ڪتاب جو نالو: شاهي ذوق شيديءَ جو
مصنف: عاجز رحمت الله لاشاري
ڇپائيندڙ: سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) رجسٽرڊ سنڌ، پاڪستان
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 25 فيبروري 2017 ع
پڙهيو ويو: 452 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 145 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ” شاهي ذوق شيديءَ جو“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. سنڌ جي لوڪ ادب جي اهم صنف سگهڙائپ سان واسطو رکندڙ سگهڙ شاعر عبد الخالق عرف مولا بخش شيديءَ جي ڪلام جي هن مجموعي جو مرتب ۽ سنواريندڙ محترم عاجز رحمت الله لاشاري آهي. عبدالخالق عرف مولا بخش شيدي شاهاڻو شوق رکندڙ محبتي ماڻهو، شاعريءَ سان گڏ شاهه صاحب جو شيدائي آهي. هي ڏاهو ۽ ڏات ڌڻي، هي سٻاجهو ۽ صدورو سگهڙ توڙي سالڪ آهي. سگهڙ پائي جي صنفن جي سُڃاڻ رکندڙ، ڳجهارت جو ڳولائو منجهس ڏورن کي ڳولڻ جو ڏانءُ سمايل آهي. هنر ۾ هوشيار ۽ سينگار جو سرجڻهار آهي سندس ڪتاب ۾ گفتن جو گُن ۽ گُر ڀريَل آهي، ٻاجهاري ٻولن جو جهڙوڪ ٻج ڇٽيو هُجي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا (سلات) وٽ سوگه
  • سنڌ سلامت پاران
  • انتساب
  • مُهاڳ
  • سُگهڙ جي سڃاڻپ
  • ٻوليءَ جي بچاءَ لاءِ وڌايل وِک
  • سرويچ وينجهار
  • فقير ي رنگ...؟
  • پنهنجي پاران
  • موضوع

  • حمد و ثنا
  • مَـدَح مصطفى ﷺ
  • سينگار
  • مَدَح نامون
  • مناقبا
  • ٽيهه اکري
  • پهاڪي جا بيت
  • ڏاهپ ڀريا ڏَسَ
  • مُئي پڄاڻا ميت جي
  • جنهن جو عشق الله سان
  • چانهه ۽ لسيءَ جو مناظرو
  • حالَ جي حقيقت
  • آجيان جا بيت
  • لوڪ گيت
  • قومي گيت
  • هُنر
  • ڪافي/ ڪلام
  • ڏور بيت
  • ڳجهارتون

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا (سلات) وٽ سوگه

    ڪتاب جو نالو: شاهي ذوق شيديءَ جو
    (سگهڙ شاعر عبدالخالق عرف مولابخش شيدي جو ڪلام)
    سگهڙ شاعر: عبدالخالق عرف مولا بخش شيدي
    0341-9620277 | 0300-3426623
    موضوع: لوڪ ادب شاعري
    سنواريندڙ: عاجز رحمت الله لاشاري
    0301-3566707 | 0346-3685474
    ڇاپو: پهريون
    سال: جون 2016ع
    تعداد: 1000 ڪاپيون
    ڇپائيندڙ: سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) رجسٽرڊ سنڌ، پاڪستان
    لي آئوٽ ۽ ٽائيٽل: امين سولنگي 0315-3020869
    ڇپيندڙ: ايڊوانس پرنٽنگ ايجنسي، گاڏي کاتو حيدرآباد.
    0315-3773743
    محبت جي مٺائي: 200 روپيه


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ” شاهي ذوق شيديءَ جو“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. سنڌ جي لوڪ ادب جي اهم صنف سگهڙائپ سان واسطو رکندڙ سگهڙ شاعر عبد الخالق عرف مولا بخش شيديءَ جي ڪلام جي هن مجموعي جو مرتب ۽ سنواريندڙ محترم عاجز رحمت الله لاشاري آهي.
    عبدالخالق عرف مولا بخش شيدي شاهاڻو شوق رکندڙ محبتي ماڻهو، شاعريءَ سان گڏ شاهه صاحب جو شيدائي آهي. هي ڏاهو ۽ ڏات ڌڻي، هي سٻاجهو ۽ صدورو سگهڙ توڙي سالڪ آهي. سگهڙ پائي جي صنفن جي سُڃاڻ رکندڙ، ڳجهارت جو ڳولائو منجهس ڏورن کي ڳولڻ جو ڏانءُ سمايل آهي. هنر ۾ هوشيار ۽ سينگار جو سرجڻهار آهي سندس ڪتاب ۾ گفتن جو گُن ۽ گُر ڀريَل آهي، ٻاجهاري ٻولن جو جهڙوڪ ٻج ڇٽيو هُجي.
    هي ڪتاب سگهڙ لوڪ ادب تنظيم پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون رحمت الله خاصخيليءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    انتساب

    مان پنهنجي هيءَ لوڪ ادب جي لاتين سان سجايل
    پهرئين ڪتاب جي سوکڙي
    سنڌ جي برک عالم ۽ صوفي بزرگ، هفت زبان شاعر،
    حضرت علامه فقير هدايت علي “تـارڪ” نجفي
    جي نانءِ ڪريان ٿو .
    جنهن جي پاڙي ۾ رهندي
    هن فيض سان فيضياب ٿيو آهيان.



    فقير مولابخش شيدي


    مُهاڳ

    ادو! عبدالخالق عرف مولا بخش شيدي شاهاڻو شوق رکندڙ محبتي ماڻهو، شاعريءَ سان گڏ شاهه صاحب جو شيدائي آهي. هي ڏاهو ۽ ڏات ڌڻي، هي سٻاجهو ۽ صدورو سگهڙ توڙي سالڪ آهي. سگهڙ پائي جي صنفن جي سُڃاڻ رکندڙ، ڳجهارت جو ڳولائو منجهس ڏورن کي ڳولڻ جو ڏانءُ سمايل آهي. هنر ۾ هوشيار ۽ سينگار جو سرجڻهار آهي سندس ڪتاب ۾ گفتن جو گُن ۽ گُر ڀريَل آهي، ٻاجهاري ٻولن جو جهڙوڪ ٻج ڇٽيو هُجي.
    شيدي قبيلو سنڌ جو پراڻو قبيلو آهي. سندس نسب قنمبر سان آهي ۽ سندس نسبت وري محبوبن جي عاشق اصحابي حضرت بلال رضي الله عنه جن سان آهي توهان ڏسو هن قوم ۾ دليري، ديانتداري، فرمانبرداري، وفاداري اهي چارئي خوبيون موجود آهن اهي چارئي خوبيون حضرت بلال ۾ اهي چارئي خوبيون حضرت قنمبر ۾، اهي چارئي خوبيون سنڌ جي ڏهيسر جرنيل سنڌ تي شهيد ٿيندڙ مرد مجاهد هوش محمد عرف هوشو شيدي ۾ به موجود هيون.
    آئون اها به ڳالهه ڪندو هلان ته دليري ۽ پهلواني ۾ ٻيراني جو الله وسايو شيدي ان جا پٽ پاڏو شيدي گهيٽو شيدي ۽ گهمڻ شيدي جيڪي قداور ۽ پهلوان انهيءَ تر ۾ مشهور هئا وري ڄام خاندان جو خاص نوازيل پهلوان ڪريم بخش شيدي پهرين جوڙ جو ملهه ٿي گذريو آهي جنهن جو قد بت لباس ۽ پٽڪي ٻڌڻ جو انداز ئي نرالو هو ۽ اهي سڀ پنهنجو پاڻ ملهائي ويا. هتي ڳالهه اضافي لکڻ جي ضرورت نه هئي پر ڪن سببن جي ڪري لکڻ ضروري آهي، اها هي آهي ته ڪافي ماڻهو پنهنجون ذاتيون مٽائي ڇڏيندا آهن پر آئون انهن کي عاجزانه التجا ڪندس ته هي ذاتيون نه بدلائن ڇو ته سنڌ جون جيڪي به ذاتيون آهن اهي وڏيون معتبر قدر شناس ذاتيون آهن.
    مون تقريباً 32 سؤ ذاتين تي هڪ وڏو بيت ٺاهيو آهي ٻيا به تقريباً ويهارو کن ڪتاب لکيا آهن حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن جو رسالو (شاهه جو گنج) مرتب ڪيو آهي جنهن ۾ ٽوٽل اٺ هزار بيت ڏنل آهن.
    ادي مولا بخش سان منهنجو ايترو پراڻو تعلق ناهي صرف چند سال ٿيا جو اسان جي تنظيم “سلات” جو ميمبر ٿيو. “سلات” جي باني عاجز صاحب به سندس قدر داني ڪئي ۽ پاڻ به بهترين قدردان ماڻهو آهي اسان جو به پوءِ واسطو ٿيو پر توهان يقين ڪريو ته سندس ملڻ جلڻ ۾ ايتري ته محبت ملي جو جهڙوڪ ڪافي سالن کان پراڻو واسطو هجي. توهان ڏسو دنيا ۾ جيڪي به ماڻهو محنت ڪندا آهن انهن کي خدا پاڪ انهيءَ محنت جو اجر ضرور ڏيندو آهي ۽ اهي پنهنجي منزل ماڻي انهيءَ اوچي درجي تي پهچي ويندا آهن. ۽ انهن کي الله تعالى اُهو مقام ڏيندو آهي جنهن جو ٻانهو تصور به نٿو ڪري سگهي.
    موقعي جي مناسبت سان اها ڳالهه به لکڻي پيئي. ته عاجز رحمت الله لاشاري صاحب به هڪ بهترين سگهڙ آهي. پر هن ۾ ڪو به وڌاءُ ناهي ته هي تمام بهترين قاري، تمام سهڻو نعت خوان ۽ دور جي حساب سان ميڊيا جو نمائندو به آهي. الله تعاليٰ ۽ سندس حبيب جي مٿس مهرباني آهي.
    سنڌ جا سڀ سگهڙ سنڌي ٻوليءَ جا رکوالا آهن. خاص ڪري اسان جي تنظيم “سلات” جو سابق مرڪزي صدر مرحوم حسين بخش رڏ ته پنهنجو مٽ پاڻ هو جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي ذات پرستي، مذهب پرستي، انا پرستي نه هئي. هن “سلات” جي سفر ۾ سندس جو اوچتو وڇوڙو نه رڳو “سلات” جي سگھڙن پر سموري سنڌ واسين لاءِ جيءُ جهوريندڙ سانحو آهي الله پاڪ کيس جنت ۾ اعلى مقام عطا فرمائي. (آمين)
    بزرگ سگهڙن جهڙوڪ استاد هدايت علي رڏ، استام محمد مريد زهراڻي، استاد محمد ملوڪ عباسي، استاد محمد امين سنياسي، استاد محمد شريف ڏاهري جهڙن وڏن معتبر سُگهڙن جيڪو ٻوٽو پوکيو آهي ان جو اسان ڦل پيا کائون. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي هڪ وڏو سگهڙ ۽ سگهڙن جو سرتاج، سگهڙن جو سرمايو سڀئي سگهڙ سندس شاگرد ئي آهن.
    حقيقت ۾ ڏسو ته سگهڙن پنهنجي سگهڙائپ جي فن سان گڏ اسان جي معاشري جي اصلاح ڪئي آهي ادب کي معيار بنايو آهي. وطن سان روحاڻو ناتو نڀايو آهي سنڌوءَ جي شهرن، شاهراهن، ماڳن مڪانن، ڍنڍن، ڍورن، جهرن جهنگن، ڏونگرن ڏولاون، ڏکن ڏاکڙن، جو ڌن جونجهارن، دودن، دليرن، ڏاهن، ڏاتارن، ڀٽن ڀانن مطلب ته سنڌ جي ڪِرت ڪهاوت، ريتن رسمن سماج جي هر شيءِ کي تمام سهڻي انداز ۾ بيان ڪيو آهي. سنڌ جي سگهڙن سينگار کي اوج تي پهچايو. مطلب ته سگهڙ سنڌ جو سرمايو آهي. انهن ۾ ادو عبدالخالق عرف مولا بخش شيدي هن مانَ واري ماڙهو پنهنجي ڪتاب ۾ پنهنجو روحاني رنگ روحاني راز پنهنجو روحاني خزانو، قربائتو ڪلام گُڻن ڀريو گُن پنهنجو سالڪاڻو سلوڪ، سگهڙ پائي جي سوچ ۽ فڪر کي اُجاگر ڪيو آهي. سندس ڪتاب ۾ سگهڙ پائيءَ جون صنفون موجود آهن جنهن ۾ حمد، منقبت، نعت، سلوڪ، سينگار، هنر، ڏور، ڳجهارت، ڪافي، ڪلام مطلب ته ڪافي ڪجهه مواد شامل ڪيو آهي. اميد ته پڙهڻ وارن وٽان محبتي موٽ ملندي ۽ سندس حوصلو اڃان به وڌندو ۽ اڳتي وري ٻيو ڪتاب لکڻ لاءِ محنت ڪندو، آخر ۾ دعا آهي ته اسان جي هن مان واري سگهڙ دوست ادي عبدالخالق عرف محبتي ماڻهو مولا بخش کي مولا آباد رکي ۽ اسان جي شيدي ڀاءُ کي شل شاد رکي ۽ سُگھڙن جي نمائنده تنظيم سنڌ سُگھڙ لوڪ ادب تنظيم “سلات” جو هي قافلو سُگھڙن جي سرواڻ عاجز رحمت الله لاشاري سميت استاد گل حسن گل ملڪ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ روان دوان رهي ته جيئن فقير مولابخش وانگر سنڌ جي ٻين ڏاهن ڏات ڌڻين جا ڪتاب به اهڙي نموني سينگارجي، سنوارجي شايع ٿيندا رهن ۽ سنڌي قوم ان منجهان لاڀ حاصل ڪندي رهي.
    (آمين ثم آمين)


    سگهڙن جو خادم
    محمد قاسم راهمون “پياسي”
    ضلعي صدر: “سلات”
    ساڪري ٿرپارڪر
    26-01-2016


    سُگهڙ جي سڃاڻپ

    سنڌ جي خوشبودار مٽيءَ مان لاتعداد املهه ماڻڪ انسانن جنم ورتو آهي. اهڙن انيڪ انسانن ۾ صوفين جي سرتاج ۽ فقيري فڪر جي علمبردار علامه سائين هدايت علي نجفي “تارڪ” جي ابدي آرماگاهه واري شهر لالو رونڪ جو ڏاهو ڏات ڌڻي سُگھڙ عبدالخالق عرف مولابخش شيدي به هڪ آهي.
    سُگھڙ عبدالخالق عرف مولابخش شيدي جو جنم 20 سيپٽمبر 1964ع تي سندس بابي علي شير شيديءَ جي ڪکائين صحن تي ٿيو. پاڻ ديني تعليم جي ضروري ڄاڻ، قرآن پاڪ ۽ پرائمري جا پنج درجا لالو رونڪ شهر ۾ ئي شفيق استادن جي شفقت هيٺ پڙهيو ۽ رشيد وڳڻ جي هاءِ اسڪول ۾ مئٽرڪ جو امتحان ڏنائين. کيس قابليت جي بنياد تي 28 آڪٽوبر 1989ع دوران پوليس کاتي ۾ نوڪري ملي.
    مرحوم سُگھڙ علي مراد ٿهيم جي صحبت کيس سُگھڙائپ جو ذوق ڏياريو ۽ لوڪ ادب جي فن جو باقائدي شاگرديءَ جو ڳانو قابل استاد سُگھڙ غلام قادر ڀٽو کان ٻڌرايائين.
    سُگھڙ عبدالخالق عرف مولابخش شيدي سنڌ جي نمڪ ملهائيندڙ ڏات ڌڻين مان آهي جنهن پنهنجي رهبر استاد غلام قادر ڀٽو کي فني مڃتا طور سال 2002ع ۾ تاج پوشي ڪرائي سونو تاج پارايو ۽ هڪ ڀيرو وري 2015ع ۾ سلات جي باني ۽ جاکوڙي سُگھڙ عاجز رحمت الله لاشاري سان گڏ سندس استاد غلام قادر ڀٽو کي به چانديءَ جو تاج پارايو. سُگھڙ عبدالخالق عرف مولابخش شيدي سُگھڙ سان گڏ هڪ سماج سڌارڪ ۽ هڏڏوکي انسان پڻ آهي سماجي خدمتن جي اعزاز ۾ لالورائنڪ جي سياسي، سماجي، ادبي ڌرين کيس کوڙ ڀيرا تقريبون پڻ ڪوٺايون آهن.
    سلات پاران ڄامشورو ۾ 12 ڊسمبر2015ع تي صاحب ڪتاب سُگھڙن جي مان ۾ ڪوٺايل ملڪ گير ڪنوينشن ۾ ڪتابن جي خالق سُگھڙن کي پٽڪا پارائڻ ۾ مولابخش شيدي جو مُک ڪردار هو.
    سندس لوڪ ادب خدمتن جي اعتراف طور سُگھڙن جي نمائنده تنظيم “سلات” ۽ ٻين ادارن پاران مليل مڃتا سرٽيفڪيٽن ۽ ايورڊن جون تصويري جهلڪيون ۽ عڪس هن ڪتاب ۾ محفوظ ڪيا ويا آهن جيڪي پڻ ڏسي سگهجن ٿا.


    سگھڙ محمد عالم مهر
    ضلع صدر: سلات
    شڪارپور، سنڌ


    ٻوليءَ جي بچاءَ لاءِ وڌايل وِک

    اسان جي پاڙي ۾ بزرگ اولياءُ هفت زبان شاعر علامه فقير هدايت علي نجفي “تارڪ” جي نگري ۾ ۽ پاڙي ۾ رهندڙ سگھڙ عبدالخالق عرف مولابخش شيدي به هڪ آهي جن کي قدرت جي طرف کان ڏات مليل آهي. جيڪو صوفي عزم سان پڻ واسطو رکندڙ آهي صوفي طبقي ۾ چار قسم جن ۾ هڪ نقشبندي آهي.
    هن جي شاعري به نقشبنديءَ سان تعلق رکي ٿي ۽ اهو خدا جي طرف کان هر انسان کي اهڙي ڏات نه ملندي آهي ۽ هي ڏات ڌڻي هر انسان جا دعاڳا رهندا آهن. ڏک سک ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بچاءَ لاءِ لوڪ ادب سگھڙن جون اهڙيون خدمتون ڪافي ادب جي لاءِ آهن. جڏهن به هنن جي ڪچهري هلندي آهي ته اهڙا پنهنجي ڌرتي لاءِ ۽ ماڻهن کي ڏاهپ جا ڏس ڏسيندا آهن. اهڙا انسان هميشه هن زماني ۾ اُجاگر رهندا آهن. سهڻا سٺا قول ۽ ڏانو ڏيندا آهن ۽ هنن جي شاعريءَ ۾ سڪون ۽ سرور سمايل هوندو آهي هنن جي ڪچهريءَ ۾ سٺا سهڻا لفظ هوندا آهن جيڪي من کي موهيندڙ آهن.
    مون کي تمام خوشي ٿي آهي، سائين نجفي “تارڪ” کان پوءِ مولابخش جو ڪتاب شهر لالو لاءِ هي ٻيو نمبر تحفو آهي. رب پاڪ جي دربار ۾ اسان جي التجا آهي ته مولابخش جو ڪتاب مڃتا لاءِ اهم ثابت ٿيندو ۽ مولابخش به پنهنجي شاعريءَ ۾ اضافو آڻي ۽ ٻيا ڪتاب به شايع ڪرائيندو رهندو.



