ڪتاب جو نالو: خواب آوارا پکي
مصنف: احمد سولنگي
ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2013
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 26 فيبروري 2017 ع
پڙهيو ويو: 1014 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 298 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب اسان جي دور جي خوبصورت شاعر احمد سولنگيءَ جي شاعراڻي تخليقن جو مجموعو آهي. لڇمڻ ڪومل مهاڳ ۾ لکيو آهي:
”احمد سولنگيءَ کي مان هتي نئين نسل جي نئين شاعريءَ جي علامت (symbol) ڪري ٿو کڻان. ان ٽهيءَ جا اڪثر شاعر فئشن پرستيءَ طرف مائل ٿي Stream of consciousness (شعور جي ڌارا) بدران Mainstream (روايت پرست ڌارا) طرف لُڙهندا ويا. جتي شاعري خود شاعرن مٿان نازل ٿيڻ جو فطرتي عمل ٿيڻ جڳائي، اتي هُو پاڻ شاعريءَ مٿان نازل ٿيڻ لڳا ۽ اهڙي افراتفريءَ واري دؤر ۾ ڪيترن کي لُڙ ۾ مزو لڳي ويو ۽ هُو راتورات شاعر ٿي ويا، پر شاعريءَ لاءِ جيڪا اندر جي سُوجهه ٻُوجهه گُهربل آهي، ان تقاضا تي احمد سولنگيءَ جهڙا ڪي ٿورائي تخليقڪار کَرا ثابت ٿي سگهيا.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • نالي......
  • سنڌ سلامت پاران :
  • مون وٽ آ لُڙڪن جي لپَ (مقدمو)
  • شاعريءَ جي حضور ۾....
  • مائيڪل اينجلو
  • پوپَ کي ڪهڙي خبر؟
  • قلو پطره
  • تنها پالي پيارَ نه سُمهه!
  • ڪارو پاڻي
  • ڪيڏو تيجُ، ٽِڪون-
  • عشق کي سخت سزائن کاڌو،
  • باکَ ڇُلڪايا گُلابن جا گلاس،
  • رنگ رتي تنهائي
  • وقت جو وان گوگ
  • جلادَ! اَڏي مُرڪي: ڪنهن نيهن نظاري ڇڏ!
  • خُدا جا خليفا
  • جنوريءَ جي هوا ۽ هُن جو گهر،
  • زندگي، محترم آهي.
  • جلي سانجهه- سَتِي-
  • آشائن جو آڳنڌُ
  • بدن تنهنجو جواني آ، نديءَ جي،
  • اُتر قُطب
  • راڻا سَرُ
  • مِهر ٿوري، مهربانو!
  • هميرو ڪولهي
  • اُگهاڙا چور
  • بي خوف صليبن تي، آ وقت جي چريائي،
  • دامن ِڪوهه
  • اکِڙين جي آلاڻ-
  • لهرون، پکي، ڪنارا، وسڪارَ سارَ ۾ ڏِسُ!
  • هڪڙي مالها سوري
  • تو سوا وڃان ڪاڏي!
  • قرة العين طاهره
  • هي دؤر سوچ لوچ جو، پيڪر نه ٿي سگهيو،
  • مڪمل جسم
  • جوڳڻ – بين وڳي-
  • ٿر تي بَرسِي سنهڙي بُوند،
  • سُفيد ڊسمبر
  • سڀ کي پنهنجو گوتم آ
  • نيڻ آلا، اُگهٖي ته به چڱو،
  • سيٽيءَ جو آواز-
  • مستقبل جي نالي
  • اداس روح ازل کان پناههَ ۾ آهي،
  • سَتِي جَتِي
  • چنڊ تارن سوا، رات اهڙي لٿِي،
  • دانهن
  • تهذيبَ جو نئون جنم
  • هڪڙي گوليءَ سان کِڙيو،
  • سُڀاڻي جو سڌارٿ
  • شرابَ ۾ جڏهن لهي ٿو چنڊُ آسمانَ جو،
  • بيوطن بيقرارن جو سفر،
  • مريم جي مٽي
  • پيار جي پياس جي، آس ڪاٿٖي پَلِي،
  • سورٺ نيڻ نگينا
  • رات به ڪاري رات-
  • جڏهن ڀي پاڻ ۾ وکري ڏسان ٿو،
  • ڪارو بَن
  • درد جي آرسي، ٿي ڏئي روح کي،
  • سوڳ
  • پيارَ جي ڏورِ
  • ڏينهن کي رات، رات ڪيئن چئجي؟
  • منهنجو پُٽ
  • وئي وئي رات وئي-
  • راڌا!
  • ڪنهن اڳيان شخص هُو جُهڪي نٿو ،
  • سج نئين سان آپگهات-
  • عشق جي تڪميل
  • نيم عرياني
  • اوهان جون اکيون ٿي اوهان کي ڏسون ٿا،
  • هر نديءَ جو وهڪرو، ننڍڙو لڳي،
  • علامت
  • پل پل پريت امر،
  • جلادن ڏنو آ اِهو ٺاهُه ٺاهي،
  • هڪ شهر جو الميو
  • من جي مالها
  • شهر ۽ سمنڊ جهڙو ڪر، کپي ويندا!
  • ڪنهن کان وَرتئِي ونڊُ الا!
  • ڪام ديو
  • امن جي تاريخ
  • هڪ بُوندَ جي وِشالتا
  • دل ۾ ويهي ڏِسُ هتان، هڪ آسمان،
  • عشق جا رنگ
  • مٽيءَ جا رانديڪا ميڙي،
  • هڪڙي يهودي ڇوڪري
  • روپُ انوپُ
  • آءُ هوا ٿي آءُ!
  • تون ئي منهنجو پيارُ-
  • روز فٽ پاٿ تي بُکي روئي،
  • ڇَم ڇَم برسن بوندون
  • رستا مُرڪي پيا-
  • وِلهه ۾ وارَ واري سُتي،
  • سنڌ سَرير ۽ ساهُه
  • پتايا بيچ تي
  • مهڪي چنبيلي-
  • ڪو به اکڙين جي اڳيان، آهي ڪٿي؟
  • لبرا ڇوڪريءَ جي ڳولا
  • ٽُٽل گل
  • متان ڪا رات رُلائي، قضا جي رستي ۾،
  • چنڊ جاڳي پيو
  • چارن ۾ پنهنجي چاهه جون چُميون رکي ڇڏيان،
  • تنهنجا سپنا مون-
  • ڇپرن ڇايا
  • طوائف
  • کيمي ڪولهڻ
  • شدتن آ شهر کي، ڌوئي ڇڏيو،
  • سمنڊُ، هوا ۽ هوءَ
  • چانڊوڪين جو چورُ
  • بگهڙ جون اکيون
  • بي خواب هوا آئي
  • پوپٽن جو طواف!
  • اياز جي نانءِ
  • رات مهڪيو، تن ۽ من اتفاق سان،
  • منهنجو ديسُ
  • دائرا
  • درد کي پڙهي ويندي،
  • ٻاريون، ٻيجارا-
  • تِرشنا
  • مدهوش راتين جي جنت
  • پيارُ، دل جو قرارُ، تون آهين!
  • بيقرار گُذري ٿي،
  • دل جي ڌرتي
  • ڪناري لائين!
  • چنڊُ اڄ رات مختصر آهي،
  • جهنگل جو ماحول
  • روايت
  • تو وڌايون نرم، رات ٻانهون ڪٿي!
  • تارو تارو ، تنها تنها
  • دَريون، در ٻُوٽيل-
  • زندگي!
  • وَڌِي وڏي ٿي، ننڍي تقاضا،
  • وڄڙين وڌا ونگَ-
  • بي ترتيب زندگيءَ جو الميو
  • اکين جو جهنگ
  • پيارُ جيون ڀر ڪجي،
  • ڪراچي
  • دُوناليءَ ٺا... ٺا-
  • سانجهي اُداس پاڇا، ڪنهن کي سمونڊُ ڳولي؟
  • ساحلي ڇوڪري
  • ڪٿا
  • تمنا جو انت
  • ڪي بادل پنبڻين ۾ پهتا، ڪو آگم دل کان ٻاهر آ،
  • خوابن جي خُودڪُشي
  • سرمدَ پيرانديءَ،
  • سِڪَ سجدا وُجودَ ۾ آهن،
  • چٻرن جون اکيون
  • سمنڊ ۽ شهر جي ڪٿا
  • رات اُڀ تي ستارن جي سرواڻ ٿِي!
  • ٽُڪرا ٽُڪرا خواب
  • جيئن سج لٿو ڏکن سان، راتيون ٻَکيون اسان جون!
  • چنڊُ، تارو نه هوءَ سکي آهي،
  • پيار اسان جي منزل
  • ٻاريو ڏياٽي-
  • مون ته سوچيو
  • ڪئي به دل ڇا خودڪشي؟
  • مشورو
  • دليلَ سوچي پناههَ ڳولي،
  • بسم الله خان جي نالي
  • نوجواني، ڌوڙ پاڻي،
  • اڌ پيالو چنڊُ-
  • جُدائيءَ جا شوالَ
  • مورڻِي!
  • ڪَکَ چُڻن ٿا پاريهر،
  • ڪڙين منجهه ڪَڙي-
  • سرحدن تي گلابَ
  • خواب اُڻن آوارا اکڙيون،
  • سفيد ڏينهن
  • پٿر جو ڪرڻو ۽ هوا جو ڦول
  • خط جي اڪيلائي
  • ويا پرڏيهي يار-
  • چهرا چهرا جي چارسُو آهن،
  • جلاوطن دوست جي ياد ۾
  • دار جي جهروڪي مان
  • احساس جي اڪيلائي
  • ملون نقابَ ۽ سارا حجابَ لاهي ڪيئن؟
  • سارو عالم سُمهي رهيو آهي،
  • پنکَ پنهنجا پکيڙي رات،
  • پياسا پياسا چپَ-
  • دل جي ويراني
  • جنم جنم جي پياسي دنيا
  • ماڌو لال حسين
  • اڄ رات مان ٿو چاهيان
  • نديءَ ڪناري، جهنگل پاس،
  • ماڻين تو نه ڄمار-
  • درد جي لهر
  • هير هندورو، ڪينجهر ڪَپَ،
  • زندان جو زهر
  • زَرتشتي ڇوڪري
  • لِڱ مهٽي، اک مٽين ٿي ساحرا !
  • نئون گهاٽ!
  • سنڌڙي تنهنجو نانءُ!
  • نادان محبت آ،
  • پيار سوا ڪجهه ناهي!
  • خوابَ نگر جا نقشا کُلندا،
  • سفر جي اڪيلائي
  • سچُ ۽ ڪوڙُ
  • ڪربلا!
  • ڇو فقير جو ڪِشتو، اڄ ڀَريل نه خالي آ،
  • ڪير ٿو ڇيڙي رکي ايئن هر گَهڙِي،
  • نازل ٿيل ڇوڪريءَ جي ڪٿا!
  • مکڙي ٽِڙي پوڻ کي، فراموش ڪيئن ڪجي؟
  • اوڀر جي آرسي
  • هن خواب جِي ڪَٺارَ ڪٿي آ،
  • لهين ٿي خواب تون جڏهين!
  • هيءُ مسافر ڪير؟
  • ڪڏهن بهتان ڳولن ٿا، ڪڏهن بدنام ڳولن ٿا،
  • مُنهنجي اکڙين آبُ اٿيئي،
  • لادينُ
  • تضاد!
  • هيءَ ندي ريت سان وهائين ٿو،
  • سيوهڻ مٿان چنڊ
  • احمد سولنگي: شخص کان شاعر تائين
  • بوندَ، ننڍڙي سِپي سڏي مون کي،

  • نالي......

    پنهنجي مٺيءَ ماءُ
    ‘حُسنا’ جي نالي؛
    جنهن جي چهري جي تلاوت
    مون لاءِ دنيا جي ڪنهن به
    صحيفي کان وڌيڪ اُتم آهي
    ۽ جنهن جي دعائن جي قوت سبب
    زندگي ڪڏهن به
    شڪست ڏيئي نه سگهي آهي!


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”خواب آوارا پکي“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب اسان جي دور جي خوبصورت شاعر احمد سولنگيءَ جي شاعراڻي تخليقن جو مجموعو آهي. لڇمڻ ڪومل مهاڳ ۾ لکيو آهي:
    ”احمد سولنگيءَ کي مان هتي نئين نسل جي نئين شاعريءَ جي علامت (symbol) ڪري ٿو کڻان. ان ٽهيءَ جا اڪثر شاعر فئشن پرستيءَ طرف مائل ٿي Stream of consciousness (شعور جي ڌارا) بدران Mainstream (روايت پرست ڌارا) طرف لُڙهندا ويا. جتي شاعري خود شاعرن مٿان نازل ٿيڻ جو فطرتي عمل ٿيڻ جڳائي، اتي هُو پاڻ شاعريءَ مٿان نازل ٿيڻ لڳا ۽ اهڙي افراتفريءَ واري دؤر ۾ ڪيترن کي لُڙ ۾ مزو لڳي ويو ۽ هُو راتورات شاعر ٿي ويا، پر شاعريءَ لاءِ جيڪا اندر جي سُوجهه ٻُوجهه گُهربل آهي، ان تقاضا تي احمد سولنگيءَ جهڙا ڪي ٿورائي تخليقڪار کَرا ثابت ٿي سگهيا.“
    هي ڪتاب 2013ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سنڌيڪا اڪيڊمي جي سرواڻ نور احمد ميمڻ ۽ فضل الرحمان ميمڻ جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    مون وٽ آ لُڙڪن جي لپَ (مقدمو)

    رابرٽ فراسٽ جو هڪ شعر آهي:
    “Oh God, thou’ forgive my little jokes on thee
    And I shall forgive your bigger ones on me.’’
    (اي ڌڻي! تون مون کي؛ توسان ڪيل ننڍن ڀوڳن لاءِ معاف ڪر ۽ مان توکي؛ مون مٿان ڪيل وڏن ڀوڳن لاءِ معاف ڪري ڇڏيندس.)
    رابرٽ فراسٽ جون هي ٻه سٽون خُدا جو هڪ اهڙو تصور پاڻ سان کڻي ٿيون اچن، جنهن ۾ ڪنهن اجنبي ۽ اڄاتي هستيءَ لاءِ مَيار به آهي، شڪايت به آهي، طنز به آهي ته الزام تراشي پڻ آهي ۽ گڏوگڏ هڪ شاعر جي الميي جي باوجود سندس اُداردلي پڻ آهي.
    ان ئي پس منظر ۾ مان اڄ جي هن ڏاڍ ڏمر جي دؤر ۾ سنڌيءَ جي نئين ٽهيءَ جي نوجوان شاعر احمد سولنگيءَ جي هيٺ ڏنل سٽن کي پرکيان ٿو ته مون کي هڪ اهڙيءَ شدت جو احساس ٿئي ٿو، جتي رابرٽ فراسٽ ۽ هن جي پيڙهيءَ جي نئين سجاڳيءَ (Renaissance) وارن شاعرن جو اهڙو مانڊاڻو ۽ وسيع وستار نظر اچي ٿو، جيڪو اڄ جي ادب ۽ خاص طور شاعريءَ جو الميو آهي.
    ”۽ جڏهن ٿي شام نارنگي لهي،
    ڪنهن جي رَت جي ٿي مٿان ڪَڻِ ڪَڻِ وسي،
    ڪو صليبن تان لهي ۽ ڪو صليبن تي چڙهي،
    بدحواسيءَ جو نئون اتهاسُ ٿو لِکبو رهي!“
    فراسٽ جي شاعريءَ ۾ هُن جي ذاتي ڀوڳنا ۽ پڇتاءَ جي پيڙا آهي، جيڪا داخلي درد جي اظهار سان سور جي سَٽَ ته اُڀاري ٿي، پر داخلي درد جڏهن هڪ فرد جي ماتم بدران هڪ دؤر جو ماتم بڻجي وڃي ٿو ته، هڪ شاعر جو فن ڪنهن ميزان مان اُڀار پائي بلوغت کي رسي ٿو.
    پر سوال آهي ته هڪ سنجيده شاعر پنهنجي لاءِ ڪهڙو ۽ ڪيترو ميزان مقرر ڪري سگهي ٿو؟ خاص ڪري جڏهن تخليقي عمل دوران هُو هڪ طرف خيال جي لئه ۽ ٻئي طرف ٻوليءَ جي روانيءَ کي هڪ ٻئي سان هم آهنگ ڪندي، پنهنجي تخيل جي اُڏام کي پنهنجي گرفت کان ٻاهر اوجهل ٿيڻ نٿو ڏئي.
    هر ڪويءَ جي هر ڪوتا هن جي آتم ڪٿا آهي، جيڪا پڙهندڙن آڏو هڪ اهڙو آئينو بڻجي اچي ٿي، جنهن ۾ هُو رچنا ڪار جو ئي عڪس ڏسن ٿا:
    ”مايا ڇايا موهه،
    پهرين پارسُ پاڻ هئاسين،
    هاڻي پٿر، لوهه.
    خالي سکڻا خوابَ اکين جا،
    ڳوڙهن سان ئي ڳوهه،
    ڪنهن جو ڪونهي ڏوهه.“
    احمد سولنگيءَ جون هي سٽون پڙهندي، بلڪ جهونگاريندي، مون کي اهو احساس ٿيڻ لڳو ته هُو اهڙين حساس سٽن واري شاعريءَ وٽ پاڻ نه ويو آهي، پر اُها شاعري پاڻ احمد وٽ بارش جي بوندن جيان وسندي آئي آهي.
    شاعري هڪ عورت جيان هار سينگار ڪري تقاضائون ڪندي آهي ته ”ڏس، مان ڪيئن ٿي لڳان؟“ ۽ انهن تقاضائن جي پورتيءَ لاءِ احمد سولنگيءَ جهڙي سونهن جي پوڄاري شاعر وٽ موتئي جهڙن ماڪ ڦڙن جي سونهن ڀَري سُرهاڻ آهي.
    اَکِڙين جي آلاڻ-

    تنهنجي ڳالهه ڪري پئي.

    تنهائيءَ جي اونداهيءَ ۾،

    يادن جي چانڊاڻ-

    تنهنجي ڳالهه ڪري پئي.

    موتئي جهڙن ماڪ ڦڙن ۾،

    هيءَ جا آ سُرهاڻ-
    تنهنجي ڳالهه ڪري پئي.

    آڌيءَ اُڀَ ۾ هيءَ تارن جي،

    جڳ مڳ روح رهاڻ-
    تنهنجي ڳالهه ڪري پئي.

    پرهه پَريءَ جي پاند کڻڻ سان،

    اوڀر ۾ لالاڻ-
    تنهنجي ڳالهه ڪري پئي.

    احمد سولنگيءَ جهڙن ستر واري ڏهاڪي ۾ جنم وٺندڙ نئين نسل جي شاعرن، نه سنڌي شاعريءَ جو فارسي آميز غزل، رباعي، مخمس ۽ مسدس وغيره وارو دؤر ڏٺو ۽ نه ’من و يزدان خليل و آتش‘ واري ڪنن مان دونهان ڪڍندڙ سنڌي شاعري ٻُڌي، نه ئي هن واري ٽهيءَ جي؛ ترقي پسند دؤر جي نعري بازيءَ واري يلغاري شاعريءَ سان واسطيداري رهي ۽ نه ئي پاڪستان ۾ ’ون يونٽ‘ جي ٺهڻ ۽ ڊهڻ واري عرصي دوران سنڌي شاعريءَ جي انقلابي ڪردار جي اهميت سان وابستگي ئي رهي. احمد سولنگيءَ جهڙن، آئيندي جي روشن لاٽ جيان چمڪاٽ ڪندڙ شاعريءَ جي تخليقڪارن جنهن وقت جنم ورتو، ان وقت تائين سنڌي شاعريءَ جا الائي ڪيترا در دريچا، جهروڪا ۽ ڳڙکيون کُلي ۽ بند ٿي چُڪيون هيون، ڪيتريون نيون راهون، ڪيترا نوان گهاٽ، گهيڙ ۽ ڪيتريون منزلون هند، سنڌ ۾ طئي ٿي چڪيون هيون. هن پيڙهيءَ جون خلائن ۾ ڄميل حيران نظرون چوڌاري گُهوري نهارڻ لڳيون.
    کين لڳي رهيو هئو ته هڪ پلڪ جهپڪڻ سان ڄڻ سهسين صديون گذري ويون آهن. قيامت برپا ڪندڙ ان ڏاڍ ڏمر واري دؤر ۽ ماحول سان نئين ٽهيءَ جي شاعرن جڏهن شاعريءَ سان ڀاڪر ڀَري جيئن ڪنڌُ ورايو ته کين پنهنجي ڌرتي ايئن ڀاسڻ لڳي، ڄڻ سج جي بٺيءَ مان نڪتل هڪ رَکَ جو ڍير سندن سامهون هئو، جيڪو ڌارين سندن ڌرتيءَ تي پکيڙي ڇڏيو هئو.
    احمد سولنگيءَ کي مان هتي نئين نسل جي نئين شاعريءَ جي علامت (symbol) ڪري ٿو کڻان. ان ٽهيءَ جا اڪثر شاعر فئشن پرستيءَ طرف مائل ٿي Stream of consciousness (شعور جي ڌارا) بدران Mainstream (روايت پرست ڌارا) طرف لُڙهندا ويا. جتي شاعري خود شاعرن مٿان نازل ٿيڻ جو فطرتي عمل ٿيڻ جڳائي، اتي هُو پاڻ شاعريءَ مٿان نازل ٿيڻ لڳا ۽ اهڙي افراتفريءَ واري دؤر ۾ ڪيترن کي لُڙ ۾ مزو لڳي ويو ۽ هُو راتورات شاعر ٿي ويا، پر شاعريءَ لاءِ جيڪا اندر جي سُوجهه ٻُوجهه گُهربل آهي، ان تقاضا تي احمد سولنگيءَ جهڙا ڪي ٿورائي تخليقڪار کَرا ثابت ٿي سگهيا. ڪاريءَ ڪُک مان ڄاول هن نامراد نسل جو شعور جڏهن بالغ ٿيڻ لڳو ته سندن اڱڻ جي سُڪل ڇٻر تي ماڪ جون ٻه چار بوندون ئي بچيل هيون.
    ”اُتر قطب،
    ساندهه برف وسي ٿي.
    جبل جبل جي،
    هر ڪا چوٽي،
    ململ پوتي،
    اوڀر، اولهه، اُبتو ڦيرو،
    سِجُ اُڀري ٿو،
    سال ۾ هڪڙو ڀيرو.

    آريا- سٿ جي هڪڙي ناري،
    روپ – رُپهرو،
    ٻانهن ڪرائيءَ اُس ۾ وِگهري،
    چوڙيگر جو چوڙو،
    ٽڪريءَ ٽڪريءَ پگهريٖ پاڻي،
    شور ڪري ٿو جهرڻو؛
    پکيءَ پکيءَ جو پاڇو پرکي،
    نديءَ نديءَ ويڳاڻو.
    رات رَشِي ڪو ڏئي ويو جنهن کي،
    ڳوڙها، ڳل- ڳاراڻو.

    هاءِ هماليه جيڏا ماڻهو،
    ڇَپر ڇاٽون،
    جن جون واٽون،
    هندوڪش مان نڪتيون.
    پنک پنک جيئن پيرَ اُڏامي،
    فرش، عرش مان نِڪتيون،
    باکون، لاٽون.
    پويان آهن اُڀَ ۾ اکيون،
    سورج ونسيءَ جون،
    پربت پربت،
    اُتر قطب.
    ۽ هوءَ وينگس،
    سورجُ پوڄي،
    برف پگهاري ڏينهن ڳڻي ٿِي،
    ساندهه برف وسي ٿِيِ.“
    بدقسمتيءَ سان احمد سولنگي هڪ اهڙي مظلوم ٻوليءَ جو شاعر آهي، جنهن جو ساهتڪ سرمايو وسيع ۽ معياري هئڻ باوجود اها ناانصافيءَ، ٻيائيءَ ۽ ويرونجوڳ جو شڪار پئي رهي آهي. اسان جو ساهت ۽ ٻولي نه رڳو ٻن ملڪن ۾ ورهائجي ويا آهن، پر سڄيءَ دنيا ۾ داڻو داڻو ٿي چڪا آهن. سنڌ ۾ ان کي پنهنجي ڌرتي آهي، پر قومي سطح تي مڃتا نه ملڻ ڪري ان کي قومي ٻوليءَ جو درجو حاصل نه ٿي سگهيو آهي، ان جي ابتڙ هند ۾ ان کي سرڪاري سطح تي قومي ٻوليءَ طور قبوليت (Recognization) ته ملي چڪي آهي، پر هند ۾ هن کي پنهنجي ڌرتي ناهي. نتيجي طور سنڌ جا شاعر Sons of Soil (ڀومي پُتر) ته آهن، پر قومي سطح تي سندن ڪو والي وارث ناهي ۽ ٻئي طرف هند جا شاعر ڌرتيءَ ڌڪاڻا ٿي پنهنجي وطن جي مٽيءَ کي ته ياد ڪري رهيا آهن، پر هُو ان مٽيءَ جي مهڪ ڪٿان آڻن، جنهن سان شاعري واسجندي رهندي آهي.
    ڪنهن به ٻوليءَ جي شاعريءَ جون پاڙون پنهنجيءَ ئي ڀلاري ڀونءِ اندر گهرائيءَ سان کُتل هونديون آهن ۽ شاعريءَ جو بڻ بنياد ناخواندگي هوندي آهي. هند جو شاعر شهري سڀيتا جي گُهٽ ٻُوساٽ ۽ ڀڄ ڊوڙ واري ماحول ۾ ايئن وڪوڙيل آهي جو سنجيده کان سنجيده شاعر به هِن دؤر کي ’حرامي دؤر‘ سڏي پنهنجي شاعريءَ ۾ پيش ڪري ٿو. تخليق جي مجبوري هند جي ڪنهن به شاعر کان احمد سولنگيءَ جيان هي سٽون نه چوائي سگهندي:
    ”هير هِندورو، ڪينجهر ڪَپَ،
    چنڊُ چُمي پيو، نوريءَ چَپَ.

    سِپَ ۾ موتي ٿا سِپجن،
    من ۾ سرجي، تانگههَ تڙپَ.

    تنهنجي اهڙي نيڻَ نهارَ،
    جهڙي جهرڪيءَ بازَ جهڙپَ.

    مون کي ويٺا روز ڪَکين،
    تنهنجي ساروڻين جا سَپَ.

    تو وٽ مهنگا موتي کوڙ،
    مون وٽ آ لڙڪن جي لَپَ.

    سنڌ سڄي آ نيزي پاند،
    دلبر ڪهڙا ڊِڄَ ۽ ڊَپَ!“

    سوچ جي سطح تي هند ۾ تخليق ٿيندڙ موزون شاعري توڻي نئين ڪوتا پنهنجو هڪ منفرد معيار قائم ڪري سگهي آهي. ’سئنيٽوريم جي هڪ رات‘ ۽ ’پُرش وئشيا‘ جهڙيون شاعراڻيون تخليقون ذهني سطح تي اڄ جي دغابازيءَ واري دؤر جي علامت ته بڻجي اچن ٿيون پر انهن ۾ پنهنجي ڌرتيءَ جي دُکَ کان وڌيڪ داخلي سطح تي من جي مونجهه جو احساس وڌيڪ اُڀري ٿو.
    هند جي جديد شاعريءَ ۾ ’سنڌ، سرير ۽ ساههُ‘ جهڙي هم آهنگيءَ جا سيني ۾ سَلا ڦُٽي نه سگهندا. احمد سولنگيءَ جي هن ڪوتا جي سِٽَ سِٽَ خود هند ۾ رهندڙ سنڌ ڄاون جي دلين ۾ سور جو سَٽون اُڀاري سگهي ٿي ۽ اسان کي اهو احساس ڏياري ٿي ته اسان ڇا ڇا وڃايو آهي.
    ”واٽ-
    وکيري واءُ،
    مٿان ٿو سِجُ تکو ڏئي تاءُ.

    ريت-
    اُلا ۽ آڳ،
    وري ڪو وِيرُ ورائي واڳ.

    ڏينهن-
    تِکيري تِکَ،
    کڻي ٿو ڪير وڌي هر وِکَ.

    گهاءَ-
    سُهنِ ٿا گهوٽ،
    اٿئي هي رِڻ راهي اڻموٽ.

    ديسَ-
    سنڀاريو سَتُ،
    گُهري ٿو ڳچيءَ ڳچيءَ جو رَتُ.

    سنڌ-
    سرير ۽ ساهُه،
    انهيءَ ۾ وهندو پيو درياهُه.“
    اڄ عالمي ادب جي رنگَ- منچ تي شاعريءَ جهڙي نفيس ساهتڪ صنف کي پوئينءَ نشست ۾ آڻي ويهاريو ويو آهي. نه رڳو هن ننڍي کنڊ ۾، پر عالمي سطح تي پڻ ناشرن جو بيان آهي ته جديد ادب، پڙهندڙن جو ذائقو ئي بدلائي ڇڏيو آهي. اڄ گهڻي ۾ گهڻا ڪتاب آتم ڪٿائن (آٽو بايو گرافين ۽ بايوگرافين) جا ئي وڪرو ٿي رهيا آهن. ان کان پوءِ آتم ڪٿائي ناول ۽ انهن کان گهٽ ڪهاڻين جا مجموعا.
    ڪي نقاد ته ڪهاڻيءَ کي ادبي صنف ئي نٿا مڃين، پوءِ به پڙهندڙن جي ڪهاڻيءَ ۾ ڪافي دلچسپي قائم آهي، باقي شاعري-؟ شاعريءَ جي مجموعن جون پنجاهه سٺ ڪاپيون کپائڻ ۾ به سال لڳي ٿا وڃن.
    T. S. Eliot جڏهن هڪ وڏي اشاعتي اداري جو ايڊيٽر هئو ۽ هڪ سختگير ايڊيٽر هئو، جو هُن جارج آرويل جي Animal Farm جهڙي ادبي شاهڪار جو مسودو کيس ٽي ڀيرا موٽائي موڪليو هئو ۽ ٻئي اداري طرفان شايع ٿيڻ تي؛ ان ڪتاب تي ڀرپور تبصرو لکيائين، ايليٽ (Eliot) جو ئي چوڻ هئو ته، (خود انگريزيءَ ۾) شاعريءَ جي ڪنهن مجموعي جون جيڪڏهن سؤ ڪاپيون به وڪامن ته ان کي تسلي بخش پذيرائي ڪري مڃڻ گهرجي.
    گذريل پندرهن سالن کان شاعريءَ جي ڪنهن ڪتاب کي نوبل پرائيز نه ملي سگهيو آهي. لئٽن امريڪا جي شاعر Octavio Paz کي پويون نوبل پرائيز مليو آهي (منهنجيءَ ڄاڻ موجب)، پر شاعريءَ جهڙي جاودان ۽ اندر جي اڌمن کي اظهاريندڙ صنفِ سخن اڳيان عارضي طور آيل ناموافق ۽ ناسازگار فضا گهڻو عرصو جٽاءُ نه ڪري سگهندي، جو خدا وٽان آيل پهريون پهريون لفظ ’ڪُن فيڪون‘ به شاعراڻي سِٽَ هُئي ۽ ايشور جي مُک مان نڪتل پهرين پهرين سِٽَ ’اوم نمو شواءِ‘ به شاعراڻي تخليق هئي، ان ڪري ئي ’شاعري پيغمبري است‘ جي سچ کي قبول ڪيو ويو آهي.
    پر شاعريءَ جا وک وک تي سوين سچ آهن:
    ”سِپَ ساحل جي مٿان؛
    سمنڊ کي سوگهو ڪيو،
    ريت جي ذرڙن منجهان؛
    چنڊُ ڪو جاڳِي پيو!“

    هن پل جو پسمنظر ڏسڻ سان يا محسوس ڪرڻ سان سڄي ڪائنات ڄڻ شاعريءَ جي رنگ ۾ رڱجي وڃي ٿي، جنهن کي نه رڳو شاعر جي سجاڳ اک پرکيو آهي، پر هر پڙهندڙ آڏو ريت مٿان چانڊوڪيءَ جو سڄو ڪائناتي منظرنامو پنهنجي آب و تاب سان اڇو اُجرو ٿي بيهي ٿو.
    جيئن ته احمد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو هي پهريون مجموعو آهي، ان ڪري اهو سمجهڻ سولو ناهي ته شاعريءَ جي ڏکين ڏاڪن تان هُو ڏاڪو ڏاڪو ٿي مٿي چڙهيو آهي يا ڏاڪو ڏاڪو ٿي هيٺ لٿو آهي. هڪ شاعر جي سلسليوار ارتقا جي صحيح ڪٿ (evaluation) هُن جي ٻن چئن مجموعن جي اشاعت کان پوءِ ئي ممڪن ٿي سگهي ٿي، پر احمد سولنگيءَ جي هن پهرئين ئي مجموعي جي مسودي جي پهرين نظم ’مائيڪل اينجلو‘ کان وٺي آخري نظم ’سيوهڻ مٿان چنڊ‘ تائين جيئن جيئن مان هن جي هڪ هڪ رچنا ٻه ٻه ڀيرا پڙهندو ويس. هڪ ڀيرو خيال جي لئه جو لطف وٺڻ لاءِ ۽ ٻيو ڀيرو روانيءَ جو رسُ ماڻڻ لاءِ ته مون کي رفتگيءَ سان اهو احساس ٿيندو رهيو ته شاعريءَ جي هن وَر وَڪڙ ڏاڪڻ تي ڏاڪو ڏاڪو ٿي چڙهندي نئين نسل جو جيڪو سڀ کان پهريون شاعر مٿي پهتو آهي، اهو ’ احمد سولنگي‘ آهي.
    تاريخ ساک تي شاهدي ڏني آهي ته، جن قومن جو ماضي شاندار هوندو آهي، انهن قومن کي حال ۽ مستقبل ۾ ڏاڍا ڏک ڏاکڙا ڏسڻا پوندا آهن. اسان جي قوم پڻ الائي ڪيترن دؤرن جي ماتم مان گُذري آهي. اسان جي ڌرتيءَ مٿان ڌارين ٻولين، ڌارين ثقافتن، ڌارين تهذيبن ۽ ڌارين حاڪمن ۽ حڪومتن جي حملن ۽ انهن جي ڏاڍاين اسان جي قوم کي سنئين لڱين سُکَ سان سُمهڻ نه ڏنو آهي. اهڙين هنگامي حالتن اسان جي ادبي برادري ۽ خاص طور شاعرن کي احتجاجي ۽ مزاحمتي شاعريءَ طرف راغب پئي ڪيو آهي. پوءِ به هڪ ديرپا ۽ اثرائتي ترقي پسند دؤر ۾ تخليق ٿيل شاعري هڪ ته اسان جي پنهنجي ڌرتيءَ مان ڦُٽل شاعري نه هئي پر اشتراڪي ملڪن وٽان امپورٽ ٿي آئي ۽ اڳتي هلي اها ’ادب براءِ ادب‘ ۽ ’ادب براءِ زندگيءَ بدران‘، ’ادب براءِ امپورٽ‘ جي شڪل اختيار ڪرڻ لڳي ۽ وقت گُذرئي پنهنجي وقعت ايتري قدر وڃائي ويٺي جو شيخ اياز جهڙي شاعر، جيڪو ڪنهن وقت اهڙي شاعريءَ جو سرواڻ هئو، ان به لکيو ته ”ان دؤر جي سڄي شاعريءَ کي گاڏن ۾ ڀرائي ڪنهن گند جي ڍير ۾ اُڇلايو وڃي.“ جيتوڻيڪ اياز جو اهو هڪ انتهاپسند بيان هئو پر اها حقيقت آهي ته اڄ ترقي پسند دؤر واري شاعري ماضيءَ جي دڙن ۾ دفن ٿي چڪي آهي.
    پاڪستان ۾ ’ون يونٽ‘ جي ٺهڻ کان ’ون يونٽ‘ جي ڊهڻ تائين، پندرهن سالن جي عرصي دوران پڻ تخليق ٿيل مزاحمتي شاعريءَ سنڌي شعر و ادب جي رنگ- منچ تي هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو، پر ان ۾ پڻ داخليت بدران خارجيت جو دخل وڌيڪ هئڻ ڪري، اها شاعري پڻ پرچار جي حدن کي ڇهڻ لڳي، پوءِ به مزاحمتي شاعريءَ جي جذباتي توڻي عملي ڪردار جي اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي.
    ماضي هميشه حال جي هٿ ۾ هٿ ڏيئي مستقبل طرف قدم سان قدم ملائي مسافتون ۽ منزلون طئي ڪندو رهندو آهي. سنڌ جي نئين نسل جي انهن شاعرن، جن ماضيءَ جي اهڙين مزاحمتي مسافتن بابت رڳو پنهنجي اڀياس ۽ علم معرفت ڄاڻ حاصل ڪئي آهي، اُهي نئين نِڪوري ذهن ۽ ڪنوارِي دوشيزه جي اڻ ڇُتل انگن جيان پاڻ سان پنهنجي شاعريءَ ۾ نوان خيال، نئين سوچ، نئين Imagery منظر ڪشي، نئون ڊڪشن ۽ نوان رخ ۽ رويا کڻي آيا. هنن وٽ پنهنجن پيشرُوئن جيان ڪي ٺهيل ٺڪيل يا ’ريڊي ميڊ‘ نظريا نه هئا.
    مون جڏهن سنڌ ۾ نئين نسل جي شاعرائن جو ڪلام پڙهيو ته منهنجن پنجن حواسن سان گڏ ڇهين حِس پڻ بيدار ٿي ويئي ۽ مون کي احساس ٿيڻ لڳو ته اسان جهڙي، ظلم سان مهاڏو اٽڪائيندڙ قوم جي مظلوم ٻوليءَ جي نئين ٽهيءَ جي؛ اهڙي جديد سوچ ۽ شاعريءَ جي روح تائين رسائي ٿي چڪي آهي؟
    عالمي ادب جي اڀياس واضح ڪيو آهي ته جڏهن به ڪا ادبي تخليق، خاص طور شاعراڻي تخليق ڪنهن نظريي، ڪنهن اصول، ڪنهن عقيدي يا ڪنهن مَتَ جي معرفت يا ماتحت تحرير ڪئي ويئي آهي ته اها نه ديرپا ثابت ٿي سگهي آهي ۽ نه گهڻو وقت جٽاءُ ڪري سگهي آهي. مان سمجهان ٿو ته هند، سنڌ جي نئين پيڙهيءَ جو نئون شاعر، جيڪو مٿين مڙني حد بندين کان پاڻ کي آجو ڪري چڪو آهي، اهو احمد سولنگيءَ جهڙي نئين سوچ ۽ نئين رخ ۽ رويي جو آئيني عڪس هِنن سٽن اندر سمائيندو:
    ”ڪنهن گلن تان آ چکيو نمڪين سُرهي ءَ ساٽَ کي!
    ڪنهن ڪيو محسوس مُنهنجي درد جي احساس کي!
    ڪنهن چکيو پاڻي اکين جو، لڙڪ جي لُوڻاٺ کي!
    ڪير ڳوڙهن کي ڳڻيندو؟
    وقت جي هيءَ ڌوڙ سڀني جي مٿان وسندي رهي،
    ڪير ٿيو بدنام آهي،
    ڪير ٿو سوچي اهو،
    ڪنهن خواريءَ جو کنيو هي پاڻ تي الزام آهي!“
    احمد سولنگيءَ جون هي دل ۾ پيهي ويندڙ سٽون، احساس ڏيارن ٿيون ته ’ڪو عڪس نه پوي ته آئينو اُجرو ئي رهندو آهي.‘
    احمد سولنگيءَ جي هن مجموعي ۾ شامل هن جي گهڻي تَڻي شاعري پڙهندڙن کي نئين ۽ جديد سوچ سان روشناس ۽ نئين سَچ سان مُنهان مُنهن ڪرائي ٿي. اهڙي نوعيت جي شاعريءَ کي ڪنهن هڪ دؤر يا دائري اندر قيد نٿو ڪري سگهجي، جو اڳتي هلي به اُها ’ڪالهه‘ جي شاعري نه، پر ’اڄ‘ جي شاعري ڪري تسليم ڪئي ويندي. اها شاعري ماضي پرستيءَ وارا لڪ لتاڙي، مستقبل جا اهي روشن شُعاع اُجاڳر ڪندي، جيڪي ڪڏهن به اڳتي هلي ڪنهن به دؤر ۽ جاءِ تي جهڪا نه ٿيندا.
    سڀاڻي جو سُچيت ۽ سُجاڳ نقاد جڏهن احمد سولنگيءَ کي سندس سنڌيت واري جذبي لاءِ آفريني ڏيئي کانئس سوال ڪندو ته تو ’وقت، وقت‘، ’جاءِ جاءِ‘ ۽ ’ماڻهو ماڻهو‘ ۾ نراليت پسي، انهن لاءِ انساني قدرن ۽ مُلهن کي مٿانهون ڪرڻ لاءِ تنهنجي تخليقي عمل ڪهڙو ”شفي“ (Positive) يا ”نفي“ (Negative) ڪردار نباهيو ته، ان سوال جي جواب ۾ احمد سولنگيءَ جي مجموعي جي پهرئين ئي نظم جون هي چار سٽون نه رڳو حوالي طور بلڪه سندَ طور پيش ڪري سگهجن ٿيون:
    ”ديس هر هڪ جي مٽي،
    مون ته ڌرتيءَ جي دونهاٽيل،
    سُرخ گولي تان کڻي،
    پنهنجي خوابن ۾ سنڀالي آ رکي!“

    پنهنجي ان پهرئين ئي طويل نظم ۾ احمد سولنگيءَ مائيڪل اينجلو، زان ڪازاڪس، آلندي ۽ پبلو نِرودا جي ڪردار نگاريءَ سان گڏوگڏ ڀٽ ڌڻي، ٽئگور، ميران ۽ ڪبير جو تذڪرو ۽ image پيش ڪيو آهي. سڀ کان پهريون ڪردار زان ڪازاڪس عالمي ادب ۾ هن خطاب سان نوازيو ويو آهي.
    “The Ingenious Gentleman Don Quixote of La Mancha”
    (لامنچا جو هنرمند ڀلوڙ شخص زان ڪازاڪس)
    هي ڪردار اندليسي ادب جو هڪ ٻهڳڻو ڪردار آهي. زان هڪ ئي وقت ’اڌ چريو‘، ’چرچائي‘، ’حاضر جواب‘، ’سمجهو‘، ’چر ٻٽ‘ ۽ ’پورالو‘ ڪردار آهي، پوءِ به هن جي دانشمدانه ڪارنامن هن کي عالمي ادب جو هڪ جاودان ڪردار ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي ئي تضادي ڪردار کي احمد سولنگيءَ پنهنجين شاعراڻين سٽن ۾ پيش ڪندي، هن جي ڪردار نگاريءَ جو انوکو رُخ چِٽيو آهي:
    ”منهنجي اک جي دائري جي ويجهڙو،
    زان ڪازاڪس، ٿو رهي؛
    ۽ پکي پنهنجي پَرن ۾،
    جِئن لڪائي ٿو رکي پنهنجا ٻَچا،
    سوچ مُنهنجيءَ ۾ ائين ’محمود‘ جي ڌرتي رهي:
    جا ٽُٽل ڪشڪول ۾ ڪنهن ماءُ جي ڳوڙهن جيان،
    يا نديءَ تي بُوند- بادل جو لڳي ٿو نقش ڪو؛
    عشق مون لئه ٿو اُڻي ڄڻ شبنمي ڪا شاعري؛
    ساحلن تي، ريگزارن جي مٿان،
    ۽ وڻن جي جُهنڊ ۾،
    آ خُدا جي جُستجوءَ بيگانگي مون لئه لکي!“
    احمد سولنگيءَ زان ڪازاڪس جي ڪردار کي پنهنجين شاعراڻين سٽن ۾ سموئي، هن جي سڀني ”شفي“ (Positive)”نفي“ (Negative) ڪُنڊن کي رِل مِل ڪري هن تي Odoriferous (سرهي ساٿ واريون) سٽون تخليق ڪندي، ڄڻ زان تي ODE (خطاب) جي صورت ۾ خراج پيش ڪيو آهي. پنهنجين ايترين Multiple and Multifaced (صفتن ۽ صورتن) جي باوجود زان ڪازاڪس جي پاڻ بابت راءِ اها رهي ته ”مان ته ڪجهه به نه آهيان.“
    زان ڪازاڪس جا اهي احساس ته ”توڻي جو ڪنهن جي هر خواهش تڪميل تي پهچي، ته به ضروري ناهي ته هن جو پاند خوشين سان ڀرپور ٿي وڃي، هُو وڌيڪ خوشحالي ۽ آسودگي ماڻي سگهي، هن جو درجو ۽ رتبو سندس موجوده رتبي کان مٿانهون ٿي وڃي، پر جي سڀ ڪجهه ان جي ابتڙ ٿي وڃي ته تون ڪنهن اهڙي اوڙاهه ۾ ڌِڪجي سگهين ٿو، جنهن جو تون تصور به نٿو ڪري سگهين ۽ اهڙي بدنصيبي تو مٿان ڇو نازل ٿي آهي، ان جي تنهنجن ملائڪن کي به خبر نه پئجي سگهندي. تو وٽ رڳو ايترو ئي احساس رهجي ويندو ته آسمان مان نازل ٿيل هر مصيبت تنهنجو ئي گهر پُڇايو آهي.“
    انهيءَ ئي حوالي سان هسپانوي شاعر لوئي ٽانسلو (Luigi Tansillo) پنهنجي نظم’Tears of Saint Peter‘ (سنت پيٽر جا ڳوڙها) ۾ لکي ٿو:
    ‘No eye was there to see him, well he knew,
    Yet, he himself was to himself, a shame,
    Exposed to all men’s gaze or screened from view.’
    ”هن کي ڀليءَ ڀَت ڄاڻ هئي، ڪائي نگاهه ڪانه ٿي هن تي کُتي،
    پوءِ به ڄڻ هُو پاڻ پنهنجو پاڻ ۾، ڪيڏو نه شرمندو هئو،
    هُو هئو هر ڪنهن جي اک ۾، هر نظر هُن کي تڪيندي ٿي رهي!“
    (ترجمو : ل. ڪ)
    احمد سولنگي پنهنجي مٿي ذڪر ڪيل نظم ۾ ڪيتريون نيون تشبيهون، نوان استعارا ۽ علامتون سمائي سگهيو آهي. هڪ طرف هُن جي اک جي فوڪس ۾ زان ڪازاڪس ٿو رهي، جيڪو هڪ اهڙي پکيءَ جي allegry (علامت) بڻجي آيو آهي، جيڪو پنهنجن پَرن ۾ پنهنجا ٻَچا لڪائي ٿو رکي ته هُن جي ذهن جي ڌرتيءَ جي ٽٽل ڪشڪول ۾ ماءُ جا ڳوڙها به آهن ۽ ٻئي طرف نديءَ مٿان ڪرندڙ بوند، هڪ بادل جو نقش بڻجي اُڀري ٿو.
    ساڳئي ئي نظم ۾ اڳتي هلي آلندي جهڙي انقلابي ۽ چِليءَ جي شاعر پبلو نرودا جو شاعراڻو تصور احمد سولنگيءَ جي سٽن ۾ سمائجي هن جي شاعريءَ کي نئين پيرائي ۾ پيش ڪري ٿو:
    ”دُور آلندي، نرودا جي چِلي،
    باکَ پنهنجي لاکَ برسائي جڏهن ٿي اُن مٿان،
    سجَ ازل جي ديوتا سامهون سڀئي،
    صُبح جا سورج مُکي ڪن ٿا سجودُ؛“
    احمد سولنگيءَ جون هي سٽون پبلو نرودا جي ڪردار جي ڪيئن عڪاسي ڪن ٿيون؛ ان جو هڪ دلپذير واردات سان واسطو آهي.
    سريلنڪا جي هوٽل جي ڪمري ۾ پبلو نرودا جڏهن هڪ جُوان سنهالي ڀنگياڻيءَ کي هُن جو ڪمرو صاف ڪندو ڏٺو ته هوءَ کيس وينس جي مورتيءَ جيان ڪنهن حسين مجسمي وانگر لڳي ۽ جڏهن هُو هُن جي عريان جسم کي لساڙي رهيو هئو ته هوءَ حيرت وچان ڏسي رهي هئي ته اهڙي شاهاڻي شخصيت وارو شخص هي ڪري ڇا رهيو آهي؟ ان واردات جي پس منظر ۾ احمد سولنگيءَ جون هي سٽون ڪيتريون نه جاذب آهن.
    ’باکَ پنهنجي لاکَ برسائي جڏهن ٿي اُن مٿان،‘
    ان پل؛ اندر ۾ ڪهڙا جذبا ڪَروٽون وٺن ٿا، صبح جا سورج مُکي ڪيئن نه سجدا ڪن ٿا!
    مون کي چِٽيءَ طرح ياد آهي ته دهليءَ ۾ سال اڻويهه سو ڇاونجاهُه جي ’ايشين رائيٽرس ڪانفرنس‘(Asian Writer`s Conference) دوران جڏهن شاعراڻي محفل جي صدارت ڪندي پبلو نرودا، نارايڻ شيام جي نظم ”ڪهڙي آئيني ۾ منهنجي اصلي صورت گم ٿي ويئي؟“ انگريزي ترجمي ۾ ٻُڌي ته هُو حواس باخته ٿي ويو. پبلو نرودا سوال ڪيو: ”ڇا، هڪ غير معروف ٻوليءَ وٽ به اهڙي ڇرڪائيندڙ شاعري موجود آهي؟“
    (ساڳيو ئي سوال ڀارتي وزيراعظم آنجهاني اندرا گانڌيءَ ڀوپال ۾ ڀارت ڀون جو افتتاح ڪندي، سنڌي سيڪشن جو معائنو ڪندي ڪيو هئو، جڏهن مون هُن کي شاهه لطيف جي ڪن بيتن جو شيخ اياز جو اردو ترجمو ٻڌايو هئو.)
    پبلو نرودا ان وقت احمد سولنگيءَ جو هي نظم ٻُڌو هجي ها ته هُن کي سندس سوال جو جواب ملي وڃي ها ۽ اوڀر جي آرسيءَ جو اولڙو سندس اکين ۾ ٻهڪي پوي ها!
    ”رات جي منحوسُ ۽ ڪاري هوا،
    شهر جي روشن ڏِيئن کي؛
    ٿِي وڪوڙيندي رهي.
    ڀوڳنائن جي سفر جا پيچرا،
    پيرَ پنهنجا؛
    ڄڻ چَٽيندا ٿا رهن!
    وقت جا پاليل ڪُئا،
    ديوتائن، انبيائن،
    شاعرن، صوفين ۽ سنتن جي مٽي،
    روزُ کوٽيندا رهن ٿا،
    ۽ ٿا ڪُتريندا رهن،
    قيمتي زربفت جهڙي ديسَ جون،
    چارئي ڪنڊون!
    ڪالهه سورجَ، چنڊَ جيڪي،
    هُئا ڦُٽا اوڀر منجهان،
    اڄ انهن جي روشني ۽ چاندني ممنوع آهه،
    فڪر کي ٻئي دور جو رائج سِڪو سمجهي ڪري،
    ڄڻ عجائب گهر اندر تشهير لَـئه سانڍيو ويو،
    ڄاڻ ڄڻ ڪوريئڙي جي ڄارَ ۾ ڦاٿي پئي آ،
    وقت جي اڀياس بابت،
    ڪنهن به پنهنجيءَ کوجنا کي ڪو نه ٿو ليکيو وڃي!
    شاعري،
    انمول تحفو،
    گفتگوءَ جو،
    ڪو صَحيفو،
    ڌُوڙ وانگي ڄڻ ته ڌرتيءَ تي لَٿو،
    ڪوڙ سان ميٽيو وڃي ٿو،
    سچَ جو چهرو سڄو.

    سنگ تراشي پٿرن ۾ اڄ رهي روپوشُ ٿي،
    آڱريون فنڪار جون پڻ،
    برفَ وانگي ويون ڄمي،
    سچ اجنتا ۽ الورا منجهه ڳوليندو به ڪيرُ؟
    ڪامَ جو؛ مندر جي اندر ڪيرُ ڳوليندو به پيرُ؟

    رقصُ گهايل،
    زندگيءَ جي چور دروازن اندر،
    هر نظر کان بي نيازُ،
    هر خبر کان بي خبر،

    چِترڪاريءَ منجهه ليڪيل ڪا لڪيرَ،
    ڪو تصور سوچ جي تجريدَ جو،
    بُرش جي خاموش ڪنهن گفتار سان،
    فن نَقاشي جي وسيع معنيٰ اندر،
    پنهنجي خنجر سان ڪري ٿو خودڪُشي!
    ملڪ اولهه جا سڀئي،
    اوڀر تي مڇريا ٿا گهُمن،
    دشمنيءَ جي دائمي آڙاههَ هيٺان،
    ڪيتريون ڌرتيون سَڙن.
    پو به دنيا جي ڌڪاڻيل،
    دُور هڪڙيءَ ڪُنڊَ ۾،
    آشتيءَ ۽ امن جو اهڃاڻ بڻجي،
    ڪالهه وانگي،
    اڄ به آهي،
    سنڌ بيٺي!
    اڄ به آهي،
    سنڌ بيٺي،
    سنڌ بيٺي!“
    ڪنهن ناول يا ڪهاڻيءَ ۾ ڪردار نگاري ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن عظيم شاعر وٽ (Epic) رجزنامي يا وِير چترڪٿا جي صورت اختيار ڪري ڇڏيندي آهي. هيلن آف ٽراءِ، هيلن نه هجي ها، جي هُن کي هومر جو قلم نصيب نه ٿئي ها. قلوپطره به قلوپطره نه رهي ها، جيڪڏهن وليم شيڪسپيئر هُن جي ڪردار کي هنن سٽن ۾ نه سموئي ها:
    “Age cannot wither her nor custom stale,
    Her infinite variety: other women cloy
    The eppetites they feed, but she makes hungry,
    Where most she satisfies:”
    (عمر هن کي ڪوماٽجڻ نٿي ڏئي،
    نه راهه رسم هن جي روپ کي بد زيبو ٿي ڪري،
    هن جهڙيون اَپار آنند ڏيندڙ ٻيون حسينائون،
    ڍَو تي لطف وٺائين ٿيون،
    پرهيءَ ٻهڳڻ،
    ڍائيندي به بُکَ وڌائي ٿي.)
    (ترجمو: ل.ڪ)
    قلوپطره جي ڪهاڻي هڪ اهڙيءَ دوشيزه جي ڪهاڻي آهي، جنهن ساڳيءَ ئي شدت سان ذاتي توڻي اجتماعي زندگيءَ سان پاڻ کي لاڳاپي رکيو آهي، جتي هڪ ٻئي پويان ٻه مرد هن جي زندگيءَ ۾ آيا. جوليس سيزر ۽ مارڪ ائنٽوني، پر هن جي ڪهاڻي تاريخ جي دل ڇُهندڙ ۽ حيران ڪندڙ ڪهاڻي آهي، جو قلوپطره جيان هن جا ٻيئي عاشق پڻ خاص خوبين جا مالڪ هئا، جن روم جي سلطنت جي سڄي نصيب کي پنهنجي هٿن ۾ قابو ڪري رکيو هئو. سيزر جي قتل کان پوءِ قلوپطره جو مارڪ ائنٽونيءَ سان بدبخت رشتو ناتو هڪ ئي وقت راز ۽ رمز ڀريو به رهيو ته روحاني پڻ.
    قلوپطره جي ڪيترن مصري سوانح نگارن هن جي ڪردار کي نفرت ڀريءَ نگاهه ۽ ناشانائتي رنگ ۾ رڱيو آهي، پر سيزر ۽ ائنٽونيءَ ٻنهي هن کي پنهنجي مانائتي محبوبا، ساٿ ڏيندڙ سنگتياڻي ۽ دل گُهري داشته ڪري قبول ڪيو آهي. ان ڪري ئي قلوپطره کي تاريخ توڻي ادب ۾ ايتري اهميت ملي سگهي آهي.
    احمد سولنگيءَ جو نظم قلو پطره هومر جي هيلن آف ٽراءِ جيان يا چندر بردائيءَ جي پرٿوي راج ”سنجو گِتا“ جيان يا نارائن شيام جي ’روپ مايا‘ جي مينڪا اپسرا جيان ڪو epicته نه آهي، پر هن پنهنجي شاعراڻي تخيل ۽ تخليق سان قلوپطره جي جيڪا imagery ۽ منظرنامو پيش ڪيو آهي، اهو سنڌي شعر و ادب جي دنيا ۾ جوڳي جاءِ اوس والاريندو.
    ”ڪُشادي رات جي ٻيڙي،
    رسيون، ساڪا، لنگر لوها،
    نماڻن ميربحرن جا،
    ٿڌا ڪي خوابَ جا پاڇا،
    مٿان فانوسُ فطرت جو،
    سمورا منتشر تارا،
    حسين ڪنهن حادثي جي لئه،
    الئه ڇو منتظر آهن؟
    جواني قيمتي تنهنجي،
    اکين ۾ چاندني پوکي،
    هوا مضبوط تختن تي،
    لهي ٿي اپسرا وانگي.
    درياءِ نيل جو پاڻي،
    ڏسي ٿو اک کڻي توکي،
    قلو پطره !!“
    ۽ نظم جون پويون پنج سٽون جن ۾ قلوپطره جي من جو سڄو ڀيدُ ۽ هن جي چِت جي چاهت، هن جو هَٺيلو ۽ مغرور ڪردار پڙهندڙ جي اکين آڏو جيئرو جاڳندو ٿي اُڀري ٿو.
    ”قلو پطره!
    مڃون ٿا تون هميشه کان محبت جي اسيريءَ ۾،
    اڪيلو ڪونه سيرز کي رکين ٿِي، پر
    ڪرين ٿي زلف ڪافر سان، سموري روم کي قابو،
    ٻيو ڪهڙو ڀلا ڏَسُ، مصر جي آ چنڊَ جو جادو!“
    تاريخي ڪردارن کي شاعريءَ ۾ سموئڻ ڪن ديومالائي (Mythological) ڪردارن کان وڌيڪ رتُ وِلوڙ عمل آهي، جو شاعر ديومالائي ڪردارن ۾ پنهنجي تصور ۽ تخيل جي زور تي انهن کي پنهنجي سوچ ۽ پسنديءَ جي ڍانچي ۾ ڦهڪائي سگهي ٿو ۽ انهن ڪردارن کي خلقيندي هُو ڪنهن سان به ذميدار ناهي، سواءِ ان جي، جو هُن جي تخيل ۾ آهي، پر تاريخي ڪردارن کي شاعريءَ جو موضوع بڻائڻ لاءِ فني چابڪدستيءَ کان سواءِ سندن تاريخي وجود ۽ اهميت سان هٿ چراند ڪرڻ لاءِ شاعر وٽ تواريخي تلافي نٿي ٿي سگهي. احمد سولنگيءَ قلوپطره جي سڄي ڪردار کي هُن جي چڱاين ۽ لڱاين سان ئي هُن جي تصوير، تصور ۽ منظر کي شاعريءَ جي قالب ۾ ايئن ڦهڪائي پيش ڪيو آهي جو اکين اڳيان سڄو منظر ڪنهن چِتر شالا (Art Gallery) جيان ڦرندو ٿو رهي. چپن جا ياقوت، اکڙين جا الماس، هٿن جا اُجرا ڪنول، سون-سَريکو سينو، ڳلن جا تِر، ڏاهپ، ڪرشما، اهرام ۽ صحرا؛ سڄو منظر ايئن آهي ڄڻ رنگ- منچ تي هڪ ئي وقت قلوپطره پنهنجيءَ هر ادا سان مجسم موجود آهي.
    پر ان جي ابتڙ جڏهن اسين Medieval (وچين دؤر) جي شاعريءَ کي ڏسنداسين ته، ان ۾ ديومالائي (Mythological) ڪردارن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ پيش ڪندي، ان دؤر جي شاعرن نه رڳو مبالغي آرائيءَ کان ڪم ورتو آهي، پر انهن؛ ڪردارن کي پنهنجي تخيل جي اڏام سان يقين ۽ گمان جي حدن کان ٻاهر نڪتل آزادي پڻ ورتي آهي.
    احمد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو اڀياس ڪندي مون کي هن جي جدت ۾ پڻ درمياني دؤر جي شاعريءَ جي شرنگهار رَس (جمالياتي رَسُ چَسُ) جون جهلڪون نئين رنگ روپ ۽ رس ۾ رچيل نظر آيون آهن. سنڌي شاعريءَ ۾ شاهه جي هيءَ سِٽَ ”رَتِيءَ جي رهاڻ، جيءُ اڙايو جَتَ سين“ جمالياتي شاعريءَ جو هڪ جاذب مثال آهي، جيڪو هڪ کان وڌيڪ معنائون ڇڏائي ٿو.
    شاهه سائينءَ جي هيءَ سِٽَ سنڌي جمالياتي شاعريءَ جي اُها سِٽَ آهي، جيڪا مختلف رخن کان پرکي وڃي ته ان جون مختلف معنائون ۽ مفهوم نڪري نروار ٿيندا. رَتِي- ماسي- تولي جي جدول موجب هتي ”رَتيءَ جي رهاڻ، هڪ کن، هڪ پل جي رهاڻ ته هڪ عام فهم مطلب ۽ معنيٰ ڇڏائي سگهي ٿي، پر ڪن پارکن جي راءِ موجب ’رَتِي‘ ڪام ديو (جيڪو sex جو ديوتا آهي) جي پتنيءَ جي ناتي پُرش ۽ اِستريءَ جي سمڀوڳ (جماعَ) جي علامت پڻ بڻجي اچي ٿي.
    شاهه جي هڪ ٻئي شارح جي ويچار موجب رَتيءَ جو مطلب رنگ ۾ رَچِي ويل يا ’رتل‘ پڻ آهي. مان پنهنجي پنهوءَ جي رنگ ۾ رچجي ايئن ’رَتِي‘ ٿي ويس جو ان ’رتيءَ جي رهاڻ، جيءُ اڙايو جت سين.‘ اهو شاهه لطيف جهڙي عظيم جمالياتي شاعر جي فن جو ئي ڪمال آهي جو ان هڪ سٽ ۾ جدا جدا رنگ رچجي ٿا وڃن.
    شاهه لطيف کان شيخ اياز ۽ نارائڻ شيام ۽ اياز کان احمد سولنگيءَ تائين جمالياتي شاعريءَ وڏي مسافت طئي ڪئي آهي. شاعريءَ جي مفهومن جا ٻه الڳ الڳ روپ ۽ رنگ آهن: هڪ سڌو ۽ واضح مفهوم ۽ ٻيو رمزن ساڻ ريجهائڻ وارو. اهو اشارتن مفهوم، جيڪو جمالياتي حِس ۽ حواس ۾ رچجي، انهن کي متاثر ۽ معطر ڪري ٿو، اهوئي شاعريءَ جو روح سان راس رچائيندڙ عمل دخل آهي.
    ”رسيءَ کان مختصر، نازڪ،
    سنهيءَ هِن چيلهه تنهنجيءَ کي،
    سهارو ٻانهن جو آهي.
    مٿان دستُور موجب ئي،

