ايف بي آءِ ڪجهه سالن کان ڏوهن جي روڪ ٿام جي سلسلي ۾ نظر رکيو ويٺي آهي. مون اهو به ٻڌايو ته اها ريسرچ تون پيو ڪرين ۽ فائنل رپورٽ اٽارني جنرل کي پيش ڪندين.”
    “اوهان صحيح چيس.”
    “پر انهن سرگرمين جي باري ۾ هاورڊ جو خيال ٻيو آهي.”
    ٿامسن ڇرڪڻ جو تاثر ڏيندي چيو. “مون سمجهيو ڪو نه ان سلسلي ۾ هن جو ٻيو ڪهڙو خيال ٿي سگهي ٿو.”
    “هن چيو ته تون آرگوسٽي کي 35هين ترميم جي سلسلي ۾ تجربي طور استعمال پيو ڪرين. هن اهو به چيو ته اهي نتيجا تنهنجي لاءِ ڀلي خوش ڪندڙ هجن. پر انهن کيس ڏڪائي ڇڏيو آهي.”
    “عجيب سمجهه ۾ نه ايندڙ ڳالهه آهي.”
    “مون به اهو ئي چيس. پر هو پنهنجي ڳالهه تي ڳنڍ ٻڌيو بيٺو رهيو. هاڻ صورتحال اها آهي ته هو اسانجي خلاف آهي. هن چيو ته هو هيستائين ترميم جي مخالفت کان پاسو ڪندو رهيو آهي، پر هاڻ هو کلي سامهون ايندو.”
    “اوهه..... معنيٰ هن اوهانکي ڌمڪي ڏني آهي.”
    “هن چيو ته مونکي پاڻ 35هين ترميم جي خلاف ڳالهائڻو پوندو. ان صورتحال ۾ هو ماٺ ۾ رهندو. پر مون ائين نه ڪيو ته پوءِ هو ترميم جي مخالفت ۾ ڳالهائيندو.”
    “هن جو دماغ خراب ٿي ويو آهي ڇا؟ هو ڪير ٿيندو آهي آمريڪي صدر کي حڪم ڏيڻ وارو.” ٿامسن ڪاوڙ مان چيو.”پوءِ اوهان کيس ڪهڙو جواب ڏنو.؟”
    “مون چيس ته آئون ترميم جو حامي آهيان ۽ رهندس. ڇاڪاڻ ته مونکي ترميم جي خوبين جي خبر آهي. منهنجي خواهش اها ئي رهندي ته اها ترميم آئين جو حصو بڻجي وڃي.”
    “پوءِ هن ڇا چيو؟” ٿامسن تشويش ظاهر ڪئي.
    “هن چيو، آئون مجبور آهيان. استعفيٰ ڏئي، سياسي ميدان ۾ ان ترميم کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ لهندس. هو اڄ شام جو لاس اينجلس وڃي رهيو آهي. سڀاڻي هو پام اسپرنگر واري سندس گهر ۾ گذاريندو. پوءِ هو ايمبسڊر هوٽل ۾ پريس جي سامهون پنهنجي استعفيٰ جو اعلان ڪندو ۽ گڏو گڏ قوم کي 35هين ترميم جي نقصانن کان واقف ڪندو. اهو کليل جنگ جو اعلان آهي.”
    “ڇا هو سيريس آهي.”
    “سئو سيڪڙو.... مون کيس سمجهائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي پر هو مڃڻ جي لاءِ تيار نه هو. ان جو مطلب اهو ٿيو ته هن جي زبان کلندي ئي ترميم پنهنجي موت پاڻ مري ويندي. تنهنڪري کيل ختم سمجهه ورنن کيس روڪڻ جي ڪا اٽڪل سوچ.”
    “آئون پڪ سان سوچيندس.” رسيور رکندي ٿامسن پنهنجي نائب کي مرڪ سان نوازيو. “اٽڪل ضرور سوچبي. ڪيئن هيري؟”

    ان شام جو ڪرسٽوفر گهڻو خوش هو. ڪيترن ئي هفتن کانپوءِ هو پاڻ کي هلڪو ڦلڪو ۽ آزاد محسوس ڪري رهيو هو. هو گهر پهتو ته چيف جسٽس جو فون آيو. هو پنهنجي زال سان گڏ لاس اينجلس پهچي چڪو هو ۽ پنهنجي پام اسپرنگز واري گهر مان ڳالهائي رهيو هو. هن ٻڌايو ته هو صدر کي 35هين ترميم تي قائل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي ۽ هاڻ پنهنجي واعدي تي عمل ڪرڻ وڃي رهيو آهي. يعني استعفيٰ!.
    رسيور رکندي ئي ڪرسٽوفر ڪيرن کي سڀ ڪجهه ٻڌايو. هو گهڻو خوش ۽ مطمئن هو. 35هين ترميم پنهنجو موت پاڻ مرڻ واري هئي. اها خبر ٻڌي ڪيرن به گهڻي خوش ٿي. ڪرسٽوفر ان خوشيءَ ۾ ڪيرن کي “جوڪي ڪلب” ۾ ڊنر جي دعوت ڏني. هو ڊنر جي لاءِ نڪرڻ وارا ئي هئا ته فون جي گهنٽي وڄڻ لڳي. ڪرسٽوفر دل ئي دل ۾ اها دعا ڪرڻ لڳو ته اها آفيس مان نه هجي. هن جهٽڻو کنيو. “آئون اشمائيل ينگ پيو ڳالهيان!” ٻي پاسان آواز آيو. “مونکي سڃاتو؟”
    ڪرسٽوفر مرڪيو. اهو نالو وسرڻ وارو نه هو. “هائو! .... مون سڃاتو..... تون ڊائريڪٽر ٿامسن جو سوانح لکڻ وارو جن آهين.”
    “ڪاش!........ ڪاش!...... مونکي ان حوالي سان ڪڏهن به ياد نه رکيو وڃي.” ٻي پاسان ڳنڀير لهجي ۾ چيو ويو. “بهرحال! ڳالهه صحيح آهي. مسٽر ڪولنس! مونکي خبر آهي ته تون مصروف ماڻهو آهين. پر آئون توسان اڄ ِئي ملڻ ٿو چاهيان. آئون تنهنجو گهڻو وقت نه وٺندس.”
    ڪرسٽوفر سواليا نظرن سان زال طرف ڏٺو ۽ پوءِ مائوٿ پيس ۾ چيائين، “سوري مسٽر ينگ! هن مهل ته آئون پروگرام ٺاهي چڪو آهيان. سڀاڻي آفيس ۾ ملاقات جو وقت طئي......”
    “مسٽر ڪولنس! يقين ڪريو ته ڏاڍي اهم ڳالهه آهي، نه ته آئون اوهانکي بلڪل تڪليف نه ڏيان ها. پليز، منهنجو اوهان اڄ ئي ملڻ ضروري آهي.”
    ينگ جي لهجي ۾ منٿ، ڪرسٽوفر کي ميڻ ڪري ڇڏيو. “ٺيڪ آهي مسٽر ينگ! آئون “جوڪي ڪلب” ۾ پنهنجي زال سان ڊنر ڪري رهيو آهيان. اوهين ساڍي اٺين وڳي پهچي وڃو. ڊنر اسان سان گڏ ڪجو.”فون رکي هن زال ڏانهن ڏٺو” مائينڊ نه ڪج پياري! بي حد اهم معاملو ٿي لڳي. جنهن شخص جي مون مداخلت قبول ڪئي آهي. اهو ڊائريڪٽر ٿامسن جي سوانح لکي رهيو آهي.”
    “ڪا ڳالهه ڪونهي ڊيئر، هاڻ هلو به کڻي.” ڪيرن مرڪندي چيو، “مون ته سمجهيو ته منهنجو ڊنر ئي ڪينسل ٿي ويندو.... اها ته سستي جن ڇُٽي...”


    جو ڪي ڪلب ۾ ينگ اڳ ئي هنن جي اوسيئڙي ۾ هو. ڪرسٽوفر، ڪيرن سان هن جي واقفيت ڪرائي. هنن جي ميز ريزرو هئي. هو ان تي وڃي ويٺا.
    “تنهنجي ميزباني ڪندي خوشي پئي ٿي.” ڪرسٽوفر، شربت جو آرڊر ڏيڻ کانپوءِ چيو. هو ان مهل خوشگوار موڊ ۾ هو. ڪرسٽوفر پنهنجو جام کڻندي چيو. “35هين ترميم جي موت جي نالي گهڙي کي ترسي چيائين . “توکي خبر نه هوندي ته آئون هاڻ 35هين ترميم جو حامي نه آهيان.”
    “اهڙي ڳالهه ڪونهي.” ينگ جواب ڏنو.
    ڪرسٽوفر پنهنجي حيرت لڪائي نه سگهيو. “اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي. مون ته اڃان کليل طور تي ڪو به اعلان نه ڪيو آهي؟ توکي ڪين خبر پئي؟”
    “اوهان کي وسري ويو آهي ته آئون ڊائريڪٽر ٿامسن جي نائب ليکڪ جي حيثيت سان ڪم پيو ڪريان. ڊائريڪٽر کي سڀ ڪجهه خبر آهي. آئون به اڻ ڄاڻ ناهيان.”
    ڪرسٽوفر جو ڪجهه موڊ بدلجي ويو. “هونهه!.... هن کي خبر آهي.” ينگ هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.
    “مونکي اڳ ۾ ئي سمجهي وڃڻ گهرجي ها.” ڪرسٽوفر وڌيڪ چيو. “هن جي باري ۾ منهنجو قائم ڪيل اندازو سدائين گهٽ ثابت ٿيو آهي. مونکي اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته کيس هر ڳالهه جي خبر هوندي آهي.”
    ٿوري دير خاموشي رهي. ينگ پنهنجو جام آڱرين ۾ نچائيندو رهيو. ايئن پي لڳو ڄڻ هو پنهنجي ڳالهه ٻڌائڻ جي لاءِ لفظن جي توڙ تڪ ڪري رهيو هجي. نيٺ هن پنهنجو وات کوليو. “اڄ مون توهان سان ملڻ ڪري ضروري سمجهيو. جو ان جا ٻه سبب هئا. هڪ جو واسطو اوهان سان آهي ۽ ٻي جو مونسان ۾ آئون پهرين کان شروع ڪندس.” اهو چئي هو هٻڪيو.
    “چئو چئو.... کُلي ڳالهائي،” ڪرسٽوفر هن جو حوصلو وڌايو.
    “آئون ڊائريڪٽر ٿامسن بابت ڳالهائڻ ٿو چاهيان.”
    ڪرسٽوفر بيزاري جو اظهار ڪندي چيو. “آئون اڳ ۾ ئي چئي چڪو آهيان ته ٿامسن جي باري ۾ مونکي ڪا گهڻي خبر ڪونهي. هن جي ڪتاب جي سلسلي ۾ آئون تنهنجي ڪا گهڻي مدد نٿو ڪري سگهان.”
    “اها ڳالهه ڪونهي.” ينگ جلدي وراڻيو. “ڪتاب جي ڳالهه هجي ته آئون اوهانجي ڊنر ۾ دخل نه ڏيان ها، آئون خود اوهان کي ٿامسن جي باري ۾ٻڌائڻ چاهيان ٿو.”
    “مون اڃا به ڪجهه نه سمجهيو ته تون ڇا ٿو ٻڌائڻ چاهين. ۽ اهو ٻڌائڻ ايترو ضروري ڇو آهي.”
    ڪيرن هٿ وڌائي، ڪرسٽوفر جو ڪلهو ڇهيو. “ڊيئر پليز! مسٽر ينگ کي ڳالهائڻ ته ڏي.”
    ينگ ٿورائتين نظرن سان ڪيرن کي ڏٺو. ڪرسٽوفر جي بيزاري بدستور قائم هئي. پر زال جي التجا کي نظر انداز ڪرڻ مناسب نه هو.
    “ٺيڪ آهي مسٽر ينگ چئو!” هن چيو.
    “ڊائريڪٽر ٿامسن اوهانکي بلڪل پسند نٿو ڪري. “ينگ چيو. “آئون ڪافي وقت کان هفتي ۾ هڪ ڀيرو هن سان ملندو رهيو آهيان. پر گذريل ڪجهه قوت کان هو گم سم ۽ کويل کويل رهندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته کيس منهنجي موجودگيءَ جو احساس به نه رهندو آهي. هو ڳالهائيندو آهي. فون رسيو ڪندو آهي. منهنجي سامهون پاڻ به فون ڪندو آهي. پنهنجا اهم ڪاغذ ميز تي ڇڏي ڏيندو آهي. جيتوڻيڪ هو گهڻو محتاط رهندو آهي ۽ منهنجي هوندي ڪا ڳالهه به نه ڪندو آهي. هاڻ هو مونکي بلائنگ پيپر کان وڌيڪ اهميت نٿو ڏي. معاملي جو ٻيو پاسو اهو آهي ته آئون هر ان شخص کي پسند ڪريان ٿو، جنهن کي ٿامسن ناپسند ڪري ٿو. ٿامسن جي ناپسنديدگي منهنجي نظرن ۾ ان شخص جي سٺائي جو دليل آهي. ان لحاظ کان اوهين منهنجا دوست آهيو. تنهنڪري مون اڄوڪي ملاقات تي زور ڀريو. جيئن اوهانکي خبردار ڪري سگهان.”
    ڪيرن پريشان ٿي ويئي. پر ڪرسٽوفر سڪون سان چيو. “وضاحت ڪر.”
    “ڳالهه هيءَ آهي ته....” ينگ جو آواز هلڪو ٿي ويو. “ته ٿامسن ۽ ايف بي آءِ اوهان بابت ڇنڊ ڇاڻ پئي ڪري.”
    ڪيرن جو رنگ اُڏري ويو. “ان سان ڪهڙو ٿو فرق پوي. مون بابت ڇنڊ ڇاڻ ته ان وقت ٿي هئي. جڏهن صدر صاحب مونکي اٽارني جنرل مقرر ڪيو هو.” ڪرسٽوفر بي پرواهي مان وراڻيو.
    “هي ڳالهه ٻي آهي اهو ته معمول موجب هو. گذريل مهيني مون کيس فون تي بيڪسٽر ۽ ڪنهن فادر جي حوالي سان اوهان بابت ڳالهائيندي ٻڌو هو. هاڻ هو اوهان بابت جيڪا ڇنڊ ڇاڻ پيو ڪرائي، اها ڌار نوعيت جي آهي، عام طور تي هو منهنجي موجودگي ۾ فقط آمريڪي صدر يا هيري ايڊورڊ جون فونون رسيو ڪندو آهي. ڪلهه منهنجي هوندي هن هڪ ڪال وصول ڪئي. آئون باٿ روم ۾ هليو ويس. پر دروازو ٿورو کليل ڇڏي ڏنم، ڳالهه ٻولهه ۾ ڪنهن حوالي سان اوهانجي نالو ورتو ويو. مونکي لفظ به لفظ ته ياد ڪونهي، پر هن چيو هو ته ڪوشش ڪندو رهه ۽ ملندڙن کي به چيڪ ڪر. اهو طئي آهي ته ڳالهه توهان بابت پي ٿي.”
    ڪيرن ڇرڪي پڇيو. “هن ملڻ وارن کي به چيڪ ڪرڻ جي هدايت ڏني هئي؟”
    “هائو!” ينگ چيو. ڪرسٽوفر ڏانهن ڏسندي چيائين،” ان جو مقصد فقط توهانکي بليڪ ميل ڪرڻ ٿي سگهي ٿو. مون ضروري سمجهيو ته اوهان کي خبردار ڪري ڇڏيان.”
    “آئون اواهانجو ٿورائتو آهيان مسٽر ينگ.” ڪرسٽوفر پر خلوص لهجي ۾ چيو.
    “مون سڄي زندگيءَ ۾ ايترو انا پرست شخص نه ڏٺو آهي.” ينگ جو لهجو تيز هو. “منهنجي خيال ۾ دنيا ۾ فقط هڪئي شخص کيس پسند ڪري ٿو ۽ ساڻس محبت ڪري ٿو. تنهن کانسواءِ باقي سڀ يا ته ڊپ سبب هن جو احترام ڪن ٿا، يا هن کان نفرت ڪن ٿا ۽ هن کي پسند ڪندڙ واحد شخص هيري ايڊورڊ آهي. هن جو نائب يا وري هن جي ماءُ هن کي چاهيندي هوندي.”
    “واهه! مونکي ته اها خبر نه هئي ته ڪو هن جي ماءُ جيئري آهي.” ڪرسٽوفر دلچسپيءَ کانسواءِ رهي نه سگهيو.
    “هن جي ماءُ جو نالو روزا ٿامسن آهي. 84 سال عمر اٿس. ٿامسن کيس الگزينڊريا ۾ هڪ فليٽ وٺي ڏنو آهي. هو هر هفتي ساڻس ملڻ جي لاءِ ويندو آهي. هن جو تمام گهڻو خيال رکندو آهي؟”
    “ڪمال آهي، ان جو مطلب اهو آهي ته هن جي سيني ۾ به دل آهي” ڪرسٽوفر چيو ، “پر توکي هن جي ماءُ جي باري ۾ ڪيئن خبر پئي.”
    “هڪ ڏينهن ڪا وساريل ڳالهه ياد ڪرن جي ڪوشش ڪري رهيو هو. ڳالهه ياد نه آيس ته هن بي اختيار چئي ڏنو. امان کان پڇندس، ائين مونکي خبر پئي ته هن جي ماءُ جيئري آهي. مون کيس ٻڌايو ته اهو منهنجي لاءِ هڪ انڪشاف آهي، هن چيو ته احتياط ڪندي هو پنهنجي ماءُ بابت رازداريءَ کان ڪم وٺندو آهي. هن هدايت ڪئي ته ڪتاب ۾ هن جي امڙ جي جيئري هئڻ بابت ڪا ڳالهه نه هئڻ گهرجي. البته ڪجهه حوالن سان هن جي واکاڻ ضروري آهي. پوءِ هن ان سلسلي ۾ مونکي ڪجهه پس منظر به ٻڌايو.”
    “مسٽر ينگ!” ڪيرن چيو، “جيڪڏهن تون ٿامسن کي ايترو ئي ناپسند ٿو ڪرين ته پوءِ هن جي سوانح ڇو پيو لکين؟”
    “ٻي ڳالهه آئون اها ئي ٻڌائڻ ٿو چاهيان.” ينگ چيو، “مون هن جي لاءِ ڪتاب لکڻ نٿي چاهيو، پر هن مونکي مجبور ڪيو. بليڪ ميلنگ جي ذريعي، هاڻ آئون اوهانکي سڄي ڳالهه ٿو ٻڌايان. ڪجهه سال اڳ آئون پنهنجي هڪ ڪتاب جي لاءِ مواد حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾پئرس ۾ رهيو آهيان. اتي مونکي برطانوي نسل جي پروفيسر هينڊرسن کان گهڻي مدد ملي. پروفيسر کي ڪميونسٽن سان همدردي ۽ ان قسم جي ٻين سرگرمين جي ڪري آمريڪا مان ڪڍيو ويو هو. پئرس ۾ رهڻ جي دوران آئون پروفيسر جي ڌيءَ سان محبت جا پيچ پائي ويٺس. هوءَ منهنجي پهرين ۽ آخري محبت آهي. هوءَ به مونسان محبت ڪندي هئي. تنهنڪري اسان شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، پر مسئلو اهو هو ته آئون اڳ ۾ ئي شادي شده هئس. اها ٻي ڳالهه آهي ته زال کان ڌار رهندو هئس. اسان پاڻ ۾ اهو ئي طئي ڪيو ته آئون نيويارڪ واپس اچي طلاق وٺندس. پوءِ ايميءَ کي گهرائي، هن سان شادي ڪندس، جيتوڻيڪ طلاق جو مسئلو ڏکيو ثابت ٿيو، پر جيئن تيئن ڪري منهن ڏيئي ويس. منهنجي اها به خوش بختي آهي ته منهنجي لکيل پهرين سوانح ئي سپر هٽ ثابت ٿي. مون ايميءَ کي آمريڪا اچڻ جي دعوت ڏني. ان دوران ڊائريڪٽر ٿامسن جي نظر انتخاب مونتي پئي ته آئون سندس سوانح لکان. هن مونسان رابطو ڪيو، مون نابري واري ڇڏي. ٿامسن کي انڪار ڪڏهن به قبول ناهي. هن مون بابت جاچ ڪرائي ۽ ايمي ۽ سندس مائٽن بابت سڀ ڪجهه ڄاڻي ورتائين. ان حوالي سان هن مونکي بليڪ ميل ڪيو ته جيڪڏهن مون هن جو ڪتاب نه لکيو ته هو اڻ وڻندڙ شخصيت قرار ڏيئي ايمي جي آمريڪا اچڻ تي پابندي وجهرائي ڇڏيندو. آئون ان شرط تي سندس ڪتاب لکڻ تي راضي ٿيس ته هو ايمي جي آمريڪا آمد جي معاملي ۾ مداخلت نه ڪندو. هاڻ توهان سمجهيو.”
    “پنهنجي ڳالهه کي مڃرائڻ جو اهو ته ڏاڍو خراب طريقو آهي.” ڪيرن چيو.
    “ته هاڻ تنهنجو مسئلو ڪهڙو آهي؟”
    “مسئلو هي آهي ته ٿامسن مونکي بل ڪراس ڪيو. ٻه هفتا اڳ ڪتاب جي مواد جي سلسلي ۾ ٿامسن مونکي تمام گهڻا ڪاغذ ۽ ڪيسٽون ڏنيون ته انهن جا نقل ٺهرائي وٺان. انهن ۾ ڪيترا ڪاغذ اڳوڻي اٽارني جنرل بيڪسٽر جا هئا. آئون انهن جا نقل ٺهرائي رهيو هئس ته جيئن اصل واپسي ڪري ڇڏيان. ڪالهه انهن ڪاغذن مان مونکي هڪ ميمو مليو جيڪو ٿامسن پاران بيڪسٽر کي موڪليو ويو هو. ان ميمو موجب آمريڪا ۾ ايمي هينڊرسن جي داخلا تي پابندي وجهڻ جي سفارش ڪئي وئي هئي. ٿامسن شايد اهو ميمو موڪلڻ وساري ويٺو هو. اهو آهي سڄو چڪر. مون جنهن شرط تي ڪتاب لکڻ قبوليو، اهو ان شرط تان به ڦري ويو. هو مونکي انڪار جي سزا ڏيئي رهيو آهي. آئون هن کان ڊنل آهيان ۽ ساڻس اُلجهڻ نٿو چاهيان. اميگريشن جو کاتو اوهان وٽ آهي. يقين آهي ته ان ميمو جي ڪاپي اميگريشن آفيس جي ريڪارڊ ۾ به هوندي. هاڻ فقط اوهين ئي منهنجي مدد ڪري سگهو ٿا.”
    “هائو! اهو منهنجو کاتو آهي. تون درخواست ۽ ٻيا ضروري ڪاغذ پڻ مونکي آڻي ڏي. آئون منظوري ڏيئي ڇڏيندس.” ڪرسٽوفر بنا هٻڪ جي چيو.
    “مسٽر ڪولنس! اوهين اندازو نٿا ڪري سگهو ته اوهان مونکي ڪيڏي وڏي خوشي ڏني آهي. اوهين منهنجي احسان منديءَ جو اندازو به لڳائي نٿا سگهو.”
    “ان ۾ احسان منديءَ جي ڪهڙي ڳالهه آهي.” ڪرسٽوفر مرڪندي چيو. “آئون فقط انصاف جون تقاضائون پوريون ڪري رهيو آهيان ۽ تون اُلڪو نه ڪر، ٿامسن کي به خبر نه پوندي.... تون پنهنجو ڪم ڪندو رهه.”
    ڪيرن اڃا به ٿامسن جي باري ۾ مونجهاري ۾ هئي. “ڪمال آهي هي شخص ماڻهن جي نجي زندگي ۾ ائين مداخلت ڪري رهيو آهي. اها ته بي حيائي جي ڳالهه آهي. مونکي ته يقين ئي نٿو اچي.”
    ينگ ڪنڌ ڌوڻي چيو. “آئون بدزباني تي معافي ٿو گهران، پر ڊائريڪٽر ٿامسن دنيا جو ذليل ترين ماڻهو آهي. مسٽر ڪولنس! منهنجي يا اوهانجي زندگي جي ڪتاب جو ڪو به صفحو، ڪا به سٽ هن کان ڳجهي نه ٿي رهي سگهي. آئون ته ان نتيجي تي پهتو آهيان ته هو هن ملڪ جو سگهارو شخص آهي ۽ 35هين ترميم کانپوءِ ته هو ملڪ جي اڇي ۽ ڪاري جو مالڪ بڻجي ويندو.”
    “ترميم ڪڏهن به پاس نه ٿيندي. “ڪرسٽوفر چيو. “ترميم سڀاڻي مري ويندي ۽ اسين ٻيهر جي اُٿنداسين.... مسٽر ينگ هاڻ تون ڪو به الڪو نه ڪر.”

    ان رات ڪيرن، نائيٽ ڊريس پائڻ مهل فيصلو ڪري ورتو ته هوءَ ڪرسٽوفر کي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيندي. پر بيڊ روم ۾ پهتي ته ڪرسٽوفر سمهي چڪو هو. هوءَ ڏاڍي محبت سان کيس ڏسندي رهي. ڪيترن ئي هفتن جي ذهني بار کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري اڄ هو پرسڪون ننڊ سمهي رهيو هو. تنهنڪري هن جي ننڊ خراب ڪرڻ جو ڪو سبب نه هو. هوءَ بستري تي هن جي پاسي ۾ ليٽي پئي. هو دير تائين ڇت کي گهوريندي ۽ سوچيندي رهي. ٿامسن بابت ينگ جي ڳالهه ٻولهه کيس ڊيڄاري ڇڏيو هو. ينگ چيو هو ..... “اسانجي زندگيءَ جي ڪا به سٽ هن جي نظرن کان لڪيل ڪونهي.” هوءِ فورٽ ورٿ ۽ ٽيڪساس ۾ گذريل پنهنجي ماضي کي ياد ڪندي رهي ۽ سندس وجود تي قابض ٿيندڙ ڊپ جي اوندهه جي چادر تيز ٿيندي ويئي.
    “ڪرس ڊارلنگ!” هن ستل ڪرسٽوفر کي ان توقع تي سڏيو ته هو متان جاڳندو هجي ۽ هن جي ڳالهه ٻڌي وٺي. “آئون توکي هڪ ڳالهه ياد ڏيارڻ ٿي چاهيان. جيڪا مونکي اڳ ۾ ڪڏهن به توکي ٻڌائڻ جو موقعو ملي نه سگهيو. پر هاڻ محسوس پئي ڪريان ته ان جي توکي خبر هئڻ گهرجي. توسان ملاقات کان ڪجهه اڳ جي ته ڳالهه آهي اها ڪرس ڊارلنگ!.... پليز.... منهنجي ڳالهه ٻڌ.”
    پر ڪرس بي خبر سو پيو هو. ڪيرن ٿڌو ساهه کنيو ۽ پاسو ورايو. هوءَ ماضي جي باري ۾ سوچي رهي هئي ۽ مستقبل جا خدشا هن جي سامهون هئا. هو ڪافي دير تائين اوندهه ۾ اکيون کوليو، خوش اميديءَ جي روشني ڳولهيندي رهي. پوءِ ننڊ ذهن ۾ وڌيڪ اوندهه لاهي ڇڏيس.


    ايڊگر هوور بلڊنگ ۾ لنچ مان واندو ٿي هيري پنهنجي آفيس مان نڪري آيو. بلڊنگ جي پهرين ماڙ تي ايف بي آءِ جي ڪمپيوٽر ڪمپليڪس هو. سڄو رستو هن جي ذهن ۾ ٿامسن جا چيل لفظ گونجي رهيا هئا. “ڪرسٽوفر ڪولنس جي ماضي جي چڱي طرح ڇنڊ ڇاڻ ڪرائي، هن جو جنهن به شخص سان ڪڏهن به ڪو واسطو هيو هجي ته ان کي چڱي طرف چيڪ ڪر.” ان هدايت کانپوءِ هيري پنهنجا هڙئي وسيلا استعمال ڪندي، ان ڪم جي شروعات ڪئي. ايجنٽن جو تعداد گهٽ نه هو. ريگيولر فورس کانسواءِ ڏهه هزار اسپيشل ايجنٽ اهڙا هئا. جيڪي آف دي ريڪارڊ هئا. هو نه رڳو پنهنجي ڪم ۾ ماهر ۽ تجربيڪار هئا، پر ڊائريڪٽر ٿامسن جي وفادارن مان هئا. ٿامسن ۽ هيري سڀني کان وڌيڪ اعتبار انهن ئي ايجنٽن تي ڪندا هئا.
    انهن ايجنٽس وڏي محنت سان ڪم شروع ڪيو هو. هيستائين ڪرسٽوفر ڪولنس جي سڄي زندگي کليل ڪتاب جيان هن جي سامهون اچي چڪي هئي. هڪ هڪ گهڙي جا تفصيل، ريڪارڊ ۽ ثبوت سميت هن جي سامهون اچي چڪا هئا. اهوئي حال هن جي دوستن يارن ۽ مٽن مائٽن جو به هو. پر جيڪي نتيجا هن جي سامهون آيا هئا، اهي هيريءَ جي لاءِ بيحد مايوس ڪندر هئا. ماضي جي هر هڪ ڪوٺڙي جو دروازو کوليو ويو هو. پر ڪنهن به ڪوٺيءَ مان ڪوڌ پارو لاش نه مليو هو. ڪرسٽوفر ڪولنس جي زندگي بي داغ هئي. هن سڄي زندگي ۾ ڪڏهن به قانون جي ڀڃڪڙي نه ڪئي هئي. هو ڪنهن به اخلاقي سطح کان هيٺ نه ڪريو هو. هيري جي لاءِ اها ڳالهه يقين کان ٻاهر هئي. هڪ آزاد سماج ۾ اهو تصور ڪيئن ٿي پي سگهيو ته ڪو شخص، هر گهڙي لڏڻ لمڻ کان بچيو هجي. انسان ڏاڍو گهرو هوندو آهي. گهرائي ۾ جانچيندو وڃ، ڪٿي نه ڪٿي ڪو گند جو ڍڳ ضرور ملي ويندو.
    هن ٿامسن کي ان جاچ جي اڳڀرائي کان باخبر رکيو هو. هونئن به ٿامسن کي ننڍن ننڍن تفصيلن سان ڪڏهن به دلچسپي نه هوندي هئي. کيس ته فقط نتيجن سان غرض هوندي هئي. هيريءَ ڪڏهن به ٿامسن کي روزاني ناڪامين جا تفصيل نه ٻڌايا. هو روزانو کيس فقط ايتروڪ ٻڌائيندو هو ته جاچ جاري آهي. روزانو هو اهو سوچيندو هو ته اڄوڪو ڏينهن ڪجهه سٺو هوندو.
    ان ڏينهن به هو وڏي اعتماد سان ڪمپيوٽر ڪمپليڪس پهتو. ڪمپليڪس جو مشيني ماحول سدائين کيس اعتماد بخشيندو هو. اهي انسان نه پر بلدڊ هائوڊ نما مشينون هيون جيڪي پنهنجي شڪار جو تيسيتائين پيڇو ڪنديون هيون، جيسيتائين کيس وڃي نه جهلين، اهي مشينون ڪڏهن به ناڪام نه ٿينديون هيون.
    ڪمپليڪس ۾ گهڙندي ئي هن ميري ليپمرٽ کي ڳولهيو. جيڪا اُتي جي انچارج هئي. هڪ آپريٽر کيس ٻڌايو ته ميري ڪيڏانهن ٻاهر ويل آهي. هيري ماٺ ڪيو، ڪمپيوٽر نيٽ ورڪ کي ڪم ڪندو ڏسندو رهيو. کيس يقين هو ته جلد ئي هو چيف کي ڪا سٺي ۽ خوش ڪندڙ خبر ڏيندو.
    ميريءَ کيس ڇرڪائي ڇڏيو. “هيلو هيري!” هيري ڪنڌ مٿي کڻي ڏٺو ميري هن جي سامهون بيٺي هئي. “مون توکي گهڻي دير انتظار ته نه ڪرايو.” ميريءَ پڇيو.
    “نه! .... ٻُڌاءِ ته اڄ ڪهڙيون خبرون آهن؟” هيريءَ جو لهجو خوشگوار هو.
    “منهنجي آفيس ۾ هل.”
    هو ٻيئي آفيس ۾ هليا ويا. ميري فائر پروف فائلنگ ڪيبينٽ کي غير مقفل ڪيو. هيري کيس واکاڻيل نظرن سان ڏسندو رهيو. هو چيف جي حسن جي ذوق کي ساراهڻ کانسواءِ رهي نه سگهيو. 32هن سالن جي ميري ليمپرٽ ڏاڍي سهڻي هئي. ان ڳالهه جي ڪنهن کي به خبر نه هئي ته هوءَ ڪمپيوٽر ڪمپليڪس جي انچارج هئڻ کانسواءِ چيف جي هفتي ۾ هڪ ڏينهن جي محبوبه به هئي. ان راز جي فقط هيريءَ کي خبر هئي. چيف به انساني ڪمزورين کان خالي نه هو. پر هو عام ماڻهن جي ابتڙ پاڻ کي بليڪ ميلنگ جي ننڍي کان ننڍي امڪان کان به محفوظ رکندو هو.
    ميريءَ ڪيبنٽ مان لفافو ڪڍيو ۽ هيريءَ ڏانهن وڌايو. “هي بنهه تازي ڊيٽا اٿئي.”
    هيريءَ لفافي مان ڪاغذ ڪڍيا، انهن جو جائزو ورتو ۽ پوءِ بيزاريءَ مان چيائين. “لک لعنت هجيس! اڃا به ڪجهه ناهي مليو.”
    “هائو! ائين ته آهجي، هي معاملو مايوس ڪندر....” ميري اڃا پنهنجي ڳالهه پوري ئي نه ڪئي، جو فون جي گهنٽي وڳي. ميريءَ فون کنيو، ڪجهه گهڙيون ٻڌندي رهي، پوءِ چيائين. “واقعي.....؟ اجهو آيس.” پوءِ هوءَ هيري کي مخاطب ٿي. “سڃاڻپ ڊويزن ۾ ڪا نئين خبر آئي آهي. هن ڪيس بابت تون منهنجو هتي اوسيئڙو ڪر.” ايئن چئي هوءَ هوا جي جهونڪي جيان ڪمري مان نڪري ويئي.
    هيري ڪجهه دير خالي ذهن جي ڪيفيت ۾ ويٺو رهيو. پوءِ هو ڊائريڪٽر ٿامسن جي باري ۾ سوچڻ لڳو. کيس ٿامسن سان عشق هو. هو ٿامسن جي خوشي جي لاءِ دنيا جو هر ڪم ڪري ٿي سگهيو. هو ٿامسن جي لاءِ پنهنجي زندگي قربان ڪري سگهي ٿو. ان جو سبب هي هو ته ٿامسن سدائين هن جو خيال رکيو هو. هيري ننڍي هوندي ئي پيءُ جي پاڇي کان محروم ٿي ويو هو. ٿامسن هن جي لاِءِ پيءُ جو متبادل هو. جنهنجي کيس ڪڏهن شفقت ميسر نه ٿي سگهي هئي. ٿامسن جي محبت جي نالي ۾ هيري پاڻ کي ايف بي آءِ تان قربان ڪري سگهيو ٿي. هن شادي به نه ڪئي هئي ۽ مڪمل طور تي ڪنواري زندگي گذاري رهيو هو. ٿامسن هن جو آئيڊيل هو ۽ هو پاڻ کي آمريڪا جي ان عظيم ترين پٽ جو وفادار نوڪر سمجهندو هو.
    هڪ ڀيرو ٻيهر ميري ليمپرٽ کيس ڇرڪائي ڇڏيو. هن ڀيري هن جي چپن تي ڏاڍي سهڻي فاتحانه مرڪ هئي. هن ڪجهه ڪاغذ ۽ فنگر پرنٽس جا ڪجهه سيٽ هيري جي هنج م اڇليا. “گڊ نيوز هيري. مبارڪ هجئي!.”
    “هي ڇا آهي؟” هيريءَ ڇرڪي پڇيو.
    “پاڻ ڏسي وٺ!”
    هيريءَ پهرين فنگر پرنٽس جو جائزو ورتو. پوءِ ڪاغذن ڏانهن ڌيان ڏنائين. شروع ۾ هن جي منهن تي مونجهاري جو تاثر هو. پوءِ اهو تاثر ختم ٿي ويو. “مائي گاڊ!” هن چيو ۽ هن جون واڇون تڙي ويون.