    دعاءِ طلبگار
    رئيس غلام الرسول مغيري
    ڳوٺ قائم خان مغيري


    سرويچ وينجهار

    دنيا اندر هر هڪ ٻوليءَ وارن کي پنهنجو ادب هوندو آهي، اهڙيءَ ريت سنڌڙيءَ سٻاجهيءَ کي پنهنجو سنڌي ادب ۽ تهذيب ثقافت آهي سنڌي ادب جو روح لوڪ ادب آهي، لوڪ ادب جو تخليقڪار سگهڙ هوندو آهي. سنڌ اندر تمام وڏا سگهڙ ٿي گذريا آهن. اڄ به تمام وڏا سگهڙ موجود آهن، جيڪي هن فاني جهان کي ڇڏي ويا آهن. انهن جو ذڪر مان لازمي ٿو سمجهان ڇو ته انهن جي نقش قدم تي هلي اسان گهڻو ڪجهه پرايو آهي.
    منهنجي مشاهدي مطابق ضلعو جيڪب آباد سگهڙائپ جو مرڪز رهيو آهي انهن ۾ مشهور نالا هن ريت آهن. استاد لعل ڪورار سگهڙ عالم فن جو پارکو هو ۽ فنڪار هيو. استاد محمد صيفل ڀٽي اڻ پڙهيل هوندي به لوڪ ادب جو درياءُ هو، استاد فقير بهار علي بهار ٻرڙو به پنهنجو مٽ پاڻ هو جيڪڏهن علم ادب جو ادارو چئجي به وڌاءُ نه ٿيندو پر ان جي خدمتن جو ازالو پورو ڪو نه ٿيندو. اهڙي طرح سنڌ ۾ ٻيا به ڪافي نالا سامهون اچن ٿا جن ۾ فقير هدايت علي رڏ، ٻيڙو فقير ڪنڀار، جلال فقير کٽي، محمد ملوڪ عباسي ۽ ٻيا ڪيئي سگهڙ ڪافي ٿي گذريا آهن. جيڪي انگ اکرن جي ڳڻڻ کان به وڌيڪ آهن.
    موجوده وقت ۾ به تمام وينجهار اسان جي سنڌ ۾ موجود آهن. جهڙوڪ سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم “سلات” جو باني ۽ گهڻ رخي شخصيت عالم، نعت خوان، شاعر، سگهڙ، صحافي سلڇڻو سدابهار انسان محترم عاجز رحمت الله لاشاري صاحب ۽ “سلات” جو سابق مرڪزي صدر سدا حيات استاد سُگھڙ حسين بخش رڏ صاحب جيڪو پڻ لوڪ ادب لاءِ جاکوڙيندڙ پاڻ پتوڙيندڙ اهم شخص رهيو آهي سندس خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون، جڏهن ته سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم “سلات” جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل محترم گل حسن گل ملڪ صاحب، گهڻو پيارونڊيندڙ ۽ لوڪ ادب ۾ سٺا شاگرد پيدا ڪندڙ محترم جناب استاد غلام قادر ڀٽو صاحب، “سلات” جو سينيئر نائب صدر ڏاهپ سندا ڏس ڏيندڙ محترم غلام محمد منگي صاحب ۽ “سلات” جو محبوب اڳواڻ ڀٽائيءَ جي بيتن جي تشريح ۽ گنج لکندڙ محترم جناب محمد قاسم راهمون ۽ مون سميت تمام وڏي انگ ۾ لوڪ ادب جا تخليقڪار پنهنجو پنهنجو فن لکندا رهن ٿا، اهڙي طرح هڪ سهڻي طبيعت رکندڙ سهڻي اخلاق جو مالڪ “سلات” جو روح روان، غازي مرد، يارن جو يار مولا بخش جنهن لوڪ ادب جو ڪتاب شايع ڪرايو آهي، سندس کي جس هجي. جو سنڌ ڌرتيءَ سنڌي ٻوليءَ سان پيار ڪندي پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪندي مرڪندي نظر ٿو اچي. اهڙي مرد مجاهد کي الله سائين شاد آباد رکي. ته جيئن لوڪ ادب سرشار رهي. ان مهڪندڙ انسان کي دعائون ڏيندي مان پنهنجو موضوع پورو ٿو ڪريان ۽ دلي دعا ٿو ڪريان ته “مولابخش” جي لوڪ ادب جو ڪتاب وڏي جاءِ والاري خوب مڃتا ماڻي. (آمين)


    ناچيز
    سُگهڙ بدر الدين ”بدر“ ڪيهر
    سينيئر ميمبر: ”سلات“
    ڪيهر ڳوٺ لاڙڪاڻو
    0345-3850525


    فقير ي رنگ...؟

    سنڌ ڌرتي جي خوشبودار سُڳنڌ مٽيءَ مان انيڪ شخصيتن جنم ورتو آهي جن ۾ ڪيترائي عالم، اديب، ڏاها، مفڪر، پير، فقير، درويش، مست، شاعر، سُگھڙَ ۽ ان قسم جي ڏات سان ڀرپور لاتعداد ڏاها شامل آهن.
    ڌرتيءَ جي گولي تي رهندڙ ماڻهن جو سُکُ ڦٽائيندڙ انتها پسندي، لساني، ذات پرستي جي ور چڙهيل ڪيترين ئي قومن امن پسند انسانن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. ڏٺو وڃي ته اسان جي سنڌ ڌرتي صدين کان امن پسند ۽ صوفين جي سر زمين رهي آهي جنهن کي خبر ناهي الائي ڪهڙي ظالم جي نظر لڳي آهي جو ڏينهون ڏينهن فتنا ۽ فساد وڌندا پيا وڃن ۽ هر گهر توڙي گهٽيءَ مان بارود جي بوءِ اچي رهي آهي. ان قسم جي سڀني معاملن ۽ مرحلن جو حل لطيفي صوفيانا فڪر ۾ آهي جيڪو حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي پيغام توڙي حضرت صوفي شهيد شاهه عنايت ۽ شهيد مخدوم بلاول جهڙين عظيم هستين جي ٻڌايل واٽ تي عمل ڪرڻ آهي.
    هاڻوڪي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ تعلقي وارهه جي شهر لالو رائنڪ ۾ آرام ڪندڙ وقت جي بزرگ هستي حضرت فقير هدايت علي “تارڪ” نجفي جي فيض سان فيضياب ڏاهو ڏات ڌڻي فقير سگھڙ عبدالخالق عرف مولابخش شيدي جي هن ڪتاب جي اشاعت تاريخ ۾ پهريون قدم آهي جو هن شهر جي ڪنهن سگھڙ جي ڏات جو اڻ ملهه خزانو ڇپجي سنڌ واسين جي هٿن تائين پهچي ۽ پوءِ ڏسڻو اهو آهي ته سنڌ واسي توڙي هن شهر لالو رائنڪ جا سماج سڌارڪ، صحافي، سياستدان، عالم، اديب، ڏاها، مفڪر، سُگھڙ ۽ شاعر ڪهڙي موٽ ڏين ٿا اهو وقت کان پهرين ٻڌائڻ غير ضروري آهي.
    هن ڪتاب ۾ سگھڙ، شاعر عبدالخالق عرف مولابخش شيدي جي شخصيت ۽ فن بابت مختلف دوستن پنهنجا ويچار ونڊيا آهن جڏهن ته مان سندس ئي خواهش جي پورائي خاطر فقيري فلسفي بابت ڪجهه اوهان آڏو عاجزانه الفاظ سامهون رکان ٿو جنهن کي پڙهڻ کان پوءِ اوهان جي قيمتي راءِ جو اُلڪو تادير قائم ۽ دائم رهندو.
    هن دؤر تي نظر ڦيرائجي ٿي ته اڄ ڪلهه جيڪو گيڙو ڪپڙا پائي، ڪنٺو هجيس ڳچيءَ ۾، ڪُندري هجيس هٿ ۾، سُلفي هجيس ساڻ، ڀنگ جي ڪري ڀينگ ۽ چرس کي ڪري چٽ، تو تارو در در وڄائيندو وتي، نه پڙهي نماز ۽ نه رکي روزا، ڏاڙهي هجيس پوٺو ۽ مُڇون هنجس ماڪڙ وانگي مُلن توڙي ڏاڙهي وارن تي ٽوڪ ڪندڙ هجي، اهڙي ماڻهوءَ کي سنڌ جا گهڻا اٻوجهه انسان، فقير صاحب سڏيندا آهن! مگر ويچارن کي خبر ئي ناهي ته، فقير جي معنى ڇا آهي ۽ فقير ڪنهن کي سڏجي؟
    فقير ۾ چار اکر آهن: ف - ق - ي - ر:
    ف: معنى فاقو، فضليت، فڪر ۽ فنا.
    ق: معنى قناعت، ۽ قرب.
    ي: معنى يادگيري الله جي ۽ يقين.
    ر: معنى رياضت ۽ رضا تي راضي.
    يعني فقير انهيءَ کي چئبو آهي جيڪو بُکون ڪاٽي يعني روزا رکي، فضيلت وارو هجي، ڪنهن تي به ٽوڪ بازي نه ڪري ۽ پنهنجي هستيءَ کي فنا ڪري، جيڪي وٽس هجي انهيءَ تي قناعت ڪري ۽ قادر جو قرب هجيس. رياضت يعني بندگي ڪري ۽ رازق جي رضا تي هر دم راضي رهي.
    جنهن به فقير ۾ اهي مٿيون خوبيون نه هجن ته انهيءَ کي فقير سڏڻ عظيم گناهه آهي. اهڙي بدڪار کي پينو ۽ گداگر سڏجي ته بهتر ٿيندو.
    حضرت ابراهيم بن ادهم جي وقت ۾ هڪڙي فقير پنهنجي تنگ گذران بابت شڪايت ڪئي ته حضرت ابراهيم بن ادهم فرمايس ته: “شايد توهان فقيري مفت ورتي آهي”، “فقير وراڻيو ته: فقيري ڪا پئسن سان به وٺبي آهي ڇا”؟ حضرت ابراهيم بن ادهم فرمايس ته: “هائو! اسان فقيري ڳولي ۽ تونگري پيش ڪئي سون، ٻين تونگري ڳولي ۽ فقيري نه لڌي.
    حضرت اويس قرني﷦جو قول آهي فقير جو پاڻي کوهه ۾، ماني غيب ۾ هوندي آهي. فقير جو نه دنيا وطن آهي، نه عقبى جاءِ آهي.

    حضرت بشر حافي جو قول آهي ته فقير ٽن قِسمن جا آهن:
    1. هڪڙا اُهي جيڪي اصل سوال نه ڪندا آهن، جيڪو ڪجهه ٻيو ڏيندو اٿن سو به نه وٺندا آهن، اهي آهن روحاني فقير. اهي جو ڪجهه رب العالمين کان گهرندا آهن، سو انهن کي ڏيندو آهي. انهن جي دعا يا انهن جو سوال هميشه قبول پوندو آهي.
    2. ٻيا اُهي جيڪي پاڻ سوال نه ڪندا آهن پر جيڪڏهن ڪو ڏيندو اٿن ته وٺندا آهن. اهي آهن توڪلي ۽ وچين درجي جا.
    3. ٽيان اُهي آهن جيڪي صبر ڪري ويهندا آهن ۽ پنهنجي مستيءَ ۾ گم هوندا آهن ۽ دم دم ۾ الله تعالى جي يادگيري رکندا آهن. ڏيڻ، وٺڻ، کائڻ، پيئڻ طرف ڌيان نه هوندو اٿن.

    حضرت جنيد بغدادي جو قول آهي ته جڏهن ڪو فقير ڪنهن حاڪم يا بادشاهه وٽ وڃي ته پڪ ڄاڻ اهو چور آهي. جيڪڏهن وري ڪنهن دنيا دار وٽ وڃي ته پڪ ڄاڻ ته اهو ٺڳ آهي. ڇو ته جيڪڏهن فقير کي نعمت نه آهي ته همت آهي، جي دنيا نه آهي ته آخرت آهي.
    حضرت بوعلي سينا قلندر جو شعر آهي ته:
    زهد و تقوى چـيست اي مرد و فقير،
    لاطمع بودن ز سلطان و امـير.

    زهد ۽ پرهيزگاري ڇا آهي اي مرد فقير، لاطمع ٿيڻ بادشاهن ۽ اميرن کان.
    حضرت خواجه معين الدين چشتي اجميري فرمائن ٿا ته: فقير پاڻ کي فقيريءَ ۾ تونگر ڏيکاري، پنهنجي بُک ڪنهن جي اڳيان ظاهر نه ڪري، ڏُک ۾ خوش ڏسڻ ۾ اچي ۽ الله جي مخلوق سان بُرائي جي بدلي نيڪي ڪري.
    حضور حبيب ڪريم عربي ڄامﷺجن جو ارشاد آهي:
    “اَلفَقرُ مِنّي وَ الفَقرُ فَخُرِي”
    (فقيري مون مان آهي ۽ ان تي مون کي ناز آهي).
    آقاءِ نامدار تاجدارِ مدينهﷺ جن فرمايو هر شيء جي هڪ ڪنجي آهي ۽ جنت جي ڪُنجي فقيرن ۽ مسڪينن سان محبت ڪرڻ آهي ۽ انهن تي ڪو به گناهه ناهي ڇو ته هو قيامت جي ڏينهن الله تعالى سان گڏ ويهڻ وارا آهن.
    پاڻ ڪريمﷺحضرت ابوذر غفاري﷦ کي فرمايو ته:
    اي ابوذر فقيرن جوکِلڻ عبادت آهي، انهن جي خوش طبعي تسبيح آهي ۽ انهن جو سمهڻ صدقو آهي. الله پاڪ انهن ڏانهن هر ڏينهن ۾ ٽي سؤ ڀيرا نگاهه فرمائي ٿو. جيڪو شخص فقيرن ڏانهن 70 ستر قدم کڻندو ته الله تعالى هر قدم جي بدلي ان لاءِ 70 حج مقبول لکندو ۽ جيڪڏهن ڪو شخص انهن وٽ طعام کڻي وڃي گڏجي کائيندو ته هي ان لاءِ قيامت جي ڏينهن وليمو هوندو.
    ڪائنات جي ڪارڻي ۽ يتيمن جي يارﷺ فرمايو: قيامت جي ڏينهن الله تعالى فقيرن ۽ مسڪينن کي گهرائي چوندو ته پنهنجا چهرا صاف ڪيو ۽ انهن کي سڃاڻي وٺو جن دنيا ۾ توهان کي ڪو گرهه کارايو هجي يا ڪجهه پياريو هجي، يا ڪپڙو ڍڪايو هجي، يا توهانجو غم دور ڪيو هجي ته انهن کي جنت ۾ وٺي وڃو.
    سرورِ ڪائناتﷺ جن جو فرمانِ عالي شان آهي ته فقراءَ جي دوستي اختيار ڪريو، ڇو ته انهن لاءِ الله وٽ دولت آهي، ائين نه ٿئي ته ان جي دولت سان محبت رکو. منهنجي آقاﷺ جو وڌيڪ فرمان مبارڪ آهي ته فقيرن ۽ مسڪينن سان محبت ڪرڻ رسولن جي اخلاق مان آهي ۽ انهن سان گڏ ويهڻ متقين جي اخلاق مان آهي ۽ انهن کان ڀڄڻ منافقن جي نشاني آهي.
    اُمت جي خاص الخاص خير خواهه نبي سهڻيﷺ پنهنجي هڪ حديث ۾ ائينءَ به فرمايو آهي ته منهنجي اُمت جا فقير مالدارن کان اڌ ڏينهن اڳ ۾ جنت ۾ داخل ٿيندا ۽ اهو اڌ ڏينهن 500 پنج سؤ سالن جو ٿيندو.
    فقيري سراسر نياز آهي:
    شروع ۾ ئي پڙهي آياسين ته جهانن جي سردار حضور حبيب ڪريم ﷺ جن فرمايو ته فقيري مون مان آهي ۽ مون کي ان تي فخر آهي. معراج جي موقعي تي جڏهن الله ڪريم کين فرمايو ته اي حبيب! مان ته تنهنجو ٿي ويس، مگر تو منهنجي لاءِ ڪهڙو تحفو آندو آهي؟ اسان جي آقا ۽ سچي سردار عرض ڪيو ته يا ربّ العالمين، مون اهو تحفو آندو آهي، جيڪو تو جلالہ وٽ ناهي! الله ڪريم فرمايو اها ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا مون ڪريم وٽ ناهي. پاڻ وڏي عجز ۽ ادب سان فرمايائون.
    اي ربّ ذوالجلال! مون تنهنجي بارگاهه بي نياز ۾ پنهنجو”نياز” تحفو آندو آهي. اهائي ادا توکي پسند آهي ان تحفي پڄاڻان ربّ ڪريم ايترو ته راضي ٿيو جو پنهنجي حبيب کي ڪل ڪائنات جو مالڪ و مختيار ڪري ڇڏيائين، ايستائين جو خود پاڻ حبيب ڪريم ﷺ تي صلواتن جا نغما شروع ڪري ڏنائين ۽ پنهنجي ملائڪن کي پاڻ انهيءَ ڊيوٽيءَ تي لڳائي ڇڏيائين ۽ پاڻ انسان ذات مان فقط مؤمنن کي ان شغل ۾ شامل ڪرڻ لاءِ چونڊيائين. مٿي فقير جي، جو ايڏي فضيلت بيان ٿي سا نصيب ٿئي ئي درِ مصطفى مان ٿي ۽ در رحمت مصطفى تڏهن کلندو جڏهن سندس دربار عاليه ۾ لاتعداد درودوسلام جا تحفا پيش ٿيندا.
    اهي به نهايت دل جي حضور، خلوص ۽ محبت سان جي اسان اهو ورد محبت ۽ سراپا ادب ۽ نياز نوڙت سان جاري رکون ۽ دَرِ اقدس تي مقبول ٿي پئون ته ان فقيري مان ڪاونڊ ضرور ملي پوندي ۽ محبوبن جي محبت جو ذرو ملي پوندو ۽ پوءِ ٻئي جهان موچارا ٿي پوندا.
    اي حق ۽ سچ جي راهه جا طالبو! گهڻي خفي ۾ نه پئو، ڊگهين ۽ اڙانگن واٽن ۽ ورن وڪڙن ۾ وڃي نه ڦاسو ۽ پنهنجي عمر عزيز جا ڏينهڙا ڏوجهرن ۾ نه وڃايو، بس ڏينهن رات ۽ پل پل قيمتي ڄاڻي ڪائنات جي ڪارڻي، شفاعت ڪبرى جي مالڪ، حوض ڪوثر جي ساقي، ڪل ڪائنات جي خالق و مالڪ ربّ ذوالجلال والاڪرام جي زورپياري حبيب حضور ڪريمﷺ جي ذات بابرڪات تي درود ۽ سلام پڙهڻ شروع ڪري ڏيو ۽ فقيري رنگ ۾ رنگجي وڃو.
    عُلَمَاء ۽ فُـقَراَء:
    علماء انهن کي چئجي ٿو، جيڪي انبياء  جا وارث ۽ آثارِ محمدي على صاحبهاالصلواة والسلام جا تابع ۽ الله تعالى جا امين هجن. مطلب عالم اهو ئي آهي، جيڪو علم جي اطاعت ڪري ۽ عام مان خاص ٿئي ۽ فاضل اهو آهي، جنهن جو فيض درياء وانگر عام هجي ۽ دانشور اهو آهي، جيڪو پنهنجي نفس جو محاسبو ڪري ۽ ان جو مدعي ٿيل رهي. هي ڪم عامل علماء ۽ ڪامل فقراء جو آهي.
    علم ٻه قسم آهي:
    هڪ رحماني، ٻيو شيطاني ۽ حب دنيا، حرص، هوس، حسد، بدعت ۽ ضلالت آهي.
    ارشاد نبويﷺ آهي:
    “طَالِب ٌ مُذَڪَّر ٌ”
    (الله جي طلب ڪرڻ وارا (عالم) مرد آهن).

