ڪتاب جو نالو: شاعريءَ جو سجدو
مصنف: شيخ اياز
ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 28 فيبروري 2017 ع
پڙهيو ويو: 1033 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 502 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر، مفڪر ۽ ڏاهي شيخ اياز جي نثري شاعريءَ جو مجموعو آهي، جيڪي سندس چئن ڪتابن جر ڏيئا جهمڪن، هرڻ اکي ڪيڏانهن، سر لوهيڙا ڳڀيا ۽ تون ڇپر تون ڇانءَ مان ورتا ويا آهن. ڪتاب جو سهيڙيندڙ نور احمد ميمڻ آهي.
هن ڪتاب ۾ شيخ اياز جي چئن ڪتابن جي شاعريءَ جو اهڙو انتخاب شامل آهي جنهن ۾ ان عظيم شاعر جون فطرت، حسن ۽ زندگيءَ جي نفاستن بابت لفظن جون حسين ۽ روح کي تراوت بخشيندڙ تصوير ڪشيون به آهن ته خدا ۽ انسان جي تعلق جون صوفياڻيون سرمستيون به آهن. اهڙي طرح انسان جي داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن جي جلوه گيرين جو مشاهدو به موجود آهي ته نيڪي ۽ بدي جي آفاقي تصورن جي اپٽار به ڪيل آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • شاعريءَ جو سجدو
  • حق ۽ واسطا
  • اي خدا! تون مون کي ايتري مهلت ڏيندين
  • علم ۽ دانائي
  • سنڌ سلامت پاران
  • سهيڙيندڙ پاران
  • سٽاءُ

  • تون ڇپر تون ڇانءَ
  • جَرَ ڏيئا جهمڪن
  • هرڻ اکي ڪيڏانهن
  • سر لوهيڙا ڳڀيا
  • تون ڇپر تون ڇانءَ
  • سچ جي واٽ

  • شاعريءَ جو سجدو

    شاعريءَ جو سجدو

    فطرت، لطافت، اعليٰ انساني قدرن ۽ زندگيءَ جي حسناڪين بابت
    شيخ اياز جي شاعريءَ مان چونڊيل انتخاب


    شيخ اياز

    سهيڙيندڙ:
    نور احمد ميمڻ


    ڇپائيندڙ
    سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي


    ڊجيٽل ايڊيشن :
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    حق ۽ واسطا

    ڇپائيندڙ جا سڀئي حق ۽ واسطا محفوظ

    نئون ڇاپو : 2016ع
    ڪتاب جو نالو : شاعريءَ جو سجدو
    سرجڻهار: شيخ اياز
    سهيڙيندڙ : نور احمد ميمڻ
    ڪمپيوٽر لي آئوٽ: عبيدالله ميمڻ
    ڇپيندڙ: آزاد ڪميونيڪيشنز، ڪراچي
    ڇپائيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي

    قيمت : /- 100 رپيا


    “SHAIREE’A JO SAJDO”
    (Selected Spiritual Poetry of Shaikh Ayaz)
    By: SHAIKH AYAZ
    Compiler by: Noor Ahmed Memon
    Published by: Sindhica Academy,
    B-24, National Auto Plaza, Marston Road, Karachi-74400

    اسٽاڪسٽ
    سنڌيڪا اڪيڊمي B-24 ، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي74400. فون: 32737290-021
    سنڌيڪا بوڪ شاپ: شاپ نمبر5، ميزنائين فلور، حيدرآباد ٽريڊ سينٽر، حيدر چوڪ ، -03133692150
    سنڌيڪا بوڪ شاپ، 19 بلديه پلازه گهنٽا گهر چوڪ سکر فون: -03352233803 03013431537
    العماد بوڪ سيلرز، اردو بازار، ڪراچي فون: 0212214521 ، 0300-343115
    ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور اردو بازار ڪراچي- ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، عزيز ڪتاب گهر بئراج روڊ، بخاري ڪتاب گهر، قادري بوڪ اسٽور، مهراڻ بوڪ اسٽور، مجاهد بوڪ اسٽور، سنڌ ڪتاب گهر نيم ڪي چاڙهي سکر- سلمان ڪتاب گهر پنوعاقل - ڀٽائي بوڪ هائوس حيدرآباد03223011560 - سنڌي ادبي بورڊ بوڪ شاپ، تلڪ چاڙهي حيدرآباد- شاهه لطيف بوڪ شاپ، ڀٽ شاهه- عثمانيه لائبريري، چنيهاڻي ڪنڊيارو، - نيشنل بوڪ اسٽور، نوراني بوڪ ڊپو بندر روڊ، رابيل ڪتاب گهر اسٽيشن روڊ، رهبربوڪ اڪيڊمي رابعا سينٽر بندر روڊ لاڙڪاڻو- مدني اسلامي ڪتبخانو، نئون چوڪ دادو- حافظ بوڪ اسٽور، خيرپور بوڪ اسٽور مسجد روڊ، خيرپور ميرس - مشعل ڪتاب گهر پڊعيدن 03063291657 - المهراڻ ڪتاب گهر، زاهد بوڪ ڊپو، سانگهڙ- سيد ماس ميگا اسٽور، جيڪب آباد- ميمڻ بوڪ اسٽور، شاهي بازار نوشهروفيروز- حافظ اينڊ ڪمپني، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه- ديدار بوڪ ڊپو، ٽنڊوالهيار- رفعت بوڪ هائوس، ماتلي- مرچو لال پريمي، بدين- مڪتبه يوسفيه، ميرپورخاص. فون. 0300-3319565، عطار ڪتاب گهر، بدين، مهراڻ ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ، حافظ ڪتاب گهر، کپرو، سنڌ ڪتاب گهر، مورو، وسيم ڪتاب گهر لکي در. سعيد بوڪ اسٽور، شڪارپور. سومرا بوڪ اسٽور ميهڙ، ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ 8948535-0346 ، مڪتبه امام العصر گهوٽڪي، 03033695037

    لکپڙهه لاءِ
    سنڌيڪا اڪيڊمي
    B-24، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي 74400
    فون: 021-32737290 ، ويب سائيٽ: www.sindhica.org
    اي ميل: sindhicaacademy@gmail.com


    اي خدا! تون مون کي ايتري مهلت ڏيندين

    اي خدا!
    تون مون کي ايتري مهلت ڏيندين ته منهنجي شاعري توکي هڪ سجدو ڪري وَٺي.
    “اياز”


    علم ۽ دانائي

    آفاقي انساني ورثو آهي. اهو دنيا جي سڀني ماڻهن تائين پهچڻ گهرجي ۽ خاص ڪري پنهنجن عزيزن، دوستن ۽ واقفڪارن کي ان ورثي کان آگاهه نه ڪرڻ قومي ۽ اخلاقي جرم آهي. انساني ڀلائيءَ جو پيغام ٻين تائين نه رسائڻ خدا جي نافرماني به آهي.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”شاعريءَ جو سجدو“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر، مفڪر ۽ ڏاهي شيخ اياز جي نثري شاعريءَ جو مجموعو آهي، جيڪي سندس چئن ڪتابن جر ڏيئا جهمڪن، هرڻ اکي ڪيڏانهن، سر لوهيڙا ڳڀيا ۽ تون ڇپر تون ڇانءَ مان ورتا ويا آهن. ڪتاب جو سهيڙيندڙ نور احمد ميمڻ آهي.

    هن ڪتاب ۾ شيخ اياز جي چئن ڪتابن جي شاعريءَ جو اهڙو انتخاب شامل آهي جنهن ۾ ان عظيم شاعر جون فطرت، حسن ۽ زندگيءَ جي نفاستن بابت لفظن جون حسين ۽ روح کي تراوت بخشيندڙ تصوير ڪشيون به آهن ته خدا ۽ انسان جي تعلق جون صوفياڻيون سرمستيون به آهن. اهڙي طرح انسان جي داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن جي جلوه گيرين جو مشاهدو به موجود آهي ته نيڪي ۽ بدي جي آفاقي تصورن جي اپٽار به ڪيل آهي.

    هي ڪتاب 2016ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سنڌيڪا اڪيڊمي جي سرواڻ نور احمد ميمڻ ۽ فضل الرحمان ميمڻ جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    سهيڙيندڙ پاران

    شيخ اياز سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو شاعر ۽ ڏاهو آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کان پوءِ جنهن شاعر کي ٻوليءَ جو معمار شاعر ليکيو وڃي ٿو سو شيخ اياز آهي. عام راءِ اها آهي ته هن وقت سنڌي ٻوليءَ جيڪا هيئيت ۽ شڪل اختيار ڪئي آهي، ان کي وري تابنده رکڻ لاءِ شيخ اياز جي شاعري ساڳيو ڪم سرانجام ڏيندي جيڪا گذريل ٽي سؤ سالن کان شاهه جي ٻولي سرانجام ڏيندي رهي آهي. ڪنهن به آفاقي شاعر جي شاعري جيڪا ان ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙن ۾ قومي ورثي ۽ عقيدت جو رسوخ حاصل ڪري ٿي، سا ان قوم جي سماجياتي، اخلاقي ۽ ثقافتي سوچ ۽ سرگرمين تي گهرا اثر ڇڏي ٿي. سنڌي ٻوليءَ ۾ شيخ اياز جي شاعري به انهيءَ تسلسل جي ڪڙي آهي. سندس شاعري رفته رفته سنڌ جي ان صوفياڻي شعور سان پنهنجو ربط ڳنڍي ورتو هو، جيڪو پنهنجي چوڌاري ماڻهن جي دردن کي عالمگير انساني دردن جو جز سمجهي، انهن دردن جي آفاقي مداوا جو طلبگار ۽ علمبردار هو.
    شيخ اياز تي ڪافي لکيو ويو آهي ۽ سندس شخصيت ۽ فن تي اڃا گهڻو ڪجهه لکيو ويندو. سندس زندگيءَ جو هي پهلو ڏاڍو اهم آهي ته هو موجوده سنڌ جي آزاد خيال لڏي مان پهريون ڏاهو ماڻهو آهي جنهن زندگيءَ ۾ چڱاين جي طلب رکي جيڪو به پنهنجو سفر ڪيو، ان سفر ۾ پنهنجي مشاهدي ۾ آيل خرابين جي نه صرف نشاندهي ڪئي، بلڪ انهن خرابين کان بيزاري ڏيکاري ۽ انهن خرابين کان ٻين کي به خبردار ڪيو. هو سرڪشي ۽ هٺ جي واٽ وٺڻ بجاءِ سچ، حق ۽ فطرت جي حمايت ۽ فرمانبرداريءَ جي راهن جو پانڌيئڙو ٿيو.
    هن ڪتاب ۾ شيخ اياز جي چئن ڪتابن جي شاعريءَ جو اهڙو انتخاب شامل آهي جنهن ۾ ان عظيم شاعر جون فطرت، حسن ۽ زندگيءَ جي نفاستن بابت لفظن جون حسين ۽ روح کي تراوت بخشيندڙ تصوير ڪشيون به آهن ته خدا ۽ انسان جي تعلق جون صوفياڻيون سرمستيون به آهن. اهڙي طرح انسان جي داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن جي جلوه گيرين جو مشاهدو به موجود آهي ته نيڪي ۽ بدي جي آفاقي تصورن جي اپٽار به ڪيل آهي.
    اسان کي پڪ آهي ته هن ڪتاب مان اهي ماڻهو هرگز ميڙا چونڊي نه ڪري سگهندا جيڪي زندگيءَ جي بي مقصد تصور جا پرچارڪ آهن ۽ جن ماڻهن ويڳاڻپ کي پنهنجو لباس بڻائي ڇڏيو آهي. پر ساڳي وقت هي ڪتاب انهن ماڻهن جي لاءِ هڪ رهنما جي حيثيت حاصل ڪندو، جيڪي فضيلتپڻي ۽ انساني چڱاين جي اعليٰ آدرشن کي ماڻڻ جا خواهشمند آهن ۽ جيڪي زندگي جي سڦلائتي تصور تي يقين رکن ٿا.

    نوراحمد ميمڻ
    چيئرمين
    سنڌيڪا اڪيڊمي


    سٽاءُ

    تون ڇپر تون ڇانءَ

    يا رب!
    تنهنجو نانءُ
    جئن ڪو ٿڌو ٿانءُ جو پيتي پياس ٻجهي وڃي!
    تنهنجو نانءُ
    جئن ڪو هير جو جهوٽو جو لڳي ته اکيون ننڊاکڙيون ٿي وڃن!


    يا رب!
    منهنجي هر پيار ۾ پنهنجي شفقت کي شريڪ ڪر،
    جيئن مان انسان کي تنهنجو پرتوو سمجهي هن جو قدر ڪيان هن جو ناجائز فائدو نه وٺان!


    يا رب!
    منهنجي دشمن تي به رحم ڪر! هُن کي به ڪنهن عذاب ۾، ڪنهن آزمائش ۾ نه وجهه!
    تون ته رحيم آهين، مان ڪير جو تنهنجي فطرت ۾ گهارا وجهان؟ مان ڪير جو چوان ته تون ڪنهن لاءِ قهر جو سيلاب ٿيءُ!

    يا رب!
    مون کي پنهنجي اخلاق جي خيرات ڏي! مون مان سڀ مدايون نهوڙي ڇڏ ۽ مون ۾ هر ڪنهن لاءِ خير جي خواهش پيدا ڪر!
    تون هر ڪنهن تي پنهنجيءَ مهر ۽ ميا جي برسات ٿيءُ! نه فقط مون تي ٻاجهه ڪر، منهنجي بدخواهه تي به ٻاجهه ڪر ۽ هن ۾ نيڪ نيتون ائين اُڀار، جيئن ٿوهر ۾ ڳاڙها گل ڦٽي پوندا آهن ۽ وارياسو لهلهائيندو آهي!

    يا رب!
    مون کي سگهه ڏي ته باقي عمر رڳو تنهنجا گيت ڳايان، عارضي ۽ فانيءَ کي پنهنجي ڌيان تان هٽايان ۽ پنهنجي روح جي موسيقيءَ کي تو ۾ ائين سمايان جيئن ندي پاڻ کي سمنڊ ۾ سمائيندي آهي اها منهنجي آخري دعا آهي، اها دعا قبول فرماءِ.


    يا رب!
    منهنجي ڏات ڏينڀوءَ وانگر نه بڻاءِ! ان کي پوپٽ جا پر ڏي ۽ رنگ ۽ خوشبو جو شيدائي ڪر!

    يا رب!
    مون کي دارا ۽ سڪندر جي قد و قامت نه گهرجي! مون کي حافظ جو ترنم ۽ خيام جي سرمستي عطا ڪر!
    مون کي شمس تبريز ۽ روميءَ واري حيرت ڏي ۽ ان ۾ قلندري شان پيدا ڪر!
    مان پاڻ سان حقارت به نه ڪيان ۽ پاڻ کي حقير به نه سمجهان!