    قسط 16

    صُبح جو سوا اٺ ٿيا هئا. ڪرسٽوفر شيو ڪري رهيو هو. هن منهن تي گجي پکيڙيندي پنهنجو عڪس ڏٺو. ڪيترن ئي ڏينهن کانپوءِ هو ايترو فريش لڳي رهيو هو. کيس احساس ٿيو ته ذهني پريشانين مان ڇوٽڪارو ماڻهوءَ کي ڪيترو نه بدلائي ٿي ڇڏي. اهو سڀ جسٽس هاورڊ جي فيصلي جي ڪري ٿيو هو. هن جي مٿي تان 35هين ترميم جو بار هٽي ويو هو. ينگ جي تنيهه ته ايف بي آءِ وارا نهايت باريڪ بينيءَ سان هن جي باري جاچ ڪري رهيا آهن، مٿس ڪو تاثر ڇڏي نه سگهي هئي. کيس خبر هئي ته جاچ جو نتيجو ٻڙي نڪرندو. هن جي ماضيءَ ۾ ڪابه اهڙي ڳالهه نه هئي، جيڪا هن جي لاءِ ڦڪائي جو سبب بڻجي. تنهن کانسواءِ کيس اهو به يقين هو ته ٿامسن جي ڪڌن هٿڪنڊن جا ڏينهن پورا ٿي چڪا آهن. هن جسٽس هاورڊ جي روپ ۾ ترپ جو سڀ کان وڏو پتو کيڏي ڇڏيو هو.
    جسٽس هاورڊ کي قائل ڪرڻ کانپوءِ ڪرسٽوفر مطمئن ٿي ويو هو. 35هين ترميم جي موت سان گڏ ئي ٿامسن جي آمريت جو خواب به وکري وڃڻون هو. هاڻ ٿامسن کي پرسرار دستاويز “آر” کي به اهميت ڏيڻ جي گهرج نه هئي. جنهن جي ٻي حصي بابت خبر نه هئي. بيڪسٽر خطرناڪ آر دستاويز کي بي نقاب ڪرڻ تي زور ڀريو هو. پر 35هين ترميم جي موت جي صورت ۾ آر دستاويز جي خطرناڪي پاڻ مرادو ختم ٿي وڃڻي هئي.
    شيو مان واندو ٿي، هن گهڙيءَ ۾ وقت ڏٺو، ساڍا اٺ ٿيا هئا. ان مطلب اهو هو ته ڪيليفورنيا ۾ صبح جا ساڍا پنج ٿيا هوندا. ساڍن ٽن ڪلاڪن کانپوءِ جڏهن هو مانجهاندو ڪري رهيو هوندو، ان مهل جسٽس هاورڊ ڪيليفيورنيا ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هوندو. انهيءَ کان ڇهه ڪلاڪ پوءِ هاورڊ، ڪيليفورنيا سينٽ ۽ اسيمبلي جي دستور ساز ڪميٽي سان هم ڪلام ٿيندو. ايئن 35هين ترميم پنهنجو موت پاڻ مري ويندي. سينٽ ۾ آخري ووٽنگ ان کانپوءِ ٿيڻي هئي. پر هاڻ اها ڳالهه طئي هئي ته 35هين ترميم فيصلي جي لاءِ سينٽ ۾ پهچي ئي نه سگهندي. اسيمبلي اها رد ڪري ڇڏيندي.
    باٿ روم جي دروازي تي ٿيل ٺڪ ٺڪ کيس ڇرڪائي ڇڏيو. هو ڪپڙا بدلائي چڪو هو. هن دروازو کوليو. سامهون ڪيرن بيٺي هئي. توسان هڪ همراهه ملڻ آيو آهي. نالو ڊوور اٿس. هن جو چوڻ آهي ته هو تنهنجو دوست آهي.”
    “ڊوور؟...... ڪير ڊوور....؟”
    “نالو ته منهنجي لاءِ اوپرو آهي. تنهنڪري مون کيس اندر نه گهرايو. ٺيڪ آهي کيس چئي ٿي ڇڏيان ته....”
    اوچتو ڪرسٽوفر کي اهو نالو ياد اچي ويو. “نه ڪيرن! کيس واپس نه ورائج. اهو ته ڊونالڊ جو اهو نالو آهي، جيڪو مون کيس ڏنو آهي.”
    “ڪهڙو ڊونالڊ؟”
    “توکي خبر ڪونهي.... پوءِ ٻڌائيندوسين...... هو منهنجو دوست آهي. کيس اندر ويهار... آئون اجهو آيس.”
    ڪيرن هلي وئي، ڪوٽ پائيندي ڪرسٽوفر سوچڻ لڳو ته اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي، جو ڊونالڊ ايترو سوير آيو آهي. آرگو سٽي مان واپس اچڻ کانپوءِ فون تي ڊونالڊ سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي هئي. ڊونالڊ ميڊيسن هوٽل ۾ ٽڪيل هو ۽ ڏوهن جي روڪٿام جي سلسلي ۾ 35هين ترميم جي متبادل رٿا تي ڪم ڪري رهيو هو. ڪرسٽوفر چاهيو ٿي ته ترميم جي رد ٿيڻ کان هڪدم پوءِ اها رٿا صدر گلبرٽ جي سامهون رکي وڃي. ان لحاظ کان ڊونالڊ جو اچڻ حيرت ۾ وجهندڙ هو. ڇو جو هن کيس احتياط طور هوٽل تائين محدود رهڻ جي هدايت ڪئي هئي.
    ڪرسٽوفر ڪجهه پريشان ٿي ويو. هو بيٺڪ ۾ داخل ٿيو ته توقع جي ابتڙ هن ڊونالڊ کي بي چينيءَ مان هيڏانهن هوڏانهن اچ وڃ ڪندي ڏٺو. ڪيرن ميز ٿي ناشتو لڳائي چڪي هئي.
    “ڊونالڊ! خير ته آهي، سوير اچي نڪتو آهين. هيءَ منهنجي زال ڪيرن آهي.”
    ڊونالڊ ڇرڪي بيهي رهيو. ڪيرن ڪمري مان هلي ويئي. “ڏاڍي خراب خبر اٿئي ڪرس.... ڏاڍي خراب خبر.... ڊونالڊ چيو “مون ٽي وي تي صبح ڇهين وارين خبرن ۾ ٻڌو.”
    ڪرسٽوفر خاموش بيٺو رهيو. کيس اندازو ٿي رهيو هو ته خبر ڪهڙي به ٿي سگهي ٿي. پر آهي تباهه ڪندڙ، “ڇا ڳالهه آهي ڊونالڊ! تون ايترو پريشان ڇو آهين؟” هن پڇيو.
    “منهنجي سمجهه ۾ نٿو اچي ته توکي ڪيئن ٻڌايان.” ڊونالڊ چيو. “چيف جسٽس هاورڊ ۽ سندس زال کي رات جو سندن گهر ۾ قتل ڪيو ويو آهي. امڪان اهو آهي ته قاتل چوريءَ جي نيت سان گهر ۾ گهڙيو هو.”
    ڪرسٽوفر کي پنهنجون ٽنگون رڦندي محسوس ٿيون.” ڇا پيو چوين...؟ مونکي يقين ئي نه پيو اچي.”
    “اها پڪي خبر آهي، کڙڪو ٻڌي شايد هاورڊ جاڳي پيو هو هن اٿڻ جي ڪوشش ڪئي. قاتل نوَ ملي ميٽر جي روالور سان ٻه فائر ڪيا. هڪ گولي سيني ۾ ۽ ٻي مٿي ۾ لڳس. هو ٻيو ساهه به کڻي نه سگهيو. فائر جي آواز مسز هاورڊ کي جاڳائي ڇڏيو. قاتل ٽي گوليون هن جي جسم ۾ به لاهي ڇڏيون.”
    “او منهنجا رب! اُن کان خطرناڪ ٻي ڪا خبر ئي نٿي ٿي سگهي.” ڪرسٽوفر ڏکاري لهجي ۾ چيو. “قوم، جي عظيم ترين ماڻهن مان هڪ کي ايئن ماريو ويندو. هو واقعي هن ملڪ جي عظيم ماڻهن مان هڪ هو ۽ ٻيو ته هو بدترين آمريت جي خلاف اسانجي آخري ۽ يقيني اميد هئي. لعنت هجي. هي سڀ ڇا پيو ٿئي... هن ملڪ ۾؟”
    اهو سوچ ته هاڻ هن ملڪ جو ڇا ٿيندو؟” ڊونالڊ چيو. “ٿورو ٽي وي ته کول.”
    ڪرسٽوفر ٽي وي آن ڪئي. هو ٻيئي ٽي وي جي سامهون پيل صوفن تي ويهي رهيا. اسڪرين تي ان مهل جسٽس هاورڊ جي گهر جو منظر هو. جتي واردات ٿي هئي. سادن ڪپڙن ۾ جاچ ڪندڙ هيڏانهن هوڏانهن اچ وڃ ڪري رهيا هئا. دروازي جي ٻاهر هاورڊ جا پاڙيسري اکيون ڦاڙيون اهو سڀ ڪجهه ڏسي رهيا هئا. ڪن کي ته اڃا رات وارا ڪپڙا پاتل هئا. پوءِ اسڪرين تي نيٽ ورڪ جي رپورٽر جو ڪلوز اپ نظر آيو. “هي اهو هنڌ آهي جتي ٽي ڪلاڪ اڳ اهو حادثو ٿيو.” رپورٽر انائونس ڪيو.
    “چيف جسٽس هاورڊ ۽ سندس زال کي ڪنهن اڻ ڄاتل قاتل گولين جو نشانو بڻائي ڇڏيو. لاش ڪلاڪ کن اڳ هتان کنيا ويا آهن. انهن مان هڪ قاتل جو به لاش هو، جيڪو ڀڃڻ جي ڪوشش ۾ پوليس جي هٿان مارجي ويو. ان جي اڃا سڃاڻپ ٿي نه سگهي آهي. اها ڳالهه واضع آهي ته قاتل گهر جي اندرين نقشي کان چڱي طرح واقف هو. امڪان آهي ته هو بيڊ روم ۾ مسز هاورڊ جا زيور چورائڻ جي چڪر ۾ گهڙيو هو. خيال ظاهر ڪيو ويو آهي ته جسٽس هاورڊ جي اک کلي پئي هئي. پوليس جي نظريي موجب جسٽس هاورڊ اٿي الارم جو بٽن دٻائي ڇڏيو هو ۽ اهو الارم پوليس اسٽيشن ۾ هو. جنهن جي نتيجي ۾ پوليس حرڪت ۾ اچي ويئي. ان دوران قاتل پهرين جسٽس کي ۽ پوءِ سندس زال کي شوٽ ڪيو. هن ڀڄڻ جي بدران زيورن جي ڳولا جاري رکي، شايد کيس احساس نه هو ته جسٽس صاحب الارم جو بٽڻ دٻائي چڪو آهي. زيور کڻي هو ٻاهر نڪتو ۽ پنهنجي پلائي موٿ گاڏي طرف وڌيو، جيڪا ٻه بلاڪ پويان پارڪ ڪئي ويئي هئي. اسڪواڊ جي ڪار جي جهلڪ ڏسندي ئي هو ڀڳو. پوليس وارننگ کانپوءِ گولي هلائي. جنهن ۾ هو اُڦٽ مري پيو. چوري ڪيل زيور هن جي کيسي مان مليا آهن. پر اهڙي ڪا به شئي نه نڪتي آهيم، جنهن مان هن جي سڃاڻپ ٿي سگهي ۽ ناظرين هاڻ اسين اوهانکي ان ڪيس جا تازين خبرن جي لاءِ لاس اينجلس ۾ پنهنجي نيوز روم ٿا هلئون.”
    “هاڻي ڪهڙو فائدو؟” ڪرسٽوفر ڪنڌ ڌوڻيندي مايوس لهجي ۾ چيو. هو ٻيئي ڪافي جا ڍڪ ڀريندي ٻيهر اسڪرين ڏانهن متوجه ٿي ويا. نيوز ڪاسٽر هاڻ ڪجهه ڪاغذن کي اٿلائي پٿلائي ڏسي رهيو هو. پوءِ هن چيو، “اها آهي تازي خبر. جسٽس هاورڊ ڪالهه غير متوقع طور تي لاس اينجلس آيو هو. هن جي دوستن ۽ اسٽاف جي ماڻهن کي به هن جي آمد جي خبر نه هئي. ڪنهن کي به هن جي غير متوقع دوري جي سببن جي خبر نه هئي. پر هاڻ هڪ پهلو سامهون آيو آهي. لاس اينجلس پهچندي ئي جسٽس هاورڊ، سڪرامنٽو ۾، پنهنجي پراڻي دوست جيمس گرفٽ سان رابطو ڪيو هو. جيڪو ڪيليفورنيا اسيمبلي جو اسپيڪر به آهي. جسٽس هاورڊ اڄ ٽپهريءَ جو رياست جي گاڌي جي هنڌ پهچڻ جو ارادو ظاهر ڪيو هو، هن دستور ساز اسيمبلي هن اسيمبلي ميمبرن سان 25هين ترميم جي باري ۾ ڳالهائڻ ٿي چاهيو، اسپيڪر ان سلسلي ۾ کيس ڪميٽيءَ جو آخري شاهد مڃي ورتو هو. اسپيڪر مسٽر گرفٽ هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته هو سمجهي نه سگهيو ته جسٽس هاورڊ ترميم جو حامي هو يا مخالف. هو پنهنجي تقرير تيار ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي گهر ۾ اچي ترسيو هو. جتي موت کيس اچي نهوڙي نيو.”
    “۽ ناظرين! هاڻ جڏهن ته موت چيف جسٽس کي سدائين جي لاءِ خاموش ڪري ڇڏيو آهي. اسين اهو ڪڏهن به ڄاڻي نه سگهنداسين ته جسٽس هاورڊ جي تڪراري 35هين ترميم جي باري ۾ ڪهري راءِ هئي يا ڇا ٿي چوڻ چاهيائين. اها به خبر آهي ته سڪرا منٽو پهچڻ کان اڳ چيف جسٽس کي لاس اينجلس جي هڪ هوٽل ۾ هڪ پريس ڪانفرنس کي به خطاب ڪرڻو هو. پريس ڪانفرنس پاڻ گهرائي هئائين. جيڪڏهن هو جيئرو هجي ها ته ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ هو پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هجي ها.”
    “هينئر هينئر مونکي ٻڌايو ويو آهي ته صدر گلبرٽ جو پريس سيڪريٽري جسٽس هاورڊ جي ڪمهلي ۽ متشدد موت تي صدر صاحب جو تعزيتي پيغام پڙهي ٻڌائيندو. تنهن ڪري اسين اوهانکي “ وائٽ هائوس” وٺي ٿا هلون جتي...”
    ڪرسٽوفر، ڊونالد ڏانهن ڏسندي چيو “ڊونالڊ! تدفين فقط جسٽس جي ئي نه اسانجي به ٿيندي.”
    ڊونالڊ ڪريڊن ٿڪل انداز ۾ ڪنڌ ڌوڻيو. ڪرسٽوفر ٿڌو ساهه کنيو. هاڻ بهرحال هو ابتدائي جهٽڪي کان پاڻ سنڀالي چڪو هو. البته مايوسي هر گهڙي وڌندي پي ويس. “يقين ڪر ڊونالڊ! اها منهنجي زندگيءَ جي بدترين خبر آهي.” هن مئل لهجي ۾ چيو. پوءِ اسڪرين ڏانهن اشارو ڪندي چيو .”هاڻ هي ملڪ هنن جو آهي.”
    “هائو! بدقسمتيءَ سان...!”
    هاڻ هنن ٻنهي جو ڌيان اسڪرين ڏانهن هو. صدر جي پريس سيڪريٽريءَ صدر جو تعزيتي پيغام هڪ مڪمل ڪيو. پيغام ۾ ڪيترائي روايتي جملا هئا. خلوص ۽ سچائيءَ کان محروم لهجو. جيتوڻيڪ جيڪي ڪجهه چيو پي ويو. اهو سڀ سچ هو. جڏهن ڪو عظيم انسان مري ويندو آهي ته ان سان گڏ انسانيت جو هڪ حصو به مري ويندو آهي ۽ جان هاورڊ بلاشڪ دنيا جي عظيم انسانن منجهان هو. تنهنڪري هن ملڪ ۾ انصاف جي مٿڀرائپ جا ڏينهن پورا ٿيا. ڪرسٽوفر چيو “شايد جمهوريت به پوڙهي ٿي موت جي اونداهي واديءَ ۾ لهڻ واري آهي. هاورڊ کانسواءِ 35 هين ترميم جو موت ممڪن ڪونهي. هاڻ 35 هين ترميم جي شڪل ۾ ڊائريڪٽر ٿامسن جي نئين جنميل آمريت شروع ٿيڻ واري آهي ۽ قوم ٿامسن جي ٺاهيل سانچي ۾ سموئجي ويندي.”
    “هاڻ اسين اوهان کي ايف بي آءِ جي ڊائريڪٽر ورنن ٿامسن جي آفيس وٺي ٿا هلئون.” انائونسر چيو. ٻي گهڙيءَ اسڪرين تي ٿامسن جو ڄاتل سڃاتل چهرو نظر آيو. جنهن جي منهن تي ڏک جو تاثر هو ۽ پنهنجي سامهون رکيل لکت پڙهي رهيو هو.
    “جسٽس هاورڊ جو مرتيو ايڏو وڏو نقصان آهي، جو لفظن ۾ بيان ڪرڻ ممڪن ڪونهي. جسٽس هاورڊ قوم جو دوست هو، هو منهن جي ذاتي دوست هو. هو سچائي ۽ آزاديءَ جو متوالو هو. اهڙي شخصيت آمريڪا کي ايترو ته سگهارو ڪري ڇڏيو آهي، جو هي ملڪ ڏوهن، تشدد ۽ لاقانونيت جي ڀرمار جي باوجود پنهنجي سڃاڻپ برقرار رکندو. مونکي يقين آهي ته هن وقت جيڪڏهن جسٽس زندهه هجي ها ته پنهنجي موت جي الميي کي وسيع تناظر ۾ ڏسي ها. آمريڪا جي شهرين ۽ انهن جي اڳواڻن جي تحفظ کي لاڳو خطرن کي هاڻ هميشه جي لاءِ ختم ڪري ڇڏڻ گهرجي. هن وقت حال اهو آهي ته ماڻهو رستن تي ته ٺهيو، پر پنهنجي گهرن ۾ به محفوظ ناهن. اها اسانجي خوشفهمي آهي ته چيف جسٽس هاورڊ جو قاتل پنهنجي منطقي انجام تائين پهچي چڪو آهي. مونکي ڪجهه گهڙيون اڳ خبر پئي آهي ته قاتل جي سڃاڻپ ٿي ويئي آهي. ان جي سڃاڻپ جو اعلان ايف بي آءِ ڪجهه دير پوءِ ڪندي. ايترو ٻڌائي ٿو ڇڏيان ته قاتل عادي ڏوهاري هو. هن جي ڏوهاري سرگرمين جو رڪارڊ موجود آهي. شرمناڪ ڳالهه اها آهي ته ان جي باوجود به هو کُلي عام رستن تي هلندو وتندو هو. ڪاش! 35هين ترميم هڪ مهينو اڳ منظور ٿي وڃي ها ته ان قومي الميي ۽ زيان کان بچي وڃجي ها. 35هين ترميم جي هوندي اها انڌاڌنڌ رتو ڇاڻ ممڪن نه رهندي. خواتين ۽ حضرات! ان الميي اسانکي اهو سبق ڏنو آهي ته اسانکي گڏجي آمريڪا کي مضبوط بنائڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي.”
    اسڪرين تان ٿامسن جو چهرو هٽيو ۽ رپورٽر جو چهرو اڀري آيو. ڪرسٽوفر ڊونالڊ ڏانهن متوجه ٿيو. هن جي اندر ۾ باهه ٻري رهي هئي. “ڪتي جو پُڇ!.. حرامي جي همٿ ته ڏس! جسٽس هاورڊ جي لاش تي 35هين ترميم جي ڪنوينسگ پيو ڪري. جڏهن ته جسٽس ان ترميم کي فنا ڪرڻ وارو هو.... هو هن جي موت مان الٽو فائدو پيو وٺي.”
    “بلڪه ظاهر اهو پيو ڪري ته جيڏهن هاورڊ جيئرو هجي ها ته ترميم جي حق ۾ ڳالهائي ها.” ڊونالڊ چيو. “شايد هو قاتل بابت ٻڌائڻ وارا آهن.”
    اجهو خبر پئي آهي ته جسٽس هاورڊ جي قاتل جو نالو رومن ايسڪوبار آهي ۽ هو ڪيوبن نسل جو آمريڪي شهري هو. هي آهي ان جي تصوير....”
    ٽي وي تي قاتل جي چهري جو عڪس ڏسندي ئي ڊونالڊ جي وات مان هلڪي رڙ نڪري وئي.” اڙي هي نه نه!”
    ڪرسٽوفر ڇرڪي کيس ڏٺو. ڊونالڊ اٿي بيهي رهيو. هن جو منهن ڦڪو ٿي ويو ۽ اکيون نڪري آيس. هن جي آڱر اسڪرين ڏانهن اشارو ڪري رهي هئي. هو ڪجهه چئي رهيو هو، پر آواز نه پي نڪتس. ڪرسٽوفر اُٿيو ۽ هن ڏانهن وڌيو ۽ هن جي ڪلهي تي هٿ رکيائين. هاڻ ڊونالڊ هر هر اسڪرين تي مَڪ تاڻي رهيو هو. نيٺ هن جو آواز نڪتو. “هي اهو ئي آهي ڪرس... هي اهو ئي آهي.”
    ڪرسٽوفر کيس لوڏيو. “پاڻ کي سنڀال ڊونالڊ! ڳالهه ڪهڙي آهي...؟”
    “آئون هن شخص سان ملي چڪو آهيان.” ڊونالڊ اسڪرين تي قاتل جي عڪس ڏانهن اشارو ڪندي هسٽر يائي لهجي ۾ چيو. “مون هن جو نالو به ٻڌو آهي. مياميءَ کان ٻاهرفشر آئي لينڊ ۾ ان رات مون جنهن شخص کي ساڍا ست لک ڊالر ڏنا هئا. هي اهو ئي شخص هو ۽ هاڻ هي هاورڊ جي قاتل جي روپ ۾ سامهون آيو آهي. تون ان ڳالهه جو مطلب سمجهين پيو ڪرس!.”
    هاڻ اسڪرين تان قاتل جو چهرو هٽي چڪو هو ۽ انائونسر سامهون هو. ڪرسٽوفر جلدي ٽي وي بند ڪئي. کيس ڊونالڊ جي ٻڌايل سڄي ڪهاڻي ياد اچي ويئي. ڪيئن ۽ ڪهڙن شرطن تي ٿامسن کيس لوئس برگ جيل مان ڪڍرايو هو. ڪيئن هن ٿامسن جي هدايتن موجب ساڍا ست لک روپيا ادا ڪيا هئا ۽ جنهن شخص کي ادا ڪيا هئا. ان جسٽس هاورڊ کي قتل ڪري ڇڏيو هو.
    “يقين ڪر ڪرس! هي اهو ئي ماڻهو آهي،” ڊونالڊ چيو. “هاڻ مون سمجهيو ته ٿامسن کي ساڍن ستن لکن ڊالرن جي گهرج ڇو پئي هئي. هن هاورڊ جي قاتل کي معاوضي جي ادائگي منهنجي هٿان ڪرائي هئي. هيءَ اها رقم آهي، جنهن جو ڪير به اتو پتو نٿو لڳائي سگهي. هي قتل ٿامسن ڪرايو آهي، ان جو مطلب اهو ٿيو ته هو 35هين ترميم جي خاطر آخري حد تائين وڃي سگهي ٿو، قتل جي حد تائين به.”
    “بس ڪر! خاموش ٿي.... تون اهو ثابت نه ٿو ڪري سگهين!”
    “۽ ڪهڙو ثبوت کپي توکي؟ ٿامسن مونکي ساڍن ستن لکن ڊالرن جي ادائيگي جي شرط تي جيل مان ڪڍرايو. ڪوڊ ورڊ به هن ئي طئي ڪيو. جنهن موجب مون رومن ايسڪو بار کي رقم ادا ڪئي ۽ رومن جسٽس هاورڊ کي قتل ڪيو. اها ته ٻه واڌو ٻه برابر چار واري ڳالهه ٿي. ٻيو ڪهڙو ثبوت کپئي؟”
    ڪرسٽوفر تيزيءَ سان سوچڻ ۽ صورتحال کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. هن چيو “مونکي ته وڌيڪ ٻي ڪنهن ثبوت جي گهرج ڪونهي. پر تون ٻين کي ڪيئن يقين ڏياريندين.”
    “آئون پوليس کي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيندس. ٿامسن پاران قاتل کي اڳواٽ معاوضي جي ادائيگي مون ئي ڪئي هئي. آئون ٿامسن جي نمائندگي ڪري رهيو هئس.” ڊونالڊ تيز لهجي ۾ چيو.
    “نه يار! ڳالهه وزن نه وٺندي.”
    “ڪيئن نه وٺندي، هيري ايڊورڊ ان حقيقت کان واقف آهي ۽ وارڊن بروس به.”
    “پر هو زبان نه کوليندا.”
    ڊونالڊ ڪرسٽوفر کي جنجهوڙيندي چيو. پوليس منهنجي ڳالهه تي يقين ڪندي آئون. آئون.... آهيان. فشرز آئي لينڊ ۾ قاتل کي رقم مون ادا ڪئي هئي. ائين اسين ٿامسن کي شڪست ڏيئي سگهون ٿا.”
    ڪرسٽوفر هن جو هٿ ڇڏيندي چيو. “ڊونالڊ ڪريڊن حقيقت ٻڌائي سگهي ٿو، پر هاڻ هن جو ڪو به وجود ڪونهي. تون هڪ نا موجود اکين ڏٺو شاهد آهين.”
    “پر آئون جيئرو آهيان.” ڊونالڊ احتجاج ڪيو.
    “سوري دوست! تون ڊوور آهين. ڊونالڊ مري چڪو آهي. هن جي موجودگيءَ جو ڪو به ثبوت ڪونهي. هو موجود ڪونهي.”
    اوچتو سڄي ڳالهه ڊونالد جي سمجهه ۾ اچي وئي. هن جو سڄو جوش ۽ خروش ٿڌو ٿي ويو،. هن جي بي وسيءَ مان چيو. “هائو ڪرس! تون صحيح ٿو چوين؟”
    ٻي پاسي ڪرسٽوفر کي هڪ ٻي خيال ڄڻ جيئرو ڪري ڇڏيو. “پر آئون موجود آهيان ۽ تو جيڪو ڪجهه چيو آهي، ان تي مونکي مڪمل ڀروسو آهي. آئون صدر گلبرٽ سان ملي کيس سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيندس. هي اهي حقيقتون آهن، جن کي هو نظر انداز ڪري نٿو سگهي. حقيقت هيءَ آهي ته هن ملڪ ۾ ڏوهن ۽ لاقانونيت ۾ جيڪو واڌارو ٿئي. حقيقت هيءَ آهي ته هن ملڪ ۾ ڏوهن ۾ لاقانونيت ۾ جيڪو واڌارو ٿي رهيو آهي. ان جو سبب ٿامسن آهي. اصل ڏوهاري ٿامسن آهي. صدر کي منهنجي ڳالهه ٻُڌڻي پوندي. کيس اهو ئي ڪجهه ڪرڻو پوندو، جيڪو جسٽس هاورڊ ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو. کيس عوامي سطح تي 35هين ترميم جي خلاف زبان کولڻي پوندي. تون پاڻ کي سنڀال ڊونالڊ. پاڻ کي اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي. هن ڊيڄاريندڙ خواب مان سجاڳ ٿي...”


