ڪتاب جو نالو: دنيا جي تاريخ
مصنف: محمد مجيب / يوسف سنڌي
ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي
ڪيٽيگري: تاريخ، فلسفو ۽ سياست
شايع ٿيڻ جو سال: 2013
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 27 فيبروري 2017 ع
پڙهيو ويو: 1053 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 768 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
دنيا جي تاريخ (تهذيبن، مذهبن ۽ قومن جي ارتقاء جو عالماڻو تذڪرو ) محمد مجيب جي تقريرن جو سنڌي ترجمو آهي، جنهن جو سنڌيڪار يوسف سنڌي آهي.
هن ڪتاب ۾ شامل مضمون دراصل محمد مجيب جون ڪجهه تقريرون آهن، جيڪي هن آل انڊيا ريڊيو جي فرمائش تي تيار ڪيون هيون. محمد مجيب اهي تقريرون 1938ع ۾ تيار ڪيون هيون. ان وقت پاڪستان، هندستان جو حصو هو ۽ روس ۾ اشتراڪي حڪومت قائم هئي. هنن مضمونن کي ان وقت جي تناظر ۾ پڙهڻ گهرجي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • دنيا جي تاريخ
  • حق ۽ واسطا
  • سنڌ سلامت پاران
  • نوٽ
  • سٽاءُ

  • (1) دنيا جي ڪهاڻي
  • (2) دنيا جون شروعاتي سڀيتائون
  • (3) اوڀر ۽ اولهه
  • (4) يوناني سڀيتا
  • (5) يونان ۽ روم
  • (6) قديم چيني سڀيتا
  • (7) قديم هندستان
  • (8) عيسائي مذهب
  • (9) اسلام
  • (10) مسلمانن جي سياست
  • (11) مسلمانن جي سڀيتا
  • (12) ترڪ ۽ تاتاري
  • (13) هندستان (700- 1800ع)
  • (14) يورپي سڀيتا جي شروعات
  • (15) جديد يورپ
  • (16) جديد اولهائين سڀيتا
  • (17) اڄ جي دنيا

  • دنيا جي تاريخ

    دنيا جي تاريخ
    تهذيبن، مذهبن ۽ قومن جي ارتقاء جو عالماڻو تذڪرو


    ليکڪ
    محمد مجيب

    سنڌيڪار
    يوسف سنڌي



    ڊجيٽل ايڊيشن:

    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    حق ۽ واسطا

    سڀ حق ۽ واسطا ڇپائيندڙ وٽ محفوظ


    ڪتاب جو نالو : دنيا جي تاريخ
    ليکڪ: محمد مجيب
    سنڌيڪار: يوسف سنڌي
    ڪمپوزنگ ۽ لي آؤٽ: عبيدالله ميمڻ، نديم احمد سولنگي
    پهريون ڇاپو: آگسٽ 2013ع
    ڇپيندڙ: آزاد ڪميونيڪيشنز، ڪراچي
    ڇپائيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
    قيمت : 150/= رپيا

    "DUNYA JEE TAREEKH”
    Written by: Muhammad Mujeeb
    Translated by: Yousuf Sindhi
    Published by: Sindhica Academy,
    B-24, National Auto Plaza, Marston Road,
    Karachi-74400 Phone: 021-32737290
    website: www.sindhica.org, Email:sindhica_academy@yahoo.com

    اسٽاڪسٽ
    سنڌيڪا اڪيڊمي،B-24 نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي فون:02132737290
    سنڌيڪا بوڪ شاب، جتوئي منزل حيدر چوڪ حيدرآباد فون: 03013594679 –
    سنڌيڪا بوڪ شاپ، 19 بلديه پلازه گهنٽا گهر چوڪ سکر فون: 071-5628368، 03013431537
    العماد بوڪ سيلرز، اردو بازار، ڪراچي فون: 0212214521 ، 0300-343115
    ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، عزيز ڪتاب گهر بئراج روڊ، بخاري ڪتاب گهر، قادري بوڪ اسٽور، مهراڻ بوڪ اسٽور، مجاهد بوڪ اسٽور نيم ڪي چاڙهي سکر- ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور اردو بازار ڪراچي- سنڌي ادبي بورڊ بوڪ شاپ، تلڪ چاڙهي حيدرآباد- شاهه لطيف بوڪ شاپ، ڀٽ شاهه- عثمانيه لائبريري، چنيهاڻي ڪنڊيارو، - نيشنل بوڪ اسٽور، نوراني بوڪ ڊپو بندر روڊ، رابيل ڪتاب گهر اسٽيشن روڊ، رهبربوڪ اڪيڊمي رابعا سينٽر بندر روڊ لاڙڪاڻو- رحيم ڪتاب گهر مهراڻ چوڪ بدين-مدني اسلامي ڪتبخانو، جنيد بوڪ اسٽور ۽ رشيد بوڪ اسٽور نئون چوڪ- ممتاز ڪتاب گهر دادو-حافظ بوڪ اسٽور مسجد روڊ، خيرپور ميرس - سعيد بوڪ اسٽور، سنڌ ڪتاب گهر ڀٽائي بازار شڪارپور- المهراڻ ڪتاب گهر، زاهد بوڪ ڊپو، سانگهڙ- سيد ماس ميگا اسٽور، جيڪب آباد- سرتاج ۽ گلزار بوڪ اسٽور، ڪنڌڪوٽ- ميمڻ بوڪ اسٽور، شاهي بازار نوشهروفيروز- حافظ اينڊ ڪمپني، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه- ديدار بوڪ ڊپو، ٽنڊوالهيار- رفعت بوڪ هائوس، ماتلي- مرچو لال پريمي، بدين- مڪتبه يوسفيه، ميرپورخاص. فون. 0300-3319565، عطار ڪتاب گهر، بدين، مهراڻ ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ، حافظ ڪتاب گهر، کپرو، سنڌ ڪتاب گهر، مورو،
    عباس ابڙو شڪارپور فون: 03362870897 ساحر ڪتاب گهر، 8948535-0346 دادو
    لکپڙهه ۽ وي پيءَ ذريعي گهرائڻ لاءِ
    سنڌيڪا اڪيڊمي
    B-24، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي74400


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”دنيا جي تاريخ“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب محمد مجيب جي تقريرن جو سنڌي ترجمو آهي جنهن جو سنڌيڪار يوسف سنڌي آهي.

    هن ڪتاب ۾ شامل مضمون دراصل محمد مجيب جون ڪجهه تقريرون آهن، جيڪي هن آل انڊيا ريڊيو جي فرمائش تي تيار ڪيون هيون. محمد مجيب اهي تقريرون 1938ع ۾ تيار ڪيون هيون. ان وقت پاڪستان، هندستان جو حصو هو ۽ روس ۾ اشتراڪي حڪومت قائم هئي. هنن مضمونن کي ان وقت جي تناظر ۾ پڙهڻ گهرجي.

    هي ڪتاب 2013ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سنڌيڪا اڪيڊمي جي سرواڻ نور احمد ميمڻ ۽ فضل الرحمان ميمڻ جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    نوٽ

    نوٽ:

    (هن ڪتاب ۾ شامل مضمون دراصل محمد مجيب جون ڪجهه تقريرون آهن، جيڪي هن آل انڊيا ريڊيو جي فرمائش تي تيار ڪيون هيون. محمد مجيب اهي تقريرون 1938ع ۾ تيار ڪيون هيون. ان وقت پاڪستان، هندستان جو حصو هو ۽ روس ۾ اشتراڪي حڪومت قائم هئي. هنن مضمونن کي ان وقت جي تناظر ۾ پڙهڻ گهرجي.)


    سٽاءُ

    (1) دنيا جي ڪهاڻي

    دنيا جي ڪهاڻي هڪ عجيب داستان آهي. جيڪو جنهن جي واتان بيان ٿيو، انهيءَ جي مطلب جوئي ٿي ويو. اها ڏاڍي ڊگهي به آهي ته بنهه ساڌي سوڌي ۽ منجهيل پڻ. اها اسان کي دلاسو به ڏي ٿي ته اُداس به ڪري ٿي. اسان جي دل به وندرائي ٿي ته ڊيڄاري به ٿي. اها انهن ڪهاڻين وانگر آهي، جيڪي ضدي ٻار رات جو سمهڻ مهل ٻڌن به ٿا ۽ ٻڌندي ئي ننڊ جي پور ۾ هليا وڃن. اها ڪٿان کان به شروع نٿي ٿئي ۽ ڪٿي به ختم نٿي ٿئي. ان ۾ جيڪي سچيون ڳالهيون آهن، سي ڪهاڻي ٿيون لڳن ۽ ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون آهن، جيڪي آهن ته دل وندرائڻ جا قصا، پر اسين انهن کي سچ ٿا سمجهون، اها اسان مان هر ڪنهن جي جيون ڪهاڻي به ٿي سگهي ٿي ته هڪ تماشو به آهي، جنهن ۾ ماڻهوءَ جي شڪل بس هڪ جهلڪ جهڙي نظر اچي ٿي. ايئن اسين اهو چئي نٿا سگهون ته اسان ان کي ڏٺو به آهي يا نه.
    ته، آئون اها ڪهاڻي ڪٿان شروع ڪريان، جنهن جو ڪو به مُنڍ نٿو ملي؟ ان وقت کان جڏهن دنيا پيدا ٿي؟ يعني ته ڪڏهن کان؟ ٻارن کي ته اسين اهو سمجهائي ٿا ڇڏيون ته هن دنيا کي خدا جوڙيو آهي. پر ڪڏهن ۽ ڪيئن جوڙيو؟ اسين اهو نٿا ٻڌايون، جو اسان کي پاڻ به ان جي خبر ڪونهي. پر هر زماني ۾ عقلمند ماڻهن، پنهنجي اڻ ڄاڻائي لڪائڻ ۽ گهٽ سمجهه رکندڙن جي تسڪين جي لاءِ اسين ڪا نه ڪا ڪهاڻي گهڙي ٻڌائي ڇڏيندا آهيون ۽ سنسار جي ڳجهن تي ڪو سهڻو پردو چاڙهي ٿا ڇڏيون ۽ اسين پردي کي ڏسندا ٿا رهون، جيئن پڇندڙ اهو وساري ويهن ته ان جي پويان ڪجهه آهي به يا نه. اڄڪلهه جا عقلمند ماڻهو چون ٿا ته اسان جي دنيا باهه جو هڪ ٻرندڙ گولو هئي، اهڙي باهه جو نه، جيڪا اسين گهرن جي چلهين ۾ ٻاريندا آهيون؛ ان باهه جو به نه جيڪا دلين کي گرم ٿي رکي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ساڙي رک ڪري ڇڏيندي آهي. اها هڪ ٻي باهه هئي، جيڪا بنا ٻارڻ جي ٻري ۽ بنا وسائڻ جي وسامي ويئي. شايد اها اُها شيءِ هئي، جنهن کي اسين وڄ ٿا چئون، پر شايد اها به نه هئي. پر ڪڏهن نه ڪڏهن دنيا باهه جو گولو ضرور هئي، ڇو ته اهڙا لکين ڪروڙين باهه جا گولا آسمان ۾ ڦرندا نظر اچن ٿا ۽ اسان جي زمين تي اڃا تائين ٻرندڙ جبل، جڏهن به وڻين باهه اوڳاري ٻاهر ڪڍندا آهن، يا وري زمين جي اندر ان ٽهڪندڙ پاڻي جا چشما ڦٽي نڪرندا آهن. ٻيا باهه جا گولا، جيڪي دنيا کان به وڏا ۽ وڌيڪ پراڻا آهن، اهي اڃا سوڌي ‘باهه’ ئي آهن. دنيا ۾ اها باهه، پاڻي ۽ زمين ڇو بنجي ويئي؟ ان جي ڪا به خبر ڪونهي. بس، شايد اهو اسان جي ڀاڳ ۾ لکيل هو.
    هائو، ته پوءِ هڪ وقت اهڙو به آيو، جڏهن دنيا ٿڌي ٿي ويئي، ٻاڦ ۽ گئسون پاڻي ٿي ويون. جيڪو وڌيڪ ٺوس حصو هو، اهو جبل بنجي ويو. پر اهو به ڪيئن ٿيو؟ اڄڪلهه جا ڏاها، زمين جي ساخت سان جبلن، پهاڙن ۽ ڌاتن سان ڪجهه حساب لڳائي سگهن ٿا، پر اهو حساب لکين سالن کان به اڳتي نڪري ٿو وڃي ۽ اسين ته وري اهڙا آهيون، جو ٻه ٽي ڏينهن پراڻي ڳالهه به ايئن ئي ياد ٿا رکون. ويچاري انسان جي کوپڙيءَ ۾ اهو حساب سمائجي نٿو سگهي ۽ جڏهن سمائجي نٿو سگهي ته کيس اهو حساب ٻڌائڻ مان ڪهڙو فائدو؟ پر ڏاهپ به ڪا شيءِ آهي ۽ شايد اهو به هڪ علم آهي، جنهن ۾ ماڻهو اهو چئي سگهي ٿو ته آئون ڄاڻان ٿو، پر سمجهان نٿو، ڇاڪاڻ ته منهنجي سمجهه ننڍي آهي ۽ علم وڏو آهي. آئون پنهنجي ٻُڪ ۾ سمنڊ کي ماپي ته نٿو سگهان، پر مون کي خبر آهي ته ان ۾ ڪيترائي ٻُڪ پاڻي آهي ۽ ڪو منهنجي حساب کي غلط ثابت نٿو ڪري سگهي. سائنس جو حساب بلڪل ڦڙت آهي، فرق نڪري به ٿو ته ڪروڙ، ڏهن ڪروڙن جو هوندو ۽ اها ڪا ڳالهه ڪونهي. پر چوڻ وارو چئي سگهي ٿو ته اهڙو حساب ڪتاب ڪندڙن کان اهي ماڻهو وڌيڪ سمجهن ٿا ۽ وڌيڪ خبر اٿن، جن جو اهو ايمان آهي ته هن کي خدا جوڙيو آهي ۽ ان جو هر ذرو پرزو قدرت جو ڪرشمو آهي ۽ هاڻ ته سائنسدان به پنهنجي علم کي هڪ مذاق بنائڻ نٿا چاهين. هو چون ٿا ته اسان جي حساب جو طريقو هڪ خاص حد کان اڳتي ڪم نٿو ڪري. اسين پنهنجي علم سان نه اهو ثابت ڪري سگهون ٿا ته سج، چنڊ، تارا ۽ اسان جي هيءَ دنيا پاڻمرادو پيدا ٿي ويا آهن ۽ نه ئي وري اهو ته ان کي ڪنهن جوڙيو آهي.
    دنيا جڏهن ٿڌي ٿي ويئي ته ڪٿان سمنڊ جي تري ۾ زندگيءَ جو ٻج پهچي ويو، جتي اهو وڌيو ويجهيو ۽ لکين ڪروڙين سال ان ڀانت ڀانت جا ويس بدلايا. پوءِ هوريان هوريان، يعني انهن لکين ڪروڙين سالن ۾ ان ٻوٽن ۽ جيتن جي صورت ۾ خشڪيءَ طرف وک وڌائي يا پاڻيءَ کان سواءِ ساهه کڻي جيئري رهڻ جي صلاحيت پيدا ڪئي. ٻوٽا وڏا ٿيڻ لڳا ۽ وڌي وڻ ٿيا. جيڪي جيت جڻيا هئا، اهي مڇي بنجي ترڻ ۽ وهندڙ پاڻيءَ ۾ پيرن جي سهاري هلڻ لڳا ۽ ڪن وري خشڪ زمين تي سُرڻ شروع ڪيو. هوا ۾ پکي بنجي اڏامڻ لڳا. چوپاين جي شڪل اختيار ڪري ڊوڙڻ لڳا. چون ٿا ته پاڻي ۽ خشڪيءَ ۾ زندگيءَ جيڪا شروعاتي شڪل اختيار ڪئي، اها ڏاڍي ڊيڄاريندڙ هئي. وڏا وڏا چاليهه ۽ پنجاهه فوٽن جا واڳون، ويهه ويهه هٿ اوچا هاٿي، ڪنهن جانور جي ڳچي وري ايتري ته ڊگهي جو هوا ۾ اڏامندڙ پکين کي جلهي وٺي، ۽ ڪنهن جو ته وري وات ايترو وڏو جو اڄڪلهه جي ڍڳن ۽ مينهن کي ڳيهي وڃي پر اوڳرائي به نه ڏي! هڪ اهڙي جانور جون هڏيون به مليون آهن، جيڪو پيرن کان وٺي مٿي تائين هڪ سؤ فوٽ ته ڊگهو هوندو.!! انهن جانورن کي وري جيڪي نالا ڏنا ويا، اهي به اهڙا ئي ڀوائتا آهن. جهڙوڪ: برنٽو سورس (Bronto Saurus) اٿو سورس (Iohthyo saurus) ميگليو سورس (Megalo saurus) وغيره. پر دنيا کي شايد پنهنجو اهو اولاد پسند نه هو، يا وري اهي جانور وڌنڌي وڌنڌي اهڙا ته بي ڍولائتا ٿي ويا، جو انهن جو جيئرو رهڻ ڏکيو ٿي پيو. بهرحال هو غائب ٿي ويا ۽ جيستائين سائنسدانن کي انهن جون هڏيون نه مليون، تيستائين ڪنهن کي به اها خبر نه هئي ته ڪو ايڏا وڏا راڪاس برڙباڪاس جيڏا جانور به اسان جي دنيا ۾ آباد هئا.
    خشڪيءَ تي انهن وڏن جانورن کان پوءِ، جانورن جا جيڪي نوان نمونا نظر آيا، اهي هئا ته اهڙائي ڊيڄاريندڙ، پر انهن ۾ اڄڪلهه جي جانورن جيان اهو گُڻ هو ته اهي پنهنجي ٻچن کي کير پياريندا هئا. اهڙا جانور شايد ان ڪري به ڌڻن جي شڪل ۾ رهندا هئا، جو ماءُ ۽ پيءُ کي پنهنجن اولاد سان محبت هئي ۽ هو پنهنجن ٻچن جي حفاظت ڪندا هئا. جيتوڻيڪ اهي پهرينءَ قسم جي جانورن کان وڌيڪ سخت جان نڪتا ۽ دنيا جي مصيبتن کي منهن ڏيئي ويا، پر پوءِ به انهن مان ڪافي مري کپي ويا ۽ جيڪي باقي بچيا، تن جي جسمن ۾ اهڙيون تبديليون ٿينديون رهيون، جيڪي موسم جي سختين کي سهي ويا ۽ ٻين جانورن کان پنهنجون جانيون به بچائي ويا. اهڙي طرح ترقي ڪندي ڪندي جانورن جي هڪ اهڙي شڪل پيدا ٿي ويئي، جيڪا ماڻهن جي شڪل ۽ شبيهه سان ملندڙ جلندڙ هئي. جانورن جي اهڙي شڪل کي اسين سولائيءَ سان ‘بن مانس’ چئي سگهون ٿا. انهن بن مانسن، چئن پيرن جي جاءِ تي ٻن پيرن سان هلڻ سکيو ۽ اڳين ٻن پيرن سان جهلڻ، کڻڻ ۽ اڇلائڻ جو ڪم وٺڻ لڳا. قدرت انهن جي مدد ڪئي ۽ انهن جا اڳيان ٻه پير چنبي جي شڪل جا ٿي ويا. انهن جي ٿوري زبان به کلي ويئي ۽ ٻين جانورن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هوشيار ٿي ويا.
    اهو سڀ ڪجهه هزارن سالن جي عرصي ۾ ٿيو ۽ پوءِ چون ٿا ته دنيا جي آبهوا به بدلجي ويئي ۽ اهڙي ته ٿڌي ٿي ويئي، جو ان جو ڏو حصو برف سان ڍڪجي ويو ۽ برف جي گسڪندڙ ۽ ترڪندڙ پهاڙن، ڇپن سڀ ڪجهه ڀيلي ڇڏيو. پوءِ هوريان هوريان گرمي وڌڻ ۽ برف ڳرڻ لڳي ۽ سمنڊ ٺهي ويا ۽ زندگيءَ ٻيهر ڪر کنيو ۽ پکڙي. ايئن چار ڀيرا ٿيو ۽ هاڻي زمين جي هيٺان ڪيترائي گز اسان کي جيڪو ڪجهه ملي ٿو، اهو انهن گرمين ۽ سردين جو داستان ٻڌائي ٿو. اوهين سمجهي سگهو ٿا ته ان زماني ۾ بن مانسن جي ڪهڙي نه خراب حالت ٿي هوندي. انهن مان ڪن جون هڏيون برف جي هيٺان، ٻين جانورن جي هڏين سان گڏ دفن ٿي ويون ۽ هاڻ اهي زمين جي تمام گهڻو هيٺ مليون آهن، جنهن مان اسان اندازو لڳائي سگهون ٿا ته هو ڪيترا لک يا ڪروڙ سال اڳ آباد هئا ۽ ان زماني ۾ سندن شڪليون ڪهڙيون هيون. پر ان عرصي دوران هنن ٻه ٽي ڳالهيون ڏاڍيون ڪمائتيون سکي ورتيون هيون، ڪٿي ٻيلن ۾ ٻرندڙ باهه کي ڏسي هنن اهو معلوم ڪري ورتو ته باهه ڪيئن ٿي ٻاري وڃي ۽ پوءِ هو پنهنجن کوهن يا غارن کي باهه ٻاري، انهن کي گرم رکندا هئا ۽ انهيءَ سان هو جانورن جو گوشت پچائي ۽ وڻن جون پاڙون سيڪي کائڻ لڳا ۽ ايئن زندگي ڪجهه اڃا به سولي ٿي ويئي. اڄڪلهه جو علم اسان کي ٻڌائي ٿو ته اسين انهن بن مانسن جو اولاد آهيون. جيئن جانور ترقي ڪندا بن مانس بنجي ويا هئا، تيئن بن مانس انسان بنجي ويا.
    پر اڄڪلهه جو علم انهن بن مانسن مان ڪنهن هڪ سان اسان جو رشتو نٿو ڳنڍي. آهيون ته اسين هڪ ئي ٿيلهيءَ مان نڪتل، پر اسين جنهن خاص نموني تي ٺهيل آهيون، ان جو مثال اڃا تائين نٿو ملي. جاوا ۾ هڪ هنڌ هڪ کوپڙيءَ جو مٿيون حصو، ڪجهه ڏند ۽ ڄاڙي لڌي وئي آهي. اهي هڪ اهڙي جانور جون هڏيون ٿيون لڳن، جن جو مغز، باندر جي مغز کان ٿورو وڏو يعني ان جو عقل باندرن کان ڪجهه وڌيڪ هو، جيڪو ٻن پيرن تي بيهي سگهيو ٿي ۽ ڊوڙي به سگهيو ٿي. هو پنهنجن هٿن کان ڪم به وٺي سگهيو ٿي. جرمني جي هڪ شهر ‘هائڊل برگ’ جي ڀرسان اسي فوٽ اونهائيءَ ۾ هڪ ڄاڙيءَ جي هڏي ملي آهي ۽ ٺاهيندڙن ان تي ويچاريندي هڪ جانور ٺاهيو آهي، جيڪو ان جانور سان وڌيڪ ملي ٿو، جنهن جون هڏيون جاوا ۾ مليون آهن. اهو انسان جهڙو آهي. پر نه، اهو به ماڻهو ڪونهي. بس ان جا ڏند اهڙا آهن، جن جو مثال ٻين جانورن ۾ نٿو ملي. هو به ڪنهن قسم جو ماڻهو ئي ٿي سگهي ٿو. تنهن کان سواءِ انگلنڊ جي ضلع ‘سسڪس’ ۾ هڪ کوپڙيءَ جا ڪجهه هڏا اتفاق سان لڌا ويا آهن، تن جي مدد سان پڻ هڪ شڪل ٺاهي ويئي آهي. اهو ته نٿو چئي سگهجي ته اها ماڻهوءَ جي آهي يا باندر جي، ڇاڪاڻ ته اها شڪل ٺاهيندڙ پاڻ به اهو فيصلو ڪري نه سگهيا آهن. بهرحال اها هڪ لحاظ کان بن مانس جي ئي شڪل آهي. ماڻهوءَ جو ان سان ڪيترو ويجهو ياپري جو رشتو هو، اسين ان جو صحيح نموني اندازو لڳائي نٿا سگهون.
    هڏين سان ماڻهو ٺاهڻ جو اهو جيڪو فن آهي، ان بابت، ان علم جا عالم چون ٿا ته اسين جهڙو اهو چاهيون ٿا، اهڙو اڃا ڳولهي نه سگهيا آهيون. اڃا ته رڳو يورپ ۽ آمريڪا ۾ ماڻهن کي ان مسئلي سان دلچسپي پيدا ٿي آهي. اهو دنيا جي اهڙي حصي ۾، جتي سردي سدائين تمام گهڻي پوندي رهي آهي ۽ شروع ۾ ماڻهوءَ کي اهڙي هنڌ تي زندگي گذارڻ ۾ ڏاڍي ڏکيائي ٿي هوندي. ڳولهڻ جا هنڌ اصل ۾ ڏکڻ ۽ ڏکڻ اولهه ايشيا، آفريقا، ڏکڻ آمريڪا، آسٽريليا وغيره آهن ۽ هتي پاڻ وٽ ته تمام گهٽ ڪم ٿيو آهي، يا ته مرڳي ٿيو ئي ڪونهي. هتي جيڪڏهن وڏي شوق ۽ محنت سان ڳولا ڪئي وڃي ته اسان کي ضرور اهڙا آثار ملندا، جن سان اسان جي علم جي کوٽ پوري ٿي ويندي ۽ ماڻهو ۽ جانور جو ڳانڍاپو ثابت ۽ سگهارو ٿي ويندو.
    هاڻ هڪ ڏاڍو ڏکيو بحث هيءُ آهي ته جيڪي ماهر، انسان کي بن مانس جو بڻ ٿا ٻڌائين ۽ اهي عالم جيڪي ماڻهوءَ کي آدم جو اولاد ٿا قرار ڏين ۽ انسان جي ڪهاڻي ان وقت کان شروع ٿا ڪن، جڏهن حضرت آدم عليه السلام کي جنت مان ڪڍيو ويو، اهي ٻيئي ڌريون هڪ ئي ڳالهه پنهنجي پنهنجي طريقي سان ٿا ڪن يا اهي مختلف ڳالهيون، جن مان هڪ غلط ۽ هڪ صحيح آهي. منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن اسين اهو سمجهي وٺون ته مذهب، علم جو هڪ ٻيو ۽ اعليٰ قسم آهي ته حجت ڪرڻ جي نوبت نه ايندي، ان علم کي حاصل ڪرڻ جا ذريعا ٻيا آهن ۽ ان جو مقصد ۽ مذهب کي ان ڳالهه سان ڪو به واسطو ڪونهي ته ڪهڙي جانور جون هڏيون ڪيئن هونديون آهن ۽ جيڪڏهن اهي هيتري اونهائيءَ ۾ ۽ فلاڻي تهه ۾ مليون آهن ۽ هيتريون پراڻيون آهن ۽ ان جي مٿان مليون آهن ته هيتريون پراڻيون آهن. مذهب ۾ وقت ڪا به شيءِ ڪونهي، جيڪو ڪجهه آهي ‘حياتي’ آهي. مذهب جون نظرون زمين تي نه پر آسمان تي هونديون آهن. ماڻهوءَ جي جسم تي نه پر ان جي دل تي هونديون آهن. مذهب لاءِ مطلب جي ڳالهه اها هوندي آهي، جيڪا ماڻهوءَ کي سٺو ماڻهو بنائي. ان جي لاءِ سچ اهو ئي آهي، جيڪو سچائي جو حوصلو پيدا ڪري. اصل ۾ سچي علم ۽ سچي مذهب ۾ اختلاف نه هوندو آهي. اختلاف ته اهي ماڻهو ٿا پيدا ڪن، جيڪي علم حاصل ڪرڻ کان سواءِ مذهبي اڳواڻ بنجڻ ٿا چاهين. ٻي طرف اهي، جيڪي مذهب جي اصليت کي سمجهڻ کان سواءِ پنهنجي علم کي ان جي مقابلي ۾ بيهاري ٿا ڇڏين، اهي ٻيئي هڪ ٻئي جي ڳالهه سمجهي نٿا سگهن ۽ جي اسين انهن جي جهيڙن ۾ پياسين ته اسان جي سمجهه ۾ به ڪجهه نه ايندو.
    اڄ کان اٺ ڏهه هزار سال اڳ تائين، سائنس اسان کي دنيا جي جيڪا ڪهاڻي ٻڌائي ٿي، اها اسان جي ڪهاڻي ڪونهي. ڇاڪاڻ ته ان وقت تائين اسان جهڙا انسان، جن کي نيڪي ۽ بدي جي ڄاڻ هئي، پيدا نه ٿيو هو. قدرت ڪيئن ڪروڙن سالن ۾ ٺاهيندي ٺاهيندي ماڻهوءَ جي شڪل ٺاهي، ان جو به اسان جي جيون ڪهاڻي سان ڪو به واسطو ڪونهي. اسان جي جيون ڪهاڻي ته تڏهن کان شروع ٿئي ٿي، جڏهن کان اسان پنهنجو پاڻ کي سڃاتو آهي. اها اوهين پاڻ به سمجهي سگهو ٿا ته انساني برادريءَ کي هڪ قديم انسان جو اولاد ٻڌائڻ وڌيڪ صحيح آهي يا ان کي ڪيترن ئي هڪ ٻئي سان وير رکندڙ نسلن ۾ ورهائڻ، رڳو ان ضد ۾ ته ان قديمي انسان جون ڪٿي هڏيون مليون آهن ۽ نه ئي وري ڪنهن پٿر تي سندس نالو اُڪريل مليو آهي. سائنس يقين سان اهو ٻڌائي نٿي سگهي ته ماڻهوءَ جو پهريون نسل ڪهڙو ۽ ڪٿي هو، ته پوءِ سائنس کان ڇو پڇئون ته حضرت آدم ڪو بزرگ هو به يا نه؟
    بهرحال، اڄ کان اٺ ڏهه هزار سال اڳ تائين اسان کي ڪجهه نه ڪجهه خبر آهي ته دنيا ۾ ڇا ٿيندو پي رهيو. هاڻ اڳتي پنهنجي ڪهاڻي پڙهو ۽ اجاين جهيڙن جهٽن ۾ نه پئو.
    • Azoic: بنا حياتي وارو دؤر: ان دؤر جا ڪي به آثار نٿا ملن، اهو دور ٻن اربن کان اٺ ارب يا اسي ڪروڙ سال اڳ ۾ ٿي گذريو.
    • Proterozoic: حياتيءَ کان اڳ وارو دؤر: هن زماني ۾ زندگي جي شروعات نه ٿي هئي، پاڻيءَ تي سينور هو يا شايد جيلي فش. اهو دور ٻن اربن کان 6 ارب يا سٺ ڪروڙ سال اڳ ٿي گذريو.
    • Palaeozoic: حياتي جو شروعاتي زمانو: ان وقت تائين اهڙا جيت جڻيا نه هئا، جن کي ڪرنگهي جي هڏي هوندي آهي. اهو ٻن اربن کان ٽي ارب سٺ ڪروڙ يا 36 ڪروڙ سال اڳ ٿي گذريو.
    • Later Palaeozoic شروعاتي حياتي جو ٻيو دور: اهو مڇين ۽ ترندڙ پکين جو زمانو هو، اهو دور ٻن اربن کان 60 ڪروڙ يا 26 ڪروڙ سال اڳ تائين ٿي گذريو.
    • Mesozoic حياتي جو وچون دور: اهو وڏن وڏن چرندڙ پرندڙ جانورن جو دور هو ۽ اڄ کان هڪ ارب چاليهه ڪروڙ يا 14 ڪروڙ سال اڳ هو.
    • Cainozoic حياتي جو جديد دور: اهو ٿڻن يا کير پياريندڙ جانورن جو دور آهي، جيڪو اڄ کان 40 ڪروڙ يا 4 ڪروڙ سال اڳ شروع ٿيو.


    (2) دنيا جون شروعاتي سڀيتائون

    دنيا جي ڪهاڻيءَ ۾ حضرت آدم جو زمانو اهو وقت آهي، جڏهن ماڻهو، جانور مان انسان ٿيو. سائنس جا پوڄيندڙ حضرت آدم کي نٿا مڃين. پر اهي ئي ماڻهو جڏهن پراڻين قومن جي عقيدن ۽ ڌرم کي بيان ڪن ٿا ته اسان کي هر هنڌ ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ هڪ اهڙي بزرگ جو نالو ملي ٿو، جنهن آدم وانگر نيڪي ۽ بديءَ جو ميوو چکي، يوناني سورمي پروميٿس جيان آسمان مان باهه آڻي ۽ ماڻهو کي پوکي راهيءَ جو فن سيکاريو يا بم جيان سورڳ جو رستو ڳولهي، ماڻهو ۽ جانورن ۾ اهڙو فرق پيدا ڪري ڇڏيو، جو اهي ٻيهر هڪ ٿي نه سگهيا. پراڻين قومن جي روايتن يا ڏندڪٿائن ۾ اهو بيان ڪيو وڃي ٿو ته انسان کي دنيا کي آباد ڪندي ڪو گهڻو عرصو نه ٿيو هو، جو هڪ طوفان آيو، جنهن ۾ ٿورن ماڻهن کان سواءِ باقي سڀ ماڻهو ٻڏي ويا. اڳين زمانن ۾ عقل جي ڌارا ايتري تيز نه هئي ته جتي به رکجي، اتان ڪٽي ڇڏجي. شايد ماڻهن ان ڌارا کان ڪٽڻ کان سواءِ ٻيو ڪم به وٺڻ ٿي چاهيو ۽ تنهن ڪري اسان کي مذهبي عقيدا ۽ قصا ڪهاڻيون، تاريخ ۽ خيالي ڳالهيون سڀ گڏو چڙ نظر اچن ٿيون يا ايئن کڻي سمجهجي ته هڪ باغ آهي، جنهن کي اسين ايترو ته پري کان ڏسي رهيا آهيون جو چمن ۾ چمن، رنگ ۾ رنگ، گل ۾ گل گڏجي وڃي ٿو. انهن قصن ڪهاڻين ۾ ڪاٽ ڪوٽ ڪرڻ بي ادبي آهي، هتي به بس ڏسو، لطف وٺو ۽ سبق حاصل ڪريو.
    طوفانن جي لهرن ۽ ڪُنن مان جڏهن دنيا نڪري نروار ٿي ته زندگي جون اکڙيل جڙون نيل ندي جي ماٿريءَ ۾ ڏکڻ عراق ۾، اسان جي هندستان ۾، سنڌو درياهه جي ڪنڌين تي ۽ چين ۾ هوانگ هو ۽ يانگ ٽيسي ڪيانگ دريائن جي مهڙن وٽ ٻيهر ڦٽڻ لڳيون. پر دنيا جي آبادي رڳو انهن وسندين ۾ نه هئي. اهڙا ڪيترائي نسل هئا، جن جو ڪو به ٺڪاڻو نه مليو آهي. انهن کي خانه بدوش سڏيو وڃي ٿو. ٻين لفظن ۾ ته هنن جي رلهي ڪلهي تي ماني راڄن تي هئي. هو پنهنجا وهٽ چاريندا گهمندا وتندا هئا. جڏهن انهن جو تعداد وڌي ويندو هو يا هو گهمندي ڦرندي، ڪنهن وڏي ڳوٺ يا وسنديءَ وٽ پهچندا هئا ته انهن ۾ ۽ وسندي وارن جي وچ ۾، جنهن کي ظاهر آهي ته هنن ڦرڻ ۽ لٽڻ ٿي چاهيو وڏي ويڙهاند ٿيندي هئي. انهيءَ ويڙهه ۾ آخرڪار خانه بدوش ئي کٽيندا هئا ۽ هو وسندي جي رهاڪن کي ماري مڃائي، کين ڊوڙائي ڪڍندا هئا ۽ پاڻ انهن جي جاءِ تي آباد ٿي ويندا هئا. ٽن چئن سون سالن کان پوءِ وري ڪنهن ٻي قوم جي هٿان اها وسندي به اُجڙي، نون ماڻهن جي هٿان آباد ٿيندي هئي. تهذيب جا پراڻا مرڪز پاڻيءَ جي ڀريل مٽ ۾ کنڊ جون ٻه چار تڙون هوندا هئا. پاڻي کي لوڏيو ويندو هو ته اهي ڳري وينديون هيون يا جڏهن پاڻي ٿمجي ويندو هو ته کنڊ ان جي تري ۾ ويهي رهندي هئي، پر پاڻي کي ڇاڇولڻ وارا پاڻ سان گڏ ڪجهه نه ڪجهه مٺاڻ به ضرور کڻي ايندا هئا. ڳرڻ کان پوءِ جيڪا کنڊ گڏ ٿيندي هئي، اها اڳ کان وڌيڪ ئي هوندي هئي ۽ گهڙي جو پاڻي به ٿورو وڌيڪ ئي مِٺو ٿي ايندو هو. ايئن تهذيب پکڙجندي رهي. عراق، مصر، هندستان کان سواءِ رومي سمنڊ، جنهن کي انگريزي ۾ ميڊيٽرينين سي (Mediteranean sea) چوندا آهن، ان جي ڪنڌين تي، فلسطين ۾، شام ۾، ڪريٽ جي ٻيٽ ۾، اٽلي جي ضلع ايڙو ريا ۽ اتر آفريقا ۾ اڄڪلهه جي تيونس شهر جي ويجهو تهذيب جا مرڪز قائم ٿيا. اسان جا محقق، عالم اڃا تائين اهو طئي ڪري نه سگهيا آهن ته مصر جي تهذيب سڀني کان پراڻي آهي يا عراق جي سوميري تهذيب. بهرحال اهي ٻيئي اٺ ڏهه هزار سال پراڻيون مڃيون وڃن ٿيون ۽ ننڍي کنڊ جي اندر هڙاپا ۽ موهن جو دڙو ۾ جيڪي آثار مليا آهن. انهن مان سڀ کان پراڻا انهن کان گهٽ نه هوندا. مصر جا پراڻا شهر بيمس، هيلي ۽ پولس، ڏکڻ عراق ۾ بابل ۽ اتر ۾ نينوا، ڪريٽ ۾ شهر ڪنوسوس، تهذيب جي ان دور ۾ آباد ٿيا ۽ هزارين سال آباد رهيا.
    اڄ کان ڪي چار يا ساڍا چار هزار سال اڳ، هڪ نئين نسل، جنهن جي اسان کي نالي جي به خبر ڪونهي ۽ جيڪو پنهنجو پاڻ کي آريا يعني ‘پاڪ يا پوتر’ چوندو هو، خدا ڄاڻي ڪٿان اچي ظاهر ٿيو. ان ڏکڻ يورپ، عراق، ايران ۽ هندستان تي قبضو ڪيو. هنن آڳاٽين تهذيبن کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ گهڻو ڪجهه اختيار ڪري پنهنجي رنگ ۾ رڱي ڇڏيو. هندستاني، ايراني، يوناني، رومي ۽ آريا هئا ته سڀ هڪ ئي ڪٽنب جا ماڻهو، پر سڀني جون طبيعتون ۽ مزاج ڌار ڌار هئا ۽ انهن سڀني دنيا ۾ بلڪل مختلف يادگار ڇڏيا. آرين جو سڀ کان پهريون سامراج ايران ۾ قائم ٿيو ۽ شام کان وٺي اسان جي سنڌو دريا تائين پکڙيو، جنهن کي يوناني آرين جي مشهور بادشاهه سڪندر اچي ختم ڪيو. ان کان ٿورو عرصو پوءِ هندستان ۾ مور يا سامراج جو بنياد پيو. هتي اهو ختم ٿيو ته اولهه ۾ رومي سلطنت جو ستارو چمڪيو. ان زماني ۾ نون خانه بدوش (رولاڪ) نسلن منگولياجي چراگاهن مان نڪري ٿوري ئي عرصي ۾ هندستان، ايران، ترڪي ۽ اوڀر يورپ کي برباد ڪري وري آباد ڪيو. اهي آهن شروع کان وٺي حضرت عيسيٰ تائين جي زماني جي تاريخ جون اهي اهم ڳالهيون. هاڻ اچو ته ان زماني جي ٻي پهلوءَ تي نظر وجهون ۽ ڏسون ته انهن ڇهن ستن هزارن سالن ۾ انسان ڪيتري ترقي ڪئي؟
    اسين جنهن شيءِ کي تهذيب ٿا چئون، تنهن جي معنيٰ آهي دين ايمان، ڌرم، قانون ۽ علم جي ڇانوَ ۾ زندگي گذارڻ. پنهنجي محنت سان زندگي کي سرسبز رکڻ، نيڪ حوصلن سان ان کي رونق بخشڻ ۽ صنعت ۽ واپار جي ذريعي اهي شيون حاصل ڪرڻ، جن سان آرام پهچي ٿو، يا جن جي خوبصورتي دل کي خوش ڪري ٿي. هر قوم پنهنجي زندگي پنهنجي طبيعت ۽ مزاج موجب گذاري ۽ سنواري ٿي، پر پوءِ به ماڻهو ته هر هنڌ ٿو رهي ۽ جيڪڏهن نالي ۽ ڪجهه گڻن جو پردو هٽايو وڃي ته اسان کي هر هنڌ هڪ ئي زندگي نظر ايندي، مصر، سومير يا بابل. قديم هندستان ۽ ايران ۾ مذهب اميد ۽ ڊپ جي اها ئي ٻه رخي تصوير هئي. انهيءَ ۾ انهن قوتن سان لڳاءُ وڌايو ويندو هو، جيڪا زندگي کي قائم رکندي ۽ انهيءَ کي وڌائيندي هئي. انهن قوتن کي رام ڪرڻ جو فڪر ڪيو ويندو هو، جن کان نقصان ۽ موت جو انديشو هوندو هو. پر ماڻهوءَ کي انهن قوتن جي باري ۾ ڪا گهڻي خبر نه آهي ته اهي ڪيتريون وڏيون آهن ۽ کيس چئني ڏسائن کان گهيرو ڪريو بيٺيون آهن، جو سندس عقل دنگ رهجيو وڃي. هو انهن کي مختلف شڪلين ۾ تصور ڪري ٿو ۽ ڀانت ڀانت جا نالا ڏي ٿو ۽ جنهن ڳالهه کي هو چٽي طرح چئي نٿو سگهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته هو اها ڳالهه چٽي طرح سمجهي نٿو سگهي، تنهن ڪري هو ان کي ڪهاڻي بنايو ڇڏي. پراڻين قومن جي ڏندڪٿائن ۾ اهڙيون هزارين ڪهاڻيون آهن ۽ پاڻ ۾ اهڙيون ته ملندڙ جلندڙ آهن جو اهي سڀ هڪ ئي حقيقت کي بيان ڪرڻ جون ڌار ڌار ڪوششون آهن.
    مذهب جي ان شاعراڻي پهلوءَ سان گڏ اسان کي هر هنڌ ڌرم ۽ قانون به شروع کان ئي ملن ٿا ۽ انهن کي جيڪڏهن ڏسبو ته اهي اڄڪلهه جي قانونن کان ڪي گهڻا مختلف به نه آهن، پر ڪن ڳالهين ۾ ته اڄڪلهه کان به سٺا هئا. مصر ۾ ‘اوسي رس’ ۽ ان کان پوءِ ڪيترن ئي بادشاهن، بابل ۾ شاهه حمورابي، يهودين جي لاءِ حضرت موسيٰ، ڪريٽ جي ٻيٽ ۾ مي نوس مذهبي، اخلاقي ۽ معاشرتي يعني سماجي قانون جوڙيا.
    شاهه حمورابي جو قانون هڪ پٿر تي اڪريل مليو آهي. ان ۾ ڪن ڏوهن جهڙوڪ: چوري، جن جي سزا اڄڪلهه ڏاڍي سخت پيئي لڳي. پر ڪي ڳالهيون اهڙيون آهن، جو اسين ترقي ڪري به انهن تائين پهچي نه سگهيا آهيون. جهڙوڪ؛ جيڪڏهن شهر ۾ ڪنهن جو ڌاڙو لڳي ته حڪومت جو اهو فرض آهي ته اها ڏوهاري جلهي، مال واپس ڪرائي يا ڦريل ڌر جو نقصان پاڻ پورو ڪري ڏي.
    اسين اهو به ڏسون ٿا ته عورتن کي به تمام گهڻي آزادي حاصل هئي، کين ڪنهن به طرح مردن کان گهٽ حق حاصل نه هئا. کين اباڻي ملڪيت مان به حصو ملندو هو ۽ هو ڪاروبار ڪري ٿي سگهيون ۽ ڪنديون هيون ۽ مصر جي راڻي ‘هتيسپت’ ۽ راڻي تئي ۽ بابل جي راڻي ‘سمي رس’ جون حالتون پڙهي، خبر پوي ٿي ته انهن ملڪن ۾ عورتون راڄ ڀاڳ جون اهل سمجهيون وينديون هيون. مصري قصن مان خبر پوي ٿي ته اهي ماڻهو پنهنجي عورتن کان ڊڄندا ۽ هڄندا هئا. اهو خيال کڻي صحيح نه به هجي. ته به اسين ڄاڻون ٿا ته مصر ۽ بابل ۾ عورتون شاديءَ کان پوءِ مڙس جي ذات يا سندس ڪٽنب ۾ گم ٿي نه وينديون هيون، پر سندن رشتو پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ سان ئي رهندو هو ۽ هو سولائي سان طلاق وٺي سگهنديون هيون.
    قانون کان پوءِ اسين ان زماني جي زندگي جي ٻين شعبن کي ڏسنداسين ته ڏاڍي حيرت ٿئي ٿي. مصر ۽ بابل ۾ حڪومت جي پاران آبپاشيءَ جو پورو انتظام هو. دريائن مان واهه کوٽي پري پري تائين پاڻي پهچايو ويو هو. ٻوڏ ۽ مينهن جي پاڻيءَ کي گڏ ڪري رکڻ جي لاءِ وڏا وڏا تلاءَ ٺهيل هئا. جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ هر وستي ۽ واهڻ ۾ پوليس ۽ شهرن ۾ فوج هئي ۽ اسان تائين بابل ۽ مصر جا اهڙا ڪيترائي قصا پهتا آهن، جن مان پتو پوي ٿو ته بادشاهه پاڻ به قاعدن ۽ قانونن جو گهڻو لحاظ ڪندا هئا ۽ سرڪاري ملازمن کي ظلمن ۽ زيادتين کان روڪيندا رهندا هئا. ڪيسن جا فيصلا ڪرڻ جي لاءِ عدالتون موجود هيون ۽ انهن جو رتبو اهڙو هو، جو هو پنهنجا فرض خوبيءَ سان انجام ڏيئي سگهيون ٿي.
    قانون ۽ ملڪي انتظام جيان ان قسم جي علم جو، جنهن تي اسين ناز ڪريون ٿا، ان زماني ۾ بنياد وڌيو ويو. مصر ۽ بابل ۾ لکڻ جو طريقو ايجاد ڪيو ويو. بابل وارا مٽيءَ جون تختيون ٺاهي، جڏهن اهي اڃا ڪچيون هونديون هيون ته انهن تي هڪ نوڪدار اوزار جي مدد سان لکت لکي پوءِ انهن تختين کي سڪائي پچايو ويندو هو. جهڙو انهن جو ڪاغذ هو، تهڙو ئي انهن جو ‘خط’ به هو ۽ جيتوڻيڪ بابل ۾ خط و ڪتابت جي رسم به جاري هئي ۽ ماڻهو انهن ئي تختين کي مٽيءَ جي دٻن ۾ بند ڪري ٽپالين جي ذريعي هڪ ٻئي ڏي موڪليندا هئا، لکڻ جي ان طريقي ۾ وڏي ڊيگهه هئي. مصر ۾ هڪ نرم ٿڙ جي ڪاٺ مان جنهن کي ‘پائپرس’ چيو ويندو هو ۽ ان جي ڇوڏي مان سولائي سان هڪ قسم جو ڪاغذ تيار ڪيو ويندو هو. مصري شروع ۾ ته جنهن شيءِ جو ذڪر ڪرڻو هوندو هو، تنهن جي تصوير ٺاهيندا هئا. پوءِ هوريان هوريان انهن تصويرن مان لکڻ جو اهڙو طريقو ڪڍيو ويو، جنهن مان ماڻهو جلدي ۽ صفائي سان پنهنجو مطلب ادا ڪري سگهندا هئا. بابل ۽ مصر جي ڪوششن مان فائدو وٺي هڪ قوم، جيڪا فونيقي سڏبي هئي، سڄن سڄن لفظن جي جاءِ تي ڌار ڌار اکر ٺاهيا، جن مان هر هڪ ڪنهن خاص آواز جي علامت هئي. فونيقي واپاري هئا. هنن واپار سان گڏوگڏ لکڻ جي پنهنجي خاص طريقي کي پکيڙيو ۽ چيني ۽ جاپاني کان سواءِ دنيا ۾ باقي جيتريون به زبانون آهن، انهن سڀني ۾ اهي ئي لفظ شڪل بدلائي ۽ ڪجهه گهٽ وڌائي سان لاڳو ٿيا.
    لکڻ پڙهڻ کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي علم هئا، جيڪي ان زماني ۾ حاصل ڪيا ويا، وقت کي سالن ۾، سالن کي مهينن ۽ هفتن ۾، ڏينهن کي پهرن ۾، سڀ کان پهرين بابل وارن ورهايو ۽ اس جي گهڙي، سڀ کان پهرين انهن ئي ٺاهي. ستارن ۽ بُرجن جا نالا انهن ئي رکيا ۽ شڀ (نيڪ) گهڙي ڪڍڻ ۽ ستارن مان فال ڪڍڻ جي رسم انهن ئي جاري ڪئي. مصرين جنتري ٺاهي، حساب ۽ اقيلدس يا جاميٽريءَ ۾ هنن جيڪو ڪمال حاصل ڪيو، ان جي ثبوت جي لاءِ مصر جا اهرام يعني (Paramids) موجود آهن. انهن ۾ سڀني کان جيڪو وڏو آهي اهو سوين مڻ وزني پٿرن سان جوڙيو ويو آهي، جن جو ڪل تعداد 20 لکن جي لڳ ڀڳ آهي. اهي پٿر، بنا ڪنهن چن ۽ مسالي جي مدد سان اهڙي ته صفائي سان رکيا ويا آهن، جو انهن ۾ ڪو جوڙ به مشڪل سان ٿو نظر اچي ۽ هزارين سال گذري وڃڻ جي باوجود به پنهنجي جاءِ تان تر جيترو به ناهن سِرڪيا. اها عمارت 748 چورس فوٽ آهي ۽ اوچائيءَ ۾ 440 فوٽ يعني قطب مينار کان ٻه سؤ فوٽ مٿاهين آهي. جن ماڻهن اهڙن وزني پٿرن کي ڪٽي ۽ تراشي هيڏي مٿاهينءَ تي پهچايو، اهي ڪي بيوقوف ته نه هئا ۽ انهن جي انهيءَ يادگار کي ڏسي اسان کي پنهنجي علم تي گهڻو فخر ڪرڻ نه گهرجي. چون ٿا ته بابل ۾ به اهڙي ئي هڪ اوچي ۽ عاليشان عمارت هئي پر آسمان ان جي بلندي تي رشڪ کائي کيس ڪيرائي پٽ ڪري ڇڏيو.
    جتي اهڙيون عمارتون ٺاهي ٿي سگهجيون، اتي سهڻا شهر ۽ گهر ٺاهڻ ته ڏائي هٿ جو کيل هو. مصر، عراق، ڪريٽ ۽ اسان جي هندستان ۾ موهن جو دڙو ۽ هڙاپا ۾ شهرن جا شهر زمين کوٽي ان مان ڪڍيا ويا آهن. انهن جي کنڊرن مان اسين، انهن جي انهيءَ رونق جو اندازو نٿا لڳائي سگهون، جيڪا زندگي سان گڏ ايندي ۽ ويندي آهي. پر اسين اهو ڏسون ٿا ته اهي شهر پکيڙ ۾ هاڻوڪن شهرن کان ڪي گهٽ نه آهن. اهي گهر سرن ۽ سيمنٽ سان ٺهيل ۽ ٽي ٽي چار چار منزلون اوچا آهن. انهن جا رستا ويڪرا ۽ گندي پاڻي جي نيڪال جي لاءِ سٺو بندوبست ڪيل آهي. هاڻي انهيءَ ۾ ڪهڙو شڪ ٿي سگهي ٿو ته اتي جيڪي ماڻهو رهندا هئا، اهي تمام گهڻو مهذب هئا. انهن کنڊرن مان اسان کي ڪيترائي سهڻا ٿانوَ ۽ زيور مليا آهن ۽ جيئن اڄڪلهه هڪ ملڪ جون ٺهيل شيون ٻين ملڪن ۾ وڃن ٿيون، تيئن ان وقت به هڪ هنڌ جي شيءِ ٻي هنڌ ويندي هئي. هڪ هنڌ جا فيشن ۽ رسمون ٻي هنڌ منتقل ٿينديون هيون. ريلون ۽ هوائي جهاز نه هئڻ جي باوجود به ان زماني جي دنيا ننڍي ڪا نه هئي.
    سڀ کان وڌيڪ حيرت ان وقت ٿئي ٿي، جڏهن اسين مورتين ۽ تصويرن ۾ ان زماني جي ماڻهن جون شڪليون ڏسون ٿا ۽ انهن جي اٿي ويٺي ۽ دلچسپين جو نقشو اسان جي سامهون پيش ڪيو وڃي ٿو. عراق، مصر ۽ ڪريٽ جي ماڻهن رڳو اهو ئي نه ڪيو ته اهڙا قانون ۽ زندگي جا اهڙا اصول جوڙيا، جن سان سندن سڀيتا هزارين سال قائم رهي، يا علم ۽ فن کي اهڙي درجي تي پهچائي ڇڏيو، جو انهن جي ڪارنامن کي ڏسندي ماڻهو حيرت ۾ پئجي وڃن. زندگي جي سڀني گهرجن کي پورو ڪرڻ جو انهن اهڙو ته بندوبست ڪيو هو، جو کين پنهنجي معاشري جي ڀانت ڀانت جي نفاستن کي سنوارڻ جو موقعو هو. انهن جي شڪلين مان سلڇڻائپ پيئي بکندي هئي. هو اٿي ويٺي جي مهذب طور طريقن کان واقف هئا. انهن جي زائفائن اهي سڀئي ترڪيبون سکي ورتيون هيون جن سان نڪ، شڪل ۽ شبيهه يا ڊيل ڊول جي ڪسر پوري ٿي ويندي هئي ۽ آرائش جي ان فن جا قدردان به گهٽ نه هئا. دريائن ۽ باغن جا سير، دعوتون، محفلون، اهي سڀ روزمره جون ڳالهيون هيون. هنرمندن جي قدرداني، مهمانن جي خدمت چاڪري، محتاجن جي مدد وغيره، مطلب ته انهن مان اسين اڄڪلهه جو ڪو به اهڙو طور طريقو ڪڍي نٿا سگهون، جنهن جي کين خبر نه هئي. تهذيب جي روشني جهڙي هينئر آهي، ان وقت به سڀ ڪجهه اهڙو ئي هو.