    چپن تي چَپَ رکيل آهن.
    بدن ڄڻ ڊاک جي وَلِ جئن،
    بدن تي ئي وريل آهي.
    هٿن جون آڱريون ويهه ئي وڃن ڳنڍجي
    اِئين ڪنهن طلسماتي موهَه ۾ ٿيون، جو
    پتو ئي ڪونه ٿو پئي ڪو،
    هَوس ۽ عشق ۾ ڪهڙو،
    ازل کان رابطو آهي؟“
    شرنگهار رس يا جماليات جو سڌو واسطو ڏسڻ، ٻُڌڻ ۽ محسوس ڪرڻ جي حواسن سان آهي، جن جي نازڪ ۽ لطيف فن تائين رسائي روبرو به آهي ته گفتگو ذريعي پڻ. شاعريءَ ۾ جماليات جو معنوي مفهوم سونهن سوڀيا، رسُ گيان ۽ حسن پرستيءَ جو سوکيم اظهار آهي.
    جماليات لطيف فن جي اها فيلسوفي پڻ آهي، جيڪا حواسن جي نفسانيت جي رنگ روپ ۾ انساني حسن کي معراج تائين پهچائي ٿي ڇڏي. ڪاليداس جا epics ’شڪنتلا‘ ۽ ’ڪمار سمڀو‘ ۽ ڀان ڀٽ جو شاهڪار ايپڪ ’ڪادمبري‘ شاعري ۽ رنگ-منچ جو رِل مِل روپ پسائين ٿا.
    هن ننڍي کنڊ جي جمالياتي شاعريءَ جو ڀرتري هريءَ کان پوءِ وڏي ۾ وڏو شاعر چوڏهين صديءَ جو مئٿلي ٻوليءَ جو ڪوي ودياپتي ڪري مڃيو ويو آهي. ودياپتيءَ پنهنجيءَ هڪ ڪوتا ۾ چيو آهي: ”ڪوبه منش تيسين پورڻ (مڪمل) نٿو سمجهيو وڃي، جيسين هُن کي شرنگهار رس (جماليات) جو پورو انڀو نه ٿيو هجي.“
    شنڪرآچاريه کي پڻ ’سروگياني‘ جو پد تڏهن پراپت ٿيو، جڏهن هن انهيءَ ڀاوَ جو انڀو ڪيو. ڪاليداس ۽ ڀَو ڀُو وتيءَ جا سنگيت ناٽڪ، جئه ديو جو ’گيت گووند‘ ٽئگور جو ’چترانگدا‘ شاعريءَ ۾ شرنگهار رس کان اڳتي اُڀري وسميءَ ۾ وجهندڙ نفساني ۽ نفسياتي شاعريءَ جو روپ وٺي چڪيون آهن ۽ گڏوگڏ سنگتراشيءَ جي سُندر گهڙت پڻ نظر اچن ٿيون.
    ان حوالي ۾ وديا پتيءَ جي هيءَ ڪوتا:

    ’هرڻيءَ جهڙين اکين واري راڌا کي،
    ڪرشن جي حوالي ڪري،
    سڀ ساهيڙيون هليون ويون.
    موقعو ملندي ئي ڪرشن جا جذبا ڀڙڪي اٿيا.
    هُن پنهنجيءَ راڌا جو هٿ پڪڙيو،
    ۽ لُڀائيندڙ ڳالهين جي بارش شروع ڪري ڇڏي،
    اهڙين ڌُتاريندڙ ڳالهين راڌا جي حياءَ مٿان پردو وجهي ڇڏيو.
    سينگاريل ۽ نرم بستر تي،
    ٻيئي مباشرت ۾ مصروف ٿي ويا،
    ڪرشن، راڌا جي انگ انگ کي چُمڻ لڳو.
    چُمڻ جي لذت سان راڌا بيخود بڻجي ڏڪڻ لڳي،
    رنگين مزاج ڪرشن شهوت جي تخت تي ويهي،
    هُن جي خوف ۽ هراس جي قلعي کي فتح ڪري ورتو.
    هاڻي راڌا وٽ ڪو ڊپ ڊاءُ نه هئو،
    عزت به بچي ويئي ۽ ترپتي ۽ لذت به حاصل ٿي.‘
    ودياپتي چئي ٿو:
    ”بُکايل کي جيترو کاڌو ملي گهٽ آهي.
    اهڙيءَ حالت ۾ ٻنهي جا جسم ۽ جان تڙڦندا ٿا رهن.
    بي قراري سُک سُمهڻ نٿي ڏئي.“
    (ترجمو: ل. ڪ)
    هيءَ مڌيه ڪالين (وچين دؤر) جي چوڏهين صديءَ جي شاعري آهي. ڇهن صدين گذرڻ بعد سوچ جو توارد ۽ ٽڪراءُ ويهين صديءَ جي هنديءَ جي سرشِٺ (برک) ڪوي وتسانين اگيه (Agya) وٽ نئين نوعيت کڻي آيو آهي:
    ”ڪيترين گوپين ڪيئي ڀيرا ڪنهيي کي پيار ڪيو،
    پر هُن پنهنجو سڄو پيار اوتي ڇڏيو،
    ان هڪ ئي سُندرتا تي، جنهن جي هُو تلاش ۾ سرگردان رهيو،
    جنهن کي هُو ڪڏهن پنهنجو نه ڪري سگهيو.
    جيڪڏهن هُو پنهنجو پيار ڪنهن ۾ به ماڻي سگهي ها،
    ته ٻئي ڪنهن پيار جا پنڌ ڇو پُڇائي ها؟
    شاعر گيت مٿان گيت جوڙيندو رهيو،
    پر هڪ ئي موضوع کي وري وري پنهنجن گيتن ۾ ورجائيندو رهيو،
    ۽ ڪنهن گيت تي هن جي گرفت مضبوط نه ٿي سگهي،
    ۽ نه ئي ڪو اهڙو گيت جوڙي سگهيو، جيڪو هن جي دل جي ترجماني ڪري سگهي.
    جي هُن کي اهڙو ڪو موضوع ملي سگهي ها،
    جنهن ۾ هُو پنهنجي سڄي دل پئٽي سگهي ها،
    ته ڪويءَ کي ٻئي ڪنهن گيت جوڙڻ جي ضرورت ڇو محسوس ٿئي ها؟“
    (انگريزيءَ مان ترجمو : ل. ڪ)
    اگيه جي هيءَ ڪوتا نراشا واد يا قنوطيت پسنديءَ سان پُر آهي، پر گڏوگڏ هن جي ’تخليق جي مجبوري‘ پڻ هن جي اداسُينتا جو هڪ روپُ آهي. گوپيون ۽ ڪنهيو علامتون آهن نئين يُگَ جون، جنهن ۾ ڪيتريون ئي گوپيون، ڪيئي ڀيرا ڪنهيي (ڪرشن) کي پيار ڪن ٿيون، پر ڪرشن جو سڄو پيار هڪ راڌا مٿان ئي اوتيل آهي.
    انهيءَ پيرايي ۾ احمد سولنگيءَ وٽ راڌا ۽ ڪرشن جي پريم جو تصور هڪ ڌيمي لئه، لهجي ۽ سانتيڪي سُر ۾ اچي ٿو:
    ”پڳلي راڌا!
    تنهنجي شوڀا،
    سانجهيءَ ويلا،
    ڏيئي وٽِ جان،
    لاٽون لاٽون،
    روز ٻَري ٿي!
    مندر چُپ چُپ،
    گهنڊَ ننڊاکا،
    سانجهه سهيڙي،
    پازيبن جي،
    سُر جي ورکا-
    گوپيون ڳائن،
    بندرا بن ۾-
    شيام ڪنهيا!
    تو لئه دوها،
    خاموشين جا!“
    هڪ شاعر جو روح لڳاتار ڪنهن نه ڪنهن اڻ ٿڪ ڳولا ۾ سرگردان رهندو آهي. بدلجندڙ موسمن جو مزاج ٽئگور جي شاعريءَ جيان احمد سولنگيءَ جي شاعريءَ ۾، مختلف موڊن (Moods) ۾ هڪ موسم دل جي اندر، هڪ موسم دل کان ٻاهر، جو اُڀار پائي، ڪنهن رڳ جيان رُباب سان اُلجهندو آهي، ۽ ڪنهن تندُ جيان طلب سان تڙپي، روح اندر راڳ ۽ روح کان ٻاهر سرگم بڻجي، سُرن جي سنگيت سجائيندو آهي. هي دل کان ٻاهر جي موسم جو اهو منظر آهي، جيڪو مها ڪوي ٽئگور، جڏهن سنڌوءَ جي ڪپ تان سون-ورني سانجهيءَ جي لهندڙ سج کي ڏسي چيو هئو: ”مون پنهنجي سڄي ڄمار ۾ دنيا جي ڪنهن به ڪُنڊ تان شام جو اهڙو منظر نه ڏٺو آهي.“ تڏهن ئي هُن اُها ڪوتا رَچِي هئي؛
    ”تون اهڙي سُندر آهين، جهڙي شام!“
    مهاڪوي رابندرناٿ ٽئگور جي مهانتا جو بنيادي نڪتو، پنهنجي سون-ورني بنگال جي ڌرتيءَ جي اعليٰ قديم قدرن سان قدامت پرستيءَ کان پاسو ڪري، پنهنجي شاعريءَ جون نيون واٽون جوڙڻ رهيو. ڪاليداس جي خوشگوار جمالياتي منظر ڪشي ۽ بنگال جي ويشنو شاعريءَ جي جذبات سان پُر، سنگيت جي موتين سان پنهنجا پلاند ڀرڻ هئو. هُو هڪ طرف پنهنجي ڌرتيءَ جي ڪوين ۾ سڀ کان وڌيڪ ڌرتيءَ جو ڪوي هئو، ته ٻئي طرف سڀ کان وڌيڪ عالمي سطح جو شاعر هئو، جنهن ڪري رابندر سنگيت جي سٽ سٽ ۾ سُر ۽ ساز جي جهنڪار رِلِ مِل آهي.
    ٽئگور کي نثري نظم جو شاعر سمجهڻ وارن کي شايد اُهو احساس نه آهي ته نثري نظم توڻي نئين ڪوتا لکڻ لاءِ پڻ طبيعت جو موزون ۽ روان هئڻ بيحد ضروري آهي.
    نثري نظم ۽ نئين ڪوتا جا ڪوي جڏهن اهو دليل پيش ڪندا آهن ته اسين تجرباتي طور بحر وزن يا ڇندن ۽ ماترائن کي ٽوڙي رهيا آهيون ته انهن کي اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته، ”خدارا! پهرئين ڪجهه جوڙڻ سِکو ۽ پوءِ ئي توهان کي اهو ٽوڙن جو حق حاصل ٿئي ٿو.“ جديد مغربي شاعريءَ جي متوالن کي اهو احساس هئڻ گهرجي ته ٽئگور جو زندگيءَ طرف نظريو هميشه قبوليت، شڪرگذاري ۽ قدر شناسيءَ وارو ئي رهيو.
    هُو پنهنجي سڄي شاعريءَ ۾ ڪٿي به قنوطيت ۽ بيزاريءَ جو شڪار نه ٿيو آهي ۽ نه ئي ڪٿي هُن جديد شاعرن جيان شڪايتن ۽ آهُن، داهُن جا دفتر کوليا آهن. ٽئگور جي هڪ طويل نظم جون شروعاتي سٽون آهن:
    ”مُرڪَ ۽ لُڙڪَ،
    خوشي ۽ غم جي پينگهه ۾،
    سانوڻ ۽ آرهڙ جي موسمن جيان،
    جُهومي رهيا آهن.
    ۽ مان گيت ڳائي رهيو آهيان،
    سڄي عمر گيت ڳائيندو رهندس،
    ڇا اهائي تُنهنجي مرضي آهي؟
    ڇا اهائي تُنهنجي خوشي آهي؟
    ڇا اِن ڪري ئي تو منهنجي ڳچيءَ ۾،
    سنگيت سان سجايل سُرهاڻ جا هار وجهي ڇڏيا آهن.“
    اُهي گيت ۽ نظم، جن جو موضوع محبت آهي، پوپٽ جي پرن جيان رنگ برنگي هوندا آهن. انهن جي رفتار روان دوان آهي ۽ شاعر هڪ مگن ۽ مطمئن راهگير آهي. هُو جلد باز نه آهي، جو تڪڙيون وکون کڻي منزل ڏانهن ڊوڙندو وتي، پر ان راهگير جي اُنهن وڌايل وِکن پويان اعليٰ مقصد آهي، ڇو جو هُن کي زندگيءَ سان پيار آهي.
    مان پنهنجي ان جاچنا جي جواب ۾ ڪنهن دليل يا حيلي حجت پيش ڪرڻ بدران احمد سولنگيءَ جو نظم، ”مدهوش راتين جي جنت“ پيش ڪريان ٿو:
    ”ڪنهن نئين عشق جي آرزوءَ ۾ وري،
    زندگيءَ جي مُنڊيءَ ۾ ٿو پُورو پوان.
    ڪوبه تنهنجو تصور جڏهن ٿو جُڙي،
    باک گهري گگن ۾ ٿي وکري وڃي،
    سُرخ، زرتار، باريڪ پوشاڪ مان،
    تنهنجو چاندي بدن ايئن ٿو ڏيکارجي،
    ڄڻ ته ڪا، جل پري نِڪتي سنڌوءَ منجهان.
    تنهنجي چوٽيءَ جي خوشبوءَ ۾ خاموش ڄڻ،
    ڪائي مدهوش راتين جي جنت هئي،
    تنهنجي شمشاد قد جي مٿان پَرَ هڻن،
    هُئي عقابن کي اهڙي نه ڪا ئي مجال!
    تنهنجي ڳل تي، ڳچيءَ تي تِرن جا ٻُڙا،
    ڄڻ خُدا سونهن جا توکي تمغا ڏنا!
    تنهنجي اکڙين جون ڇُڙواڳ ڇوليون گرمُ،
    سرد رُتِ ۾ محبت جو ساحل هُيون!
    وقت گذري ويو،
    اک ۾ تنهنجو تصور ئي رهجي ويو،
    ڪنهن نئين عشق جي آرزوءَ ۾ وري،
    زندگيءَ ۾ نئون رنگُ ڀرڻو پيو!“
    انگريزي شاعريءَ ۾ رومانوي شاعري گذريل ٻن صدين تائين عروج تي رهي، جو ان ۾ هڪ مخصوص (Romantic School of Thought) (رومانوي مڪتبِِ فڪر) هن ننڍي کنڊ جي شاعريءَ سميت پوري عالمي شاعريءَ مٿان حاوي رهيو ۽ ان جو اثر اڄ تائين جاري ۽ ساري آهي، پر جمالياتي شاعري (Aesthetic Poetry) خالص هن کنڊ (Continent) جي پيداوار آهي.
    برصغير جي شاعريءَ ۾ غالب وٽ Imagery ته عروج تي آهي، پر هن وٽ جمالياتي شاعريءَ جا عنصر ڪٿي به واضح نه آهن. وڌ ۾ وڌ غالب جي هيٺين سٽن جهڙي شاعريءَ مان ڪي جمالياتي نقطا تلاش ڪري سگهجن ٿا:
    ‘‘شرم رسوائی سے جا چھپنا نقابِِ خاک میں
    ختم ہے الفت کی تجھ پر پردہ داری، ہائے ہائے!’’
    ٻئي طرف هن جي پيشرُو شاعر مير تقي مير وٽ جمالياتي شاعري هڪ اڻ ڇُتي رنگ روپ ۽ روانيءَ سان درياهه جي ڇولين جيان ڇُلڪندي نظر اچي ٿي.

    ‘‘وصل میں رنگ اُڑ گیا میرا
    ہجر کو کیا مُنہ دکھاؤں گا؟’’

    برصغير جي جديد شاعريءَ جا نمائنده شاعر هر ٻوليءَ جي شاعريءَ ۾ اوس هوندا، پر منهنجي اڀياس موجب جديد اردو شاعريءَ جو باني ثناءُالله بٽ (ميراجي)، جديد هندي شاعريءَ جو باني ’سوريه ڪانت نرالا‘ ۽ سنڌي جديد شاعريءَ جو باني ’هريش واسواڻي‘ آهن. ميراجيءَ اردوءَ ۾ هندي لهجي واري شاعري تخليق ڪري هڪ نئين ڊڪشن سان گڏوگڏ خيال جي گهرائي پيدا ڪري، نه رڳو جديد شاعراڻي سوچ کي وسعت ڏني، پر پنهنجي لَئه-ڀريي لهجي سان اردو ۽ هندي شاعريءَ کي هم آهنگ ڪري ڇڏيو:
    ‘‘جب نیندوں سے جاگیں گے
    اور سپنوں کو تیاگیں گے
    تب کیسی حالت ہوگی
    بپتا یا راحت ہوگی؟’’
    ميراجيءَ وٽ ادب انساني قدرن جي نت نين منزلن جو ڏَسُ ڏيندو آهي، هُن لاءِ ادب ڪنهن خارجي حقيقت جو عڪس يا اولڙو ناهي، پر ڪنهن اڻٿڪ جستجو جو ٻيو نالو آهي. ڊاڪٽر وزيرآغا جي چوڻ موجب: ”جديد اردو نظم ۾ مٿاهينءَ کان هيٺاهينءَ ڏانهن وڌڻ جو آغاز ميراجيءَ سان ٿئي ٿو.“
    ‘‘میں دندھلی نیند میں لیٹا تھا، سو پردوں سے وہ جاگ اُٹھی
    ھلکی ھلکی بستی آئی، اور چھائی میٹھی خوشبو سی،
    باریک دوپٹا سر پہ لیئے، اور آنچل کو قابو میں کیئے
    چنچل نینوں کو اوٹ دیئے، شرمیلا گھونگھٹ تھامی تھی۔’’

    ميراجي جڏهن دهليءَ ۾ آل انڊيا ريڊيو تي اسڪرپٽ رائيٽر هئو، ته اسٽوڊيو ۾ نشريات شروع ڪرڻ کان پهرين، اسٽوڊيو جو در اندران بند ڪري پنهنجي جسم جي تاڻيل رڳن کي هٿ سان خارج ڪري رلئڪس ٿي، پوءِ ئي نشريات ڪري سگهندو هئو. ان موضوع تي هِن ٻه نظم ’لبِ جوئباری‘ ۽”رس کی انوکھی لہریں“به لکيا آهن، جيڪي ڪن نقادن شاهڪار نظم ڪري مڃيا آهن، پر گڏوگڏ ”لبِ جوئباری“ ميراجيءَ جو بدنام ترين نظم به آهي. رڳو اهو نظم ئي نه بلڪ ميراجيءَ جي سڄي شاعريءَ کي غلاضت جو ڍير سڏي، ترقي پسندن ميراجيءَ کي ادب کان ٻاهر ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي، پر ميراجيءَ جي شاعريءَ ۾ جيئن ته زندگيءَ جون سچايون موجود هيون، ان ڪري اڄ به هن جي شاعريءَ جي اهميت ۽ بلندي جيئن جو تيئن برقرار آهي. شيخ اياز پڻ ميراجيءَ کي جديد اردو شاعريءَ جو وڏي ۾ وڏو شاعر قرار ڏنو آهي. ’لبِ جوئباري‘ نظم جو آغاز هنن سٽن سان ٿئي ٿو:
    ‘‘ایک ہی پل کیلئے بیٹھ کر ہم اُٹھ بیٹھے،
    آنکھ نے صرف یہ دیکھا کہ نستہ بُت ہے،
    نہیں بصارت کو نہ تھی تاب کہ وہ دیکھ سکے،
    کیسے تلوار چلی، کیسے زمیں کا سینہ،
    ایک لمحے کے لئے چشمہ کی مانند بنا،
    پردہ چشم نے صرف ایک نستہ بُت کو،
    ذہن کے دائرِ خاص میں مرکوز کیا۔’’
    ۽ نظم جو آخري بند آهي:
    ‘‘جل پری آئی کہاں سے؟ وہ اسی بستر پر’’
    ميراجيءَ سان عمر وفا نه ڪئي، هن رڳو ستٽيهه سال مختصر عمر ماڻي نه ته هُو اردو/ هندي ادب کي الائي ڪيترو املهه سرمايو ڏيئي وڃي ها، پوءِ به هُو نثر ۽ نظم جي تيرهن مجموعن جو خالق آهي. ان جي ابتڙ هن جي همعصر نذر محمد راشد (ن- م- راشد) اسي سالن کن جيتري ڄمار تائين جديد اردو شاعريءَ کي چڱو اڳتي وڌايو، پوءِ به اردوءَ ۾ جديد شاعريءَ جو باني ميراجيءَ کي ئي مڃيو ويندو. ميراجيءَ جي جمالياتي شاعريءَ جو تجزيو ڪندي، ن- م راشد هن مٿان فحاشيءَ جي الزام کي رد ڪندي لکي ٿو:
    ”ميراجيءَ جو مقصد ڪڏهن به شهوتي جذبن کي اُڀارڻ نه هئو، هن مٿان اهو الزام مڙهڻ ته هُو بيمار ذهن رکندڙ هئو، جنهن مٿان سدائين جنسيات سوار هئي ۽ هُو فحاشيءَ جو پرچارڪ هئو، بنهه شرارت آميز سوچ آهي. حقيقت اها آهي ته ميراجيءَ کي اهو يقين آهي ته اسان جي دؤر جي انسان جي اخلاقي شڪست ۽ پستيءَ جو اصل ڪارڻ رازداري آهي، جنهن جي پردي ۾ جنس جو ذڪر ڪيو ٿو وڃي ۽ جنس جي باري ۾ اهي نيم اخلاقي ۽ اياڻپ وارا عقيدا آهن. ميراجيءَ جي شاعري ان ڪري ئي ڄڻ انسان کي غلاضت ۽ شيطاني توڻي شهوتي عمل کان نجات ڏيارڻ جي ڪوشش آهي، جيڪا هن جي تحت الشعور جي چوڌاري صدين کان گڏ ٿي چڪي آهي. ميراجيءَ جي شاعري ان نام نهاد اخلاقي تصور خلاف احتجاج جي صدا آهي، جنهن انسان جي روح کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.“
    خود ميراجيءَ پنهنجي جنسيات جي تصور جي وضاحت ڪندي چيو آهي:
    ”ڪيترا شخص ايئن سمجهي رهيا آهن ته زندگيءَ جو رڳو جنسي پهلو منهنجي توجهه جو مرڪز آهي، پر اهو خيال صحيح ناهي. جنسي فعل ۽ ان جي تعلق کي مان قدرت جي وڏي نعمت ۽ زندگيءَ جي سڀ کان وڏي راحت ۽ برڪت ڪري سمجهان ٿو. جنس جي چوڌاري جيڪا آلودگي تهذيب ۽ تمدن گڏ ڪري رکي آهي، اها مون کي بيهوده لڳندي آهي. ان ڪري ردعمل طور مان دنيا جي هر ڳالهه کي جنس جي ان تصور جي آئيني ۾ ڏسان ٿو، جيڪو فطرت جي بنهه مطابق آهي ۽ منهنجو آدرش آهي.“
    ان ئي آدرش هيٺ ميراجيءَ جو عشق بينگالي دوشيزه ميراسين تائين ئي محدود رهيو. ان جي ابتڙ احمد سولنگيءَ جي عشق جو تصور بسيارگوئيءَ تي بيٺل آهي:

    ”مون ته سوچيو ڪين هو مُنهنجي مٺي؛
    پنهنجي جوڀن جو تون بخشيندينءَ بهارُ!
    رات جو جگنوءَ جيان ۽ ڏينهن جو؛
    پوپٽن ۾ تون ڪندينءَ پنهنجو شمارُ!

    رات ساري مُنهنجي سيني تي سُتينءَ؛
    ڪونجَ جهڙي تون ڳچيءَ سان ڳهَرجِي!
    خوابَ جهڙي ڪنهن جزيري ۾ پُڄي؛
    ننڊ – ڀاڪر ۾ وئينءَ تون ويڙهجي!

    سانوڻيءَ جو چاڙهُه، مستي مُند جي؛
    جسمَ تنهنجي ۾ نديءَ جهڙو اُڀار،
    تون بدن جي سون ٽڪريءَ تان سَکِي!
    پنهنجي ڇاتيءَ جي چڪورين کي اُڏار.

    نغمگي پازيبَ تنهنجي جي ٻُري؛
    روح جي تاريڪ تَهخاني مٿان،
    تنهنجي پنبڻين جا ڇَپرَ ڪارا ڪَڪرَ؛
    رات ڇانيل ڄڻ ته مئخاني مٿان.

    مون ته سوچيو ڪين هو منهنجي مِٺي!
    پاڻُ ارپي، پاڻَ لاهيندينءَ لباسُ،
    ڏينهن جو سوچي، رتوليءَ رات تي؛
    تون اڪيلائيءَ ۾ ٿي ويندينءَ اداسُ!“

    ميراجيءَ وٽ محبوبا جو ’پاڻُ ارپي لباسُ لاهڻ‘ وارو تصور نه هئو ۽ نه ئي ننڊ ڀاڪر ۾ ويڙهجي وڃڻ جو ڪو تخيل هئو. ميراجيءَ رڳو هڪ ڀيرو همٿ ٻڌي لاهور ۾ ڪاليج جي احاطي ٻاهران ميراسين کي بيهاري پنهنجي عشق جو اظهار ڪيو ته ميراسين بنا هڪ اکر ڳالهائڻ جي چپ چاپ هُن کي ٻُڌندي رهي. جڏهن ميراجيءَ پنهنجي سڄي دل هن اڳيان پيٽي رکي ته ميراسين هن کان رڳو ايترو پُڇيو: ”توهان پنهنجي ڳالهه پوري ڪئي؟ هاڻي مان وڃان؟“ ميراجيءَ جي وات مان رڳو هڪ اکر اُڪليو. ”ها“. ۽ ميراسين هن کي ’خدا حافظ‘ چئي هلي ويئي ۽ ڪجهه ڏينهن اندر لاهور ئي ڇڏي ويئي.
    ان ملاقات کان پوءِ ثناءُالله بٽ پنهنجو ادبي نالو ’ميراجي‘ رکيو ۽ ’ميرا‘ جي ياد ۾ پنهنجا ڪيترا نظم هن سکر ۾ سنڌوءَ جي ڪناري تي ويهي تخليق ڪيا، جتي هن جو والد ريلوائي ملازم هُئو.
    اڄ جو دؤر رياض خيرآبادي واري شاعريءَ جو دؤر ناهي، جنهن جي هر مصرع شراب، ساقي ۽ جام و مينا ۾ ئي ٻُڏل هجي ۽ هر سٽ ان ئي محور تي ڦرندي رهي:
    ‘‘طاقِ حرم سے شیخ وہ بوتل اُٹھا تو لا۔’’
    حالانڪ رياض خيرآباديءَ سڄي زندگيءَ ۾ ڪڏهن شراب چکي به نه ڏٺو هئو. اهڙي غير مشاهدي واري شاعري گهڻو عرصو جٽادار نٿي رهي.
    اڌ صدي گذرڻ کان پوءِ به اڄ جو دؤر ميراجي ۽ ن-م راشد جي جديد شاعراڻي سوچ، رخ ۽ رويي سان جاري و ساري آهي.
    عالمي سطح تي اڄ جو دؤر فرانسي شاعرLautreamount لاٽريمائونٽ جي ’Songs of Maldoror‘ (مالڊورار جا گيت) واري شاعريءَ جو دؤر آهي، جن ۾ گيتن جو هڪ پيغمبراڻو شان ۽ جلوو نظر اچي رهيو آ هي. مالڊورار جي گيت جي هڪ سٽ آهي:
    "They knew not that the evil done by man was not to be undone."
    (کين اُها ڄاڻ نه هئي ته هڪ شخص جي شيطاني عمل کي باطل نٿو ڪري سگهجي.)
    اڄ جو دؤر Sylvia Plath (سئلويا پلاٿ) جو دؤر آهي، هي سٽون:
    ”اڃا ڪيترو فاصلو آهي؟
    مان پنهنجي جسم کي گهلي رهي آهيان.
    ريل پنهنجو پاڻ کي.“
    اڄ جو دؤر وليم بلئڪ William Black ۽ T.S. Eliot جي سلسلي جي Extension (پکيڙ) جو دؤر آهي. سوئيز جي هُن طرف محمود درويش جو دؤر آهي. ترڪيءَ جي ناظم حڪمت جو قيد و بند آهي. اهڙي شاعري اڃا به ان وکر جيان آهي، جيڪا پئي پُراڻي نه ٿي آهي.
    T. S. Eliot جي ’West land‘ جي هڪ سٽ آهي:
    "They, who turn –Return"
    (جي مُڙن ٿا- موٽن ٿا)
    انساني رشتن ناتن ۽ دائمي قدرن واري شاعري ڪنهن هڪ دؤر ۾ مُڙندي آهي ته ايندڙ دؤر ۾ موٽي ايندي آهي ۽ Hollow man نئين سوچ سان ٻيهر ’Man of Substance‘ (مردِ ڪامل) ٿي واپس ورندو آهي.
    برصغير جي سطح تي سرحد جي هڪ پار ناصر ڪاظمي ۽ مُصطفيٰ زيدي ٻئي پار دشينت ڪمار ۽ ڪملا داس جي شاعريءَ جو دؤر آهي. جن وٽ شاعريءَ داخليت کان خارجيت طرف سفر ڪيو آهي. اڄ جي نسل جي شاعرن کي سمجهه ۾ اچي ويو آهي ته:
    "Greater the poet - greater is the detachment"
    (هڪ شاعر جي عظمت هُن جي ناوابستگيءَ ۾ آهي.)
    اڄ جي شاعر جي سوچ فيض جي هن مصرع جو عڪس آهي.
    ‘‘چھوڑیئے یوسف گم گشتہ کی کیا بات کریں،
    شدتِ شوقِ زلیخا نہ تُجھے ہے، نہ مُجھے!’’
    شعر ۾ ڪو نُقطو پيدا ڪرڻ ڪا وڏي شاعري ناهي، پر لاشعوري طور ڪنهن جي شاعريءَ ۾ ڪي نوان نُقطا نڪري نِروار ٿين ته اُها شاعر جي ذهني تربيت يا هُن جو مخصوص مشاهدو آهي. هنديءَ جي شاعر دشينت ڪمار جي غزل جو هڪ بند آهي:
    ‘‘تو کوئی ریل سی گذرتی ہے،
    میں کوئی پُل سا تھرتھراتا ہوں!’’
    هي بند هڪ نئين خيال ۽ نئين مشاهدي جو مثال آهي. اهڙي ئي جديد سوچ ۽ مشاهدو احمد سولنگيءَ وٽ هنن سٽن ۾ شعريت جي شڪل وٺي بيٺو آهي:
    ”تنهنجي تَنَ کان تنهنجي من تائين رڳو،
    مان نرم ڪي روحَ جا رستا گُهران ٿو،
    تنهنجي اکڙين سان ڏسڻ سپنا گُهران ٿو!“
    احمد سولنگيءَ جي شاعريءَ جي هن پهرئين مجموعي جي مسودي جو ورود ڪندي مون کي مليالم ٻوليءَ جي اهم اديبه ۽ شاعره ڪملا داس جي شاعري ذهن تي تري آئي آهي. ڪملا داس جي مشهور ۽ متضاد آتم ڪٿا My Story (منهنجي ڪهاڻي) هن جي زندگيءَ جو رنگين، پر هڪ دُک ڀريو داستان آهي. مان نٿو ڀانيان ته برصغير جي ادب ۾ ڪنهن اديبا ايتري بيباڪيءَ سان پنهنجي زندگيءَ جي واقعن، وارداتن، آزمودن ۽ تجربن جو بيان ڪيو هوندو. ستر سالن جي عمر ۾ اچي هن ماڌو ڪٽيءَ نالي برهمڻيءَ الائي ڪهڙيءَ مصلحت هيٺ اسلام قبول ڪري پنهنجو نالو ڪملا ثريا داس رکيو ۽ پرده نشين ٿي ويئي. ان حوالي ۾ هن جي هڪ نظم جون سٽون آهن:
    “The begining of Autumn
    She floats in her autumn
    Yellow like a leaf
    And free-”
    (پن ڇڻ جي شروع ٿيڻ سان ئي هوءَ پنهنجي ئي پن ڇڻ واري زندگيءَ ۾ پيلي پَنَ جيان هيڏانهن هوڏانهن اُڏامڻ ٿي لڳي- پر آزاديءَ سان!)
    آسٽريليائي اديب Syd Harrex ڪملا ثريا داس جو تعارف ڪرائيندي لکيو آهي:
    ”ڪملا داس جي شاعري ان ماڊرن هندستاني عورت جو الميو بيان ڪري ٿي، جيڪا پنهنجو پاڻ کي آزاد ڪرڻ، جنسي ۽ گهريلو استحصال کان پاڻ کي بچائڻ ۽ ان قيد کان پاڻ کي نجات ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي، جنهن کي معاشري هن جي نصيب جو حصو بڻايو آهي.“
    انهيءَ پس منظر ۾ ڪملا ثريا داس جو هي نظم:
    From the debris of House – wrecks,
    Pick up my broken face
    Your bride’s face
    Changed a little with the years.
    I Shall not remember
    The betrayed Honeymoon;
    We are both such cynics,
    You and I.
    If loving me was hard then
    It is harder now.
    But love me- one day.
    (ڊهي پٽ پيل گهر جي ملبي جي ڍير مان،
    منهنجو ٽُٽل چهرو کڻي وٺ!
    تنهنجي ونيءَ جو چهرو،
    سالن گذرڻ سان ڪجهه بدلجي ويو آهي.
    مان دغابازيءَ واري سُهاڳ رات کي،
    وساري ڇڏينديس.
    ٻيئي اهڙا پورالا آهيون،
    تون ۽ مان،
    جو ان وقت اگر پيار ڏکيو هئو،
    ته هاڻي مشڪل تر آهي،
    پر هڪ ڏينهن مون کي پيار اوس ڪر.)
    (ترجمو: ل. ڪ)
    ڪملا ثريا داس جو چوڻ آهي ته: ”اسان جو حال ايترو دلچسپ نه هوندو آهي، جيترو اسان جو ماضي هوندو آهي. مان پنهنجي ماضيءَ جي بنديوان ٿيڻ نٿي چاهيان، پر مان ڇا ڪريان؟ جو مان پنهنجو ماضي وڪڻڻ لڳي آهيان، ان کي ماڻهن ۾ ورهائڻ لڳي آهيان. جنهن کي به رات جي مانيءَ تي سڏايان ٿي ته مان هُن کي چوان ٿي ته هُو ٿورو گهڻو منهنجي ماضيءَ جي طعام جو به سواد چکي. هُو منهنجي ماضيءَ کي پاڻيءَ جيان پيئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿئي ته ماڻهو منهنجي ماضيءَ کي شراب وانگر جام مٿان جام جيان رات گذرڻ تائين پيئندا رهن. منهنجي ماضيءَ جون سڀ ذائقي دار هڏيون چوسي ڇڏين، چٻاڙي ڇڏين ۽ مان ماضيءَ جي طاقت کان پاڻ کي خالي سمجهي؛ هڪ ڪمزور ۽ نڍال جيان هڪ پاسي ڪنڌ ڍاري ڇڏيان.“
    ڪملا داس جو شاعريءَ طرف هيءُ رُخ مون کي متاثر ڪندڙ حد تائين احمد سولنگيءَ جي سوچ سان لاڳاپيل لڳو آهي، جو احمد سولنگيءَ جي شاعريءَ ۾ پڻ رڳو ڪنهن تصوراتي زندگيءَ جو نفعي نقصان وارو عالم نه، پر هڪ ڄاتل سڃاتل ۽ گهاريل زندگيءَ جا الميا آهن. اندر ۾ اٿندڙ هڪ ويڙهه آهي، جيڪا اسان کي گهوٽي به ٿي ته گڏوگڏ اسان جا گهاوَ به ڀري ٿي ۽ پيار ۽ پيڙا کي رِل مِل ڪري؛ اسان کي هر موڙ تي زندگيءَ سان جوڙي پڻ ٿي. شاعري پنهنجيءَ پَر ۾ ئي شاعر جي وجود جو هڪ اهم حصو آهي. پنهنجن زخمن مٿان پاڻ پَها رکڻ وارو عمل آهي، جنهن ۾ پيڙا به آهي، پڇتاءُ به آهي ته هيانءُ هلڪو ڪرڻ جو سرو سامان پڻ آهي:
    ”پَنَ پيلا پيا ڇڻي؛
    ۽ اُداسي وئي هلي،
    ميڻَ جان پگِهري وئي؛
    شهر پٿر جي ڳلي!

    سانجهه سُرمئيءَ سان ويو؛
    درد جو گَهرو غبارُ،
    تو اُجاريا آئينا؛
    چاندني ٿي بيڪنارُ.


    ٿيا منور ميرڙا؛
    ڪي گهروندا روحَ جا،
    منهنجي من جي ماڻڪين؛
    خواب چهرن جا ڏٺا!

    سِپَ ساحل جي مٿان؛
    سمنڊَ کي سوگهو ڪيو،
    ريت جي ذرڙن منجهان؛
    چنڊُ ڪو جاڳِي پيو!“
    ڇ
    احمد سولنگيءَ جو هي نظم منهنجي مٿيئن تشريح جي نمائندگي ڪندي، من جي انهن ڪُنڊن کي اُجاڳر ڪري ٿو، جن ۾ ’پيار ۽ پيڙا‘ زندگيءَ جي هر موڙ تي هڪ ٻئي سان جُڙيل آهن. پيلا پَنَ ڇَڻي پوڻ سان اُداسي ختم ٿي وڃي ٿي. سانجهه سُرمئيءَ سان دل جو گَهرو غُبار غائب ٿي ٿو وڃي، نه ته اڄ جي هن انڌي يُگَ ۾ اسان جي اکين ۾ ايتري ته ڌوڙ ڀَرجي چڪي آهي جو اسان کي احساس ٿي رهيو آهي ته ڄڻ صبح اڃا جاڳيو ئي ناهي.
    -پر احمد سولنگيءَ جي شاعراڻي سوچ ۾ مَن جي ماڻڪين، چهرن جا خواب ڏسي، ريت جي ذرڙن مٿان چنڊ کي جاڳايو آهي. هتي ريت جا ذرڙا اسان جي اڄ جي زندگيءَ جي علامت بڻجي آيا آهن ۽ چنڊ جي چانڊوڪي؛ ان حقيقت جي علامت آهي ته اسان جن واٽن تي وک وڌائي رهيا آهيون، انهن واٽن مان وشواس وڃايو ناهي، سڳن آهوجا جي هن سِٽَ جيان:
    ”مهلقائن کي خدارا ڳالهه هيءَ سمجهائي ڇڏ
    چنڊ ڪنهن جو ڀي هجي، پر چاندني سڀ جي هجي!“
    احمد سولنگيءَ پڻ جاڳيل چنڊ وقت اها ئي تمنا ڪئي آهي:
    ”ٿيا منور ميرڙا؛
    ڪي گهروندا روحَ جا،“

    شاعريءَ ۾ ڪردارنگاري هڪ روايتي، پر قبوليت جوڳو موضوع پئي رهيو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ڪوتا يا نظم ۾ اُڀاريل ڪردار Legendry ڪردار بڻجي لازوال ٿي ويندا آهن، جيئن انگريزي شاعريءَ ۾ ’قبلائي خان‘ جو ڪردار عالمي شاعريءَ جو هڪ جاودان ڪردار بڻجي چڪو آهي، ۽ John Keats جو ’Ruth‘جو ڪردار هڪ حسين دوشيزه جي عشق جي الميي جو حد نشان بڻجي چڪو آهي.
    احمد سولنگيءَ جو شهنائي نواز ’بسم الله خان‘ نالي نظم سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ مخصوص مقام والاري سگهندو، جو احمد سولنگيءَ جي هن نظم هڪ عظيم فنڪار کي پنهنجي شاعريءَ ذريعي امرتا بخشي ڇڏي آهي. مان هتي اهو سڄو ئي نظم درج ڪرڻ کان پنهنجي قلم کي روڪي نٿو سگهان.
    ”فنڪار جي دل،
    درد جا جيڪي ٻُرائي ٻول ٿي،
    سي، ڪهڙي پُڙ ۾ ٿا تُرن؟
    ڪا ساهمي شرناءِ جي آوازَ کي،
    توري نه ٿي ڪڏهين سگهي؛
    شرناءِ ٿي ڇاتي ڇِني!
    فنڪار جي اک ٿي وَسي،
    هر وقت اوهيڙا ڪري.
    ڄڻ ڦوڪ هڪڙيءَ ساڻ بسم الله جي،
    سُرهي چنبيليءَ ول ٿِي
    سُر، سازَ ۽ آواز جي ٽِڙيو پوي،
    ۽ روح کي ويڙهيو وڃي!
    ڄڻ ٻن چپن، ڦوُڪيل مٽن ۽ آڱرين،
    دنيا نئين تخليق ڪئي!
    ڌرتي نئين،آڪاس نئون،
    گنگا نئين،
    باکون بنارس جون نيون،
    سورج مُکين لئه سِجُ نئون،
    اوڙون نيون ۽ ٻجُ نئون.
    ڪا چيٽ جي ڦُولارَ نئين،
    ويساکَ جون ويرون نيون،
    هڪڙي بنارس جي اندر،
    هڪ ٻئي بنارس جو هجڻ،
    ايئن ٿو لڳي:
    فنڪار ڄڻ جوڙون نيون،
    جنسارَ جون جوڙيون هجن!“
    شهنائي نواز ’بسم الله خان‘ بنارس ۾ روز پرڀات جو گنگا نديءَ جي گهاٽ تي شهنائيءَ جي آلاپ ۽ سُرن سان سرسوتي وندنا ڪندو هئو ۽ ان وقت ڪاشيءَ (بنارس) جي دشميشور گهاٽ تي ڄڻ سرڳ جو ڏيک محسوس ٿيندو هئو. خان صاحب جڏهن آمريڪا جي دوري تي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪرڻ ويو ته، سندس اتان جي شائقين خان صاحب کي چيو: ”آمريڪا ۾ توهان کي شهريت جا سڀ حق ڏيئي، توهان کي آبرودار رُتبو ڏيئي، مالي آسودگي ڏيئي توهان کي هميشه لاءِ هتي رهي پوڻ جي آڇ ٿا ڪريون. توهان مهرباني ڪري اها آڇ قبول ڪريو،“ ته بسم الله خان کين مرڪي جواب ڏنو: ”پر هتي مون کي گنگا (ندي) ڪٿان ملندي؟“
    ازرا پائونڊ جي ’ڪئنٽوز‘ جيڪا قطعن جهڙي شاعراڻي صنف آهي، انهن ۾ به ڪردار نگاريءَ جا عنصر اڄ به نه رڳو ظاهر ظهور آهن، پر قبوليت جوڳا پڻ، ’Sales Girl‘ جهڙو ڪردار ازرا پائونڊ چئن سٽن ۾ ايئن نباهيو آهي، جو هوءَ همدرديءَ جي هڪ نئين ڪُنڊ اُجاڳر ڪري ٿي ڇڏي.
    ننڍي کنڊ جي ادب ۾ ڪردار نگاري توڻي ڪردار ڪُشي اڄ به اهميت ڀري اوس آهي، پر اها ڪهاڻي يا ناول جي موضوع تائين محدود رهجي ويئي آهي. هندستاني ادب ۾ هندي، گجراتي ۽ بينگالي شاعري هاڻي جديديت (Modernism) کان گهڻو اڳتي نڪري جديديت پُڄاڻان (Post Modernism) جون سرحدون پڻ پار ڪري چڪي آهي. جيتوڻيڪ مذڪور ٽنهي ٻولين ۾ اها شاعري پنهنجي اصليت (genuineness)سان آئي آهي، پر سنڌيءَ ۾، خاص طور سنڌ هند جي ڪن نوخيز (amature)شاعرن وٽ اها فئشن پرستيءَ طور اچي پهتي آهي. هتي مان هنديءَ جي نئين شاعريءَ جي نمائنده شاعر ’سرويشور ديال سڪسينه‘ جي هڪ ڪوتا ’دستاني‘ جو مثال پيش ڪريان ٿو:
    ‘‘پڑہو ننگے پیٹ پر
    گرد آلودہ پسینے کی دھار کو۔
    انقلاب کی تحریر کی طرح،
    اور اُسے اٹھاؤ
    جو بوجھ سے تھک کر گر رہا ہے،
    زباں کٹی ہوئی ہے
    پُکارنے سے معذور ہے
    تباہی اس کا مقدر ہے
    ---انگلیوں میں چبھے کانٹے
    تم سوچتی ہوگی
    وہ تو ظلم سھنے کیلئے ہی بنا ہے
    بے جان ہے، اُس کی رگوں میں خون نہیں ہے
    لیکن یاد رکھو---
    ناانصافی اور سزا کی حد
    جب گذر جاتی ہے
    تو بے جان میں سب سے پہلے جان آ جاتی ہے۔’’
    احمد سولنگي ورهاڱي کان پوءِ پيدا ٿيل شاعريءَ جي چوٿين پيڙهيءَ جو شاعر آهي، جنهن شاعريءَ جي ان اصول کي قبول نه ڪيو آهي ته، ”شاعر جيڪڏهن سماج جي اک آهي ته، اُهو سماج جي فائدي وٽان ئي آهي ته اها اک کليل رهي.“ احمد سولنگيءَ جي سوچ موجب، هُن جي شاعراڻي جوابداري رڳو سماجي سياهه ڪارين تائين ئي محدود نه آهي. هن جي وابستگي اندر جي اک سان اول آهي. احمد سولنگيءَ وٽ رڳو سماج جي ليڙون ليڙون ٿيل لٽن ۾ پنهنجي روح جو درد لڪائڻ جي دعويٰ ڪندڙ شاعري نه آهي، پر هن جي شاعريءَ ۾ جيڪو اندر جو اُهاءُ لڪل آهي، ان کي ڪهڙو به نالو ڏيئي سگهجي ٿو. سوچ جي ڪسوٽيءَ تي اهائي کري (Genuine) شاعريءَ جو رتبو ماڻيندي:
    ”ڪتين سان، چنڊَ سان تارا، پيا آڪاسَ ۾ جاڳن،
    سٻاجها، نيڻ احمد جا، ڪٿي آرام ڳولن ٿا!“

    يا
    ”تون به تنها زندگيءَ جو سمنڊُ جهاڳين ٿي پئي،
    ڄڻ اڪيلائيءَ جا اُڌما حال ٿا اوري وڃن.
    شامَ جي خوشبو لفافي ۾ اڃا موجود آهِه،
    لڙڪ هاڻا تنهنجي خط جا لفظ ٿا جهوري وڃن!“

    احمد سولنگيءَ جون هي سٽون قديم کان قديم ۽ جديد کان جديد شاعريءَ تائين هڪ شاعر جي اندر جي احساسن جي اهڙي ترجماني ڪري سگهنديون؛ جو انهن سٽن جي خالق کي ڪنهن به مخصوص دؤر سان وابسته يا ان ۾ پابند نه ڪري سگهبو. ايئن جيئن اڌ صدي اڳ جون لکيل اختر شيرانيءَ جون هي سٽون:
    ‘‘مِٹ گئے میری امیدوں کی طرح لفظ مگر،
    آج تک تیرے خطوں سے تیری خوشبو نہ گئی۔’’
    جيئن زندگيءَ ۾ پيار ڪڏهن پُراڻو نه ٿيندو آهي تيئن شاعريءَ ۾ پڻ عشق جو جذبو جاودان ۽ جاذب ئي رهندو آيو آهي. احمد سولنگي بنيادي طور رومانوي شاعر آهي، ان ڪري هُن جي شاعريءَ کي ڪنهن تحريڪي يا تاثراتي خانن ۾ بند نٿو ڪري سگهجي، خاص ڪري جڏهن هُن جي شاعريءَ ۾ اظهار جي اعليٰ قوت، لفظن جون صحيح معنائون ۽ مفهوم ۽ سِٽن جي روح سان راس رچائڻ واري رواني، لهرن جي مڌُر پڙلاءَ جو رس ڏئي ٿي. احمد سولنگيءَ پنهنجن اڪثر نظمن ۾ شبد ڀنڊار (Poetic Vocabulary) کي نه رڳو وسعت ڏني آهي، پر خيال ۽ ٻوليءَ جي رنگ رس جا نوان فن ۽ فارم به تخليق ڪيا آهن. هن جي شاعريءَ جي سٽ سٽ پنهنجو پاڻ ۾ ئي هڪ مڪمل شاعري آهي.
    ”ڍنڍَ سُفيد پکين سان ڇانيل،
    ڪنهن شاعر جو خوابُ اٿيئي.“
    احمد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو اڀياس ڪندي مون کي اهو احساس ٿي رهيو آهي ته، سوَ سالن بعد به عظيم شاعرن جي سلسلي جون اُهي ڪَڙيون، جيڪي ماضيءَ کي حال سان مضبوطيءَ سان جوڙي بيٺيون آهن، انهن مٿان ڪڏهن ڪا ڪَٽ نه چڙهي سگهندي آهي. روس جي عظيم شاعر ماياڪو وسڪيءَ جي هيءَ ڪوتا:
    ”جڏهن انڊلٺ،
    ڪمان جي شڪل ۾
    آسمان تي وراڪا ڏئي ٿي،
    ۽ نيرو آسمان،
    ڪنهن به ڳنڍ يا چَتيءَ کان سواءِ،
    چمڪڻ ٿو لڳي،
    مون کي ٻُڌاءِ!
    ان وقت تنهنجين پاسرين ۾،
    ڪا مٺي ڪتڪتائي نٿي ٿئي؟
    تون ان وقت ايئن نه چاهيندو آهين،
    ته تنهنجيءَ قميص اندر لڪل ڇاتي،
    ڪپڙن جو بوجو لاهي ڦٽي ڪري ڇڏي،
    ۽ ان بدران توکي کنڀ نڪري اچن،
    جيئن تون آڪاس ۾ اڏامڻ لڳين.“
    (ترجمو: ل. ڪ)
    ڪنهن خاص سياسي مصلحت هيٺ ولاديمير ماياڪو وسڪيءَ کي رڳو انقلابي شاعر ڪري پيش ڪيو ويو هئو، نه ته هُو بنيادي طور هڪ رومانوي شاعر هئو. هن جي انقلاب جو تصور به Romantic‘ ’Revolution (رومانوي انقلاب) هئو. پبلو نرودا جي چوڻ موجب، ماياڪو وسڪيءَ جي شاعراڻي قوت، شگفتگي ۽ صلاحيت شاعريءَ جي فن جا عاليشان، اڻ ڇُتل ۽ مثالي نمونا آهن.
    ماياڪو وسڪيءَ جو طويل نظم ”IT“ (هن لفظ جو سنڌي ترجمو نٿو ٿي سگهي) هن جي ’ماريا‘ سان ڪيل پيار جي دردناڪ پڇاڙيءَ جي نتيجي طور تخليق ٿيو.
    نظم’IT‘ هڪ آتم ڪٿا آهي. پنهنجيءَ محبوبا سان اتفاق ڪندي ته هُو ساڻس ڪجهه عرصي لاءِ نه گڏجندو، ماياڪو وسڪيءَ ڏيڍ مهيني لاءِ پاڻ کي هڪ ڪمري اندر بند ڪري ڇڏيو ۽ نظم جي تخليق ۾ محو ٿي ويو. ان نظم ۾ ئي هن پنهنجي ذاتي زندگيءَ جا دک سور سَمايا آهن. نظم مڪمل ڪري هُو ان خودساخته قيد کان ٻاهر نڪتو.
    شاعريءَ جو اهُو هڪ اڻ وسرندڙ الميو آهي، جو ڪجهه سال پوءِ انهيءَ ئي ڪمري ۾ شاهڪار نظم لکڻ واري انهيءَ ئي ميز جي دراز مان پستول ڪڍي ماياڪو وسڪيءَ پاڻ کي گولي هڻي پنهنجي زندگيءَ جو انت آندو. آپگهات کان اڳ پنهنجي موڪلاڻيءَ واري خط ۾ هن لکيو:
    ”مون زندگيءَ سان حساب چڪتو ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي ڪي به ڏک سور، گناهه ثواب، پيڙائون ۽ پشيمانيون باقي نه رهيون آهن.“
    احمد سولنگيءَ وٽ پيار ۾ پشيمانيءَ وارو پهلو ناهي. هن جي شاعري محبت جي مقدس ۽ نازڪ نفيس جذبن جو انوکو ۽ اڻ ڇُتو اظهار آهي. ان جي ابتڙ هندو پاڪ، ننڍي کنڊ ۾ جيڪا جديد توڻي جديديت پُڄاڻان شاعري تخليق ٿي رهي آهي، ان جو هڪ نمونو ڪنڙ ٻوليءَ جي، احمد سولنگيءَ جي هڪ همعصر شاعره پالا پارٿي اندرانيءَ جي هيءَ ڪوتا آهي:
    “The Birth of Poetry”

    “Words run here and there
    Meanings look in different directions
    Thoughts sway back and forth
    Finally from the void -flowers fall down.”
    ’شاعريءَ جو جنم‘

    ”لفظ هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙن ٿا،
    معنائون مختلف ڏسائن ڏانهن ڏسن ٿيون،
    خيال اڳيان پويان لُڏندا لمندا رهن ٿا،
    ۽ نيٺ ڪنهن خال مان، گل ڇڻي ڪرندا رهن ٿا.“
    (ترجمو : ل. ڪ)

    اندراني جي هڪ ٻي ڪوتا:
    “We shall wear garlands
    And dance, as if possessed -
    Here in Hawaii - you and I.

    Hold fast my hand
    Grasp my waist
    Hug me closer to your body
    Don’t look into my eyes
    Even by mistake

    Don’t leap into stretches
    of blue seas.

    You will go mad and remain
    Wandering in Hawaii
    Muttering my name.”
    ”اسين هار پائينداسين،
    ۽ ايئن نچنداسين ڄڻ ٻنهي مٿان ڪنهن پريت جو پاڇو پيو آهي.
    هتي ’هوائي‘ ۾ تون ۽ مان،
    زور سان منهنجو هٿ جهل،
    منهنجيءَ چيلهه کي وڪوڙي ڇڏ،
    مون کي پنهنجي جسم سان چُهٽي ڇڏ!
    منهنجين اکين ۾ نه نهار،
    ڪڏهن ڀلجي به،
    نيري سمنڊ جي ساحل ۾،
    ٽُپي نه پئجانءِ!
    تون هوش وڃائي ويهندين!
    ۽ ’هوائي‘ ۾ ڀٽڪندو رهندين.
    ۽ منهنجو ئي نالو ڀُڻڪندو رهندين.“
    (پئسفڪ سمنڊ تي آمريڪا جو ٻيٽ- Hawaii)
    (ترجمو : ل. ڪ)
    آمريڪا جي ڏاکڻي ٻيٽ ’هوائي‘ جتي سڄي دنيا جا سياح هن رومانٽڪ ماحول جو مزو ماڻن لاءِ سامونڊي تڙن تي دنيا کان بي نياز ٿي نيم عريانيءَ واريءَ حالت ۾ هوش وڃائي ويهندا آهن، اتي اهڙي ئي لڳ لاڳاپا لاٿل شاعريءَ جا عڪس اکرن جي صورت وٺندا آهن.
    احمد سولنگيءَ جو نظم ’بي ترتيب زندگيءَ جو الميو‘ ۾ پڻ اهڙو ئي منظر چٽيل آهي:
    ”ڪا شام وڃائي رستن ۾ ،
    جنهن وقت اويرو موٽيس مان،
    تو ڇو نه سُمهاريو سپنن ۾،
    ۽ دل جي رنگ رتولن ۾.

    تو ڇو نه ٻُهاريو ٻوٽن مان،
    جنهن وقت ڇڻيس مان پَنُ پَنُ ٿي،
    جنهن وقت کِڙيس مان تاري جان،
    تو ڇو نه نهاريو پيار منجهان؟

    جنهن وقت اکين کي ڌُوڙ لَٽيو،
    تو ڇو نه ڇنڊي سڀ خواب کنيا،
    تو پاند سان پنهنجي ڇو نه اُگهيو،
    هر سپنو منهنجي اکڙين جو؟

    تو دردُ نه ڪو محسوس ڪيو،
    ڪنهن وقت نه تنهنجا نيڻ ڀنا،
    ڪنهن سُور – سڳي ۾ مون لئه تو،
    ڪو لُڙڪ نه موتيءَ جان پويو!

    ڪو چهرو واقفڪار نه هو،
    ٿي پاڇن پويان ڊوڙيس مان،
    ڪو آوازن جو جهنگُ هُئو،
    تو ڪونه پُڪاريو، ٿِي پنهنجو!

    هر سِٽ ۾ ڏُک جو ڏيکُ هئو،
    تو لفظ پڙهيا احساس بنا،
    هن بي ترتيب جوانيءَ جو،
    تو ڇو نه پڙهيو دل ساڻ پَنو!

    هي پيار چڪورن جهڙو هو!
    ٻئي پنهنجي پَر ۾ اُڏرياسِين،
    جنهن وقت هوا سان چنڊُ گَٺو،
    تنهن وقت نه اُن تي ڪو به لٿو!“
    گذريل صديءَ جي سٺ واري ڏهاڪي ۾ ادب ۾ ’عالمي امن جي تحريڪ‘ جو سلسلو شروع ڪيو ويو، جنهن ۾سماجوادي ملڪن خاص طور ڀرپور ڀاڳ ورتو. ترقي پسند اديبن ۽ شاعرن ’امن کپي- امن کپي‘ جهڙي موضوع تي ڪهاڻيون، مضمون ۽ شاعريءَ جي رچنا ڪئي. خود پڪاسو جهڙن عظيم فنڪارن امن جو پيغام پهچائڻ لاءِ پنهنجو فن ڪئنواس جي پنن تي پکيڙيو.
    انهن ڏينهن ۾ پڪاسو مختلف موڊس ۾ پاريهرن ۽ ٻين پکين جون ڪيئي تصويرون ڪڍندو رهيو، پر هن کي پنهنجي ڪابه تصوير پسند نٿي آئي ۽ هُو انهن تصويرن کي هڪ ڪُنڊ ۾ اڇلائيندو رهيو.
    هڪ صبح جو هسپانوي شاعر لوئي آراگان، جنهن جي شاعريءَ جو مجموعو ’Love songs to Elsa‘ (ايلسا کي مخاطب پيار جا گيت) چڱو مقبول ٿي چڪو هئو، پڪاسو وٽ وڃي عرض ڪيو ته، پارٽي چاهي ٿي ته تون ’امن جي پکي‘ جي تصوير تيار ڪري ڏين. پڪاسو پارٽيءَ جي اهڙي حڪم نامي تي ڪاوڙجي ويو. آراگان هن کي التجا ڪندو رهيو ته پارٽيءَ جي عزت جو سوال آهي، جو اها اڳ ۾ ئي اهڙو اعلان ڪري چڪي آهي. پڪاسو ڪجهه نرم ٿي اڇلايل تصويرن جي ڍير مان هڪ رد ڪيل تصوير آراگان کي ڏيندي پُڇيو:
    ”هيءَ تصوير ڪم ايندي؟“ لوئي آرگان پاريهر جي تصوير پڪاسو جي هٿ مان کسي وٺي ڊُڪ پاتي ۽ اچي پنهنجي رسالي ۾ شايع ڪئي. ايئن ’امن جو اڇو پاريهر‘ سڄيءَ دنيا مٿان اُڏامڻ لڳو.
    اُها اڄ کان اٺ ڏهاڪا اڳ جي واردات آهي ۽ ايتري عرصي کان پوءِ اڄ ’خدا جا خليفا‘ جهڙي اعليٰ تخليق اسان جي سنڌي شاعريءَ ۾ ٿي آهي، جنهن پڪاسو جهڙي عظيم فنڪار جي ياد کي نئين سر تازو توانو ڪيو آهي:
    ”وٺي ٿا سگهون سڀ،
    وڻن ۾ پناهون،
    وڻن تي نِگاهون رکِي ٿا سگهون پر،
    وڻن سان مُخاطب رهيو ڪيرُ آهي؟
    ڪڏهن ڪنهن پڙهيو آ،
    وڻن ۾ رسالت جا آثارَ آهن،
    وڻن منجهه جوڙُون ۽ جنسارَ آهن.

    کڻن ساههُ وڻ ٿا،
    وڻن کي ملي ڪا عجب دلڪشي آ،
    نئين نغمگي آ.

    وڻن تي لٿا رنگَ ملهارَ جا ڪئين،
    وڻن سان هوا جي رهي گفتگو ٿي،
    وڻن جي مٿان چاندني چنڊُ اوتي،
    وڻن سان تکي اُسَ رهي روبرو ٿِي،
    وڻن منجهه ڪوئل پُڪاري، سنڀاري،
    پُراڻين گهڙِين ۾ رکي اک نِهاري!
    وڻن کي ٽُڪي ڪاٺ ڪُٺڙو،
    ڪڻي مينهن جي ۽ تکي تِروري کان،
    صبح شامَ محفوظ گهرجو هُو پهريون تصور،
    ٿو دنيا کي ارپي.

    وڻن منجهه ڳيريون،
    اُڻن خواب جا ٿيون گهروندا ڪکاوان.
    ٿڪل ڪي مسافر وڻن هيٺ ويهي،
    صدين جي سفر جي رکن ڳنڍُ کولي،
    اکيون، پيرَ ويڙهي،
    سُمهن ننڊَ جي ٿا ٿڌي ڇانوَ ڳولي.

    مقدس محبت جا خاموش پاڇا،
    وڻن جي ٿُڙن تي لِکي نانوَ پنهنجا،
    رسيلن چپن سان،
    چُمن چاهتون ٿا،
    رکن دل جون دل تي،
    سِڌيون آرسيون ٿا.

    وڻن ڏي جُڳن جا خريدارَ نڪتا،
    ڪي نِرواڻ خاطر طلبگارَ نڪتا،
    وڻن تي لٿِي زندگيءَ جي بِشارت،
    پکي هي خُدا جا خليفا،
    امن آشتيءَ جي علامت!“
    احمد سولنگيءَ جي هن نظم ۾ پڪاسو جي امن جي پکيءَ جي تصوير جو عڪس آهي.
    مختلف ملڪن، مختلف قومن ۽ جدا جدا ٻولين جي شاعري ڪنهن مٿاهين پهاڙ تان ڪرندڙ ان آبشار جيان هوندي آهي، جيڪو جدا جدا ڪُنڊن ۽ پاسن کان جهرڻن جيان ڌرتيءَ تي لهي هڪ نديءَ جي سطح جي شڪل ۽ وهڪرو اختيار ڪندو آهي. شاعريءَ جا اهڙا آبشار ڦٽندي ڦٽندي، سوچ جون سوين صورتون بڻجي شاعر جي اندر جو آواز ٿي اُڀرنديون آهن. مان مٿي ٻين ٻولين جي شاعريءَ جا ڪي مختصر مثال ڏيئي آيو آهيان. هتي مان سرحد جي ٻنهي پار ورهاڱي کان پوءِ پيدا ٿيل ٻن سنڌي شاعر ۽ شاعرا جي سوچ جا سلسلا جوڙي رهيو آهيان.
    سنڌ ۾ احمد سولنگي ۽ هند ۾ ومي سدارنگاڻي ٻه هم عمر (ساڳئي ئي سال ڄاول) نئين پيڙهيءَ جا تخليقڪار خيال ۽ جذبي جي جدت سان ڪيئن هڪ ٻئي سان جُڙيل آهن:
    ”دل گَهرِي ڪا دلدل آهي،
    سامهون سِڪَ جو ساحل آهي-
    پيارُ اسان جي منزل آهي!