    يا رب!
    هر ڪنهن کي عزت به تون ٿو ڏئين ۽ ذلت به تون ٿو ڏئين! مون ۾ اها صلاحيت پيدا ڪر ته عزت ڏسي نه اُڀامان ۽ ذلت ڏسي دلشڪستو نه ٿيان.

    يا رب!
    تنهنجي ساٿ کان سواءِ، دنيا جو هر ساٿ عارضي آهي. مون کي ايتري سگهه ڏي ته جڏهن مان تنهنجي پٺيان اچان ته منهنجا پير نه ٿڪجن!

    يا رب!
    منهنجي تقدير تنهنجي غيب جو حصو آهي. مان ڪير جو ان جي قبل از وقت پيش گوئي ڪري سگهان!
    منهنجي واڳ تنهنجي وس آهي. مان ڪير جو پاڻ وهيڻو ٿيان!

    يا رب!
    منهنجي زندگي ۽ موت به تون آهين، حال ۽ مستقبل به تون آهين، مون تان پنهنجو هٿ نه هٽاءِ! اهو پوئين گهڙي تائين وڻ تي سانوڻ جي ڪڪر وانگر رهي ۽ ان جي رم جهم ۾ رتيءَ ڀر ڪمي نه اچي!


    يا رب!
    منهنجيءَ شاعري کي پيريءَ جي لهس نه اچي. اها سدا گلاب وانگر شگفته رهي ۽ جڏهن تون ان کي پَٽين تڏهن منهنجيءَ ڏات ۾ تنهنجي ذات جي خوشبو ملي.

    يا رب!
    منهنجي ساري ديس کي ساڃاهه ڏي ته تنهنجي واکاڻ تي ڇاڪاڻ جهڙو سوال نه پڇن.
    هن ديس جو ڪوئي اوهي پيهي نه آهي، ڪوئي ڌڻي سائين نه آهي، تون ئي ان جو واهرو ٿي، ان کي واٽ سُجهاءِ ۽ ان جي راهه مان سڀ روڙا هٽائي ڇڏ!
    تنهنجي راهه ۾ اگها به سگها آهن، جڏا به جاکوڙي آهن، انهن کي زندگي جي پلصراط تان چيچ کان وٺي پار پهچاءِ!
    تون ئي اپائڻهار آهين، تون ئي پالڻهار آهين، تون ئي وِلهه ۾ اهو الاءُ آهين، جنهن تي هٿ پير سيڪي، واٽهڙو وڌن ٿا.
    اسان کي اسان جي واٽ سُجهاءِ، اسان لاءِ ايتريون مشعلون ٿيءُ جو تارن ڀريو آڪاس ڌرتيءَ سان ريس ڪري.


    يا رب!
    مون کي وڻ وڻ جي پن پن چيو ته تون آهين ۽ هنن توسان ڳالهايو آهي پر مون هنن کي نه ٻڌو.
    يا رب!
    هو آسمان جو ڪنهن گهاٽي وڻ وانگر آهي، جنهن ۾ ستارا پڻ ائين ڦڙڦڙائي رهيا آهن، جيئن تيز هوا ۾ پن ڦڙڪندا آهن، تنهن مون کي چيو ته تون نه رڳو مٿي پر هيٺ ڌرتيءَ تي به آهين، پر مون هن کي لنوائي ڇڏيو.
    يا رب!
    تون جو سڀ جو رازق آهين، مون توکي هدهد ۽ ڪاٺ ڪٽي جي چهنب ۾ ڏٺو.
    مون نه رڳو توکي ڪويل جي ڪوڪ ۾ ٻُڌو پر هر پکيءَ جي چَهه چَهه ۾ تون مون کي سڏي رهيو هئين! پر مون ڪنن ۾ آڱريون وجهي ڇڏيون.
    تو ئي ته مون کي چيو ته مان ئي هن جو واحد تماشائي آهيان، آءٌ هن مور سان هم- رقص ٿيءُ! پر منهنجي پير اڳتي نه وڌيا.
    ۽ جڏهن بادل اوڙڪون ڪري وسيا، تڏهن به مون نه ڄاتو ته اها تنهنجي رحم جي بارش آهي ۽ هوا ۾ ٻوٽا نمي توکي سجدو ڪري رهيا آهن.
    يا رب!
    مون کي پنهنجيءَ نادانيءَ جو اعتراف آهي ۽ ان تي ندامت به آهي.
    مون کي معافي ڏي!


    يارب العالمين!
    هر انسان تنهنجو پاڇو آهي،
    مان ڪير جو هن جي گناهه ۽ ثواب تي پڪڙ پڇاڙ ڪيان! تون ئي ازلي محتسب آهين ۽ تنهنجي احتساب کان ڪير آجو آهي؟
    تون اهو ڪيئن ٿو ڪرين، ڪنهن وقت ٿو ڪرين، ڪنهن جي بدران ڪنهن سان ٿو ڪرين، ان جو علم توکي ئي آهي.


    يا رب!
    مون کي اها ڏاهپ ڏي ته مان تنهنجي اٿاه پڻي ۾ ائين ملي وڃان جو منهنجي پنهنجي وهڪري جو وجود نه رهي.
    ڀلي ڪوئي منهنجي واٽ ڄاڻي يا نه ڄاڻي، منهنجو پنڌ ڏسي يا نه ڏسي ۽ منهنجي ٿڪ کي سمجهي يا نه سمجهي!
    من کي پنهنجي بيڪران وسعت ۾ سماءِ، جيئن لهرون منهنجي پيرن کي زور ڏين ته مون کي تو ۾ مٺي ننڊ اچي وڃي!


    يا رب!
    مان ٻوليءَ تي ڪيڏي به مهارت حاصل ڪيان، ڪيڏا به ان جا ڄار اڻان، تنهنجو تصور انهن ۾ ڦاسي نه ٿو سگهي ۽ انهن مان پاڻي وانگر ترڪي ٿو وڃي!

    يا رب!
    جتي غور ۽ فڪر جي رسائي نه آهي
    جتي رازي ۽ ابن رُشد پهچي نه ٿو سگهي،
    جتي جبرئيل جا پر جلي وڃن ٿا،
    ۽ رومي ۽ اقبال سربسجود آهن،
    ۽ شاعريءَ عاجزيءَ کان وڌيڪ نه آهي،
    اتي تنهنجو آستان آهي.

    يا رب!
    تون ئي ته چيو آهي ته مان توکي شهه رڳ کان وڌيڪ قريب آهيان،
    ڪٿي تون مون ۾ ته نه آهين!
    مان پاڻ کي ساري ڪائنات کان گهٽ سونجهيو آهي،
    نه وري ان تي ڪنهن تسلي بخش تحقيق ڪئي آهي
    ۽ نه مون ڀٽائي وانگر
    پاڻ ۾ پيهي ڏٺو آهي.


    يا رب!
    مون کي توفيق عطا ڪر،
    ته دل جي ڪعبي تان غلاف لاهي،
    توکي ڏسان،
    هر گل بخمل ۾ توکي ڇهي سگهان،
    ۽ هر ستاري ۾ توکي اکيون ڇنڀي ڏسي سگهان!

    يا رب!
    مون کي اهو شعور بخش ته خودشناسي خدا شناسيءَ جو ٻيو نانءُ آهي.


    يا رب!
    تنهنجي حد جي حد ۽ حساب جو حساب نه آهي.
    مان ڪير جو تنهنجي زمان و مڪان کي سمجهي سگهان؟
    ها، تون منهنجي دل ۾ مقيد آهين، مان تنهنجو اهو پرندو آهيان جنهن جا پر ڪائناتون پٺتي ڇڏي وڃن ٿا،
    منهنجي دل ۾ ڪيئن آئين ۽ ان مان ٻولڙيون ڇو ٿو ٻولين، اهو منهنجي سمجهه کان بعيد آهي!

    يا رب!
    اها انجيل جي ڪهاوت ته علم جو وڻ ۽ زندگي جو وڻ هڪ ٻئي جي ڀرسان نه اڀرندا آهن، ڪيتري نه صحيح آهي.
    ڀلي ته فلسفو منهنجي يقين کي سمجهي نه سگهي، مون لاءِ تو ۾ اعتبار لاءِ درياهه ۾ چنڊ جو پاڇو ڪافي آهي، بسنت جي هوا ۾ ٽاريءَ تي رابيل جو گل ڪافي آهي ۽ ڪافي آهي اها خوشبو جنهن ڦهلجي ساري، ڦلواڙيءَ کي واسي ڇڏيو آهي.
    يا رب!
    تنهنجي تشريح ۽ توضيح اتي کٽي وڃي ٿي جتي ٻوليءَ جا لفظ کٽي وڃن ٿا،
    توکي ته انسان پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي محسوس ڪري سگهي ٿو،
    تون ٻوليءَ کان بعيد آهين، عقل کان بعيد آهين، منطق ۽ فلسفي کان بعيد آهين.

    يا رب!
    مون کي انهيءَ عام آدميءَ جو سرسبز سينو عطا ڪر، جو دليل بازي کان دور آهي، جو تنهنجي هٿ کي پيءُ جي ٻاجهاري هٿ وانگر سمجهي ٿو ۽ پاڻ کي تنهنجيءَ پناهه ۾ ڏئي، پاڻ کي هر آفت کان محفوظ ڀائين ٿو.

    يا رب!
    مون کي اهڙو يقين ڪامل ڏي، جو ڪنهن ڇو ۽ ڇاڪاڻ کان سواءِ، تو اڳيان سربسجود ٿئي.


    يا رب!
    جي تون نه آهين ته هن زندگيءَ کي ڪهڙي معنيٰ آهي؟ ڇا هيءَ زندگي فقط خورد و نوش آهي؟ فقط لباس آهي جو زيب تن آهي؟ فقط ستر اسي سال جي حياتي آهي جا خواب وانگر گذري وڃي ٿي ۽ پوءِ خاڪ خاڪ ڏانهن موٽي ٿي ۽ ٻيو ڪجهه به نه ٿو رهي؟
    يا رب!
    ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟
    جي اها ڳالهه صحيح آهي ته خودڪشي لاءِ جواز ڪيئن نه آهي؟
    جي اڳي يا پوءِ خاڪ خاڪ سان ملڻي آهي، ته اينگهه ڇا لاءِ؟
    يا رب!
    تون، ڪيئن آهين، ڪٿي آهين، ڪهڙيءَ ريت حاصل ٿي سگهين ٿو، اهو منهنجي سمجهه کان بعيد آهي،
    مان ول هجان ها يا وڻ هجان ها، يا پرندو هجان ها ته توسان منهنجي گفتگو ٿي سگهي ها،
    مان ته انسان آهيان ۽ منهنجي زبان اڳيان حد فاصل آهي. اها توسان هم ڪلام ٿي نه ٿي سگهي.

    يا رب!
    منهنجي زبان ته عاجز آهي، منهنجي دل کي پاڻ تائين رسائي ڏي!


    يا رب!
    هر انسان ۾ پوري انسان ذات آهي، جڏهن به هن کان گناهه سرزد ٿئي ٿو تڏهن اهو پوريءَ انسان ذات کي متاثر ڪري ٿو، پر ڇا تو اها ڄاڻ ڪنهن ڪنهن کي ڏني آهي؟

    يا رب!
    تون ڪنهن به انسان کي منهنجي ڪري سزا نه ڏي!
    مون کي اها قوت عطا ڪر ته مان پنهنجي همسائي کي پاڻ وانگر پيار ڪيان!

    يا رب!
    منهنجي پيار کي آفاقي بڻاءِ
    جيئن مان هر انسان کي پنهنجو ڀاءُ سمجهان!
    منهنجي خون ۾ قابيل جي عنصر کي ختم ڪر!
    مون کي پنهنجو رحم وديعت ڪر!
    پنهنجي اخلاق جي بيک ڏي!


    يا رب!
    تون حد ۽ حساب کان سوا پيار آهين ۽ اها ڏاهپ آهين جنهن جو ڪاٿو ڪونهي، مون ساري زندگي تولاءِ اُڃ سانڍي ۽ عمر مون کي ڪنهن هرڻ وانگر رُڃ ۾ رلايو.
    اڄ مان تنهنجي ڪناري تي پهتو آهيان. تون جو رحمت جي درياءَ وانگر ڇوليون هڻي رهيو آهين، مون تو مان چُڪي چکي آهي ته منهنجي ساري عمر جي اُڃ لهي وئي آهي.

    يا رب!
    مون کي معافي ڏي!
    مون ڪيتري عمر ضايع ڪئي آهي!
    مان حسن فانيءَ جو تمنائي به رهيو آهيان.
    ۽ تماشائي به رهيو آهيان،
    توڙي مون شفق ۾ پرندا ڏٺا آهن جي توڏانهن دور دور اڏامن ٿا!
    مون عارضي حقيقت کي حق سمجهيو آهي ۽ ان لاءِ پٽ کوهه ڪئي آهي ۽ اهو نه ڄاتو آهي ته هي عمر گذران سراسر سراب آهي.
    ۽ ان ۾ اطمينان جي تلاش عبث آهي، ان جو انت پيري آهي، بيماري آهي، موت آهي، يا جڏهن سڀ بلائون کٽي وڃن ٿيون تڏهن ”غالب“ وارو مرگ ناگهاني آهي.


    يا رب!
    هي پوپٽ جو گل، گل تي ويهي رمندو ٿو رهي،
    فقط واس جو شيدائي ته آهي!
    خوشبو سڀ ڪجهه آهي، گلاب جون پتيون ته ٽڙي پکڙي وڃن ٿيون!

    يا رب!
    منهنجي عشق کي سدا گلاب وانگر بڻاءِ!
    انسان سان عارضي محبت تي پنهنجي ابدي محبت جو پرتوو وجهه!
    ۽ پاڻيءَ ۾ چنڊ کي چؤ ته ڪنهن به ڇوليءَ سان گهڻو پيار نه ڪري ڇو ته ڇوليون ته وينديون رهنديون آهن ۽ ڪنهن لاءِ ترسنديون نه آهن.

    يا رب!
    مون کي انسان جو عشق ڏين ته به ائين ڏي جيئن هن ۾ توکي ڏسان!


    يا رب!
    تون پيار جو آبشار آهين، تو وٽان ڪوئي به اڃايو ۽ اداس نه موٽيو آهي.
    تون اهوئي ته آهين جو منهنجي خون ۾ پيار ٿي ڊوڙي رهيو آهين. منهنجي رڳ رڳ تنهنجي ساک ڏئي رهي آهي.


    يا رب!
    تون پيار کان سواءِ ڪجهه ٿي نه ٿو سگهين!
    فطرت جو سارو قهر ۽ آفتون نظر جو فريب آهن. تنهنجي مصلحت تائين رسائي ناممڪن آهي ۽ ظاهري برائيءَ ۾ چڱائيءَ جو احساس به ڪيترو نه مشڪل آهي!