    ارشاد باري تعالى:
    “وَالّذِينَ اُوتُواالعِلمَ دَرَجٰتٍ”
    (جن ماڻهن کي (حق ۽ باطل، سچ ۽ ڪوڙ جي سڃاڻپ جو) علم ڏنو ويو، انهن جا وڏا درجا آهن.)
    عالم اهو آهي، جيڪو عامل هجي، عامل معنى سڃاڻندڙ ۽ فرمانبردار، بنا عمل جي علم ائين آهي جيئن گڏهه تي آٿر.
    ارشاد نبويﷺ:
    “اَلعِلمُ نُڪتَةٌ وَڪَثرَتُهَا لِلعَمَل”
    (علم ته هڪ نڪتو آهي (هڪ سڌي واٽ آهي جنهن سان هلي منزل تي پهچي وڃجي ٿو، باقي علم جي ڪثرت عمل لاءِ آهي. (يعني علم جي ڪثرت هڪ دنيا، هڪ جهان ۽ جهنگ آهي، جنهن ۾ گهڙي ڪري ماڻهو پيو رستو ڳولي).
    ارشاد نبويﷺ آهي:
    “اَلعُلَمَاءَ وَرَثَةُ الاَنبِيَاءِ”
    عالم انبياءِ ڪرام جي ورثي جا وارث آهن. ان ڪري عالم ان طريقي (واٽ، نڪتي) جي پيروي ڪن ۽ حرص، لالچ، حسد، وڏائي، غرور، رياء، فسق ۽ فجورجي جهنگ ۾ ڦاِسڻ کان پري رهن.
    ارشاد نبوي آهي:
    “لولا الحسد في العلماء لصارو ابمنزلة الانبياءِ”
    (اگر عالمن ۾ حسد (وارو مرض) نه هجي ته جيڪر اهي انبيائن جي منزل تي هجن)
    حسد جو منڍ پاڙ دنيا جي لالچ آهي. ان ڪري علماء کي دنيا سان قطعي رغبت ۽ محبت نه هجڻ گهرجي، جيئن فقير دنيا کان لاتعلق هوندا آهن.
    عالم ۽ فقير ۾ فرق:
    جيڪو فقير آهي اهو عالم به آهي جيڪو عالم آهي اهو ولي آهي ۽ ولي هميشه واصل خدا هوندو آهي. پر هر عالم فقير نه هوندو آهي. عالم، طالب علم هوندو آهي ۽ فقير طالب المولى، عالم جي نگاهه حرفن ۽ سٽن تي هوندي آهي ۽ فقير جي نظر معرفت ۽ حضور تي. عالم چوي ٿو ته فقه جا مسائل ياد ڪريو. فقير چوي ٿو:
    “اُذڪُرُو اللهَ ذِڪراً ڪَثِيراً”
    (الله تعالى کي ڪثرت سان ياد ڪريو).
    اکر پڙهه الف جو، ورق سڀ وسار،
    اندر تون اجار، پنا پڙهندين ڪيترا.

    (شاهه لطيف)
    فقير دنيا مافيها کان بيزار آهي. عالم چوي ٿو دنيا داري ۾ نيڪنامي آهي.
    ارشاد نبويﷺ آهي:
    “اَلدُّنيَا جِيۡفَةٌ وَطَالِبُهَا ڪِلَابُ”
    (دنيا ڍونڍ آهي، ان جا چاهيندڙ ڪُتا آهن. (ڪهڙو عقلمند پاڻ کي ڪتو ٺاهيندو).

    فرمان مبارڪ آهي:
    “الدنيا ڪنيفة الادٰم”
    (يعني دنيا ماڻهوءَ جو پاءِ خانو آهي)
    ڪهڙو عقلمند ۽ هوشمند ڪاڪُوس کيسي ۾ کڻندو ۽ ٽِجوڙين ۾ لڪائي رکندو؟.
    دنيا ٽن فرقن ۾ ونڊيل آهي:
    • هڪ اهل دنيا: يعني دنيا جا طالبو يا دنيا وارا دنيادار، انهن کي جنس جي اعتبار سان کدڙو (يعني نر نه مادي) قرار ڏنو ويو آهي. اهي رامٽيريل يعني جهنم جو ٻارڻ آهن.
    • ٻيا اهل علم: اهي جنت جي نعمتن ۽ هار سينگار جا طالب آهن. انهن کي عورتن ۾ شمار ڪيو ويو آهي.
    • ٽيان آهن اهل فقر: اهي فقط پنهنجي مولى جا طلبگار آهن. ٻي هر ڪالذت ۽ نعمت ڇڏي وصال يار جي مهم ۾ محو آهن، انهن کي مرد قرار ڏنو ويو آهي. مرد هميشه مهم ۾ رڌل هوندو آهي ۽ عورتون ۽ ٻار کدڙا سڀ پوئتي بي کُٽڪا (دنيا جي) گهرن ۾.
    • عالم چون ٿا: خوب پڙهو، ڏاها ٿيو۽ بادشاهن جا مصاحب ٿيو، حڪومت جا حصيدار ٿيو.
    • فقير چوي ٿو: توڪل کي پنهنجو شعار ٺاهيو ۽ الله تعالى سان خوش رهو.
    • عالم چون ٿا: علم صرف ۽ نحو پڙهو، اهي عِلم اصول ۽ ڏاهپ وارا آهن.
    • فقير چوي ٿو: علم لدني (معرفت ربي واري) جو هڪ حرف پڙهڻ به ڪافي آهي. ارشاد باري تعالى آهي:”وعلمنا من لدنا علما” الله تعالى انهن کي پنهنجي اسرار ۽ معرفت واري علم مان سيکاريو آهي.
    عالم پنهنجي ڏاهپ ۽ دانشوري ۽ شعور جا دنيا ۾ ڪِلا کوڙين ٿا، مگر فقير عاشق ۽ چريا آهن ۽ هر وقت حضور ۾ حاضر آهن.

    سهڻي لطيف فرمايو:
    الا! ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن،
    ڀوريون ڀُتارسين، کليو کير پيئن،
    مون سين مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا.

    (شاهه لطيف)
    عالمن کي پنهنجي علم تي ناز ۽ فخر هوندو آهي، هو پنهنجي علم جا ڏونڪا وڄائي دنيا ۾ مشهوري ماڻين ٿا ۽ پاڻ کي درگاهه جو دادلو ۽ سچو ٻانهو ڀانئين ٿا.
    فقير پاڻ کي لڪائي هميشه يار جي ذڪر ۽ فڪر ۾ مشغول رهي مسُتغرق ۽ محو رهن ٿا ۽ علم باطني حاصل ڪن ٿا ۽ ڊڄندا رهن ٿا، فخر ۽ وڏائي کان سهڻي لطيف فرمايو:

    سڱ پسي سرهي نه ٿي، متان هوت نه پنهنجو ڪن،
    دادليون درگاهه تي، ويٺيون رت روئن،
    لکين لوڌائي ڇڏيون، ٻانهيون ٻاروچن،
    اهي ڪيئن پرين پسن، زور جنين کي ذات جو.

    فقيرن وٽ بظاهر ڪا ڌن دولت نه هوندي آهي، مگر عالمن جو ملاحظو فرمائي سگهجي ٿو، بي ثمر فقيرن جو حال ڏسي سهڻي لطيف سائين فرمايو.
    ثمر جنين نه ساڻ، هوت حمايتي تن جو،
    ڪري ڇيڄ ڇپر ۾، پنهون ايندو پاڻ،
    ٿيندي ريجهه رهاڻ، لحظي منجهه لطيف چئي.

    فقير خادم آهن، عالم مخدوم آهن، خادم مخدوم کان افضل هوندو آهي، عربي ڄام جو فرمان آهي: “سيد القوم خادمهم”. قوم جو خادم ئي قوم جو سردار هوندو آهي.
    عالم دنيا لاءِ جيئي ٿو، فقير پاڻ ماري ابدي زندگي حاصل ڪري ٿو، ارشاد گرامي آهي: مُوۡتُوۡا قِبۡلَ اَنۡ تَمُوۡتُوۡا.
    سهڻي لطيف فرمايو:
    مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿين نه مات،
    هونداسي حيات، جيئڻا اڳي جي جيا.

    ***

    مرڻ ۾ مُسلم جن، واحد تن نه وسري،
    مٿي سڳر ڪاپڙي، نانگا ننڊ نه ڪن،
    نيڻ سدائين تن، اوجاڳي اُجاريا.

    ***

    مَري، جيءُ نه ماڻيين، جانب جو جمال،
    ٿئيين هوند حلال، جي پند اها پاريين.

    عالم جان سان زنده آهي ۽ فقير دل سان، عالم الله تعالى کي دلين سان سڃاڻن ٿا ۽ اهڃاڻن جو سهارو وٺن ٿا، مگر فقير الله تعالى کي بنا دليل جي بغير چون و چُرا جي سڃاڻن ٿا ۽ سدائين حضور ۾ حاضر رهن ٿا.
    عالم صاحب مرقوم (لکيل تي نظر رکندڙ) هوندو آهي، فقير صاحب نظر (الله تعالى جي اسرارن تي نظر رکندڙ) هوندو آهي.
    عالم بي اختيار هوندو آهي دليلن کانسواءِ، مگر فقير بنا دليلن جي با اختيار هوندو آهي. عالم جا درجا بلاشڪ تمام وڏا آهن، مگر فقير چوي ٿو ته عالم سلوڪ ۽ تصوف جي راهه کان بي خبر آهي، عالم جي نظر دنيا ۽ ان جي لذتن تي آهي، فقير جي نظر خوف ۽ عقبى تي آهي.
    عالم چوي ٿو ته آخر ۾ جنت ڪهڙي نه مسرت جي جاءِ آهي پر فقير چوي ٿو ته الله تعالى جي لقا ۽ محبوب جي ديدار کانسواءِ سڀ ڪجهه فحش ۽ خواري آهي. عالم چوي ٿو فقير احمق ۽ ديوانو آهي، فقير چوي ٿو عالم الله تعالى کان پري ۽ دنيا کي ويجهو آهي، عالم چون ٿا منطق ۽ حڪمت جو علم پڙهڻ ڀلو آهي. فقير چوي ٿو الله تعالى جي ذڪر ۽ حمد و ثنا ۽ ان جي ياد کانسواءِ رهڻ زندگي ضايع ڪرڻ آهي.
    عالمن وعظ ۽ نصيحت ڪري ڪتاب لکي انبار لڳايا، مگر ڪنهن نصيحت حاصل نه ڪئي. مگر فقير جي هڪڙي گفتي سان تقدير بدلجي وڃي ٿي.

    ارشاد گرامي آهي:
    “لِسَانُ الفُقَراءَ سَيفُ الرَّحمَان”
    فقيرن جي زبان الله تعالى جي تلوار آهي، جنهن دل کي چاهين، الله جي ذڪر سان حلال (ذبح)ڪري وجهن. (ذاڪر ڪري وجهن).
    عالم جاڳندي عبادت ڪري ٿو، مگر فقير جي ننڊ به عبادت آهي، ڇو ته سندس قلب جاڳندڙ ۽ زندهه آهي.
    ارشاد نبويﷺ آهي:
    “اِنۡ عَيۡنَايَ تَنَامَانِ وَلَايَنَامُ قَلۡبِيۡ”
    (منهنجو اکيون ننڊ ڪن ٿيون ۽ دل جاڳندي رهي ٿي).
    نبي پاڪﷺ فرمايو:
    هر هڪ شيءِ جي صفائي آهي ۽ دل جي اجرائي الله تعالى جي ذڪر سان آهي.
    سهڻي لطيف فرمايو:
    تن تسبيح، مَن مڻيون، دل دنبورو جن،
    تندون جي طلب جون، وحدت سر وڄن،
    وحده لاشريڪ لہ، اهو راڳ رڳُن،
    سي سُتائي سونهن، ننڊ عبادت ان جي.

    مطلب ته فقيري، درد ۽ غم ۾ ڀريل رهڻ، رات ڏينهن خون جگر ساڙڻ، فقر فاقه ۽ بک ۾ رهڻ ۽ مصيبتن تي صبر ۽ شڪر ڪرڻ جو نالو آهي.
    باقي گهر ۾ رهي عيش ۽ عشرت سان ننڊون ڪرڻ عمدا کاڌا حلوا، پلاءَ، زردا، شربت ۽ ميوا کائي ٿلها متارا ٿيڻ وارا فقير نه ٿا ٿي سگهن.
    ارشاد نبويﷺ آهي:
    “لِڪُلِ شَيءِ مِفتَاحُ وَ مِفتَاحُ الجَنة حُبُ الفُقَراءِ”
    (يعني هر هڪ شيءِ جي ڪنجي ٿئي ٿي، جنت جي ڪنجي فقيرن جي محبت ۽ انسيت آهي).

    عالم عبادت جي مزدوري ثواب طلبي حاصل ڪري ٿو. فقير الله تعالى کان الله ئي طلبي ٿو يعني سندس لقا ۽ رضا جو خواهش مند آهي، عالم سٽن ۽ صفحن جو مطالعو ڪري ٿو ۽ فقير دل جو مطالعو ڪري ٿو ۽ رُخ محبوب پڙهي ٿو ۽ انوار تجليات جو مشاهدو ڪري ٿو. ان ڪري ان جو موت به حيات هوندو آهي.
    سهڻي شاهه لطيف فرمايو:
    جن کي دور درد جو، سبق سور پڙهن،
    فڪر ڦرهي هٿ ۾، ماٺ مطالعو ڪن،
    پنو سو پڙهن، جنهن ۾ پسن پرينءَ کي.

    ***
    جن وڃايو وجود، سي فاني ٿيا “في الله” ۾،
    نه تن قيام، نه قعود ۾، نه ڪوڪن سجود،
    جيلان ٿيا نابود، تيلان گڏيا بود کي.

    ***

    فقير سخي آهي، سندن گودڙي مان سڀ ڪو پيو فيض وٺندو، عالم تنگ دل آهي. ٻئي نعرو هڻن ٿا: هل من مزيد. اڃان وڌيڪ کپي! عالم کي ظاهري علم ۽ دنيا. فقير کي لقا ۽ رضا.
    عالِم جي دوستي عالم خلق ۽ علم سان، پر فقير جي دوستي الله تعالى سان هوندي آهي. ارشاد باري تعالى آهي: الله تعالى جا دوست (فقير) مرن نه ٿا بلڪ اهي هڪڙي گهر کان ٻئي گهر ڏانهن آندا وڃن ٿا. عالم پنهنجي حفاظت علم ۽ دولت سان ڪن ٿا، مگر فقير جي حفاظت خود خدا ڪري ٿو.
    حديث قدسي آهي:
    “اِن اَولِياءَ تَحتَ قُبائي”
    (منهنجا دوست منهنجي (رحمت جي) چادر هيٺان (حفاظت ۾) آهن).
    عالِم جو موت عالَمَ جو موت سمجهيو وڃي ٿو، مگر فقير جي موت لاءِ عربي ڄام فرمايو: الموت جسريوصل الحبيب الي الحبيب. يعني فقير لاءِ موت هڪ پُل آهي. جنهن تان گذري حبيب پنهنجي حبيب سان اچي ملي ٿو.