    صدر صاحب پنهنجي ڪرسيءَ تي ويٺي پاسو ورايو. “تنهنجو مطلب آهو آهي ته آئون ايف بي آءِ جي ڊائريڪٽر کي هٽائي ڇڏيان.؟”
    اها ملاقات وائٽ هائوس جي بيضوي ڪمري ۾ گذريل ويهن منٽن کان جاري هئي. ڪرسٽوفر ويهن منٽن تائين لڳاتار ڳالهائيندو رهيو هو. اهو آمريڪي صدر جو پهريون جملو هو. هن ڪرسٽوفر جي گهڻي زرو ڀرڻ تي، ڏاڍي مشڪل سان ان ملاقات جي لاءِ اڌ ڪلاڪ ڪڍيو هو. ڪرسٽوفر بنا ڪنهن تمهيد جي ڪرنل بيڪسٽر جي آر دستاويز جي تنبهه کان وٺي جسٽس هاورڊ جي قتل تائين، سڀ واقعا بيان ڪري ڇڏيا. آخر ۾ هن چيو هو “سائين! قانون لاڳو ڪندڙن جي لاقانونيت سهپ کان ٻاهر آهي. منهنجي پيش ڪيل شاهدين جي روشنيءَ ۾ اوهين ٿامسن کي هڪدم هٽائي سگهو ٿا.”
    “ايف بي آءِ جي ڊائريڪٽر کي هٽائي ڇڏيان.” صدر ورجايو. “هائو! جيڪڏهن اوهين کيس سندس ڏوهن جي سزا ڏيئي نٿا سگهو ته گهٽ ۾ گهٽ اهو ته ڪري سگهو ٿا. ائين جمهوريت محفوظ رهندي ۽ آئين جي عزت به قائم رهندي. پوءِ اسين گڏجي سڏجي ڏوهن جي روڪ ٿام لاءِ 35هين ترميم جي ڪا متبادل رٿا مرتب ڪري سگهنداسين. ان سلسلي ۾ اسانکي معاشي فلاح جي سلسلي ۾ ڪم ڪرڻون پوندو.”
    صدر گلبرٽ، ڪرسٽوفر جي بيان کان متاثر نظر نه آيو. پر هو خاموشيءَ سان ٻڌندو رهيو هو.”ته تنهنجي خيال ۾ ٿامسن کي هٽائي ڇڏڻ گهرجي.” هن شڪ واري لهجي ۾ چيو.
    “هائو! هن جي هٽائڻ جي ڪيترائي سبب ۽ جواز آهن. هن هڪ سرڪاري اداري کي هن جي وسيلن سميت غير قانوني طور تي هڪ اهڙي قانون کي منظور ڪرائڻ جي لاءِ استعمال ڪيو، جنهن جي منظوريءَ کانپوءِ پاڻ ملڪ جي سڀ کان وڏي طاقت بڻجي سگهي ٿو. هن تي بليڪ ميلنگ ۽ هڪ جمهوري عمل ۾ مداخلت جو الزام پڻ آهي. آئون رڳو تڪلف کان ڪم وٺي مٿس قتل جو الزام هڻڻ کان پاسو پيو ڪريان. فقط ان لاءِ ته اهو آئون ثابت نه ٿو ڪري سگهان. ان الزام کان سواءِ هر الزام يقيني آهي. باقي آئون هر شئي جو ثبوت پيش ڪري سگهان ٿو. اوهانکي ٿامسن کي عهدي تان هٽائي اهو ئي ڪرڻو پوندو، جيڪو جسٽس هاورڊ کي ڪرڻون هو. اوهانکي 35هين ترميم جي مخالفت ڪرڻي پوندي. بهرحال بنيادي ڪم ٿامسن کي هٽائڻ آهي. ائين اوهانجي عزت ۽ مان ۾ واڌارو ٿيندو.”
    صدر صاحب ڪجهه دير ماٺ ۾ رهيو. پوءِ اُٿيو ۽ باغيچي ڏانهن کلندڙ دريءَ ڏانهن وڌي ويو. ڪرسٽوفر جا لڱ سٽجي رهيا هئا. پر هو ماٺ ڪيو ويٺو رهيو. نيٺ صدر صاحب واپس وريو ۽ پنهنجي ڪرسيءَ جي پويان اچي بيٺو. هن ڪرسيءَ جي پٺ کي مضبوطيءَ سان جهليو ۽ ڪرسٽوفر جي چهري تي نظرون کپائي ڇڏيون. “مون تنهنجي هر ڳالهه ڌيان سان ٻڌي آهي ۽ ان تي غور به ڪيو آهي. آئون نهايت صاف گوئي کان ڪم وٺندس. تون قانون کي اسان سڀني کان وڌيڪ ٿو ڄاڻين ۽ ان کان واقف آهين. ٿامسن کي هٽائڻ جا سبب جيڪي تو بيان ڪيا آهن، اهي ثبوت کان محروم آهن، افواهن، نظرين ۽ منطقي تجزين جو نتيجو آهن. تو وٽ ڪو به ٺوس ثبوت ڪو نهن. تو جيڪو بيان ڪيو آهي، اهي فقط ڳالهيون آهن. حقيقتون ڪونهن.” صدر صاحب جو لهجو سرد هو. ڪرسٽوفر ڪجهه چوڻ چاهيو، پر صدر کيس هٿ جي اشاري سان روڪي ڇڏيو. “پهرين مونکي ڳالهه پوري ڪرڻ ڏي، تون ٿامسن تي لڳايل الزمن تي هڪ نظر وجهه، هن ڪيليفورنيا ۾ ٿيندڙ ڏوهن جي انگرن اکرن ۾ گڙ بڙ ڪئي. تون اها ڳالهه ثابت ڪري نٿو سگهين. تو چيو ته ٿامسن ملڪ ۾ عقوبتي ڪيمپون اڏائي رهيو آهي. تون اهو به ثابت ڪري نٿو سگهين. مونکي ٻڌائي هو اهي ڪيمپون ڪٿي پيو اڏرائي ۽ ڪهڙو ادارو اهي اڏائي رهيو آهي. تون ڊونالڊ سان ٿامسن جي سودي بازي، هن جي جيل مان فرار ۽ ٿامسن پاران کيس نئين شخصيت جي فراهميءَ جي جيڪا دعويٰ ڪئي آهي، تون ان جو به ڪو ٺوس ثبوت پيش نٿو ڪري سگهين. تون اهو به ثابت نٿو ڪري سگهين ته ڊونالڊ جيئرو آهي. تنهنجي چوڻ موجب ته ڊونالڊ جي ذريعي ٿامسن، جسٽس هاورڊ جي قتل جو معاوضو ادا ڪيو. تو وٽ ان جو ڪو ثبوت آهي؟ تو چيو ته ٿامسن آرگوسٽي ۾ 35هين ترميم جي نتيجن تي تجربا پيو ڪري. تون وٽ ان جو ڪو ثبوت آهي؟ آر دستاويز جي سلسلي ۾ به ڪو ثبوت ڪونهي. ڪرنل بيڪسٽر جا لفظ به تو پاڻ نه ٻڌا. پهرين توکي آر دستاويز جي موجودگي ثابت ڪرڻي پوندي. پوءِ اهو ثابت ڪرڻون پوندو ته اهو دستاويز خطرناڪ آهي. هاڻ تون پاڻ ٻڌائي، تنهنجي الزامن جي ڪهڙي قانوني حيثيت آهي ۽ انهن بنيادن تي تون چاهين ٿو ته آئون ٿامسن کي هٽائي ڇڏيان. اهو ناممڪن آهي ڪرس؟ مونکي ته پاڻ تنهنجي ذهني توازن تي شڪ پيو ٿئي.”
    ان دوران ڪرسٽوفر پنهنجو پاڻ کي سنڀالي چڪو هو. شڪست جي احساس سبب کيس پنهنجو وجود ننڍو ٿيندي محسوس ٿيو. کيس اها اميد نه هئي ته صدر صاحب ڪجهه الزامن تي شڪ جو اظهار ڪندو، پر کيس ايتري ڀرپور حملي جي اميد نه هئي. هن مايوس لهجي ۾ چيو “جناب صدر! ثبوت جون ڪيتريون ئي شڪليون هونديون آهن. آئون توهانکي اهي ثبوت به پيش ڪري ٿي سگهيس، جيڪي اوهانکي پوري طرح مطمئن ڪري پي سگهيا، پر اسان وٽ وقت بنهه گهٽ آهي. پهرين ٿامسن کي هٽايو، هو بي حد خطرناڪ ماڻهو آهي. اوهين يقين ڪريو ته آئون هن جي خلاف ناقابل شڪست ڪيس تيار ڪندس. پر اها پوءِ جي ڳالهه آهي، پهريون مسئلو ٿامسن جي برطرفيءَ جو آهي. هو بنيادي حقن کي معطل ڪرڻ جي لاءِ ۽ ......35هين ترميم جي منظوري جي لاءِ ڪجهه به ڪري سگهي ٿو..... هو ان به جمهوريت کي قتل.....”
    صدر جي چهري تي سختي جو تاثر اڀري آيو. “آئون خود 35هين ترميم جو حامي آهيان. ان جو مطلب ٿيو ته آئون به جمهوريت جو دشمن آهيان.”
    “هرگز نه صدر صاحب!” ڪرسٽوفر جلدي چيو. “آئون هر ان شخص جي باري ۾ دعويٰ نه پيو ڪريان. جيڪو 35هين ترميم جو حامي آهي. حقيقت اها آهي ته آئون پاڻ به کلم کلا ترميم جي حمايت ڪندو رهيو آهيان. ماڻهن جي نظر ۾ ته آئون اڃا به ان جو حامي آهيان. مون ان جي کليل مخالفت ته نه ڪئي آهي. نه آئون هن عهدي تي رهي ايئن ڪري ٿو سگهان.”
    صدر جو لهجو ڪجهه نرم ٿيو. “مونکي اهو ٻڌي خوشي ٿي ان جو مطلب اهو ٿيو ته تون وفاداري جي احساس کان عاري ناهين.”
    “بلڪل نه!،” ڪرسٽوفر چيو. “سوال اهو آهي ته ٿامسن ۾ احساس وفاداري آهي يا نه، اسانکي رڳو ملڪ ۽ قوم سان نه پر جمهوريت سان به وفا ڪرڻي آهي، ان ڳالهه جي اوهانکي به خبر آهي ۽ مونکي به پر ٿامسن نٿو ڄاڻي. اوهين ۽ آئون 35هين ترميم جو غلط استعمال نٿا ڪري سگهون. پر ٿامسن جي هٿان آئون 35هين ترميم ....”
    “تو وٽ ان جو ڪو به ثبوت ڪونهي.”
    “مون جيڪو ڪجهه ٻڌايو اوهانکي ٻڌايو آهي ان جي روشنيءَ ۾ اها ڳالهه ثابت آهي. ڀلي آئون ثبوت فراهم ڪري نه سگهان. پر اوهين اهو مڃيندا ته......”
    “بيڪار آهي ڪرس....” صدر صاحب هن جي ڳالهه ڪٽي ڇڏي. “آءِ ايم سوري ڪرس” هن پنهنجي ڪرسيءَ تي ويهندي چيو. هن جي لهجي م قطعيت هئي، “آئون حقيقتون ٻڌندو به آهيان ۽ انهن جو احترام به ڪندو آهيان. تو جيڪو ڪجهه بيان ڪيو آهي، اهو منهنجي لاءِ اثرائتي حقيقتن جو تاثر ڇڏي ناهي سگهيو. منهنجي نظر ۾ اهي ٿامسن جي برطرفي واسطي مناسب سبب ڪونهن. منهنجي نظر ۾ ٿامسن محب الوطن هئڻ سان گڏ اهليت جي لحاظ کان هن جو ڪو ٻيو مٽ ڪونهي. تنهنجي لڳايل الزامن جي روشني ۾ کيس هٽائڻ ايئن آهي، جيئن جارج واشنگٽن کي امن امان ۾ خلل وجهڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪرڻ. کيس هٽائي آئون نه رڳو ملڪ کي هڪ سٺي شخص جي خدمتن کان محروم ڪندس، پر اهو منهنجي لاءِ سياسي خودڪشي وانگر هوندو. عوام کي مٿس اعتبار آهي ۽ عوام مٿس ڀروسو.”
    “اوهانکي به مٿس ڀروسو آهي. اوهين به مٿس اعتبار ڪريو ٿا.” ڪرسٽوفر زخمي لهجي ۾ پڇيو.
    “بلڪل! هو محنتي به آهي ۽ مستقل مزاج به، هو گهڻو سهڪار ڪرڻ وارو به آهي.”
    “ان جو مطلب اهو ٿيو ته نه اوهين 35هين ترميم مان جند ڇڏائڻ ٿا چاهيو ۽ نه وري ٿامسن مان هٿ ٿا ڪڍو. ان صورت ۾ مون وٽ استعفيٰ ڏيڻ کانسواءِ ٻي ڪا واهه ڪونهي.” ڪرسٽوفر کڙو ٿيو. “آئون پنهنجي آفيس وڃي استعفيٰ لکندس ۽ ايندڙ 24 ڪلاڪ ڪيليفورنيا اسيمبليءَ ۾ 35هين ترميم جي خلاف جنگ ڪندي گذاريندس ۽ اتي ناڪام ٿيس ته ڪيليفورنيا سينٽ ۾ لڙندس.” اهو چئي هن ڪنڌ جي اشاري سان صدر کي سلام ڪيو ۽ دروازي طرف وڌيو. صدر کيس سڏ ڪيو. هن مڙي ڏٺو، صدر جي چهري ڏک جا آثار هئا. “ڪرس! تڪڙ نه ڪر...” صدر چيس. “اهو سڀ اسان سڀني جي لاءِ... ملڪ لاءِ به ڏکيو وقت آهي. ائين ٻيڙي کي ٻوڙڻ ڪٿان جي عقلمندي آهي.”
    “آئون ٻيڙي کي نه پيو ٻوڙيان سائين، پر ان مان لهي رهيو آهيان جناب صدر.” ڪرسٽوفر وراڻيو. “يا ته ٻڏي ويندس، يا اُڪري ويس ته پنهنجي زور تي اُڪرندس.... خدا حافظ!” اهو چئي هو آفيس مان ٻاهر نڪري ويو.
    آمريڪي صدر جون نظرون دير تائين ان دروازي تي کتيون پيون هيون. جنهن مان ڪرسٽوفر روانو ٿيو هو. نيٺ هن هٿ وڌائي رسيور کنيو ۽ بٽڻ دٻايو. “مس ليجر.” هن پنهنجي سيڪريٽري کي چيو “ايف بي آءِ جي ڊائريڪٽر ٿامسن کي ڪال ڪر. کيس چئو ته آئون ساڻس اڪيلائي ۾ ملڻ ٿو چاهيان.”


    قسط 17

    ڪرسٽوفر آفيس پهچي پنهنجي زال کي فون ڪئي. هن زال کي ڪجهه هفتن جي واقعن کان بي خبر رکيو هو. البته اڄ صبح جو جسٽس هاورڊ جي قتل جي خبر ٻڌندي ئي هن ڪيرن کي اختصار سان هر ڳالهه ٻڌائي ڇڏي هئي. هن ڪيرن کي اهو به ٻڌايو هو ته هو صدر گلبرٽ سان ملي ڊائريڪٽر ٿامسن کي هٽرائڻ جي ڪوشش ڪندو. کيس يقين هو ته هو پنهنجي ڪوشش ۾ ڪامياب ويندو.
    پر هاڻ کيس احساس ٿي رهيو هو ته هن جو يقين ڪيترو نه بي بنياد هو. هن رسيور کڻي گهر جو نمبر ملايو، هن جو آواز ٻڌندي ئي ٻي پاسان ڪيرن آتر ويلائي مان پڇيو. “ڇا ٿيو ڪرس؟”
    “صدر گلبرٽ منهنجي ڳالهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.” هن وراڻيو. “هن چيو ته مون وٽ ٿامسن جي خلاف ڪو به ثبوت ڪونهي.. هو کيس نه هٽائيندو.”
    “اها ته ڏاڍي خراب ڳالهه ٿي، هاڻ تون ڇا ڪندين؟”
    “مون کيس ٻڌايو آهي ته آئون استعفيٰ ڏيئي رهيو آهيان. توکي به اهو ٻڌائڻ جي لاءِ فون ڪريو اٿم.”
    “خدا جو شڪر آهي.” ڪيرن جي لهجي ۾ بي پناهه سڪون هو.
    “آئون ڪجهه ضروري ڪم اُڪلائي، پوءِ استعفيٰ موڪلي پنهنجي ميز صاف ڪندس. ڊنر تي ڪجهه دير سان پهچندس.”
    “تون ناخوش پيو لڳين ڪرس.”
    “هائو! آئون ناخوش آهيان. ٿامسن جي پوزيشن مضبوط آهي. هو 35هين ترميم منظور ڪرائڻ جي لاءِ سڀ ڪجهه ڪندو. هيڏانهن اڃا تائين آر دستاويز جو مسئلو به حل نه ٿيو آهي. آئون بي يارو مددگار به آهيان درپيش مسئلن جي مقابلي ۾ نااهل به.”
    “سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو. پريشان ٿيڻ جي ضرورت ڪونهي. گهر به وڪڻي سگهجي ٿو. ان جو مطلب آهي ته ايندڙ مهيني اسين ڪيليفورنيا هلنداسين.”
    “نه ڪيرن! اسانکي اڄ رات ڪيليفورنيا پهچڻو آهي.” ڪرسٽوفر هن جي ڳالهه ڪٽي چيو. سڀاڻي صبح جو مونکي اسڪرانٽو وپهچڻو آهي. مونکي تيزي سان ڪم ڪرڻو آهي. 35هين ترميم سڀاڻي منجهند جو اسيمبلي ۾ پيش ٿيندي. ڀلي آئون ناڪام ٿيان، پر وڙهندس ضرور. تون تياري ڪري وٺ. هاڻ مونکي ڪم ڪرڻو آهي. خدا حافظ.”
    رسيور رکڻ کانپوءِ ڪرسٽوفر پنهنجي سيڪريٽري ماريان کي سڏيو. “ماريان! منهنجون اڄوڪيون سڀ اپائنٽمنٽس ڪينسل ڪري ڇڏ... ۽ مستقبل جو به...” هن چيو ماريان کي حيرت مان ڏسندو ڏسي چيائين.” وڃڻ کان اڳ آئون هر ڳالهه جي وضاحت ڪندس. ڪو پڇي ته ٻڌائج ته شهر ۾ ڪونهي ۽ ها سڪرانٽو وڃن لاءِ رات واري فلائيٽ ۾ منهنجي ۽ منهنجي گهر واريءَ جون سيٽون ريزرو ڪرائي ڇڏ.”
    “پر مسٽر ڪولنس! اڄ رات ته اوهين شڪاگو پيا وڃو.”
    “شڪاگو؟” ڪرسٽوفر بوکلائجي ويو.
    “اوهانکان وسري ويو؟” سڀاڻي اوهانکي شڪاگو ۾ ايف بي آءِ جي اڳوڻن ايجنٽن جي انجمن جي ڪنويش کي خطاب ڪرڻو آهي. اوهين اتي خاص مهمان آهيو. تقرير کانپوءِ اوهانجي ٽوني هيرس سان ملاقات رٿيل آهي.”
    ڪرسٽوفر کي ياد اچي ويو. ماريان صحيح چئي رهي هئي ٽوني هيرس سان جوش جي وسيلي ملاقات طئي ٿي هئي. “ماريان! شڪاگو پروگرام ڪينسل سمجهه. مونکي سڪرامنٽو پهچڻو آهي.”
    “اها ڳالهه پسند نه ڪئي ويندي سائين! اوهان ته کيس متبادل مهمان خصوصيءَ جو بندوبست ڪرڻ جو به وقت نه ڏنو.”
    “مهمان خاص ڇا آهي، ڪو نه ڪو راضي ٿي ويندي.” ڪرسٽوفر بي پرواهيءَ مان چيو. “آئون پنهنجي ڪم اڪلائي، پوءِ خود ئي فون ڪري کانئن معذرت ڪري وٺندس. جيسيتائين ٽوني هيرس جو تعلق آهي ته کي ٻڌائي ڇڏ ته شڪاگو جو پروگرام ملتوي. آئون ساڻس سڪرامنٽو ۾ ملاقات ڪندس. وقت، آئون صبح جو فون ڪري ساڻهن طئي ڪري وٺندس. سمجهئي!”
    ماريان ڪنڌ ڌوڻي هاڪار ڪئي. پوءِ بي يقينيءَ مان پڇيو. “ڇا واقعي به اوهانجون سڀئي ملاقاتون رد ڪري ڇڏيان.”
    “ها رد ڪري ڇڏ ۽ هان مون کان ٻيو ڪو سوال نه ڪج. مونکي گهڻو ڪر ڪرڻو آهي.”
    ماريان جي وڃڻ کانپوءِ هن تيزي سان ڪم کي اڪلايو. امگريشن ڊپارٽمنٽ جو اهو ميمو ڏٺائين ته طبيت خوش ٿي ويس. جيڪو ايم اينڊرسن جو آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ بابت هو. هن موڪل نامي تي صحيح ڪئي. ۽ ماريان کي اهو فوري طور تي روانو ڪرڻ جي هدايت ڪيائين. ڪم مان واندو ٿي، هو استعفيٰ لکڻ ويٺو. استعفيٰ جو مضمون گهڻو سخت هو.
    استعفيٰ لکڻ کانپوءِ هو وڙڪندو ڪانفرنس روم ۾ هليو آيو ۽ الوداعي نظرن سان ڪانفرنس روم جو جائزو وٺندو رهيو. هو واپس ورڻ وارو ئي هو، جو ماريان تڪڙي تڪڙي ڪانفرنس روم ۾ آئي “سائين! ڊائريڪٽر ٿامسن اوهان سان ملڻ جي لاءِ آيو آهي.”
    “ٿامسن ۽ هتي؟” ڪرسٽوفر پڇيو. ماريان هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو. ڪرسٽوفر منجهي پيو. اهو پهريون موقعو هو، جو ٿامسن ساڻس ملڻ جي لاءِ هن جي آفيس آيو هو. اها غير معمولي ڳالهه هئي، نه چاهيندي به هو انڪار ڪري نه سگهيو،. “ٺيڪ آهي، کيس اندر موڪلي ڏي.”
    ڪجهه گهڙين کانپوءِ ٿامسن ڪانفرنس روم ۾ گهڙيو ۽ هن ڏانهن وڌيو، “مونکي هيئن ڪمهلو اچڻ تي افسوس آهي، پر معاملو بي حد اهم آهي. مون نٿي چاهيو ته هي ڳالهه ٻولهه ڪنهن ٻي جي ڪن تائين پهچي. تون به پڪ سان اها ڳالهه پسند نه ڪندين.”
    “ورنن! هي منهنجي آفيس آهي، تنهنجي نه، آئون پنهنجي ملاقاتين جي ڳالهه ٻولهه ٽيپ ڪرڻ جو قائل ناهيان.” ڪرسٽوفر تکي لهجي ۾ چيو.
    “اها ته تنهنجي وڏي محرومي آهي.” ٿامسن پنهنجو بريف ڪيس ڪرسيءَ تي رکندي چيو. “ويهي رهه! هونئن به آئون تنهنجو ڪو گهڻو وقت نه وٺندس.”
    ڪرسٽوفر ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. هن سگريٽ دکائي هڪ ڊگهو ڪش هنيو ۽ ايش ٽري پاڻ ڏانهن کسڪائيندي چيائين. “ها ٻڌاءِ ڪهڙي ڳالهه آهي. هن نوازش جو ڪهڙو سبب آهي.”
    “آئون ڪا تهميد ڪو نه ٻڌندس. ڪجهه دير اڳ صدر صاحب مونکي ٻڌايو ته تون استفعيٰ ڏيڻ جو ارادو ٿو رکين. ان جا سبب به ٻڌايائين” ٿامسن چيو، هن جي چپن عيارانه مرڪ هئي. “تو وڏي چريائپ ڪئي ورنن ٿامسن کي برطرف ڪرائڻ ۾. آئون توکي ايترو بيوقوف نه سمجهندو هئس.”
    ڪرسٽوفر پاڻ تي قابو پائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو. “مون اهو ئي ڪجهه ڪيو، جيڪو مونکي ڪرڻ گهرجي ها.”
    “۽ آئون به اهو ئي ڪجهه ڪري رهيو آهيان، جيڪو مونکي ڪرڻ گهرجي.” ٿامسن طنزيه لهجي ۾ چيو. پنهنجي بريف ڪيس جو تالو کوليائين. “آئون تو بابت تحقيقات ڪرائيندو رهيو آهيان.”
    “مونکي تنهنجي سرگرمين جي خبر آهي.”
    ٿامسن ڇرڪي هن ڏانهن ڏٺو. “توکي خبر هئي ۽ پوءِ به تو ان سلسلي ۾ ڪجهه به نه ڪيو. مذاق پيو ڪرين؟”
    “مونکي ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت به ڪهڙي هئي. منهنجي ڪابه ڳالهه لڪيل ڪونهي.”
    “ايتري پڪ سان نه چئو منهنجا مٺا.” ٿامسن چيو ۽ بريف ڪيس مان هڪ لفافو ڪڍيو، “اسان وڏي عرق ريزي سان محنت ۽ پيار سان هي ڪم ڪيو آهي.”
    “تنهنجو ٿورائتو آهيان. خير هاڻ مونکي حيران ڪري ڇڏ ته هن ۾ ڇا آهي ۽ توکي ڪهڙي معلومات ملي آهي.”
    “ضرور... ضرور ٻڌائيندس اها ڳالهه جيڪا اوهان ڄاڻي ٻجهي لڪائي رکي آهي. يا ايئن به ٿي سگهي ٿو ته خود توکي به ان جي خبر نه هجي.” ٿامسن چيو ۽ ڪرسٽوفر جي منهن جي سامهون هڪ لفافو لهرايو. “تون ان ترميم جو رستو ڪٽي رهيو آهين، جيڪا ملڪ کي تباهيءَ کان بچائي سگهي ٿي. تون منهنجي معاملن ۾ ٽنگ اٽڪائي رهيو آهين، پر پنهنجي گهر ۾ نه ڏٺو اٿئي. صاف سٿري ماضيءَ جي دعويٰ ڪرڻ کان اڳ پنهنجي واسطيدارن کان پڇي وٺڻ کپي ها.”
    “ڇا ٿو چوڻ چاهين تون؟”
    “تو ان عورت سان شادي ڪئي آهي، جنهن جو ماضي چڱو خاصو مشڪوڪ آهي.”
    ڪرسٽوفر جو رت ٽهڪڻ لڳو. هو ٿامسن ته هٿ کڻي وجهي ها، پر تجسس کيس روڪي وڌو. اهو ڄاڻڻ بي حد ضروري هو ته ٿامسن جي صندوق ۾ ڪهڙي بلا آهي. هن صبر کان ڪم وٺندي چيو، “ورنن! مونکي خبر ڪونهي ته تون ڇا ٿو چوڻ چاهين، پر آئون توکي صاف صاف ٻڌائڻ پيو چاهيان ته آئون توکان پنهنجي زال يا پاڻ سان لاڳاپيل ڪنهن به شخص جي باري ۾ ڪا به ڳالهه ٻڌڻ يا ڪرڻ نٿو چاهيان. منهنجي ذات جي باري ۾ اڳ ۾ ئي ڇنڊ ڇاڻ ٿي چڪي آهي. مونکي پاڻ بابت وڌيڪ جاچ تي ڪو به اعتراض ڪونهي باقي سڀ بيڪار آهي.”
    ٿامسن تي ڪو به اثر نه ٿيو. “ڳالهائڻو ته توکي پوندو ڪرس. تون پاڻ ئي ڳالهائيندين، پهرين جاچ ۾ هڪ اهم ڳالهه اسان جي نظرن کان رهجي ويئي هئي.”
    “آئون تنهنجي ۽ منهنجي جهيڙي ۾ پنهنجي زال کي گهلڻ پسند نه ڪندس.”
    “ان جو مدار تنهنجي رويي تي آهي. منهنجي ڳالهه ته ڌيان سان ٻڌ. ۽ ان موجب عمل ڪر. نه ته تنهنجي زال عدالت ۾ جج ۽ جيوري جي سامهون بيان ڏيندي نظر ايندي. وضاحت ڪريان!”
    ڪرسٽوفر جي دل ٻڏڻ لڳي. ان ملاقات جي دوران هو پهريون ڀيرو پريشان ٿيو. “ٺيڪ آهي توکي جيڪو چوڻو آهي، سو چئو” هن ڪوشش ڪئي ته سندس لهجي مان ڪمزوري جو اظهار نه ٿئي.
    ٿامسن پنهنجي هٿ ۾ موجود ڪاغذن تي نظر وڌي ۽ چيو. “تون ڪيرن گرانٽ سان شادي ڪئي ته کيس بيوهه ٿيندي هڪ سال ٿيو هو سندس مڙس جو نالو ٿامس گرانٽ هو، ٺيڪ آهي نه!؟”
    “بلڪل ٺيڪ آهي.”
    “غلط آهي.” ٿامسن سوڀاري لهجي ۾ چيو “گرانٽ، ڪيرن جي پيءُ جو نالو آهي. هن جي مڙس جو نالو ٿامس رائولي هو.”
    ڪرسٽوفر ڪجهه سمجهيو، ڪجهه نه سمجهيو، پر ڪيرن جو بچاءِ ڪرڻ بي حد ضروري هو. “ان سان ڪهڙو ٿو فرق پوي، بيواهون اڪثر پنهنجي نالي سان گڏ پيءُ جو نالو استعمال ڪنديون رهنديون آهن.” هن بي پرواهيءَ مان وراڻيو.
    “خير تون ساڻس لاس اينجلس ۾ ملين، جتي هوءَ ماڊل جي حيثيت سان ڪم ڪندي هئي. ان سان اڳ هوءَ پنهنجي مڙس سان گڏ......”
    “ميڊيسن... وسڪوينس ۾ رهندي هئي.” ڪرسٽوفر چيو.
    “هن توکي غلط ٻڌايو. هن جو مڙس فورٽ وٿ ٽيڪساس ۾ رهندو هو.”
    “ورنن مونکي انهن ڳالهين جي ڪهڙي پرواهه ٿي سگهي ٿي.”
    “هئڻ کپي.” ٿامسن سرد لهجي ۾ چيو. “توکي خبر آهي ته هن جو مڙس هڪ حادثي ۾ فوت ٿيو هو.”
    “حادثو! واقعي... ڪهڙو حادثو؟”
    “مون ڪڏهن به ان موضوع تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه نه ڪئي. منهنجي نظر ۾ اها غير اهم ڳالهه آهي. هونئن منهنجو خيال آهي ته کيس ڪنهن ڪار ڌر هنيو هو.”
    “ڪار، نه ڪرس نه! کيس ويجهڙ کان گولي هڻي ماريو ويو هو.”
    ٿامسن سوڀاري لهجي ۾ چيو . “کيس قتل ڪيو ويو هو.”
    ڪرسٽوفر ذهني طور تي ڌچڪي جي لاءِ تيار هو، پر هي ڌچڪو هن جي توقع کان وڌيڪ سخت هو.
    “واقعن مان ان ڳالهه جو اشارو ملي ٿو ته ڪيرن پنهنجي پهرين مڙس جي قاتل هئي. هوءَ گرفتار به ٿي. مٿس ڪيس به هليو. پر جيوري چئن ڏينهن تائين مُنجهيل رهي. نيٺ جيوري جي عدم اتفاق جي ڪري هوءَ آزاد ٿي ويئي. هن جي پيءُ پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪيو هو. عملدارن فيصلو ڪيو ته ڪيس ٻيهر نه هلايو ويندو. ائين ڪيرن کي آزادي ملي.”
    “آئون يقين نٿو ڪري سگهان.” ڪرسٽوفر پاڻ سنڀاليندي چيو.
    ٿامسن ڪاغذ هن ڏانهن وڌايا. “هن ۾ ڪيس جا سڀئي تفصيل ۽ اخباري ٽڪرا موجود آهن. جيوري جيڪڏهن تنهنجي زال کي ڏوهاري قرار نه ڏنو ته بي ڏوهي به نه سمجهيو. هوءَ چئن ڏينهن تائين ڪنهن فيصلي تي پهچڻ جي ڪوشش ڪندي رهي. تنهنڪري مونکي ان ۾ دلچسپي پيدا ٿي. مون کي پنهنجن ايجنٽن کي ان ڪيس جي جانچ تي مقرر ڪيو. هنن شاهدن کان بيان ورتا، ائين هڪ نئين شاهدي سامهون آئي جنهن کي الائجي ڇو نظر انداز ڪيو ويو هو. بهرحال ايف بي آءِ ڪڏهن به ڪچو ڪم نه ڪندي آهي.”
    ڪرسٽوفر ڪاغذن ڏانهن هٿ نه وڌايو. هو فڪرمند نگاهن سان پنهنجي حريف کي ڏسندو رهيو.
    “اسانکي هڪ نئون شاهد مليو آهي. هڪ عورت جنهن جي اها دعويٰ آهي ته هن ڪيرن کي ٿامس رائولي کي قتل جي ڌمڪي ڏيندي ٻڌو هو. بلڪه ڏٺو هو. ٿامس جي گهر مان نڪرڻ مهل هن ڪيرن کي ريوالر هٿ ۾ ۾ کڻي پنهنجي مڙس جي لاش جي ويجهو بيٺل ڏٺو هو.” ٿامسن ٿورو خاموش رهيو. پوءِ چيائين “ڳالهه اتي پوري نه ٿي مونکي اهو بيان ڪندي سٺو نه ٿو لڳي ته جيڪڏهن ان شاهد بيان ڏنو ته چڱو خاص گند سامهون اچي ويندو.”
    ڪرسٽوفر پنهنجي نڙي ۾ ڪا شيءَ اٽڪندي محسوس ڪئي. پر هن جيئن تيئن ڪري پاڻ کي سنڀاليو.
    “تنهنجي زال پنهنجي پهرين مڙس کان پيءُ جي گهر وڃڻ جو بهانو ڪري لڳ ڀڳ هر هفتي ڪيڏانهن ويندي هئي. نيٺ ٿامس رائولي کي شڪ ٿي پيو. هن زال جو پيڇو ڪيو ته خبر پئي هاڻ ڪيئن بيان ڪريان....... ائين سمجهه ته تنهنجي زال هوسٽن ۾ جنسي بي راهه روي جو شڪار ماڻهن جي هڪ ٽولي ۾ شامل هئي. تفصيل ٻڌائڻ جي مون ۾ همٿ ڪونهي.”
    “اهو سفيد ۽ ڪنو ڪوڙ آهي. جنهن جي توکي به خبر آهي.”
    ڪرسٽوفر آپي مان ٻاهر نڪري، ڪرسيءَ تان اٿي کڙو ٿيو.
    ٿامسن پرسڪون ويٺو رهيو. “ڪاش ايئن ئي هجي ها. پر اسانجن شاهدن خود ڪيرن جي واتان انهن سڀني ڳالهين جو اعتراف ٻڌو آهي. شاهد اسانکي نجي طور تي جيڪو بيان ڏنو آهي، اهو خود پڙهي وٺ.”
    “ان جي ضرورت ڪونهي.”
    “بهرحال! اسانجا شاهد اهڙن معاملن ۾ ڦاسڻ نه چاهيندا آهن. پر منهنجي مجبور ڪرڻ تي کيس بيان ڏيڻو پيو. ٻيهر ڪيس هلڻ جي صورت ۾ به هوءَ بيان ڏيڻ تي مجبور ٿيندي. هن ڀيري جيوري جي سامهون ڪيس مضبوط هوندو ۽ هو آخري نتيجي تي پهچڻ کانسواءِ رهي نه سگهندي. تنهنڪري مون سوچيو ته توکي ٻڌائي ڇڏيان. تون منهنجو ساٿي آهين ۽ مونکي ڪيرن سان همدردي به آهي. هن جو پهريون مڙس ڪو سٺو ماڻهو نه هو. هن ڪيرن سان دولت جي خاطر شادي ڪئي هئي. هو شايد ڪيرن کي هن جي جنسي بي راهه روي جي حوالي سان به بليڪ ميل ڪري رهيو هو. مون جيان تون به صدر جي ٽيم جو ميمبر آهين. توکي ڦڪو ٿيندي ڏسڻ نٿو چاهيان. اهو به اهڙي خراب وقت ۾، جڏهن حالتون وس ۾ رهيون آهن، نه ته آئون ان شاهد جي شاهدي کي سدائين جي لاءِ وساري ڇڏيندس.”
    ڪرسٽوفر جي حالت خراب ٿيڻ لڳي. هن جو خيال هو ته ٿامسن، ڪيرن جي ڪنهن ڪمزوريءَ جي حوالي سان کيس ڌمڪائيندو، پر هو ته کلم کلو بليڪ ميل ڪري رهيو هو. هن جو وجود ٿامسن جي نفرتن جي باهه ۾ ٻري رهيو هو. هن کان اڳ ڪڏهن به ڪنهن کي قتل ڪرڻ جي باري ۾ سوچيو به نه هو. پر هن گهڙيءَ اها خواهش ايتري ته شدت سان اُڀري، جو کيس پاڻ کان ڊپ ٿيڻ لڳو. هن ڏاڍي ڏکيائيءَ سان پاڻ کي قابو ۾ رکيو. هو اندر ئي اندر ڏڪندو رهيو. ڳچ دير کانپوءِ هو جڏهن ڳالهائڻ جي لائق ٿيو ته هن چيو “تو چيو ته حالتون وس ۾ رهيون ته تون شاهد جي شاهديءَ کي سدائين جي لاءِ وساري ڇڏيندين. ان جي وضاحت ڪر. تون مون کان ڇا ٿو چاهين؟”
    “مونکي فقط تنهنجي سهڪار جي گهرج آهي ڪرس... اهو به بلڪل ٿورو!” ٿامسن چيو .”آئون فقط اهو ٿو چاهيان ته تون بدستور صدر جي ٽيم ۾ شامل رهه ۽ آخر تائين 35هين ترميم جي حمايت ڪندو رهه. تنهنجي استعفيٰ ۽ ترميم جي مخالفت مونکي قبول ڪونهي. منهنجي خاموشي جي فقط ايتري قيمت آهي.”
    “سمجهيم....” ڪرسٽوفر، ٿامسن کي ڪاغذ لفافي ۾ ۽ لفافو بريف ڪري ۾ رکندي ڏٺو. “مونکي هي ثبوت ڪو نه ڏيکاريندين؟”
    “هي مون وٽ ٺيڪ آهن.... توکي جيڪو ڪجهه پڇڻون آهي، پنهنجي زال کان پڇ.”
    “گهٽ ۾ گهٽ ان نئين شاهد جو نالو ته ٻڌاءِ.”
    ٿامسن مرڪيو. “اهو به نا مناسب ٿيندو. جيڪڏهن تون کيس ڏسڻ ۽ ملڻ چاهين ٿو ته پوءِ هن سان عدالت ۾ ئي ملي وٺج.” ٿامسن بريف ڪيس لاڪ ڪيو.” هاڻ سڀ ڪجهه تنهنجي رويي تي مدار ٿو رکي.”
    “ورنن ٿامسن! تون هن وقت يقيني طور تي هن روءِ زمين تي موجود سڀني کان وڌيڪ غليظ ماڻهو آهين.” ڪرسٽوفر گار ڏيندي چيو.
    ٿامسن جي مرڪ وڌيڪ گهري ٿي ويئي. “منهنجا والدين اها ڳالهه ٻڌن ها ته عملي طور تي ان جي ترديد ڪن ها.” هن گار جو حوالو ڏيندي چيو. “منهنجو ڏوهه آهي ته فقط اهو ته آئون پنهنجي ملڪ سان بي پناهه محبت ٿو ڪريان. تنهنجو ڪو ڏوهه آهي ته اهو ته تون پنهنجي ملڪ سان گهٽ محبت ڪرين ٿو. تمام گهٽ، هن وقت آئون وطن جي محبت جي ڪري توکان تنهنجو آخري فيصلو پڇي رهيو آهيان.”
    ڪرسٽوفر نفرت واري نگاهه سان کيس ڏسندو رهيو. نيٺ هن هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا. هن ڪرسيءَ تي سوڙهو ٿيندي چيو. “تون کٽي وئين. هاڻ مونکي ٿورو تفصيل سان ٻڌاءِ ته تون مون کان ڇا ٿو چاهين؟”