    (3) اوڀر ۽ اولهه

    شروعاتي ٽن چئن هزار سالن ۾ انسان جيڪا تهذيبي دولت ڪمائي، پنهنجو پاڻ کي جنهن نموني سڌاريو ۽ پنهنجي زندگي کي سنواريو، اهو پاڻ هن کان اڳ بيان ڪري آيا آهيون. ان کان پوءِ جيڪا تاريخ آهي، اُن ۾ اها ئي موڙي ٻيهر ڪاروبار ۾ سيڙائي ويئي ۽ ڪجهه نئون وکر ڏيتي ليتي ۾ آيو. ڪجهه نيون منڊيون ڳولهيون ويون ۽ دنيا جي بازار ٻيهر گرم ٿي.
    اسان جي ڪهاڻي/ ڪٿا هاڻ آرين جي اچڻ سان شروع ٿئي ٿي. يعني لڳ ڀڳ ڪي ٽي چار هزار سال اڳ. جڏهن آرين ڏکڻ يورپ، ايشيا ۽ ڪوچڪ، ايران ۽ هندستان تي قبضو ڪيو. انهن جي اثر کان فقط سامي نسل جا اهي ماڻهو بچي سگهيا، جيڪي شام، فلسطين ۽ عربستان ۾ آباد هئا. نه ته اسان کي آرين کان اڳ جي تهذيب جو جيڪو حصو ورثي ۾ مليو آهي، انهيءَ تي آرين جي مهر لڳل آهي ۽ اها انهن جي ئي ڪري مليل لڳي ٿي. هاڻ وڏي محنت ۽ جاکوڙ کان پوءِ ان ڳالهه جي خبر پيئي آهي ته هي ”گهر“ جنهن کي آريا پنهنجو ڪٽنبي گهر چوندا آيا آهن، اصل ۾ هڪ ”مسافر خانو“ آهي، جنهن ۾ ڪيترائي مسافر ٽڪي چڪا آهن ۽ اها ملڪيت، جيڪا آريا پنهنجن پونئيرن لاءِ ڇڏي ويا آهن، تنهن تي ڪيترن جو ئي حق ٿئي ٿو. هندستان ۾ ڏسندا ته ”راوڙ“ برابر جي حصي جا حقدار رهئڻ جي دعويٰ ڪن ٿا. هندستان کان ٻاهر يونانين جي سڀيتا، آرين جي تسبيح جو سڀني کان آخري آبدار موتي معلوم ٿيو آهي. معلوم اهو ٿيو آهي ته اهو ڪنهن ٻي جي ڪوڏ مان نڪتو هو. جيتوڻيڪ انهيءَ کي پاڻي ”يوناني“ ڏنو. اهو سڀ ڪجهه پنهنجي جاءِ تي، پوءِ به اسين اهو چئي نه ٿا سگهون ته آرين جي زماني ۾ دنيا جو اهو ئي رنگ رهيو هو، جيڪو پهرين هو. جيڏانهن به نظر کڻي ڏسو، دنيا جي ٺهڻ ۽ ٺهڻ جا ثار نظر اچن ٿا.
    اهو سڀ ڪجهه سدائين کان ٿيندو آيو آهي ته هر مخالفت مذهبي مخالفت بنجي وڃي ٿي. تنهن ڪري مذهب اهڙي شيءِ آهي، جنهن جي آڙ ۾ هر سٺي ۽ خراب، مطلب ته خراب حوصلو، هر ضد ۽ هر گهرج، هر تعصب ۽ هر عقيدو اچي سگهي ٿو. آريا جيئن ته ٿڌن ملڪن جا رهاڪو هئا، تنهن ڪري اهي ”باهه“ جو قدر ڪندي ”آتش پرست“ ٿي ويا هئا. پر هو آيا اهڙن ملڪن ۾ هئا، جتي گرمين ۾ باهه وسندي هئي، جتي سج جي سامهون ڪنڌ جهڪائڻ باهه جو احسان مڃڻ جي لاءِ ڪافي هو. اهڙي طرح اها دشمني، جيڪالڙائي ۾ هارائيندڙ ۽ کٽندڙ جي وچ ۾ ٿيندي هئي، اها مذهبي عداوت بنجي ويئي. آرين پاڻ کان اڳ جي ماڻهن کي بي دين ۽ ناپاڪ قرار ڏنو ۽ کين پنهنجي ڳالهه تي ايترو ته ڀروسو هو، جو ايندڙ نسلن کي به هنن پنهنجو هم خيال بنائي ورتو. پر هاڻ اسان کي معلوم ٿيو آهي ته آرين جا دشمن بي دين ۽ ناپاڪ نه هئا ۽ اهو به ظاهر ٿي ويو آهي ته مذهب ۽ تهذيب ۾ آريا پنهنجي دشمن کي منهن نه ڏيئي سگهيا. هندستان هجي يا يونان توڙي ايران، جتي ڏسندؤ ته ڌار ڌار مذهبن جي جاءِ تي هڪ مذهب ٿي ويو. جنهن ۾ سڀني جا عقيدا، ريتون ۽ رسمون شامل هيون. اسان تائين جيڪا شئي پهتي آهي، اها مڪمل هئي. ان ۾ ڪنهن به ڳنڍ جي خبر نٿي پوي ۽ آرين اهو اهڙي نموني ته اختيار ڪري ورتو هو، جو ان ۾ غيرن جا عقيدا ۽ جذبا موجود هئڻ جو اسان کي تر جيترو به گمان ٿي نٿو سگهي.
    پر حيرت آهي ته ٻين جي مذهبي خيالن کان ايترو اثر وٺڻ تي به آرين پنهنجي نسل کي سڀني کان ڌار رکڻ جا وڏا جتن ڪيا ۽ دنيا ۾ هڪ اهڙو فتنو پيدا ڪري ويا، جنهن جو نتيجو اسين اڄ تائين پيا ڀوڳيون ۽ اڃا ان فتني مان جند نٿي ڇٽي. هندستان ۾ ماڻهو ذاتين ۾ ورهايل آهن ۽ ان جي باريڪين کان ته اوهين سڀ واقف آهيو. ان کي سمجهائڻ لاءِ جيڪي دليل پيش ڪيا وڃن ٿا ته اها ذات جي ورهاست ڪونهي، پر ڪم جي ورهاست آهي. جنهن جي بدولت سماج هڪ سگهارو قلعو بنجي ويو، جنهن کي ڪو به جيتي نه سگهيو. اهو سڀ ڪجهه اوهان ٻڌو هوندو، جنهن جي ڪري هزارين لکين ماڻهن کي اڇوت بنائي، جانورن کان به گهٽ ۽ ذليل ڪيو ويو ۽ هاڻ سمجهه ۾ نٿو اچي ته انهن کي ماڻهن جو مرتبو ڪيئن ڏنو وڃي. نسل جو اهو ئي فخر اسان کي يونان ۾ به ملي ٿو. جيتوڻيڪ يونانين جو جنهن نسل سان واسطو پيو، اهي رنگ ۽ نيڻن نقشن ۾ انهن کان گهٽ نه هئا. يوناني چٽو پٽو اهو چوندا هئا ته: حڪومت ڪرڻ، شهرين جي حيثيت ۽ شهرين جا حق رکڻ، خاص طور تي اسان ماڻهن لاءِ آهي ۽ قدرت جي به اها ئي مرضي آهي ته اسين محنت ۽ مشقت جو ڪم پنهنجن غلامن کان وٺي، پنهنجو سڄو وقت مذهبي دلچسپين ۾ گذاريون. ”اسان“ مان مطلب ”آريا نسل جي هڪ شاخ جي شاخ“ هئي، جيڪا هيلينس (Hellenes) سڏبي هئي ۽ جيڪا هڪ خاص وقت ۾ هاڻوڪي يونان ۽ ايشيا ۾ ڪوچڪ ۾ سمنڊ جي ڪنارن تي اچي آباد ٿي هئي. اهي هيلينس، جيڪي پنهنجن ٻين ڀائرن، جيڪي بلقان ۽ ان جي اتر ۾ آباد هئا، وحشي سڏبا هئا. هنن جي نظر ۾ اوڀر جا سڀ ماڻهو ”ايشيائي“ هئا ۽ ”ايشيائي“ کان وڏو توهين وارو لفظ يونانين جي ”لغت“ ۾ نه هو. يوناني ان ڳالهه تي پنهنجو حق سمجهندا هئا ته انهن ماڻهن کي جيڪي جنگ ۾ قيد هجن، بازار ۾ اگهه تي وڪامن، يا ڪنهن ٻي طريقي سان قبضي ۾ اچي وڃن، تن کي هو غلام سڏين ۽ کانئن پنهنجي ٻنين، کاڻين، پنهنجي شهرن ۽ گهرن ۾ جيئن به چاهين، تيئن ڪم وٺن. يونانين ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهو به ٿيندو هو ته مصيبتن ۽ غربت جي ڪري يوناني نسل جا ماڻهو به غلام بنجي ويندا هئا، ته ان سان آزاد يونانين کي دردناڪ ڊرامن ۽ نظمن جي لاءِ هڪ سٺو موضوع ملي ويندو هو. انهن جي عقيدي ۽ اصولن ۾ فرق نه آيو ۽ جيستائين يوناني آزاد رهيا، تيستائين هو پنهنجي نسل جي خداداد حق کي جتائيندا هئا.
    هندستان ۽ يونان کان سواءِ، ٻيو ڪٿي به آريا، نسلي متڀيد ۽ پنهنجي برتري کي مذهب ۾ شامل نه ڪري سگهيا. ايران جي آرين بابت اسان کي گهٽ خبر آهي. اسين اهو ته ڄاڻون ٿا ته انهن وٽ مذهبي ريتون ۽ رسمون ادا ڪرڻ جي لاءِ وٽن ”پروهت“ هوندا هئا ۽ ”پروهت“ اهو ئي ٿي سگهيو ٿي، جنهن جو پيءُ به پروهت هجي. پر ايران جا پروهت شايد بادشاهن ۽ سپاهين کي ايئن پنهنجي پڪڙ ۾ آڻي نه سگهيا، جو ڌنڌي ۽ ڪم جي ورهاست کي ذاتين جي ورهاست ۾ ”ڌرم“ جو بنياد بنائي سگهن. هيڏانهن يورپ ۾ روم جا جيڪي آريا هئا، اهي فقط وقت جي مصلحت ڏسڻ، نسل ۽ ڪٽنب تي کين به فخر هو. پر انهن پنهنجو فائدو ان ۾ ڏٺو ته ان فخر کي ٻين جي لاءِ گهڻو اڻوڻندڙ ٿيڻ نه ڏين. رومي سلطنت جي تباهه ٿيڻ تي، اهي آريا قبيلا، جيڪي وحشي سمجهيا ويندا هئا، ميدان ۾ آيا. انهن ماڻهن ۾ عيسائي مذهب، جيڪو يهودين، يعني سامي نسل جي ماڻهن جو مذهب هو، نسل کي گهڻو دٻايو، پر ان کي مٽائي نه سگهيا. هينئر ڏسو! هٽلر ۽ سندس پوئلڳن وڏي واڪي اهو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ته آريا ۽ اڻ آريا پنهنجا ڪڏهن به ڀائر بنجي نٿا سگهن. انهن جي قسمت ڌار ڌار آهي ۽ اڻ آريا پنهنجي قسمت جو لکيو پورو ڪرڻ تي مجبور ڪيا ويندا. پر هاڻ نسلن ۾ فرق ڪرڻ يونيورسٽي جي پروفيسرن جو ڪم آهي ۽ دولت، ٻين جي محنت ۽ ضرورتن مان فائدو حاصل ڪرڻ جو اهڙو ته ڍنگ ڪڍي ورتو آهي، جيڪو غلامي جي پراڻي طريقي کان وڌيڪ ڪارائتو آهي. اڄڪلهه جا غلام پنهنجي آقائن کان وڌيڪ محنت ڪن ٿا ۽ ان ڳالهه جي ابتڙ ته انهن جي کاڌي پيتي ۽ ڪپڙي لٽي جي ذميداري مالڪن تي هجي، هو پنهنجي آقائن جون ٺهرايل شيون خريد ڪري، انهن جي دولت ۾ واڌارو ڪندا ٿا رهن. پوءِ به خدا جو شڪر آهي، جو اڄڪلهه غلام رکڻ قانون جي خلاف ورزي آهي.
    آرين، نسل جو جيڪو فرق پيدا ڪيو، ان کي دنيا ۽ نسلن پاران ڪنڌ جهڪائي تسليم نه ڪيو ويو، پر دنيا جي تاريخ جو جوهر اهي بغاوتون آهن، جن ۾ مساوات يعني ماڻهوءَ جي ماڻهوءَ سان برابري جو سبق ڏنو ويو هو. هندستان ۾ گوتم ٻڌ، فلسطين ۾ عيسائي مذهب ۽ عربستان مان نڪري اسلامي مساوات جو جهنڊو جهولايو ۽ انهن جي هيٺان مظلومن کي پناهه ڏني. انهن مذهبن جو ذڪر اسين اڳتي هلي ڪنداسين. هتي اسين انسانن جي متڀيد جي هڪ ٻي پهلوءَ جو ذڪر ڪنداسين، جنهن جو تاريخ تي گهڻو اثر پيو ۽ جيڪو اسان کي دنيا جي ڪهاڻي کي سمجهڻ ۽ ان کي ياد رکڻ جي لاءِ وڏي مدد ڪندو. اهو آهي اوڀر ۽ اولهه جو فرق. ان جاگرافيائي طور تي دنيا کي اتر، ڏکڻ، اوڀر ۽ اولهه ۾ ورهائڻ جي ضرورت کي پيدا نه ڪيو، پر اهو انساني زندگي جي معنيٰ ۽ مقصد ٻڌائڻ، زندگي گذارڻ جي طور طريقن کي ٺاهڻ ۽ دلين ۾ حوصلو پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڌار ڌار طريقن جو نالو آهي. اوڀر ۽ اولهه ٻيا آهن، جن جي وچ ۾ اسان جي زندگي چڪر هڻندي ٿي رهي، جيڪي ڪڏهن ته ملي ٿا وڃن، ڪڏهن وري ٽٽي اسان جي دنيا کي اڌ هيڏانهن ته اڌ هوڏانهن گهلي وٺي ويا آهن. خبر ڪونهي ته اوڀر ۽ اولهه جو اهو فرق اسان جي قسمت ۾ هو يا اتفاق سان پيدا ٿيو آهي. بهرحال، ان جي موجود هئڻ ۾ ڪو به شڪ ڪونهي. اهو فرق اسان کي ان وقت نظر ٿو اچي، جڏهن يونانين کي پنهنجي ديس ۾ آباد ٿيندي ڪيترا سؤ سال گذري چڪا هئا ۽ هو وحشي نه رهيا هئا. پر ڀرپاسي جي قومن کان گهڻو ڪجهه سکي ۽ ان کي پنهنجي طبعيت موجب رنگ ڏيئي، انهن هڪ نئين سڀيتا جو بنياد رکيو هو ۽ ان کي ترقي ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. ان زماني ۾ ايراني آرين جي سگهه وڌي رهي هئي ۽ جڏهن ايراني سامراج اولهه طرف پکڙجندي پکڙجندي رومي سمنڊ جي ڪنڌين تائين پهتو، جتي يوناني آباد هئا، ته ٻنهي ۾ ٽڪر ٿي پيو. ڏسڻ ۾ ته ٻنهي جو ڪو مقابلو ئي نه هو، پر يونانين پهرين 490 ق. م ۽ ان کان پوءِ ڏهه سال پوءِ وري ايرانين کي شڪست ڏني ۽ انهن جنگين کي ڪي ڏيڍ سؤ سال ٿيا جو سڪندراعظم، ايران جي عظيم الشان سلطنت کي تباهه ڪري ڇڏيو. هار ۽ سوڀ اڪثر اتفاق سان ٿيندي آهي. پر ايرانين جي ان شڪست ۾ وڏو راز هو ۽ اهو هيءُ ته يونانين پنهنجي زندگين کي اهڙي شڪل ڏني هئي ۽ پنهنجو پاڻ ۾ ايترو ته حوصلو پيدا ڪيو هو، جو ڳاڻيٽي ۽ مال ۽ دولت جي ڪمي جي باوجود به هو ايرانين جي طاقت تي غالب پئجي پي سگهيا. يوناني صحيح معنيٰ ۾ آزاد هئا. کين پنهنجي ننڍين ننڍين رياستن سان وڏي محبت هئي ۽ هر روشن خيال يونانيءَ جو اهو حوصلو هو ته هو پنهنجي سگهه موجب رياست جي خدمت ڪري ڏيکاري. ايرانين کي جيڪا آزادي هئي، اها شخصي آزادي هئي، کين سياسي آزادي جو ڪو به احساس نه هو. انهن جي رياست ايتري تي وڏي هئي، جو کين ان سان ڪو گهرو ذاتي لڳاءُ ٿي ئي نٿي سگهيو ۽ وٽن پنهنجي سگهه جو ثبوت ڏيئي، بادشاهه جي نظرن ۾ عزت ۽ ان جي دربار ۾ مرتبو حاصل ڪرڻ کان سواءِ هنن جي همت وڌائڻ جو ڪو ٻيو جذبو نه هو. ايران جي سلطنت يونان جي ننڍين شهري رياستن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ عرصو قائم رهي. پر اها ايرانين کي وطن پرست بنائي نه سگهي. ڇو ته اُتي حڪومت بادشاهه جي مرضي سان هوندي هئي. بادشاهه جي رٿائن سان رعيت جو ڪو به واسطو يا لڳ لاڳاپو نه هوندو هو. ايراني فوج جا سپاهي پيشه ور هئا. اهي پنهنجي بادشاهه جي حڪم ۽ خود پنهنجو نالو پيدا ڪرڻ جي لاءِ وڙهندا هئا. انهن جي دلين ۾ قوم، وطن ۽ تهذيب جو ڪو به فرق نه هو. يوناني پنهنجي رياستن جو سڄو ڪار وهنوار پاڻ ئي هلائيندا هئا. انهن جي دلين ۾ هر خطري وقت پنهنجي ذاتي نقصان کان وڌيڪ قوم، وطن ۽ تهذيب جو گهڻو خيال رهندو هو ۽ ان ڪري هو ايرانين کان وڌيڪ ڪامياب سپاهي ثابت ٿيا.
    يورپ جا تاريخ نويس انهن جنگين کي يورپ ۽ ايشيا جو پهريون مقابلو سمجهن ٿا ۽ يونانين جي سوڀ کي يورپ جي ايندڙ ترقي ۽ عظمت جي لاءِ سٺو سنئوڻ سمجهن ٿا. پر اها رڳو انهن جي پاڻ وڻائڻ ۽ انهن جو فخر آهي ۽ اسين يقين سان چئي سگهون ٿا ته جيڪڏهن يوناني هارائي به وڃن ها، تڏهن به هاڻوڪي زماني جا يورپي تاريخ دان ان واقعي جي اهڙي ته تشريح ڪن ها، جو انهن جو سهرو يونانين، يعني يورپ وارن جي مٿي تي ٻڌل هجي ها. يورپ ۽ ايشيا اولهه ۽ اوڀر جو جيڪو فرق آهي، اهو مهذب، اعليٰ ۽ ادنيٰ، غلط ۽ صحيح زندگي جو ڪونهي، رڳو حالتن جو فرق آهي. يورپ ۾ جيڪي ماڻهو آباد ٿيا، تن کي ننڍا ننڍا ۽ قدرتي طور تي ورهايل ملڪ مليا ۽ انهن جي زندگين جو پئمانو ايترو ته ننڍو هو جو اهي ڌار قومون بنجي ٿي سگهيا ۽ هر قوم پنهنجي ڪار وهنوار کي پنهنجي زندگي سمجهي سنڀالي سگهي ٿي. ملڪن جي ورهاست ايشيا ۾ به آهي، پر هتي جو هر ملڪ هڪ کنڊ آهي. انهن جي مڙني رهاڪن ۾ پنهنجائپ جو احساس عمومي سياسي اتحاد جي شڪل اختيار ڪري نه سگهيو، تنهن ڪري هن ملڪ جي ڪار وهنوار کي نه پنهنجو سمجهيو ۽ نه ئي وري ان ۾ ايتري دلچسپي پيدا ڪري سگهي. ٻي ڳالهه اها ته نوان نسل سڀ ايشيا ۾ ڄميا ۽ سڀني جوان ٿيندي ۽ زور وٺندي ئي ڏکڻ جي ملڪن تي، جيڪي تهذيب جا مرڪز هئا، حملو ڪري ڏنو. هو لکن جي تعداد ۾ وڙهڻ ۽ مرڻ جي لاءِ ايندا هئا ۽ انهن کي روڪڻ جي لاءِ ضروري هو ته ٻئي پاسان به لکن جي مقابلي ۾ اچن. يعني جيڪڏهن ايشيا جا ملڪ ننڍا هجن ها ۽ نون نسلن جا حملا انهيءَ زور سان جاري رهن ها ته اهي ننڍيون ننڍيون رياستون پاڻ مرادو وڌي وڃن ها. قوم جو خيال مٽجي وڃي ها ۽ اهڙيون ئي وڏيون رياستون قائم ٿين ها، جهڙيون اسان کي پنهنجي تاريخ ۾ ملن ٿيون.
    زندگي جو پئمانو هڪ پاسي ننڍو ۽ ٻي پاسي وڏو هئڻ سان ماڻهن جي طبيعت تي به گهرو اثر پيو. يورپ جا اهي عالم، جيڪي اوڀر جا همدرد بنجن ٿا، ان فرق کي هيئن سمجهائين ٿا ته اوڀر ۾ ماڻهن جو رجحان روحانيت طرف آهي ۽ اولهه ۾ دنيا جي طرف. هڪ کي فلسفي ۽ مذهب ۾ ٻڏل رهڻ جو شوق آهي ته ٻئي کي دنياوي زندگي جي سڌاري ۽ ترقيءَ جو حوصلو آهي. پر اهو اوڀر وارن جي دلجوئي جو هڪ طريقو ۽ خالي ڍونگ آهي. ڇو ته اسان کي وڏي پئماني تي زندگي جو انتظام ڪرڻو پيو ۽ اسين سوين سالن تائين انتظار ڪندا رهياسين، پر ان ڍنگ سان نه، جنهن ڍنگ سان يورپ ۾ ٿيو آهي. تنهن ڪري حالتن کي ڏسندي، اهو ممڪن ئي نه هو. ان مان اهو ثابت نٿو ٿئي ته اسان ۾ انتظام ڪرڻ جي صلاحيت ڪونهي. بني نوع انسانن کي جيترن به هادين ۽ پيغمبرن مذهب جي صورت ۾ حق جو پيغام پهچايو، اهي سڀ ايشيا جا رهاڪو هئا، پر اها ڳالهه جنهن تي يورپ وارن کي رشڪ اچڻ گهرجي، هو هڪ داغ بنائي ٿا ڏيکارين. حقيقت اها آهي ته سياسي لاڳاپو ئي ننڍين جماعتن کي متحد رکي سگهي ٿو. جڏهن اهي وڌي وڃن ته انهن ۾ مذهب ۽ اخلاق جي لاڳاپن کان سواءِ، ٻي ڪا صورت ٿي ئي نٿي سگهي. ايشيا ۾ جمهوري حڪومت نه هئي، ڇاڪاڻ ته انهن حالتن ۾ جمهوري حڪومت ڪم کي سنڀالي نه ٿي سگهي. ايشيا ۾ وطن پرستي نه هئي، ڇو ته ايشيا جا ملڪ وڏا آهن ۽ وطن جو تصور سوڙهو آهي.
    پر، اوڀر ۽ اولهه وارن جي طبيعتن ۽ رجحانن جي اختلافن کان اسين انڪار ڪري نٿا سگهون. اولهه ۾ ماڻهن جي نظر ۾ ننڍين ڳالهين جي ڪا به اهميت نه آهي. هتي ته اهڙي نظام، اهڙي اصول ۽ اهڙن عقيدن جو سهارو کپي، جن ۾ اوڀر جي وشال ۽ ويڪري زندگي سڄي سمائجي سگهي ۽ ماڻهن ۾ سهاري جي خواهش ايتري ته شديد ٿي سگهي ٿي، جو پنهنجا اصول ۽ عقيدا دل ۾ سمائي ويهي رهن ۽ پنهنجي دنيا ۽ زندگي کان غافل ٿي وڃن. ٻي طرف، يعني اولهه ۾ اصول ۽ عقيدي جو ڪو خاص قدر نه رهيو آهي. ننڍين شين کي ٿورو ٺڪاڻون کپي ۽ اولهه وارن جو اهو ٺڪاڻون سندن حڪمت عملي ۽ مصلحت هئي. اهو طريقو ڏاڍو ڪارائتو آهي ته خرابي ڏسو ته اها پري ڪريو. ضرورت ڏسو ته اها پوري ڪريو ۽ خيالي ڳالهين ۾ نه پئو. پر اهي مسافر به، جن جي نظر سامهون سڌائيءَ ۾ کتل هوندي آهي، رستو ڀلجي سگهن ٿا. ڇو ته صحيح طرف جو پتو لڳائڻ جي لاءِ ٻين شين، جهڙوڪ آسمان ۽ ان جي چنڊ تارن کي به ڏسڻ جي گهرج آهي. اهڙي طرح اوڀر ۽ اولهه، ٻنهي ۾ ماڻهن انتها پسنديءَ سبب نقصان کنيو آهي. پر دنيا کي ٻنهي ڀاڱن ۾ وچٿرائپ ۽ اعتدال کي پسند ڪندڙ به آهن. تنهن ڪري جيڪڏهن آئون دنيا جي ڪهاڻيءَ کي اوڀر ۽ اولهه جي تاريخ ۾ ورهايان ته اوهين رڳو اهو سمجهجو ته اسان جي زندگي هڪ وڏو سمنڊ آهي، جنهن ۾ لهرون ڪنهن مهل هڪ پاسي وڌيڪ ٿيون اچن ته ڪنهن مهل ٻي پاسي. لهرن کي اڀاريندڙ طاقت هڪ آهي ۽ انهن جي تڙپڻ ۽ اڇلجڻ جي خواهش به هڪ ئي آهي.


    (4) يوناني سڀيتا

    آرين جي اچڻ کان پوءِ دنيا جي ڪهاڻيءَ جنهن طرح اوڀر ۽ اولهه جي تاريخ ۾ ورهائي سگهجي ٿي، تنهن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي ۽ آئون اهو به ٻڌائي چڪو آهيان ته اڄڪلهه اولهائين قومن جي جيڪا اُٿي ويٺي آهي، انهيءَ جو پهريون نمونو يونان جي سڀيتا آهي. هاڻ يونانين جي ڪهاڻي ٻڌو، جيڪو اسان جي وڏي ڪهاڻيءَ جو ننڍڙو، پر نهايت ئي دلفريب ۽ سبق آموز ٽڪرو آهي. دنيا ۾ ماڻهوءَ ڇا ڇا نه ڪري ڏيکاريو آهي؟ پر ايترن ٿورن ماڻهن ٿوري ئي وقت ۾ علم، ادب ۽ فن ۾ اهڙو ڪمال حاصل ڪرڻ ۽ ههڙيون قيمتي ۽ سهڻيون يادگيريون ڇڏڻ جو اسان کي ٻيو مثال ڪٿي به نٿو ملي.
    يوناني، جنهن دنيا ۾ گهمندي ڦرندي پهتا، ان تي سڌريل واپارين جي نسل جو راڄ هو، جنهن کي دولت پيدا ڪرڻ ۽ پوءِ آسائش سان وڏن ۽ محفوظ شهرن ۾ زندگي گذارڻ جو ڍنگ هو. جن مال ۽ مسافرن کي آڻڻ ۽ نيڻ جي لاءِ وڏا ۽ مضبوط جهاز جوڙيا هئا. صنعت کي ترقي ڏني هئي. زمين جي اندر ڌاتن جي دفن ٿيل خزاني جي ڪنجي حاصل ڪري ورتي هئي. علم سان انهن کي اها ئي لاتعلقي هئي، جيڪا واپارين کي هوندي آهي. پر هنن پنهنجي ڪاروبار جي لاءِ لکڻ جو اهڙو طريقو ڪڍي ورتو هو، جو علم ۽ تعليم جي وڌڻ جي به صورت پيدا ڪري ڇڏي هئي. انهن ۾ واپارين جو حوصلو ته هو، پر سپاهين واري همت نه هئي. انهن جي بادشاهن وٽ حفاظت جي لاءِ جيڪي فوجون هيون، انهن ۾ گهڻا تڻا غلام يا غير قومن مان ڀرتي ڪيل سپاهي هئا ۽ هو جن مختلف قسمن جي شين جو واپار ڪندا هئا، انهن ۾ هڪ قسم جو مال ‘شيدي’ نسلن جا نوجوان به هوندا هئا، جيڪي سوداگر هِتان هُتان جلهي اچي منڊين ۾ وڪڻندا هئا. شايد ان ئي سبب جي ڪري يونانين جي ان قديم نسل جي ماڻهن سان جنگيون ٿيون، پهرين ته هو انهن مالدار ڌارين جو ظلم سهندا رهيا، پوءِ جڏهن انهن جا پير ملڪ ۾ ڄمي ويا ۽ انهن جي سگهه وڌي ته انهن ٺاهي ٺوڪي بدلو ورتو. ٽراءِ جو شهر، جيڪو هڪ قديم ۽ نهايت شاندار سڀيتا ۽ واپار جو مرڪز هو، اهو ڇهه ڀيرا ساڙي خاڪ ڪيو ويو، جو نيٺ اهو ويران ٿي ويو. ڪريٽ جو مشهور شهر ”ڪنوسوس“ به لڳ ڀڳ ايئن ئي 1000قبل مسيح ۾ اهڙو ته ويران ڪيو ويو، جو وري ڪڏهن به آباد ٿي نه سگهيو.
    هاڻي يوناني دنيا ۾ اڪيلا رهجي ويا هئا. هنن پنهنجي ملڪ جي ننڍين ننڍين ماٿرين ۾ شهر وسايا. هنن جي گذر سفر جو سڀ کان وڏو ذريعو پوکي راهي هئي، پر هنن واپار ۾ به ٽنگ ڊگهيڙي ۽ پراڻين وستين کي ويران ڪرڻ سان جيڪو تهذيبي نقصان ٿيو هو، اهو پورو ڪرڻ لڳا هئا. انهن جا خاص مرڪز ”اٿينس“ ۽ ”اسپارٽا“ جا شهر هئا. پر انهن کان سواءِ يونانين جا ٻيا به ڪيترائي شهر هئا. هنن ڪيترن ئي ٻيٽن کي آباد ڪيو هو ۽ ايشيا ۽ ڪوچڪ جي اولهائين ڪنڌي تي انهن جا ٽي چار وڏا تهذيبي مرڪز هئا. الائجي ڪيئن هنن جي دل ۾ اها ڳالهه ويهي رهي هئي ته هر شهر کي هڪ ڌار رياست هئڻ گهرجي. هو ڪڏهن به متحد ٿي نه سگهيا ۽ جڏهن ڇهين صدي قبل مسيح ۾ ايراني سلطنت، ايشيا ۽ ڪوچڪ جي اولهندي ڇيڙي تائين وڌي آئي ته شهري رياستون ان جي سامهون ڪنڌ جهڪائڻ تي مجبور ٿي پيون. پوءِ به ايرانين سمنڊ پار ڪري ”اٿينس“ تي حملو ڪيو ته يونانين، کين چئن پنجن جنگين ۾ تاريخي شڪست ڏني ۽ سندن آزاداڻي زندگي ان ڪٺن آزمائش تي پوري لٿي. ان وقت کان پوءِ يوناني سڀيتا جي بهار جو زمانو شروع ٿئي ٿو.
    علم جو چرچو سڀ کان پهرين انهن يونانين ۾ ٿيو، جيڪي ايشيا ۽ ڪوچڪ جي شهرن ۾ رهندا هئا يا جن کي مصر، شام ۽ بابل جي ماڻهن جي معلومات مان فائدو وٺڻ جو موقعو مليو. پر ايرانين سان جيڪي جنگيون ٿيون، انهن کان پوءِ ”اٿينس“ جو شهر هر قسم جي علم ۽ فن جو مرڪز بنجي ويو. يونان جي ”عزت“ اهو ئي شهر هو ۽ ان جي نمايان سياسي، علمي ۽ ادبي شخصيتن تي اسين هڪ سرسري نظر وجهنداسين ته سمجهو، يونان ۾ جيڪو ڪجهه ڏسڻ جي لائق هو، سو اسان ڏسي وٺنداسين.
    جيئن مٿي بيان ٿي چڪو آهي ته، يوناني سڄي محنت ۽ سمورو ڪم انهن غلامن کان وٺندا هئا ۽ پاڻ گهمڻ ڦرڻ، بحث مباحثي يا حڪومتي ڪمن ۾ رڌل رهندا هئا. خود يونانين ۾ به امير ۽ غريب جو فرق هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته اهو فرق ايترو ته وڌي ويندو هو، جو گهرو لڙايون به شروع ٿي وينديون هيون ۽ زندگي انتشار جو شڪار ٿي ويندي هئي. ”اٿينس“ وارا ان مامري ۾ گهڻا خوشنصيب هئا، جو کين شروع ۾ ئي ”سولن“ جهڙو تجربيڪار ۽ موقعي شناس مدبر ملي ويو، جنهن اٿينس کي ٿورن اميرن ۽ ڪيترن ئي غريب ماڻهن جي حقن ۽ اختيارن کي اهڙي نموني ورهايو، جو امير عزت ۽ شهرت حاصل ڪري سگهن، پر غريبن تي به ظلم نه ٿئي ۽ هو روزگار جي ذريعن کان محروم ڪري نه سگهجن ۽ کين به حڪومت ۾ حصو وٺڻ جو موقعو ملندو رهي. يونان جي ٻين شهرن ۾ ايئن نه ڪيو ويو، اتي اميرن ۽ غريبن کي ڪڏهن به هڪ ٻئي تي اعتبار نه ٿيو، تنهن ڪري اسان کي انهن ۾ اها آزادي ۽ شگفتگي نظر نٿي اچي، جيڪا ”اٿينس“ ۾ نظر اچي ٿي.
    ايرانين سان جيڪا ٻي جنگ ٿي، تنهن ۾ اٿينس جو شهر ساڙيو ويو ۽ جڏهن ايرانين جي بلا ٽري ته اهو نيئن سري کان آباد ڪيو ويو، ان وقت اٿينس جي حڪومت تي ”پرڪليس“ جو پاڇو هو، جيڪو سياست جي فن ۾ ڀڙ هو. کيس ”فنون لطيفه“ جو به وڏو ذوق هو. هنر سڃاڻڻ ۽ ماڻهن کي پرکڻ ۾ به وڏو ماهر هو ۽ زندگي جي باغ کي سرسبز ۽ شاداب رکڻ جي ڳجهه کان به واقف هو. هن اٿينس ۾ عاليشان عمارتون جوڙايون، شهر کي سهڻين مورتين سان سجايو، عالمن ۽ اديبن جي سرپرستي ڪري سڀيتا جي اعليٰ دلچسپين جو چرچو ڪيو ۽ اعتدال پسندي ۽ وچٿرائپ جي نازڪ لڙيءَ ۾ آزادي ۽ استحڪام ۽ مردانگي، واندڪائي ۽ ڪم ڪار، کل ڀوڳ ۽ سنجيدگيءَ کي موتين جيان پوئي ڇڏيو. جيئن هڪ ناليواري عالم چيو آهي ته، ”ٽيهن سالن تائين اٿينس جي شڪل پرڪليس جي شڪل هئي ۽ ان جي طبعيت جو حسن، اٿينس جي زندگي ۾ سمايل رهيو.“ پر اٿينس وارن دل سان هن جي احسان کي مڃتا نه ڏني. هن جي ٽيهن سالن جي حڪومت مان، جنهن ۾ هر ڳالهه سندن رضامندي سان ٿيندي هئي، هو هن جي جادو ڀريل زبان ۽ سندس مصلحت انديشي مان تنگ ٿي پيا هئا. هنن جي فطرت اهڙي هئي جو هنن روزانو ڪو نه ڪو نئون هل بکيڙو ٿي چاهيو. هنن جي اکين روزانو هڪ نئون تماشو ڏسڻ ۽ انهن جون زبانون ڪنهن نه ڪنهن نئين مسئلي تي ڳالهين ٻولهين جو مزو چکڻ چاهينديون هيون. اهي سڀ لڇڻ اهڙا هئا، جيڪي کين ڪنهن ڍنگ سان هلڻ کان روڪيندا هئا ۽ انهن سڀني کان وڌيڪ اها ڳالهه هئي ته يونانين جو ڪو به مذهب يا ڌرم نه هو. هو پنهنجن ابن ۽ ڏاڏن جي ايتري ته عزت ڪندا هئا، جو اسين انهيءَ کي پوڄڻ جي حدتائين چئي سگهون ٿا. هر قبيلي ۽ هر شهر جو هڪ محافظ ديوتا يا ديوي هوندي هئي. جيئن اٿينس جي ”پالاس اٿيني“ هئي. پر اهي انهن ديوتائن کي ماڻهوءَ کان ٿورو وڌيڪ سٺو ۽ وڌيڪ سگهارو مڃيندا هئا ۽ اهي ديوتا به وري اهڙا هئا، جن جي زبانن مان ڪڏهن هڪ لفظ به هدايت يا نصيحت جو نه نڪتو هو. اٿينس وارن کي جيڪا اخلاقي تعليم ڏني ويئي، اها ڊيلفي جي مشهور مندر جي پوڄارين، انهن جي پنهنجي رشي ”رسولن“ يا شروع جي ڪجهه فلاسافرن ڏني هئي ۽ ٽنهي اهو سيکاريو هو ته اعتدال ۽ وچٿرائپ زندگي جو سڀني کان سٺو اصول آهي، انهيءَ ۾ سلامتي به آهي ته ڪاميابيءَ جو راز به سمايل آهي. سڀئي يونانين نه، ته به اٿينس وارا گهڻي حد تائين انهن طرف مائل ضرور هئا ۽ انهن سڀني اثرن جو نتيجو اهو نڪتو، جو اعتدال ۽ وچٿرائپ انهن جي زندگي جو معيار بنجي ويو. انهيءَ جو هڪ دلچسپ مثال هي آهي ته هڪ ورزشي مقابلي ۾ ڪو شخص آيو، جنهن ڪيترو ئي وقت هڪ پير تي بيهڻ جي مشق ڪئي. اٿينس وارن انهيءَ تي تمام گهڻي ٺٺول ڪئي ۽ چيو ته ان فن ۾ ته هتان جي هڪ بدڪ توکي مات ڏيئي ڇڏيندي، وڃ، اهو ڪرتب ڪنهن ٻي هنڌ وڃي ڏيکار.
    يوناني، آزادي جي به دل ۽ جان سان قدر ڪندا هئا. هو هر انهيءَ شيءِ کان، جيڪا کين پابند ڪندي هئي، دولت، ٺٺ ٺانگر، گهرو زندگي، آرام جي عادت، کائڻ ۽ پيئڻ جو شوق، انهن سڀني پابندين کان بچڻ ٿي چاهيو. انهن جي غذا ۾، رهڻي ڪهڻي ۾، ڪپڙي لٽي ۾ سدائين اها سادگي رهي، جيڪا سندن مزاج ۾ هئي ۽ هنن جي علم ۽ فن جيان اها به سندن قيمتي يادگار آهي. پر زندگي جو سڄو بار کڻڻ جي لاءِ وچٿرائپ ۽ سادگي جا ٻه اصول ڪافي ڪونهن ۽ جيتوڻيڪ اٿينس وارا انهن ٻنهي اصولن کي پنهنجو مذهب مڃيندا هئا ۽ انهن جو روزمره جو ڪاروهنوار اهڙو هو، جو ڀٽڪي وڃڻ مشڪل هو.
    يونانين کي ميل ملاقاتن ۽ بحث مباحثي جو گهڻو شوق هو. گهر جي ڪمن ڪارين ۾ جيڪو وقت لڳندو هئن، اهو ڇڏي باقي سڄو وقت اهو شوق پورو ڪرڻ ۾ لڳندو هئن ۽ ان سلسلي ۾ هو پنهنجون سياسي خدمتون به سرانجام ڏيندا هئا. اٿينس جي قانون ساز مجلس ۾ حڪومت جي ڪميٽيءَ ۾ ۽ عدالتن ۾ لڳ ڀڳ هڪ هزار ماڻهو هڪ ئي وقت ڪوڪندا هئا ۽ انهن سڀني کي ڪم ڪرڻ جو اجورو ملندو هو، ته جيئن جيڪي غريب آهن اهي نقصان جي خيال سبب سياسي ڪاروهنوار کان ڌار نه رهن. مجلس، ڪميٽي ۽ عدالتن جا اجلاس کلئي عام ٿيندا هئا ۽ جيڪي ماڻهو پاڻ ڪم نه ڪندا هئا، سي تماشائي بنجي ويهي ٿي سگهيا. تنهن کان سواءِ مختلف ڏڻ ملهايا ويندا هئا ۽ ڊراما ڏيکاريا ويندا هئا، جن جي حيثيت به ڏڻن کان گهٽ نه هوندي هئي. تنهن ڪري سڀ شهري اهي وڃي ڏسي سگهندا هئا. اهڙي فضا ۾ اهو ڪيئن ممڪن هو ته يونانين جهڙي ذهين ۽ نواڻ پسند قوم هڪ ئي ڍنگ ۾ هلندي رهي. جڏهن علم جو ٿورو چرچو ٿيو ته هر قسم جي خيالن تي بحث مباحثو ٿيڻ لڳو. ڪنهن جو عقيدو اهو هو ته اصل شيءِ ڪاميابي آهي، جيڪو ڪامياب ٿئي ٿو، تنهن جي حرڪتن جي جانچ پڙتال نٿي ڪئي وڃي. ڪو اهو چوندو هو ته انصاف هڪ ڍنگ آهي، جيڪو ڏاڍو سو گابو. ڏاڍي جي مرضي ئي انصاف ۽ قانون آهي، ڪو اهو سمجهندو هو ته زندگي جو مزو اهو ئي ماڻي سگهي ٿو، جيڪو بنا روڪ ٽوڪ جي من ماني ڪري سگهي. اهي ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي خيال اڪثر ڳالهه ٻولهه ۾ چاشني پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪم ايندا هئا، پر انهن جو چرچو ٿيڻ ئي ان ڳالهه جي علامت هئي ته يوناني هروڀرو ڪنهن ڳالهه کي نه مڃيندا هئا.
    پوءِ انهن ۾ هڪ شخص پيدا ٿيو، جنهن ثابت ڪري ڇڏيو ته هنن ڪجهه به نٿي ڄاتو. اهو ”اٿينس“ جو مشهور فلسفي سقراط (99- 469 ق م) هو. هو ماڻهن کي ايترو ڏاهو بنجندو ڏسي پاڻ اڻ ڄاڻ بنجي ويو ۽ اڪثر ماڻهن سان بحث ڇيڙي اهو ثابت ڪري ڇڏيندو هو ته انهن جا سڀ خيال غلط آهن ۽ هو بنا سوچڻ ۽ سمجهڻ جي انهن تي ڳالهائين ٿا. هن پاڻ پنهنجو ڪو به عقيدو بيان نه ڪيو، پر سندس هڪ شاگرد افلاطون اها کوٽ پوري ڪئي. افلاطون سڄي تعليم، سقراط جي زباني بيان ڪئي آهي. پر اسين ڄاڻون ٿا ته هن جو فلسفو پنهنجو هو. سقراط جيان کيس به ان ڳالهه تي وڏو ڏک هو ته ”اٿينس“ وارن جي خيالن ۾ ڪا گهرائي نه هئي. هو اهو به سمجهندو هو ته سُٺن خيالن تي هروڀرو ڪنهن قوم جو ورثو به ناهي. پر سقراط جيان جاهل ۽ اڻ ڄاڻ بنجڻ جي بدران هن يونانين جي دلين ۽ دماغن کي علم، فلسفي ۽ عقيدي سان روشن ڪرڻ چاهيو. اٿينس وارن جي گمراهي ڏسي هن هڪ رياست جي تصوير ڇڪي، جنهن بابت کيس يقين هو ته اها اٿينس جي جمهوري رياست کان وڌيڪ پائيدار ۽ مضبوط ٿيندي ۽ اخلاقي پهلوئن ۾ جان وجهڻ جي لاءِ هن اها تعليم ڏني؛ جيئن اصل حقيقت جنهن تي علم، اخلاق ۽ لطيف جذبن جو دارومدار آهي، ڪامل علم ڪامل خير ۽ ڪامل حسن جو تصور آهي. اسان جي زندگي جو مقصد اهو آهي ته اسين ان قديم ۽ لازوال نموني جا مثال بنجون ۽ اسان جي فلاح ۽ ڇوٽڪارو ان ۾ آهي ته اسين اهو مقصد ماڻڻ جي لاءِ پنهنجي سڄي جسماني سگهه ۽ اخلاقي قوت کپايون. افلاطون پنهنجو هڪ اسڪول به قائم ڪيو هو، جيڪو ”اڪيڊمي“ جي نالي سان مشهور ٿيو ۽ هن جيڪو نصاب جوڙيو، اهو سوين سالن تائين لاڳو رهيو. ان ئي اڪيڊمي جو هڪ شاگرد ”ارسطو“ به هو، جنهن علم کي منطق ۽ فلسفي کان هڪ حد تائين ڌار ڪري، ان جو بنياد معلومات تي رکيو ۽ عالم جو فرض تحقيق ڪرڻ ۽ معلومات گڏ ڪرڻ قرا رڏنو. يعني هن اهو طريقو اختيار ڪيو، جيڪو اڄ ڪلهه يورپي علم جو آهي. جيئن افلاطون فلسفي جو، تيئن ارسطو علم جو باني مڃيو وڃي ٿو. افلاطون اٿينس وارن جي هدايت جي لاءِ ”سياست“ تي جيڪو ڪتاب لکيو، ان ۾ هن ڳالهه تي بحث ڪيو ويو آهي ته عدل ۽ انصاف ڇا آهي ۽ هن رياست جو جيڪو تصور ڏنو آهي، اهو عدل ۽ انصاف تي ٻڌل آهي. ارسطو جو خيال هو ته سياسي مامرن تي راءِ ڏيڻ کان اڳ اسان کي اهو ڏسڻ گهرجي ته هيستائين جيڪو تجربو ٿيو آهي، اهو اسان کي ڇا ٿو سيکاري. هن پنهنجي ڪتاب ۾ ڪيترين ئي رياستن جي دستورن تي بحث ڪيو آهي. افلاطون شاعري، مصوري، ڊرامي، مطلب ته فنون لطيفو جي سڀني صنفن کي انسان لاءِ نقصانڪار سمجهي ٿو ۽ انهن کي تعليم ۽ زندگيءَ مان خارج ڪري ڇڏڻ ٿي چاهيو. پر ارسطو چيو ته، ”نه، اهو طريقو ٺيڪ ڪونهي، اسان کي ان تي ٿڌي دل سان ويچارڻ گهرجي ۽ ان سلسلي ۾ هن ادبي تنقيد تي سڀ کان پهريون ڪتاب لکيو. افلاطون جو عقيدو هو ته سڀئي علم چشما آهن ۽ جيڪي مڪمل علم جا ڳجها سرچشما نڪتا آهن، انهن جو اصل هڪ ئي آهي. ارسطو پنهنجي دور ۾ هر علم کي ٻي علم کان ڌار ڪيو، ان جي حدبندي ڪئي ۽ ان حد جي اندر ان کي بلڪل آزاد ڪري ڇڏيو.
    هن وقت اسين ڀلي ڪهڙي به علم جي تاريخ لکڻ ويهون، سڀ کان پهرين ڪنهن يونانيءَ جو ئي نالو ايندو، جنهن پنهنجي وقت جي معلومات کي گڏ ڪري ۽ خود ان ۾ گهڻو ڪجهه جوڙي اسان جي لاءِ ڇڏيو آهي. يونانين جو هڪ ايترو ئي وڏو ڪارنامو اهو به آهي ته هنن انسان کي ٻين انسانن کان ڌار ڪري ڏٺو ۽ ان جي صورت، ان جي طبيعت ۽ ان جي ڏک سک کي سنگتراشي، مصوري، شاعري ۽ ڊرامي جو موضوع بنايو. يونانين جي زماني تائين ۽ ان کان پوءِ به اڪثر فنون لطيفه تي مذهب جو راڄ رهيو. يونانين جو ڪو به مذهب/ ڌرم نه هو. ڪنهن به اهڙي عقيدي ۽ زندگي جو ڪو اهڙو تصور نه هو، جنهن ۾ ڌار ڌار انسانن جي هستي گم ٿي وڃي ۽ انهن جي دنيا ايتري ته ننڍي هئي جو هو سڀني کي ڌار ڌار ڏسي ٿي سگهيا. پر ايئن کڻي چئجي ته انهن جي دنيا ۾ انسانن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو. تنهن کان سواءِ انهن جي آزادي به غضب جي هئي، جو هو ٻين جي چيل ڳالهه کي نه مڃڻ، پنهنجو حق سمجهندا هئا. ماڻهو جيڪو ڪجهه به ڪندو هو، تنهن تي نرالي پهلو سان غور ڪري سگهندا هئا. اڏاوت جي فن، سنگتراشي ۽ مصوريءَ ۾ ته انهن مصر، ڪريٽ ۽ ٻين ملڪن جي استادن کان گهڻو ڪجهه سکيو. شاعريءَ ۾ انهن جو طور طريقو پنهنجو هو ۽ ڊرامو ته ايجاد ئي انهن جو ڪيل هو. انهن سڀني مان جنهن شيءِ تي اسان جي نظر پوي ٿي ۽ هڪ ڀيرو پوڻ کان پوءِ نٿي هٽي اهو انسان آهي. يونان جي سنگتراشن جهڙي نموني ماڻهوءَ جو حسن ڏيکاريو آهي، اهو اڄ ڏينهن سوڌي حسن جو مڪمل نمونو سمجهيو وڃي ٿو. هڪ اهڙو نمونو، جنهن کي قدرت ۽ انسان گڏجي جوڙيو ۽ پوءِ ٽوڙي ڇڏيو ته جيئن نااهل ان جو ڪو نقل نه ڪري سگهي. انسان جي طبيعت جا جيڪي ڳجهه يونانين پاتا، جيڪي ڪيفيتون هنن پنهنجن ڊرامن ۾ بيان ڪيون اسان جو تجربو ۽ نه ئي وري تخيل انهن کان اڳتي وڌي سگهيو آهي. اسان جي زندگي بدلجي ويئي آهي، اسان جي ٿئيٽر جو انتظام، منظر ڏيکارڻ جو طريقو، اداڪارن ۽ اداڪارئن جي ٺاهه ٺوهه وڌيڪ سٺي آهي، پر جيڪڏهن اسين ماڻهوءَ کي اهڙي ئي نموني صاف ڪري ڏيکاريون جيئن يوناني ڏيکاريندا هئا ته اهو هڪ ڪارنامو ٿي پوندو آهي. پر يونانين جا ڳڻ ڪيستائين ڳائبا رهبا، انهن جي ڪرشمن جي ڪهاڻي ته هڪ دنيا جي ڪهاڻي آهي.