    ارشاد باري تعالى آهي:
    “وَاللهُ يَخۡتَصُّ بِرَحۡمَتِہٖ مَنۡ يَّشَاءُ وَاللهُ ذُوالۡفَضۡلِ الۡعَظِيۡم”
    (الله تعالى جنهن کي، مرضي پويس پنهنجي رحمت سان خاص محبوب بنائي ٿو، اهو ئي وڏو فضل ڪرڻ وارو آهي).
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي گهوٽ سُر رامڪلي ۾ فقيرن بابت فرمايو ته:
    مُونا طُورسينا، سندا سناسين،
    سجدي ۾ سيّد چئي، گوڏا گودڙين.
    فَکانَ ڪاَبَ قَوسَينِ اَو اَدنىٰ، ٿا نانگا ايئنءَ نِمن،
    ڪُلُ مَن عَليَها فانٍ باقي ڪين بچن،
    اَللهُ وَلِيُ اّلذين اٰمَنُو يُخرِجُهم مِنَ الظُلُمَاتِ اِلَي النّورِ
    ٿا اهڙي پَر پُرن،
    خَرَ مُوسىٰ صَعِقاً جوڳي جُنگ جلن،
    مَازَاغَ البَصَرُ وَمَا طَغىٰ اهڙي روش رون،
    مشاهدو محبوب جو اتي آديسن،
    ري پسڻ ري سڻڻ ري وصال وِهن،
    ري پُرڻ ري ٻولڻ ٿا اهڙي چال چلن،
    سيد چوي سندين، تون ڪَلَ پڇين ٿو ڪهڙي؟

    شاهه صاحب جن فرمائين ٿا ته سنياسي فقير جو مُراقبو طور سينا جبل تائين آهي. سيد فرمائي ٿو ته رِلي کڻندڙ جوڳي فقير جا گوڏا سدائين سجدي ۾ آهن. جيئن حضورﷺ جن خدا کي ٻن ڪمانن جيترو ويجها ويا بلڪ ان کان وڌيڪ، تيئن نانگا فقير اهڙي نموني خدا کي ويجهو پهچن ٿا. جيڪي زمين تي آهن سي سڀ فنا ٿيڻ وارا آهن، باقي ڪجهه نه بچندو سواءِ ذات الله جي. الله تعالى ايمان وارن جو دوست آهي ۽ انهن کي ڪڍي ٿو اونداهي مان، آڻي ٿو روشني ڏانهن. جوڳي فقير اهڙي رَوَشِ وٺن ٿا. جيئن حضرت مُوسى طورسينا جبل تي بيهوش ٿي ڪري پيو تيئن جوڳي فقير اهڙي طرح جلن ٿا ۽ اُتي آديسي فقيرن جو مشاهدو آهي. سواءِ ڏسڻ جي، سواءِ ٻڌڻ جي ۽ سواءِ وصال جي وهن ٿا. سواءِ هلڻ جي ۽ سواءِ ٻولڻ جي، اهڙي طريقي سان هلن ٿا. شاهه صاحب جن فرمائين ٿا تون انهن فقيرن جي ڪهڙي خبر چار ٿو پڇين؟

    مُونا طُورسينا، سندا سناسين،
    طالِبُ المَولىٰ مُذڪرَّ اي ڪلام ڪيائون ڪن،
    سِڪَڻ کي سَڀين پَرين ٻجهي ڏنائون ٻَنّ،
    الف آديسين، چونڊي رکيو چِتَ ۾.

    يعني: سنياسي فقيرن جو مراقبو طورسينا تائين آهي. الله تعالى جا طالبو مذڪر آهن، اهو قول دل سان هنڊايائون. ڄاڻي ٻجهي ظاهري کي سڀني نمونن يا طريقن سان ترڪ ڪيائون، انهن آديسين الله جو اکر پسند ڪري پنهنجي دل ۾ رکيو.
    راهه شريعت هليا تَفَڪرُّ طرَيقوُنِ،
    حال حقيقت رسيا معرفتون ماڳُونِ،
    نا سوت، ملڪوت، جبروت اِنام لَڌُونِ،
    پس لاهوت لنگهئُون هاهوتا مٿي هليا.


    يعني: اُهي فقير شريعت جي رستي تي هليا ۽ سندن طريقو فڪر آهي، حقيقت کي وڃي رسيا. معرفت انهن جي جاءِ آهي. ناسوت (سلوڪ جي پهرين منزل مطابق شريعت) ملڪوت (ٻي منزل مطابق طريقت) جبروت (ٽئين منزل مطابق حقيقت) هاهوت (چوٿين منزل مطابق معرفت) اي انعام اُنهن لڌو آهي. پوءِ لاهوت لامڪان کان لنگهي هاهوت جي منزل کان مٿي هليا ويا.
    ياد گُرو ڪن گودڙيا ڀر بازار بيٺا،
    پڙهن سُور سُبحان جي پِين تَهه پِيٺا،
    جيلاهه مُنهن مِيٺا، تيلاهه نشا نينهن جا.

    ***
    قوت ڪڙايا ڪاپڙي طعام نه طامائو،
    سين هيائون سُڃ ۾ پهر نه پنيائو،
    اَوسر آسائو، اُٿي گوندر گڏيا.

    معنى: ڪاپڙي فقير جو قوت يعني کاڌو ڪڙائي آهي. هو طعام جا طمعدار نه آهن. سڃ ۾ سين هڻي ماڻهن کان ڪجهه نه گهريائون. ڏک جا طالبو ٿي ڌڻي تعالى سان ملي ويا.
    وچين ويٺا رهن سانجهي رهن سمهي،
    بُک مرندي بِکيا ڪنهن کان ڪين گهرن،
    پيٽ نه هيرايائون پنهنجا چوري ساڻ چشن،
    ڦڪي فقيرن، ماڳيا پني ماٺ جي.

    ***
    ڪشي چيلهه ڪشا، ڏيل ڪيائون ڏٻرا،
    لاهوتي لطيف چوي تن کي ڏيئي تسا،
    گرو جي گسا، پاسي ڪن نه پاڻ کي.

    ***


    طالب دعا
    عاجز رحمت الله لاشاري
    باني: سنڌ سُگھڙ لوڪ ادب تنظيم “سلات”
    مرڪزي دفتر: سيدآباد ڄامشورو، سنڌ
    0301-3566707, 0346-3685474


    پنهنجي پاران

    الله سائين جا احسان جنهن مون نا چيز کي ڏات ڏني ۽ هن سماج ۾ سر خرو ڪيو. رب پاڪ جا لک شڪرانه ڪيان جيڪا طلب منهنجي هئي سا سهڻي پرور پاڪ پوري ڪئي. جيڪو منهنجو حال آهي سو مان پنهنجي پرين اڳيان پيش ڪريان ٿو. هيءَ ساري عنايت منهنجي مٺڙي مالڪ سائينءَ جي آهي. جنهن هن سهڻي سنڌ سون ورني زمين تي اعليٰ قدر انسان پيدا ڪيا جن مان اسان کي فاعدي جي منزل جا رستا پڻ کُلي ويا آهن. جو هن راهه ۾ پانديئڙا به لعلون لهن ٿا. جن پنهنجي دل ۽ دماغ کان ڪم وٺي. حسين هيرن جي ماڳ تي پهچي ڪري پنهنجون خالي جهوليون پڻ ڀرن ٿا. اهو سڀ ڪم پيار محبت جوئي آهي. جڏهن جنهن کي الله عشق ڏئي ٿو. پوءِ ڪنهن جي به ذات تي ڏات ناهي.
    منهنجا سهڻا سائين مان شاعريءَ جي شروعات 98-1997ع کان ڪئي. تڏهن علي مراد ٿهيم سگهڙ اسان جي شهر لعلورائنڪ ۾ رهندو هو. جنهن جي صحبت ۾ اچي ڪري سگهڙائپ جو فن شروع ڪيو استاد علي مراد ٿهيم مون کي نئوديرو ضلع لاڙڪاڻو وٺي ويو اتي رهندڙ استاد غلام قادر ڀٽو سان ملايو جنهن استاد غلام قادر ڀٽو کي چيو ته عبدالخالق عرف مولا بخش شيديءَ کي توهان سگهڙائپ جو ڳانو ٻڌو ۽ پنهنجو شاگرد ڪيوس.2000-01-01ع تي مون کي ڳانو ٻڌي ڪري مٿي تي شفقت جو هٿ ڦيرائي ڪري چيو ته پٽ هاڻي تون سگهڙائپ جو فن جاري رک جو 2002-02-15 استاد غلام قادر ڀٽو کي سون ۽ چانديءَ ۽ هيرن سان جڙيل ڇهه (6) تولا جو تاج علامه فقير هدايت علي نجفي (تارڪ) هفت زبان شاعر عامل ڪامل اولياءُ جي درگاهه تي پڻ تاج پوشي ڪئي وئي 2002-08-14 ۾ استاد غلام قادر جي دعائن ۽ شفقت سان ۽ استاد غلام قادر جي زيرنگراني ۾ سنڌ سگهڙ ادبي ڀلائي جماعت تعلقه وارهه جو صدر مقرر ڪيو ويو.
    منهنجي پاڙيسري سگھڙ ارشاد عرضائي سان منهنجي پراڻي دوستي هئي جيڪو مون کي ڪافي عرصي کان چوندو رهيو ته تون اسان جي تنظيم ۾ اچ جنهن جي صحبت ۾ مون سنڌ سگھڙ لوڪ ادب تنظيم “سلات” ۾ ميمبر شپ ڪئي جنهن بعد بانيِءِ “سلات” عاجز رحمت الله لاشاري ۽ ارشاد عرضائي ۽ ٻين دوستن جي مهرباني سان تنظيم “سلات” جي پليٽ فارم تي ساڳيو ئي عهدو ڏئي ڪري تعلقه واره جو صدر مقرر ڪيو ويو. هن ناچيز تي قادر جا ڪروڙين قرب ۽ لک لائق آهن ۽ سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم جي مرڪزي ۽ ضلعي سگهڙن ۽ عهديدارن جا هن ناچيز تي تمام گهڻا ٿورا آهن. منهنجي ايتري حيثيت نه آهي جنهن ڪري مون کي ايتري عزت آبرو بخشي وڃي مون کي جن دوستن ڪتاب شايع ڪرائڻ جا صلاح مشورا ڏنا جن مون سان ڪتاب جو سهڪار ڪيو آهي تن کي وسارڻ، جوڳو عمل نه آهي. جنهن ۾ باني چيئرمين سنڌ بلوچستان سگهڙ لوڪ ادب تنظيم “سلات” عاجز رحمت الله لاشاري صاحب جن تمام گهڻو ڪجهه سمجهايو ۽ ڪجهه هدايتون ڏنيون ته ادا توهان پنهنجو ڪتاب شايع ڪرايو انهيءَ ۾ بهتري اٿو. پوءِ سائين جن جي هدايت کي مد نظر رکي ڪري ڪتاب جي تياري ڪيم جنهن ۾ “سلات” ضلعي شڪارپور جو صدر محمد عالم مهر جنهن مون سان پوريءَ طرح سهڪار ڪيو ۽ مون سان ٻانهه ٻيلي ٿيو. جنهن کي مان فون ڪري چيو ادا محمد عالم مون ڪتاب ڇپائڻ جي تياري ڪئي آهي. توهان مهرباني ڪري پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي ڪري مون سان ڪتاب کي سهيڙڻ لاءِ منهنجي مدد ڪيو جنهن فون تي ئي منهنجي گذارش قبول ڪئي. پنهنجي ڳوٺ وزير آباد تعلقه لکي غلام شاهه کان مون ناچيز ڏانهن روانو ٿيو. جو شام ڌاري مون وٽ اچي پهتو پوءِ مواد کڻي هڪ بوڪ کان ٻئي بوڪ تي لکيوسين ان جا مان ڪيترا ڳڻ ڳڻي ڪيترا ڳڻيا. مون نالائق سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڏئي ڪري هن ڪتاب کي ڪتابي صورت تائين آندو اٿائين. شايد ته ايترا ٿورا مون مٿان ڪو پنهنجو به نه ڪري سگهي جيترا هن جا مون تي آهن. سندس کي الله سائين خضري حياتي ڏيندو ۽ ڏکڙن کان ڏور ڪندو. وڌيڪ وڙ ته عاجز سائين ڪيا جنهن ڪتاب کي سهيڙي، سموهي، پروف پڙهي، ترتيب ڏئي ڇپرائڻ جي قابل بڻايو.
    الله پاڪ شال سڄي سنڌ ۾ سلات جي باني جهڙا لوڪ ادب جو درد ۽ سگهڙن لاءِ جاکوڙڻ جو فڪر رکندڙ حريصَ پيدا ڪري جيڪي هن وِک کي اڃا به اڳتي وڌائن. (آمين يا رب العالمين).

    سگهڙ عبدالخالق عرف مولا بخش شيدي
    شهر لالو رائنڪ
    تعلقو وارهه ضلعو قمبرشهدادڪوٽ، سنڌ


    موضوع

    حمد و ثنا

    اول ساراهه ان جي ڪر جنهن سائينءَ وِڌو ساهه،
    رحم ڪرم سان رازق رسائي ٿو گندن کي گِراهه.
    سو ڪُلِ شيءِ تي قوي قادر اتم آهي الله،
    جو بگڙيل ڪم بڻائي بيشڪ آ هربيواهي واهه.
    تنهن دلبر جي دَرَ جي آهي راحِمَ ڏسي راهه،
    اٿئي سهڻي هيءَ صلاح منهنجي به “مولابخش” چئي.

    سدا ساراهه سائينءَ جي ڪر جو داتا آهي ديان،
    ڌيئر پُٽَ ڌن دولت ڏيندو آهي مالڪ مهربان،
    هٿ پير، اکيون ۽ عضوا ڏئي آ الله ڪيو احسان،
    واجب آهي هر وُجود کي حمد لکڻ حنان،
    “شيدي” ڪر شڪران، مادح ٿي “مولابخش” چئي.

    اول ساراههِ ستار تون صاحب رب سبحان،
    جنهن عربي ڏئي اسان کي آهي آگي ڪيو احسان،
    ان صدقي آدم کان عيسى تائين جوڙيو هيءُ جهان،
    ماڻهو، ملائڪ، جِنَ، جانور ۽ سارو هيءُ سامان،
    سڀ وَصَفُون ان سائينءَ جون ٿو فرمائي فُرقان،
    الحمد کان وَالناس تائين ڪٿان به پڙهه قرآن،
    هر مصحف ۾ موجود آهي حمد لکيل حنان،
    “شيدي” ڪر شڪران، تون مالڪ جو “مولابخش” چئي.


    اول ساراهون تنهن سائينءَ جون جنهن جوڙيو جڳ جهان،
    خاص خلقي موڪليو اُنَ عربي ڪري احسان،
    نازل جنهن نرمل تي ڪيو قادر پاڪ قرآن،
    تنهن جو مصحف ۾ موڪليو مولا شايع ڪري شان،
    ٻئي سرائون سيد کي ڏنيون خود راضي ٿي رحمان،
    هادي هدايت آ حضور هر دم ٿو فرمائي فرقان،
    اطيع الله واطيع الرسول رک ادا تون ايمان،
    سدا ساري سبحان، پيو شڪران ڪر “شيدي” چوي .

    اول آخر ظاهر باطن آهي بلڪل ذات باري،
    ٻيا سڀ اسم اٿس ٻاجهه ڀريا هڪ ڪَرڙو نام قهاري،
    انهيءَ منهنجي “مولابخش” چئي آهي جان ڳڻتي ڳاري،
    نيڪ عمل ڪو نظر اچي نٿو جي پرور ڳالهه پچاري،
    هي سڄي عمر اسان آهي گناهن منجهه گذاري،
    ميٽيندو محبوب محابي سزا ايندڙ ساري،
    سو ئي صدقي سيد جي سائين ڪندو ستاري،
    ناهي پت مون ڪا پاري، ٿو شرم ماري “شيدي” چئي.


    مَـدَح مصطفى ﷺ

    مصطفيٰﷺجي مَـدَح

    ساري جڳ ۾ عربي سائين، اُتم تنهنجو شان آ،
    وڏو اعليٰ افضل ڪَيَڙو، خدا تنهنجو مان آ.

    وڻ ٽڻ ٻوٽا پکي ۽ ماڻهو توتي صلواة پڙهن ٿا،
    حورون ملائڪ جن ۽ پريون تنهنجي اِطاعت ڪن ٿا،
    تنهنجي شان جو شاهد خود، خدا جو قرآن آ.

    ڏينهن ۽ رات خدا پاڪ کي بيٺي عرض ڪيائون،
    مٺڙو محمد صه آڻ اسان ۾، چاهه منجهان چيائون،
    خدا پاڪ ڏينهن رات تي، ڪيو احسان آ.

    تنهنجي ڪري هيءَ ساري خدائي جانب جڙي آهي،
    “مولابخش” ڀي شان تنهنجي ۾، شعر پيو ٿو ٺاهي،
    “شيدي” چوي تنهنجو ٿورائتو هي سارو جهان آ.


    -0-

    مَـدَح مصطفى ﷺ
    منهنجا مرسل مديني وارا،
    ساري دنيا جا سائين سهارا.

    دل چوي ٿي ڏسان مدينو،
    ڀريل سڪ سان آهي منهنجو سينو،
    دل جي دانهن سڻو دلدارا.

    ڪر ڪو پيارا پنهنجو ڪرم،
    چمان اچي چپن ساڻ تنهنجو حرم،
    جتي ڊيوٽي ڏين مَلَڪَ پيارا.

    حب تنهنجيءَ ۾ جيئندو آهيان،
    ڪري ياد مرسل روئندو آهيان،
    پيا نيڻن منجهان وَهن نارا.

    “شيديءَ “تي ڪر نُور نظارو،
    “مولابخش” کي ڏيکار گُنبذ پيارو،
    جتي لهندا مَلَڪَ هِن موچارا.


    -0-

    مَـدَح مصطفى ﷺ
    جوڙي جوڙ جهان جي هيءَ آهي ڌر ڌَڻي
    پرينءَ جي پيار جي حاڪم هام هڻي،
    ٻئي سرائون سيد کي ڏنائين خان کي کڻي،
    ڪلمي واري ڪريم کي وئي ڳالهه وڻي،
    ڀورل خاطر بڻي، آهي شاهي شفقت “شيدي” چئي.

    اميد آهي عربيءَ ۾ اسان جي واهر ڪندو وير،
    پُلصراط واري پتڻ کان پار ڪرائيندو پير،
    ڪُلني سان ڪٺي هوندو محب منهنجو منير،
    ڪري ضمانت ضعيفن جون کنڊون پياريندو کير،
    اهڙو ٿيندو اعليٰ ڪم اڪسير، جو لهندا مونجهارا “مولابخش” چئي.


    سينگار

    ڪاريهر وڌ ڪارن تي ڀؤنر به ڪن ڀڻڪار،
    عجب سونهن عجيب جي سهڻا سڀ سينگار,
    ڀورل جي ڀِروَن ۾ آهي عجب وڏو اسرار،
    نيڻ نشيلا نرمل جا آهن نُور ڀريا نروار،
    چانڊوڪي وڃي چنڊ جي، جي مُرڪ ڪري منٺار،
    عينن ۾ عجيب جي، آهي جوڙ وڏو جنسار،
    لب لعل گلابي لعلڻ جا ها گلڙن وڌ گلزار،
    دندان مبارڪ دلبر سان ڇا لڳي چيهه سندي چمڪار،
    ٻولي ٻڌي ٻهڳڻ جي ڪوئل ڇڏي ڪوڪار،
    ڪندو پرين ٻيڙا پار، محشر ۾ “مولابخش” چئي.