    ازدواجي زندگيءَ جي دوران اهو پهريون موقعو هو، جو ڪرسٽوفر، ڪيرن ڏانهن ويندي خوش ڪو نه هو. ٿامسن جي وڃڻ کانپوءِ هن جي دل ڪم ۾ نه لڳي. ان هوندي به هو آفيس ۾ ويٺو رهيو. کيس اڪيلائي جي گهرج هئي. هن سوچڻ ٿي چاهيو. سندس اندر پاڻ ۾ ٽڪرائجندڙ جذبا سبب ڀڃ ڊاهه پيدا ڪري رهيا هئا. ڪيرن جي ماضي جي باري ۾ ڄاڻي هن کي سخت صدمون رسيو هو ۽ ڳالهه مايوس ڪندڙ به هئي ته ڪيرن اهو سڀ ڪجهه کانئس لڪائي رکيو هو. هن جي لاءِ فيصلو ڪرڻ ڏکيو هو ته ڪيرن پنهنجي مڙس کي قتل ڪيو هوندو يا نه؟ اهو فيصلو ته جيوري سڄو ڪيس ٻڌڻ کانپوءِ چئن ڏينهن تائين غور ۽ ويچار جي باوجود ڪري نه سگهي هئي. اهو ڊپ ڌار هو ته ٿامسن ٻيهر ڪيس جي شروعات ڪرائي ته ڪيرن کي نقصان پهچي سگهي ٿو.
    ٿامسن ڪيرن جي نجي زندگيءَ جي باري ۾ جيڪي ڪجهه چيو هو اهو تصويري شڪل ۾ هن جي نظرن جي سامهون ڦري رهيو هو ۽ اهو سڀ کان وڏو عذاب هو، ڪرسٽوفر کي ان ڳالهه تي يقين نه هو. پر اهي خوفناڪ تصويرون، جن کي هو نه ڊاهي ٿي سگهيو نه وري جهٽڪي ٿي سگهيو.
    ڪرسٽوفر کي سمجهه ۾ نه پي آيو ته هو ڪيرن جي منهان منهن ڪيئن ٿيندو. انهن سڀني مونجهارن جي بار هيٺان دٻيل هو گهر ۾ گهڙيو. ڪيرن هن جو کڙڪو ٻڌي کيس سڏيو. هو مختصر وراڻي ڏيئي بيڊ روم ڏانهن وڌي ويو. هو ڪوٽ لاهي رهيو هو، جو ڪيرن اچي ويئي. “مون سامان پيڪ ڪري ورتو آهي.” هن چيس. “اسين لاس اينجلس هلئون ٿا نه!؟”
    “نه!” ڪرسٽوفر مئل لهجي ۾ چيو.
    ڪيرن هن ڏانهن وڌندي ڇرڪي بيهي رهي. “ڇو.؟ تو استعفيٰ نه ڏني ڇا؟” هن جو نظرون ڪرسٽوفر جي چهري جو جائزو وٺڻ لڳيون.
    “نه، مون استعفيٰ لکي ورتي هئي، پر پوءِ ڦاڙي ڇڏيم، ٿامسن مون سان ملڻ آيو هو. هن مونکي مجبور ڪري ڇڏيو.”
    “مجبور ڪري ڇڏيو. ٿامسن” ڪيرن تيزيءَ سان سوچي رهي هئي. “منهنجي ڪري” هن پڇيو.
    “توکي ڪيئن خبر پئي؟” ڪرسٽوفر جي لهجي ۾ حيرت هئي.
    “مونکي خبر هئي ته اهو ئي ٿيندو. هو توکي روڪڻ جي لاءِ سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو. ان رات مسٽر ينگ تنبيهه ڪري ڇڏي هئي ۽ ان رات آئون گهڻي ڊنل هيس ڪرس. مون توکي سڀ ڪجهه ٻڌائڻ ٿي چاهيو پر تون سمهين رهين. مون سوچيو ته سڀاڻي ٻڌائيندس، پر صبح ڪجهه اهڙي ته تيزي سان ٿيو، جو مونکي مهلت ئي نه ملي، مونکي توکي ٻڌائڻ کپي ها، خدا مونکي معاف ڪري، مون وڏي بيوقوفي ڪئي. اها خراب ڳالهه تون منهنجي واتان ٻڌين ها ته ڪر چڱو هو.”
    “هائو ڪيرن.... مونکي انهن ڳالهين جي خبر هئڻ کپي ها. فقط توکي تحفظ ڏيڻ جي لاءِ.”
    “تون صحيح پيو چوين. پر منهنجي تحفظ جي ڪا به اهميت ڪونهي.” ڪيرن هن جو هٿ جهلي ورتو. “ٿامسن توکي اهوئي ٻڌايو آهي ته منهنجي پهرين مڙس کي فورٽ ورٿ ۾ پنهنجي گهر جي بيڊ روم ۾ شوٽ ڪيو ويو هو. اها حقيقت آهي، اهو به سچ آهي ته آئون اڪثر وڏي سڏ هن جي موت جي خواهش ڪندي هيس. اسان اڪثر پاڻ ۾ وڙهندا رهندا هئاسين. ان رات به پاڻ ۾ وڙهيا هئاسين، آئون گهران نڪتيس ۽ بابا وٽ هلي ويس. پوءِ مون واپس اچڻ جو فيصلو ڪيو. مون پنهنجي ازدواجي زندگيءَ کي هڪ آخري موقعو ڏيڻ تي چاهيو، آئون واپس آيس ته ٿامس مري چڪو هو. مونکي خبر ڪونهي ته هن کي ڪنهن قتل ڪيو. پر اسانجي وچ ۾ جهيڙي جا آواز ماڻهن ٻڌا هئا. قدرتي طور ان قتل جو شڪ مونتي ڪيو ويو. ڪيس به هليو، شاهديون واقعاتي نوعيت جون هيون. پر ڊسٽرڪٽ اٽارني جنرل نئون هو. هن پنهنجو نالو ٺاهڻ جي لاءِ ڪمزور ڪيس ۾ به جان وجهڻ جي ڪوشش ڪئي. اهو عرصو منهنجي لاءِ ڏاڍو اذيت وارو هو.”
    “ٿامسن جو چوڻ آهي ته جيوري متفق فيصلو ڪري نه سگهي هئي، تنهنڪري تنهنجي جان بچي.”
    “غضب خدا جو!” ڪيرن ڪاوڙ جيان چيو. “ٻارنهن مان يارنهن جج مونکي بي ڏوهي قرار ڏيئي رهيا هئا. فقط هڪ جج جي ڪري فيصلو چئن ڏينهن تائين رڪيو رهيو ۽ ان جو سبب به اهو هو ته قتل جو شڪ منهنجي پيءُ تي ڪيو پي ويو. ڪيس ايترو ته ڪمزور هو جو ڊسٽرڪٽ اٽارني جنرل اهو خود ئي واپس وٺي لاٿو هو. اها آهي سڄي حقيقت. مون کي خبر هئي ته آئون بي گناهه آهيان ۽ پوءِ توسان محبت به ڪرڻ لڳي هيس. مون توکي وڃائڻ نٿي چاهيو. مون نئين سري سان زندگي شروع ڪرڻ ٿي چاهي. پر مونکي خوشي آهي ته مون اها ڪڙاڻ به ڳوري ورتي. هاڻ توکي سڀ خبر آهي.”
    “ٿامسن جي دعويٰ آهي ته کيس هڪ نئون شاهد مليو آهي، هڪ عورت جنهن توکي هٿ ۾ ريوالر کڻي ٿامسن جي لاش وٽ بيٺل ڏٺو هو.”
    “اهو ڪوڙ آهي، صفا ڪوڙ آهي، ان لاءِ ته آئون بي ڏوهي آهيان. آئون اتي پهتيس ته هو اڳ ۾ ئي قتل ٿي چڪو هو.”
    ڪرسٽوفر کيس ڌيان سان ڏسندو رهيو. کيس احساس ٿي ويو ته ڪيرن سچ پئي ڳالهائي. پر ذهن جي پردي تي ڪيرن جي مفروضه جنسي زندگي جي فلم اڃا به هلي رهي هيس. “ڪيرن اڃا ڪجهه ٻيون ڳالهيون آهن.” هن دٻيل لهجي ۾ چيو. “مونکي توتي ڀروسو آهي، پر اهو سڀ ڪجهه توکي ٻڌائڻ پوءِ به ضروري آهي، ان شاهد جي بيان موجب.....”
    ڪرسٽوفر هٻڪندي هٻڪندي کيس سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو. ڪيرن جو منهن صفا هيڊو ٿي ويو ۽ ائين لڳو ته اجهو ٿي ڊهي پئي. “او منهنجا خدا! ايتريون تهمتون. هيترا بهتان... خدا جو قسم ڪرس... هڪ لفظ ۾ به سچائي ڪونهي. آئون... ڇا آئون ائين ٿي سگهان ٿي. آئون ته اهو تصور به نٿي ڪري سگهان. تون تون ڇا تون مونکي نٿو سڃاڻين. تون به مونکي سڃاڻين ٿو. ڇا آئون بي حيا آهيان. تو تو ته منهنجو شرميلو پڻ ڏٺو آهي ڪرس..... آئون ايئن ٿي سگهان ٿي.”
    “تون ڄاڻين ٿي ته مون ٿامسن جي انهن ڳالهين تي هڪ گهڙيءَ جي لاءِ به يقين ناهي ڪيو.”
    “آئون پنهنجي ٿيندڙ ٻارڙي جو قسم ٿي کڻان.”
    ڪرسٽوفر هن جي وات تي هٿ رکي ڇڏيو. “مونکي توتي يقين آهي ڊارلنگ.... پر ان شاهد کي موقعو ڏنو ويو ته عدالت ۾.”
    “شاهد جو نالو ڪهڙو آهي.؟” هن ڀيري ڪيرن جي لهجي ۾ اعتماد هو. ۽ اکين مان عزم جهلڪي رهيو هئس.
    “ٿامسن منهنجي زور ڀرڻ جي باوجود به شاهد جو نالو نه ٻڌايو. هن ان شاهد کي تلوار جيان اساجي مٿن کان لڙڪائي ڇڏيو آهي. هن ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن مون ڪا گڙ ٻڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو ڪيس کي ري اوپن ڪرائيندو.”
    ڪيرن هن سان چهٽي سڏڪڻ لڳي. “اوهه ڪرس ..... ڪرس..... اهو سڀ منهنجي ڪري توسان پيو ٿئي.”
    “ڪيرن ڊارلنگ... ڪنهن شئي جي ڪا به اهميت ڪو نهي. منهنجي لاءِ فقط تون اهم آهين.” ڪرسٽوفر هن کي ٿڦڪيندي چيو. “مونکي توتي يقين آهي ٿامسن تي ڌوڙ وجهه. آئندهه پاڻ ان موضوع تي بنهه نه ڳالهائينداسين.”
    ‎”نه ڪرس! توکي ٿامسن سان وڙهڻو پوندو. اسانکي ڊڄڻ جي ضرورت ڪونهي. منهنجو ضمير صاف آهي. هو جيڪو چاهي سو ڪري. سچ کي نقصان پهچائي نٿو سگهي. تو کي بليڪ ميلنگ جي نتيجي ۾ خاموش ناهي رهڻو. توکي 35هين ترميم جي خلاف وڙهڻو آهي. جمهوريت جي خاطر، ملڪ ۽ قوم جي خاطر.منهنجي خاطر.”
    “آئون وڙهي نٿو سگهان.” ڪرسٽوفر کي هڪ پاسي هٽائيندي چيو. “آئون توکي وڌيڪ تڪليف پهچڻ نه ڏيندس. خاص ڪري اهڙي وقت ۾ جڏهن تون ماءُ بڻجڻ واري آهين. سڀ ڪجهه وساري ڇڏ.”
    “پر ڪرس! تنهنجي نه وڙهڻ جو مطلب اهو ٿيو ته تون مون تي نه پر ٿامسن جي ڪهاڻي تي يقين ٿو رکين.”
    “اهو غلط آهي! بس آئون توکي وڌيڪ تڪليفون سهندي ڏسي نٿو سگهان، جن جي تون سزا وار به ناهين.”
    “ڏس ڪرس! تون خاموش رهين ته ڪيليفورنيا اسيمبلي سڀاڻي 35هين ترميم جي توثيق ڪري ڇڏيندي ۽ ٽن ڏينهن کانپوءِ سينٽ به. خدا جي واسطي ڪرس. ان تباهي کي روڪ.”
    ڪرسٽوفر گهڙي ۾ ڏٺو. “ڪيرن مون وٽ فقط ويهه منٽ آهن ان دوران مونکي ماني کائڻي آهي. ڪپڙا به بدلائڻا آهن ۽ ٽوني هيرس کي فون به ڪرڻي آهي. سڀاڻي مونکي شڪاگو ۾ ايف بي آءِ جي اڳوڻن ايجنٽن جي ڪنوينشن کي خطاب به ڪرڻو آهي. باقي ڳالهيون سڀاڻي رات واپسي تي ٿينديون. بس اهو ياد رکج ته آئون توسان محبت ٿو ڪريان.”
    “هائو! ڪرس” ڪيرن مايوس لهجي ۾ ڀڻ ڀڻ ڪندي چيو. “جيڪڏهن سڀاڻي رات آئي ته....”


    قسط 18

    شڪاگو هوٽل ۾ ٿيندڙ ڪنوينشن ۾ ايف بي آئي جا ڇهه سئو اڳوڻا ايجنٽ شريڪ هئا. ڪرسٽوفر جي تقرير بي جان ۽ روح کان خالي هئي. هو بس جند ڇڏائي رهيو هو. تقرير تي شرڪت ڪندڙن جو رد عمل گرم جوشي ۽ سر مهريءَ جي وچ وارو هو.
    ڪرسٽوفر کي ان رد عمل تي ڪا به حيرت نه هئي. هن جي تقرير ۾ احتياط جو عنصر غالب هو. جذبي جي کوٽ جو سبب اهو هو ته هو پنهنجي آفيس جي ڪانفرنس روم ۾ هو. جتي ورنن ٿامسن، بليڪ ميلنگ جي ذريعي هن جو آواز کسي ورتو هو. هو ان وقت ڪيليفورنيا ۾ به هو، جتي هڪ ڪلاڪ پوءِ رياست جي اسيمبلي 35هين ترميم تي فيصلو ڏيڻ واري هئي. مايوسي هن جي وجود ۾ لهندي پي وئي. هن ڪيتر وار سٺا هئا، ڪيرن جي حوالي سان بليڪ ميلنگ، جسٽس هاورڊ جو موت، در حقيقت کيس سڀ کان وڏو ڌڪ جسٽس هاورڊ جي موت پهچايو هو. هاڻ ڪٿي به اميد جو ڪو ڪرڻون نه هو. آر دستاويز هن جي نظرن ۽ پهچ کان پري هو.
    تقرير تي احتياط جي عنصر جي غلبي جو سبب ڊپ هو. ڪانفرنس ۾ شريڪ سڀئي اڳوڻا ايجنٽ ٿامسن جا ماڻهو هئا. ايف بي آئي مان ريٽائرمنيٽ کانپوءِ ٿامسن جي مهرباني ۽ اثر رسوخ جي ذريعي کين مختلف ملڪن ۽ ادارن ۾ اعليٰ عهدا مليا هئا. هو سڀ ٿامسن جا ٿورائتا هئا. ان لحاظ کان ڪرسٽوفر جي لاءِ اهو دشمنن جو ميڙ هو. جيتوڻيڪ دشمنن کي خبر نه هئي ته هنن جي محسن ۽ مقرر جي وچ ۾ اختلاف جو رشتو آهي. پر ڪرسٽوفر جي لاءِ اهو دٻاءُ به گهڻو هو. اها تقرير هن ۽ ڊونالڊ وڏي احتياط سان تيار ڪئي هئي. ڪرسٽوفر کي خبر هئي ته هو 35هين ترميم جي خلاف ڳالهائي نٿو سگهي. تنهنڪري هن ترميم کي بلڪل نظر انداز ڪري ڇڏيو. البته هن ڏوهن جي روڪ ٿام جي سلسلي ۾ معاشي ۽ سماجي سڌارن تي زور ڏنو. کيس شروع ۾ ئي احساس هو ته هي ميڙ 35هين ترمرم جي حامين جو آهي. کيس اهو به احساس هو ته شريڪ سامعين ۾ وڏو تعداد ٿامسن جي مخبرن جو هوندو. گذريل ڏينهن جي تجربي کانپوءِ هن اهڙي ڪابه ڳالهه ڪرڻ نٿي چاهي، جنهن سان ڪيرن جي لاءِ ڪا ڏکيائي کڙي ٿئي. تنهنڪري هن ٽوني هيرس کي فون به پنهنجي هوٽل کان ٻاهر هڪ بوٿ مان ڪيو. احتياط طور هن ٽوني هيرس سان ملاقات پنهنجي سوئٽ ۾ نه پر هوٽل جي هڪ ٻي خالي ڪمري ۾ طئي ڪئي هئي. اهو ڪمرو هن ڪنهن ٻي جي نالي بوڪ ڪرايو هو. ٽي وي تي ڪيليفورنيا اسيمبلي جي ووٽنگ کين گڏجي ڏسڻي هئي. هن سوچيو هو ته ضرورت پئي ته هو ٽوني هيرس کي حقيقت ٻڌائي ڇڏيندو ۽ جيڪڏهن ضروري ٿور ته 35هين ترميم جي خلاف ڪيليفورنيا سينٽ ۾ وڙهڻ خاطر عهدو ڇڏڻ جو خطرو به کڻندو. پر اهو سڀ ڪجهه احتياطي پهلو نظر ۾ رکڻ کانپوءِ ڪندو.
    تقرير جو آخري جملو ادا ڪندي ئي هو پرسڪون ٿي ويو. جند ڇٽڻ واري هيس. تقرير ڪندي هو پنهنجي ڪرسيءَ تي اچي ويٺو. اڌ ڪلاڪ کانپوءِ هو آزاد هو. پنهنجي باڊي گارڊ هوگن سان گڏ هو. پنهنجي سوئٽ ۾ آيو ته هن هوگن کي شام تائين موڪل ڏيئي ڇڏي. هوگن ٿورو مڃي هليو ويو. ٿوري دير پنهنجي سوئٽ ۾ ترسڻ کانپوءِ هن دروازو کولي ٻاهر ڪوريڊور ۾ جاچيو. ڪوريڊور خالي پيو هو. هو ماٺڙي ڪري سوئيٽ مان نڪتو ۽ ڏاڪڻين جي ذريعي پندرنين ماڙ تي اڳواٽ ريزرو ڪمري ۾ گهڙيو. کيس يقين هو ته سندس ڪنهن تعاقب نه ڪيو آهي. هن ڪمري ۾ گهڙي ڪمري جو دروازو ٿورو کليل ڇڏي ڏنو.
    ڪجهه گهڙين کانپوءِ دروازو تي هلڪي ٺڪ ٺڪ ٿي. هو اٿي بيٺو، هن جي توقع جي ابتڙ ٽوني هيرس اڪيلو نه هو. هن سان گڏ ٻه ڄڻا ٻيا به هئا. ٽي وي شو. “حق جي ڳولا” کانپوءِ هو پهريون ڀيرو ملي رهيا هئا. رسمي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ ٽونيءَ پنهنجي ٻنهي ساٿين جو ڪرسٽوفر سان تعارف ڪرايو. هو ٻئي ايف بي آءِ ۾ ساڻس گڏ رهيا هئا. هڪ جو نالو “وان ايلن” ۽ ٻئي جو نالو “اسٽرپ” هو ڪرسٽوفر ساڻن هٿ ملايو. هنن ٽنهي جي ويهڻ کانپوءِ ڪرسٽوفر چيو، “اوهين حيران ته ٿيا هوندا ته آئون توسان ڇو ٿو ملڻ چاهيو، آئون صدر جو ساٿي ڪابينا جو ميمبر ۽ ايف بِي آءِ جي ڊائريڪٽر ٿامسن جو ساٿي ۽ 35هين ترميم جو حامي آهيان. جڏهن ته توهان ان جا مخالف آهيو.”
    “مونکي ڪابه حيرت نه ٿي آهي.” ٽوني هيرس وراڻيو. “اسين ڪافي وقت کان توتي نظر رکيو ويٺا آهيون. اسانکي خبر آهي ته ڪالهه شام جو ڪليفورنيا وڃي 35هين ترميم جي خلاف جنگ شروع ڪرڻ ٿي چاهي. اسانکي اها به خبر آهي ته هيئنر تنهنجي ڪهڙي پوزيشن آهي.”
    ڪرسٽوفر کي جهٽڪو لڳو. “ڪيئن...... اوهان کي ڪيئن خبر پئي؟”
    “هاڻ اسين جڏهن توکي ٻڌائي چڪا آهيون ته پوءِ توتي اعتبار ڪري سگهجي ٿو.” ٽونيءَ هن جي حيرت مان لطف وٺندي چيو. “اسان ٽيئي ايف بي آءِ مان نڪتاسين ته ڌار ڌار رستا چونڊياسين. مون وڪلين جي فرم قائم ڪئي. وان ايلن جاسوسيءَ جي ايجنسي کولي. اسٽرپ تصنيف ۽ تاليف جي ذريعي ايف بي آءِ جو ڀانڊو ڦاڙيو. هيستائين ان سلسلي ۾ هو ٻه ڪتاب لکي چڪو آهي. اسان جي وچ ۾ هڪ ڳالهه هڪ جهڙي آهي ته اسين ٿامسن سان گڏ ڪم ڪري چڪا آهيون ۽ کيس ملڪ ۽ قوم جي لاءِ خطرو سمجهون ٿا. اسان سال به سال سندس سگهه ۾ واڌارو ٿيندي ڏٺو آهي. اسان هڪ ڪم ته اهو ڪيو جو پنهنجن هم خيال ايجنٽن کي ڳولي گڏ ڪيو. اسين سڀ تربيت يافته ماڻهو آهيون ۽ ان سکيا مان ڀرپور فائدو حاصل ڪري رهيا آهيون. اسين جمهوريت جو بچاءَ به ڪري رهيا آهيون ته ايف بي آءِ کي “انا پرست” ٿامسن جي هٿ مان ڪڍڻ جي لاءِ جدو جهد به پيا ڪريون. اسان اڳوڻن ايجنٽن جي هڪ تنظيم قائم ڪئي آهي. پر بي حد خاموشيءَ سان ڪم ڪندا رهندا آهيون. ان تنظيم کي اسين آءِ ايف بي آءِ يعني انوسيٽگيٽرز آف ايف بي آءِ چئون ٿان. اسانجا مخبر هر هنڌ موجود آهن. تنهنجي انصاف واري اداري ۾ اهڙن مخبرن جو تعداد ڇهه آهي. جن مان ٻه ٿامسن جي ايڊگر هوور بلڊنگ ۾ مقرر آهن. تو 35هين ترميم تي جيئن هوريان هوريان پنهنجو موقف بدلايو، ان جي اسانکي خبر آهي. اسانجي ڄاڻ موجب اڄ تون پنهنجي عهدي تان استعفيٰ ڏيڻ وارو هئين. ان هوندي به اڄ تون هتي، شڪاگو ۾ موجود آهي. اسانکي ان جي سبب جي به خبر آهي.”
    “مونکي حيرت ٿي آهي.” ڪرسٽوفر مڪمل سچائي سان چيو. “بهرحال ٻڌائي ڇڏيو.”
    “سبب ٿامسن آهي.” ٽوني هيرس چيو.
    “اها توکي ڪيئن خبر پئي؟”
    “خبر ڪو نه پئي آهي... پر مونکي يقين آهي.”
    وان ايلن پهريون ڀيرو زبان کولي. “ٿامسن کي ڪڏهن به گهٽ سمجهڻ نه گهرجي. هن وٽ وسيلا آهن ۽ هو هر شخص بابت ڄاڻ رکي ٿو ۽ ڪنهن به وقت ڪنهن کي بليڪ ميل ڪري سگهي ٿو. ايڊگر هوور بلڊنگ ۾ هن وقت هن ملڪ جي سٺ کان به وڌيڪ اهم ۽ سرگرم شخصيتن جا فائيل موجود آهن. 35هين ترميم ڪانگريس ۾ پيش ٿيڻ کان ڪجهه عرصو اڳ هن مونکي ڪن سينيٽرن جي انڪوائريءَ تي مقرر ڪيو هو. مون ان ڳالهه تي اعتراض ڪيو ته هن مونکي مونٽانا بدلي ڪري ڇڏيو. مونٽانا، ٿامسن جو سائبريا سڏبو آهي. مون استعفيٰ ڏيئي ڇڏي.”
    “هاڻ اسٽرپ بابت ٻڌ!” ٽوني هيرس چيس. “هي پنهنجي ٻارڙي جي اسڪول جي سالياني تقريب ۾ شريڪ هو، اتي تقرير ڪندي هن ايف بي آءِ جي سڌاري جي سلسلي ۾ ڪجهه رٿون پيش ڪرڻ جي غلطي ڪئي. ٿامسن هن جو عهدو گهٽائي ڇڏيو. هن احتجاج ڪندي استعفيٰ ڏيئي ڇڏي. ٿامسن کي پوءِ به تسلي نه ٿي. هن ڪوشش ڪئي ته کيس ڪٿي ڪو روزگار نه ملي. هن اسٽرپ جي ڪتاب جي اشاعت روڪرائڻ ۾ به ڪا ڪسر نه ڇڏي. پر کيس هڪ باغي پبلشر ملي ويو. ڪتاب وڪري جا اڳوڻا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا.”
    “هاڻ پاڻ بابت به ڪجهه ٻڌائي.” ڪرسٽوفر فرمائش ڪئي.
    “مون اسٽرپ جي تنزلي جي مخالفت ڪئي هئي. ان تي ٿامسن منهنجي بدلي ڪري ڇڏي. مونکي اندازو ٿي ويو ته هاڻ ايف بي آءِ ۾ منهنجو مستقبل اونداهون آهي. تنهنڪري مون استعفيٰ ڏيئي ڇڏي. ٿامسن جي مخالفت ڪندڙ ۽ ساڻس اٽڪندڙ ڪڏهن به جيتي نٿا سگهن.”
    “هاڻ 35هين ترميم جي مخالفت ڪري به ته تون ٿامسن سان اٽڪي رهيو آهين.”
    “هائو! مونکي جيتڻ جي اميد به ڪونهي. پر آئون ته صرف ڪوشش پيو ڪريان. پنهنجو فرض سمجهي.” ٽوني جواب ڏنو. “تون ٻڌائي هن توکي استعفيٰ واپس وٺڻ تي ڪيئن مجبور ڪيو؟”
    ڪرسٽوفر واري واري سان ٽنهي ڏانهن ڏٺو. هن فيصلو ڪيو ته ٿامسن جهڙي شخص جي مخالفت ڪندڙ هنن اصول پسندن تي ڀروسو ڪري سگهجي ٿو.” ٺيڪ آهي آئون توهان کي کولي ٿو ٻڌايان.” هن چيو. “ڪلهه آئون صدر گلبرٽ سان مليس. مون کيس ٻڌايو ته ورنن ٿامسن جسٽس هاورڊ جي قتل جو ذميدار آهي.”
    “ڇا؟ اها ته اسانکي به خبر نه هئي.” ٽوني حيراني مان پڇيو. “تون يقين سان پيو چوين.”
    “بلڪل! جيڪو شخص ان معاملي ۾ ملوث هو ان مونکي ٻڌايو ته آهي. پر مون وٽ ڪو ٺوس ثبوت ڪونهي. ان هوندي به مون صدر جي سامهون ٿامسن جي خلاف هڪ سگهارو ڪيس پيش ڪيو هو. مون کيس سمجهايو ته هو ٿامسن کي برطرف ڪري ڇڏي. پر هن نابري واري. مون کيس ٻڌايو ته هن جي انهيءَ فيصلي کانپوءِ مون وٽ ٻي ڪابه واهه ڪونهي ته استعفيٰ ڏيئي ڇڏيان ۽ ڪيلي فورنيا وڃي ترميم جي خلاف وڙهان، پر استعيفيٰ ڏيڻ کان اڳ ٿامسن اچي پهتو.” ڪرسٽوفر چيو، ۽ پوءِ بليڪ ميلنگ جا تفصيل بيان ڪيا. “منهجي زال ماءُ بڻجڻ واري آهي.... آئون کيس ٿامسن جي رحم ۽ ڪرم ٿي ڇڏي نه ٿو سگهان.”
    “پر تنهنجي زال ته توکي ٻڌايو ته هوءَ بي ڏوهي آهي.” وان ايلن اعتراض ڪيو.
    “مونکي پڪ آهي ته هوءَ معصوم آهي. پر مون چيو نه ته....آئون کيس تڪليف ۾ وجهي نٿو سگهان.” ڪرسٽوفر تلخ لهجي ۾ چيو. “مونکي هٿيار ڦٽا ڪرڻا پيا.”
    ايف بي آءِ جي اڳوڻن ايجنٽن جي وچ ۾ معنيٰ خيز نظرن جي ڏي وٺ ٿي. پوءِ ٽوني چيو. “ٿي سگهي ٿو ته اسين تنهنجي ڪا مدد ڪري سگهون. ٿورائي سهي، پر اسان وٽ به ڪجهه وسيلا آهن. ٽيڪساس ۾ اسانجو هڪ نهايت سٺو ساٿي آهي. جمي هو ڏهن سالن تائين ايف بي آءِ ۾ رهيو آهي. ۽ اسانجا ٻه ساٿي هيئنر ٿامسن جي فورس ۾ به آهن. هو تنهنجي زال جي ڪيس کي چيڪ ڪري سگهن ٿا. هو اهو به چيڪ ڪري سگهن ٿا ته واقعي ٿامسن کي ڪو نئون شاهد مليو آهي. جي مليو آهي ته ان جو نالو ۽ ڏس پتو ڪهڙو آهي. ان جي شاهدي ڪيتري اهميت واري آهي. اهو به ٿي سگهي ٿو ته هو هرو ڀرو به توکي بليڪ ميل ڪندو هجي....”
    “اهو ته مون سوچيو ئي ڪو نه هو.”
    “هاڻ سوچ جيتوڻيڪ ان جو ڪو وڏو امڪان ڪونهي.”
    “پر آئون خطرو کڻي نٿو سگهان. ٿامسن کي خبر پئجي ويئي ته..”
    “اسانجا ساٿي گهڻو محتاط آهن. رازداريءَ کان ڪم وٺندا ۽ ٿامسن جي ايجنٽن کان وڌيڪ ڦڙت ۽ ذهين آهن.”
    “مونکي سوچڻ ڏيو.” ڪرسٽوفر اڃا به فڪر مند هو.
    “وقت گهڻو ڪونهي.... ڪيليفورنيا اسيمبلي اڄ فيصلو ڪري رهي آهي.”
    “اڙي ها يا اهو ته ياد ئي نه رهيو.” ايلن تيزيءَ سان اٿيو.
    “ووٽنگ سڌو سنئون ٽي وي تان ڏيکاري ويندي. “هن اڳيان وڌي ٽي وي آن ڪئي.
    چئني جو ڌيان اسڪرين ڏانهن ٿيو. 35هين ترميم جي قرارداد پڙهي ٻڌائي پي ويئي. قراداد جو چوٿون فقرو ٻڌايو ويو.” قومي سلامتي جو چيئرمين ايف بي آءِ جو ڊائريڪٽر هوندو.”
    “هي ٿامسن فقرو آهي.” ٽوني هيرس تبصرو ڪيو.
    “اها اهم ترين ووٽنگ بس شروع ٿيڻ واري آهي.” انائونسر جو آواز اُڀريو. “هر ميمبر جي ڊيسڪ تي سوئچ موجود آهي. برقي اسڪور بورڊ تي حمايت جو تعداد اسي آهي. گويا ايڪتاليهه ووٽ فيصلو ڪري سگهن ٿا ته ترميم قبوليت جوڳي آهي يا نه. ايئن 35هين ترميم جي قسمت جو فيصلو ٿي ويندو. جنهن تي ڊگهي عرصي کان بحث هلي رهيو هو. اسيمبليءَ ۾ ترميم پاس ٿي ويئي. ته ٽن ڏينهن کانپوءِ چاليهن ميمبرن تي ٻڌل سينٽ جي سامهون پيش ٿيندي. ناظرين ووٽنگ شروع ٿي رهي آهي.”
    ڪجهه گهڙين کانپوءِ اسڪرين تي بلب روشن ٿيڻ شروع ٿي ويا. وقت بوقت اسڪور بورڊ به ڏيکاريو پي ويو. هونئن اسڪرين تي ساوا بلب ڇانيل هئا. ساون بلبن جو تعداد ايڪيتاليهن تي پهتو ته وزيٽر گئلري مان خوشي جا نعرا ٻڌڻ ۾ آيا. پوءِ انائونسر جو آواز اُڀريو. ناظرين ڪيليفورنيا اسيمبلي 35هين ترميم جي حق ۾ فيصلو ڏيئي ڇڏيو آهي. هاڻ 35هين ترميم جي قسمت جو فيصلو فقط ۽ فقط ڪيليفورنيا سينٽ جي هٿ ۾ آهي ۽ اهو فيصلو هاڻي 72 ڪلاڪن کانپوءِ سامهون ايندو.”
    ٽوني هيرس اٿي ٽي وي بند ڪري ڇڏي. “مونکي اهو ئي خدشو هو.” هن چيو . ۽ ڪرسٽوفر ڏانهن ڌيان ڏنائين. “ڪرس! اسانکي تنهنجي مدد جي گهرج آهي. تنهنڪري پهرين اسانکي تنهنجي مدد ڪرڻي پوندي.”
    اسيمبلي جي فيصلي هونئن به ڪرسٽوفر کي فيصلي جي ويجهو پهچائي ڇڏيو هو. هن چيو “ٺيڪ آهي، ڪيرن جي سلسلي ۾ ته تون منهنجي مدد ڪندين ئي، پر هڪ شئيءَ اهڙي آهي، جنهن کي جيڪڏهن بي نقاب ڪيو وڃي ته ڪيليفورنيا سينٽ ۾ 35هين ترميم جو موت آڻي سگهجي ٿو.” هو ڪجهه گهڙيون خاموش رهيو، پوءِ پڇيائين “اوهان مان ڪنهن آر دستاويز جو نالو ٻڌو آهي؟”
    “آر دستاويز؟” ٽوني هيرس ذهن تي زور ڏنو. “نه! ٻڌو هجيم ها ته وساري نه سگهان ها.” وان ايلن ۽ اسٽرپ به ناڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.
    “آئون توهانکي ان جي باري ۾ ٻڌايان ٿو. اهو چڪر ڪرنل بيڪسٽر جي موت کان شروع ٿيو. مونکي ان جي خبر ڪجهه ڏينهن پوءِ ....” اهو چئي ڪرسٽوفر، ڪرنل بيڪسٽر جي وفات ۽ فادر ڊوسڪي جي معاملي کان وٺي ڊونالڊ جي ساڍن ستن لکن ڊالرن ۽ قاتل رومن ايسڪوبار تائين هر ڳالهه ٻڌائي. ان کانپوءِ هن آرگو سٽي جي باري ۾ ٻڌائين سڀ ڪجهه ٻڌائڻ کانپوءِ هن ان توقع سان هن جي چهرن کي ڏٺو ته هنن جي چهرن تي بي يقيني هوندي. پر هنن جا چهرا پٿر بڻجي ويل نظر آين. غور ۽ جو تاثر هو. “توهانکي حيرت نه ٿي.” ڪرسٽوفر پڇيو.
    “نه! ان ڪري ته اسين گهڻو ڪجهه ڏسي ۽ ٻڌي چڪا آهيون. اسان ورنن ٿامسن کي گهڻي ويجهڙ کان ڏٺو آهي.” ٽوني اٿندي چيو. “اسانکي تنهنجي هڪ هڪ لفظ تي يقين آهي. ٿامسن پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ سڀ ڪجهه ڪري سگهيو. تون رات هتي ترس. صبح جو هليو وڃج. اسين سڄي فورس استعمال ڪري ڪجهه ئي ڪلاڪن ۾ ڪم ڪڍڻ جي ڪوشس ڪنداسين. ته جيئن اسانکي تنهنجو مڪمل سهڪار حاصل ٿي سگهي. پوءِ اسانکي رٿا بندي به ڪرڻي آهي.”
    “آئون تيار آهيان.” ڪرسٽوفر چيو.
    “آئون خود ڊونالڊ کانئس پڇا ڳاڇا ڪندس. ٿي سگهي ٿو ته ڪا ڳالهه هن جي ذهين مان نڪري ويئي هجي ۽ ياد ڏيارڻ تي ياد اچيس. اسين هر زاويي کان ٻيهر جاچ ڪنداسين. ڇو ته اسين جاچ جا ماڻهو آهيون وان ايلن آرگو سٽي ويندو. اسٽرپ کي فادر ڊوسڪي سان ملڻو ۽ کيس کرچڻون پوندو ۽ ڪرس! منهنجي خيال ۾ توکي ٻيهر حنا بيڪسٽر سان ملڻ گهرجي. تون کيس اسان کان وڌيڪ سڃاڻين ٿو.”
    “ٺيڪ آهي! آئون حنا سان ملي وٺندس.” ڪرسٽوفر چيو. “۽ ينگ جي باري ۾ ڪهڙو خيال اٿو؟”
    ٽوني ڪجهه دير سوچيندو رهيو. پوءِ هن ناڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو. “هو يقينن اسان جو ساٿي آهي. پر ٿامسن سان هن جي ويجهڙائپ نقصان ڪار ثابت ٿي سگهي ٿي. ڪنهن به مهل اڻ ڄاڻائي ۾ هن جي زبان مان ڪا به ڳالهه نڪري سگهي ٿي. هاڻ ياد ڪر، ٻيو ڪو شخص..!”
    ڪرسٽوفر کي اوچتو خيال اچي ويو، “گذريل ملاقات ۾ ينگ مونکي ٿامسن جي ماءُ جي باري ۾ٻڌايو هو. ٿامسن هر هفتي هن سان ملڻ جي لاءِ ويندو آهي.”
    “مذاق پيو ڪرين.۾” مونکي ته يقين ئي نٿو اچي.
    “اهو صحيح آهي.”
    “بهرحال اسين هن جي ماءُ کان سڌو سنئون ته پڇا ڳاڇا ڪري نٿا سگهون. بهرحال ان سلسلي ۾ آئون سوچيندس. هاڻ سين ڪم شروع ٿا ڪريون. آئون فون جي بلي، جمي، فورٽ وارن ۾ تنهنجي زال جي ڪيس تي تيزي سان ڪم شروع ڪندو. ان کانسواءِ اسان وٽ گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه ڪارڪن آهن. ستر ڪلاڪن ۾ ته اسين سڄو آمريڪا هيٺ مٿي ڪري رکي ڇڏينداسين.” ٽوني چيو ۽ فون ڏانهن وڌي ويو.
    “تنهنجي خيال ۾ اسانجي ڪاميابيءَ جا امڪان آهن؟” ڪرسٽوفر پڇيو.
    “هائو! شرط اهو آهي ته قسمت به اسان سان گڏ هجي.” ٽوني جواب ڏنو.
    “۽ جيڪڏن ٿامسن کي خبر پئجي ويئي ته ؟”
    “ته اها اسانجي بد قسمتي هوندي.”