    (5) يونان ۽ روم

    يوناني سڀيتا جيڪا اسان جي آسمان تي ٿوري دير جي لاءِ چمڪي ۽ ان جي روشنيءَ ۾ ڪجهه اهڙو اثر هو، جو اسان جي زندگيءَ جو اجالو اڃا تائين باقي آهي. افسوس آهي جو يونانين جي لاءِ ڏيئي جي هوندي به اونداهي جهڙي صورت هئي ۽ هو وک وک تي ٺوڪرون کائيندا رهيا. پر ايئن به نه هو ته ڪو هو پنهنجن گڻن جو قدر نه ڪندا هئا. انهن جي مشهور سياسي ۽ تهذيبي اڳواڻ ”پرڪليس“ پنهنجي هڪ تقرير ۾ پنهنجي شهر وارن جون سڀئي خوبيون ڳڻائيندي چيو هو، ”اسين حسن پرست آهيون، پر اعتدال سان ان دانائي جا قدردان آهيون، جنهن سان مردانگي ۾ فرق نه اچي. دولت اسان جي لاءِ رڳو ڏيکاءَ جو سامان ڪونهي، پر اعليٰ مقصدن جو ذريعو آهي. اسان جا شهري ذاتي ۽ قومي فرض هڪ جهڙي نموني انجام ڏين ٿا ۽ گهر گرهستي جي ڪمن ۾ اهڙا ٻڏي نٿا وڃن، جو شهر جي معاملن کان غافل ٿي وڃن. عمل ۾ اسان کان وڌيڪ ٻيو ڪو به ڪونهي، پر عمل کان اڳ اسين گهڻي سوچ ويچار به نه ڪندا آهيون. بني نوع انسانن ۾ بس رڳو اسين ئي اهڙا آهيون، جيڪي فائدي جي خيال کان نه پر آزادي تي دليراڻو ڀروسو ڪري ڌارين تي احسان ٿا ڪريون.“ ان ئي تقرير ۾ پرڪليس چئي چڪو هو ته، ”اسان جو دستور جمهوري سڏجي ٿو، تنهن ڪري حڪومت ڪجهه ماڻهن جي هٿن ۾ نه پر سڄي جماعت جي هٿن ۾ آهي. اسين سياسي زندگيءَ ۾ هر ڪنهن کي پنهنجو جوهر ڏيکارڻ جو موقعو ڏيندا آهيون ۽ ان ئي اصول تي اسين پنهنجي روزمره جي زندگيءَ ۾ پڻ عمل ڪندا آهيون.“ بيشڪ يونانين ۽ خاص ڪري اٿينس وارن وٽ جوانمردي ۽ ايثار جا بهترين نمونا موجود هئا، پر ڪليس جيان هنن به مڃيو ٿي ته، ”سڄي دنيا اعليٰ شخصيتن جي يادگار آهي. انهن جو داستان نه رڳو سندن وطن ۾، سندن قبرن جي ڪبتن تي لکيل آهي، پر ڳچ عرصي تائين ۽ پري پري تائين بنا ڪنهن ظاهري علامتن جي ماڻهن جي زندگين ۾ سمايل ۽ وسيل رهي ٿو.“ پر، پرڪليس جي دل ڄاتو ٿي ته اٿينس جي شهرين جو جيڪو نقشو هن ڪڍيو آهي، اهو هڪ مثال ۽ هڪ معيار هو. پر اصل ۾ اٿينس وارا عام طور تي جيڪڏهن ذهين ۽ سمجهو هئا ته ان سان گڏوگڏ هو ڇڇورا، حاسد ۽ فسادي به هئا. انهن ۾ جيڪي وڏيون وڏيون شخصيتون پيدا ٿيون، اهي سڌي ميدانن جي پهاڙن جيان هيون، جن تي چڙهي ماڻهو پري پري تائين ڏسي ٿي سگهيو، پر جن سان موسم ۽ فضا تي ڪو به اثر نٿي پيو. اهو ئي ڪارڻ هو ته يوناني ڪڏهن به متحد ٿي نه سگهيا. انهن جو سياسي نظام گهڻو ڪمزور هو ۽ جلد ئي سندن آزادي کسجي ويئي.
    خود انهن ۾ جيڪي ٿورو دورانديش هئا، تن ڄاتو ٿي ته اهڙي زندگيءَ جو، جهڙي سندن هئي، ڪو به اعتبار ڪونهي ۽ آخر ۾ اتر يونان جي هڪ بادشاه فلپ، رڳو ان ڪري ته هن يونانين کي تباهيءَ کان بچائڻ ۽ انهن جي تهذيب کان دنيا کي فائدو پهچائڻ ٿي چاهيو، يونان جي آزاد شهري رياستن کي (338 ق م) پنهنجي ماتحت ڪري ورتو. فلپ، يوناني سڀيتا کي پکيڙڻ جو حوصلو پنهنجي پٽ سڪندراعظم جي دل ۾ به وڌو ۽ اها خدمت به انجام ڏني ويئي، پر ايئن نه جيئن فلپ يا ٻين روشن خيال يونانين چاهيو ٿي. سڪندر، يونان جي شهر ”اٿينس“ کي برباد ڪري (336 ق م) يونانين کي ڊيڄاري ڇڏيو، ته جيئن هو سندس غير موجودگيءَ ۾ ڪو فساد نه ڪن ۽ پوءِ ان فوج کي پاڻ سان وٺي دنيا کي فتح ڪرڻ جي لاءِ نڪتو، جيڪا سندس پيءُ تيار ڪئي هئي. هو ايشيا، ڪوچڪ جي اولهائين ۽ ڏکڻ ساحل جو چڪر هڻي ”اسس“ (Issus) پهتو، جتي هن پهريون ڀيرو ايرانين کي شڪست ڏني ۽ پوءِ شام ۽ فلسطين کان ٿيندو مصر پهتو. هن مصرين سان سٺو سلوڪ ڪيو ۽ هتي ئي هڪ مندر جي پوڄاريءَ کيس مٿي ۾ اها هوا وڌي ته هو انسان نه پر ڪنهن ديوتا جو اولاد آهي. ان ”هوا“ سڪندر جي دماغ کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيو، جيڪو اڳ ۾ ئي خراب هو. انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته ان وقت تائين سڪندر جهڙو ڪو سالار پيدا نه ٿيو هو، پر يونانين وٽ اڳ ۾ ئي کوڙ ديوتا هئا. کين ڪنهن نئين ديوتا جي گهرج نه هئي، پر کين ڪنهن اهڙي سپهه سالار ۽ سياسي اهڙي ماهر جي گهرج هئي، جيڪو دشمنن کي رستي تان هٽائي، يونانين کي اوڀر طرف پکڙڻ جو موقعو ڏي ۽ کين اهو باور ڪرائي ته سندن تنگ نظري دور ڪري ته دنيا تمام وڏي آهي. سڪندر پنهنجي فوج کي آباد ۽ مهذب دنيا ڏيکاري ڇڏي. هن يونانين جي لاءِ خشڪي ۽ سمنڊ جا سڀيئي رستا صاف ڪري ڇڏيا. پر سورمي ۽ ديوتا بنجڻ جي شوق ۾ هو نه رڳو يوناني تهذيب، پر معمولي انسانيت کي به وساري ويٺو. ڪاميابيءَ سان گڏ سندس عياشي، شراب خوري ۽ چرپڻ وڌندو ويو ۽ هن جڏهن 323 ق م ۾ چالاڻو ڪيو ته اوڀرندي دنيا ذليل ۽ خوار ٿي چڪي هئي، پر يونانين جو دامن ڀريل هو ۽ ڪنڌ هيٺ. سڪندر جي مرندي ئي سندس سامراج به دم ٽوڙڻ لڳو ۽ يونانين جي لاءِ وري هن جي شخصي همت ۽ حوصلن کان سواءِ ٻيو ڪو به سهارو نه بچيو ۽ اهو سهارو به ڪجهه ٽٽل ئي هو، جو انهن جون شهري رياستون بي عزت ٿي چڪيون هيون ۽ هنن جون پاڻ ۾ عداوتون ايترو ته روڳ بنجي چڪيون هيون، جن جو علاج موت کان سواءِ ٻيو ڪو به نه هو.
    اصل ۾ تهذيب ۽ ملڪ گيري، ايمانداري ۽ دنياداريءَ جو پاڻ ۾ ساٿ ڏاڍي ڏکيائيءَ سان ٿيندو آهي. تهذيب پکيڙڻ جي دعوا اهي سڀ قومون ڪنديون آهن، جن کي ملڪ گيري ۽ حڪمرانيءَ جو فن اچي ٿو. پر ان انڌير ۾ جيڪو ملڪ گيري جو عذاب سدائين آڻيندو آهي، تنهن ۾ تهذيب جو ڏيئو ڀلا ڪيئن ٿو ٻري سگهي؟ پر پوءِ به ان جي روشني ڪيترن ئي کي رستو ڏيکاري سگهي ٿي. ملڪ گيري جي معنيٰ ته اها ئي آهي ته ماڻهو ان حد مان نڪري وڃي، جيڪا تهذيب مقرر ڪري ٿي ۽ انهن مقصدن کي، جن جو اسان کي تهذيب قدر ڪرڻ سيکاري ٿي، ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ رکي اهڙن حوصلن کي اُڀارجي، جيڪي ماڻهوءَ کي دنيا ۾ ڪامياب ڪن ٿا ۽ جيڪي ضرورت هجي ته تهذيب جو ويس به بنائي سگهن ٿا. يوناني سڪندر جي ٻل تي پنهنجي تهذيب پکيڙي نه سگهيا ۽ ان سلسلي ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو، اهو ننڍي پئماني تي ۽ شخصي طور تي ڪيو ويو. پر ان ناڪاميءَ ۾ يوناني تهذيب جو ڏوهه نه هو، پر ان جي نزاڪت ۽ لطافت جو دليل آهي ۽ ان جي روحاني ۽ اخلاقي قدرن کي نٿي گهٽائي.
    يونانين ۾ سڪندراعظم جو ڪو به وارث پيدا نه ٿيو ۽ اها دنيا، جيڪا يونانين پنهنجي پاڇي ۾ وٺڻ ٿي چاهي، سڪندر کان ڏيڍ سؤ سال پوءِ، رومين جي قوم ڇانئجي ويئي، جيڪا ان اولهائين سمنڊ جي ٻي لهر هئي. اها رومي قوم تهذيب کان اڻڄاڻ هئي، پر هن پنهنجي ڪاروهنوار کي اهڙي نموني هلائڻ ٿي ڄاتو، جو اهو هر گهڙيءَ وڌندو ٿي ويو. هنن پنهنجي شين کي ڏاڍي مضبوطيءَ سان ٿي جهليو، پر جڏهن ڪو نبيرو نه ٿي ٿيو ته پنهنجو حق محفوظ بنائڻ جي تدبيرن کي ورهاست جي شڪل به ڏيئي ٿي سگهيا. پنهنجي حڪومت قائم رکڻ ۽ هر قسم جي ڏيهي ۽ پرڏيهي مخالفت کي اڳواٽ ئي بدنام ڪرڻ جي لاءِ هن (رومي امن) جو تصور قائم ڪيو، جنهن لکين ماڻهن کي ان دوکي ۾ رکيو ته مهذب ۽ پرامن زندگي رومي قوم جي غلام بنيو رهڻ کان سواءِ ڪنهن ٻي نموني حاصل ٿي نٿي سگهي. يونانين مهذب بنجڻ جي شوق ۾ هر نقصان سٺو ۽ دنيا ۾ پنهنجي ظاهري حيثيت وڌائڻ جي لاءِ هڙئي موقعا هٿان وڃائي ڇڏيا. رومي جڏهن پنهنجي وقت جي سڄي دنيا تي قبضو ڪري ويا ته پوءِ وڃي کين احساس ٿيو ته تهذيب به هڪ شيءِ آهي ۽ هنن ملڪ گيريءَ جي انڌ ۾ يونان تي قبضو نه ڪيو هجي ها ته شايد کين پنهنجون خاميون محسوس ڪرڻ به نصيب نه ٿين ها.
    رومي سلطنت جي شروعات روم جي شهري رياست کان ٿي، جنهن جو بنياد اٺين صدي قبل مسيح ۾ پيو. شروعاتي پنج سؤ سالن دوران اها يونان جي شهري رياستن کان ڪا گهڻي مختلف نه هئي، سواءِ ان جي ته منجهس پکڙجڻ جو مادو وڌيڪ هو. روم جي اتر ۾ اٽلي جو ضلع ”ايٽر وريا“ هو، جيڪو ”ڪريٽ“ ۽ ڪارٿيج“ جيان فونيقي نسل جي تهذيب جو مرڪز هو. ان تهذيب کي سڀ کان پهرين روم مٽايو ۽ ”ايٽر وريا“ وارن جو واپار ۽ دولت پنهنجي قبضي ۾ ورتي. پوءِ هن اتحادين جي ذريعي اٽلي ۾ پنهنجو اثر وڌايو. جڏهن رومي سمنڊ جي اولهائين حصي ۾ سندن ڪاروبار پکڙيو ته سندن ڪارٿيج سان مقابلو ٿيو ۽ ٽن جنگين کان پوءِ ان کي به هنن 146 ق. م ۾ ساڙي رک ڪري ڇڏيو. ان عرصي ۾ اٽلي جو سڄو ملڪ سندن قبضي ۾ اچي چڪو هو ۽ اتر يونان ۾ مقدونيا جي رياست، جنهن جو سڪندر نالو روشن ڪيو هو، تباهه ڪري، هنن يونان ۽ بلقان ۾ پنهنجا مقصد ماڻي ورتا هئا. ان سلسلي ۾ هن جيڪي سياسي اٽڪلون استعمال ڪيون، اهي سندن سياسي حڪمت عمليءَ جو سٺو نمونو آهن. پهرين هنن پنهنجو اهو وير، جيڪو هنن يوناني مقدونيا جي رياست سان رکيو ٿي، آزادي ۽ خودمختياري جي هوا ڏيئي ڀڙڪايو ۽ کين پاڻ سان ملائي، مقدونيا جي فوج کي شڪست ڏني. پوءِ، اهو چئي ته دنيا ۾ ڪنهن کي به ڪنهن تي ناجائز حڪومت ڪرڻ جو حق نه آهي ۽ هر هنڌ قانون ۽ انصاف جو راڄ هئڻ گهرجي، هنن يونان جي شهري رياستن کان سندن آزادي کسي ورتي ۽ ”ڪورنٿ“جو شهر به برباد ڪري ڇڏيو، ته جيئن غلط فهمي جو موقعو نه رهي. يونانين جا مصر ۽ اولهه ايشيا سان لاڳاپا هئا ۽ رومي مديرن هتي جي رياستن کي به پاڻ ۾ ويڙهائي ايشيا ۽ ڪوچڪ شام ۽ مصر کي پنهنجي هٿ هيٺ ڪري ورتو.
    جهڙي طرح رومين کي ٻين جي جهيڙن جنگين ۽ تڪليفن مان فائدو وٺڻ جو ڪمال هو، تيئن هو ٻين جي علم ۽ تجربي مان پنهنجي ڪم جي ڳالهه ڪڍڻ به ڄاڻندا هئا. يونان جي شهري رياستن جيان روم ۾ به پهرين بادشاهن جي حڪومت هئي، پوءِ اهي بادشاه ماٺ مٺيءَ ۾ ڌار ڪيا ويا ۽ حڪومت معززين جي هٿن ۾ اچي ويئي، جنهن صلاحُن ڏيڻ جو ڪم هڪ مجلس جي حوالي ڪيو ۽ عملي اختيار ٻن عهديدارن کي ڏنا، جيڪي ڪائونسل سڏبا هئا ۽ هڪ سال جي لاءِ چونڊيا ويندا هئا. جيئن جيئن ڪم وڌيو، تيئن ان ڪائونسل جا اختيار مختلف عهديدارن ۾ ورهائبا ويا ۽ انهن آزاد، پر غريب رومين کي، جن کي هر وقت رياست جي مٿان جان ۽ مال قربان ڪرڻ جي نصيحت ڪئي ويندي هئي، هوريان هوريان حڪومت ۾ شامل ٿيڻ ۽ ايئن کين پنهنجي حقن کي محفوظ رکڻ جو موقعو ڏنو ويو. پر ايئن دل کولي نه، جيئن اٿينس ۾ ”سولن“ کين شريڪ ڪيو هو. روم جي حڪومت اصولي طور تي ته جمهوري هئي، پر اصل ۾ اڇي ۽ ڪاري جا ڌڻي معززين ئي هئا ۽ جڏهن هنن ملڪ گيريءَ تي سندرو ٻڌو ته انهن آزاد ۽ غريب ماڻهن ئي سڀ کان وڌيڪ نقصان سٺو. هو فوج ۾ ڀرتي ٿي سالن تائين وڙهندا ۽ پوءِ واپس وطن ورندا هئا ته کين پتو پوندو هو ته سندن زمين کسجي ويئي آهي، يا پويان ڪو اهڙو انقلاب اچي چڪو هوندو آهي، جو سندن زمين جو هئڻ ۽ نه هئڻ جي برابر آهي. پهرين ته رومي رياست پنهنجن شهرين سان خاص رعايت ڪندي هئي پر سن 89 ق.م ۾ اٽلي جي سڀني رهاڪن کي روم جي شهرين جا حق ملي ويا، جنهن سان هڪ طرف ته ڪيترن ئي ماڻهن جي حيثيت وڌي ويئي، ته ٻي طرف انهن ماڻهن جو به ڪو سهارو نه رهيو، جن جي جانبازي ۽ وطن پرستيءَ جي ڪري روم ترقي ڪئي هئي. ڇو ته رياست انهن جي گذرسفر جو بندوبست ڪرڻ ڇڏي ڏنو. هو تباهه ٿي ويا، پر شريفن جي خودغرضي، جيڪا حد کان وڌي ويئي هئي، کين به نهوڙي ڏنو. ملڪ گيري جي منصوبن، سپهه سالارن جي اثر کي تمام گهڻو وڌائي ڇڏيو ۽ منجهن رقابتون پيدا ٿيون ۽ نيٺ ان کان سواءِ ٻي ڪا به واهه نه بچي ته ڪو شخص جمهوري حڪومت جي رستي کي ڇڏي، شهنشاهه جي حيثيت سان ۽ فوج جي ٻل تي حڪومت ڪري.
    رومين ۾ ڪم هلائيندو رهڻ جي اهڙي ته خداداد صلاحيت هئي، جو جيتوڻيڪ انهن جي رياست کي شهنشاهن جي ظلمن، زيادتين ۽ وحشي نسلن جي حملن سبب ڌڪ رسندا رهيا، پر ان هوندي به اها رياست چار سؤ سال قائم رهي ۽ پنهنجي پويان اهڙو نالو ڇڏي ويئي جو ماڻهو ان کي سوين سالن تائين مصيبت جي گهڙين ۾ ياد ڪندا رهيا. رومين ۾ اهو گڻ هو ته هو قاعدي ۽ قانون کي گهڻو مڃيندا هئا ۽ اهو سمجهائون ته واپار ۽ دولت اوڏانهن ڇڪجي وڃي ٿي، جتي ماڻهن جي جان ۽ مال جي سلامتيءَ جي پڪ هجي. هنن روم ۾ پرديسين جي لاءِ هڪ عدالت قائم ڪئي، جنهن ۾ رومي جج قومن جي عام رواج يا پنهنجي عقل ۽ انصاف جي خيال موجب فيصلا ڪندا هئا. انهن فيصلن مان هوريان هوريان هڪ قانون جڙيو، جنهن کي شهنشاهيت جي زماني ۾، جڏهن يوناني فلسفي تي بحث مباحثو ٿيو ته ماڻهن فطرت جو قانون سمجهي ورتو ۽ ايئن هڪ اصطلاح لاڳو ٿيو، جنهن بعد جي سياسي دنيا ۾ وڏو هل مچايو. ان ۾ ڪوشڪ ڪونهي ته اهو قانون ان وقت جي مڙني قانونن کان ڀلو هو ۽ اسين يورپي تاريخ ۾ ڏسنداسين ته ان سڌارن ۾ گهڻي مدد ڏني. پر اهو قانون نه ته رومين جي سيرت کي سڌاري سگهيو ۽ نه ئي اهو فلسفو، جيڪو بعد ۾ يونانين کان سکيو ويو. جيڪڏهن اخلاق ۽ انساني همدردي کي ڏٺو وڃي ته رومي انهن قومن کان وڌيڪ خراب هئا، جن ان وقت تائين تلوار جي زور تي وڏيون سلطنتون قائم ڪيون هيون. رومين جو ڪو به مذهب نه هو، هنن جي تهذيب خراب هئي، هو نهايت بي رحم هئا ۽ پنهنجي غلامن سان جيڪو سلوڪ ڪندا هئا، انهن ايشيائي نسلن جي قومن ڪڏهن پنهنجي ڪتن سان به نه ڪيو، جن کي يورپي نسل جا مورخ وحشي ۽ خونخوار چوندي نٿا ڇرڪن. ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ سان ويڙهائڻ، انهن جو وهندڙ رت ۽ انهن کي تڙپندو ساهه ڏيندي ڏسڻ، روم کان سواءِ ٻيو ڪٿي جي به ماڻهن کي مزو نه ڏيندو هو ۽ جڏهن کين رت جي چوس اچي ويئي ته هٿياربندن جي ويڙهه سان به رومين کي تسڪين نه ٿي ۽ هو درندن جي سامهون مردن، عورتن ۽ ٻارن کي اڇلائڻ لڳا. هي اها ئي قوم هئي، جنهن جي باري ۾ چيو ويندو آهي ته هن دنيا کي منظم سياسي زندگي ۽ قانون جي عملداريءَ جو سبق سيکاريو.
    روم جي زوال سان گڏ ئي اولهائين قومن جي عروج جو زمانو، جيڪو لڳ ڀڳ هڪ هزار سالن تي ٻڌل هو ختم ٿي ويو. ان کان اڳ دنيا لڳ ڀڳ ساڍن چئن هزار سالن تائين اوڀرندي نسلن جي قبضي ۾ رهي چڪي هئي يا آرين جي ان حصي تي اوڀر جا اثر لاڳو هئا. ان کان پوءِ اٽڪل هڪ هزار سالن تائين هنن جو پڙ ڳرو رهيو. اولهائين قومن جي عروج مان اهو مطلب ڪونهي ته ان سڄي عرصي ۾ اوڀرندي دنيا سُتل هئي ۽ ان جي ڪا به ڳالهه بيان ڪرڻ جي قابل ئي ڪونهي. ان عرصي ۾ چين جي سلطنت تمام گهڻي وڌي. هندستان ۾ موريا ۽ ان کان پوءِ گپت سامراج قائم ٿيو ۽ ان جي وچ واري عرصي ۾ ”ڪٽسان“ سامراج، جنهن اوڀر جي سڀني قومن ۽ تهذيبن کي گڏيو ۽ هر ملڪ جي زندگيءَ کي هڪ نئون رنگ ڏيئي ڇڏيو. ان عرصي ۾ اسين ڏسون ٿا ته ايشيا ۽ ڪوچڪ عراق ۽ ايران جو چڱو موچارو حصو اولهائين قومن وٽ هو. واپار ۽ واپار جي وڏن لنگهن تي سندن قبضو هو، دولت سندن هٿن ۾ هئي. انهن جا سڪا اسان وٽ هتي هلندا هئا، اسان جا هنن وٽ نه ۽ انهن ئي ڳالهين مان اندازو لڳائجي ٿو ته ڪنهن جي حيثيت وڌيل آهي.


    (6) قديم چيني سڀيتا

    رومي سلطنت جڏهن اوڀر طرف تمام گهڻو پکڙجي ويئي ته اوڀر ۽ اولهه جا ڇيڙا پاڻ ۾ ملي ويا. ڇو ته ان زماني (100 ق م- 200ع) ۾ ٻڌمت جا پوئلڳ پنهنجي دين جي پرچار ڪرڻ جي لاءِ نڪري پيا هئا ۽ چين جا سپاهي انهن ميدانن ۾ پهچي ويا هئا، جن تي سڪندر ۽ رومي شهنشاهن جون فوجون ڪجهه حسرت ۽ ڪجهه ڊپ جون نظرون وجهي واپس وريون هيون. اهي رستا جيڪي سپهه سالارن ڳولهيا هئا، واپارين جي ڪم اچڻ لڳا هئا. يورپ ۽ اولهه ايشيا ۾ ان وقت تائين جيڪو ڪجهه ڪيو ويو هو، تنهن تي اسين هڪ سرسري نظر وجهي چڪا آهيون. هاڻ ان دولت کي به ڏسو، جيڪا چين ۾ پيدا ٿي ۽ جنهن اسان جي دنيا جي سڀيتائي موڙي کي گهڻو ڪجهه وڌايو.
    چيني سڀيتا جو پهريون دور ساڳئي نموني صبح جي ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل آهي، جيئن ان زماني ۾ ٻي هنڌ جي زندگي. اسين ايترو فرق ضرور ڏسون ٿا ته مذهب جي معاملي ۾ چينين جي روش بلڪل نرالي هئي. انهن جي آبادي ٻن دريائن جي ڪنڌين تي هئي، جن تي سندن پوکي راهي جو دارومدار هو. پر اهي دريا ۽ خاص ڪري ”هوانگ هوا درياهه“ ڏاڍو خطرناڪ هو. ڇو ته اهو اوچتو رخ بدلائي، انهن ئي ٻنين کي وڃي ٻوڙيندو هو، جن کي هو آباد ڪندو هو. پوءِ به چيني، ان درياهه کي درياهه ئي سمجهندا رهيا، ان جو احسان مڃي يا ان جي ڪاوڙ کان ڊڄي، کيس ديوتا نه بنايو. پر ان کي قابوءَ ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا. چيني پنهنجي بادشاهه کي آسمان يا خدا جو پٽ ڪري مڃيندا هئا، پر اهڙو پٽ به نه، جنهن جو حق هر حالت ۾ قائم رهي. جيڪڏهن هو ظلم ڪندو هو يا ڀٽڪي ويندو هو ته هو اهو چئي کيس تخت تان لاهي ڇڏيندا هئا ته بادشاه ڪو سچي پچي ٿورو ئي خدا جو پٽ هوندو آهي، پر گود ورتل هوندو آهي. سندن بادشاهه، هنن جو مذهبي سردار به هوندو هو ۽ سال ۾ هڪ ڀيرو قرباني ٿيندي هئي ته بادشاهه خدا جي پٽ جي حيثيت سان وڏي پوڄاريءَ جا فرض به ادا ڪندو هو. پر کيس رعيت جي دين ۽ ايمان ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت جو حق نه هوندو هو ۽ چيني سماج ۾ اسان جي برهمڻ يا عيسائي پادرين جو جواب نٿو ملي.
    پراڻين روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته چين جا پهريان بادشاه وڏا سورما هئا جن وسندين کي انهن وحشين کان محفوظ رکيو، جيڪي انهن جي چوڌاري ڦرندا وتندا هئا. اهي هوشيار انجنيئر به هئا، جن نهرون ڪڍي ۽ بند ٻڌي ”هوانگ هوا درياهه“ کي لگام ڏنو. شروع ۾ چين جا اهي ئي ٻه مسئلا هئا. پر جيئن جيئن آبادي وڌي، تيئن چين کي منظم ۽ متحد رکڻ جو سوال وڌيڪ اهم ٿيندو ويو. اهو نبيرڻ جون ٻه ئي شڪليون هيون؛ هڪ اها ته ماڻهن کي اهڙي تعليم ڏني وڃي، جيڪا کين قاعدي ۽ قانون جو پابند رکي ۽ ٻي اها ته حڪومت جو بندوبست سٺو هجي ۽ حاڪمن کي انهن ڪمن جو الڪو هجي، جيڪي رعيت تي ڇڏي نه ٿي سگهجيا. چين ۾ انهن ٻنهي ڳالهين جي ڪوشش ڪئي ويئي، پر عام طور تي ماڻهن جي دلين ۾ تعليم جو قدر وڌيڪ ۽ حڪومت جو گهٽ هو. ٻين ملڪن ۾ علم ۽ تعليم حڪومتي سرپرستي جون محتاج رهيون. چين ۾ حڪومت جي پالنا، تعليم جي پاڇي ۾ ٿي. مؤرخن جي لاءِ چين جي ڪهاڻي ان وقت کان شروع ٿئي ٿي، جڏهن ڇهين صدي قبل مسيح ۾ ٻن وڏن عالمن ۽ فلسفين چينين کي منظم سياسي ۽ اخلاقي تعليم جو سبق پڙهايو. ڏکڻ ۾ لائوتسي ۽ اتر ۾ ڪوڏنگ تسي.
    لائوتسي جي تعليم ۾ روحانيت وڌيڪ آهي ۽ جيتوڻيڪ هن اهڙا اصول به ٻڌايا، جيڪي سماجي زندگي کي سڌارڻ ۽ ان کي سنئين ڌڳ تي هلائڻ جي ڪم اچي سگهيا ٿي. سندس اصل مقصد به شايد اهو ئي هو ته انسان کي زندگي گذارڻ جا اهڙا گُر ٻڌائي، جيڪي سندس فطرت سان هڪجهڙائي رکندڙ هجن. سندس طبيعت کي آزاد ڇڏين ۽ ان ئي آزادي سان ترقي جي اميد رکن. هو حڪومت ۽ انهن سڀني طور طريقن جي خلاف هو، جن جو دارومدار ظلم ۽ ڏاڍ تي هوندو هو. هو رڳو فطرت کي ئي غلط ۽ صحيح ۾ فرق ڪرڻ جو معيار مڃيندو هو، پر هو فطرت کي سمجهندو به واهه جو هو. ڏسو ته هن هڪ ئي جملي ۾ زندگي جي صحيح تشريح ڪئي آهي ۽ اوهين ان تي جيترو به ويچاريندا اوترو ئي اوهان کي يقين ٿي ويندو ته اوهان وٽ پنهنجي ذات ۽ پنهنجي سماج کي سڌارڻ جي ڪا به اهڙي تدبير ڪونهي، جنهن طرف ان ۾ اشارو ڪونهي. لطف وري اهو آهي ته ان ۾ زندگي جو هر پهلو اچي وڃي ٿو. پوءِ ڀلي اهو اخلاقي هجي يا سياسي، سماجي توڙي معاشرتي. لائوتسي جي نظر ۾ ”ترقي ۽ پالنا هجي، پر حڪومت نه هجي. تخليق هجي، پر ملڪيت نه هجي. عمل هجي، پر اثبات خودي نه هجي.“ پر هائو، اهو به سچ آهي ته دنيا جون هڙئي حقيقتون ايئن مٺ ۾ دٻايون وڃن ته پوءِ اهي سلامت نٿيون رهن. ماڻهن جي سمجهه تي وڌيڪ بار پئجيو وڃي ته هو ڪلها ڍاريو ڇڏين. لائوتسي جي تعليم ۾ فطرت جي جيڪا تصوير ڇڪي ويئي هئي، اها جلد ئي بگڙجي وئي. سندس پوئلڳ ان آڌار تي ته فطرت جي حساب سان هلڻ سان ڪو نقصان نٿو ٿئي، اهو سمجهي ويٺا ته زندگي صحيح طريقي سان گذاري وڃي ته انسان مري نٿو سگهي ۽ هو اهڙو اڪسير ڳولهڻ لڳا، جيڪو سندن غلطين کي سڌاري سگهي ۽ کين سدائين جي لاءِ جيئرو رکي. چين جا ڪيترائي بادشاهه هئا، جن اهڙي اڪسير جي هٿان پنهنجي عمر جا رهيل کهيل ڏينهن به وڃائي ڇڏيا ۽ عام طور تي لائوتسي جي تعليم جالاگري ۽ تماشي گري بنجي ويئي.
    ڪوڏنگ فوتسي جي تعليم ايتري گهري نه هئي پر اها غلط سمجهڻ جو امڪان به گهٽ هو. ان ۾ ٿورڙا اصول ۽ ڪيترائي قاعدا هئا. پر ايئن کڻي چئجي ته ان ۾ سڌريل زندگي جا سڀ طور طريقا ٻڌايا ويا هئا. فلسفو ۽ سچو فلسفو ته ان ۾ به هو، پر انهن جي لاءِ جيڪي برداشت ڪري سگهن. باقي ٻين جي لاءِ طور طريقا قاعدا ۽ فرض هئا. ڪوڏنگ فوتسي هڪ هنڌ چوي ٿو، ”مذهب انسان جي دل مان ٻاهر نٿو اچي، ان جو سرچشمو انساني فطرت جي گهرائين ۾ آهي. اهو عام ماڻهوءَ جي دل ۾ پيدا ٿئي ٿو. جذبا جڏهن دل جي تارن کي ڇيڙين ٿا ته مذهب پردي مان ٻاهر نڪري ٿو ۽ سندس اهو نڪرڻ، جيڪڏهن ان ۾ قاعدو به لاڳو ڪيو وڃي ته عبادت بنجي وڃي ٿو. پوڄا پرستش جي رسمن کان سواءِ ٻيا جيڪي قاعدا هوندا، اهي به ڪوڏنگ فوتسي جي خيال ۾ عقل ۽ دل جي گهراين مان نڪرن ٿا. زبردستي مقرر نه ڪيا وڃن ٿا. ان سبب جي ڪري انهن جو لحاظ رکڻ به ايترو ئي ضروري آهي، جيترو عبادت جي قاعدن جو. ڪوڏنگ هڪ ننڍي ڳوٺڙي جو رهاڪو هو، پر هن پنهنجي تعليم جي پرچار واسطي سڄي ملڪ جو سفر ڪيو ۽ ٿورن ئي ڏينهن ۾ اتر چين جا هڙئي رهاڪو سندس پوئلڳ بنجي ويا ۽ سندس تعليم چين جو سرڪاري مذهب بنجي ويئي.
    زندگي جي قاعدن ۽ قانونن ۾ اهڙن وقتن تي جڪڙي ڇڏڻ، جڏهن پوري سگهه اُڀري نه چڪي هجي، گهڻو نقصان ٿي پهچائي. پر هڪ وقت اهڙو به اچي ٿو، جڏهن زندگي جي اڀريل سگهه ان وقت ذيان ٿي وڃي ٿي، جڏهن کيس قاعدي ۽ قانون جو سهارو نه ملي. چيني تهذيب شايد ترقيءَ جي ان منزل تي پهچي چڪي هئي ۽ ”ڪووتسي فوتسي“ جي تعليم چيني سڀاءُ ۽ مزاج ۽ چين جي حالتن سان اهڙي ته هڪجهڙائي رکندي هئي، جو پنهنجي ڪجهه خامين جي باوجود به سوين سالن تائين چيني سماج کي سنڀاليندي رهي ۽ واڌويجهه کي روڪڻ جي جاءِ تي ترقي جي لاءِ نيون راهون ڪڍندي رهي. اها تعليم اخلاق جي باري ۾ آهي، جنهن جو واسطو پنهنجي ذات سان ايترو نه هو، جيترو سماج سان. مڪتي ۽ ڇوٽڪاري سان ايترو نه هو جيترو پرسڪون زندگي سان هو. اها جيڪڏهن هوس ۽ ڪاوڙ ۽ خودغرضي کي ايترو ماري نٿي سگهي ته به انهن تي تهذيب ۽ آداب جو اهڙو ته پردو وجهي ڇڏي ٿي، جو اهي عيب ٻين جي اکين ۾ نه ٿي کٽڪيا. ان ماءُ پيءُ ۽ اولاد جو اهڙو ته رشتو قائم ڪري ڇڏيو هو، جو جيڪڏهن انهن ۾ محبت کڻي نه به هجي، ته به ڪٽنب تباهه نه ٿين. هن پاڙيسرين جو لحاظ ڪرڻ ۽ انهن جي خدمت ڪرڻ جو اهڙو ته سبق پڙهايو، جو جيڪڏهن سزا جو ڊپ نه به هجي ته به جان ۽ مال سلامت رهي. چيني چوندا هئا ته حڪومت جو اثر وڌڻ سندن آزاديءَ جي لاءِ خطرناڪ ٿيندو. ڪوونگ فوتسي سياسي وفاداري يا سياسي اتحاد تي زور نه ڏنو آهي، پر هن ان ڳالهه جو بندوبست ڪري ڇڏيو ته حڪومت جا ننڍا وڏا ڪم جن ماڻهن جي حوالي هجن، اهي چين جي سڀيتا، تاريخ ۽ ادب کان چڱي طرح واقف هجن ۽ حڪومت ۾ جيڪڏهن ابتري پکڙجي وڃي ته سڀيتا ۽ رهڻي ڪهڻي کي صدمون نه رهي. چين ۾ حڪومت هلندڙ ڦرندڙ ڇانورو هئي. قرار هو ته تهذيب کي ۽ ان ئي سبب جي ڪري ”ڪوونگ فوتسي“ حڪومت کي به سڀيتا جو خادم بنائي ڇڏيو.
    چينين جي نظر عام طور سان زندگي جي دائمي حقيقت تي رهي ۽ انهن جا دماغ ايترا ته سلجهيل هوندا هئا ۽ کين اهڙن مقصدن ۾ منجهائڻ، جن جي اهميت بلڪل چٽي ۽ يقيني نه هجي، سدائين ڏاڍي ڏکي ثابت ٿي آهي. سپاهي، چين ۾ هينئر به آهن ۽ اڳ به هئا پر انهن وٽ سپهه گيريءَ جا آداب بنهه انوکا هئا. اُتي سپاهي پنهنجي جان جوکي ۾ وجهڻ هرگز ضروري يا ساراهه جوڳو نه سمجهندا هئا ۽ لائوتسي“ ته ايترو به چئي ڏنو ته سڀني کان چالاڪ سپاهي اهو آهي، جيڪو ڪڏهن وڙهي ئي نه.“ معتبر ماڻهن جو چوڻ آهي ته پندرهن ويهه سال اڳ جڏهن چين ۾ ڪيترائي سپهه سالار هڪٻئي سان وڙهي رهيا هئا ته ڪڏهن ڪڏهن هيئن به ٿيندو هو ته ٻه فوجون منهان منهن ٿيندي ئي مقابلو ڪرڻ جي بدران پڇ پائي اٿي ڀڳيون ۽ سوڀ ان جي مڃي ويئي، جنهن پهرين اهو معلوم ڪري ورتو ته دشمن ڀڄي ويو آهي. اهڙين ڳالهين تي کل ته اچي ٿي، پر اوهين اهو به سوچيو ته جڏهن ويڙهه ۾ نه پنهنجو فائدو هجي، نه ملڪ جو، ته پوءِ وڙهي مرڻ ئي سٺو آهي يا ڀڄي وڃڻ؟ ته اوهين پڪ سان انهن سپاهين جي عقل کي داد ڏيندا، جيڪي ايئن وڙهي مرڻ ۽ پنهنجي ڀائرن جو رت وهائڻ کان پاسو ڪندا هئا. نه رڳو ان زماني ۾، پر پهرين به چيني ڪڏهن به ان دوکي ۾ نه رهيا ته ڪو تلوار جي وسيلي تهذيب پکيڙي سگهجي ٿي يا زندگي کي فروغ ڏيئي سگهجي ٿو. چينين سدائين پنهنجي تهذيب جي سرحد کي پنهنجي ملڪ جي سرحد ڄاتو. نه ٻين ملڪن تي قبضا ڪيائون ۽ نه ئي وري ٻين قومن کي چيني تهذيب اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪيائون.
    پر هڪ دور اهڙو به ٿي گذريو آهي، جڏهن چيني قوم جي بادشاهن جي حوصلي مندي ۽ انهن جي پنهنجي سگهه کين ملڪ گيريءَ طرف مائل ڪيو. ان ملڪ گيري جي اها صورت ته نه هئي، جيڪا اسين رومي سلطنت جي پکڙجڻ ۾ ڏسون ٿا. چينين کي انهن وحشي خانه بدوش نسلن، جي منگوليا ۽ ”تارم دريا“ جي ماتري جي اتر ۾ رهندا هئا، تمام گهڻو تپايو. شهنشاهه شي خوانگ ئي، جيڪو حضرت عيسيٰ عليه السلام کان ٻه سوا ٻه سو سال اڳ ٿي گذريو آهي، وڏو من موجي ۽ بهادر ماڻهو هو. هن ان سڄي علائقي ۾، جتي چيني تهذيب پکڙيل هئي، پنهنجي هٿ هيٺ ڪيو. هن پنهنجو پاڻ کي پهريون شهنشاهه سڏرايو. سڀئي پراڻا ڪتاب ماڻهن کان کسي ساڙائي ڇڏيا ته جيئن پراڻي تعليم جا نقش انهن جي دلين تان مٽجي وڃن ۽ زندگي جي هڪ نئين راهه اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. هن اتر ۾ وحشي نسلن کي روڪڻ جي لاءِ هڪ ڀت ڏياري، جيڪا اڃا سوڌي موجود آهي ۽ دنيا جي عجوبن ۾ ڳڻجي ٿي. پوءِ جي بادشاهن چين جي تهذيب کي بدلائڻ جو خيال لاهي ڇڏيو، پر سلطنت وڌائڻ جو حوصلو باقي رهين ۽ ”هان“ گهراڻي جي دور ۾ يعني 200 ق م کان 206 ق م تائين ۽ پوءِ ”تنگ گهراڻي“ جي دور جيڪو 618ع کان 907ع تائين، تارم جي ماٿري، تبت، ۽ ترڪستان جا بادشاهه ۽ سردار چيني شهنشاهن جي برتري تسليم ڪندا رهيا. پر چيني شهنشاهن رومين جيان چوڌار ”ماٺار“ پيدا ڪري، ان جو نالو ”امن“ نه رکيو. کين رڳو پنهنجي تهذيب ۽ ملڪ جي سلامتي سان مطلب هو. هنن ٻين تي حڪومت ڪرڻ نٿي چاهي.
    چيني جڏهن اولهه طرف وڌيا ته اهو اهڙو موقعو هو، جڏهن ڪيتريون ئي تهذيبون وچ ايشيا ۾ اچي گڏ ٿيون هيون. سڪندر جي حملي کان پوءِ ڏکڻ ترڪستان ۾ ڪيتريون ئي يوناني سلطنتون قائم ٿيون، جيڪي يونان جي صنعت ۽ تهذيب کي هيڏانهن کڻي آيون، پر هو وري پراڻي ايراني تهذيب کان گهڻا متاثر ٿيا. پوءِ اشوڪ جي همت افزوئي سان ٻڌ ڌرم به هيڏانهن وک وڌائي چڪو هو ۽ ان جي تعليم جو پرچار ڪندڙ اهڙو ته دلدار ٿي ويا، جو اهي هر ديوتا کي گوتم ٻڌ جي پهلوءَ ۾ جاءِ ڏيڻ جي لاءِ تيار هئا. ان ميدان ۾ چيني به پهتا ۽ تهذيبي دولت جي ڏيتي ليتي ۾ شريڪ ٿي ويا. ان وقت کان انهن جي تهذيب جي عروج جو زمانو شروع ٿئي ٿو. هنن وٽ علم جو چرچو عام هو، هو ڪاغذ ٺاهيندا هئا ۽ ڇاپڻ جو طريقو به هنن ايجاد ڪري ورتو هو. هنن زندگي گهارڻ جا طور طريقا سکي ورتا هئا ۽ ٻين جي سٺين ڳالهين جو پڻ قدر ڪري ٿي سگهيا. يورپي عالم چون ٿا ته چينين مصوري يونان کان سکي، پر اها ڳالهه مڃڻ ٿورو ڏکي آهي. ڇاڪاڻ ته مصوري جو خود يونانين ۾ ڪو به گهڻو رواج نه هو ۽ چين جي مصوري اتي جي رسم الخط ۽ فن تعمير سان اهڙي ته ملي ٿي ۽ ان جا احوال اهڙا ته نرالا آهن، جو اها ٻاهرين شيءِ ٿي ئي نٿي سگهي. واپاري منڊين ۾ چينين جو خاص مال سندن ريشم هو ۽ تهذيب جي منڊي ۾ منهنجي خيال ۾ انهن جو مال شائسته زندگي جا اهي طور طريقا ۽ تڪلفات هئا جن کان ان وقت تائين ماڻهو اڻڄاڻ هئا.
    آئون عرض ڪري چڪو آهيان ته تهذيب جي معنيٰ ۾، ڌرم ايمان جي ڇانوَ ۾ زندگي گهارڻ، گهرجون پوريون ڪرڻ جو بندوسبت ڪرڻ ۽ پنهنجي خاص مزاج موجب زندگي جي طور طريقن کي سنوارڻ، هڪ لحاظ کان ته دنيا جي هر قوم مهذب هئي، پر ڪن ڳالهين ۾ کوٽ رهجي ويئي. بابل، مصر، هندستان، يونان ۽ روم جا ماڻهو ان وقت تائين جهڙوڪر اگهاڙا رهندا هئا. يعني سندن لباس هڪ چادر هئي، جيڪا ڏنگن کي ويڙهي ڪلهن تي وڌي ويندي هئي، پر اها پنهنجي جاءِ تي قائم رکڻ جي لاءِ عام طور تي ڪجهه نه هوندو هو. چيني اهي پهريان ماڻهو هئا جن بدن کي ڍڪڻ، لباس جو خاص ڪم قرار ڏنو ۽ جيتوڻيڪ آئون اهو ته نٿو چوان ته هنن دنيا کي ستر پوشي سيکاري، پر سڄو جسم ڍڪڻ جو رواج ان زماني ۾ پيو ۽ جتي به ماڻهن قديم چادر کان وڌيڪ ڪجهه پاتو، اتي چينين جي ڪرتي پاجامي جو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ نقل ڪيو ويو. کاڌي پيتي ۾ نفاست جو شوق سڀ کان پهرين چينين کي ٿيو ۽ هي اُهي ئي هئا جن رڌپچاءَ کي هڪ فن ۽ باورچي کي آرٽسٽ جو درجو ڏنو. ماڻهن ۾ ميل ملاقات جي رسم چين کان ٻاهر به هئي، پر اهي ڳالهيون جن کي اسين مجلس جو آداب چئون ٿا ۽ ٻارن کي سيکاريون ٿا ته سڀني کي جهڪي سلام ڪريو، ادب سان ويهو، اجايو سجايو نه ڳالهايو، جيڪڏهن ڪو ڪجهه پڇي ته جواب ڏيو، نه ته ماٺ ۾ رهو، آهستي ڳالهايو، ٽهڪ ڏيئي نه کلو، زور سان اوڳرائي نه ڏيو ۽ اهو ته ڪنهن جي اڳيان پنهنجي خوشي يا ڪاوڙ کي ظاهر نه ڪريو. ٻين جي ڪا ڳالهه خراب لڳي ته اها ٽاري ڇڏيو. انهن سڀني تڪلفات جو قدر سڀ کان پهرين چين ۾ ڪيو ويو. انهن جو قدر ڪرڻ دنيا کين سيکاريو ۽ اڃا تائين انهن مان گهڻو ڪجهه سکندي ٿي رهي. اٿڻ ويهڻ ۽ ميل ملاقات جا قاعدا، جيڪڏهن انهن جي اندر ڪجهه نه هجي ته اسين انهن کي بناوت ٿا چئون. پر چينين جو اخلاق به اهڙو جيڪو وڏي گهري شائستگي جي خبر ڏيندو. هيستائين مون جن نسلن جي تهذيب جو ذڪر ڪيو آهي، انهن سڀني ۾ خودپسندي هئي ۽ غيرن کي نيچ سمجهڻ، انهن سڀني جي هڪ اڻ وڻندڙ خصوصيت هئي. چينين ۾ ڌارين جي عزت ڪرڻ ۽ انهن جي ڳڻن کي سڃاڻڻ ۽ قدر ڪرڻ هر مهذب ماڻهو جو فرض مڃيو ويو آهي ۽ ان سبب جي ڪري هو اهڙي ته رواداري اختيار ڪندا هئا، جنهن جو مثال اڳ ۾ ڪٿي به نٿو ملي. چين ۾ عيسائي پرچارڪن جي جيڪا پهرين جماعت پهتي ان جو شهنشاهه سٺي نموني آڌرڀاءُ ڪيو. انجيل جو چيني ٻولي ۾ ترجمو ڪرايو ۽ عيسائي مذهب جو پرچار ڪرڻ جي موڪل ڏيئي ڇڏي. پيغمبر اسلام، مختلف درٻارن ۾ اسلام جي دعوت موڪلي. رومي شهنشاهه هڪ به نه ٻڌي، ايراني شهنشاهه سفيرن جي توهين ڪئي، پر چين ۾ سندن قدر ڪيو ويو ۽ شايد مديني کان ٻاهر سڀ کان پهرين مسجد چين ۾ شهنشاهه تائي سنگ جي حڪم سان ٺهي.
    اهو هو چينين جو اخلاق ۽ اوهين جيڪڏهن ان اوڀرندي تهذيب جو هاڻوڪي اولهه سان مقابلو ڪرڻ چاهيو ته ڪري سگهو ٿا. اصل شيءِ حڪومت يا دولت ۽ آرام جو سامان ڪونهي، پر ماڻهو ۽ ان جو اخلاق هوندو آهي. پر فنون لطيفه کي ئي کڻي ڏسو، تڏهن به اوهين چينين کي گهٽ نه ڏسندا. وقت هجي ها ته آئون حسن جي ان معيار جو به ٿورو ذڪر ڪريان ها، جنهن ۾ نقل ڪرڻ جي اجازت نه هئي. نه ئي وري اصل کي نظرانداز ڪرڻ جي. جنهن آرٽسٽ جو اهو فرض قرار ڏنو ته شڪل شڪل ئي نه پر ڪيفيت ۽ فضا جو لقاءُ به بنائي ڏيکاري، وقت هجي ها ته انهن ڪرشمن جو حق به ادا ڪريان ها، جيڪي چيني مصور قلم جي هڪ ٻن ڪششن ۾ ڏيکاري سگهن ٿا. ان نزاڪت جو هڪ هلڪو اشارو ئي دل جو حال ٻڌائي يا سڄو نظر نظرن جي سامهون ڇڪي اچي ها. ان نفاست جو، جيڪا هڪ سڌي ليڪ کان به گهٻرائيندي هئي، پر سادگي جي حد کان گذري وڃڻ بدمذاقي سمجهي ويندي هئي. ان ڪايا پلٽ جو، جيڪو ڀوت پريت ۽ ارزبلائن جو صورت ۽ لطافت ۽ آرائش جو سامان بنائي ڇڏي ها ۽ انهن ٿانون جو جواب، جيڪي انمول هيرن جي ملهه تي وڪامجندا هئا يا انهن خوشناسين جو جن جو مقصد خوشنما هئڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي. پر افسوس جو اسان کي ايتري وانڌڪائي ئي ڪونهي، جنهن کي چيني زندگي ۽ تهذيب جي اصل شڪل مڃيندا هئا. اسين پنهنجي ڀڄ ڍڪ ۾ اهڙا ته رڌل آهيون، جو جيڪڏهن ڪڏهن ڪنهن خوبصورت شيءِ تي نظر پوي به ٿي ته به اها دل کولي ڏسي نٿا سگهون. اسان وٽ هر شيءِ جي لاءِ وقت مقرر آهي، وقت ڪونهي ته رڳو ماڻهو بنجڻ جي لاءِ!