    آئين عربي نه هيئي ڪمي ڪا سينگار کان،
    سَرَوَ قد تنهنجو حُسُن تکو تلوارَ کان،
    خاص کوڻين بس ڪئي تو دادلي دلدار کان،
    ڪارا ڪيس ڪاريهرن ڏسي ور هنيان وار کان،
    عين نين عجيب آهن جڙيل وڌ جنسار کان،
    مُنهن وڌ مهتاب کان ۽ سونهن وڌ گل و گلزار کان،
    خوبي خوب ملي هميشه پالڻ هار جي پار کان،
    حوران حيران ٿيون اتي ائين دلبر تنهنجي ديدار کان،
    عربي منهنجو عرض اگهايو پارس ڪيم پڪار کان،
    ملندي معافي “مولابخش” محب مٺي منٺار کان،
    قربائتي قربدار کان ٿيندي شفا “شيدي” چوي.

    -0-

    سينگار
    اچڻ ساڻ احمد کي هئا سوين ٿيل سينگار،
    ڪهڙي ڪري ڪهڙي ڪريان ساراهه مان سردار،
    روء زمين روشن ٿي هئي آمد ساڻ انوار،
    بخش امت باري ڪيائين اچڻ ساڻ اظهار،
    سينگار منهنجي سائينءَ کي، هُئا ڪرايا ڪلتار،
    “مازَاغَ البَصر”جو سُرمون پائي پاڻ مُڪو پالڻهار،
    سو سرسجدي ساجن ڪري آيو مالڪ در منٺار،
    وضحى چهرو واحدَ چئِي آهي ساراهيو ستار،
    منهن مقابل محبوب جي، ناهي مٽ چوڏهينءَ چنڊ چمڪار،
    ڇا لکي”شيدي” سگهندو تنهن جي عينن جا اسرار،
    لال گلابي لبڙن کان گهٽ آهي گلڙن جي گلزار،
    وڌ ساري کان سنسار، آهي محب “مولابخش” چئي.


    -0-

    سينگار
    وهه واهه حسن تنهن جو حبيب آهي آگي ڪيو اظهار،
    والضحيٰ چهرو واحد آهي تنهن جو سينگاريو ستار،
    چوڏهين جي چنڊ کان وڌ تنهنجي چهري ۾ چمڪار،
    جي هٽائين پردو حسن تان ته مارين اُدگر اڪيچار،
    ڪاريهر به ڪنڌ نوائي بيٺا ڏسن گيسو گُهنڊي دار،
    لب مقابل لعلڻ تنهنجي ناهي گلڙن جي گلزار،
    ڪوڪ ڪوئل جي ڪٿي، ڪٿي گوهر تنهنجي گفتار،
    پسيني پاڪ پرين تنهنجي مچائي هر هنڌ آ هٻڪار،
    اڃان سنواري وار ساجن جي سهڻل ڪرين سينگار،
    ته زلفن جي زيب جو نه واسينگ سهن وار،
    ۽ روء زمين روشن ٿئي جڏهن مرڪ ڪن منٺار،
    سو ئي آقا اڙين آڌار، ٿيندو محشر ڏينهن “مولابخش” چئي.


    -0-

    سينگار
    اچڻ ساڻ عربيءَ کي هُئا سوين ٿيل سينگار عجب،
    کلي خوشبو گل ڦل ۾، ۽ هر هنڌ ٿي هٻڪار عجب،
    ڪارا ڪيس ڪاريهر کان، ۽ واسينگ وڌ وار عجب،
    ڀروون پسي ڀورل جا، پئي بدر ٿيو بهار عجب،
    عينن ۾ اسرارُ الاهي،هو ناز ڀرئي جي نروار عجب،
    نوري نڪ نرمل جو، وچ روء سونهين رخسار عجب،
    لب لال گلابن کان وڌ ها، شان ڀرئي جا شاندار عجب،
    منهن مبارڪ مهتاب پسي، پيو جهڪي ڪري جهلڪار عجب،
    انسان عاشق عربيءَ تي، جن ديوَ پريون ڌار عجب،
    سوين سهڻا سلامي ساجن در،هت حسينن کاڌي هار عجب،
    عربيءَ خاطر احسان ڪري، رب لاٿا اڙين جا آزار عجب،
    لٽي دل دلبر ڪيو ديوانو، ڄام وڇائي ڄار عجب،
    “مولابخش” ان جي آهي اصل کان اسان کي آڌار عجب،
    اهو ڀورل کڻندو بار عجب، شهيدن محابي “شيدي” چئي.

    تون سڄڻ تون سهڻو تنهنجو جت ڪٿ آهي جمال،
    ملڻو ناهي”مولابخش” چئي ڪٿي تنهنجو محب مثال،
    ڀرونِ سان برابر ٿيندو همسر ناهي هلال،
    چنڊ اڪيلو عرش تي توکي ڏنو آجوڙو ذوالجلال،
    تنهنجي تعريف ڪرڻ جي مونکي ناهي مجال،
    بس ڀورل ڪر ڀال، شهيدن محابي “شيدي” چوي.


    تون سڄڻ تون سهڻو تنهنجو حسن لاجواب،
    تنهنجو جلوو پسي جهڪو ٿيو سورج سندو تاب،
    جي اک کڻين اڀ تي ته ڪِري اڌو اڌ ٿي آفتاب،
    جي سرنگ نه هجيس ها سامهون ته تجلو نه سهي ها تاب،
    اهو اوڍر هو عربيءَ لاءِ يا هو حور لاءِ حجاب،
    آ ثنا ڳائڻ ثواب تنهن محب جي “مولابخش” چئي.

    تون سڄڻ تون سهڻو تنهنجو ڪائنات تي آڪرم،
    شان لکڻ کان “شيدي” چوي هي قاصر آهي قلم،
    مَس، درياءَ ،زمين، ڪاغذ ڪجن به لکي نه سگهبو نظم،
    آهي اڃان شان اتم، منهنجي محب جو “مولابخش” چئي.


    مَدَح نامون

    ٿيو هي جهان تو لئه خدا جو قسم خدارا،
    تڏهن ڪائنات جا ڪل نروار ٿيا هي نظارا.

    مَلَڪَ فَلَڪَ ڪيا الله پيدا ۽ عرش عظيم،
    حورون پريون غلمان هزارين مُڪا هادي پاڻ حليم،
    تُنهنجي ڪري تونگر هي ڪيا آهن قرب ڪريم،
    ٿئين ڇورن لاءِ شفادار تون دلبر دلارا،
    ٿيو هي جهان تولئه خدا جو قسم خدارا.

    تنهنجي درجو دربان جبرائيل جوان ٿيو،
    ڪل ڪتابن ۾ ڀورل تنهنجو بيان ٿيو،
    توريت، زبور، انجيل، ڪلمون ۽ قرآن ٿيو،
    لک لائق لعلڻ ڪري اچي ٿئين اڙين آڌارا،
    ٿيو هي جهان تولاءِ خدا جو قسم خدارا.

    سوا لک کان سائين تنهنجو مٿانهون مان ٿيو،
    سدرة المنتهى کان مٿي تنهنجو مٺا مڪان ٿيو
    افضل اعلى الاهي تنهنجو شهنشاهي شان ٿيو،
    منجهيل مون پارن کي آهن سائين تنهنجا سهارا،
    ٿيوهي جهان تولئه خدا جو قسم خدارا.

    جِتي جاءِ ناهي جوڌن جي اُتي جُتيءَ جي ٿي جاءِ،
    لاٿئي پئي لعلڻ ته اتي پالڻهار چيئي ته پاءِ،
    عرش کي عزت ڏي اها رازق جي هُئي راءِ،
    سوا لک انبياءَ کان ڪيئي قادر قرب قرارا،
    ٿيو هي جهان تولئه خدا جو قسم خدارا.

    سواءِ سڄڻ تنهنجي برباديون هجن ها،
    زمين و زمن نه وري هتي آباديون هجن ها،
    نه هي جوڙ جڪ جڳ جي نه نڪاح شاديون هجن ها،
    تنهنجي ڪري سڀ ٿيا هي سج چنڊ ستارا،
    ٿيو هي جهان تولئه خدا جو قسم خدارا.

    ڇڏي شڪ “شيدي” سڀ گوهر جي گفتار ڪيو،
    مالڪ جي محبوب جي سڀ پرينءَ جي پرچار ڪيو،
    ثنا سيد سچي جي، عمر يڪي سڀ يار ڪيو،
    پوءِ ڪندا پنج ٻارنهن اچي ٻاجهه ڀلارا،
    ٿيو هي جهان تولئه خدا جو قسم خدارا.


    مناقبا

    آيو گهر علي پنهنجي ٿيو مولا جو ڪعبو مڪان آ،
    برادر آهي رسول جو بيشڪ علي اچڻ سان ملهايو ميدان آ.

    هيون اکيون بند عجيب جون، جئين مُک پسان محبوب جو،
    سلام ٻڌي سڄڻ جو، اتي شاهِ مردان ڪيو شڪران آ.

    دُل دُل ۽ ذوالفقار موڪلي مولا ڏي هي فرمايو مصطفى ﷺ،
    حقدار آهي اهو جو ڪندو ختم پورو قرآن آ.

    تون ۽ مان جي چوڻ ساڻ وڃنس پرسڙي پيا،
    جبرائيل کي سبق ڏئي ڪرايو پاس امتحان آ،

    هر جنگ جو فاتح مشڪل ڪشا علي آ،
    اسلام جو حامي وناصر ۽ قاتل ڪفران آ،

    مولا علي جو شان ڇا “شيدي” ڪري بيان،
    اڙين اٻوجهن جو آڌار۽ “مولابخش” تي مهربان آ.


    -0-

    مناقبو مولا علي
    ولادت سان ئي بيت الله ٿيو آ مڪان عليءَجو،
    ٻڌايان مان ڇا ڇا اوهان کي بيان عليءَجو.

    الله جي گهر پاڪ ۾ عبادت ڪندي ڪندي،
    راههِ خدا ۾ خير ڏيڻ آهي شان عليءَجو.

    رُستمي داستان جهڙا سوين درسائين سلامي،
    مَٽُ مُلڪَ ۾ نه آهي ڪوئي پهلوان عليءَجو.

    خيبر جي جنگ ويلي ڪيئن مرحب جي گُرز سان،
    مانگر کي ماري موري تي ڏس احسان عليءَ جو.

    مان مڃان ٿو ته حاتم سخي ۽ عثمان غني هو
    پر سخا ۾ مٽ نه ٿيندو ڪوئي سلطان عليءَجو.

    قاتل تي ڪرم ڪيڏو آ مشڪل ڪشا ڪيو،
    شربت پياريو ان کي آ فرمان عليءَجو.

    آمد روانگي مولا جي ٿي رب پاڪ جي گهر ۾،
    پوءِ ڇونه چوان الله آ ميزبان عليءَجو.

    گرتاج شاهي ڇو نه هجي ڪنهن کي اي “شيدي”،
    تنهن کان به مٿي “مولابخش” آدربان عليءَجو.


    -0-

    مناقبو مولا علي
    ڪن ڏئي قصو ٻڌو هي شان علي آ،
    الله جي گهر پاڪ ۾ ٿيو مهمان علي آ.

    اول ته فاطمة بِنت اسد جي ٿي هيءَ رهي حالت،
    تعظيم ڪري پئي تنهن جي جڏهن آيو ٿي سردار رسالت،
    پڇا تي چيائين مون کي اهو فرمان علي آ.

    ڪعبي ۾ تولد ٿيو جڏهن دلدار نبيءَ جو،
    اکيون بند ڪري، ڪري پيو انتظار نبيءَ جو،
    بُت ڪِينَ ڏِسبا اِهوئي اعلانُ علي آ.

    سڃاڻپ لاءِ سائينءَ ڏي جڏهن آيو ابوجهل کڻي اجگر،
    اڌو اڌ ڪري ان کي هو هڪ دم ڇڏيو حيدر،
    بچپن کان غالب عدوء تي ذيشان علي آ.

    نه شجاعت ۾ سڄڻ جي نه ڪو سخا ۾ ثاني،
    هر طرح حامي حيدر سان آ هادي حقاني،
    تڏهن ٿيو مدگار مرسل جو ۽ قاتلِ ڪفران علي آ.

    “مولابخش” مولا عليءَ جو ثنا خوان به آهي،
    ڀريءَ محفل ۾ ڀورل جو ڪندو بيان به آهي،
    شهنشاهه “شيدي” چئي، مڙني تي مهربان علي آ.

    -0-

    مولا علي “مناجات”
    اي مولا علي ٻڌ منهنجي سدا،
    ڪر ڏکڙا ڏور تُون شيرِ خدا.

    تون وليئن جو پرين آهين والي،
    منهنجي جهولي ڇڏ نه تون خالي،

    توهان مِڙني جا هن ٻول ٻُڌا، اي مولا عليٻڌ منهنجي سدا.

    منهنجو سهڻا سائين سلطان به تون،
    منهنجو اربيلا آن ايمان به تون،

    مان تنهنجي دَرَ جو گولو گدا، اي مولا عليٻڌ منهنجي سدا.

    ساري جڳ ۾ ٿو توکي چاهيان مان،
    تنهنجو شان مولا ٿو ڳايان مان،

    تون ناهين اسان کان جاني جُدا، اي مولا علي ٻڌ منهنجي سدا.

    “مولابخش” آهي سهڻا سام تنهنجي،
    لڙ لڳو هي “شيدي” آ غلام تنهنجي،

    هيءَ منهنجي اگهايو نماڻي نِدا، اي مولا علي ٻڌ منهنجي سدا.

    -0-

    مناقبو شانِ اِمام حسين
    بيشڪ سيد آهين صابر صبر وارو،
    تو حسين هنيو حق جو نعرو،
    تنهنجو اصغر، اڪبر، هيو سائين سهارو،
    غازيءَ جو گوهر آهين ،تون پرين پيارو.
    ٿيو يزيد منڪر جو، آهي منهن ڪارو،
    ٿئين ڪربلا ۾ ڪامل سڄڻ تون سوڀارو.
    دين خاطر دلبر ڪيو، تو قربان ساٿ سارو،
    نبي پاڪَ جي نُور جو، تون آن سهڻا ستارو.
    “مولابخش” کي ڪر عجيب اشارو،
    شهيدن صدقي “شيدي” کي ڏيکار محب منارو.


    -0-

    ڀٽائيءَ کي ڀيٽا
    تو ڀٽائي تي ڀورل، گل و گلستان ڏٺم،
    وحدت واري وائيءَ جو، ڪامل قرآن ڏٺم،
    رهَبَر رسالن ۾، تنهنجا فرمايل فرمان ڏٺم،
    صدين جا سهڻا تنهنجا، دستاويز ٿيل داستان ڏٺم،
    هيرا موتي سجايل، سونهن ڀريا سلطان ڏٺم،
    منافقن جا توتي ورندڙ ايهي ايمان ڏٺم،
    مِڙني تي مُرشد تنهنجا لکين لائق احسان ڏٺم،
    سائلن کي تو وٽ ملندڙ سُکن جا سامان ڏٺم،
    “مولابخش” جا تو در پورا سمورا ارمان ڏٺم،
    کولي دري خان ڏٺم شفا ملندي”شيدي” چوي.

    سهڻا لطيف تو جيجل جو جيءُ جياريو،
    هِند، سنڌ ۾ تنهنجو نرمل آهي نعرو،
    پنجتن پاڪ جو آهين پيارو،
    غريبن اميرن جو تون سهڻا سائين سهارو،
    سنڌ سهڻيءَ ۾ آهين ستارن ۾ ستارو،
    ملڪ ۾ مشهور آهي تنهنجو نوري نظارو،
    تنهنجي در آيا دلبر لٿن من جو مونجهارو،
    “مولابخش” جو مڙني کان ڪيئي ڀاڳ ڀلارو،
    پائي ڳچيءَ ڳل ڳارو سگهڙ آيو صحن تي.


    -0-

    سچل کي سلامي (بيت)
    درازن ۾ دلبر تو هنيو نرمل آ نعرو،
    بيشڪ سچ سچل سڄڻ تنهنجو سارو،
    رنگ به رنگي درازن ۾ ڏٺو سي نوري نظارو،
    هر دم هر جاءِ هو هو هو جو هونگارو،
    “مولابخش” بيشڪ ڀاڳ ٿي ڀلارو،
    پائي ڳچيءَ ۾ ڳارو، سگهڙ آيو ٿي صحن تي.


    -0-

    سائين مهتاب علي شاهه جي شان ۾“منقبت”
    مهتاب شاهه ڪر ڪا نگاهه،
    کول اسان جي تون ڪا واهه.

    پاڻ ڪجانءِ ڪو پنهنجو ڪرم،
    منهنجو رکجانءِ ڀورل ڀرم،
    کول اسان جي تون ڪا واهه.

    هيڻو منهنجو حال آهي،
    توکي منهنجو سوال آهي،
    کول اسان جي تون ڪا واهه.

    “شيدي” پيو ٿو توکي پڪاري،
    مٺا “مولابخش” کي ڇڏ نه وارث وساري،
    کول اسان جي تون ڪا واهه.


    ٽيهه اکري

    : الف احمد ڄام کي صبح سانجهيءَ سار،
    “اَلنَّبِيُّ اَولى بِاالمُؤمِنِينَ” ڏي نظر ڪري نهار،
    پرين سمجهڻ پري هي بلڪل آ بيڪار،
    مان پنهنجي مار، ته آ من ۾ محب “مولابخش” چئي.

    ب: بي بڪواس بڇڙي نه ادا ڪر اختيار،
    ڪجهه ته ڳالهيون ڪريم جون ويهي يار ويچار،
    تڪليف اچي توکي ٿو سک وڃي سرڪار،
    روئي زارئون زار، تون مالڪ مڃاءِ “مولابخش” چئي.

    ت: تي تنهنجي عمر ساري آهي نه ته عذاب،
    سواءِ ساجن جي سِڪَ، جَي ڪيئي خيال خراب،
    “وَلَواَنَّهُم اِذْاظَّلَمُوْآ اَنْفُسَهُمْ جَائُوڪ” آ خالق ڪيو خطاب،
    اهو نرمل نواب، لاهيندو مشڪل “مولابخش” چئي.

    ث: ثي ثواب گناهه جي ڳالهه نه ڪر شل راڻو ٿئي راضي،
    عمر ساريءَ جي عبادت جي توري تارازي،
    ته هڪ احسان بدلي ان جي ملڪيت وڃي ماضي،
    اتي ڪاوڙيل قاضي، محب مڃائيندو “مولابخش”چئي.

    ج: جيم جهان سڄي تي آهي عربيءَ جو احسان،
    ڪارڻي لولاڪ ڪري آ قادر ڏنو قرآن،
    نه ته ڪير ڏسي ها ڪمزورن کي نفعو ۽ نقصان،
    آ فڪر لاٿو فرقان، مسڪينن جو “مولابخش” چئي.