    نيري اُڀَ ۾ سردُ صدائون،
    برف ٿيون سڀ قربَ ڪٿائون،
    خوابَ ۾ خُنڪي هر پل آهي-
    پيارُ اسان جي منزل آهي!

    سُرهي سُرهي سُرڪَ اوهان جي،
    اُسَ ۾ چاندي مُرڪَ اوهان جي،
    ڇا ته اکين ۾ جِهلمل آهي-
    پيارُ اسان جي منزل آهي!

    سانگَ سمورا موسم ڄاڻي،
    وڻ وڻ ڌوڻي، پَنُ پَنُ ڇاڻي،
    ڪا ته هوا ۾ هلچل آهي-
    پيارُ اسان جي منزل آهي!

    محبوبا جو پيارُ سڏي ٿو،
    اوجهڙ رستو، دارُ سڏي ٿو،
    هاءِ جواني اڻ جهل آهي-
    پيارُ اسان جي منزل آهي!“

    احمد سولنگي پنهنجي ڌرتيءَ تي رهندي ئي اهڙو وزنائتو نظم لکي سگهندو ۽ ٻئي طرف ومي سدارنگاڻي پنهنجي ڌرتيءَ کان اُکڙِيل هئڻ سبب پنهنجيءَ ڪوتا کي پنهنجي ئي رنگ ڍنگ جو ويس وڳو پارائي سگهندي، پر اهميت لباس کان وڌيڪ مورتيءَ جي بدني بناوت کي آهي:
    ”ٻُڌ!
    ڪنهن وقت اسين ٻيئي هتي اينداسين،
    منهنجيءَ بارش ۾ تون پُسجانءِ!
    تنهنجيءَ بارش ۾ پُسي،
    مان خود برسات ٿي پونديس،
    ايتري بارش ڪريون گڏجي،
    جو-
    وري ڪڏهن،
    بارش جو انتظار نه ڪرڻو پوي.“
    (ومي سدارنگاڻي)
    هند ۾ سنڌي نئين ڪوتا سنڌ جي شاعريءَ جي ڀيٽ ۾ هڪ نئون روپ ۽ رويو اختيار ڪيو آهي. ڪو ننڍو پَلُ (Fleeting Moment) ڪا هڪ ننڍي واردات، ڪا هڪ ننڍي ٿيڻي (Happening) يا ڪو هڪ اُڏامندڙ خيال (Passing Thought) هڪ مڪمل ڪوتا جي صورت ۾ نروار ٿئي ٿو، پر سنڌ ۾ نئين شاعري اڃا موضوعاتي شاعريءَ جي دائري اندر داخل آهي. ان پسمنظر ۾ احمد سولنگيءَ جي اڪثر شاعري موضوعن جي محور تي ڦرندي به خيال ۽ سنگيت جو انوکو سنگم، لئه ۽ ردم پيدا ڪري سگهي آهي، جو سڄي شاعري بحر وزن تي پڪي پختي هئڻ ڪري سموريون عروضي تقاضائون پوريون ڪري ٿي. مان وري ٻن هم عصر شاعرن جا ٻه ننڍا مثال کڻي ٿو اچان.
    ”جتي اڄ پاڻ بيٺا هون،
    اها ڌرتي وڃي ٿي مختصر ٿيندي،
    مٿان آڪاسُ هي نيرو ،
    وڃي ٿو دائرن ۾ ڄڻ ننڍو ٿيندو،
    ڪپاهان ريشمي بادل،
    وڃن ٿا ڇِڙوڇڙ ٿيندا،
    پکي پنهنجي نگاهُن جا،
    وڃن روپوش ٿا ٿيندا!
    مگر هوءَ بي خبر ڪافر حسينا ڇو چئي ٿي پئي:
    جنم پنهنجو اکين ۾ ئي ٿيو آهي،
    عمر جا سڀ لٽا پنهنجي اکين آڏو لٿا آهن!“
    ”احمد سولنگي“
    (خوابن جي خودڪشي)
    نظم ۾ خيال به آهي، لئه به آهي، رواني به آهي. سٽ سٽ ۾ لفظ ڄڻ ڪنهن مالها ۾ موتين جيان پوتل آهن ته ٻئي طرف وميءَ جي ڪوتا ۾ خيال جي سُخن آرائي (Elocution) پوئين سٽ تائين پهچي دل ۾ ڇيت جيان چُڀي ٿي وڃي.

    ”بادل!
    رولو ڇوڪرو آهي.
    ٻين جا دروازا بند ڏسي،
    منهنجي کليل دريءَ مان،
    بي ڊپو اندر گهڙي آيو آهي.
    چوڌاري مون کي وڪوڙي وڌو اٿس،
    منهنجو سڄو سرير ڀِڄي ويو آهي،
    منهنجو مَنُ ڀِڄي ويو آهي،
    منهنجا هٿ پير سڀ ڀِڄي ويا آهن،
    باقي سُڪل آهن ته،
    صرف منهنجيون اکيون،
    صرف منهنجيون اکيون.“
    (ومي سدارنگاڻي)
    احمد سولنگي ۽ ومي سدارنگاڻيءَ جون مٿيون ڪوتائون پڙهندي مون کي سوَ سال اڳ لکيل ماياڪو وسڪيءَ جي هيءَ ڪوتا ذهن تي تري آئي. موضوع جي يڪسانيت هوندي به دڳَ ۽ راهون جدا جدا آهن، جو دؤر جدا جدا آهن:
    ”رٺل مينهن،
    هڪ جهلڪ پسائي،
    هڪ سوال ڪيو:
    هُن پڃري جي پويان،
    جنهن جي چوڌاري،
    لوهي تارن جو هڪ ڪوٽ اڏيل آ،
    مرڻينگ ستارن،
    پنهنجيون ڪمزور ٽنگون، ٻانهون ڦهلائي،
    کنڀن جي ان نرم بستر کي ئي،
    پنهنجو آرام گاهه، ڇو چونڊيو آ؟
    پر جئن ئي گِهٽين جون بتيون،
    ڪنهن بيمار جيان،
    پويان پساهه کڻن ٿيون،
    تيئن اکين کي هڪ چُڀن محسوس ٿئي ٿي.“
    مون مٿي هڪ صديءَ جي وٿيءَ وارن ٽن شاعرن جي سوچ جا حوالا پيش ڪيا آهن. ٽن شاعرن جي اک پنهنجي پنهنجي ماحول ۽ منظر تي هڪ جهڙي هوندي پڻ هڪ اک سُڪل آهي، هڪ اک کي چُڀن محسوس ٿئي ٿي ۽ هڪ شاعر جي عمر جا سڀ لٽا پنهنجي اکين آڏو ئي لٿا آهن.
    احمد سولنگيءَ جي شاعريءَ جي وسيع ڪئنواس تي جذبن جي رنگن جي چٽسالي ٿيل آهي ۽ وميءَ وٽ مشاهدي جي باريڪ بيني آهي، جيڪا جذبي جي هلڪيءَ کان هلڪي لرزش جو احساس ڏياري ٿي. ان ڪري هنن جي نظم يا ڪوتا جون پهريون ڪجهه سٽون پڙهندي ئي انهن تي احمد سولنگيءَ جي پنهنجي عبارت جي ڇاپ نظر ايندي ۽ وميءَ تي پنهنجي عبارت جي (هتي مقصد ڀيٽ ڪرڻ ناهي پر ٻن جديد شاعرن کي symbol طور پيش ڪيو ويو آهي، اهو واضح ڪرڻ لاءِ ته اسان جي نئين پيڙهيءَ جي شاعرن وٽ نئين سوچ سان گڏ فارم (هيئت) جي نواڻ پڻ آهي.)
    ماضيءَ جي شاندار روايتن کي رد ڪرڻ جو مطلب آهي ته قوم پنهنجو حافظو وڃائي ويٺي آهي، پر اسان جي نئين نسل جي شاعرن پنهنجو حافظو به تيز رکيو آهي ۽ ماضيءَ سان پڻ رشتو برقرار رکيو آهي.
    سال 1990ع ۾ جڏهن شيخ اياز بمبئيءَ آيو ته هن جي هوٽل جي ڪمري ۾، جتي مان پڻ موجود هوس، چونڊ اديبن ۽ شاعرن سان دير رات تائين اياز جو جديد ۽ روايتي ادب ۽ شاعريءَ تي طويل بحث هليو. طارق اشرف ۽ جيجي زرينه کان سواءِ موهن ڪلپنا، گنو سامتاڻي، ڪرشن راهي، ارجن حاسد، هريش واسواڻي ۽ نند جويري ۽ ڪي ٻيا نئين ٽهيءَ جا جدت پسند شاعر پڻ ان گفتگو ۾ شامل هئا. اياز هند جي جديد ادب جي نمائندگي ڪندڙ اديبن سان ’روبرو‘ نه هئو، پر ’دوبدو‘ هئو.
    هريش واسواڻي، گنو سامتاڻي ۽ موهن ڪلپنا اياز سان ڇتي بحث ۾ اٽڪيل هئا. هُو اياز کي اهو احساس ڏياري رهيا هئا ته هن جي شاعريءَ ۾ پنهنجي ڌرتيءَ جو درد ته آهي، ٻولي ۽ ڊڪشن جي رواني پڻ سنڌوءَ جي ڇوهه جهڙي آهي. ٻوڙ ٻوڙان پڻ آهي، لئه تال آهي، موسيقي آهي، پيڪرتراشي آهي، منظرنگاري آهي، اعليٰ انساني قدر آهن، محبتون ۽ محروميون آهن، پيار، خلوص ۽ انساني رشتا ناتا آهن، ڏاڍ ڏمر ۽ آمريت آڏو مزاحمت آهي، احتجاج آهي، ويڙهاند آهي، ٻيو به ڪيترو ئي ڪجهه، پر پوءِ به تنهنجي (اياز) شاعري جديد دؤر جون تقاضائون پوريون نه ڪري سگهي آهي. جتي سڄي دنيا اڄ گلوبل وليج (عالمي ڳوٺڙو) بڻجي چڪي آهي، اتي تنهنجي شاعري اڃا رڳو ’ڌرتيءَ جي دانهن‘ جي سرائيءَ تي ڦري رهي آهي. ان ۾ جدت ڪٿي آهي؟ جديد لاڙا ڪٿي آهن؟
    (شيخ اياز پنهنجيءَ قاتل مُرڪ سان صلح سانت ۾ سڀ ڪجهه ٻُڌندو رهيو. هن پنهنجو اسڪاچ جو گلاس ميز تي پاسيرو رکي ڇڏيو.)
    ٻن ٽن پيگن کان پوءِ گُني سامتاڻيءَ هڪ ٻيو نقطو ڇيڙيو:
    ”روس جي ٽٽڻ ۽ ترقي پسند دؤر جي خاتمي بعد تنهنجي ترقي پسند دؤر واري سڄي شاعري ۽ ان کان پوءِ پاڪستان ۾ ’ون يونٽ‘ جي ٺهڻ ۽ ڊهڻ واري عرصي دوران تنهنجي رچيل ’جيئي سنڌ‘ واري شاعريءَ جو اڳتي هلي ڪهڙو ڪارج راس ٿيندو؟ روس جا انقلابي شاعر اڄ ڪٿي آهن؟ پولينڊ ۽ هنگريءَ جي پرچاري شاعرن جي ڪتابن جا پنا پنا ڪٿي پورجي ويا آهن؟ اياز، ڪٿي تنهنجي به شاعري نه تاريخ جي پنن ۾ پورجي وڃي؟ هڪ طرفي بحث ۾ وسڪيءَ جو خمار ڀرجندو ويو.
    شيخ اياز اٿاريل ڪِن حجتن سان متفق هئو، ڪن سان نه. هن وٽ معقول دليل هئا، پر هن پنهنجي بچاءَ ۾ هڪ ئي هٿيار استعمال ڪيو. ”مون سنڌي شاعريءَ کي جنهن معراج تي رسايو آهي، ان لاءِ سالن جي نه، پر صدين جي ساڌنا گهرجي. توهان جي جدت پنهنجيءَ جاءِ تي ۽ منهنجي ’عبادت‘ پنهنجي جاءِ تي.“
    مان شيخ اياز سان مڪمل طور متفق آهيان. ڀڄ ڀڄان جي هِن دؤر ۾ اڄ جي ٽهيءَ جي شاعرن وٽ ساڌنا لاءِ فرصت ڪٿي آهي؟ نثري شاعريءَ نون شاعرن کي شاعريءَ مٿان نازل ڪري ڇڏيو آهي. جتي هر ٻوليءَ ۾ هڪ جينيوئن شاعر پويان ڏهه ’فيڪ‘ شاعر پيدا ٿي رهيا آهن، جن ۾ ڪي ’سنگتو‘ شاعر آهن، ڪي ’پالتو‘ شاعر آهن ته ڪي ’فالتو‘ شاعر آهن. اتي کري ۽ کوٽي جي شناخت لاءِ احمد سولنگيءَ جون هي سٽون شاعريءَ جي سُپتيائيءَ جو جواز پيدا ڪن ٿيون:
    ”چارڻ !
    تنهنجو چنگ نه اهڙو،
    جهڙي سورٺ سونهن!
    تو وٽ اهڙي تند ڪٿي آ؟
    جهڙا هُن جا وار.
    چريا! تو وٽ چاهه نه اهڙا،
    جهڙا هُن جا پيار.
    تو وٽ اهڙو ساز ڪٿي آ؟
    جهڙي هُن جي ڇير.
    سورٺ ڪجري،
    مَن جي اُجري،
    تنهنجي مَن ۾ ميرُ!

    تنهنجي مُٺ ۾ ماڻڪ موتي،
    هيرا، لعل هزار.
    هُن جا نيڻ، نگينا نوري،
    حيرت ۾ وينجهار!
    تو وٽ سُرَ جو مانُ ڪٿي آ؟
    توکي سِرَ جي لوڙَ.
    هُن جي چوڙين ۾ سَو سرگم،
    جُهوناڳڙهه جي جوڙَ.
    تون پينارُ ڳلين ۾ ڳائين،
    تنهنجو ڪهڙو مُلهُه؟
    سورٺ سون-سريکي ساري،
    آهي پاڻ اَملهُه!“
    احمد سولنگي بنيادي طور نظم جو شاعر آهي، ان ڪري هن جي غزلن جو تعداد ٻين شاعرن جي ڀيٽ ۾ ايترو خاطر خواهه ناهي، پر مون کي هن جي شاعري پڙهندي احساس ٿيو آهي ته غزل هن جي مزاج سان وڌيڪ ٺهڪندڙ آهي، جو احمد سولنگي خالص رومانوي شاعر آهي ۽ هڪ شاعر جو رومانوي رويو غزل جهڙي صنف ۾ اثرائتي نموني اُڀري بيهي ٿو. احمد سولنگيءَ جي حق ۾ اها حقيقت تهائين وڌيڪ واضح ٿئي ٿي، جو هن جي طبيعت موزون ۽ روان دوان آهي. خود هن جي نظمن جا ڪيترا شعر غزل جي رنگ ۾ رتل آهن. نظمن ۾ احمد سولنگي وصال جو شاعر آهي ۽ غزلن ۾ هجر جو:
    ڪي بادل پنبڻين ۾ پهتا، ڪو آگم دل کان ٻاهر آ،
    هڪ موسم دل جي اندر آ، هڪ موسم دل کان ٻاهر آ.

    ڪنهن ڪاريءَ رُڃَ تي برسي پئي، ڪا ڪڪري اُڃَ تي برسي پئي،
    ڪو سارنگ ساهن ۾ سوگهو، ڪا ڇم ڇم دل کان ٻاهر آ.

    ڪا رَڳَ رباب سان اُلجهي ٿي، ڪا تند طلب جي تڙپي ٿي،
    ڪو راڳ رهي ٿو روح اندر، ڪو سرگم دل کان ٻاهر آ.

    هر وقت صحيفا يادن جا، هر وار اکين تي نازل ٿيا،
    هر محشر لڙڪن جو من ۾، هر ماتم دل کان ٻاهر آ.

    هن دل ۾ هڪڙو گرجا گهر، ۽ ماءُ سان گڏ هڪ پيغمبر؛
    مريم ئي ٻاهر آهِه نه ابنِ مريم دل کان ٻاهر آ.

    سڀ سپنا پاڻ اُڻيا احمد تو رنگ برنگي ڌاڳن سان!
    ڪا ڏوڙ تخيل ۾ تنهنجي، ڪو ريشم دل کان ٻاهر آ.

    پنهنجي منفرد ۽ مخصوص اسلوب ڪري احمد سولنگيءَ جا غزل پهرينءَ سٽ ۾ سڃاڻي سگهجن ٿا، جو هن پنهنجن اڪثر غزلن ۾ چُست بحر ۽ وزن ڪم آندا آهن.
    غزل اصل ۾ آهي ته ايران جي پيدائش، پر سنڌي شاعريءَ ۾ اها صنف ايتري ته رچجي چڪي آهي، جو هاڻي اها ٻاهرين يا ڌاري صنف نٿي لڳي. اردو غزل جون ائنٿالاجيون مرتب ڪندڙ شروعات ولي دکني يا قلي قطب شاهه سان ڪندا آهن پر اردوءَ جو صحيح صنف ۾ پهريون غزل ڪبير جو لکيل آهي:
    ‘‘ہمن ہے عشق مستانہ، ہمن کو ہوشیاری کیا؟
    رہے آزاد یا جگ سے، ہمن دنیا سے یاری کیا؟

    جو بچھڑے ہیں پیارے سے، بھٹکتے دربدر پھرتے،
    ہمارا یار ہے ہم میں، ہمن کو انتظاری کیا؟

    کبیؔرا عشق کا مانا دوئی کو دور کر دل سے،
    جو چلنا راہ نازک ہے، ہمن پھر بوجھ بھاری کیا؟’’
    سنڌي شاعريءَ ۾ سانگيءَ کان سولنگيءَ تائين غزل هڪ وڏي مسافت طئي ڪئي آهي. احمد سولنگيءَ تائين اچي غزل هڪ صنف نه، پر هڪ تهذيب بڻجي چڪو آهي، جنهن ۾ سنڌي گيت، وائيءَ ۽ بيت جو لهجو ۽ سلاست پڻ سمائجي ويئي آهي. احمد سولنگيءَ جي غزل جا هي بند:
    ”بدن تُنهنجو جواني آ، نديءَ جي،
    جواني جاوداني آ، نديءَ جي.

    ڪنارا خواب جا ٻوڙي وڃي ٿي،
    اکين ۾ ئي رواني آ، نديءَ جي.

    ڪو منظر بي لباسيءَ جو رکي ٿي،
    ڪهاڻي بي زباني آ، نديءَ جي.

    وڻن ۾ ٿيون وڃن وکري هوائون،
    ٿڌي سانجهي سُهاني آ، نديءَ جي.

    مڙهي ٿي پيرَ، پَکَ، دلڪش اُڏارون،
    پکيءَ تي مهرباني آ، نديءَ جي.

    پُراڻو هاڪڙو ٿو ڌوڙ ڇاڻي،
    مڪاني لامڪاني آ، نديءَ جي.

    ٻُڏو پاتال ۾ احمد ڪٿي آ،
    نديءَ ۾ بدگماني آ، نديءَ جي.“
    غزل جو هر لفظ هڪ رنگُ به آهي ۽ سُر به آهي ۽ هر رنگُ پنهنجيءَ رنگت سان ۽ هر سُر پنهنجي ساز سان غزل جي بند بند سان برسات وسائي رهيو آهي، ۽ ايئن احمد سولنگيءَ کي رڳو لفظن ۽ انهن جي لئه تال جي تلاش جو ئي شعور ناهي، پر نيون تصويرون سجائڻ ۽ نون رنگن سان انڊلٺ سجائڻ جو هنر پڻ اچي ٿو.

    غالب جو هڪ شعر آهي:

    ‘‘حسنِ فروغ شمع سخن دور ہے اسد،
    پھلے دلِ گداختہ پیدا کرے کوئی’’
    (شاعريءَ جي شمع جي لاٽ ٻارڻ اڃا اڳتي آهي، اهو احساس پيدا ڪرڻ لاءِ پهرين درد مند دل جو هئڻ ضروري آهي.)
    جدا جدا نقادن غزل جي صنف کي نوان نوان مفهوم پئي ڏنا آهن. ڪن جي نظرن ۾ غزل هڪ ’وحشي‘ صنف سخن آهي ته ڪن غزل کي شاعريءَ جي ’آبرو‘ ڪري ڪوٺيو آهي. ڪن محققن جو اهو به چوڻ آهي ته ’سلاست‘ غزل جي وڏي ۾ وڏي دشمن آهي، پر منهنجي اڀياس موجب حقيقت ان جي ابتڙ آهي. خود غالب پنهنجي شاعريءَ ۾ جتي جتي دقيق (ڏکي) ٻولي ڪم آندي آهي، اتي شعر جي گهرائيءَ کي ضرر رسيو آهي.
    ‘‘جس بزم میں تو ناز سے گفتار میں آوے،
    جان کالبدِ صورتِ دیوار میں آوے۔’’

    (جنهن محفل ۾ تون ناز ۽ ادا سان گفتگو ڪرين ته تنهنجين ڳالهين سان هنن تصويرن جي جسمن ۾ جان پئجي وڃي، جيڪي ديوار تي سينگار لاءِ چٽيون وڃن ٿيون ڇو جو تنهنجن چپن ۾ مسيحائيءَ وارو جلوو آهي.)
    ان جي ابتڙ جتي جتي غالب جي شاعريءَ ۾ سلاست (Lucidity) آئي آهي. اتي هن جي شعر ۾ گهرائي پڻ پيدا ٿي آهي.
    ‘‘منحصر مرنے پہ ہو جس کی اُمید،
    نااُمیدی اس کی دیکھا چاہیئے’’

    غالب جو ٽن بندن جو مڪمل غزل آهي، پر اهي ٽي شعر ڪهڙي به شاعر جي سڄي ديوان تي حاوي پئجي سگهن ٿا:

    ‘‘نہ تھا کچھ تو خدا تھا، کچھ نہ ہوتا تو خدا ہوتا،
    ڈُبویا مجھ کو ہونے نے، نہ ہوتا میں تو کیا ہوتا۔

    ہوا جب غم سے یوں بے حس، تو غم کیا سر کے کٹنے کا،
    نہ ہوتا گر جُدا تن سے، تو زانوں پر دھرا ہوتا۔

    ہوئی مدت کہ غاؔلب مر گیا، پر یاد آتا ہے،
    وہ ہر اک بات پر کہنا، کہ یوں ہوتا تو کیا ہوتا۔’’

    ٽن بندن ۾ غالب سڄي وحدت الوجود (Pantheism) جي فلاسافي سمائي ڇڏي آهي.
    غزل جي روايتي رخ واري شاعريءَ جي موجودگي هوندي به احمد سولنگيءَ کڻي ڪا اعليٰ قسم جي اميجري يا فيلسوفاڻا نقطا نه اُڀاريا آهن، پر هن خيال کي ٻوليءَ جي لئه سان رِل مِل ڪري جديد نظريي، نوع، رخ ۽ رويي جون جهلڪون نمايان ڪيون آهن. جديد سوچ سان هن غزل جي روايت ۽ ٽيڪنڪ سان پوريءَ ريت نباهيو آهي. اڄ جڏهن سنڌي شاعريءَ ۾ نوان نوان آواز اُڀري رهيا آهن ته مون کي يقين آهي ته احمد سولنگي پنهنجي سوچ جي تازگي ۽ توانائيءَ سان نون آوازن جي نئين دؤر ۾ داخل ٿي پنهنجين تخليقي قوتن ۽ صلاحيتن سان پنهنجو منفرد شاعراڻو سفر برقرار رکي سگهندو. هن جي رومانوي سوچ، ٻوليءَ جي سلاست ۽ روانيءَ جي مثالي غزل جا ڪجهه بند آهن:

    ”تنها پالي پيارَ نه سُمهه!
    ايئن اڪيلي ڌارَ نه سُمهه!

    ننڊ ۾ ويندءِ چنڊُ چُمي،
    وِلَهه ۾ ويڙهي وارَ نه سُمهه!

    جَرَ تي بَرسِي ساري رات،
    بَـرَ ۾ ڪارونڀارَ نه سُمهه!


    جيسين بُکيو پيٽُ ڀَري،
    تيسين پالڻهارَ، نه سُمهه!

    کِڙيو چنڊُ، اُڏام چڪورَ!
    اِيئن قبولي هارَ نه سُمهه!

    ڇوري! چوٽيءَ منجهه ڀَريٖ،
    موتئي جي مهڪارَ نه سُمهه!“
    ذهن جون هزار اکيون آهن پر دل جي رڳو هڪ ئي اک آهي. ڪافڪا چيو آهي: ”ڪڏهن ڪڏهن لفظن جو مطلب رڳو پنهنجن زخمن ذريعي ئي سمجهه ۾ ايندو آهي.“
    ”لهين ٿي خواب تون جڏهين!
    رکي ٿي اپسرا ڪائي ڦٽن تي مُرڪ جو مرهم،
    پڌر تي پير اوجل ۾، رهي ٿي ڇير جي ڇم ڇم،
    وڍن ٿيون راڳ ۽ ويراڳ جون وايون،
    ٻُري ٿو سانت ۾ ڄڻ ڪو، سُريلي ساز جو سرگُم،
    لهين ٿي خواب تون جڏهين!
    اڪيلي وڻ جي ڇايا ۾، وٺي نِرواڻ ٿو گوتم!“
    سٽون نظم جون آهن، انداز غزل جو آهي ۽ خيال دل جي ڪنهن ڦُٽل ڦَٽ جي پيڙا جو آهي ۽ ان پيڙا کان مُڪتيءَ جو واحد وسيلو اڪيلي وڻ جي ڇايا ۾ گوتم جو نِرواڻ آهي.
    احمد سولنگيءَ جي سڄي شاعري رومانوي هوندي به هن جي هر صنف جي treatment پنهنجي پنهنجي آهي. نظم ۾ هن جو مزاج عاشقاڻو آهي، غزل ۾ هن جي ادا ۽ انداز معشوقاڻو آهي ۽ مواد جي لحاظ کان شعرن جو لهجو رس ڀريو آهي. هر هڪ سٽ سُلجهيل ۽ سَجيل، لفظ لفظ ۾ لئه تال ۽ هر بحر، بي پناهه تاثر ڀريو آهي.
    ”ملون نقابَ ۽ سارا حجابَ لاهي ڪيئن؟
    ڏِسون ته چنڊَ جي پُوري تراشَ آهي ڪيئن؟

    حسين جسم کي ڪهڙي لباسَ جي ڳولا؟
    چِٽائِي چنڊَ جي اوجل اُماس چاهي ڪيئن؟

    فرار خوابَ جو آهي فريبَ ۾ رِل مِل،
    اَگهور ننڊَ جي ديوار ڪيرُ ڊاهي ڪيئن؟

    حيات موت جي قبضي منجهان نه ٿي نڪري،
    نِڪور جسم ڀلا سنگتراشُ ٺاهي ڪيئن؟

    رڪيبُ پيرَ قبولي نه ٿو ڪَچا ڪڏهين،
    اڙل وڇيرو هوا جو وڃون به ڪاهي ڪيئن؟

    خيالُ سرمدي پنهنجو لِباسُ منصوري،
    صليبِ عشق تان احمد کي لوڪُ لاهي ڪيئن؟“
    هن وقت جڏهن مان احمد سولنگيءَ جي شاعريءَ جي هن مجموعي تي مقدمو لکي رهيو آهيان ته منهنجي اندر جي توڻي ٻاهر جي، ٻيئي موسمون خراب آهن. جيئن ته هي احمد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو پهريون مجموعو آهي ۽ مون اڳيان هن جي شاعريءَ جو ڪو مفصل پسمنظر يا ڪا چِٽي روپ ريکا نه هئي، ان ڪري هن جي شاعريءَ سان انصاف ڪرڻ لاءِ مون کي هن جي موڪليل سڄي مسودي جي سِٽَ سِٽَ کي ڪيئي ڀيرا پڙهڻو پيو. هن جي سوچ جي سلسلي کي جوڙڻ ۽ ٻوليءَ جي لئه جو لطف وٺڻ لاءِ سڄو مسودو هيانءَ سان هنڊائڻ بعد، جڏهن مون پنهنجي قلم کي چپن سان چُمي هي مقدمو لکڻ شروع ڪيو ته مون کي ذهني عذاب مان به گذرڻو پيو ۽ هن جي شاعريءَ سان عداوت پڻ ٿيڻ لڳي ته مان احمد سولنگيءَ واريءَ عمر ۾ هن جهڙي شاعري ڇو نه ڪري سگهيس؟ غالب جو هي شعر بار بار منهنجي دل ۽ دماغ کي جهنجهوڙيندو رهيو:
    ‘‘کس روز تہمتیں نہ تراشا کئے عدو؟
    کس دن ہمارے سر پہ نہ آری چلا کیئے؟’’
    لکڻ تي ته مان مجبوري، مصلحت ۽ مروت هيٺ ايئن به لکي ڇڏيان ها ته احمد سولنگيءَ جي شاعريءَ ۾ نئون فڪر، ڊڪشن ۽ ان جو جديد انداز اڄ جي وقت جي هر تقاضا پوري ڪري ٿو، ان ڪري احمد سولنگيءَ جي شاعريءَ جي هن مجموعي کي جديد شاعريءَ جي بهترين مجموعن جي قطار ۾ جوڳي جاءِ ڏيڻي پوندي، پر ادبي عدالت ۾ منهنجي هيءَ فتويٰ احمد سولنگي سان اڳتي هلي ڪهڙا وئل وِهائيندي، ان جو اندازو لڳائيندي، مون کي سچ پچ خوف ٿي رهيو آهي، جو احمد سولنگي اسان جي ادب جو امانتدار آهي.
    مون شاعريءَ کي ان جي آخرين صورت ۾ شاعري ڪري مڃيو آهي، هڪ قوت جي حيثيت ۾ مڃيو آهي ۽ ان جي صحتمند توڻي غيرصحتمند اثرن کي قبول ڪيو آهي، ڪنهن شاعر جي شاعريءَ جي صحيح صورت اها صورت آهي جنهن ۾ اُها اسان جي اڳيان اچي ٿي. مون کي يقين آهي ته احمد سولنگيءَ جي شاعريءَ کي نئون ذهن دل سان قبول ڪندو ۽ هن جا پيشرُو هن کي نظرانداز نه ڪندا، جو هنن وٽ پڻ نئين دؤر جي نون قدرن ۽ مُلهن جي شناخت آهي.
    اڄ جڏهن سنڌي شاعري بحرن سان رشتو ڇِني، بَرن ۾ ڀٽڪڻ لڳي آهي، تڏهن احمد سولنگيءَ جهڙن شاعرن موزون شاعريءَ جي ساک ۽ سڃاڻپ برقرار رکي، سنڌي شاعريءَ جو منهن مٿانهون ڪيو آهي، جو احمد سولنگيءَ جي شاعري پڙهندي اهو احساس ٿئي ٿو ته:
    ”يا ته هر درد کي ڪا معنيٰ آهي،
    يا ڪنهن درد کي ڪا معنيٰ ناهي!“

    لڇمڻ ڪومل
    نئي دهلي


    شاعريءَ جي حضور ۾....

    شاعريءَ جي حضور ۾....

    ماءُ جي مقدس مامتا ۽ محبوبا جي لازوال مُرڪَ جهڙي شاعري!
    اڄ مان توسان گهاريل زندگيءَ جي اڻٽيهن سالن ۾ پهريون ڀيرو مخاطب ٿي رهيو آهيان. جيتوڻيڪ اِهو احساس شدت سان اٿم ته اُهو گذاريل سمورو عرصو، تو سدائين مون تي ٻاجهه جو هٿ رکيو آهي ۽ هڪ پل به مون کان پري نه ٿي آهين؛ خاص طور انهن گهڙين ۾، جيڪي منهنجي اذيت ۽ وحشت جون گهڙيون رهيون آهن.
    مان پنهنجي عمر جا باقي بچيل، اُهي تيرنهن سال الڳ ڪري رکان ٿو، جن جي گذارڻ کان پوءِ ئي توسان مُکاميلو ٿيو هئو.
    عمر جي هر پل جو وِچورُ، اڄ تنهنجي آڏو ظاهر ڪرڻ چاهيان ٿو، ڇاڪاڻ جو شايد اهڙو ليکو چوکو عمر جي آخريءَ گهڙيءَ تائين ڪنهن سان به ڪري نه سگهان، يا پاڻ ۾ اهڙو سَتُ ساري نه سگهان. سبب انيڪ ٿي سگهن ٿا، پر پنهنجي زندگيءَ جو سمورو سچ تنهنجي آڏو آشڪار ڪندي، ڀانيان ٿو ته ايندڙ زندگي گذارڻ مون لاءِ وڌيڪ سهنجي ٿي پوندي، مان وڌيڪ اعتماد ۽ اطمينان سان تنهنجي پاند جي پناهه هيٺ جِي سگهندس.
    ٻيءَ طرح جيئڻ لاءِ ڪنهن شخص کي ڪيتريون ئي مختلف پناهون نصيب ٿي سگهن ٿيون، جن سڀني کي مون تياڳي ڇڏيو آهي.
    اڄ مون کي محسوس ٿِي رهيو آهي ته زندگي ڏُکي ئي آهي، پر لفظ پنهنجي ليکي وڌيڪ ڏکيا ۽ مشڪل هوندا آهن، انهن جي معنيٰ ۽ مفهوم کي فقط پنهنجي درد جي احساس ذريعي ئي سمجهي سگهجي ٿو.
    زندگيءَ جو منظرنامو، جڏهن درد جي ڪَرب نامي جي صورت اختيار ڪندو آهي، تڏهن لفظ به ساٿ نڀائي نه سگهندا آهن ۽ فقط ڳوڙها ئي لفظن جو روپ ڌاري من جي مڪمل مَير کي ڌوئي، اندر کي اُجرو ڪري ڇڏيندا آهن.
    جڏهن اڪيلائپ ماڻهوءَ جو مقدر بڻجي پوندي آهي، من ايڪانت جي ڌنڌ ۾ هٿوراڙيون هڻڻ لڳندو آهي ته انهيءَ ڪشمڪش ۾، جيڪي پهريان پهريان لفظ جنم وٺندا آهن، انهن کي ئي شاعري چئجي ٿو.
    جيڪڏهن شاعري فرد جي ويڳاڻپ سان واسطيداري نه ٿي رکي يا اُن جي اندر جي آٿت جو سبب نه ٿي بڻجي ته اُن شاعريءَ کي دنيا جي عظيم تخليق چوڻ اڻڄاڻائيءَ کان سواءِ ڪجهه به نه هوندو، اهڙي پڪ آهي.
    چيو ايئن ويو آهي ته، ”پٿر ۾ لڪل سڊول جسم موجود هوندو آهي.“
    منهنجو مڃڻ اِهو آهي ته سنگتراش جي جذبي ۽ ذهن ۾ ڪو به حسين مجسمو پهرين جنم وٺندو آهي. ها! اُهو فنڪار ان جسم جا غيرضروري پٿر پنهنجي ڇيڻيءَ ۽ هٿوڙي سان ضرور هٽائيندو آهي، پر اُهو جسم حقيقت ۾ سنگتراش جي ذهن جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ اڳ ئي جنم وٺي چڪو هوندو آهي.
    چترڪار جي ساڌنا رنگن جي چونڊ کان پهرين پنهنجي درد جي اڪيليءَ رياست ۾ رُلندي آهي. اِهو ڀٽڪاءُ يا آوارگي آرٽسٽ جي ڪُل ميراث به آهي ته اُن جي اَشانت من جي شانتي ۽ آنند پڻ.
    درد جي سمفنيءَ جو پهريون ۽ آخري سِرو موسيقار جي من جي خاموش ڪُنڊن ۾ ڪنهن آبشار وانگر پهرين ڦُٽندو آهي.
    ڇڙواڳ سُرن جي تخليق، ترتيب ۽ تقسيم موسيقار جي من جي وياڪُلتا سان ئي واسطو رکي ٿي.
    نِرتُ، آس پاس جي ماحول/ مانڊاڻ کان پهرين نرتڪيءَ جي ساهه جي سرگم ۾ پيدا ٿيندو آهي. لئي/ تال جو بدني مظاهرو روح جي رياضت کان پوءِ ئي جڳ جي لاءِ مسرت ۽ سڪون جو سبب بڻجندو آهي.
    سوال اِهو آهي ته ڇا ڪو به آرٽسٽ اندر جو عياش هوندو آهي يا انهيءَ جِي ڪَهل جي ڪرم سان به ڪا وابستگي هوندي آهي؟ ڇو جو هڪ حساس دل آرٽسٽ جي پهرين ۽ آخري پناهه گاهه درد جي غارِ حِرا ئي هوندي آهي.
    درد زندگيءَ جي محرڪ قوت ۽ اُن جي سندرتا جو آئينو هوندو آهي، درد زندگيءَ جي سڦلتا آهي. درد جي ميريءَ ۽ ڌنڌليءَ سانجهه جو سفر به انهن کي ئي نصيب ٿيندو آهي، جن کان قدرت/ فطرت کي گهڻو ڪجهه وٺڻو هوندو آهي.
    درد پَيري آهي؛ زندگيءَ جي چور دروازن تائين پُهتل سڀئي پير هُن ليڪي رکيا آهن. هن جي ليڪي پاتل سچ کي وقت لنوائي نه سگهندو.
    درد اُهو ڀاڳوند ڀاڳيو آهي، جيڪو پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائي به پنهنجي اڻهوند ۽ خاليپڻي منجهان گهڻو ڪجهه حاصل ڪري وٺندو آهي ۽ ان حاصل ڪيل اندر جي خوشحاليءَ مان هُو پنهنجي آس پاس کي اَڻ ميو ارپي به سگهندو آهي.
    درد جي سلطنت جي سفير جو بوئنگ جهازُ هر انهيءَ apron تي لهي سگهندو آهي، جنهن جي ڪليئرنس دنيا جي ڪا به اٿارٽي نه ڏئي سگهندي آهي.
    دائميت رڳو درد کي ئي حاصل رهي آهي، جنهن ڪري درد قديم کان قديم ۽ جديد کان جديد رهندو پئي آيو آهي، جيڪڏهن ايئن قبول ڪجي ته، جديد ان ڪري جو اُهو اسان جي حال ۾ موجود آهي ۽ قديم ان ڪري جو اُن ۾ هر قديم محبت جي سچائي ۽ امرتا اَوسِ رهندي پئي آئي آهي. ٻيو سمورو ڪجهه هن پوڙهيءَ ڌرتيءَ تي عارضي آهي، جَرَ تي ڦوٽي جو ڏيک آهي، جيڪو لهرن ۽ هوائن منجهه اڌ ٿيڻو آهي.
    درد جي امانتدار جو جيڪڏهن ڏَسُ، پَتو پُڇڻو آهي يا درد جي انت کي معلوم ڪرڻو آهي ته گوتم جي گفتگو کي ٻُڌڻو ئي پوندو!
    گوتم پنهنجيءَ خوبصورت ونيءَ يشوڌرا ۽ پنهنجي معصوم پُٽ راهل سان هڪ ئي پلنگ تي اگهور ننڊ سُتل هئو. داسيون نِندرا ديويءَ جي چرنن ۾ پنهنجون ڦول مالهائون، جنهن سمي ارپڻ ڪري رهيون هيون ۽ چاندني وڻن مٿان وسي رهي هئي، گوتم اچانڪ سجاڳ ٿي، پنهنجي هڪ داسيءَ کي ساڻ ڪري، راڄ محل کان ڪجهه ڪوهه پري پنڌ ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي چوٽي پنهنجي ئي تلوار سان ڪَٽي، پنهنجي راڄائي پوشاڪ لاهي، عام رواجي ڪپڙا اوڍي، پنهنجي تلوار، پوشاڪ ۽ اڙل وڇيرو پنهنجيءَ داسيءَ کي ڏيندي چيو ته، ”گهروارن کي ٻڌائجانءِ ته جيستائين درد جو انت نٿو معلوم ڪريان، گهر واپس موٽي نه ايندس.“
    درد جي پويان ايئن اُتاولو ٿي لڳي پوڻ، سُکَ ــ سپنن کي تياڳ ڏيڻ، درد کي ئي پنهنجي لاءِ اُتم سمجهڻ، ان جي سُرهي ساٿ کي پنهنجي لاءِ قيمتي وٿُ سمجهي، درد جي ئي مالها سورڻ، ڪشٽُ ڪَٽڻُ، ڪو سڌارٿ ئي اهڙيءَ منزل جو مُتلاشي ٿي سگهي ٿو، ڪنهن عام پُرش جي پهچ کان اِهو سڀ ڪجهه پري آهي.
    امرتا فقط درد کي حاصل رهي آهي.
    هر اُهو آرٽسٽ جيئدان پائي سگهي ٿو، جيڪو درد جي آئيني ۾ پنهنجي اصل صورت کي ڏسي سگهڻ جو ستُ ساري سگهندو آهي.
    شاعري! تون آئينو ته نه آهين، پر آئيني تي ڀنڀليل جهرڪين جو پاڻ سان ئي اُٿاريل جهڳڙو، شور ۽ غُصو ضرور آهين!
    اڄ جڏهن مان زندگيءَ جون ايڪيتاليهه بسنتي باکون ماڻي ۽ پن ڇڻ جون ايڪيتاليهون سانجهيون ڀوڳي چُڪو آهيان، تڏهن شدت سان محسوس ڪيو اٿم ته پاڻ سُڃاڻي، پاڻ سان ئي تِکو مِٺو ٿيڻ، خودڪلاميءَ جي ذريعي به ممڪن ٿي سگهي ٿو ته مهاوير وانگي ايشور جي وجود جو قائل نه رهي ڪري، روح جي وجداني قوت جي ذريعي به ٿي سگهجي ٿو.
    اهو سچ آهي ته، شاعري تونPersonal History به هوندي آهين! جنهن تخليق ۾ ذات جا الميا، سور سپنا، وڍ واڪا، بي واجبيون، تلخيون، چهڪ چير، سزائون ڪٿائون، جبر، رشتا ناتا، تڪليفون، اهنج ادائون، روڳ رسوايون، زخم ۽ لُڙڪ نه آهن ته اها تخليق تنهنجو اصلوڪو روپُ ڌاري نٿي سگهي، پوءِ ڀلي اُها پنهنجون سڀ خوبيون پوريون ڪندي هجي، پر اُها پنهنجي دؤر جي سچ کي ڪڏهن به پائي نٿي سگهي!
    شاعري! تون درد جي مياڻ مان نڪتل اُها تِکي تلوار آهين، جيڪا هر دؤر جي تارونءَ تي ترندي رهندي آهي، ڇاڪاڻ ته دردُ ئي هر دؤر ۾ پنهنجيءَ، پنهنجيءَ نوعيت سان موجود رهندو پئي آيو آهي.
    مون سدائين درد جي ذائقي کي چکيو آهي ۽ نمڪين چاهتن پويان ڊوڙندي، هر ڀيري زخم جي گلاب کي پنهنجي ڇاتيءَ تي ٽڙيل ڏٺو آهي.
    جيڪڏهن شاعري! تون ذات جي ڪٿا آهين ته پوءِ هيءُ سڀ ڪجهه تنهنجو روپُ سروپُ نه آهي، پر منهنجي ذات جي چوڌاري گُهلندڙ هڪ اهڙي سرد هوا آهي، جنهن ۾ ڪا به خبر نٿي پوي ته ڪٿان ڪهڙا سُڪل پَنَ، ڪٿان ڪهڙي نراسُ مهڪ ۽ ڪٿان ڪهڙي اداسُ زردُ موسم اڏامي آئي آهي، جنهن جو مان ڪڏهن به تمنائي نه رهيو آهيان، اهو سڀ حادثاتي عمل ئي چئي سگهجي ٿو، ٻيءَ طرح ڪٿي تنهنجي شهنشاهي ۽ ڪٿي منهنجو شعور!
    اي شاعري! زندگيءَ جي ڌُٻڻ ڪهڙي ٿيندي آهي، اُها هاڻ ڏسي چڪو آهيان.
    ڪنڊو گلاب جي ڀر ۾ ڇو هوندو آهي، يا گلاب جو گل ڪنڊي جي لڳو لڳ ڇو ڦُٽندو آهي يا گلن هوندي آڱريون ڇو رَتو رتُ ٿينديون آهن، انهيءَ جو هاڻ ڳجهه ڳولي لڌو اٿم.
    منهنجي اتساهه جو سبب دردُ ئي رهيو آهي. دردُ ئي اتساهه ڏيندي پاڻ ڏي ڇڪيندو رهيو آهي، درد ئي پنهنجي دولت ۽ توانائي ارپي ڇڏي آهي، دردُ ئي نين علامتن، نون استعارن ۽ ڪناين ڏي وٺي آيو آهي، درد ئي نيون زمينون ۽ آسمان ڳولي ڏنا آهن، دردُ ئي نئينءَ سوچ جي سلسلي جو سرجڻهار آهي.
    ڀرتري هريءَ، ٽئگورَ، بهادر شاهه ظفر ۽ ٽالسٽاءِ جي اشانت مَنَ جي اُها ڪهڙي لُڇَ پُڇَ هئي، جنهن انهن کي سنساري طور سڀ ڪجهه هوندي به سُک سان سئين لڱين سمهڻ نه ڏنو.
    مون به اڪثر پنهنجي اندر جي آرٽسٽ کي گهڻا ئي ڀيرا گُهٽا ڏنا آهن، سُمهارڻ جون انيڪ ڪوششون ۽ جَتن ڪيا آهن، پر هي بيچين چِتَ جون چِڻگون آهن، جيڪي ٿڌي ٿيڻ لاءِ تيار ئي نٿيون ٿين.
    ڄَر ۾ ڄرڪڻ ئي منهنجي مٽيءَ جو مجاهدو آهي، جڏهن ته منهنجي مَن جون ماڻڪيون مشاهدي ماڻڻ لاءِ سدائين کليل رهيون آهن.
    درد ئي مون کي هميشه موهيو آهي ۽ موهيندو رهي ٿو، Enchantive Sarrows ئي شاعريءَ جو رستو ڳولي لهن ٿا، تڏهن ئي ننڊ سان دشمني ۽ درد سان دوستي رکڻي پئي آهي.
    درد جو Flavor دنيا جي ڪنهن به پاسپورٽ اسڪاچ کان وڌيڪ Smooth ۽ سُرور ڀَريو آهي.
    شاعري! تنهنجي ۽ شرابَ جي رشتي ڳنڍي رکڻ جي روايت، جيتوڻيڪ ننڍي کنڊ ۾ دهليءَ جي ’گلي باران قاسم‘ کان وٺي، سکر جي ’جنات بلدنگ‘، ’ڪوئنس روڊ‘ ۽ ڪراچيءَ جي ’ڪلفٽن برج‘ تائين ساڳي رهي آهي، جيڪا هاڻ درد جي تقاضا به آهي، ته التجا پڻ!
    چئي نٿو سگهجي ته ڪنهن وقت ڌيان جو دُئارُ، درد جي دستڪ تي کُلي پوي ۽ شاعري! تون اُجين جي شهزادي جيان من جي محل ۾ پيهي اچين!
    اڄ پنهنجي سموري اعتماد سان چوڻ چاهيان ٿو ته، مان شايد توکان وڌيڪ ڪنهن سان به ايماندار ۽ وفادار نه رهيو هجان! انهيءَ ڪري توکي به مون سان ڪڏهن ۽ ڪا به شڪايت نه رهي آهي.
    تو مون تي هميشه مٺيءَ ماءُ وانگر مِهَر ڪئي آهي، سنڀاليو آهي، ڪڏهن ڪڏهن ته بچائي به ورتو آهي.
    جڏهن جڏهن به وقت اڪيلائيءَ جي آڙاهه ۾ اُڇلايو آهي، تڏهن تڏهن تون مون تي اگهاميل دُعا وانگر لٿي آهين!
    تنهنجا مون تي اڻ ڳڻيا احسان آهن، جيڪي ڳڻائي نٿو سگهان، مان جيڪو ڪجهه آهيان ۽ جيئن به آهيان تنهنجي ڪري ئي آهيان ۽ چاهيان ٿو ته ايئن ئي رهان! اها به شايد تنهنجي رضا ئي آهي!
    تون مون کي هميشه مٿاهون ڏسڻ چاهين ٿي، نه ته منهنجي سفارش جو ڪڏهن به ٻيو ڪو سبب نه بڻجي ها!
    مون توسان ڪڏهن به مصنوعي ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي ۽ تنهنجي آڏو پنهنجي زندگيءَ جي پرديداريءَ کي ڪڏهن به پسند نه ڪيو آهي. زماني سازيءَ جا اڳ پردا گهٽ آهن، جو ڪنهن وڌيڪ اوڇڻ جو ارادو رکجي!
    مون توسان ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهايو آهي، توسان سدائين پنهنجي اندر جي اهنجن جو اورڻ اوريو آهي.
    مون سدائين تنهنجو وقت تولاءِ ئي وقف ڪيو آهي. وني ۽ ٻارڙا اُن لمحي تنهنجي عبادت گاهه کان ٻاهر هوندا آهن. انهن جو احترام، محبت، چاهنا، احساس، سنڀال ۽ ذميواريءَ کي اول ترين ترجيح سمجهان ٿو. (سمجهڻ به گهرجي) اولاد کي ئي پنهنجو حصو ۽ آئيندو سمجهندو رهيو آهيان. نياڻين کي قدرت جي رحمت ۽ پُٽن کي فطرت پاران مليل اعزاز ڀانيو اٿم.
    ڪنفيوشس چيو هئو ته، ”انسان اُهو آهي، جيڪو سڀني سان محبت ڪري، احسان اُهو آهي ته ماڻهو ٻين سان اهڙو ئي سلوڪ ڪري، جهڙي سلوڪ جي هُو ٻين کان پنهنجي لاءِ توقع ڪري ٿو.“
    چنڊ جو تمنائي رهيو آهيان، ملڻ کي هڪ دائرو ۽ وڇڙڻ کي ڪائنات سمجهي قبول ڪيو اٿم. ڳولا کي ئي زندگيءَ جو ڳُڻ ۽ پنهنجي لاءِ خوشيءَ جو خزانو ڀانيان ٿو، اهڙيون انيڪ شيون ۽ انهن جي ڄاڻ تنهنجي ذريعي ئي حاصل ڪري سگهيو آهيان.
    شاعري! تون ته سمجهين ٿي ته ايڪيهين صديءَ جو نئون ڪئنواس، آيل عالمي تبديلين پٽاندڙ ئي جُڙي راس ٿي رهيو آهي.
    نسلي، گروهي ۽ لساني تعصب گذريل صديءَ کي جيڪو ڦُريو، لُٽيو، چيريو ۽ ڦاڙيو آهي، انهن گهاوَن جا نشان اڄ جي انسان جي معصوم ۽ بيوس چهري تي ظاهر ٿي بيٺا آهن، جن کي ڀريندي ڀريندي اڄ نَون تضادن، سوالن ۽ جوابن جنم ورتو آهي.
    اڱڻ ڪنهن جو به هُجي، پر اُهو پنهنجي اڱڻ کان ڪنهن به ريت ڪوجهو ۽ گهٽ نه سمجهڻ گهرجي.
    ڌرتي ڪنهن جي به هُجي، پر جيڪا ڇِڪَ ۽ مهڪ پنهنجي ماتر ڀوميءَ منجهان ماڻي سگهجي ٿي، اهڙي ئي خوشبوءِ ۽ انهيءَ جي امرتا جو احساس ڪنهن به پل، ڪنهن به مٽيءَ منجهان محسوس ڪري سگهجي ٿو. ڪنهن به ماءُ جو احترام، پنهنجي ماءُ جي احترام برابر ئي هوندو آهي.
    ماکيءَ جو ميٺُ سڀني جي لاءِ هڪ جهڙو ئي هوندو آهي.
    هوا آزاد آهي، انهيءَ جي حد نشان جي خبر فقط خلائن منجهان ئي لڳائي سگهجي ٿي.
    چنڊُ فطرت جو فانوس ته سڀني جي لاءِ ئي آهي.
    سمنڊ دنيا جي سڀني عاشقن جي لاءِ هڪجهڙي اتساهه جو سبب پئي رهيو آهي.
    بُکَ جو رنگ سڀني جي لاءِ ساڳيو ئي آهي.
    آسمان جي ڪشادگيءَ آڏو ڪير پنهنجون اکيون ٻوٽي سگهي ٿو.؟
    ها! اُها ٻي ڳالهه آهي ته سڀ کي پنهنجي پنهنجي ريت، پنهنجي ڌرتي، پنهنجا پيغمبر، سپنن جي پنهنجي مالها، پنهنجي دلدل، پنهنجو رستو، پنهنجي منزل ۽ پنهنجا پنهنجا گهاوَ هوندا آهن.
    جيڪڏهن ڪنهن لمحي محسوس ڪجي ته سُور جي سَٽَ جو احساس ۽ عالمگيريت جي اُڻ تڻ، جيڪا ڪالهه ڪافڪا، موپاسان، البرٽ ڪاميو، آسڪروائيلڊ، ماريا رلڪي، زاڪ دريدا ۽ رولان بارٿ جي هانوَن ۾ هُري هئي، اڄ به اُها ئي شدت گارشيا ماڪيز، ٽرانسٽومر ۽ سيمس هيني جي ڇاتيءَ ۾ دل وانگر ڌڙڪي رهي آهي.
    ۽ اسان جو ڀٽائي!
    جنهن داخليت جي مقام کان مٿڀرو ٿي، فرد کي فراريت کان بچائي ورتو آهي، اها يا ته اعليٰ فڪر جي وشالتا آهي يا ٻوليءَ جو وسيع پڻو، جنهن ٽن صدين جي وڇوٽيءَ کي ختم ڪندي، ان کي اڄ جي درد جي ڪيفيت سان ڳنڍي ڇڏيو آهي.
    پهرينءَ ۽ ٻينءَ مهاڀاريءَ جنگ ۾ جيڪو رَتُ وهايو ويو، اهو اڃا تاريخ جي سُفيد ڪفن تان سُڪو نه آهي.
    برف پوش پهاڙن مان هٿ آيل انساني مُردا ۽ انهن جون هراسيل اکيون گواهَه آهن ته انسان بنيادي طور تي حيواني جبلت منجهان پوريءَ ريت جان ڇڏائي نه سگهيو آهي.
    قرآن ۾ آيل آهي ته ” لَاۤ اِكْرَاہَ فِی الدِّیۡنِ ۟ۙ “ دين جي باري ۾ ڪو به جبر نه آهي، پر ڀانت ڀانت جي رياستن ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، انهيءَ کان ڪهڙي اک چشم پوشي ڪري سگهي ٿي؟
    ”رسول اڪرم عالمگيريت، اتحاد، محبت ۽ مساوات جي تعليم ڏئي ٿو، نفرت، عداوت ۽ تعصب کي ختم ڪرڻ جي تلقين ڪري ٿو.“
    اڄ مان سوچيان ٿو ته شاعري! جيڪڏهن تون عالمي ڪلچر جو حصو نه ٿي سگهندينءَ ته تون اگهامڻ جي لائق نه رهي سگهندينءَ! پر اهو وسارڻ نه گهرجي ته عالميت جي اهڃاڻ جو آواز به انهيءَ شاعريءَ منجهان اُڀري سگهي ٿو، جيڪا شاعري پهرين پنهنجي ڌرتيءَ جي درد جي دانهن کي سمائي سگهندي.
    پنهنجي ذات بابت ڪيل قياس آراين کان چڱيءَ ريت باخبر رهندو پئي آيو آهيان.
    ڪِنِ جي سوچ / ويچار موجب نئون نڪور، ته ڪِنِ جي ڄاڻ / سمجهه پٽاندڙ بنهه انهيءَ جي ابتڙ!
    ڪِن جي سامهون کليل ڪتابُ ته ڪن جي لاءِ وڇوٽيءَ سبب ڏِٺِ ۽ پرولي رهيو آهيان.
    ڪي Positive ته ڪي Negative سمجهندا رهيا آهن.
    ڪِن چڱو ته ڪِن مَٺو سمجهيو آهي.
    مون ڪڏهن به پاڻ کي کير سان وهنتل هجڻ جو ڀرم نه پاليو آهي. هڪ ساڌارڻ شخص جيان ڳُڻن ۽ اَوڳُڻن جو مجموعو ئي رهيو آهيان.
    دنيا جي ڪنهن به تخليق يا ڪلاتمڪ رچنا تائين رسائي ممڪن ٿي سگهي آهي ته انهيءَ کي اول ۽ آخر تخليقيت جي ڪسوٽيءَ تي ئي پرکيو اٿم.
    علم جي آبشارن ۽ ادب جي چشمن جو Transparent پاڻي ڪوهستان جي قديم پهاڙن ’هوٿياڻو‘، ’سُنبڪ‘ ۽ ’سورجاڻ‘ جي سِرهَه (Ibex) وانگر وقت جي نٽهڻ اُس ۾ ڊُڪي ڊوڙي واپرايو اٿم.
    شاعري! مان توکي پنهنجو لباسُ نه، پر پنهنجي بُت جي چمڙي سمجهان ٿو. لاهيان، لاهي نٿو سگهان.
    شاعري! تو مون کي جيڪي ڪجهه ڏنو آهي، ان کي پنهنجو موروثي حق سمجهڻ مون لاءِ ڏاڍو ڏکيو آهي. ان کي فقط قدرت جي نوازش سمجهي قبول ڪيان ٿو. تنهنجو سڱ نه هجي ها ته شايد ڪڏانهڪر زمين دوز هجان ها.
    هر ڀيري توئي پنهنجو سٻاجهو هٿُ هٿَ ۾ ڏئي آفتن کان پناهه ۾ رکيو آهي.
    مون کي جيڪو ڪجهه ڳالهائڻو/ چوڻو هو يا آهي، اُهو مان سڀ ڪجهه تنهنجي ذريعي اظهاري چُڪو آهيان.
    هي ڪتاب تنهنجي روپَ/اسلوبَ ۾ ضرور آهي، پر هي ڪتاب منهنجي وجود جي مهاڀارت به آهي ته منهنجي اندر جي آتم ڪٿا پڻ.
    هڪ يُگَ جي يُڌ جي مڪمل ڄاڻ انهيءَ کي ٿي سگهي ٿي، جنهن وٽ اشوڪا جهڙي پرمپرا هوندي آهي.
    مان پاڻ پنهنجي اظهار منجهان سوڳوار ڌنن ۽ شادمانن جي شهناين جو آواز ٻُڌندو رهيو آهيان. مختلف ڪيفيتن ۽ الڳ الڳ حالتن جا جُهڙَ جِهمندي ڏٺا آهن. سڀني سان مون کي هڪ جيترو لڳاءُ ۽ روحاني ويجهڙائي رهي آهي.
    مان سُکن ۽ دُکن جون مهربانيون ۽ انهن جا ٿورا مڃيندو رهيو آهيان ۽ انهن سڀني جو احسانمندُ آهيان.
    سور جو هر صفحو، سُکَ جو سبق سمجهي ياد ڪيو اٿم.
    مون دوستن جا گل پنهنجي جهول ۾ سانڍي رکيا آهن، ۽ دشمنن جي پٿرن کي گُل ڪرڻ جي قدرت منصور حلاج کان پرائي اٿم.
    رشتن کي ڪڏهن به ڪائي، ڪچ سان ڀيٽَ نه ڏني اٿم، پر شيشن کان به نازڪ رشتن جي ٽُٽڻ جو آواز ٻُڌي، انهن ٽُٽل شيشن تي پنهنجا اُگهاڙا پُٺا رکي، ڏينهن جا تارا ضرور ڏٺا اٿم.
    اکين مان اَکٽُ رتُ ڳاڙي، اڪيلائي جي ويڪري ڇاتيءَ ۾ خودڪشيءَ جي خيال جو خنجر ضرور کوڙيو اٿم.
    ڪاري پاڻيءَ جو اڪيلو قيد ڪاٽي Depression ۽ پاڳل پڻي جي احساس جي ويجهو وڃي محسوس ڪيو اٿم ته زندگيءَ جو هڪ ٻيو پاسو به آهي، جيڪو عقليت ۽ اُميد ڏانهن وٺي وڃي ٿو.
    هيڪلائيءَ جا ڪڙا ڳوڙها پِي، جُدائي جا ڪيترائي شوال ڪاٽيا اٿم.
    پيار جي پٿراڻين مٿان وِرهه جا وِهاڻا رکي ڪوڙيءَ ننڊ ۾ پنهنجون اکيون ضرور ڪاڙهيون اٿم.
    دردُ، جيڪو سڀني کي هڪ ٻئي سان جوڙيندو آهي. انهيءَ عظيم درد ئي ’بالزاڪ‘ ۽ ’ميلان ڪنڊيرا‘ جهڙن صدين جي سرجڻهارن سان سَنمُک ڪرايو آهي، جن پنهنجي تخليقن وسيلي انسان جي روشن آئيندي جو ڏَسُ ڏئي، ان کي خوف جي ڪاري ۽ منحوس رات مان ڪڍي سج ــ ورنو صبح ڏيکاريو آهي.
    هن ڪتاب جو انتظار منهنجي جيڏن ۽ دل گُهرين کي ته هُئو، پر جيڏو هن ڪتاب جي ڇپجڻ جو اونو ۽ شدت سان انتظار منهنجي مٺيءَ ماءُ کي هئو، شايد دنيا جي ڪا به ڦيٿَ اُن شدت کي ڪَٿي نه سگهي.
    ساهتي پرڳڻي جي هجڻ جي ناتي مون دل جي ڌرتيءَ جي ورهاڱي واري هاڃي کي قبول نه ڪيو آهي.
    سنڌي ٻوليءَ جو (شايد) آخري نقاد لڇمڻ ڪومل، اڄ به ’ڪنڊياري‘ ۾ ئي رهندو آهي. ’مورو‘ انهيءَ کان ڪجهه فاصلي تي موجود آهي، مٽي ۽ جَرُ هڪ ئي آهن. لڇمڻ ڪومل کي فن ۽ فڪر جي حوالي ۾ مون سان اختلاف ٿي سگهي ٿو يا هُن جي ويچارن سان مان سهمت هوندي به اَسهمتي ڏيکاري سگهان ٿو، پر منهنجي اندر جو آرٽسٽ لڇمڻ ڪومل کي نظم ۽ نثر جو هڪ سُچيت پارکو سمجهڻ ۾ غلطي ڪري نه ٿو سگهي، ڇاڪاڻ ته هُو پنهنجي راءِ ڏيڻ ۾ ڪو به رک رکاءُ ڪرڻ وارو شخص/ ليکڪ نه آهي.
    هُن پنهنجي طبيعت جي ناچاڪيءَ جي باوجود، نوي ڏينهن جو طويل وقت ڪڍي منهنجي مسودي کي باريڪيءَ سان پڙهيو ۽ ان تي جيڪو اظهار لکت ۾ ڪيو آهي، سندس ان احسان جو بار مان پنهنجي ڪلهن تي سدائين محسوس ڪندو رهندس ۽ سندس مون بابت ڪٿيل معيار تي لهڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندو رهندس، جيڪڏهن ايئن ڪري سگهيس ته سمجهندس ته اُهو سَڀاڳُ قدرت طرفان منهنجي حصي ۾ ئي لکيو ويو هئو. ۽ هُو منهنجو دوست، رکيل مورائي جنهن منهنجا ڪيترائي جنم ڏٺا آهن ۽ انهن سڀني کي ڪجهه صفحن ۾ سموهي مون کي پنهنجو پاڻ ايئن ڏيکاريو آهي، جيئن مان به پاڻ کي ڪڏهن نه ڏسي سگهيو آهيان. ان لاءِ ڪي رسمي لفظ لکي مان پنهنجو پاڻ کي ۽ هُن کي الڳ ڪرڻ نه چاهيندس.