    (7) قديم هندستان

    آئون دنيا جي ڪهاڻي ته گهڻي ٻڌائي چڪو آهيان پر ان ۾ هندستان جو ذڪر تمام گهٽ ٿيو آهي. ان جو سبب اهو ڪونهي ته هندستان جي تاريخ سڀني کان آخر ۾ ئي شروع ٿي ۽ نه ئي وري اهو ته هندستان ٻين ملڪن کان گهٽ اهم آهي. پر اها هڪ قدرتي ڳالهه آهي ته هر ملڪ ۽ هر مذهب جا ماڻهو پنهنجي ئي ڪهاڻي کي دنيا جي ڪهاڻي سمجهي ويٺا ۽ اتفاق سان، اسان کي تاريخ جا جيڪي ڳجهه سلجهائڻ وارا مليا آهن، تن ملڪ ۽ نسل ۽ مذهب کي اسان جي لاءِ قيدخانو بنائي، اسان جي دنيا سوڙهي ڪري ڇڏي آهي. منهنجو خيال آهي ته ان سان جيڪي غلط فهميون پيدا ٿيون آهن، اهي دور ڪرڻ جي لاءِ اسان کي اکيون کولي نه رڳو پنهنجي ملڪ کي، پر سڄي دنيا کي ڏسڻ گهرجي. جڳ بيتي کي ته اپ بيتي ڄاڻي ٻڌڻ گهرجي. سڄي دنيا کي هڪ ڳوٺ سمجهڻ گهرجي، جنهن ۾ ڪنهن جو به ڪم ٻي کان سواءِ نٿو ٿئي. ڪنهن جي ڪوشش ٻي جي مدد کان سواءِ لاڀائتي نٿي ٿئي. ڪو به ٻي کي سڃاڻڻ کان سواءِ پنهنجو پاڻ کي سڃاڻي نٿو سگهي. اڃا پندرهن ويهه سال اڳ تائين اسان کي اهو سبق پڙهايو ويندو هو ته آرين جي اچڻ کان اڳ هندستان جهنگل ۽ پرپٽ هو ۽ ان جا رهاڪو ماڻهو ته هئا، پر ڀولڙن وانگر رهندا هئا. هاڻ هڪ پاسي موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جا آثار مليا آهن، ته ٻي پاسي دراوڙن جي قديم تهذيب جي باري ۾ جيڪا ڄاڻ ملي آهي، تنهن مان خبر پوي ٿي ته آرين جي اچڻ کان ٻه اڍائي هزار سال اڳ پهرين به هندستان جي تهذيب ۽ صفت چڱي خاشي ترقي ڪري چڪي هئي ۽ ان تهذيب جا آثار الائجي ڪٿي ڪٿي برپٽن ۽ بيابانن ۾ يا وسندين ۾ اسان جي پيرن هيٺان دفن آهن. اهو هاڻ اسان جي حوصلي ۽ اسان جي شوق جي ڳالهه آهي ته اسين انهن آثارن کي ڳولهي لهون. پنهنجي زندگي کي اوچتو ڪنهن وقت کان شروع نه ڪريون، پر اهو سمجهون ته اها ڏينهن جي سهائي جيان هوريان هوريان وڌي. دنيا جي تاريخ هاڻ اسان جي سامهون موجود آهي ۽ جيڪي ڪجهه ٻي هنڌ ٿيو، لڳ ڀڳ اهو ئي اسان وٽ پڻ ٿيو هوندو. انسان جو ننڍپڻ ۽ بيوسيءَ ۾ قدرت جي هنج ۾ پلجڻ، پوءِ ان جو ڊڄندي ڊڄندي پنهنجن پيرن تي بيهڻ، ڪڏهن ڪرڻ ته ڪنهن مهل پاڻ سنڀالڻ، قدرت کان ڌار ٿي پنهنجي محنت، همت ۽ سڌٻڌ جو سهارو وٺڻ؛ گهر، وستيون، شهرآباد ڪرڻ، ڪم جي ورهاست ۽ اتحاد جي عمل جي اڻت سان زندگي، قانون ۽ تهذيب جو ڪپڙو اُڻي، ان سان پنهنجي بدن کي ڍڪڻ ۽ سنوارڻ، اهو سڄو تماشو ڀارت ماتا به ڏٺو هوندو ۽ اها هڪ آريا نسل جي ئي ماءُ ته هئي، پر ڪيترن ئي ٻارن کي پالي چڪي هئي ۽ ان جي دل ۽ ان جي هنج ۾، ٻين به ڪيترن ئي ٻارن جي لاءِ جڳهه هئي.
    آرين جي اچڻ کان اڳ سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب ۽ شايد گنگا جي ماٿريءَ ۾ جيڪي ماڻهو آباد هئا، تن جي صورت ۽ رهڻي ڪهڻي ۽ ڪپڙي لٽي جو اسين صحيح انداز لڳائي نٿا سگهون ته هو ڪهڙي نسل جا هئا. شايد اهي دراوڙ ئي هئا ۽ بلوچستان جي لنگهن مان لنگهي اچي پکڙيا هئا. لکن ۽ ڏکڻ هندستان ۾ ان ئي دراوڙ تهذيب جو پنهنجو ڌار ڪاروبار هو ۽ انهن جو هنڌ جي اتر طرف رهندڙن سان گهڻو لاڳاپو نه هو. پر يورپ ۾ ڏکڻ هنڌ وارا جاوا، سماترا ۽ ان کان اڳيان تائين پهچي چڪا هئا. اوڀر ۾ عربستان، مصر ۽ رومي سمنڊ جي واپارين سان انهن جي ڏيتي ليتي هئي ۽ اڃا ڪجهه ڏينهن ئي ٿيا آهن جو لکن مان هڪ اهڙو تابوت زمين مان ڪڍيو ويو آهي، جنهن ۾ مردا دفنايا ويندا آهن، جنهن جي شڪل سمير ۽ اٽلي جي ضلع ”ايترو وريا“ جي تابوتن جهڙي آهي. هندستان جا شايد ان وقت ٻه حصا هئا، پر دنيا کان ڌار ۽ پري نه هئا. سڀئي هڪ ٻئي کي ڄاڻندا سڃاڻندا هئا، سکندا ۽ سيکاريندا هئا ۽ ٿورو اڳي پوئتي ئي سهي پر پوءِ به ترقي جي رستي تي هلي رهيا هئا.
    آرين اتر هندستان ۾ اچي اهو ئي ڪجهه ڪيو، جيڪو هنن يونان ۾ ڪيو. يعني اهي پهرين خالي هنڌن تي آباد ٿيا، پوءِ هنن شهرن ۾ رهندڙن سان ميل جول وڌائي ۽ نيٺ هو ايترو سکي ويا، جو کين استادن جي گهرج نه رهي. اسان کي خبر آهي ته هڙاپا ۽ موهن جو دڙو وارن تي جيڪا تباهي آئي ان ۾ آرين جو هٿ هو يا نه، پر هو اوچتو ئي اوچتو زندگي جي محفل مان کڄي ويا ۽ اتر هندستان وارا به پنهنجو پاڻ کي قدرت جو لاڏلو سمجهندا هئا. هنن صنعت ۾ ته سالن جي شاگردي ڪئي هوندي. اهو ناممڪن آهي ته صدين جي تهذيب ۽ ميل جول کان پوءِ به هو نج آريائي رهيا هجن. پر هنن ڌرم جا جيڪي قانون ٺاهيا، انهن ۾ صرف پنهنجي ضرورت ۽ فائدي کي نظر ۾ رکيائون. يوناني سمجهندا هئا ته غلام ۽ غير نسلن جا ماڻهو مهذب شهري زندگي جا حقدار نٿا ٿي سگهن. آرين، غير آرين کي پنهنجي سماج مان به ڌڪي ڇڏيو. انهن جو ڌرم ۽ انهن جا سڳورا ڪتاب، انهن جو شاعراڻو فلسفو ۽ انهن جي رشين ۽ ويراڳين جي نيڪ ۽ پاڪ زندگي ۽ عملي طور تي اهڙا ئي اصول، انهن جي حڪومت ۽ واپار لاءِ به هئا. انهن سڀني ڳالهين سان گڏوگڏ اهو به هو ته مذهبي رسمن جي تعداد ۽ انهن جي پيچيدگي وڌندي ويئي. ڪي ماڻهو هئا جيڪي انهن رسمن جي حقيقت ڄاڻندا هئا. پر هنن اها ڳالهه پنهنجي دل ۾ رکي. ”اٿرديد“ مان معلوم ٿئي ٿو ته، آريا آتش پرستي جي مذهب ۾ انهن کان اڳ جي پوڄا پاٺ جا ڪيترائي عقيدا گهڙي آيا هئا. هو رڳو جانورن ۽ ڪن وڻن کي ديوتا نه ته به ديوتائن جيتري ئي عزت جي لائق مڃڻ لڳا هئا. انهن ۾ گهڻا ٽوڻا ۽ ان قسم جا ٻيا رواج به هلڻ لڳا هئا ۽ اهي هڙئي ڳالهيون سندن اصل ڌرم کان ڪوهين ڏور هيون.
    پوءِ هڪ وقت اهڙو به آيو، جڏهن سندن فلسفي ۽ اعليٰ اخلاقي تعليم جي خلاف ته نه، پر سندن نسلي وڏائي ۽ سندن ڌرم جي خلاف سخت بغاوت ٿي. اسين اهو ته نٿا چئي سگهون ته گوتم ٻڌ آريا هو يا ڪنهن گڏو چڙ نسل جي سپاهين جي ڪٽنب مان، پر هو شايد نج آريا هجي ها ته شايد ئي پنهنجي نسلي برتري کان ايترو آجو هجي ها، جو پنهنجي تعليم جي هر ڳالهه ۾ آرين جي اصولن ۽ قاعدن جي حد به بڻائي ها ۽ جيڪڏهن صفا هيٺين ذات جو هجي ها ته کيس علم پرائڻ ۽ روحاني تجربن جو ايترو ڀلو موقعو ملي سگهي ها، جيترو کيس مليو. پر اهو ڏسندي ته هو هندستان جي جنهن حصي ۾ جنميو هو، اتي گهڻي عرصي کان دلي طرح بي چين هئا ۽ ان کان اڳ به ڪجهه بزرگ آرين جي سڳورن ڪتابن کي تسلي ۽ رهنمائي لاءِ اڻ پورو قرار ڏيئي چڪا هئا، اسين ان مڃڻ کي بيڪار سمجهي ڇڏي سگهون ٿا. ياد رکڻ جي ڳالهه اها آهي ته گوتم ٻڌ جيڪا تعليم ڏني، اها رڳو آريا ڌرم جي خلاف نه هئي، پر ان وقت جي دنيا جي اصول ۽ قاعدي جي خلاف هئي. ماڻهو ديوتائن کي مڃيندا هئا ۽ سمجهندا هئا ته کين حاڪمن جهڙو اختيار آهي. اهي چاهين ته اسان جون دلي مرادون پوريون ڪري سگهن ٿا. گوتم ٻڌ چيو ته ديوتا وري ڪهڙا؟ ڪم جو قانون آهي ته اسان جي جهڙي ڪرڻي هوندي، تهڙي ڀرڻي. ان قانون کي انسان جون خواهشون ته ٽوڙي سگهن ٿيون، پر ديوتائن جي قوت نه. اهڙا به ماڻهو هئا، جن کي دنيا جي ڪا به نعمت گهربل نه هئي. اهي موڪشش، ڇوٽڪاري جي سڌ رکندا هئا ۽ اهو خيال رکندا هئا ته جسم ۽ جسماني خواهشون اسان کي گمراه ڪن ٿيون. هو تپسيا ڪري پنهنجو پاڻ کي ڀانت ڀانت جون تڪليفون پهچائيندا هئا. گوتم ٻڌ چيو ته آئون ان رستي جي آخري منزل تائين آيو آهيان ۽ مون کي ڪجهه به نه مليو، پنهنجو پاڻکي ڏک ڏيڻ بيڪار آهي. هائو، نفس کي قابو ۾ رکو، جو نفس جو ٻانهو، ڪرم جي ڦندي کان آزادي ٿي ئي نٿو سگهي. ماڻهو رسم ادا ڪرڻ کي، قرباني کي ۽ دان ڏيڻ کي دينداري سمجهن ٿا. گوتم ٻڌ چيو ته اصل شئي نيت ۽ سٺا عمل آهن. سچو ديندار اهو آهي، جيڪو سمجهه ۽ دل جي روشني ۾ پنهنجي ارادي جي سگهه سان خدمت ۽ ايثار جي رستي تي هلي جو اهو ئي رستو اسان کي گهر تائين وٺي وڃي سگهي ٿو. گوتم ٻڌ اهو سڀ چيو ۽ گهڻو ڪجهه چيو جي هن وقت به اسين اهي سڀ ڳالهيون صاف صاف چئي نٿا سگهون. سندن شخصيت ۽ زبان ۾ وڏو جادو هوندو، جو ماڻهن هن جو وات بند نه ڪيو، پر اهي هڙئي ڳالهيون سندن مخالفن کي ايتريون اڻ وڻندڙ نه لڳيون هونديون، جيترو سندس اهو چوڻ ته ماڻهو سڀ برابر آهن. آزاد اهو آهي جيڪو نيڪ زندگي گذاري، ڪامياب اهو آهي، جيڪو نفس کي قابو ۾ رکي. ماڻهوءَ کي جت وڃڻو آهي، اُت نه برهمڻ جي ذات ڪم اچي سگهي ٿي ۽ کشتري جي تلوار، نه وئش جي ڌن ۽ دولت، ته پوءِ ماڻهو جي اهڙي ورڇ ڇو ڪجي؟ مون جيان اڇوت جي هٿ جو ڇو نه ٿا کائو؟ هو دعوت ڏين ته ڇو نٿا قبوليو؟ گوتم ٻڌ کي خبر هئي ته ذات جي ورهاست مٽائڻ لاءِ اوچي ذات وارن کي مخاطب ٿيڻ اجايو آهي ۽ علم کي ڪتابن ۾ لڪائي رکڻ غلط آهي. هن پنهنجي تعليم جي پرچار ڪرڻ جي لاءِ جنهن کي به موڪليو، تنهن کي چيو ته جتي به وڃين، اتي جي ٻولي سکج. پنهنجي رهائش اميرن جي گهرن ۽ پرفضا ٻيلن ۾ نه رکج. رمتو جوڳي تي هلندو هلج، جتي پيئي اُتي وهاڻي، جهونپڙي ۾ يا رستي تي. جهگين وارا ئي تنهنجي ڳالهه کي ڌيان سان ٻڌندا ۽ تنهنجو ڪم اتي ئي ٿيندو.
    گوتم ٻڌ جو مذهب پهريون مذهب هو، جنهن جو پرچار ڪري سگهجيو ٿي. ان کان اڳ جا مذهب نسلي هئا يا مقامي هئا. پوڄارين جو ديوتائن سان ويجهڙائپ وارو لاڳاپو هوندو هو. مذهب کي عقيدي ۽ اخلاقي تعليم سان ڪو به واسطو نه هو. اهو بس رسمن جو اهڙو ميڙ هو، جن کي ادا ڪرڻ، خاص قبيلن ۽ گهراڻن جو حق ۽ فرض هو. ٻڌ ڌرم انسان جي نظر کي ايترو ته اتانهون ڪيو، جو اهي برادري ۽ ذات نسل ۽ ملڪ، ريتن ۽ رسمن، سوڻن ۽ ساٺن کي پورو ڪندڙ ديوتائن ۽ ديوين جي حد کان لنگهي، سڄي انسانذات کي ڏسي سگهي. غور ڪبو ته خبر پوندي ته ان ۾ اهي سڀئي گڻ هئا، جيڪي تهذيب ۾ جان وجهي سگهيا ٿي. ان ۾ اها اعتدال پسندي هئي، جيڪا يوناني تهذيب جو جوهر مڃي ويندي هئي. اها خاڪساري هئي، جنهن عيسائي مذهب کي مٿانهون ڪيو. اها برابري جيڪا اسلام جو اهم ٿنڀ آهي ۽ پوءِ کيس هڪ شهنشاهه اشوڪ جهڙو پرچارڪ مليو، جنهن پنهنجو تاج لاهي پيرن ۾ رکي ڇڏيو. پر ٻڌ ڌرم کي ماحول گهڻو خراب مليو هو. ان جا رهبر عام خيالن کان متاثر ٿي جوڳي ۽ ويراڳي ته نه ٿيا، پر دنيا کان ڌار ته ٿي ويا. نيڪ زندگي انهن جو ئي حصو سمجهڻ لڳي ويئي، جيڪي دنيا کي تياڳي ڇڏين. برابري رهي پر هيٺ مٿاهين ميل ميلاپ جو زور نه رهيو. مذهب ڪتابن ۾ ۽ عالمن جي دماغن ۾ بند ٿيڻ لڳو ۽ نيٺ نوبت اتي اچي پهتي، جو گوتم ٻڌ ديوتا بنجي ويو. پوءِ ان مندرن ۾ سندسن مورتيون رکجڻ لڳيون. هو ڪامل انسان جو نمونو نه رهيو، پر خدا بنجي ويو، آزادي جيڪا هن سيکاري هئي، گرفتاري جو هڪ نئون نمونو بنجي ويئي.
    پر اهو ئي زمانو، جيڪو صحيح مذهب ۽ اخلاق جي لحاظ کان زوال جو زمانو هو، ٻڌ ڌرم جي پکيڙ جو زمانو به اهو ئي هو. اهي نسل جيڪي ”تارم جي ماٿريءَ“ مان نڪري ترڪستان، افغانستان ۽ ڪنشڪ جي دور ۾ هندستان جي وڏي حصي تي قبضو ڪري ورتو هو، گوتم ٻڌ کي مڃڻ لڳا هئا ۽ انهن ئي رستن تان، جيڪي يوناني، رومي ۽ چيني سپهه سالارن دريافت ڪيا هئا، ٻڌ ڌرم تبت، تارم جي ماٿري، منگوليا ۽ چين پهچي ويو. تهذيب جي بازار ۾، جيڪا ان وقت خوب گرم هئي، هندستان جو مال، ان جو مذهب، ان جو علم ۽ ان جا پرچارڪ ۽ اهو مال اهڙو هو، جنهن جي سوين سالن تائين گهرج رهي. عام مذهب بنجڻ جي لاءِ ٻڌ ڌرم پنهنجون اعليٰ خصوصيتون ته گهٽ ڪري ڇڏيون، پر ان يوناني، ايراني، چيني ۽ هندستاني قومن کي، جن جو ان وقت هڪ ٻئي سان ميل جول هو، هڪ ٻئي جو اثر قبولڻ جي لائق بنائي ڇڏيو ۽ اها ان جي ئي پيدا ڪيل بي تعصبي ۽ نظر جي وسعت جو نتيجو آهي، جو اسين چين، هندستان ۽ ايران ۾ تهذيب جي هڪ نئين ۽ روشن دور کي شروع ٿيندي ڏسون ٿا.
    هندستاني تهذيب جو نئون دور ”گپت عهد“ جي تهذيب سڏجي ٿو. پر اصل ۾ اهو گپت دور کان گهڻو اڳ شروع ٿيو ۽ ڪن حصن ۾ ان کان گهڻو پوءِ تائين هليو. ان جو مرڪز اوڀر ۾ نه هو، پر اولهه ۾ هو. اهو واپاري رستي تي جيڪو ”بروچ“ ۽ ”سورت“ جي بندرگاهن کان اتر طرف مٿرا کي ۽ يورپ کي ”پرياگ“ ۽ ”پاٽلي“ پتر تائين هليو ويندو هو. ان حصي، جنهن کي هاڻ اسين ”مالوه“ ۽ گجرات سڏيون ٿا، سوين سالن تائين ”سڪ“ ۽ ”ڪشان“، يعني ان نسل جا ماڻهو جيڪي پوءِ ”ترڪ“ سڏيا ويا، حاڪم رهي چڪا هئا. هتي اوهان کي ان زماني ۾ ايراني، يوناني، عرب، سڀني قسمن جا ماڻهو ملندا، جن ۾ اسان جي پنهنجي ديس جا ماڻهو وڏي حيثيت رکن ٿا. ٻي طرف ڪابل ۽ پشاور کان ٽيڪسلا ۽ مٿرا تائين جيڪو رستو ايندو هو، ان جي ذريعي به هندستان اندر وڏي دولت پهتي ۽ هتان هُتان جيڪو به آيو، اهو گپت بادشاهت جي درٻار ۾ پهتو. آريا ڳوٺن کي پسندا ڪندا هئا، تن کي شهرن جي رهڻي ڪهڻي هڪ اک به نه وڻي. گپت تهذيب شهري تهذيب هئي، جنهن ۾ اصل نعمت شائستگي، نفاست، ڏڻ، ميل ميلاپ، سير تماشا ۽ ان قسم جون شيون هيون. آرين جي زماني ۾ دولت، زمين ۽ زمين جي پيداوار هئي. گپت دور ۾ صنعت ۽ واپار تي ڀروسو هو ۽ اهو ئي سبب آهي، جو ان زماني ۾ ٻڌ ڌرمي پرچارڪن جي رهنمائي ۾ هندستانين، مصر کان وٺي چين ۽ جاپان تائين پنهنجو ڪاروبار پکيڙيو. آريا ڌرم کي سڀ کان وڏو مرتبو ڏيندا هئا. کين سڀ کان وڏو فڪر مذهب، فلسفي ۽ قانون جو هو ۽ هو زندگي کي پنهنجن عقيدن جو پابند رکڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. گپت دور ۾ مهذب زندگي جو لطف ماڻڻ سڀني جو حوصلو ۽ سڀني جو ڌرم هو. ان زماني ۾ ادب ۽ فنون لطيفه پنهنجا ڪرشما ڏيکاريا ۽ دولت ۽ آسائش، ملڪ کي هڪ رنگين باغ بنائي ڇڏيو.
    هڪ دور جي ٻي دور سان ڀيٽ ڪرڻ جو منهنجو مقصد اهو ڪونهي، ته هڪ کي ٻي کان مٿڀرو ثابت ڪيو وڃي، پر اهو ڏيکارڻ آهي ته اهو سلسلو موهن جي دڙي جي تهذيب کان شروع ٿيو ۽ گپت دور تائين اچي شهري تهذيب تي ختم ٿيو ۽ جيڪڏهن اسين ان زماني جي تاريخ کي هڪ سلسلو مڃي وٺون ته اسين اهو ڏسنداسين ته اهو مڪمل هو. ان ۾ اپنشندن ۽ ڀڳوت گيتا جي تعليم به اچي وڃي ٿي ۽ گوتم ٻڌ جي ڪامل شخصيت ۽ رگ ويد جا ڀڄن ۽ ڪاليداس جا اهي نظم به، جن آزاد انسان ۽ ان جي زندگي جي منظرن، موسم، فضا جي خوشبوءِ سان وسائي ڇڏيو ۽ سڀني کي هڪ لڀائيندڙ تصوير جا مختلف رنگ بنائي ڇڏيو. ان ۾ آريا ڀٽ ۽ برهم گپت جو علم اچي وڃي ٿو ۽ پنج تنتره جون اهي بي مثل ڪهاڻيون ۽ نصيحتون به، جن هندستان جي حڪمت ۽ دانائي جو سڄي دنيا ۾ ڏونڪو وڄايو، تنجورا ۽ مدورا جا مندر ۽ اجنتا جي مصوري، بادشاهت جو بندوبست ۽ واپارين جي حوصلي مندي به. مطلب ته اهي سڀئي شيون، جن کي حاصل ڪرڻ انسان جو حصو سمجهيو ويو آهي ۽ اهي سڀئي خواهشون جن ۾ تڙپڻ انساني زندگي جو شان آهي.


    (8) عيسائي مذهب

    هاڻ اسين ان زماني تائين اچي پهتا آهيون، جڏهن اها ويڳاڻپ، جيڪا فاصلن، قدرتي رڪاوٽن ۽ مذهب جي فرق جي ڪري قائم هئي، مٽجي چڪي هئي. هاڻ ڪو وڏو ملڪ، ڪا وڏي قوم عقيدن ۽ روايتن جو ڪو وڏو سلسلو نه هو، جيڪو پنهنجو پاڻ کي دنيا کان ڌار رکي سگهيو هو. اڄڪلهه جيان اچ وڃ جون سهولتون نه هيون، پر دنيا وڏي ٿي ويئي هئي. ملڪ گيري جي حوصلي، جيڪي سامراج ٺاهيا هئا، انهن سڀني جي گڏجڻ سان سامراج جو هڪ نئون تصور تيار ٿي رهيو هو، جنهن جي ڪا به حد مقرر نه هئي ۽ جيڪو خدا جي خدائي سان برابري جي دعويٰ ڪري سگهيو ٿي. انسان جي فطرت ته نه بدلي هئي، البت ان جون گهرجون اهي ئي رهيون ۽ انهن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ نوان طريقا ڳولجي نه سگهيا، پر هاڻ انسان کي اوچتو ايندڙ آفتن جو ۽ کليل ظلمن جو هڪ جي غرضن ٻين جي مجبوري، هڪ جو عيش آرام ۽ ٻي جي محتاجي جو احساس ايترو ته وڌي ويو هو، جو قدرت جي پوڄا، ساديون سوديون ڳالهيون، رنگ برنگي ڪهاڻيون ان جي تسڪين جي لاءِ ڪافي نه هيون. هاڻي هڪ جي لاءِ حقيقت اها ئي شئي ٿي سگهي ٿي، جيڪا سڀني جي لاءِ هڪ جهڙي حقيقت هجي. جيڪا امير ۽ غريب، خوشحال ۽ بدنصيب کي ڌار ڌار ذاتين ۾ نه ورهائي، پر ان جي هدايت ۽ ان جو سهارو بنجي وڃي ۽ دنيا ۾ نه ته خدا جي اڳيان ته سڀني کي هڪ ئي سطح تي کڻي اچي. سمجهو ته اهو هڪ مطالبو هو، جيڪو ان وقت جي حالتن ۽ زندگي، انسان جي سامهون پيش ڪيو ۽ ان وقت جا عالمگير مذهب ڀانت ڀانت جا جواب آهن، جيڪي انسان جي ديني جذبي، ان جي طرفان ڏنا. گوتم ٻڌ، ان جي تعليم ۽ ان جي پکڙجڻ جو حال اوهان کي ٻڌائي چڪو آهيان. خاص طور تي ايران ۾ زرتشت جو مذهب اڳ کان ئي موجود هو، جنهن ۾ اسان کي نئين ڳالهه اها ملي ٿي ته سنسار ۽ انساني زندگي، هرمزد ۽ اهرمن نيڪي ۽ بدي جي قوتن جي وچ ۾ جنگ جو ميدان قرار ڏني ويئي ۽ ان زماني ۾ ان تعليم مٿرا جو ڌرم بنجي اولهه ۽ ڏکڻ ۾ وڏي پئماني تي پکڙيو. اسڪندريه ۾ سڪندر جي سپهه سالار پٽو لمي (بطليموس) هڪ ڪتب خانو ۽ يونيورسٽي قائم ڪئي هئي، جتي ان وقت جي مذهبن عقيدن ۽ ديوتائن جي علم ۽ عقل تي زور ڏئي، عالمگير حيثيت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پي ويئي. پر حضرت عيسيٰ جي جنم کان پنجاهه سال اڳ، ان ڪتب خاني ۾ باهه لڳي ويئي ۽ هتان جو علمي ڪاروبار گهٽجي ويو. ٻڌ ڌرم کان پوءِ جيڪا تعليم واقعي به عالمگير هئڻ جي دعويٰ ڪري سگهي ٿي، اها حضرت عيسيٰ جي تعليم هئي ۽ ان جي ئي شخصيت هئي، جيڪا سڀني بادشاهن ۽ ديوتائن تي ڇانئجي ويئي.
    حضرت عيسيٰ عليه السلام جي شخصيت کي گوتم ٻڌ ۽ زرتشت جي شخصيتن ۽ عقيدن سان ڪو به سروڪار نه هو. هو پنهنجو پيغام ٻڌائڻ دوران ان ڳالهه جو خيال رکندو هو ته هو ڪنهن کي مخاطب ٿي رهيو آهي، پر هن جي ذات ۾ حضرت ابراهيم يا حضرت موسيٰ نئون جنم ورتو هو. هن جي نظر ۾ پنهنجي ئي هڪ قوم يا سماج نه هو، هو انهن جي ڌرم يا انهن جي روايتن ۽ صحيفن کي ان نئين دنيا ۾، جيڪا هن ٺاهڻ ٿي چاهي، پر ان کان پوءِ جڏهن سندس مڃيندڙن وٽ هڪ جيئري جاڳندي شخصيت جو سهارو نه رهيو ۽ ان ۾ زندگي پنهنجي مذهب، پنهنجي عبادت کي هڪ ظاهري شڪل ڏيڻ جي گهرج محسوس ٿي ته، ان تي هر پاسي کان اثر پوڻ لڳو. کيس قومن جي فطرت ۽ عادت، انهن جي مزاج ۽ انهن جي ذهنيت جو لحاظ رکڻو هو. کين اهڙن سوالن جا جواب ڏيڻا هئا، جيڪي حضرت عيسيٰ کان پڇڻ کان ڪنهن جو به ڌيان نه وڃي ها. پر جن جي حضرت عيسيٰ کان پوءِ هر پاسان بوڇاڙ ٿيڻ لڳي هئي. هڪ تمام وڏي ڳالهه اها هئي ته هزارين لکين ماڻهو، جيڪي عيسائي مذهب اختيار ڪري رهيا هئا، انهن جي پالنا ٻين عقيدن تي ٿي هئي. هنن پنهنجو مذهب ته بدلايو، پر پنهنجي ذهن ۽ تخيل جون عادتون نه بدلائي سگهيا ۽ پهرين تصورن جا نقش پنهنجي دل تان مٽائي نه سگهيا. تنهن ڪري اسين ڏسون ٿا ته حضرت عيسيٰ جي تعليم کي ڪليسا ۽ قانون عبادت جي طريقن ۽ نيڪ زندگي جي هڪ خاص مفهوم ۾ جنم ورتو، جيڪو سندس اصل تعليم کان ڪوهين ڏور هو. پر ان زماني جا خيال، حوصلا ۽ تصور سمائجي ويا ۽ ايئن حضرت عيسيٰ جي تعليم وقت ۽ ماحول جي سانچي ۾ وڌي ويئي.
    ان سبب جي ڪري اهو ضروري آهي ته اسين ان زماني جي مذهبن تي ۽ انهن ماڻهن جي حالتن تي روشني وجهون، جيڪي مذهب جو سڀني کان ججهو قدر ڪن ٿا. حضرت عيسيٰ فلسطين ۾ جنم ورتو، تنهن ڪري سندس تعليم کي نه ته ان شڪل تي جيڪا ان تعليم ماڻهن جي دلين ۾ اختيار ڪئي، انهن جذبن تي جنهن کي هن ڇيڙيو، انهن حوصلن تي جنهن کي هن اڀاريو، جن يهودين تي سيرت روايتن ۽ حالتن جو گهرو اثر پيو. يهودي، فلسطين ۾ ان شاهراه تي آباد هئا، جيڪا مصر کان شام ۽ عراق ويندي هئي. ان رستي تان واپارين جا قافلا لنگهندا هئا ۽ انهيءَ تان فوجون به لنگهنديون هيون. پوءِ فلسطين ۾ سمنڊ جي ڪناري تي واپار ۽ واپاري قومن جا ٻه وڏا مرڪز هئا. اهڙي طرح يهودي صدين تائين مصر ۽ بابل جي جنگين ۾ پيسجندا ۽ فونيقي واپارين جي هٿان ڦرجندا رهيا. بابل جي هڪ بادشاهه بغاوت جي سزا ۾ کين سندن وطن مان لڏائي بابل ۾ وڃي رهايو ۽ پرديس جي قيد مان ڇٽا ته هنن جون پاڻ ۾ لڙايون شروع ٿي ويون. جڏهن حضرت عيسيٰ پيدا ٿيو ته فلسطين جي ڏکڻ ۾ رومين جي حڪومت هئي ۽ اتر ۾ ان جي ماتحت هڪ ليمي رياست هئي، جيڪا انهن کان به وڌيڪ بي پروائي ۽ ظلم ڪندي هئي. رومين ٻين به ڪيترن ئي ملڪن کي جيتيو هو ۽ قومن کي پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙيو هو. هنن رڳو فلسطين ۾ ئي نه، پر هر هنڌ دلين کي زخمي ۽ همتن کي ٽوڙيو هو. هنن هر هنڌ ڪجهه اميرن جي لاءِ دولت ڪمائڻ سولي ڪري، لکين غريبن کي رت ۽ مٽي ۾ گڏي ڇڏيو هو. پر ٻي ڪنهن به هڪ قوم يا ملت هئڻ جو ايترو احساس نه هو، جيترو يهودين ۾ هو. ٻين هنڌن جا ماڻهو جيڪڏهن ڪڏهن پنهنجو پاڻ کي ڪنهن سورمي جو اولاد سمجهندا هئا ته ان وقت تائين هو اها ڳالهه وساري چڪا هئا. ڪڏهن هو پنهنجي خاص ديوتا جي سامهون سرجهڪائيندا هئا ته هاڻ ان سان گڏ ڪيترن ئي ٻين ديوتائن کي به پوڄڻ لڳا هئا. يهودين ۾ اهو گڻ هو ته هو شروع کان ئي هڪ خدا کي مڃيندا هئا ۽ آخر تائين ان کي ئي مڃيندا رهيا. هنن ان جو ٻين جي ديکا ديکي نالو نه بدلايو ۽ جيڪڏهن ڪنهن ان کان ڦري به ويا ته به ان سان گڏ ڪنهن ٻي کي شريڪ نه ڪيائون. بابل جي اسيري جي زماني ۾، جيڪو حضرت عيسيٰ کان پنج ساڍا پنج سؤ سال اڳ گذريو، هو خدا کي پنهنجي نسل جو ئي نه پر سڄي جهان جو خدا مڃڻ لڳا ۽ واپس پنهنجي وطن اچڻ کان پوءِ هو پنهنجن عقيدن جو پرچار به ڪرڻ لڳا، جنهن جو کين اڳ ۾ ڪڏهن به خيال نه ٿيو هو. پر جيڪڏهن سندن مذهب آزمائش ۽ امتحان ۾ پورو لٿو ته سندن زندگي ۽ دنياوي حيثيت بگڙجندي رهي. هو نه ڪڏهن مڪمل طور تي آزاد ٿي سگهيا ۽ نه ئي وري ڪڏهن کين اهو اطمينان نصيب ٿيو، جيڪو گهرج پوري ٿيڻ ۽ هڪ ڍنگ جي زندگي گذارڻ سان حاصل ٿئي ٿو. عزت ۽ آسودگي جي خواهش جڏهن هڪ ڀيرو اڀري ته ان هڪ اهڙي شخصيت جو روپ اختيار ڪري ورتو، جيڪو مسيحا به هجي ته شهنشاهه به. جيڪو دين کي به پکيڙي ته بي ديني کي به مٽائي، ظلم کي به دور ڪري ته انصاف کي به تخت تي ويهاري ۽ يهودين کي دنيا جي حڪومت ڏيئي. انهن وعدن کي پورو ڪري جيڪو پيغمبرن ساڻن ڪيو هو ته مذهب ۾ سچا ٿيا ته دنيا ۾ پڻ سرخرو ٿيندا.
    خبر ڪونهي ته حضرت عيسيٰ ان طريقي سان مسيحيائي ۽ شهنشاهي جي دعويٰ ڪئي يا نه، جيئن يهودين جي قومي روايتن ۽ اڳڪٿين موجب ڪرڻ کپي ها، پر جيڪڏهن هو ڪري به ها ته سندس شخصيت کي ڏسندي، کيس اهو حق هو. سندس يهودي پوئلڳن جي دلين ۽ عقيدن کي ان مسيحيائي ۽ شهنشائي جي اميد سگهارو ڪيو هو ۽ جڏهن انجام ڪجهه ٻيو نڪتو ته هو بوکلائجي ويا ۽ انجيل جي روايت موجب، سندس سڀ کان وڏي پوئلڳ ته هڪ موقعي تي سندس پوئلڳ هئڻ کان به نابري واري. حضرت عيسيٰ جو پيغام، جن ماڻهن سڀ کان پهرين ٻڌو، اهي غريب ۽ مصيبتن جا ماريل هئا. عيسائي مذهب شروع ۾ هر هنڌ هيٺ کان وٺي مٿي تائين پکريو. غريبن کان اميرن، حاڪمن کان محڪومن، مظلومن کان ظالمن تائين پهتو ۽ ان تي مسڪيني ۽ مظلوميت جو رنگ چڙهي ويو، جيڪو حضرت عيسيٰ جي شخصيت جي حوصلي مندي ۽ خودداري سان نباهي نٿو سگهجي. جيئن ته نادار ۽ محتاج، جن سڄي زندگي ڏک سٺا ۽ مصيبتن مان گذريا هئا، حضرت عيسيٰ جي تعليم جو پرچار ڪندا هئا. انهن ماڻهن جي زندگي سچي عيسائي هئڻ جو نمونو سمجهي ويندي هئي ۽ دين ۽ دنيا جي وچ ۾ هڪ اوپرائپ پيدا ٿي ويئي، جيڪا حضرت عيسيٰ جي اصل تعليم ۾ نه هئي. گوتم ٻڌ جيان، حضرت عيسيٰ انسان جي نيت کي زندگي جي باهه ۾ سڙي کوٽ کان پاڪ هئڻ سکياريو. مٽي ۾ ملي ۽ آسمان جو سير ڪري ذات ۽ نسل، دولت ۽ افلاس، رنج ۽ راحت، ڪاميابي ۽ ناڪامي کي حقير ۽ ذليل سمجهڻ جي تدبير ٻڌائي. انسان کي ادنيٰ نعمتن جي غلامي کان آزاد ڪري، کيس اهو زبردست حوصلو ڏنو ته خدا جي گڻن جو ايئن ئي هڪ نمونو بنجي وڃي، جيئن ذرو آفتاب جو هوندو آهي. گوتم ٻڌ جيان حضرت عيسيٰ به اهڙن کي پنهنجي ڇانوَ ۾ پناهه ڏني، جن کي دنيا ناپاڪ سمجهي ذلت ۽ حقارت جي گپ ۾ وهنجاريندي هئي ۽ کين ڏسي پنهنجو منهن ڦيري وٺندي هئي. حضرت عيسيٰ نه رڳو اهڙن کي پناهه ڏني، پر انهن جي ندامت کي خدا جي نظرن ۾، ان قانون پرستي کان وڌيڪ سٺو قرار ڏنو، جيڪا تنگ نظري يا خودپسندي پيدا ڪري. حضرت عيسيٰ ۽ گوتم ٻڌ جي تعليم ۾ فرق رڳو ايترو هو ته، گوتم ٻڌ پنهنجي شخصيت جو مثال پيش ڪرڻ کان سواءِ انسان کي بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو هو ۽ حضرت عيسيٰ ان کي خدا جي ذات ۽ ان جي رحمت جو سهارو ڏنو. اهڙو سهارو، جيڪو يهودين کي نصيب نه هو. جيتوڻيڪ هو به ان ئي خدا کي مڃيندا هئا. يهودين جي قومي مزاج ۾ لاچاري جي جيڪا ڪاوڙ هئي ۽ پيغمبرن کين سڌي راهه تي هلائڻ جي لاءِ جنهن نموني عذاب کان ڊيڄاريو، ان جو مجموعي اثر هيءُ ٿيو ته انهن جي عقيدي ۾ خدا جو انصاف سندن رحم تي غالب اچي ويو. هو اهڙي قانون پرست ۽ لڪير جا فقير بنجي ويا، جو هنن هڪ ڀيرو بيت المقدس کي فتح ٿيڻ ڏنو. رڳو ان ڪري ته دشمنن ڇنڇر جي ڏينهن ”يوم سبت“ جي ڏينهن هلو ڪيو هو، ۽ الله ان ڏينهن ڪاروبار بند رکڻ ۽ عبادت ۾ رڌل رهڻ جو حڪم ڏنو هو. حضرت عيسيٰ ماڻهن جي دلين مان سزا جو ڊپ ڪڍي ڇڏيو ۽ کين سمجهايو ته انصاف قانوني انصاف ڪونهي، ان جي تعليم ۾ اسين عملن جو ڪو به اهڙو حساب ڪتاب نٿا ڏسون، جهڙو آريا فلسفين ۽ ٻڌ ڌرمين وٽ ڪرم ۽ آواگون جي عقيدن ۾ ظاهر ٿئي ٿو. حضرت عيسيٰ جي نظر عيب يا ڏوهه تي نه هئي، پر هن جون نظرون اڳتي ۽ مٿاهين طرف ڄميل هيون، جنهن کي هو آسماني بادشاهت چوندو هو. هڪ اهڙي زندگي، جنهن ۾ انسان جو ارادو خدا جي مرضي ۾ گم ٿي وڃي. جنهن ۾ انسان نيڪ ۽ بد جي تميز کان گذري وڃي ۽ دنيا کي ساڳي طرح فيض ڏيندو رهي. جيئن قدرت جو اهو انتظام، جنهن جي آڌار تي سٺي ۽ خراب ٻنهي جي لاءِ سج چمڪي ٿو، هوا هلي ٿي يا مينهن وسي ٿو. پر ان زندگي جي لاءِ ميدان صاف ڪرڻ جي گهرج هئي، انسان جي لاءِ هڪ نئون جنم وٺڻ ضروري هو، ته جيئن ان ۾ ٻارڙن جهڙي معصوميت ۽ فرشتن جهڙي ڏاهپ پيدا ٿئي. دنيا جي پراڻي نظام کي درهم برهم ڪري هڪ نئون نظام قائم ڪرڻ هو، جنهن ۾ اهو سڀني کان وڏو هجي، جيڪو پاڻ کي سڀني کان ننڍو سمجهي، سڀني تي حڪومت اهو ڪري جيڪو پاڻ کي سڀني جو غلام مڃيندو هجي.
    يعني حضرت عيسيٰ پنهنجي تعليم جي ذريعي هڪ وڏي ديني ۽ دنياوي انقلاب کي منهن ڏيئي رهيو هو ۽ ان ئي ڊپ سبب يهودين جي مذهبي اڳواڻن گڏجي اهڙي وقت سندس زبان بند ڪري ڇڏي، جڏهن هو اڃا پنهنجي ڳالهه چئي به نه سگهيو هو. سندس شخصيت ۽ سندس تعليم ايترو ته اثر ڏيکاري چڪي هئي، جو زخمي دلين جو مرهم بنجي وڃي ۽ چٿيل خواهشن کي سرسبز بنجڻ جي لاءِ اميد ڏيکاري. پر اها حقيقت جو رنگ روپ اختيار ڪري نه سگهي هئي، جو هڪ افسانو بنجي ويئي ۽ انهن ڪجهه ڳالهين تي، جيڪي ماڻهن جي ذهنن ۾ ويهي رهيون هيون ۽ ڪجهه واقعا جيڪي انهن ٻڌا ۽ ڏٺا هئا، هڪ اهڙو مذهب ۽ سماجي قانون ٺاهي بيهارڻ ڏکيو هو، جيڪو حضرت عيسيٰ جي خواهش ۽ ارادي موجب هجي ها. ”سينٽ پال“ جنهن عيسائي مذهب جي پرچار ۾ سڀني کان وڌيڪ ڪم ڪيو ۽ جنهن کي عيسائي ملت جي نظام جو باني سمجهڻ کپي، حضرت عيسيٰ سان ملڻ ته ڇا، کيس ڏسي به نه سگهيو هو. هو ان وقت جي سڀني مذهبن جو اڀياس ڪري چڪو هو ۽ هو جڏهن عيسائي ٿيو ته سندس پراڻي علم سندس نون عقيدن کي پنهنجي رنگ ۾ رنگي ڇڏيو. ان ۾ سچائي هئي ۽ جوش هو، پر نئين ملت کي هدايت ڏيڻ ۽ قانون جوڙڻ جو جيڪو کيس فرض ادا ڪرڻو پيو، اهو دراصل خود حضرت عيسيٰ کان سواءِ ٻيو ڪو به ڪري نه سگهي ها. پر سينٽ پال کي به ايتري مهلت نه ملي، جو هو پنهنجو ڪم پورو ڪري سگهي ۽ جڏهن اهو نئون مذهب علم ۽ تهذيب جي پراڻن مرڪزن اٿينس، اسڪندريه ۽ روم ۾ پهتو ته کيس هڪ اهڙو لباس ۽ وضع قطع اختيار ڪرڻي پئي، جنهن ۾ سندس شڪل سڃاڻڻ به ڏکي ٿي پئي. ديوتائن جو انسانن جي روپ ۾ جنم وٺڻ، پراڻن مذهبن جي ڏندڪٿائن ۾ هڪ معمولي واقعو هو، پر حضرت عيسيٰ کي خدا جو پٽ ۽ ڏاتار بنائي ڇڏڻ، جنهن خود هن ڳالهه ۾ پاڻ به ان جي دعويٰ نه ڪئي هئي، هڪ زبردستي جي عزت افزائي هئي، جنهن سندس شخصيت کي پردي ۾ لڪائي ڇڏيو ۽ اهو ڳجهه سمجهائڻ جي لاءِ اهي مسيح جن مان اها اميد هئي، جن بابت اڳڪٿي ڪئي ويئي هئي ته اهي يهودين جا بادشاهه ٿيندا ۽ انهن جي ذريعي خدا پنهنجي انصاف جو نظارو ڏيکاريندو. اهي عيسائي ڪيئن ناڪام ٿيا، جن جي زندگي ۽ انهن جي انجام کي سڀني انسانن جي گناهن جو ڪفارو سمجهڻ هڪ اهڙي تشريح هئي، جنهن جي حضرت عيسيٰ جي تعليم ۾ ڪا به سند نٿي ملي. اسان کي ان سان ڪو به مطلب ڪونهي ته حضرت عيسيٰ جي اوتار هئڻ جو عقيدو ڪهڙي قوم جي ڏندڪٿا مان ورتو ويو. تثليث يعني خدا، عيسى ۽ روح القدوس جي ٽن مان هڪ هئڻ جو خيال، مصري تثليث السيس الاسي رس، هورس جو جواب آهي يا هڪ عقيدو، جيڪو پنهنجو پاڻ ئي پيدا ٿي ويو. پر اسين اهو ڏسون ٿا ته شروع کان ئي عيسائين ۾ هر عقيدي جا ماڻهو هئا. ڪي حضرت عيسيٰ کي خدا جو پٽ ڪري مڃيندا هئا، ته ڪي وري کيس خد اجو هڪ معمولي ٻانهون، جنهن کي پيغمبري جو درجو ڏنو ويو. ڪي وري سندس زندگي ۽ ان جي انجام کي انساني گناهن جو ڪفارو سمجهندا هئا، ته ڪي ان کي نج قرباني ۽ خدمت جو سٺي ۾ سٺو مثال ڪري مڃيندا هئا. انهن اختلافن ۽ بحثن، جيڪي انهن کي مٽائڻ جي لاءِ ڪيا ويا، ماڻهن جي نظرن کي اصل شي تان هٽائي ڇڏيو. ايثار ۽ خدمت جو جذبو ته هڪ طرف اڀري چڪو هو، جو هاڻ اهو دٻائڻ ڏکيو ٿي پيو هو، پر حڪومت جي شڪل جيڪا ڪليسا اختيار ڪئي ۽ منجهن ڏسندي ئي ڏسندي جيڪو ديندار ۽ دنيادار جو فرق پيدا ٿي پيو، ان سڀ ڪم بگاڙي ڇڏيو ۽ اهو ذهني ۽ معاشرتي انقلاب، جيڪو حضرت عيسيٰ جي دل ۾ هو، سورج جيان سدائين پري کان ئي نظرن کي موهيندو ۽ شوق کي دوکو ڏيندو رهيو.