    ح: حي حبيب ڪبريا چيائين مرسل آ مهربان،
    رئوف رحيم رب سڏي آهي باريءَ ٻڌايو بيان،
    “وما ارسلنٰک الا رحمة للعالمين” ٿو فرمائي فرقان،
    ان جو هر انسان، آ سدا مادح “مولابخش” چئي.

    خ: خي خوف خدا جو ڪر بندا بيهودي بڪ نه بڪ،
    آهي “نَورُ عليٰ نورُ” محمد ٿو ڇا لاءِ ڪرين شَڪ،
    “قدجآءَ کُم مِن الله نورُ” تون ورائي ڏس ورق،
    هي سالڪاڻو سبق، مون کان سک”مولابخش” چئي.

    د: دال ديرو دلبر جو ادا اندر تنهن جي آهي،
    جاچي ڏس جانب کي هيئين ساڻ هنڊائي،
    “النبي اولى بل مؤمنين” ڇڏيئي سائين سڻائي،
    هي هٿان وقت وڃائي تون مٺانه ڇڏ “مولابخش” چئي.

    ذ: ذال ذڪر ذوق سان ڪر تون ضعيفن ضمان،
    صَلِ عَليٰ جو سيني ۾ سدا سانڍي رک سامان،
    ته ملي ويندئي محب وٽان دردن جو درمان،
    اهڙي پر احسان، ٿيندئي محشر ۾ به “مولابخش” چئي.

    ر: ري رياضت رياء جي ڇڏ ڪر صاف سڄڻ سينو،
    آڪڙ وڏائي ڇڏ “شيدي” چوي ڪڍي قلب مان ڪينو،
    الفت رک اندر ۾ ته ٿيندئي من مدينو،
    باقي بي عقل بي دينو مورُ نه بچندو “مولابخش” چئي.


    ز: زي زيارت ظاهري جن ماڻي محبوبن،
    سي صحابي صحبتي ادا آهن عجيبن،
    ادخل الجنت الاالحبيب ڪيو ڪوٺي قريبن،
    هي نيڪي نصيبن آ ملندي “مولابخش” چئي.

    س: سين سچا سردار سان ها ابابڪرؓ و عمرؓ،
    سين سچا سردار سان ها عثمانؓ و حيدرؓ،
    سين سچا سردار سان ها شبيرؓ و شَبَرؓ،
    سين سچا سردار سان سگدر مڙئي “مولابخش” چئي.

    ش: شين شافي شهنشاهه محب آهي محشر جو،
    شفيع المذنبين آهي والي آب ڪوثر جو،
    ڏسُ ڏنو ڏاتر آهي ڏِسُ ڪَلام پڙهي قادر جو،
    گهورائو گهر گهر جو، مور نه ٿي “مولابخش” چئي.

    ص: صاد صحبت ڪر سراسر سيدِ ثقلين سان،
    درود پڙهي داور ڏسيو جيئن نبِي الحَرَمَين سان،
    ۽ عزت ملي افلاڪ کي نرمل جي نعلين سان،
    ائين محب هر مسڪين سان، ڪندو ماڙ “مولابخش” چئي.

    ض: ضاد ضعيفن ضمان، ذمي آ سارو هي سنسار،
    انهن تي عنايت جو آ احمدصه کي اختيار،
    آدم کان عيسيٰ تائين هوندا سڀ بندن کان بيزار،
    اتي بخشائيندو بدڪار، مڙئي “مولابخش” چئي.

    ط: طُئي طلب طاهر واري چئه پرور پڄائي،
    جيئري واڳون جانب ڏي شل واحد ورائي،
    ملاقات مدنيءَ سان مونکي قسمت ڪرائي،
    مولا ملائي، مونسان محب “مولابخش” چئي.

    ظ: ظُئي ظاهر باطن وارن جو آ عربي پاڪ امام،
    خلقي خالق ڪيس حوالي قادر ڪل ڪمام،
    سوا لک انبياءَ ڪيو سڄڻ جي سيرت کي سلام،
    ان آقا جو احترام، آ مڙني فرض “مولابخش” چئي.

    ع: عين عربي ڄام جو تون ادا مڃ احسان،
    جنهن جانب ڪري جڳ تي راضي آهي رحمان،
    هڪ گناهه عيوض اڳ هو ختم ٿيندو خاندان،
    ڏس نظر ڪري نادان، ڇا مِهر ٿي ٿئي”مولابخش”چئي.

    غ: غين غلاميءَ جي دعويٰ ڇڏ تون گولو ٿي گذار،
    هل حڪم حبيب جي تي جو سڻايو آ سرڪار،
    نقش قدم نورُ عَليٰ جو ادا تون ڪر اختيار،
    ته پرور ٻيڙا پار، ڪندئي محبوب محابي”مولابخش”چئي.

    ف: في فدا فقير چئي ڪر تون تن من تاجدار تان،
    اڙين اٻوجهن جو سهارو آ تنهن سچي سردار تان،
    پيءُ ماءُ قربان ڪجن ڪل ان ننگي ننگدار تان،
    دل گهرئي دلدار تان، مِٽَ به قربان “مولابخش” چئي.

    ق: قاف قادر هٿ قلم آ هر ٻانهيءَ جي ٻار جو،
    جي حساب هادي ڪري ڪنهن بي عمل بدڪار جو،
    ڪو نه بچي ڪو سگهي ها ڏمر ڏسي ڏاتار جو،
    پر ٿيو قرب قربدار جو مڙني مٿان “مولابخش” چئي.

    ڪ: ڪاف ڪريم جي ڪري آ راضي رب ستار،
    جو ولسوف جو واعدو ڪيائين عربيءَ سان اقرار،
    تڏهن شڪليون نه ٿو مٽائي ڏسي ڏوهه ڏاتار،
    ڪجهه ويهي ڪر ويچار، مدنيءَ جو “مولابخش” چئي.

    ل: لام لطف لعلڻ جا، جُملي هن جهان تي،
    جاچي ڏس جڳ جڙيو آ عربيءَ جي احسان تي،
    “لولاڪ لما اظهرتُ الربوبيت” فڪر ڪر فرمان تي،
    ساٿ جي اميد سلطان تي، رک محشر ۾ “مولابخش” چئي.

    م: ميم محبوب خدا جو آ مان مٿي مولا ڪيو،
    عرشِ اعظم تي ويو ڪو ڳوٺ ٻڌي ڳولا ڪيو،
    يا چنڊ چيري ڪو ڏيکاري گڏ ٽيهه ٻٽيهه ٽولا ڪيو،
    نه ڀيلا ٻوٿ ڀولا ڪيو محبوب سان”مولابخش”چئي.

    ن: نون نازل نرمل نبيءَ تي آ قادر ڪيو قرآن،
    سو “قَدجَآءَ کُمُ مِّنَ اللهِ نُورُ” ٿو فرمائي فرقان،
    ۽ “سِرا جاً منيرًا آهي فهميدي لاءِ فرمان،
    تون به ادا رک ايمان، ته ملندئي مانُ”مولابخش”چئي.

    و: واو واحد آ وڌايو ڏس مصطفيٰ جي مان کي،
    يٰس ۽ مزمل ڇا لکن شاههِ امم جي شان کي،
    پوءِ طاقت ڪهڙي تنهن جي لکڻ بندي وس بيان کي،
    حوران ملائڪ غلمان کي، آ ڪهڙي مجال “مولابخش” چئي.


    هه: هي هدايت بڻجي آيو حضرت پاڪ حضور،
    جڳ ساري کي جانب ٻڌايو داور جو دستور،
    نقشِ قدم نور نبيءَ جي آ مالڪ جو منشور،
    سو ڀورل ڀرپور، موجان ڪرائيندو”مولابخش”چئي.

    ء: الف الستي راز الاهيءَ جو محب آهي مختيار،
    ٿيو ٿيندو جو پتو پرينءَ کي ڏنو آهي ڏاتار،
    ۽ لڪل راز رهبر کي ڏنا غيب جا ڪل غفار،
    انهيءَ جي آڌار، ٿو هلي هي ملڪ “مولابخش” چئي.

    ي: يي يتيمن يار جو آهي اڄ ڀي ادا احسان،
    ڪيئن ڪيان عذاب انهن تي ٿو چوي قادر منجهه قرآن،
    تون جو آهين عربي اتي احمد انهيءَ آستان،
    مَندن کي به مان، چيو مالڪ ڏيندس “مولابخش”چئي.


    پهاڪي جا بيت

    بي قدر ۽ بي عقل کان ڀڄي ٿي بيزار،
    تون محبت ڪندين مورک سان هو ترت ڪندو تڪرار،
    اڳلي جي احسان جو نه وائڙو ڪندو ويچار،
    ڪندين “شيدي” ڇا شمار مذڪور تنهن جو “مولابخش” چئي.

    بي قدر ۽ بي عقل جون ٻڌ ڳالهيون يار ٻه ٽي،
    مورک ڇا ڄاڻي ماڻڪ کي جو وجهي هٿ هٽي،
    ماکيءَ کي به ملائيندو هو وڃي وههَ وٽي،
    پٽيو نه ايندو پٽي، محبت سان “مولابخش” چئي.

    بي قدر ۽ بي عقل هي ٽول هڪ ئي ٽل،
    قدر ڪندو قدردان آهي عقل جي هو هل،
    جنهن عقل ناهي انسان کي سو جهلبو نه ڪنهن جهل،
    جي چڱائي چويس ته چڙي پوندو ڳهلو آهي ڳل،
    منهنجي راءِ ٿي “مولابخش” چئي ته پاڻ تنهن کان پل،
    متان گهوڙا گهوڙا گهل، ڪرين شڪي ٿي “شيدي” چئي.



    -0-

    عاقل ۽ بي عقل
    عاقل ۽ بي عقل اٿئي ههڙي ريت حساب،
    عاقل پنهنجي عقل آڌر ڪندو کولي خطاب،
    بي عقل بڇڙو اتي ڏيندو جوڙي يار جواب،
    عقل نه ايندو اوڳي کي توڙي ٻڌبس ڪنڌ ڪتاب،
    تون ڏينس محبت “مولابخش” چئي هو ڪندو شور شتاب،
    رڍ اڳيان رباب ڇيڙ نه ويهي “شيدي” چوي.

    ڇيڙنه ويهي “شيدي” چوي ڪنهن سان دوست حال دلي،
    منهن جا مٺڙا اندر جا ڪارا ڪيئي ماڻهون ويندئي ملي،
    ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري هو کسڪي ويندئي کلي،
    جنهن ڪنڌ آهي ڪِلي، تنهن سان مل نه “مولابخش” چئي.

    سَري نه جن ريءَ ساءِ، سي سامهين هجن سڄڻ،
    ويهي گڏ ورنهه ڪن وڌ مٺا ماکيءَ مکڻ،
    ڏيان ڪين ڏسڻ، ڪنهن ماڻهو کي “مولابخش” چئي.

    سري نه جن ريءَ ساءِ، سي پرين نه ٿين پري،
    اهڙو قرب الله شال قادر ڪنهن سان ڪري،
    جيئن مرڪي “مولابخش” چئي ڀاڪر وجهن ڀري،
    ته ذڪر ذري ذري، ڪيان شڪراني جو “شيدي” چوي.



    سري نه جن ريءَ ساءِ، تن سان رسجي ڪهڙيءَ ريت،
    هو جهيڙن تون جهڪو ٿي ڪر حال حقيقت هيءَ ته،
    توکٽيو به مون کٽيو ،آهي جانب منهنجي جيت،
    پرين ساڻ پريت، ڪر شان ساري “شيدي” چوي.

    سري نه جن ريءَ ساءِ، تن جو خود ئي رک تون خيال،
    هو ڪاوڙجن ڪنهن ڳالهه تي ته تون هيڻو ڪر حال،
    متان پَوَئي لاپرواهي مان وڃي جيءَ جنجال،
    ڳڻي اها ڳالهه تون محب مڃاءِ “مولابخش” چئي.



    -0-

    من محتاجيون جن سان
    من محتا جيون جن سان تن سان سينو نه ساهجي،
    سلو صحبت وارو اتي رياضت ڪري راهجي،
    وڌي جڏهن وڏو ٿئي ته پوءِ ونڊجي ۽ ورهائجي،
    ٺاهه اهڙو ٺاهجي، جيئن ملي مان”مولابخش” چئي.

    من محتا جيون جن سان، تن سان آڪڙ ڪرنه ادا،
    اهو فرمان فرمايو آهي نبيءَ نُورُ الهديٰ
    فرمانِ رسول آهي سمجهه فرمانِ خدا،
    جنهن عمل ڪيو ان تي اهو سکيو هوندو سدا،
    باقي غفلت وارا گندا، ماڻهو هوندا “مولابخش” چئي.

    من محتا جيون جن سان تن کان پل نه ٿجي پري،
    محبت ونڊڻ “مولابخش” چئي اچجي ڪشالا ڪري،
    يا گهرائي کين گهر پنهنجي پائجن ڀاڪر ڀري،
    يا ته ذڪر ذري ذري، ڪر شوق مان تن جو”شيدي” چئي.


    -0-

    گفتي/ نصيحت جا بيت
    گذر غريبي گُڻُ ڀلو آ، تون پُرجهي کڻ پير،
    ڪوري ڪس قلب مان، ادا مڙئي ڪڍ مير،
    نوائي پنهنجي نفس کي، سڌو وٺائج سير،
    لآ اِلٰہ جي لڙهه لڳي نه گود ويهار ڪو غير،
    الا الله جي الفت ۾ هيئون پنهنجو هير،
    ٻيو عشق عربيءَ جو ڀلو اٿئي ڀير،
    واعدو ولسوف جو ڏس، هئو ڪرڻ وارو ڪير،
    سوا محبت محب جي، “شيدي” ڇا جو آهين شير،
    هتي سڏائين ٿو سير، ماسو به ناهين “مولابخش” چئي.

    گذر غريبي گُڻُ ڀلو آ، تون تڪڙ ڇڏ تمام،
    تُندي تڪبر هٺ وڏائي، ڪر هستي هوڏ حرام،
    “اِنَّ اللهَ مَعَ الصّٰبِرينَ” جو تون ادا ٻَڌِ احرام،
    ته سدا توکي سلام، ڪندا ماڻهو”مولابخش” چئي.


    -0-

    نصيحت جا بيت
    مٽي آهين مٽي ٿيندين، آ هتي تنهنجو ماڳ،
    ننڊ غفلت ندوريءَ مان، سُتا ٿيءُ سُجاڳ،
    نواءِ نفس نا فرمان کي، ته ڳائي رنداني راڳ،
    پوءِ ڀائو مٿي ماڳ، ملندئي مان”مولابخش” چئي.

    مٽي آهين مٽي ٿيندين، آخر مٽي تنهنجو گهر،
    بي بقا تي بانور ڪري، ڪافي کيون ٿي ڪر،
    حملا ڪري هيڻن تي، اٿئي تپائي ڇڏيو تر،
    ڪن کان هٿ کس هيلهه ڪيئي، ڪن جون پڳون لاٿئي پر،
    ڇڏ پاسو شيطان جو، ڪجهه واحد ڏانهه به ور،
    ڪجهه ڏاتر کان به ڏر، ته ملندئي مان “مولابخش” چئي.

    مٽي آهين مٽي ٿيندين آهي مٽي تنهن جو مڪان
    ڪني قطري مان قادر توکي، افضل ڪيو انسان،
    احسن صورت ڏئي عربيءَ خاطر، آ هتي ڏنو مان،
    “شيدي” ڪر شڪران، مالڪ جو “مولابخش” چئي.


    -0-

    آهين قيمت سندو قطرو
    آهين قيمت سندو قطرو ته ڪر ڪو قيمتي ڪم،
    ويهي سار واحد کي جو آ اعلى ذات اتم،
    ڏوهارين تي ڀي ڏاتر ڏِس، ٿو قادر ڪري ڪرم،
    تون منهن سڄائي ماڻهن تي نه گندا ٿيءُ گرم،
    “اَلانسان سِرِي وَاَنا سِرُه” هي ڀائو رک ڀرم،
    ڪر ادا پڪو اسم، مالڪ جو “مولابخش” چئي،

    آهين قيمت سندو قطرو، پر ڪَلَ نه لَڌئي ڪائي،
    غفلت ۾ عمر ساري، اٿئي ويهي يار وڃائي،
    امر آهي الله جو ته، ڪر بُرن سان به ڀلائي،
    ته سائين ڪندئي سڻائي، مشڪل ۾ “مولابخش” چئي،

    آهين قميت سندو قطرو، رڳو پنهنجو سڃاڻج پاڻ،
    “ونحن اقرب من حبل الوريد” اهو ڄاڻي ڇڏ تون ڄاڻ،
    “الانسان سري وانا سره” تون اهو ادا سمجهه اهڃاڻ،
    هي ملڪ جو مانڊاڻ، آ محبت خاطر “مولابخش” چئي.


    -0-

    جهڙي ڪرڻي، تهڙي ڀرڻي
    جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي، ٻڌو نٿي ڇا ٻوڙا،
    ڏاڍائيءَ جا ڏيهه ۾، گهمائين پيو گهوڙا،
    ڪاڏي ويئي قريب تنهنجا، پڙ ڏاڏا پوڙها،
    اهي کول نه غلط کوڙا شرارت وارا “شيدي” چوي.

    جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي، ٿو جائي چوي جهان،
    چڱائيءَ جو چڱو بدلو، آهي داتا ڏيندو دان،
    برائيءَ وارو بيشڪ آهي، نسورو نادان،
    ڇو ته ازل کان انهيءَ سان، شامل آهي شيطان،
    ڀلائي جي ڀرنه وٺندو،ڪڏهن “مولابخش” مروان،
    باقي شاڪر ڪندو شڪران، شفقت ڏسي “شيدي” چئي.

    جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي، هي ڏاهن جو آهي ڏَس،
    چڱائي لاءِ چيو خدا ٿئي، تون چڱو رک چس،
    اهڙي ريت ادا توکي، ڪانه لڳندي ڪس،
    “فَمَن يَّعْمَلْ مِثقالَ ذرةٍ خَيرًايَّره” گڙي وٺ گس،
    پنهنجي اندر پس، ادا مطلب اهو “مولابخش” چئي.


    -0-

    جي ڀائين ڀلو ٿئي
    جي ڀائين ڀلو پنهنجو، ته ڪر ڀلائي ڀاءُ،
    هرو ڀرو هيڻن تي، تون خار نه ادا کاءُ،
    چڱائيءَ جو چارئي پهر، ڪر ويري سان ورتاءُ،
    متان مڻ سمجهين“مولابخش”چئي، اڃان پورو ناهي پاءُ.
    هيٺائينءَ جو هرويلي ڪر انسانن سان اپاءُ،
    ته نانگا تنهنجو نانءُ، لکبو شريفن ۾ “شيدي” چئي.