    يا رب!
    تنهنجي تاڃي پيٽي ۾ هر تند ڪٿي ۽ ڪنهن جاءِ تي آهي، اهو ڪير ٿو سمجهي سگهي!
    يا رب!
    هيءَ فطرت، جا سراپا تنهنجو مظهر آهي، ڪڏهن رنڊا ڇو ٿي روڙي، اهو مان ڪيئن چوان!


    يا رب!
    مون کي تنهنجي وجود ۾ اعتبار لاءِ ڪنهن ثابتي جي ضرورت نه آهي، جيئن ماکيءَ جي مک کي اها ثابتي نه گهرجي ته ماکي مٺي آهي يا جيئن اهو ثابت ڪرڻ اجايو آهي ته پاڻيءَ ۾ آلهه آهي.

    يا رب!
    مون کي پنهنجي آغوش ۾ رک!
    مون تان دست شفقت نه هٽاءِ
    ۽ پنهنجي موجودگيءَ جي احساس کان سوا
    ٻيا احساس منهنجي ويجهو اچڻ نه ڏي!


    يا رب!
    تون گناهه خلقي مون کي آزمائش ۾ وجهين ٿو ۽ پاڻ ئي ان آزمائش مان هٿ ڏئي ڪڍين ٿو!

    يا رب!
    هيءَ دنيا اونهيءَ کڏ وانگر آهي.
    ۽ مان ساري زندگي اکيون ٻوٽي گهميو آهيان ۽ ان ۾ ڪريو آهيان. تو بار بار مون کي کڏ جي تري مان ڇڪي ڪڍيو آهي ۽ منهنجي مٿي تي پنهنجو ٻاجهارو هٿ رکيو آهي.

    يا رب!
    مون کي اها ساڃاهه ڏي ته منهنجي پيڙا اجائي نه وئي آهي ۽ ان ساري سونهن ۾ سمائجي وئي آهي، جا تون آهين.


    يا رب!
    اڃا اسر وير پکي اُٿن مس ٿا
    ۽ پنهنجن آکيرن مان کنڀ کڻن ٿا،
    ته تون انهن کي رزق رسائين ٿو
    تو ماکيءَ جي مک لاءِ ڪيڏا نه وڻ ٻوٽا بنايا آهن
    ۽ توکي هر ڪئليءَ، هر ننڍي کان ننڍي جيت لاءِ اون آهي
    ۽ ٻرن ۾ اڳي ئي تو انهن جي بک لاءِ بندوبست ڪيو آهي،

    يا رب!
    تون انسان مان حرص و هوس مٽاءِ!
    هن کي هدايت ڪر ته هو جيڪي پنهنجي لاءِ چاهي ٿو، اهي ٻئي جي لاءِ به چاهي!

    يا رب!
    تون رازق آهين ۽ تو هر ڪنهن جي رزق جو ذمو کنيو آهي، پنهنجو اخلاق انسان کي وديعت ڪر ته جيئن هو رزق حلال کائي ۽ ان کي پنهنجي همسائي سان ورهائي!

    يا رب!
    جي هر انسان پنهنجي همسائي جو خيال رکي ۽ همسايو پنهنجي همسائي جو خيال رکي ۽ ائين انتها ڌرتيءَ جي آخري انسان تي ٿئي ته هي ڌرتي اهو بهشت ٿي پوي، جنهن جو تقويٰ جي عيوض تو وعدو ڪيو آهي.


    يا رب!
    ائين ڇو آهي ته منهنجو نفس امارو مون کي ڀٽڪائيندو رهيو آهي پر پوءِ به مان توکان غافل نه رهيو آهيان!
    مون جڏهن به چنڊ کي درياهه ۾ جهلڪندي ڏٺو آهي ته هن روان دوان ڪائنات ۾ مون کي تنهنجي ياد آئي آهي!


    يا رب!
    تنهنجي اُٿاهه ساگر مان آءٌ هڪ ڇولي ئي ته آهيان. منهنجو وجود به قائم رک ۽ مون کي اها ساڃاهه به ڏي ته مان توکان ڌار نه آهيان.

    يا رب!
    مون کي عقل جي تضاد کان ڇڏاءِ ۽ وجدان جي وحدت سان همڪنار ڪري، بي ڪنار بڻائي ڇڏ!
    مان فقط هڪ موج آهيان، جا سمندر کي سجدا ڪندي ساحل تي ايندي آهي ۽ سمندر کان مختلف به نه هوندي آهي.
    مون کي پنهنجي ذات جو شعور ڏي.


    يا رب!
    تنهنجا اسرار اُٿاهه آهن. آسمان انهن کي شفق جي پڃري ۾ نه ڦاسائي سگهيو آهي ۽ ڌرتي انهن کي خوشبو جي ڄار ۾ آڻي نه سگهي آهي.

    يا رب!
    مون کي انسان سان ايتري محبت ۽ هن تي ايترو رحم ڏي، جو هن جي هر علالت پنهنجي علالت ۽ هن جي هر شفاعت ۾ پنهنجي شفاعت ڏسان.


    يا رب!
    تون مقدر کي چؤ ته نقارا وڄائيندو اچي ۽ منهنجي ان فرض ۾ رخنو نه وجهي جو مان پاڻ ڏانهن، خلق ڏانهن، ديس ڏانهن پورو ڪري رهيو آهيان.
    منهنجون دعائون به ان آواز ۾ دٻجي وڃن، جو ازلي آهي، ابدي آهي، جو تنهنجو آواز آهي ۽ جنهن تي سارا ستارا رقص درويشان وانگر محو گردش آهن.
    منهنجو توڏانهن جو فرض آهي اهو پورو ڪرڻ جي مهلت ڏي ۽ تنهنجو مون ڏانهن جو قرض آهي اهو لاهڻ جي توفيق عطا ڪر!

    يا رب!
    تون مون کي اهو پيغام ڏي جو منهنجا سارا وهم ۽ وسوسا مٽائي ڇڏي،
    ۽ اهي سارا فلسفا دنگ رهجي وڃن جي دنيا ڪتابن ۾ سانڀي رکيا آهن.


    يا رب!
    جرمن فلسفي، نٽشي، جنهن تنهنجي وجود کان انڪار ڪيو ۽ گلي گليءَ ۾ اهڙو ڍنڍورو ڏنو ته تون مري چڪو آهين،
    اهو چريو ٿي پيو ۽ پنهنجي انت تائين چريو رهيو.

    يا رب!
    نٽشي اهو نه سمجهي سگهيو ته انسان پنهنجي اذيت فقط ڪوشش سان مٽائي نه ٿو سگهي جيستائين ان ڪوشش ۾ تنهنجي رضا شامل نه آهي.
    نٽشي اهو سمجهي نه سگهيو ته انسان جي پوري زندگي تنهنجي سهاري لاءِ پڪار آهي.
    هو تنهنجي واهر لاءِ واجهائي رهيو آهي،
    هن کي اهو احساس کائي رهيو آهي ته زندگي مختصر آهي،
    ان جي هر خوشي عارضي آهي
    ۽ فقط تون ئي ازلي ۽ ابدي آهين،
    ۽ تون ئي مسرت جو اهو سرچشمو آهين جو کٽي نه ٿو کٽي.


    يا رب!
    مان توکان الڳ ڇا آهيان؟
    تون ابدي آهين، تون ئي هر ڪمال جو مظهر آهين،
    تون ئي هر گهريءَ ڳالهه کان وڌيڪ گهرو آهين ۽ تو جهڙو دوست ڪوئي نه آهي.


    يا رب!
    تنهنجي نور جو ظهور فلسفي جي هر پيچيدگيءَ جو حل آهي.
    منهنجي روح کي هر پيچيدگيءَ مان ٻاهر آڻ ۽ پاڻ ۾ سادو يقين عطا ڪر!

    يا رب!
    مان هر دهرئي کي چوان ٿو ته “گهٻراءِ نه! توبه جو دروازو هر وقت کليل آهي ۽ تنهنجي پوئين پساهه تائين توتي نه ٻوٽبو.
    آءُ، انهيءَ مان ڪنڌ جهڪائي اندر آءُ ۽ اها شمع ڏس جا تو ۾ ٻري رهي آهي.
    آءُ! موت جي منهن ۾ دليريءَ جو اظهار به ايترو ئي بي معنيٰ آهي، جيترو مايوسيءَ جو.

    يا رب!
    تنهنجي موجودگيءَ جو احساس ئي سارو ڪوهيڙو هٽائي ٿو ۽ جڏهن تون انساني روح ۾ چنڊ وانگر نڪرين ٿو ته اوندهه انڌوڪار باقي نه ٿو رهي.


    يا رب!
    مون کي پنهنجي موجودگيءَ جو احساس ڏي،
    روشنيءَ جو احساس ڏي،
    ۽ انهيءَ خاموشيءَ جو احساس ڏي جنهن ۾ تنهنجا گيت ٻُرندا آهن.

    يا رب!
    مون کي ٻيائيءَ کان پاسي رک!
    ٻيائي جهڙي ٻي برائي ڪانه آهي
    ٻيائي تيرگي آهي
    جا هر شمع کي، هر مشعل کي اجهائي ڇڏيندي آهي
    مون کي ٻيائيءَ کان پاسي رک!


    يا رب!
    تون نه فقط تن جو طبيب آهين، پر من جو طبيب به آهين، جيسين مون نه چيو ته طبيب منهنجو خدا آهي، تيسين مون لاءِ شفا لاحاصل هئي.
    پر جڏهن مون چيو ته خدا منهنجو طبيب آهي تڏهن شفا منهنجو مقدر ٿي وئي.

    يا رب!
    تو منهنجي ماضيءَ لاءِ معافي ڏني آهي ۽ منهنجي ڪسيءَ پڪيءَ تي ڍڪ رکيو آهي.
    تون ئي ماڻهوءَ جو ڍڪڻهار آهين جنهن جا عيب اُپار آهن.

    يا رب!
    تون ئي مون کي راهه ڏيکاري، مون ۾ امن ۽ انسان دوستيءَ جي خواهش پيدا ڪئي ۽ سمجهايو ته هر ماڻهو تنهنجو پرتوو آهي ۽ ان ڪري مقدس آهي.

    يا رب!
    تون اها ساڃاهه ساريءَ انسان ذات کي ڏي ته نه رڳو تنهنجي پيار پر هڪ ٻئي جي پيار ۾ انسان ذات جي نجات آهي.


    يا رب!
    اهي ساروڻيون ڇا آهن؟
    ڪنهن وقت مون جنهن کي شدت سان چاهيو هو
    ان جي فقط سار وڃي رهي آهي جيئن ڪانڊيرن تي چانڊوڪي پوندي آهي.
    ۽ جي هن لاءِ دل ۾ اڃا ڪجهه پيار آهي
    ته هوءَ مرجهايل گلابن تي ماڪ ڦڙن وانگر ٿي لڳي.

    يا رب!
    هاڻي ته تنهنجي سار هر سار تي وير وانگر وري وئي آهي انساني رشتا ناتا سڀ ٻڏي چڪا آهن
    ۽ وري انهن لاءِ آلڙ نه ٿيندي!


    يا رب!
    تون اهو حقيقت جو درياهه آهين
    جنهن تي مجاز جي ڪائي پل ٻڌي سگهبي نه آهي

    يا رب!
    اها مجاز جي پل هميشه لاءِ ڊاهي ڇڏ، جا مون بار بار ٻڌي آهي!
    مون کي انهيءَ درياهه ۾ سمائي ڇڏ، جنهن جو ڪوئي ڪير نه آهي.
    منهنجي جيئري ئي سمائي ڇڏ!
    مان جو هڪ لهر آهيان ۽ ساري عمر تنهنجي تلاش ۾ رهيو آهيان.

    يا رب!
    آءٌ تنهنجي ابدي آغوش جو منتظر آهيان.
    پنهنجي جيئري ئي ابدي آغوش جو منتظر آهيان.


    يا رب!
    منهنجي دل ۾ ڀٽائي واري ڪيفيت پيدا ڪر ته
    ڪاڏي ڪاهيان ڪرهو، چوڏس چٽاڻو،
    راڻو ئي راڻو، ريءَ راڻي ٻيو ناهه ڪي.

    يا رب!
    تنهنجي وجود ۾ يقين لاءِ دليل جي ڪهڙي ضرورت آهي؟
    ڇا ڪنول تي پرواز ڪرڻ لاءِ ڀنور کي دليل گهرجن؟
    ماکيءَ جي مک کي رس گلاب جي گل ڏانهن ڇڪي ٿي اچي،
    ڇا ان لاءِ ڪنهن دليل جي ضرورت آهي؟

    يا رب!
    پرهه جو آسمان ۾ ابابيل ڇو ٿا اڏامن،
    ڇا ڪوئي سمجهائي ٿو سگهي؟
    شفق جو رنگ جڏهن هد هد تي پوي ٿو، تڏهن تنهنجي حسن کان انڪار ڪير ٿو ڪري سگهي؟
    تون ئي ته هر آکيري جي ننڊ ۾ آهين،
    ۽ اسر وير جڏهن پکي جاڳن ٿا تڏهن تون ئي ته انهن جي اکين ۾ اُڀرين ٿو.
    يا رب!
    هي ساري ڪائنات تنهنجو دليل آهي،
    تون ئي ته محبوبائن جا رخسار بارش سان ڌوئين ٿو ۽ عاشقن جي اکين کي بادلن جون عادتون سيکارين ٿو. تون ئي ته اها ڪشش آهين جا حسن کي عشق ڏانهن ڇڪي ٿي.

    يا رب!
    تون ئي ته ماڻهوءَ جي دل ۾ زلزلو آڻين ٿو ۽ عشق جا ولولا پيدا ڪرين ٿو،
    جي عقل جي ساري مانڊاڻ کي ڊانوان ڊول ڪن ٿا ۽ هن جي هستيءَ تي ائين ڇانئجي وڃن ٿا جيئن جوالا مکيءَ مان دونهين جا ڪڪر اُڀري آڪاش تي ڇانئجي ويندا آهن.

    يا رب!
    تون طبيعات ۽ مابعدالطبيعات، ٻنهي کان بعيد آهين.
    مون لاءِ تو ۾ اعتبار لاءِ ارسطوءَ جي مطالعي جي ضرورت نه آهي.
    هن ڪئليءَ کي اڳواٽ ڄاڻ آهي ته برسات اچي رهي آهي ۽ ان ڪري ٻر ڏانهن موٽي رهي آهي، ۽ وسندي مينهن ۾ ان ڪڏهن به خوراڪ جي ڪمي محسوس نه ڪئي آهي. ڇا مون لاءِ اها ڄاڻ ڪافي نه آهي؟

    يا رب!
    تون کنوڻ وانگر کنوين ٿو ۽ وڄ وانگر ٽڙڪاٽ ڪرين ٿو ۽ انسان کان سواءِ ٻي ڪنهن ساهواري تنهنجي وجود لاءِ دليل جي ضرورت محسوس نه ڪئي آهي.