    احمد سولنگي
    ڪراچي، سنڌ



    خوابَ آوارا پکي،
    بند اکڙين جي وڏي ڪنهن
    جهنگَ ۾ آهن اُداس!


    مائيڪل اينجلو

    مائيڪل اينجلو


    ديس هر هڪ جي مٽي،
    مون ته ڌرتيءَ جي دونهاٽيل،
    سُرخ گولي تان کڻي،
    پنهنجي خوابن ۾ سنڀالي آ رکي!

    منهنجي اک جي دائري جي ويجهڙو،
    زان ڪازاڪس، ٿو رهي؛
    ۽ پکي پنهنجي پرن ۾،
    جئن لڪائي ٿو رکي پنهنجا ٻچا،
    سوچ منهنجيءَ ۾ ائين محمود جي ڌرتي رهي:
    جا ٽُٽل ڪشڪول ۾ ڪنهن ماءُ جي ڳوڙهن جيان،
    يا نديءَ تي بُوند- بادل جو لڳي ٿو نقش ڪو؛
    عشق مون لئه ٿو اُڻي ڄڻ شبنمي ڪا شاعري؛
    ساحلن تي، ريگزارن جي مٿان،
    ۽ وڻن جي جُهنڊ ۾،
    آ خُدا جي جُستجوءَ بيگانگي مون لئه لکي!

    دُور آلندي، نرودا جي چِلي،
    باک پنهنجي لاک برسائي جڏهن ٿي اُن مٿان،
    سجَ ازل جي ديوتا سامهون سڀئي،
    صبح جا سورج مُکي ڪن ٿا سجودُ؛
    ۽ جڏهن ٿي شام نارنگي لهي،
    ڪنهن جي رَت جي ٿي مٿان ڪَڻِ ڪَڻِ وسي،
    ڪو صليبن تان لهي ۽ ڪو صليبن تي چڙهي،
    بدحواسيءَ جو نئون اتهاسُ ٿو لکبو رهي!

    آءٌ آوارا پکي،
    مون کي آهن ڇو مِٺيون،
    پيار جون گهيريل گِهٽيون!
    ڀٽ ڌڻي، ٽئگور، ميران ۽ ڪبير،
    آتما جي اَئٽ تي ڌاڳو ڪَتي،
    سُور جو سوگهو سڳو ڇو ٿا ٻڌن؟

    ۽ وري هُو ڪي گلابي ڇوڪريون اسپين جون،
    مون لئه ڇو ٿيون خواب آوارا ڏسن!
    ۽ مصر جي چنڊ جي ڪائي ٿڌيري چاندني،
    ڇو اکين جي ٿي سَرابن ۾ سُمهي؟

    سڀ انڌيرا، چاندنيون مون تن اندر سانڍي رکيون،
    ديس هر هڪ جون گهٽيون مون من اندر سانڍي رکيون،
    پوءِ به منهنجي انت لئه،
    ٿيون خدا تخليق ڪن،
    اينجلو جون آڱريون!


    پوپَ کي ڪهڙي خبر؟

    پوپَ کي ڪهڙي خبر؟


    هر چرچ کي هر روز ٿو پوچو لڳي،
    ڄڻ فرش ٿو شيشو لڳي.
    مريمَ، مسيحا جي اَڇوتٖي لڙڪ سان،
    ڌوتي سڄي ڌرتي مگر،
    جيڪي صليبن تان ڳڙي رَت جا ڦُڙا پَٽ تي پيا،
    ڪنهن کان نه سي ڌوپِي سگهيا!

    سو ريجُ ريٽي رَتُ جو،
    جنهن مان ڦُٽي ٿو ڪڻڪ جو ڪو سنگُ-سونو،
    ٿو ڀَري ڄڻ پيٽُ جنهن مان ڪو بُکيو!
    جنهن چرچ ۾ گهاريو گهڻو،
    تنهن پوپَ کي ڪهڙي خبر؟
    اهڙي مٽي آ هر ڪليسا کان مٿي!


    قلو پطره

    قلو پطره


    ڪُشادي رات جي ٻيڙي،
    رسيون، ساڪا، لنگر لوها،
    نماڻن ميربحرن جا،
    ٿڌا ڪي خوابَ جا پاڇا،
    مٿان فانوسُ فطرت جو،
    سمورا منتشر تارا،
    حسين ڪنهن حادثي جي لئه،
    الئه ڇو منتظر آهن؟

    جواني قيمتي تنهنجي،
    اکين ۾ چاندني پوکي،
    هوا مضبوط تختن تي،
    لهي ٿي اپسرا وانگي.
    درياءِ نيل جو پاڻي،
    ڏسي ٿو اک کڻي توکي،

    قلو پطره!
    چپن جا تو ڏئي ياقوتَ
    ۽ الماس اکڙين جا،
    هٿن جا ڏئي ڪنول اُجرا،
    سَريکو سون جو سينو،
    ڳلن جا تِرَ، بدن جون ڪئين بهارون ڏئي،
    مڃون ٿا تو بچايا،
    ملڪ پنهنجي جا،
    سوين انمول هيرا ۽ هزارين بي بها موتي،
    مٽي محبوبُ پنهنجِي،
    آسماني ديوتائن جا سڀئي اوتارَ،
    ڏاهپ، ڪرشما، اهرام ۽ صحرا،

    قلو پطره!
    مٿان فانوس فطرت جو،
    سمورا منتشر تارا،
    حسين ڪنهن حادثي جي لئه،
    الئه ڇو منتظر آهن؟
    ملائم، ريشمي، ڪمخواب بِستر ۾،
    سُمهين ٿي روز سِيزر سان،
    مگر خنجر ٻُڏل رَت ۾،
    مٽي تو سُرخ سِيزر جي،
    ڏٺي ڪنهن خواب ۾ ناهي!
    رسيءَ کان مختصر، نازڪ،
    سنهيءَ هِن چيلهه تنهنجيءَ کي،
    سهارو ٻانهن جو آهي.
    مٿان دستور موجب ئي،
    چپن تي چَپَ رکيل آهن.
    بدن ڄڻ ڊاک جي وَلِ جئن،
    بدن تي ئي وريل آهي.
    هٿن جون آڱريون ويهه ئي وڃن ڳنڍجي
    اِئين ڪنهن طلسماتي موهَه ۾ ٿيون، جو
    پَتو ئي ڪونه ٿو پئي ڪو،
    هَوس ۽ عشق ۾ ڪهڙو،
    ازل کان رابطو آهي؟

    قلو پطره!
    مڃون ٿا تون هميشه کان محبت جي اسيريءَ ۾،
    اڪيلو ڪونه سيرز کي رکين ٿِي، پر
    ڪرين ٿي زلف ڪافر سان، سموري روم کي قابو،
    ٻيو ڪهڙو ڀلا ڏَسُ، مصر جي آ چنڊ جو جادو!


    تنها پالي پيارَ نه سُمهه!

    تنها پالي پيارَ نه سُمهه!
    ايئن اڪيلي ڌارَ نه سُمهه!

    ننڊ ۾ ويندءِ چنڊُ چُمي،
    وِلَهه ۾ ويڙهي وارَ نه سُمهه!

    جَرَ تي بَرسِي ساري رات،
    برَ ۾ ڪارونڀارَ نه سُمهه!

    جيسين بُکيو پيٽُ ڀَري،
    تيسين پالڻهارَ، نه سُمهه!

    کِڙيو چنڊُ، اُڏام چڪور!
    ايئن قبولي هارَ نه سُمهه!

    ڇوري! چوٽيءَ منجهه ڀَريٖ،
    موتئي جي مهڪارَ نه سُمهه!


    ڪارو پاڻي

    ڪارو پاڻي

    ڪجهه وڻي ۽ ڪجهه سُجهي ئي ڪين ٿو،
    گهر جي ديوارن سان خالي گفتگو،
    روزُ جو معمول آهي!

    بيقراريءَ جو پکي ٿو روح کي چُڳندو وتي،
    درد جو ڌاڳو کڻي دل سورَ ٿي سِبندي رهي،
    روز اُڀري سجُ ٿو ۽ روز ٿو اُلهي وڃٖي،
    شهر جي اوچن مڪانن کي وليون ويڙهي ويون،
    اُس چانديءَ جون ڳليون، ناسي لڪيرون خواب جون،
    گرم لڙڪن ساڻ اکين ۾ ويون ڌنڌلائجي.
    روز هُو رُسوا ڪري، نئين ڪا نه ڪا تهمت
    گهڙيو ويٺا گهڙن،
    روز شيشي جي گهرن مان پاڻ پٿر ٿا هڻن،
    پر نٿا ڄاڻن ته شيشي – گهرُ سندن،
    ڪيترو ڪمزور آهي؟
    نيٺ شيشو ئي ته آهي!

    ڪنهن گلن تان آ چکيو نمڪين سُرهي ءَ ساٽَ کي!
    ڪنهن ڪيو محسوس منهنجي درد جي احساس کي!
    ڪنهن چکيو پاڻي اکين جو، لڙڪ جي لُوڻاٺ کي!
    ڪير ڳوڙهن کي ڳڻيندو؟
    وقت جي هيءَ ڌوڙ سڀني جي مٿان وسندي رهي،
    ڪير ٿيو بدنام آهي،
    ڪير ٿو سوچي اهو،
    ڪنهن خواريءَ جو کنيو هي پاڻ تي الزام آهي!

    شهر ۾ آ شور ڪيڏو، ڪيرُ ٿو ڪنهن جي ٻُڌي،
    ڪيرُ آ ڪوڙو ٿيو ۽ ڪير ٿو سچ کي سڏي،
    ڪنهن ڏٺو هي ڀونئر ڪارو، ٿو ڀِري ڪنهن جي مٿان؟
    ٿو ڀَڃي آرسُ ڪٿي ۽ لارَ ڪنهن جي ٿو لڳي.
    ڪنهن ٻُڌي هيءَ ڪانهن- ڪاني،
    رات ڀر ڪنهن لئه رُني؟
    چنڊُ ڪنهن جي لئه کِڙيو،
    ۽ رات جي راڻي ٽِڙي،
    ڪنهن ڪڏهن اپريل ۾،
    گُل مهر جو آ رتوليءَ لاک ۾ جوڀن ڏٺو؟
    دور گرجا جي گهٽيءَ ۾،
    ڪنهن جلادن جي هٿان مصلوب ٿيندي،
    مُک مسيحا جو ڏٺو؟
    ڪنهن ڏٺيون پاتال ۾ پاڙون پپر جون،
    ۽ هوا جو راڳُ پَنَ پَنَ مان ڏکارو
    ڪنهن ٻُڌو آڪاس ۾،
    ۽ ابابيلن جي آڏو،
    شهر جا مينار اوچا ڪنهن ڏٺا؟

    شهر ۾ آ شور ڪيڏو، ڪير ٿو ڪنهن جي ٻُڌي؟
    ڪير ٿو ڪنهن کي ڏسي،
    زندگيءَ جو زهر قاتل،
    ڪير پيو ڪنهن لئه پِئي،
    ڪير پيو ٿو
    ڪاري پاڻيءَ جو، اڪيلو قيد ڪاٽي؟


    ڪيڏو تيجُ، ٽِڪون-

    ڪيڏو تيجُ، ٽِڪون-

    وينگس تُنهنجي ويسَ ۾!

    مهڪن پيئون ماڪ ۾،
    ڪيئي رنگ-رُتون-

    وينگس تُنهنجي ويسَ ۾!

    رُوپ سُنهرا سِجَ جا،
    رم جهم روشنيون-

    وينگس تُنهنجي ويسَ ۾!

    اُسَ نپايون گج ۾،
    ڪرڻن جون ڪِرچيون-

    وينگس تُنهنجي ويسَ ۾!


    عشق کي سخت سزائن کاڌو،

    عشق کي سخت سزائن کاڌو،
    لڙڪ جو لوڻ وفائن کاڌو.

    وقت تي ڏوهه ڏيون ٿا ڪهڙو؟
    آخري ديپُ هوائن کاڌو.

    زهر ئي زرد ڪئي چانڊوڪي،
    چنڊ کي رات بلائن کاڌو.

    مان نه منڪر نه محبت ڪافر،
    منهنجو ايمان دعائن کاڌو.

    عشق آزاد ڪري ٿو ليڪن،
    عشق جو قيد خُدائن کاڌو.

    خواهشن جسم پَٽِيو آ احمد!
    سوچَ ويچارُ انائن کاڌو.


    باکَ ڇُلڪايا گُلابن جا گلاس،

    باکَ ڇُلڪايا گُلابن جا گلاس،
    پوپٽن پيتا شرابن جا گلاس.

    ننڊ ۾ ڪيڏا تِکا شيشا لڳا،
    ڪنهن ڀڳا هي رات خوابن جا گلاس.

    اوت مون تي اوت جانم! اڻ مَيا،
    رنگَ جوڀن جا، شبابن جا گلاس.

    مون گناهن جا رکيا ترتيب سان،
    ڪنهن رکيا وچ ۾ ثوابن جا گلاس.

    بُکَ ۽ افلاسُ ٽوڙي ٿا ڇڏن،
    نظرين ۽ انقلابن جا گلاس.

    اُڃَ کي مون رُڃَ ۾ اُڇلي ڇڏيو،
    مون ڀري پيتا سرابن جا گلاس.


    رنگ رتي تنهائي

    رنگ رتي تنهائي

    سنهڙيون سيرون، پير پکيءَ جا؛
    جن جي هيٺان سِپَ سمائي،
    ٿڌڙي واريءَ تان ڪنهن نيرڳ؛
    نيل – گگن ڏي اک ٽمڪائي.

    سِڙهه سڌٖي تي بڙڇي پهتي؛
    يا، سُرخ شفق جي لالائي،
    پڳهه، لنگر ۽ جهنڊيون رڱيل،
    گهاٽي لهرن تي گهرائي.

    لال ٿيا سڀ ڄارَ وڇايل؛
    ساحل تي ٿي ڀَرتَ ڀرائِي،
    سمنڊُ سڄو آ سونو پيالو؛
    سُرڪ پِيئٖي جو، سو سودائِي.

    لاکٖي ڄاڃيءَ جي ڄڃ اُڀ مان؛
    سج کي موڙَ ٻَڌي آ آئي.
    لائون لهنديٖ سمنڊ ڪناري؛
    گهونگهٽُ شام کڻي شرمائِي.

    ٻيڙيءَ ۾ ٻئِي پاڻ اسڪيلا؛
    پنهنجي بُت تي لِيڙَ نه ڪائي،
    ڇانئٖي آهي پاڻ ٻنهي تي؛
    ڪيڏي رنگَ رَتِي تنهائي!


    وقت جو وان گوگ

    وقت جو وان گوگ

    ڪنهن ڪلا جي اصيل ڪاريهر؛
    نيڻَ فنڪار جا ڪَکيا آهن،
    ماٺ ڪيڏي نه گئلريءَ ۾ آ؛
    بُرشَ بيجان سڀُ رکيا آهن!

    وقت جو وانُ گوگ گُم آهي؛
    ڪير ڇا لئه ڇِڪي لڪيرن کي،
    ڪيرُ ٿو آڱريون گَهڙي پنهنجون؛
    رتَ ڦُڙا ڪينواسَ کي ارپي!

    ڪو پڪاسو به ڪو نه آهي اڄ؛
    فڪر، فن کي فريم تي چاڙهي،
    سونهن ليڪي جديد پئرس جي؛
    تن بدن کي فريم تي چاڙهي!

    آ مڪمل نه نقش ڪنهن جو ئي؛
    پنهنجي تصوير ڪنهن نه گُهوري آ،
    خواب ۽ ڪنهن خيال ۾ رهندي؛
    ننڊ پُوري نه ڪا اڌوري آ.

    رنگَ آوازَ کان سوا ڀٽڪن؛
    ڄڻ ته خاموش هيءَ خُدائي آ،
    ڪو به سُڏڪو نه چِترڪاريءَ جو؛
    درد جي دانهن ڪنهن لِڪائي آ؟


    جلادَ! اَڏي مُرڪي: ڪنهن نيهن نظاري ڇڏ!

    جلادَ! اَڏي مُرڪي: ڪنهن نيهن نظاري ڇڏ!
    سِرُ ڌارَ ڪري ڌڙَ کان، سرمد کي سُمهاري ڇڏ!

    تخليقَ ۽ خالقَ ۾ تفريقَ نه آ ڪائي،
    هي پاندُ پناهُن جو جسمن تان اُتاري ڇڏ!

    هر خيال ڪبوتر جيئن، آڪاشُ تلاشي ٿو،
    تون نيڻ ڪري نغما، تارن ڏي اُڏاري ڇڏ!

    آوازُ سمندر جو ڪنهن ڪوڏ ۾ گونجي ٿو،
    ڇڏ دُور جزيري تي، يا ڪنهن ته ڪناري ڇڏ!

    مجذوبَ جي پيرن جي پازيب ٿيان آئون،
    درويشَ! نگاهن سان هڪ وار نهاري ڇڏ!

    مٽيءَ جي پِنوڙي ۾ هي ساههُ سُتل آهي،
    سجدي ۾ وڃي احمد! انسان اُٿاري ڇڏ!


    خُدا جا خليفا

    خُدا جا خليفا

    وٺي ٿا سگهون سڀ،
    وڻن ۾ پناهون،
    وڻن تي نگاهون رکي ٿا سگهون پر،
    وڻن سان مخاطب رهيو ڪيرُ آهي؟
    ڪڏهن ڪنهن پڙهيو آ،
    وڻن ۾ رسالت جا آثارَ آهن،
    وڻن منجهه جوڙُون ۽ جنسارَ آهن.


    کڻن ساهه وڻ ٿا،
    وڻن کي ملي ڪا عجب دلڪشي آ،
    نئين نغمگي آ.

    وڻن تي لٿا رنگَ ملهارَ جا ڪئين،
    وڻن سان هوا جي رهي گفتگو ٿي،
    وڻن جي مٿان چاندني چنڊُ اوتي،
    وڻن سان تکي اُسَ رهي روبرو ٿي،
    وڻن منجهه ڪوئل پُڪاري، سنڀاري،
    پُراڻين گهڙين ۾ رکي اک نهاري!
    وڻن کي ٽُڪي ڪاٺ ڪُٺڙو،
    ڪڻي مينهن جي ۽ تکي تِروري کان،
    صبح شام محفوظ گهرجو هُو پهريون تصّور،
    ٿو دنيا کي ارپي.

    وڻن منجهه ڳيريون،
    اُڻن خواب جا ٿيون گهروندا ڪکاوان.
    ٿڪل ڪي مسافر وڻن هيٺ ويهي،
    صدين جي سفر جي رکن ڳنڍُ کولي،
    اکيون، پيرَ ويڙهي،
    سُمهن ننڊ جي ٿا ٿڌي ڇانوَ ڳولي.

    مقدس محبت جا خاموش پاڇا،
    وڻن جي ٿُڙن تي لکي نانوَ پنهنجا،
    رسيلن چپن سان،
    چُمن چاهتون ٿا،
    رکن دل جون دل تي،
    سِڌيون آرسيون ٿا.

    وڻن ڏي جُڳن جا خريدارَ نڪتا،
    ڪي نِرواڻ خاطر طلبگارَ نڪتا،
    وڻن تي لٿِي زندگيءَ جي بِشارت،
    پکي هي خُدا جا خليفا،
    امن آشتيءَ جي علامت!


    جنوريءَ جي هوا ۽ هُن جو گهر،

    جنوريءَ جي هوا ۽ هُن جو گهر،
    برف جا پيچرا ۽ هُن جو گهر.

    رات، خاموش شهر جا رستا،
    آءٌ تنها، خدا ۽ هُن جو گهر.

    دل جو درياهُه اوچتو اُٿليو،
    اک ۾ سپنا ٻُڏا ۽ هُن جو گهر.

    چنڊُ پيلو، اُداسُ چانڊوڪي،
    اولڙا اولڙا ۽ هُن جو گهر.

    زندگيءَ جي گهٽي ڪيئَن اُڪران؟
    موت جا دائرا ۽ هُن جو گهر.

    بُکَ ويڙهي سُمهي پيا آهن،
    ڏِسُ ننڍا ٻارڙا ۽ هُن جو گهر!

    هن سفر ۾ اڃا گهڻا احمد!
    وقت جا وهڪرا ۽ هُن جو گهر.


    زندگي، محترم آهي.

    زندگي، محترم آهي.
    عاشقي، محترم آهي.

    اک ڀَري هن ڏٺو توکي،
    هيءَ ندي، محترم آهي.

    ڇوڪرين ۾ سڀن کان هوءَ،
    ڇوڪري محترم آهي.

    هُن جي ڪعبي، ڪليسا کان،
    هيءَ گهٽي، محترم آهي.

    دل جي تارن کي ڇيڙي ٿي،
    راڳڻي، محترم آهي.

    هُن لِڦُن کي وڪيو ناهي،
    آدمي، محترم آهي.

    مانَ سان جا، ملي ماني،
    سا، رُکي، محترم آهي.

    دوست! تُنهنجي جوانيءَ جي،
    خُودڪشي، محترم آهي.

    واءَ ۾ ٿي ٻَري، تڏهين،
    هيءَ بتِي، محترم آهي.


    جلي سانجهه- سَتِي-

    جلي سانجهه- سَتِي-

    اُڀُ سڄو ئي آڳ آ.

    لَڪن راسيون رَتيون،
    سورج ساڻ رَچِي-

    اُڀُ سڄو ئي آڳ آ.

    هيءَ جا لهر درياهَه جي،
    ڳاڙهي رنگ رَتِي-

    اُڀُ سڄو ئي آڳ آ.

    تارن اکيون اُپٽيون،
    بڻيو چنڊُ بتِي-

    اُڀ سڄو ئي آڳ آ!


    آشائن جو آڳنڌُ

    آشائن جو آڳنڌُ


    هي جو ڀونئري جهڙو منُ:

    ڪين قبولي هڪڙو هنڌُ،
    مُکڙيءَ مُکڙيءَ جو سوڳنڌُ!

    هر گل کي آ روپُ اَنوپُ،
    ڪومل نرمل، سونهن سروپُ،
    سُرهو سُرهو واسُ وَرنُ:

    سڀ ڏي ڀيرو، سڀ ڏي پنڌُ،
    مکڙيءَ مکڙيءَ جو سوڳنڌُ!

    ڪنهن جو ڪنهن جو سوريان ساهُه،
    ڪنهن جو چورايان مان چاهُه،
    ڪنهن جي ڪايا جو ڪنچنُ:

    ڪنهن جو موهُه ته ڪنهن جو منڌُ،
    مُکڙيءَ مکڙيءَ جو سوڳنڌُ!

    منهنجو پنهنجو ڀاگُ – اَڀاڳُ،
    پنهنجي منزل، پنهنجو ماڳُ،
    پنهنجي دنيا، پنهنجو ڌَنُ:

    ۽ آشائن جو آڳنڌُ،
    مُکڙيءَ مُکڙيءَ جو سوڳنڌُ!

    ٽاري ٽاري لوڏي واءُ،
    پَل پَل کي پنهنجو پڙلاءُ،
    گهڙيءَ گهڙيءَ کي روپُ رتنُ:

    وقت وقت کي پنهنجو انڌُ،
    مُکڙيءَ مُکڙيءَ جو سوڳنڌُ!


    بدن تنهنجو جواني آ، نديءَ جي،

    بدن تنهنجو جواني آ، نديءَ جي،
    جواني جاوداني آ، نديءَ جي.

    ڪنارا خواب جا ٻوڙي وڃي ٿي،
    اکين ۾ ئي رواني آ، نديءَ جي.

    ڪو منظر بي لباسيءَ جو رکي ٿي،
    ڪهاڻي بي زباني آ، نديءَ جي.

    وڻن ۾ ٿيون وڃن وکري هوائون،
    ٿڌي سانجهي سُهاني آ، نديءَ جي.

    مڙهي ٿي پيرَ، پَکَ، دلڪش اُڏارون،
    پکيءَ تي مهرباني آ، نديءَ جي.

    پُراڻو هاڪڙو ٿو ڌوڙ ڇاڻي،
    مڪاني لامڪاني آ، نديءَ جي.

    ٻُڏو پاتال ۾ احمد ڪٿي آ،
    نديءَ ۾ بدگماني آ، نديءَ جي.


    اُتر قُطب

    اُتر قُطب


    اُتر قُطب،
    پربت پربت،
    ساندهه برف وسي ٿي.
    جبل جبل جي،
    هر ڪا چوٽي،
    ململ پوتي،
    اوڀر، اولهه، اُبتو ڦيرو،
    سِجُ اُڀري ٿو،
    سال ۾ هڪڙو ڀيرو.

    آريا- سٿ جي هڪڙي ناري،
    روپ – رُپهرو،
    ٻانهن ڪرائيءَ اُس ۾ وِگهري،
    چوڙيگر جو چوڙو،
    ٽڪريءَ ٽڪريءَ پگهريٖ پاڻي،
    شور ڪري ٿو جهرڻو؛
    پکيءَ پکيءَ جو پاڇو پرکي،
    نديءَ نديءَ ويڳاڻو.
    رات ‘رشي’ ڪو ڏئي ويو جنهن کي،
    ڳوڙها، ڳل- ڳاراڻو.

    هاءِ هماليه جيڏا ماڻهو،
    ڇَپر ڇاٽون،
    جن جون واٽون،
    هندوڪش مان نڪتيون.
    پنک پنک جيئن پيرَ اُڏامي،
    فرش، عرش مان نِڪتيون،
    باکون، لاٽون.
    پويان آهن اڀ ۾ اکيون،
    سورج ونسيءَ جون،
    پربت پربت،
    اتر قطب.
    ۽ هوءَ وينگس،
    سورجُ پوڄي،
    برف پگهاري ڏينهن ڳڻٖي ٿِي،
    ساندهه برف وسٖي ٿِي.


    راڻا سَرُ

    راڻا سَرُ

    رات راڻا سَرَ مٿان ڪو چنڊ جو شيشو ڀَڳو،
    خواب مان ڇِرڪِي جڏهن هو جَرَ کي جاڳي مون ڏٺو،
    منهنجي دل جي بيقراريءَ ڀِٽَ کي ڀاڪر ڀَريو،
    درد الغوزي جيان ڄڻ روح ۾ وڄندو رهيو،
    مون پُڪاريو: “تون ڪٿي آن”؟
    تو چيو: “چيلهارَ ۾!”
    هن سَمي جي ساهه ۾ ۽ سارَ ۾!

    چاندنيءَ سان ڀاڪُرين آوارگي مهڪي پئي،
    سُرت ساري ‘سارسن’ جي ٻولَ ٻاجهاري ٻَکِي،
    ريت جي آڪاس ۾ ڪئن ننڊ سپنن جي ٽُٽِي،
    هن گهڙيءَ، هن سانت ۾ ڪٿ ڍَٽَ جي ڍاڻي سُتِي،
    مون پُڪاريو: “تون ڪٿي آن”؟
    تو چيو: “چيلهارَ ۾!”
    مندرن ۾، گهنڊَ جي گونجارَ ۾.

    ڪنهن ٻُڌو سُرَ، سازَ جي آواز جو نغمو مِٺو؟
    ڪنهن ڏنو آ گيتَ ۽ سنگيتَ کي گهائي گهُٽو؟
    نغمگيءَ جي جهول ۾ آ ڪنهن مٿو پنهنجو رکيو؟
    ڇو سدائين آ هوائن جي ڪُلهي ۾ ڪِينرو!
    مون پُڪاريو: “تون ڪٿي آن”؟
    تو چيو: “چيلهارَ ۾!”
    هر صدا جي سوزَ ۾، سُرَ تارَ ۾!

    پاندَ منهنجي کي رنگيني ڄاڱِرين ٻيرين ڏني،
    ٿوهرن جي ڏارين تي چيٽَ- برکا چاندنِي،
    ڪُونڀٽن جون ٽاريون ٿيون دل تي ڇاڻن شاعري،
    ڌُنڌلن ڪن درختن ڏي ڄڻ سڏي پئي زندگي!
    مون پُڪاريو: “تون ڪٿي آن”؟
    تو چيو: “چيلهارَ ۾!”
    منظرن جي موههَ ۾، مهڪارَ ۾!

    وقت جي ويراني سان ڪنهن تَنَ کي توري رکيو،
    ‘ساڏوهين’ کي ساههَ ساري، ڏهر کي ڏوري رکيو،
    سونهن جي ساڃاههَ کي آ درد جي ٿوري رکيو،
    چاهتن جو چنگُ آهي چارڻن چوري رکيو،
    مون پُڪاريو: “تون ڪٿي آن”؟
    تو چيو: “چيلهارَ ۾!”
    پيرَ جي هر ڇيرِ جي ڇمڪارَ ۾!

    مان اڪيلو ڪينَ آهيان، پڊَ-پروانا اُڏن،
    کوڙ راڻا سَر مٿان ٿا خيال ديوانا اُڏن،
    مورَ جهڙا پَنکَ پَهري، نينهن نذرانا اُڏن،
    رِند ٻَهڪن، مَڌُ چمڪي ۽ ٿا مئخانا اُڏن،
    مون پُڪاريو: “تون ڪٿي آن”؟
    تو چيو: “چيلهارَ ۾!”
    اچ مسافر مَڌُ جي ملهارَ ۾!


    مِهر ٿوري، مهربانو!

    مِهر ٿوري، مهربانو!
    اي زمينو! آسمانو!

    شيش- گهر ۾ ڇانوَ ڪهڙي،
    شهر جا او سائبانو!

    هڪڙي پاسي پاڻ آهيون،
    هڪڙي پاسي آ زمانو!

    پاڻ ئي ڊهندا وڃو ٿا،
    اي مڪينو! اي مڪانو!

    ڪنهن نديءَ جي پار آهي،
    چنڊ! تنهنجو آستانو!

    رقص ۾ ڌرتي رهي جئن،
    گيت ڳايو نوجوانو!


    هميرو ڪولهي

    هميرو ڪولهي


    وقت هميري ڪولهيءَ جو
    ڪيئن گذريو آ، ڪيئن گذري ٿو؟

    کيڙيءَ ۾ آ خوابُ انهيءَ جو،
    اوڙَ اوڙَ ۾ آس انهيءَ جي،
    ناڙيءَ تي آ جاڳ انهيءَ جي،
    پارڪِري هُو پوڙهو ڪڙمي،
    جوڳ انهيءَ وٽ، جاٽَ انهيءَ جي،
    پير اگهاڙا واٽَ انهيءَ جي،
    گهاٽُ انهيءَ جو گاجاهه موري،
    پرڻو اُن جو مرڻي جهڙو،
    ڪهڙا گهوٽيتا ۽ ساڏي،
    ڪهڙا ڄاڃي، ڪهڙا ڪانڌي؟
    زالون اُن جون موت مري ويون،
    پٽ، نه نُهرون،اڱڻ اڪيلو،
    ڪهڙو اُن جو ڪُڙم قبيلو؟
    گهر- لوڙهي ۾ هڪڙو پوٽو.
    ٻُڪ ۾ پاڻي پيئندڙ پوڙهو،
    رنگ جو ڪارو، ڪن ۾ والِي.
    اک سُفيد پکيءَ جي پَر جيئن،
    هيءَ حياتي ڪيئن اُن جالِي؟
    موڪَ ۾ ريٽ – لُڙاٽيل پاڻي،
    سارين سائي چادر تاڻي،
    ٻنيءَ ٻنيءَ ۾ ديرو اُن جو
    پٽيءَ پٽيءَ تي پيرو اُن جو،
    هر پلُ آهي تابع اُن جي،
    سانجهي، رات، سويرو اُن جو،
    هيءَ ڌرتي آ ماءُ انهيءَ جي،
    وڻ وڻ آهي ڀاءُ انهيءَ جو،
    پن پن، ڪلَ، ڪنگور ۽ نڙَ سان،
    ماٽيلو آ سڱُ انهيءَ جو،
    سجُ ۽ ٻجُ ٿو ٻهڪي اُن لئه،
    هر ٻارو آ دنگُ انهيءَ جو.

    هر ماڻهو ڇا ڄاڻي سگهندو،
    اُن جي ڳالهين جي مالها ۾،
    آهي معنيٰ جو هر ڌاڳو،
    وقت هميري ڪولهيءَ جو،
    ڪيئن گذريو آ، ڪيئن گذري ٿو!؟


    اُگهاڙا چور

    اُگهاڙا چور


    ڏينهن ويڙهيل بادلن ۾ هو هتي؛
    پٽُ پهريل شام جا پاڇا هُئا،
    انڊلٺ جا رنگ ها، يا اُڀَ کي؛
    ڪنهن ٻَڌا رنگين ڄڻ ڌاڳا هئا!

    سِجُ صليبن جو لهي ويو هاڻ آههِ؛
    شهرَ جو سورج مُکي ڪو ٿئي نه ٿو،
    هُو هُئو پاڳل چڙهي ويو دارَ تي؛
    ڪير آهي ڪو ٻيو سِرُ ڏئي نه ٿو.

    گُگهُه اوندهه سان اکيون، ٻانهون ٻَڌي؛
    چنڊَ کي اغوا ڪيو آهي ويو،
    رات جو منحوس چِٻرن کي ڏسي؛
    ديسَ کي چنڊو چيو آهي ويو.

    ديس! تُنهنجي دانهن مان ڪنهن کي ڏيان؛
    ڪنهن نه مرندي آ پڪاريو ۽ سڏيو،
    پنڌ ۾ ويو نانگُ سڀني کي ڪکٖي؛
    ڪنهن مُڙي ڪنهن کي نه پويان آ ڏٺو.

    درد جو دارون ڏئِي هُو ديسَ کي؛
    ڄڻ پسارين جا جهلي ويٺا دُڪان،
    خواب هر ڪنهن جي تريءَ تي هُو رکي؛
    ويا اڏيندا سونَ، چانديءَ جا مڪان.

    ڪُوڙ جو ٿٖي ڌنُ کنيائون ڌوڙِ مان؛
    سچَ جا ساکي نه ها، پرور نه ها،
    ديسَ جون چتيون اُڊيڙي ويا کڻي؛
    ڄڻ اگهاڙا چورَ ها، رهبر نه ها!


    بي خوف صليبن تي، آ وقت جي چريائي،

    بي خوف صليبن تي، آ وقت جي چريائي،
    منصورُ قبولي ڪيئن، هِن دؤر جي دانائي.

    هن دل جي ٽُٽڻ تي آ، شيشن به ڪيو ماتم،
    پٿر جي خدائن وٽ، آ مُرڪ جي مهنگائي.

    جلادَ سِسي ۽ ڌڙُ، هَٿَ، پيرَ ڪَپيا هُن جا،
    هن رسمِ شهادت تي، تاريخ به شرمائي.

    روميءَ جي رقاصا جو، ڪنهن پيرُ ڪَڇيو آهي؟
    هي رقص عبادت آ ۽ روح جي اُجرائي.

    هن چنڊَ چڪوري جو، ڪو انت نه اچڻو آ،
    چانڊاڻ ۽ چاهت کي، آ مات ڪڏهن آئي؟

    منصورُ ڪري پردو، جڳَ ۾ ٿو جيئي تنها،
    شِبليءَ کي سزا گل جي، ڀوڳائي اڪيلائي.


    دامن ِڪوهه

    دامن ِڪوهه

    سرد موسم جي ڏهاڙن ۾ ملي؛
    اُسَ جي آثار جهڙي ڇوڪري،
    وئي نظر جي نانگَ سان مون کي ڏنگي؛
    زهر جي ڪنهن ڌار جهڙي ڇوڪري.

    پهچندي ئي روح جي پاتالَ ۾؛
    ڪا ٻَڌِي وئي ڳنڍ سوگهي ساهه جي،
    ديد جا وئي در اورانگهي هانوَ ۾؛
    ڪا سيالڻ هير، وارث شاهه جي.

    آرزوءَ جو ڪو لڳي ٿي سلسلو؛
    يا ايامن جٖي اندر جِي اُڃَ هئي،
    ڪنهن سمندر جو ته ڄڻ عُنوان هئي؛
    يا نگاهُن جي اڳيان ڪا رُڃَ هُئي.

    ڪوهِه دامن جي رهاڪو نينگري؛
    آبشارن جِئن حواسن تي لٿي،
    هُن نديءَ جهڙين نهارن سان ڏٺو؛
    پيا اِرم جا بند دروازا کُلي.


    اکِڙين جي آلاڻ-

    اکِڙين جي آلاڻ-

    تنهنجي ڳالهه ڪري پئي.

    تنهائيءَ جي اونداهيءَ ۾،
    يادن جي چانڊاڻ-


    تنهنجي ڳالهه ڪري پئي.

    موتئي جهڙن ماڪ ڦڙن ۾،
    هيءَ جا آ سرهاڻ-

    تنهنجي ڳالهه ڪري پئي.

    آڌيءَ اُڀَ ۾ هيءَ تارن جي،
    جڳ مڳ روح رهاڻ-

    تنهنجي ڳالهه ڪري پئي.

    پرهه پَريءَ جي پاند کڻڻ سان،
    اوڀر ۾ لالاڻ-


    تنهنجي ڳالهه ڪري پئي.


    لهرون، پکي، ڪنارا، وسڪارَ سارَ ۾ ڏِسُ!

    لهرون، پکي، ڪنارا، وسڪارَ سارَ ۾ ڏِسُ!
    نِيرا اٿاهه ساگر، پنهنجي نهارَ ۾ ڏِسُ!

    ڪي زلف سرڪشيءَ ۾، زنجير ٿي پون ٿا،
    گهرا سنگينِ گهيرا، ٻانهن جي هارَ ۾ ڏِسُ!

    موسم جون مهربانيون، هُرنديون رهن هوا ۾،
    گهر جون ڳليون اوهان لئه، مهڪيون بهارَ ۾ ڏِسُ!

    ڏي جهول ۾ گلابي، جوڀن جا ڦول مون کي،
    تو ئي گلاب پوکيا، پنهنجي خمارَ ۾ ڏِسُ!

    ڪنهن چنڊ جي تمنا، پاڳل ڪيو اسان کي،
    ڪي رات جا ستارا، پنهنجيءَ پچارَ ۾ ڏِسُ!


    هڪڙي مالها سوري

    هڪڙي مالها سوري


    ڏور پُراڻي هُن مندر ۾،
    سوچون، سندر سپنا گهوري،
    هڪڙي مورت پوڄي پڳلي،

    هڪڙي مالها سوري.

    سِجَ جي ڪرڻن تي هُن گل جي، اک رهي هرجائي،
    هڪڙيءَ مٺڙيءَ بُوند ابر لئه ، سِپَ سدا سودائي،
    هڪڙي چندرما جي پويان، آندو انتُ چڪوري،
    هڪڙي مالها سوري!
    هڪڙي من – موهن لئه هُن جا، ڇُلڪن نيڻ ڪٽورا،
    ڪنهن پل هُن کي چينُ نه آهي، هر پل هورا کورا،
    ريجهائي ٿي ڄاڻي پوءِ به، هينئڙو هوري هوري،
    هڪڙي مالها سوري!

    ڪهڙي گيانيءَ ۽ اگيانيءَ، ماڻيو من جو موتي،
    هڪ پل آهي جيون- مايا، هڪ پل جيون جوتي،
    هڪڙي پل ۾ ڪير کڻي ٿو، سُک ۽ دُک کي تورٖي،
    هڪڙي مالها سوري!

    رنگ محل ۾ چوڏس چهرو، روشن هڪڙو آهي،
    هي جڳُ ان جا روپَ سَوين پر، درشن هڪڙو آهي،
    هڪڙو ڪرشن هڪ بنسيءَ سان، آيو جهنگ کي جهوري،
    هڪڙي مالها سوري!


    تو سوا وڃان ڪاڏي!

    تو سوا وڃان ڪاڏي!
    زندگي ڪيان ڪاڏي!

    اک کڄي نٿي توتان،
    اک کڻي ڏسان ڪاڏي!

    چنڊَ رات، تنهائي،
    درد کان ڀَڄان ڪاڏي!

    آءُ تون لڪائي رکُ،
    لوڪ کان لڪان ڪاڏي!

    هر ڏِسا عقابي آ،
    اي هوا، اُڏان ڪاڏي!


    قرة العين طاهره

    قرة العين طاهره


    قرت العين،
    ڪالهه خوشبوءَ جي مدفن ۾ جيئن ئي سُتي،
    اڄ به اُن جي مٽي،
    ڄڻ گلابن ۾ آهي رکي؛
    ۽ گُلِ لاله وانگر سندس چهرو ٻهڪي پيو.
    طاهره جو بدن باغ ۾،
    کوڙ سارن گلن جي آ هيٺان رکيو،
    وارَ ڄڻ ياسمِن ساڻ مهڪن پيا،
    ۽ اکيون ڄڻ ته نرگس ۾ رهجي ويون،
    چپ هر ڪنهن ڪليءَ ۾ ٿا مُرڪن پيا.
    ڪنهن به پوشاڪ، پردي ۾ ڇاهي رکيو،
    حسن جو هر حوالو آ وکريو پيو!
    سبزُ سُرهي هوا ٿي گلن مان لنگهي،
    جاڳ جلاد جي،
    ننڊ منصور جي،
    موت آڏو الڳ ٿي ڪا معنيٰ رکٖي!
    ڪالهه جيئن ڊيل جي چال سان،
    سونهن – ساگر کڻي،
    رنگ پوپٽ جا پَهري هوءَ نڪتي گهران،
    ماڪ شيشا جهليا ڄڻ ته اُن جي اڳيان،
    نُور وسندو رهيو صبح – تاري منجهان،
    ۽ اکين خواب جا کنڀ کولي ڇڏيا،
    ڪنهن پکيءَ جي پَرن جي اُڏارن جيان؛
    عشق پنهنجو ن جبينون جهڪائي رکيون.
    ڪير آهي، ڏسي ڪائناتي حسن؟
    جُهڙ جي جهالر منجهان، چنڊُ جهاتيون وجهي،
    سمنڊ کي ڪيئن ندي ڀَوَ ۾ ڀاڪيون وجهي!
    آبشارن پهاڙن، زمينن اُڀن،
    ريگزارن سان ڪنهن جو رهي ربط ٿو!
    ڪنهن به آهي ڏٺو؟
    سِجُ، صد برگ، جو گُل ٿو نِوڙي چُمي،
    وقت، تاريخ جي ڄڻ ته تسبيح ۾،
    ملڪ موتيءَ جيان ٿو هٿن ۾ گُهمي،
    طاهره جي ڳچيءَ ۾ چُنيءَ کي وجهي جن ڇِڪيو،
    نَنهن نِڙيءَ تي ڏئي ۽ گُهٽو جيئن ڏنو،
    وقت گهوگهو ڏنو ڄڻ ته ايران کي!!


    هي دؤر سوچ لوچ جو، پيڪر نه ٿي سگهيو،

    هي دؤر سوچ لوچ جو، پيڪر نه ٿي سگهيو،
    فنڪار جي تراشَ جو پٿر نه ٿي سگهيو.

    ڪڏهين گلاب پوک مان، گوليون ڦُٽي سگهيون؟
    ڪنهن گل جي پنکڙيءَ منجهان، خنجر نه ٿي سگهيو.

    ڪو ديوتا رهيو نه پرستش جي واسطي،
    ايمانُ ڪفر جي اڳيان، ڪافر نه ٿي سگهيو.

    دل مان جهانَ جي نه تمنا کُٽِي ڪڏهن،
    منهنجي اندر جو شخص، قلندر نه ٿي سگهيو.

    ڪيڏي نه اُڃَ اُساٽَ رهِي روح جي اندر،
    درياهه ڪنهن به ريت، سمندر نه ٿي سگهيو.

    هُو تخت، بَخت پير جي هيٺان رکي هليو،
    پر سنڌُ کي منظور، سڪندر نه ٿي سگهيو.

    احمد حساس دل آ رهيو دوستو سدا،
    ارپي شعورِ زندگي، شاعر نه ٿي سگهيو.


    مڪمل جسم

    مڪمل جسم

    مٿي تون مَن و سلويٰ کان؛
    مقدس ديوتائن کان،
    نهايت خوبصورت تون؛
    خيالن جي خُدائن کان!

    رکين ٿي دل جي ڌڙڪن ۾؛
    رهي خاموش پٿر جان،
    ڪرين ٿي پيار تون مون سان؛
    ڊڄين ٿي پر زماني کان!

    بنائڻ مون کي چاهين ٿي؛
    امر ڪو لوڪُ قِصو تون،
    ۽ پنهنجي جسم جو مون کي؛
    مڃين ٿِي اڌُ حصّو تون!

    مڪمل مون سَوا ناهين؛
    مڪمل ڪو نه ٿِي سگهندينءَ،
    بدن ڌاران بدن ڪهڙو؛
    اڪيلي ڪونه جِي سگهندينءَ!

    محبت جي مٽي ڳوهيون؛
    رکون ويساههُ جنمن تي،
    سَمايون ساههَ ساهن سان؛
    رهي پردو نه جسمن تي!


    جوڳڻ – بين وڳي-

    جوڳڻ – بين وڳي-
    نانگ ندورا آئيا.

    چڙهي رات چکيا مٿي،
    مُنهنجي ڀيڻ سڳي،
    جوڳڻ – بين وڳي-
    نانگ ندورا آئيا.

    جُوٺا جوڀن هيئن تون،
    مون سان ڪر نه ٺڳي!
    جوڳڻ – بين وڳي-

    نانگ ندورا آئيا.

    ها، هيءَ مُنهنجي جندڙي،
    تنهنجي توهَه تڳي،
    جوڳڻ – بين وڳي-

    نانگ ندورا آئيا.

    تو بن ڏاڍا ڏاکڙا،
    آيا لار لڳي،
    جوڳڻ – بين وڳي-

    نانگ ندورا آئيا.


    ٿر تي بَرسِي سنهڙي بُوند،

    ٿر تي بَرسِي سنهڙي بُوند،
    اک مان ٽپڪِي رَتَ جي بُوند.

    بَر سڄي جي پياسي ننڊ،
    جاڳائي وئي هڪڙي بُوند.

    ڪَچِي مٽي مهڪٖي جيئن،
    مان ٿيان ڌرتي، تون ٿي بُوند.


    ڪُوڙيون ڪڪريون، ڪُوڙي سانجهَه،
    کوٽيون کِنوڻيون، کوٽِي بُوند.

    کارو ساگر اُپڙِي روز،
    سِپَ جهٽي ٿي مٺڙي بُوند.

    ڪڪرين پاتا ڄڻ پازيب،
    رڻ تٖي ڇم ڇم ڇمڪِي بُوند.


    سُفيد ڊسمبر

    سُفيد ڊسمبر

    هي برفباري سُفيد دريا؛
    ڪَٺارَ تي ڪا سُفيد ٽَڪري،
    ٿڌي هي موسم ۽ سردُ ساحل؛
    اَڇن تهن تي اُداس ڪڪري.

    زمينَ ويڙهيل ڪفن ۾ آهي؛
    ڪئي وئي آ سفيد پوشي،
    ۽ برف ڀريل بدن ۾ آهي؛
    دلين ۾ وِلهَه ۽ کُلِي خموشي!

    ڪپاهَه جهڙيون وڻن جون ٽاريون؛
    پگهاريل ڄڻ پنن تي چاندي،
    هي برف ۾ ڏِسُ حساس ٻُوٽا؛
    ۽ سرد رستو، هوا پيادي!

    پکي ڊسمبر اُڻن پيا ٿا؛
    مفاصلن جي گهٽاءِ موسم!
    اچِي برانڊي بدن کي تون ڏي؛
    وسارِ ويڇا، نڀاءِ موسم!


    سڀ کي پنهنجو گوتم آ

    سڀ کي پنهنجو گوتم آ

    سڀ کي پنهنجي پنهنجي ريت،
    پنهنجي پنهنجي ڌرتي آ؛
    پنهنجا پنهنجا پيغمبر،
    پنهنجي پنهنجي جاڳرتا.
    پنهنجو پنهنجو ڌرم ڪرم،
    پنهنجي پنهنجي آ پوڄا؛
    پنهنجي دنيا ۽ عقبيٰ،
    پنهنجي پنهنجي محبوبا؛
    ساڀيا ساڀيا جا موتي،
    سپني سپني جي مالها!


    پنهنجون پنهنجون سِيمائون،
    پنهنجا پنهنجا حصا ۽ -
    پنهنجون ڏندڪٿائون ڪئين،
    پنهنجا پنهنجا قصا ۽ -
    پنهنجي پنهنجي حرم سراءِ،
    پنهنجا پنهنجا ديرا ۽-
    پنهنجا پياسا پياسا پَٽ،
    تاسا تاسا صحرا ۽ -
    پنهنجا جَهر جَهر جهرڻا ڪئين،
    پنهنجا جهلمل تارا ۽-

    پنهنجن پنهنجن پيرن ۾؛
    پنهنجي پنهنجي دلدل آ،
    پنهنجو پنهنجو رستو ۽
    پنهنجي پنهنجي منزل آ،
    سبز جزيرا پنهنجا ۽-
    پنهنجو پنهنجو ساحل آ،
    سڀ کي پنهنجي ميگها رُت،
    پنهنجو پنهنجو بادل آ،
    پنهنجي پنهنجي عصمت ۽-
    پنهنجو پنهنجو آنچل آ.

    سڀ کي پنهنجو پوربُ ۽-
    پنهنجو پنهنجو پڇم آ،
    سڀ کي پير رقاصا جا،
    پنهنجي ڇيرِ ۽ ڇَم ڇَم آ،
    سڀ کي پنهنجا ساز ۽ سُرَ،
    سڀ کي پنهنجو سرگم آ،
    سڀ کي پنهنجا پنهنجا گهاءَ،
    پنهنجو پنهنجو مرهم آ،
    سڀ کي پنهنجو گوتم آ،
    سُرَوم دُکمُ دُکمُ آ.


    نيڻ آلا، اُگهٖي ته به چڱو،

    نيڻ آلا، اُگهٖي ته به چڱو،
    ٿورو مرڪِي، کلٖي ته به چڱو.

    دردُ ٻيلي جيان ٿو ٻَري،
    ٿورو ٿورو، دُکٖي ته به چڱو.

    پيار، نفرت منجهان ئي سهي،
    ڪنهن نظر سان، ڏسٖي ته به چڱو.

    روز چهرا نوان ٿِي رکي،
    هڪڙو چهرو، رکٖي ته به چڱو.

    برف جهڙي ٿڌي ڇوڪري،
    باهه وانگر، بکٖي ته به چڱو.


    سيٽيءَ جو آواز-

    سيٽيءَ جو آواز-

    آڌيءَ ويل گهٽيءَ ۾!

    چور به چوڪيدار کان،
    ڪيئن لڪائن راز-

    آڌيءَ ويل گهٽيءَ ۾!

    چانڊوڪيءَ ۾ واءَ جو،
    جهيڻو جهيڻو ساز-

    آڌيءَ ويل گهٽيءَ ۾!

    تارا، ڄاڃي اُڀَ جا،
    چنڊُ ڪري ٿو ناز-

    آڌيءَ ويل گهٽيءَ ۾!


    مستقبل جي نالي

    مستقبل جي نالي

    هوائن جي آنچل تي ڪنڊڙو ڀرن ٿيون؛
    هي فطرت جون همراز فنڪار ڪڪريون،
    شفق رنگَ جو دنگ ڌرتي نه، سورجُ؛
    اکيون آدميءَ جون وڃن پاڻ ڳهريون!

    نئون سج ڳيريءَ جي کنڀڙاٽين سان؛
    ڏکڻ ايشيا تي نوان رنگ اُڻندو،
    سڀن سرحدن تان هوائون مٽينديون؛
    دلين مان محبت جو درياهه ڦُٽندو!

    ٿڌو جنوريءَ جو سمورو مهينو؛
    ٿڌي رات اُن جي ڄميل برفَ جهڙي،
    ٿڌي پنهنجي سرحد ڪڏهن دوست ٿيندي؛
    ٿڌي ملڪ جي ڪنهن ٿڌي طرفَ جهڙي!

    ڪڏهن ٻهڪندا خواب جڳ جي اکين ۾؛
    ڪڏهن خوف، بيداد جا قيدَ ٽُٽندا؟
    ڪڏهن مات جهنگل جو قانونُ ٿيندو؛
    ۽ جهرڻا محبت جا ڌرتيءَ مان ڦُٽندا!


    اداس روح ازل کان پناههَ ۾ آهي،

    اداس روح ازل کان پناههَ ۾ آهي،
    حسين خوابَ جي جنت جي چاههَ ۾ آهي.

    جڏهن خُدا ئي رهي ٿو يقين کان ٻاهر،
    فرار فرد جو اڪثر گناههَ ۾ آهي.

    ڪَکي ٿي ننڊ وڃي روز ڪامَ! ڪَجراري،
    نه سگهه سريرَ، نڪِي ساههُ ساههَ ۾ آهي.

    هوا سنگيت ٿي ڇيڙي ملاح ڪشتيءَ سان،
    سمونڊُ سانجهه سان ڪهڙيءَ صلاحَ ۾ آهي.

    صليبُ سوچ جو عيسيٰ کڻي جتان گُذريو،
    اسان جو عشق انهيءَ رسم راههَ ۾ آهي.

    نقابُ پوشُ اجل آ سوار گهوڙي تي،
    ازل کان ابد جي ارڏيءَ نگاههَ ۾ آهي.


    سَتِي جَتِي

    سَتِي جَتِي


    سونَ سريکي پنهنجي ڌرتي،
    گهايل گهوڙا، آرڻَ- اَرتِي،
    جنهن جنهن اُن کي لُنءَ لُنءَ لاتو،
    تنهن تنهن سان آ پِڙَ ۾ پَرتِي:

    سانئڻ سرتي، سَتِي جَتِي!

    ڌرتيءَ ڌوڙ نه جهڙو ڌنُ آ،
    ميرو جنهن جو مُور نه منُ آ،
    ٿر ۾ ٿڌڙيون، ڀِٽَ ڀِٽَ ولڙيون،
    تِن ۾ ڪيڏو واسُ، ورنُ آ،
    موتيءَ جهڙي، جوتيءَ جهڙي،
    اُن جي اَن جي رَتِي رَتِي:

    سانئڻ سرتي، سَتِي جَتِي!

    زيريون ۽ زنجيرَ نه گهرجن،
    اوڇڻ ۽ عنبيرَ نه گهرجن،
    پنهنجي ڦاٽل ساٽل لوئي،
    ٻانڌوڻا پَٽ چيرَ نه گهرجن،
    بخمل جي پوشاڪان اَڳرِي،
    پنهنجي چولي چَتِي چَتِي!

    سانئڻ سرتي، سَتِي جَتِي!

    پنهنجي مٽي پنهنجي آهي،
    چنڊئون چِٽِي پنهنجي آهي،
    ڀيٽِ ڀلي تون دنيا ساري،
    پنهنجي گهٽي پنهنجي آهي،
    واڙي واڙي، ٻاڙي ٻاڙيِ،
    سڀ کي پنهنجي پَتِي پَتِي:

    سانئڻ سرتي، سَتِي جَتِي!


    چنڊ تارن سوا، رات اهڙي لٿِي،

    چنڊ تارن سوا، رات اهڙي لٿِي،
    بلبُ ٻرندو رهيو، پر نه اوندهه گهٽِي.

    هُو گلابن کي پوکي، سُتو صحن ۾،
    رُت اپريل ۾، ريجُ رَت جو ڏئي!

    هوءَ سُڏڪِي، لُڇِي، رات ڪشتو ڀَڃِي،
    فٽ پاٿن مٿان، بُکَ ويڙهي سُتي.

    زرد پاڇا نه توتي پون ڇوڪري،
    بيهُه شيشي اڳيان تون نه تنها اچي!

    شهرَ پنهنجا، ستم ڪيڏو، جو ٿا لڳون،
    اوپرا اوپرا، اجنبي اجنبي!


    دانهن

    دانهن


    سورج مُکيءَ،
    ڪنڌ لاڙي چيو:
    “سِجُ
    ڪنهن جلاد جيان،
    رات جي ڦاهيءَ
    چاڙهي ٿو!”


    تهذيبَ جو نئون جنم

    تهذيبَ جو نئون جنم

    بُکن ۾ ڪڙهن ڪنهن جا آنڊا جڏهن ٿا،
    سڄي رات فطرت جي تخليق روئٖي،
    ڏکن جون ٿي شبنم سان مالهائون پوئٖي،
    عُمر کان اڳي ٿا ٿين ٻارَ بالغ،
    وتو هي جنم آهه تهذيب ڪهڙو؟
    انڌو دؤر ڪنهن جي ڪري پالنا ٿو!

    سڄو ڏينهن چِمني ٻَري مِل جي ٿي،
    ڊُڪن نانگ دونهين جا آڪاسَ ۾ ٿا،
    پناهون وٺن لُڙڪ احساسَ ۾ ٿا،
    جڏهن سانجهه سوني اڱڻ تي لهي ٿي،
    ٿڪل ساڻو ساڻو ٿو مزدور موٽي،
    هٿين، پيٽ خالي ۽ مجبور موٽي!

    لٿو شهر جي آ اکين منجهه موتيو،
    ڪنن منجهه ڪوسو ڀَريو وقت شِيهو،
    رهي شهر گونگو ۽ خاموش ڪيڏو!
    ڪٿي ساز آواز جا گيت پوکيون؟
    اکيون آرسيءَ تي رکِي ناز ڪريون،
    ڪٿان گفتگوءَ جو ته آغاز ڪريون؟


    هڪڙي گوليءَ سان کِڙيو،

    هڪڙي گوليءَ سان کِڙيو،
    هڪڙو ڇاتيءَ تي گلابُ-

    ڪهڙو خوابُ؟
    ڪهڙي ساڀيا خواب جي؟

    ڪنهن ڪيو اتهاس ۾،
    اهنسا جو انتخابُ-

    ڪهڙو خوابُ،
    ڪهڙي ساڀيا خوابَ جي؟

    وقتُ گرهڻ ۾ وتو،
    چؤڏسا اوندهه عذابُ-

    ڪهڙو خوابُ،
    ڪهڙي ساڀيا خوابَ جي؟

    ايندو ايندو اوچتو،
    آشتيءَ جو انقلابُ-

    ڪهڙو خوابُ،
    ڪهڙي ساڀيا خوابَ جي؟


    سُڀاڻي جو سڌارٿ

    سُڀاڻي جو سڌارٿ


    انهيءَ لئه منتظر آهيان؛
    جنم جيڪو وٺي پنهنجو چُڪو آهي،
    مڪمل پر ٿيو ناهي،
    اڃا هو دائرو رت جو،
    ڪچو آ لوٿڙو ڪوئي،
    بدن جي جستجو ۾ آ،
    انهيءَ جا نيڻَ ٻُوٽيل ۽
    اڃا هُو گرڀَ ۾ آهي!’
    وڌي ٿو روزُ جيڪو جسم جي اندر،
    حرارت ٿي ملي اُن کي،
    الڳ سنسارَ جي رستي،
    انهيءَ جي دل پئي ڌڙڪي.

    انهيءَ جي لوڇَ پنهنجي آ،
    انهيءَ جي ننڊَ پنهنجي آ،
    انهيءَ جي جاڳَ،
    ان جي ڊوڙَ پنهنجي آ،
    انهيءَ جو سجُ پنهنجو آ،
    انهيءَ جو چنڊُ پنهنجو آ،
    انهيءَ جو دؤر پنهنجو آ،
    انهيءَ جي سِرشٽي پنهنجي،
    انهيءَ جي زندگي پنهنجي!

    ڦُٽي ٿي واٽَ ان جي لئه،
    اکين جي خشڪ صحرا مان،
    ندي ڪنهن خوابَ مان جاڳِي،
    لهي ٿي پئي سمندر ۾،
    سُڪل وڻ جي صليبن تي،
    کِڙن ٿا گُل،
    مسيحا جي اَڇوتيءَ مرڪ جهڙا ڪئين،
    انهيءَ جي راههَ جا ڪنڊا،
    گلابن وانگيان،
    ٽِڙندا رهن ٿا ماڪَ مهڪيل ۾،
    صبح جي ويل،
    مانارن منجهان وِگهري،
    ڳڙي ٿي لارَ ماکيءَ جي.
    ڇَمر ٿا ڇانوَ ڪن هُن تي،
    سِپن جا قيمتي موتي،
    اُڪنڍيا ٿا رهن هُن لئه!
    هُما هُن لئه مسلسل آسمانن ۾ اُڏامي پيو،
    سُنهرو سج پهاڙن تي،
    ٿئي ٿو سر بسجدا ۽،
    زمينون ٿيون صدائون ڏين،
    رهن بي چينُ ساحل ٿا،
    هوائون گيت ڳائن ٿيون.

    اُهو جيڪو،
    اڃا آيو به ناهي ۽،
    اڃا موجود دنيا ۾،
    ڪَچِي اک آ نه کولي، اُن،
    سُڀاڻي جي سڌارٿ جي،
    نئين نِرواڻ جي نغمي
    ٻُڌڻ لئه منتظر آهيان.


    شرابَ ۾ جڏهن لهي ٿو چنڊُ آسمانَ جو،

    شرابَ ۾ جڏهن لهي ٿو چنڊُ آسمانَ جو،
    گلاس ۾ ڀري پيئون ٿا دردُ هِن جهانَ جو.

    رهي ٿي دل جي دوبدو، ڪا آئينن جي گفتگو،
    هلي ٿو ڪاروبارُ ڏِسُ فريب جي دڪانَ جو!

    زمين مختصر اڳيان سمونڊ جي وشالتا،
    ڏسان ڏسان به خوابُ ڪيئن زمينَ تي مڪانَ جو!