    (9) اسلام

    گوتم ٻڌ جي تعليم چين، تبت ۽ اوڀر ايشيا جي خانقاهن ۾ تياڳي بنجي ويهي رهي هئي. حضرت عيسيٰ جي تعليم ڇهن سؤ سالن تائين اولهائين دنيا ۾ مٿو ماري ڪري چڪي هئي ۽ ان جي پوئلڳن جي جهيڙي، ان تان جڳ کلاساڻي ڪرائي رهي هئي. پراڻا ديوتا بت بنجي رهجي ويا هئا ۽ انهن کي مڃيندڙ زندگي ۽ ان جي ڪٺن ڌنڌن کان ڌار ٿي خليفي جي شانتي ۽ ويچارگي ۾ پناهه وٺي رهيا هئا. سياسي دنيا ۾ به اهڙي ئي ابتري هئي. هيڏانهن هندستان جي گپت تهذيب کي، هوڏانهن روم جي شاندار سلطنت کي وحشي نسلن تباه ڪري ڇڏيو هو. چين ۾ رياست ۽ تهذيب ٻئي ترقي ڪري رهيون هيون، پر پنهنجي ڪنڊ ۾ ايران ۾ ساساني گهراڻي هڪ وڏي سلطنت قائم ڪئي هئي. جڏهن ته اها روم جي اوڀرندي سلطنت، جنهن جو مرڪز قسطنطنيه هو، ٽڪرائجي، پنهنجو مٿو ڦاڙائي چڪي هئي. ان ۾ ڪجهه رونق ته هئي، پر زندگي نه هئي. بادشاهن جي بي لگامي ۽ مذهبي اڳواڻن جي فساد ان کي اندران ئي اندران کوکلو ڪري ڇڏيو هو. هي اهو وقت هو، جڏهن ايراني ۽ رومي شهنشاهن جي درٻارين ۾ عربستان مان سفير آيا، جيڪي ڏسڻ ۾ ته غريب ريڊار ٿي لڳا، پر هنن، انهن بادشاهن کي اسلام قبول ڪرڻ، يعني هڪ خدا کي مڃڻ ۽ حضرت محمد ﷺ کي ان جو رسول مڃڻ جي دعوت ڏني.
    اسلام هڪ ڊگهي سلسلي جي آخري ڪڙي آهي. اهو پنهنجو پاڻ کي ايترو ئي پراڻو ٿو ٻڌائي، جيترو انسان ۽ ان جي انسانيت ۽ ايترو ئي تازو ۽ نئون، جيترو اڄ جون خواهشون. اهو پنهنجو رشتو هر قوم ۽ ان جي قوم جي ديني اڳواڻن سان جوڙي ٿو. انسان جي فطرت ۽ ان جو عقل، اسلام جي زمين آهي. انسان جي دل ۽ ان جا حوصلا اسلام جو آسمان، ان جي نظر ڪنهن هڪ زماني ۽ ڪنهن هڪ حالت تي ڪونهي. اهو ڌار ڌار ماڻهن جو ئي نه، قومن ۽ سماجن جو ئي نه، پر سڄي انسانذات جو مذهب آهي. اسلام تاريخ مان سگهه حاصل ڪئي. انساني زندگي ۽ ڪٿي دين ۽ دنيا جي نالي جا ٻه ٽڪر ڪري ٿي ڇڏي ۽ ديني جذبي کي شخصي مذاق ۽ رجحان جي شڪل ماني تي پالي ٿي ۽ نه ئي وري روحانيت مان اها بدگماني حاصل ٿئي ٿي، جيڪا عقل ۽ تجربي کان سواءِ هدايت جي ۽ سڀني ذريعن کي ڇڏڻ سان ترقي جي هر رستي کي هڪ بند گهٽي بنائي ٿي ڇڏي.
    اسلام هڪ خدا کي مڃڻ جو حڪم ڏنو آهي. يهودي به هڪ خدا کي مڃين ٿا، پر هو کيس خاص پنهنجو خدا مڃين ٿا. جيئن ڪو پنهنجي پيءُ کي پنهنجو پيءُ ئي سمجهندو آهي، پوءِ ڀلي اهو کيس ڌڙڪا ڇو نه ڏيندو رهي ۽ غيرن سان ضد ۾ ڪهڙو به کڻي سلوڪ ڪري. حضرت عيسيٰ عليه السلام، خدا جي رحم ۽ ڪرم ۽ ان جي خاص مهربانين کي نسل ۽ قوم جي قيد مان آزاد ڪرايو. پر عيسائين، حضرت عيسيٰ ۽ روح القدس کي خدا جي خدائي ۾ شريڪ ڪري، پنهنجي مٿي ۾ سور وجهي ڇڏيو ۽ پنهنجي سماج ۾ ڏڦير پيدا ڪري ڇڏيو. اسلام، وري ان مونجهاري کي سلجهائي ڇڏيو. خدا کي هڪ مڃيو، ان جي اوصافن کي جيستائين به ٿي سگهيو بيان ڪري ڇڏيو، پر ايئن جو اهي خدائي جون مختلف شڪليون هجن، پر خدا جون مختلف صورتون نه هجن ۽ انهن کي پاڻ ۾ ايئن گڏي ڇڏيو جو انسان پنهنجي هر حالت ۽ ڪيفيت ۾، خدا جي قدرت ڏسي سگهي. پر خدا جي ذات کي هڪ شڪل ڏيئي ان کي بت ٺاهي نه سگهن. اسلام ۾ خدا جو جيڪو تصور آهي ان ۾ آرين، رشين جي پرماتمائن، زرتشيتن، يهودين يهودوالهه يا الوهيم، يونانين جي لوگن ۽ عربن جي رب جو تصور شامل آهي ۽ هئڻ به کپندو هو، ته انسان جڏهن به ڏٺو ۽ جت به ڏٺو، ان ئي هڪ خدا کي ڏٺو.
    اسلام جو ٻيو عقيدو حضرت محمد ﷺ کي خدا جو رسول مڃڻ آهي. مذهبي زندگي جو نئون سلسلو شروع ڪرڻ جي لاءِ انساني تاريخ کي ڪٿي ٽوڙي نٿو، پر جتان به اهو ٽٽي ٿو، اتان کان اهو جوڙي ٿو. مسلمانن کي مڃڻ گهرجي ته هر قوم وٽ خدا پاران ديني ۽ دنياوي ترقي جو صحيح رستو ٻڌائڻ جي لاءِ رهبر موڪليا ويا. قومن انهن جون ڳالهيون سمجهيون يا انهن کان منهن موڙيو، تنهن ڪري انهن وٽ وڌيڪ رهنما موڪليا ويا يا انهن پنهنجي گمراهي جي سزا ڀوڳي. گويا اسلام جي تعليم اها آهي ته دنيا هڪ مدرسو آهي، جنهن ۾ پيغمبر استادن جي جڳهه تي آهن. ڪو به استاد اهو چئي نٿو سگهي ته مون کان سواءِ ڪنهن ڪجهه به نه پڙهايو ۽ ڪو به ڇوڪرو اهو چئي نٿو سگهي ته مون کي فلاڻي استاد يا ان مضمون مان جيڪو پڙهايو ويو آهي ان جو ڪو به مطلب ڪونهي. اسلام جو اهو عقيدو آهي ته اهي پيغمبر، جن ان کي دنيا ۾ پکيڙيو، اهو آخري پيغمبر هو، جيڪو اهو ٻڌائي ٿو ته بني نوع انسان کي آخري سبق پڙهائجي چڪو آهي. هڪ مڪمل سبق، جنهن کان پوءِ اهو سمجهڻ کپي ته هو پنهنجي تعليم مان وانڌا ٿي چڪا آهن. هاڻ کين مدرسي مان ٻاهر نڪري، پنهنجي استادن جو ۽ انهن جو جن مدرسو جوڙيو، حق ادا ڪرڻ ۽ دنيا ۾ جوهر ڏيکارڻ کپن.
    اسلام جو ٽيو عقيدو هيءُ آهي ته پيغمبر اسلام تي قرآن نازل ٿيو، جيڪو الهامي علم جو آخري ۽ مڪمل نمونو آهي. اسلام جي تعليم اها به آهي ته ٻين قومن جي نبين کي به الهامي علم نصيب ٿيو. يعني اهو علم انساني هدايت جو هڪ مستقل ذريعو آهي. ان ۾ ۽ دنياوي علم ۾ فرق هيءُ آهي ته دنياوي علم تجربي مان حاصل ٿئي ٿو. ان جو بنياد شڪ تي آهي ۽ اسان جي حواسن کي محدود ٿو رکي. الهامي علم قلبي واردات جو نتيجو آهي، ان جو بنياد يقين تي آهي. اسان جا حواس ان جا ٻانها آهن ۽ ان جي رهنمائي کان سواءِ انساني اک بي نور ۽ عقل بي شعور رهي ٿو.
    خدا، رسول ۽ وحي جي حقيقت کان سواءِ اسلام جي تعليم ۾ باقي جيڪو ڪجهه آهي، اهو انصاف ۾ سمايل علم ۽ تجربو آهي. وڏي ڳالهه اها آهي ته اسلام ان علم ۽ تجربي کي مذهبي رسم ۽ قانون جي ظاهري شڪل ڏئي پنهنجو مطالبو گهٽ ۾ گهٽ رکيو ۽ انسان کي فطرت ۽ زماني جي گهرجن جو خيال رکڻ جي وڌ ۾ وڌ آزادي ڏني، ته جيئن رسم ۽ قانون ڪنهن ايندڙ وقت جي زندگي ۽ انهن جي فرضن جي خلاف نه وڃي. گوتم ٻڌ ۽ حضرت عيسيٰ عليه السلام انسانن کي برابر ۽ هڪ ٻئي جو ڀاءُ قرار ڏنو، پر اهڙي ڪا به رسم قائم نه ڪئي، جيڪا سندن تعليم کي ماڻهن جي دلين ۾ تازو رکي سگهي. اسلام هڪ طرف جماعت سان نماز ۽ ٻي پاسي زڪوات جو قاعدو بنائي مساوات ۽ ڀائيچاري کي هڪ رسمي ۽ قانوني شڪل ڏيئي ڇڏي. جيڪڏهن غريب، امير، ديسي پرديسي هڪ ٻئي سان محبت ڪندا هجن ته ان کان بهتر ٻيو ڇا ٿي سگهي ٿو ته هو سڀ خدا جي سامهو گڏجي بيهن ۽ پنهنجي مسجد ۾ محبت جا ڏيئا روشن ڪن. پر جيڪڏهن سندن دليون هڪ ٻئي کان ڦري ويون هجن، جيئن اڄڪلهه هندستان ۾ آهي ته ڇا اهو گهٽ آهي ته هو ڪنهن اهڙي هنڌ تي گڏجن، جتي منجهن ڪو به فرق باقي نه رهي ۽ هو سڀ خدا جا ٻانها ٿي وڃن ٿا. ايئن ئي زڪوات ۾ پڻ باهمي امداد ۽ ڀائيچاري جي هڪ سولي صورت آهي، ته هر شخص، جنهن وٽ موڙي هجي، پنهنجي دولت جو ٿورو حصو ڪڍي ان مان رنڙ عورتن، يتيم ٻارن ۽ مصيبت ستايل ڀائرن جي مدد ڪجي. جماعت کي ته تمام وڏا اختيار آهن، اسلام، دولت کي امانت قرار ڏنو آهي ۽ جماعت جڏهن به چاهي، اها دولت واپس وٺي سگهي ٿي يا ان کي نئين سري سان ورهائي سگهي ٿي. پر جيڪڏهن جماعت ان اختيار مان فائدو نه به وٺي، تڏهن به زڪوات مان هزارين ڪم ٿي سگهن ٿا. اسلام اهو ٻڌايو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ ڇا ٿيڻ گهرجي، اڳتي ماڻهو کي جيتري به توفيق هجي، کيس دنيا ڏني ويئي آهي، هاڻ کيس جيئن وڻي، تيئن ڪري.
    اسلام عورت کي جيڪا حيثيت ڏني آهي، اها رڳو ان زماني ۾ نه جڏهن عورت ۽ پالتو جانورن ۾ فرق نه هو، پر اڄ جي لاءِ به روشن خيال قانون سازي جو هڪ مثالي نمونو آهي.
    گوتم ٻڌ عورتن کي سنگهه ۾ مردن جي برابر جڳهه ڏني هئي، پر دنياوي زندگي ۾ سندن جيڪو حق هو، اهو کين نه ڏنو. حضرت عيسيٰ اهڙو ڪو به سنگهه ٺاهي نه سگهيو ۽ پوءِ جڏهن عيسائي مذهب، دين ۽ دنيا کي ڌار ڪيو ته ڪٽنبي زندگي به بي آبرو ٿي ويئي ته عورت گناهه جي جڙ ۽ شيطان جي يار وفادار بنجي ويئي. اسلام، عورت کي ڪجهه پيءُ ۽ ڪجهه مڙس جي دولت مان ڏياري، محتاج رهڻ کان بچايو. نڪاح جي لاءِ رضامندي جو شرط رکيو ۽ ان کي هڪ قانوني معاهدو بنائي عورت کي ايستائين اختيار ڏنو ته جيڪڏهن هو چاهي ته ان معاهدي کي ٽوڙڻ جو حق مڙس کان مڃرائي سگهي ٿي. مرد کي چئن شادين تائين جي اجازت ڏيڻ دراصل هوس ۽ زيادتي کي قابو ۾ رکڻ ۽ ڪٽنب جي صورت ٺاهي رکڻ جي هڪ ڪوشش آهي. اها موڪل آهي ڪو حق ڪونهي، پر ان سان گڏ اهڙا شرط لڳل آهن، جو جماعت جڏهن به چاهي هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪرڻ جي منع ڪري سگهي ٿي ۽ جماعت نه ڪري ته عورت پنهنجي نڪاح نامي جي ذريعي پاڻ به ڪري سگهي ٿي ۽ هندستان ۾ پردي جي جيڪا رسم قائم ٿي، ان لاءِ اسلامي قانون ۾ ڪا به سَند ڪونهي. اسلام عورت جي لاءِ جيڪي پابنديون وڌيون آهن، اهي نج اخلاقي آهن ۽ انهن جو مقصد ڪٽنبي زندگي جي سلامتي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي.
    عورتن جيان اسلام غلامن کي به پنهنجي مساوات ۽ ڀائيچاري جي تعليم مان فائدو پهچايو آهي، غلامي پراڻي زماني جي زندگي جو هڪ بدنما داغ آهي، جيئن اڄڪلهه هاري ۽ مزدور جي جيڪا حالت آهي، اها اسان جي زماني جي بڇڙي صورت آهي. ان وقت غلامي کي ختم ڪرڻ ايئن ڏکيو هو، جيئن اڄ جي صنعت کي مزدورن کان سواءِ قائم رکڻ. اسلام جيڪو وڌ ۾ وڌ ڪري سگهجي ٿو، اهو ڪيو. آقا ۽ غلام جو مرتبو خدا جي سامهون بلڪل برابر ۽ ماڻهن ۾ ويجهي کان ويجهو ڪيو ويو آهي. آقا کي حڪم ڏنو ويو آهي ته جيڪو پاڻ کائو، اهو غلام کي کارايو ۽ جيڪو خود پهريو، اهو غلام کي اوڍايو. غلام کي آزاد ڪرڻ نيڪ قرار ڏنو ويو آهي ۽ غلام کي اهو حق ڏنو ويو آهي ته جيڪڏهن سندس پنهنجي مالڪ سان نه لڳي ته هو پنهنجو پاڻ کي ڪنهن ٻي جي هٿ وڪرو ڪرائي ڇڏي. مسلمانن ۾ بي شڪ هزارين لکين غلام اهڙا به هوندا، جن تي پنهنجن مالڪن ظلم ڪيو. هزارين لکين اهڙا به هوندا، جن کي مالڪن سٺي نموني رکيو هوندو. اسين ڏسون ٿا ته غلامن وڏي حيثيت به حاصل ڪئي؛ سپهه سالار ٿيا، حاڪم ٿيا، بادشاهه ٿيا ۽ جيڪي ماڻهو آزاد جنميا، انهن کي ڪنهن به لحاظ کان اها مجال نه هئي ته هو کين پاڻ کان گهٽ ثابت ڪن.
    انسان جي طبيعت ڏاڍي من موجي، سدائين ڦيرو کائيندڙ ۽ بي چين هوندي آهي. ان کي نه پنهنجو قرار هوندو آهي، نه ئي وري ٻين تي ڀروسو. هو هر تدبير کي اونڌو ڪريو ڇڏيو، هر تعليم کي پٺتي ڇڏيو ڏي. ڪڏهن ته هو پستي جي گهراين ۾ پنهنجو ٺڪاڻو ٿي ٺاهي ته ڪڏهن پنهنجو ڪنڌ آسمان کان به اوچو ڪريو ڇڏي. ڪڏهن کيس غلاميءَ ۾ آرام نٿو ملي ته ڪڏهن پابندين جي خيال کان سندس دم گهٽجڻ ٿو لڳي. اسلام، انساني فطرت ۽ هيٺ مٿاهين جي لاءِ وڌ ۾ وڌ گنجائش رکي آهي. خود غرضي ۽ تنگ دلي، هوس پرستي ۽ بي پرواهي جي هڪ حد مقرر ڪئي آهي، پر سڀني ماڻهن جي طبيعت ۽ مزاج کي روحانيت جي ڪنهن سانچي ۾ وجهڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. تنهن ڪري ماڻهوءَ کي اهڙا سانچا ڪڏهن ڪڏهن پسند به اچي ويندا آهن، ته هو انهن کان گهٻرائجي به ويندو آهي ۽ کين ٽوڙي اڇلي ٿو ڇڏي، ڄڻ پراڻا رانديڪا هجن.
    اسلام، پراڻي، نج روحاني شخصيت جا نمونا ڇڏي، آدمين جو هڪ نئون خاڪو جوڙيو، جيڪو ڪڏهن ڀريو وڃي ته ڪامل انسان جو نمونو بنجي ٿو وڃي. اهو نمونو اسلام جي باني شخصيت ۾ موجود آهي، جيتوڻيڪ کيس پيغمبري جو درجو حاصل هو. اسلام، سچي آدميت جون جيڪي نشانيون ٻڌايون آهن، انهن جو قدرت پاران خاص طور تي عطا ٿيڻ ضروري نه آهي، اهي سڀ انساني فطرت ۾ موجود آهن. اسلام ان تنگ نظري کي هڪ قيد خانو قرار ڏنو آهي، جيڪا ذات، قوم ۽ نسل جي فرق کي مڃڻ سان پيدا ٿئي ٿي. ان روحانيت کي بيڪار سمجهيو آهي، جيڪا ماڻهوءَ جي پنهنجي شخصيت ۾ رهي ۽ جماعت تائين پهچائي نه سگهجي. اسلام، انسان کي دنيا جي سڀني نعمتن جو حقدار ڪري مڃيو آهي، پر اعتدال تي پڻ زور ڏنو آهي، ته اهي نعمتون انسان کي پنهنجي غلام نه بنائي وٺن. علم حاصل ڪرڻ دنيا جي قدرتي دولت مان فائدو حاصل ڪرڻ ۽ زندگي کي هر ممڪن طريقي سان بهتر بنائڻ، اهي به اهڙا ڪم آهن، جن کي اسلام آدميت سان وابسته ڪيو آهي ۽ اهو سڀ ايئن آهي ته ايئن سمجهو ته اسلام هڪ ئي ساهه ۾ انسان کي خد اجو بندو به چيو آهي ته کيس دنيا جو بادشاهه به بنايو آهي. هڪ اهڙو بادشاهه جنهن جي شان فقيريءَ ۾ آهي ۽ جنهن جي حڪومت خدمت ۽ ايثار سان مستحڪم ۽ سگهاري ٿئي ٿي.
    **
    حضرت محمد ﷺ جي شان ۾ جرمن شاعر گوئٽي جو نعيته نظم
    ان چشمي کي ڏسو، جيڪو تارن جي ڪرڻن جيان کلندو، صاف شفاف، ٽڪرين مان نڪتو. ننڍپڻ ۾ کيس قدسين هن دنيا ۾ پاليو، جيڪي ڪڪرن کان پري آهن. شباب جي زندگي ۽ جوش کڻي هو هوريان هوريان ناز مان ڪڪرن مان نڪتو آهي ۽ پهاڙين جي وچ مان، ٻوڙن مان لنگهي، مرمرين ٽڪرين تي لهي ٿو ۽ پوءِ خوشيءَ مان نعرا هڻندو آسمان طرف اڏري ٿو.
    هو چوٽين جي وچ مان، ڏرن مان هڪ رنگين پٿر مان ٻي پٿر طرف وڌي ٿو. هن جي قدمن کي شروع کان ئي رهنمائي جي صفت عطا ٿي آهي ۽ هو پنهنجي ڀائرن کي پاڻ سان گڏ کڻي وڃي ٿو.
    هيٺ ماٿريءَ ۾ جتي سندس وک پوي ٿي، گل ٽڙي ٿا پون ۽ ان جي دم سان ساوڪ ۾ زندگي اچي ٿي وڃي، پر ان کي نه ڇانورو روڪي ٿو سگهي ۽ نه اهي گل، جيڪي هن جي پيرن سان ويڙهجي محبت ڀريل اکين سان سندس خوشامند ڪن ٿا. هن جو وهڪرو کيس ميدان طرف چڪر ڏياري وٺي ٿو وڃي.
    ننڍا چشما هن جي دامن سان لپٽجي هلن ٿا. هاڻ هو چاندي جهڙي چمڪندڙ ميدان ۾ پهتو آهي ۽ ميدان به هن جي آب ۽ تاب سان چمڪڻ لڳو آهي. هاڻ ميدان جا درياهه ۽ پهاڙن جا چشما پڪاري چون ٿا، ”ڀاءُ!“ ”اي ڀاءُ“ اسان کي به پنهنجي رب ڏانهن وٺي هل. اسان کي به وشال سمنڊ جي هنج ۾ پهچائي ڇڏ، هن اسان جي اوسيئڙي ۾ ٻانهون کولي بيٺا آهن. افسوس جو اسين انهن جي لاءِ بي چين هنن جي هنج تائين نٿا پهچي سگهون. اسان کي ريگستانن جي اڃايل واري سڪائي ٿي ڇڏي ۽ مٿان سج اسان جو رت چوسي ٿو وٺي. ڪو پهاڙي رستو روڪي اسان کي تلاءُ بنائي ٿو ڇڏي، اي ڀاءُ! پنهنجي ميدان وارن ڀائرن کي پنهنجن پهاڙي وارن ڀائرن کي، پاڻ سان گڏ پنهنجي رب وٽ وٺي هل!“
    ”اچو! سڀ جا سڀ اچو!“ هاڻ هو وڏي شان سان ڇوليون هڻندو اڳتي وڌي ٿو. سڄي قوم پنهنجي بادشاه کي ڪلهن تي کڻي هلي ٿي ۽ فتح جي قافلي ۾ اها ملڪن جي مٿان پنهنجو ڌاڪو ڄمائيندي ٿي وڃي، جتي به سندس پير پوي ٿو، اتي شهرآباد ٿيو وڃن. هن جو وهڪرو ڪنهن کان به نٿو روڪجي. هو زورشور سان مينارن جي چمڪندڙن چوٽين، مرمرين عمارتن کي پويان ڇڏيندو تخليق جي جوش ۾ اچي اڳتي وڌندو پيو وڃي. ڄڻ ته اطلس هڪ دنيا کي پنهنجي ڪلهن تي کنيو بيٺي آهي. هن جي مٿي تي هزارين جهنڊا جهولي ۽ سراسرهٽ ڪري رهيا آهن ۽ اهو سڀ سندس شان ۽ شوڪت جي نشاني آهي.
    ايئن هو پنهنجن ڀائرن، پنهنجن عزيزن، پنهنجي ٻارن کي، جيڪي سندس رب وٽ، جيڪو هن جي اوسيئڙي ۾ هو، پهچائي ٿو ڇڏي ۽ هو کين خوشيءَ ۾ پنهنجي گلي لڳائي ٿو ڇڏي.


    (10) مسلمانن جي سياست

    حضرت عيسيٰ جي ڳجهارتن مان هڪ ڳجهارت اها آهي ته پوکيندڙ ٻج ڇٽيا، انهن مان ڪي ٻج پٿريلي زمين تي ڪريا ۽ اتي ئي خراب ٿي ويا ڪي ڪنڊن ۾ ڪريا، اهي ڦٽا ته سهي، پر ڪنڊن انهن جي واڌويجهه ۾ رڪاوٽ پيدا ڪئي. ڪجهه اهڙا به هئا، جيڪي ڀلي زمين تي ڪريا ۽ اهي ڦٽا ۽ انهن گل ۽ ميوا ڏنا. پيغمبر اسلام رڳو زمين ۾ ٻج نه ڇٽيا، پر هاري جيان پنهنجي کيتي جو فڪر به ڪيو ۽ زندگي جي ڪاروهنوار ۾ قدرت جي ڏنل سرمائي ۽ انسان جي محنت جو حساب لڳايو. پر ماڻهوءَ جي طبيعت، ان جي نيت ۽ سندس ارادو خود ڀلا سندس وس ۾ ڪٿي ٿو هجي، جيڪي کيس ڪنهن تعليم ۽ هدايت جو پابند ڪري سگهن. مسلمانن جي تاريخ ڪا بهترين دينداري جا داستان ڪونهن. ان ۾ اسين ڏسون ٿا ته ڪڏهن مسلمان اسلام جي قائم ڪيل معيار جي بلڪل ويجهو آيا ته ڪڏهن ان کان بلڪل دور هٽي ويا. اسلام جي تعليم تي ڪڏهن ملڪ ۽ زماني پنهنجو رنگ چڙهايو ته ڪڏهن هو خود وقت ۽ مقام جي قيد مان آزاد ٿيا ۽ مسلمانن کي آزاد ڪرڻ لڳا. سياست ۽ مصلحت ڪڏهن ان کي نظرانداز ڪيو ته ڪڏهن اها سياست جي جان سمجهي ويئي ۽ مصلحت مٿس قربان ٿي. ڪڏهن مسلمانن ان کي پنهنجي شيءِ بنائي رکيو ته ڪڏهن وري اها زندگي ۾ گڏ و چڙ ٿي عام انسانن جو ورثو بنجي ويئي. زندگي جي لاهين چاڙهين، اڪثر مذهبن جيان ان جي به ڪايا ڦيري ڇڏي جو هاڻ ان جي اصل صورت سڃاڻڻ ۾ ئي نٿي اچي. اسلام جي خاصيت اها آهي ته ان جي روشني کي جهالت ۽ ذهني بگاڙ سبب ايترو ئي ڌيمو ڪري سگهيو، جيترو ڪڪر سج کي ۽ انهن جا ڪرڻا ڪارن کان ڪارن گهٽائن مان به ڦٽي نڪرندا رهندا آهن.
    اسلام دين ۽ دنيا، عبادت ۽ عادت کي ايئن ته پاڻ ۾ گڏي ڇڏيو، جو اسلام جي تاريخ، مسلمانن جي تاريخ کان ڌار نٿي ڪري سگهجي. اسلام يا مسلمانن جو نالو کڻو ته ملڪ گيري جا حوصلا، علمي خدمتون، واپار ۽ تهذيب، قانون ۽ اخلاق، مطلب ته زندگي جي هر پاسو ۽ ترقيءَ جو هر ميدان نظرن جي سامهون اچي وڃي ٿو. غير مسلمانن کي اهو عجيب ٿو لڳي ته مسلمان پنهنجي مذهب کي دنيا ۽ تاريخ جي آرائشن کان پاڪ ڪرڻ نٿا چاهين. ڪجهه مسلمان ان ڳالهه تي ڦڪا ٿيندا آهن ته سندن هر جنگ جهاد ۽ هر سياسي ڪاروائي شرعي مسئلو مڃي ويئي آهي، پر جتي اسلام جي تعليم آهي ته دين ۽ دنيا، روح ۽ جسم، اخلاق ۽ تهذيب نه ڌار آهن ۽ نه ئي وري ڪري سگهجن ٿا. اتي ٻي پاسي خود تاريخ کي ڏسجي ته اها ماڻهوءَ جي ماڻهپي جي ڪهاڻي آهي، نه ڪي روحانيت جو ڪرشمو. دنيا جي حقيقتن کان بيزار ٿي، فلسفي ۽ نج روحانيت ۾ منهن لڪائڻ دراصل سڄي انساني تاريخ کي بي معنيٰ ۽ بيڪار سمجهڻ جي برابر آهي. پر پنهنجي اک بند ڪرڻ سان اسين تاريخ جي روشني کي وسائي نٿا سگهون. ان جو اثر وڃائي نٿا سگهون. تاريخ جو جيڪو معيار آهي اهو قائم رهندو ۽ سچو هنر اهو آهي، جيڪو عيب جو مقابلو ڪري. ترقي جا محرڪ اهي ماڻهو آهن، جن پنهنجي پراڻي خامين ۽ غلطين جي باوجود به دنيا کي ان کان بهتر ڇڏيو، جهڙي هنن کي ملي هئي.
    اسلامي سياست جو بنياد مذهب سان رکيو ويو. پيغمبر اسلام جي زماني ۾ آباد دنيا جي ٻين ملڪن تائين اسلام جي دعوت موڪلي ويئي ۽ ان زماني ۾ ملت جو اهو تصور قائم ٿيو، جنهن ذات، قوم توڙي نسل جي فرق کي ختم ڪري ڇڏيو. هر مسلمان کي سڌوسنئون شرع يعني ديني قانون جي تابع ڪري ڇڏيو ۽ متڀيد کي رد ڪري مساوات ۽ ڀائيچاري تي ٻڌل سياسي انتظامن جي عمارت کڙي ڪئي. ان ديني مساوات جي سياست ۽ ترجماني ڪئي ويئي. ملت کي حڪومت ۽ حڪمت عملي جي سڀني معاملن ۾ پورو اختيار ڏنو ويو ته، پنهنجي حاڪمن کي چونڊين، انهن جي هلت چلت کي جانچين ۽ پرکين ۽ انهن کي هر وقت پنهنجي راءِ ۽ خواهش کان واقف ڪندا رهن. هيڏانهن ملت ٺهي ته هوڏانهن رواداري کي هڪ سياسي ۽ قانوني شڪل ڏني ويئي، ته جيئن غيرمذهب وارا چاهين ته آزادي ۽ آبرو سان مسلمان حاڪمن جي رعيت بنجي رهي سگهن ٿا. مسلمانن کي جهاد ۽ شهادت جو تمام گهڻو شوق ڏياريو ويو، پر سپاهه گري کي ٻين ڌنڌن تي ڪا به فضيلت نه ڏني ويئي. ان کي خدا جو دوست چيو ويو، جيڪو محنت ڪري روزي روٽي ڪمائي ۽ سياست کي هنر ۽ صنعت جو ادب ڪرڻ ۽ ان جي ترقي کي پنهنجي اصل ڪاميابي ڄاڻڻ سيکاريو ويو. ان زماني ۾ زڪوات جو قانون ٺهيو، جيڪو هڪ ديني فرض به هو. اهڙي طرح محتاج ۽ مجبور، بيواهن ۽ يتيمن جي خبرچار لهڻ ملت ۽ رياست ٻنهي جي ذميداري قرار ڏني ويئي.
    عرب، اسلام جا پيدا ڪيل حوصلا پنهنجي دل ۾ رکي، پنهنجن گهرن ۾ نٿي ويهي سگهيا. هنن جو دنيا ۾ پکڙجڻ لازمي هو ۽ اسين ڏسون ٿا ته هو ڪجهه اهڙي ته تيزي سان اولهه ايشيا، مصر ۽ رومي سمنڊ تي ڇانئجي ويا، جنهن جو تاريخ ۾ ڪو جواب ئي نه آهي. اهو ڪرشمو نه انهن جي تلوار ڏيکاريو ۽ نه ڏيکاري سگهي ٿي. هنن جون فوجون ايتريون ته مختصر هونديون هيون ۽ وٽن سرمائي ۽ سامان جي ايتري ته کوٽ هوندي هئي، جو جيڪڏهن هو انهن تي ڀروسو ڪن ها ته وقت جو سلطنتون کين نپوڙي رکن ها. پر اسلام کين سياست جا جيڪي گر ٻڌايا هئا، انهن سندن هر ڏکيائي کي سولو ڪري ڇڏيو. قلعن جا دروازا کوليا ويا، شهرن جون ڀتيون ڪيرايون ويون، دشمنن جون همتون جواب ڏيئي ويون ۽ مسلمانن جي پاڇي کي اهو گڻ بخشيو، جو هو جتي به ويا اتي بر ۾ بازاريون ڪري ڇڏيائون. مسلمانن جي سياست اسلام جي لاءِ اهو ڪجهه ڪيو، جيڪو گوتم ٻڌ جي تعليم جي لاءِ اشوڪ ڪيو ۽ عيسائي مذهب جي لاءِ رومي شهنشاهن جي سرپرستي ڪيو. دراصل اسلامي سياست ئي سڀني کان پهرين دنيا جون اکيون کوليون. قومن، اسلام کي هوريان هوريان، اڪثر حاڪمن جي مرضي جي خلاف قبول ڪيو. مسلمان فاتحن جون تراڙون ته بس هڪ نشتر هو، جنهن دنيا جي بدن مان فاسد رت ڪڍي تندرستي جو امڪان پيدا ڪيو. مسلمان ڪامياب نئين زندگي جي ان پيغام کي کڻي هر هنڌ پهتا ۽ جواب ۾ کين سلطنت انعام ۾ ملي.
    مسلمانن جون ذميداريون ۽ اختيار ايتري ته تيزي سان وڌيا، جو حڪومت جو جيڪو نظام شروع ۾ قائم ٿيو هو، اهو نين گهرجن موجب بدلائجي نه سگهيو. حضرت ابوبڪر ۽ حضرت عمر رضي الله عنهما جون شخصيتون اهڙيون هيون، جو هڪ جوشيلي ۽ گرم مزاج قوم جا وڌندڙ حوصلا به انهن جي اڳيان ڪنڌ نوايو بيٺا رهيا، پر پوءِ اهي قابو کان ٻاهر ٿي ويا. عرب سردار اڃا تائين فرمانبرداري جا عادي نه ٿيا هئا. هنن جون دليون پراڻين عداوتن کان پاڪ نه ٿيون هيون ۽ دنيا جي حڪومت اهڙي شئي نه آهي، جيڪا دلين کي گڏي. هڪ ٻي ڳالهه به هئي ته عربن تي شام، ايران ۽ قسطنطنيه جي تهذيبن جو فوري طور تي اثر پوڻ لڳو ۽ اهو انهن جي ٺٺ ۽ ٺانگر واري زندگين کي لالچي نظرن سان ڏسڻ لڳا، جيڪي مسلمانن جي جماعت کان ٻاهر دنيا ۾ حاڪم جو حق ۽ انهن جي راڄ سهرو سمجهيو ويندو هو. اهڙي طرح مسلمانن ۾ ماڻهو ٻن خيالن جا ٿي پيا. هڪڙا اهي هئا، جن جي نظر ۾ حڪومت جا فرض ادا ڪرڻ ۽ اسلامي سياست جا ظاهري آداب اختيار ڪرڻ ڪافي هو ۽ جيڪي پنهنجي ذاتي زندگيءَ کي پنهنجي شئي سمجهي، جيئن وڻين، تيئن زندگي گذارڻ جو حق گهرندا هئا. ٻيا اهي ماڻهو هئا، جن لازمي سمجهيو ٿي ته مسلمان حاڪم بهترين مسلمان پڻ هجن ۽ سندن ذاتي زندگي ان نموني تي هجي، جهڙي پيغمبر اسلام پيش ڪئي هئي. حضرت علي رضه کان پوءِ پهرين خيال وارا همراه اسلامي رياست جي سگهه ۽ سرمائي تي قابض ٿي ويا. پر بيوسيءَ ۾ به، کرن ۽ سچن مسلمانن، جن بادشاهي ۽ فقيري، حڪومت ۽ خدمت، وڏائي ۽ خاڪساري جي ٻن رنگن مان هڪ رنگ ٺاهڻ ٿي چاهيو، همت ڪا نه هاري ۽ آخرڪار امام حسين جي شهادت، حق پرستيءَ جو هڪ مثال قائم ڪيو، جيڪو اسلامي شهرين ۽ سياسي اخلاق جو سڀ کان يادگار قيمتي تحفو آهي.
    مسلمانن جي جيڪا مرڪزي حڪومت حضرت علي رضه کان پوءِ قائم ٿي، ان ۾ خليفي جي چونڊ جي رسم ته رکي ويئي، پر اها اصل شاهي حڪومت ئي هئي ۽ انهن جهيڙن جهڳڙن کان سواءِ، جيڪي هر نئين چونڊ وقت ٿيندا هئا، عرب قبيلن ۽ گهراڻن جون عداوتون ۽ ڪينو، ان کي ڪمزور ڪندو رهيو. عربن جي ان ڪوشش ته فوج ۽ حڪومت سندن هٿن ۾ رهي، ماتحت قومن کي سندن ۽ سندن سلطنت جو دشمن بنائي ڇڏيو. عربن جو عيسائين ۽ يهودين سان رويو نه بدليو، انصاف ۽ رعايا پروريءَ ۾ انهن جي حڪومت پنهنجي زماني ۾ بي نظير هئي، پر سندن پنهنجي جماعت، اندروني فسادن سبب تباهه ٿيندي رهي. عربن انسانيت ۽ تهذيب جي جيڪا خدمت ڪئي، ان جي ڀيٽ ۾ سندن سياسي ذهنيت ۽ انتشار پسند طبيعتن کي ڏسجي ته حيرت ٿي ٿئي ۽ واقعي جيڪڏهن سندن حڪومت کي ان ربط ۽ اتحاد جو سهارو نه ملي ها، جيڪو اسلام پيدا ڪيو هو، ته شايد عرب ان دنيا کي ڏهن پندرهن سالن ۾ ئي وڃائي ويهن ها، جيڪا هنن پنجاهه سٺ سالن ۾ حاصل ڪئي هئي.
    انهن عربن جي سياسي تهذيب، انهن جي انسانيت ۽ رواداري جي صورت اسان کي ان باهه جي پسمنظر ۾ گهڻي صاف ٿي نظر اچي جيڪا عيسائي ملت جي اڳواڻن يارهين صدي جي آخر ۾ لڳائي، ۽ جيڪا ڏيڍ سؤ سالن تائين ڪڏهن وسامندي ته ڪڏهن ڀڙڪندي رهي. مسلمانن جو ڏوهه بس ايترو هو ته هنن مختلف عيسائي فرقن جي وچ ۾ صلح قائم رکڻ ٿي چاهيو ۽ کين ان ڳالهه جو خيال نه رهيو ته ٻين جذبن جيان ديني جذبو به جيڪڏهن وڌيڪ شديد ٿي وڃي ۽ عمل ان جي لاءِ ڪو رستو نه ڪڍي ته اهو سياڻي کي به چريو ڪري ڇڏيندو آهي. بهرحال انهن جي ظلمن جا داستان اولهائين دنيا ۾ ٻڌائجڻ لڳا ۽ روم جي پاپا، جيڪو بي لگام ۽ ويڙهاڪ بادشاهن کي سياسي ميدان مان هٽائي، پنهنجو اثر قائم ڪرڻ ٿي چاهيو، مختلف ملڪن جا بادشاهه جيڪي پنهنجي فوجي سردارن جي بدعنوانين کان عاجز هئا، عام سپاهي جن جي لاءِ ڦرلٽ جا موقعا گهٽجي رهيا هئا، عوام جيڪو قرضدار ٿي چڪو هو، يا جن وٽ کائڻ جي لاءِ ڪجهه به نه هو، مرد، عورتون ۽ ٻار جن جي مٿي ۾ سوداءُ سمايل هو، سڀئي بي دينن جي خلاف وڙهڻ ۽ بيت المقدس کي انهن جي قبضي مان ڪڍڻ جي لاءِ پنهنجن گهرن مان نڪري پيا. پهريون ٽي فوجون، جيڪي صليب جي عزت بچائڻ جي لاءِ اوڀر طرف روانيون ٿيون، اهي فوجون نه، پر بکايل جانورن جا ڌڻ هئا، جن پنهنجي ملڪ مان نڪرندي ئي اهو سمجهيو ته ڪافرن جو ملڪ اچي ويو آهي ۽ پنهنجي عيسائي ڀائرن سان ايئن پيش آيا، جو انهن مان هڪ ماڻهو به جيئرو نه ڇڏيائون. چوٿين صليبي فوج ۾ چرين سان گڏ ٽي لک سپاهي به هئا. مسلمانن جي قسمت ان وقت ڪجهه اهڙو ڦيرو کاڌو، جو آبادي ۽ انسانن جا هيءُ دشمن ڪٿي به روڪجي نه سگهيا. صليبي فوج ”دره درنيال“ کي پار ڪيو ۽ ايشيا ۽ ڪوچڪ ۽ شام مان گذري، هوريان هوريان بيت المقدس ڏانهن وڌي، پر ڪهڙي شان سان؟ ڳوٺن کي اجاڙيندي، فصلن کي ساڙيندي، رت جون نديون وهائيندي، هٿين خالي مردن ۽ عورتن کي اذيتون ڏيئي قتل ڪندي.
    ان فوج جا ماڻهو رستي ۾ نه رڳو مردار، پر ماڻهوءَ جو گوشت به کائي چڪا هئا. هنن جي اُڃ زندگي جا سڀ آثار ختم ڪرڻ کان سواءِ لهي نٿي سگهي. ان شهر ۾ جتي حضرت عمر، ديول جي اڱڻ ۾ رڳو ان ڪري نماز پڙهڻ کان انڪار ڪيو ته متان مسلمان سندس نقل ڪن ۽ ديول تي قبضو نه ڪري وٺن. انهن ماڻهن، مسجدن ۾ گهڙي انهن ويچارن جي رت سان جن اتي پناهه ورتي هئي، مسجد جي اڱڻ کي رت جو تلاءُ بنائي ڇڏيو. يهودين کي سندن عبادت گهرن ۾ بند ڪري باهه لڳائي ڇڏي ۽ پوءِ ڀوت بنجي ان ويراني تي راڄ ڪرڻ لڳا. هاڻ ان تصوير جو ٻيو پاسو به ڏسو. مسلمان لڳ ڀڳ سٺ سالن کان اهو ڏسندا پي آيا ته عيسائي سندن جان جا دشمن آهن. يورپ مان صليبي سپاهين جو جيڪو به نئون ريلو اچي ٿو، اهو پاڻ سان گڏ ظلم ۽ ستم جو ڪو نه ڪو نئون طريقو پڻ کنيو اچي ۽ انهن جي اکين جي سامهون هڪ شاهه ۽ آريا ملڪ زخمي ٿي پيو آهي. پر جڏهن سلطان صلاح الدين ايوبيءَ بيت المقدس تي قبضو ڪيو ته هٿين خالي ته ڇا، سپاهين کي به امان ڏني ويئي. جنگ ۾ جيڪي عزيز ۽ مٽ مائٽ، ڀائر، ڀينر، مڙس، زال ۽ ماءُ هڪ ٻئي کان وڇڙي ويا هئا، تن کي ڳولهي هڪ ٻئي وٽ پهچايو ويو. ڪيترائي اهڙا ماڻهو، جيڪي پئسا ڏيئي پنهنجي آزادي خريد ڪري نٿي سگهيا، تن کي معاف ڪيو ويو. ڪجهه ته اهڙا به هئا، جن پاران صلاح الدين ايوبي ۽ سندس ڀاءُ پنهنجي کيسي مان پئسا ڏنا ۽ تنهن کان سواءِ کين سفر خرچ به ڏنو ويندو هو. ان شرافت کي جيڪڏهن ڪنهن داد ڏنو ته انگلينڊ جي بادشاهه رچرڊ جي شرمندگي ۽ ندامت ڏني. ٻيا سندن ڪهڙو قدر ڪن ها، جڏهن انهن پنهنجن ئي عيسائي ڀائرن کي، جن کي مسلمانن جي رحمدليءَ ساحل تائين پهچايو هو، ڪتن جيان ڊوڙائي ڪڍيو ۽ کين بکن وگهي مرڻ جي لاءِ ڇڏي ڏنو. عيسائين جي مذهبي اڳواڻن به مسلمانن جي شرافت ۽ سندن هر احسان جي ياد کي تعصب جي باهه ۾ ساڙي ڇڏيو. ۽ عيسائين جي خيال ۾ مسلمان بي دين، سنگدل، وحشي ۽ ناپاڪ ئي رهيا. مسلمانن بهرحال پنهنجو فرض ادا ڪري ڇڏيو، هو نقصان ۾ رهيا، پر خدا جي اطاعت ۽ دنيا تي احسان اهو ئي ڪري سگهي ٿو، جيڪو اهڙي نقصان کي خوشيءَ سان گوارا ڪري، ڇاڪاڻ ته ماڻهپو اهڙي ئي نقصان تي پلبو آهي.
    صليبي جنگين جو زمانو اهو هو، جڏهن عباسين جي سلطنت جو سج لهي چڪو هو ۽ ترڪستان جا خانه بدوش نسل ايران ۽ عراق تي لالچي نظرون وجهي رهيا هئا. اولهه ۾ صليبي جنگيون مسلمانن جي خلاف ۽ تهذيب جو امتحان وٺي چڪيون هيون ته اتر اوڀر مان تاتاري ڪاهي آيا. جيئن ته دنيا جو دستور آهي، هڪ تهذيب مٽبي آهي ته ٻي ان جي جاءِ والاريندي آهي، پر عيسائين جي برخلاف، انهن نون دشمنن ۾ دوستي جو مادو پڻ هو، هو جلد ئي مسلمانن جي تهذيب جا محافظ ۽ علمبردار بنجي ويا ۽ اوڀر جي لهندڙ ڏينهن کي هڪ نئين روشني سان چمڪائي ڇڏيو.