    يا رب!
    مون کي پنهنجو يقين واپس ڏي،
    جڏهن تون اکئين ٿو پسجين
    ته تولاءِ دليل جي ڪهڙي ضرورت آهي!
    تون هر دليل کان مٿي آهين،
    ۽ اکين کي نور کان ويجهو آهين
    ۽ چپن تي آواز کان اڳ موجود آهين.
    مون کي اهو يقين واپس ڏي!


    يا رب!
    آءُ، منهنجي آغوش ۾ آءُ، منهنجون ٻانهون تولاءِ آتيون آهن!
    منهنجا چپ تو سان گفتگوءَ لاءِ تڙپي رهيا آهن،
    مون سارا دروازا تنهنجي آمد لاءِ کولي ڇڏيا آهن،
    آءُ، مان تنهنجي ملاقات جو منتظر آهيان.

    يا رب!
    مون لاءِ فيصلا به تون ڪر ۽ مون کي سنئين دڳ به تون لاءِ، مون هر غلاميءَ کان نفرت ڪئي آهي سوا تنهنجي غلاميءَ جي.

    يا رب!
    مون پنهنجي واڳ تنهنجي وس ۾ ڏني آهي
    مان پاڻ وهيڻو ٿيڻ نه ٿو چاهيان
    پاڻ وهيڻو ٿي نٽشي کي ديوانگي ئي ته ملي!
    مان تنهنجيءَ مشيت اڳيان سر جهڪايان ٿو.

    يا رب!
    تنهنجو نالو اها زرهه آهي،
    جنهن جي اڳيان هر چنگيز ۽ هلاڪوءَ جي اُلَر عاجز آهي.

    يا رب!
    مون کي پنهنجي پناهه ۾ رک!


    يا رب!
    مون لاءِ تنهنجو مقدس نانءُ ڪافي آهي
    جڏهن به منهنجي توسان وابستگي نه رهي آهي، منهنجي محنت اجائي وئي آهي.
    اڄ مان پنهنجي ساري شاعري تنهنجي ڀيٽ رکان ٿو،
    مان ڄاڻان ٿو ته اها تو اڳيان تڇ آهي،
    تون جو هن پوريءَ ڪائنات تي حاوي آهين،
    پر مان ڇا ڪيان،
    مون وٽ ان کان بهتر سوغات ڪانه آهي جا تنهنجن پيرن ۾ رکان!

    يا رب!
    تون اها قبول فرماءِ!
    اها منهنجي پوري زندگي جو حاصل آهي
    اها قبول فرماءِ.


    يا رب!
    منهنجي اختلاف راءِ کي ابدي بڻاءِ! مون کي صداقت ڏي ته پنهنجي دؤر سان، اختلاف ڪري سگهان ۽ ان جي خلاف آواز اُٿاريان.

    يا رب!
    مون کي ايتري جرئت ڏي ته نه رڳو اختلاف پر موافقت جو اظهار به برملا ڪري سگهان ۽ ان جي پرواهه نه ڪيان ته اقليت مون سان متفق آهي يا اڪثريت مون سان متفق آهي!


    يا رب!
    مان تنهنجي خلق کي چوان ٿو ته
    ڪثرت نظر جو فريب آهي
    هن جي وحدت ناقابل انڪار آهي.
    هو ئي آفتاب ۾ سورج مکيءَ وانگر ٽڙي پوي ٿو
    هو ئي ڪڪر ڪارونڀار ٿي اچي ٿو
    ۽ گلاب ۽ رابيل جا منهن ڌوئي ٿو
    ۽ انهن ۾ مهڪي ٿو،
    ۽ پرندن ۾ چهڪي ٿو
    جن جا گيت ٻڌي
    ٽاري ٽاري جهومي ٿي،
    ۽ پن پن انهن جي مجسم سماعت ٿي وڃي ٿو.
    يا رب!
    هيءَ ڪائنات تنهنجي ڪليت نه آهي، اڪائي به آهي. منهنجو “مون” به آهي ۽ تنهنجو “تون” به آهي.
    ۽ هي انسان جو منهنجي ڀرسان بيٺو آهي.
    اهو به تنهنجي تجليءَ ۾ وهنجي رهيو آهي.
    يا رب!
    رڳو تون آهين
    ٻيو سڀ خواب و خيال آهي
    وهم و گمان آهي
    مون کي غالب وانگر بازيچئه اطفال کان دور رک،
    جيئن مان تماشي ۾ محو ٿي نه وڃان،
    ۽ جڏهن نظر پوي ته توتي پوي،
    فقط توتي پوي!


    يا رب!
    مان تنهنجو آهيان
    پنهنجيءَ چانئٺ کان مون کي پري نه ڪر،
    جنهن کان منهنجا چپ هٽي نه ٿا هٽن.

    يا رب!
    تو مون کي ڪيتري آزمائش مان ڪڍيو آهي؟
    هاڻي ان جي ياد ئي ته وڃي رهي آهي،
    انهيءَ جي ثابتي ڪهڙي آهي ته مان آتش نمرود مان نڪتو آهيان؟
    مان ڄاڻان ٿو ته گلزار براهيمي منهنجي مقدر ۾ نه آهي.
    پوءِ به تنهنجو هر امتحان مون لاءِ سعادت آهي!

    يا رب!
    تون ڀلي بار بار مون کي مصلوب ڪر!
    مان پنهنجيءَ تصليب تي شڪايت نه ڪندس
    رڳو مان چاهيان ٿو ته منهنجا رت ڦڙا اجايا نه وڃن،
    ۽ انهن سان ڪيئي چراغ جلي اٿن!


    يا رب!
    هي انسان
    جن کي اکيون آهن به، نه به آهن
    ڪن آهن به، نه به آهن
    زبان آهي به، نه به آهي
    جي تنهنجي وجود جو قائل نه آهن
    ۽ سمجهن ٿا ته مادو ابدي آهي،
    انهن کي اها ويڄاڻ ڏي
    ته پرڏيهي پکي پنهنجو رستو ڪيئن ڳولن ٿا
    ۽ توکان سوا انهن کي اها سوجهه ڪيئن ملي ها!

    يا رب!
    انهن کي اها ساڃاهه ڏي، جا تو انهن مڇين کي ڏني آهي،
    جي هڪ پورو سمندر تري ٻي سمندر جي ڪناري تي پهچن ٿيون ۽ اتي پنهنجا ٻچا ڪن ٿيون.

    يا رب!
    هنن کي چؤُ ته اهڙي مشعل مهيا ڪن جا ماهتاب جو قنديل ٻاري سگهي!
    جڏهن تون جهڙ ٿي ڇانئجي ٿو وڃي ته رات جا ڏيئڙا تنهنجا آسائتا رهن ٿا!
    تون ئي ته آهين جو ڀٽائي جي يڪتاري مان سر سارنگ ٿي نڪتو هئين،
    ۽ هر ڀٽ توسان جهومي اُٿي هئي،
    ۽ تون واريءَ جي هر ڪڻي ۾ ٻريو هئين!
    يا رب!
    ڇا تون مون ۾ سانوڻ جا سانگ ڪندين؟
    ۽ منهنجي من ۾ اهي ڏيئڙا جلائيندين جي تون هر رات جو آسمان ۾ جلائيندو آهين،
    جن کي نابين ڏسي نه سگهندا آهن
    جن کي اکيون آهن به، نه به آهن
    ۽ جي تنهنجي وجود کان انڪار ڪن ٿا!
    يا رب! انهن کي ديد ڏي انهن کي ديد ڏي!

    يا رب!
    جي تنهنجو ساٿ آهي ته دولت جا انبار انسان سان ساٿ آهن،
    تنهنجون ڪروڙين ڪائناتون هن جي ميراث آهن،
    پر جي تنهنجو ساٿ نه آهي، امير ترين انسان به قلاش آهي،
    توکان سوا هر حاصلات لاحاصل آهي.
    تون ئي سڀ ڪجهه آهين.
    تون ئي سڀ ڪجهه آهين.

    يا رب!
    انسان کان سوا فطرت جي ٻي هر شيءِ تنهنجي ويجهي آهي.
    انسان جو عقل ئي هن جي ۽ تنهنجي وچ ۾ ٿو اچي.


    يا رب!
    مان تو اڳيان عاجزيءَ سان عرض ڪيان ٿو ته،
    تنهنجي ذات اقدس مون کي جو ٿورو ڪي گهڻو علم ڏنو آهي، اهو عمل کان سوا آهي.

    يا رب!
    مان صراط المستقيم جو راهي نه آهيان، جا پيغمبر ڏسي ويا آهن.

    يا رب!
    مون کي ارسطوءَ اهڙي اوڙاهه ۾ اڙايو آهي، جتان مان اڃان نڪري نه سگهيو آهيان.

    يا رب!
    منهنجو واهرو ٿيءُ!
    مون کي دليلن جي دنيا مان ڪڍي آءُ!
    ۽ انهيءَ رستي تي لاءِ
    جو ابدي آهي
    ۽ جنهن تي جيڪي به نقش قدم آهن، ابدي آهن.
    ۽ اهي انهيءَ راهه ڏي وڌن ٿا
    جتي تون منزل انداز آهين.


    يا رب!
    اسان جو نبي اڪرم امي هو، پر پوءِ به ان جو انداز هر فلسفيءَ کان اعليٰ ۽ ارفع آهي. ڪنهن حديث ۾ آيو آهي ته ڪنهن شخص رسول الله ﷺ کان هن آيت جي معنيٰ پڇي:
    “عفو ۽ درگذر ڪيو، نيڪيءَ جو حڪم ڏيو ۽ جاهلن کان منهن موڙي ڇڏيو!” ته فرمايائون، “انهيءَ آيت ۾ اخلاق جا تمام محاسن ڪٺا ڪيا ويا آهن” جن جو تعداد ست آهي
    (١) ته جو شخص توتي ظلم ڪري، ان کي معاف ڪري ڇڏ.
    (٢) جو شخص توکي محروم ڪري، ان کي ڏي.
    (٣) جو شخص توسان قطع تعلق ڪري، ان سان تعلق پيدا ڪر.
    (٤) جو شخص تو سان بدسلوڪي ڪري ان سان سٺو سلو ڪ ڪر
    (٥) جو شخص تنهنجي بدخواهي ڪري، انهيءَ سان خيرخواهي ڪر.
    (٦) جو شخص تنهنجي غيبت ڪري، ان لاءِ استغفار ڪر ۽
    (٧) جو شخص توکي غصو ڏياري، ان سان بردباريءَ سان پيش آءُ.
    مون اخلاق جي تهذيب تي ان کان بهتر ڪجهه نه پڙهيو آهي نه ان کان بهتر ڪجهه به ٿي سگهي ٿو.


    يا رب!
    مان ايترو غرق گناهه رهيو آهيان، جو پنهنجي سوانح توکان سوا ٻي ڪنهن کي ٻڌائي نه ٿو سگهان!
    اها ٻي ڳالهه آهي ته تون اها اڳ ئي ڄاڻين ٿو.

    يا رب!
    تو وٽ توبه جو دروازو ڪڏهن به نه ٻوٽيو آهي. جيستائين زبان کي گويائي آهي، اها انسان جي توبه تو تائين پهچائي ٿي سگهي.

    يا رب!
    منهنجي توبه قبول ڪر!
    مون کي ساڃاهه ڏي ته نبي اڪرم جا انساني اخلاق جي باري ۾ نڪتا تهه دل سان محسوس ڪري سگهان ۽ انهن تي عمل ڪري سگهان ۽ ايڏو بي فڪرو ٿي وڃان جيترو هو ابابيل آسمان ۾ آهن.


    يا رب!
    هي انسان اهو ڇو نه ٿا سمجهن ته هي دنيا گذر جو مڪان آهي،
    گهر نه آهي، هر ڪوئي سراءِ ۾ رات ڪاٽي ويندو رهندو، ڪي ان کي سجائن ٿا،
    ان لاءِ شمع دان آڻن ٿا، ۽ ڪي زيب و آرايش جا ٻيا انتظام ڪن ٿا.

    يا رب!
    هي سراءِ ۾ ايتريون روشنيون ڇو ٿا ڪن؟
    ايترو ساز و سامان ڇو ٿا وجهن؟
    هر شيءِ اتي رهجي ويندي ۽ انهن کي سار به نه هوندي ته ڪلهه هتي ڪير ترسيو هو!
    ڇا ڪوئي جام اهي چپ ساري سگهندا جو هن مان پيتو هو؟

    يا رب!
    مون کي پکيءَ وانگر ساڃاهه ڏي،
    ته چوڳو چڳي نيٺ اڏامي وڃڻو آهي،
    مون کي نه رڳو سڀان جي الڪي پر اڄ جي اوني کان به آزاد ڪر!


    يا رب!
    منهنجي من کي پاڻ ڏانهن ائين ڇڪ جيئن بسنت رت ۾ انب جو ٻور ماکيءَ جي مکين کي ڇڪيندو آهي.
    تون ئي منهنجي رشد و هدايت آهين
    تون ئي ته ماهتاب کي طلوع ۽ غروب ڪرين ٿو ۽ اهو جڏهن پاڻيءَ ۾ وهنجي ٿو تڏهن ان جي برهنگي بي عيب آهي.


    يا رب!
    انسان دولت جو تمنائي ڇو آهي؟
    هو ته ننگو آيو آهي، ننگو وڃڻو آهي.
    ۽ ڪفن به هر ڪنهن کي نصيب نه ٿيڻو آهي!


    يا رب!
    مون کي اها دولت عطا فرماءِ جا اڳي تو اهل دل کي ڏني آهي.
    مون لاءِ ٻي دولت ڪهڙي معنيٰ ٿي رکي؟


    يا رب!
    نه مون کي عوام جي راءِ جي پرواهه آهي نه خواص جي راءِ جي،
    نه منهنجو ڪوئي دوست آهي،
    مان ڄاڻان ٿو ته جي تون دوست آهين ۽ مان پنهنجو دوست آهيان ته مون کي ڪنهن دوست جي ضرورت نه آهي.

    يا رب!
    هي ڪبر و غرور نه آهي
    تنهنجي خاڪ پا تائين رسائي جي ڪوشش آهي،
    جي منهنجي آواز جي تو تائين رسائي ناهي ته تون ان کي وڌيڪ سگهه ڏي جيئن اهو تنهنجا پير ڇهي سگهي!
    مان ساري رات تو اڳيان دست بدعا رهان ۽ منهنجا هٿ ائين رهن جيئن پوپٽ جا پر هوندا آهن.

    يا رب!
    تصوير کي رنگ ته هوندا آهن، خوشبو نه هوندي آهي.
    منهنجي دعا کي خوشبوءَ سان واسي ڇڏ!