    انيڪ آدمي رهن ٿا مُنفرد ۽ مختلف،
    نه شهر جون شناختون، نه ڪو پَتو نشانَ جو!

    خيال، خواب ۾ متان اچي وڃين تون اوچتو،
    کُليل دُئار دل جو آ ۽ در کليل ڌيانَ جو.

    اکين جي برف پوشُ هيءَ ندي ڄمائي خوابَ ٿي،
    پگهاري نيڻَ ڇو نه ٿو ڪو گرم سِجُ گمانَ جو!


    بيوطن بيقرارن جو سفر،

    بيوطن بيقرارن جو سفر،
    دربدر درد وارن جو سفر.

    دوستو! پيار آهي ئي فقط،
    واعدن، اعتبارن جو سفر.

    تنهنجي ئي تير سان روڪيو ويو،
    تنهنجي ئي شهسوارن جو سفر.

    اي اکيون لڙڪ روڪيو ماٺ ٿيو،
    طئه ڪريو رازدارن جو سفر.

    فاصلن ۾ مسلسل ٿو رهي،
    حادثن، انتظارن جو سفر.

    جئن لڳا واٽ تي پٿر، ٿيو-
    باوضو گنهگارن جو سفر.


    مريم جي مٽي

    مريم جي مٽي


    چنڊُ هو رڻ ۾ ٻَريو؛
    رات جنهن تي هئي ٺَرِي،
    تون پئينءَ ڇو ڀاڪرين؛
    چاهَه منهنجي ٿي چَرِي!

    تو نه ڄاتو هي ڪڏهن؛
    مان وڏو سيّاحُ هان،
    ساحلن جي تڙپ هان؛
    مان وڏو اوڙاهُه هان.

    مون ۾ عربي سمنڊ جون؛
    ڇيڪ ڇوليون ٿيون ڇُلن،
    ڪي جزيرا جان ۾؛
    ڇوڙ، ڇاڙهون ٿيون ڇُلن!

    اڄ به ساڳيا سڙهه سنوان؛
    من جي ٻيڙيءَ ۾ لُڏن،
    بيرڪون ڪي بحر جون؛
    مون کي ڏورانهون ڇِڪن.

    اڄ به پوئي هار ڪي؛
    هُو هوائون ٿيون هُلن،
    جابلو جَرَ ساڻ هُو؛
    پير منهنجا ٿيون ڌوئن.

    ايئَن نه مون کي روڪ تون؛
    لُڙڪ جي زنجيرَ سان،
    پيار منهنجو پيار ناهه؛
    راهه جي رهگيرَ سان.

    منهنجي دنيا اُڀَ کان؛
    ۽ زمينن کان وڏي،
    روح جي ڪن راحتن؛
    بيقرارين کان وڏي.

    هي جُهڙالو نينهن جو؛
    چند گهڙين جي چوٽ آ،
    مينهن جو آ معجزو،
    پَلر جي پالوٽَ آ.

    پوءِ به ٿي مون لئه لِکين؛
    ڇو صحيفا سارَ جا؟
    تاسَ جا تمثيل ۽؛
    ڪي ديباچا دارَ جا.

    مون ۾ جاڳٖي روز ٿِي؛
    ڪارونجهر جي ڪورَ ڪا،
    گوڙڌروءَ جي گونج ۽؛
    ڪي ٽهوڪا مور جا.

    ۽ پريان ڪي ريت تي؛
    هُو پکين جا پيرڙا،
    ٿا اُڻن آوارگيون؛
    ڄڻ سکين جا پيرڙا.

    سُڃَ جي هر شام ۾؛
    ويا نگاهن ۾ لهي،
    تون نه سي سمجهي سگهينءَ؛
    پيار منهنجي جا پَهي.

    مان نه ڪو تبريز هان؛
    ۽ نه روميءَ جو ربابُ،
    مان نه هان شيراز جي؛
    ڪنهن به مٽيءَ جو گلابُ.

    مان نه عيسيٰ جو صليبُ؛
    تون نه مريم جي مٽي،
    مان نه ڪرسمس جو قصو؛
    تون نه گِرجا جي گهٽي.

    سِجُ صوفيءَ جي مُنڊي؛
    جنهن تي منهنجو آ جَڙاءُ،
    آءٌ ڪرڻو سانجهه جو؛
    منهنجو پاڻيءَ تي پَڙاءُ.

    تون وڄائي ڇا ڪندينءَ؛
    مون ۾ پيانو موهَه جو؟
    آسَ پائي ڇا ڪندينءَ؛
    آءٌ نه جهرڻو روهَه جو.


    پيار جي پياس جي، آس ڪاٿٖي پَلِي،

    پيار جي پياس جي، آس ڪاٿٖي پَلِي،
    دل اڪيلي بنا ماڪ، چمپا ڪَلِي.

    سج جي ڇِڪَ ۾، گول ڌرتي گُهمي،
    ڳالهه سچ جي، سموري گِليلي سَلِي.

    روح ۾ تيز بارش، اُڻي موسمون،
    رنگ پوئي هوا ۾، شهر جي ڳَلِي.

    رات سُنسان، ويران ڪيڏي هئي،
    راهه ۾ مختصر روشنائي رَلِي.


    سورٺ نيڻ نگينا

    سورٺ نيڻ نگينا


    چارڻ !
    تنهنجو چنگ نه اهڙو،
    جهڙي سورٺ سونهن!
    تو وٽ اهڙي تند ڪٿي آ؟
    جهڙا هُن جا وار.
    چريا! تو وٽ چاهه نه اهڙا،
    جهڙا هُن جا پيار.
    تو وٽ اهڙو ساز ڪٿي آ؟
    جهڙي هُن جي ڇير.
    سورٺ ڪجري،
    من جي اُجري،
    تنهنجي من ۾ ميرُ!
    تنهنجي مُٺ ۾ ماڻڪ موتي،
    هيرا، لعل هزار.
    هُن جا نيڻ، نگينا نوري،
    حيرت ۾ وينجهار!
    تو وٽ سُر جو مانُ ڪٿي آ؟
    توکي سِرَ جي لوڙ.
    هُن جي چوڙين ۾ سَو سرگم،
    جُهوناڳڙهه جي جوڙ.
    تون پينارُ ڳلين ۾ ڳائين،
    تنهنجو ڪهڙو مُلهُه؟
    سورٺ سون-سريکي ساري،
    آهي پاڻ اَملهُه!


    رات به ڪاري رات-

    رات به ڪاري رات-

    مون وٽ، وَٽِ نه ڏِيئڙو!

    جنهن جي هٿ ۾ روشني،
    اُن کي ڪهڙي مات-

    مون وٽ، وَٽِ نه ڏِيئڙو!

    سِرُ مٿانهون سنڌ کان،
    ڪيڏي اوڇي بات!

    مون وٽ، وَٽِ نه ڏِيئڙو!

    هِن اونداهي ڏيهه ۾،
    جرڪي منهنجي ڏات-

    مون وٽ، وَٽِ نه ڏِيئڙو!

    رانول تنهنجي رتَ مان،
    ڄاڻ ڦٽي پرڀات-

    مون وٽ، وَٽِ نه ڏِيئڙو!


    جڏهن ڀي پاڻ ۾ وکري ڏسان ٿو،

    جڏهن ڀي پاڻ ۾ وکري ڏسان ٿو،
    سمندر جي اڪيلائي ڏسان ٿو.

    ڀلي وڇڙي وڃو مون کان سفر ۾،
    اڪيلو ئي سهي مان جِي ڏسان ٿو.

    نهارن ۾ نئون ٻيجو لڳايو،
    محبت جي مٽيءَ جو ٿِي ڏسان ٿو.

    پکيءَ جي اک منجهان نڪري اڪيلو،
    هزارين روز آهيڙِي ڏسان ٿو.

    لباسن ۾ رکيو ڇاهي، ٻُڌايو؟
    مزاجن ۾ ئي عُرياني ڏسان ٿو.

    کُلي ٿي، خواب ۾ ئي تِشنگي ڪا،
    لهي ٿي ننڊ، مئي نوشي ڏسان ٿو.


    ڪارو بَن

    ڪارو بَن


    سپنن جو سودائي بَن مان گذري ٿو.

    ڪاري بَن جون راتيون ڪاريون، ڏينهن به ڪارا،
    برسن گهور- انڌيرن تي ٿا، مينهن به ڪارا،
    وقت پکيءَ جيئن آوارا ٿي اُڏري ٿو-

    سپنن جو سودائي بن مان گذري ٿو.

    بن ۾ ڪارا نانگَ، بَلائون، شينهن، گِداڙيون،
    چيتا، باندر، لومڙ، سوئر، رِڇَ، بَگهاڙيون،
    پَنُ پَنُ ڌڙڪِي آوازن تي وکري ٿو-

    سپنن جو سودائي بن مان گذري ٿو.


    بَن ۾ هر پاسي آ ڀيانڪ اوندهه ڇائي،
    بَن ۾ آهي سانجهه، صبح جي مهل نه ڪائي،
    ڪير ڪنڊن ۽ زرد پنن تان اُڪري ٿو-

    سپنن جو سودائي بَن مان گذري ٿو.

    سپنن کي ڀي روز سفر ڪو ڪرڻو پئي ٿو،
    دؤر پُراڻي پٿر جي ۾ رهڻو پئي ٿو،
    ساڀيائن جو سِجُ ڪڏهن ايئن اُڀري ٿو-

    سپنن جو سودائي بَن مان گذري ٿو.


    درد جي آرسي، ٿي ڏئي روح کي،

    درد جي آرسي، ٿي ڏئي روح کي،
    خودفريبي خوشي، ٿي ڏئي روح کي.

    اڄ سرءُ جي وڻن مان ڇڻي چاندني،
    ڪا ڦِڪي روشني، ٿي ڏئي روح کي.

    نيڻ لهرن جي پينگهن ۾ لُڏندا رهن،
    ننڊ گهَرِي ندي، ٿي ڏئي روح کي.


    ڊاک جي ول جيان، تنهنجي چوٽِي لُڏِي،
    ڇانوَ کٽڙي مٺي، ٿي ڏئي روح کي.

    لُڙڪ ۽ زرد سپنا، ارپنا منجهان،
    ڪا بُکي جُهوپڙي، ٿي ڏئي روح کي.

    شهر ڪنهن اجنبيءَ جا مسافر اسين،
    هر گهٽي ڄڻ چُمي، ٿي ڏئي روح کي!

    تون جي ناهين ته هيءَ، سانجهه ميرانجهڙي،
    روز وِهَه جي وٽي، ٿي ڏئي روح کي.


    سوڳ

    سوڳ

    درد جا بادل اکين ۾ اڄ لٿا،
    بانسُريءَ جا دُور سُرَ ٻُڌجن پيا.
    اُڀَ جي خالي ٽُٽل ڪشڪول ۾،
    ڪنهن ستارن جون رکيون هي پاؤليون؟
    ۽ نظر جي دائرن ۾ ڪِٿ نه ڪو،
    روشنيءَ جو ڪوبه جاڳيو تِرورو،
    ڇو الائي تون ته اوجهل ٿي رهين؟
    سوڳَ جي سُنسان ڪاريءَ رات ۾.
    ڪونه آيو نُور جو ڪو شهسوارُ!
    روح جي خانه بدوشي هيءَ پرين،
    ۽ نظر ۾ آهه تُنهنجو انتظارُ!
    هيءَ هوا هوشيار ۽ چالاڪ آ،
    جاڳَ جي هر گهاٽ تي اُلري پئي.
    ڳهرَ جي هر خواب سان ٽڪرائجي،
    ديد جي پئي دلبريءَ کي دادُ ڏِئي،
    لُڙڪ جي ڪنهن سُرخ ڳاڙهيءَ لهر سان،
    هيئَن هلڪو بار دل جو ٿو ٿئي!


    پيارَ جي ڏورِ

    پيارَ جي ڏورِ

    تنهنجي اکڙين سان ڏسڻ سپنا گُهران ٿو؛
    هر سڀاڳو سجُ منهنجو، تنهنجي نيڻن مان ڦُٽي،
    تنهنجي اکڙين ۾ سُمهان ۽ تنهنجي اکڙين مان اُٿان،
    مان هجان نمڪين موتي، تنهنجي پنبڻين ۾ ڇُلان
    تون رهين نزديڪ، تنهنجي
    روز اکڙين ۾ ٻُڏان، اُپڙان، تران،
    يا ته مان تنهنجي ڀرن جي ڀر ۾ ڪوئي تِرُ هجان،
    روز تون مون کي سنڀارين!
    جي نهارين چاهَه مان مون کي نِکارين-
    يا ڪتابي تنهنجي چهري تي چِٽو،
    حسن جي ڄڻ نُونَ جو نُقطو هجان!
    يا ته مان تنهنجي لبن جو رنگُ ياقوتي هجان!
    تنهنجي چپڙن ۾ رچان ۽ تنهنجي مُرڪن کي رڱيان،
    تنهنجي ٽهڪن ۾ ڪڪوريو مان وڃان-
    يا ته تنهنجي نڪَ جو ڪوڪو هجان،
    تنهنجي سڳنڌي ساهَه ۾ جيڪا به آهي،
    باغ جي رابيل جي خوشبو، ولين-
    سُرهاڻ، سرکنڊ ۽ چنبيلي جو ڦُليل،
    مان انهيءَ ۾ تنهنجي ساهن جي سهاري،
    شامَ جي تاري جيان ٻرندو رهان.
    يا ته مان جُهومڪ هجان،
    صبح سانجهيءَ رات جو تنهنجي ڪنن ۾ پيو لُڏان،
    تنهنجي ڳلن سان پيو گسان،
    رخسار تنهنجا پيو چُمان!
    تون ٿڪي ليٽي وهاڻي تي پوين،
    ۽ ڳهرجي مان ڳلن سان ڳل ملائي ،
    خوابَ جي ماحول کي اُڻندو رهان،
    يا ته تنهنجي ڪونج جهڙيءَ مان ڳچيءَ ۾،
    ست سري دهريءَ جيان،
    هن سونهن سان سنوري پوان،
    تنهنجي سيني جي سچي هن سونَ کي،
    يا خريدي پيارَ جا انمول موتي پيو مڙهيان،
    ساک تنهنجي تن بدن ۽ واسَ وَن جي مان کڻان.
    وڻ جڏهن ڦُولارجن ۽ ٻيرَ جڏهين ڇاڻجن،
    مان به تنهنجي جهول ۾ ڪو ٻيرُ ڳاڙهو ٿِي ڇڻان-
    يا ته تنهنجي پير جي پازيب جي چاندي هجان،
    تنهنجي پيرن ۾ رهان ۽ تنهنجي پيرن ۾ سُنهان،
    تون هلين جي ڊيل وانگي، تنهنجي پيرن ۾ وڄان!
    تون رڳي منهنجي ته ٿي ڏِسُ!
    ڏورِ پنهنجي پيار جي مون سان ٻَڌي ڏِسُ!
    تنهنجي تَنَ کان تنهنجي من تائين رڳو،
    مان نرم ڪي روح جا رستا گُهران ٿو،
    تنهنجي اکڙين سان ڏسڻ سپنا گُهران ٿو!


    ڏينهن کي رات، رات ڪيئن چئجي؟

    ڏينهن کي رات، رات ڪيئن چئجي؟
    جيت تنهنجيءَ کي، مات ڪيئن چئجي؟

    جنهن جو پاڻي، نه آهه رتَ ورنو،
    تنهن نديءَ کي فرات ڪيئن چئجي؟

    قيدَ ڪيڏا ضمير لئه آهن!
    آدميءَ جي نجات، ڪيئن چئجي؟

    هُوءَ ڪنهن موڙَ تي ملي ويندي،
    اهڙي ڪا ممڪنات، ڪيئن چئجي؟

    رسم سقراط جي نڀايون پيا،
    زهرُ احمد حيات، ڪيئن چئجي!؟


    منهنجو پُٽ

    منهنجو پُٽ


    منهنجي پڙڏاڏي جي پيڙهي،
    مون کان پوءِ!
    منهنجي پُٽ تائين آ پُهتي.
    هُن جو منهنجو جرُ به ساڳيو،
    ٻانهون ساڳيون، ٻرُ به ساڳيو،
    منهن، مهانڊو قد ۽ هاٺي،
    چال بناوت ساڳي آهي،
    منهنجي ۽ منهنجي پُٽَ جي
    نڪ، اکين جي جوڙَ جڙاوت ساڳي آهي.
    سڀ ڪجهه هي هڪ جهڙو هوندي،
    هُن جي خوابن جي پر سرحد پنهنجي آهي!

    مان ڳوٺاڻو،
    منهنجو دريا ڀرتي ڀاڻو،
    منهنجو اُڀرڻ، اُلهڻ پنهنجو،
    منهنجو نڪرڻ، سنبرڻ پنهنجو،
    منهنجو هر پل پنهنجي تَرَ سان،
    لڳ لاڳاپو پنهنجو آهي!
    منهنجي رهڻي ڪهڻي پنهنجي،
    سڱ سياپو پنهنجو آهي!

    منهنجي پٽ جي پيرن هيٺان،
    شاهي رستو شهر ولايت وارو آهي.
    وينزويلا يا آمريڪا،
    ميڪسيڪو يا ڪئناڊا،
    هُن جي اک جي آڏو آهن،
    هُن وٽُ پنهنجا زاويا آهن
    پنهنجا نقشا، خاڪا آهن!
    سوچَ به پنهنجي رُخ جي آهي،
    هُن جي خواهش جو هر پاسو پنهنجو آهي،
    هِن دنيا ۾ هُن جو حصو پنهنجو آهي!


    وئي وئي رات وئي-

    وئي وئي رات وئي-

    آيو آيو سوجهرو.

    پنهنجا ساڳيا پيچرا،
    نه ڪا ڀول ڀئي-

    آيو آيو سوجهرو.

    اوندهه انڌوڪار جي،
    ناهي ڳالهه نئي-

    آيو آيو سوجهرو،

    تو جو وِهُه اوڳاڇيو،
    ڀڙڪي سنڌ پئي-

    آيو آيو سوجهرو.


    راڌا!

    راڌا!


    پڳلي راڌا!
    تنهنجي شوڀا،
    سانجهيءَ ويلا،
    ڏيئي وٽِ جان،
    لاٽون لاٽون،
    روز ٻَري ٿي!
    مندر چُپ چُپ،
    گِهنڊَ ننڊاکا،
    سانجهه سهيڙي،
    پازيبن جي،
    سُرَ جي ورکا-
    گوپيون ڳائن،
    بندرا بنَ ۾-
    شيام ڪنهيا!
    تو لئه دوها،
    خاموشين جا!


    ڪنهن اڳيان شخص هُو جُهڪي نٿو ،

    ڪنهن اڳيان شخص هُو جُهڪي نٿو ،
    بُکَ ۾ هوڏ تان لهي نٿو.

    روز ڪيڏا ڪتاب ٿو پڙهي،
    سچ جي زهر کي چَکي نٿو.

    هُن اُڌارا وتا ٻه پيرَ، پکَ،
    وقت سان گڏ ڊُڪي، اُڏي نٿو!

    آس جو آسمانُ آگميو،
    پر کِنوي ۽ گجي، وَسي نٿو.

    نانگُ، جو ڀينڊَ تي ڀڄي لِڪو،
    هاڻ لٺ کان ڊڄي، لڪي نٿو.

    هي سفر آ سفر عجيب ڪو،
    زندگيءَ جو سفر لڳي نٿو!


    سج نئين سان آپگهات-

    سج نئين سان آپگهات-

    آڳ شعلا اُڀَ ۾.

    ڏِسُ! بدن بارود سان،
    زخمي زخمي ڪائنات-

    آڳ شعلا اُڀَ ۾،

    ڪهڙي ڇايا خوابَ جي،
    چاندني ۽ چپ چپات-

    آڳ شعلا اُڀَ ۾.

    بند پڃري ۾ چڪورُ،
    آ اڪيلو چنڊ، رات-

    آڳ شعلا اُڀَ ۾.


    عشق جي تڪميل

    عشق جي تڪميل


    مقتل جي بهارن ۾ سدا خون جي گردش؛
    ۽ دار و رسن جو به رهيو رنگُ حِنائي،
    دلدل ۾ ڪِريا ديس لئه منصورَ ڌڙا ڌڙ؛
    مقتول وطن جي نه ڪهين دانهن ڪَنائي!

    هر جيءَ ۾ جلاد لئه چِکيا ته جلي پر؛
    هر روز جي ماتام تي ڳوڙهو نه ڳَڙيو ڪو،
    ۽ ڏينهن جي هر ڏنڀ تي ڏمريون ته ڏِنگايون؛
    پر ماٺ جي ماحول ۾ دلبر نه ڪُڇيو ڪو!

    هر آسَ جي قنديل ۾ ها جوت جا جادو؛
    ۽ رات جي اونداهه ۾ تارو نه لُڇيو ڪو،
    مفرور هوائون گهُليون جانان جي جنت ۾؛
    ۽ ڌوڙ جو جُهڙ ڀي ته اسان وٽ نه جِهميو ڪو!

    ۽ ديد جي درياهه ۾ گهاتو ته سوين ها؛
    پر خواب جي ٻيڙيءَ سندو ڦرهو نه لڌو ڪو،
    مضبوط ملاحن جا سڀئي رَڇَ ڇِڄي پيا؛
    ڇولين جو ڏسي ڇوهُه نه ڪنهن جهول جهليو ڪو!

    ڄڻ ناخدا سان وئي ٻُڏي ڪا منزلِ مقصود؛
    ڄڻ هو خدا جي خلق کي ٻيو ڪونه سَهارو،
    سڀ ارت، رسا، ونجهه هئا سيرَ ۾ سوگها؛
    ۽ سبز جزيري جو هئو دورُ ڪنارو!

    خنجر جي رهيو نوڪَ تي معصوم تبّسم؛
    مصلوبُ جوانيءَ جو رهيو ٽهڪ ڪو چنچل،
    ۽ دردَ ۾ هئي غرق سڄي زندگي پنهنجي؛
    بيڪار جدوجهد نه ڪاوش نه ڪا هلچل!

    بي نُور ڳلين ۾ ئي رُليون پنهنجون صدائون؛
    ۽ سڏ پڙاڏو به ڪو گونجيو نه گگن ۾،
    ڪنهن روشنيءَ جي آرزوءَ ۾ راهه ۾ مون سان؛
    ڪو اجنبي ساٿي نه هو صحرا جي صحن ۾!

    نمرودُ خدائيءَ جي ڪري روز ٿو دعويٰ؛
    معبودَ جي پر ماٺ ۾ محشر ڪو لڪل آ،
    هر جاڳ جي آ آڳ کي روڪڻ جي تمنا؛
    هر دؤر جي پاتال ۾ آڙاهه ٻَريل آ!

    الزام جا پٿر ٿا وسن روز پيا مون تي؛
    منهنجي ئي مٿان وقت جون موجود ميارون،
    منهنجي ئي جگر منجهه ٻُڏڻ لاءِ پياسِيون؛
    ٿيون روز رهن مياڻ ۾ رُوپوش ترارون.

    مون کان نه مُهانڊو رهيو اڻڄاڻ ۽ اوجهل؛
    دلدار جي صورت، نه ڪي اغيار جو چهرو،
    محبوب ڪا مورت نه رهيو پيار ۾ پردو؛
    ۽ سِينڌ جي سُرهاڻ نه ڪي تِر سندو تمغو:

    ڄڻ سونهن جي ڪنهن خواب جي تمثيل ۾ پُورو،
    هي ديسُ لٿو عشق جي تڪميل ۾ پُورو!


    نيم عرياني

    نيم عرياني


    اجنبي عورت!
    ڪچي ڄڻ سونَ جي آ مورتي.
    قيمتي هُن جو بدن،
    انگُ نازڪُ،
    رنگُ آ انمول اُن جو!
    چيلهه ڪشتيءَ جي رسيءَ کان مختصر،
    اُرهه اُڀريل چنڊَ چوڏهينءَ جي مثال،
    نيڻ هُن جا لال ياقوتي مشعال،
    عاج جهڙي ٻانهن هُن جي،
    ويڪري هُن جي ڪَرائي جي تراشَ!
    قدُ ڪليسا جو صليبُ،
    وارَ ڪارا ڄڻ ته ڪعبي جو غلافُ!
    پيرَ جي پازيبَ اهڙي،
    ڄڻ نديءَ جي سارنگيءَ جي نمغگي!
    تِرُ انهيءَ جي سونهن جو آ استعارو.

    شهر جي بازار جي شوڪيسَ ۾،
    ڪنهن سجايل خوبصورت بُتَ جيان،
    هُن جو بدن،
    ڪنهن سَنهيءَ پوشاڪ پويان ٿو لڳي،
    ڦيڻ هيٺاڻ ڄڻ ته کيرُ!
    اجنبيءَ عورت ڪيو،
    نيم عريانيءَ سان منهنجي،
    اک لڄاريءَ کي اسيرُ!


    اوهان جون اکيون ٿي اوهان کي ڏسون ٿا،

    اوهان جون اکيون ٿي اوهان کي ڏسون ٿا،
    محبت جي منزل جي ڳولا ڪيون ٿا.

    بدن جي بِشارت بدن تي لهي ٿي،
    دلين تي مگر ڪينَ پُورا لهون ٿا.

    اُتم هر خزاني کان ڪشڪول دل جو،
    اَميريءَ کي اُڇلي فقيري رکون ٿا.

    رهي تِشنگي ٿي الائي ته ڪهڙي،
    اُڃارا، اُڃارا، اُڃارا رهون ٿا.

    اسين ساهه پنهنجو سُئيءَ ساڻ ٽوپي،
    سڀئي سور سانڍڻ سڳي تي سِکون ٿا.

    ڳُتي من جا موتي جوانيون جَڙيون ٿا،
    هينئون هُنر هيري ورههَ ڏي وڃون ٿا!

    پکيءَ وانگي آزاد پنهنجون اُڏارون،
    ڪٿي سرحدن جي حدن ۾ رهون ٿا!

    سفر جي اُڏي ڌوڙ ادراڪ آندو،
    مسافر چُمڻ پيرَ تنهنجا اچون ٿا!

    ڏسي چنڊَ جو مڌُ پيالي ۾ پاڇو،
    جهُڪي حُسن جي ڪنهن خُدا سان ملون ٿا!


    هر نديءَ جو وهڪرو، ننڍڙو لڳي،

    هر نديءَ جو وهڪرو، ننڍڙو لڳي،
    تنهنجي اک کان سمنڊُ ٿو، ننڍڙو لڳي.

    لانچ جي آ پنڌ ۾ پاڻي وڏو،
    ساحلن جو ٿو رَسو، ننڍڙو لڳي.

    شهر جي سوداگرن جي ٿاڪ جو،
    جو پُڇي مون کان پَتو، ننڍڙو لڳي.

    تنهنجو اڌ چهرو کڙي اک ۾ جڏهن،
    چنڊُ هر تاريخ جو ننڍڙو لڳي.

    موت کي ڏئي ڪيترا ڏانوڻ ڏيون،
    زندگيءَ جو ٿو سڳو، ننڍڙو لڳي.

    برف جو ٺاهي خُدا هُو ٿا رکن،
    جيئن ڳري اُس ۾ ڦڙو، ننڍڙو لڳي.

    ڪيتري اک جي ڪشادي آ زمين،
    خواب جو ٿو ڳوٺڙو، ننڍڙو لڳي.

    سانجهه ۾ مَڌُ ۾ سج کي ٻُوڙي جڏهن،
    مئي فروشن جو ڌنڌو، ننڍڙو لڳي.

    پاڻ کي احمد کپي آتش ڪدو،
    چڻنگَ، ٽانڊو يا اُلو، ننڍڙو لڳي.


    علامت

    علامت


    وڃين ٿي دور جي مون کان،
    يقينيءَ بي يقينيءَ ۾،
    ڇڻن ٿا ڏينهن پَنُ پَنُ ٿي.
    محبت آ الڳ موسم،
    انهيءَ جو ٻُور ۽ ميوو،
    مڃون ٿا مختلف آهي.
    رهين ٿي ويجهڙو جي تون،
    پَچي ٿو پيارُ ائن من ۾،
    ڏِئي جيئن انبُ ٿو شاخون!
    قسم اي ڇوڪري تنهنجين،
    الهڙ معصوم اکڙين جو!
    گلابن جي رهي هيٺان،
    مٽي مهڪي پويِ ٿي جيئن،
    ٽڙي منهنجي مٿان تو ايئن،
    بدن پنهنجي جي ڏئي خوشبو
    جواني منهنجي مهڪائي!
    اها توکي خبر ڪهڙي!
    رهن خاموش آئينا،
    اهي سڀ بي زبان آهن،
    انهن کي ڇو رهي ڪا آرزو تُنهنجي!
    ٻُڌائي ڪيرُ هي توکي ،
    رياضي دانُ تِرَ تنهنجا،
    ڳڻيندي ٿو پويِ هرکي،
    کڻي گل فلسفي هٿ ۾،
    انهيءَ سان سونهن بابت ئي،
    ڪري ٿو گفتگو تنهنجي!
    اڙانگي عشق جو توتي،
    چڙهيو آ رنگ نارنگي!
    قسم اي ڇوڪري تنهنجين،
    الهڙ معصوم اکڙين جو،
    محبت جي علامت جو،
    وڃين شهڪار ٿيندي ٿِي!


    پل پل پريت امر،

    پل پل پريت امر،
    نوري ۽ ڪينجهر-

    ٻيئي پرتيون پاڻ ۾!

    ڇمڪي گندريءَ پيرَ ۾،
    لهرن جي جهانجهر-
    نوري ۽ ڪينجهر-

    ٻيئي پرتيون پاڻ ۾!

    نکٽ نِوائي نينهن ۾،
    نام ڪٺي نينگر!
    نوري ۽ ڪينجهر-

    ٻيئي پرتيون پاڻ ۾!

    مکڙو مڇيءَ کِکَ کان،
    مٽي ڪيئن ماڱر؟
    نوري ۽ ڪينجهر-

    ٻيئي پرتيون پاڻ ۾!

    سدا رهي ساهَه ۾،
    سَمي جي سانڀر-
    نوري ۽ ڪينجهر-

    ٻيئي پرتيون پاڻ ۾!


    جلادن ڏنو آ اِهو ٺاهُه ٺاهي،

    جلادن ڏنو آ اِهو ٺاهُه ٺاهي،
    چڙهي پاڻ سورج مکي رات ڦاهي.

    پٽيءَ سمنڊ جي تان پکي ٿو اُڏامي،
    اِها ڇاڙهه نيري، اِهو لاڙُ آهي!

    ڏِسو نڙَ تي ناسي ڪو سانوڻ وسي ٿو،
    تلاون مٿي پئي هوا پيرَ ساهي.

    ڏهاڙي رڳو ٿا ڇِلر ڇڄ نڪرن،
    پَکن ۾ مُهاڻيءَ سوا سونهن ڇاهي!

    هڻي چنڊُ ٻيڙيون، وجهن طوق تارا،
    سڄي رات احمد کي آرام ناهي!


    هڪ شهر جو الميو

    هڪ شهر جو الميو


    هر دؤر ۾، هر حال رهيو سچ جي خاطر،
    سوريءَ جو سزاوار عقلمندُ اڪيلو.
    تاريخ، تفڪر جو رهيو اوج تي تارو،
    مؤرخ ٿو رهي ذات ۾ پابندُ اڪيلو.
    شاعر به تصّور ۾ ٿو تنها ئي گذاري،
    موجود رهي جيئن ٿو خداوندُ اڪيلو!


    ابهامُ ڪو اِلهام ۾ ڪڏهين نه رهيو آ،
    هن صورتِ يزدانَ کي ڪڏهين ته ٻُڌڻ ڏيو،
    قرآن جي عرفانَ کي ڪڏهين ته ٻُڌڻ ڏيو،
    انجيل جي اعلانَ کي ڪڏهين ته ٻُڌڻ ڏيو،
    جبريل مخاطب ته مسلسل ئي رهي ٿو،
    انسان جي فرمانَ کي ڪڏهين ته ٻُڌڻ ڏيو!

    مذهب ٿو ڪري بند جڏهن پنهنجي اکين کي؛
    تعصب جي ٻَري باهه ٿي تنهن وقت ذهن ۾،
    ٿي خلق وسوڙيل رهي ويچارَ کان وانجهيل؛
    ايمان، ڪُفر جي ٿي مري روز تهن ۾،
    حاڪم يا حڪومت جو انهيءَ منجهه وڃي ڇا،
    مندر ۾ سڙي لاش يا مسجد جي صحن ۾؟!

    وحشي پڻي جي دؤر ۾ اڄ ڀي ته رهون ٿا؛
    احساس سندو چنڊُ نه ڪنهن رات ٻَريو آ،
    ڄڻ موت ٿو بارود جي گونجار ۾ کيڏي؛
    سپنن جو؛ گهڙي هڪ به نه هي شهر ٺريو آ،
    ڄڻ ملڪ هي پنهنجيءَ عُمر تي آ رسي ويو،
    پنهنجو ئي ڪفن پاڻ خريدي ته رهيو آ!


    من جي مالها

    من جي مالها


    رنگَ رسيلو سانوڻ آيو،
    کنوڻ کِنوي چؤماسي،
    ڇايا بادل ناسي!

    ڌوڙ اکين ۾ رڃ نه رهندي،
    ڪاري واري سڃ نه رهندي،
    سانوڻ – ٽيج سکيءَ سان سونهي،
    اُس، اُڪس ۽ اڃ نه رهندي،
    تاسِي تاسِي هاڻ نه رهندي-

    پنهنجي ڌرتي پياسي،
    ڇايا بادل ناسي.

    تون مُهراڻي ڪڏهين ملندينءَ؟
    اڄ سڀاڻي، ڪڏهين ملندينءَ؟
    من تي ميگهه ملهارون بڻجي،
    ڇاٽون ڇاڻي ڪڏهين ملندينءَ؟
    مورَ، پَپيها ٻوليون ٻولن-

    سَرها سارا ساسي،
    ڇايا بادل ناسي!

    من جي مالها جو تون ڌاڳو،
    منهنجي ننڊ به آ اوجاڳو،
    اکڙيون اُپٽيان يا ڪي ٻُوٽيان،
    ساڀيا سپني ۾ تون ساڳو،
    تنهنجي روپَ سَروپَ سوا ڏِسُ-

    اکڙين منجهه اُداسي،
    ڇايا بادل ناسي!


    شهر ۽ سمنڊ جهڙو ڪر، کپي ويندا!

    شهر ۽ سمنڊ جهڙو ڪر، کپي ويندا!
    ڪراچيءَ ۾ اسان جا گهر، کپي ويندا!

    گُهري ديوار جو پاڇو، حصي ۾ ٿو،
    سڀئي دالان، دريون، در، کپي ويندا!

    لهي ٿو سجُ شاعر جي پيالي ۾،
    جوانيءَ جا سُبو، ساغر، کپي ويندا!


    خريدڻ خوابَ نڪتا هُو وڏي واڪي،
    سُندر سپنا سنڀاليو ير! کپي ويندا!

    شهر کان شهرُ ٿو بدلو وٺڻ چاهي،
    سڀئي خنجر، سڀئي پٿر، کپي ويندا!

    اکيون کوليو، نه ٿئي جئن سنڌ جو سودو،
    وڏي ناڻي وڏا رهبر، کپي ويندا!


    ڪنهن کان وَرتئِي ونڊُ الا!

    ڪنهن کان وَرتئِي ونڊُ الا!

    داڻا داڻا دردَ جا.

    سُرهو ساهه، سرير ۾،
    سپنن جو سرکنڊُ الا!
    ڪنهن کان وَرتئِي ونڊُ الا!

    داڻا داڻا دردَ جا.

    ڪنهن لئه آڌيءَ جو اُٿي،
    جيڏي جوٽئي جنڊُ الا!
    ڪنهن کان وَرتئِي ونڊُ الا!

    داڻا داڻا دردَ جا.

    پنهنجي ريت پريت ائين،
    جيئن چڪورو چنڊُ الا!
    ڪنهن کان وَرتئِي ونڊُ الا!

    داڻا داڻا دردَ جا.

    سور ستارن سان سَلي،
    سُڏڪيو رات سمنڊُ الا!
    ڪنهن کان وَرتئِي ونڊُ الا!

    داڻا داڻا دردَ جا.


    ڪام ديو

    ڪام ديو


    ڪنهن صبح جهڙي گُلن جي شهر ۾،
    سون ورني سِجَ جي رَٿَ تي چڙهِي،
    نيري ساڙهيءَ سان سَنورجي ڇوڪري،
    ساڀيائن کي سَجائين ڇو نه ٿي؟

    ڇو نه ٿي ساعت اسان جي سنورجي،
    ڇو پري ڪو ايئن جلوَن کان جيئي!
    ڇو صُراحِي حُسن جي ايئن هارجي،
    ڇو نه تون لبڙن- سبوءَ مان سُرڪ ڏين!
    ڇو نه ٿي تون پيار ۽ پاٻوهَه مان،
    موهجي، مون کي مِٺي ڪا مُرڪ ڏين!

    ڇو نه ٿي تون سونهن کي بخشين دوامُ،
    ڇو نه ٿو تو ۾ نچٖي ڪو ديو- ڪامُ!


    امن جي تاريخ

    امن جي تاريخ


    ڀِٽ جي شاهه،
    بُلهي، باهوءَ،
    رحمان بابا،
    مست توڪليءَ جي ،
    اکين جي آرسين منجهان،
    قديم حُسن،
    محبت، شادابيءَ،
    امن ۽ آزادگيءَ جا

    اُجرا عڪس ڦُٽي رهيا آهن،
    ۽ اڄ جا آقا،
    ڪلاشڪوف جي قلم سان،
    امن جي تاريخ لِکي رهيا آهن.


    هڪ بُوندَ جي وِشالتا

    هڪ بُوندَ جي وِشالتا


    هڪ بُوندَ مان مصّورَ!
    جوڙيا سَوين سمندرَ!

    ڇو ساحلن مٿان آ
    هر وقت پيار تنها
    جيڏو اٿاههُ ساگر
    ايڏي وڏي تمّنا
    لهرون کڻي وڃن ٿيون
    اوجل اکين جا سپنا
    ڪي دلفريب لمحا
    مصروفُ عاشقن جا
    سڀني نصيب پنهنجا
    پنهنجا لِکيا مقدرَ
    هڪ بُوندَ مان مصّورَ!
    جوڙيا سَوين سمندرَ!


    ميرا طويل رستا
    ٿا ڌوڙ منجهه ڌوپن
    هن ڪينواس تي ڪَئين
    چهرا حسين چمڪن
    هر هڪ بدن ڏيئو آ
    ٻَهَه ٻَهَه ٻَري ٿا ٻَهڪن
    صحرا سرابَ سَهڪن
    اکڙيون انيڪ جاڳن
    هر رنگ جون لڪيرون
    هر سوچ جا تصّورَ
    هڪ بُوند مان مصّورَ!
    جوڙيا سَوين سمندرَ!

    ڪنهن ڍنڍَ مان ڪُنواري
    وهنجي جڏهن کِلي ٿي
    مُکڙي ڪنول جي گل جي
    پاڻيءَ مٿان ٽِڙي ٿي
    ڪا جل-پري ڪناري
    پٿرائجي وڃي ٿي
    سڀ سِرشٽي ڏسي ٿي
    اوگهڙ سڄي ڍَڪي ٿي
    ۽ خوبصورتيءَ جا
    مُرڪي پون ٿا منظرَ
    هڪ بُوند مان مصّور!
    جوڙيا سَوين سمندرَ!

    دل جي اداس اُڀَ تي
    تارا نه، ڪو به بادل
    گهِميل هوا گهُلي ٿي
    هر سانجهَه سانت گهايل
    هر ڏينهن ساههُ ساڻو
    هر رات روح پاڳل
    هڪ سُور سُور سُمهيل
    هڪ درد درد جاڳيل
    جيون سفر سفر ۾
    ڄڻ پيرَ پيرَ پٿرَ!
    هڪ بُوند مان مصّورَ!
    جوڙيا سَوين سمندرَ!


    دل ۾ ويهي ڏِسُ هتان، هڪ آسمان،

    دل ۾ ويهي ڏِسُ هتان، هڪ آسمان،
    آسمانن جي مٿان، هڪ آسمان.

    تون پکيءَ وانگي اُڏين نيراڻ ۾،
    چاهتن جو مان هجان، هڪ آسمان.

    چنڊُ، تارو، ڪا ڪَتي اُڀري ته آهه!
    سوچ جو جاڳيو ڪٿان، هڪ آسمان.

    منهنجي اکڙين منجهه تون ويهي رهين،
    تنهنجي اکڙين سان ڏسان، هڪ آسمان.


    عشق جا رنگ

    عشق جا رنگ


    عشقُ پنهنجي تَنَ ڍڪڻ لئه، پيو ٿو ڪشميرو ڪَتي،
    جيئَن لِيڙن کي لِڪائي، پنهنجي اوگهڙ کي ڍڪي.

    عشقُ ڌوٻيءَ گهاٽ تي، من کي سَٽي صابڻ سوا،
    ۽ بدن کي سڄ جي هيٺان سُڪائي ٿي هوا.

    عشقُ ٻارڻ ٿي ٻَري ۽ رنگ ريٽو ٿي رچي،
    عشقُ رنگريزڻ جيان ٿو، دل پراڻيءَ کي رڱي!


    عشق جو آ ڌار ڌاڳو، ڀرتُ ٿو اهڙو ڀَري،
    هر ستارو ڄڻ سڳٖي ۾، چنڊ چوڏهينءَ جو ٻَري!

    عشقَ جو آ سونُ پنهنجو، سَڃَ پنهنجي ۽ سُهاءُ،
    عشقَ جي آ گهاڙَ پنهنجي، جوڙَ پنهنجي ۽ جڙاءُ!

    عشقُ ڪارِيو، آڳ ٻارِيو ۽ پگهارِيو ٿو رکي،
    عاشقن جا سِرَ سٽٖي، سانداڻِ تي ويٺو ڌڪي!

    عشقَ جو آ ڏينُهن پنهنجو، رات پنهنجي، پنهنجي تات،
    عشقَ جي آ ريت پنهنجي، جيت پنهنجي، پنهنجي مات.

    عشقُ آويءَ ۾ رسائي، ٿو رَچائي خيال کي،
    عشقُ ڄڻ چيڪي مٽيءَ جئن، ٿو پَچائي خيال کي!


    مٽيءَ جا رانديڪا ميڙي،

    مٽيءَ جا رانديڪا ميڙي،
    اکڙين ۾ ڪو سپنا ميڙي.

    سُکَ سڀن سان هر ڪو وِرڇي،
    ڏُکَ ماڻهو ٿو تنها ميڙي.

    بُکَ جو رنگُ ڏٺو ڪنهن آهي؟
    فٽ پاٿن تان فاقا ميڙي.

    هر ڪو پنهنجو جهول ڀَري ٿو،
    گل ميڙي، ڪو ڪنڊا ميڙي!

    شيش محل ۾ هڪڙو چهرو،
    ڪيڏا پنهنجا چهرا ميڙي!

    تنهنجي پير پڻيءَ تي رکبا،
    پنهنجا سارا سجدا ميڙي.

    رات ٻَڌي مون تنهنجي سڳيءَ سان،
    عُمر سڄيءَ جي تقويٰ ميڙي!

    شاعر ڪوتا مالها جوڙي،
    چنڊ ڪتين جا قافيا ميڙي.

    جُوءِ ڀٽائيءَ جاڳائي آ،
    صدين جا اوجاڳا ميڙي!


    هڪڙي يهودي ڇوڪري

    هڪڙي يهودي ڇوڪري


    محبت ئي پياري ٿي،
    جوانيءَ جي ڀريل رَسُ جا،
    ڪٽورا لال ياقوتي،
    رهي ٿو پوءِ به مَنُ پياسو،
    رهي ٿي آرزو ساڳي.
    اندر ۾ اڃ ايڏي آ،
    پيئڻ کان پوءِ به اي ساقي!
    اکيون وائن- گلاسن جيئن،
    هميشه ٿيون رهن خالي.
    بدن بيت المقدس کي،
    چُمڻ ڪيڏو به چاهي ڪو،
    تڏهن ڀي تانگهه ۽ تَنَ جي
    رهي ٿي تشنگي ساڳي!
    يهوديءَ ڇوڪريءَ سوچيو:
    بدن جي آ مٽي ساڳي،
    پناهه گاهون مُحبت جون،
    قديمي عشق ڪافر جي، گهٽي ساڳي،
    نه عبراني، نه عربيءَ ۾ الڳ آ پيار جو نغمو،
    ٻنهي جي سازَ، سُرَ، لئي جي رهي ٿي نغمگي ساڳي!
    سڄي آ روشني، تابندگي ساڳي،
    رَسُولن جي خُدا سان دوستي ساڳي!
    مگر پوءِ به انڌو ٿي فلسفي ڏاهو،
    چئي ٿو سج جهڙي سچ کي اوندهه،
    ائين مذهب اندر هر دور جو مُفتي،
    رهي نابين ٿو هر آرسيءَ آڏو.
    محبت جي نه سرحد ڪابه ٿيندي آ،
    محبت جي اُڏامي شاعري دل تي،
    لهي ٿي ڪنهن وحيءَ وانگر،
    رکي ٿي زخم تي آڱر!
    چيو شيراز جي حافظ:
    “اگر آن ترڪِ شيرازي، بدست آرد دلِ مارا،
    بخالِ هند وش بخشم، سمرقند و بُخارا را”
    يهوديءَ ڇوڪريءَ سوچيو:
    محبت ملڪ آ منهنجو،
    سُڃاڻپ منهنجي محبوبِي،
    پنهنجي محبوبَ جي تِرَ جي،
    چئو بخشش ڏيان ڪهڙي؟!


    روپُ انوپُ

    روپُ انوپُ


    تنهنجون مون ۾ جَڙيل اکڙيون،
    ٻيا ڪهڙا الماس او سورٺ!
    تو لئه ڪيڏا خواب اُڻيا مون،
    ۽ اُجرا احساس او سورٺ!

    تون ئي مون لئه سمنڊُ سراپا؛
    تنهنجا مون ۾ ساحل آهن،
    تون ئي رڻ جي ريٻارڻ آن؛
    تنهنجا مون ۾ بادل آهن!

    تون ته گهٽي آن منهنجي من جي؛
    تون ئي منزل ۽ مانجهاندو،
    تون ئي مومل جي ماڙي آن؛
    تو ئي ڪاڪ ۾ مون کي آندو!

    آرهڙ جو مان ڄڻ ته ٻِپهرو؛
    تون آن ٿڌڙي ڇانو نِمُن جي،
    تو ۾ ننڊ نمازون واجب؛
    تون ئي سجدي جاءِ اکين جي!

    ڇا تون منهنجي ليلان ٿيندينءَ!
    تنهنجو آنءُ چنيسر ٿيندس؟
    مون کي مڻئي موهَه مٽيندينءَ،
    اهڙو نانءُ چنيسر ٿيندس؟

    سانجهه شفق جي شهزادي آن؛
    يا ته وهائو تارو آهين،
    يا تون مون لئه پورنماسي؛
    يا ته اُماس انڌارو آهين!

    اڳُ مان اهڙو ڪين ٿيو هُئس؛
    ڪنهن جي آڏو سربسجود،
    تون ئي منهنجي محبوبا آن؛
    تون ئي مون لئه آن معبود!

    هيئن اکين ۾ ننڊ نه اُڻ تون؛
    مون کي ڪيفُ ۽ آرسُ گهرجي،
    تون آن سون-سريکي سورٺ!
    مون کي ڪوبه نه پارسُ گهرجي.


    آءُ هوا ٿي آءُ!

    آءُ هوا ٿي آءُ!
    درد ! دوا ٿي آءُ!

    سازن ۾ پئي ساهُه،
    ڪا ته ڪَلا ٿي آءُ!

    ٿئي ڪنڌُ قبول،
    دار، دُعا ٿي آءُ!

    آنءُ ٿيان منصورُ،
    وقت، قضا ٿي آءُ!

    انڊلٺ بڻجي روحُ،
    گهاءَ! گهٽا ٿي آءُ!

    دل جا ڌوئان دردَ،
    غارِ حِرا ٿي آءُ!

    دل ڪعبي ۾ پاڻ،
    آءُ خدا ٿي آءُ!


    تون ئي منهنجو پيارُ-

    تون ئي منهنجو پيارُ-

    تون ئي منهنجي آرسي!

    تنهنجو روپُ سروپُ ٿو،

    موهي هي سنسارُ-

    تون ئي منهنجو پيارُ!

    ڪيڏيون نيڻَ نهارَ ۾،

    ويرُون ويروتارُ-

    تون ئي منهنجو پيارُ!

    گُجري پنهنجي گَجَ مان،

    اُجرو سِجُ اڀارُ-

    تون ئي منهنجو پيارُ!

    پنهنجي ريت پريت آ،

    جنم جنم اسرارُ-

    تون ئي منهنجو پيارُ!
    تون ئي منهنجي آرسي!


    روز فٽ پاٿ تي بُکي روئي،

    روز فٽ پاٿ تي بُکي روئي،
    اک آڪاس جي رُکي روئي.

    دردُ غارِ حِرا جيان آهي،
    منهنجي دل ٿي لِڪي لِڪي روئي!

    وقت ڪهڙو اچي ويو آهي،
    ٿِي انڌيرن ۾ روشني روئي!

    ماڪ پيغامُ ڇا کڻي آئي!
    باک سان ٿي ڪَلي کِلي روئي.

    موتُ آڪاس تي کِلي ويٺو،
    هيٺ ڌرتيءَ تي زندگي روئي.


    ڇَم ڇَم برسن بوندون

    ڇَم ڇَم برسن بوندون

    تنهنجون منهنجي، منهنجون تنهنجي من ۾ ميخون،
    سپني ۾ هڪٻئي جي ٻانهن ۾ ٿا جُهومون،

    ڇم ڇم برسن بُوندون!

    ميگها رُت ۾ ڪُوڪِي ڪويل، جيئن ٿي وئي خاموشُ،
    اُڀَ کي ڪارن ڪڪرن گهيريو، سِجُ ٿيو روپوشُ،

    آگم آگم آسُون،
    ڇم ڇم برسن بُوندون!


    ٻپهريءَ جو بادل برسيا، ڌوپي ويو پَنُ پَنُ،
    سارنگَ ۾ سنجوڳ ٿيو آ، ڇا ته ٺريو تنُ منُ،

    رنگَ ڀريا تو ۽ مون،
    ڇم ڇم برسن بُوندون!

    من جي سُندر بَنَ ۾ بَرسِي، مينهن ڪري ٿو ناچُ،
    پيرن ۾ پازيب ٻَڌي ڄڻ، نينهن ڪري ٿو ناچُ،

    مور مچائن موجون،
    ڇم ڇم برسن بُوندون!


    رستا مُرڪي پيا-

    رستا مُرڪي پيا-

    سونيءَ سانجهيءَ ۾!

    راهون روشن ٿيون،
    تو جو پير ڌريا-

    سونيءَ سانجهيءَ ۾.

    ڪڪرين چوليءَ تي،
    ڪيڏا ڀرت ڀريا-

    سونيءَ سانجهيءَ ۾!

    نڪ جي ڦُلڙيءَ مان،
    پائي چنڊ ليئا-

    سونيءَ سانجهيءَ ۾.

    اُڀَ جي ڪونڊيءَ ۾،
    تارن ڦول ٽڙيا-

    سونيءَ سانجهيءَ ۾!


    وِلهه ۾ وارَ واري سُتي،

    وِلهه ۾ وارَ واري سُتي،
    موهڻي موهَه ماري سُتي.

    نيڻ نيرا رکي جاڳ ۾،
    ننڊ کي آ نِکاري سُتي.

    رات راڻيءَ رڱيس روح کي،
    سار سُرهيءَ سهاري سُتي.

    هُوءَ سڀئي در، دريون ٻيڪڙي،
    درد جي آ دُئاري سُتي.

    سِجُ نديءَ جي چُنيءَ تي سُتو،
    سانجهه پٿر پناري سُتي.

    ريشمي ويس احساس جا،
    آرسيءَ ۾ اُتاري سُتي.

    سمنڊُ جاڳيو جڏهن سانت مان،
    لهر ڊوڙي ڪناري سُتي.


    سنڌ سَرير ۽ ساهُه

    سنڌ سَرير ۽ ساهُه

    واٽ-
    وکيري واءُ،
    مٿان ٿو سِجُ تکو ڏئي تاءُ.

    ريت-
    اُلا ۽ آڳ،
    وريِ ڪو وِيرُ ورائي واڳ.

    ڏينهن-
    تِکيري تِکَ،
    کڻي ٿو ڪير وڌي هر وِکَ.

    گهاءَ-
    سُهنِ ٿا گهوٽ،
    اٿئي هي رڻ راهي اڻموٽ.

    ديسَ-
    سنڀاريو سَتُ،
    گُهري ٿو ڳچيءَ ڳچيءَ جو رتُ.

    سنڌ-
    سرير ۽ ساهُه،
    انهيءَ ۾ وهندو پيو درياهُه.


    پتايا بيچ تي

    پتايا بيچ تي


    رنگُ بيئر مينهن ۾ پيئندي رَتو،
    جهاڳ آڏو ڇوڪريون جُهڙ ۾ ڏسو!
    سمنڊ جي ويجهو اچو اي عاشقو!

    ڪنهن سکيءَ جو نانءُ واريءَ تي لِکو،
    ساحلن تي مُحبتن کي موکيو،
    سمنڊ سان ڪو عشق جو تعلق رکو!

    پاڻُ ارپڻ لاءِ لهرن ۾ لهو،
    سمنڊ هي بيچينُ آهي ڪيترو،
    سِپَ کڻي ڇا ٿا پري کان سوچيو!


    مهڪي چنبيلي-

    مهڪي چنبيلي-
    دل جي دروازي اڳيان!

    سنجها ٽاڻي ڪير هيءَ،

    آئي اڪيلي-
    دل جي دروازي اڳيان.

    ڪنهن جا پيرا ڌُنڌ ۾،

    ڳولي ڳهيلي-
    دل جي دروازي اڳيان.

    آڻي سارنگ پاڻ سان،

    سهسين سهيلي-
    دل جي دروازي اڳيان.


    ڪو به اکڙين جي اڳيان، آهي ڪٿي؟

    ڪو به اکڙين جي اڳيان، آهي ڪٿي؟
    جنهن کي مان پنهنجو چوان، آهي ڪٿي؟

    زندگيءَ کي مون تلاشيو آ گهڻو!
    تنهنجي نيڻن سان ڏسان، آهي ڪٿي؟

    ميڻ سان ڌاڳا ٻَرن ٿا واءَ ۾،
    اهڙو ڪوئي امتحان آهي ڪٿي؟

    سج هيٺان روز ٿي ڪيڏو سڙين!
    سنڌ، تنهنجو سائبان آهي ڪٿي؟

    ڌوڙ ٿي سهڪي هوا جي ساهه ۾،
    ڌنڌ ۾ گم ڪاروان، آهي ڪٿي؟

    ڏار اوندهه ۾ وجهن ٿا ترورا،
    روشني ڪا رائگان، آهي ڪٿي؟


    لبرا ڇوڪريءَ جي ڳولا

    لبرا ڇوڪريءَ جي ڳولا


    نڪ جي ڦُلڙي، جَرَ تي تارو؛
    پاڻي تنهنجو چهرو آهي،
    رات سندءِ زلفن ۾ سوگهي؛
    ڪيڏو سخت انڌيرو آهي!

    تنهنجو قدُ صنوبر جو وڻُ؛
    پَنَ پَنَ ۾ تون پاڻ پَسين ٿي،
    تون ڪنهن بادل جهڙي آهين؛
    اوهيڙا ٿي روز وسين ٿي!


    تون ڪا خوشبو ڦُلواڙيءَ جي؛
    گُل گُل تنهنجي گهٽي آهي،
    تون جا ڀاڪر منجهه ڀُرين ٿي؛
    تنهنجي ڪهڙي مٽي آهي؟

    تون ڪا پوپٽ رنگي پياري؛
    ڳاڙهي، پيلي گُلڪاري آن،
    تون ڪا سپ سمندر جي ۽؛
    ٿڌڙي ساحل جي واري آن.

    ڪنهن ونجهليءَ جو وِهُه تون آهين؛
    يا ته پرولي پيالن جي آن،
    مان ئي تخت هزاري جو هان؛
    ڇا تون هير سيالن جي آن؟

    تنهنجو ڪهڙو گهر ۽ در آ؛
    ڪهڙي مان چؤياري ڳوليان؟
    ڪهڙي گُل جي پردي ۾ آن؛
    ڪهڙي ٽاري ٽاري ڳوليان؟


    ٽُٽل گل

    ٽُٽل گل


    ننڊ جي چنچل چڪوري،
    چنڊ ڏي ڊوڙي پئي،
    جيءَ منهنجي کي مگر،
    اوندهه وڪوڙي ٿي پئي.

    تون ٿِئين ٿي جيترو مُنهنجي قريب،
    فاصلا وڌندا رهن ٿا اوترا.
    هڪڙي بستر تي سُمهون ٿا پاڻ ٻئي،
    پنهنجي وچ ۾ پر وهاڻي جو رهي ٿو،
    رات ڀر ويڇو اٽل،

    دور تنها واءَ ۾ پيو ٿو لُڏي،
    هڪڙو ٽُٽل،
    ڪوئي گُل،
    شبنم ڀنل!


    متان ڪا رات رُلائي، قضا جي رستي ۾،

    متان ڪا رات رُلائي، قضا جي رستي ۾،
    ڇڏياسين ديپ جلائي، هوا جي رستي ۾.

    رکيو آ روح تي پٿر ۽ گل نگاهن ۾،
    وقار دل جو وڌي ويو، وفا جي رستي ۾.

    نيون ڪي ڏند-ڪٿائون پيون جُڙن ڪيڏيون،
    لٿا خدا جا مخالف، خدا جي رستي ۾.

    ضعيفُ ديسَ جو جوڳي لباس گيڙوءَ ۾،
    هڻي پيو سينَ سِرن جي، صدا جي رستي ۾.

    نه ڊوڙ ڪا به رهي آ پياس کان خالي،
    ڊُڪي ٿي زندگي تنها، صفا جي رستي ۾.

    قديم درد جا وارث صليب تي احمد!
    يروشلم آ صدين کان، فنا جي رستي ۾.


    چنڊ جاڳي پيو

    چنڊ جاڳي پيو

    پَنَ پيلا پيا ڇڻي؛
    ۽ اُداسي وئي هلي،
    ميڻ جان پگِهري وئي؛
    شهر پٿر جي ڳلي!

    سانجهه سُرمئيءَ سان ويو؛
    درد جو گهرو غبارُ،
    تو اُجاريا آئينا؛
    چاندني ٿي بيڪنارُ.


    ٿيا منور ميرڙا؛
    ڪي گهروندا روح جا،
    منهنجي من جي ماڻڪين؛
    خواب چهرن جا ڏٺا!

    سِپَ ساحل جي مٿان؛
    سمنڊ کي سوگهو ڪيو،
    ريت جي ذرڙن منجهان؛
    چنڊُ ڪو جاڳي پيو!


    چارن ۾ پنهنجي چاهه جون چُميون رکي ڇڏيان،

    چارن ۾ پنهنجي چاهه جون چُميون رکي ڇڏيان،
    تنهنجي اڱڻ ۾ آس جون اکيون رکي ڇڏيان.

    هفتا قرار جا ۽ مهينا وصال جا،
    سختين جا سال، يا وري صديون رکي ڇڏيان.

    يادون رکان سنڀاري يا تنهنجو مِٺي بدن!
    دل ۾ چوين ته درد جون ڪِرچيون رکي ڇڏيان.


    ڪيئي جهاز جاڳ جا، جنهن ۾ ٻُڏي ويا،
    ساگر ۾ ڪيئن ننڊ جون ٻيڙيون رکي ڇڏيان!

    هُن ڇوڪريءَ جي خيال ۾ ڪيڏو نه ڪَربُ آ،
    منُ ٿو چوي ته باهه ۾ برفون رکي ڇڏيان.

    ڀَرِ سردُ رنگ ننڊ ۾ اي شبنمي هوا!
    سپنن ۾ ساڀيا جون ڪي بوندون رکي ڇڏيان!


    تنهنجا سپنا مون-

    تنهنجا سپنا مون-

    پويا پنبڻين پاندَ ۾!

    اُڏري سَرَ تان هنجڙا،
    ڪهڙي ڀيٽيئه ڀون-
    تنهنجا سپنا مون-


    پويا پنبڻين پاند ۾!

    تنهنجون سارون ساهه ۾،
    جيون جوڀن تون-
    تنهنجا سپنا مون-

    پويا پنبڻين پاند ۾!

    تون جي ناهين ويجهڙي،
    کائي ساهُه سٽون-
    تنهنجا سپنا مون-

    پويا پنبڻين پاند ۾!


    ڇپرن ڇايا

    ڇپرن ڇايا

    پياسا پياسا پنهنجا پَلَ،
    تاسا تاسا ڌرتيءَ ڳلَ:

    سجُ ڦُلا ٿي ڦهليو آهه،
    ڌرتتيءَ جي جوڳ نه جاٽَ،
    اک ڪانوَ جي نِڪري پيئي،
    وڻ وڻ ڪائي ڇانوَ نه ڇاٽَ،
    ڪاري واريءَ ويڙهيل واٽَ،
    سُڃَ ۾ تَل، نه رُڃَ ۾ جهلَ:

    تاسا تاسا ڌرتيءَ ڳلَ!


    پنڌ اسُونهان پنکَ نه پيرَ،
    ريت تتل، لُوساٽيل ٻُوهَه،
    بوندَ نه برسِي، ڄَر ڄَر ڄاريون،
    کارا سڀ ساٺِيڪا کوهه،
    ٿَرَ ٻاٻيهن جهڙا روح،
    سڀ جي اڻڀِي سينڌ سُڪلَ:

    تاسا تاسا ڌرتيءَ ڳلَ!

    تنهنجون اکڙيون، ٻيرن رَتڙيون،
    تون ڇو ڍٽ ڍَري وئين ڍولا!
    تنهنجي ڇپرن ڇايا گُهرجي،
    جيون واٽَ جَهڪُون ۽ جهولا،
    تنهنجي ڳڻتي تنهنجي ڳولا،
    تون بڻجي آ مُند- بدلَ!

    تاسا تاسا ڌرتيءَ ڳلَ!

    تو لئه ڀٽڪِي ڀٽڪِي ووڙيم،
    ولهارن جي وستي ووءِ!
    ‘روحل واءِ’ وڻي وئي رانول!
    هيج ڀَري جت هستي ووءِ!
    ماڻهو مڌُ جي مستي ووءِ!
    دل جي مون به ڀري اُت ڍَلَ:

    تاسا تاسا ڌرتيءَ ڳلَ!