    قسط 19

    صبح جو نو لڳي ارڙهن منٽن تي ڪرسٽوفر واشنگٽن پهتو. پگانو ڪار ۾ ايئرپورٽ تي هن جي اوسيئڙي ۾ هو. ڪرسٽوفر کيس گهر هلڻ جي لاءِ چيو. گهر ۾ گهڙندي ئي کيس غير معمولي خاموشي محسوس ٿي، شايد ڪيرن ستل هئي، بيڊ روم ڏانهن وڌيو، کيس ڪپڙا بدلائي جلد آفيس پهچڻون هو. پر بيڊ روم ۾ پهچندي ئي کيس جهٽڪو لڳو. هنڌ گهنجن کان خالي هو. هن سوٽ ڪيس هڪ پاسي رکيو ۽ ڪيرن جي ڳولا ۾ سڄو گهر جانچي ڏٺائين، پر هو ءَ موجود نه هئي. هو بيڊ روم ۾ واپس موٽي آيو ۽ باٿ روم چيڪ ڪيائين. آرسيءَ تي اسڪاچ ٽيب سان هڪ پنو چهٽيل نظر آيس. هن هڪ دم ڪيرن جي لکت سڃاڻي ورتي. هن پنو ڇڪي لاٿو ۽ ڌڙڪندڙ دل سان اهو پڙهڻ شروع ڪيو.
    “ڊارلنگ! ڪاش منهنجي هيءَ حرڪت تنهنجي پريشاني جو باعث نه بڻجي. پر آئون جيڪو ڪجهه ڪريان پئي، ان ۾ پاڻ ٻنهي جي چڱائي آهي. آئون ٽيڪساس پئي وڃان. منهنجي ڪري تون مصيبت ۾ ڦاٿو آهين، جيڪا ڳالهه منهنجي لاءِ قابل قبول ڪونهي. مونکي توکان ڪابه ڳالهه لڪائڻ نه گهرجي ها. ان ڪري آئون بي ڏوهي هوندي به ڏوهارڻ آهيان. هاڻ مونکي ڊپ به آهي ته آئون توکي صحيح طريقي سان يقين ڏياري نه سگهي آهيان. تون مونکي ٻي ڪيس کان بچائڻ ٿو چاهين. اهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته توکي منهنجي بي گناهه هئڻ جو يقين ڪونهي، تون ٿامسن سان وڙهن نٿو چاهين. تنهنڪري مون فيصلو ڪيو آهي ته آئون پاڻ وڙهندس. آئون ٽيڪساس پئي وڃان اتي ان نئين شاهد بابت معلوم ڪنديس ۽ کائنس حقيقت معلوم ڪنديس. آئون تنهنجي اچڻ کان اڳ ئي رواني پئي ٿيان تون ايندين ته ڪنهن ڪنهن بهاني سان مونکي جلهي ڇڏيندين آئون جيستائين اهو مسئلو نه نبيريندس، تيستائين توسان رابطو نه ڪنديس. تون پريشان نه ٿي. آئون ان معاملي کي نبيرڻ جي اهليت رکان ٿي. بس اهو ياد رکج ته آئون توسان محبت ڪندي آهيان. مونکي تنهنجي محبت ۽ اعتماد جي گهرج آهي.”
    “تنهنجي ڪيرن”

    ڪرسٽوفر ڪاغذ کي ڦاڙي ذريون ذريون ڪري بيسن ۾ وهائي ڇڏيو. جهٽڪو ڪافي زورائتو هو، جنهن مان هو اڃا تائين پاڻ کي سنڀالي نه سگهيو هو. هن جي وهم ۽ گمان ۾ به نه هو ته ڪو ڪيرن ايڏو وڏو قدم کڻندي. هن جي ذهن ۾ خاموشي گهڙي آئي. هن جي لاءِ اهو تصور ئي ڏڪائيندڙ هو ته هن جي پيٽ سان زال ٽيڪساس ۾ اڪيلي حقيقتون ڳولهيندي وتي، ماڻهو اڪيلو هوندو آهي ته ان لاءِ شهر به بيابان ٿي پوندو آهي، دل ۾ آيس ته ٽيڪساس وڃي ڪيرن کي ڳولهي واپس وٺي اچي. پر اهو ته واري جي ڍڳ ۾ سئي ڳولهڻ وانگر هو. پوءِ به ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ ضروري هو. هن جي فيصلي ڪرڻ کان اڳ فون جي گهنٽي وڳي. هو تيزي سان انسٽور مينٽ ڏانهن وڌيو. هن جي خيال ۾ اهو ڪيرن جو فون هوندو، پر ٽوني هيرس جو هو.
    “ڪرس! آئون به تنهنجي پويان ئي آيو آهيان.” ٽوني چيو. “هينئر آئون واشنگٽن ۾ آهيان.”
    اهو اڳ ۾ ئي طئي ٿي چڪو ته فون تي خاص احتياط کان ڪم ورتو ويندو.
    ڪرسٽوفر، ٽوني ۽ سندس ساٿين مان ڪنهن کي به سندس نالي سان مخاطب نه ٿيندو. ڪرسٽوفر عين وقت ئي پاڻ کي ٽوني جو نالو وٺڻ کان روڪيو.
    “ڪهڙيون خبرون آهن؟” هن پڇيو.
    “اجهو اجهو اطلاع مليو آهي ته ٿامسن اڄ رات نيويارڪ وڃي رهيو آهي. اتان کان سڪرامنٽو ويندو. جتي هو سينٽ جي دستور ساز ڪميٽي جي سامهون پيش ٿيندو. ترميم جي سينٽ جي فلور تي وڃڻ کان اڳ ڪميٽي جي سامهون پيش ٿيندڙ هو آخري شاهد هوندو.”
    ڪرسٽوفر اڃا تائين پاڻ کي زال جي صدمي مان سنڀالي نه سگهيو هو. ان اطلاع جي اهميت هن جي سمجهه ۾ نه آئي. “سوري ٽوني! آئون هن مهل سڀ ڪجهه سمجهڻ کان قاصر آهيان. آئون گهر پهتس ته مونکي ڪيرن جي بدران هن جو لکيل نوٽ....”
    “هن منٽ! آئون سمجهي ويس، پر فون تي سڀ ڪجهه بيان ڪرڻ مناسب ڪونهي. گهر جي آسپاس ڪو فون بوٿ آهي؟”
    “هائو ڪيترائي آهن.”
    “تون ڪنهن به فون بوٿ تان مونسان ان فون نمبر تي ڳالهائي جيڪو مون رات توکي ڏنو هو.”
    ڪرسٽوفر گهر مان نڪتو. پگانو گاڏي تيار ڪريو بيٺو هو. ڪرسٽوفر کيس بيهڻ جي هدايت ڪئي. ڪجهه گهڙين کانپوءِ هو پنهنجي گهر کان ٻه بلاڪ پريان هڪ پبلڪ بوٿ تان ٽوني جي نمبر ملائي رهيو هو. رابطو ٿيندي ئي هن ڪيرن جي نوٽ ۽ هن جي عزم بابت تفصيل سان ٻڌايس.
    “مونکي حيرت نه ٿي.” ٽوني تبصرو ڪيو.
    “پر مونکي ٿي..... هوءَ ٿامسن سان الجهڻ جي ڪوشش پئي ڪري، جيتوڻيڪ کيس خبر آهي ته ٿامسن کي سندس پنهنجي ميدان ۾ شڪست ڏيڻ ممڪن ڪونهي. اهو گهڻو خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. ڪرسٽوفر چيو. “هاڻ مون وٽ ان کانسواءِ ٻي ڪا به واهه ڪونهي ته ٽيڪساس وڃي کيس ڳوليان.”
    “هرگز نه! آئون پنهنجن ماڻهن کي مطلع ڪري ٿو ڇڏيان. هو اهو ڪم سٺي نموني ڪري وٺندو. ٽوني جي لهجي ۾ قطعيت هئي. “جمي نه رڳو ڪيرن کي ڳولهي وٺندو، پر هو ٻيئي گڏجي ڪم ڪري سگهندا.”
    “مهرباني ٽوني!، پر ٿامسن جي نئين شاهد کي ڳولهڻ ايترو سولو نه هوندو. ان جي خبر ته ٿامسن جي فائيلن مان ئي پئجي سگهي ٿي.”
    “اهو ڪو مسئلو ڪونهي. آئون ٻڌائي چڪو آهيان ته ايف بي آءِ بلڊنگ ۾ به اسانجا ٻه ماڻهو آهن. انهن مان هڪ نائٽ ۾ ڪم ڪري ٿو. ٿامسن ۽ هيريءَ جي وڃڻ کانپوءِ کيس فائيل اٿلائڻ جو موقعو ملي ويندو. هو مونکي شاهد جو نالو ٻڌائيندو. آئون هڪدم جمي کي اطلاع ڪندس. تون اُلڪو نه ڪر. تنهنجي زال ۽ ان جو ڪيس ٻيئي مضبوط هٿن ۾ آهن.”
    “آئون تنهنجو ٿورو ڪيئن مڃان. مون وٽ لفظ ئي ناهن.”
    “انهن ڳالهين کي ڇڏ...... اسين هڪ ٻيڙي جا مسافر آهيون.... آئون چاهيان ٿو ته تون جلد ئي ڪيليفورنيا سنيٽ ۾ ٿامسن ۽ 35هين ترميم تي حملي ڪرڻ جي پوزيشن ۾ اچي وڃ. ممڪن آهي ته آر دستاويز جي باري ۾ به ڪا نئين ڳالهه سامهون اچي وڃي. آئون ڊونالڊ سان ۽ اسٽرپ، فادر ڊوسڪي سان ملڻ جي لاءِ پيا وڃون... تو حنا بيڪسٽر کان ملاقات جو وقت ورتو؟”
    “نه! اڄ ته ممڪن ڪونهي. البته سڀاڻي صبح جو هن سان ملاقات ٿيندي. ڏهين بجي هن جي گهر ويندس.”
    “اوڪي! جيڪڏهن ڪا نئين ڳالهه سامهون آئي ته آئون توکي تنهنجي آفيس فون ڪندس. تنهنجو فون ڪليئر آهي يا نه!؟”
    “نه هوندو ته اڄ ٿي ويندو. آئون هر روز صبح جو پهريون ڪم اهو ئي ڪندو آهيان.”


    گذريل ڪيترن ئي سالن ۾ اهو پهريون موقعو هو جو ٿامسن ڇنڇر کانسواءِ ٻي ڪنهن ڏينهن پنهنجي ماءُ سان ملڻ جي لاءِ وڃي رهيو هو. معاملو گهڻو اهم هو. ڏهه منٽ اڳ هن جي ماڻهنس سان ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. فون ماڻهنس ڪئي هئي حالانڪه هوءَ ائين گهٽ ڪندي آهي.
    ماڻهنس پهرين ته ڊسٽرب ڪرڻ تي، معافي گهريس ۽ پوءِ هن جون ٿورو مڃيو. ان تي ٿامسن ڇرڪي پيو.
    “تون ڏاڍو سٺو پٽ آهين ورنن! هاڻ منهنجي ٽي وي سٺي پئي هلي.” ماڻهنس چيو هو.
    “ڇا مطلب؟” ٿامسن چڪرائجي ويو.
    “اڄ صبح جو ٽي وي ٺيڪ ڪرڻ وارو آيو هو. هن منهنجي ٽي وي ٺيڪ ڪري ڇڏي. تون منهنجو گهڻو خيال ٿو رکين پُٽ.”
    ٿامسن ڪجهه گهڙيون خاموش رهيو. هو پنهنجن خيالن کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. نيٺ هن چيو “ممي! آئون هڪ ڪم سان اليگزينڊريا اچي رهيو آهيان.... اوهان سان به ملي وٺندس.” رسيور رکڻ کانپوءِ هو سوچڻ لڳو ته ڪاغلط فهمي به ممڪن آهي. مڪينڪ غلط پتي تي پهچي ويو هجي. پر گڙ بڙ جي امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي. اهو طئي هو ته مڪينڪ هن جو موڪليل بلڪل نه هو. هو اٿيو، هيٺ آيو ۽ ڊرائيور کي اليگزينڊريا هلڻ جي لاءِ چيائين.
    ماڻهنس جي اپارٽمنٽس ۾ گهڙندي ئي هن پهرين الارم بٽڻ چيڪ ڪيو ۽ صفا سڙي ويو. بٽڻ آن نه هو، هو پنهنجي چاٻي جي مدد سان اپارٽمنٽ ۾ گهڙيو. ماڻهنس ٽي وي جي سامهون ويٺي ورائٽي شو ڏسي رهي هئي. هن ماڻهنس جي نرڙ تي رسمي چمي ڏني. “آئون گهڻي دير نه ترسندس، در اصل مونکي ياد نه پيو اچي ته ٽي وي ۾ ڪهڙي خرابي هئي.” هن ڪنهن تجسس کانسواءِ چيو. “ڪنهن ڪنهن مهل تصوير هيٺ مٿي ٿيڻ ٿي لڳي.”
    “مڪينڪ صبح جو ڪيڏي مهل آيو هو؟”
    “يارنهن بجي ڌاري...” پوءِ هن پڇڻ کان سواءِ ئي وضاحت ڪئي. “هو يونيفارم ۾ هو.”
    “ڏسڻ ۾ ڪيئن پي لڳو؟”
    “ڪهڙو نه بيوقوفي وارو سوال آهي ورننٰ” ماڻهنس تيز لهجي ۾ چيو. “مڪينڪ هو ۽ مڪينڪ ئي لڳي رهيو هو.”
    “ان دوران اوهين ڪمري ۾ موجود هيون؟”
    “ٿوري دير هيس ۽ پوءِ ٿانو ڌوئڻ هلي ويئي هيس.”
    ٿامسن اُٿيو ۽ فون ڏانهن وڌيو. هن ماڻهنس کان اسڪرو ڊرائيور ورتو. “اوهانجو آواز صحيح نه پي آيو. ڏسان ته اندر ڪهڙي خرابي اٿس.” هن وضاحت ڪئي.
    اسڪرو ڊرائيور ملڻ کانپوءِ هن انسٽورومنٽ کوليو ۽ اندر ريٽ ميڪنزم جو جائزو ورتو. ڪجهه گهڙين ۾ کيس ننڍو مانيٽر نظر اچي ويو. هي اهڙو ئي مانيٽر هو، جهڙو ايف بي آءِ وارا فونون ٽيپ ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪندا هئا. گويا، ان فون تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ڪنهن ٻي هنڌ ريڪارڊ ٿي رهي هئي. هن مانيٽر ڪڍي کيسي ۾ رکيو ۽ اُٿي کڙو ٿيو. هاڻ هو اهو ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته هن گذريل ڪجهه هفتن ۾ ماڻهنس سان ڪا اهم ڳالهه ٻولهه ته نه ڪئي هئي. ممڪن آهي ته ماڻهنس اها ڳالهه ٻولهه فون تي پنهنجي ڪنهن واقف ڪار کي ٻڌائي هجي.
    “امان! اوهان اڄ يارنهن بجي کانپوءِ ڪنهن سان فون تي ته نه ڳالهايو؟”
    “مون مسز گراس مين کي فون ڪئي هئي. مختصر ڪال هئي ۽ ها، مون توکي به فون ڪئي هئي.”
    “بس!”
    “هڪ منٽ اها اڄ جي ڳالهه آهي، ها اڄ جي ئي ته ڳالهه آهي، حنا بيڪسٽر سان ڊگهي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي.”
    “ڪهڙيو ڳالهيون ٿيون هيون.” ٿامسن ايئن پڇيو، ڄڻ لطف وٺي رهيو هجي.
    روزا ٿامسن ڳالهه ٻولهه ورجائڻ شروع ڪئي. پر ان ۾ ڪم جي ڪابه ڳالهه ٻولهه نه هئي. “هوءِ ويچاري پنهنجو پاڻ کي مصروف رکڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. کيس پنهنجي مڙس جي موت جو غم آهي. پنهنجي پوٽي رڪي جي موجودگي هن جي لاءِ وڏو ڏڍ آهي ۽ ها! سڀاڻي هوءَ پنهنجي مڙس جي جانشين اٽارني جنرل سان ملي رهي آهي. هو صبح جو ڏهين بجي ساڻس ملڻ جي لاءِ ايندو.”
    ٿامسن کي ڪرنٽ لڳي ويو. “ڇو....؟ هن ڪو سبب به ٻڌايو؟”
    “ان جي ته مونکي خبر نه آهي.”
    اوهان حنا سان ڪهڙي مهل فون تي ڳالهايو هو.”
    “فون تي نه پر هوءِ پاڻ هتي آئي هئي.”
    ٿامسن سک جو ساهه کنيو. “هاڻ آئون هلان ٿو. گهڻو ڪم اٿم. آئنده ڪو مڪينڪ اچي ته پهرين مونکان پُڇي وٺج.”