    يا رب!
    هيءَ نياڻي جا گلاب جي گل وانگر آهي، انهيءَ کي هر ميريءَ نظر کان دور رک،
    ۽ هن جي منهن تي پنهنجو باران رحمت وساءِ جيئن هن جي لڙڪن جون لارون ڌوپي وڃن!

    يا رب!
    سنڌ جي ڪائي نياڻي، امير خسروءَ چواڻيءَ “بابل جي گانءِ” نه بڻاءِ!
    ان کي شيرڻيءَ جي دل ڏي ته اها مرد جا وڌل پنجوڙ ڇني ڇڏي،
    ان جي غلاميءَ مان آزاد ٿئي ۽ ان جي ڏنل مانيءَ ڳڀي کي ان جي منهن ۾ موٽائي هڻي!

    يا رب!
    مون کي هر ماءُ لاءِ احترام ڏي،
    مون کي هر نياڻيءَ لاءِ احترام ڏي،
    ۽ اهو بهشت منهنجيءَ ديد کان ڳجهو نه رک
    جو تو ان جي پيرن هيٺان رکيو آهي.


    يا رب!
    ڇا ڪوئي اهڙو انسان آهي جو ماءُ جو هڪ ٿورو به لاهي سگهي؟
    ڇا اهڙو ڪوئي ماپو آهي
    جو مان اکين کي تارازي ڪري ماءُ جو پيار توري سگهان؟
    اٽل ته پوءِ به ماءُ جي پيار ڏانهن ٿيندي!

    يا رب!
    مون کي ماءُ جي پيرن ۾ جاءِ ڏي جي سنگ مرمر کان وڌيڪ شفاف آهن ۽ ابد تائين چنڊ کان وڌيڪ چمڪن ٿا.


    يا رب!
    ماڻهوءَ کي ماني مهيا ڪري ڏي ته هي ڌرتي هن جي گيتن سان گونجي اٿي!
    تون رازق آهين ۽ تو رزق جو وعدو ڪيو آهي. تون آجرجي دل ۾ انصاف وجهه ته اجير کان پنهنجو حق نه کسي! ۽ انسان جي پگهر سڪڻ کان اڳ هن جي پورهئي جو اجر ڏي،
    پورهئي جو اجر ڏي!


    يا رب!
    علم اهو خزانو آهي جو کٽي نه کٽڻو آهي ۽ جنهن مان انسان ڍاپي نه ڍاپڻو آهي.
    دور جديد ۾ اسان جا ڏاها جي ارڏا به آهن اجهل به آهن، اهي مارڪس، لينن، ٽراٽسڪي، ماؤ، هوچي منھ وغيره جي هر قول تي ائين جهڙپ ٿا ڏين، جيئن جڏهن ٻار ٻٻر جي وڻ کي ڌوڻي نه سگهندا آهن تڏهن ڌرتيءَ تان اهي ٻير چونڊيندا آهن جي هوا ۾ ڪري پوندا آهن يا طوطا چچري ڦٽي ڪندا آهن.

    يا رب!
    مشرق جو علمي خزانو ڪيترو نه وسيع آهي! نه ڄاڻان اسان جو نئون نسل ان مان فائدو ڇو نه ٿو وٺي!

    يا رب!
    مشرق جو علم انسانيت جي تڪميل لاءِ مغرب کان وڌيڪ ضروري آهي جيتوڻيڪ دير ٿي وئي آهي.
    مون کي مهلت ڏي ته مان ان تي عبور حاصل ڪيان.


    يا رب!
    مون کي انسان ۽ هن جي جدوجهد ۾ ڪيترو نه اعتبار هوندو هو!
    مون انسان کي وحشي درندي جي روپ ۾ به ڏٺو آهي ۽ هڪ ڪني، ڪاري ڪيئين وانگر رڙهندي به ڏٺو آهي. مون کي هن جي جدوجهد ۾ ساڳيو ويساهه نه رهيو آهي.
    اها واٽ جا تنهنجا پيغمبر ڏيکاري ويا آهن، اهائي منزل تي رسائي ٿي، باقي واٽون ته ڪنهن اونهيءَ کڏ تي کٽن ٿيون.

    يا رب!
    هڪ ڀيري خواجه حسن بصريءَ چيو هو،
    “مون کي تعجب اچي ٿو ته جي کلن ٿا، انهن کي پنهنجي حال جي خبر نه آهي” (يعني اها خبر نه آهي ته ڇا پيش اچڻ وارو آهي)

    يا رب!
    ڪنهن ڄاتو آهي ته ٻي ڏينهن ڇا اچڻو آهي!
    ماڻهوءَ جي کل لبريز صراحيءَ وانگر اوچتو ٽڙڪي سگهي ٿي.

    يا رب!
    مون کي رڳو تبسم عطا ڪر
    فقط احمق ٽهه ٽهه ڪري ٻهه ٻهه ڪندا آهن.


    يا رب!
    حسد کي ڪيڏيون نه پيليون اکيون آهن، اهي نه چيتي کي آهن، نه بگهڙ کي، نه هاتار کي، نه ٻئي ساهواري کي، رڳو انسان کي آهن. انسان پنهنجي دوزخ ۾ ڪيڏو نه پڄرن ٿا! مون حضرت وهب بن منبه جا قول پڙهيا، جنهن جو نالو شايد سنڌ ۾ ڪنهن نه ٻڌو آهي. هو صنعان فارس جو هو ۽ سماوي ڪتابن، تورات ۽ انجيل جو فاضل عالم هو ۽ قياس اهو آهي ته اهو اهل ڪتاب مان هو. هو حليم ۽ نرم طبيعت وارو هو ۽ کهرو نه ڳالهائيندو هو. هن چيو هو،
    “حسد کان بچو! خدا جي پهرين نافرماني حسد ئي ڪرائي، قابيل پنهنجي ڀاءُ هابيل کي حسد جي ڪري ماريو هو.”
    “حاسد جي سڃاڻ اها آهي ته هو غائب جي غيبت ڪندو آهي ۽ حاضر جي چاپلوسي ڪندو آهي.”


    يا رب!
    تو مون کي عقل ڏئي مون کان اها معصوميت ڇو کسي آهي جا تو هن پکيءَ کي ڏني آهي، جنهن جي آواز ۾ اڃا تائين اهو بهشت آهي جو انسان وڃائي چڪو آهي.

    يا رب!
    منهنجي لاءِ هيءَ ساري ڪائنات مسجد آهي،
    ان جا محراب ۽ منبر آسمان تائين اوچا آهن ۽ هي پوري ڌرتي تنهنجي جاءِ نماز آهي.

    يا رب!
    مون کي توفيق ڏي ته مان تنهنجيءَ ساري ڪائنات سان گڏجي قبله رخ ٿيان،
    ۽ جنهن وقت سجدي ۾ وڃان ته هر طرف تون هجين
    ۽ هر چيز مون سان گڏ السلام عليڪم ورحمة الله ڪري.

    يا رب!
    مون مان منهنجي مون ڪڍي ڦٽي ڪر،
    تون ئي تون رهجي وڃ!
    تون ئي تون رهجي وڃ!


    يا رب!
    جي تون نه هجين ته هن زندگيءَ کي ڪهڙي معنيٰ هجي؟ ڇا هيءَ زندگي فقط خورد و نوش آهي، فقط لباس آهي جو زيب تن آهي؟ فقط ستر اسي سال جي حياتي آهي جا خواب وانگر گذري وڃي ٿي ۽ پوءِ خاڪ خاڪ ڏانهن موٽي ٿي ۽ ٻيو ڪجهه به نه ٿو رهي؟

    يا رب!
    ائين ڪيئن ٿي ٿو سگهي؟
    جي اها ڳالهه صحيح آهي ته خودڪشيءَ لاءِ جواز ڪيئن نه آهي؟
    جي اڳي يا پوءِ، خاڪ خاڪ سان ملڻي آهي، ته اينگهه ڇا لاءِ؟

    يا رب!
    مون کي يقين ڪامل ڏي ته تون آهين،
    هيءَ زندگي پوري ٿي توڏانهن اچي ٿي، هيءَ زندگي تنهنجي ذڪر ۽ فڪر سان سجائي ٿئي ٿي ۽ ان ۾ ئي پنهنجي تڪميل تي پهچي ٿي.

    يا رب!
    تون ڪيئن آهين، ڪٿي آهين، ڪهڙيءَ ريت حاصل ٿي سگهين ٿو، اهو منهنجي سمجهه کان بعيد آهي.
    مان ول هجان، يا وڻ هجان ها، يا پرندو هجان ها، ته تو سان منهنجي گفتگو ٿي سگهي ها. مان ته انسان آهيان ۽ منهنجي زبان لاءِ حد فاصل آهي. اها تو سان هم ڪلام ٿي نه ٿي سگهي.

    يا رب!
    منهنجي زبان ته عاجز آهي،
    منهنجي دل کي پاڻ تائين رسائي ڏي!


    يا رب!
    ڇا تون ۽ تنهنجو ڪتاب ڪافي نه آهي؟
    ڇا مون کي ڪنهن مرشد جي ضرورت آهي؟
    ڇا تنهنجي تاويل ۾ منهنجيءَ انفراديت جي انا آهي؟
    مان ته سراپا عاجزي آهيان.

    يا رب!
    منهنجي لاءِ ماڻهن ڪيڏا نه لغو قصا گهڙيا آهن؟
    هو مون تي ائين الزام ڌري رهيا آهن ته مان ڀٽائيءَ جي عظمت کان انڪار ٿو ڪيان جيئن هو ڪنهن وقت ابن رشد تي ڌريندا هيا ته هو ابن سينا جي ترديد ڪري رهيو آهي. ڇا تون منهنجي رشد و هدايت لاءِ ڪافي نه آهين؟


    يا رب!
    جيستائين ڪوئي فانوس راهه ۾ اچي تيستائين هانو جي سوجهري تي پنڌ ڪري رهيو آهيان، ڪاريءَ رات ۾ تنهنجي پيغمبر آخر زمان جا قول ستارن وانگر لڳي رهيا آهن. چوان ٿو ته اهي انسان ذات سان وراهيان جا ٿڪجي پئي آهي ۽ جنهن ۾ هر روز ڪٿي نه ڪٿي قيامت صغرا نظر اچي رهي آهي.

    يا رب!
    ڇا نه قطار اندر مشعلون آهن. نبيءَ اڪرم ۽ اصحاب نبيءَ جا قول!
    نبيءَ جي هر حديث لاٽ وانگر آهي جا تابه ابد جهلملائيندي رهندي. هر حديث جو تعلق، ايمان عمل، آداب ۽ اخلاق سان آهي.