    طوائف

    طوائف

    هميشه نوٽ نيري جي،
    رهي ٿي حوض ۾ ننگي،
    سموري شهر جي آڏو،
    کليل بازار جي عورت.
    اها عورت:
    ڇنل اهڙي ڇٽي، جنهن مان،
    ڇڻن ٿيون اُس ۽ برسات جون بوندون!
    مڃون ٿا پيٽ قاتل آ
    قبوليون ٿا غريبي گار آهي،
    اي فقيههِ شهر ٿورو ٻُڌ!
    ڀلي سِرَ تي سجائي رکُ تون دستارِ فضيلت، پر
    ڪڙي هيءَ هڪ حقيقت آ،
    مقرر جاءِ ڪانهي ڪا طوائف لئه،
    شهر جي گند، غربت ۽ غلاظت کان،
    پري هُن صاف ۽ مهنگي علائقي جي،
    مڪانن ۾ ٿئي ڇا ٿو!
    اکين ۾ ٿي اُگهاڙي ٿئي،
    طوائف روپ ڪا عورت!
    زناڪاريءَ جي ان احساس جي پاڇي،
    رکيو ڪنهن جو ڀرم آهي!


    کيمي ڪولهڻ

    کيمي ڪولهڻ

    هر ڪو توکي!
    تن من ارپي،
    هَسُ، ڳچيءَ جو
    هار ڪري ٿو،
    هر ڪو توسان
    پيار ڪري ٿو.
    او ڪجراري!
    وينگس تنهنجا!
    پير سفيد
    پکيءَ کان اُجرا!
    نيڻ نڪورا،
    نيلم جهڙا،
    هٿ سراپا،
    چانديءَ ورنا،
    سونيون راسيون،
    تنهنجون ڇاتيون،
    ڪارا ڀنڀا وار ڪُلهن تي،
    موتئي جي مهڪار چپن تي،
    راڌوڙيءَ جي کيمي ڪولهڻ،
    تون بُلڙيءَ ۾ مُلهه مهانگي!


    شدتن آ شهر کي، ڌوئي ڇڏيو،

    شدتن آ شهر کي، ڌوئي ڇڏيو،
    زهر آهي زهر کي، ڌوئي ڇڏيو.

    رتُ پٿرن تي هئو منصور جو،
    وقت پنهنجي قهر کي، ڌوئي ڇڏيو.

    رُڃَ جي ڪاري سمندر جي سفر،
    هر گهڙيءَ، هر پهر کي، ڌوئي ڇڏيو.

    نانگ ڇڙڪائي پکيءَ جي ننڊ ۽،
    هر ڳهيليءَ ڳهر کي، ڌوئي ڇڏيو.


    سمنڊُ، هوا ۽ هوءَ

    سمنڊُ، هوا ۽ هوءَ



    گُل گُل جي تون ڪچي مُکڙي، ول ول جو مهڪاءُ،
    ناريلن جي جُهنڊ مان نڪري، سمنڊ هوا ٿي آءُ!


    چانڊوڪين جو چورُ

    چانڊوڪين جو چورُ

    تون ئي من جو مور، الا ڙي!

    چانڊوڪين جو چور، الا ڙي!

    پاندَ پکٖي جا ڇَم ڇَم برسن،

    جُهڙ ۾ جهانجهر شور، الا ڙي!

    ڪنهن اڻ ڄاتيءَ چاهت پويان،

    اُڏري روز چڪور، الا ڙي!

    سانگَ سَکِيءَ جا پُتليءَ جهڙا،

    ساجن هٿ ۾ ڏور، الا ڙي!


    بگهڙ جون اکيون

    بگهڙ جون اکيون


    ڏينهن جا سوجهرا،
    منهن لڪائي سُمهي پيا آهن،
    ۽ ڀَوائتيون راتيون،
    بگهڙ جي اکين ۾،
    جاڳي رهيون آهن.


    بي خواب هوا آئي

    بي خواب هوا آئي


    جنهن وقت کِلي مون تي، آ رات جي تنهائي،
    اکڙيون نه اُگهيون ڪنهن ڀي، دل ڪنهن به نه پرچائي-

    بي خواب هوا آئي،
    بي خواب هوا آئي.


    معصوم محبت جا، لمحا هي سَڙن ڇو ٿا؟
    ۽ دل جي قبيلي جا، خيما هي سَڙن ڇو ٿا؟
    ڪنهن ڇو نه ڪئي دل جي، دل ساڻ مسيحائي-

    بي خواب هوا آئي،
    بي خواب هوا آئي.


    جَهٽَ اک نه لڳي رڻ جي، رولاڪ پکين جي آ،
    ڄڻ سانت سِبي سوڙهي، پوشاڪ پکين جي آ،
    ڪنهن طرف ڪڏهن گُونجي، ڪا گُونجَ نه صحرائي-

    بي خواب هوا آئي،
    بي خواب هوا آئي.

    آواز ويا وسري، نغما به ويا وسري،
    واڪا نه وڻن ۾ ۽ جهؤنڪا به ويا وسري،
    ماحول ڪيو ڪيڏو، سُرَ، سازَ کي سودائي-

    بي خواب هوا آئي،
    بي خواب هوا آئي.

    چُپ چاپ سڄو صحرا، چُپ چاپ سمندر آ،
    چُپ چاپ ڌمالون ۽ چُپ چاپ قلندر آ،
    چُپ چاپ ٽُٽن تارا، چُپ چاپ اڪيلائي-

    بي خواب هوا آئي،
    بي خواب هوا آئي.


    ڪو پَرُ به نه خوابن کي، اُڏرڻ جي رکان خواهش،
    آڪاش، منڊل سارا، اڪرڻ جي رکان خواهش،
    رفتار اُتم اهڙي، مان اُن جو تمّنائي-

    بي خواب هوا آئي،
    بي خواب هوا آئي.


    پوپٽن جو طواف!

    پوپٽن جو طواف!


    گل ڪيئي غلافَ ۾ آهن،
    کوڙ پوپٽ طوافَ ۾ آهن!
    نيڻ بيٺل گناههَ جي دڳَ ۾،
    آسرا اعتڪافَ ۾ آهن!


    اياز جي نانءِ

    اياز جي نانءِ


    ڪُوڪَ ڪوئل جي سُڻي، ڪو سُر سُتل آ جاڳيو،
    ڪنٺَ تنهنجي ۾ ڪوي، گيڙو غزل آ جاڳيو!

    لاڙ َتان لالڻ لهي ويو، سجُ تلاون کي رڱي،
    لاهيارين جي اکين ۾، جل ڪجل آ جاڳيو!

    واءَ واڌايون ڏنيون ۽ سانجهه سرگوشيون ڪيون،
    ڪَپَ تنهنجي تي ڪراڙ اَڄ نئون ڪنول آ جاڳيو!

    رات ڪوهستان جي، پنهنجا پلوَ ويڙهي پئي،
    ننڊ مان ڪرچات ۾ شاعر سُتل آ جاڳيو.


    رات مهڪيو، تن ۽ من اتفاق سان،

    رات مهڪيو، تن ۽ من اتفاق سان،
    مون چُميو تنهنجو بدن، اتفاق سان.

    ڇوڪريءَ جو برف جهڙو خواب هو،
    عشق جي ٿِي ويو اگن ،اتفاق سان.

    ڀاڪرن ۾ رنگَ ويا وکري سڀئي،
    انڊلٺي ٿيو واسُ ون، اتفاق سان.

    هيٺ آيو چنڊُ، چڪوريءَ ڏي لهي،
    ٿي وئي ڌرتي گگن، اتفاق سان.

    زندگيءَ تي خودڪشي سوچي رُني،
    خيال ڪهڙا ٿا اچن، اتفاق سان.

    نِرتڪيءَ جا پيرَ پيا ننڊ ۾ سُمهي،
    پر پيا گهنگهرو وڄن، اتفاق سان.

    رت ڪٽورن ۾ ڀَري هو دل رکيو،
    سُرخ ٿيو تنهنجو صحن، اتفاق سان.

    مون لڄائي ڪينَ هئي پنهنجي مٽي،
    ٿي پيو ميرو ڪفن، اتفاق سان.

    برکا رت جي، سانجهه جي هڪڙي گهڙي،
    ويو ڪري احمد رتن، اتفاق سان.


    منهنجو ديسُ

    منهنجو ديسُ


    هتان ريشمي بادلن جو گُذر ٿيو،
    هتان ئي شروع ٿيون هوا جون ڪٿائون،
    هتان بيد مُشڪن مٿان ڪي چڪوريون،
    کڻي خواب چنڊَ کي چمڻ جا اڏاڻيون.
    هتي لاکَ جهڙين چُنين لاءِ آرون،
    گگن جي ڪڪوريل ڪنارن تان آيون،
    اِهي ئي ته قصا سَکيءَ جي شهر جا،
    اِهي ئي پِرينءَ جي پٽن جون پچارون.
    اِها ئي ته نيري وفائن جي ڪينجهر،
    جتي روز ساجهرُ،
    جڏهن سجُ رَڇَ ۾ لڳي ٿو،
    تڏهن ئي مياڻي بکي سون بڻجي.
    صبح وير نُوريون اُٿن نيڻ مهٽي،
    ڇَڄن، کِک، کارين،
    اڏين، مَڏ، مڪڙين،
    اجهل ڇيڪ ڇولين، منجهان ٿيون نهارن.

    اِهي شاهه بندر مٿي پدمڻيون،
    سمندر سنديون سون – چِڙيون،
    هٺيليون اُڏامڪ، پرهَه جون پَريون،
    انهن ساڻ سونهي سڄو ديس پنهنجو!

    اِهي کير ٿر جون نه کُٽندڙ قطارون،
    سڄي ديس جون ڄڻ ته مضبوط ميخون!
    لهي شام جڏهين پهاڙن جي پويان،
    چُمن چوٽيون رنگ ۽ نُور جا دُور ڪرڻا،
    ڦُٽن ڄڻ ته جِهرڻا،
    پکي ڪوبه پنهنجي پَرن سان اُڏامي،
    انهن پربتن کي نه ماپي سگهي ٿو!

    اِها ئي رتولي حقيقت اسان جي،
    اِهي ئي ته دامن ۾ انمول موتي،
    اِهو ٿر، وچولو، سِرو ، لاڙ، ڪاڇو،
    نرالا رکي رنگَ، ڌاڳا، ٽِڪون پر،
    ڀَريل گَجُ هڪڙو سڄيءَ سنڌڙيءَ جو،
    اُنهيءَ کي ته دلدار ديوانگيءَ جيئن،
    اسان ساهه پنهنجي ۾ آهي سمايو!


    دائرا

    دائرا


    درد جا ڪارا ڪڪر ڇانيا جڏهن،
    دل جي ويرانيءَ منجهان نِڪتيون رڙيون،
    سڏ پڙاڏا، ساههَ سڏڪا، ويڻَ ڄڻ،
    لڙڪ بڻجي پيا ڇڻي نيڻن منجهان،
    ۽ پيا جاڳي ڪئين آواز،
    ڪر موڙي ازل جي ننڊ مان!
    هوريان هوريان جاڳ جا آواز ڇا گونجي اُٿيا،
    ڄڻ وِڄن کي وَرَ پيا!
    پولار ۾ پڙلاءُ ٿيو، اڀُ ڏريو،
    ۽ فرشتن جي دلين ۾ ڇِرڪ پيا،
    عرش تي پهتي گنهگارِ محبت جي پُڪار،
    ڪائناتي ڪا ستار،
    پر رڳو توکي ٻُڌڻ ۾ ڪانه آئي!

    تارَ ڪا تلوار بڻجي دل اندر ڪيئن ٿي لهي،
    ڪيئن ڦُٽي مضراب مان ٿي نغمگي،
    آڱرين جي هن هُنر کان بي خبر، اڻڄاڻ ٿي،
    زندگيءَ ۾ تو فقط ويڇا رکيا!
    جئن شڪاري باز جون اکيون اکياڙي ٿا رکن،
    ايئن اکيون مون لاءِ پنهنجون تو سدا پُوري رکيون،
    ۽ رکيا ڪجهه دائرا،
    درد جا ڪارا ڪڪر ڇانيا جڏهن!
    ڪونه جاڳيا،
    ڪنهن به پاسي، ڪنهن به ريت،
    روشنيءَ جا ترورا....!


    درد کي پڙهي ويندي،

    درد کي پڙهي ويندي،
    روح ۾ لهي ويندي.

    گفتگو ۾ آهستي،
    هوءَ قريب ٿي ويندي!

    رات سمنڊ سان گهاري،
    گهر، ڀِڄي ڀِڄي ويندي.



    رُتِ خزان جيان تو بن،
    چاندني ڇڻِي ويندي.

    پير ٻوڙ پاڻيءَ ۾،
    نه ته ندي سُڪِي ويندي.

    هرگناهه جي تو تان،
    ڌوڙ ڌوپجِي ويندي.

    اڳڪٿي فقيرن جي،
    اڄ به ٿي سَچِي ويندي.

    هُوءَ ونهَه ۾ ويٺي آ،
    ڪونجڙي ڇِڄي ويندي!


    ٻاريون، ٻيجارا-

    ٻاريون، ٻيجارا-

    پوکيا ڪنهن پاٻوهَه مان؟

    کيتي کيڙي اُڀَ جي،

    سڀئي ستارا -

    پوکيا ڪنهن پاٻوهَه مان؟

    اوڙون اکڙين کي ڏئي،

    سپنا هي سارا-

    پوکيا ڪنهن پاٻوهَه مان؟

    آسون اَڄُ انگوريون،

    اوسيئڙي تارا-

    پوکيا ڪنهن پاٻوهَه مان؟


    ڇ


    تِرشنا

    تِرشنا

    ٿڌيون تنهنجي چُنريءَ جون پرڇايون پياري!
    هي دل جي نرڳَ تي سَرڳ جي ڪا ڇايا.
    هي تارا، ڪتيون، هي نکٽ ۽ نگاهون،
    اچڻ لاءِ تنهنجي، ڀلا ڪنهن وڇايون.
    هي ميران جي من ۾ جا سانجهي سمايل،
    هي ڪرشن جي بنسيءَ ۾ گُلرنگ گوپيون،
    برندا جي بَنَ ۾ هي تُلسيءَ وڇاڻا،
    ۽ چوڏس چٽاڻن جون بنواس راتيون،
    جهروڪن اندر آرتيءَ جي ڏيئن ۾،
    وسوڙل وسوڙل لڳن ٿا ٽڪاڻا،
    عنبر، مشڪ جي هيءَ ڪٿان مهڪ اُڏري،
    هوائن کان تنهنجا ڪيا ڪنهن پُڇاڻا؟
    پرين! تنهنجي پاران ڪو ڪانکي نه آيو،
    اسان جي هٿن جا ڪبوتر اُڏاڻا.
    وِڪي دل مون ناهي ٻئي در تي سجني!
    سدائين محبت جو سنگ – ميل بڻجي،
    پرين آهه تنهنجي رهي رهگذر ۾.
    جُڳن جون اڪارت ٿيون تپسيائون،
    اسان جي اندر ۾ جليون ڪي چِتائون،
    ٿِي دونهي جا بادل وفائون اڏاڻيون،
    اوهان جا الائي ڪٿي ٿاڪ ٿاڻا؟
    اوهان جون الائي ڪٿي خواب گاهون؟
    فقط يادگيرين ۾ محفوظ آهن،
    ٿڌيون تنهنجي چُنريءَ جون پرڇايون پياري!


    مدهوش راتين جي جنت

    مدهوش راتين جي جنت

    ڪنهن نئين عشق جي آرزوءَ ۾ وري،
    زندگيءَ جي مُنڊيءَ ۾ ٿو پُورو پوان.
    ڪوبه تنهنجو تصور جڏهن ٿو جُڙي،
    باک گهري گگن ۾ ٿي وکري وڃي،
    سُرخ، زرتار، باريڪ پوشاڪ مان،
    تنهنجو چاندي بدن ايئن ٿو ڏيکارجي،
    ڄڻ ته ڪا، جل پَري نِڪتي سنڌوءَ منجهان.
    تنهنجي چوٽيءَ جي خوشبوءَ ۾ خاموش ڄڻ،
    ڪائي مدهوش راتين جي جنت هئي،
    تنهنجي شمشاد قد جي مٿان پَرَ هڻنِ،
    هُئي عقابن کي اهڙي نه ڪا ئي مجال!
    تنهنجي ڳلَ تي، ڳچيءَ تي تِرنِ جا ٻُڙا،
    ڄڻ خُدا سونهن جا توکي تمغا ڏنا!
    تنهنجي اکڙين جون ڇُڙواڳ ڇوليون گرمُ،
    سرد رُتِ ۾ محبت جو ساحل هُيون!
    وقت گُذري ويو،
    اک ۾ تنهنجو تصور ئي رهجي ويو،
    ڪنهن نئين عشق جي آرزوءَ ۾ وري،
    زندگيءَ ۾ نئون رنگُ ڀَرڻو پيو!


    پيارُ، دل جو قرارُ، تون آهين!

    پيارُ، دل جو قرارُ، تون آهين!
    ماڪ، خوشبو، بهارُ، تون آهين!

    روح تون، جان تون، تمّنا تون،
    آرزو، انتظارُ، تون آهين!

    چنڊ تارن جي چاهنا ڪهڙي؟
    روشنين جو شمارُ، تون آهين!

    وقت تنهنجو ئي آ تمنائي
    هر گهڙيءَ جو وقارُ، تون آهين!


    بيقرار گُذري ٿي،

    بيقرار گُذري ٿي،
    اشڪبار گُذري ٿي.

    هجر جي هوا دل تان،
    بار بار گُذري ٿي.

    جسم جي اڪيلائي،
    ڌار ڌار گُذري ٿي.

    بُکَ ۾ جُهڪيا ناهيون،
    باوقار گُذري ٿي.

    ڪنهن چيو: “سوا تنهنجي،
    خوشگوار گُذري ٿي!”

    تنهنجي ياد جي ٻيڙي،
    چنڊ پار گُذري ٿي.


    دل جي ڌرتي

    دل جي ڌرتي

    دُور هوندي به ڪيڏو تون آهين قريب،
    فاصلا هي مسلسل ڀلا ڇا ڪندا؟

    سمنڊ روڪي هي سگهندو نه مون کي سَکي!
    تانگهه تنهنجي هوا سان اچي ٿي گُهلي،
    جهاڳ، لهرون لُڻاٺيون، ڪنارا پُڇن؛
    چنڊ – ٻيڙيءَ ۾ ويندس مان توسان ملي،
    ساحلن جي مٿان ناخدا ڇا ڪندا؟

    فاصلا هي مسلسل ڀلا ڇا ڪندا؟

    هيءُ مُکڙيون گُلن جون، ٽڙڻ کان اڳي؛
    دل جي ٽاريءَ مٿان ڪئن لُڏن ٿيون پيون،
    رنگَ ڪرڻا ۽ سُرهاڻيل روشنيون؛
    نيل – ڌارا ۾ تو لئه ٻُڏن ٿيون پيون،
    هي جُدائيءَ جا لمحا ڪَڙا ڇا ڪندا؟

    فاصلا هي مسلسل ڀلا ڇا ڪندا؟

    آءُ نڪري هلون! ڪنهن اڄاتي نگر؛
    ڪو سڃاڻي نه وڻ، اجنبي ٿي رهون!
    سَوَ ستارا اُڻون، آس جي اڀَ تي؛
    دل جي ڌرتي ٿئي، روشنيون روشنيون!
    هي انڌيرن سندا، سلسلا ڇا ڪندا؟

    فاصلا هي مسلسل ڀلا ڇا ڪندا؟


    ڪناري لائين!

    ڪناري لائين!
    ڪاهي ڪاري سمنڊ مان!

    مڪڙيون ماپن ٿيون ڪڏهن،
    سِپن ۾ سائين!
    ڪناري لائين-
    ڪاهي ڪاري سمنڊ مان!

    ساري هن سنسار جو،
    پيار پُکي پائين-
    ڪناري لائين-
    ڪاهي ڪاري سمنڊ مان!

    آڳاهون اوڙاهُه ٿو،
    سڏي سدائين-
    ڪناري لائين-
    ڪاهي ڪاري سمنڊ مان!

    ننڊ نهوڙيا ناکئا!ٰ
    لنگر لڳائين-
    ڪناري لائين-
    ڪاهي ڪاري سمنڊ مان!


    چنڊُ اڄ رات مختصر آهي،

    چنڊُ اڄ رات مختصر آهي،
    دل جو آڪاشُ منتشر آهي.

    ڪنهن به خانه بدوش سپني جو،
    در نه ديوار ۽ نه گهر آهي.

    لڙڪُ اک ۾ سُڪي ٿيو پٿر،
    ڇا ته آ ضبط، ڇا جگر آهي.

    عشق آوارگي ڏني اهڙي،
    درد دل جو به دربدر آهي.

    زندگي پيچرو ڏکيو ڪيڏو،
    موت سولو سِڌو سفر آهي.

    دل مسافر! ڇڪي ٿي پيرن کي،
    روح رستن کان بي خبر آهي.

    اجنبي ۽ اڄاڻ احمد جو،
    شهر چالاڪ مان گُذر آهي.


    جهنگل جو ماحول

    جهنگل جو ماحول


    ڏيهُه ڏسي پيو نَڪَ جي هيٺان جهنگل جو ماحول!

    پنکَ رَتاوان، چُهنبون ڳاڙهيون- شِڪرا خون پياڪَ،
    رَت جي بانس هوا ۾ پکڙيل، چڻڪن سڀ جا چاڪَ.

    ڪنڊو جن جو زهر ڀَريو آ، سَپَ سُجهن ٿا جامَ،
    پوءِ به پير اسان جا اڳتي، ڄاڻون ٿا انجامَ.

    ڪير ڪنڊن کان پاند ڇڏائي، جهنگ سڄي ۾ شورُ،
    هر پاسي کان گهيرو، گل جي نِڙيءَ نِڙيءَ تي زورُ.

    پاڇا، پاڇا رَت جا پياسا، وحشي وحشي رات،
    چنڊُ نه ڄاڻي جيت آ ڪنهن جي ۽ ڪنهن جي آ مات!

    ڏيهُه ڏسي پيو نَڪَ جي هيٺان، رتَ ڀَريو ڪشڪولُ،
    جهنگل جو ماحولُ!


    روايت

    روايت

    قصو صرف تازيءَ قبر جو ئي ناهي،
    روايت جي پويان ڪا تاريخ آهي.

    روايت ۾ تاريخ جي چيخ آهي،
    روايت منجهان رت جي سنڌو وهي ٿي،
    روايت ۾ سُورج ڪو مصلوبُ ٿئي ٿو،
    روايت اندر چنڊُ نيزي چڙهي ٿو،
    روايت ۾ تارا اُجهايا وڃن ٿا،
    سويرا انڌيرن تان واريا وڃن ٿا.

    روايت منجهان رتَ جون بوندون ڇڻن ٿيون،
    روايت ۾ گهڙيون ڪي گهاڻي گُهمن ٿيون،
    روايت مان قاتل لڪيرون لنگهن ٿيون،
    روايت جي ڪنڌ تي ڪَٽارون هلن ٿيون.

    ڪٿي سونهن – ڌرتيءَ جي ڪا ڌيءَ ڪُٺي آ،
    “لهوءَ جون پُڪارون هوا پي وئي آ”
    روايت ۾ آهن لڪل هٿ پڌرا،
    روايت جو موجود راوي به آهي،
    رڳو فرد هڪڙي جو هي موت ناهي،
    سڄي ايشيا جو هي ڄڻ انت آهي.

    سڀئي کنڊَ، پرکنڊَ، ڪيا بَکُ گوليءَ،
    سڀئي خواب جا گهر، ڪيا ڪَکُ گوليءَ.
    لڳي ڪالهه گولي، لڳي اڄ به گولي،
    لڳي ڪينيڊيءَ، ڪِنگ لوٿر کي گولي،
    ۽ گانڌيءَ کي گولي، لُممبا کي گولي،
    لڳي آليندي کي ۽ اندرا کي گولي،
    لڳي آسرن، انتظارن کي گولي،
    ڪچن نيڻ، نيرن، نهارن کي گولي،
    لڳي ديسَ جي ڄڻ بهارن کي گولي.

    ڪروڙين اکيون اشڪباريءَ ۾ آهن،
    ڪروڙين دليون بيقراريءَ ۾ آهن،
    سڀئي هٿ سينه زنيءَ منجهه آهن،
    سڀئي پير ماتم ڪدي منجهه آهن،
    اڱڻ عُذر خُواهين سان آباد پنهنجا،
    سڀئي سَچَ آتش ڪدي منجهه آهن.

    دفن ڪائناتن جو محور ڪيو ويو،
    خطِ استوا ۽ سمندر ڪيو ويو،
    دفن ديس! پنهنجو مقدر ڪيو ويو،
    دفن ڪالهه هڪ ٻيو قلندر ڪيو ويو!

    گُلن کان ٽِڙڻ جي آ فطرت کسي وئي،
    ۽ سورج مُکين کان حرارت کسي وئي،
    وڻن کان کسيا ويا، سندن ڇانورا سڀ،
    ندين کان قديمي رواني کسي وئي،
    سڀن موسمن جي جواني کسي وئي!

    ڪيو قيد جذبن جوانين کي ويو ۽،
    ضميرن کي زنجير پاتا ويا ۽،
    اُميدن کي آڙاهَه ۾ ويو جلايو،
    تڏهن وقت کي هُن، هي انداز بخشيو،
    جو سوچن صليبن کي اعزاز بخشيو،
    مٽيءَ تي ٽڙيل هُن جي رت جي لڪيرن،
    صدين جي خموشيءَ کي آواز بخشيو!

    زماني جي تاريخ ۾ هيءَ شهادت،
    امر بڻجي رهندي نئين هڪ روايت!


    تو وڌايون نرم، رات ٻانهون ڪٿي!

    تو وڌايون نرم، رات ٻانهون ڪٿي!
    چنڊ پنهنجون ڏنيون، تو پناهون ڪٿي!

    دردَ توکي حصن ۾ ورهائي ڇڏيو،
    جسم تنهنجو ڪٿي ۽ نگاهون ڪٿي!

    ڪالهه پنهنجا قدم، جت رکيا رهبرن،
    وقت اتهاس ۾، اڄ سي راهون ڪٿي؟


    تارو تارو ، تنها تنها

    تارو تارو ، تنها تنها

    مايا ڇايا موهه،
    پهرين پارس پاڻ هئاسين،
    هاڻي پٿر، لوهه.
    خالي سکڻا خواب اکين جا،
    ڳوڙهن سان ئي ڳوهه،
    ڪنهن جو ڪونهي ڏوهه.

    جيون بي ترتيب،
    اڳڙيون اڳڙيون ڪنهن جو ٿي ويو،
    جوڀن بي ترتيب،
    پل پل جي رسوائيءَ پويان،
    تن من بي ترتيب،
    درپن بي ترتيب!

    ٿَر ۽ روهيءَ وانگ،
    ساهَه سرير سمايا ڪيڏا،
    سُور اُڏوهيءَ وانگ.
    وقت صليبن تي ٿو چاڙهي،
    ڪنهن بي ڏوهيءَ وانگ،
    سِڪَ ستوهيءَ وانگ.

    سپنا سانڍيا تو نه!
    پکيءَ پکيءَ کي سانجهيءَ ويلي،
    آکيري جي اونَ.
    گهر جو وکريل ڪَکُ پَنُ توکي!
    ياد اچي ٿو ڪونه!
    تون سارين ٿي ڇو نه؟

    گُهٖلي گُهٖلي ڪاڇيلُ،
    ڏينهن سڄوئي واءُ ٿڌيرو،
    خواب خواب جو کيلُ.
    سُتي سُتي سوَ سُور انگوريا،
    مانَ ٿئي ڪو ميلُ،
    ڪهڙو تيلُ ڦُليلُ!

    دل اونداهو کنڊ،
    تارو تارو تنها تنها،
    ٽيڙو، ڪتيون، چنڊ.
    رات اڌو اڌ، ڀاڱا ڀاڱا،
    ويهي مون سان ونڊ،
    هيءُ مانڊي جو منڊ!

    اُڏر يا خواب، خيال،
    روحُ رَمل سان، نينهن نظم سان،
    تن من ۾ مشعال.
    پير پدمڙا، چانديءَ هٿڙا،
    چهرا جوت جمال،
    سِڪَ سِجهايا سال!


    دَريون، در ٻُوٽيل-

    دَريون، در ٻُوٽيل-
    پرينءَ جي شهر جا!


    بارُودن جي بُوءِ سان،
    رستا دونهاٽيل-

    پرينءَ جي شهر جا!


    ماڻهو ڳليءَ موڙ تي،
    گهاون سان گهايل-

    پرينءَ جي شهر جا!


    ڌُنڌلو چنڊُ آڪاسَ ۾،
    چهرا مُرجهايل-

    پرينءَ جي شهر جا!


    رنگت اُجڙيل راتيون،
    ڏينهن به ڏکايل-

    پرينءَ جي شهر جا!


    زندگي!

    زندگي!


    هزارين خيال ساحل تي، اچن ٿا انت جا مون کي،
    سڏي ٿي خودڪشي مون کي، پري کان زندگيءَ وانگي.


    وَڌِي وڏي ٿي، ننڍي تقاضا،

    وَڌِي وڏي ٿي، ننڍي تقاضا،
    خموش دل ٿي، ٻُڌي تقاضا.

    وساءِ ننڍڙي نه بوند بادل،
    پياسي رڻ جي، وڏي تقاضا.

    نه اُڃَ جا چپ کُليا ڪڏهن ڀي،
    نه بُکَ جي اک مان، بَکِي تقاضا.


    نه دل ۾ تنهنجي اُميد خواهش،
    نڪي تمنا، نڪي تقاضا.

    سمونڊ تي چنڊ رات اُڀري،
    هوا تي ڪهڙي لِکي تقاضا.

    ضعيف عورت رليءَ رنگن تي،
    غريب دل جي رَکِي تقاضا.


    وڄڙين وڌا ونگَ-

    وڄڙين وڌا ونگَ-

    ڪڪر ۾.


    آءُ ته سرتا سونهن اُجاريون،

    سَرهايون سارنگَ-

    ڪڪر ۾!

    تنهائيءَ ۾ ٻکجي وئي آ،

    آڌيءَ آس اُمنگَ!
    ڪڪر ۾!

    توبن ڌُنڌلا ڌُنڌلا آهن،

    سارا رنگ ترنگَ-
    ڪڪر ۾.


    بي ترتيب زندگيءَ جو الميو

    بي ترتيب زندگيءَ جو الميو


    ڪا شام وڃائي رستن ۾ ،
    جنهن وقت اويرو موٽيس مان،
    تو ڇو نه سُمهاريو سپنن ۾،
    ۽ دل جي رنگ رتولن ۾.

    تو ڇو نه ٻُهاريو ٻوٽن مان،
    جنهن وقت ڇڻيس مان پَنُ پَنُ ٿي،
    جنهن وقت کِڙيس مان تاري جان،
    تو ڇو نه نهاريو پيار منجهان؟

    جنهن وقت اکين کي ڌُوڙِ لَٽيو،
    تو ڇو نه ڇنڊي سڀ خواب کنيا،
    تو پاند سان پنهنجي ڇو نه اُگهيو،
    هر سپنو منهنجي اکڙين جو؟

    تو درد نه ڪو محسوس ڪيو،
    ڪنهن وقت نه تنهنجا نيڻ ڀنا،
    ڪنهن سُور – سڳٖي ۾ مون لئه تو،
    ڪو لُڙڪ نه موتيءَ جان پويو!

    ڪو چهرو واقفڪار نه هو،
    ٿي پاڇن پويان ڊوڙيس مان،
    ڪو آوازن جو جهنگُ هُئو،
    تو ڪونه پُڪاريو، ٿِي پنهنجو!

    هر سِٽ ۾ ڏُک جو ڏيکُ هئو،
    تو لفظ پڙهيا احساس بنا،
    هن بي ترتيب جوانيءَ جو،
    تو ڇو نه پڙهيو دل ساڻ پَنو!

    هي پيار چڪورن جهڙو هو!
    ٻئي پنهنجي پَر ۾ اُڏرياسين،
    جنهن وقت هوا سان چنڊُ گَٺو،
    تنهن وقت نه اُن تي ڪو به لٿو!


    اکين جو جهنگ

    اکين جو جهنگ


    مُنهنجي سيني جو سدا،
    سمنڊُ آئينو رهيو.
    رُت – بسنتيءَ بوند جون،
    هي اکيون تمثيل آهن!
    مان بدن پنهنجي منجهاران،
    روح کي ٿو ڳوليان.
    منهنجي هر احساس آڏو
    هڪ وڏو آهي سَرابُ،
    جنهن ۾ منهنجي آس جا،
    آهن هِراسيا ڪئين هرڻ!

    خوابَ آوارا پکي،
    بند اکڙين جي وڏي ڪنهن
    جهنگَ ۾ آهن اُداس!


    پيارُ جيون ڀر ڪجي،

    پيارُ جيون ڀر ڪجي،
    دردَ کي دلبر ڪجي!

    نيڻ تُنهنجا پُوڄجن،
    توکي پوڄا گهر ڪجي!

    مرتبي ۽ مانَ لئه،
    پيٽ کي پٿر ڪجي!

    جو سِسي نيزي رکي،
    پنهنجو سو رهبر ڪجي!

    هار لئه ڇو سوچجي،
    سوچ کي ساگر ڪجي!


    ڪراچي

    ڪراچي


    اي ڪراچي!
    سنڌ جي تون نڪ جي آهين ڦُلي.
    هسُ ڳچيءَ جو،
    سينڌ جو سِندور، ماٿي جو ٽِڪو،
    ۽ ڪرائيءَ جو ڪنگڻ!
    باک بادامي جڏهن ٿي تنهنجي رستن تي لهي،
    صبح تنهنجو سون ورنو ٿو لڳي،
    ۽ جڏهن ٿي شام گهونگهٽ کي کڻي،
    سانوري ڪا ڪنوار آرس ٿي ڀَڃي!
    رات پنهنجا پاند ڦهلائي جڏهن ٿي تو مٿان،
    چنڊُ شرمائي وڃي ٿو تو اڳيان.
    تنهنجون رم جهم روشنيون،
    شاهراهن تي تکين ڪارن منجهان،
    جنهن گهڙيءَ برسات وانگي ٿيون ڇڻن،
    هر عمارت جون دريون آڪاسُ ڇُهندي ٿيون کُلن،
    ڏُکَ توڙي سُکَ ۾ ٿا، تنهنجا رهواسي رهن!
    تنهنجي ديوارن مٿان هي سُرمئي،
    رنگ جا ٿا ڪيترا پاڇا لهن.
    تون ڪياماڙيءَ، منهوڙي جي هوا،
    تون ڪلاچي! شاهه جي آهين دعا،
    يا لڳين ٿي سِپَ جي موتيءَ جيان،
    يا اسان جي ڀاڳ وانگر،
    ڪنهن مقدس ماڳ وانگر،
    تون سمندر جي رهين ٿي جاڳ وانگر!

    اي ڪراچي!
    تون ته پالڻهار وانگي ٿي لڳين،
    تون مِلين جي روز چمنين کي دُ کائي،
    پيٽَ بُکيا ٿي ڀرين!
    زندگيءَ مصروف تنهنجيءَ ۾ رهيا،
    بي انت ڪيئي حادثا،
    روشنين جا سلسلا!

    اي ڪراچي!
    تون اسان جي آنههِ ڪرنگهي جي هڏِي،
    عڪس، جلوو، آرسي،
    ۽ اکين جي روشني.
    تون رهين ٿي ساهه ۾ سُرهاڻ بڻجي،
    وقت ۽ تاريخ جو اُهڃاڻ بڻجي،
    تون اسان لئه نينهن جو آهين نياڻ،
    تون اسان جو آهين چهرو ۽ صدين جي آن سڃاڻ.

    اي ڪراچي!
    تون اسان لئه سورهن ئي سينگار آهين!
    جهول موتين سان ڀريل ۽ موتئي مهڪار آهين!
    تون اسان جي عيد آهين،
    تون اسان جي ديد آهين!
    تون اسان جي جيت آهين،
    تون اسان جي هار آهين!

    ڪُڙم جو ٿي ڪاڻيارو،
    شال سو ويري مري،
    جيڪو چوي،
    پنهنجي هوندي،
    سنڌ کان تون ڌار آهين!


    دُوناليءَ ٺا... ٺا-

    دُوناليءَ ٺا... ٺا-

    پکي اُڏريا اُڀَ ڏي!


    ماري! پنهنجي ڍَٻَ ۾،
    ڳولين ٿو تون ڇا؟
    پکي اُڏريا اُڀَ ڏي!


    تَر ۾ ڪاري تترَ جي،
    ٻولي ناهي ڪا!
    پکي اُڏريا اُڀَ ڏي!


    لڙيا پاڇا ڍنڍ تي،
    سرءُ سانجهيءَ جا-
    پکي اُڏريا اُڀَ ڏي!


    سانجهي اُداس پاڇا، ڪنهن کي سمونڊُ ڳولي؟

    سانجهي اُداس پاڇا، ڪنهن کي سمونڊُ ڳولي؟
    وکريل، وشالُ، تنها، ڪنهن کي سمونڊُ ڳولي؟

    هيءَ سانت، رات، سوچون، هي خواب جا جزيرا،
    چنڊَ ڪنٺ سنگ تارا، ڪنهن کي سمونڊُ ڳولي؟

    سادو، سُفيد ساحل، ٻوليون انيڪ ٻولي،
    لهرن جا لوڏي پينگها، ڪنهن کي سمونڊُ ڳولي؟

    هر روز ڇوڙَ ويلي، ملندو رهيو مُسلسل،
    سمجهيو نه پوءِ به دريا، ڪنهن کي سمونڊُ ڳولي؟

    ڪيئي جهاز جيءَ جا، هُن ٻارِ منجهه ٻوڙيا،
    ٻيڙيءَ ۾ ٻيڙياتا، ڪنهن کي سمونڊُ ڳولي؟


    ساحلي ڇوڪري

    ساحلي ڇوڪري

    مهه جبين! مهه جبين! رات آهي ڀِني،
    دل ڏني دل ڏني، توکي مون دل ڏني!

    رات راڻي ٽِڙي، آ اڱڻ تي کِڙي،
    ساحلي ڇوڪري، آءُ ويجهو ته ٿِي!
    چنڊُ توکي ڏسِي، آههِ ڪڪرين لِڪو،
    ٻُڪَ ۾ مُون جهلي، تنهجو چهرو چُميو.


    پَنَ وانگي بدن، ڇا ته سَنهڙو اٿئي،
    هٿ تنهنجا ڪنول، چيچَ ڇلڙو اٿئي،
    بُلبلين پوپٽن، تنهنجو ڀؤنرن پُڇيو،
    روز سورج مُکين، تنهنجو رستو تڪيو!

    مُنهنجو ساگر به تون، لهر، ساحل به تون،
    آرزوءَ جو سفر، مُنهنجي منزل به تون،
    تنهنجو ‘احمد’ ڪوي، تون ته اُن جي سَکِي،
    روشني روشني، زندگي زندگي!


    ڪٿا

    ڪٿا


    هي مُرڪن جي مالها ۾ ٽهڪن جا موتي،
    اوهان پاڻ جن کي آ پويو چپن سان،
    چَڳُن جو چڪر ۽ اکيون نيم خوابي،
    اوهان جي ڀِرن جا هي رستا ڪشادا،
    ڳلن تي موهيڙن جو مانڊاڻ منڊيل،
    انهيءَ ۾ مصور جون ڪيئي ڪٿائون،
    جڙيون ڄڻ صرافن ڪي سُندر جَڙائون!
    اِهي چاڳ تنهنجا اِهي چلولايون،
    خزان رتُ ۾ تنهنجي بدن جون بهارون،
    اڙي روپ راڻي! هي تنهنجون نهارون،

    خدا برف جا ڪئين پگهاري ڇڏين ٿي!
    ۽ ڏيئي وڃين ٿي، ڪويءَ کي سنديسا،
    نوان اٺسٺا ۽ نوان ڪي انديشا.

    پرهه جي هُو پلڪن ۾ پويل ڪي قطرا،
    کڻي ڪيستائين ٻُڪن ۾ هلان ها!
    تتيءَ اُسَ ۾ ڪيستائين جلان ها!
    اوهان جي نه پيرن جي آهٽ ٻُڌيسون،
    اميدن جي ڪا ئي ڪِرن ڪانه اُڀري،
    نه ڇيرين جي ڪا ڇن ڇناهٽ ٻُڌيسون،
    پٽن تي پشم، مخملي پير تنهنجا،
    پَڌاريل ڏٺاسون، ڪٿي ڪين جانان!
    سگهياسين رِٿون ڪي، رِٿي ڪين جانان!

    سدا عشق تنهنجي جي ڪاڙهي ڪڙهياسون،
    اسان کان پُني ڪانه ڪا بي وڙائي،
    اڃا آتما آ اوهان لئه اُساٽيل،
    اِها ئي حقيقت، اِها ئي ڪهاڻي
    نه الفت جي مفهوم جو انت ايندو،
    نه دنيا ۾ دردن جي ٿيندي پُڄاڻي!.


    تمنا جو انت

    تمنا جو انت

    اُڀ – شيشي کي اُگهان مان ڪيستائين؟
    چنڊ جا ٽڪرا ڳنڍيان مان ڪيستائين؟
    مان نه شيشه گر، نه ڪوئي سنگتراش!

    مان مجازي بت پرستيءَ ۾ مگن،
    ڪو خدا آهي نه توکان ٻيو حسين!
    تو اڳيان ئي ٿي جُهڪي منهنجي جبين.
    مون ڏٺا جو نيڻ تنهنجا اي سکي!
    سڀ ستارا پيا ڪِري، منهنجي هٿن مان،
    ڪو به زهرو، مشتري منهنجو نه آ،
    ڪوبه سُرخو، ڪو به انبلک يا ڪُميت،
    سنج- جوهر سان جَڙيل منهنجو نه آ.
    نانگ ڪاريهر لڪل آ ريت ۾،
    پير واريءَ جي مٿان ڪنهن جو نه آ.

    عشق ڏيکاري اجل جو آئينو،
    ڇو تمنا روز تنهنجي ٿو ڪري؟
    تون پکيءَ جي پَر مٿان ڪا بوند آن،
    تون پري، ڏاڍو پري، ڏاڍو پري!

    مان ڪنارو سمنڊ جو ڪو نامُراد،
    تون لُڻاٺٖي واءَ جو جُهوٽو مٺي!
    مان اڻاسيءَ اُسَ جو ڪو ترورو،
    تون ٿڌو ڪو ڇانوَ جو ٻوٽو مٺي!


    ڪي بادل پنبڻين ۾ پهتا، ڪو آگم دل کان ٻاهر آ،

    ڪي بادل پنبڻين ۾ پهتا، ڪو آگم دل کان ٻاهر آ،
    هڪ موسم دل جي اندر آ، هڪ موسم دل کان ٻاهر آ.

    ڪنهن ڪاريءَ رُڃَ تي برسي پئي، ڪا ڪڪري اُڃَ تي برسي پئي،
    ڪو سارنگ ساهن ۾ سوگهو، ڪا ڇم ڇم دل کان ٻاهر آ.

    ڪا رَڳَ رباب سان اُلجهي ٿي، ڪا تند طلب جي تڙپي ٿي،
    ڪو راڳ رهي ٿو روح اندر، ڪو سرگم دل کان ٻاهر آ.

    هر وقت صحيفا يادن جا، هر وار اکين تي نازل ٿيا،
    هر محشر لڙڪن جو من ۾، هر ماتم دل کان ٻاهر آ.

    هن دل ۾ هڪڙو گرجا گهر، ۽ ماءُ سان گڏ هڪ پيغمبر؛
    مريم ئي ٻاهر آهِه نه ابنِ مريم دل کان ٻاهر آ.

    سڀ سپنا پاڻ اُڻيا احمد تو رنگ برنگي ڌاڳن سان!
    ڪا ڏوڙ تخيل ۾ تنهنجي، ڪو ريشم دل کان ٻاهر آ.


    خوابن جي خُودڪُشي

    خوابن جي خُودڪُشي

    هوائن ۾ شُعاعن کي جڏهن ٿو سجُ اُڇلائي،
    تڏهن ماحول ساڪن ٿئي،
    سناٽن ڏي وڃن آواز ٿا ڊوڙي،
    اُڏامي ڌُوڙ ٿِي درياهه مان ڪيڏي!
    وٽيو آ وقت اُن کي ايئن،
    لڳي ٿو مُڃَ جي نوڙي!
    وڃون جاڏي، انهيءَ پاسي!
    رڳو خاموشين جا مقبرا آهن،
    سياستدان نابالغ مجاور ٿي پيا آهن!
    تپي ٿي لوهه وانگر سج جي هيٺان جنم ڀومي،
    جتي اڄ پاڻ بيٺا هون،
    اها ڌرتي وڃي ٿي مختصر ٿيندي،
    مٿان آڪاسُ هي نيرو ،
    وڃي ٿو دائرن ۾ ڄڻ ننڍو ٿيندو،
    ڪپاهان ريشمي بادل،
    وڃن ٿا ڇِڙوڇڙ ٿيندا،
    پکي پنهنجي نگاهُن جا،
    وڃن روپوش ٿا ٿيندا!
    مگر هوءَ بي خبر ڪافر حسينا ڇو چئي ٿي پئي:
    جنم پنهنجو اکين ۾ ئي ٿيو آهي،
    عمر جا سڀ لٽا پنهنجي اکين آڏو لٿا آهن!
    لڳو ڪلهه پيار جو پيوند،
    جواني ٻُور تي پهتي،
    وڻن جي ڇانوَ ڇو پنهنجي،
    جڙن ۾ ٿي وڃي موٽي؟
    سمورا خواب پنهنجا ڇو،
    ڪرڻ ٿا خُودڪشي چاهن؟
    اڙي او بي خبر ڪافر حسينا!
    ڇا اِها توکي خبر آهي؟
    هٿن ۾ هٿَ آهن، پر
    مٽي پيرن جي هيٺان پنهنجي حصي جي،
    وڃي محدود ٿيندي ٿي،
    ڦُٽن ٿا شهر مان جيڪي سمورا ڳوٺَ جا رستا،
    انهن ۾ نانگَ پنهنجا ڪَرَ ،
    کڻي هر روزُ بيهن ٿا،
    سمورن جاگرافيءَ جي ڪتابن کي،
    اُڏوهي ڪا لڳي وئي آ،
    نئين تهذيبَ جي نالي اسان جي پيارَ جي ٻولي،
    پُراڻن کنڊرن جو ڄڻ قديمي گيت ٿي پئي آ،
    اسان پاران اسان جي ئي حصي جي زندگيءَ کي ڪو،
    گُذاري ٻيو رهيو آهي،
    اسان ڄڻ زندگيءَ کي زهر وانگي، پِي رهيا آهيون،
    اسان دنيا جي گولي تي اڪيلا جِي رهيا آهيون!


    سرمدَ پيرانديءَ،

    سرمدَ پيرانديءَ،
    سُتو ابوالڪلام آ!

    ٽُٽل ننڍي کنڊ جي،
    ننڍڙي آباديءَ-

    سُتو ابوالڪلام آ!

    احمد نگر جيل چيو:
    سُورن سيرانديءَ-

    سُتو ابوالڪلام آ!

    دهلي! توکي نيڻ ڏئي،
    هيٺ مٽيءَ مانديءَ-

    سُتو ابوالڪلام آ!


    سِڪَ سجدا وُجودَ ۾ آهن،

    سِڪَ سجدا وُجودَ ۾ آهن،
    ڪعبا، ڪلما وُجودَ ۾ آهن.

    ابنِ مريم نه ٿو مري مون ۾،
    ڇو ته عيسيٰ وُجودَ ۾ آهن.

    سِجُ صليبن مٿان اُڀاريندا،
    سُرخ جهنڊا وُجودَ ۾ آهن.

    نيڻَ پٿر ۽ خوابَ آئينا،
    ريزا ريزا، وُجودَ ۾ آهن.

    ريت سان جَرُ بدن ۾ ڊوڙي ٿو،
    سمنڊَ، صحرا وُجودَ ۾ آهن.

    ڪا ندي ناوَ ۾ سَمائي آ،
    نيڻَ نيرا وُجودَ ۾ آهن.


    چٻرن جون اکيون

    چٻرن جون اکيون

    رات،
    جنهن کي چٻرن جون،
    چمڪندڙ اکيون،
    گُهوري رهيون آهن.
    ديس جي باک جو،
    اڇوتو بدن،
    ڳِجهن جي چنبن ۾ لُڇي رهيو آهي.
    سليٽي شامون،
    ڪانون جي بي سُري آواز سان،
    گُونجي رهيون آهن،
    ۽ ندي!
    ڏينهن ۽ رات جو سفر،
    واريءَ جي پنڌ جيان،
    جهاڳي رهي آهي.


    سمنڊ ۽ شهر جي ڪٿا

    سمنڊ ۽ شهر جي ڪٿا


    سمنڊُ هي شهر سان لُڇيو آهي:
    لهر آوازَ جو پڙاڏو ٿِي،
    هر ڪناري مٿان ڊُڪِي، ڊوڙي،
    شهر جي زهر کي چَکيو آهي-
    سمنڊُ هي شهر سان لُڇيو آهي!

    سمنڊُ فطرت جو معجزو آهي،
    ۽ زمينن جو آئينو آهي؟
    صُبح سانجهيءَ رنگين غاليچا؛
    سانگَ سِيرن مٿان سجائن ٿا،
    رنگَ ۽ روشنيءَ جي ساحل تان؛
    ڄڻ هوا کي پکي اُڏائن ٿا!
    پنکَ پر هانوَ ۾ هَلائن ٿا!
    روح شاعر جو ڪنهن رڱيو آهي؟
    سمنڊُ هي شهر سان لُڇيو آهي!

    شهر ننڍڙو نِراسُ ڪيڏو آ،
    دل جو گهرڙو اُداسُ ڪيڏو آ!
    هن صديءَ جي ٿڪل مسافر جي؛
    سونُ- پيرن تي ڌوڙ چاندي آ،
    پنڌ دل جو قديم تنهن ڪاٽي؛
    پيارَ جي ڪائنات آندي آ،
    موههُ باندي نه سونهن ماندي آ!
    درد پر ڪنهن سندس ڪَڇيو آهي!
    سمنڊُ هي شهر سان لُڇيو آهي!

    سمنڊَ ۽ شهرَ جي صدا پنهنجي،
    هرڪا تمثيل ۽ ڪٿا پنهنجي،
    شهر چپُ آ زبانَ جي هوندي؛
    سمنڊُ گُونجي گَڏي ڪنارن کي،
    شهر پُرهول، پُرخطر آهي!
    سمنڊُ عاشق سڏي ستارن کي،
    چينُ آڇي ٿو بيقرارن کي!
    ريت تي رات ڀر رُليو آهي!
    سمنڊُ هي شهر سان لُڇيو آهي!


    رات اُڀ تي ستارن جي سرواڻ ٿِي!

    رات اُڀ تي ستارن جي سرواڻ ٿِي!
    چنڊُ اُلهي وڃي، آءُ چانڊاڻ ٿِي!

    مُنهنجي ڳوڙهن سان ڪڏهين ملي ڏِسُ مِٺي!
    آءٌ ننڍڙي ندي، تون ته مهراڻ ٿِي!

    تنهنجي آئي ملي، نُور تارن کي ٿو،
    ۽ گلن کي ملي، ماٽَ سرهاڻ ٿِي!

    اي سرءُ جي هوا! گُهل نه منهنجي مٿان،
    ساهَه مان ٿو ڇڻي، دردُ پيلاڻ ٿِي!

    مان سدائين صليبن تي مُرڪان پيو،
    بارگاههِ محبت جو اهڃاڻ ٿِي.


    ٽُڪرا ٽُڪرا خواب

    ٽُڪرا ٽُڪرا خواب

    هاڻ تولئه مان نه جيئندس،
    ۽ نه مرندس مان ڪڏهن.
    زندگيءَ ۾ جيڪڏهن ڪنهن موڙ تي ملندينءَ تون،
    اک کڻي توڏي نه ڏسندس مان ڪڏهن.
    توکي ساري يا پچاري،
    ڪنهن کان تنهنجو ڪونه پُڇندس،
    ۽ نه ڪڇندس، تنهنجي باري ۾ ڪڏهن!
    ساهه ۾ سانڍي نه رکندس،
    تنهنجي وارن جو هڳاءُ،
    تنهنجي هٿڙن جو ڇهاءُ!
    تنهنجي سِڪَ ۾ رات جا تارا تڪي،
    لڙڪ اکڙين جا اڇوتا ڪونه روليندس ڪڏهن،
    ڪنهن به سپني منجهه توکي
    ڪونه ڳوليندس ڪڏهن!


    جيئن سج لٿو ڏکن سان، راتيون ٻَکيون اسان جون!

    جيئن سج لٿو ڏکن سان، راتيون ٻَکيون اسان جون!
    سورج مکي سراپا، آهن اکيون اسان جون!

    موسيٰ، ملي اسان کي، تجلي نه طُورَ جي ڪا،
    دل روز ٿي خدا سان، ڳالهيون رکيون اسان جون!

    ور ور تو وِهُه نپوڙيو، هر نانگَ جي ڳچيءَ مان،
    تنهنجي هٿان ڇو جوڳي، دليون ڪَکيون اسان جون؟

    نيري سمونڊَ آڏو، ليڪا هزار پائي،
    واريءَ تي گهر اڏنِ ٿيون، ساحل سَکيون اسان جون.

    ويهي سگهيو ٿي پوپٽُ، هڪڙو ئي دل جي گُلَ تي،
    نمڪين چاهتون ڇو، سڀني چَکيون اسان جون؟


    چنڊُ، تارو نه هوءَ سکي آهي،

    چنڊُ، تارو نه هوءَ سکي آهي،
    رات جي سونهن ڪنهن ڪَکي آهي.

    تَنُ طنبوري جيان وڄي ٿو پيو،
    عشق آڱر جڏهن رکِي آهي.

    مون ته تنهنجي ٻُڪن جي پاڻيءَ مان،
    چنڊ جي چاندني چَکِي آهي.

    رات چيري چڪور نڪتو آ،
    پيار پاليو نه ڇا پکِي آهي!

    خودڪشي جي ئي خوابَ تي سوچي،
    زندگي ڀاڪرين ٻَکِي آهي.

    مان ته سپني ۾ سمنڊُ ٿو ڳوليان،
    رُڃَ اکڙين ۾ ڪنهن رکِي آهي.

    آءٌ احمد ڌرم نه زرتشتي،
    باهه بڻجي ڇو هوءَ بَکِي آهي؟!


    پيار اسان جي منزل

    پيار اسان جي منزل

    دل گَهرِي ڪا دلدل آهي،
    سامهون سِڪَ جو ساحل آهي-
    پيارُ اسان جي منزل آهي!

    نيري اُڀَ ۾ سردُ صدائون،
    برف ٿيون سڀ قربَ ڪٿائون،
    خواب ۾ خُنڪي هر پل آهي-
    پيارُ اسان جي منزل آهي!


    سُرهي سُرهي سُرڪَ اوهان جي،
    اُسَ ۾ چاندي مُرڪَ اوهان جي،
    ڇا ته اکين ۾ جِهلمل آهي-
    پيارُ اسان جي منزل آهي!

    سانگَ سمورا موسم ڄاڻي،
    وڻ وڻ ڌوڻي، پَنُ پَنُ ڇاڻي،
    ڪا ته هوا ۾ هلچل آهي-
    پيارُ اسان جي منزل آهي!

    محبوبا جو پيارُ سڏي ٿو،
    اوجهڙ رستو، دارُ سڏي ٿو،
    هاءِ جواني اڻ جهل آهي-
    پيارُ اسان جي منزل آهي!


    ٻاريو ڏياٽي-

    ٻاريو ڏياٽي-

    اونداهيءَ اڌ رات ۾!

    وک وک ويچاري کڻو،
    ڍوليا، او ڍاٽي!

    اونداهيءَ اڌ رات ۾!

    هيءَ جا منهنجي جندڙي،
    اُڃن اُساٽي-

    اونداهيءَ اڌ رات ۾.

    پرهه ڏيندي پيار مان،
    مڌ ڀَري ماٽي-

    اونداهيءَ اڌ رات ۾!


    مون ته سوچيو

    مون ته سوچيو

    مون ته سوچيو ڪينَ هو مُنهنجي مٺي؛
    پنهنجي جوڀن جو تون بخشيندينءَ بهارُ!
    رات جو جگنوءَ جيان ۽ ڏينهن جو؛
    پوپٽن ۾ تون ڪندينءَ پنهنجو شمارُ!

    رات ساري مُنهنجي سيني تي سُتينءَ؛
    ڪونجَ جهڙي تون ڳچيءَ سان ڳهَرجِي!
    خواب جهڙي ڪنهن جزيري ۾ پُڄي؛
    ننڊ – ڀاڪر ۾ وئينءَ تون ويڙهجي!

    سانوڻيءَ جو چاڙهُه، مستي مُند جي؛
    جسم تنهنجي ۾ نديءَ جهڙو اُڀار،
    تون بدن جي سون ٽڪريءَ تان سَکِي!
    پنهنجي ڇاتيءَ جي چڪورين کي اُڏار.

    نغمگي پازيب تنهنجي جي ٻُري؛
    روح جي تاريڪ تَهخاني مٿان،
    تنهنجي پنبڻين جا ڇَپرَ ڪارا ڪڪرَ؛
    رات ڇانيل ڄڻ ته مئخاني مٿان.

    مون ته سوچيو ڪين هو منهنجي مِٺي!
    پاڻُ ارپي، پاڻَ لاهيندينءَ لباسُ،
    ڏينهن جو سوچي، رتوليءَ رات تي؛
    تون اڪيلائيءَ ۾ ٿي ويندينءَ اداسُ!


    ڪئي به دل ڇا خودڪشي؟

    ڪئي به دل ڇا خودڪشي؟
    نه موت آ نه زندگي!

    ٻُڏون ٿا لُڙڪَ ۾ اسين،
    ڀَري ٿِي ڇرڪ ڇو ندي!

    ڊُڪي ٿي روحَ ۾ اڃا،
    قديم شهر جي گهٽي!

    اکين جي آسمان ۾،
    اُڏيو نه خوابَ جو پکي!

    هوا کي پنک ڪنهن ڏنا؟
    ۽ ڪنهن ڏني آ نغمگي؟

    نگاهه کان مٿي رهِي،
    گداگري فقير جي.


    مشورو

    مشورو

    وڏن وڏن ايوانن وار‎ؤ!
    کليل درين، دالانن وارؤ!
    بند دلين جي گلين ۾ ڪو،
    تيز هوا لئه کوليو رستو!
    اک اک جاڳ مشعال بڻايو،
    کوليو خيال جو روشن پردو،
    ڏسو سمندر نيرو جاڳيل،
    پکيءَ پکيءَ جي پويان اڏري،
    حدِ نظر تي پهچو!

    هيڏي گهري نيري دنيا،
    اُن ۾ پاڻ سمايو،
    لهر لهر جيئن ساحل پائي،
    ان جيئن پاڻ وڃايو!
    هر ساعت جو پنهنجو سودو
    پنهنجي پاڻ مان ٻاهر نڪرو!
    پاڻ نه ائين اُلجهايو.
    هٿ هٿ کوليو،
    هر ڪنهن کي ورسايو،
    رند، رڪيب ۽ رينون روڪي،
    پير زمين تي لاهيو،
    کليل درين، دالانن وارؤ،
    وڏن وڏن ايوانن وارؤ!


    دليلَ سوچي پناههَ ڳولي،

    دليلَ سوچي پناههَ ڳولي،
    اڃا به دل ٿي گناههَ ڳولي.

    شعور سارو قديم ٿِي ويو،
    نوان اُفق ٿي نگاههَ ڳولي.

    بغير پيرن سفر ڪيو آ،
    ملي نه منزل ڪا راههَ ڳولي.

    نه چنڊُ پُورو اداس اُڀَ جو،
    چڪورُ ڪهڙا ٿو چاههَ ڳولي.

    فحاش اک جو ئي ڪرشمو آ،
    هُو جسم جا ٿو نِباههَ ڳولي.

    عجيب خوابن جهانُ جوڙيو،
    زمينَ جا سڀ گواههَ ڳولي.

    خيال ۾ هُو ٻُڏي ۽ اُپڙِي،
    سمونڊ احمد اَٿاههَ ڳولي.


    بسم الله خان جي نالي

    بسم الله خان جي نالي


    فنڪار جي دل،
    درد جا جيڪي ٻُرائي ٻول ٿي،
    سي، ڪهڙي پُڙ ۾ ٿا تُرن؟
    ڪا ساهمي شرناءِ جي آواز کي،
    توري نه ٿي ڪڏهين سگهي؛

    شرناءِ ٿي ڇاتي ڇِني!
    فنڪار جي اک ٿي وسي،
    هر وقت اوهيڙا ڪري.
    ڄڻ ڦوڪ هڪڙيءَ ساڻ بسم الله جي،
    سُرهي چنبيليءَ ول ٿِي
    سُر، ساز ۽ آواز جي ٽِڙيو پوي،
    ۽ روح کي ويڙهيو وڃي!
    ڄڻ ٻن چپن، ڦوُڪيل مٽن ۽ آڱرين،
    دنيا نئين تخليق ڪئي!
    ڌرتي نئين،آڪاس نئون،
    گنگا نئين،
    باکون بنارس جون نيون،
    سورج مُکين لئه سِجُ نئون،
    اوڙون نيون ۽ ٻجُ نئون.
    ڪا چيٽ جي ڦولارَ نئين،
    ويساکَ جون ويرون نيون،

    هڪڙي بنارس جي اندر،
    هڪ ٻئي بنارس جو هجڻ،
    ايئن ٿو لڳي:
    فنڪار ڄڻ جوڙون نيون،
    جنسارَ جون جوڙيون هجن!


    نوجواني، ڌوڙ پاڻي،

    نوجواني، ڌوڙ پاڻي،
    زندگاني، ڌوڙ پاڻي.

    تُنهنجي آڏو، منهنجي دل جي،
    ترجماني، ڌوڙ پاڻي.

    پيار محبت کانسوا هر،
    ميزباني، ڌوڙ پاڻي.

    شهر هي برباد ٿي ويو،
    هر نشاني، ڌوڙ پاڻي.

    تنهنجي ڳَلَ جي تِر جي سامهون،
    بي ڌياني، ڌوڙ پاڻي.


    اڌ پيالو چنڊُ-

    اڌ پيالو چنڊُ-

    ڏِسُ سُفيدن جي مٿان!

    تارا ڪتيون اُڀَ جا،

    آڇي عشق اکنڊُ-
    اڌ پيالو چنڊُ-

    ڏِسُ سُفيدن جي مٿان!

    جرڪي ڌرتيءَ آرسي،

    اُجرو اُپسَمنڊُ-
    اڌ پيالو چنڊُ-

    ڏِسُ سُفيدن جي مٿان،

    اوندهه ڳهندي ٿي وڃي،

    خوابن جهڙو کنڊُ-
    اڌ پيالو چنڊُ-

    ڏِسُ سُفيدن جي مٿان!