    جي ڀائين ڀلو ٿئي ته، ڇڏ ڀُتَن ڪمن جي ڀر،
    ويهي پنهنجي وجود ۾، تون سائين سائين ڪر،
    ناحق نافرمان جي، نه ويريءَ جي ڪر تون ور،
    الالله سان الفت رکي، اچ دوست ڌڻيءَ جي در،
    آيا ٽيهه نه ٽار، ڪر پوري پنجن سان پيو پر،
    ته سدائين توکي سر،ڪندو مالڪ “مولابخش”چئي.

    جي ڀائين ڀلو ٿئي، ته ڪڍ ڪُڌا ڪردار،
    مولا جي مخلوق کي، ادا ڏي نه آزار،
    فخر فوقيت هٺ وڏائي، ڌڪي ڪر ڌار،
    ته ساڻي رب ستار،ٿيندئي مشڪل ۾ “مولابخش” چئي.


    ڏاهپ ڀريا ڏَسَ

    اوطاق وڃجي انهن جي، جيڪي ادا ڪن عزت،
    عزت ڏين آئي وئي کي، قلبؤن ڪڍي ڪلفت،
    ڪلفت ڪينو غرور گنوائي، سچي ڪن صحبت،
    صحبت سدا سالڪ ٿا، مٺي ونڊن محبت،
    محبت ملوڪن جي، آهي هر وقت هدايت،
    هدايت سان عنايت، ڪندو مولا، “مولابخش”چئي.

    اوطاق وڃجي انهن جي، جيڪي سڄڻ پيا سارين،
    اٿي عَلَي الفجر جو نڪريو پيا گهٽن تي گهارين،
    ڪيڏانهن اچي ڪو قربائتو، چئي نڪريو نهارين،
    کليو کيڪارين، موڪلائيندي “مولابخش” چئي.

    اوطاق وڃجي انهن جي، جيڪي گهڙي گهڙي پيا ٿين گهور،
    تعظيمون ڏئي ترسائي، پيا اورين ويهي اور،
    ملي وڃني “مولابخش” چئي، ڪٿي مانجهي اهي مور،
    نه ڪجانءِ چپ چور،تن سان شان ساري “شيدي” چوي.


    مُئي پڄاڻا ميت جي

    مُئي پڄاڻا مَيَتَ جي، ٿو سامهون اچي سوال،
    ڇاڪندا ملائڪ مَيَتَ سان، ڪو ادا ڏسي احوال،
    مليس شفا “شيدي” چئي، يا زبردست زوال،
    وڌو جيءُ جنجال، آ انهيءَ مام “مولابخش” چئي.

    مُئي پڄاڻا مَيَتَ جي، ڪندا مِٽيءَ حوالي ماءُ،
    موٽي مِٽَ مٿان نه لهندس، ڪوئي سيڻ سماءُ،
    الائي ڪهڙو انڌيريءَ ۾، ٿيس انهي لوءِ لقاءُ،
    مئي پٺيان “مولابخش” چئي،مرندو ناهي ڀيڻ ڀاءُ،
    نڪي قبر کولي ڪَل لهندس، وري ڪو وياءُ،
    ڇا مليو فيض فقير کي، ڪو ادا ان هنڌاءُ،
    عملن آڌر ان سان، ٿيندو آهي اتي اپاءُ،
    باري ڪندو بچاءُ، شهنشاهه خاطر “شيدي” چوي.


    جنهن جو عشق الله سان

    جنهن جو عشق الله سان، ازلئون آهي ادا،
    “لاَخَوفُ عَلَيهِم” سي، بلڪل آهن بندا،
    اوکي سوکيءَ ۾ انهن ڏي، آهي ڪندو خيرخدا،
    اطاعت جو انهن جي، امر ڏنو نبيءَ نور الهديٰ،
    جنهن شر پٺيان شيطان جي، جوڙي جاءِ جدا،
    ڪيريندس ڪنڌ ڀر، تنهن کي اهي ڪمَ ڪُڌا،
    نفس جا نهوڙي جنهن، ڪيا فقير ڪم فدا،
    تنهن سان ساڻي سدا، آ مالڪ “مولابخش” چئي.

    دُنيا ۾ دوستو آهي جنهن جو عشق احمد ڄام سان،
    تنهن جو نروار نام ادا آهي اسلام سان،
    تانگهه تنهن جي تن ۾، هوندي صلوٰة و سلام سان،
    اهو نرمل جي نام سان، مشهور هوندو “مولابخش” چئي.


    چانهه ۽ لسيءَ جو مناظرو

    اول ساراهه سائين جي، جو آ صاحب رب ستار،
    پوءِ مير مڪي جي واليءَ جي، جو آ اڙين جو آڌار،
    عربي صدقي انسانن جي ٿو لهي سار سنڀار،
    ڪري قرب ڪلتار، ٿو شرم رکي “شيدي” چوي.

    شرم رکي “شيدي” چوي، آ جوڙي جوڙ جبار،
    مالڪ جي ملڪ ۾، آهي چهچٽو چوڌار،
    چوٻول هيو چانهه جو، ۽ لسي ڌم ڌار،
    بيهي وچ بازار، هي مذڪور ٻڌم “مولابخش” چئي.

    چانهه: مذڪور ٻڌم “مولابخش” چئي چيس چانهه چسڪيدار،
    ته لسي لڙ ڇڏي ڏي، نه گندي ڪر گفتار،
    مون سان ته ماڻهن جا، ڏاڍا پڪا آهن پيار،
    تون هوٽل تي هڪ وار، اچي ڇڪ ڏس “شيدي” چئي.

    لسي: اچي ڇڪ ڏس “شيدي” چوي پوءِ انڌي ڪندينءَ اعتبار،
    ڇا محبت آهي ماڻهن ۾ پوءِ ٻڍو هجي يا ٻار،
    لسي پي لٺ ٿي پوءِ ٿا ڇوڙن ڌڻ ڌنار،
    پوياڙيءَ جو به پيار ڪندا شهزادا آهن، “شيدي”چوي.

    چانهه: ڪندا شهزادا آهن “شيدي” چئي پر پرديسي به پيار،
    هوٽلن تي ته هر دم آهن انهن کي اختيار،
    ٻهه وٺن ٻاڙ خاطر يا چڱا وٺن ڪي چار،
    تون ته بنائين بيمار، ٿي شام وارن کي “شيدي”چئي.

    لسي: شام وارن کي “شيدي” چوي هيءَ نصيحت هجي نروار،
    اندر ڳاري عوام جو تو انڌي ڪيو آهي آزار،
    نه نر ڇڏين نوجوانن کي ۽ ڪرين شگر بي شمار،
    تنهنجو هاڻي تڪرار، نٿو مون سان ڇوري ٺهي “شيدي” چئي.

    چانهه: نٿو ڇوري ٺهي “شيدي” چوي تنهن جو مونسان هڻڻ مٿو،
    ڪي هير جي اچن هيڪل ته ڪي جوان ڪري جٿو،
    مون سواءِ مردن کي اڄ نانءِ اچي ئي نٿو،
    تون کڻي ويڙهائين کٿو، ٿي محبت وارن کي “مولابخش”چئي.

    لسي: محبت وارن کي “مولابخش” چئي تو کري وڌو آ کاري،
    نه ته ڪير ڦاسي ها ڪني توسان پئجي ان پساري،
    احسان مڃ ابي جو جنهن جي لڳي آهين لاري،
    نه ته موچڙن سان ماري موڳي وجهانءِ ها “مولابخش”چئي.

    چانهه: موچڙن سان ماري وجهندينءَ ڀوڳڙن ۾ ڀيڻ،
    هڪ ابو آهي اسان جو ۽ ادي ساڳيا آهن سيڻ،
    ليلائي لسيءَ کي روئي نير وهائي نيڻ،
    وسار ادي ويڻ ته محبت ڪريون “مولابخش” چئي.


    حالَ جي حقيقت

    لکي ٻڌايان لوڪ کي اشعار ڪهڙا ڪهڙا،
    ماڻهن مچايا ملڪ ۾ ڏس آزار ڪهڙا ڪهڙا،
    ٿوري ڳالهه تي وڌي وڃن ٿا تڪرار ڪهڙا ڪهڙا،
    پوليس جا ٻڌايان مان پرڪار ڪهڙا ڪهڙا،
    بي ڏوهه کي به ڏين ٿا سٽڪار ڪهڙا ڪهڙا،
    ڌاڙيلن سان ته گفتا اٿن ڌار ڪهڙا ڪهڙا،
    ڀُنگن تي هِري پيا ڏس ڀوتار ڪهڙا ڪهڙا،
    واپڊا جا ويل ڪيان مان شمار ڪهڙا ڪهڙا،
    بلب وارن تي بل وڏو، ايسيءَ وارا آزاد زميندار ڪهڙا ڪهڙا،
    هاريءَ تي ڪڙڪي پون ٿا ڪمدار ڪهڙا ڪهڙا،
    ڊاڪٽرن کي دولت جا آهن خمار ڪهڙا ڪهڙا،
    مرض ۾ مرن ٿا ٻڍا ۽ ٻار ڪهڙا ڪهڙا،
    ڪهڙي مرض ۾ مبتلا آهن بيمار ڪهڙا ڪهڙا،
    تڪليف ۾ تڙپي ٿين ٿا بيڊ تي بيزار ڪهڙا ڪهڙا،
    خيال کيسي ڏي هوندن ته ڏين ٿا هزار ڪهڙا ڪهڙا،
    پويان ڪڍن پار ڪهڙا ڪهڙا، اسان کي ملي دولت “مولابخش” چئي.


    آجيان جا بيت

    ڀلي آئين ڀلا پرين، منهنجا محب مٺا منير،
    تنهنجي اچڻ جي اربيلا هُئي اندر منجهه اُڪير،
    جڏهن پرين آئيؤ پير کڻي، ته ٿيو ساهه سڌير،
    اڄ ڪيو قُربُ قدير، جو ڇَني آئيؤ “شيدي” چوي.

    ڀلي آئيؤ ڀلا پرين. اڄ ڪري وڙ وريام،
    تنهنجي اچڻ جي عجيب هئي طلب تمام،
    اڳ نڪريو نهاريان نرمل پيو، تنهنجو نازڪ کڻي نام،
    هاڻي اکين آرام، مُحب اچي ويو”مولابخش” چئي.

    ڀلي آئين ڀلا پرين، اڱڻ منهنجي عجيبَ،
    تو آئي دک دُور ٿيا، ٿيا نرالا نصيبَ،
    ڪٿي آؤن گنهگار گدلو، ڪٿي تنهنجو مان مُجيبَ،
    ڪيئن ڪري قريب، ڪيئي شفقت “شيندي” چوي.

    ڀلا ڀاڳ ڀائيان، جو ڪيئي اربيلا احسان،
    دل ۾ دلبر هئا، دردن جا داستان،
    سڪايل جا سهڻا تو ڪيا پرين پورا ارمان،
    لٿا مونجهارا من جا، ٿيا “شيدي” شاهي شان،
    اچي ٿيا مور مهمان، مون وٽ “مولابخش” چوي.


    ڀلا ڀاڳ ڀائيان، آيا مون وٽ سهڻا پرين،
    لاکيڻي لات ٻولي پيو، پيار منجهان پرين،
    اهڙا قرب قربائتا مين اتي ڪامل ڪرين،
    محب “مولابخش” مئڪني ايوين ڀيرا پيا ڀرين.

    ڀلي آئين ڀلا پرين، ڀورل منهنجا ڀر جهل،
    ڪيئي قرب ڪروڙين، اچي الاهي اجمل،
    لٿا مونجهارا مَنَ جا، ٿيا سُرها گُل ڦُل،
    ٿيا شاهي شُغل،اوهان مور آئي “مولابخش” چئي.


    لوڪ گيت

    اجرڪ ٽوپي وارا سڀ گڏجي هڻو سنڌ جا نعرا،
    ننڍا وڏا پڪا پوڙها سهڻي سنڌ جا سهارا.

    آبرو عزت اجرڪ ٽوپي آهي شان اسان جو،
    لڄ لوئي آهي محبت سندس مان اسان جو،
    اجرڪ ٽوپي پائڻ وارا آهن پرين منهنجا پيارا،
    سڀ گڏجي هڻو سنڌ جا نعرا.

    سنڌ سهڻي کي جوڙيو جانب رب جبار،
    مهراڻ جي موتين جي لهن ٿا سالڪ سهڻا سار،
    سنڌي سهڻا سڀ جهڙا آهن دوست منهنجا دلدارا،
    سڀ گڏجي هڻو سنڌ جا نعرا.

    ڪيان ساهه صدقو سنڌ تان جنهن ڏنو جنم جوڙ جڳ ۾،
    مڙين کان “مولابخش” وڌيڪ آهين ڀاڳ ۾،
    ڏسي ٿو “شيدي” جڳ ۾ وليئن جانوري نظارا،
    سڀ گڏجي هڻو سنڌ جا نعرا.


    -0-

    اکڙين بابت (بيت)
    آنک اکيان ڪن، عجب اشارا عام،
    چرپر ڪرڻ سان ڏين، پيار سندا پيغام،
    چوڪس چاهه دونن درنگ وجهن دام،
    شهزادن کي شڪار ڪرڻ جا، ڪڙول اٿن ڪام،
    نيڻ کڻن ناز سان جهڪائي وجهن جام،
    عينين اڳيان ڪيئي، سجدا ڪن سلام،
    ڪسڻ لاءِ ڦاسائين ٿيون، صبح توڙي شام،
    اڳ عجيب سندا لوچين لائيون لغام،
    نيڻن ڪنول ڪيف ڪشي وچ غضب آ غمام،
    ٿي قيد وڃن قرب ۾ گهورائون هڻي گام،
    انهن بلوري بام، سان ڪيئي مست ٿين “مولابخش” چئي.


    -0-

    سڀ چئو گڏجي جيئي سنڌ جيئي سنڌ
    سنڌ اسان جي سوني آهي،
    وري ان تي ڪاهي ڪوني آهي،
    پوءِ ڇو ڍر ڪئي يار توني آهي،
    ڏسو ڪيڏو ٿي ويو آ اسان وٽ انڌ.
    سڀ چئو گڏجي جيئي سنڌ جيئي سنڌ
    ٿي ڌرتي سان ويو ڌاڙو آهي،
    اڄ اسان وٽ مُک آچر سومر جاڙو آهي،
    تڏهن ته روز پٽن جي دل ۾ راڙو آهي،
    جيجل کي جان ڏئي ڪٽائڻو آهي ڪنڌ.
    سڀ چئو گڏجي جيئي سنڌ جيئي سنڌ
    ڪنداسي نه امڙ کان جان پياري،
    سڀ سورهيه ڪٺي ٿيون هاري ناري،
    تحريڪ هلائي تن سان ڪيون جنگ جاري،
    نصر من الله وفتح قريب ايهو راهه وٺو رند.
    سڀ چئو گڏجي جيئي سنڌ جيئي سنڌ
    ڪڏهن نه ڪڏهن دشمن سان دنگ ٿيندو،
    مددگار هر دم اسان سان هادي هوندو،
    فاتح فتح اسان کي ڏاتار ڏيندو،
    “مولابخش” ماءُ کي جڏ جان ڏينداسي جِندُ.


    قومي گيت

    ٿين سرهائيون سنڌ ۾، سدا ٿين مينگهه ملهار،
    دعائون دلدار صدقي، تون ساڻي ٿي ستار،
    سنڌ سهڻيءَ جي جوڙي جوڙ، جانب رب جبار،
    ڪارا ڪڪر بادل برسن، واهه ڪن ڪي وسڪار،
    وڏ ڦڙا وڏا مينهن وسن، ٿي چيهه ۾ چمڪ چوڌار.
    ٿر ننگر پارڪر تي، هجن کنوڻين جا کلڪار،
    هينڊل، مينڊل، هاٿي مڙئي، ڪن ٻيلي منجهه ٻهڪار،
    طوطا، تتر، مينا مٺو، هجي ڳيرن جي ڳٽڪار.
    ڌاريا اچي ويهي ڏسندا، وڻن جي وڻڪار،
    تڏهن سنڌ ساري سبز هُئي، هُئي گجر گل و گلزار،
    ايهي چرچ ڪندا هئا چنگو منگو، ڏسي جيجل جي جهلڪار.
    ساراهه ڪندا هيا سنڌ جي،سوڊان، آفريڪا، آمريڪا،
    جاپان، ٽوڪيو، ڪوريا، هالينڊ، انگلينڊ، سئزرلينڊ، سريلنڪا،
    هر هنڌ هلندي هئي هاڪ اتي، جيجان جي جهونگار.
    سنڌ سيدن سان آهي، هيءَ سڄي سمايل ساري،
    ڀٽ جو ڀٽائي، قلندر لعل، بودل شاهه بخاري،
    رکيل، چيزل، سچل سرمست، سائين سمن سرڪار.
    پرين محابي پاڻيءَ جي، ڪيو پالڻهار کي پڪار،
    سدا وسائي سنڌ تي، مينهن سائين صاحب ستار،
    “مولابخش” سنڌ کي، پيو تارڪ صدقي تار.


    -0-

    قومي گيت
    جيجل جي جهوليءَ ۾ آياسين،
    جيجل جي جهولي منجهه پئي پلياسين.

    ڪيئي قابل ڪنڌار جوڌا جوان،
    انهن منجهان مٽيءَ ماءِ لڌو مان،
    جيجل جي جهوليءَ ۾ آياسين.
    ڪهڙي واکاڻ ڪيان مومل جي مان جي،
    سنڌي سهڻيءَ جي جهولي ۾ جهلياسين،
    جيجل جي جهوليءَ ۾ آياسين.
    ملڪن ۾ مشهور آ اربيليءَ سندي احسان جي،
    پليتن کان پري ڌرتيءَ جا ديوانا ٿياسين،
    جيجل جي جهوليءَ ۾ آياسين.
    “شيديءَ” کي شاهي ڌرتيءَ ڌن،
    توکي “مولابخش” مور تخلص ڏنو من،
    جيجل جي جهوليءَ ۾ آياسين.

    سنڌ سهڻيءَ جيجان جو، اسان تي احسان ته ڏس،
    ڏنا امڙ اسان کي، هيمو ۽ هوشوءَ جهڙا جوان ته ڏس،
    ڄام ٽنڊي ۾ شهيدن سان، رنگيل آميدان ته ڏس،
    ڪهي آيا قرب ۾،ٿيا اڄ مور مهمان ته ڏس،
    بشير خان، آ آريسر خان جا، فرمايل فرمان ته ڏس،
    هن محفل ۾ “شيدي” چئي، ٿيا شاهي آهن شان ته ڏس.