    • اعمال جو دارومدار نيتن تي آهي.
    • مومن جي نيت هن جي عمل کان بهتر هوندي آهي.
    • خدا اوهان جي جسمن ۽ مال کي نه ٿو ڏسي. اوهان جي دلين ۽ ڪمن جي خلوص کي ٿو ڏسي.
    • (الله کي مڃڻ کان پوءِ) بهترين دانائي ماڻهن سان محبت آهي.
    • اوهان مان ڪوئي مومن نه ٿو ٿي سگهي، جيستائين ٻين لاءِ به اهو پسند نه ڪري جو پنهنجي لاءِ پسند ڪري ٿو.
    • ڪائي اهڙي چيز رستي تي ڪريل ڏسو، جا خدا جي بندن کي تڪليف ڏي ته انهيءَ کي اتان هٽائي ڇڏيو، هي ايمان جي علامت آهي.
    • دين نصيحت ۽ خيرخواهيءَ جو نالو آهي.
    • جيڪڏهن توکي ڪنهن نيڪيءَ سان خوشي ٿئي ۽ گناهه ٿي وڃڻ سبب تڪليف ٿئي ته اها ڳالهه تنهنجي ايمان جي علامت آهي.
    • ماڻهن سان کُليءَ دل سان ملڻ، انهن کي چڱيون ڳالهيون ٻڌائڻ، برين ڳالهين کان روڪڻ، ڀليل ڀٽڪلين کي دڳ لائڻ، رستي تان ڪنڊو يا پٿر هٽائي ڇڏڻ، اهي سڀ ڪم اجر ۽ ثواب ۾ صدقي ۽ خيرات جهڙا آهن.
    • ڪنهن به مسلمان لاءِ روا نه آهي ته هو ڪنهن اگهائيءَ سبب ٽن ڏينهن کان وڌيڪ پنهنجي ڀاءُ کي ڇڏي ڏئي. ملاقات ٿئي ته هڪ ٻئي کان منهن ڦيري، ٻنهي ۾ بهتر اهو آهي جو سلام ۾ سبقت ڪري.
    • الله جي اڳيان ان کان بهتر عبادت نه آهي ته پنهنجي ڀاءُ جي دل ورتي وڃي.
    • هڪ مومن ڄڻ ته ٻئي مومن جو آئينو آهي. هن ۾ نقص هجي ته هن کي آگاهه ڪيو وڃي.
    • جيڪو پنهنجي ڀاءُ جا عيب ڇپائيندو، ان جا خدا عيب ڇپائيندو.
    • هڪ ٻئي کي سوکڙيون ڏيندا ڪيو، ان سان محبت پيدا ٿيندي آهي.
    • شرڪ کان پوءِ بدترين گناهه خلق خدا کي ڏکارو ڪرڻ آهي.
    • سڀني کان چڱو اهو آهي جنهن مان انسانن کي فائدو پهچي.
    • غريبن جي خدمت ڪرڻ وارو (اجر ۽ ثواب ۾) ڏينهن جو صائم آهي ۽ رات جو قائم آهي.
    • تون زمين وارن تي مهرباني ڪر ته آسمان وارو توتي مهربان ٿيندو.
    • منهنجي اُمت ۾ چڱا ماڻهو اهي آهن، جن کي جڏهن ڪاوڙ اچي ٿي ته ڪاوڙ پي ٿا وڃن.
    • جيڪو توڙي حق تي هجي، پر جهيڙي جهڳڙي کان بچڻ لاءِ پنهنجي حق تان هٿ کڻي وڃي، ان جي جنتي هجڻ جو ضامن مان آهيان.
    • خلق جو حسن ئي دين آهي.
    • مسلمان بدخلق ۽ بخيل نه ٿيندو آهي.
    • ماڻهوءَ کي جيڪي ڪجهه ڏنو ويو آهي، ان مان سڀ کان چڱي شيءِ خوش خلقي آهي.
    • ايمان انهيءَ جو ڪامل آهي، جنهن جو اخلاق پسنديده آهي.
    • اخلاق جو چڱو هجڻ، محبت الاهي جي علامت آهي.
    • جا شيءِ سڀني کان وڌيڪ ٻاجهه جو ڪارڻ ٿيندي، اها منهن تي مرڪ ۽ مٺي ٻولي آهي.
    • بدخلقي اخلاق کي ائين چٽ ڪري ٿي، جيئن سرڪو ماکيءَ کي چٽ ڪري ٿو.
    • جنهن ۾ امانت نه آهي ان ۾ ايمان نه آهي.
    • جو وعدي جو پابند نه آهي، ان جو ڪوئي دين نه آهي.
    • امانت سان رزق وڌندو آهي، خيانت سان افلاس لازمي طور ايندو آهي.
    • مشورو به امانت آهي.
    • مومن سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو، پر ڪوڙو ۽ خائن (خيانت وارو) نه ٿو ٿي سگهي.
    • جنهن چرچي ۾ به ڪوڙ نه ڳالهايو، ان جي جنتي هجڻ جو ضامن مان هان.
    • ڪوڙ ايمان کي زائل ڪري ٿو.
    • سچ چئو پوءِ ڀلي اهو ڪوڙو هجي.
    • سچ تي بيٺا رهو، توڙي اها ڳالهه اوهان جي نفس جي برخلاف هجي.
    • فياض خدا جو دوست هوندو آهي.
    • مٿيون هٿ هيٺين هٿ کان بهتر آهي.
    • حسد نيڪين کي ائين کائي ويندو آهي، جيئن باهه ڪاٺين کي ڀسم ڪري ڇڏيندي آهي.
    • هڪ ٻئي ۾ محبت، ڪفايت شعاري، ماڻهن سان نرميءَ سان ورتاءُ، خاموشي ۽ طبيعت جو استقلال نبوت جي وصفن جا جزا آهن.
    • ايمان درست نه ٿيندو جيستائين دل جي اصلاح نه ٿيندي ۽ دل جي اصلاح نه ٿيندي جيستائين زبان جي اصلاح نه ٿيندي.
    • حيا ايمان جي هڪ شاخ آهي.
    • حيا سراپا خير آهي.
    • شرم ۽ حيا ۾ نيڪي ئي نيڪي آهي.
    • بلند همتي ايمان جي علامت آهي.
    • جابر بادشاهه جي اڳيان ڪلمئه حق جو اظهار بهترين جهاد آهي.
    • جو ڄاڻي واڻي ظالم جو ساٿ ڏئي، اهو پورو مسلمان نه آهي.
    • امانت دار تاجر خدا جو دوست آهي.
    • نيڪ آدميءَ وٽ جائز دولت سڀ کان چڱي شيءِ آهي.
    • عبادت کان پوءِ ٻيو فرض انسان تي حلال جي روزي آهي.
    • ڪوئي به شخص پنهنجن هٿن جي ڪمايل روزيءَ کان بهتر نه ٿو کائي.
    • ماڻهن جي تعلقات ۾ خلل انداز ماڻهو پنهنجي نيڪيءَ تي پاڻي ڦيري ٿو ڇڏي.
    • انصاف جي هڪڙي گهڙي ڪيئي سالن جي عبادت کان بهتر آهي.
    • دين ۾ ميانه روي اختيار ڪيو.
    • سادگي ايمان جي علامت آهي.
    • اهڙي شخص مان ڪهڙي ڀلائي ٿي سگهي ٿي، جنهن جي ڪنهن سان الفت نه هجي ۽ جنهن سان ڪنهن جي الفت نه هجي.
    • نيڪيءَ سان عمر وڌندي آهي.
    • نيڪيءَ جي طرف سڏڻ وارو، نيڪي ڪرڻ واري جي برابر آهي.
    • جو شخص ڪنهن برائي کي ڏسي ته هن کي گهرجي ته ان کي پنهنجي هٿ سان روڪي، پر جي ائين نه ڪري سگهي ته زبان سان منع ڪري، پر جي ائين به نه ڪري سگهي ته ان کي دل ۾ برو سمجهي.
    • جو علم جي طلب ۾ نڪتو، اهو الله جي رستي تي آهي.
    • هر شيءِ جو هڪ رستو آهي، جنت جو رستو علم آهي.
    • علم لاءِ جدوجهد اڳين گناهن جي تلافي آهي.
    • جنهن علم جي طلب ۾ وفات پاتي، اهو شهيد ٿيو.
    • علم جي بزرگي، عبادت جي بزرگيءَ کان برتر آهي.
    • مهد کان لحد تائين علم حاصل ڪيو.
    • علم حاصل ڪريو پوءِ ڀلي ته ان لاءِ اوهان کي چين جهڙي دور دراز ملڪ جو سفر ڪرڻو پوي.
    • مومن جي طبيعت ۾ خوشامد نه هوندي آهي، سواءِ ان جي ته هن کي علم جي طلب هجي.
    • عالم جي قلم جي مس، الله کي شهيد جي خون کان وڌيڪ پياري آهي.
    • الله انهن اميرن کي پسند ڪري ٿو جي عالمن سان رابطو رکن ٿا.
    • دنيا ۾ سڀ کان شرير بگڙيل عالم آهي.
    • شرڪ کان پوءِ وڏو جرم والدين سان سرڪشي آهي.
    • جنت ماءُ جي قدمن هيٺان آهي.
    • پيءُ جي خوشنوديءَ ۾ خدا جي خوشنودي آهي، پيءُ جي غضب ۾ خدا جو غضب آهي.
    • تون پنهنجي والدين سان چڱو سلوڪ ڪر، توسان تنهنجي اولاد چڱو سلوڪ ڪندي.
    • پنهنجن رشتيدارن سان چڱو سلو ڪرڻ وارو اهو نه آهي جو رشتيدارن کان بدلو وٺي پر اهو آهي جو هنن سان ٽٽل رشتو ڳنڍي ٿو.
    • توهان مان اهو چڱو آهي، جو پنهنجن گهر وارن لاءِ چڱو آهي.
    • عورتن جي معاملي ۾ خدا کان ڊڄو! اوهان جو عورتن تي حق آهي، عورتن جو اوهان تي حق آهي.
    • عورت جي عزت شريف طبيعتون ئي ڪنديون آهن، انهن جي اهانت ڪمينن ماڻهن کان سوا ڪوئي نه ڪندو آهي.
    • ڌيئن جي پرورش هڪ امتحان آهي، جو ان ۾ پورو پيو، اهو ڪامياب ٿيو.
    • عورتن ۾ سڀ کان چڱي عورت اها آهي، جنهن کي مڙس ڏسي ته خوش ٿئي.
    • بخدا! اهو مومن نه آهي، جنهن جي بديءَ کان سندس پاڙيسري محفوظ نه هجي.
    • پاڙيسري جو رڳو ايترو حق نه آهي، ته هن کي ايذاءُ نه ڏنو وڃي پر هن جو اهو به حق آهي ته هن تي احسان ڪيو وڃي.
    • قيامت جي ڏينهن غريب پاڙيسري پنهنجي مالدار پاڙيسريءَ کي دامن کان جهليندو ته، “تون منهنجو خيال نه رکيو.”
    • جي ڪوئي پاڻ ڍو تي کائي پر هن جو پاڙيسري بکيو رهي ته هن جو ايمان ناقص آهي.
    • جو بيمار جي عيادت ڪري ٿو، اهو خدا جي ضمانت ۾ آهي.
    • انهيءَ بيمار جي عيادت تي به وڃ جو تنهنجي عيادت لاءِ نه آيو هجي.
    • مومن جي زبان دل ۾ رهندي آهي، يعني جڏهن هو ڪجهه چوندو آهي ته پهريون سوچيندو پوءِ ڳالهه ڪندو آهي.
    • تون خدا جي عبادت ائين ڪر ڄڻ تون هن کي ڏسي رهيو آهين، پر جي تون هن کي نه ٿو ڏسين ته هو توکي ڏسي ٿو.
    • جو بندن جو شڪرگذار نه آهي اهو خدا جو به ناشڪرو آهي.
    • گهڻو نه کل، گهڻي کل دل کي ماري ڇڏيندي آهي.
    • دنيا لاءِ طبيعت جي اهڙي استقلال سان جدوجهد ڪر، ڄڻ توکي هتي هميشه رهڻو آهي.
    • موت جي اهڙي طرح تياري ڪر، ڄڻ تنهنجو دنيا سان ڪو تعلق ئي ناهي.
    • پنجن شين کي غنيمت ڄاڻ. جوانيءَ کي پيريءَ کان اڳ، تندرستيءَ کي بيماريءَ کان اڳ، خوشحاليءَ کي تنگ دستيءَ کان اڳ، زندگي کي موت کان اڳ ۽ فرصت کي مشغوليت کان اڳ.
    • ڪمن جي بهتري انهن جي اعتدال ۾ آهي.
    • غنا، مال و دولت جي جهجهائي تي مدار نه ٿي رکي، سچي غنا دل جي غنا آهي.
    • مومن بار بار ڌوڪو نه کائيندو آهي.
    • جو عقل کان محروم آهي، ڄڻ ته دين کان محروم آهي.
    • دنيا جي محبت گناهن جي جڙ آهي.
    • جو انتقام وٺي سگهندو هجي پر غصي تي ضبط ڪري، خدا هن جي قلب کي طمانيت سان ڀري ڇڏي ٿو.
    • برائي جو جواب ڀلائي سان ڏي، نيڪيءَ جي قوت سان بديءَ جي قوت تي غلبو حاصل ڪر. برا ماڻهو پنهنجون برايون نه ٿا ڇڏن ته چڱا ماڻهو پنهنجون چڱايون ڇو ڇڏن.
    • نعمت هڪ وحشي جانور آهي، هن کي شڪر جي زنجيرن سان ٻڌي رک.
    • دنيا کي ڇڏي ڏي ته اها توڏانهن رغبت سان اچي.
    • گهڻي ڳالهائڻ کان وڌيڪ ڪا شيءِ انسان لاءِ بري نه آهي.
    • جڏهن رشوت دروازي مان داخل ٿيندي آهي ته امانت دريءَ مان نڪري ويندي آهي.
    • ماڻهو پاڻ ۾ ائين آهي جيئن ڦڻيءَ جا ڏندا.
    • دنيا ۾ ان طرح زندگي گذار ڄڻ تون پرديسي آهين.
    • گهر وٺڻ کان اول پاڙيسريءَ ۽ سفر کان اڳ سفر جي ساٿيءَ کي سمجهي وٺ!
    • مون جبرئيل کان پڇيو: “ماڻهوءَ کي سرداري ڪهڙي ڳالهه سان ملندي آهي.” ته، “جواب ڏنائين، عقل سان.”


    يا رب!
    مان ته اهي حديثون پڙهي انهن غواصن وانگر حيران ٿي ويو آهيان، جي واريءَ ۾ جهانورايل اکين سان موتي مٺ ۾ ڏسندا آهن ۽ ٻوليءَ تي منهنجي قدرت نه رهي آهي، رڳو ظفر علي خان جو شعر ٿو ياد اچي.

    جو نکتہ وروں سے حل نہ ہوا، جو فلسفیوں سے کھل نہ سکا
    وہ راز اک کملی والے نے سمجھادیا، چند اشاروں میں

    يا رب!
    مون کي سگهه ڏي ته اهي پرجهي ڏسان!
    من کي سگهه ڏي....

    آمين ثم آمين


    جَرَ ڏيئا جهمڪن

    اي خدا! مون ساري عمر تنهنجو نالو نه ورتو آهي. منهنجي زبان کي ايتري سگهه ڏي جو مان توکي سڏ ڪيان ته زمين ۽ آسمان اُن سان گونجي اُٿي.

    منهنجا خدا! مون کي معاف ڪجانءِ. منهنجي عبادت رڳو منهنجي شاعريءَ ۾ ئي آهي. منهنجي شاعري انهيءَ ٻڪرار جي گفتگو وانگر آهي، جنهن کي موسيٰ عليه السلام جي موجودگيءَ جو احساس نه هو.

    اي خدا! جيئن تو اسان کي ديد ڏني آهي ته شفق ۾ سج جا پويان پاڇاوان ڏسي سگهون ۽ جيئن اسان کي گل جي خوشبو جو احساس ڏنو آهي، ائين تو اسان ۾ چڱائيءَ لاءِ پيار به ڪيو آهي، چڱائي جا اسان جي اندر مان اُڀري ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪي انڌا آهن، ڪن جون ناسون ٻُٽجي ويون آهن ۽ ڪن جي سيني ۾ برائي ڪانڊيرن جي جهنگ وانگر اُڀري آئي آهي. ائين ڇو آهي اي خدا! جڏهن هر شيءَ جو خالق تون آهين؟


    اي خدا! مون سڄي عمر تنهنجي وجود تي غور ڪيو آهي. هاڻي جي مان چوان ٿو ته تون آهين ته تون ضرور هوندين! هي ليار جا ڳاڙها گل، تنهنجا اکين ڏٺا شاهد آهن. بسنت جي هير توکي ڇُهي ڏٺو آهي ۽ اُهي نرم رخسار جيڪي آسمان ۾ ڪڪر ٿي وڃن ٿا، تنهنجا ئي آهن. توکي ڪائي شڪل صورت نه آهي۽ پوءِ به هيءَ ڪائنات تنهنجو آئينو آهي، آئينو جو ٽُٽي نه ٿو ٽٽي ۽ جنهن تي ڪنهن به دهرئي جا پٿر پهچي نٿا پهچن!

    اي خدا! هي ڪِئلي جا ٻِرَ ڏانهن ڊوڙي رهي آهي، اِن کي ڪيئن خبر پئي ته بادل وسڻ وارا آهن؟

    اي خدا! تنهنجي صراحي منهنجي اڳيان سارو ڏينهن ڀريل رکي رهي، پر مون اُن مان ڍُڪ به نه پيتو! هاڻي جڏهن سج لهي رهيو آهي، مون کي ڪيڏي نه اُڃ لڳي آهي؟

    اي خدا! مون کي ڌڪار کان ڌڪار ڏي، مون کي بڇان کان بڇان ڏي، جيئن مان پوري انسانيت کي ڀاڪر ۾ ڀَري اُن کي چميون ڏيان ۽ اُن کان ڪڏهن نه ڇرڪان جيئن عيسيٰ کي ڪنهن به ڪوڙهئي کان ڪِرڀ نه ايندي هئي.


    اي خدا! تون ساري ڪائنات به آهين ۽ ٻيو ڪجهه به آهين، جنهن لاءِ عين اليقين ضروري آهي، پر اهو هر ڪنهن جي حصي ۾ نٿو اچي!

    اي خدا منهنجي دشمن جي روح ۾ چڱائي وِجهه، هن کي سمجهه ڏي ۽ هن کي پنهنجي رحم کان محروم نه ڪر!