    ٻي ڏينهن صبح جو مينهن پي پيو. ڪرسٽوفر مرجهايل هو. ٽوني، اسٽرپ ۽ وان ايلن مان ڪنهن هڪ جي به ڪال نه آئي هئي. ان جو مطلب اهو هو ته نه ته اڃا تائين ڪيرن جي ڪيس جي سلسلي ۾ ۾ ڪا اڳرائي ٿي آهي ۽ نه ئي وري آر دستاويز جي باري ۾ ڪا خبر چار پئجي سگهي آهي ۽ ٻي ڏينهن ڪيليفورنيا سنيٽ ۾ 35هين ترميم فيصلي ڪن ووٽنگ جي لاِءِ پيش ٿيڻ واري هئي.، سروري موجب هيستائين چالهين مان ٽيهه سينيٽر ترميم جي حق ۾ ٿي چڪا هئا. ان جو مطلب اهو هو ته ٻي رات تائين ترميم آئين جو حصو بڻجي چڪي هوندي.
    ٺيڪ ڏهين بجي هن جي ڪار حنا بيڪسٽر جي گهر جي سامهون اچي بيٺي. ايجنٽ هوگن هن جي لاءِ دروازو کوليو. پگانو ڊرائيورنگ سيٽ تي ويٺل هو. ڪرسٽوفر کيس اُتي بيهڻ جي هدايت ڪئي ۽ گهر ڏانهن روانو ٿي ويو. کيس آر دستاويز جي سلسلي ۾ ڪنهن نمايان ڪاميابي جو امڪان نظر نه پئي آيو. حنا بيڪسٽر پاڻ اچي دروازو کوليو ۽ پنهنجائپ مان هن جو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ کيس اندر وٺي وئي. ڪجهه دير ته هتان هتان جو ڳالهيون ٿينديون رهيون. حنا ٻڌائي رهي هئي ته رڪي جي موجودگيءَ هن لاءِ وڏو ڏڍآهي.
    رسمي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ ڪرسٽوفر پنهنجي مقصد طرف آيو. “گذريل ڀيري آئون اوهان وٽ آر دستاويز جي باري ۾ پڇڻ آيو هئس. جيڪو ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان 35هين ترميم بابت آهي. اوهانکي ياد هوندو ته هن دنيا کي ڇڏڻ مهل ڪرنل ان ڳالهه جو انڪشاف ڪيو هو. مونکي اڃا تائين آر دستاويز ملي نه سگهيو آهي. آئون هينئر به ان سلسلي ۾ آيو آهيان. ٿي سگهي ٿو ته هن ڀيري اوهانکي ڪجهه ياد اچي ويو هجي.”
    “نه ڪرس! مونکي ياد آهي ته مون اهو نالو ڪڏهن به نه ٻڌو آهي. بيڪسٽر مون سان پنهنجي ڪم جي سلسلي ۾ ڪڏهن به ڳالهه ٻولهه نه ڪندو هو.”
    ڪرسٽوفر هڪ ٻي رخ کان کوٽڻ جي ڪوشش ڪئي. “اوهان ڪڏهن ڪرنل جي واتان آرگو سٽي جي نالو ٻڌو؟ آرگو سٽي ايريزونا ۾ آهي.”
    “نه ڪڏهن به نه ٻڌم.”
    ڪرسٽوفر تي مايوسي ڇائنجڻ لڳي. “گذريل ڀيري مون ڪرنل جي ويجهن دوستن جي باري ۾ پڇيو هو. اوهان فقط هڪ نالو ٻڌايو.”
    “تون ڊونالڊ ڪريڊن سان ملي سگهين يا نه.؟”
    “نه! اهو ان کان اڳ ئي گذاري ويو.”
    “ويچارو! حنا چيو، “تو ٿامسن کان آر دستاويز جي باري پڇيو؟”
    “پڇيو هو... پر هو ڪا مدد ڪري نه سگهيو.”
    “جيڪڏهن هو ڪري نه سگهيو ته پوءِ ڪرس.. آر دستاويز جي سلسلي ۾ توکي ڪنهن کان به ڪا مدد ملي نٿي سگهي. بيڪسٽر ٿامسن جي گهڻو ويجهو هو. 35هين ترميم تي ٻئي گڏجي ڪمي ڪري رهيا هئا،. بلڪه جنهن رات بيڪسٽر کي دل جو دورو پيو، هو ٿامسن ۽ هيري ايڊورڊ سان گڏ هو. هو شايد ترميم جي سلسلي ۾ ئي ڪا اهم ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا هئا..”
    ڪرسٽوفر جي لاءِ اهو نئون اطلاع هو. “هونهه! ته دوري جي رات هو ٻيئي ڪرنل سان ملڻ جي آيا هئا. اوهانکي يقين آهي.”
    “اها ڳالهه آئون ڪيئن ٿي وساري سگهان.” حنا سوڳوار لهجي ۾ چيو. “بيڪسٽر فقط منهنجي خاطر اهو اصول بنايو هو ته رات جو آفيس جو ڪم نه ڪندو. مطلب اهو ڪونهي ته ڪو هو رات جو ڪم ئي نه ڪندو هو. هو ڪم ته ڪندو هو، پر اڪيلو، پر ان رات ورنن ٿامسن ملاقات تي زور ڀري رهيو هو. نيٺ بيڪسٽر کي پنهنجو اصول ٽورڻون پيو. هو ٻئي ڊنر کانپوءِ هڪدم اچي ويا هئا.”
    “اوهانکي يقين هو ته هيري به ٿامسن سان گڏ هو؟”
    “يقين سان ٿي چوان. ٿامسن جو ته پڪو يقين اٿم. پر هيري..... دراصل اها ڏاڍي ڀوائتي رات هئي. منهنجي ذهين ۽ سڀ ڪجهه گڏ وچڙ ٿي ويو آهي. پر آئون بيڪسٽر جي ملاقاتين جي ڊائري ڏسي يقين سان ٻڌائي سگهان ٿي. ڊائري اسٽڊي ۾ هوندي. آئون اجهو ٿي ڳولهي اچان.” اهو چئي حنا ڪمري مان هلي ويئي.
    ڪرسٽوفر مايوسيءَ جي ڪُن ۾ ويٺو ٽٻيون هڻي رهيو هو. حنا کان ڪا ڪم جي ڳالهه معلوم ٿي نه سگهي. هو پنهنجي خيالن ۾ هو، اوچتو هڪ کڙڪي کيس ڇرڪائي ڇڏيو. هن مڙي پويان ڏٺو، ته کيس پردا لڏندا نظر آيا. پوءِ پردي جي پيان حنا جو پوٽو رڪي کسڪندو نڪري ويو. هن جي کاٻي هٿ ۾ اهو پور ٽيبل ٽيپ ريڪارڊ هو. جنهن کي پهريون ڀيرو ڪرسٽوفر ٺيڪ ڪيو هو.
    “اي رڪي! تون پردن جي پويان ڇا پيو ڪرين... لڪي اسانجون ڳالهيون پيو ٻڌين ڇا...؟”
    “هيءَ لڪڻ جي لاءِ ڏاڍي سٺي جڳهه آهي.” رڪي ڏيند ٽيڙيندي چيو.
    “ٽيپ رڪارڊر ڪيئن پيو هلي.”
    رڪي اُٿي بيٺو. “جڏهن کان اوهان ٺيڪ ڪيو آهي، تڏهن کان ڪا به گڙ بڙ نه ٿي آهي. اوهين ٻڌندا.” پوءِ هن جواب جو اوسيئڙو ڪرڻ کانسواءِ ريوائنڊ جو بٽن دٻايو. پوءِ اسٽاپ جو ۽ پوءِ پلي جو. ٻي گهڙيءَ حنا جو آواز اڀريو. “تو آر دستاويز جي سلسلي ۾ ٿامسن کان به پڇيو....” ان کانپوءِ هن جو پنهنجو آواز ٽيپ هلندو رهيو.
    “واهه رڪي. بس ايترو ڪافي آهي.” ڪجهه گهڙين کانپوءِ ڪرسٽوفر چيو. “آئنده هتي آيس ته توکان محتاط رهندس.”
    رڪي جلدي اسٽاپ جو بٽڻ دٻايو. “اوهين پريشان نه ٿيو مسٽر ڪولنس. اها منهنجي هابي آهي. منهنجو واسطو ڪنهن سرڪاري ايجنسي سان ڪونهي.”
    ڪرسٽوفر متاثر اچڻ جي ڪوشش ڪئي، “هوئين تو وڏي صفائي سان ڪم ڪري ڏيکاريو آهي. توکي ته ايف بي آءِ جو ايجنٽ هئڻ گهرجي.”
    “اڃا منهنجي عمر ننڍي آهي، هونئن مونکي ان ڪم ۾ وڏو مزو ايندو آهي، هن پردي جي پويان لڪي هيستائين آئون هڪ سئو کان به وڌيڪ ريڪارڊنگس ڪري چڪو آهيان. البته هڪ ڀيري ڏاڏا کي خبر پئجي ويئي.”
    “هو نهه! معنيٰ ڪرنل توکي سڳ سوڌو جهلي ورتو هو؟”
    “هائو...!”
    “پوءِ ؟”
    “هو گهڻو ناراض ٿيو. هن مونکي تنبيهه ڪئي ته آئنده ان قسم جي ٽرڪ استعمال نه ڪريان.”
    ڪرسٽوفر غير شعوري طور تي پاسو بدلايو. “تو ڇا چيو؟ مون ٻڌو ڪو نه رڪي؟”
    “هن چيو ته جيڪڏهن آئنده هو مونکي ان قسم جي ٽرڪ استعمال ڪندي جهليندو ته مونکي مار ڪڍندو.”
    ڪرسٽوفر جي سمجهه ۾ ڳالهه هڪ گهڙي کانپوءِ آئي هو سڄو چپ ٿي ويو. ڪرنل بيڪسٽر جا آخري لفظ هن جي ڪنن ۾ گونجڻ لڳا، “آر دستاويز.... مون ڏٺو.... ٽرڪ.... وڃ...” ڏس. رڪي بيڪسٽر ڇا چيو هو. “هن چيو هو ته آئنده جيڪڏهن هن مونکي اهڙي ٽرڪ استعمال ڪندي جهليو ته مار ڪڍندو. سوال اهو هو ته ڪرنل پنهنجن آخري لفظن ۾ کيس رڪي سان ملڻ جي هدايت ڪئي هئي. يا رڪي جي ٽرڪ جو حوالو ڏنو هو” پردي جي پويان ڳالهيون ٻڌڻ جو؟ ڪٿي ائين ته ڪونهي ته ٿامسن ۽ هيريءَ سان ڳالهين جي دروان ڪرنل پردن جي چر پر کي ڏٺو ۽ کيس اندازو ٿي ويو ته رڪي اهو راز رڪارڊ ڪري ورتو آهي ۽ اها ڳالهه مون کان پهرين هوش ۾ اچڻ کانپوءِ کيس ياد آئي
    ڪرسٽوفر جي سڄي جسم ۾ سنسني ڊوڙي ويئي. ڇا هو اڻ ڄاڻائيءَ ۾ هڪ اهم راز تائين پهچي ويو آهي. “رڪي! ڇا تو ان ڏينهن جي تنبيهه جي باوجود به لڪي رڪارڊنگ ڪرڻ جو شغل جاري رکيو هو.”
    هن پنهنجي آواز کي هموار رکڻ جي ڪوشش ڪندي پڇيو.
    “هائو، پر آئون گهڻو محتاط ٿي ويو هئس. ڏاڏا جي ڊپ ان جاسوسيءَ جو لطف اڃا به وڌائي ڇڏيو.” رڪي جواب ڏنو.
    “تون ڏاڍو دلير آهين. اهو ٻڌائي ته تون ڪرنل جي ڳالهه کي ڪيترائي ڀيرا ريڪارڊ ڪيو هو؟”
    “هائو! هتي گهڻو ڪري هو ئي ڳالهائيندو هو. اوهانکي ڪنهن ڏينهن ٻڌرائيندس.”
    ڪرسٽوفر کيس گهورڻ لڳو. ڇهين حس کيس احتياط ۽ هوريان هوريان اڳيان وڌڻ جي هدايت ڪري رهي هئي. “تڪڙ نه ڪر” هن پنهنجو پاڻ کي چيو. پوءِ رڪي کان پڇيو. “تون ان رات واري ڳالهه ٻولهه به رڪارڊ ڪئي هئي جنهن رات ڏاڏا کي دورو پيو هو؟” سوال ڪندي ٿي هو ساهه روڪي ويهي رهيو.
    “هائو، پر ڏاڏا کي دورو پوڻ کانپوءِ جيڪا وٺ پڪڙ متي. ان ۾ آئون ڊڄي ويس. پر ان کان پهرين واري سڄي ڳالهه ٻولهه جو هڪ هڪ لفظ ريڪارڊ ڪري چڪو هئس.”
    “رڪي! مونکي ته يقين ئي ڪو نه ٿو اچي ته ڪو ٿامسن سان ڪرنل جي آخري ڳالهه ٻولهه جو لفظ به لفظ رڪارڊ ڪيل آهي. اهو ڪيئن ممڪن آهي؟”
    “ڇو نه اڃا ڪجهه دير اڳ مون اوهانجي ڳالهه ٻولهه ريڪارڊ ڪئي آهي. ان رات ٿامسن هتي ئي ويٺو هو، جت اوهين ويٺا آهيون. ڏاڏا هت ويٺو هو، جتي ڪجهه دير اڳ ڏاڏي ويٺي هئي، ۽ مسٽر ايڊورڊ هن ڪرسيءَ تي ويٺو هو. هو ٽيئي به تو ۽ ڏاڏي جيان آر دستاويز بابت ڳالهائي رهيا هئا.”
    ڪرسٽوفر جي دل ڄڻ هڪ گهڙي جي لاءِ بيهي رهي. “تو هن کي آر دستاويز بابت ڳالهائيندي ٻڌو هو؟”
    “ڏاڏا ته فقط ٻڌي رهيو هو. مسٽر ٿامسن ڳالهائي رهيو هو، پوءِ اوچتو هن جي طبيعت خراب ٿي ويئي.”
    “تو ڊائريڪٽر ٿامسن جو چيل هڪ هڪ لفظ ٻڌو هو؟”
    “هائو! .... ۽ ريڪارڊ به ڪيو هو.”
    “گفتگو صاف رڪارڊ ٿي هئي.”
    “هائو! منهنجو ٽيپ ريڪارڊ فرسٽ ڪلاس آهي.” رڪي فخريه لهجي ۾ چيو.
    ڪرسٽوفر چپن تي زبان ڦيريندي چيو، “تو اهوٽيپ صاف ته نه ڪري ڇڏيو آهي؟” هن پڇيو. ان جواب تي هر ڳالهه جو مدار هو.
    آئون پنهنجي ڪابه ريڪارڊنگ مٽائندو نه آهيان.”
    “ته ٽيپ هتي موجود آهي؟”
    “نه، هينئر ته موجود ڪونهي. آئون ڏاڏا جا سڀئي ٽيپ حفاظت جي خيال کان ڏاڏا جي ڪيبينٽ ۾ رکي ڇڏيندو هئس. ان ٽيپ تي مون اي جي جي جنوري لکي ڇڏيو هو. يادگيريءَ جي لاءِ “اي جي جي” جو مطلب آهي اٽارني جنرل گرائنڊ فادر ۽ رڪارڊنگ جنوريءَ جي هئي. اها ڏاڏا جي ڳالهه ٻولهه جو آخري ٽيپ هو. پوءِ مسٽر ٿامسن ڏاڏا جي ڪيبينٽ کڻائي ورتي. اهي سڀ ٽيپون ان ۾ هيون.”
    ڪرسٽوفر جي دل ٻڏڻ لڳي. “توکي ياد آهي ته آردستاويز جي ٻاري ۾ ڇا چيو ويو هو؟”
    “مون صحيح ته نه ٻڌو. منهنجو ڌيان رڪارڊنگ طرف هو. پر ٻي ڏينهن مون رڪارڊنگ چيڪ ڪئي هئي. فقط ٿامسن آر دستاويز جي باري ڳالهائي رهيو هو. مونکي هاڻ ان جون ڳالهيون ياد ناهن. پوءِ ڏاڏا کي دل جو دورو پيو ۽ ڀڄ ڊڪ مچي ويئي. ڏاڏي روئي رهي هئي. آئون ڊڄي ويس. مون رڪارڊنگ بند ڪئي ۽ پردي جي پويان لڪيو رهيس. سڀني جي وڃڻ کانپوءِ ٻاهر نڪتس.”
    ڪرسٽوفر رڪي جو ڪلهو ٿڦيندي کيس داد ڏنو. ان مهل حنا بيڪسٽر اچي ويئي.”هائو! ان رات ٿامسن سان گڏ هيري ايڊورڊ به هو. مون چيڪ ڪري ورتو آهي.” هن ڪرسٽوفر کي ٻڌايو.
    ڪرسٽوفر، حنا جو ٿورو مڃيو ۽ ٻاهر نڪري آيو. ٻاهر اڃا به مينهن وسي رهيو هو. پر هاڻ ڪرسٽوفر جي پنهنجي وجود ۾ اميد جي چمڪندڙ اُس لهي آئي هئي. بس فقط هڪ ڪارو داغ اڃا به موجود هو. آر دستاويز جو راز ڪرنل بيڪسٽر جي فائلنگ ڪيبينٽ ۾ هو ۽ ڪيبينٽ ايڊگورهوور بلڊنگ ۾ ٿامسن جي قبضي ۾ هئي.
    هن ڪار ۾ ويهندي، پگانو کي ڪنهن فون بوٿ جي ٻاهر ڪار روڪڻ جي هدايت ڪئي.”


    قسط 20

    شام ڌاري، ڪرسٽوفر سرڪاري ليموزين مان گورنمنٽ پرنٽنگ آفيس جي ٻاهر لٿو. هن پگانو کي اڌ ڪلاڪ ترسي پو ءِ اچڻ لاءِ چيو. هو عمارت ۾ گهڙيو. پر هن پبليڪشنز روم ڏانهن رخ نه ڪيو، پر گهڙي ۾ وقت ڏٺو ۽ ٻاهر واپس اچي ويو. هو گهڻو محتاط هو. هن آسپاس جو جائزو ورتو. پر ڪو به مشڪوڪ ماڻهو نظر نه آيو. هونئن به ايتري اثرائتي بيلڪ ميلنگ کانپوءِ ان ڳالهه جو امڪان نه هو ته ٿامسن هن جي پويان ماڻهو لڳائيندو. ان طرف کان مطمئن ٿي هو يونين اسٽيشن طرف روانو ٿي ويو.
    برسات رڪجي چڪي هئي. هوا ۾ تازگي هئي، ڪرسٽوفر گهرا ساهه کنيا ۽ وڏيون ٻرانگهون ڀريندو اڳتي وڌندو رهيو. فتح منديءَ جي احساس هن جي نس نس ۾ بجلي جي لهر ڊوڙائي ڇڏي هئي. کيس احساس هو ته ڪم بي حد ڏکيو آهي. پر ڪاميابي جو امڪان به موجود آهي.
    يونين اسٽيشن ۾ گهڙندي ئي هن نيوز اسٽينڊ جو رخ ڪيو ۽ “واشنگٽن اسٽار” جو تازو شمارو خريد ڪيو. ملاقات اسٽيشن جي انتظارگاهه ۾ طئي ٿي هئي. اها جاءِ محفوظ هئي، ڇو ته ٿامسن جي دور ۾ ايف بي آءِ جا اينجٽ ٽرينن جي بدران هوائي جهاز ۾ سفر ڪرڻ لڳا هئا. اوريان وڃڻون هوندو هئن ته هيلي ڪاپٽر استعمال ڪندا هئا.
    ڪرسٽوفر ويهڻ جي لاءِ اهڙي ڪرسي چونڊي، جيئن اسٽيشن جو داخلي دروازو هن جي نظرن جي سامهون رهي، پوءِ هن اخبار کولي ۽ ان تي نظرون ڄمائي ڇڏيون. هن اخبار نه پي پڙهي، پر اخبار جي مٿان هن جون نظرون اسٽيشن جي داخلي دروازي جو جائزو وٺي رهيون هيون. کيس گهڻو انتظار ڪرڻو نه پيو. ڪجهه منٽن کانپوءِ ٽوني هيرس اسٽيشن ۾ داخل ٿيو. هن به اخبار خريد ڪئي ۽ ڪرسٽوفر کان ڪجهه پرڀرو ڪرسيءَ تي ويهي رهيو.”اهو ته ڪمال ٿي ويو. هن اخبار کوليندي چيو. “ان ڇوڪري رڪي جو ٽيپ ايترو ڪار آمد ٿي سگهي ٿو.”
    “رڪي جي دعويٰ آهي ته رڪارڊنگ بلڪل صاف هئي ۽ مونکي ان تي ڪو به شڪ ڪونهي.”
    “ٽيپ جي سڃاڻپ ڪهڙي آهي؟”
    “ڪيسٽ تي اي جي جي جنوري لکيل آهي. اها ڳولهڻ ۾ ڪا گهڻي تڪليف نه ٿيندي.”
    “تو زبردست ڪم ڪيو آهي.” ٽوني هيرس خوش ٿي ويو.
    “مسئلو ڪيبنٽ جي سڃاڻپ جو ڪونهي. ان کي حاصل ڪرڻ جو آهي. آئون اهو ٻڌائي چڪو آهيان ته ڪيسٽ بيڪسٽر جي فائلنگ ڪيبينٽ جي مٿينءَ خاني ۾ آهي.”
    “مون به ڪم ڪيو آهي. ٿامسن رات جو پوڻين نوين بجي تائين پنهنجي آفيس ۾ رهندو. پوءِ هو نيويارڪ جي فلائٽ پڪڙيندو. اتان کان هو سان فرانسسڪو ۽ پوءِ ڪار جي ذريعي سڪرامنٽو ويندو. يعني هن جي آفيس خالي هوندي. اسانکي جيئن ئي آسمان صاف هئڻ جو اطلاع ملندو، اسين ڏهين اسٽريٽ واري دروازي مان ايڊگر هوور بلڊنگ ۾ داخل ٿينداسين. رات جي ڊيوٽي تي اسانجو همراهه هوندو. هو اسان سان سهڪار ڪندو. اسانکي ٿامسن جي آفيس جو دروازو کليل ملندو.”
    “پر بيڪسٽر جي ڪيبينٽ ته بند پئي هوندي.” ڪرسٽوفر اعتراض ڪيو.
    “تون ان جو اُلڪو نه ڪر. اها آئون سولائي سان کولي وٺندس. آئون به ايف بي آءِ جو سکيا ورتل آهيان ۽ پوءِ مون توکي ٻڌايو نه ته مون پنهنجي حصي جو ڪم ڪيو آهي.”
    “واهه!” ڪرسٽوفر داد ڏيندي چيو.
    “هاڻ آئون توکي ڪيرن جي باري ۾ ٻڌائيندس. ته جيئن تون مطمئن ٿي وڃ.” ٽوني چيو. ڪرسٽوفر پاڻ سنڀاليو “جميءَ ڪيرن کي ڳولي ورتو آهي. هو فورٽ ورٿ ۾ آهي ۽ ٺيڪ ٺاڪ آهي.”
    “آهي ڪٿي؟”
    “اهو ته جمي نه ٻڌايو، پر تون الڪو نه ڪر ۽ ٻڌ! اسان ٿامسن جا فائيل چيڪ ڪري ورتا آهن. اسانکي ٿامسن جي شاهد بابت خبر پئجي ويئي آهي. انجو نالو ايڊلاررڪ آهي. هينئر هوءَ ڊلاس ۾ ٿي رهي. تو ڪڏهن اهو نالو ٻڌو آهي؟”
    “نه! ڪيرن ڪڏهن ان جون ذڪر ڪو نه ڪيو.”
    “هو پارٽ ٽائيم هائوس ڪيپر هئي. ڪيرن جي ريگولر هائوس ڪيپر... موڪل ڪندي هئي، ته ايڊ لا ان جي جاءِ تي ڪم ڪندي هئي. جمي اڄ هن سان گڏبو. ان جي رپورٽ ملڻ تي توکي وڌيڪ ٻڌائي سگهندس.”
    “پر اسين گهر ته نه هونداسين.”
    “جمي کي خبر آهي هو ڏهين بجي کانپوءِ فون ڪندو. تون نه هوندين ته هو وقفي وقفي سان ڪوشش ڪندو رهندو. هاڻ تون اڄ جو پروگرام ٻڌ. يارنهن اسٽريٽ تي فلپ ڪيفي آهي. اتان کان ايف بي آءِ جي بلڊنگ ٻه بلاڪ پري آهي. تون مونکي ساڍي اٺين بجي اتي مل.”
    “ٺيڪ آهي ڪاش ڪم ٺهي وڃي.” ڪرسٽوفر جي لهجي ۾ تشويش هئي.
    “تون اُلڪو نه ڪر. آئون بس اهائي دعا پيو ڪريان ته ٽيپ توقع تي پوري لهي.”
    “35هين ترميم سان آر دستاويز جو واسطو بيڪسٽر جو فراهم ڪيل آهي. هن آر دستاويز کي خطرناڪ قرار ڏيندي. اها بي نقاب ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي.”
    “بهرحال! ٽيپ اثرائتي ثابت ٿيڻ گهرجي. اها اسانجي آخري اميد آهي. اوڪي ڪرس! هاڻي آئون هلان ٿو. گڊ نائٽ!”


    ساڍي اٺين بجي ڪرسٽوفر ، فلپ جي ڪيفي جي سامهون موجود هو، کيس پنهنجا اعصاب ڀڄندي محسوس ٿيا، ٽوني هيرس به ٺيڪ وقت تي پهچي ويو، ٻنهي ڪيفي ۾ داخل ٿي برگر گهرايا.
    “تون ايترو نروس ڇو آهين ....؟” ٽوني پڇيو، “ڊائريڪٽر ايف بي آئي جي آفيس ۾ وڃڻ جو اهو تنهنجو پهريون موقعو ڪونهي؟”
    “ٿامسن جي غير موجودگيءَ ۾ اچڻ جو پهريون موقعو آهي.”
    “پر رڪي جي ڪيسٽ هٿ لڳڻ کانپوءِ ته اسانکي فقط اها خبر پوندي ته آر دستاويز ڪٿان ملي سگهي ٿي.” ڪرسٽوفر نڪتو کنيو.
    “ڇا به ٿئي ... اهو ٻڌائي ته ڪيسٽ ملڻ کانپوءِ ڇا ڪندين؟”
    “جيڪڏهن اها ڪيسٽ واقعي به ايڏي زبردست شاهدي آهي، جيتري بيڪسٽر چئي هئي ته پوءِ هڪدم سڪرامنٽوي ويندس ۽ ڪيلي فورن سينيٽ جي دستور ساز اسيمبلي جي سامهون پيش ٿيڻ جي درخواست ڪندس، آئون ڪميٽيءَ کي ان جي باري ۾ ٻڌائيندس، مون کي اميد آهي ته ان صورت ۾ راند جو پاسو اسانجي حق ۾ پلٽجي سگهي ٿو.”
    ٺيڪ آهي، مون کي يقين آهي ته سڀاڻي رات اسين جشن ملهائڻ جي پوزيشن ۾ هونداسين.”
    “اها! سڀاڻي رات اڃا پري آهي.”
    هو برگر کائڻ کانپوءِ ڪافي پي رهيا هئا جو وان ايلن اچي ويو، هن ميز تي جهڪندي چيو، “آسمان صاف آهي ..... ٿامسن ڏهه منٽ اڳ روانو ٿي ويو آهي.”
    ٽوني ڪافي جي پيالي رکي ۽ چيو، “اچ ته هلون!” ۽ بل ادا ڪرڻ جي لاءِ ڪائونٽر تي هليو ويو. ڪجهه گهڙين کان پوءِ هو ٽيئي ڪيفي مان نڪري آيا ۽ ايف بي آءِ بلڊنگ ڏانهن روانا ٿي ويا.
    دروازي وٽ پهچي وان ايلن چيو، “آئون پارڪنگ ايريا ۾ ترسندس، ڪا گڙٻڙ ٿي يا ٿامسن واپس آيو ته آئون هن کان اڳ توهان تائين پهچي خبردار ڪندس. گڊ لڪ،” ٽوني هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ۽ ڪرسٽوفر جو هٿ جهلي بلڊنگ ۾ داخل ٿيو. شيشي وارو دروازو بند هو ۽ اُتي ڪوبه نظر نه پي آيو، پر کين ڏسندي ئي هڪ پاڇو ظاهر ٿيو ۽ هنن جي لاءِ دروازو کولي ڇڏيو. ٽوني ڪرسٽوفر کي اڳيان ڌڪيو ۽ پوءِ خود اندر گهڙيو، دروازو کوليندڙ سرٻاٽ ۾ کيس ڪجهه چيو ٽوني هاڪار ۾ ڪنڌڌوڻيو ۽ ڪرسٽوفر سان گڏ اڳيان وڌي ويو، “اسانکي ستين ماڙ تي پهچڻو آهي ۽ اسين لفٽ استعمال نه ڪنداسين، پر باهه کان بچاءُ واري ڏاڪڻ استعمال ڪنداسين.” هن ڪرسٽوفر کي ٻڌايو.
    هو ڏاڪڻيون چڙهڻ لڳا، ٽوني جي رفتار جو ساٿ ڏيڻ ڪرسٽوفر جي لاءِ ڏکيو پي ٿيو، ٽين ليڊنگ تي ٽوني بيٺوهو، جيئن ڪرسٽوفر ساهي پٽي سگهي، ان کانپوءِ هو ستين ماڙ تي پهچي ئي بيٺا، رستي ۾ هنن جي منهن ۾ ڪير به نه پيو، اتي قبرستان جهڙي ماٺ هئي، هنن جي پيرن جي آواز کانسواءِ ٻيو ڪوبه آواز نه هو، نيٺ هو ان دروازي تي پهتا، جنهن جي ٻاهران ٿامسن جي تختي لڳل هئي، ٽوني ان دورازي کي نظرانداز ڪري، پاسي واري دروازي ڏانهن وڌيو، هن دروازي جو ڦيٿو گهمايو، ٿوري ڪوشش کانپوءِ دروازو کلي ويو. اهو ٿامسن جي آفيس جو نجي ڪمرو هو، صوفي جي ڀرسان هلڪي روشني وارو ليمپ رکيو هو ڪرسٽوفر ڪمري جو جائزو ورتو، اتي سڄي سيٽنگ هن جي آفيس جهڙي هئي، ميز بلڪل صاف هئي، ڪمري ۾ ڪابه فائلنگ ڪيبنٽ موجود نه هئي.
    “ڪيبنٽ هن جي ڊريسنگ روم ۾ هوندي” ٽوني سرٻاٽ ڪندي چيو ۽ ٻي پاسي کلندڙ دروازي ڏانهن اشارو ڪيو.
    هو کليل دروازي مان ڊريسنگ روم ۾ گهڙيا، ٽوني سوئچ بورڊ ڳولهيو ۽ لائٽ آن ڪئي، سامهون ئي ڪرنل بيڪسٽر جي سائي فائلنگ ڪيبٽ موجود هئي. ٽوني هڪ هڪ ڪري خانا چيڪ ڪيا پوءِ هو ڪنهن ماهر ڪلف ٽوڙيندڙ جيان ڪلف تي جهڪي ويو، ڪيبنٽ کلڻ ۾ فقط ٽي منٽ لڳا، پر ڪرسٽوفر جي لاءِ اهي ٽي منٽ ٽن ڪلاڪن جيترا هئا، هن جو صبر جواب ڏئي رهيو هو.
    نيٺ ٽوني هيرس اُٿي کڙو ٿيو،”هاڻ هن کي سنڀال “ هن کليل ڪيبنيٽ ڏانهن اشارو ڪيو.
    ڪرسٽوفر جي دل ڄڻ ٻاهر ٿي نڪتي، هو ڏڪندڙ قدمن سان اڳيان وڌيو؟ مٿيون خانو کوليائين، ان ۾ ڪيتريون ئي ڪيسٽون پيون هيون، پر گهربل ڪيسٽ موجود نه هئي، ڪرسٽوفر سڀئي خانا به جانچيا، پر هن جي ڪوشش بيڪار ثابت ٿي، ان مهل پويان آواز اڀريو، جنهن کي ٻڌي هو ڄڻ مفلوج ٿي ويو.
    “گڊ ايوننگ مسٽر ڪولنس، اوهانکي وڌيڪ تڪليف جي ضرورت ڪونهي.”
    ڪرسٽوفر ۽ ٽوني هيرس هڪ ئي وقت پويان مڙيا، کليل دروازو هاڻ ڀريل هو، دروازي جي خلا هيري ايڊورڊ بيٺو هو، هن جي منهن تي مڪارانه مُرڪ هئي، هن پنهنجو ڪوڏر جيڏو هٿ پکيڙيو: گهربل ڪيسٽ هن جي هٿ جي تريءَ تي رکيل هئي،”حضرات! اوهانکي آر دستايز جي ڳولا هئي نه!؟” هن چيو “اهو هيءَ آهي، آئون چاهيان ٿو اوهين اهو هڪ نظر ضرور ڏسي وٺو” اهو اوهانجو حق آهي، اوهان هن جي ڳولا لاءِ وڏي محنت ڪئي آهي.” اهو چئي هن ڪيسٽ تي زور وڌو ۽ پلاسٽڪ ٽوڙي، ٽيپ کولڻ شروع ڪيو، برائون ٽيپ پٽ تي الجهڻ لڳو.
    ڪرسٽوفر آڏي اک سان ٽوني جي هٿ کي کيسي ڏانهن وڌندي ڏٺو، پرهيري ايڊورڊ ان کان اڳ ۾ ريوالور ڪڍي چڪو هو، ريوالور جو رخ ٽوني ڏانهن هو، “مسٽر هيرس! ڪا چريائپ نه ڪج.” هن تنبيهه واري لهجي ۾ چيو، “مسٽر ڪولنس! توهان ٿوري هي ٽيپ سنڀاليو” هن ٽيپ ڪرسٽوفر جي بي جان هٿن ۾ ڏنو ۽ ٽوني جو ريوالور وٺي پنهنجي کيسي ۾ وڌائين، “ايف بي آءِ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ اٽارني جنرل جي غير سرڪاري اسسٽنٽ جي وچ ۾ شوٽنگ جي مقابلي جي خبر سُٺي نه لڳندي.” اهو چئي هن ٽيپ ڪرسٽوفر جي هٿ مان وٺي ڇڏيو، “اوهين آر دستاويز لاءِ ان کان وڌيڪ جا حقدار نه آهيو، وڌيڪ ويجهڙائپ خراب به ٿي سگهي ٿي.” هن باٿ روم جو دروازو کوليو ۽ ٽيپ کي گينڊي ۾ وجهي، نل کولي ڇڏيو.
    “هڪ منٽ” ڪرسٽوفر هن جي پويان لڳو،” منهنجي ڳالهه ته ٻُڌ”
    “پهرين تون هي آر دستاويز ضايع ٿيندي ته ڏس ......” هيري چيو، ٽيپ تباهه ٿي چڪو هو، هيري اهو فليش ۾ وهائي ڇڏيو، پوءِ ان مان هٿ ڪڍندي چيائين، “هي اوهانجي اميد هو، جيڪو نيٺ گٽر تائين پهچي ويو، هاڻ چئو، ڇا ٿا چئو؟”
    ڪرسٽوفر ڏندن سان چپ ڪٽيندو رهيو، هاڻ چوڻ جي لاءِ رهيو به ڇا هو “اچو! جيئن اوهانکي عزت ۽ احترام سان روانو ڪري سگهجي” هيري ريوالور دروازي ڏانهن لهرائيندي اشارو ڪيو، جيستائين ٻئي دروازي مان ٻاهر نه نڪتا، تيستائين هو هنن جي مٿان بيٺو رهيو، “مسٽر ڪولنس! مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي ته تون ڪهڙي قسم جو اٽارني جنرل آهين، پر ايترو ضرور ڄاڻان ٿو ته تون ڪڏهن به ايف بي آءِ جو ايجنٽ بڻجي نٿو سگهين ۽ نه سُٺو نه ئي وري خراب، سٺا ايجنٽ ننڍڙي ڳالهه کي به نظرانداز نه ڪندا آهن، تو ۽ تنهنجي ماڻهن گهڻين ٽيليفونن ۽ هنڌن کي جاسوسي جا اوزارن کان آجو ڪري ڇڏيو، پر هڪ هنڌ وساري ويٺا، اڳوڻي اٽارني جنرل بيڪسٽر جي گهر کي. اتي اوهانجي جيڪا رڪي سان ڳالهه ٻولهه ٿي اها اوهانجي اچڻ کان اڳ اسان تائين پهچي وئي، اسانکي اندازوئي نه هو ته ڪو اسان وٽ ايتري خطرناڪ شيءِ آهي، چڱو گڊ نائيٽ.”
    ڪرسٽوفر کي شڪست جي احساس ساڻون ڪري ڇڏيو هو، اهو ٻُڌي اڃا به شڪست جو احساس وڌيڪ ستائڻ لڳس.
    “ورنن ٿامسن جي ماءُ سان حنا بيڪسٽر تنهنجي اچڻ جو ذڪر ڪيو هو اسان اوهانجي اتي پهچڻ کان اڳ ۾ ئي سڀ بندوبست ڪري ڇڏيا، اوهان سمجهي ويا، يا نه؟”