    (11) مسلمانن جي سڀيتا

    مسلمانن جي سڀيتا جو ذڪر ڇيڙبو ته دمشق ۽ بغداد جي رونق، هارون رشيد جي درٻار، الحمرا جو محل ۽ الف ليليٰ جون ڪهاڻيون هڪدم ياد اچي وڃن ٿيون ۽ اسان جا خيال هڪ طلسمي دنيا ۾ پهچي وڃن ٿا، جڏهن چوڏس حسن ۽ صنعت جي جادوگري نظر اچي ٿي. پر اهو ته افسانو آهي، تاريخ ڪونهي، تاريخ ته ڪجهه ٻيو منظر ڏيکاري ٿي. پر ايئن کڻي چئجي ته الف ليليٰ جي جنن ۽ پرين جو جادو مورخن جي جادوگري جي سامهون نٿو هلي. محل ۽ باغ ۽ تهذيب جو ٺٺ، سڀني جيان گم ٿي وڃي ٿو ۽ اها ئي ناڪام ۽ بي چين دنيا ٻيهر پنهنجو اداس چهرو کڻي سامهون اچي ٿي بيهي. مسلمان هن زماني جي ماڻهن يا ان جي ڪاروبار کي يا ته ڪنهن خاص عقيدي جي ماپ سان ماپين ٿا ۽ اهو وساري ٿا ويهن ته زندگي جي لاءِ آزادي ۽ وشالتا ضروري آهي، جيڪا ماپي نٿي سگهجي. يا هو يورپي مورخن جي علم ۽ بي تعصبي جي دعويٰ کان دوکو کائي ٿا وڃن. ان جا ٻه سبب آهن، هڪ اهو ته لڳ ڀڳ ڏيڍ ٻه سؤ سالن کان يورپي تهذيب هڪ پهاڙ جيان اچي بيهي رهي آهي ۽ مسلمانن جي تهذيب جو ڪجهه حصو، جيڪو تاتارين جي ظلم ۽ ستم کان بچي ويو هو، اهو اسان جي نظرن کان لڪي ويو آهي. تنهن کان سواءِ اهو به ياد رکڻ گهرجي ته جيڪڏهن هن دور جي مسلمانن جا مذهبي وارث اسان آهيون ته انهن جي تهذيب جو سلسلو اسان جي موجوده زندگين سان نٿو ملي، بلڪ يورپ جي تهذيب سان ۽ اسين ان ۾ اهي ئي شيون ڳولهيندا ٿا رهون، جيڪي اسان تائين پهتيون آهن، يعني عقيدا، قانون ۽ ٻه چار رسمون. يورپ وارن جو حال اهو آهي ته هنن پنهنجي تهذيب جي عمارت پرائي زمين تي جوڙي آهي ۽ ان سبب جي ڪري هو هر وقت اهو باور ڪرائيندا رهندا آهن ته زمين جي گذريل مالڪ جو قبضو بلڪل ناجائز هو ۽ ان کي بدنام ڪري هو پنهنجو حق مضبوط ڪندا آهن.
    اسين هن زماني جي علم کي ڏسون يا عام تهذيب کي، يورپي مورخ اهو ثابت ڪري ڇڏيندا آهن ته عربن بس ”قلين“ جيان سامان هڪ هنڌان کڻي ٻي هنڌ رکيو ۽ ظاهر آهي ته ايئن جاءِ جي بدلجڻ سان مال وڌي ته نٿو وڃي. پر اهو مڃيندي ته مسلمانن کان اڳ دنيا ترقي ڪري چڪي هئي ۽ انهن جي تهذيب جي ان دور کان اڳ پوءِ به ڪندي رهي. اسين ڏسون ٿا ته عربن پاڻ سان گڏ هڪ دولت آندي هئي، جيڪا ان وقت ڪٿي به موجود نه هئي ۽ اها دولت نه هجي ها ته اوهين اڄڪلهه دنيا ۾ اها ترقي نه ڏسو ها، جنهن تي اسين حيرت ٿا کائون. اها دولت ڪهڙي هئي؟ آزادي جو هڪ نئون اصول، انسانيت جو تصور، علم حاصل ڪرڻ جو شوق ۽ ان سڄي سرمائي کي، جيڪو قدرت ماڻهوءَ جي دل ۽ زمين جي سيني ۾ ڀريو آهي، ڪم ۾ آڻڻ جو فيصلو.
    اوهين چوندا ته آزادي جو اهو اصول ڪهڙو هو، جنهن غلامي جي رسم قائم رکي. جڏهن ته ان زماني ۾ غلامي ايئن مجبوري هئي، جيئن اڄڪلهه جي مزدوري؟ ان وقت غلامي کي ختم ڪرڻ ايترو ئي ڏکيو هو، جيترو اڄڪلهه مزدورن کي چوڻ ته ڪوئلي جي کاڻين ۾ ،جت اوهين ڪم ٿا ڪريو ۽ جت هر وقت اوهان جي جانين کي خطرو آهي، تنهن ڪري ڪم نه ڪريو يا اهڙين صنعتن کي ختم ڪري ڇڏڻ، جيڪي انسانن جي تڪليفن سهڻ ۽ جان جوکي ۾ وجهڻ جو ڦل آهن. زماني جي مجبوريءَ جيڪا حد مقرر ڪئي هئي، ان جي اندر اسين ڏسون ٿا ته غلامن جي لاءِ جيڪو ڪجهه ڪري سگهجي ٿو، اهو ڪيو ويو. غلام هئڻ ۾ ڪا بدنامي نه هئي، ڪو به اهڙو داغ نه هو، جيڪو لڳي وڃي ته پوءِ صاف ئي نه ٿي سگهي. غلامن آقائن سان محبت جو رشتو قائم ڪيو ته اولاد جي برابر هر شيءِ جا حقدار ٿيا، ٻانهيون نڪاح کان پوءِ زالون بنجي ويون. ٻانهي ۽ غلامن جو واپار بي شڪ خراب شئي آهي، پر اهو واپار ڪنهن نه ڪيو؟ مسلمانن جي دور ۾ فرانس ۽ اٽلي وارا برابر اسپين ۾ غلام وڪڻندا رهيا ۽ ارڙهين صدي جي آخر تائين انگلينڊ جي ڪاروبار ۾ آفريقا مان وحشي جلهي، آمريڪا وارن وٽ وڪڻڻ وڏي اهميت رکندو هو ۽ ان مان وڏو نفعو ڪمايو ويو. يورپ ۾ غلامن جو واپار ان ڪري بند ٿي ويو، جو غلام ملڻ بند ٿي ويا تنهن ڪري انسانيت جي خاطر ماڻهن اهو واپار ڇڏي ڏنو ۽ انهن سڀني صدين ۾، جڏهن ان واپار جي بازار گرم هئي، اسين يورپ يا آمريڪا ۾ اهو نٿا ڏسون ته غلامن مان ڪنهن وڏي حيثيت حاصل ڪئي. مسلمانن جي دنيا ۾ ڪيترائي غلام هئا، جيڪي نه رڳو حاڪم ۽ سپهه سالار پر بادشاهه به ٿيا ۽ اهي ويچارا جيڪي يورپ وارن جي ور چڙهيا، اهي غلام ئي رهيا.
    آئون اهو عرض ڪري چڪو آهيان ته يونان ۽ روم ۾ محنت ۽ پورهئي جا ٻئي ڪم غلامن کان ورتا ويندا هئا ۽ هاري به هر هنڌ غلام ئي هوندا هئا. يورپ ۾ هارين جي غلامي ان وقت به باقي رهي، جڏهن غلامن جو واپار بند ٿي چڪو هو ۽ اها آهستي آهستي مس وڃي اڻويهين صدي ۾ ختم ٿي ۽ اها به ان ڪري نه ته ڪو زميندار ۽ حاڪم، هارين جا همدرد بنجي ويا هئا، پر صنعتي انقلاب جي ڪري. مسلمانن جو اثر جتي جتي به پيو، اتي هنن هارين کي غلاميءَ مان آزاد ڪيو ۽ ان کي رياست جو حق ادا ڪرڻ لاءِ ذميدار بنائي، شهري جو پورو حق ڏنو. شام ۽ فلسطين جي انهن حصن ۾، جتي صليبي فوج جي سردارن جو ڪجهه ورهين جي لاءِ قبضو ٿيو، زرعي غلامي ٻيهر لاڳو ڪئي ويئي، اوڀر ۾ اسين اها ٻئي ڪنهن به هنڌ نٿا ڏسون.
    غلام ۽ هاريءَ کان اڳتي وڌندا ته به اوهين آزادي کي اڳتي وڌندي ڏسندا. ڪاريگر ۽ دست ڪار، جيتوڻيڪ اهي به هارين جيان سماج جو رت هئا، پر اٿينس کان سواءِ هر هنڌ ذليل سمجهيا ويا ۽ انهن جي حيثيت غلامن کان بس ٿوري ئي ڪا بهتر هئي. هو پنهنجو پيشو ان ڪري اختيار ڪندا هئا، جو سندن ابا ڏاڏا به اهو ئي ڪجهه ڪندا آيا هئا ۽ اها به هڪ قسم جي غلام هئي. مسلمانن هنر جو اهو قدر شروع ڪيو، جنهن هر فن ڄاڻندڙ کي استاد جو درجو ڏنو ۽ اهل هنر جي قدر شناسيءَ کي تهذيب جو معيار بنايو. مسلمانن جي تهذيب جي ان دور کان انهن ڌنڌن جي شروعات ٿي، جن کي آزاد ڌندا (Free Profession) چئبو آهي. اوهان کي اهو ٻڌي حيرت ٿيندي ته يونان ۾ ٻارن کي تعليم ڏيڻ گهرجي غلامن مان هڪ غلام جو ڪم هوندو هو، پر چين هندستان ۾ ڍوم ۽ چنڊال جيان ”ويد“ به اڇوت سمجهيا ويندا هئا. يونان ۽ هندستان جو علم ۽ فلسفو ڪجهه برگزيده شخصيتن جو يادگار آهي. هتي جي زندگي تي علم ڪڏهن به پنهنجو رنگ نه چاڙهيو ۽ فلسفي ۽ معيشت، علم ۽ صنعت جي وچ ۾ ڪڏهن ۽ ڪٿي به اهڙو ٺاهه نه ٿيو، جو هو هڪ ٻئي جي مدد ڪري سگهن. مسلمانن دنيا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو علم، تجارت، صنعت وغيره سڀني کي آزاد ڪري ڇڏيو. سڀني کي هڪ جهڙو درجو عطا ڪيو ۽ سڀني کي ٻڌي جي عمل طرف مائل ڪيو.
    ستين صدي عيسوي ۾ جيڪي تهذيبون موجود هيون ۽ انهن کان اڳ به جيتريون تهذيبون موجود هيون، اهي سڀ نسلي ۽ ملڪي هيون. انهن جو به هڪ ٻئي تي اثر پيو. ان ڪري بادشاهن جا حوصلا نسل، ملڪ ۽ مذهب جي حدن اندر نه رهيا، پر فتح ۽ زبردستي تنگ نظري کي ڊاهي نه سگهيا ۽ ڪا به قوم پنهنجي دل ۽ ڌرم ۾ ٻين جي لاءِ جاءِ پيدا نه ڪري سگهي. مسلمانن کي سيکاريو ويو هو ته هو هر انسان کي خدا جو ٻانهو ۽ سڄي انساني جماعت کي هڪ برادري سمجهن. جيڪو به انهن سان دوستي ڪرڻ چاهي تنهن سان دوستي رکن، پنهنجو پاڻ کي انهن جي سلامتي جو ذميدار بنائين. هر مذهب ۽ هر قوم جو ادب ڪن ۽ علم حاصل ڪرڻ جو موقعو مٿان نه وڃائين. اسين ڏسون ٿا ته دنيا ڏسڻ ۽ هر سماج ۽ هر قسم جي خيالن جو مطالو ڪرڻ، انهن جو هڪ خاص شوق هو. ڪيترائي عرب سيلاني هئا، جن سڄي آباد دنيا جو سير ڪيو ۽ جيڪو ڪجهه انهن ڏٺو، اهو پاڻ سمجهڻ ۽ ٻين کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي. انهن سيلانين مان هڪ استاد البيروني هو، جيڪو محمود غزنوي جي زماني ۾ هندستان آيو. هن جو مقصد هتان جي علم، هيئت، آڪاش وديا جو اڀياس ڪرڻ هو. پر هن پنهنجي ڪتاب ۾ مطلب جي ڳالهين سان گڏ هندستانين جي مذهب، سماج ۽ خيالن جي باري ۾، جيڪو ڪجهه معلوم ٿي سگهيو، اهو به لکي ڇڏيو. سندس ”ڪتاب الهند“ ڄاڻ جي هڪ کاڻ آهي، پر ان کان به وڌيڪ اهو بي تعصبي جو هڪ ڪرشمو آهي، جنهن جو جواب دنيا جي ڪنهن به زبان ۾ اڃا تائين نه ملندو. اڄ به ماڻهن گهمن ٿا، پر اهو ٻڌائڻ ڏکيو ٿئي ٿو ته اهو گهمڻ ڪٿي ختم ٿيندو آهي ۽ جاسوسي ڪٿان شروع ٿيندي آهي. اڄڪلهه به ماڻهو هندستان جي مذهب ۽ سماج جو مطالعو ڪرڻ اچن ٿا، پر ڪو ته صفا عيب ٿو ڪڍي ۽ ڪو وري اهڙيون ته سٺيون ڳالهيون ٿو ڪري، جو ايئن ٿو لڳي ته اسان جي اکين ۾ مٽي وڌي پئي وڃي. مسلمانن تي وڏا وڏا الزام هنيا ٿا وڃن، پر حق جي عدالت جي سامهون استاد البيروني جو هڪ ڪتاب ئي کوڙ الزامن کي غلط ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي.
    آئون چوان ٿو ته ان دور ۾ مسلمانن نه رڳو ڀروارين قومن جو اثر نه ورتو، پر علم ۽ هنر جي ڳولا ۽ انساني زندگي جي رنگ برنگي تصوير کي ڏسڻ جي شوق ۾ هو پري پري تائين نڪري ويا ۽ هنن جيڪي يادگار ڇڏيا آهن، انهن مان خبر پوي ٿي ته انهن جو شوق سچو هو، کين علم جي ڳولا ۽ دنيا ڏسڻ جو شوق ان ڪري به ٿيو، جو انهن تي هن قوم، ملڪ ۽ ڌرم جي پابندين کان آجو ڪيو ويو هو ۽ ان آزادي مان فائدو کڻڻ کان سواءِ هو مڪمل مسلمان ٿي نٿي سگهيا. هتي آئون سندن علمي ڪارناما ڳڻائي نٿو سگهان، ته هنن يونانين جي علم ۽ فلسفي کي ڪيئن اختيار ڪيو ۽ آزمايو، ان کي ڪيئن بدلايو ۽ وڌايو، هنن تاريخ کي ڪيئن ڌار ڌار قومن جا داستان نه پر انساني برادري جي ڪهاڻي بنائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مورخن جي اهو فرض ٿيو ته زندگي جي ڳجهه کي پروڙين. هتي آئون اهو ته چئي نٿو سگهان ته رياضي، طب ۽ آرٽ مختلف شعبن ۾ هنن ڪهڙو ڪمال حاصل ڪيو ۽ فنون لطيفه يعني آرٽ جا ڪهڙا ڪهڙا معجزا ڏيکاريا؛ هتي آئون رڳو اهي نتيجا بيان ڪري سگهان ٿو، جيڪي ان دور جي علمي زندگي مان ڪڍي سگهجن ٿا، ته جيئن اوهين دنيا جي ڪهاڻي جي ان حصي جي جيڪا اهميت آهي، ان جو اندازو لڳائي سگهو.
    اسلام پراڻن مذهبن جيان دين ۽ دنيا کي هڪ ٻئي جو دشمن قرار ڏيڻ جي بدران، دين کي دنياوي علم جو جوهر ۽ دنيا جي عمل جو ميدان ٻڌايو هو. مسلمانن لاءِ علم حاصل ڪرڻ فرض ڪيو. خاص مذهبي علم به ڪڏهن ڪنهن فرد يا طبقي يا ذات جي قبضي ۾ نه آيو، جيڪو کيس پنهنجي ملڪيت سمجهي، ٻين کان ڌار رکڻ جون اٽڪلون سوچي ها. ان جي ابتڙ يورپ ۾ هڪ مذهبي علم ئي نه، بلڪ سڄو علم ۽ تعليم حاصل ڪرڻ جا سڀ ذريعا صدين تائين رڳو پادرين جي هٿن ۾ رهيا. انهن جي تنگ نظري ۽ تعصب، علم کي ترقي ڪرڻ کان روڪيو ۽ عالمن جي وک وک تي مخالفت ڪئي. تنهن ڪري يورپ ۾ مذهب ۽ علم جي وچ ۾ سخت لڙائي لڳي ۽ روشن خيال ماڻهن جي دلين ۾ اهو خيال ويهي رهيو ته جيستائين ماڻهوءَ جي ذهن تي مذهب جو اثر آهي، تيستائين اهو علم حاصل ڪري نٿو سگهي ۽ جي کڻي حاصل ڪري به، ته هو ان مان فائدو حاصل نٿو ڪري سگهي. يورپ وارن جي ان تعصب ۾ اڄڪلهه جا ماڻهو به ڦاٿل آهن. اسان اهو سمجهي ورتو آهي ته مذهب ۽ سائنس هڪ ٻئي جا ضد آهن. مذهب اوڀر وارن جو حصو آهي ۽ سائنس اولهه وارن جو. اهو خيال بلڪل غلط آهي ۽ ان جو اڃا تائين لاڳو هئڻ ان ڳالهه جو دليل آهي ته اسين مذهب کي جئين به چاهيون سمجهون، پر سائنس کي نه. مسلمان هاڻ اها ڪوشش ڪن ٿا پنهنجي مذهب کي سائنس جي حملن کان بچائي رکن ۽ هو اهو وساري ويٺا آهن ته، اسلام عقيدي جو بنياد، علم ۽ سائنس تي رکيو آهي ۽ جنهن جو علم سچو هجي عقيدو به ان جو سچو هوندو. پر آئون جنهن زماني جو ذڪر پيو ڪريان، ان وقت مسلمان علم ۽ سائنس کان نه ڊڄندا هئا ۽ هنن اهي سڀ اصول ڳولهي لڌا هئا، جن تي علم ۽ سائنس جو ڀروسو آهي ۽ جيڪو يورپ وارن جي خاص ايجاد مڃي وڃي ٿي. هو ان اصول کان واقف هئا ته اسان جي علم جو پهريون سبق شڪ آهي. ڇو ته جيستائين شڪ نه هوندو، ماڻهو کي حقيقت معلوم ڪرڻ جو فڪر نه هوندو. هو اهو به ڄاڻندا هئا ته علم تي ڀروسو، ان وقت ڪري سگهجي ٿو، جڏهن اسين وڌ کان وڌ معلومات گڏ ڪريون، اها ترتيب ڏيون ۽ ان مان اهي نتيجا ڪڍون، جيڪي معلومات جي آڌار تي صحيح بابت ڪري سگهجن. تجربو ڪرڻ، آزمائڻ ۽ ايئن معلومات کي هوريان هوريان وڌائڻ به علم جو مڃيل اصول هو ۽ يوناني طب، جيڪو ان وقت سائنس جي هڪ وڏي يادگار آهي، ايئن علم جي مرتبي تائين پهچايو ويو. ان وقت جا عالم اهو نه سمجهندا هئا ته دنيا جو سڀ کان سٺو وقت گذري چڪو آهي ۽ ماڻهو جي حالت خراب ٿيندي پئي وڃي، پر اهي سمجهندا هئا ته زندگي پکڙجندي ۽ اڳيان وڌندي رهندي آهي ۽ ڪن عالمن ته ان ڳالهه کي اهو ڏيکاري ثابت ڪيو ته زندگي هوريان هوريان بهتر شڪليون اختيار ڪيون آهن ۽ ٻوٽن ۽ حيوانن جي ارتقا جو هڪ سلسلو قائم ڪيو، جيڪو اڄڪلهه جي علم جي مطابق به ڪنهن قدر صحيح آهي.
    اها علمي ڪارگذاري ڪجهه عالمن جي نالن سان لڳل نه آهي. ان زماني ۾ سستو ڪاغذ ٺهڻ لڳو هو. ڇاپي خانا ته نه هئا، پر هٿ سان لکي به ڪتاب چڱي خاشي تعداد ۾ تيار ڪيا ويندا هئا ۽ وڏن وڏن شهرن ۾ ڪتابن جا ڪيترائي دوڪان هوندا هئا. علم ۽ عالمن جا مرڪز اڳ به هوندا هئا. هاڻ اسان اها نئين ڳالهه ڏسون ٿا ته شهر شهر ۽ پاڙي پاڙي ۾ مدرسا قائم ٿين ٿا. بغداد ۽ ڇهن ستن ٻين شهرن ۾ يونيورسٽيون به ٺهن ٿيون، جن ۾ اعليٰ تعليم ڏني ويندي هئي. مٿي جن اصولن ۽ علمي رجحانن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، اهي ڪجهه ماڻهن جي دولت نه هئا، پر تعليم گاهن جي ذريعي ڪيترن ئي ماڻهن تائين پهتا ۽ عام خيالن تي به اثر وڌو.
    نئين علمي شوق ۽ ترقي جي سڌ رڳو مدرسن ۽ يونيورسٽين جي شڪل ئي نه پاتي، پر اسين دنيا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڏسون ٿا ته دواخانا، اسپتالون، پاڳل خانه به وڏي تعداد ۾ جڙيا. اهي نه رڳو رياست پر عوام به قائم ڪيا ۽ ايئن علم، جيڪو ڪجهه حاصل ڪيو هو، ان سان عام زندگي کي فائدو پهتو. دل ۽ دماغ جي سجاڳي ۽ صنعت جي ترقي رهڻي ڪهڻي ۾ نفاست پيدا ڪئي. معمولي حيثيت جا ماڻهو به پنهنجن گهرن ۾ غاليچا وڇائڻ ۽ پردا ٽنگڻ لڳا. جسم جي صفائي جو تمام گهڻو خيال ڪيو وڃڻ لڳو. مردن ۽ زائفائن جي ميل جول ۽ تڪلف ۽ لحاظ جو خيال ڪيو وڃڻ لڳو. اسلام، عورتن جي جنهن نموني حيثيت وڌائي، ان جو بيان ته ٿي چڪو آهي. اها حيثيت قانوني طور تي ته نه بدلي، پر ٻين قومن کان اثر وٺي، مسلمانن پنهنجي عورتن جا ڪيترائي حق ماري ڇڏيا. پوءِ به هو گهرن ۾ بند نه رهنديون هيون. انهن مان ڪيترن ته علم ۾ وڏو مرتبو حاصل ڪيو ۽ اعليٰ تعليم گاهن ۾ درس ڏنو. ڪيترين شعر و شاعري ۾ نالو پيدا ڪيو ۽ ڪن ته هٿيار بند لڙائين ۾ به حصو ورتو. پر هر طرح جي تهذيبي ترقيءَ جو شوق رکڻ جي باوجود اهي عورتون، عورتون ئي رهيون. جيڪڏهن اوهين سندن انهن عيسائي عورتن سان مقابلو ڪريو، جيڪي صليبي جنگين ۾ پنهنجن مڙسن سان گڏ ويون هيون ۽ مردن ۾ ويهي شراب پيئنديون هيون ۽ مست ٿي راهن تي گيلاٽيون کائينديون هيون، بيهوده گيت ٻڌنديون ۽ فحش ڳالهيون ڪنديون رهنديون هيون ۽ مرداني صحبتن ۾ اٿڻ ويهڻ ته سندن عام رواج ٿي ويو هو.
    يورپي قومن جي ذهني ۽ سماجي تهذيب هڪ پاسي ته اسپين ۽ سسلي (حقليه) جي مسلمانن جي درسگاهن ۽ عام شهري زندگي جي اثر کان ۽ ٻي طرف ان ميل ملاقات ٿيڻ سان جيڪا صليبي جنگين جي ڪري ٿي، مسلمانن جي درسگاهن، يورپي قومن جي علم ۽ فن کي متعارف ڪرايو. يوناني تهذيب جو ورثو انهن تائين پهچايو ۽ علم حاصل ڪرڻ جو هڪ شوق پيدا ڪيو، جنهن وڌندي وڌندي نشا ة ثانيه جو نالو پاتو. مسلمانن جي هر هنڌ هڪ وڏي تهذيبي خدمت اها هئي ته، هنن ڳالهه ٻولهه جي زبان جو قدر وڌايو. يورپ ۾ اسپيني ۽ اطالوي، ايشيا ۾ فارسي، سنڌي، هندي ۽ بنگالي انهن جي سرپرستي جي ڪري ادبي زبانن جي حيثيت اختيار ڪئي، عربن جي شائسته معاشرت، انهن جي صفائي، انهن جو لباس، انهن جا خوشنما ۽ آرام ده گهر، اهي سڀ يورپ وارن جي لاءِ نمونا هئا ۽ صدين تائين وينس ۽ جنيوا جي واپاري جمهوري رياستن جي ان سبب جي ڪري ترقي ٿيندي رهي ته اهي مسلمانن جي صنعتي مال کي يورپ جي اندر پهچائينديون هيون. عيسائي سماج کي اسلامي اثرن کان محفوظ رکڻ جي لاءِ رومي ڪليسا، تعصب جي هڪ ديوار ٺاهي کڙي ڪئي ۽ غيرن جي قدر شناسي کي هڪ سنگين ڏوهه قرار ڏنو ته، مسلمانن جي تهذيب جي خوبين جو اعتراف ماڻهو رڳو پنهنجي دلين ۾ ڪري ٿي سگهيا ۽ کين به وحشاڻين سزائن کان بچڻ جي لاءِ مسلمانن تي اعلانيه لعنت وجهڻي پوندي هئي. صليبي جنگين جي ذريعي، يورپي قومن کي تعليم ڏيڻ ۾ مسلمانن جو وڏو نقصان ٿيو. فلسطين ۽ شام جا ايترا شهر لٽجي برباد ٿيا ۽ انهن جي صنعت ۽ واپار کي اهڙو ته صدمو پهتو، جو انهن جي ٻيهر آباد ٿيڻ جي نوبت ئي نه آئي.
    تيرهين صدي ۾ تاتارين جو ايران ۽ عراق تي ڪاهي اچڻ تقدير جو ٻيو وار هو، جن انهن ملڪن جي تهذيب کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. ان بربادي جو به هڪ نتيجو اهو ٿيو ته تهذيب جي دولت ايشيا جي نون نسلن ۾ پکڙي ۽ بربرين جو آخري مورچو فتح ٿيو. ان سوال جو جواب رڳو مورخ کان ئي نه پر پنهنجي دل کان به پڇو ته ڪنهن تهذيب جي قائم رهڻ ۽ ٻين جي ڪمزوري ۽ جهالت مان فائدو وٺي ترقي ڪرڻ ۾ وڌيڪ شان آهي يا عام زندگي ۾ سموئجي ۽ ان کي ترقي جي رستي تي ڪيتريون ئي منزلون اڳيان پهچائي مٽجي وڃڻ ۾ آهي.


    (12) ترڪ ۽ تاتاري

    مسلمانن جي پهرين تهذيب وڏي حدتائين عربن جي حوصلي ۽ حيثيت جي يادگار آهي. عربن ۾ اهي سڀ گڻ موجود هئا، جيڪي تهذيب جي رهبرن ۾هئڻ گهرجن. پر منجهن اهو به وڏو عيب هو ته هو ننڍن ننڍن جهيڙن کي وڌائيندي تاريخي فتنو بنائي ڇڏيندا هئا. هنن ٻين تي سدائين ٿورا ڪيا، پر سدائين پنهنجن جي تباهي ڪندا رهيا. هنن جي زوال کان پوءِ تقدير اوڀرندي دنيا جي سرپرستي ۽ پالنا جي ذميداري ايرانين، ترڪن ۽ تاتارين تي وڌي. انهن جي تهذيب ۾ اهو ٺٺ ۽ ٺانگر نه هو، جيڪو دمشق، بغداد، قرطبه ۽ غرناطه ۾ پنهنجو جلوه ڏيکاري ويو هو. ان وقت مسلمان پنهنجي علم ۽ پنهنجي ذهن کي تقليد، يعني بزرگن جي پيروي جي اصول ۾ نظربند ڪري چڪا هئا. انهن جي سياسي اخلاق ۾ اهو حوصلو، انهن جي عمل ۾ اها لوچ ۽ انهن جي طبيعت ۾ اها پهچ نه رهي هئي. حالتن هاڻ کين سختي ۽ حفاظت جي تدبيرن طرف گهڻو ڌيان ڏياري ڇڏيو هو. هاڻ هو آزاد تهذيب ۽ من موجي تخيل جو زمانو گذري ويو هو ۽ سگهارين رياستن جا ڏينهن اچي ويا هئا.
    ترڪن جو اصل وطن اولهائين منگوليا ۾ ”اورخون دريا“ جي آسپاس جي ماٿرين ۾ هو ۽ ويجهڙائي ۾ جيڪا تحقيق ڪئي ويئي آهي، ان مان خبر پوي ٿي ته اهي مهذب هئا ۽ آزاد ۽ سادي زندگي جو سچو قدر ڪندا هئا. آبادي جي وڌڻ سان اهي اوڀر ۽ ڏکڻ طرف پکڙجڻ تي مجبور ٿيا. مسلمانن جي دنيا جي اترين سرحد، جيڪا تاجڪستان ۾ هئي، انهن وٽ هو ايترا ڏينهن رهيا ته انهن جي تهذيب جو قدر به سڃاڻي سگهن ۽ جڏهن ان تهذيب جي بگڙيل ڪمن کي ٺاهڻ سندن حصي ۾ آيو ته هنن ڏيکاريو ته هو وڏي خوبي سان ان جي خدمت ڪري سگهن ٿا. ايران ۾ سلجوق ترڪن جي حڪومت قائم ٿيڻ سان تهذيب جي اجالي ۾ هلڪي ڪڪر جو ڇانورو به نه پيو ۽ زندگي جي ڪاروهنوار نه رڳو جاري رهيو، پر نظام الملڪ طوسي جي انتظام ان ۾ وڌيڪ چهل پهل به پيدا ڪري ڇڏي.
    پر مسلمانن جي دنيا، جيڪا ماٿرين ۽ پهاڙن، شهرن ۽ ميدانن ۾ پکڙي هئي، کين اهڙي لالچ ڏياري جو ترڪ سردارن گڏجي حڪومت ڪرڻ ۽ هڪ وڏي نظام کي قائم رکڻ جي بدران، انهن مان پنهنجا حصا ۽ پتيون ڪڍڻ لڳا. جڏهن اتر ۾ سندن ڀائرن جو دٻاءُ وڌيو جيڪي هاڻ سرحدن تي ڦري رهيا هئا ۽ سلجوق کسڪي اناطوليا پهچي ويا ۽ پراڻن ترڪن جو هڪ حصو هندستان ۾ گهڙي آيو ۽ تاتارين جو سيلاب تيرهين صدي ۾ بند ٽوڙي ترڪستان ۽ ايران ۾ ڪاهي پيو ته هتي خوارزمين جي وڏي سلطنت قائم هئي ۽ اهي ئي مسلمانن جي تهذيب جا پاسبان هئا.
    چوڻ وارا چون ٿا ته تاتارين جي پنهنجي تهذيب به هئي، پر تاريخ مان اسان کي فقط ايترو ٿو معلوم ٿئي ته هو غيرن جي تهذيب ته ڇا، پر آبادي کي ڏسڻ به گوارا نه ڪري سگهندا هئا. شايد انهن جي رت جي اُڃ جو ڪارڻ هڪ پاسي چيني ۽ ٻي پاسي ترڪي سلطنتن جو دٻاءُ هو. جڏهن کين اهڙو سردار ملي ويو، جنهن جي سامهون سڪندر جهڙا سپهه سالار به اڻ سکيل ٻار ٿي لڳا ته انهن جي همت ۽ قابليت دنيا جي لاءِ هڪ عذاب بنجي نازل ٿي. هڪ اهڙو عذاب، جنهن جي مقابلي ۾ هزارين جنگين جي رتوڇاڻ، وبائون ۽ طوفان ۽ زلزلا ٻارن جي راند ٿا لڳن. چنگيز خان، خوارزم جي درٻار ۾ سفير موڪليا هئا، جيڪي قتل ڪرايا ويا ۽ ان جي بدلي ۾ انهن اتر ترڪستان کان ڏکڻ ايران تائين ۽ سنڌو دريا کان وٺي دجلي جي ڪنڌين تائين، هر آبادي کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو ۽ ايترا ته ماڻهو ماريا جو هفتن تائين دريائن ۾ پاڻي جي بدران رت وهيو ۽ ملڪن جا ملڪ هڏين جو ٻنيون بنجي ويون. ان ظالم کي لشڪر ڪشي جي فن ۾ اهو ملڪو حاصل هو، جو دنيا هن جي سامهون شطرنج جي راند کان وڌيڪ نه هئي. هن جون چالون اهڙيون ته غضب جون هيون ۽ هارايل مهرن کي اهڙي ته بي پرواهي سان ڀڃي اڇليندو هو، جو چڱن ڀلن رانديگرن جا به پگهر نڪري ويندا هئا ۽ اهي ويچارا جيڪي دنيا ۾ مهرن جي حيثيت رکندا هئا ۽ جن جي جان ۽ مال سان رانديگر اهڙي نموني کيڏندا هئا، جو دعا گهرڻ جي لاءِ وات به پٽي نه سگهندا هئا. پر چنگيز خان جو نالو وٺي، کيس خوازرم جي شهزادي جلال الدين جي ياد به تازي ڪرڻ گهرجي، جنهن جي مڙسيءَ چنگيز خان کي به مات ڏيئي ڇڏي، جيڪو هڪ مئل دنيا ۾ زندگي جي لهر جيان ڊوڙندو وتيو. صلاح الدين ان پهرين جنگ ۾، جيڪا تاتارين ۽ خوارزمين ۾ ٿي، سندس مقابلو چنگيز خان جي پٽ سان هو ۽ سڄي ڏينهن جي جنگ کان پوءِ کيس پٺتي هئڻ تي مجبور ڪيو. ٻي ڏينهن صبح جو خوارزمي وڙهڻ جي لاءِ تيار ٿيا، ته کيس خبر پيئي ته تاتاري غائب ٿي ويا آهن ۽ هو سوچي رهيو هو ته ڇا ڪرڻ گهرجي، جو کيس خبر ملي ته تاتاري کانئس ڪيترا سؤ ميل پٺيان پهچي ويا آهن ۽ دارالسطنت خوارزم خطري ۾ آهي. چنگيز خان جي ان چال خوارزم جي فوج ۽ رياست کي ختم ڪري ڇڏيو. تاتاري هر طرف پکڙجي ويا ۽ تهذيب ڇا، خود زندگي جا نشان به مٽائڻ لڳا. تباهي ۽ ڊپ جي ان فضا ۾ جلال الدين ئي هڪ اهڙو ماڻهو هو، جنهن جي همت تاتارين کي چيڙائيندي هئي. پر سلطنت ۽ فوج جي هٿن مان نڪري وڃڻ کان پوءِ منجهس ايتري سگهه ڪٿي هئي، جو هو تاتارين کي روڪي سگهي. ڪنهن ميدان ۾ هو چنگيز خان جي سامهون بيهي نه سگهيو، پر هر هنڌ وڏي دليري سان وڙهيو ۽ ميدان ڇڏيو ته به اهو پڪو پهه ڪري ته هتي نه ته ڪنهن ٻي هنڌ، جيستائين سسيءَ ۾ ساهه آهي، تيستائين وڙهبو رهبو. آخر ۾ سنڌو دريا جي ڪناري چنگيز خان کيس گهيري ورتو، ساڻس جيڪي ٿورا سپاهي هئا، اهي سڀ مارجي ويا ۽ پاڻ به زخمي ٿيو. جڏهن وٽس ٻي ڪا واهه نه رهي ته جلال الدين دريا ۾ ٽپو ڏنو ۽ تري ٻي ڪنڌي تي پهتو. خبر ڪونهي ته چنگيز خان کي مٿس رحم آيو يا کيس اهو اطمينان ٿيو ته هاڻ هو مقابلي جي لائق نه رهيو آهي، يا هندستان جي تقدير جي تدبيرن کي ڪنهن ٻي پاسي ڦيري ڇڏيو، بهرحال هو دريا جي هن پار نه آيو.
    تاتارين جو هڪ حصو ترڪستان کان ڏکڻ طرف آيو، ٻيو اولهه پاسي موڪليو ويو، جنهن ڏکڻ روس، پولينڊ ۽ هنگري فتح ڪئي. چنگيز خان قراقرم جي شهر کي ان وڏي سلطنت جو مرڪز بنايو، پر اهڙي سلطنت تي ڪنهن هڪ هنڌ تان حڪومت ڪرڻ ممڪن نه هو، پنجاهه سالن جي اندر ئي ان جا ڪيترائي ڀاڱا ٿي ويا ۽ تاتاري سردارن پاڻ ۾ ورهڻ شروع ڪيو. ٿوري ئي عرصي ۾ انهن تهذيبن، جن کي هو ختم ڪرڻ جي لاءِ نڪتا هئا، کين پنهنجو ڪري ورتو. پر تاتارين کي اجاڙڻ جو شوق هو پر کين آباد ڪرڻ جو سليقو نه هو. ايران جا جيڪي شهر هنن برباد ڪيا، اهي اڃا تائين موت جي ننڊ سمهيا پيا آهن. جن ندين کي هنن لٽيو، اهي وري ٻيهر ڪڏهن به زمين کي سيراب ڪرڻ جي لاءِ نه وهيون، جن ٻنين ۽ باغن کي هنن ساڙيو، اتي وري ساوڪ نه اُڀري. چوڏهين صدي جي پڇاڙي ۾ تاتارين جي هڪ سردار امير تيمور کي چنگيز خان جهڙي سلطنت قائم ڪرڻ جي هوس اُڀاريو. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته جنگ جي فن ۾ هو چنگيز خان جهڙي ئي صلاحيت رکندو هو. چنگيز خان ”قراقرم“ جي رونق وڌائڻ لاءِ دنيا کي ويران ڪيو هو. تيمور، سمرقند کي سنوارڻ لاءِ مسلمانن جي هر ملڪ ۽ شهر کي ماتم گاهه بنائي ڇڏيو. فرق رڳو ايترو هو ته چنگيز خان امير کي ڦريو ۽ تيمورغريب کي، چنگيز خان جيئرن کي ماريو ۽ تيمور مئلن کي.
    مسلمانن جي تهذيبي مرڪز عراق ۽ ايران جي لاءِ اهو هڪ آفت جو زمانو هو، جڏهن هڪ بلا جو ٽرڻ ٻي جي اچڻ جو نياپو هو. بازارون خالي پيون هيون، صنعتون اُجڙي ويون هيون، غريب جو سهارو، محنت تي نه پر امير جي پرورش تي هو. چوڌاري ماڻهو، دنيا جي پاسي بدلائڻ سبب بي چين هئا. ان جي دوکي مان بيزار هئا، تقدير کي تدبير سان منهن ڏيڻ زندگي جو اٽل قانون ٿو معلوم ٿئي. اهڙي دور ۾ تهذيب جو پاسو بدلائڻ ضروري هو. ان ۾ ڪا به حيرت ڪونهي ته ان زماني ۾ اسين دنيا ۽ دين کي ڌار ٿيندي ڏسون ٿا. دنيا عمل جو ميدان نٿي رهي، مايا ۽ سنسار بنجي ٿي وڃي. دين اخلاق ۽ حوصلي جو سرچشمو نٿو رهي، دينيات ۽ قانون جو دفتر بنجي ٿو وڃي. علم کي ترقي ڏيڻ جي ڪوشش کي بزرگن جو توهين جو شڪ ڪيو ٿو وڃي ۽ هنرمندن اميرن جي درن تي پنندو وتندو آهي. ان زماني ۾ ڪاميابي ان جو حصو سمجهي ويندي آهي، جيڪا شيخ سعدي جي حڪايتن ۽ نصيحتن مان فائدو حاصل ڪرڻ جو سليقو ٿي رکي. زاهد جي قانون پرستي ۽ دنيادار جي مصلحت سچي انسانيت کان پري سمجهي ويندي آهي. ڪمال جو تصور وساريو ويندو آهي، جمال جي شڪل ٿڪي ويندي آهي، سعدي جي گلستان جو جواب حافظ جو ديوان آهي، شيخ جي قانون جو ٽوڙ ميڪدن جي آزادي آهي.
    جنهن دور ۾ سعدي ۽ حافظ جهڙا اديب، پيدا ٿيا هجن، ان دور کي خالي چوندي خراب ٿو لڳي. پر حقيقت اها آهي ته ان دور ۾ جيڪو تاتاري حملن کان شروع ٿيو، تهذيب جي پراڻن مرڪزن تي ماٺار ڇانيل هئي. ان زماني ۾ زندگي ۽ عمل جا جيڪڏهن آثار نظر اچن ٿا ته اهي ترڪي ۽ هندستان ۾، ۽ هتي به جيڪا ڪارگذاري آهي، اها سياسي آهي نه ڪي تهذيبي.
    ترڪي سلطنت جو بنياد هڪ قبيلي رکيو، جيڪو پنهنجي پهرين سردار جي نالي سان ”عثمان لي يا آل عثمان“ سڏبو هو. ان قبيلي کي ٽن چئن سؤ سالن تائين لڳاتار هوشيار سردار ملندا رهيا، جن هوريان هوريان سڄي اناطوليا تي قبضو ڪري ورتو ۽ پوءِ سمنڊ پار ڪري يورپ تي به حملا شروع ڪري ڇڏيا. 1453ع ۾ سلطان محمد فاتح، قسطنطنيه کي، جيڪو ترڪن جي سلطنت ۾ هڪ ٻيٽ بنجي رهجي ويو هو، فتح ڪيو. سندس پٽ پولينڊ تي حملو ڪيو ۽ ان جي پوٽي سليم فرات جي ماٿري، شام، فلسطين ۽ مصر کي ترڪ سلطنت ۾ شامل ڪري ورتو. سليم جي پٽ ”سليمان اعظم“ جو زمانو (1520- 1566ع) ترڪن جي انتهائي عروج جو زمانو هو. جڏهن ترڪن جي حڪومت آسٽريا جي گادي جي هنڌ ويانا کان وٺي بصري تائين ۽ پولينڊ کان وٺي نيل ندي جي ماٿري جي ڏاکڻين سري تائين پکڙجي ويئي هئي.
    جڏهن عرب پنهنجي اخلاق ۽ پنهنجي تهذيب جي باوجود به يورپ ۾ بدنام ڪيا ويا هئا، ته اهو ڪٿي ممڪن هو ته ترڪ، جن ڪيترائي ڀيرا جنگ ۽ سياست جي ميدان ۾ يورپي قومن کي دسيو هو، بدنامي کان بچڻ جي لاءِ ترڪ سپاهين جي بهادري کي مڃڻ تي مجبور ٿين ها. پر ان کان سواءِ هنن ترڪن جي ٻي ڪنهن به گڻ جي ڳالهه نه ڪئي، پر سڄي دنيا ۾ اهو مشهور ڪيو ته ترڪ وحشي، ڄٽ ۽ ڪٽر ماڻهو آهن، جيڪي تلوار جي زور تي ماڻهن کي غلام بنائيندا ٿا رهن ۽ انهن کان ڪنهن به قوم جي آزادي ۽ عزت محفوط ڪونهي. اصل حقيقت هي آهي ته جيستائين ترڪن جي حڪومت ۾ بگاڙ پيدا نه ٿيو هو، تيستائين اها پنهنجي زماني جي بهترين حڪومت هئي. ترڪ حڪمرانن ڏٺو ته سندن سلطنت ۾ ڪيترين ئي قومن ۽ مذهبن جا ماڻهو آهن، ته هنن پنهنجي رعيت کي ملتن يعني مذهبي سماجن ۾ ورهائي ڇڏيو ۽ هر سماج کي مڪمل آزادي ڏيئي ڇڏي ته هو پنهنجي مذهبي اڳواڻن جي ماتحت رهن، پنهنجي لاءِ قانون جوڙين، پنهنجن ٻارن کي پنهنجي مذهب جي تعليم ڏين. انهن ملتن مان هڪ ملت سلطان به هئا. مذهبي سماج جي حيثيت سان هو سلطان جي نه پر ”شيخ الاسلام“ جي ماتحت هئا ۽ اهو ئي شيخ الاسلام ٻين مذهبي سماجن جي حقن جي حفاظت به ڪندو هو. فوج سڌوسنئون سلطان جي ماتحت هئي ۽ فوج ۽ سرڪاري نوڪري جي لاءِ جيڪي نوجوان ڀرتي ڪيا ويندا هئا، تن جي تعليم جو بندوسبت رياست پاڻ ڪندي هئي ۽ انهن جو سمورو خرچ برداشت ڪندي هئي. پر ان خيال کان ته اهي همراهه پنهنجن ڀائيبندن جي خاطر رياست جو حق نه مارين، پنهنجن گهراڻن کان ڌار ڪيا ويندا هئا ۽ رياست کان سواءِ هنن جو ڪنهن ٻي سان رشتو ناتو نه هوندو هو. جيئن سياست ۾ هر قوم ۽ مذهب جو لحاظ ڪيو ويو، تيئن واپار ۾ پڻ هر ملڪ جي ماڻهن کي وڌ ۾ وڌ آزادي ڏني ويئي. مخلتف قومن جا جيڪي واپاري قسطنطنيه ۾ واپار ڪندا هئا، تن کي اهو حق حاصل هو ته پنهنجن سفيرن کي پنهنجو نگران ۽ ذميدار بنائين. انهن جا پنهنجا معاملا سندن پنهنجين عدالتن ۾ پيش ٿين ۽ ٻين سان ڪو جهيڙو جهٽو ٿي پوي تڏهن به فيصلو ڪرڻ مهل انهن جي پنهنجي قاعدن ۽ ريتن رسمن جو خيال ڪيو وڃي. ايئن ترڪن جي حڪومت هڪ پاسي نهايت مضبوط ۽ سگهاري شاهي حڪومت هئي، ته ٻي طرف هڪ بين الاقوامي حڪومت به جنهن ۾ سڀني جا حق ۽ حيثيت برابر هئي.
    ترڪن جڏهن اهي اصول جوڙيا ته يورپ وارا چڱي خاشي ترقي ڪري چڪا هئا، پر انهن ۾ تنگ نظري ايتري ته هئي، جو هو انهن عيسائين کي، جن جا عقيدا پادرين کي غلط يا ناگوار لڳندا هئا، تن کي جيئرو ساڙي ڇڏڻ ضروري سمجهندا هئا. ڪو اهڙو ڏينهن نه هو، جڏهن اهڙي تنگ نظري ۽ تعصب جي ڪري گهرو جنگيون ۽ خونريزيون نه ٿيون هجن. رومي ڪليسا، گمراهن کي ساڙڻ جي لاءِ هڪ خاص ”کاتو“ قائم ڪيو هو ۽ اسپين ۾ ته رعيت، جيڪڏهن چئن پنجن ڏينهن تائين ڪنهن ”بي دين“ جي سڙڻ جو تماشو نه ڏسندي هئي ته بدل دل ٿي پوندي هئي. ڪيٿولڪ ۽ پروٽسٽنٽ ڏيڍ سؤ سالن تائين هڪ ٻئي کي ساڙيندا رهيا ۽ ان سان گڏ لکين عورتون به ساڙيون ويون، جن تي جادوگرڻين جو شڪ ڪيو ويو. پر ستم ظريفي ته ڏسو، اهي ئي ماڻهو ترڪن کي، جن ڪڏهن به هڪ عيسائي کي به بي دين سمجهي ستايو نه هوندو، وحشي، ناپاڪ ۽ ظالم سڏيندا هئا.
    اصل ۾، زبان سان ڀلي هو ڇا به چون، پر دل ۾ ته پندرهين ۽ سورهين تائين يورپ جا بادشاهه، ڪجهه ٻيو سمجهندا هئا، هو سڀ ان الڪي ۾ هوندا هئا ته ترڪي جي سلطان سان لڳ لاڳاپا ڪيئن وڌائين ۽ ٿي سگهي ته پنهنجا جهيڙا جهٽا نبيرڻ ۾ سندس مدد حاصل ڪن. فرانس جي هڪ بادشاهه، سلطان کي، عيسائي ملت جي سردار ”پاپاءِ روم“ (پوپ) جي مخالفت ڪرڻ تي راضي ڪرڻ چاهيو ۽ انگلينڊ جي راڻي ايلزبيٿ، اسپين جي بادشاهه فلپ جي وار کان بچڻ لاءِ سليمان اعظم جي اڳيان جيئن ليٿڙائي مدد گهري، اهو اهڙو ته شرمناڪ واقعو آهي جو انگريز مؤرخ ان جو ڪٿي به ذڪر نٿا ڪن. ترڪن جي سيرت ۾ اها کوٽ هئي، يا هنن حڪومت ڪرڻ جو جيڪو طريقو اختيار ڪيو هو، انهيءَ جو هڪ نتيجو اهو هو ته هنن علم ۽ ادب ۾ نالو نه پيدا ڪيو. وٽن شاعر ۽ اديب ته ٿيا، پر هو عرب ۽ ايراني استادن جو نقل ڪندا رهجي ويا ۽ علم ۾ هو انهن کان به وڌيڪ پٺتي رهجي ويا. جيتوڻيڪ تعمير جي فن ۾ هو دنيا جي ڪنهن به قوم جو مقابلو ڪري ٿي سگهيا، پر علم اچي به ته ڪٿان. مسلمان تازو غور ۽ ويچار جو حوصلو ڇڏي، پنهنجي علم جو دروازو بند ڪري چڪا هئا. هيڏانهن يورپ ۾ تعصب ۽ جهالت کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو ۽ جيڪڏهن ڪجهه هو به کڻي ته اهو ڪليسا جي ڊپ سبب منهن لڪايو پيو هو. جنهن فعل ۾ سڀني جي کيتي خراب هجي، ان ۾ ڪنهن هڪ تي الزام هڻڻ جو ڪو به فائدو نه آهي.


    (13) هندستان (700- 1800ع)

    قدرت هندستان کي وڏي پئماني تي جوڙيو آهي. ان پئماني جي مناسبت سان ان کي ڀانت ڀانت جي حقيقتن، رنگ برنگي طبيعتن، حقيقتن ۽ انسانن سان آباد ڪيو آهي. هي هڪ ديس به آهي ته دنيا به؛ ۽ دنيا به اهڙي، جنهن ۾ اهي شيون، جيڪي هڪ ٻئي سان ميل نه ٿيون کائين گڏ ڪيون ويون آهن. هن ملڪ جي اوهين جيتري ڪهاڻي ٻڌي چڪا آهيو، ان ۾ ڪڏهن هڪ راڄ ۽ هڪ ديس جي خيال ان جو قدبت ايترو ته وڌائي ڇڏيو جو اڌ دنيا، ان جو نالو ٻيو ڳائبو هو. ڪڏهن ان جا سوين راڄ ۽ سوين ديس ٿي ويا ۽ ان جي بيوسي ڏسي، جنهن به چاهيو ان جي دولت ڦري ۽ جنهن به چاهيو، ان جو ڌڻي بڻجي ويهي رهيو. ان نئين دور ۾ جنهن جي ڪهاڻي هاڻ شروع ٿي ٿئي، قدرت اها نئين راند رچائي ته هندستان کي مکه ڪرڻ ۽ ان کي ايندڙ مصيبتن کان بچائڻ لاءِ اهڙن ماڻهن کي موڪليو جيڪي هندستاني نه هئا، جن جو مذهب ۽ اُٿي ويٺي کان هندستان بلڪل اڻڄاڻ هو. اهي جيڪڏهن ڪامياب ٿين ها ته سندن ڪو به احسان نه مڃي ها ته هو پرديسي هئا ۽ بنا گهرائڻ جي آباد هئا ۽ جيڪڏهن ناڪام ٿين ها ته ان ملڪ ۾، جنهن ۾ اڳ ۾ ڪجهه گهٽ ڦيٽارا نه هئا، هڪ نئين ڦيٽاري جو واڌارو ٿئي ها.
    انهن نون ماڻهن جو اصل گڻ اهو هو ته اهي مسلمان هئا. انهن جي نسل کي ڏسبو ته سڀ کان پهرين ايندڙ عرب هئا. اهي واپار ڪندا هئا، واپار ۾ کرا هئا، تنهن ڪري سندن آجيان ڪئي ويئي ۽ ڏکڻ ۽ اوڀر ۾ جيڪي سمنڊ جي ڪنڌي تي شهر هئا، انهن ۾ هنن ننڍيون ننڍيون وسنديون آباد ڪيون. واپار ۽ عزت بچائڻ جي لاءِ کين سنڌ جي راجپوت رياست سان وڙهڻو پيو. پر هنن سنڌ کان اڳتي وک نه وڌائي. کين هندستان تي حڪومت ڪرڻ جي خواهش نه هئي. واپار، تهذيب يا مذهب پکيڙڻ جو جيڪو ڪم هنن ڪيو، اهو ڏاڍي خاموشي سان ڪيو. پر حقيقت کي ڏسبو ته ڏکڻ هندستان جي عربن جيڪو اثر هندستاني زندگي تي وڌو، تنهن جو مثال اتر هندستان جي مسلمان رياستن جي سڄي ڪارگذاري سان به نٿو ملي ۽ هنن هندو سماج ۾ جيڪا چرپر پيدا ڪئي. اها ملڪ جي فتح ۽ غيرن جي حڪومت به پيدا نه ڪري سگهي. اٺين صدي کان ٻاهرين صدي عيسوي تائين ڏکڻ هند مان جيڪي سڌار واري تحريڪون اڀريون، انهن تحريڪن جن ٻڌ ڌرم، جيت ڌرم، شومت ۽ وشنو مت کي گڏي هندو ڌرم بنايو، جن جاترن جي رسم قائم ڪئي ۽ هندستان جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين ماڻهن کي ثواب ڪمائڻ جي لاءِ موڪلڻ ۽ ثواب پيدا ڪرڻ ۽ معاشرتي اتحاد جو هڪ خيال پيدا ڪيو، جيڪو اڳ ڪڏهن ۽ ڪٿي به نظر نه ٿي آيو؛ انهن تحريڪن جن ذات پات جي ديوارن کي ٽپي هندو ڌرم کي عوامي ڌرم بنايو، اهو سڀ عربن جي اسلام جي تبليغ انهن جي ديني جوش، انهن جي آزادي ۽ مساوات جو جواب هو.
    عربن کان پوءِ جيڪي مسلمان هندستان ۾ آيا اهي ترڪ هئا ۽ انهن جي اچڻ جو ٺٺ ڪجهه ٻيو هو. هنن جو پنهنجو ديس يعني ”اورخون دريا“ ۽ ان جي ڀرپاسي جي ماٿرين ۾ سندن آبادي تمام گهڻي وڌي ويئي هئي ۽ انهن جا قبيلا هڪ ٻئي کي هيڏانهن هوڏانهن ڌڪي رهيا هئا. اوهان کي ياد هوندو ته ٻي صدي قبل مسيح ۾ هتان کان ئي هڪ نسل گهر ڇڏي نڪتو هو ۽ ان قبيلي جا سردار جيڪي ”ڪسان“ سڏبا هئا، هڪ وڏي سلطنت قائم ڪئي هئي، جنهن جي گاڌي جو هنڌ ”پشاور“ شهر هو ۽ جنهن ۾ اتر هندستان جو هڪ وڏو حصو شامل هو. پنجاب، سنڌ، گجرات ۽ اتر مهاراشٽر ۾ ان نسل جا ڪيترائي ماڻهو آباد ٿي ويا هئا. نائين صدي ۾ اسين ٻيهر انهن ترڪ قبيلن کي برابر ترڪستان ۽ ايران طرف وڌندي ڏسون ٿا. پنهنجي ديس مان هو ايئن نڪتا، جيئن گهڙي مان پاڻي ٽمي نڪرندو آهي ۽ مسلمانن جي آبادي ۾ گڏوچڙ ٿي ويا. پر اهو سڀني ڄاتو ٿي ۽ سڀني کان وڌيڪ ترڪن ته اهو گهڙو هڪ نه هڪ ڏينهن پاڻي جي زور سان ڦاٽي پوندو. محمود غزنوي (989- 1030ع) پنهنجي سامهون ترڪ قبيلن کي هڪ ٻئي کي ڌڪا ڏيندي ڏسي رهيو هو ۽ هن جي سياست هڪ پاسي شهرت جي خواهشمند هئي ته ٻئي پاسي خطري کان بچڻ جي تدبير به هئي. هن پنهنجو گهر ٻار بچائڻ جي لاءِ ٻئي جو گهر ڦريو، پر هن جي اک پوريندي ئي، جيڪا ڪجهه موڙي هن ڇڏي هئي اها هيڏانهن هوڏانهن ٿي ويئي ۽ اهو ئي سيلاب، جيڪو هن روڪڻ ٿي چاهيو، خراسان ۽ چين کان ٿيندو عراق تائين پهتو. محمود جي جانشين غزني ڇڏي پنجاب ۾ پناهه ورتي ۽ ان کان پوءِ غوري به هنن جيان هڪ ٻئي جي پويان پنهنجن مورچن مان نڪتا. انهن جي لاءِ بس هڪ ئي سهارو هو ته هو ڪنهن به طرح سان هندستان ۾ پنهنجا پير ڄمائين. اهو سڀ ڏسندي اڄڪلهه محمود يا شهاب الدين کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ يا سندن ڳڻ ڳائڻ ٺيڪ ڪونهن. انهن ماڻهن دنيا کي هڪ حال ۾ ڏسڻ ۾ پي چاهيو، انهن جي قسمت ۾ ته ڪڙهجڻ لکيل آهي، هو ان ڳالهه تي نه ته ڪنهن ٻي ڳالهه تي پاڻ کي ساڙيندا، پر هو سمجهن ٿا ته زندگي نالو ئي آهي ڇڪتاڻ ۽ طوفان ۽ انقلاب جو. هو رتوڇاڻ ۽ لڙاين جي شڪايت نه ڪندا، پر هو اهو ڏسندا ته انهن جي ڪري هڪ نئون حوصلو ۽ نئون دين هندستان ۾ آيو ۽ هتي جا ميدان ۽ پهاڙ هڪ نئين زندگي جي هنگامن سان پرائجڻ لڳا.
    مسلمانن جي اچڻ کان اڳ به هندستان هڪ راڄ ۽ هڪ ديس رهي چڪو هو، پر اتحاد جو جيڪو حوصلو ترڪ پنهنجي دلين ۾ کڻي آيا، اهو ڪجهه ٻيو ئي هو. هنن سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي هنڌان حڪومت ڪرڻ ٿي چاهي. هنن جي جسمن جا ته ٽڪرا ٿي ويندا هئا، پر هو پنهنجي رياست جا ٽڪرا ڪرڻ نه ڏيندا هئا ۽ ان معاملي ۾ پوءِ پنهنجو هجي يا پرايو، جيڪو به ضد ڪندو هو، ان کي هو جيئرو نه ڇڏيندا هئا. سڄو هندستان ته سندن قبضي ۾ نه آيو، پر جتي به سندن وس هليو، اتي هنن گڏيل رياست جي خاطر هنڌ ۽ نسل ۽ مذهب جو فرق مٽائي ڇڏيو. حڪومت جو حق سڀني تي برابر رکيو ۽ حڪومت تي سڀني جو برابر حق رکيو، پوءِ ڀلي اهي ويجهڙ جا ماڻهو هجن يا پري جا، پنجاب جا هجن يا بنگال يا گجرات جا. جيڪو به حڪومت جو دشمن هوندو هو، تنهن کي هو دشمن ئي سمجهندا هئا پوءِ ڀلي اهو هندو هجي يا مسلمان. ساڳئي طرح هو دوستي جو حق به ادا ڪندا هئا ۽ ان ۾ به هو ڪنهن نسل يا مذهب جو ڪو فرق نه رکندا هئا. انهن جو حوصلو ڪنهن هڪ شخص جو حوصلو نه هوندو هو، پر انهن سڀني ماڻهن جي جيڪي سمجهدار هئا ۽ خود غرض نه هئا. انهن ۾ ايئن سمجهبو ته سندن دليون ۽ دماغ ٻڌل هئا. هندستان ۾ ايندي ئي هنن رياست جو بنياد رکيو ۽ ان کي وڌائڻ ۽ سگهارو ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويا. ڏيڍ سؤ سالن جي اندر هنن پشاور کان ملوار تائين ۽ بلوچستان کان آسام تائين ان رياست کي پکيڙيو، پر آخر ۾ ان رياست جو وزن هنن تي ايترو ته وڌي ويو جو انهن جا ڪلها انهن جو بار سنڀالي نه سگهيا ۽ ٿڙي ڪري پيا ۽ سندن رياست جا ڪيترائي حصا ۽ پتيون ٿي ويا. پوءِ پٺاڻ آيا، جن کي اهو حوصلو ورثي ۾ مليو هو، ان کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويا. شير شاهه سوري جي زماني ۾ اتر هندستان ٻيهر هڪ ڇٽيءَ جي ڇانوَ ۾ اچي ويو ۽ جڏهن پٺاڻن جي همت جواب ڏيڻ لڳي ته مغلن اڳتي وڌي ڪلهو ڏنو. اڪبر جي زماني ۾ مسلمانن جي رياست جو ٻيو دور شروع ٿيو، اها ٻي رياست به سڄي هندستان کي هڪ راڄ ۽ هڪ ديس بنائڻ جي ڪوششن ۾ وڌي ۽ ويجهي به ۽ تباهه به ٿي ۽ ترڪن وانگيان مغلن کي به هڪ اتحاد جي خواهش، ڪاميابي جي عروج تائين پهچايو ۽ پوءِ ان کي ڊاهي به ڇڏيو.
    هندستان کي هڪ ملڪ بنائڻ جو جيڪو حوصلو مسلمانن ۾ هو، پوءِ ڀلي اهي ترڪ هجن يا پٺاڻ يا مغل، ان جو خيال رکڻ گهڻو ضروري به آهي. ان جي پويان هنن نه رڳو پنهنجو پگهر وهايو، پر ڪيتريون عداوتون به سٺيون، جيڪي اڃا به پنهنجو رنگ ڏيکاري رهيون آهن. ان مان جيڪو فائدو ٿيو، اهو پڻ ياد رکڻ گهرجي، جو ان حوصلي ٻيلا ڪٽرايا، اهڙا رستا ٺهرايا، جيڪي هندستان جي هڪ سري کان ٻي سري تائين پکڙيل هئا. انهن جي دڳن ۾ مسافر خانا، چوڪيون، وسنديون ۽ شهر پوتا. هنن ٿاڻا ۽ ڇانوڻيون ٺهرايون ۽ حڪومت جو اهو ڍانچو تيار ڪيو، جيڪو اڄ به ايئن ئي بيٺل آهي، ۽ صنعت معاشرت، تهذيب، سڀني ۾ هڪ ئي ڌن پيدا ڪري ڇڏي. ترڪن ۾ اهو حوصلو نه هجي ها ته هندستان اسي سالن تائين تاتارين جي هٿان ڦربو، لٽبو رهي ها ۽ اسين به ڄاڻو ٿا ته اها بربادي ڪيئن هجي ها. انهن وحشين ترڪستان، ايران ۽ عراق ۾ ڪيترا نه ظلم ۽ جبر ڪيا، انهن جي رام ڪهاڻي انهن ملڪن جي تاريخ کان ٻڌي وٺجو. مغلن ۾ اهو حوصلو نه هجي ها ته هن وقت هندستان پورچو گالين، ڊچ، فرينچ ۽ انگريزي بيٺڪيت ۽ والار جو مرڪز هجي ها. اها تهذيب زبان نه هجي ها، جيڪا هنيئر اسان جي اتحاد جو سهارو آهي ۽ اسين پنهنجي تاريخ جي نالي کان ڦڪا ٿيون ها.
    اتحاد جو اهو حوصلو، خالي سياسي اتحاد جو حوصلو ٿي نٿي سگهيو. ترڪن ۽ مغلن کي هڪ ٺڪاڻي جي ڳولا هئي. هندستان کي هنن پنهنجو وطن بنايو ۽ اهو سمجهي ڪري رهيا ته هاڻ هتان وڃبو ته سڌو خدا ڏانهن ئي وڃبو. هنن جي سرڪاري زبان ته فارسي ئي رهي، پر هنن ڳالهه ٻولهه جي لاءِ هتان جو مقامي زبانون سکيون ۽ انهن مان هر ڪنهن زبان کي ادبي زبان جو درجو ڏنو ۽ اتر هندستان جي زبانن کي گڏي هڪ اهڙي زبان ٺاهي، جنهن کي رابطي جي زبان چئي سگهجي ٿو. هو اهڙا به نه هئا، جو هر ڳالهه جو نقل ڪن ها ۽ اهڙا تنگ دل به نه هئا، جو سري کان ٻين جي سٺين شين کي پسند نه ڪن ها. هندستان ايندي ئي هتي جي فضا انهن جي دلين ۾ گهر ڪري ويئي. زبان جيان هنن هتان جي هر فن جو قدر ڪيو. هر صنعت کي ترقي ڏني، پنهنجي مزاج کي هتان جي مزاج ۾ سمائي ڇڏيو ۽ هر شئي جو هڪ طريقو ڪڍيو، جنهن کي اسين ٺيٺ هندستاني کان سواءِ ٻيو ڪجهه چئي نٿا سگهون. هندو مسلم مزاج جو اهو ميل امير خسرو جي گڏيل سڏيل فارسي، هندي نظمن، ان جي غزلن ۽ ڳجهارتن کان شروع ٿئي ٿو. جڏهن ترڪن کي آباد ٿيندي ئي پيڙهيون به نه گذريون هيون ۽ هاڻ هو اسان جي طبيعت ۽ عادت ۾ ايئن شامل ٿي ويا هئا، جو انهن تي گڏپ جو شڪ به نه ٿيندو هو. انگريزي تعليم، يورپي تهذيب ۽ واپاري مال، جيڪو ان يقين سان اسان جي بازارن ۾ ڀريو وڃي ٿو ته اسين اهو ڊوڙي وڃي خريد ڪنداسين، انهن ڳالهين کي وساري ڇڏيو آهي، جيڪي هندستان کي نج هندستاني تهذيب سيکاريون. انهن شين کي اسان جي نظرن کان لڪائي ڇڏيو، جيڪي اُن ٺاهيون، اسين وساري ويٺا آهيون ته دري ۽ غاليچا، چلمن ۽ پردو، حوض، ڦوهارو ۽ چبوترو، سلنچي، دسترخوان ۽ پليٽون، لوٽا ۽ صراحيون، جوتا ۽ ٽوپيون ۽ سبيل ڪپڙن جو عام رواج نه هو. هٿ هلائڻ ۽ گلي ملڻ جي رسم ۽ گهرجي ورهاست جو اهو طريقو جنهن ۾ ملاقات جي لاءِ ڌار حصو هوندو آهي ۽ خلوت جو الڳ. اهي صحبتون جن ۾ ڌارين جو قدر پنهنجن کان به وڌيڪ ڪيو ويندو آهي، اهي دعوتون جن ۾ هر ذات ۽ ڌنڌي جي ماڻهن جو هڪ هنڌ ويهي کائين ٿا، تعليم حاصل ڪرڻ جو عام حق، پنهنجي صلاحيتن ڏيکارڻ جو سڀني کي موقعو، اهي سڀ ڳالهيون مسلمانن سان گڏ آيون ۽ هندستاني تهذيب ۾ رچي ويون. هنن نين شين جو شوق به پيدا ڪيو، ڌوڻي ۽ ساڙهي هزارين سالن تائين هندستانين جو لباس رهيو ۽ ٿورو به نه بدليو. پر مسلمانن جي اچڻ کان پوءِ ڏسبو ته هر نئين پيڙهيءَ لباس کي بدلائي هڪ نئون طريقو اختيار پي ڪيو آهي. رهڻي ڪهڻي ۾ به تڪلف ۽ نفاست ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي ويئي ۽ گهرو زندگي ۽ ميل جول کي هر ممڪن طريقي سان سنواريو ويو.
    پر اها هندستاني تهذيب هڪ ڏيکاءُ هجي ها ۽ اندران کوکلي هجي ها، جيڪڏهن مذهب ان ۾ سالا نه وجهي ها. نئين تعليم اسان کي پٽي پڙهائي ته مسلمانن جيئن زبردستي حڪومت قائم ڪئي، تيئن ئي پنهنجي دين کي به پکيڙيو ۽ انهن جي هلت اهڙي هئي، جو جن هنڌن کي پنهنجي ڌرم ۽ قومي عزت جو خيال هو، سي کانئن ڌار رهيا. تنهن کان سواءِ اڄڪلهه جي سياست اهو به سبق پئي پڙهائي ته مذهب ته سدائين ويڙهائي ٿو، گڏي نٿو، هاڻ اسين ڀائيچاري جو ڪيئن ٿا اندازو لڳائي سگهون ته، جيڪو صوفين ۽ جوڳين، شاعرن ۽ ڀگتن جي خلوص ۽ صفائي جو عڪس هو، جنهن جو اجالو اڃا تائين اسان جي زندگين جي رونق هجي ها، جيڪڏهن اسين ان کي پنهنجي خود غرضين تي قربان نه ڪريون ها، ان ڀائيچاري جو بنياد خواجه معين الدين چشتي رکيو هو. جڏهن هو اجمير آيو ۽ اڇوتن ۾ رهي انهن جي خدمت ڪري اسلامي ڀائيچاري جو پيغام ٻڌايو. ان کان پوءِ سندس پوئلڳ اسلامي اخلاق جو مظاهرو ڪندا رهيا، انهن ۾ ايتري ته رواداري هئي، جو دينداري ۽ دل جي صفائي کي جتي به ڏسن ها قدر ڪن ها، کين علم حاصل ڪرڻ جو اهڙو ته شوق هو جو يوگ ۽ گيان ۽ ڌيان سڀني رستن تي هلي، ان آخري منزل تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪن، جنهن جي اڳيان رڳو خدا جي ذات آهي. انهن صوفين جا پنهنجا حلقا هئا، جن ۾ هندو ۽ مسلمان ٻئي شريڪ ٿيندا هئا ۽ اهو روحاني يڪجهتي جو بي مثل نمونو هو.
    اسلام جتي به پکڙيو، صوفين جي ڪري پکڙيو. پر اها به ياد رکڻ جي ڳالهه آهي ته ان جي اثر سان هندن جا پنهنجا عقيدا به پختا ٿيا. اپنشندن ۾ ڀڳوت گيتا جي تعليم، يوگ ۽ فلسفي سان کين نئون لڳاءُ ٿيو. هنن پنهنجي ڌرم جي تعليم جو پرچار ڪيو ۽ ان علم کي، جيڪو ان وقت تائين برهمڻن وٽ ڪتابن ۾ بند ٿيو پيو هو، هندن جي سڄي سماج ۾ دل کولي ورهايو. تلسي داس جي رامائڻ ۾ رام چندر جي ڪٿا بيان ڪيل هئي، پر هو هندي ۾ ڪڏهن به نه کلي ها، جيڪڏهن مسلمانن ان زبان کي عزت نه ڏني هجي ها ۽ اهو خيال هر ڪنهن جي دل ۾ اهو خيال نه ويهاريو وڃي ها ته دين جي دولت تي سڀني جو حق هڪ جيترو آهي.
    هندن ۽ مسلمانن جي گڏجڻ سان نه ڪو نئون مذهب جڙيو ۽ نه جڙڻ گهرجي ها، پر جيئن صنعت، فن تعمير، موسيقي ۽ فنون لطيفه جي ٻين شعبن ۾ ٻنهي جي مزاج گڏجي هڪ معيار قائم ڪيو، جيئن ٻنهي جي ميل ميلاپ ڳالهه ٻولهه ۽ صحبت جا آداب مقرر ڪيا، تيئن سندن دلين ۾ گڏجي انسانيت جو هڪ تصور جڙيو، جنهن جي سامهون سڀني جا ڪنڌ جهڪندا هئا ۽ جيڪي سڀني کي هڪ جيترا پيارا هئا. انسانيت جو اهو تصور ان زماني ۾ هڪ سهارو هو، جڏهن ته مغل سلطنت برباد ٿي چڪي هئي. ان تي ان وقت به ڀروسو رهيو، جڏهن عام ماڻهن، عام طور تي هڪ ٻئي تي ڀروسو ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو. اهو تصور آهي ته ٻڍاپڻ ۽ زوال جو يادگار، پر اهو اسان جي گڏيل سڏيل زبان (اردو) جو جوهر آهي. ان جي تهذيبي قدر ۽ قيمت اسان جي بهترين فني يادگارن کان ڪجهه وڌيڪ ئي آهي ۽ ڪهڙو نه عجيب آهي ته اسين اوپرائپ ۽ عداوت جون سڀئي منزلون طئي ڪرڻ کان پوءِ، ٻيهر ان ئي هنڌ تي پهتا آهيون، جتان کان اسين هليا هئا سين. اسين پنهنجي آخري محفل جي ان ڏيئي کي ٻيهر ٻارينداسين. ان جي سهائيءَ ۾ هڪ ٻئي کي ڏسنداسين ۽ سڃاڻنداسين ۽ اها اسان جي دلين ۾ پراڻي وساريل محبت کي ٻيهر تازو ڪري ڇڏيندي.