    اي خدا! تون منهنجو اکيون آهين! توسان مان اهي ڳالهيون ڏسي سگهان ٿو جي ٻيا انسان ڏسي نه ٿا سگهن. مان تو سان اهي ڳالهيون ٻڌي سگهان ٿو، جي ٻيا انسان ٻڌي نه ٿا سگهن. تو ئي ته مون کي قلم گهڙڻ سيکاريو آهي ۽ منهنجي هر تحرير مان ليئو پائي ان کي ڏسي رهيو آهين ۽ پنهنجي حقير شاگرد جي مٿي تي هٿ ڦيري رهيو آهين.

    اي خدا! مان تنهنجيءَ تربيت جو زنده ثبوت آهيان.

    آءُ توکي خدا ڏيکاريان؟
    ڇا اُن جاءِ تي
    بيهي سگهندين
    جتي
    موسيٰ بيهوش ٿي ويو هو
    ۽ جتي ڪوهِه طور
    پاش پاش ٿي چُڪو هو؟


    تون پڇين ٿو ته ‘خدا ڇا آهي؟’ ۽ مان پڇان ٿو ته ’خدا ڇا نه آهي؟‘ ٿي سگهي ٿو ته اسان ٻئي ساڳيا سوال پڇندا هجون، ٿي سگهي ٿو ته اهي ٻه الڳ سوال هجن.

    تون دهريو آهين، توکي ان تي غصو ٿو اچي ته مان وحدانيت ۾ اعتبار ڇو ٿو ڪيان! مان ته رڳو اهو سوچي رهيو آهيان ته ڪاٺ ڪُٽي کي، جنهن جا رنگ شفق کان سهڻا آهن، خدا کان سواءِ ٻيو ڪير بنائي ٿو سگهي؟

    چون ٿا ته نه رڳو ماڻهو سمنڊ ۾ ترندو آهي
    پر سمنڊ به ماڻهوءَ ۾ ترندو آهي،
    ۽ ٻڏندا به ٻئي هڪ ٻئي ۾ آهن.
    جي تون هن ڪائنات تي
    سوچيندين
    ته توکي
    اها ڳالهه
    سمجهه کان مٿي نه لڳندي.

    تون ڪير آهين، جو منهنجي جاڳ کي
    جهنجهوڙي رهيو آهين
    ۽ چئي رهيو آهين
    ته توکي نيٺ ننڊ اچي ويندي،
    ۽ توکي وجهه نه ملندو
    وري وجهه نه ملندو.


    ماڻهو ڪيڏو نه نِرڄو آهي! هو چنگيز ۽ هلاڪوءَ جي موت کان پوءِ به نه سمجهي سگهيو آهي ته هر ڪنهن جو انت ساڳي کَڏ آهي! جڏهن هو انڌ جي گهوڙي تي سوار آهي ته هُن جون اکيون ڌرتيءَ ڏانهن هيٺ نه ٿيون ڏسن!

    جي تون موت جي حقيقت نه سمجهي سگهيو آهين ته زندگيءَ جي حقيقت ڪيئن سمجهي سگهندين؟

    توکي موت ٻِلي وانگر گهوري رهيو آهي ۽ تون ڪبوتر وانگر اکيون ٻوٽي ويٺو آهين!

    مون جڏهن به ڪُتي کي مانيءَ ٽڪر ڦٽي ڪيو آهي، تڏهن هن جي اکين ۾ به احسان جي لهر ڏٺي آهي. اي اشرف المخلوقات جا پُٽ! تون ڪُتي کان به پري آهين!

    تون خدا کان ته نه ٿو ڊڄين، اُنهيءَ جهنم کان ته ڊڄ جو تو ۾ ٻري رهيو آهي!

    هي ٻار جو تنهنجي جهوليءَ ۾ ڪُڏڪيون کائي رهيو آهي، ان کان وڌيڪ خدا جي ثابتي توکي ڪهڙي گهرجي؟
    خدا ته ٿر کان گهڻو وشال آهي، پوءِ به واريءَ جي هر ڪَڻي ۾ آهي!

    جيڪو آهي به ڪونه، ان کي نه مڃرائڻ لاءِ تون ايڏي محنت ڇو ٿو ڪرين؟

    هي ساري ڪائنات فنا جي مُٺ ۾ ئي ته آهي! تون ڪڏهن اها مُٺ کولي ڏٺي آهي؟

    خدا جو شڪر ڪر ته توکي مال منال ۾ نه، مِٽيءَ ۾ پوريو ويو آهي.

    تو ڇا سمجهيو آهي ته موت توکي ملاقات لاءِ وزيٽنگ ڪارڊ موڪليندو؟!

    جي بهشت دلاسو ۽ دوزخ دڙڪو آهي ته پوءِ چڱائي عبث آهي.

    خدا کي ڪڍي وڃ ته ڪائنات ۾ معنيٰ ئي ڪهڙي؟

    نِٽشي مري ويو، خدا اتي ئي آهي.

    جي خدا توسان گڏ آهي ته توکي ڪهڙي ڪَسُ آهي؟


    پنهنجي جنم جي ڏينهن تي، پنهنجي مرڻ جو ڏينهن ملهاءِ، ڇو ته تنهنجيءَ زندگيءَ مان هڪ سال ٻيو به گهٽيو.

    ڇا تون موت کي وساري، اهو ٿو سمجهين ته موت به توکي وساري ڇڏيو آهي؟

    موت جي ياد پيغمبريءَ جي صفت آهي.

    تون ڪير جو اسرار الاهي ڄاڻڻ چاهين ٿو؟ تون ته هن ڪئليءَ کي به پوري طرح سمجهي نه سگهيو آهين؟

    توکي منهنجيءَ زندگيءَ تي چِڙ آهي، پر توکي مُنهنجي موت تي وڌيڪ چِڙ ايندي، ڇو ته موت مون کي اُهو ڪجهه ڏيندو جو مون کي زندگي نه ڏئي سگهي ۽ جنهن جو مان حقدار آهيان.

    دُشمن رهزن! تنهنجيءَ زندگيءَ جي مشاهدي ته مون ۾ خدا دوستي پيدا ڪئي! مان تنهنجو ٿورائتو آهيان!
    ڪُتو ڀؤنڪي نه ته هُن جو هانءُ ڦاٽي پوي!

    جي تون گوهي نه ڪرين ته تنهنجي گڏهه هجڻ تي مون کي اعتراض نه آهي.


    چِٻَ کان ڪنهن پڇيو ته، “ڪويل ڏٺِي اٿئي؟” جواب ڏنائين: “ڏٺي ته ڪانه اٿم. هوندي ڪا مون جهڙي.”


    ڀٽائي! مان خدا سان رُٺو هوس، جي رُسان نه ها ته هن وقت تائين سوَ رسالا لکي وڃان ها.

    مان ‘ڀٽائي جو رسالو’ ڪجهه اڳتي لکي رهيو آهيان. تون مون کي نه ٿو سمجهي سگهين، اها ٻي ڳالهه آهي.

    ادب فقط ادب آهي. ان کي سياست جي ڪشڪول ۾ وجهين ته تون ’وس وارو‘ آهين، پر اهو ڄاڻي ڇڏي ته ادب فقط پينوءَ جي پاند لاءِ نه آهي. ادب ذريعو نه آهي. ادب مقصد آهي، ائين جيئن خدا ذريعو نه آهي پر مقصد آهي. خدا کان تون ’ سنڌ سُڪار‘ جي دعا گهرين ته مون کي اعتراض نه آهي، پر جنهن کان اها دعا گهري رهيو آهين، اهو ادب جو موضوع نه آهي ڇا؟ نظريا زندان نه بڻاءِ! انهن مان نڪري آءُ! ٻاهر کليل هوا آهي ۽ آسمان ۾ چنڊ وڃي رهيو آهي.

    ڇا هي منهنجو تهجد آهي جو مان صبح جو چئين بجي کان اڳ ۾ اٿي ٿو لکان؟ جي ها ته اي خدا! منهنجي عبادت جي انفراديت تي غصو نه ڪجانءِ!

    ڇا ڪبوتر کي اڏامندو ڏسي، توکي هن تي رشڪ نه ايندو آهي؟


    تنقيد جڏهن گڏهه ڪندو آهي، تڏهن اِٽَ هڻندو آهي.

    الله جميل و يُحب الجمال
    ۽
    کُل نفس ذائقة الموت
    توهان اهي سٽون ٻڌيون آهن؟
    ڇا اهي ادب جو موضوع ٿي سگهن ٿيون؟؟

    توکي ڪهڙو نظريو چڱو ٿو لڳي:
    “ادب براءِ زندگي ‘يا’ زندگي براءِ ادب”

    اي مصور! تون خدا جي تصوير ٺاهڻ ٿو چاهين؟ تو سانوڻ جي سانجهيءَ ۾ شفق جو رنگ ڏٺو آهي؟

    منهنجي شاعري سنڌ لاءِ ديوار چين وانگر آهي. ان کي ڪوئي مٽائي نٿو سگهي. تنهنجي سرحد جو تحفظ تنهنجي سياست نه، ثقافت ڪري سگهندي.


    مون اوهان کي شاعريءَ ۾ ڀٽائي، سچل، سامي به ڏنو آهي ته اڪويهين صدي به ڏني آهي.


    “اِنَا اللہ وَاِنا اِلَیْہِ رَاجِعُوْنَ” جهڙي مترنم ۾ معنيٰ خيز سٽ نه مون شاعريءَ ۾ ڏٺي آهي، نه فلسفي ۾، نه ادب ۾.

    سڀاڻي جو ٺيڪو توکي ڪنهن ڏنو آهي؟ تون سڀاڻي لاءِ اڄ کي ڇو ٿو ضايع ڪرين؟

    شاهجهان! مان نئون تاج محل ٺاهي رهيو آهيان، ان لاءِ مون کي ڪنهن ممتاز محل جي ضرورت نه آهي.

    ڪنهن جي مٿي تي هٿ گهمائي ڏس! ساري ڪائنات تنهنجي هٿ ۾ اچي ويندي.

    عشق توکي نيون اکيون، نوان ڪَن ۽ نئين زبان ڏيندو، تون ڪنهن سان عشق ڪري ته ڏس!

    راڌا مون وٽ ڪيتريون گوپيون ٿيون اچن، پر منهنجي بنسري توکي ڳولي رهي آهي.


    ڪنوار! گهونگهٽ هَٽاءِ ته ڏسان تون ڪيتري خوبصورت آهين؟ ماڻهو توکي ٻي دنيا چون ٿا!

    غصي کي ڇڏي! موٽي آءُ! ڏِسُ سِج سمنڊ ۾ ٻڏي رهيو آهي؟

    جي مان چوان ته جهرڪيءَ کي آکيرو ٺاهڻ خدا سيکاريو آهي ته ان ڳالهه جي ان کان وڌيڪ ڪهڙي سولي سمجهاڻي ٿي سگهي ٿي!

    نه رڳو گهوڙي کي موت جي اڳواٽ خبر پوندي آهي پر ٻي هر جاندار کي به اڳواٽ پتو پئجي ويندو آهي، رڳو انسان کي خبر نه پوندي آهي، جو اِنَ ڏس ۾ احقرالمخلوقات آهي يا انسان کي به...؟

    ڏنگڻ نانگ جي فطرت آهي، کير پيارڻ منهنجي فطرت آهي.

    تون موت جي خيال کي دل مان تڙي ڪڍيو آهي، ڄڻ ته ائين ڪرڻ سان تون نه مرندين! پاڳل! جي چوويهه ڪلاڪ اسٽالن کي اهو احساس هجي ها ته ماڻهو ڪڏهن به مري سگهي ٿو ته هو ايڏا ظلم نه ڪري ها ۽ يو- ايس- ايس آر نه ڊهي ها! موت جو احساس ئي ماڻهوءَ ۾ چڱائيءَ جي پيڙهه پختي ڪري ٿو.

    نه وڇونءَ جي اولاد سان گڏ ڇپر چڱو آهي نه واڳونءَ جي اولاد سان گڏ ڪَپر.

    مومل! ايڏي عشق جي انڌ! تو ڏٺو ئي نه ته راڻو ڪاڻو آهي!

    مان توکي پڃري ۾ وجهي وڻ ۾ لٽڪايان ته ڇا تون ائين سمجهندين ته تون وڻ جي ٽاريءَ تي لُڏي رهيو آهين؟

    تون انسانذات سان محبت ۽ انسان سان نفرت ڪرين ٿو. دهريت اِهو ئي ته سيکاريندي آهي!

    هڪ دهريو تيستائين انسان دوست آهي، جيستائين هُن کي اقتدار نه مليو آهي.

    ڇا تاريخ مان ڪوئي مثال ڏئي سگهندين ته فلاڻو خدا دشمن! انسان دشمن نه هو؟

    تون پاڻ ته انگ اگهاڙو آهين. تو کي رڳو اُن تي فخر آهي ته دنيا ۾ سڀ کان اڳ ۾ تنهنجن وڏن آڏاڻو ٺاهيو هو!

    سوچي سوچي ڳالهاءِ! هر لفظ هڪ تلوار آهي جا توتي ڪري سگهندي آهي.

    سچ ڳالهائي اُس ۾ ڀلي ويهه، ڇانوَ ۾ ويهڻ لاءِ ڪوڙ نه ڳالهاءِ!

    اعتبار؟ خدا کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن ڳالهه ۾ اعتبار ڪهڙيءَ چڙيا جو نالو آهي؟

    وِڇُون پنهنجيءَ فطرت کان باز آيو ته ڪائنات بدلجي ويندي!

    شينهن پنهنجو حصو کڻندو، پوءِ شينهن آمر هجي يا جمهوري نمائندو.

    دوستيءَ جو پکي فقط هڪ پَرَ تي اڏامندو آهي، ٻي پَر جو فقط ڏسندڙ کي گمان هوندو آهي.

    مان هڪ ننڍي قوم جو فرد آهيان، توڙي مون کي پنهنجي انفراديت، ثقافت، معاشي مسئلا، مطلب ته پنهنجي الڳ قوميت آهي. تون ڏاڍو آهين ۽ منهنجي قوميت کان انڪار ڪري رهيو آهين ۽ مان اُن وقت جو انتظار ڪري رهيو آهيان، جڏهن تنهنجي پنهنجي قوم ابابيل ٿي اُڀرندي ۽ توکي پٿريون هڻي پورو ڪري ڇڏيندي ۽ تنهنجي اکين ۾ ايتريون ته ڪڪريون پئجي ويندون جو تون اهي مون ڏانهن کڻي به نه سگهندين!

    ڪامياب سياستدان اُهو آهي، جو مُنهن تي ڪوڙ ڳالهائي ۽ ڦِڪو نه ڏئي.


    صحيح معنيٰ ۾ ڪميونسٽ اُهو آهي جو پنهنجي گريبان ۾ مُنهن وجهي نه ڏسي ۽ رڳو ٻئي جو چاڪ گريبان ڏسي.

    هُن ساري زندگي اهو سوچيو ته هُن سان هِينئن ۽ هِن سان هونءَ پلئه ڪندس. هُن اِهو ڪڏهن نه سوچيو ته موت سان پلئه ڪيئن ڪندس!