    ڪرسٽوفر، ٽوني هيرس ۽ وان ايلن بي حد مايوس ۽ ٿڪل ٿڪل ڪرسٽوفر جي گهر پهتا. رستي ۾ٽئي خاموش رهيا، ٽئي سوڳوار ويٺا هئا. گهر پهچندي ئي ڪرسٽوفر چيو “سڀاڻي هي ملڪ هنن جوهوندو.”
    “لڳي ته ائين ٿو.” ٽوني هيرس چيو
    “۽ اسين ڪاميابي جي ڪيترو نه ويجهو پهچي ناڪام ٿيا آهيون.”
    ڪرسٽوفر ٿڌو ساهه کڻي چيو، “آر دستاويز منهنجي هٿ ۾ هئي، هاڻ ته بس شراب ۾ تڙڳڻ تي دل ٿي چوي.”
    “بلڪل! هاڻ ٻيو رکيو به ڇا آهي؟... هلو ته ڪنهن بار ۾ هلي ويهون.” وان ايلن چيو
    اُهي ٽئي نڪرڻ وارا هئا، جو فون جي گهنٽي وڳي، ڪرسٽوفر هٿ وڌائي فون کنئي،” ڪرسٽوفر ڪولنس اسپيڪنگ” هن مائوٿ پيس ۾ چيو
    “آئون جمي پيو ڳالهايان، تنهنجي لاءِ هڪ سٺي خبر آهي، آئون تفصيل ۾ ته نه ويندس ... مختصر ٻڌي وٺو ... ٿامسن جو اوهانجي زال جي ڪيس جي سلسلي ۾ نئين شاهد جي دعويٰ غلط هئي، آئون خود ايڊ لازر ڪمان سان ڳالهائي آيو آهيان ۽ اوهانجي زال جي باري ۾ ٿامسن جيڪا بڪواس ڪئي هئي، اهو سڀ ڪوڙ هو.”
    ڪرسٽوفر سک جو ساهه کنيو”خدا جو شڪر آهي.”
    “مون ايڊ لاڪ کي پنهنجي پاران تحفظ جي حفاظت ڏئي زبان کولرائي. هن مڃيو ته ٿامسن کيس بليڪ ميل ڪري پنهنجي بيان ڏيڻ تي مجبور ڪيو هو. مون وٽ ايڊل جو لکت ۾ بيان موجود آهي، هاڻ ته اُبتو ٿامسن کي ئي جواب ڏيڻون پوندو .... اوهين چئو ته معاملي کي اڳيان وڌايان.”
    “نه، مون کي فقط ڪيرن جو خيال هو..... ڪيرن ڪٿي آهي.”
    “هوءَ هتي مون سان گڏ آهي ... ساڻس ڳالهايو....”
    ٻي گهڙي ڪيرن جو ٻهڪندڙ آواز ٻڌڻ ۾ آيس، پوءِ هوءَ خوشيءَ جي ڪري روئڻ لڳي. ڪرسٽوفر کيس آٿت ڏني، ڪجهه گهڙين کانپوءِ ڪيرن پاڻ کي سنڀاليو” ڪرس ڊارلنگ! هاڻ تون استعيفيٰ ڏيئي ڪيلي فورنيا وڃي سگهين ٿو، هاڻ تون ترميم جي خلاف وڙهي سگهين ٿو..... ويندين نه؟”
    “گهڻي دير تي چڪي آهي پياري! ٿامسن کٽي چڪو آهي.” ڪرسٽوفر چيس ۽ ٿڪل لهجي ۾ سڄو تفصيل ٻڌايائين “آر دستاويز جي تباهي کانپوءِ اسين جنگ هارائي چڪا آهيون.” هن چيو
    ٻئي پاسي خاموشي ڇانئجي وئي، ڪرسٽوفر ڪيترائي ڀيرا ڪيرن کي سڏيو، پوءِ ڪيرن جو زندگي سان ڀرپور آواز ٻُڌڻ ۾ آيو، “تون ڪجهه وساري رهيو آهين، توکي ان ڪيسٽ جي ڪاپي ملي سگهي ٿي.”
    ڪرسٽوفر چڪرائجي ويو، ڳالهه هن جي سمجهه ۾ نه آئي،” ڪهڙي ڪاپي .... ڇا پئي چوين؟”
    “ياد ڪونه اٿئي... ان رات ٿامسن جي سوانح لکندڙ .... ڇا آهي هن جو نالو؟”
    “ينگ !” ڪرسٽوفر وچ ۾ ڳالهايو.
    “ها، مسٽرينگ ٻڌايو هو ته ٿامسن پنهنجي سوانح لکڻ جي سلسلي ۾ ڪيتريون ئي ڪيسٽون ۽ ڪاغذ ڪاپي ڪرڻ جي لاءِ ڏنا هئا. ان هن ۾ ڪرنل بيڪسٽر جا ڪاغذ ۽ ڪيسٽون به هيون.”
    ڪرسٽوفر کي ڄڻ ڪنهن ڏنگ هڻي ڪڍيو “ها..... ها..... ها.... اهو ممڪن ته آهي، بلڪه يقيني آهي. آئون اجهو چيڪ ٿو ڪريان .... توسان هتي ئي گهر ۾ ملاقات ٿيندي.”


    قسط 21

    ڊائريڪٽري ۾ ينگ جو فون نمبر ۽ پتو موجود هو. فون ڪرڻ تي خبر پئي ته هو گهر موجود نه هو، البته هن جو رڪارڊ ٿيل، پيغام مليو “هيلو! آئون ينگ پيو ڳالهايان هينئر آئون ڪنهن تقريب ۾ پيو وڃان هڪ بجي موٽي ايندس.”
    اُهي ٽئي ويٺا وقت گذاريندا رهيا، ينگ هاڻ هن جي آخري اميد هو، ان ڳالهه جو به امڪان هو ته ٿامسن کيس ‘اي جي جي’ جنوري کيس ڪاپي ڪرڻ جي لاءِ ڏنو هجي ان صورت ۾ آر دستاويز اڃا به هنن جي هٿ چڙهي سگهيو ٿي، هو ويٺا گهڙي ڏسندا رهيا، هڪ هڪ منٽ ڳڻيندا رهيا، يارهين بجي تائين جي اوسيئڙي هنن جي شڪل ئي بگاڙي ڇڏي. هنن فيصلو ڪيو ته باقي انتظار ينگ جي گهرجي ٻاهران هلي ڪجي، هو ٽوني جي ڪار ۾ ويٺا ۽ فريڊر ڪس برگ ڏانهن روانا ٿي ويا، هڪ ڪلاڪ پنجن منٽن کانپوءِ هنن ينگ جي بنگلي جي سامهون ڪار بيهاري ۽ ڪرسٽوفر لهي ڪيترائي ڀيرا ڪال بيل دٻائي، پر ينگ اڃا واپس نه آيو هو، کين اوسيئڙي جو هڪ ٻيو عذاب ناڪ ڪلاڪ گذارڻو هو.
    هڪ لڳي پنجن منٽن تي هڪ ڪار جون لائيٽون نظر آيون اها هڪ ڳاڙهي رنگ جي اسپورٽس ڪار هئي، جيڪا بنگلي جي “ڊرائيو وي” ۾ داخل ٿي، ينگ ڪار مان لٿو ۽ ڪار جو دروازو بند ڪيائين،پوءِ هن شڪي نظرن سان ٽوني جي ڪار کي ڏٺو ۽ تيزيءَ سان پنهنجي بنگلي ڏانهن وڌيو.
    ڪرسٽوفر هن جي پويان لڳو، گڏوگڏ هن رڙ به ڪئي، “ينگ هيءَ آئون آهيان ڪرسٽوفر”
    ينگ دروازو کولي گهر ۾ گهڙڻ وارو هو، جو سڏ ٻڌي بيهي رهيو، ٽوني ۽ وان ايلن ينگ جي پويان هئا.
    “خدا جي پناهه!” ينگ اطمينان جو ساهه کڻندي چيو،”تو ته مونکي ڊيڄاري ڇڏيو ..... مون سمجهيو ته اڄ ڦر جي ويس.” پوءِ هن کي ٽوني ۽ وان ايلن نظر آيا.
    “هي .... هيتري رات جو ...”
    “آئون توکي اهو سمجهايان ٿو” ڪرسٽوفر جلدي جلدي تعارف ڪرايو، پوءِ ينگ کي چيائين،”تون اسانجي مدد ڪري سگهين ٿو ... آئون توکي ٻُڌائي نٿو سگهان ته معاملو ڪيترو نه اهم آهي.”
    “اندر اچو.” ينگ چيس
    “سڀ ڊرائنگ روم ۾ وڃي ويٺا ينگ جيڪٽ لاهيندي چيو، “هاڻ ٻڌايو ... رات جو هڪ بجي اوهانکي مون سان ڪهڙو ڪم اچي پيو آهي آئون ته صفا بيڪار ماڻهو آهيان.”
    “تون پنهنجي اهميت کان واقف ناهين ينگ !”ڪرسٽوفر چيس” پهرين اهو ٻڌائي ته تون 35 هين ترميم کي رد ٿيندي ڏسڻ چاهين ٿو يا نه؟”
    “ان لاءِ ته آئون دنيا جو هر ڪم ڪري سگهان ٿو، پر مسٽر ڪولنس، هاڻ اهو ممڪن ڪونهي، سڀاڻي شام بلڪ اڄ جي شام ڪيلي فورنيا سينٽ ان جي توثيق...”
    “هڪ امڪان اڃا به آهي ۽ ان جو مدار توتي آهي ... تون ٿامسن جي ڪتاب جي سلسلي ۾ تحقيقاتي مواد ڪٿي رکندو آهين؟”
    “پاسي واري ڪمري ۾ .... مون ان کي اسٽڊي بنائي ورتو آهي... ڏسڻ چاهيو ٿا؟” ينگ چيو
    هو پاسي واري ڪمري ۾ هليا آيا دريءَ جي ڀرسان هڪ ميز هئي، جنهن تي ڪاغذن جو ڍڳ پيو هو، هڪ پاسي آءِ بي ايم جو ٽائيپ رائٽر رکيو هو، سامهون واري ڀت سان گڏ هڪ ڊرائنگ ٽيبل لڳل هئي، ان تي به ڪاغذن جو ڍڳ رکيو هو ميز جي هڪ ڪنڊ ۾ ٽيپ ڪارڊ پيو هو، ڀرسان ئي ٻه پور ٽيبل ٽيپ ريڪارڊ رکيا هئا، جيڪي شايد ڪيسٽن جي ڪاپي جي سلسلي ۾ استعمال ٿيندا هئا، ٽين ڀت سان گڏ به فائلنگ ڪيبنيٽ رکيل هيون.
    “هي منهنجو ڪٻاڙ خانو آهي.” ينگ معذرت واري لهجي ۾ چيو، “پر ڇا ڪريان. آئون شين کي ائين ئي پکيڙي ڪم ڪرڻ جو عادي آهيان ۽ ها ته مسٽر ڪولنس! آئون اوهانجو ٿورائتو آهيان، آئون ۽ ايمي سڄي عمر اوهانجا ٿورائتا رهنداسين.”
    “اها فضول ڳالهه آهي، البته هينئر مونکي تنهنجي مدد جي ضروت آهي، ان جو واسطو ٿامسن جي ڪتاب جي سلسلي ۾ تنهنجي ريسرچ سان آهي، پر شرط اهو آهي ته منهنجي گهربل شيءِ موجود هجي.”
    ينگ فڪر مند نظر اچڻ لڳو،”آئون هر ممڪن خدمت جي لاءِ حاضر آهيان.”
    هن چيو، “پر اوهانکي خبر آهي ته هي سڄو مواد ڳجهي نوعيت جو آهي مون ورنن ٿامسن سان پنهنجي عزت جو قسم کڻي واعدو ڪيو هو ته اهي شيون ڪنهن کي به نه ڏيکاريندس ...؟ جيڪڏهن کيس خبر پئجي وئي ته مون اوهانکي ڪجهه ڏيکاريو آهي ته ...! هو چوندي چوندي بيهي رهيو...” پوءِ مضبوط لهجي چيائين، “لعنت هجيس، اوهان منهنجي لاءِ وڏو خطرو کنيو آهي ... ته ڇا آئون اوهانجي لاءِ ڪو خطرو کڻي نٿو سگهان ... ٻڌايو اوهانکي ڇا کپي ؟”
    “توکي ياد آهي ته ان رات ڊنر جي دوران تو ٻڌايو هو ته ٿامسن توکي ڪرنل بيڪسٽر جي ڪجهه فائيلن جا نقل ٺهرائڻ جي لاءِ ڏنا آهن ان هن ۾ ڪجهه ڪيسٽون به هيون.”
    “هائو! سڀني فائيلن جا نقل ٺهرائي چڪو آهيان .... پر ڪيسٽون....”
    ڪرسٽوفر جي دل ٻڏڻ لڳي.
    “ڪيسٽن تي ڪم اڃا به جاري آهي.” ينگ چيو،” ان هن جي لاءِ مون کي ٻيو ٽيپ مسواڙ تي وٺڻو پيو، ڪجهه ڪيسٽن جي ڪاپي ڪرڻ جو ڪم اڃا به رهيل آهي.”
    “ڪرنل بيڪسٽر جي ڪيسٽن جي باري ۾ ٻڌائي،؟” ڪرسٽوفر پڇيس
    “ڪرنل بيڪسٽر جي رڪارڊ مان ٿامسن مونکي جيتريون ڪيسٽون ڏنيون هيون، آئون انهن جي ڪاپي ٺهرائي چڪو آهيان.”
    “تو ڪا ڪيسٽ ٻُڌي به آهي.”
    “نه اڃا تائين ٻڌڻ جو نه موقعو مليو اٿم نه ئي فرصت.”
    “اصل ڪيسٽ ڪيڏانهن ڪيئي...؟”
    “انهن جون ڪاپيون ٺهرائي ٿامسن کي واپس ڪري ڇڏيون اٿم، انهن جون ڪاپيون مون وٽ آهن.”
    “توکي ڪيئن خبر پوندي ته ڪهڙي ڪيسٽ ۾ ڇا آهي؟”
    “مون هر ڪيسٽ تي اصل ڪيسٽ جو عنوان به لکي ڇڏيو آهي”
    “مونکي هڪ اهڙي ڪيسٽ جي ڳولا آهي، جنهن تي اي جي جي جنوري، لکيل هجي.”
    “اجهو ٿو ڏسان.” اهو چئي ينگ هڪ فهرست چيڪ ڪرڻ شروع ڪئي ڪرسٽوفر بيچيني مان کيس ڏسڻ لڳو. ڪجهه گهڙين کانپوءِ ينگ خوش ٿيندي ٻڌايو،” هائو، موجود آهي.”
    “توکي يقين آهي ته ان ڪيسٽ جي ڪاپي تو وٽ آهي؟” ڪرسٽوفر جي لهجي ۾ بي يقيني هئي.
    “سئو سيڪڙو يقين اٿم.”
    “واهه ....” ڪرسٽوفر سوڀاري لهجي ۾ رڙ ڪئي ۽ ينگ سان ٻکجي ويو. “ينگ! تون تصور به نٿو ڪري سگهين ته تو ڪيڏو نه وڏو ڪم ڪيو آهي.”
    ينگ جي نظرن ۾ مونجهارو هو، هن جي سمجهه ۾ ڪجهه به نه پي آيو “مون! مون ڇا ڪيو آهي؟”
    “تو اسان کي آر دستاويز فراهم ڪيو آهي.”
    “آر دستاويز ؟.... اها وري ڪهڙي بلا آهي.”
    “ان چڪر ۾ نه پئو..” ڪرسٽوفر هيجاني لهجي ۾ چيو، “تون اسان کي اها ڪيسٽ ٻڌائي”
    ينگ، ڪيسٽ، ٽيپ رڪارڊ ۾ لڳائي، ڪرسٽوفر، ٽوني هيرس ۽ وان ايلن ميز جي ويجهو اچي ويا، هو پنهنجي هيجاني ڪيفيت لڪائڻ ۾ ناڪام ٿي رهيا هئا، ينگ، ٽيپ رڪارڊ جو پلگ ساڪٽ ۾ لڳايو؟ نظرون کڻي هنن کي ڏسندي چيائين،” خبر ڪونهي ته ڪهڙو چڪر آهي بهرحال، اوهين ڪيسٽ ٻڌڻ جي لاءِ تيار آهيو ته آئون به تيار آهيان.”
    “اسين تيار آهيون.” ڪرسٽوفر چيو ۽ پاڻ اڳيان وڌي پلي جو بٽڻ دٻايائين. ڪيسٽ چرپر ۾ آئي، هڪ گهڙي کانپوءِ ڪمرو ورنن ٿامسن جي آواز سان ٻُرائجي ويو.