    (14) يورپي سڀيتا جي شروعات

    ان وقت کان وٺي جڏهن کان عرب اسلام جو پيغام کڻي نڪتا ۽ لڳ ڀڳ هڪ هزار سالن تائين اوڀر جي اڀرڻ، پکڙجڻ ۽ دنيا تي ڇانئجي وڃڻ جو زمانو هو. جڏهن لڙائي ۽ واپار ۾ هر طرف اوڀر ندين قومن جي جيت رهي ۽ علم ۽ تهذيب ۾ انهن جو عقل روشن خيالي دنيا کي ترقي جو رستو ڏيکاريندي رهيو، سترهين صدي جي آخر تائين اوڀر جي تهذيب ‘سند’ تان لهي ويئي هئي. هر قوم ۾ ڪراڙپ جو روڳ اچڻ لڳو هو ۽ هيڏانهن طبيعتن کي سست ۽ هٿن کي هيڻون ڏسي، اولهائين قومن دنيا جي حڪومت کسي ورتي. هاڻ اهو داستان به ٻڌو ته دنيا جو هينئر جيڪو رنگ ۽ روپ اوهين ڏسي رهيا آهيو، اهو ڪڏهن ۽ ڪيئن ڄميو.
    يورپي قومون پنهنجو پاڻ کي عيسائي چون ٿيون ۽ تنهن ڪري مناسب اهو آهي ته اهو داستان ان وقت کان شروع ڪجي، جڏهن عيسائي مذهب جو رومي سلطنت ۾ پرچار ٿيو. ان کي سڀ کان پهرين انهن غريبن ۽ غلامن قبول ڪيو هو، جن کي رومي حڪومت ۽ تهذيب جي چڪي پيهي رهي هئي ۽ انهن کي دلاسو ڏيڻ جي لاءِ ان مذهب ۾ تمام گهڻو ڪجهه هو. پر عيسائي اڳواڻن پنهنجي محنت ۽ قابليت زندگي کي اهڙي صورت ڏيڻ ۾ نه لڳائي، جنهن سان غريبن جو ڪجهه ڀلو ٿئي ۽ حاڪمن ۽ اميرن جي جوف جيڪو انڌير ڪيو هو، ان ۾ ڪجهه ڪمي ٿئي. هو اهو گهڻو نيڪ ۽ ضروري ڪم سمجهندا هئا ته حضرت عيسيٰ جي خدا يا انسان، يا خدا ۽ انسان هئڻ جي سوال کي طئي ڪن ۽ ان مان جيڪو وقت بچندو هو، ان ۾ هو وري سلطنت کي پٽون ۽ پاراتا ڏيندا هئا ته جيستائين اها موجود هوندي دنيا ۾ خدا جي حڪومت قائم نه ٿي ٿي سگهي. اسان کي اهو صحيح معلوم ته ڪونهي ته رومي سلطنت عيسائين سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو، تنهن ڪري مذهب جي سچائي ثابت ڪرڻ جي لاءِ ان زماني ۾ بي ڌڙڪ ڪوڙ ڳالهايو ويو ۽ عيسائي فرقن جا سردار هڪ ٻئي کي جهڙي نموني گاريون ڏيندا، بدنام ڪندا ۽ ذليل ڪندا هئا، ان کي ڏسندي ئي سندن ڪنهن به ڳالهه تي اعتبار ڪرڻ ممڪن نه هو. عيسائي مذهب کي به دنيا سان ۽ دنيا جي سڀني قومن ۽ تهذيبن سان اهڙي ته ڪٽر دشمني هئي، جنهن تي وقت جا گمراهه، بي دين ۽ ڪوڙن ديوتائن کي پوڄيندڙ رومي به دنگ رهجي ويندا هئا ۽ عيسائين تي جيڪڏهن سختيون به ڪيون ويون ته ان جو وڏو سبب هي هو ته رومي کين پنهنجي مذهب جا ئي نه پر خود انسانيت جا به بدخواهه سمجهندا هئا، جن جو هر وقت اها پٽ ۽ پاراتو پيو پوندو هو ته خدا جو ڏمر نازل ٿئي ۽ دنيا سڙي ڦلهيار ٿي وڃي.
    پر پنهنجن عيبن ۽ هڪ ٻئي سان جهيڙن جهٽن جي باوجود به عيسائي جماعت وڌندي رهي. رومي سلطنت ۽ رومين جي طبيعت ۾ بگاڙ پيدا ٿي پيو هو. مٿن اتر پاسان وحشين جو دٻاءُ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو هو ۽ چوٿين صدي جي شروع ۾، شهنشاهه قسطنطين اهو سوچي عيسائي مذهب کي سرڪاري مذهب بنائي ڇڏيو ته، شايد ان تدبير سان سلطنت پاڻ سنڀالي وٺي. پر کيس ڏاڍي مايوسي ٿي، ڇاڪاڻ ته جتي تڪليفون هيون، اتي اها هڪ ڏکي ذميداري به هئي ۽ اڃا به وڌي ويئي ته عيسائي فرقن کي هڪ ٻئي جي زور آزمائي کان بچائجي. هڪ ٻئي کي مارڻ ۽ ساڙي ڇڏڻ کان روڪجي. عيسائين کي هاڻ غريبن سان ڪو به لڳاءُ نه رهيو هو، ڇاڪاڻ ته ان ئي قسطنطينه ۾ ٽيڪس وڌايا ۽ جيڪا غلامن جي کوٽ ٿي پئي هئي، اها پوري ڪرڻ جي لاءِ هن هارين کي غلام بنائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر عيسائي ملت جي سردارن جي ڪنن کي جونءَ به نه سُري. عيسائي مذهب ته هڪ هيرو هو، جيڪو بدقسمتي سان سوناري جي بدران لوهار جي هٿ چڙهي ويو هو ۽ اهو تراشيو نه پر ٽوڙيو ويو. پاڻ به بي آبرو ٿيو ۽ ان سان گڏ اهي ماڻهو به جيڪي ان جا مالڪ هئا، سي به ان جو قدر سڃاڻي نه سگهيا.
    ان ۾ ڪو به تعجب ڪونهي ته عيسائي مذهب رومي سلطنت کي بچائي نه سگهيو. اها اندران ئي اندران ڳرندي سڙندي رهي هئي ۽ پوءِ يورپ جي وحشي نسلن کين ڊاهي ڇڏيو، چئن پنجن سؤ سالن تائين تهذيب جون پراڻيون ٻنيون هڪ نئين سيلاب ۾ ٻڏل رهيون ۽ نيٺ پاڻي جو زور ٿيو ته سلطنت ۽ مذهب هڪ ٻئي کي سهارو ڏيئي زمين تي پير کپايا. ان زماني ۾ پادرين ۽ ديون جو اهو بندوبست ۽ مذهبي حڪومت جو اهو طريقو، جنهن جي هڪ سري تي ڳوٺ جو ديول ۽ پادري ۽ ٻي ڪنڊ تي روم ۾ وڏو ديول وڏو پادري هو. ديولن ۽ پادرين جي ان سلسلي کي رومي ڪليسا چوندا آهن ۽ ان جي سردار کي پاپاءِ روم.
    800ع ۾ جرمن نسلن جي سردار چارلس اعظم، يورپ جي وڏي حصي تي قبضو ڪري پنهنجو پاڻ کي شهنشاهه سڏرايو ۽ پنهنجي سلطنت جو نالو مقدس رومي سلطنت رکيو. اها سلطنت مقدس هرگز نه هئي ۽ ان جا بادشاهه ۽ ان جي رعيت جرمن هئي، رومي نه هئي. پر اهو خيال ماڻهن جي دلين ۾ ويهي رهيو ته سڄي عيسائي ملت کي هڪ ڏسجي ۽ هڪ ئي شهنشاهه جي هٿ هيٺ رهڻ گهرجي ۽ ڪيترن ئي سؤ سالن تائين ان خيال کي اتحاد جو ذريعو بنائڻ جي ڪوشش ٿيندي رهي.
    يورپ، وچ جي صدين ۾ جيڪا ٿوري گهڻي ترقي ڪئي، ان ۾ يونان ۽ روم جي تهذيب ۽ ڪليسا ٿوري به مدد نه ڪئي. يونان ۽ روم جو ان وقت رڳو نالو وڃي بچيو هو. اتي جي تهذيب کنڊرن جي هيٺان دٻي پيئي هئي ۽ ان جو جيڪڏهن ڪو حصو کوٽي ڪڍيو ويندو هو ته رومي ڪليسا جو تعصب ان کي ٻيهر زمين ۾ دٻائي ڇڏيندو هو. يورپي قومن کي ان اونداهي رات ۾ جيڪا روشني ملي، اها اسپين ۽ سسلي جي عرب تعليم گاهن مان ملي، جتي علم ۽ آزاد خيالي جو وڏو چرچو هو. ان وقت ڪليسا جي ڊپ يورپ وارن کي مسلمانن جي تهذيب ۾ ترقي مان ڪو فائدو وٺڻ نه ڏنو، بلڪ مسلمانن کان اهڙي ته نفرت پيدا ڪئي جنهن احسان مڃڻ ته پري رهيو، پر مسلمانن سان انسانيت جو سلوڪ ڪرڻ به هڪ وڏو ڏوهه بنائي ڇڏيو. اهو ڳجهه ته، اڃا ٿورو اڳ انصاف پسند عالمن جي ڪوششن سان کليو آهي ته مسلمانن ئي يورپ وارن کي علم جا پهريان سبق پڙهيا، صنعت جا گر سيکاريا، انهن جي ذهنن کي ڪال ڪوٺڙي مان ڪڍيو، جنهن ۾ ڪليسا کين بند ڪيو هو ۽ انهن جي دلين کي، جيڪي پٿرائجي ويون هيون، نئين شوق ۽ نئين حوصلي گرمي پهچائي. صليبي جنگين ۾ يورپ جي اميرن ۽ بادشاهن کي پهريون ڀيرو اهو ڏسڻ جو موقعو مليو ته مهذب ماڻهو ڪيئن هوندا آهن، ڇا کائيندا آهن، ڇا پهريندا آهن ۽ ڪيئن رهندا آهن؟ مزاج ۾ رهڻي ڪهڻي جي ان تبديليءَ واپار کي وڌايو، صنعت کي ڀڙڪايو، هنر کي مهميز ڏني ۽ ايئن تهذيب جو ڏيئو ٻاريو ويو. پوءِ به ستن اٺن سؤ سالن تائين يورپ جي تاريخ ڪليسا جي لالچ ۽ تعصب جو داستان رهيو. عيسائي مذهب جي تعليم اها آهي ته انسان کي ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي لاءِ دنياوي زندگي کي گناهه ۽ شيطان جو دوکو سمجهي ڇڏي ڏيڻ گهرجي ۽ خدا سان کيس، جيڪو سراسر رحم آهي ۽ حضرت عيسيٰ سان جيڪو محبت ۽ قرباني جو ڪامل نمونو آهي، دل لڳائڻ گهرجي. رومي ڪليسا اهو سبق ته ورجائيندو رهيو پر پاڻ ڪڏهن به ان تي ڪاربند نه رهيو، ان کي لالچ هئي ته حڪومت جي هئي ۽ پنهنجي ٺٺ ۽ ٺانگر سان ماڻهن جون اکيون کيريون ڪرڻ جي هئي. سترهين صدي جي هڪ انگريز ليکڪ صحيح چيو هو ته، رومي ڪليسا، قديم رومي سلطنت جو ڀوت آهي جيڪو تاج پايو، ان جي قبر تي ويٺو آهي.
    يورپ جي اڌ کان به وڌيڪ زمين ڪليسا جي قبضي ۾ هئي، ان جا عهديدار سڀ زميندار هئا. پاڻ ته ٺٺ ۽ ٺانگر سان رهندا هئا، پر غريب آباديءَ کان ڪيترن ئي قسمن جون ڍلون ۽ محصول وٺي، روم جي خزاني ۾ ڏن طور موڪليندا رهندا هئا. پر ڪليسا جي اُڃ ان سان به نه پي اُجهي؛ پوپ، عيسائي ملن جو سردار ئي نه پر بادشاهن جو به بادشاهه هئڻ جي دعويٰ ڪندا رهيا ۽ ان جي آمدني ۽ اثر رسوخ وڌائڻ جي لاءِ سڀني وسيلن تي قبضو ڪرڻ چاهيو. اهي سوين سالن کان وڙهندا رهيا ۽ انهن لڙائين جو هڪ نتيجو اهو هو ته پوپن صليبي جنگين جو سلسلو شروع ڪيو. انهن جنگين ۾ لکين ماڻهو مارجي ويا، سوين وسنديون ويران ٿي ويون، پر پوپن کي ان جي پرواهه نه هئي هو ته ان ڳالهه تي خوش هئا ته سندن آمدني وڌي، سندن اثر وڌي ۽ جيڪي بادشاهه کين ستائيندا هئا، تن کي مشڪل ۾ ڦاسايو وڃي. پهرين ته صليبي جنگين جو وڏو هُل متو، پر پوءِ پوپن جي پت پڌري ٿي پئي ۽ سندن چوڻ تي ڪو به صليب جي لاءِ وڙهڻ تي تيار نه ٿيندو هو. ڪليسا جي جيڪا حيثيت هئي، ان تي به بادشاهن سان ٽڪرائجڻ سولو ڪم نه هو. پوپن جو خرچ ايترو ته وڌي ويو هو، جو کين آمدني وڌائڻ جي لاءِ نت نيون تدبيرون سوچڻيون پيون. انهن مان هڪ تدبير اها به هئي ته هو گناهن جا ”معافي ناما“ وڪڻندا هئا ۽ ان يورپ جي مذهبيت کي اهڙو ته صدمون پهچايو جو اها پوپن ۽ ڪليسا سان وڙهڻ جي لاءِ تلوار ڪڍي ميدان ۾ اچي و يئي.
    عيسائي فرقن کي هڪ ٻئي سان جيڪا دشمني هئي، ان جو ذڪر ته ڪري چڪو آهيان، اولهه يورپ ۾ جڏهن ڪليسا جو ڌاڪو ڄميو ته ڄڻ نفرت ۽ تعصب جو مادو به هڪ هنڌ گڏ ٿي ويو. انهيءَ جو مزو نه رڳو مسلمانن، پر خود يورپ وارن به چکيو، جو انهن مان جيڪو به شخص يا جماعت ٿوري به رومي ڪليسا جي مخالفت ڪندو هو، ان کي سخت سزائون ڏنيون وينديون هيون. يعني ڪليسا جي عهديدارن جي هر ڳالهه اکيون ٻوٽي نه مڃڻ وارن کي ڪليسا دوزخ جي باهه کان بچائڻ لاءِ پاڻ ساڙي ڇڏيندي هئي. ايئن ڏکڻ فرانس ۾ ته وسندين جون وسنديون ان باهه ۾ ساڙيون ويون. انهن ۾ اهڙن فرقن جا ماڻهو به شامل هئا، جن جو ڪليسا جي عقيدي سان ٿورو گهڻوا ختلاف هوندو هو ۽ عيسائين مان انهن معصوم ٻارڙن تي به ڪو رحم کائڻ وارو نه نڪتو، جيڪي پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ سان گڏ سڙندڙ گهرن ۾ اڇلايا ويا.
    ڪليسا جي تعصب جي باهه اهڙي هئي جيڪا وسامڻ لڳندي هئي ته ان جي لاءِ نئون ٻارڻ ڳولهيو ويندو هو ته جيئن ان سان دين جي روشني پکڙجندي ۽ ڪليسا جي بدن کي گرمي پهچندي رهي. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته رومي ڪليسا جي مخالفت ۾ جيڪي نوان فرقا ٺهيا ۽ ڪامياب ٿيا، انهن به گمراهن ۽ قريلن کي ساڙڻ جي رسم جاري رکي ۽ تعصب جا اُلا دٻجڻ جي بدران ڀنڀٽ بنجي ڀڙڪڻ لڳا.
    رومي ڪليسا کي ته پنهنجي تعصب جي ڪري ڪو به نقصان نه ٿيو، پر پوپن ۽ شهنشاهن جي جنگين جو انجام اهو ٿيو ته ٻئي زخمي ٿيا ۽ اهو خيال ته سڄي عيسائي سماج جو هڪ سردار هئڻ گهرجي، دلين تان ميسارجي ويو. ماڻهو انهن ڳالهين تي راضي ٿي ويا ته ڌار ڌار سلطنتون قائم هجن ۽ انهن سلطنتن جا بادشاهه ڪنهن جي ماتحت نه هجن. اهو هڪ وڏو انقلاب هو، جنهن يورپ جي زندگي جو نقشو ئي بدلائي ڇڏيو، جو انهن بادشاهن جي ڪري ئي رومي ڪليسا هيڻي ٿي. حڪومت جون نيون تدبيرون سوچيون ويون ۽ واپار ۽ صنعت جا پراڻا ٻنڌڻ ٽٽا. يورپ ۾ جڏهن نوان نسل آباد ٿيا ته حڪومت جو هڪ طريقو نڪتو ته هاري کان وٺي بادشاهه تائين، هر شخص جو ڪنهن ٻي سان معاهدو هو ۽ هر شخص جا حق ۽ ان جا فرص مقرر هئا. هاري جو فرض هو ته پوکي ڪري زميندار جو حق هو ته اپت مان هاري جي لاءِ هڪ حصو ڇڏي، باقي سڀ پاڻ کڻي، پر هاري جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪري. ننڍن زميندارن جي مٿان وڏا زميندار هئا، جن کي هو ڍل به ڏيندا هئا ۽ ان وعدي تي ته گهرج پوڻ تي سندن مدد ڪئي ويندي ۽ هو پاڻ ان ڳالهه جا ذميوار هوندا هئا ته کين جڏهن به گهرايو ويندو، سپاهين جي هڪ خاص تعداد ساڻ وٺي پنهنجي سرپرست وٽ پهچي ويندا. اهو سلسلو بادشاهه بلڪ شهنشاهه تي وڃي ختم ٿيندو هو، جنهن جي فرمانبرداري سڀني تي فرض هئي ۽ سڀني جي خبرگيري جي ذميداري مٿس هوندي هئي. ان نظام ۾ اوهين ڏسي سگهو ٿا ته سڄو وزن هارين تي وڌيو ويو هو، جيڪي حقيقت ۾ غلامن کان به بدتر هئا ۽ سڀني کان وڌيڪ اڻ تڻ بادشاهه کي هوندي هئي ته جيڪڏهن سردار بگڙجي پيا ته وٽس نه فوج رهندي ۽ نه سرمايو رهندو. ٻي ڏسڻ جي ڳالهه اها آهي ته واپاري، ڪاريگر، دستڪار ۽ مزدورن جي ان نظام ۾ ڪا به کپت نه هئي. اهي ماڻهو شروع کان ئي اسان کي ٿورن شهرن ۾ ملن ٿا. انهن جي نه ڪا حيثيت هئي ۽ نه ئي وري کين ڪو به پڇڻ وارو هو. پر هوريان هوريان پهرين اطاليا ۾، جيڪو اسلامي دنيا جي ويجهو هو ۽ ٻيو اتر يورپ ۾ به شهرن ۾ واپار ۽ صنعت وڌي. واپاري مالدار ٿيندا ويا ۽ بادشاهن انهن سان ٺاهه ڪري وڏن زميندارن کي دٻايو ۽ معاهدن جي انهن زنجيرن کي ٽوڙيو، جن ۾ سڄي آبادي ٻڌل هئي ۽ پنهنجي ۽ رعيت جي وچ ۾ ڪا به وچ جي ڪڙي نه رکي. بادشاهن کي ان ڳالهه جو فڪر هو ته انهن جي پنهنجي طاقت وڌي ۽ انهن جي سرسي ٿئي، پر پنهنجو مطلب پورو ڪرڻ جي لاءِ هنن جيڪي چالون هليون، انهن جو نتيجو اهو نڪتو ته يورپ جون قومون به هڪ هڪ ڪري گهري ننڊ مان سجاڳ ٿيون ۽ هنن ڪر موڙي هيڏانهن هوڏانهن نظر وڌي ته همت ۽ حوصلي جي لاءِ هڪ وڏو ميدان موجود ڏٺائون. يورپي قومن شايد تمام جلد ترقي ڪئي هجي ها، جيڪڏهن ڪليسا کين قابو ۾ رکڻ جي لاءِ تعصب ۽ تنگ نظري جي جيڪا دوا پياري هئي، انهيءَ جو مٿن بيدار ۽ هوشيار هئڻ کان پوءِ به اثر نه رهي ها. مسلمانن جي صنعتن جو نقل ڪندي يورپ وارن جي هٿن ۾ چڱي خاشي صفائي اچي ويئي هئي ۽ اطاليا جي واپارين عربن سان وڏو ڪاروبار ڪرڻ جو ڍنگ به سکي ورتو هو. پوءِ هڪ وقت اهڙو به آيو جڏهن اوڀر ۽ اولهه جي واپارين ۾ مقابلو ٿيو، اولهه وارا محسوس ڪرڻ لڳا ته جيستائين اوڀر جي منڊين ۽ واپاري رستن تي عربن ۽ ترڪن جو قبضو آهي، تيستائين هو اڳيان نه وڌي سگهندا ۽ هنن ايشيا تائين پهچڻ جي لاءِ نوان رستا ڳولهڻ شروع ڪيا. ان ڪوشش ۾ ڪولمبس آمريڪا ڳولهي لڌي ۽ واسڪو ڊي گاما هندستان پهتو. هيڏانهن تيرهين صدي ۾ تاتارين اوڀر جي صنعت تي اهڙا ته وار ڪيا، جو اها وري اڀري نه سگهي ۽ هوريان هوريان يورپ وارا جيڪي پهرين پاڻ وٽ اوڀر جون ٺهيل شيون گهرائيندا هئا، هاڻ پنهنجو گهرجون پاڻ ئي پوريون ڪرڻ لڳا. واپار سان گڏ هنن وٽ تهذيب به اڳتي وکون وڌايون. منجهن آزادي جو حوصلو سڀ کان پهرين ايئن ظاهر ٿيو ته رومي ڪليسا کان بغاوت ڪئي ويئي، پر باغي هڪ ٻئي سان ان ئي تعصب سان پيش ايندا رهيا، جيڪو رومي ڪليسا جو ڌرم هو. مذهبي اختلافن جي سزا ۾ ماڻهو باهين ۾ سڙندا رهيا ۽ هر ملڪ کي مذهب جي ڪري گهرو ويڙهه جون مصيبتون سهڻيون پيون. آمريڪا ۽ هندستان جو رستو پندرهين صدي جي آخر ۾ دريافت ٿيو ۽ يورپ جي آخري مذهبي جنگ 1648ع ۾ ختم ٿي. نون فرقن جو مذهب، دنيا جو دشمن نه هو، پوءِ به هر ملڪ ۾ سچي تهذيب ۽ ترقي جي شوق جو شوشو رهيو. يورپ ۾ علم جو ڏيئو مذهب جي چراغ کي وسائي ٻاريو ويو ۽ هاڻ به ماڻهو سمجهن ٿا ته انهن ٻنهي جو هڪ ئي وقت ٻرڻ قدرتي قانون جي ابتڙ آهي.


    (15) جديد يورپ

    پندرهين صدي جي آخر تائين يورپ جا رهاڪو مهذب زندگي جا شروعاتي ڏاڪا طئي ڪري چڪا هئا. هو ملڪ ۽ زبان ۽ رهڻي ڪهڻي جي لحاظ کان ڪيترن ئي حصن ۾ ورهائجي چڪا هئا، سندن بادشاهن انهن پابندين کي گهڻو تڻو ٽوڙي ڇڏيو هو، جن ۾ جرمن شهنشاهي جي قائم ڪيل جاگيري نظام کين جڪڙي رکيو هو ۽ اٽلي ۾ علم، ادب، آرٽ ۽ تهذيب جو هڪ ذوق پيدا ٿي ويو هو، جنهن پراڻي مذهب کي پاڙن کان لوڏي ڇڏيو هو. نئين زندگي جا آثار اسان کي هر هنڌ، هڪ ئي وقت نظر نٿا اچن. شاهي حڪومت سڀ کان پهرين انگلينڊ ۽ فرانس ۾ پنهنجن پيرن تي بيٺي. نون مذهبي خيالن جا ڪرڻا سڀ کان پهرين جرمنيءَ ۾ ظاهر ٿيا. نئين تهذيب جا پهريان گل اٽلي ۾ ٽڙيا. آمريڪا جو رستو هتان جي ملاحن ئي ڳولهي لڌو ۽ پورچو گالي سڀ کان پهرين آفريقا جو چڪر هڻي هندستان پهتا. ان نئين زماني جي تهذيب جو ذڪر اڳتي ايندو، هينئر انهن سياسي تحريڪن ۽ انقلابن جو حال احوال ٻڌي وٺو، جن نه رڳو يورپ، پر سڄي دنيا جو نقشو بدلائي ڇڏيو.
    سياست دنيا ۾ ڪا نئين شئي ڪونهي ۽ جيستائين يورپ جي سياست بادشاهن جي هٿ ۾ رهي، ان ۾ ڪا نئين يا نرالي ڳالهه نه هئي. پر هوريان هوريان اهي شڪايتون ۽ عداوتون، جيڪي بادشاهن پنهنجي رعيت کي، پاڻ ۾ ويڙهائي پيدا ڪيون هيون، تاريخ بنجي ويون ۽ ان تاريخ ۾ اهڙا عنصر شامل ٿي ويا، جن قومي داستانن کي قوميت جو ڌرم بنائي ڇڏيو. جيئن جئين اهو ڌرم پکڙيو، تيئن تيئن سياسي تنظيم جا نوان اصول به دريافت ڪيا ويا جن سماج کي اٽي جيان ڳوهيو. حڪومتن جي نين تدبيرن ۽ ترڪيبن سان ان ۾ لس پيدا ڪئي ويئي ۽ آزادي جي گرمي ڏيئي ان جو خمير ٺاهيو ويو. قوميت جي ڌرم همتن کي ايئن اڳتي وڌايو، جو يورپ وارا دنيا تي ڇانئجي ويا ۽ سياست ۽ واپار جي ڄار کي اهڙي نموني پکيڙيائون جو، دنيا جي هر ننڍي ۽ وڏي جماعت ۽ دنيا جي هر وسندي ان جي ڦندي ۾ ڦاسي پئي. جديد يورپ جي سياسي تاريخ جو جوهر اهوئي قوميت جو ڌرم آهي ۽ هن وقت سياست جي دنيا انهيءَ سج جي پويان چڪر هڻي رهي آهي.
    اسين يورپ جي ديکا ديکي ان کي هڪ قدرتي باب سمجهڻ لڳا آهيون ته هر ملڪ جا رهاڪو پنهنجو پاڻ کي هڪ قوم ڪري مڃين ۽ قوم جي ڀلائي لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ جي لاءِ تيار هجن. پر يورپ ۾ جيڪي قومون ٺهيون، اهي پاڻ مرادو نه ٺهيون. بادشاهه سدائين هڪ ٻئي سان وڙهندا رهيا آهن. مذهب، رواج، طبيعت ۽ مزاج جو فرق سدائين دنيا جي آبادي کي ڌار ڌار حصن ۾ ورهائيندو رهيو آهي. قوميت سان ڌرم جو اختلاف هڪ بلڪل ڌار شئي آهي. انساني طبيعت جي هڪ ايجاد آهي، جنهن جو مثال اسان کي ڪنهن ٻئي ديس، ڪنهن ٻئي زماني ۾ نٿو ملي، سماج جو قوم بنجڻ قدرتي ڳالهه آهي، نه ڪي لازمي. يورپ اهو نئون ڌرم اختيار ڪيو، ته ان جو هڪ خاص سبب هو. ارادي ۽ مجبوريءَ جو هڪ خاص سانچو هو، جنهن ۾ يورپ جي زندگي ۽ ذهنيت وڌي ويئي، تڏهن ئي وڃي هو ان مذهب کي قبول ڪري سگهيا. اهو سانچو تيار ڪرڻ ۾ ڪجهه ته جاگرافي ۽ تاريخ جو هٿ هو ۽ ڪجهه وري مذهب جو پڻ. ڪجهه انهن ماڻهن جو، جيڪي وچولي طبقي ۾ ڳڻيا وڃن ٿا، جن جو تعداد ڪٿي ٻي هنڌ، ڪڏهن به ايترو نه رهيو جيترو يورپ ۾.
    روس کان سواءِ يورپ جا ٻيا ملڪ نه ايترا وڏا آهن ۽ نه ئي وري انهن ۾ رهڻي ڪهڻي، هڪ طبيعت ۽ هڪجهڙا مقصد رکڻ جو احساس پيدا ٿي سگهيو ۽ نه ئي وري ايترا ننڍا جو انهن جي لاءِ پنهنجي حفاظت ڪرڻ وس جي ڳالهه نه هجي. انهن سڀني ملڪن ۾ هڪ ئي نسل جا ماڻهو آباد نه آهن. ڪٿي ڪٿي مذهب ۽ زبان جو اختلاف پڻ اٿن ۽ ڪي حصا اهڙا به اٿن، جن بابت اڃا تائين اهو طئي ٿي نه سگهيو آهي ته انهن کي ڪهڙي ملڪ ۽ ڪهڙي قوم ۾ شامل ٿيڻ گهرجي. پر يورپ جي اڪثر ملڪن جي وڏن حصن بابت اسين چئي سگهون ٿا ته پهاڙن يا دريائن، انهن کي ٻين ملڪن کان ڌار ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهن جا رهاڪو، نسل، زبان يا ڪنهن ٻي سبب جي ڪري پنهنجو پاڻ کي جدا سمجهن ته غلط نه هوندو. پنهنجي پراڻي، ديسي، پرديسي جي ان فرق کي عداوتن ۽ لڙاين اڃا به وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آهي، پر اهي سڀ ڳالهيون قوميت جو اهو جوش پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪافي نه آهن، جن کي اسين اڄڪلهه يورپ ۾ موجون هڻندي پيا ڏسون. قدرت قوميت کي ٿورو سهارو ته ڏنو، پر انهن ۾ ساهه ڪنهن ٻي نموني پيو، بادشاهن جون چالون، انهن جا جهيڙا جهٽا ملڪن جون حدون وڌائيندا ۽ گهٽائيندا رهيا ۽ هڪ ٻئي جي سگهه کي آزمائيندا رهيا. پنهنجي مطلب کي اصول بنائي ڇڏڻ، فوج ۽ قوم کي هڪ شئي جا ٻه نالا ڪري ڇڏڻ، بادشاهن جي وس جي به ڳالهه نه هئي. قدرت جيان بادشاهن جي سياست به بس قوميت کي سهارو ڏنو.
    هاڻ مذهب کي ئي ڏسو ته ڇا ڇا نه ڪيو. يورپ جي ماڻهن کي جڏهن ٿوري سڌ ۽ سمجهه آئي ته، ٿوري علم جي روشني پکڙي ۽ هنن پنهنجن پراڻن مذهبي اڳواڻن جي تعليم ۽ زندگي کي ڄاڻڻ ۽ پرکڻ چاهيو ته انهن کي ڏاڍو ڪريل ڏٺو. پر ڪيترائي اهڙا ماڻهو هئا، جن پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي پراڻي مذهب کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪئي. سورهين صدي ۾ جرمني ۾ لوٿر ۽ فرانس ۾ ڪال ون به اهڙا سڌارا پسند جنميا، جن جي تعليم جي وڏي هاڪ هئي ۽ هزارين لکين ماڻهو پنهنجا پراڻا مذهب ڇڏي سندن اچي مريد ٿيا. نون ۽ پراڻن خيالن ۾ بنيادي اختلاف هو ۽ جيئن ته ٻنهي جو اهو اصول هو ته غلط عقيدي کي پاڙان پٽي ڇڏڻ گهرجي، يعني انهن جي مڃيندڙن کي قتل ڪرڻ يا ساڙي ڇڏڻ گهرجي، تنهن ڪري لڙائي جو به سامان پيدا ٿي پيو. جرمني جي ڪيترن ئي بادشاهن لوٿر جي سرپرستي ڪئي. ڪال ون، جنويا کي پنهنجو مرڪز بنايو. اتي هڪ قسم جي مذهبي حڪومت قائم ڪئي جيڪا نموني جو ڪم ڏيندي هئي ۽ ڏکڻ فرانس، هالينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ جي لڳ ڀڳ سموري آبادي اهو عقيدو اختيار ڪري ورتو. انگلينڊ ۾ ته لوٿر ۽ ڪال ون جي تعليم جو چڱو موچارو اثر هو. جيتوڻيڪ عام طور تي پوري طرح ماڻهو ان جاءِ سندن مريد نه ٿيا، پر ان زماني ۾ جڏهن نوان مذهبي خيال پکڙجڻ لڳا ته، ماڻهن ۾ ايترو تعصب نه هوندو هو ته مذهبي اختلاف جي ڪري هڪ ٻئي جي رت جا پياسا ٿي وڃن يا انهن جي قوم جي سلامتي ۽ عزت جو ايترو ته الڪو هوندو هو جو مذهب جي خاطر اهو وڃائڻ جي لاءِ تيار نه هجي، ته شايد ان وقت اسين قوميت جي جذبي کي ايترو سگهارو نه ڏسون ها. پر ٿيو هيئن جو پهرين فرانس ۽ پوءِ جرمني ۽ انگلينڊ ۾ مذهبي عداوتن هر قسم جي فتني ۽ فساد کي وڌڻ ڏنو ۽ پاڻ ۾ جنگين ۾ جيڪا رتوڇاڻ ۽ بربادي ٿي، تنهن کان سواءِ هم مذهب پرڏيهين کان به مدد گهري ويئي ۽ ايئن آزادي ۽ رواداري به خطري ۾ پئجي ويئي. جنگ جو نتيجو عام طور تي هڪ فرقي جي فتح ٿي ۽ ان پنهنجي مذهب کي سرڪاري مذهب بنائي ڇڏيو. ايئن هر سطلنت هڪ رياست ٿي ويئي، جنهن ۾ مذهبي جماعت جو به هڪ شان هو ۽ جيئن ته ان کي ديسي ۽ پرديسي دشمنن کان بچائڻ جي لاءِ رت وهايو ويو هو، تنهن ڪري اها ديسين کي اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ عزيز ٿي ويئي هئي. مذهبي جنگين جي زماني ۾ ۽ ان کان پنجاهه سٺ سالن پوءِ تائين رياست ۽ حڪومت جا ڳڻ ڳاتا ويندا آهن. ان مان اسان کي اندازو ٿي وڃي ٿو ته مذهب فساد ڪري به رياست ۽ قوميت کي ڪيترو اڀاريو. ٻئي طرف مذهب رعيت ۾ مخالفت جو مادو پيدا ڪري، سياسي آزادي جو بنياد به رکيو. اهو مذهبي جنگين جو ئي زمانو هو جڏهن هالينڊ وارن اسپين سان وڙهي پنهنجي آزادي حاصل ڪئي ۽ ٻين ملڪن ۾ نه پر انگلينڊ ۾ مذهبي اختلافن جي ڪري ئي قانون جون اهڙيون تشريحون ۽ ترميمون ٿيون، جن شهرين جي حقن ۽ انهن جي آزادي محفوظ ڪري ڇڏي. هائو، جيڪڏهن پوءِ جا ماڻهو مذهبي جنگين کي ياد ڪري خيالن جي آزادي کي ضروري قرار ڏيڻ لڳا ۽ تعصب سان مذهب جي پويان به پئجي ويا ته به قوميت کي هڪ لحاظ کان اڀاريو ويو. ڇو ته مذهب بحث کان خارج ڪيو ويو ته قوميت کان سواءِ سياسي اتحاد ۽ يڪجهتي بلڪ ايئن کڻي چئجي ته زندگي جي صورت قائم رکڻ جو ڪو ٻيو ذريعو نه بچيو هو.
    سورهين صديءَ ۾ جيڪي نوان عقيدا لاڳو ٿيا، ان دين ۽ دنيا جي عداوت کي مٽائي ڇڏيو، جيڪي پراڻي مذهب جي جان هئا ۽ نوڪري، ڪاروبار ۽ ڌنڌي ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ کي هڪ سٺو ۽ سچو حوصلو قرار ڏنو ويو. اهو هڪ وڏو انقلاب هو ۽ اهو ان سبب جي ڪري ٿيو ته هاڻ يورپ ۾ انهن ماڻهن جي وچ ۾، جيڪي دنيا کان منهن موڙڻ تي مجبور هئا ته دنيا کين ڪجهه به نه ڏيندي هئي ته الائجي ڪهڙي بلا آهي. هڪ خاص وڏو طبقو اهڙن ماڻهن جو به پيدا ٿي پيو هو، جن جي لاءِ دولت ڪمائڻ يا پيدا ڪرڻ جو امڪان هو ۽ جن کي ان جي گهرج هئي ته انهن جي همت وڌائي وڃي ۽ انهن جي محنت کي وڌڻ ويجهڻ جو موقعو ڏنو وڃي. نون مذهبين انهن جي خواهش پوري ڪئي ۽ اسين ڏسون ٿا ته هر ملڪ ۾ نئين مذهب کي اتان جي وچولي طبقي اختيار ڪيو. حقن ۽ آزادي جي لاءِ سڀ کان پهرين انهن تلوار ڪڍي ۽ جنگين کان پوءِ حڪومت ۽ ڪاروهنوار کي به انهن ئي سنڀاليو، جن ملڪن ۾ اهو طبقو ڪمزور هو، جهڙوڪ: اسپين يا اٽلي. اتي نئين مذهب ڪا به چرپر پيدا نه ڪئي ۽ انهن ملڪن سياست ۽ واپار ۾ ترقي نه ڪئي. جتي اهو طبقو سگهارو هو. جهڙوڪ انگلينڊ يا هالينڊ ۾. اتي پراڻو مذهب صفا ڌوپجي ويو. نئين مذهب جي پيدا ڪيل حوصلي سبب پئسن جا مينهن وسڻ لڳا، آزادي قانون جوڙيا. امن ۽ شانتي جي سرپرست ۽ نگهبان بنجي ويئي.
    فرانس هڪ اهڙو ملڪ هو، جتي وچولو طبقو ڪمزور نه هو ۽ جتي نئين مذهب صنعت ۽ واپار کي وڏو فروغ ڏنو. پر هڪ طرف هاري ۽ ٻي طرف حڪومت پراڻي مذهب تي قائم رهيا ۽ مذهبي جنگين کي ختم ٿيندي پنجاهه سٺ سال ٿي چڪا هئا. جڏهن هڪ بادشاهه جي تعصب نئين مذهبي فرقي ۽ ان جي پيدا ڪيل خوشحالي کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو ۽ غير ذميداراڻي حڪومت جو هڪ اهڙو بنياد وڌو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته سؤ سالن جي اندر ئي حڪومت جو ڏيوالو نڪري ويو ۽ وچين طبقي جا ماڻهو، جيڪي هر سياسي ۽ سماجي حق کان محروم رکيا ويا هئا، شاهي حڪومت جا جاني دشمن بنجي ويا. جيئن ته انهن کي ڪنهن به نموني حڪومت ۾ شريڪ ٿيڻ جو موقعو نه ڏنو ويو هو، تعليم يافته فرانسسين جي دماغن ۾ اهي ئي اصول ڀرجي ويا ۽ اهو ئي سبب هو ته فرانسيسي انقلاب ۾ رت وهيو ۽ حڪومت جو شيرازو وکري ويو ۽ انهن ئي ماڻهن جي هڪ بادشاهه جو ڪنڌ رڳو ان ڏوهه ۾ ڪپيو هو ته هو پنهنجي پيءُ جو پٽ هو. اهو ڏسي ته، ٻي ڪنهن طريقي سان ڪم نٿو هلي، نيپولين جي شخصي حڪومت تي راضي ٿي ويا ۽ هنن کيس بادشاهه ئي نه، شهنشاهه بنائي ڇڏيو. پر فرانسي انقلابين جا اصولي بحث ۽ اڻ تڻ بيڪار نه ويئي. نيپولين جي فوجن اسپين کان وٺي روس تائين هر پراڻي شاهي حڪومت ۽ ان جي انتقام کي اهڙي ته لت هنئي، جو هو پاسو بدلائڻ کان سواءِ سنڀالي نٿي سگهيو ۽ جڏهن يورپ جون هڙئي قومون نيپولين جي خلاف ميدان ۾ اچي ويون ۽ ان جي سياست ۽ فرعونيت کي مٽي ۾ ملايو ويو ته اهي به فرانسيسي انقلابين جيان حق ۽ آزادي جا قسم کائڻ لڳيون ۽ يورپ ۾ جمهوري حڪومتون عام معيار بنجي ويون. پر انهن نين حڪومتن پنهنجو نالو ڀلي ڪهڙو به رکيو، اهي اصل ۾ سرمائيدارن ۽ وچولي طبقي جي هوشيار ماڻهن جون حڪومتون هيون، جن کي صنعتي انقلاب، جيڪو ارڙهين صدي جي وچ ۾ آهستي آهستي شروع ٿيو ۽ لڳ ڀڳ سؤ سالن ۾ پورو ٿيو، قومي زندگي تي اڃا به حاوي ڪري ڇڏيو هو. صنعت ۽ واپار کي وڌائڻ پنهنجي کيسي ۽ پنهنجين مشينن جو پيٽ ڀرڻ جي لاءِ سرمائيدارن قوميت کي پنهنجو ڌرم بنايو. دنيا جي منڊين تي پاڻ پيشقدمي ڪري يا سياست ۽ فوج جي ٻل تي قبضو ڪيو ۽ جڏهن قبضو ٿي ويو ته تهذيبي خدمت ۽ اخلاق ۽ جمهوريت جي آڙ وٺي اهو قائم رکيو. صنعتي نظام جي مجبورين، جلد يورپي قومن جي لاءِ دنيا سوڙهي ڪري ڇڏيو ۽ 1914ع ۾ انهن جي وچ ۾ اهو ٽڪرا ٿيو، جيڪو مهاڀاري جنگ جي نالي سان مشهور ٿيو ۽ جيڪو ملوڪيت ۽ سرمائيداري جي زوال جو پهريون قدم آهي.
    صنعت ۽ واپار جو جيڪو مقابلو 1870ع کان پوءِ شروع ٿيو، ان ۾ انگلينڊ سڀني کان اڳيان وڌيل هو. اهو ملڪ ٻيٽ هئڻ سبب گهڻو محفوظ هو ۽ ان سبب جي ڪري انگريزن کي سڄي دنيا ۾ گهمڻ ۽ هنڌ هنڌ تي پنهنجا جهنڊا کوڙي حڪومت ڪرڻ جو ڏاڍو سٺو موقعو مليو. هندستان ۾ سندن هٿ ايترو ته سرمايو چڙهيو ۽ پنهنجي صنعت پهرين سبق سيکارڻ جي لاءِ اهڙا ته سٺا نمونا مليا، جو انهن جي صنعت ڏينهون ڏينهن ترقي ڪندي ويئي ۽ جڏهن ٻين قومن کي خام مال ۽ منڊين جي گهرج پئي ته، هنن هر هنڌ انگريزن کي پنهنجي رستي ۾ حائل ڏٺو. جرمن قوم پنهنجي سگهه کي محسوس ڪندي هئي ۽ ترقي ڪرڻ پنهنجو حق سمجهندي هئي، تنهن ڪري اها هوريان هوريان مقابلي ۾ آئي ۽ ان جي سياسي رهبري دورانديش ۽ موقعي شناس ماڻهن جي هٿن ۾ هجي ها ته هو به شايد انگريزن کي سياست ۾ ايئن ئي هيٺاهين ڏيکارين ها، جيئن صنعت ۾. پر بدقسمتي سان قيصر وليم ۽ ان جا صلاحڪار اهڙيون ڳالهيون ڪندا هئا، جو سڀ سندن خلاف ٿي وڃن ۽ چالون اهڙيون هلندا هئا، جو سندن مخالفن ۾ اتحاد پيدا ٿي ويندو هو. اهو سراسر جرمن سياست جو ڏوهه آهي ته، انگلينڊ ۽ فرانس جي وچ ۾ 1895ع ۾ اتحاد پيدا ٿيو ۽ 1905ع ۾ روس به ان اتحاد ۾ شامل ٿي ويو، نه ته انگريز ۽ فرنيچ مدبرن کي سمجهه ۾ نه پي آيو ته هو ڇا ڪن. جرمني جيڪڏهن انڌو بنجي منڊي آسٽريا کي پنهنجن ڪلهن تي نه کنيو هجي ها ۽ پنهنجي عقل کي آسٽريا جي موروثي مونجهارن ۾ نه منجهايو هجي ها ته، گهڻو ممڪن هو ته هو انگريزن جي واپار ۽ سياست جي ڄار کي، جيڪو يورپ جي اولهائين سري کان ايشيا جي اوڀر ڇيڙي تائين پکڙيل هو، وچ مان ڪٽي ڇڏين ها. پر آسٽريا، کيس بلقان ۾ ڦاسائي ڇڏيو ۽ ان ڦندي مان نڪرڻ جي لاءِ کيس روس، فرانس ۽ انگلينڊ سان جنگ جو اعلان ڪرڻو پيو.
    مهاڀاري جنگ نه سياست جا اصول بدلايا ۽ نه وري معيشيت جا. هولناڪ رتوڇاڻ جو نتيجو رڳو اهو نڪتو ته انگلينڊ ۽ فرانس کي يورپ جو نقشو پنهنجي مرضي موجب بدلائڻ جو موقعو ملي ويو. پر دنيا جو ان ۾ ڇوٽڪاور هرگز نه هو ته انگلينڊ ۽ فرانس جا اختيار وڌن ۽ ٻين جا گهٽ ٿين. يورپ جي سياسي مونجهارن جو به اهو نبيرو نه هو، اڃا مهاڀاري جنگ کي ٿيندي ويهه سال به نه ٿيا هئا، جو هڪ ڀيرو ٻيهر چوڌاري اهڙي طوفان جا آثار نظر اچي رهيا هئا، جيڪو يورپ جي ڪنهن به قوم کي ان لائق نه ڇڏيندو ته اها پنهنجي ڀلائي جي لاءِ ڪجهه ڪري سگهي ۽ چئني طرفن کنڊرن مان خاڪ اڏندي نظر ايندي.