    جُدائيءَ جا شوالَ

    جُدائيءَ جا شوالَ


    رنگ رنگ ڌاڳا رِٿي،
    پورَ ۽ ڇاپا ڇُري،
    ڀرتَ معنيٰ جا ڀَري،
    جيئن به تو سوچيو هجي،
    پنهنجي اکڙين سان سڀن کي،
    تون ته ڏيکاري سگهين ٿي!

    صبح جا رنگين پاڇا،
    ۽ وڻن جي ٽارڙين ۾،
    جهولندڙ ڪا نرم ٿڌڙي روشني،
    آبشارن جو ٿڌو پاڻي سفيد،
    ڄڻ پرينءَ جي پيرَ ۾ پازيب چانديءَ جا ٻَڌل،
    تون ته ڏيکاري سگهين ٿي!

    زرد پٿر،
    قيمتي پکراج، نيلمَ،
    سُرخ ڪي ياقوت ۽ مرجانَ،
    فيروزا ڪئين،
    ۽ ڍنڍون ٽُٻٽار نيريون،
    ڄڻ زميني آرسيون،
    جن مٿان آڪاسُ،
    ناسي بادلن جون،
    ڪاغذي ٻيڙيون، مهاڻا ۽ پکي،
    تون ته ڏيکاري سگهين ٿي!

    هي ڪنول جا گل، هيرون صبح جون،
    ڏينهن جو سورج مُکين جي جوان چهرن جا جمال،
    اُسَ ۾ بادام جون ٽاريون ڪچيون ۽ ڦول ڳاڙها،
    ڪُوڪَ ڪوئل جي ڪٽارَ،
    ۽ ڪبوتر جي اکين ۾ ڪا عقابن جي اُڏارَ،
    زندگيءَ، تمثيل ۽ تشبيهه جي دنيا سڄي،
    تون ته ڏيکاري سگهين ٿي!

    بس رڳو تنهنجين نگاهن کان پري،
    منهنجي دل جو ديس مُفلس ٿو رهي،
    جنهن جي ڳلن تان تو ڪڏهن ڳوڙها اُگهيا،
    ۽ نه اُن ۾ تو ڪڏهن ڳولي لڌا،
    سُورَ سپنن جا سراب!
    دل جي زخمن جا ٽڙيل تازا گلاب،
    چنڊ راتيون، آڳ عيدون،
    ۽ جدائيءَ جا شوال!
    ياد جا ڪي نانگ ڪاريهر اصيل،
    ۽ وِڇون سارا ورهه جا موتمار،
    نيل ڪارا، بيقرارين جا نِشانَ،
    چهڪ، چِيرا چاندنيءَ ۾ ،
    رات جي راڻين سندا!
    تو ڪڏهن ناهن ڏٺيون،
    هي وڇوڙن جون وليون،
    عشق اوڇڻ، پيار پٿراڻين مٿان
    هي وڇاڻن تي وهاڻا ورهه جا،
    ۽ اکين ۾ ننڊ ڪُوڙي،
    خوابَ، جنهن ۾ ڄڻ اَڪن جي کير جهڙا،
    پل سمورا،
    هيڪلائيءَ ۾ جوانيءَ جا امُل ڳوڙها ڪَڙا!
    بس رڳو تنهنجين نگاهن کان پري
    منهنجي دل جو ديسُ مُفلس ٿو رهي،
    تو ڪڏهن جيڪو مُڙي ناهي ڏٺو!


    مورڻِي!

    مورڻِي!

    ڇن ڇن ڇن ڇن ڇن ڇن پايل؛

    پيرن منجهه وڄي!
    سکي! مورڻيءَ وانگ ٽِلين ٿي؛

    ڊوڙي سَڄي کَٻي.

    چيلهه سنهيءَ تي گهاگهر سُونهي؛

    گجرا ٻانهن منجهه،

    تنهنجي اکڙين روز رُلايون؛

    هرڻيون راهُن منجهه!

    هاءِ ڪَنن ۾ جُهومڪ جِهرمِر؛

    نَٿَ ۾ پَٽَ جي ڏاڻي!

    تنهنجو گهونگهٽ ۾ چهرو ڄڻ؛
    جُهڙ ۾ وِڄُ وراڻي!
    ڳوٺَ لتاڙي آئينءَ ڳهيلي؛

    گهر گهر ڏئي ڪڙو،

    سينهون سِرَ تي گهڙو گهَڙي تي؛

    پائي ڇِيٽَ پَڙو.


    ڪَکَ چُڻن ٿا پاريهر،

    ڪَکَ چُڻن ٿا پاريهر،
    خوابَ اُڻن ٿا پاريهر.

    باک ڦُٽي جئن روزانو،
    ننڊ چُڳن ٿا پاريهر.

    وچينءَ ويلا پاڇن هيٺ،
    ڳُٽ ڳُٽ ڪن ٿا پاريهر.

    رنگ سِليٽيءَ جو احساسُ!
    روز ڏِين ٿا پاريهر.

    ندي، پُراڻي محل سراءِ،
    اچن وڃن ٿا پاريهر.

    بُکيا ڀٽڪي سانجهيءَ ويرَ،
    گهر موٽن ٿا پاريهر.


    ڪڙين منجهه ڪَڙي-

    ڪڙين منجهه ڪَڙي-

    نينهن نچايو ناچڻيءَ!

    ڪچو سونُ سريرَ جو،
    گهاڙوءَ جيئَن گهڙي-
    نينهن نچايو ناچڻيءَ!

    سپنو ڪو اتهاسَ جو،
    اکڙين منجهه جَڙي-
    نينهن نچايو ناچڻيءَ!

    سمبارا نئين نرت سان،
    موٽي مُهن دڙي-

    نينهن نچايو ناچڻيءَ!


    سرحدن تي گلابَ

    سرحدن تي گلابَ


    ملاقات جي موسمن جي ٿڌيءَ ڇانوَ ۾،
    تِکي اُسَ دُوريءَ جي داخل رهي،
    ندي رت، بارود ۽ باهه جي،
    وئي ديس – دل جا ڪنارا کڻي،
    ٻنهي سرحدن تي کِڙايا گلاب،
    مخالف هوا، رنگ ڪارا کڻي.

    سُنگهي خوف جي هر بلا وئي بدن،
    عُنابي اکين ۾ وڌي زهر ويو،
    ٻنهي طرف هٿيار جو وهڪرو،
    وفا، حسن جو هر ٻُڏي شهر ويو.
    ٻَريو آرسيءَ جي اڳيان ڪو ڏيئو،
    کلي بند تاريخ جي ڪا ڳلي،
    جتي ملڪ ڪنهن ٻار گمنام جان،
    پَتو پنهنجي گهر جو ٿو پُڇندو رهي.

    مٽيءَ بدگمانين جو پل پل ڏٺو،
    صندوقن ۾ خوشبو جو مدفن رهيو،
    فصل وقت پوکيو رُڳو موت جو،
    رکِي پيرَ بارود جي ڍير تي،
    ٻنهي سرحدن دشمني آ رکي،
    ڪچو چنڊ – ڪپڙو ڪفن لئه ڪپي،
    ننڍي کنڊ جي ماپ آهي وتي،
    کڻي سوچ جي هر گهڙيءَ جا عذاب،
    ٻنهي سرحدن تي ڦٽا ڪي گلاب!


    خواب اُڻن آوارا اکڙيون،

    خواب اُڻن آوارا اکڙيون،
    ڳوڙها سمنڊ، ڪنارا اکڙيون.

    ڪنهن پل پوپٽ، ڪنهن پل جگنو،
    سورج اکڙيون، تارا اکڙيون.

    تون مون ڏي، مان تو ڏي ايندس،
    ٿينديون چارئي چارا اکڙيون.

    اورنگزيب! قضا لئه اينديون،
    خنجر هيٺان، دارا اکڙيون.

    اکڙين جي شمعن تي ٻَرنديون،
    پروانن جان، پيارا اکڙيون.

    دل ڪعبي ۾ سجده ريزي،
    ارپن نينهن، نيارا اکڙيون.


    سفيد ڏينهن

    سفيد ڏينهن

    بهار جي رُت ٽِڙي رهي آ،
    گلن جون نازڪ، نفيس پَتيون،
    اکين جا آرس ڀَڃي چون ٿيون:
    ڪَلي ڪَلي نت کِڙي رهي آ،
    گلن تي ماکي مِڙي رهي آ،
    هي سون – ورنو صبح جو سورج،
    وڻن وڻن تي، پکيءَ پکيءَ جي پَرن پَرن ۾،
    ڪي سون ريکون مڙهي جَڙي ٿو!
    ڪو واءُ ٿڌڙو، عنبير اوتي،
    ڇَڄن ڇَڄن ۾ هُڳاءَ کي ڄڻ ڇنڊي ڇَڙي ٿو.
    ڪُنوار تنها، نديءَ ڪناري،
    لٽن جون لاکون ڌوئي کِلي ٿي!
    پکين جي جوڙي پپر جي وڻ تان،
    ٻه ٻول ٻولي جيئن ئي اُڏاڻي،
    هوا ۾ ٽاري لُڏيو لُڏي ٿي!
    هي پوپٽن جو گلن ڦلن ڏي رنگين رستو،
    حسين رنگن، ڪنڊن ۽ مُکڙين منجهان لنگهي ٿو،
    انهيءَ کي اک ڪا ڏسي رهي آ،
    بهار جي رُت ٽِڙي رهي آ!


    پٿر جو ڪرڻو ۽ هوا جو ڦول

    پٿر جو ڪرڻو ۽ هوا جو ڦول

    سپني ۾ تون ۽ هڪ گهوڙو؛
    پنڌ پياسين ريت ڪناري،
    ڀنڀرڪي جو جهرڪين جهوريو؛
    اکڙين مان ويون ننڊ اُڏاري!

    بُرج مٿان هُو سورج نڪتو؛
    شهر جون گونگيون گهٽيون جاڳيون،
    پوپٽ شبنم سان مُک ڌوئي؛
    ڳوليون پنهنجون مُکڙيون ساڳيون!

    ٿڌڙيءَ اُس ۾ مٽي مهڪي؛
    رنگ رنگ جو رومال کُلي پيو،
    ٻُور نديءَ تي وڻ مان برسيو؛
    واهوندي جو واءُ گُهلي پيو!

    مون چاهيو هو تنهنجو سپنو؛
    رات ڪناري حرف دعا جو،
    توکي مون کان ڌار ڪري ويو؛
    ڪرڻو پٿر، ڦول هوا جو!


    خط جي اڪيلائي

    خط جي اڪيلائي


    تون به تنها زندگيءَ جو سمنڊُ جهاڳين ٿي پئي،
    ڄڻ اڪيلائيءَ جا اڌما حال ٿا اوري وڃن.
    شام جي خوشبو لفافي ۾ اڃا موجود آهِه،
    لڙڪ هاڻا تنهنجي خط جا لفظ ٿا جهوري وڃن!


    ويا پرڏيهي يار-

    ويا پرڏيهي يار-
    وجهي وڍَ وُجودَ ۾.

    اَڄُ نه سَرَ تي هنجڙا،
    ڪانهي ڪابه اُڏار-
    ويا پرڏيهي يار!

    منهنجا نيڻ ننڊاکڙا،
    لُنءَ لُنءَ وڄي لار-
    ويا پرڏيهي يار!

    جيڪي آٿت، آسرو،
    مون کان ڪيڏو ڌار!
    ويا پرڏيهي يار!

    جن جي آئي جيءَ تي،
    موٽي مُند ملهار-
    ويا پرڏيهي يار!

    وجهي وڍَ وُجود ۾.


    چهرا چهرا جي چارسُو آهن،

    چهرا چهرا جي چارسُو آهن،
    تنهنجي مُکَ جي نه هوبهُو آهن!

    هي هوا جا حسين تر جهؤنڪا،
    زلف جانان سان مشڪبُو آهن.

    مان ٿيان ٿو ضميرَ جي آڏو،
    آئينا ڄڻ ته روبرو آهن!

    اک عبادت گُذار هُن جي آ،
    هُن جا سپنا به باوُضو آهن!


    جلاوطن دوست جي ياد ۾

    جلاوطن دوست جي ياد ۾


    سنڀاري سنڌ ساريءَ کي،
    اکيون پرديس ۾ تنهنجون، رُئن ٿيون، رتُ هارن ٿيون،
    ٻٻر جو ٻُور ٿو ٻهڪي، اَڪن جو کيرُ کارو آ،
    پرين پرديس ۾ تون آن،
    کٻڙ جي مَڪَ سان مهڪي، ٽِڙيو هي ديس سارو آ.
    سموري لاڙ جي ڇاڇر، پکين جي پيرَ هيٺان آ !
    وڄن ٿا نَڙ هوائن ۾، ٻُرن ٿا چنگ چؤنرين جا،
    ٻنيون ۽ ٻُوهَه ٻيلهاڙيون، پنن تي ٿو پوي پارو!
    هي کاري ڇاڻ جون ڇاڙهون،
    اُڏامي سمنڊ جت ٿو لوڻياٺي ڦيڻِ ڦهلائي،
    اُٺن جا وڳ ڪنارن تي،
    پريان هُو چنڊُ پيو اُڀري، اُنهيءَ سان ڪيرُ ڳالهائي؟

    سَنهو ٽاڪو سُئيءَ جو ڄڻ، ڀرن ٿا ڀرتُ پاريهر،
    ٿڌيري ٿر جي واريءَ تي، کنيو ڪر آههِ ڪاريهر،
    ۽ مُهراڻي مٿان مورن،
    پرن ۾ سج کي سانڀي،
    ٻَڌي آ جُهڙ سندي جهالر.

    رُئن ٿا رڻ مٿان تارا، پوي ٿي ماڪ پوٺن تي،
    سڏن ٿا سُڃَ جا سُڏڪا، رُلي ٿي رُڃَ رستن تي،
    پکيڙن پاند ٿيون پنهنجا، ڪجل جي ريک ري راتيون.

    اُڀي گورک سندي چوٽي،
    ٿئي جيئن برفباري ٿي، وجهي ململ جي پوتي ۽
    لڪيءَ جي لال سانجهيءَ ۾، ٿئي روپوش ٿو سُورجُ،
    هڻي ڄڻ ڌنڌ پيو ڌاڙو .

    سکر ڪنهن گُل جان وهنجي، سُڳنڌي ماڪ موتين سان،
    ٽڙي پئي روهڙي هر پل چنبيليءَ، رات راڻيءَ جان،
    اکين ۾ عڪس بيڪس جي، ڪنعيو ڪنهن ڪهاڻيءَ جان،

    پرين پرديس ۾ تون آن!
    کٻڙ جي مَڪَ سان مهڪي،ٽِڙيو هي ديس سارو آ.


    دار جي جهروڪي مان

    دار جي جهروڪي مان

    لمحي لمحي جي پيڙا ۾؛
    مُنهنجو سَتُ سُڪو ئي ناهي،
    سِرَ جي سوڙهيءَ سرڪڻ کان هِي؛
    جانٺو جيءُ ڊنو ئي ناهي!

    هُو سڏُ ڪري پيو ڪالاڻي؛
    ڏِسُ مون کي اوچي تختي تان،
    ۽ ويڙهي مُرڪ کٿوريءَ ۾؛
    ٿو آڇي دار جهروڪي مان!

    ٿي راکي رات ٻَڌي مون کي؛
    ۽ ڳاڙهو تِلڪُ لڳائي ٿي،
    هُوءَ ڪيئي لُڙڪ ستارن جا؛
    ڄڻ پنبڻين ۾ اٽڪائي ٿي.

    ۽ کوليءَ ۾ هُو چندرما؛
    پيو پير ڪڙين کي کولي ٿو،
    مشڪُوڪ هوائن ۾ مون لئه؛
    ڪيئن جلادن کي ڳولي ٿو.

    ۽ مون کي ٻهر اُماڻي اڄ!
    ڏِسُ رستو پار اُڪاري ٿو!
    هُو ڦرهو ڦاهيءَ گهاٽ ڏَسٖي،
    ۽ بيٺو دُور نهاري ٿو!


    احساس جي اڪيلائي

    احساس جي اڪيلائي


    خاموشيءَ جو ڇاڻي پَن پَن،
    ڪاري ڪوئل ڪُوڪي بَن بَن.

    وڻ وڻ هيٺان ڇائون ڇاپي،
    ڪُوڪَ هوا سان پنهنجي ماپي،
    ٺوٺُ مندن ۾ ٺاري تَن مَن-

    ڪاري ڪوئل ڪُوڪي بَن بَن.


    ڪارا پکَ تتيءَ ۾ تنهنجا،
    رنگ نه رنگريزڻ جا اهڙا،
    کاڌي مات سمورن رنگن-

    ڪاري ڪوئل ڪُوڪي بَن بَن.

    راڳ رسيلا سرگم ڇيڙي،
    آلاپي ٿي ننڊ اُکيڙي،
    ٻول سماواتيءَ ۾ ٻهڪن-

    ڪاري ڪوئل ڪُوڪي بَن بَن.

    ساري ڌرتي سبز وڇاڻو،
    اُڀ اکين ۾، ٻانهن وهاڻو،
    خوابن مان جاڳايو جذبن-

    ڪاري ڪوئل ڪُوڪي بَن بَن!

    تون به اڪيلي، مان به اڪيلو،
    ساٿ نه ڪنهن جو هيڪل ويلو،
    جيون کي ڄڻ ڳوهيو ڳوڙهن-

    ڪاري ڪوئل ڪُوڪي بَن بَن.


    ملون نقابَ ۽ سارا حجابَ لاهي ڪيئن؟

    ملون نقابَ ۽ سارا حجابَ لاهي ڪيئن؟
    ڏسون ته چنڊ جي پُوري تراشَ آهي ڪيئن؟

    حسين جسم کي ڪهڙي لباسَ جي ڳولا؟
    چِٽائي چنڊ جي اوجل اُماس چاهي ڪيئن؟

    فرار خواب جو آهي فريب ۾ رِل مِل،
    اَگهور ننڊ جي ديوار ڪيرُ ڊاهي ڪيئن؟

    حيات موت جي قبضي منجهان نه ٿي نڪري،
    نِڪور جسم ڀلا سنگتراشُ ٺاهي ڪيئن؟

    رڪيبُ پيرَ قبولي نه ٿو ڪَچا ڪڏهين،
    اَڙل وڇيرو هوا جو وڃون به ڪاهي ڪيئن؟

    خيالُ سرمدي پنهنجو، لِباسُ منصوري،
    صليبِ عشق تان احمد کي لوڪُ لاهي ڪيئن؟


    سارو عالم سُمهي رهيو آهي،

    سارو عالم سُمهي رهيو آهي،
    ديپُ تنها ٻَري رهيو آهي.

    ساڀيائن سواءِ هر سپنو،
    وقت کان اڳ مري رهيو آهي.

    برفَ ايمانَ تي ڄمي وئي آ،
    ۽ خُدا ڀي ٺري رهيو آهي.

    تنهنجي آواز جو پڙاڏو ٿي،
    سڏُ واپس وري رهيو آهي.


    پنکَ پنهنجا پکيڙي رات،

    پنکَ پنهنجا پکيڙي رات،
    ڇا ته موتي ٿِي ميڙي رات.

    سانت – مالها ٽُٽِي پوندي،
    ٿِي ستارن کي ڇيڙي رات!

    ڄارڪيءَ جي هوا ۾ پئي،
    سانگ تولئه سَهيڙي رات!

    چنڊ -ڪشتي وڃي ڪاڏي!
    سمنڊُ کارو ٿِي کيڙي رات.

    تون به ايندين ڪڏهن اُڀري،
    سج! توسان ٿِي جهيڙي رات.


    پياسا پياسا چپَ-

    پياسا پياسا چپَ-
    ڪير اُجهائي اُڃَ کي.

    ڪنگرين ۾ او ڪامڻي!
    ناهي پاڻيءَ لپَ-

    ڪير اُجهائي اُڃَ کي.

    رڻُ رڙي ٿو روح ۾،
    ڪهڙي ساهَه سَهپَ-

    ڪيراُجهاڻي اُڃَ کي!


    سڀئي گهايل گهاگهريون،
    تانگهي تاسَ تڙپَ-

    ڪير اُجهائي اُڃَ کي.


    ڳل تان ڳوڙهن جي اچي،
    ڪريو پاڻ ڳڻپَ-

    ڪير اُجهائي اُڃَ کي.


    دل جي ويراني

    دل جي ويراني

    شهر ڪنهن مينهن جهڙي ۾،
    ڪليسا گهنڊَ سان گُهلندو،
    هوا جو آ پُڳو جهؤنڪو،
    اڪيلائي ڊگهو رستو،
    مليو آ ماٺ کي موقعو.

    گهرن جون سڀ کليل دريون،
    کليل آ هر ڪو دروازو،
    ٻئي کي ڇا خبر پوندي،
    کليل آ دل جي ويراني،
    مهانگو عشق جو سودو.

    صبح جو روپُ بادامي،
    رهي ٿو روز ڪوهيڙو،
    نظر ۾ هڪ ندي آهي،
    پکي رهواڪ پاڻيءَ جا،
    ڏسن ڪيئن اُسَ ۽ تِڙِڪو.

    سڄي ماحول ۾ پيدل،
    گُهمي هڪڙو مسافر ٿو،
    سفر جو زخم تازو آ،
    سَهي ايذاءَ ٿو ڪيڏا،
    ڪُڇي پر هُو نه ڪافر ٿو.


    جنم جنم جي پياسي دنيا

    جنم جنم جي پياسي دنيا


    سُک-سپني جو سندر پاڇو،
    مرڪ لڙڪ جو گاڏڙ پاڻي-

    جيون آهي!

    سانجهي سَهڙي، ڀڳتڻِ ڀانيو،
    ڪَلسُ مندر جو جَڳُ مَڳُ جَڳُ مَڳُ-

    تارو آهي!

    شڪتيءَ آنند، من مُڪتيءَ لئه،
    جنم جنم کان ڪيڏي پياسي-

    دنيا آهي!

    شِوَ جي مندر ۾ خاموشي،
    هر دروازي آڏو دل جو-

    دريا آهي!


    ماڌو لال حسين

    ماڌو لال حسين


    من جي اوندهه گهٽجي ويندئي، جرڪي پوندئي خوابَ،
    کڻ کڻ هٿ ترين تي ڏيئا، سوچ نه ڪجهه ويچار!
    چنڊ تنهنجي پيشاني چُمندو، روشن ٿيندئي نيڻ،
    ماڌو لال حسين دُئاري، ميڻ بتين کي ٻار!


    اڄ رات مان ٿو چاهيان

    اڄ رات مان ٿو چاهيان


    توسان ملي محسوس ٿو مون کي ٿئي،
    ڪا هٿڪڙي منهنجي ڪَرائيءَ ۾ وڃي ٿي ٺهڪندي،
    دل تي، اکين تي، خواهشن ۽ آرزُن تي وَسُ هلي منهنجو نه ٿو،
    ۽ زندگي ڄڻ ڄارَ ۾ هر پل وڃي ٿِي ڦاسندي!
    اڄ رات اڀَ تي ڪي ڪڪر ڇانيا وسڻ جي ويسَ ۾،
    هن پيار جي برسات ۾ تون مان اُڃارا ڇو رهون؟

    اڄ رات مان ٿو چاهيان،
    تنهنجي اکين جي مڌ ڪٽورين مان پيئڻ،
    تفصيل سان تنهنجي بدن محبوب کي هٿ سان ڇُهڻ!


    اڄ رات مان ٿو چاهيان،
    تنهنجي چنبيليءَ ول جهڙيءَ چيلهه تي چوٽا ڏسڻ،
    ڇاتيءَ مٿان سونن خزانن کي لُٽڻ،
    آڱر رکي تِــرُ تِـــرُ ڳڻڻ،
    ۽ ساهه ۾ سانڍي رکڻ،
    مدهوش ٿي تنهنجي جوانيءَ کي چُمڻ!

    اڄ رات مان ٿو چاهيان،
    توکان پُڇان:
    ڪنهن جي چئي ۾ عشق ڪافر ٿو رهي؟
    گهوڙو ڀَلو، اَلياڻ تنهن کي ڪيئن ڏجي؟
    جذبات ۽ جوڀن جهلي ڏَسُ ڪيستائين،
    پاڻ کي ايئن روڪجي؟
    هيءُ آبشارن ۽ ندين جو سِرُ سمونڊن ۾ سَٽڻ،
    اوڙاهه مان اُپڙي سِپن جو ابَر- بُوندن کي جهٽڻ،
    ڪنهن چنڊَ ڏي اُڀ ۾ چڪورن جو اُڏڻ،
    ۽ مور جون نالون سُڻي ڪنهن ڪورَ تي،
    ڪنهن ڊيل جو پَرُ پَرُ پَکيڙي،
    مينهن ۾ ۽ نينهن ۾ نچندو رهڻ،
    هي سج جون سارنگَ منجهان ساکون کڻڻ،
    ۽ اُڀَ تي بادل چُنيءَ جي چِٽَ وانگر ڪي چِٽڻ،
    هي پوپٽن جو گل مٿان شبنم سان اکڙين کي ڌوئڻ،
    خوشبو مٿان ٻَلهارجڻ،
    روڪي نه سگهندو ڪير فطرت جي انهيءَ ميلاپ کي!

    اڄ رات مان ٿو چاهيان،
    ڪو گيت تنهنجي سونهن سوڀيا تي لِکان!
    ڪو انت ڪونهي سونهن جو،
    ڪا سونهن ٿي ڪنهن وٽ اگهي.
    مون کان پُڇين ٿي سچ جو جي مامرو،
    دل ٿي چوي،
    تنهنجي گهٽيءَ کان ڪاڪ ۽
    توکان نه آ مومل مٿي،
    توسان ملي محسوس ٿو مون کي ٿئي!


    نديءَ ڪناري، جهنگل پاس،

    نديءَ ڪناري، جهنگل پاس،
    رات سرءُ جي چنڊُ اداس.

    چانڊوڪيءَ ۾ ڇاڻي پَنَ،
    وڻ وڻ لاٿو زردُ لباس.

    لُڙڪ سُڪا ۽ دل ۾ پوءِ،
    جاڳيو سَتَ رنگو احساس.

    پياسي خيمي تي ڪلهه کان،
    خالي کنِوي گجي آڪاس.

    آيو آڌيءَ وير لهي،
    پيالي پيالي پورنماس!

    شڪنتلا جون شڪليون کوڙ،
    ها پر ڪونهي ڪاليداس!


    ماڻين تو نه ڄمار-

    ماڻين تو نه ڄمار-

    جاني جُواني ۾ وئين!

    تنهنجا جوڀن رُت سان،
    ڪيئي قول قرار-
    جاني جُوانيءَ ۾ وئين!

    جيڏا! ڪيڏا جوڙيئه،
    سپنن جا سنسار-

    جاني جُوانيءَ ۾ وئين!

    آگم آگم اکڙيون،
    وسن ويروتار-
    جاني جُوانيءَ ۾ وئين!


    درد جي لهر

    درد جي لهر


    ڪشتين چيري ورهايو سمنڊ کي؛
    مون ڏٺو پاڻي پري تائين رڳو،
    هر پکيءَ جي هئي حصي ۾ ڪا اُڏار؛
    تون نه هئينءَ منهنجو ڪٿي ساحل هُئو!

    ڏور هُو مضبوط ٻيڙيون جن مٿان؛
    سِڙهَه اُڏاڻا ٿي هوا ۾ بيشمار،
    ڪنهن گهڙيءَ آئينءَ، وري موٽي وئينءَ؛
    تو ته لهرن جئن ڪيو مون سان پيار!

    ۽ پکي سانجهيءَ اُڏاڻا ٻيٽَ تان؛
    ٿي اُڻت پَرڙن سان ناسي اُڀَ جي،
    ڄارَ اوندهه جا جڏهن ويا ڦهلجي؛
    سمنڊَ سُڏڪي هيئن چيو: ڪنهن جو ته ٿي.


    هير هندورو، ڪينجهر ڪَپَ،

    هير هندورو، ڪينجهر ڪَپَ،
    چنڊُ چُمي پيو، نوريءَ چَپَ.

    سِپَ ۾ موتي ٿا سِپجن،
    من ۾ سرجي، تانگهه تڙپَ.

    تنهنجي اهڙي نيڻَ نهارَ،
    جهڙي جهرڪيءَ بازَ جهڙپَ.

    مون کي ويٺا روز ڪَکين،
    تنهنجي ساروڻين جا سَپَ.

    تو وٽ مهنگا موتي کوڙ،
    مون وٽ آ لڙڪن جي لَپَ.

    سنڌ سڄي آ نيزي پاند،
    دلبر ڪهڙا ڊِڄَ ۽ ڊَپَ!


    زندان جو زهر

    زندان جو زهر

    رات ڪٽيائون اوجاڳن ۾،
    گهايل قيدي پيڙ پَهن ۾،
    گهڙيءَ گهڙيءَ ۾ لوهَه ڪڙيءَ ۾،

    زهر ڏنا زندانن-
    زنجيرون ٿيون ڇڻڪن.

    پير ڪڙيون ۽ سِيءَ سياڪا،
    لوهي سيخون واءَ وراڪا،
    چنڊ جهروڪا بند ڪيا پر،
    پوءِ به ٿاڻا ٿڙڪن-
    زنجيرون ٿيون ڇڻڪن.

    تختي ڏي ڪي پير وڌن ٿا،
    ڦاسيءَ تي ڪي ڳاٽ نچن ٿا،
    تارا نڪتل گهوٽن کي آ،
    ننڊ سُمهاريو تختن-
    زنجيرون ٿيون ڇڻڪن.

    بُرج هوا جي سامهون آهن،
    هي ديوارون ڇا ٿيون چاهن،
    نيٺ پکي پڃرن مان نڪري،
    ويندا سڀ واهيرن-
    زنجيرون ٿيون ڇڻڪن.


    زَرتشتي ڇوڪري

    زَرتشتي ڇوڪري

    روزُ ڪنهن جي تون پرستش ٿي ڪرين؛
    باهه جي ويجهو وڃي او جل-پَري!
    مون ۾ شعلو هڪ مسلسل ٿو ٻَري؛
    آءُ، مون ڏي زَرتشتي ڇوڪري!

    ڪو ٿڌو لمحو نه مون مان ٿو لنگهي؛
    ۽ نه ڪوئي چاندنيءَ جو آبشار،
    چنڊ ناهي نينهن جي نگريءَ مٿان؛
    رات ڪاري چؤطرف آ بيڪنار!

    مان نديءَ جو وهڪرو، تون جانِ من؛
    وڻ ڪناري جي مٿان شهتوت جو!
    چَپَ تنهنجا گُل مهر جا گُل ڄڻ؛
    رنگُ جن تي ڄڻ ته آ ياقوت جو.

    آ، رَکِي وڃُ روح منهنجي ۾ رڳو؛
    آشتيءَ ۽ سُکَ آنند جو گلابُ،
    بيقراريءَ کي اچي تون باهه ڏي؛
    پُوڄ منهنجي دلبري ٿئي لاجوابُ!


    لِڱ مهٽي، اک مٽين ٿي ساحرا !

    لِڱ مهٽي، اک مٽين ٿي ساحرا !
    اوچتو ڪاڏي هٽين ٿي ساحرا !

    عڪسَ يا عريانين جا اولڙا،
    آئينن ۾ ڇا لٽين ٿي ساحرا !

    آ بدن تي بُوندَ هيري جي مثال،
    ڪيترا موتي جهٽين ٿي ساحرا !

    سوني ڇاتيءَ تي ٻَڌي ڳاڙهو ٽوال،
    وارَ تون آلا وٽين ٿي ساحرا !

    پنکَ طاقتور، هوائن کي ڏئي،
    پوپٽن جا پَر پَٽين ٿي ساحرا !

    نفرتن تي تو رکيو لاهي لباسُ،
    ساڙ کي ڪاٿي سٽين ٿي ساحرا !

    رات جو اڻ ڄاڻ اکڙين ۾ لهي،
    کاڻ خوابن جي کٽين ٿي ساحرا !

    وقت پنهنجا وڻ سڀئي ڇانگي ڇڏيا،
    ڏار تون ڪهڙا ڪٽين ٿي ساحرا !


    نئون گهاٽ!

    نئون گهاٽ!


    رکيون سين دلين جون هزارين طمعائون،
    قبوليون زماني نه پنهنجون ڪٿائون،
    “هوائون هندورا اسان لئه نه بڻيون،
    گهڻيون ئي گهرن تي گجيون ڪي گهٽائون”
    ۽ عُريانين جا رڳو خوابَ لهندي،
    ڪپاهين بدن کي تراشيو نگاهن،
    سدا دل هي پنهنجي رهي طور سينا،
    جتي نور نرمل پکيڙيو نگاهن،
    ۽ ساحل سمندر پکين جون اُڏارون،
    قطارون وڻن جون نگر جون نهارون،
    ۽ پلڪن ڪناري ڪي شامون سُنهريون،
    لُٽايون جوانيءَ انهن ۾ بهارون،
    ۽ ناياب گَهرِيءَ اَڇوتي چُميءَ سان،
    جوان جسم جا ڪي ٿيا راز افشان،
    رهي ڪين ڪائي به محدود حد ۽،
    اسان ئي اورانگهيو مڪان لامڪان کي،
    زهر منجهه ڌوتل ڪي سونا ڪٽورا،
    فريبي ادائن ڏنا ڪي اسان کي!
    وري ڪوئي سُقراط ويو نيڻَ ٻُوٽي،
    ڪئي سنگباري زماني اسان تي!
    وري ڪن ونين جا ڀنا نيڻَ نرگس،
    سَڌن جا ڪي ساندهه ڏيئا تيل ٻاري،
    ڪيو تن اُجالو انڌيرن ۾ جاڳِي،
    ڪليون چار پنهنجي چُني ۾ ٻَڌي ڪي،
    تڪِي تِن ويچارين رڳو ڌوڙ ڌرتي،
    ڪٿان ڪوبه گوتم نه عيسيٰ وريو ڪو،
    ڪٿان نوح ٻيڙو، نه موسيٰ وريو ڪو،
    وري ڪنهن گِرهڻ ۾ ٿيو چنڊُ قابو،
    سلاسل ۾ سارا ستارا سُمهي پيا،
    وري ڏاگهه تي ڪا چڙهي آ ڏهاڳڻ،
    ستيءَ جا پَويتر، ٿيا چاڪ پردا،
    ۽ ٿاڻن تي جاڙن ڀِرنِ سان جوانيون،
    زناڪار ديدن جي گهيرن ۾ گهيريون.
    وري ڪربلا جون ڪُٺيون ڪي ڪنيزون،
    اُڏاڻيون رِدائون، ڪڪر جي نموني،
    اجهن کي اُماڙيون ڏنيون ڪنهن اچانڪ،
    لڙي شام آئي قهر جي نموني،
    وري دارَ جا ڪي، کُلي پيا جهروڪا،
    ٿيا گهوٽَ گهوڙا، رڻن جا مسافر،
    سِسين جي سِرن تي، کڻي ڪوٽ اوچا،
    ديارِ حسن جي اڏي تن عمارت،
    ڪٿي سُرخ سُرخي، ڪٿي رنگ گهرو،
    ڪٿي زلف سرڪش، ڪي وکريا هوا ۾،
    گناهن جي بارش، وُٺي ايتري جو،
    دلين جا وري داغ ڌوپيا، گهٽا ۾،
    ۽ اوڀر جي نئين ‘جُون آرڪ’ آ جاڳي،
    مُهن جي دڙي جي دراوڙ نياڻي،
    انهيءَ جي هڪل سان ويون ڪيئي لرزي،
    ڪٿي مسندون ۽ ڪٿي تخت گاهون،
    ۽ ارضِ وطن جا سمورا انڌيرا،
    مُهابي انهيءَ جي ٿيا سڀ مُنور،
    صداقت سندا ڪي سفينا سنباهي،
    ڪيو جنهن ستارن منجهان ڪو سفر آ،
    ۽ مُفلس گهرن جي، اُجهاڻيل بتين ۾،
    نڪي روشنائي، نه بُکَ جو ازالو،
    هي غربت جي دوزخ ۾ سڙيل مهانڊا،
    اگهاڙپ جنين جي، ڍڪي ڪين انبر،
    انهن جي سَترُ لاءِ ستار هوءَ آ،
    خدا جي جهان ۾ گنهگار چهرا،
    انهن لاءِ آٿتُ ۽ آڌار هوءَ آ،
    اُنهيءَ جي اورانگهيو اڙانگن تڙن کي،
    ٻُڏيءَ جي به دانهنِ سندو دادُ ٿيندو،
    لُڙهيا ونجهَه ڪشتيون، ڪنارا جي ٻيهر،
    نئون گهاٽُ ڪو، نيٺ ايجادُ ٿيندو.


    سنڌڙي تنهنجو نانءُ!

    سنڌڙي تنهنجو نانءُ!

    مان ڪيئن ميٽيان من تان!

    وچينءَ ويلي پيو لَنوي،
    ڪنڊيءَ مٿان ڪانءُ-
    سنڌڙي تنهنجو نانءُ!

    مان ڪيئن ميٽيان من تان!

    ڀونءِ ڀلاري ڀالوا،
    ٿاريليءَ ٿِرٿانءُ-
    سنڌڙي تنهنجو نانءُ!

    مان ڪيئن ميٽيان من تان،

    ٻَنِ پراوا ديسڙا،
    هِرکي تو لئه هانءُ-
    سنڌڙي تنهنجو نانءُ!


    مان ڪيئن ميٽيان من تان!


    نادان محبت آ،

    نادان محبت آ،
    اڄ رات قيامت آ.

    پٿرن جو شهر آهي،
    شيشن ۾ بغاوت آ.

    هيءَ ڌوڙ نگاهن جي،
    منزل جي مسافت آ.

    مٽيءَ ۾ خُدا ڳوليون،
    معصوم شرارت آ.

    هر وقت جي وحشت ۾،
    هن درد جي راحت آ.

    خاموشُ اڪيلائي!
    روحن جي رياضت آ.

    شهرت به حقيقت ۾،
    ڪنهن خواب جي صورت آ.

    احمد نه رهيو احمد،
    پر درد سلامت آ.


    پيار سوا ڪجهه ناهي!

    پيار سوا ڪجهه ناهي!

    دُور رهين ٿي:
    ڪُجهه نه پُڇين ٿي،
    مُنهنجي سپنن جي سندرتا!

    جيئن ڌرتي،
    بي انت سمندر،
    جهنگل ۽ بَر،
    جوڙ، جبل، جنسار سوا ڪُجهه ناهي؛

    جيئَن اُڀ اوجل،
    چنڊ ستاري،
    ڪنهن به پرندي،
    ڀوري بادل،
    سِجَ- اُڀار سوا ڪُجهه ناهي؛

    جيئَن ڪو شهرُ،
    شهر – پناهَه سوا ۽
    گهرُ ديوار سوا ڪُجهه ناهي؛

    اِئن هيءُ خالي
    اُجڙيل جيون،
    تُنهنجي پيار سوا ڪُجهه ناهي!!


    خوابَ نگر جا نقشا کُلندا،

    خوابَ نگر جا نقشا کُلندا،
    بند دريون دروازا کُلندا.

    چانديءَ اُس ۾ ڳاڙهي گُل تي،
    پوپٽُ پوپٽُ لمحا کُلندا.

    سمنڊُ اُڏامي دل ۾ لهندو،
    اکڙين منجهه ڪنارا کُلندا.

    ياد ملائم مخمل جهڙي،
    سوچ-پَڌر تي تاڪيا کُلندا.

    تنهنجي سُلجهيل وارن وانگي،
    اُلجهيل سارا لمحا کُلندا.

    هر بُکيو ڪا هَڙَ کوليندو،
    هر هَڙَ مان ڪئين فاقا کُلندا.

    رستن مان ويا رستا ملندا،
    کوڙ اڃا ٻيا رستا کُلندا.

    هر ڀيري ڪو پَتو کلندو،
    راڻيون، گولا، باشا کُلندا.

    ننڊ ۾ تون ئي رنگ ڀريندينءَ!
    بند اکين ۾ سپنا کُلندا.

    تنهنجي هڪڙي سجدي خاطر،
    ڪيئي دل جا ڪعبا کُلندا.


    سفر جي اڪيلائي

    سفر جي اڪيلائي


    ڪيئن دريءَ مان سُڃاپجي ڪنهن کان؛
    چهرو ڌنڌلو نه ڪي چِٽو آهي،
    ريل جيئن اسٽيشن وٽان گُذري؛
    دردُ جِهمپير ۾ لٿو آهي!


    هي مصور نه چنڊ چوٿينءَ جو؛
    سانجَهه جي هر لڪيرَ آ آڏي،
    ۽ لهي اُڀ کجيءَ کجيءَ تي ٿو؛
    يا رکي ٿو زمينَ تي کاڏي.


    دل مسافر رهي سفر ۾ ٿي،
    روزُ رولاڪَ جو رکي رايو!
    زندگيءَ جي ڳلي ڳلي ڳولي،
    ڪيرُ وستيءَ اندر ائين آيو!


    ڪنهن، اڪيلي اداس ماڻهوءَ کي،
    بينچَ تنها مٿي ڏٺو آهي؟
    جنهن بدن کي رکيو ڇٽيءَ هيٺان،
    روح ۾ ڪيترو ڀِنو آهي!


    سورَ جي ماپَ ڪنهن وَتِي آهي؛
    گهاوَ گهرا نه ڪنهن ڪڇيا آهن،
    زهر خاموشُ ٿو وڃي لهندو؛
    پيارَ ئي پيرَ هي ڪَکيا آهن!


    سچُ ۽ ڪوڙُ

    سچُ ۽ ڪوڙُ

    سچ سوا هيءَ دنيا ساري؛
    ڪوڙ سندي ڦاهي تي چڙهندي،
    ڪيسين پنهنجي جيون مايا؛
    ٻيلي جي ٻارڻ ۾ ٻرندي.

    سچ جي سندرتا جو سپنو؛
    ساڀيائن کان دور رهي ٿو،
    پنهنجي ڌرتيءَ سرتيءَ واتان؛
    سچ جون سُهمون روز سَهي ٿو!

    سچُ جا ڪيئي تاڃِي پيٽا؛
    ڪوڙ انڌيرا آهي اُڻندو،
    جيسين ڪوڙ نه ڦاهي چڙهندو؛
    سچ سان سينو پيو ساهيندو.

    سچ صليبن تي ٿو سنڀري؛
    ڪوڙ جي ڪُک ۾ ڪاني آهي،
    جيڪو سچ کي ٿو ساڃاهي؛
    سو ته ڳچيءَ جي ڳاني آهي.


    ڪربلا!

    ڪربلا!


    اکين ۾ ڪنهن لِکي تنهنجي، رڳو شامِ غريبان آ،
    ڳلن تي هيءَ سُرخيءَ سان، لِکي ڪنهن ڪربلا آهي.


    ڇو فقير جو ڪِشتو، اڄ ڀَريل نه خالي آ،

    ڇو فقير جو ڪِشتو، اڄ ڀَريل نه خالي آ،
    مرڪ هُن جي مُک تي ۽ اک سندس جُهڙالي آ.

    ڪجهه ڳڀا ستارن جا، چنڊ جي سَڄِي ماني،
    هُن پِني پِني سڀ کان، ڪائنات پالي آ.

    نانگ نَر وَڄائي ٿو، مُرليون نچائي ٿو،
    نانگراجَ اهڙي ڪا، ڦوڪَ ڄڻ سنڀالي آ.

    عشق جي اميريءَ کي، دل غريب ڇا ٻُڌندي؟
    خيرپور ۾ هاڻي ڪو، ميرُ آ، نه بالي آ.

    هنجَ تون تَري اچجان، واءَ سان وَري اچجان،
    اک سفيدُ گُل گُل جِي، آرزوءَ ۾ آلي آ.

    هُو لڪيءَ- هندوري ۾، گُل تَريو ڪَٽوري ۾،
    سنڌ جي سَويري ۾، لال! تنهنجي لالي آ.


    ڪير ٿو ڇيڙي رکي ايئن هر گَهڙِي،

    ڪير ٿو ڇيڙي رکي ايئن هر گَهڙِي،
    درد جي دل ۾ قديمي سِمفني؟

    ريشمي اوندهه کڙي ٿِي خواب ۾،
    آ انڌيرن سان رهي وابستگي.

    اک جي پردي ۾ چُڀي ڄڻ ڪو ڪنڊو،
    ايترو ايذاءُ بخشي روشني!

    صحن جو احساسُ پنهنجو ٿو رهي،
    ۽ فليٽن جي الڳ آ زندگي.

    ڄڻ ڪنول جي پاڙَ وانگي ٿي لهي،
    روح جي پاتال تائين عاشقي!

    موت بابت رات سوچي جيئن سُتِي،
    خواب ۾ جاڳِي ڪئي هُن خودڪُشي.

    ڏينهن جو اوڍيل غلافن ۾ رهي،
    رات جو عريانُ گهر جي مورتي.

    دوستيءَ مصروف مون کي آ رکيو،
    ڪيئن سنڀاليان آءٌ تنهنجي دشمني!


    نازل ٿيل ڇوڪريءَ جي ڪٿا!

    نازل ٿيل ڇوڪريءَ جي ڪٿا!

    دل جي حديث جهڙي؛
    هڪ ڇوڪري پڙهي مون،
    ڄڻ طور نور-ورني؛
    ڪا روشني پڙهي مون!

    هُن ساڻ هُئي خُدائي؛
    ڪهڙي خُدا کي چاهيان،
    پنهنجي جُڙيل مٽيءَ مان؛
    ڪهڙيءَ حوا کي چاهيان.

    دل آئيني جو اوجل؛
    شادابُ اولڙو هُئي،
    آواز هئي صدين جو؛
    الهام، معجزو هئي.

    هُن جي لٿي محبت؛
    دل تي نزول وانگي،
    چاهيو، چُميو مون ڪيڏو؛
    هُن کي رسول وانگي!


    مکڙي ٽِڙي پوڻ کي، فراموش ڪيئن ڪجي؟

    مکڙي ٽِڙي پوڻ کي، فراموش ڪيئن ڪجي؟
    ۽ تنهنجي گُل ٿيڻ کي، فراموش ڪيئن ڪجي؟

    تون ئي سراب خواب جو، ساگر شباب جو،
    هن جوڙَ جي جُڙڻ کي، فراموش ڪيئن ڪجي؟

    تنهنجي بدن تي آ لَٿِي، جوڀن جي رت بسنت،
    اک جي ڪَڪورجڻ کي، فراموش ڪيئن ڪجي؟

    آ عاشقيءَ عجيبُ ڏني سُرت سوچَ کي،
    هن لوڇَ ۽ لُڇڻ کي، فراموش ڪيئن ڪجي؟

    آوارا لُڙڪَ، زردُ پنن جان اکيون ڇڻيون،
    دل جي اُداسُپَڻ کي، فراموش ڪيئن ڪجي؟

    احمد نظراندازُ ڪو ڪنهن کي ڪري به پر،
    فنڪارَ جي هئڻ کي، فراموش ڪيئن ڪجي؟


    اوڀر جي آرسي

    اوڀر جي آرسي


    رات جي منحوسُ ۽ ڪاري هوا،
    شهر جي روشن ڏيئن کي؛
    ٿِي وڪوڙيندي رهي.
    ڀوڳنائن جي سفر جا پيچرا،
    پيرَ پنهنجا؛
    ڄڻ چَٽيندا ٿا رهن!
    وقت جا پاليل ڪُئا،
    ديوتائن، انبيائن،
    شاعرن، صوفين ۽ سنتن جي مٽي،
    روزُ کوٽيندا رهن ٿا،
    ۽ ٿا ڪُتريندا رهن،
    قيمتي زربفت جهڙي ديسَ جون،
    چارئي ڪنڊون!
    ڪالهه سورجَ، چنڊَ جيڪي،
    هُئا ڦُٽا اوڀر منجهان،
    اڄ انهن جي روشني ۽ چاندني ممنوع آهه،
    فڪر کي ٻئي دور جو رائج سِڪو سمجهي ڪري،
    ڄڻ عجائب گهر اندر تشهير لـئه سانڍيو ويو،
    ڄاڻ ڄڻ ڪوريئڙي جي ڄارَ ۾ ڦاٿي پئي آ،
    وقت جي اڀياس بابت،
    ڪنهن به پنهنجيءَ کوجنا کي ڪو نه ٿو ليکيو وڃي!
    شاعري،
    انمول تحفو،
    گفتگوءَ جو،
    ڪو صحيفو،
    ڌوڙ وانگي ڄڻ ته ڌرتيءَ تي لٿو،
    ڪوڙ سان ميٽيو وڃي ٿو،
    سچ جو چهرو سڄو.

    سنگ تراشي پٿرن ۾ اڄ رهي روپوشُ ٿي،
    آڱريون فنڪار جون پڻ،
    برف وانگي ويون ڄمي،
    سچ اجنتا ۽ اِلورا منجهه ڳوليندو به ڪيرُ؟
    ڪامَ جو؛ مندر جي اندر ڪيرُ ڳوليندو به پيرُ؟

    رقصُ گهايل،
    زندگيءَ جي چور دروازن اندر،
    هر نظر کان بي نيازُ،
    هر خبر کان بي خبر،

    چِترڪاريءَ منجهه ليڪيل ڪا لڪيرَ،
    ڪو تصّور سوچ جي تجريد جو،
    بُرش جي خاموش ڪنهن گفتار سان،
    فن نَقاشي جي وسيع معنيٰ اندر،
    پنهنجي خنجر سان ڪري ٿو خودڪُشي!
    ملڪ اولهه جا سڀئي،
    اوڀر تي مڇريا ٿا گهُمن،
    دشمنيءَ جي دائمي آڙاهه هيٺان،
    ڪيتريون ڌرتيون سَڙن.
    پو به دنيا جي ڌڪاڻيل،
    دُور هڪڙيءَ ڪُنڊَ ۾،
    آشتيءَ ۽ امن جو اهڃاڻ بڻجي،
    ڪالهه وانگي،
    اڄ به آهي،
    سنڌ بيٺي!
    اڄ به آهي،
    سنڌ بيٺي،
    سنڌ بيٺي!


    هن خواب جِي ڪَٺارَ ڪٿي آ،

    هن خواب جِي ڪَٺارَ ڪٿي آ،
    اي پيار! هيءَ پُڪارَ ڪٿي آ.

    هڪ زندگي تلاش ۾ گُذري،
    ٻي خواهشو! ڄمارَ ڪٿي آ.

    هر رات ريگزار لتاڙي،
    هن چنڊ کي مهارَ ڪٿي آ.

    مون موت تنهنجي ڇانوَ قبولي،
    تارونءَ مٿان ترارَ ڪٿي آ.

    بازيگريءَ کي عشق ٿو ڄاڻي،
    ڪنهن دل جي جيت هارَ ڪٿي آ.

    ڪجهه ماڪَ، لُڙڪَ رات رکي ٿي،
    پر ڏينهن کي نهارَ ڪٿي آ.

    آ زندگيءَ صليب سجايو،
    ڪا موت تي ميارَ ڪٿي آ.

    اي آسمانَ! هر ڪو ڀَري پَر،
    احمد جيان اُڏارَ ڪٿي آ.


    لهين ٿي خواب تون جڏهين!

    لهين ٿي خواب تون جڏهين!


    لهين ٿي خواب تون جڏهين!
    سمندر تنهنجي اکڙين مان، نشا ٿو ننڊ جا ٽوڙي،
    پکيئڙا غيرملڪي سڀ،
    اُڏارن ۾ ڀَري اُڀَ کي،
    سمورن جاڳ جي نيرن جزيرن ڏي،
    وڃن ٿا ڄڻ وٺي توکي!

    لهين ٿي خواب تون جڏهين!
    انڌيرن منجهه ٽانڊاڻا،
    لڪيرون روشنيءَ جون ٿي،
    سوين رستا وڇائن ٿا،
    اُجالن ۽ سُهاين جا،نوان نقشا وڇائن ٿا!
    لهين ٿي خواب تون جڏهين!
    وڃايل رات جون راهون،
    ملن ٿيون ڄڻ مسافر کي.

    لهين ٿي خواب تون جڏهين!
    وسائي چنڊُ ٿو ڪشڪول مان ڄڻ سون جو پاڻي،
    ستارا رڻ کي پارائن، مڙهي ڪي مُرڪ مالهائون،
    ڏئي ڌرتيءَ کي ڀيٽا ٿي، ڪتي آڪاس مان نِوڙي،
    اُڀا ٽيڙو کڙن منزل مٿان ڄڻ ڦول وانگي ٿا!
    لهين ٿي خواب تون جڏهين!
    سچن سپنن جي ساڀيا لئه،
    ننڊاکا نيڻ جاڳن ٿا.

    لهين ٿي خواب تون جڏهين!
    وڻن جا ڪکَ پَنَ سارا، اَڏن ٿا ڪيئي آکيرا،
    اجاڳر ٿا ٿين سڀئي، ڌنڌلڪن ۾ لڪل ديرا،
    لهين ٿي خواب تون جڏهين!
    چڙهن ٿا سج سونا ۽ لهون ٿا واٽ جا پيرا.

    لهين ٿي خواب تون جڏهين!
    اُسن ۾ ڇانوَ جا ڇاپا،
    ڇُرن ٿيون سوچ جون ڇوريون،
    رکن ٿيون ٽِڪَ ٽاڪي ۽ مڙهن ٿيون ماڳ جا موتي.
    لهين ٿي خواب تون جڏهين!
    سمورا ريشمي ڏورا،
    ڀرن ٿا ڀرت ڪشميرا!

    لهين ٿي خواب تون جڏهين!
    ندي ميرانجهڙي تنها،
    وهي ٿي ڳوٺ جي ڀرسان،
    سڙهن سان سانوڻيءَ جو ساڳيو ئي سنگ ڪو آهي،
    اُٻهرا ساهه اُلڪي ۾ رسيلو رنگ ڪو آهي،
    لهين ٿي خواب تون جڏهين!
    مٺي! محبوب موسم جو،
    اڇو تو انگ ڪو آهي!

    لهين ٿي خواب تون جڏهين!
    اُگهاڙو اڀ وڃي ڍڪجي ٿو ڪڪرن سان،
    وجهي ٿي وڄُ ونگ ونگ ۽ وسي ٿو مينهن ڇمرن مان،
    نچي ٿو مور ڇپرن تي،
    پُري ٿو واءُ پورب کان!
    لهين ٿي خواب تون جڏهين!
    انوکا رنگ انڊلٺ جا،
    الڳ آڪاس ڳولن ٿا.

    لهين ٿي خواب تون جڏهين!
    گسن کي گاهه ويڙهن ٿا،
    نهارُن ۾ لهن ٿيون ساوڪون سڀئي،
    جِهمن ٿا جُهڙ جهنگن تي ۽ ٻُرن ٿا ٻول ٻيلن ۾،
    جهونگارن گيت ٿيون جهرڪيون.

    لهين ٿي خواب تون جڏهين!
    هوا کان پير ساهڻ ٿا وڃن وسري،
    لُڇي ٿي ڪوڪ تي ڪوئل،
    ڊڄي ٿو شور کان جهرڻو،
    لهين ٿي خواب تون جڏهين!
    ڏسي ڪو عڪس پاڻيءَ ۾،
    وڃن شرمائجي ڪرڻا ٿا سانجهيءَ جو!

    لهين ٿي خواب تون جڏهين!
    اجايون ٿيون لڳن لوليون،
    ننڊن جا وهڪرا وترا، نماڻا نيڻ پيا روليون،
    لهين ٿي خواب تون جڏهين!
    اسان ٿا ننڊ کي ڳوليون!

    لهين ٿي خواب تون جڏهين!
    مٽي ٿي مُشڪ سان مهڪي،
    پوي ٿي ماڪ مُکڙين تي،
    ڀنيءَ جو ڀنؤر ۽ پوپٽ،
    ڳلين ۾ بند خوشبوءَ جا سمورا دُ ئار کولن ٿا،
    سڀئي جوڙون، سڀئي جنسار کولن ٿا.
    لهين ٿي خواب تون جڏهين!
    چنبيلي، موتيا، مُگرا:
    ڏکڻ جي هير سان ٻکجي،
    گُلن جي ڳنڍ ۾ ويڙهيل سڄي مهڪار کولن ٿا،
    لهين ٿي خواب تون جڏهين!
    پرهه پوشاڪ پهري، صبح جي ٿي راهه تي نڪري،
    ڀنڀرڪي هير ٿڌڙيءَ سان، ڀِڄائي ماڪ ٿي پوتي،
    پريان ٿو رنگ گيڙوءَ سان، اچي سينگارجي سورج،
    سموري جاڳ ڀاڪر ۾ ڀَري ٿي باک جي ديوي،
    لهين ٿي خواب تون جڏهين!
    وهائو ڄڻ ٻُڙو اُجرو،
    لڳي درويش صوفيءَ جي مُنڊيءَ جو ٿو.

    لهين ٿي خواب تون جڏهين!
    ڪنول جي بند ڪلين ۾، ٽڙڻ جو موهه ٿو جاڳي،
    سُنهرو سج ٿو سورج مکيءَ کي زندگي ارپي،
    سويرا صبح جا گڏجي، اُڻن ٿا نُور جا ڌاڳا،
    زمينن تي وڃن ٿا ڦهلجي پاڇا،
    لهين ٿي خواب تون جڏهين!
    وڌائن قد پنهنجو ٿا، سمورا باغ جا ٻُوٽا!

    لهين ٿي خواب تون جڏهين!
    رکي ٿي اپسرا ڪائي ڦٽن تي مُرڪ جو مرهم،
    پَڌر تي پير اوجل ۾، رهي ٿي ڇير جي ڇم ڇم،
    وڍن ٿيون راڳ ۽ ويراڳ جون وايون،
    ٻُري ٿو سانت ۾ ڄڻ ڪو، سُريلي ساز جو سرگُم،
    لهين ٿي خواب تون جڏهين!
    اڪيلي وڻ جي ڇايا ۾، وٺي نِرواڻ ٿو گوتم!


    هيءُ مسافر ڪير؟

    هيءُ مسافر ڪير؟

    تو ڏي اچرج مان تَڪي.


    گُلان! تنهنجي چانئٺ تي،
    پُڳو ڪنهن جو پير-
    هيءُ مسافر ڪير؟

    روئي ڪنهن آ من تان،
    مهٽي لاٿو مير-
    هيءُ مسافر ڪير؟

    اڄُ به نادر شاهه سان،
    جهيڙي مڙس مٿير-
    هيءُ مسافر ڪير؟
    توڏي اچرج مان تَڪي.


    ڪڏهن بهتان ڳولن ٿا، ڪڏهن بدنام ڳولن ٿا،

    ڪڏهن بهتان ڳولن ٿا، ڪڏهن بدنام ڳولن ٿا،
    وري هُو ابنِ مريم لئه، نئون الزام ڳولن ٿا.

    پني ۾ پيارَ مون پوکي، ڏنو احساس جو پاڻي،
    نوان اظهار پنهنجي لئه، نئون الهامُ ڳولن ٿا.

    جڏهن ڪا بوند بادل جي، پکيءَ جي چهنب تي پُهتي،
    پياسي رڻ مٿان اُڏري، وَلرَ وسرامُ ڳولن ٿا.

    ڪٿي بيت الحرم آڏو، ڪٿي ڪنهن مورتيءَ سامهون،
    سموري شهر جا مُورکَ، خدا ۽ رام ڳولن ٿا.

    ڪتين سان، چنڊَ سان تارا، پيا آڪاسَ ۾ جاڳن،
    سٻاجها، نيڻ احمد جا، ڪٿي آرام ڳولن ٿا!


    مُنهنجي اکڙين آبُ اٿيئي،

    مُنهنجي اکڙين آبُ اٿيئي،
    هر ڳوڙهو نايابُ اٿيئي.

    هُو سانجهيءَ جي پيالي ۾ ڏِسُ!
    لهندڙ سج، شرابُ اٿيئي.

    تنهنجي هوڏ پکيءَ جهڙي آ،
    هر ڪا جهڙپَ عقابُ اٿيئي.

    اڙل وَڇيرِي رات، انهيءَ جو،
    پيلو چنڊُ رڪابُ اٿيئي.

    ڍنڍَ سُفيد پکين سان ڇانيل،
    ڪنهن شاعر جو خوابُ اٿيئي.


    لادينُ

    لادينُ


    لادينُ دل به آهي!

    فنڪار جو به جوهر،
    تخليق ڇا ڪري ٿو.
    پٿر جا بت تراشي،
    ڌڙڪن عطا ڪري ٿو.
    آذر جو ڏوههُ ناهي،


    لادينُ دل به آهي!


    بازار منجهه وڪڻون،
    ٿا خود کي اگهه سستي.
    ڪنهن کان پُڇون پتو ٿا،
    ڪهڙي وڃون ٿا رستي،
    هن قافلي کي ڪاهي.

    لادينُ دل به آهي!



    پنهنجي مٽيءَ جو آهيان،
    پنهنجي مٽيءَ جو ٿيندس.
    ڪعبا ڇڏي، شوالا،
    پنهنجي گهٽيءَ جو ٿيندس.
    ڪو آسمان لاهي.

    لادينُ دل به آهي!


    منصب نشين ڳولي،
    منصور لاءِ سولِي.
    منصف کان ڪير گهُرندو،
    فرياد جي وصوليِ.
    هُو ٿو دليل چاهي.

    لادينُ دل به آهي!


    تون ٿي چوين ته تنهنجا،
    ڪجهه حاشيا به آهن.
    ٽٻڪا، سوين صحيفا،
    لک قافيا به آهن.
    رک ٺاهُه ڀل تون ٺاهي.


    لادينُ دل به آهي!

    ڌرتي آڪاش جيڏا،
    اُن کان وڏا ستارا.
    ڪي پنڌ اڻ ڏٺل ۽،
    سهسين گِرههَ، سَيارا،
    پر، پَر ڪو ڪاٿي ساهي.

    لادينُ دل به آهي!


    تضاد!

    تضاد!


    مون هُن ڏي رابيل اُماڻيا،
    تحفي ۾ تلوارون آيون.


    هيءَ ندي ريت سان وهائين ٿو،

    هيءَ ندي ريت سان وهائين ٿو،
    نانگُ ڦڻ کان سوا نچائين ٿو.

    سجَ، ڪتيون، چنڊَ ۽ قُطبَ کائي،
    اک آڪاس سان ملائين ٿو.

    وڻ کجيءَ جا ٻه ٽي بچا آهن؛
    تون ته ٻيلو چئي ٻُڌائين ٿو.

    تو نه گوني ڏٺي نه پيڃاري؛
    لاڙَ سان ڪيئن لنؤ لڳائين ٿو.

    مان محبت جو آهيان ٻُوٽو؛
    ۽ بيابان ۾ لڳائين ٿو.

    زندگي موت جي ضمانت آ،
    موت کان پاڻ کي بچائين ٿو.

    پنهنجي تاريخ تان نه هٿ کڻندس،
    لاءِ جيڪو به زور لائين ٿو.