    ڪرسٽوفر، ڪيڊ هڪ ڪار جي پوئين سيٽ تي بي چين ويٺو هو، هو سان فرانسيسڪو ، مان ان ڪار ۾ ويٺو هو ۽ هاڻ سڪرا منٽو جي ٻاهرين علائقي مان لنگهي رهيو هو. هن اڳيان جهڪندي ڊارئيور کي هڪ ڀيرو ٻيهر چيو، “تون وڌيڪ تيز هلائي نٿو سگهين!”
    “آئون انتهائي تيز رفتاريءَ سان پيو هلايان سائين؟ ٽريفڪ جي هن ميڙ ۾ هن کان وڌيڪ تيز هلائڻ ممڪن ڪونهي.” ڊرائيور جواب ڏنو
    ڪرسٽوفر پنهنجي بي چينيءَ تي قابو پائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو هو، هن ختم ٿيندڙ سگريٽ مان ٻيو سگريٽ دکايو ۽ دري مان ٻاهر ڏٺو، شهر جا آثار چٽا ٿيندا پي ويا، ان مهل هو سڪرانمٽو ۾ داخل ٿي چڪا هئا، هاءِ وي تي پهچي ڊرائيور پنهنجي رفتار وڌائي ڇڏي، ڪرسٽوفر کي احساس هو ته هو وقت جي تنگي جي سنگين مسئلي سان منهن مقابل آهي.
    هو سوچيندو رهيو ته هن ڊگهي جدوجهد کانپوءِ جيڪا ڪاميابي ماڻي آهي، اها وقت جي معمولي فرق سان بيڪار ثابت ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن ائين ٿيو، ته اها بدقسمتي ئي هوندي، اهو ڪوهيڙو، جيڪو هن جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻيو هو، اهو هٽي رهيو هو، پر اها ڳالهه يقيني هئي ته سڪرانمٽو ايئرپورٽ جو نظام اڃا بحال نه ٿيو هوندو.
    پروگرام موجب کيس هوائي جهاز جي ذريعي ڪيلي فورنيا جي وقت موجب ٻارهن لڳي 25 منٽ تي سڪرامنٽو پهچڻو هو. هڪ بجي کيس ڊربي ڪلب ۾ اولن ڪيف سان ملڻون هو. اولن ڪيف، ليفٽيننٽ گورنر ڊوفيلڊ ۽ سينٽ جي صدر ايب سان ملڻ جي لاءِ ٽائيم ورتو هو. سينٽ ۾ 35 هين ترميم تي آخري ووٽنگ ٻين بجي ٿيڻي هئي. بلڪه ٻنهي ايوانن جي گڏيل قرار داد پڙهجڻي هئي، ووٽنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ اها رڪجي نه پي سگهجي. نه ئي وري ٻيهر ڳڻپ ٿي پي سگهي ۽ نه ئي ووٽنگ جو فيصلو رد ٿي پي سگهيو، پراڻي زماني ۾ هڪ قرارداد تي ٻيهر غور ٿي پي سگهيو. 1972ع ۾ 27 هين ترميم جي موقعي تي ائين ٿي چڪو هو. ٻن رياستن ۾ مونٽ ۽ ڪنڪٽي ڪٽ پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري ورتي هئي، پر هاڻ گهڻين رياستن ۾ خاص ڪري ڪيلي فورنيا ۾ ان ڳالهه جي موڪل نه هئي، ٻين لفظن ۾ 35 هين ترميم منظور ٿي وڃڻ کانپوءِ نظرثاني جي گنجائش نه هئي. اها ٿامسن جي سوڀ ۽ عوام جي شڪست ٿئي ها.
    ڪرسٽوفر گهڙيءَ ۾ وقت ڏٺو ٻن مان اوڻيهه منٽ گهٽ هئا، هن سگريٽ جو ڪش هڻندي گذريل رات بلڪه اڄ صبح جو يادن کي تازو ڪيو ينگ جي ڏنل ڪيسٽ ٻڌندي ئي هو خوشي ۽ فتح جي احساس سبب ڄڻ چريا ٿي پيا. هنن جون اميدون ٻيهر ڪري موڙي اُٿيون ۽ کين صورتحال جي سنگيني جو به احساس ٿي ويو، هاڻ هنن جي ڪلهن تي ڳريون ذميواريون هيون هنن جو حڪم جهاد جو درجو اختيار ڪري ويو، صبح جو ٻين بجي فريڊر ڪس برگ مان انصاف کاتي ڏانهن واپس ورندي سفر ۾ هنن پنهنجا پنهنجا فرضن طئي ڪري ورتا هئا، وقت گهٽ ۽ ڪم گهڻو هو، ڪرسٽوفر جي آفيسر مان نڪري هو پنهنجو پنهنجو فرض پورو ڪرڻ جي لاءِ روانا ٿي ويا، فون ڪال جي ذميواري ڪرسٽوفر تي وڌي وئي. هو اٽارني جنرل جي حيثيت سان هڪدم ڌيان حاصل ڪري وٺي ها. ٽوني هيرس جي ذمي ڪيسٽ مان ٿامسن جي آواز جي پرنٽ ڪڍرائڻ ۽ اهو سرٽيفڪيٽ وٺڻ جو هو ته جيئن واسطيدار ماڻهن کي اهو يقين ڏياري سگهجي ته اهو آواز ٿامسن جو ئي آهي. وان ايلن کي ڪيليفورنيا ويندڙ فلائيٽ تي ڪرسٽوفر جي سيٽ بوڪ ڪرائڻي هئي. ملٽري جهاز استعمال ڪرڻ جو مشورو به ويچار هيٺ آيو. پر ڪرسٽوفر اهو رد ڪري ڇڏيو ته ايئن ٿامسن اينڊ ڪمپني کي خطري جو احساس ٿي سگهي ٿو ۽ هو سندن راهن ۾خطرناڪ رڪاوٽون کڙيون ڪري پي سگهيا. تنهن کانسواءِ ڪرسٽوفر جي لاءِ آر دستاويز جي ڪاپي ٺهرائڻي هئي ۽ ڪرسٽوفر جي لاءِ ٽيپ رڪارڊ مهيا ڪرڻو هو.
    ڪرسٽوفر کي سونپيل ڪم کانسواءِ باقي ٻيا سڀ ڪم خير خوبيءَ سان ٿي ويا. ٽوني هيرس مشهور آوازن جي ماهر کي جاڳايو ڊاڪٽر لينارٽ سان هن جا ذاتي لاڳاپا هئا، هن ڊاڪٽر کي ڪيسٽ ڏني ته جيئن هو ٿامسن جي آواز جو مشين پرنٽ مهيا ڪري سگهي. ڀيٽ جي لاءِ ٿامسن جي تقريرن جا نمونا به فراهم ڪيا ويا. ڊاڪٽر ليارٽ پنهنجي ليبارٽري ۾ ڪم ۾ مصروف ٿي ويو. ٻن ڪلاڪن کانپوءِ هن لکت ۾ تصديق ڪئي ته ڪيسٽ وارو آواز ٿامسن جو آهي. ان دوران وان ايلن پنهنجو ڪم ڪري چڪو هو. ڪرسٽوفر کي اٺ لڳي ڏهن منٽن واري فلائيٽ ۾ شڪاگو روانو ٿيڻو هو. شڪاگو مان ڏهه لڳي ڏهن منٽن واري فلائيٽ ۾ کيس سڪرانمٽو پهچڻون هو.
    ڪرسٽوفر جو ڪم بهرحال ڏکيو هو. کيس ڪيليفورنيا اسٽيشن ۾ سينيٽ جي آفيسرن کي پنهنجي اوچتو اچڻ جو اطلاع ڏيئي اهو ٻڌائڻو هو ته وٽس هڪ خطرناڪ ۽ تباهه ڪندڙ شاهدي موجود آهي. جيڪا 35هين ترميم ٿيندڙ ووٽنگ تي اثر انداز ٿي سگهي ٿي. ان حوالي سان کيس واسطيدار آفيسر کان ملاقات جو وقت وٺڻون هو. هو فون تي کين آر دستاويز جو تفصيل ٻڌائي نٿي سگهيو. آر دستاويز تي ته فقط ٻڌي ئي يقين ڪري ٿي سگهيو. پوءِ ته خطرو هي هو ته جيڪڏهن ٿامسن کي ڪٿان سڻس به پئجي وئي ته هو ڪو وڏو قدم کڻي سگهي ٿو.
    هن ڪيليفورنيا جي گورنر ڊوفليڊ جي گهر جو فون نمبر ملايو. گهنٽي وڄندي رهي، پر ڪنهن به رسيور نه کنيو. وقفي وقفي سان هن ڪيترائي ڀيرا نمبر ملايو، پر بيڪار. ان جو مطلب اهو ٿي پي سگهيو ته يا ته نمبر خراب هو يا وري ڊوفيلڊ رات جو ڊسٽرب ٿيڻ کان بچڻ جي لاءِ رسيور هيٺ رکي ڇڏيو هو.
    ان پاسي کان مايوس ٿيڻ کانپوءِ هن ڪيليفورنيا سينيٽ جي صدر سينيٽر ايب جو نمبر ملايو. پهريون ٻه ڪالون رائگان ويون. ٽين ڪال تي مسز ايب جو ننڊ ۾ ٻڏل آواز ٻڌڻ ۾ آيو. هن ٻڌايو ته سينيٽر ايب شهر کان ٻاهر ويل آهي. البته سڀاڻي صبح جو ساڻس سندس آفيس ۾ ملاقات ٿي سگهي ٿي.
    ڪرسٽوفر جي مايوسيءَ جي انتها نه رهي. هن جي سمجهه ۾ نه پي آيو ته هاڻي ڪنهن سان رابطو ڪري. هن وائيٽ هائوس، صدر گلبرٽ کي فون ڪرڻ جو سوچيو، پر اهو ثابت ٿي چڪو هو ته صدر صاحب 35ترميم جو زبردست حامي هو. اهو سوچي ته ٻين حالتن کي هو پنهنجي طور تي منهن ڏيئي سگهي ٿو، اهو خطرو کڻي نه ٿو سگهجي.
    پوءِ اوچتو کيس اولن ڪيف جو خيال آيو. اولن ڪيف جو نمبر هڪدم ملي ويس. ڪرسٽوفر بنا ڪنهن رسمي دعا سلام جي چيو، “آئون اڄ هڪ بجي سڪرانمٽو پهچي رهيو آهيان، مون وٽ 35هين ترميم جي خلاف هڪ زبردست شاهدي آهي، جيڪا ووٽنگ کان اڳ ٻڌڻ کپي. تون ليفٽينٽ گورنر ڊوفليڊ ۽ سينيٽ جي صدر ايب سان منهنجي ملاقات طئي ڪرائي سگهن ٿو. منهنجو ساڻس رابطو نه پيو ٿئي.”
    “هو هڪ بجي ڊربي ڪلب ۾ مانجهاندو ڪري رهيا هوندا. پوڻين ٻين بجي تائين هو اتي هوندا. آئون کين تنهنجو انتظار ڪرڻ جي درخواست ڪندس، بلڪه ساڻن گڏ رهندس.”
    “کين ٻڌائج ته اهو معاملو بي حد اهم، بلڪه سئو سيڪڙو ارجنٽ آهي.”
    “آئون پنهنجو ڪم ڪندس بس تون رڳو وقت تي پهچي وڃج. جيڪڏهن هو چيمبر فلور تي هليا ويا ۽ ووٽنگ شروع ٿي ويئي ته پوءِ تون انهن تائين پهچي نه سگهندين.”
    “آئون وقت تي پهچي ويندس.” ڪرسٽوفر واعدو ڪيو.
    هڪ حد تائين هر ڪم شيڊيول موجب ٿيو. هو وقت تي شڪاگو پهچي ويو. سڪرامنٽو به وقت تي پهچڻ يقيني هو. پر پوءِ خبر پئي ته سڪرامنٽو ايئرپورٽ ڌنڌ ۾ ويڙهيل آهي. تنهنڪري فلائيٽ سان فرانسڪو شفٽ ڪيئي ويئي. سان فرانسسڪو کان، سڪرامنٽو جو فاصلو اسي ميل هو ۽ جهاز کي ساڍي ٻارهين بجي سان فرانسسڪو پهچڻو هو.
    ان سفر جي دوران ڪرسٽوفر پهريون ڀيرو فڪرمند ٿيو. هو ماضيءَ ۾ به سان فرانسسڪو مان ڪار جي ذريعي سڪرامنٽو وڃي چڪو هو. اهو لڳ ڀڳ ڏيڍ ڪلاڪ جو سفر هو. سان فرانسسڪو مان هن اولن ڪيف، ڊونلڊ ۽ ايب کي فون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪنهن سان به ڳالهه ٻولهه نه ٿي سگهيس. نيٺ هن ڊرائيور سميت هڪ ڪيڊ لڪ ڪار حاصل ڪئي ۽ ڊرائيور کي سڪرامنٽو هلڻ جي هدايت ڪئي.
    هاڻ اها ڳالهه اطمينان بخش هئي ته ڪيڊلڪ، سڪرامنٽو جي حد ۾ داخل ٿي چڪي هئي، ڊرائيور ڪرسٽوفر کان پڇيو ڪٿي هلڻو آهي. ڪرسٽوفر هن کي ڊربي ڪلب هلڻ جي لاءِ چيو. ڪجهه گهڙين کان پوءِ هو ڊربي ڪلب پهچي ويا. “گاڏي هتي ئي بيهار. “ ڪرسٽوفر ڊرائيور کي چيو. “مونکي واپسي ۾ ڪا گهڻي دير نه لڳندي.” اهو چئي هن دروازو کوليو ۽ اٽيچي ڪيس ڪيس کڻي ٻاهر نڪتو. ٽيپ ريڪارڊ ۽ ڪيسٽ اٽيچي ڪيس ۾ موجود هئا. هن گهڙي ڏٺي. ٻن ۾ نو منٽ گهٽ هئا. هو ايڪونجاهه منٽ ليٽ هو. سوال اهو هو ته ڇا اولن ڪيف، ڊونلڊ ۽ ايب کي هيستائين روڪڻ ۾ ڪامياب ويو؟
    هو جلدي ڪلب ۾ گهڙيو. هن جو منهن لهي ويو. طعام گاهه ۾ فقط هڪ شخص موجود هو، اولن ڪيف هن کي ڏسندي ئي ڏانهنس ڊوڙيو، “ڇا ٿيو؟ آئون ته مايوس ٿي ويو هئس.” هن چيو.
    ڪرسٽوفر کيس مختصر طور تي پنهنجي دير جو سبب ٻڌايو. پوءِ هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي پڇيو.” ڊونلڊ ۽ ايب ڪٿي آهن؟”
    “آئون کين ايتري دير ته روڪي نٿي سگهيس.” اولڊ ڪيف معذرت ڪئي، “کين ووٽنگ جو انتظام به ڪرڻو هو. قرارداد جي پڙهڻي ۽ ووٽنگ جي لاءِ پيش ڪرڻ جي شروعات ڪرڻ ۾ اڃان ست منٽ آهن. آئون پڪ سان ته ڪجهه چئي نٿو سگهان. بهرحال کين ٻاهر آڻڻ جي ڪوشش ڪري سگهون ٿا.”
    “اهو تمام ضروري آهي” ڪرسٽوفر جو آواز ڏڪي رهيو هو.
    هو تيزيءَ سان ڪلب مان نڪتا ۽ ڀڄندا پرهجوم يارهين اسٽريٽ تي ڪيپيٽل بلڊنگ طرف وڌيا. “سينيٽ چيمبر بلڊنگ جي ڏاکڻي حصي ۾ ٻي ماڙ تي آهي. دروازو بند ٿيڻ کان اڳ اسانجو اتي پهچڻ ڏکيو آهي.”
    ڪرسٽوفر ڪو به تبصرو نه ڪيو. هو ٻئي ڀڄندا بلڊنگ ۾ گهڙيا. اولن ڪيف ڏاڪڻين طرف اشارو ڪيو، ڏاڪڻيون چڙهندي هن ڪرسٽوفر کي چيو، “توکي خبر آهي ته اڄ صبح جو ورنن ٿامسن هتي آيو هو؟”
    “هائو! مونکي خبر آهي. اهو ٻڌائي ته هن ڪهڙو تاثر ڇڏيو؟”
    “ڏاڍو سٺو، هو گهڻو ڪامياب رهيو. هن دستور ساز ڪميٽي کي هيپناٽائيز ڪري ورتو. جيڪڏهن توکي 35هين ترميم کي منظوريءَ کان روڪڻو آهي ته هن کان سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي.”
    “جيڪڏهن مونکي موقعو ملي ويو ته آئون هن کان وڌيڪ ڪامياب ثابت ٿيندس.” ڪرسٽوفر اٽيچي ڪيس تي هٿ هڻندي چيو، “مون وٽ اها واحد شاهدي آهي، جيڪا ورنن ٿامسن کي تباهه ڪري سگهي ٿي.”
    “ڪير؟”
    “ٿامسن پاڻ ئي،” ڪرسٽوفر پرسرار لهجي ۾ چيو.
    هاڻ هو سينيٽ جي دروازي تائين پهچي ويا هئا. چاليهن سينيٽرن مان گهڻا تڻا پنهنجي پنهنجي سيٽن تي ويهي چڪا هئا. ڪجهه دروازي جي ٻاهران بيٺا وڙڪي رهيا هئا، ليفٽيننٽ گورنر ڊوفيلڊ هٿ ۾ مائيڪرو فون جهليو، ڊائيس تي بيٺو هو.
    “لک لعنت!” اولن ڪيف بڙ بڙ ڪئي، “سارجنٽ ايٽ آرمز دروازو بند ڪرڻ وارو آهي.”
    “تون ڪنهن نموني ڊوفيلڊ تائين پهچي نٿو سگهين.”
    “ڪوشش ڪريان ٿو.” اولن ڪيف چيو ۽ چيمبر ۾ گهڙي ويو. اتي هو هڪ سارجنٽ سان بحث ڪندو رهيو، جيڪو کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. پوءِ هو غاليچي تان هلندو اڳيان وڌيو، پوءِ ڊيم تي پهچي هن سينيٽ جي صدر کي سڏيو. ڪرسٽوفر خاموش بيٺو هو اهو سڀ ڏسندو رهيو. خاموش ان ڪري ته هن تائين ڪو به آواز نه پي پهتو. ڊوفيلڊ جهڪي، اولن ڪيف جي ڳالهه ڌيان سان ٻڌي پوءِ هن هٿ سان سينيٽرن جي ڀريل سيشن طرف اشارو ڪيو. ڪيف وري به ڪجهه چيو، نيٺ ڊوفلڊ ناڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي هيٺ لٿو. هنن جي وچ ۾ ٻيهر ڳالهه ٻولهه ٿي. اولن ڪيف ڳالهائيندو رهيو. پوءِ هن ڏانهن اشارو ڪيائين، جيڏانهن ڪرسٽوفر بيٺو هو. ڊوفيلڊ ڪجهه گهڙيون مونجهاري جو شڪار رهيو. هو فيصلو نه پي ڪري سگهيو. پوءِ هٻڪ جي باوجود به هو اولن ڪيف سان گڏ اوسيئڙي ۾ بيٺل ڪرسٽوفر ڏانهن وڌي آيو.
    ڊوفليڊ خوش ڪو نه پي نظر آيو. “محترم اٽارني جنرل، فقط اوهانجي احترام جي ڪري ڊيم تان لٿو آهيان. اسيمبلي جي ميميبر اولن ڪيف ٻڌايو آهي ته اوهان وٽ 35هين ترميم بابت اهم شاهدي آهي، جيڪا ووٽنگ کان اڳ سامهون اچڻ گهرجي.”
    “هائو! نه رڳو اهو پر اهو به ضروري آهي ته هر سينيٽر پاڻ ئي اها شاهدي ٻڌي.” ڪرسٽوفر چيو.
    “ان جو بندوبست ڪرڻ ته ممڪن ڪونهي. گهڻي دير ٿي ويئي آهي. مسٽر اٽارني جنرل! سڀئي اهم شاهد دستور ساز ڪميٽي جي سامهون پيش ٿي چڪا آهن. اهو سلسلو چئن ڏينهن کان جاري هو ۽ اڄ صبح جو ايف بي آءِ جي ڊائريڪٽر ورنن ٿامسن جي شاهدي کانپوءِ بند ٿيو آهي. هاڻ ڪو به مباحثو ممڪن ڪونهي. تنهنڪري اوهانجي شاهدي بحث جي لاءِ هائوس ۾ پيش نٿي ڪري سگهجي. هاڻ 35هين ترميم جي قراردار پڙهجڻ واري آهي. ان کانپوءِ ووٽنگ جو مرحلو آهي. آئون پروسيس ۾ مداخلت ڪري نٿو سگهان.”
    “ان جي هڪ صورت آهي” “ڪرسٽوفر چيو. “اوهين چيمبر کان ٻاهر نڪري منهنجي شاهدي ٻڌي وٺو. ايتري دير سيشن کي ملتوي رکو.”
    “پر اها ته بي قائدگي ۽ ضابطي جي خلاف ڳالهه ٿيندي.”
    “آئون اوهانجي ۽ سينيٽرز جي سامهون جيڪو ڪجهه پيش پيو ڪريان اها ڪا معمولي شيءِ ڪونهي. اها به وڏي بي قائدگي آهي. اها شاهدي مونکي ڪلهه رات ملي آهي ۽ آئون فوري طور تي ڪيليفورنيا هليو آيو آهيان. اها شاهدي اوهان جي لاءِ، سينيٽ جي لاِءِ، ڪيليفورنيا رياست جي عوام جي لاءِ ۽ سڄي آمريڪا جي لاءِ گهڻي اهميت واري آهي. جيڪو ڪجهه منهنجي اٽيچي ڪيس ۾ موجود آهي، ان کي ٻڌڻ کانسواءِ اوهين 35هين ترميم جي باري ۾ ڪو صحيح فيصلو ڪري نٿا سگهو.”
    ڪرسٽوفر جي لهجي ۾ ايتري ته سختي ۽ يقين هو جو وفيلڊ متاثر ٿيڻ کانسواءِ رهي نه سگهيو. “اوهان جيڪو ڪجهه چيو آهي، ان جي باوجود به آئون ووٽنگ روڪرائي نٿو سگهان.”
    “ڪورم پورو نه هجي ته ووٽنگ نٿي ٿي سگهي.” ڪرسٽوفر چيو.
    “اوهين چاهيو ٿا ته سينيٽرن جي گهڻائي فلور کان غير حاضر رهي، نه مسٽر اٽارني جنرل ايئن ڪم نه هلندو. سينيٽرن کي واپس آڻڻ جي لاءِ تحريڪ پيش ڪئي ويندي ۽ سارجنٽ ايٽ آرنر سڀني غير حاضر سينيٽرن کي فلور تي وٺي ايندو.”
    “پر ان وقت تائين آئون پنهنجي شاهدي پيش ڪري چڪو هوندس.” ڊوفيلڊ شڪي لهجي ۾چيو، “آئون ڪجهه چئي نٿو سگهان، پر اهو ته ٻڌايو اوهين گهڻو وقت وٺندا؟”
    “فقط ڏهه منٽ.”
    “۽ سينيٽرن کي شاهدي ڪيئن ٻڌرائي ويندي؟”
    “اوهين کين غير رسمي طور تي ويهن ويهن جي ٻن گروپن ۾ وٺي ايندا. اوهين کين اهو سڀ ڌيان سان ٻڌڻ جي هدايت ڪجو، جيڪو اوهين خود اڳ ۾ ٻڌي چڪا هوندا ۽ اوهين يقين ڪريو ته منهنجي شاهدي ٻڌڻ کانپوءِ اوهين اها سينيٽرن کي به ٻڌائڻ پسند ڪندا. ان کانپوءِ ڀلي ووٽنگ ڪرائي وٺجو.”
    ڊوفليڊ اڃا به هٻڪي رهيو هو. “مسٽر اٽارني جنرل! اوهانجي درخواست معمول کان هٽي ڪري آهي. بنهه غير معمولي آهي.”
    “مون عرض ڪيو ته آئون جيڪا شاهدي پيش پيو ڪريان، اها به غير معمولي آهي.” ڪرسٽوفر اٽيچي ڪيس تي هٿ هڻندي چيو. هو ڪابينا جي آفيسر جي حيثيت سان پنهنجي پوزيشن کان به چڱي طرح واقف هو. هو گهڻو زرو ڀري پي سگهيو، دٻاءُ وجهي پي سگهيو، پر کيس خبر هئي ته رياستن جا عملدار رياستن جي حقن جي سلسلي ۾ ڪيترا نه حساس هوندا آهن. تنهنڪري صورتحال جي سنگينيءَ جي باوجود به هن پنهنجو صبر ۽ لهجي جي نرمي برقرار رکي.
    “مونکي خبر ڪونهي، آئون ته فقط ايترو ڄاڻان ٿو ته منهنجي شاهدي جي سلسلي ۾ اوهين ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان وقت ڪڍي سگهو ٿا. ڪو نه ڪو طريقو ۽ ڪو نه ڪو ضابطو ضرور هوندو.”
    “هائو! ڪجهه سبب اهڙا ٿي سگهن ٿا. جو وقتي طور تي ووٽنگ روڪرائي سگهجي ٿي. جيڪڏهن اوهان وٽ ڪا اهڙي شاهدي آهي، جيڪا ٻنهي ايوانن جي گڏيل ۽ مجوزه قرار داد کي فراڊ ثابت ڪندي هجي. يا اهو ثابت ڪندي هجي ته قرار داد سازش تي ٻڌل آهي. جيڪڏهن اوهين اهو ثابت ڪري سگهو ته....”
    “آئون ان کي ملڪ ۽ قوم جي خلاف سازش ثابت ڪري سگهان ٿو.” ڪرسٽوفر هڪ هڪ لفظ تي زور ڏيندي چيو. “جيڪو ڪجهه مون پاڻ سان آندو آهي اهو ٻڌڻ يا نه ٻڌڻ تي اسانجي عوامي جمهوريه جي زندگي ۽ موت جو مدار آهي. جيڪڏهن اوهان ۽ سينيٽرن اها شاهدي نه ٻڌي ته يقين ڪجو ته اوهين پنهنجي غلطي جي بار کان قبر تائين به پيڇو ڇڏائي نه سگهندا. اوهانجو ادارو ووٽ ڏيئي ويهندو ۽ ان جو ازالو ڪڏهن به نه ٿي سگهندو.”
    پهريون ڀيرو گورنر متاثر ٿيو. پر هن ڪرسٽوفر کي سخت نظرن سان ڏسندي چيو، “ٺيڪ آهي، آئون سينيٽر ايب سان ڳالهائي ڪورم ڏهن منٽن جي لاءِ روڪرائي ٿو ڇڏيان. چوٿين ماڙ تي ڪميٽِي روم خالي آهي. اوهين اسميبلي ميمبر اولن ڪيف سان اتي هلو. آئون ۽ سينيٽر ايب اتي اوهان سان ملئون ٿا.” هو ٿوري دير ترسيو، پوءِ سخت لهجي ۾ چيائين، “مسٽر اٽارني جنرل! شاهدي اثرائتي هئڻ گهرجي.”
    “اوهين ڪو به اُلڪو نه ڪريو...... اوهين خود ڏسي وٺجو.” ڪرسٽوفر ڳنڀير لهجي ۾ چيو.
    هو سڀ چوٿين ماڙ تي ڪميٽي روم ۾ ميز جي چوڌاري ويٺا هئا. ڪرسٽوفر انهن حالتن جي وضاحت ڪئي، جن تحت کيس آردستاويز بابت پهرين خبر پئي.
    “آئون اوهانکي آر دستاويز جي حصول لاءِ ڪيل ڊگهي جدو جهد جو تفصيل ٻڌائي اوهانجو وقت ذيان نه ڪندس. آئون فقط ايترو ٻڌائيندس ته اهو مونکي اڄ صبح جو مليو آهي. لفظ دستاويز ٻڌي ذهين ۾ ڪاغذن جو تصور اڀري ٿو، پر ائين ڪونهي هي هڪ زباني منصوبو آهي. جيڪو اتفاق سان ڪرنل بيڪسٽر جي ٻارنهن سالن جي پوٽي ريڪارڊ ڪري ورتو هو. گذريل جنوريءَ ۾ جنهن گڏجاڻيءَ ۾ اها ڳالهه ٻولهه ريڪارڊ ڪئي ويئي هئي. ان ۾ ٽي شخص شريڪ هئا. ايف بي آءِ جو ڊائريڪٽر ٿامسن، ڊپٽي ڊائريڪٽر هيري ايڊورڊ ۽ ان وقت جو اٽارني جنرل ڪرنل بيڪسٽر. ان ڪيسٽ ۾ فقط ٿامسن ۽ ڪرنل بيڪسٽر جو آواز آهي، اها ڳالهه ٻولهه رڪي بيڪسٽر لڪي ريڪارڊ ڪئي هئي. کيس ان جي اهميت جو اندازو نه هو، نه ئي وري ڪو احساس. اها ڳالهه يقيني بنائڻ جي لاءِ ته ڪيسٽ ۾ ورنن ٿامسن جو ئي آواز آهي، اسان ٿامسن جي تصديق ٿيل تقريرن جي ٽڪرن واري ڪيسٽ واري آواز جو سائنٽفيڪ تجربو ڪرايو آهي. وائس پرنٽ ڪڍرايو آهي، هي ڏسو” هن وائيس پرنٽ جا ڪاغذ ۽ ڊاڪٽر لينارٿ جو تصديقي سرٽفڪيٽ ڊوفيلڊ ڏانهن وڌايو.
    ڊوفيلڊ ۽ ايب ڪاغذن جو جائزو ورتو.
    “اوهين مطمئن آهيو ته هن ڪيسٽ ۾ ورنن ٿامسن جو آواز آهي” ڪرسٽوفر پڇيو.
    ڪرسٽوفر پنهنجي اٽيچي ڪيس کولي ٽيپ ريڪارڊ ڪڍيو ۽ ان ۾ ڪيسٽ لڳائي “هاڻ اوهين اها شاهدي ڌيان سان ٻڌو هي اهو راز آهي، جنهن کي ڪرنل بيڪسٽر آر دستاويز جو نالو ڏنو هو.” هن پلي جو بٽڻ دٻايو ۽ ڊوفيلڊ ۽ ايب جي چهرن کي ڏسڻ لڳو.
    ڪيسٽ هلڻ شروع ڪيو. پوءِ اسپيڪر مان آواز اڀريو، اهو ورنن ٿامسن جو آواز هو. “اسين هتي اڪيلا آهيون نه بيڪسٽر؟”
    بيڪسٽر جو آواز، “تو مون سان اڪيلائي ۾ ملڻ تي زور ڀريو هو ورنن. منهنجي گهر کان وڌيڪ ٻيو ڪو محفوظ هنڌ ٿي نٿي سگهيو.”
    ٿامسن جو آواز: “ان کي محفوظ ئي هئڻ گهرجي، اسان ان کي جاسوسي جي اوزارن کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ هزارين ڊالر خرچ ڪيا آهن. اڄ آئون توسان نهايت اهم ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي لاءِ آيو آهيان.”
    بيڪسٽر جو آواز “کلي ڳالهائي ڪهڙي ڳالهه آهي؟”
    ٿامسن جو آواز: “ڳالهه هيءَ آهي ته مون آردستاويز جو آخري عنصر به تخليق ڪري ورتو آهي. هيري ۽ آئون ان جي فول پروف هئڻ تي سهمت آهيون. هاڻ آخري ڳالهه آها آهي ته بيڪسٽر تون عين موقعي تي جند ڇڏائڻ جي ڪوشش نه ڪج.توکي ياد آهي ته، اسين ان ڳالهه تي سهمت آهيون ته اسين هر شيءِ، هر شخص جي قرباني ڏيئي، قوم کي تباهي کان بچائڻ جي ڪوشش ڪنداسين. تون اسانجو ساٿي آهين. تون اسان سان سهمت آهين ته 35هين ترميم ملڪ ۽ قوم جي سلامتي جي آخري اميد آهي. اسان پاڻ ۾ اهو ئي طئي ڪيو هو ته رستي ۾ جيڪا به رڪاوٽ ايندي، اها هر حالت ۾ هٽائينداسين. هاڻ فقط هڪ وک باقي وڃي بچي آهي. ياد رکج ته هيستائين تون هر مرحلي تي اسانجو ساٿي رهيو آهين. هاڻ تون ايترو ته اڳيان وڌي آيو آهين، جو تنهنجي لاءِ پٺتي هٽڻ جو رستو نه بچيو آهي.”
    بيڪسٽر جو آواز: “ڪهڙيون پيو ڳالهيون ڪرين....؟ آئون پويان هٽندس ڪهڙي شيءِ کان؟”
    ٿامسن جو آواز: اسانکي ماڻهن جي لاءِ اهو ڪم ڪرڻون آهي، جيڪو پاڻ ڪري نه ٿا سگهن. اسانکي هنن جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪرڻو آهي. جيئن ئي 35هين ترميم منظور ٿي وئي. اسين آر دستاويز تي عمل شروع ڪري ڇڏينداسين، اسين هن ملڪ جي نئين سر تخليق ڪنداسين. اسين 35هين ترميم تحت سڀئي مجوزه قانوني قدم.....
    بيڪسٽر جو آواز: پرورنن! تون 35هين ترميم کي فوري طور تي ۽ هڪدم بي دريغ استعمال ڪري نٿو سگهين. اها ترميم ته فقط هنگامي حالتن ۾ اثرائتي ٿيندي. جيڪڏهن ڪا غير معمولي صورتحال پيدا نٿي ٿئي ته ترميم تي عمل ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.”
    ٿامسن جو آواز: بيڪسٽر..... اها ڪا وڏي ڳالهه ڪونهي..... اسانکي رڳو هڪ بحران.... هڪ هنگامي صورتحال تخليق ڪرڻي پوندي. حقيقي صورتحال.... آئون ان جو بندوبست ڪري چڪو آهيان. اڪثر هيئن ٿيندو آهي ته گهڻن ماڻهن جي بقا لاءِ هڪ شخص کي قرباني ڏيڻي پوندي آهي. اهو هڪ شخص تون به ٿي سگهين ٿو.... آئون به ٿي سگهان ٿو. ان صورت ۾ تون يا آئون ٽي وي تي عوام سان خطاب ڪندي هنگامي حالتن جو اعلان ڪري سگهون ٿا. تقرير مون تيار ڪري ورتي آهي. تقرير جي لاءِ تون ئي مناسب رهندين. تقرير هن ريت هوندي.”
    “محب وطن ساٿيو! منهنجا ديس واسيو! آئون هن سوڳوار حالت ۾ اوهانکي مخاطب ٿي رهيو آهيان. اسين سڀ هڪ گهري ڏک ۽ صدمي ۾ ورتل آهيون. ڪالهه اسانجي محبوب صدر گلبرٽ جي قتل جو هڪ اهڙو صدمو ٿيو، جنهن مان اسين اڃان پاڻ سنڀالي نه سگهيا آهيون. هڪ سازشي قاتل جي هٿ حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ کيس قتل ڪري، اسانکي هڪ عظيم اڳواڻ کان محروم ڪري ڇڏيو آهي. پر مونکي يقين آهي ته صدر گلبرٽ جو بي وقتائتو موت قوم جي لاءِ زندگيءَ جو پيغام ثابت ٿيندو. پوري قوم کي متحد ٿي ڪم ڪرڻو پوندو. اسان کي گڏجي، پنهنجي سرحدن جي اندر تشدد جو نالو ۽ نشان سدائين جي لاءِ مٽائڻون پوندو. تشدد جي خاتمي جي لاءِ صدر جي حڪمن موجب، آئون بنيادي حقن کي معطل ڪرڻ جو اعلان ڪندي، 35هين ترميم جي اثرائتي هئڻ جو اعلان ڪري رهيو آهيان. ملڪي سلامتي جي لاءِ هڪ ڪيمٽي جوڙي پئي وڃي. جنهن جو چيئرمين ايف بي آءِ جو ڊائريڪٽر مسٽر ورنن ٿامسن!”
    بيڪسٽر جو آواز: خدا پناهه ڏي ورنن! تون ڇا پيو چوين.....؟ صدر گلبرٽ جو قتل ۽ سو به تنهنجي حڪم سان...؟
    ٿامسن جو آواز: “جذباتيت جي چريائپ جو شڪار ٿيڻ جي ضرورت ڪونهي، سڄي قوم کي بچائڻ جي لاءِ هڪڙي ٻن ٽڪن جي سياستدان کي قربان ڪرڻ ۾ ڪو به حرج ڪونهي. بيڪسٽر منهنجي ڳالهه سمجهڻ جي.....
    بيڪسٽر جو آواز: اوهه منهنجا خدا... خدا... خدا... اوهه... اوهه... اوهه.
    ٿامسن جو آواز: ڇا ٿيو بيڪسٽر.... ڇا ٿيو....؟ تنهنجي طبيعت ته ٺيڪ آهي..... اڙي هيري! هن کي سنڀال هن کي دورو پيو پوي. هن کي سنڀال.... آئون حنا کي سڏيان ٿو.
    ان سان گڏ ڪيسٽ خاموش ٿي وئي. ڪرسٽوفر، ڊوفيلڊ، ايب ۽ اولن ڪيف جي چهرن جا تاثرات ڏٺا. هنن جي چهرن تي صدمي ۽ حيرت جو ريکائون هيون.
    “جينٽلمين! هاڻ ٻڌايو ته يوم حساب آهي يا نه؟” ڪرسٽوفر خاموشي ٽوڙي.
    ڊوفيلڊ اُٿي بيٺو. “بيشڪ، اڄ احتساب جو ڏينهن آهي، آئون سينيٽرن کي سڏيان ٿو.


    قسط 22

    جهاز، نيشنل ايئرپورٽ تي لينڊ ڪيو ته رات واشنگٽن جي مٿان پنهنجا پر پکيڙي چڪي هئي. ڪرسٽوفر ٻين مسافرن سان گڏ جهاز مان لٿو. سڀ کان پهرين هن جي نظر پنهنجي باڊي گارڊ هوگن تي پئي. معمول جي ابتڙ، هن جون واڇون ٽڙيل هيون. “مبارڪ هجيو مسٽر اٽارني جنرل!” هن ڪرسٽوفر جي هٿ مان اٽيچي ڪيس وٺندي چيو، “مونکي ڏاڍو ڏک هو ته اوهين مونکي ڇڏي ويا، پر هاڻ سوچي رهيو آهيان ته اوهانجي لاءِ اهو خطرو کڻڻ ضروري هو ۽ ان جو صلو به واهه جو مليو آهي. اوهان تمام وڏو ڪم ڪيو آهي سائين.”
    “مون ڪو به خطرو ڪونهي کنيو. ڳالهه فقط ايتري آهي ته مون وٽ گهڻو سامان نه هو. مون سوچيو ته توکي تڪليف ڇو ڏيان.”
    “ڪرس !” پويان ڪنهن سڏيو.
    هن مڙي ڏٺو ته ٽوني هيرس کيس ڀاڪر ۾ ڀري ورتو. پوءِ هن کيسي مان اخبار ڪڍي هن ڏانهن وڌائي. سرخي رڙيون ڪري رهي هئي صدر جي قتل جي سازش ظاهر.
    سازش ورنن ٿامسن تيار ڪئي هئي.
    35هين ترميم رد ڪئي ويئي.
    “ڪرس! تو ته ڪمال ڪري ڇڏيو. اسان ووٽنگ ٽي وي تي ڏٺي. ترميم کي چاليهن ئي سينيٽرن رد ڪري ڇڏيو. هڪ ڄڻي به حمايت نه ڪئي. ترميم پنهنجو موت پاڻ مري ويئي.”
    “ان مهل آئون مهمانن جي گيلري ۾ هئس. مون اهو منظر اکين سان ڏٺو.”
    “پوءِ نيوز ڪانفرنس ٿي. سڀني نشرياتي ادارن پنهنجا پروگرام روڪي ڪانفرنس ڏيکاري. ڪانفرنس ڊوفليڊ ۽ سينيٽر ايب گڏيل طور تي گهرائي هئي. هنن سڀئي واقعا ٻڌايا. تنهنجي ڪردار جي باري ۾ ٻڌايو. هنن آر دستاويز جو تفصيل به بيان ڪيو.”
    “اها مون نه ڏٺي. آئون موسم صاف ٿيندي ئي پهرين فلائيٽ ۾ واپس هليو آيس.”
    “بهرحال ڪرس، تو زبردست ڪم ڪري ڏيکاريو. ٽوني هيرس پر خلوص لهجي ۾ چيو.”
    ڪرسٽوفر ناڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو، “نه ٽوني! ڪم ته اسان سڀني گڏجي ڪيو، ڪرنل بيڪسٽر، فادر ڊوسڪي، منهنجي پٽ جوش، اولن ڪيف، ڊونالڊ ڪريڊن، جسٽس هاورڊ، رڪي بيڪسٽر، ڪيرن، وان ايلن، اسٽرپ، جمي ۽ تنهنجا سڀ دوست ... ۽ تون پاڻ به.... اهو ته گڏيل ڪم هو.”
    هوڪار تائين پهچي ويا هئا. ڪرسٽوفر حيران ٿي ويو. اها ڪار سندس ته نه هئي. اها ته آمريڪي صدر جي بلٽ پروف ليموزين ڪار هئي. صدر جي ڊرائيور، پوئين سيٽ جو دروازو کولي کيس سيلوٽ ڪيو.
    ڪرسٽوفر سواليا نظرن سان ٽوني هيرس کي ڏٺو. “صدر صاحب تو سان ملڻ ٿو چاهي.” ٽوني ٻڌايو. “هن چيو هو ته تنهنجي پهچڻ شرط توکي وٽس آندو وڃي.”
    “وڏي مهرباني!” ڪرسٽوفر چيو ۽ ڪار ۾ ويهڻ لڳو، پر ٽوني جو هٿ هن جي ڪلهي تي ڄمي ويو. “ڪرس، توکي خبر آهي ته ٿامسن مري چڪو ِآهي؟” هن پڇيو.
    “نه مونکي خبر ڪونهي.....” ڪرسٽوفر ڇرڪي چيو.
    “ٻه ڪلاڪ اڳ هن خودڪشي ڪري ڇڏي. هن ريوالر وات ۾ رکي ٽريگر دٻايو هو.”
    ڪرسٽوفر ڪجهه گهڙيون سوچيندو رهيو. “هٽلر وانگي.”
    “۽ هيري ايڊورڊ غائب آهي.”
    “هٽلر جي ساٿي بورمين وانگي.”
    ٻئي ڪار ۾ ويهي رهيا. ڊرائيور گاڏي چالو ڪئي ۽ هو روانا ٿي ويا. وائٽ هائوس پهتا ته صدر جي چيف ايڊ ڪرسٽوفر جو گرمجوشي سان آڌر ڀاءُ ڪيو. پوءِ هو ٻنهي ڄڻن کي عزت ۽ احترام سان صدر جي بيضوي ڪمري ۾ وٺي ويو. ڪرسٽوفر کي توقع نه هئي، پر اها حقيقت هئي ته اتي پارٽي ٿي رهي هئي. پوءِ هن جي نظر وڃي ڪيرن تي پئي، جيڪا صدر سان ڳالهائي رهي هئي، ڪيرن کي جيئن ئي هن جي آمد جو احساس ٿيو، هوءَ صدر کي ڇڏي هن ڏانهن وڌي ۽ هن جي ٻانهن ۾ سمائجي ويئي. “ڪرس! آئي لو يو..... آئي لو يو....” هن هيجاني لهجي ۾ چوڻ شروع ڪيو.
    پوءِ ڪرس صدر کي پاڻ ڏنهن ايندي ڏٺو. هن نرميءَ سان ڪيرن کي پاڻ کان ڌار ڪيو. صدر جي چهري تي عجيب تاثر هو. هو ان مهل صدر نه پر ڪو فقير لڳي رهيو هو. هن گرمجوشيءَ سان ڪرسٽوفر سان هٿ ملايو ۽ چيو. “ڪرس! مون وٽ تنهنجي مهرباني مڃڻ جي لاءِ لفظ ئي ڪونهن. تو نه رڳو منهنجي جان بچائي، پر ملڪ کي بچائي ورتو. هاڻ آئون سڀني جي سامهون چئي سگهان ٿو ته آئون وڏو بيوقوف هئس. آئون طرفن جو شعور وڃائي ويٺو هئس. ڏوهن جي واڌ کان ڊڄي آمريت جو ٻج پوکي رهيو هئس. پر اڻ ڄاڻائي ۾.” صدر کيس محبت وارين نظرن سان ڏٺو ۽ پڇيو،” توکي ورنن ٿامسن جي باري ۾ خبر پئي؟”
    “هائو! مونکي افسوس آهي ته هن پاڻ کي ايڏي ڀيانڪ انجام تائين پهچايو.”
    “هو شايد چريو ٿي پيو هو، جو هن اهڙي رٿا تيار ڪئي. خدا جو شڪر آهي، جو تون ڄميو بيٺو رهئين. آئون مري به تنهنجو قرض لاهي نٿو سگهان. ٻڌائي ته آئون تنهنجي لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهان؟”
    “هائو! آئون اوهان کان ٻه ڪم وٺڻ چاهيان ٿو.” ڪرسٽوفر خوشيءَ مان چيو.
    “ٻڌاءِ... ٻڌاءِ!”
    “هڪ شخص ٻيو به آهي، جيڪو مرندي مرندي بچيو آهي. هن اوهانجي تمام گهڻي مدد ڪئي آهي. آئون چاهيان ٿو ته اوهين هن جي مدد ڪريو. اوهين صدارتي حڪم جي ذريعي کيس معاف ڪرڻ جو اعلان ڪريو ۽ هن جي وڃايل شخصيت کيس واپس ڏياريو.”
    “تون معافي نامون ۽ ٻيا ڪاغذ پٽ تيار ڪر، آئون صحيح ڪري ڇڏيندس. ٻيو ڪم؟”
    “بدترين وقت گذري چڪو آهي. پر مسئلا جيئن جو تيئن موجود آهن. اسانکي غير انساني 35هين ترميم جو ڪو متبادل لهڻ گهرجي. اسان کي ڏوهن جي روڪ ٿام لاءِ ڪجهه ته ڪرڻو آهي. مسئلن کي دٻائڻ سان مسئلا نٿا نبرجن. هڪ ڏاهي جو چوڻ آهي ته گهر ٻارڻ سان اوندهه ختم نه ٿي ٿئي. اسانکي سڀني مسئلن جو بهتر نبيرو ڳولهڻو آهي. جمهوريت ۽ انسانيت جي حدن ۾ رهي.”
    تون صحيح پيو چوين. ڪرس! هي سڌارن جو وقت آهي. سڀاڻي آئون ان سلسلي ۾ هڪ ڪميٽي پيو ويهاريان. تون ۽ ٽوني هيرس ان ڪميشن ۾ هوندا. توکي ايف بي آءِ کي ٿامسن جي اثرن کان به آجو ڪرائڻو آهي ۽ ان کي هڪ هاڪاري ادارو ٺاهڻو آهي ۽ ان جا هاڪاري رخ مقرر ڪرڻا آهن. ان کانپوءِ آئون توسان سماجي ۽ معاشي سڌارن جي سلسلي ۾ ضروري قانونن جي نفاذ جي سلسلي ۾ ڳالهائيندس. خطرناڪ گهڙي گذري وئي. هاڻ اسانکي جمهوريت جو دامن جهلي پنهنجي سماج کي اهڙو بنائڻو آهي، جو ڪنهن به فرد کي ڏوهن ڪرڻ جي ضرورت نه رهي. ضرورت کانسواءِ ڪا به ترغيب ڪامياب ٿي نٿي سگهي.”
    “مهرباني صدر صاحب!” ڪرسٽوفر چيو ۽ پوءِ هٻڪيو. “سائين! آرگو سٽي جي دوري ۾ هڪ سنگتيءَ مونکي چيو هو ته آمريڪا ۾ فاشزم جڏهن به آيو. ماڻهن جي ووٽن جي مدد سان ايندو. هن ڀيري لڳ ڀڳ ماڻهن فاشزم جي حق ۾ ووٽ ڏيئي ڇڏيو هو. پر هاڻ ماڻهن کي خبر پئجي ويئي آهي ۽ هو ڄاڻي ويا آهن ته حيلن بهانن سان کانئن فاشزم جي حق ۾ به ووٽ وٺي سگهجي ٿو. مونکي اميد آهي ته آئنده هو فاشزم کي ايترو ويجهو اچڻ نه ڏيندا. اسانکي اهو سبق هنن جي ذهنن ۾ نقش ڪرڻ ۾ هنن جي مدد ڪرڻي پوندي....”
    “اهو منهنجو واعدو آهي ته اسين ايئن ئي ڪنداسين. اسين مسئلا نبيرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين. جيڪي انساني اختيار ۾ آهن.” صدر پر خلوص لهجي ۾ چيو ۽ ڪرسٽوفر جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهليو. “پر اڄ رات نه.” هو کيس ڇڪي ڪيرن وٽ وٺي ويو. “اڄوڪي رات اسين جشن ملهائينداسين، ڇو ته سڀاڻي اسانکي نئين سري کان ڪم شروع ڪرڻو آهي.” هن پنهنجي هٿ سان ٽي جام ٺاهيا ۽ ڪرسٽوفر ۽ ڪيرن ڏانهن وڌايا، پوءِ هن ٽيون جام بلند ڪندي چيو. “مستقبل جي نالي....”

    (دڙو: 10 مارچ 2007ع)
    *


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259621
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386666
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