    (16) جديد اولهائين سڀيتا

    اولهائين سڀيتا هن وقت دنيا جي سڀ کان وڏي سگهه آهي ۽ ان جي جيڪا پکيڙ آهي، اها ڪنهن گذريل سڀيتا کي نصيب نه ٿي آهي. اولهائين سياست جاپان جي هڪ ننڍي ٻيٽ کي ڇڏي، جتي به ڪنهن کي ڪم ڪندي ڏٺو، اتي ان جا هٿ ۽ پير ٻڌي ڇڏيا، ته جيئن اولهائين صنعت کان سواءِ ضرورت ۽ آرام جون شيون حاصل ڪرڻ جو ٻيو ڪو به ذريعو نه رهي. ٻئي پاسي اولهائين سڀيتا جتي به ٻي ڪنهن سڀيتا جو ڏيئو ٻرندي ڏٺو ته اهو وسائي ڇڏيو ۽ دنيا جي لاءِ پنهنجي روشني کان سواءِ اوندهه کان بچڻ جي لاءِ ٻي ڪا به واٽ نه بچائي. اولهائين سڀيتا جي بي رحم دل، دشمنن کي پنهنجو غلام بنائي ڇڏيو آهي ۽ شيدائين کي پنهنجي ادائن ۽ سهڻي صورت سان پرڀائي، کانئن پنهنجا گهر به وڪرو ڪرائي ڇڏيا. هاڻ دنيا تي ان جو راڄ نه هجي ته پوءِ ڀلا ٻيو ڪنهن جو هجي.
    جيڪڏهن دنيا جي هڪ حصي ۾ اولهائين سڀيتا جو ورتاءُ ان عورت جهڙو آهي، جيڪا مال وٺي ڊگهي ٿيندي آهي ته اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته هن اها ادا ويجهڙ ۾ ئي سکي آهي ۽ اسين ان کي ان ئي پهلوءَ کان ڏسي سڃاڻي نٿا سگهون. هوءَ رڳو پنهنجي پکيڙجي ڪري نه، پر طبيعت سبب بي چين ۽ بي برقرار رهندي آهي ۽ جيستائين ان جي رڳن ۾ رت آهي، هن جي منهن جو رنگ بدلبو رهندو آهي. هندستاني فلسفي يا چيني اخلاق جيان هوءَ هڪ ٽڪري نه آهي، جنهن سان زماني جون موجون ٽڪرائي پاش پاش ٿينديون رهنديون آهن. پر هوءَ خود هڪ سمنڊ آهي ۽ موجن ۽ طوفانن کي پنهنجي هنج ۾ پاليندي رهندي آهي. جيڪڏهن وقت کيس ناگوار آهي ته سندس قوت ۽ حسن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نظر نه اچي ته اها سچ پچ قوت ۽ حسن جي ديوي به آهي.
    اولهائين سڀيتا جي پهرين شڪل اسان کي اٽلي ۾ چوڏهين صدي ۽ پندرهين صدي ۾ ٿي نظر اچي. تڏهن اها هڪ خاص و ضع جي انسانيت هئي، جنهن جو ڪنڌ ته ديول ۾ پادرين جي سامهون جهڪيل هو ۽ دل يونان جي مندرن ۽ انهن جي رنگيلي ديوين ۾ الجهيل هو. کيس فڪر ان ڳالهه جو هو ته هو هڪ اهڙو نئون ”شوالا“ بنائين، جنهن ۾ عيسائي مذهب جو جوش ۽ يوناني زندگي جو حسن، ٻنهي پوڄارين جي شوق ۽ اشتياق کي وڌائين. اها ڪوشش مصوريءَ ۾، عمارتن ۾ ۽ ڪجهه ماڻهن جي اخلاق ۾ ته اسان کي نظر اچي ٿي، جو ان وقت جهڙيون تصويرون ۽ عمارتون يورپ وارا ٻيهر ڪڏهن به ٺاهي نه سگهيا. پر يوناني تهذيب جي نشي ۾ چور هئڻ تي به عيسائي مذهب ۽ عيسائي ڪليسا ڪٽر پڻي ۽ حڪومت جي عادت کي نه ڇڏيو ۽ اٽلي جي سڀيتا تي ڪجهه اهڙو ته ابتو اثر پيو، جو اها اندران ئي سڙي ويئي. اٽلي جي دولت فرانس وارا لٽي کڻي ويا ۽ سڀيتا جو اهو قلم، جيڪو ات نٿي لڳي سگهيو، هن پاڻ وٽ لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي. گڏوگڏ جرمن سڌارڪ لوٿر جي همت پراڻي مذهب جي طلسم کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ يونان جي کنڊرن مان نه پر يورپي قدمن جي نوجوان دلين جي بستي مان هڪ نئين زندگي جي صدا ٿي، جنهن ۾ سُتل قومن کي جاڳائڻ جي وڌيڪ صلاحيت هئي. ان هڪ جرمن جي همت ۽ ان جو پنهنجي دل تي ڀروسو ڪرڻ هڪ مثال هو، جنهن هوريان هوريان پنهنجو اثر ڏيکاريو ۽ ماڻهن ۾ دل جي ڳالهه مڃڻ ۽ غير جو چوڻ نه مڃڻ جي اها سگهه پيدا ڪئي، جيڪا يورپي سڀيتا جو هڪ وڏو شان هو.
    پر ٻن سؤ سالن تائين يورپ جي ظاهري صورت اٽلي ۽ قديم يونان جي فرانسيسي نقال ٺاهيندا رهيا ۽ سترهين ارڙهين صدي ۾ يورپ جي سڀيتا دراصل فرانسيسي سڀيتا هئي، جنهن ۾ رهڻي ڪهڻي، پهرڻ چوڙڻ ۾ زندگي جي آدابن ۽ تڪلفات ۾ فرانسيسي درٻار ۽ شريف گهراڻن جي رواجن جو نقل ڪيو ويندو هو. تعليم يافته ماڻهن جي لاءِ فرانسيسي ڄاڻڻ ضرورو هو. ادب ۽ فنون لطيفه ۾ سڀ فرانسيسي مزاج کي رهبر مڃيندا هئا، پر ان سڀيتا ۾ بناوت گهڻي هئي، اڃا به ايئن کڻي چئجي ته ان ۾ بناوت کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو. مردانن ڪپڙن ۾ به ليس ۽ جهالر لڳائڻ، شوخ رنگ جي ريشم ۽ ململ جو رواج عام هو. مصنوعي وار لڳائي انهن تي پائوڊر هڻڻ، ڳلن تي ڪپڙي جا تر چهٽائڻ لازمي هو. مردن کي هارسينگار ڪرڻ ۾ ڪيترائي ڪلاڪ لڳي ويندا هئا ۽ عورتن جي ته سڄي عمر ان جي نذر ٿي ويندي هئي. سجاوٽ جي لاءِ چمڪندڙ شهري گلن ۽ پتن جي ڀرمار ضروري سمجهي ويندي هئي ۽ ڪنهن به قسم جي سادگي ۽ دماغ يا کيسي جي خالي هئڻ جو دليل هو. پر ان سڀيتا جي شيدائي قسم کائيندا هئا ۽ هو ان ۾ ئي جلهجي پيا، جيئن پراڻي مذهب کي يوناني ۽ لاطيني ٻولين جي فعل ڊاهي ڇڏيو. ان لاءِ ته ماڻهو انجيل پڙهي خود ان جو مطلب ڪڍي سگهندا هئا. هونئن به ان سڀيتا جا مخالف يوناني ۽ رومي سڀيتا جي سادگي ۽ سچائي کي ان جي بناوت ۽ ڪوڙ جي مقابلي ۾ کڻي آيا ۽ هڪ من موجي فرانسيسي روسو، سادي ۽ سولي زندگي ۽ سچي اخلاق جو هڪ ڌرم ٺاهيو، جنهن نه رڳو بناوت کي دور ڪيو، پر انسانيت جي هڪ نئين ۽ ڏاڍي سٺي تصوير ڪڍي، جنهن تي پنهنجي مزاج جي مناسبت سان يورپ جون سڀئي قومون عاشق ٿي پيون. تعصب ۽ ڪٽرپڻي جي مخالفت، برابر جاري رهي هئي ۽ جڏهن ارڙهين صدي جي پڇاڙي ۾ فرانس جو اهو عظيم الشان انقلاب آيو ته سڀيتا جي اها نئين هلچل به انهن سڀني ملڪن ۾ پهچي ويئي، جن تي پهرين فرانسيسي سڀيتا جو اثر هو.
    روسو، پاڻ ڪو وڏو ماڻهو نه هو، پر جيڪا ڳالهه چئي ته اها اوهان جي سڀيتا ۽ ان جون رسمون، اها نفاست ۽ چمڪ ڌمڪ، هر ادب آداب ۽ تڪلفات سڀ هڪ دوکو آهي ۽ ڍونگ آهي. اهي اوهان کي ماڻهو نٿيون ٺاهي سگهن. پر جيڪڏهن اوهين ماڻهو به آهيو ته اها اوهان کي گڏيون ۽ گڏا بنائي ڇڏيندي. ماڻهوءَ جو شان ته ان ۾ آهي ته هو پنهنجو پاڻ کي سڃاڻي ۽ پنهنجو قدر ڪري ۽ سڀيتا جي ٻهروپ ۽ زندگي جي هر ان قاعدي کي، جيڪا کيس ماڻهو بنجڻ کان روڪي، ڊاهي ڇڏي. اها ڳالهه ڪيترين ئي دلين کي وڻي. هن ماڻهن کي ٺهيل جڙيل سڀيتا ۾ ڊگري حاصل ڪرڻ جي بدران پنهنجي ۽ ٻين جي ماڻهپي ۽ شخصيت کي ڳولهڻ ۽ پرکڻ ۾ لڳائي ڇڏيو ۽ اها ئي ڳولا ۽ جستجو هڪ نئين سڀيتا جو سرچشمو بنجي ويئي. فلسفي ۾ ڪانٽ، ادب ۾ گوئٽي، موسيقي ۾ بيٿوون هڪ نئون ۽ سچو معيار قائم ڪيو ۽ فرانسيسي انقلاب يورپ وارن تي اهو ظاهر ڪري ڇڏيو ته انسان آزاد آهي ۽ هو آزاد نه هجي ته انسان بنجي نٿو سگهي. مذهب مان به تعصب ۽ وهمن کي هوريان هوريان ڪڍڻ کان پوءِ باقي جيڪا حقيقت وڃي رهي هئي، اها هيءَ هئي ته قدرت جي نيرنگين ۽ انسان جي حوصلن ۾ روپ وٺڻ خد اجو شان آهي ۽ انسان جو پنهنجي اصليت کي سڃاڻڻ ۽ پنهنجن هم جنسن جي ڪمزورين ۽ مجبورين کي دور ڪرڻ مذهب جي جان آهي. انسان کي موت نٿو ماري، پر قناعت ۽ همت جي پستي. ان جو قيدخانو اها تقدير ڪونهي، جنهن جو اٽل هجڻ مشهور آهي، بلڪ اها ناڪام تدبير آهي، جنهن کي هو خود غرضي يا ڪاهلي ۾ تقدير سمجهي ويٺو آهي. يورپ جي ان نئين سڀيتا جو خاص ڪم عقل ۽ حوصلي کي اُڀارڻ ۽ ماڻهوءَ ۾ اها عادت وجهڻ هئي ته هو پنهنجي طبيعت کي زندگي جي سانچي ۾ نه وجهي، بلڪ زندگي کي پنهنجي طبيعت ۽ خواهشن جي سانچي ۾ وجهي.
    اها نئين سڀيتا شروع ۾ يورپي هئي يعني ان تي قوميت جو اثر نه هو ۽ اها ان کي تسليم به نه ڪندي هئي. پر فرانس ۽ جرمني جي لڙائين، قومن جي ان تنظيم، جيڪا صنعتي ۽ واپاري ڪاميابي جي لاءِ ضروري هئي ۽ آخر ۾ ان مقابلي، جيڪا يورپي قومن ۾ واپاري منڊين تي قبضي ڪرڻ جي لاءِ ٿيو ۽ جنهن جو نتيجو گذريل مهاڀاري لڙائي هئي، جنهن قوميت جي احساس کي تمام گهڻو وڌايو ۽ ڌار ڌار ماڻهن کان اها آزادي کسي، جيڪا سڀيتا ۽ اخلاق کين ڏني هئي، سڀني کي سياست ۽ صنعت جي مشين جا پرزا بنائي ڇڏيو. هاڻ روشن خيال ماڻهو ان جو ڏک ڪن ٿا ته قانون جيڪا آزادي ڏي ٿو، اهو هڪ بلڪل دوکو آهي ۽ قومي مقصدن جي عام راءِ جي صنعتي تنظيم جا اهڙا ته پابند بنجي ويا آهن جو انهن ۾ خودي نالي ۾ به نه رهي آهي. جيئن وڏيون مشينون هڪ ئي قسم جون لکين شيون ٺاهين ٿيون، ايئن ئي تعليم ۽ عادت ۽ ضرورت گڏجي هڪ ئي نموني جا لکين ماڻهو ٺاهي ٿيون ڇڏين، جيڪي نه رڳو ڪاروبار، پر مزاج ۽ خيالن ۾ قاعدن جي پابندي ڪندا آهن ۽ انهن جو جيئڻ ۽ مرڻ به ان موجب هوندو آهي. انسانيت جا سٺا نمونا چونڊڻ ۽ انهن جو نقل ڪرڻ اڳ به سڀيتا جو ڪم هو، پر اڳ اهي نمونا سٺي کان سٺا ۽ قيمتي کان قيمتي هوندا هئا ۽ هاڻ ان جو فڪر رهي ٿو ته ماڻهو جي هر خوبي جلد کان جلد حاصل هجي ۽ وڌ ۾ وڌ ماڻهن کي پسند پوي. اوهان کي علم ۽ ادب ۽ آرٽ جا اهڙا ته قدردان ملندا، جيڪي انهن جي ذريعي ماڻهن جي طبيعت ۾ گهرائي ۽ ان جي مزاج ۾ سچائي پيدا ڪرڻ چاهين ٿا. جيڪي هر شئي کي بازار جي شئي سمجهي نٿا پرکين. جن جي نظر ۾ قوم ۽ نسل جو فرق غلط آهي ۽ جيڪي قومي فائدي جي نالي ۾ به اهڙو سودو نٿا ڪرڻ چاهين، جنهن ۾ ٻي جو نقصان هجي، پر اهڙا ماڻهو بنهه گهٽ آهن ۽ اهي به شايد دل ۾ سمجهن ٿا ته هو جيڪو ڪجهه چون ٿا، اهي رڳو چوڻ جون ڳالهيون آهن ۽ اولهائين سڀيتا جي هڪ چوڙ به ڍڙي ٿي ته ان جو سڄو نظام بگڙي ويندو.
    يورپي سڀيتا جي اٿڪ ڏاڍي زبردست هئي ۽ ڏيڍ سؤ سالن جي اندر 1700 کان 1848ع تائين ان اهڙيون شخصيتون پيدا ڪيون، جن زندگي کي جڳمگائي ڇڏيو. پوءِ اهي ئي ترقي جا حوصلا، جن ان کي سجاڳ ڪيو هو ۽ ترقي جي رستي تي پري تائين وٺي ويو هو، ان جي پيرن جي زنجير بنجي ويئي. اوهان کي يقين نه ايندو ۽ مون کي به اهو مڃڻ ۾ سالن تائين هٻڪ رهي، پر حقيقت اها آهي ته يورپ ۾ 1848ع کان پوءِ ڪا به اهڙي شخصيت پيدا نه ٿي آهي، جنهن پنهنجي طبيعت جي زور ۽ پهچ سان علم يا فن يا سياست ۾ ڪو نئون ڍنگ سيکاريو يا ڪنهن نئين رستي تي لڳايو. ان کان پوءِ اوهان کي تمام وڏا ماڻهو ملندا، جهڙوڪ: بسمارڪ، ڪارل مارڪس، ابسن، پر انهن سڀني جي پرورش ان زماني ۾ ٿي، جڏهن حوصلي زندگي کي هشڪاريو هو. پر ان تي قوميت جو ڪپڙو نه ويڙهيو ويو هو ۽ صنعتي مقصدن جو نگاهه به انهن جي وات ۾ نه هو. 1848ع کان قوميت ۽ صنعت زور حاصل ڪيو ۽ هنن انسان ۽ سڀيتا جي واڙ ٻڌي ڇڏي.
    بيشڪ ترقي ٿيندي رهي علم ۾، سائنس ۾، قدرت کي قابوءَ ۾ ڪرڻ ۽ انسان کي دنيا جو بادشاهه بنائڻ جي ڪوشش ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي ويئي. پر اهو سمورو ڪم ايئن هو جيئن مکين جو ماکي گڏ ڪرڻ. عالمن معلومات جو هڪ وڏو خزانو گڏ ڪيو، پر ايئن سمجهبو ته ان مان انسان ڪجهه نقصان ۾ رهيو، جو ان نئين علم اهي هڙئي نشانيون ختم ڪري ڇڏيون، جن تي انسانيت جو ڀروسو هو ۽ انسان کي عادت جو، جبلت جو ملڪ ۽ آب هوا جو، خود غرضي ۽ بک جو جوڙيل پتلو ثابت ڪيو. اهو علم خود به ڄاڻ جو ذخيرو وڌائڻ جي ذڪر ۽ غلط ۽ صحيح جي بحث ۾ اهڙو ته الجهي ويو آهي جو اهو زندگي ۽ حوصلي جي لاءِ نوان ميدان ڳولهڻ جي فرضن کي بلڪل ئي وساري ويٺو آهي. سائنس ۽ خاص طور تي صنعتي سائنس علم کان به وڏي ترقي ڪئي آهي، پر سائنس کي اخلاق سان ڪو به ملطب نه هو ۽ مذهب سان کيس الاهي عداوت آهي. اصل ۾ قوميت ۽ صنعت سائنس کي پنهنجي ڌارا ۾ وهائي کڻي پئي وڃي. علم به جيڪڏهن ان وهڪري ۾ نه آهي ته ڪناري کان ته گهڻو پري آهي. يورپ جو قومي ۽ صنعتي نظام بگڙيو ۽ ان جا لڇڻ اهڙا آهن ته اهو جلد بگڙجي ويندو ۽ علم ۽ سائنس پنهنجو خير گهرن. يورپ ۽ آمريڪا جي صنعتي نظام مان مراد اها اڪيلي سرمائيداري ڪونهي، پر رهڻي ڪهڻي جو اهو ڍنگ به آهي، جنهن ۾ ڪارخانا ۽ بازاريون، زندگي جا قاعدا ۽ قانون جوڙين ٿا سي انسان جي طبيعت ۽ حوصلي تي ڇانيل آهن ۽ ان کي پنهنجن مقصدن لاءِ جڪڙي رکيو اٿن جو اهي هٿ پير به هڻي نٿا سگهن. نئين صنعت سڀيتا تي وڏا وڏا احساس ڪيا آهن، ان جي ڪري ئي يورپ ۾ تعليم عام ٿي آهي، اخباورن آهن، ڪتاب آهن، ٽپال ۽ تار جو انتظام آهي، ريل، جهاز، هوائي جهاز ڪجهه ئي مهينن ۾ ماڻهو کي ايترو ته گهمائي ڦيرائي سگهن ٿا، جو پهرين سڄي عمر ۾ اهو نه گهمي سگهجي ها. انهن سڀني کان سواءِ هزارين سهولتون آهن، جيڪي گهرجون پوريون ڪرڻ جي بار کي هلڪو ڪري سگهن ٿيون. سوين اسپتالون آهن. صفائي آهي، ماڻهن کي تندرست ۽ خوش رکڻ جو اڳ کان به وڌيڪ فڪر آهي، ڪارخانن جي معمول ۽ واپاري ڪاميابي جي اصول، ماڻهن کي قاعدي ۽ وقت جو اڳ کان به وڌيڪ پابند بنائي ڇڏيو آهي ۽ جيتوڻيڪ زندگي جو پئمانو ايترو ته بدلجي ويو آهي، جنهن جو اندازو لڳائڻ به ڏکيو آهي، تنهن هوندي به سمورو ڪم ۽ ڪاروهنوار بنا ڪنهن رنڊڪ جي سهوليت سان هلندو رهي ٿو. پر ان سان گڏ ان جو به خيال رهي ته نئين صنعت، سڄي قدرت جو رس چوسڻ سان گڏ ماڻهو جو رت به چوسي ٿي. جيڪڏهن اوهين اهو نٿا سمجهو ته هڪ کي سک ڏيڻ لاءِ ڏهن جو ڏک سهڻ انصاف جي ڳالهه آهي ته اهو سوچيو ته انهن لکين ڪروڙين انسانن تي ڇا وهندو واپرندو هوندو، جيڪي پنهنجي سڄي عمر ڪوئلي جي کاڻين يا لوهه جي ڪارخاني ۾ گذارين ٿا. نه رڳو اهو، پر صنعت جنهن کي ترقي چوي ٿي، ان ۾ انسانيت جو وڏو نقصان به ٿئي ٿو. جهڙوڪ: گراموفون ۽ سئنيما ۽ ريڊيو ڳائڻ ۽ اداڪاري جي فن جو ٻيڙو ٻوڙي، آرٽسٽ کي ذليل ۽ مزاج کي خراب ڪري ڇڏيو آهي ۽ اڪيلي دڪانداريءَ ۾ ئي نه، پر زندگي جي هر شعبي ۾ ڪاميابي جو دارومدار اشتهار تي ٿي پيو آهي. ڪيتريون ئي نعمتون، جيڪي اڳ ۾ گهٽ ماڻهن کي نصيب ٿينديون هيون هاڻ تمام گهڻن کي ميسر آهن. پر سچ پڇو ته اهي نعمتون نه رهيون آهن، پر هڪ قسم جو دوکو آهن، جنهن ۾ لطف ان کي ئي اچي سگهي ٿو، جنهن کي عادت هجي. سچو شوق رکڻ وارو ته الٽو ڪڙهندو رهي ٿو.
    هائو ۽ هاڻ آخري ڳالهه اها ته صنعتي ترقي يورپ ۽ آمريڪا وارن جي پنهنجي ڪمائي نه آهي، پر ان دولت جي پيدا ڪرڻ ۾ ڪيترن جو حق ماريو ويو آهي ۽ اهي ملڪ، جي هاڻ واپاري منڊيون سڏجن ٿا، اتي ڪارخانا لڳي ويا ته اولهائين صنعت جو ٺٺ ايئن ئي پيو هوندو، پر جڏهن سياسي چالون ۽ صنعتي ضد پنهنجو ڪم ڪري چڪا هوندا، دولت ۽ حڪومت جو نشو لهي ويندو ته شايد اها روشني ٻيهر چمڪي اٿندي، جيڪا هينئر ڪارخانن جي قومي خودغرضي جي طوفاني گهٽائن ۾ لڪي ويئي آهي. ان تنظيم جو قدر ڪجهه گهٽ ٿيندو، جنهن ۾ انسان ڪلون ۽ پرزا ٿي ويو آهي ۽ ان جي دل ٻيهر پنهنجي اندر ۾ نوان ميدان ڳولهيندي.


    (17) اڄ جي دنيا

    يورپ جي صنعتي نظام جو، اتي جي رهڻي ڪهڻي ۽ سڀيتا تي جيڪو اثر پيو، ان طرف ته اسين اشارو ڪري چڪا آهيون، پر صنعتي تنظيم جا چٽ ان کان به گهرا آهن، جيترو رهڻي ڪهڻي ۽ خيالن تي نظر وجهڻ سان لڳي ٿو. ان زماني جون سڀئي سياسي ۽ تمدني تحريڪون ايئن ئي هلنديون هيون، جيڏانهن کين اها صنعتي تنظيم وٺي وڃي، اڳ ۾ جيڪڏهن اهو زندگي جو هڪ لقاءُ هو ته هاڻ زندگي خود ان جو لقاءُ بنجي رهجي ويئي آهي ۽ اها قائم ۽ ترقي تي رهي ته اولهائين سڀيتا قائم ۽ ترقي ڪندي رهندي ۽ جيڪڏهن اها ڪنهن سبب جي ڪري بگڙي ته ان سان گڏ سڀ ڪجهه برباد ٿي ويندو.
    يورپ جي فلسفه حيات تي صنعتي ترقي جو عڪس سڀ کان پهرين سوشلزم ۾ يا اشتراڪيت جي تعليم ۾ نظر اچي ٿو. شروع ۾ سوشلزم تي شاعري ۽ اخلاق يعني انسانيت جو رنگ غالب هو ۽ اهو رهڻي ڪهڻي سڀيتا جو هڪ نئون بنياد وجهڻ جي ڪوشش هئي. پوءِ اها صنعتي تنظيم جون نيون شڪليون پيش ڪرڻ جي چڪر ۾ اهڙي ته ڦاسي ويئي، جو ان جي مٿي تي ڪارخاني جو ڀوت ۽ ڪاروبار جو سوداءُ سمائجي ويو. ڪارل مارڪس جي هٿن ۾ اهو نج علم بنجي ويئي ۽ هڪ اهڙو علم، جيڪو سڄي زندگي تي حاوي هو. ان جو بنيادي شڪ انساني همدردي تي هو، پر نفعو ڪمائڻ ۽ دولت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ۾ غريب مزدورن تي جيڪي ظلم ڪيا، انهن جي سوچڻ سان ئي وار اُڀا ٿيو وڃن. دنيا سوڙهي ۽ اونداهي بنجي وڃي ٿي ۽ ساهه گهٽجڻ ٿو لڳي. پر ڪارل مارڪس جي تعليم بيوس، مجبور ۽ مظلوم انسان کي آزادي جو ساهه کڻڻ نه ڏنو، پر کيس پنهنجن اختيارن تي جيڪو به ٿورو گهڻو ڀروسو هو، اهو به کسي ورتو. هن جي تعليم آهي ته انساني زندگي ماحول جي پابند هوندي آهي. ماحول هڪ پاسي قدرت جو ۽ ٻي پاسي صنعتي ۽ معاشي نظام جو پابند هوندو آهي. صنعتي نظام خود به ارتقا جي قانون تي هلندو آهي ۽ ان جو پابند آهي. ماحول هڪ پاسي قدرت جو ۽ ٻي پاسي صنعتي ۽ معاشي نظام جو پابند آهي. مذهب ۽ اخلاق ماحول جو آئينو هوندو آهي جنهن کي هو نيڪ ۽ سچو حوصلو چون ٿا. هو دراصل معاشي نظام ۽ قوت حيات جو هل لقاءُ آهن ۽ کين پنهنجي فلاح ۽ بهبود حاصل ڪرڻ جو ايترو ئي اختيار آهي، جيترو اڃايل ٻنيءَ کي پاڻيءَ جو. ظلم مان ڇوٽڪارو انسانن کي ضرور ملندو، پر پنهنجي ڪوشش سان نه پر ان قانون جي بدولت، جيڪو هيستائين ظلم ڪرائيندو رهيو آهي. دنيا ۾ سرمايو ۽ اختيار پاڻمرادو ڪجهه ماڻهن جي هٿن ۾ پهچي ويندو. مزدورن جو تعداد ۽ انهن جي مظلوميت وڌندي رهندي، ايستائين جو اهي هڪ ڏينهن جوش ۾ اچي سرمائيدارن جو خاتمو ڪري ڇڏيندا ۽ دنيا جا مالڪ بنجي ويندا.
    هڪ اشتراڪي انقلاب اچي چڪو آهي، پر اهڙي ملڪ ۾ نه جتي صنعت ترقي ڪئي هئي. پر روس ۾، جتي سرمائيداري جي رڳو شروعات ٿي هئي؛ جيڪو زميندارن ۽ هارين جو ملڪ هو، ڪارخانن ۽ مزدورن جو نه هو ۽ اهو انقلاب ان ڪري به آيو ته روس جا روش ضمير ماڻهو شاهي حڪومت جي بي رحمي ۽ جهالت مان بيزار هئا. انهن جو سلسلو يورپ جي صنعتي تنظيم ۽ سوشلزم جي تعليم سان نه ٿي مليو، پر روس کي آزاد ڪرائڻ جي ڌن جي ڪري جيڪا لڳ ڀڳ هڪ سؤ سالن کان قومپرست روسين جي دلين ۾ سمايل هئي، ٻي مهاڀاري جنگ جي دوران جڏهن شاهي حڪومت ٿڙي ۽ ٿاٻڙي ڪري ته انقلابين جي هڪ جماعت کي حڪومت تي قبضو ڪرڻ جو موقعو مليو، جنهن سوشلزم جي تعليم قبول ڪري ورتي هئي ۽ جنهن جو اڳواڻ لينن هو ۽ هڪ آزمائش کان پوءِ جيڪو دنيا جي تاريخ ۾ يادگار رهندو. ائين روس ۾ ”مزدورن ۽ هارين“ جي رياست قائم ٿي. ان جو باني لينن، جيڪو ڪارل مارڪس جو مڃيندڙ هو، پر هن کان وڌيڪ وڏي نظر ۽ اعليٰ شخصيت رکندڙ ماڻهو هن عملي مصلحت ۽ ڏاهپ کي بي لوچ منطق جي ڌنڌ ۾ قيد نه ڪيو. روسي رياست اصولي نقطه نظر سان هڪ سوشلسٽ رياست نه پي ٿي سگهي ۽ نه ٿي ۽ هينئر به ان ۾ سمورا اختيار ڪميونسٽ پارٽي ۽ ان جي اڳواڻ اسٽالن جي هٿن ۾ آهن. پر انقلاب جي ڪري روسين ترقيءَ جون وڏيون ٻرانگهون ڀريون آهن ۽ اتي سماجي ڀلائي جي سوين اهڙين رٿائن تي عمل ٿي رهيو آهي جتي قدرتي ذخيرن مان فائدو وٺڻ، صنعت کي وڌائڻ ۽ مهذب زندگي جون وڌ ۾ وڌ نعمتون وڌ ۾ وڌ ماڻهن تائين پهچائڻ جون اهڙيون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، جو روس جلد ئي دنيا جي خوشحال ملڪن ۾ ڳڻجڻ لڳندو. تمدن ۽ صنعت ۾ هو اڃا به يورپي ملڪن جي برابري جي دعويٰ نٿو ڪري سگهي. اتي ايتري آزادي ڪونهي، جيتري جمهوري رياستن ۾ آهي. سياسي مخالفتون اتي اڃا به گولي هڻي ختم ڪيون وڃن ٿيون. مزدور ۽ هاري جيڪا ڳالهه سمجهائڻ سان نٿا سمجهن، اها کين ڏنڊي جي زور تي سمجهائي وڃي ٿي، اتي مزدورن کي اجورو گهٽ ملي ٿو ۽ انهن کان پنهنجون سڀائون ٺاهڻ جو حق کسيو ويو آهي ۽ انهن جو نالو ڀلي ڪهڙو به هجي، پر معتبر ماڻهن جي مشاهدي مان معلوم ٿئي ٿو ته اتي هوريان هوريان هڪ ”وچولو“ طبقو پيدا ٿي رهيو آهي، جيڪو پنهنجن نمائندن جي ذريعي پنهنجي مصلحتن موجب ملڪ تي حڪومت ڪندو. يورپي ملڪن جي وچينءَ طبقي جي مقابلي ۾ ان جي سکيا گهڻي بهتر سماجي اصولن تي ٿي رهي آهي. انهن ۾ جانبازي آهي، محنت ايثار جو مادو آهي، جيڪو انقلاب کان سواءِ هرگز نه اُڀري ها، شايد اهو ئي انقلاب جو سڀ کان سٺو ۽ اهم نتيجو آهي.
    يورپ جي ترقي يافته ملڪن ۾ سوشلسٽ انقلاب نه آيو. ڪارل مارڪس جي اڳ ڪٿيءَ جي ابتڙ اتي مزدورن جي حالت خراب ٿيڻ جي بدران سٺي ٿيندي ويئي ۽ هنرمند مزودرن ۽ بي هنر مزدورن جو فرق، جيڪو انهن جي اتحاد جي شروع ۾ حائل ٿيندو رهيو هو، ڪنهن به طريقي سان مٽائجي نه سگهيو. هوريان هوريان صنعتي ترقي جي هڪ ٻي سلسلي، جنهن جو ڪارل مارڪس کي اندازو نه هو، اهو هيءُ ته سرمائيدار مزدور رکندا ويندا هئا ۽ هاڻ اهو ڪم مشينن جي ذريعي ٿيندو هو ۽ انهن مشين کي هلائڻ ۽ ٺاهڻ وارا وچينءَ طبقي جا اعليٰ تعليم يافته ماڻهو آهن، جن جي سموري همدردي سرمائيداري نظام سان آهي. هڙتال مزدور جو هڪ ٻيو ڪارگر هٿيار هو، اهو به سندن هٿن مان نڪري ويو ۽ اهو ڪيترائي ڀيرا ڏٺو ويو آهي ته مزدور ڪم ڪرڻ کان نابري وارين ٿا ته انهن جي جاءِ تي ڪم ڪرڻ جي لاءِ وچينءَ طبقي جا نوجوان پهچي وڃن ٿا. مزدور هاڻ سرمائيداري نظام ۾ ٿوري بي چيني پيدا ڪري سگهن ٿا، پر اهو بلڪل ختم ڪري ڇڏڻ سندن وس ۾ نه آهي.
    پر هڪ انقلاب يورپ ۾ به آيو آهي، جنهن کي هڪ پهلوءَ کان ڏسجي ته اهو آزاد سرمائيداري جي مقابلي جو جواب آهي ۽ ٻي طرف کان ڏسبو ته اهو سوشلزم جو ردعمل آهي. ان قوميت جو اهڙو ته گهرو رنگ ڏيئي ڇڏيو آهي، جو مزاج ۽ خيال ۽ عادت جو رنگ سڀني تي چڙهي ويو آهي ۽ ان جمهوريت جي آدابن کي بي معنيٰ تڪلفات ۽ جمهوري ادارن کي ضعيفي ۽ بيوسيءَ جون علامتون قرار ڏيئي ٺڪرائي ڇڏيو آهي. ملڪ تي هڪ پارٽي جي ۽ پارٽي تي هڪ شخص جي حڪومت قائم آهي ۽ قومي حوصلن کي مذهب ۽ اخلاق کان وڌيڪ درجو ڏنو ويو آهي. اهو انقلاب ترڪي، اٽلي ۽ جرمني ۾ سڀني کان نمايان آهي. ترڪي ۾ ان کي ڪو به نالو نه ڏنو ويو آهي. جرمني ۽ اٽليءَ ۾ ان کي فاشزم سڏين ٿا. برطانوي سامراج، آمريڪا ۽ فرانس ان جي اثر کان گهڻو بچيل آهن، پر ان جو اندازو لڳائڻ ڏکيو آهي ته هو ڪيستائين ان کان بچيل رهندا.
    ان انقلاب جو هڪ ڪارڻ سرمائيداري ۽ ملوڪيت جو اهو مقابلو هو، جنهن جي ڪري 1914ع ۾ يورپ جي مکيه قومن ۾ جنگ ٿي. جنگ کان پوءِ انگلينڊ ۽ فرانس سدائين جي لاءِ يورپ ۽ ايشيا جي سياست ۽ واپار تي غالب رهڻ جي هر ممڪن تدبير ڪئي. آسٽريا کي اهڙو ته ٽوڙيو ويو، جو اهو وري ڪڏهن جڙي نه سگهيو. جرمني کي به ايئن چٿيو ويو، جو اها سالن تائين ڪنڌ مٿي کڻي نه سگهي، پر واپاري ۽ صنعتي عداوتون رڳو هڪ حد تائين ئي ڪري سگهجن ٿيون ۽ ان جي اڳيان اهي الٽو نقصان پهچائڻ ٿيون لڳن. کيس ڪيرائڻ کان پوءِ سڀ ان ڳالهه تي مجبور ٿيا ته کيس سهارو ڏيئي اٿارين ۽ هاڻ هو اٿي ويو آهي ته ڪنهن کي به سمجهه ۾ نٿو اچي ته کيس ”چيو- آکيو“ معاف ڪرڻ جي لاءِ ڪيئن راضي ڪن. جرمنيءَ پنهنجي سياسي زندگيءَ مان سوشلزم ۽ جمهوريت جي اثرن کي خارج ڪري پنهنجي سگهه وڌائي آهي، پر فاشزم جي تحريڪ کي اتي انگلينڊ ۽ فرانس جي سياست سگهه ڏني. مهاڀاري جنگ ۾اٽليءَ انگلينڊ ۽ فرانس جو ساٿ ڏنو، پر انهن ٻنهي گڏجي غنيمت جي مال مان سندس حصو هڙپ ڪري ورتو، جنهن تي اٽلي وارن کي سخت شڪايت ٿي پئي. پر اٽلي جي فاشسٽ انقلاب جو اصل سبب هڪ مونجهارو هو، جيڪو حڪومت جي گهٽ همت، نااهلي، ڪسادبازاري ۽ بي روزگاري پيدا ڪيو هو. ان مونجهاري کي ختم ڪرڻ جي لاءِ هڪ تدبير اها ٿي سگهي ٿي ته حڪومت کلم کلا سوشلسٽ ٿي وڃي ۽ سوشلسٽ اصولن موجب معاشي ۽ سياسي زندگي کي تنظيم ڏجي، ٻي تدبير اها ٿي سگهي ٿي ته حاڪم طبقو سوشلسٽ رجحانن کي دٻائي ۽ ڪامياب حڪومت کان سواءِ ٻي ڪنهن معيار جو خيال نه ڪري. جرمني ۽ اٽلي ٻنهي ملڪن ۾ مهاڀاري جنگ کان پوءِ سوشلسٽ پارٽيءَ کي سٺو موقعو مليو هو ته حڪومت ۽ صنعتي نظام تي قبضو ڪري وٺي، پر اندروني اختلافن، بزدلي ۽ گهٽ حوصلي کيس ان موقعي مان فائدو وٺڻ جو موقعو نه ڏنو ۽ ان جو نتيجو اهو نڪتو ته ٻنهي ملڪن ۾ سوشلزم جو نانءُ نشان مٽجي ويو.
    فاشسٽ حڪومتن، سرمائيدارن جا اهي سڀ اختيار کسي ورتا، جيڪي کين جمهوري دستور ۽ پراڻي معاشي تعليم جي ڪري حاصل هئا ته هو پنهنجي ڪاروبار کي جئين وڻي تيئن هلائين ۽ بازار جي حالت ڏسي اهو وڌائين يا گهٽائين. هاڻي کين رياست جي مرضي تي هلڻو پوندو آهي ۽ ان جي بدلي ۾ رياست انهن جي ڪاروبار کي قائم رکڻ ۽ وڌائڻ جون تدبيرون سوچڻ جي ذميدار پڻ بنجي ويئي آهي. اهڙي طرح سرمائيداري ۽ ملوڪيت، واپار ۽ سياست جي هڪ دل ۽ هڪ دماغ ٿي پيو آهي. دل ۽ دماغ ٻيئي ان تي سهمت آهن ته قوم جي حيثيت ۽ دولت وڌائين ۽ ترقي جي ان راهه ۾ جيڪي رڪاوٽون آهن، اهي جيئن به ٿي سگهن دور ڪن، ساڳئي نموني جرمني ۽ اٽلي، انگلينڊ ۽ فرانس جي مقابلي تي اچي ويا ۽ سياسي فضا ۾ طوفان جون اهي سڀ ڪيفيتون پيدا ٿي ويون، جيڪي جنگ کان اڳ ظاهر ٿيون هيون.
    هاڻ اچو ته ڪهاڻي ختم ڪرڻ کان اڳ اوڀر تي به هڪ نظر وجهون. سترهين صدي تائين ترڪ سلطنت، جيڪا هنگري ۽ ڏکڻ روس کان آفريقا جي ريگستانن تائين پکڙيل هئي، اوڀرندي دنيا جي پاسباني ڪري رهي هئي، پر اولهائين قومن ان رستي تي قبضو ڪرڻ پنهنجي امان کان ٻاهر ڏسي، ٻيا رستا ڳولهي چڪيون هيون. اسپيني وچ ۽ ڏکڻ آمريڪا تائين پهچي چڪا هئا. پورچو گالي هندستان ۽ هتي عربي سمنڊ ۾ انهن جي ڦرلٽ لڳ ڀڳ واپاري سرگرمين کي بند ڪري ڇڏيو هو. پورچو گالين جي پويان هالستاني (ڊچ) ۽ انگريز اتي پهتا ۽ هڪ طرف هندستان ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا مان ايمانداري ۽ بي ايماني سان ميڙيل دولت، ٻي طرف کان سون ۽ چاندي، جيڪو آمريڪا مان هٿ چڙهيو، يورپ جي لاءِ ايتري ته موڙي فراهم ڪري ڇڏي، جو اهي صنعتون، جن عربن کان فن جا پهريان سبق سکيا هئا، ترقي ڪري سگهن. پر ارڙهين صدي جي وچ تائين يورپ جو سرمايو واپاري هو، صنعتي نه هو. يعني اوڀر مان مال آڻي، اولهائين ملڪن ۾ وڪڻڻ، آفريقا مان شيدي غلامن کي جلهي آمريڪا ۾ وڪڻڻ ۽ يورپي ملڪن ۾ هڪ هنڌ جو مال ٻي هنڌ پهچائڻ جي ڪم ۾ لڳل هو. صنعتي، اهو ان وقت ٿيو، جڏهن انگلينڊ ۾ ڪارخانا قائم ٿيا ۽ مشينن جي ذريعي وڏي پئماني تي واپاري مال تيار ٿيڻ لڳو. نوان واپاري رستا دريافت ٿيڻ سان اوڀر جي واپارين جي هٿن مان جهڙوڪر ڪاروبار نڪري ويو، وڏي پئماني جي صنعت، جنهن جي حفاظت نين قسم جي بندوقن ۽ نئين قسم جي جنگ ڪندي هئي، هڪ صدي جي اندر ئي اوڀرندي صنعتن جو خاتمو ڪري ڇڏيو ۽ ان تباهيءَ سياسي زوال کي اڃا به تيز ڪري ڇڏيو. ان مهاڀاري جنگ کان پوءِ جڏهن انگريز، فرينچ ۽ اطالوي، اولهه ايشيا کي ايئن ورهائي رهيا هئا، جيئن ڌاڙيل ڦر جو مال ورهائيندا آهن. هي اهو زمانو هو، جڏهن اوڀر ۽ خاص طور تي مسلمانن جي دولت، بيوسي ۽ بي همتي انتها تي پهتي.
    پر ٻي پاسي اڀرڻ جون اهي ڪوششون جيڪي لڳ ڀڳ هڪ سؤ سالن کان جاري هيون، ان ئي زماني ۾ ڦلدائڪ ٿيون. اڻويهين صدي جي شروع ۾ وهابي تحريڪ ان ديني ۽ اخلاقي معذوري کي دور ڪيو، جيڪا آرام، اطمينان ۽ خودپسندي پيدا ڪئي هئي ۽ سڄي اسلامي دنيا ۾ سجاڳي جي هڪ لهر ڊوڙي ويئي. ان صدي جي وچ ڌاري ۽ سيد جمال الدين افغاني جي شخصيت پرهه ڦٽي جي ڪرڻي جيان، ستل سياسي احساسن ۽ جذبن کي جاڳائيندي رهي ۽ ڪجهه ايئن ڪري ويئي، جو پوءِ وري ننڊ يا غفلت جو طاري هئڻ ممڪن نه رهيو. ترقي جا حوصلا سڀ کان پهرين ترڪن ۾ پيدا ٿيا، ڇو ته يورپي قومن جي مار سڀ کان پهرين انهن کي پئي ۽ سڀني کان آخر ۾ هندستان ۾، جتي بزرگن جي هڪ گروهه پنهنجي طبيعت موجب تجربي ۽ تحقيق سان يا قرآن ۽ حديث مان ثابت ڪيو ته مسلمانن جو ڇوٽڪارو انگريزن جي خوشامند ۽ تابعداري، سرڪاري نوڪرين ۽ پينشن ۾ آهي.
    واپار ۽ تمدن جي ميدان ۾ لڳاتار شڪستن کان پوءِ جڏهن مسلمان ان ڳالهه تي غور ڪرڻ لڳا ته سندن زوال جو سبب ڪهڙو آهي ته انهن ۾ ٻن قسمن جي خيالن وارا ماڻهو پيدا ٿيا؛ هڪ اهو چوندو هو ۽ جيڪي اڃا به چون ٿا ته دنيا اسان جي هٿن مان ان ڪري نڪري ويئي، جو اسان دين کي ڇڏي ڏنو آهي، ٻيا وري اهو چون ٿا ته اسين دنيا ۾ ان ڪري ذليل ٿيا آهيون، جو اسان خودستائي ۽ بي بصيرت دينداري جي چڪر ۾ اچي انهن دنياوي فرضن کي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي، جن کي ادا ڪرڻ کان سواءِ عزت سان زندگي گذارڻ ممڪن ڪونهي. ڳالهه ٻئي صحيح ٿا چون ۽ انهن ۾ جيڪو اختلاف آهي، اهو هيءُ ته ٻئي انتهاپسندي ۽ مبالغي جي ڪري آهي. ديني فرضن جي اهميت جتائڻ وارا زماني جي گهرجن ۽ عملي مصلحت جي لحاظ کان ايتري ته حد تائين بي پرواهه آهن، جو انهن جي هدايت اڳتي وڌڻ جو تدبيرون ٻڌائڻ کان لاچار ٿي ويئي آهي. سياست ۽ معاشرت جا رازدان ترقي جي ظاهر ۽ علامتن ۾ اهڙا ته منجهيل آهن، جو انهن جذبن تائين پهچي نٿا سگهن، جن تي زندگي ۽ حوصلو قائم رهي ٿو. ڪمال اتاترڪ يورپي ملوڪيت ڌڪي، رضا شاهه ايران کي اولهه جي سرمائيداري ۽ ملوڪين جي چنبي مان ڇڏائي اهڙي ته ڌاڪ ويهاري آهي ۽ اهڙا ته اختيار حاصل ڪري ورتا آهن، جو انهن جي دعوائن کي غلط ۽ انهن جي عمل کي نقصانڪار ثابت ڪرڻ رڳو هڪ پيدائشي منطق جي تسڪين ٿي سگهي ٿي. هاڻ مصر، شام، ترڪي ۽ ايران ۽ ڪجهه گهٽ شدت سان افغانستان ۾ ترقي جي اها صورت مڃي ويئي آهي ته، معاشرت، سياست، انسانيت جو اوڀر ۾ اهو ئي تصور رائج هجي، جيڪو اولهندن ملڪن ۾ ۽ اتان جي شهرين جي صلاحيت ۽ حڪومت جي دورانديشين مان اميد ڪئي وڃي ٿي ته صنعت ۽ واپار ۾ اهي اوڀر کي اولهه جي برابر آڻي ڇڏيندا. جاپان جهڙي نموني هن سال گمناميءَ کان نڪري صنعت ۽ سياست جي اتاهين تي پهتو آهي ۽ اولهائين قومن کي سندن ئي آکاڙي ۾ اڇي رهڙ ڏني آهي، اهو به هڪ مثال آهي، جيڪو نظرانداز ڪري نٿو سگهجي.
    يورپ ۽ آمريڪا جي سياست ۽ واپار هن وقت دنيا تي اهڙو ته ڇانيل آهي، جو جاپان جو مثال سامهون هوندي به اهو چوڻو ٿو پوي ته اوڀر جي دنيا هڪ حد کان اڳيان ترقي نٿي ڪري سگهي، جيستائين اولهائين تمدن کي زوال نه اچي. هن وقت جي بين الاقوامي مونجهارن ۾ زوال جا ڪيترائي آثار نظر اچن پيا، پر روس ۽ آمريڪا اهڙيون قومون آهن، جيڪي ٽڪراءَ کان بلڪل نه ته به وڏي حد تائين بچيل رهنديون. اهي صنعتي سڀيتا جو سلسلو قائم رکنديون ۽ ان سڀيتا مان ملوڪيت جو خارج ٿيڻ به يقيني ڪونهي. ٻي طرف هندستان ۽ چين، جيڪي قدرتي دولت ۽ آبادي جي لحاظ کان اوڀرندن ملڪن ۾ سڀني کان مٿانهان آهن، اڃا پنهنجي سياست تي ڪو به اختيار حاصل ڪري نه سگهيا آهن. ستياگرهه جي هلچل مان ايئن پي لڳو ته دنيا کي سياسي مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ نئون ۽ ڪارآمد دڳ ڏسيندي، پر ان جو به سڄو دارومدار هوريان هوريان هڪ شخصيت تي ٿي ويو آهي ۽ هندستاني قوميت ڏاڍي ڏکيائي سان ملوڪيت کي ٻه چار قدم پٺتي هٽائڻ ۾ ڪامياب ويئي هئي، پر هاڻ ايئن ٿو لڳي ته ديني ۽ سڀيتائي اختلافن جي هٿان ڏک سهندي. پر انسانيت جي تدبير ان کان به وڌيڪ ڏکيون منزلون طئي ڪري چڪي آهي. اوڀرندين قومن کي بهرحال دنيا جي سڀيتا ۽ تمدن کي قائم رکڻ ۽ ترقي ڏيڻ جي ذميداري پنهنجي مٿان کڻڻي پوندي ۽ هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته اها صنعتي ۽ نج نموني حوصلا کڻي اٿندي ۽ باهمي مقابلي جي ان چڪر ۾ پوندي، جنهن ۾ اولهه جون قومون مبتلا آهن يا صنعت ۽ تمدن جي ڪنهن عالمگير پائيداري ۽ سڪون بخشيندڙ يا اخلاقي حوصلي جو خادم بنائيندي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 494
    ڪتابن جو مشاهدو: 471147
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 188582
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