    هُنر

    چيروون هُنر (ذاتين ۾) سُر سسئي
    سسئي: اوٺا نه ڏسي: راڙي ڪيائين،
    چير: اٺ نه ڏسي: رڙ هي ڪيائين.

    سرتيون: دايا ٻڌي:سيهڙ آيس،
    چير: دانهان ٻڌي:سي هڙ آيس.

    سرتيون: حال ڏي ڇو ٿي روئين شور نه ڪر،
    سسئي: چيائين سهاڳ ڏيرا کڻي ويا،
    چير: چيائين سهاڳ ڏير کڻي ويا.

    سرتيون: هاڻي “شيدي” ٿيندو جي حجم ڏئي ويا،
    چير: هاڻي ڇا ادي ٿيندو جي هي جم ڏئي ويا.

    سسئي: وِرک ڦل ڏنور ڏهاڻي نه ٿي.
    چير: ور کان پل ڏور ڏينهن هاڻي نه ڏي.

    سسئي: جت جعفري ملاح ميليندو “مولابخش” چئي.
    چير: جت جاءِ ڦيري مولا ميليندو”مولابخش” چئي.



    -0-

    چيروون هُنر (نالن ۾) “واقـعه ڪربـلا”
    حضرت امام مسلم جي معصوم ٻچڙن کي شهيد ڪندڙ حارث بد بخت سان سندس گهر واريءَ جو ڳالهائڻ.

    هنر: شيرل ڏسي چيائيس ته هي گلشن نه،
    چير: مڇريل ڏسي چيائين ته هي گل ڇن نه.
    هنر: علي گوهر تي نه ته مونتي امداد ڪر،
    چير: عليءَ گوهرن تي نه ته مونتي امداد ڪر.
    هنر:چيائينس ٽالپر ٿي مون کي قادن ملندو،
    چير: چيائينس ٽري پري ٿي مونکي ڪافي ڌن ملندو.
    هنر: محمد بخش جي ته “مولا بخش” ڪندو،
    چير: محمد بخشي جي ته مولا به بخش ڪندو.
    هنر: لعلڻ شر ۾ “شيدي” چوي،
    چير: لــعـلڻ مـحشر ۾”شيدي”چوي.


    ڪافي/ ڪلام

    ڪافي
    گهران ٿو رب کان دعا،ڪندو جاني نه جدا،
    اها منهنجي آ صدا،پوري ڪندو شل خدا.

    مون سان منهنجا ماروئڙا مولا ملائيندو،
    ٻڏل ٻيڙو منهن جو مولا تار مان تاريندو،
    اها منهنجي آ صدا پوري ڪندو شل خدا.

    واهي منهنجا ڏکن ڏينهڙا ڏور ٿيندا،
    قرب ڪري ڪکڙن تي اڱڻ شل ايندا،
    اها منهنجي آ سدا پوري ڪندو شل خدا.

    گڏجي خوشيون “مولابخش” سان ماڻيندا،
    هو حيران ٿيندا مون کي ڏيهه مبارڪون ڏيندا،
    اها منهنجي آ سدا پوري ڪندو شل خدا.


    -0-

    ڪافي
    منهنجي دل جو ڌڻي تون دلدار آن،
    تون لهندو سڄڻ سائين سار آن.

    ڪيڏي مون سان تو ڪئي مهرباني،
    تنهنجي قدمن ۾ هئي رکي جند مون جاني،
    منهنجي ساهه جو سائين تون سرڪار آن،
    تون منهنجي دل جو ڌڻي تون دلدار آن.

    “مولابخش” جو تون آهين جيءَ جيارو،
    تو پنهنجي اکڙين ۾ مونکي ويهاريو،
    ڪيڏو “شيدي”ءَ سان ڪندو تون پيار آن،
    منهنجي دل جو ڌڻي تون دلدار آن.

    منهن مٺا منهنجا پرين مون کان منهن نه مٽاءِ،
    اسان نانءُ ٻڌي نيڪي آيا سڄڻ تنهنجي آيا سي ساءِ،
    بيواجبي ڪري نه ڀورل مونکي سهڻا ڪين ستاءِ،
    پَر جي پئي آ ته پرچايون کڻي اهو ٻهڳڻ کولي ٻڌاءِ،
    اچي نينهن نڀاءِ ته ملن مبارڪون “مولابخش” چئي.


    -0-

    ڪلام
    پرديسي پيارا، وئين دل تون کڻي،
    کسي دل منهنجي، وئين تون ڌاڙو هڻي.

    واعدا پنهنجا ياد تون يار رکجانءِ،
    محبوب ماضيءَ کي وساري نه ڇڏجان،
    ڪيڏي منهنجي تو سان بات بڻي،
    پرديسي پيارا، وئين دل تون کڻي.

    توسان منهنجو آهي پيار پراڻو،
    رس نه سهڻا ٿي سهڻا ٿي تون سياڻو،
    تنهنجي منهنجي پيار کي ڄاڻي ٿو ڌڻي،
    پرديسي پيارا، وئين دل تون کڻي.

    پرين پيارا تون مونکي نه ڏکاءِ جانءِ،
    ڪڏهن به “مولابخش” کي سهڻا نه ستائجانء،
    چوي “شيدي” پرين توسان لڳي آهي اک جي اڻي،
    پرديسي پيارا، وئين دل تون کڻي.


    -0-

    ڪلام
    جند جان سڄڻ آ تنهنجي سهاري،
    ڇڏجانءِ نه پرين پنهنجو پيار تون وساري.

    اکڙين کي پرين آهي تنهنجو انتظار،
    موٽي ڪڏهن ايندين منهنجا محب منٺار،
    هاڻي دل ٿي سڄڻ پئي توکي ساري،
    ڇڏجانءِ نه پرين پنهنجو پيار تون وساري.

    مونکي ماڻهون ڏين ٿا مهڻا هزار،
    ڪيا تن جا قبول مون آهن آزار،
    اها ڳڻتي پئي ٿي جان کي ڳاري،
    ڇڏجانءِ نه پرين پنهنجو پيار وساري.

    اچي “شيدي”ءَ سان تون مل مٺا،
    منهن جي خوش ٿي اڱڻ تي کل مٺا،
    راهه لالوءَ ۾ “مولابخش”ٿو نهاري،
    ڇڏجان نه پرين پنهنجو پيار وساري.


    ڏور بيت

    هي گل آهن گوهر جا سونهن ڀريا سلطان،
    آيا آهن ڏورانهين ڏيهن کان مور ٿي مهمان،
    تون ساٿي سڄڻن لاءِ غير ڪڍ گمان،
    ته اهي محب محشر ۾ ڪندئي اربيلا احسان،
    مت نه وتائين مُنڌ جي برو ٿيو بيمان،
    هو مري ويو مروان، هنن کي ملي شهادت “شيدي” چوي.

    مراد: امير مسلم جي نينگرن جي ڳالهه آهي ته امير مسلم جي شهادت کان پوءِ ابن زياد اعلان ڪيو ته نينگرن کي گرفتار ڪري اچو حارث پليد نينگرن کي شهيد پيو ڪري ته اتي سندس گهرواريءَ جي ڳالهائڻ بابت سگھڙ جو بيت چيل آهي.

    لفظي کول:
    سٽ (1): گل -نيگر - گوهر - امير مسلم - سونهن ڀريا سلطان- نينگر.
    سٽ (2): ڏورانهون ڏيهه - مدينو پاڪ - مور مهمان - نينگر
    سٽ (3): ساٿي - مڙس کي ٿي مائي چئي - سڄڻ - نيگر.
    سٽ (4): مُحبَ - نينگر - اربيلا - نينگر.
    سٽ (5): مت - سمجهه- منڌ- اها عورت - برو بيمان- حارث.
    سٽ (6): مروان - حارث

    -0-

    ڏور بيت
    هي هاتڪ مردُ مجاهد کي شاهَه نٿو ڇڏي،
    ڏسي ڏاهي ڏاهپ سان هيئن چيس وير وڏي،
    ٻنهي جي ٻهڳڻ پوءِ گاڏي ڇڏي گڏي،
    اڃان تونگر آهي تڏي، مرد جي “مولا بخش” چئي.

    مراد: احد واري لڙائيءَ ۾ حضور پاڪﷺ جن جي چاچي حضرت امير حمزه جن جي شهادت کان پوءِ جڏهن کيس جسم مبارڪ جنت البقيع ۾ دفنائڻ لاءِ کڻي هليا هئا ته احد جبل سندن جسم سان گڏ هلڻ لڳو جنهن بعد جبل جي خواهش مطابق پاڻ سڳورن پنهنجي چاچي کي اتي ئي دفنايو.
    سُگھڙ جو ان واقعي بابت ڏور جو بيت ڏنل آهي.

    لفظي کول:
    1. هاتڪ- حضور پاڪ - مردُ - جبل - مجاهد - امير حمزه.
    2. ڏاهو- نبي ڪريم- وير - نبي ڪريم.
    3. ٻنهين - احد جبل ۽ امير حمزه کي پاڻ گڏائي ڇڏيو.
    4. تونگر - امير حمزه - مردُ - احد جبل


    0-

    ڏور بيت
    آديسي آيو عجيب وٽ قادر جي ڪري،
    ڪيائين حقيقت هوت سان ڀورل جي ڀري،
    ۽ سڻايائين سندي کي جونه پيو وير ڏي وري،
    بيت بچي يا مري، آهي مقدر تي”مولا بخش” چئي.

    مراد: محبوب ڪريم جي معجزي سان سڪل بنڊ مان سائو وڻ ٿي پيو ۽ ان مان ٽپڪو انب ڪريو جيڪو ريان بادشاهه جي ننڍي نياڻي کڻي کاڌو ته الله جي قدرت ان ڇوڪريءَ کي پيٽ ٿي ويو ۽ ڳالهائيندي ٻار ڄمي پيو ۽ ناني سان ڳالهائي نبي سائين جي نبوت جي شاهدي ڏئي چوي ته ڪلمون پڙهه(1).

    لفظي کول:
    1. آديسي - ننڍو ٻار - عجيب - نبي ڪري= قادر = الله حقيقت = ڳالهه ڪئي ڇوڪر - هوت - نبي ڪريم = ڀورل = حضرت ثيث ۽ سڻايائين - يعني ٻڌايائين - سندي کي- يعني ناني کي - وير - نبي ڪريم.


    __________________
    (1) هيءَ سگھڙن وٽ روايت هلندڙ آهي، مرتب جو جو سهمت هئڻ ضروري ناهي.


    -0-


    ڏور بيت
    عرض ڪري عجيب کي جانب چيو جيئن،
    ٻڌي ٻولي ٻهڳڻ جي کڻي تونگر ڪيو تيئن،
    جوڙ جوڙيو جبار هو اتي اربيلن جو ايئن،
    ڪيو ڪاملن هو ڪيئن، اهو مڙئي ٻڌايو “مولابخش” چئي.

    مراد: امير مسلم جي نينگرن کي حارث پليد شهيد ڪيو الله جي قدرت سان ٻئي ڀائر ڀاڪر پائي پاڻيءَ ۾ اوڀارا هلڻ لڳا(1).

    لفظي کول:
    (1) عجيب - وڏو ڀاءُ - جانب ننڍو ڀاءُ
    (2) ٻهڳڻ - ننڍو ڀاءُ - تونگر - وڏو ڀاءُ
    (3) جبار - الله - اربيلا - ٻئي نينگر
    (4) ڪامل به ٻئي - نينگر


    __________________
    (1) هيءَ سگھڙن وٽ روايت هلندڙ آهي، مرتب جو جو سهمت هئڻ ضروري ناهي.


    -0-

    ڏور بيت

    موڳي مونکي محب آهي عجيب ڏنو اجل،
    ويو جو وير وستي ڇڏي هاڻي ڪيئن ايندو ڪامل،
    ٻڌي ٻولي ٻهڳڻ ڪيس ڀلائي ڀرجهل،
    ائين نوازي نرمل، مير ڇڏيس “مولابخش” چئي.

    مراد: حضرت امير عمر فاروق رضه جي خلافت واري دور ۾ هڪ پوڙهي عورت جو تيل هارجي پيو ۽ رستي ۾ روئي رهي هئي ته اتي سيدنا عمرفاروق رضه جن آيا جن زمين تي ديڙو لڳائي زمين سان ڳالهايو ته اي زمين جيڪڏهن مون عُمر رضه تنهنجي مٿان انصاف واري حڪومت ڪئي آ ته تيل واپس ڪر.
    بس امير عُمر رضه جو چوڻ ۽ زمين جو تيل واپس ڪرڻ اها پوڙهي تيل کڻي خوش ٿي هلي وئي(1).

    لفظي کول:
    موڳو - ٿُڏو - محب - حضرت عُمر رضه - عجيب - به - حضرت عُمر رضه وير حضرت- عُمر رضه - ڪيئن ايندو- تيل - ڪامل - حضرت- عُمر رضه - ٻهڳڻ - حضرت عُمر رضه - ڀرجهل به- حضرت عُمر رضه - نرمل - حضرت عُمر رضه - مير به - حضرت عُمر رضه .

    __________________
    (1) حوالو: مراة المناجيح ص 381 جلد 8 – تحفة الطلاب – ص 229.

    -0-

    ڏور بيت
    هيءَ پري اٿئي پارس جي پرينءَ چيس پونه،
    قدر تنهنجي ڪامي، چيس ڪامل ڪيشي ڪونه،
    ائين مورناهي “مولابخش” چئي جيئن تونگر چيو تونه،
    ڪاٿي گل گوهر جا ۽ ڪاٿي مرد مٿو نه.

    مراد: محبوب ڪريمﷺ جي وصال کان بعد نعلين مبارڪ حضرت علي
    سلمان فارسي ؓ کي ڏي ته سلمان فارسي ؓ پنهنجي سرجو تاج ڪري ڇڏي(1).

    لفظي کول:
    پري - نعلين مبارڪ - پارس - نبي ڪريم- پرين - حضرت علي - ڪامي - حضرت سلمان - ڪامل - حضرت علي - ائين مُورُ ناهي - اصل ناهي - تونگر - حضرت - علي - گل گوهر جا - قدم نبي ڪريم جا - مردُ سلمان - شهنشاهه - محبوب مديني وارو.

    __________________
    (1) هيءَ سگھڙن وٽ روايت هلندڙ آهي، مرتب جو جو سهمت هئڻ ضروري ناهي.


    ڳجهارتون

    ڳجهارتون (سُر سسئي)
    • ڏيڻي: عضوي جي نر نالو ذات ٿيندس.
    ڀڃڻيءَ جا بند:
    عضوي جي: لڪير.
    نر نالو: نصيب.
    ذات: راهي

    کول: لڪيرن ۾ نصيب لکيل آهي ته راهي ٿيندس.

    • ڏيڻي: ذات نه نالو هو.
    ڀڃڻيءَ جا بند:
    ذات: جعفري.
    نالو: آدم
    کول: جا فري ڏٺم ته نالو آدم ئي نه هو.

    • ڏيڻي: کڻ مال جي اڳيون ذات ٿئي.
    ڀڃڻيءَ جا بند:
    مال جي: کلي.
    ذات: اوڏ
    کول: کڻ کلي اوڏڙا ٿا وڃنين.

    • ڏيڻي: ذات آئي ته نالو نه هو.
    ڀڃڻيءَ جا بند:
    ذات: سامت.
    نالو: آدم
    کول: سامت آئي ته ڪو آدم نه هو.


    • ڏيڻي:توهان نه شهر، مان ذات ٿيندس.
    ڀڃڻيءَ جا بند:
    شهر: جهل.
    ذات: راهي
    کول: توهان نه جهليو مان راهي
    ٿيندس

    • ڏيڻي: وٺ مال جو ذات ٿئي.
    ڀڃڻيءَ جا بند:
    مال جو: چارو.
    ذات: اوڏ
    کول: وٺ چارو هُو اوڏڙا ٿئي

    ڳجهارتون (سُر سُهڻي)
    • ڏيڻي: جي ذات ڏٺئي ته مال جو ڪرين هان.
    ڀڃڻيءَ جا بند:
    ذات: ڪصر.
    مال جو: ٿاهر
    کول: جي درياءُ ۾ ڪصر ڏٺئي ته ٿاهر ڪرين هان

    • ڏيڻي: نالي کي فقير جي ڏني هئي واڻڪي وڃي ها.
    ڀڃڻيءَ جا بند:
    نالو: درياءُ.
    فقير جي: موج.
    واڻڪي: هٽي
    کول: جي درياءُ ۾ موج ڏٺي هُئي ته هٽي وڃي ها
    ڳجهارتون (سُر مورڙو ميربحر)
    • ڏيڻي: ڪپڙي جو نڪر هي به نالو ويندو فقيرن جو ڪير.
    ڀڃڻيءَ جا بند:
    ڪپڙي جو: پلاند.
    نالو: بچل.
    فقيرن جو: ٽولو
    کول:پلاند جو نه ڪر هي بچل به ويندو پوءِ هن فقيرن جي ٽولي جو ڪير ڪندو.

    • ڏيڻي: تون چور ڪپڙي جو وَهَٽَ جو گَاَههَ فقير جو ڇا ٿيندو.
    ڀڃڻيءَ جا بند:
    چور: ظالم.
    ڪپڙي جو: وَرُ
    وَهَٽُ: ڪچڙو.
    فقير جو: ٽولو
    کول: تون ظلم جي ور چڙهي وئين ته پوءِ هن ڪچڙي ٽولي جو ڇا ٿيندو.

    ڳجهارتون (سُر ليلان چنيسر)
    • ڏيڻي: شهر ليلان، وڃي نالو مرض ٿي.
    ڀڃڻيءَ جا بند:
    شهر: هٽڙي.
    نالو: گدا.
    مرض: گَرُ
    کول: هٽ ڙي ليلان وڃي گداگر ٿيءُ

    • ڏيڻي: مان جنگ جي ڪئي تون چور جي نه ڪر.
    ڀڃڻيءَ جا بند:
    جنگ جي: تُوبَ.
    چور جي: ڦٽي
    کول: مان توبهه ڪئي تون ڦٽي نه ڪر

    • ڏيڻي: ڪتي جي نه ليلان، ڪاٺ جي ڪر.
    ڀڃڻيءَ جا بند:
    ڪتي جي: نڪر.
    ڪاٺ جي: پينسل
    کول: نڪر هتان وڃي پن سن ڪر

    • ڏيڻي: مان ڇڏي تون ڪتي جي نه ڪر.
    ڀڃڻيءَ جا بند:
    مان: انا.
    ڪتي جي: لوڌ
    کول: پنهنجي انا ڇڏي، تون لوڌ نه ڪر.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 466
    ڪتابن جو مشاهدو: 393854
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 159307
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