    سيوهڻ مٿان چنڊ

    سيوهڻ مٿان چنڊ



    تاريخ ۾ هر پل کُلي سيوهڻ جي گهِٽي ٿي،
    پکراج ۽ زرقونَ جيان رنگَ چِٽي ٿي،
    محڪوم جي هر ٻانهن جي ٻَل ساڻ ٻِٽي ٿي،
    ارغون، مغل لئه ٿئي هيءَ تنگ مِٽي ٿي،
    اڄ واجهه وجِهي وقت ڏي، سيوهڻ ٿي ڏسي سنڌ.

    هر روز چُمي سجُ لڪي شاهه صدر کي،
    ٿو رنگُ ڏئي لال قلندر جي پَڌر کي،
    ڪيڏو نه مليو شرف آ، حيدر جي پِسر کي،
    سجدو ٿو ڪري چنڊ به سيوهڻ جي شهر کي،
    اڄ واجهه وجِهي وقت ڏي، سيوهڻ ٿي ڏسي سنڌ.

    هي شهر آ شهباز جي ڪشڪولَ جو موتي،
    درويش جي دستار، قبا، جهولَ جو موتي،
    محبوب جي پازيب ۽ رمجهولَ جو موتي،
    هي شهر قلندر جي سچي قولَ جو موتي،
    اڄ واجهه وجِهي وقت ڏي، سيوهڻ ٿي ڏسي سنڌ.

    هن شهر سدا وقت جي آ واڳ کي موڙيو،
    هن شهر ڀليءَ ڀونءِ سندي ڀاڳ کي موڙيو،
    هن شهر ڪڏهن ننڊ، ڪڏهن جاڳ کي موڙيو،
    هن شهر ڪڏهن پنڌَ، ڪڏهن ماڳ کي موڙيو،
    اڄ واجهه وجِهي وقت ڏي، سيوهڻ ٿي ڏسي سنڌ.

    هر دؤر ۾ فاتح ڪيو اتهاسَ کي زخمي،
    هر سوار جي تلوار هتي رت ۾ وهنتِي،
    هر رات جو سيوهڻ تي رُنو چنڊ ٿي سُڏڪِي،
    هر وارِ ٿي پر هار سڪندر جي ستم جِي،
    اڄ واجهه وجِهي وقت ڏي، سيوهڻ ٿي ڏسي سنڌ.

    هن شهر سدا آهِه کنئي لالَ جي ميندي،
    مروند جي محبوب ۽ لڄپالَ جي ميندي،
    زهره جي جگر بند عليءَ آلَ جي ميندي،
    سيوهڻ آ بڻيو سنڌ جي مشعالَ جي ميندي،
    اڄ واجهه وجِهي وقت ڏي، سيوهڻ ٿي ڏسي سنڌ.

    سيوهڻ کان ڀلا ڪيرُ رهي دور قلندر!
    ڪيئن جيءُ جدائيءَ جو سَهي سور قلندر!
    جنهن نيلُ منجهان تنهنجو ڏٺو نور قلندر!
    تنهن ڄڻ ته اکين ساڻ پَسيو طور قلندر!
    اڄ واجهه وجِهي وقت ڏي، سيوهڻ ٿي ڏسي سنڌ.

    ٿي ڀير وڄي، پيرَ نچن تنهنجي اڱڻ تي،
    ٿا رنگَ رقاصا جا رَچن تنهنجي اڱڻ تي،
    عوشاق سوين روز اچن تنهنجي اڱڻ تي،
    نانگا ٿا نچن، مچ مچن، تنهنجي اڱڻ تي،
    اڄ واجهه وجِهي وقت ڏي، سيوهڻ ٿي ڏسي سنڌ.

    تنهنجي ئي ٿا پاڇن ۾ رهن اُڀ، بحر، بَر!
    تنهنجي ئي ڪفِ پا کي، چُمن چنڊ اي دلبر!
    ٿي گودڙيءَ ۾ تنهنجي رهي سنڌ قلندر!
    او ڌاڃَ ڌڻي، پيٽَ بُکئي ديسَ جا پرور!
    اڄُ واجهه وجِهي وقت ڏي، سيوهڻ ٿي ڏسي سنڌ.

    اڄ ڀي ٿو کپي سنڌ کي ڪو لال، اي سيوهڻ!
    ڪو گهوٽ بلاول، نئون ابدال، اي سيوهڻ!
    دولهه ڪو ٿئي ديس جو رکوال، اي سيوهڻ!
    ٽلٽيءَ جي ٻَڌي ڪنٺ ۾ ڪٺمال، اي سيوهڻ!
    اڄ واجهه وجِهي وقت ڏي، سيوهڻ ٿي ڏسي سنڌ.


    احمد سولنگي: شخص کان شاعر تائين

    احمد سولنگي: شخص کان شاعر تائين

    شخص
    ضلعو نوشهرو فيروز ساهتي پرڳڻي جو مُکُ شهر رهيو آهي، جنهن ساهت (ادب) ۾ نهايت اهم نالا پيدا ڪيا آهن . ادب جي الڳ الڳ پهلوئن جو اڀياس ڪرڻ سان اها ڳالهه سج جيان روشن ٿي پوندي ته هن پرڳڻي ،سنڌ جي ادبي تاريخ کي پنهنجي حصي کان گهڻو گهڻو وڌيڪ ادب ڏنو آهي .احمد سولنگي اڄ جي نئين شعري ادب ۾ هن ساهتي پرڳڻي جي اهڙي سڃاڻ آهي ،جنهن تي هيءُ پرڳڻو هڪ ڀيرو وڌيڪ فخر جو سبب بڻبو.
    ساهتي پرڳڻي جو ۽ ضلعي نوشهري فيروز جو هڪ اهم تعلقو مورو آهي. هي تعلقو جاگرافيائي لحاظ کان سنڌ جي دل ڪري ليکيو ويندو آهي، سنڌ جي وچ وارو هي شهر جيڪو پڻ ادب جي تاريخ ۾ صدين جو ڊگهو سفر ڪري چڪو آهي ۽ جيڪو ايندڙ صدين تائين پنهنجي ادبي سفر جا نشان تاريخ جي صفحن تي ظاهر ڪري بيهندو.
    ان شهر جي هڪ خاموش ڪنڊ ۾ رهندڙ هڪ نيڪ سيرت ۽ حسين صورت واري شخص رسول بخش سولنگيءَ جي گهر ۾ جيڪو ٽيون ٻار پيدا ٿيو, ان جو نالو نقشبندي سلسلي جي حضرت الحاج الله بخش، الله آبادي، غفاري، المعروف سهڻا سائين جن جي هدايت، موجب احمد حسين رکيو ويو. هي نالو اسلام جي عظيم رهبر جي نسبت سان جڙيل آهي جنهن ڪري مسلمان گهراڻن ۾ احترام طور رکيو ويندو آهي. ائين سنڌي ماڻهون به هي نالو احترام سان پنهنجي اولاد تي رکندا آهن. احمد جا ٻه وڏا ڀائر اڳ پنهنجي ننڍ پڻ ۾ ئي هن فاني جهان منجهان موڪلائي چڪا هئا. هن صدي جي سنڌي ٻولي جي بيمثال نوجوان شاعر احمد سولنگيءَ پنجين جنوري 1971ع تي جنم ورتو، جنهن کان پوءِ سندس امڙ چئين نياڻين ۽ هڪ پٽ کي جنم ڏنو ائين احمد سولنگي چئين ڀينرن ۽ هڪ ڀاءُ جو وارث بڻيو. اڳتي هلي اهي سمورا وارثيءَ وارا فرض هن نڀايا، جيڪي سندس والد نڀائڻ کان اڳ ۾ ئي جواني ۾ وفات ڪري وڃڻ سبب سندس ڪلهن تي رکي ويو هئو. اڳتي هلي احمد نالي وارو نينگر سنڌي ٻوليءَ جو هڪ بيمثال شاعر ٿيندو، اهو ڪنهن جي وهم گمان ۾ به نه هوندو، ڇاڪاڻ ته ان خاندان ۾ نه ئي ڪو اڳ شاعر، اديب پيدا ٿيو هئو ۽ نه ئي ان خاندان جون معروضي حالتون اهڙيون هيون، جنهن طرف اڳتي هلي احمد نالي ان نينگر کي وڃڻو هئو، اڄ محسوس ٿي رهيو آهي ته پنجين جنوري نئين سنڌي شاعريءَ لاءِ سڀاڳ جو ڏينهن آهي.
    احمد سولنگيءَ پرائمري تعليم1979ع ۾ مين پرائمري اسڪول موري ۾ حاصل ڪئي .ميئٽرڪ تائين تعليم هاءِ اسڪول موري ۾ پڙهيو ، هن 1985ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي ۽ انٽر مهراڻ ڪالج موري مان 1987ع ۾ پاس ڪئي بي،اي شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان 1992ع ۾ پاس ڪئي. نوجواني ڏانهن سفر ڪندڙ احمد سولنگيءَ جي والد گذر ڪري وڃڻ کان پوءِ کيس پالڻ، نپائڻ ۽ پڙهائڻ جو ذمو سندس ڏاڏي محمد سومر سولنگي تي آيو ۽ سندس تربيت سندس امڙ جي ذميواري بڻي جنهن سندس اهڙي تربيت ڪئي جو اڄ کيس فخر ٿيندو آهي ته سندس اوجاڳا اگهاميا آهن. ڏٺو وڃي ته احمد سولنگي اڄ جيڪي به ڪجهه آهي اهو پنهنجي ڏاڏي جي پورهيي جي پالنا ۽ ان امڙ جي تربيت ۽ اڻ ڳڻين دعائن جو ثمر آهي .ٻيءَ طرح سندس طبيعت تي پنهنجي والد کان وڌيڪ پنهنجي ڏاڏي جي مزاج جو اثر آهي.
    احمد جنهن گهر ۾ جنم ورتو اهو هڪ نيڪ پورهيت جو گهر هئو، جنهن ڪري ڏکن ۽ تڪليفن جو مکاميلو احمد سان ننڍپڻ ۾ ئي ٿيو، جنهن سبب پورهيت دوستي ، انسان دوستي ۽ وطن دوستي سندس رت ۾ شامل آهي ۽ شعوري طور هو جن حالتن مان سفر ڪري آيو آهي ، انهن حالتن جو اولڙو هن جي شخصيت جي الڳ الڳ حصن ۾ گهر ڪري ويٺل آهي، هُو سيرت ۾ پنهنجي امڙ جهڙو، صورت ۾ پنهنجي پيءُ جهڙو آهي ۽ مزاج ۾ گهڻي حدتائين پنهنجي ڏاڏي جهڙو آهي. هن جي خاندان ۾ ڪي لکيل پڙهيل شخص ته ضرور آهن پر ڪابه علمي ۽ ادبي شخصيت هن جي خاندان ۾ نه رهي آهي، جنهن ڪري اهو چوڻ مناسب ٿيندو ته سنڌي ادب ۾ اڳتي هلي جيڪا سندس خاندان جي تاريخ جڙڻ واري آهي، ان جي شروعات سندس نالي سان ٿيڻي آهي. سندس ننڍپڻ جي شخصي دوستن ۾ ٻيا به ڪيترائي شخص هوندا پر هڪ شخص نهايت اهم آهي جنهن جو نالو غلام نبي جويو آهي، جنهن کي گهر وارا ۽ احمد ”گڏو“ سڏيندا آهن. احمد جي پسند جي شهرن ۾ سڀ کان اوليت حيدرآباد شهر رکي ٿو، جيڪو هن جي ماسيءَ جو شهر به آهي ۽ محبوبا جو شهر به آهي، هن جي خوابن جو شهر به آهي ته هن جي ٻارڙن جو شهر به آهي، جتي ئي هو اڄ ڪلهه پنهنجي بي سڪون روح ساڻ، هڪ پُرسڪون گهر ۾ رهائش پزير آهي . هن زندگيءَ ۾ ڪيترائي عشق ڪيا آهن پر سندس شخصي زندگيءَ ۾ ٻه عشق مٿانهون درجو رکن ٿا، ٻاراڻي عمر ۾ ڪبوترن سان عشق ۽ وڏيءَ عمر ۾ ڪتابن سان عشق سندس اهم سڃاڻپ طور ياد رکيا ويندا. هو پنهنجي سخت طبيعت رکندي به پنهنجي لباس جي حوالي نهايت نفيس شخص رهيو آهي. اڄ جڏهن هو پنهنجي خوشحال زندگي گذاري رهيو آهي ، تڏهن سندس ان خوش لباسيءَ ۾ وڌيڪ اضافو آيو آهي، خوبصورت ڪپڙا ۽ بوٽ هُن جي ڪمزورين واري لسٽ ۾ شامل آهن .
    احمد سولنگيءَ بي اي ڪرڻ کان اڳ ۽ پوءِ اخبارن توڙي ٻين ادارن ۾ نوڪريون ڪيون پر کيس مناسب نوڪري سنڌ جي اڳوڻي وزيراعليٰ سيد عبدالله شاهه مرحوم ڏني، جنهن کيس 1994ع ۾ وزيراعليٰ هائوس ۾ پروٽوڪول آفيسر ڪري رکيو. هي نوڪري سندس زندگيءَ جو اهم موڙ ثابت ٿي، جنهن کيس شديد اداسائي جي ڪيفيت کان ۽ خودڪشيءَ جي رومانس کان ٻاهر آندو ، سيد صاحب جي حڪومت وڃڻ کان پوءِ، نئين ايندڙ وزير اعليٰ 1996ع ۾ هن کي نوڪري کان فارغ ڪيو ۽ ائين هڪ ڊگهو عرصو وري هُو نوڪريءَ کان الڳ رهيو ، پر پنهنجي شاعري کان هڪ پل به پري نه ٿيو.
    انهيءَ وقت ۾ پاڪستان جو اڳوڻو صدر مملڪت آصف علي زرداري جڏهن جيل ۾ هئو ته ان اڪائونٽ بلٽي ڪورٽ راولپنڊي ءَ ۾ پنهنجي مشهور وڪيل بابر اعواڻ معرفت هڪ پٽيشن داخل ڪئي جنهن ۾ هن گُهر ڪئي ته مون کي جيل اندر هڪ استاد ڏنو وڃي ۽ ائين احمد سولنگيءَ کي ڪورٽ پاران آصف علي زرداريءَ جو جيل اندر استاد مقرر ڪيو ويو ۽ اُهو سمورو دور احمد سولنگي آصف علي زرداريءَ جي اسيريءَ، آزاديءَ ۽ پاڪستان جي صدارت جي قسم کڻڻ تائين ساڻس گڏ رهيو. هن 11آڪٽوبر 1996ع تي سنڌ جي نامياري ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس ماهتاب محبوب جي ٻيو نمبر نياڻي زمر سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس ٽن نياڻين جو اولاد ٿيو ،(1)مشعال حسين 23آڪٽوبر 1997ع ،(2) نظم حسين 13نومبر 2000ع ۽ (3) رمل حسين 14مارچ 2002 ۾ جنم ورتو . قدرت جا ۽ وقت جا فيصلا پنهنجا ٿين ٿا جيڪي انسان جي پهچ کان گهڻو گهڻو ڏور آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن سمجهه ۾ نه ايندڙ پڻ هوندا آهن ائين ئي اڳتي هلي اهو رشتو ٽٽڻ لڳو ۽ آخر ٽٽي ئي ويو.سندس زندگيءَ ۾ هي حادثو اهڙو هو، جنهن سندس روح کي بنهه رهڙي ڇڏيو. هن حادثي جي پيڙا کي هُن ڪئين ڀوڳيو، اهو فقط هن جا ڪجهه شخصي دوست ئي ڄاڻن ٿا ۽ ان پيڙا کي هن پنهنجي شاعري ۾ ڪئين اظهاريو آهي، اهو سندس شاعري پڙهندڙ ئي ڄاڻي سگهندا . اڳتي هلي هن شهناز نالي خاتون سان 20نومبر 2005ع تي شادي ڪئي، جنهن کيس ٽن پٽن جو اولاد ۽ هڪ خوبصورت نصيب بخشيو ، جيڪو اڄ تائين ساڻس ساڻ آهي. سندس ٽن پٽن (1) چيزل حسين 30 آگسٽ 2006ع، (2) ساحل حسين 26سيپٽمبر 2008ع ۽ (3) نازل حسين 31 آڪٽوبر 2011 ع تي جنم ورتو .
    ڊگهي عرصي کان پوءِ 2008ع ۾ آيل پيپلز پارٽي جي سرڪار کيس ٻيهر نوڪري تي بحال ڪيو ۽ گذريل سرڪار پاران ساڻس ٿيل ناانصافي جو ازالو ڪندي ، کيس هڪ گريڊ جي پروموشن سان گڏ ، سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ڊپٽي سيڪريٽريءَ جي پد تي ويهاريو ، جتان هو ، ڊائريڪٽر ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن حيدرآباد، لاڙڪاڻُو ۽ سکر ڊويزن جي عهدن تي رهي ، اڄ ڪلهه وري پنهنجي اصل پوسٽ تي ڪم ڪري رهيو آهي .
    احمد سولنگيءَ جي شخصي زندگيءَ ۾ جيڪي به حادثا، اتفاق، پريشانيون ۽ خوشحاليون آيون آهن، انهن سڀني کي هو پنهنجي خوشگوار مزاج ۽ بردباريءَ سان منهن ڏيندو رهيو آهي ۽ هاڻ زندگيءَ جي ڪڙن ۽ مٺن تجربن مان هن اهو سکي ورتو آهي ته ،سج ٻه پاسا آهي. ان جو هڪ پاسو اڀرڻ وارو آهي ۽ ٻيو پاسو اُلهڻ وارو آهي.
    هو اڄ پنهنجي شخصي زندگيءَ مان ڪيترو خوش آهي ۽ ڪيترو نا خوش آهي، اُهو عام آڏو ظاهر ڪرڻ اجايو سمجهي ٿو. جنهن به شخص ۾ اهڙي طرح جيئڻ جو حوصلو آهي، اهو اڄ جو ڪامياب ترين شخص آهي ، شايد احمد سولنگي به انهن ڪامياب سمجهو ويندڙ شخصن جي لسٽ ۾ شامل آهي.
    پنهنجي امڙ جي آسيس وٺڻ کان سواءِ ڪوبه ڪم نه ڪندڙ احمد سولنگي ، ان جي دعائن جي ڇانو ۾ ئي پاڻ کي گهڻي ۾ گهڻو محفوظ سمجهندو آهي . اڻ ڳڻين تضادن وارو مزاج رکندڙ سنڌي ٻوليءَ جو هي حسين شاعر ۽ شخص ڏينهن ۾ ٽي وڳا به مٽائيندو آهي ته هڪ ئي وڳي ۾ اسلام آباد، لاهور ۽ حيدر آباد جو هفتي جو سفر به ڪري سگهندو آهي .اڄ ڪلهه جهاز ۾ سفر ڪندڙ هي شخص دوستن يارن سان گڏ ميلن جا ميل پنڌ ڪري گهمڻ وارو مزاج به رکندو آهي .حاصل ڪيل آسائشن کي ماڻيندڙ هي شخص دل وارن دوستن سان زمين تي ٿڏو وڇائي، مٿي هيٺان ٻانهن ڏئي راتيون به گذاري سگهندو آهي . قصرِ شاهي جي مصنوعي ماحول کان بيزار ٿي پنهنجي دل وارن ۽ پراڻن دوستن سان ملڻ لاءِ ڪنهن به تڪلف کان ڪم نه وٺندو آهي . ڪيترن ئي موقعن تي دوستن کان ڪيتريون ئي صلاحون وٺندڙ هي شخص فقط پنهنجي عقل سان ئي ڪو فيصلو يا ڪم ڪار ڪندو آهي جنهن سندس ٻيڙو ڪڏهن تاريو آهي ته ڪڏهن ٻيڙو ٻوڙيو به آهي. پر هيءَ سدائين ساڳيو رهيو آهي.
    بيورو ڪريٽ جو ڏيکاءُ ڏيندڙ هيءُ شخص پنهنجي مزاج ۾ بنهه ان جي ابتڙ آهي . مذهبِ اسلام ۾ اعتقاف اندر فقط هفتو ڏهه ڏينهن ويهڻو پوندو آهي ، پر هن جي ويجهن دوستن کي سُڌِ آهي ته هيءُ ڪن حالتن ۾، ڇهه ڇهه مهينا به پنهنجي اندر جي آڏو اعتقاف ۾ ويٺل هوندو آهي ۽ دوست سندس منهن ڏسڻ لاءِ سڪندا آهن. اهڙي صورت حال ۾ هر دوست الڳ انومان ڪڍي تبصرو ڪندو آهي . هي شخص جنهن سان ملڻ چاهي ، ان سان ڪهڙي به وقت ملي سگهندو آهي ، جنهن سان ملڻ نه چاهيندو آهي ، ان سان سالن پڄاڻان به نه ملندو آهي ۽ جيڪڏهن اتفاق سان ان سان ملي ويندو آهي ته ان جون سڀ شڪايتون دور ٿي وينديون آهن ۽ وري سالن تائين اهو شخص کيس ڏسڻ لاءِ سِڪندو آهي. هيءُ اهو شخص آهي جنهن جو روح سدائين بي چين رهندو آهي ، اهو ڪنهن به هنڌ ٽڪاءُ نه ڪري سگهندو آهي. ڪنهن به ماحول ۾ هيءُ ڊگهو وقت گذاري نه سگهندو آهي . سندس مزاج ۾ مستقل رهندڙ اهي تضاد فقط سندس ڪي شخصي ۽ ويجها دوست ئي ڄاڻن ٿا.
    هڪ دوست جي ناتي دعا آهي ته هو سٺي صحت سان گڏ وڏي ڄمار ماڻي پر قدرت جي اٽل قانون موجب هر شخص کي قبر ۾ وڃڻو آهي ، هيءُ بندو (راقم الحروف) پريشان آهي ته ڇهن فٽن جي سوڙهي قبر ۾ سنڌ جو هي شاعر گذارو ڪئين ڪندو ، ڇو ته اتي ڊگهو عرصو رهڻ به هن جي بي چين روح جي ابتڙ ٿي پوندو .
    هر شخص جي اندر ۾ ڪيئي ڪائناتون موجود هونديو آهن ، ڪيئي مفاهمتون ۽ ڪيئي مخالفتون موجود آهن ۽ انسان انهن سڀني جو گڏيل مجموعو آهي پر ماڻهون سڀ کان پهرين ماڻهون آهي ۽ پوءِ ٻيو ڪجهه ، ان ڪري ان لاءِ ماڻهپي جو هجڻ پهريون شرط آهي جيڪو ئي ان جي اولين ۽ آخرين سڃاڻپ آهي.

    شاعر
    سنڌي ٻوليءَ جي هن نوجوان شاعر احمد سولنگيءَ جڏهن شعور جي اک کولي ته هن ملڪ تي بد ترين مارشل لا لڳل هئي. سڄي ملڪ سان گڏ سنڌ ان فوجي راڄ ۾ جلي رهي هئي، چئني پاسي جلسا، جلوس ،گولين جا آواز ۽ فوجي لانگ بوٽن جي ٺڪ ٺڪ موجود هئي. اهڙي گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول سندس ذهن تي جيڪي پهريان اثر وڌا، اهي اڄ تائين سندس شاعريءَ ۾ موجود آهن. سندس شاعراڻي سفر ايڪيهين صديءَ جي ٻئي ڏهاڪي ۾ داخل ٿيندي جيڪو پنهنجو چهرو ظاهر ڪيو آهي يا سڃاڻپ ڏني آهي ،اها هڪ گهڻ رُخي يا گهڻ پاسائين شاعر واري آهي. پر اهو چوڻ مناسب آهي ته سندس اصلي ۽ پهرئين سڃاڻپ هڪ نج شاعر واري آهي. ان سچ کي سنڌي ادب جي تاريخ پاڻ وٽ سدائين لاءِ سانڍي رکندي.
    نئين صديءَ جي ٻئي ڏهاڪي ۾ احمد سولنگيءَ جي شاعريءَ کي جنهن تخليقي ۽ تنقيدي اڀياس جي گُهرج آهي، اهڙو اڀياسي/ نقاد شايد سنڌ کي اڳتي هلي پيدا ڪرڻو آهي پر هڪ اهم تخليقي شاعر جي حوالي ۾ احمد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو اڀياس هن صدي جي اهم گهرج بڻبواهڙي پڪ آهي. کيس بابت هي لکڻ ان اڀياس جي لکندڙن لاءِ پهرين ڪڙي ثابت ٿيندي ۽ پڙهندڙن/لکندڙن لاءِ اڳتي هلي هڪ بنياد فراهم ڪندي، ايڪيهين صدي جي هڪ ننڍي عمر واري وڏي شاعر جي اڀياس لکڻ لاءِ.
    احمد سولنگيءَ جو مزاحمتي مزاج ، سنڌ جون ٻرندڙ حالتون ، قومي ڦرلٽ، طبقاتي ويڇا، انساني حقن جي لتاڙ ۽ جمهوري قدرن جي پائيمالي ،اهي سڀ اهڙا موضوع آهن جيڪي احمد جي ذهني ارتقا وارن شرعاتي ڏينهن ۾ سندس آس پاس موجود هئا ، سندس ذهني ارتقا انهن ڳنڀير حالتن ۾ ٿي آهي ۽ ڪنهن به حساس ۽ غير رواجي ليکڪ توڻي شخص جو انهن حالتن جو اثر قبولڻ فطري ڳالهه هئي . احمد تي به اهي اثر ڇتي نموني پيا جنهن جي ردِ عمل ۾هن پنهنجو پهريون شعر رچيو جيڪو هڪ مزاحمتي نظم هئو. غالبن اهو اسي جي ڏهاڪي جو ڇهون سال هئو ، سندس اهو شاعراڻو سفر اڄ تائين جاري آهي.
    هن جي سموري شاعراڻي سفر جي باريڪين کي سموهڻ شايد ڊيگهه جو سبب بڻجي پر ڪي حقيقتون ۽ واقعا اهڙا آهن، جن جو ذڪر ڪرڻ کان سواءِ شايد هن جي شاعراڻي سفر جو احوال اڻ پورو رهجي وڃي.
    1983ع ۾ ملڪ اندر عام طور ۽ سنڌ اندر خاص طور جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ هلايل تحريڪ پهريون محرڪ هو جيڪو احمد سولنگيءَ جي شاعري لاءِ اهم ڳڻي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن ان تحريڪ جي اثر هيٺ ئي شاعري جي شروعات ڪئي . ٻاراڻي عمر کان نوجواني ڏانهن ايندي، هن جيڪي شروعاتي شعر لکيا، اهي ان وقت موري شهر ۾ رهندڙ سنڌي ٻولي جي نامياري شاعر سائين راشد مورائي ءَ کان اصلاح وٺڻ لاءِ ڏيکاريل آهن . دراصل هي اهووقت هوجڏهن احمد جي شاعريءَ جي شروعات هئي ۽ جئين ته شروعات ۾ هر نئون شاعر پنهنجي ڪنهن /ڪن سينيئر شاعر/شاعرن کان متاثر ٿيندو آهي تيئن احمد به ان وقت سائين راشد مورائي ،عبدالحڪيم ارشد، مير محمد پيرزادي، خاڪي جويي ، تاج جويي ، مشتاق باگاڻي۽ ٻين شاعرن کان متاثر هو.
    اڳتي هلي هن جي دل ۾ استاد بخاريءَ، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ. شمشير الحيدريءَ، نياز همايونيءَ ۽ امدا حسينيءَ جڳهه والاري ۽ جڏهن هن پنهنجي شعوري عمر ۾ شيخ اياز کي پڙهيو ته هو ان جوئي ٿي ويو. سندس شاعريءَ جو ٻيو دور اهو آهي، جڏهن هو پاڻ کان ٿورو سينيئر شاعرن ، حليم باغي، نماڻي سنڌي ، گدا خاصخيلي ۽ ڪجهه ٻين جي اثر هيٺ رهڻ لڳو. اسيءَ وارو سمورو ڏهاڪو سندس شعوري طور واڌ ويجهه وارو عرصو آهي، پر ان وقت به سندس باري ۾ اها ڳالهه آخري آهي ته هن جڏهن اياز کي پڙهڻ شروع ڪيو ته اهو سندس آخري ڏاڪو هو.
    ها! ياد ٿو اچيم پهريون ڀيرو اڻويهه سو ستاسي ۾ شيخ اياز احمد سولنگيءَ جا نظم ٻُڌي چيو هو ته، ”احمد منهنجو تسلسل آهي.“ اهو سچ آهي احمد اياز جو تسلسل آهي. اهڙو تسلسل جهڙو اياز ڀٽائيءَ جو آهي، ڀٽائي ميون شاهه عنايت جو آهي، شاهه عنايت، شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو آهي ۽ شاهه عبدالڪريم، قاضي قادن جو تسلسل آهي.
    اڳتي هلي احمد جڏهن شخصي ۽ شاعراڻو چڱوئي مرتبو حاصل ڪري ورتو ۽ اياز سان سندس شخصي ويجهڙائي ٿي ته اياز کيس ڏسي ۽ ملي چهري تي خوشگوار تاثر آڻيندي چيو هئو ته ”احمد توکي منهنجي دعا آهي“ ۽ مان سوچيان ٿو ته سنڌي ٻوليءَ جي مهاڪويءَ جي اها دعا نه رڳو احمد جي هن ڪتاب سان گڏ آهي، پر شايد اها دعا سندس شاعريءَ سان سدائين گڏ رهي. اياز هن جو جنون به هو ته پڙهڻ جي عشق جي انتها به . اياز جي ڪتابن کي هن محبوبا جيان سنڀاليو ان وقت اياز جا جيڪي به ڪتاب اڻ لڀ هئا . اهي هن وڏي جاکوڙ ڪري هٿ ڪيا . اياز کي گهرو پڙهڻ ۽ سمجهڻ لاءَ هن پنهنجي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۽ لوڪ شاعريءَ کي نهايت سنجيدگيءَ ۽ ڌيان سان پڙهڻ شروع ڪيو. جيڪڏهن ائين چئجي ته هن پنهنجي سنڌي ڪلاسيڪي/اساسي شاعريءَ ۽ لوڪ شاعريءَ کي ايتري ڌيان سان پڙهيو آهي جيتري ڌيان سان سندس ڪنهن به همعمر ۽ همعصر شايد ئي پڙهيو هجي ، ته غلط نه ٿيندو .
    احمد جي شاعراڻي اڻت ۾ سنڌي ڪلاسيڪي/اساسي شاعريءَ ۽ لوڪ شاعريءَ جي مطالعي جو گهڻو عمل دخل آهي . هو اڄ به سنڌي ٻولي جي اصليت ۽ سونهن سلامت رکڻ لاءِ پنهنجي ڪلاسيڪل شاعرن ۽ لوڪ شاعرن کي پڙهندو رهندو آهي ، جنهن کان پوءِ ئي هن جي مطالعي ۾ جديد شاعريءَ جو وارو اچي ٿو . سندس شاعري ۾ مغربي شاعري جا حوالا ٽئين نمبر تي اچن ٿا . سڀ گڏي ائين چوڻ وڌيڪ چٽو آهي ته احمد سولنگيءَ جو شاعراڻو شعور سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ، سنڌي جديد شاعريءَ ۽ عالمي جديد شاعريءَ تي بيٺل آهي. هن وٽ تخليقي قوتون قدرتي ڏات آهن. هن جي شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جي سونهن سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي ڪري آهي ۽ هن جي شاعريءَ جي آفاقيت جديد عالمي شاعريءَ جي مطالعي جو ثمر آهي.
    اسي واري ڏهاڪي ۾ احمد جي تربيت سنڌي ادبي سنگت موري جي گڏجاڻين ۾ ٿي، ادبي طور موري جي ادبي ماحول ۾ ٽن ماڻهن جا نالا احمد سولنگيءَ جي حوالي ۾ اهم آهن. راشد مورائي، ڊاڪٽر سليمان سولنگي ۽ عظيم سنڌي، جنهن کان پوءِ سڪرنڊ اچي ٿو، جنهن سان پڻ احمد جي گهڻي ادبي ويجهڙائي رهي آهي، جتي کيس مير محمد پيرزادي، خاڪي جوئي ۽ تاج جوئي سان صحبت رهي، سندس همعصر اديبن دوستن ادريس جتوئي، خادم ٻگهئي ۽ راقم الحروف جوبه ساڻس ساٿ رهيو سندس ارتقائي دور ۾. پر سندس ادبي واڌ ويجهه ۽ سندس شعوري واڌ ويجهه ۾ سندس مطالعي جو گهڻو عمل آهي، جيڪو ئي کيس هڪ قد آور شاعر طور مٿي کڻي آيو.
    موري جي ادبي ماحول، سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۽ سندس شخصي طور ڪتابن پڙهڻ واري شوق منجهس نکار آندو. اڳتي هلي هو موري جي سنگت جو ٻه ڀيرا 1987 ۽ 1988 ۾ سيڪريٽري به بڻيو، ۽ جيئن ئي اسيءَ جو ڏهاڪو پڄاڻيءَ تي پڳو ته احمد جي شخصي توڻي ادبي اڏام شروع ٿي.
    هن روزگار جي تلاش ۾ مورو ڇڏيو ۽ مستقل حيدرآباد ۾ رهڻ لڳو، جتي هن هڪ کان وڌيڪ سنڌي اخبارن ۾ ڪم ڪيو، جنهن کان پوءِ هو ڪراچيءَ ۾ آيو پر هن شهر هن لاءِ سازگار ماحول پيدا نه ڪيو، ۽ هو وري حيدرآباد ۾ رهڻ لڳو، حيدرآباد شهر کيس ڇا ڏنو، ۽ ڇا نه ڏنو، اهو هڪ الڳ داستان آهي، جيڪو هن جي ڪنهن به وقت لکڻ واري آتم ڪٿا لاءِ ڇڏيندي، هت فقط ايترو لکڻ تي قناعت ڪجي ٿي ته هن شهر کيس زمين تان کڻي آسمان تي پڄايو، جيڪا طاقت يا قوت موري شهر ۾ نه هئي.
    مناسب ٿيندو ۽ اهو قبول ڪيو وڃي ته احمد سولنگيءَ جي هڪ تخليقي شاعر واري سڃاڻپ 1990 ع کان پوءِ ٿي آهي، جڏهن هو نج پج هڪ شاعر طور سامهون آيو آهي. جيتوڻيڪ هو ان کان اڳ ئي، هند جي مشهور رسالي ” ڪونج“ ۾ ڇپجي پنهنجي شاعر واري سڃاڻپ ڪرائي چڪو هئو، ۽ سنڌ جي ڪن رسالن ۾ به هو شايع ٿيندو رهيو پر هن جي شاعراڻي مزاج ۽ بي پرواهه طبعيت کيس رسالن ۾ شاعري ڇپائڻ واري ڊوڙ کان گهڻو پري رکيو آهي. هو بنهه ٿورو ڇپيو آهي. جنهن ڪري، سنڌي شاعريءَ بابت لکيل ٿورن گهڻن اڀياسن ۾ به هن جي موجودگي ڪا اهم نه ليکي وئي آهي. ٻيءَ طرح هن جي هر نظم پنهنجي وقت ۾ جڏهن به هن اها ڪنهن موقعي تي پڙهي آهي، يا ڇپي آهي ته پنهنجي مڪمل سڃاڻپ ڇڏي وئي آهي. هڪ اهڙي سڃاڻپ جيڪا ڪنهن به ٻوليءَ جي شاعر لاءِ اهم سڃاڻپ هوندي آهي ۽ جنهن شاعريءَ تي اهاٻولي، اها قوم ۽ اها مٽي فخر ڪندي آهي.
    احمد سولنگيءَ جي شاعريءَ تي ايندڙ وقت ۾ سنڌي ادب، سنڌي ٻولي، سنڌي قوم فخر ڪندي اهڙي پڪ هن جي شاعري ڏياري ٿي. هو ايندڙ دور جوهڪ اهڙو شاعر آهي، جيڪو سنڌ جي جديد شاعريءَ کي عالمگير سطح تي کڻي ويندو، جيڪڏهن سندس شاعريءَ کي مناسب مترجم ملي سگهيو ته. هن جي شاعريءَ ۾ هڪ ٻوليءَ ۽ قومي پيڙا، ڏک، غصو ۽ تهذيب توڻي ثقافت ۽ جديد قدر گڏجي هڪ اهڙو سنگم پيدا ڪري بيٺا آهن، جو شايد ئي اڄ جي سنڌي شاعريءَ ۾ هن جي شاعريءَ کان ٻاهر ملي سگهن.
    نوي واري ڏهاڪي کان هو لکندو رهيو آهي ۽ ان کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ هو پنهنجي ڪلاسيڪي شاعري، لوڪ شاعري، همعصر شاعري ۽ ترجمن جي صورت ۾ عالمي شاعري پڙهندو رهيو آهي، مجموعي طور ادب جون ٻيون نثري صنفون جن ۾ سمورو لٽريچر شامل آهي، ان سان هو جڙيل رهيو آهي، جنهن جا سڀ رنگ، هن جي شخصي پيڙا سان گڏجي سندس شاعريءَ ۾ نکري بيٺا آهن.
    احمد سولنگيءَ جا ويجها دوست ڄاڻن ٿا ته هن ڪڏهن به پاڻ لکڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي، ڪڏهن ڪڏهن هو ڪيترن ئي مهينن ۾ هڪ سٽ لکي نه سگهندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن شاعري هن تي سانوڻ جي مينهن جيان اوڙڪون ڪري وسندي آهي، ٻي جيڪا اهم ڳالهه سندس حوالي ۾ اچڻ گهرجي، اها هيءَ ته هن زندگيءَ ۾ جيترو وقت پنهنجي شاعريءَ کي ڏنو آهي، اوترو ٻئي ڪنهن به عمل کي نه ڏنو آهي. شاعري هن جي محبوبا ته آهي ئي پر شايد سنڌي ٻوليءَ جو هيءُ پهريون نوجوان آهي، جنهن پنهنجي شاعريءَ کي ماءُ وارو مان ڏنو آهي. مان احمد جي باري ۾ هڪ ٻي به ڳالهه اوس آڻڻ چاهيندس، اها هيءَ آهي ته عشق شاعر بڻائيندو آهي، پر احمد کي شاعريءَ عشق عطا ڪيو آهي. جيڪا ڳالهه شايد، سنڌي توڻي عالمي ادب ۾ ذڪر ڪرڻ جهڙي آهي، هن سدائين شاعريءَ لاءِ عشق ڪيا آهن ۽ پوءِ عشق جي ڪرشمن جو اوسيئڙو ڪيو آهي، جن اوسيئڙن جو نتيجو احمد جي شاعري آهي.
    هو پنهنجي ديس ۾ ۽ ديس کان ٻاهر سرجندڙ ادب تي نهايت گهري اک رکندو آيو آهي، نوي تائين هن جي پسند جي ڪتابن ۾ ڪي نظرياتي ڪتاب به هئا، پر مزاج ۾ هو هڪ تخليقڪار آهي، جنهن گهڻي اهميت تخليقي ادب کي ڏني آهي. ائين ڪبير کان ميران تائين ڀٽائي کان اياز ۽ اياز کان اياز گل تائين، ٽالسٽاءَ کان پائلو ڪولهو تائين، پا بلو نرودا کان ناظم حڪمت تائين، غالب کان ٽئگور تائين فيض کان ن-م راشد، ميرا جي، مجيد امجد، احمد فراز ۽ پروين شاڪر کان نوشي گيلاني تائين سڀ ليکڪ اڪثر ساڻس رات جو گڏ هوندا آهن، جن مان هن جيڪو فيض پرايو آهي، اهو هن پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌ کي موٽايو آهي مون کي ڪراچيءَ جي اُها رات چٽي طرح ياد آهي جڏهن احمد سولنگيءَ سان گڏ اردو ۽ پنجابي ٻوليءَ جي نامياري جديد شاعر منير نيازيءَ سان سج اُڀرڻ تائين شاعريءَ، ادب، تنقيد، غالب، مير تقي مير ۽ علامه اقبال تي گفتگو هلي رهي هئي ۽ شبنمي رات ۾ نه ڪنهن مئفروش جو هوڪو هو نه ئي جام ۾ ڪا ڪمي هئي ۽ احمد سولنگي پنهنجا سنڌي ٻوليءَ جا نظم ٻڌائي رهيو هو ۽ مان انهن نظمن جي ترجمي جا فرائض ادا ڪري رهيو هوس ۽ ٻئي ڏينهن اسان سڀئي گڏجي اُردو ٻوليءَ جي شاعره فاطمه حسن جي گهر ويا هئاسين ۽ منير نيازيءَ چيو هئو ته ”هي سنڌي ٻوليءَ جو مون کي پهريون شاعر گڏيو آهي جنهن کي ٻُڌي مون کي هر زبان جي اصلوڪيءَ شاعريءَ ۽ ان جي جدت ۾ ويساهه وڌي ويو آهي.“ احمد ڀلي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکندڙ شاعر آهي پر هن جي شاعريءَ جو دائرو فقط سنڌ نه آهي، جڏهن سنڌ، هن جي شاعري ۾ ڳولبي ته اها پنهنجي سموري تهذيبي، تاريخي ۽ ثقافتي سونهن سميت نڪري نروار ٿيندي ۽ جڏهن سنڌ کان ٻاهر جي دنيا هن جي شاعري ۾ گولبي ته اها دنيا پنهنجي سمورن جمالياتي توڻي المياتي تصورن سميت اسان جي آڏو اچي بيهندي. اهڙي شاعري ايڪهين صديءَ ۾، مون کي چوڻ ڏيو ته مان چوان ته سنڌيءَ ۾ فقط احمد سولنگيءَ جي آهي، سندس همعصر کانئس ڪيئي ٻرانگهون پوئتي آهن ! تخليقي طور به ته شعوري طور به. ۽ ايندڙ دور ۾ سنڌي شاعري، تخليقي طور جنهن تيزيءَ سان پٺ تي وڃي رهي آهي اها نهايت مايوس ڪندڙ آهي، جنهن جو اظهار ڊاڪٽر تبوير عباسي، امداد حسيني ۽ ٻيا ذهين لکندڙ پڻ الڳ الڳ وقتن تي ڪري چڪا آهن. اڄ سنڌيءَ ۾ سرجندڙ شاعريءَ جو گهڻو گهڻو حصو ورجاءَ کان سواءِ ڪجهه به نه رهيو آهي ۽ جيڪا نئين ٽهي اچي رهي آهي، ان مان شخصي طور مان سمجهان ٿو ته سنڌ کي اڌ صدي کن ڪا به اميد نه آهي، جيڪڏهن سنڌي شاعريءَ کي اڌ صديءَ ۾ٻن هٿن جي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا، غير معمولي شاعر مليا ته اهو هن صديءَ جو وڏي ۾ وڏو معجزو هوندو، جنهن جي ٿيڻ ۾ مون کي اميد بنهه گهٽ آهي خير !
    1990ع کان احمد حيدرآباد رهڻ لڳو.
    حيدرآباد سنڌ ۾ علمي ۽ ادبي شهر جو اعزاز رکندڙ شهر آهي، هن شهر ۾ احمد کي دوستن جو هڪ وسيع حلقو مليو، جنهن سندس شخصي توڻي ادبي زندگيءَ ۾ وڌيڪ نکار آندو، مولا بخش چانڊيو، مدد علي سنڌي، نصير مرزا، جامي چانڊيو، تاج جويو، حسن درس، زيب سنڌي ۽ ٻيا انيڪ شخص سندس ان دور جا اهم دوست آهن. ان کان اڳتي هلي سندس دوستن ۾ وڌيڪ اضافو آيو، جن سندس رهبري پڻ ڪئي ته سهڪار پڻ ! هن حيدرآباد ۾ صحافتي زندگي اختيار ڪئي، ايستائين جيستائين کيس سنڌ حڪومت هڪ معتبر نوڪري ڏني، ۽ اردوءَ جي هن شعر وانگر هن زندگيءَ کي استعمال ڪيو ته
    ” خدا جب حسن ديتا هي، نزاڪت آ هي جاتي هي،“
    جيتوڻيڪ هو زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين انهن دوستن کي ياد رکڻ وارو آهي، جن سندس شخصي زندگي سنوارڻ ۾ ساڻس سهڪار ڪيو ۽ جن سندس ادبي زندگي سنوارڻ ۾ سهڪار ڪيو، جيڪو هر لکندڙ کي زندگيءَ جي هڪ موڙ تي گهرجي ٿو، البت هن ۾ پنهنجون صلاحيتون هجڻ اولين شرط آهي ۽ احمد سولنگيءَ ۾ جيڪي صلاحيتون هيون، اهي انهيءَ دور ۾ وڌيڪ ظاهر ٿيون ۽ هو هڪ اهڙو شاعر ٿي آڏو آيو، جنهن کي پنهنجي ٽهيءَ ۾ اڳواڻ شاعر جو اعزاز ڏئي سگهجي ٿو.
    ان ئي دور ۾ هن جو شهيد محترمه بينظير ڀٽو بابت لکيل نظم سنڌ ۾ اعليٰ مرتبي تي پهتو ۽ پيپلز پارٽيءَ طرفان ان نظم کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرائي، ان نيشنل اسيمبليءَ ۾ ورهايو ويو، جنهن نيشنل اسيمبليءَ ۾ پيپلز پارٽي حزب اختلاف جو ڪردار ادا ڪري رهي هئي، ان نظم شهيد محترمه کي موهي وڌو ۽ احمد محترمه مان اتساهه وٺي جيڪي مزاحمتي نظم لکيا، اهي سنڌ جي مزاحمتي تاريخ جو ۽ سنڌي شاعريءَ جو املهه حصو ٿي رهندا.
    ائين سندس شاعراڻو سفر ڪڏهن تيزيءَ سان، ڪڏهن آهستگيءَ سان جاري رهيو ۽ آخر ان صديءَ جي پڄاڻي ٿي، جنهن صديءَ ۾ احمد سولنگيءَ جنم ورتو.
    نئين صدي ادبي حوالي سان سنڌي ادب لاءِ ۽ احمد سولنگيءَ جي زندگي توڻي شاعريءَ لاءِ هڪ نئين اتساهه سان گڏ، هڪ سڀاڳُ پڻ کڻي آئي. هن جي زندگيءَ جون اهم حاصلاتون ايڪهين صديءَ جي دين آهن، ساڳئي وقت هيءَ اهڙي صدي آهي، جنهن کي مان پنهنجي ننڍڙي مطالعي، سنڌ جي ننڍڙي ادبي دائري، سنڌي شاعريءَ جي، محدود ويچار جي ۽ سنڌي شاعريءَ جي بيحد گهڻي ورجاءَ واري غربت جي آڌار تي، احمد سولنگيءَ جي شاعريءَ جي صدي ڪوٺيان ٿو. احمد جا همعمر ۽ همعصر، شاعراڻي سفر ۾ جيڪي ڪجهه ڏيئي سگهيا آهن اهي نهايت سچائيءَ سان ۽ پنهنجي تخليقي قوتن جي آڌار تي ڏيئي سگهيا آهن، کانئس سينيئر، هڪڙا لکڻ ڇڏي چڪا آهن ته ٻيا پڙهڻ کان پري آهن. ڳالهيون سنڌي شاعراڻي ادب کي عالمي ليول تي کڻي وينديون يا ان کي بچائي سگهنديون ائين ٿيڻو نه آهي. تخليق ۽ ان ۾ اعليٰ ويچارُ اڄ جي اڪثر سنڌي نوجوانن جي شاعريءَ کان ڪوهين ڏور آهي، جن ۾ ڪي تخليقي قوتون هيون انهن پنهنجون تخليقي قوتون، تخليق جي بجاءِ، تخليق جي ثانوي پاسي، فارسيءَ جي علم عروض تي مشق ڪري ضايع ڪيون آهن، ٻئي طرف سرحد جي هُن پار رهندڙ سنڌي لکندڙن جي نئين نسل، سنڌي ادب کان علحدگيءَ جو اظهار ڪندي، پنهنجي اظهار جا نوان طريقا چونڊيا آهن، جنهن ۾ اڄ ڪمپيوٽر ساڻن شامل آهي، اهڙي صورتحال ۾ احمد سولنگي، هن نيئن صديءَ ۾ پنهنجي نئين اظهار، نئين احساس ۽ نئين ويچار سان پنهنجي ڀرپور تخليقي قوتن جي آڌار تي، سنڌي شاعريءَ جي وارثي ڪري ته اهو سنڌي شاعريءَ جو سڀاڳ ٿيندو، ساڳئي وقت اڄ جي ڪمپيوٽريُگ ۾ هو دنيا جي سموري ادب سان عام طور ۽ شاعراڻي ادب سان خاص طور جڙيل رهي ته هو سنڌي ٻوليءَ معرفت دنيا کي اعليٰ شاعري ڏيئي سگهي ٿو، اهڙو منهنجو پختو يقين به آهي ته احمد جي تخليقي ۽ علمي صلاحيتن تي اعتماد به آهي.
    هن صديءَ ۾ نئين سنڌي شاعريءَ جو هو اڪيلو وارث آهي. ان جي مثال لاءِ مٿي ڄاڻايل سبب موجود آهن. ۽ سنڌيءَ ۾ لکندڙن جون تخليقي ۽ علمي قوتون به اکين اڳيان ۽ سوچ اندر موجود آهن، نئين صديءَ جي ٻئي ڏهاڪي کان پوءِ جيڪو نسل پيدا ٿيندو، جيڪڏهن ان اهڙو معجزو ڪري ڏيکاريو ته سنڌ پنهنجي نئين شاعريءَ تي وڌيڪ فخر ڪندي، ساڻس گڏ دنيا جو ادب پڻ فخر ڪندو، ڇاڪاڻ ته سنڌي ادب، ان دنيا جي ادب جو اٽوٽ حصو هوندو، جيستائين اهڙو معجزو ٿئي، تيسائين سنڌ جي فخر جو سبب نئين صديءَ ۾ احمد سولنگيءَ جي شاعري آهي. ٻيا سبب واڌو سبب هوندا جيڪي واڌو فخر ڏياريندا.
    هن صديءَ ۾ احمد سولنگي پنهنجي اظهار توڻي ويچار ۾ گهڻو گهڻو نجپڻو کڻي ظاهر ٿيو آهي، هن جي شاعري سندس نالي سان هڪ خاص سڃاڻپ کڻي سنڌ جي شعري ادب ۾ نروار ٿي آهي. اها هڪ شاعر لاءِ وڏي ۾ وڏي حاصلات آهي. احمد پنهنجي شاعريءَ لاءِ ٻولي، لهجو ۽ ويچار سڀ نئون ۽ پنهنجو کڻي آيو آهي، جنهن ڪري سندس نظم ڪنهن به لهجي ۾ پڙهيو وڃي ، ڪنهن به انداز سان پڙهيو وڃي ۽ ڪنهن جي به آواز ۾ پڙهيو وڃي، جڏهن اهو پني تي لکيو ويندو ته پنهنجو تعارف پاڻ ڪرائيندو ، اهڙو اعزاز هن نئين صديءَ ۾ نوجوان شاعرن مان احمد سولنگي کي حاصل آهي . ها! ٻين جن نوجوان شاعرن کي اهڙو اعزاز حاصل آهي، انهن جو ذڪر سندن حوالي ۾ لکيل اڀياسن ۾ اچڻ نهايت ضروري آهي ۽ اهڙو احوال خاص طور سنڌي شعري ادب ۾ آڻڻ، اڄ جي سنڌي شاعريءَ جي نقادن جي اهم ذميواري آهي، ائين ڪري هو سنڌي شعري ادب جي هڪ پاسخاطريءَ کان سواءِ نج ادبي/تنقيدي/تخليقي تاريخ مرتب ڪندا. جيڪا ئي ڪڏهن نه ڪڏهن سنڌي ادب کي عالمي ادب ۾ نه رڳو مناسب حصو ڏياريندي پر فخر جوڳي جڳهه به ڏياريندي.
    اڄ دنيا جو ادب ترجمن جي معرفت جنهن تيزيءَ سان ، سائنس جي نئين ايجادن وسيلي پڙهندڙن تائين پهچي رهيو آهي، ان مان اها اميد جاڳي آهي ته سنڌي ادب کي عالمي ادب جو حصوبڻجڻ ۾ ڪو گهڻو عرصو نه لڳندو ۽ جڏهن ائين ٿيو ته پڪ سان احمد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو عالمي شاعريءَ ۾ حوالو اهُي نظم بڻجندا جيڪي هن مشرقي قدرن هيٺ لکيا آهن ، جيڪي قدر مغربي علمن جي اظهار ۾ گهٽ ئي سهي پر آيا ضرور آهن . ٻن ڏهاڪن ۾انگريزي ٻوليءَ ۾ لکيل مشرقي قدرن واري ادب کي هڪ نوبل پرائيز ۽ ٻه بوڪر پرائيز ماڻڻ جو اصل سبب اهي مشرقي قدرئي آهن ، جن جي اثر هيٺ اهي ڪتاب لکيل آهن ، جيڪي مغربي قدرن کان ڪوهين ڏور ، هڪ ٻئي ڇيڙي تي بيٺل آهن .
    احمد سولنگيءَ جا نظم مائيڪل اينجلو، اتر قطب، خُداجا خليفا، هڪڙي يهودي ڇوڪري، هميرو ڪولهي ، هڪ بوند مان مصور، رنگ رتي تنهائي ، قلو پطرا، لهين ٿي خواب تون جڏهين، اوڀر جي آرسي، قرت العين طاهره/ پوپ کي ڪهڙي خبر/ ۽ سڀ کي پنهنجو گوتم آ. مشرقي قدرن تي ٻڌل مغربي اسٽائيل ۽ ويچار وارا نظم آهن ، جيڪي جڏهن به مغربي ٻولين ۾ ترجمون ٿيندا ته عالمي شاعراڻي ادب جو هڪ اٽوٽ انگ بڻبا ، جنهن کي الڳ ڪري نه سگهبو ، ساڳئي وقت اهي نظم سنڌي ٻولي جو اهڙو حصو هوندا، جيڪو حصو سنڌ ۽ سنڌي شاعريءَ جي سڃاڻ بڻجندي ئي عالمي شاعريءَ جو حصو بڻجندو .
    اسان جي سوچڻ جو ۽ ڳڻتيءَ جو مسئلو هي آهي ته ، هن نئين صديءَ ۾ سنڌ ، سنڌي ۽ سنڌي ادب اڄ جي تيز رفتاريءَ ۾ ڪيترو ڊوڙي سگهڻ جي سگهه رکن ٿا- ان سوال تي سوچيندي ۽ وري احمد سولنگيءَ جي شاعري کي پڙهندي، هڪ اعتماد اندر ۾ جاڳي ٿو ته هيءَ سنڌي ٻوليءَ جي نئين شاعري، پنهنجي اندر ۾ ايتري سگهه ضرور رکي ٿي ته اها هڪ صديءَ جو تحفظ ڪري سگهي پر اهو مڃڻ اوس آهي ته هن نئين شاعريءَ کي مغربي ٻولين ۾ ترجمو ڪرائڻ جو ڪم هن ملڪ جي سرڪاري ادارن کي ڪرڻ گهرجي ، اها اسان جي اولين گُهر آهي
    احمد سولنگيءَ نئين صديءَ ۾ پنهنجي اظهار ۾ جيڪو نئون ويچار ڏنو آهي. اهو فقط هو اڪيلو ئي ڏيندڙ آهي . اهو ڏسڻ لاءِ نئين صديءَ ۾ ڇپيل سڀ سنڌي شاعراڻا ڪتاب ، ادب ۽ احترام سان مطالعي هيٺ آڻي ، ڏسي ، پڙهي ۽ پروڙي، ڪوبه فيصلو ڪرڻ گهڻو ڏکيو ڪم نه آهي ، ڪنهن به سنجيدي اڀياسيءَ يا نقاد لاءِ .
    احمد سولنگيءَ پهنجي شاعريءَ ۾ جيڪا ٻولي استعمال ڪئي آهي، ان جو هڪ حصو هن پنهنجي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۽ لوڪ شاعريءَ کان ورتو آهي ، هڪ حصو پنهنجي جديد دور کان ورتو آهي ، هڪ حصو هن ملڪ جي ٻين ٻولين جي ادب کان ورتو آهي ۽ باقي عالمي ادب مان، انهن ترجمن جي صورت ۾ پڙهيل ادب کان ورتو آهي، جيڪو ادب هن مسلسل پنهنجي مطالعي هيٺ رکيو آهي. ان سڀ مان ، سندس شاعريءَ جو ظاهر ٿيل اڄوڪو چهرو بڻيو آهي جيڪو هڪ خوبصورت جديد سنڌي شاعر وارو آهي ۽ جيڪو هن نئين صديءَ جي سڃاڻپ بڻجڻ وارو آهي اهڙي پڪ آهي.
    سندس شاعريءَ جو اڄوڪو چهرو پڪو ، پختو ۽ هڪ خاص سڃاڻپ ڏيندڙ آهي ۽ ان سڃاڻپ ڏيارڻ واري يقين جي پٺ ۾ جيڪا سندس تپسيا/رياض آهي ان جو عمل دخل آهي . هن جي اکين جا اوجاڳا ، دل جو درد ۽ پيرن جو پنڌ، سندس نظمن ، غزلن ، گيتن ۽ واين جي هر سٽ مان ظاهر ٿئي ٿو . ڪنهن به اعليٰ تخليقڪار کي سندس تخليقن ۾ آسانيءَ سان ڳولي سگهجي ٿو . ائين احمد کي به سندس شاعريءَ ۾ ڳولڻ گهڻو ڏکيو نه آهي. هن جي شاعريءَ جي سٽ سٽ ۾ سندس ڪونه ڪو سور سمايل آهي.
    هن جي ڪنهن نظم ۾ هن جي اکين جا ڳوڙها آهن ته ڪنهن ۾ سور جا سڏ آهن ، ڪهن ۾ هن جي عشق جو الميو آهي ته ڪنهن ۾ وڇوڙي جو وڍ. ڪنهن ۾ وصال جالمحا آهن ته ڪنهن ۾ جدائي جا شوال. ڪنهن ۾ محبت جون موسمون آهن ته ڪنهن ۾ الفت جا اهڃاڻ .ائين هو پنهنجي شاعريءَ ۾ مڪمل طور تي موجود آهي ، ڇاڪاڻ ته هن جي سموري شاعري، سندس ماڻيل يا ڀوڳيل گهڙين جو اهڙو داستان آهي، جنهن کي هن ڪمال اظهار سان شاعراڻو روپ ڏنو آهي . هڪ اهڙو روپ جيڪو سنڌي شاعراڻي ادب ۾ سندس نالي سان ئي پنهنجي سڃاڻپ رکندو.
    احمد پنهنجي ننڍيءَ عمر ۾ ئي سنڌي شاعرن ۾ ،۽ هن ننڍي کنڊ جي وڏن شاعرن ۾ هڪ اهم سڃاڻپ رکندڙ جي حيثيت ماڻي وٺندو، اهڙي هن جي شاعريءَ ۾ قوت به آهي ته سندس شاعراڻي روايت به ، روايت جيڪا ڪبير کان ميران تائين ، بلي کان ڀٽائي تائين ، ٽيگور کان اياز تائين، ۽ اياز کان احمد تائين ساڳئي تاڃي پيٽي سان اڻيل آهي . نسبت اها آهي ته مٿين سڀني مها ڪوين جو واسطو ان ساڳئي ڏک سان آهي، جنهن ڏک جي حوالي سان هيءُ ننڍو کنڊ عام طور ۽ ان کنڊ جو هيءُ ننڍڙو ديس سنڌ، خاص طور سڃاپي ٿو. ننڍي کنڊ جو هي ننڍڙو ديس ، جنهن مان سنڌو درياهه وهي ٿو اهو سندس ادبي سڃاڻ به آهي، روايت به آهي، ته بنياد به آهي، جيڪو ويدن جي روپ ۾ موجود آهي. جيڪي ان ئي سنڌوءَ جي ڪناري تي لکيا ويا هئا. جنهن سنڌوءَ جو پاڻي پي احمد وڏو ٿيو آهي ۽ اڄ پنهنجي ان روايت جي پاسداري ڪندي هو سنڌي ادب جي هڪ حصي شاعريءَ جي وارثي ڪري رهيو آهي . هو نه رڳو ان جي وارثي ڪري رهيو آهي پر پنهنجي سمورين شاعراڻين روايتن جي باريڪين بابت به ڄاڻي ٿو ته جديد شاعراڻي علم ۽ فن کان به بخوبي واقف آهي، جنهن ڪري سندس شاعريءَ ۾ نه فقط روايتن سان نڀاءُ آهي پر فن طرف به هو گهڻو سُچيت آهي، ايترو جيترو هڪ ذهين ۽ سنجيده شاعر کي پاڻ ۽ پنهنجي تخليق ڏانهن هجڻ گهرجي.
    غزل جو عروض هجي يا بيت جو ڇند ، گيت جي ملائميت هجي يا نظم جي پر جوش اڏار . وائي جو واڪو هجي يا دوهي جو درد، هو سڀني کان واقف آهي ۽ جڏهن اهو سڀ پنهنجي شاعريءَ ۾ آڻي ٿو ته سندس شاعري هڪ حسين روپ ڌاري ظاهر ٿئي ٿي ، جيڪا سنڌي شاعريءَ جي سونهن ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ٿي . ها ! سندس شاعريءَ جا حوالا مون هن لکڻ جي حدن کان بنهه پري رکيا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي سڀ هن ڪتاب ۾ موجود آهن، جيڪي پنهنجي پنهنجي صفحي تي پڙهڻ وقت وڌيڪ اهم لڳندا. هت صرف انهن جو مجموعي تاثر ئي ڏيڻ چاهيو اٿم. جيئن انهيءَ ورجاءَ کان بچي سگهان جيڪو اڄ ڪلهه ڪتابن ۽ انهن جي مهاڳن ۾ ٿي رهيو آهي ۽ جنهن ڪري اهي ڪتاب ۽ مهاڳ پڙهڻ ڏکيا ٿي پون ٿا. گهٽ ۾ گهٽ مان احمد سولنگيءَ جي هن ڪتاب سان اهڙي نا انصافي ڪرڻ ته بنهه نه چاهيندس.

    رکيل مورائي
    ڪراچي.


    بوندَ، ننڍڙي سِپي سڏي مون کي،

    بوندَ، ننڍڙي سِپي سڏي مون کي،
    اک آسائتي سڏي مون کي.

    رڃَ تون روح ۾ لٿي آهين،
    روز ٿي تشنگي سڏي مون کي.
    آڱريون گُل فروش عورت جون،
    ۽ سندس ناز ڪي سڏي مون کي.
    اڄ اُرهه جو پگهر پڪاري ٿو،
    شوخ سرڪش ندي سڏي مون کي.
    گيت ٽئگور جو هوا ڇيڙيو،
    رات بنگال جي سڏي مون کي.
    گز هڻي وائلن وڄايان ٿو،
    درد جي سمفني سڏي مون کي.
    منتظر ميگهه دوت، ڪاليداس،
    مينهن ۾ مئڪشي سڏي مون کي.
    آرزو جي طويل رستي ۾،
    سانجهه ميرانجهڙي سڏي مون کي.
    سمنڊُ سپ ۾ سماءِ اي احمد!
    مڌڀري ماڻڪي سڏي مون کي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 345137
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 142498
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