    سنڌي ماڻهوءَ جو وڏي ۾ وڏو مرض ڪچهري آهي، جا سندس سنڌ سُڪائي ٿي وجهي.

    اي ويهين صدي! تو ۾ نوانوي فيصد جانور هيا ۽ هڪ فيصد انسان هيا، پر مان ڀانيان ٿو ته اهو چئي مان انسانذات جي خوشامد ڪري رهيو آهيان!

    ٻُڌ ٻڌ! ڪارونجهر مان آواز اچي رهيا آهن، جي اهو ڦاٽو ته تون ساري جو سارو جلي ويندين!

    منهنجا سياسي آدرش! مون تنهنجو ايترو انتظار ڪيو آهي، جيترو جيڪڏهن خدا جو ڪيان ها ته ڪيئي ملڪ فَلڪ پٺتي ڇڏي وڃان ها! تون ڪڏهن ايندين؟


    تون پڙهيو نه آهين، رڳو ڪَڙهيو آهين تيل جي ڪڙهائيءَ وانگر ۽ هاڻي پنهنجا جلائي رهيو آهين!

    ڪنهن چيو ته، “تنهنجا دوست توتي ڪاوڙيا آهن.” مون جواب ڏنو: “هو ڪاوڙيا ته پنهنجي غلطيءَ تي آهن، رڳو مان اُن جي نشاندهي ڪيان ٿو ته هو مون تي ڪاوڙ ڇنڊن ٿا.”

    علامه اقبال نِيل جي ساحل کان ڪاشغر جي خاڪ تائين ڇا ڏسي رهيو آهي؟ مون کي ته هڪ ويران رستي تي لُٽيل قافلو نظر اچي رهيو آهي، جنهن جا قافلي سالار سڀ مري چُڪا آهن.

    ڪيڏو ساڙ رکيو اٿئي؟ پنهنجي دوزخ جي باهه ۾ ته اڳيئي ٿو پڄرين! مان پنهنجون ٻه ڪاٺيون اُن ۾ ڇا لاءِ وجهان؟

    اي خدا! منهنجون جهوليون پنهنجي پيار سان ايتريون ڀر جو مان اُهي ساري انسانذات کي ڏيان ته اُهي نه کُٽن، مون کي اُن لاءِ اهو هُد هُد بڻاءِ جو سليمان جا سبا کي پيغام پهچائيندو هو.

    مان چوان ٿو ته، “تون آهين، تون آهين، تو آهين.” اهو منهنجو پويون نعرو آهي ۽ منهنجي آخري آزاديءَ جي علامت آهي.

    خدا جي سامهون سربسجود ٿي ۽ انهيءَ هر پَل کي نيڪالي ڏي جو تو دنيا سان گڏ گذاريو آهي.

    ڇا تون منهنجو رب آهين؟ پر تون ته منهنجي در تي ڪيتري ئي وقت کان بيٺو هُئين! رڳو مون نه سڃاتو.

    ڇا ڪوئي انسان هڪ تِر جيترو جيت به خلقي سگهيو آهي؟ ڇا هڪ تِر جيترو جيت ڄاڻي سگهي ٿو ته آڪاس، جنهن ۾ اکٽ ستارا آهن، ڪٿي ٿو کُٽي؟ مان مڃان ٿو ته اهو جيت پپل جي چوٽيءَ تي پڄي سگهي ٿو، پر ان جي حقيقت ئي ڪهڙي آهي؟ ڇا اُنهيءَ ستاري جهڙي آهي، جو هن آڪاس جي اتاهين وڻ ۾ پوئين پن جيان آهي. ڇا ان جيت جي انا کي ان مان تسلي ملندي ته هو پپل جي پوئين پن تي پهچي چُڪو آهي؟ ڇا ان کان اُهو ڪيڙو ماڪوڙو چڱو نه آهي، جو اُنهيءَ جي جڙ تائين پهتو آهي ۽ پاڻ کي هر واچوڙي کان محفوظ سمجهي ٿو؟
    اي تِر جيترا جيت! تون هن ڪائنات جي حقيقت کي ڇو ٿو سمجهڻ چاهين؟ ائين نه ٿئي ته واءُ جو جهوٽو توکي بولاٽيون کارائيندو اُڏائي وڃي! انهيءَ تي قانع ٿي ته تون وڻ جي چوٽيءَ تي پهچي چڪو آهين. ان کان مٿي جو وڻ آهي، تنهن ۾ ڪَتين جون ٽاريون ڏسي، پنهنجي وِت کان وڌيڪ ٽپو نه ڏي! حيرت تي قناعت ڪر! اُهو اسرار جو نه کُلي سگهي، ان تي حيرت کان سواءِ ٻيو چارو ڪهڙو آهي!

    جنهن انسان خدا کي آپي ۾ نه ڏٺو آهي، اُهو هن کي ڇاپي ۾ ڇا سمجهي سگهندو؟

    معافي خدا جي وصف آهي. تون پاڻ ۾ جيترو اُها وصف پيدا ڪندين، خدا جي ويجهو ٿيندين.

    خدا کان سواءِ تون يتيم آهين، هن ڪائنات ۾ ڇورو ڇنو ٻار، جنهن جي پرورش وارو ڪوئي نه آهي.


    هرڻ اکي ڪيڏانهن

    ياخدا! مون تي وِڄ ڪيراءِ،
    اُن کان اڳي جو مان ڪنهن
    جي گهر کي جلايان!

    منهنجو خدا به ته حُسن آهي
    ۽ جنهن وقت منهنجي شاعريءَ جو موضوع آهي
    ۽ منهنجي گيت ۾ اظهارجي ٿو،
    اُهو حُسن کان سواءِ
    ٻيو ڪجهه به نه آهي.

    محبت سان محبت ڪر!
    هن رابيل ۽ گلاب جي گل سان
    محبت ڪر،
    ڇو ته اُهو تنهنجي پرينءَ جي ڳلن جهڙو آهي،
    هن چنڊ سان محبت ڪر
    ڇو ته اُهو هن جي مُنهن جهڙو آهي،
    محبت سان محبت ڪر!
    ڇو ته اُها ڪائنات جي تخليق جو باعث آهي
    ڇو ته اها خدا آهي،
    ۽ خدا محبت کان سوا
    ٻيو ڪجهه به نه آهي،
    ٻيو ڪجهه به نه آهي.

    ڇَڏ!
    ته موٽي وڃان
    اُن دنيا ڏانهن
    جتي منهنجو پيءُ ماءُ
    ۽ ٻيا گهڻگهرا
    مون لاءِ
    اوسيئڙي ۾ آهن
    ۽ واري سان
    سج کان پڇن ٿا،
    “ڇا تون اڃا
    لٿو نه آهين.”

    تون خدا جو جلوو
    ڏسي سگهين ٿو
    پر ان لاءِ ته موسيٰ عليه السلام کان به تيز اکيون گهرجن
    جي طور جي تجلي برداشت ڪري سگهن.
    ۽ اهي ڦڦڙ گهرجن
    جي ايتري زور سان
    لَن تراني چَون
    جو پٿر پٿر ۾
    اُنهن جي گونج ٻُرڻ لڳي!
    اهو تو لاءِ ناممڪن آهي.
    پنهنجيءَ دل کي اُهو آئينو بڻائي سگهين ٿو
    جنهن ۾
    خدا جي جلوي جو جلوو
    پسي سگهين!
    پر پو به جلوي جي پَرتوي سان
    اهو آئينو ٽڙڪي پئي،
    اهو خاطريءَ سان
    ڪيئن ٿو چئي سگهجي!

    زندگيءَ سان ائين مقابلو ڪر
    جيئن فاران جي بيابان ۾
    اسماعيل ۽ هاجره
    باد صموم سان ڪندا ها!
    زندگيءَ جي ويرانيءَ
    ۽ خاموشيءَ ۾
    احساس ٿيندو آهي،
    ته ڪوئي ساٿ آهي،
    هر ريت جو ذرو همدرد آهي
    ۽ ماهتاب ۽ ستارا
    تسلي ڏئي رهيا آهن
    ۽ انهن جي رفاقت
    انساني رفاقت کان قريب تر آهي
    ۽ وڌيڪ قربائتي آهي.

    تون ڪير ٿيندو آهين،
    سنڌ جو ٻيڙو تارڻ وارو؟
    ان جو تارڻ هار ته ڪوئي ٻيو آهي،
    تون فقط وَنجهه هڻي رهيو آهين!

    حضرت ادريس جنازي نماز وقت جيڪو پٽڪو ٻڌندو هو، ان تي لکيل هوندو:
    “سعادتمند آهي اُهو جو پنهنجي نفس تي نظر رکي ٿو. پروردگار جي سامهون انسان جا نيڪ عمل هن کي شفاعت ڏين ٿا.”
    ڇا دورِ جديد جي انسان لاءِ ان کان بهتر نصيحت آهي. دور جديد جو انسان جيڪو پنهنجي نفس جو غلام آهي ۽ هن جي هر نئين آزادي هن جي نفس جي نئين غلامي ثابت ٿي آهي.

    تون هن کي خون ڪرڻ ٿو چاهين؟
    تون مڃ يا نه مڃ
    دراصل تون پاڻ کي خون ڪري رهيو آهين.
    هر قتل خودڪشي آهي.
    هر خنجر
    جو ٻي جي سيني ۾ کوڙين ٿو،
    تنهنجي رت ۾ ٻڏل آهي.
    تنهنجي هٿان مقتول جو موت
    تو ۾ ڪجهه قتل ڪري ٿو
    پر تون نه ٿو ڄاڻين.

    تون ان تي حيران آهين ته هي ته تنهنجو دوست آهي، هي تنهنجي گلا ڇو ٿو ڪري! پهرين اچ ته هن کان پڇون ته ڪڏهن هي تنهنجو دوست هيو به يا نه!؟

    معافي خدا جي صفت آهي. جي تو ۾ اُها آهي ته وڏي ڳالهه آهي.

    پوڍائي کان ڊڄندو ڪر! جو ساري عمر ڌرتيءَ تي سمهيو، اُن کي جڏهن اطلس جي پٿرڻي ملندي تڏهن هو ساري ڌرتي وڪڻي ڇڏيندو.

    حسد جي آگ اُها آگ آهي، جنهن ۾ نه رڳو دشمن پر دوست به جلندا آهن، بلڪ دوست وڌيڪ جلندا آهن.

    تون منهنجو دوست آهين؟ پو ته سڀ کان وڌيڪ خوف مان توکان ڪيان، ڇو ته جڏهن تون دشمن ٿيندين تڏهن سڀ کان خراب دشمن ٿيندين.

    ‘رب رُسي، مَت کسي’ کان وڌيڪ ڏاهي چوڻي مون ڪٿي نه پڙهي آهي.

    يا ته احسان نه کڻ ۽ جي کڻين ته ان کي ڪڏهن به نه وسار! احسان فراموشيءَ لاءِ دليل نه ڳول، ڇو ته احسان فراموشيءَ لاءِ ڪوبه دليل نه آهي.

    اي پروانا! توکي ستارن جي روشني ڇِڪ نه ڪندي، تنهنجو مقدر ئي شمع جي آگ ۾ جلي مَرڻ آهي.

    هائو، ’واٽون ويهه ٿيون‘ پر نادان ڇا تون ڄاڻين ٿو ته اهي ويهه ئي واٽون هڪ ڏس ڏي وڃن ٿيون؟

    جي خدا ساري اسباب جو مُسبب آهي،
    ته تون ڳڻتي ڇا جي لاءِ ٿو ڪرين!


    سر لوهيڙا ڳڀيا

    ڀٽائيءَ جو دڳ
    ٺيڪ آهي،
    اُن تي سو هلي آءُ!
    وَر وَراڪا
    تو کي ڪنهن
    اوڙاهه ۾ اَڙائيندا،
    جتان تون وَري
    نڪري نه سگهندين!

    زندگي ديوار وانگر آهي، مان چاهيان ٿو اُها ٽپي اڳتي ڏسان؟

    ڇا تون ڄاڻين ٿو ته خدا ڪيترو نه چپ چاپ تنهنجي ڪڍ اچي رهيو آهي، رُڳو تو مُنهن ورائي نه ڏٺو آهي.

    ميان توکي ايترو به صبر نه آهي، جو اُنهن ڪيڙن کي آهي، جي تنهنجي ماس ۾ لڪا ويٺا آهن.

    ڳڀرو! تون مون کان پڇي رهيو آهين ته مان موت تي ڇو لکي رهيو آهيان؟ هن عُمر ۾ مان ٻي ڪهڙي حقيقت نگاري ڪري ٿو سگهان؟

    آءٌ ازل کان اڪيلو پکي هوس. خبر نه آهي ته مان وڳر ۾ ڪيئن ملي ويس. خبر نه آهي ته مون کان ماڳ ڪيئن وسري ويو ۽ سڌو ڄار ڏانهن ويس!

    هي ڪيڏو آڪڙجي ٿو هلي ۽ اهو نه ٿو ڏسي سگهي ته موت جو پاڇائون هن جي ڪڍ آهي.

    ڇا خدا کي ڄاڻڻ کان سواءِ هن کي ائين مڃي نه ٿو سگهين؟ ڇو پنهنجي ڪَڍ پيو آهين؟

    ڇا زندگيءَ ۾ پوري خوشي نه آهي، فقط اُن جي آس آهي؟ ڇا انسان پاڇن پٺيان ڊوڙن ٿا؟ ۽ پاڇا جڏهن لهندڙ سج جا آهن، تڏهن ٿڪجي بيهن ٿا.

    چوندا آهن: ’نيڪي ڪري درياهه ۾ وجهه.‘ درياهه ڪيڏو نه وڏو آهي ۽ درياهه ۾ پَئي هر شيءِ درياهه ٿي وڃي ٿي.


    ميان! پئسو پِٽ آهي، جنهن وٽ آهي اُهو عذاب ۾ آهي.

    تو کي تقدير ۾ اعتبار نه آهي، مان ڀانيان ٿو ته اها ڳالهه به تنهنجي تقدير ۾ آهي.

    تون موت کان ڏاڍو آهين يا موت تو کان ڏاڍو آهي. اهو پتو ته اڳتي هلي پوندو.

    ڪڏهن ته تنهنجي آرائش ختم ٿيندي؟ ڪڏهن ته تون آئينو ٽوڙي ڦِٽي ڪندينءَ؟

    ڪنهن سان ايتري سِڪ به نه رک، جو ان ۾ سُڪَ ٿي وڃين!

    هو توکي ڏسي سڙي رهيو آهي. ڀلي سڙي، آخر باهه تنهنجي ته نه آهي، هُن جي پنهنجي آهي!

    موت ايترو خراب به نه آهي، آخر توکي زندگيءَ جو ٿڪُ لاهڻو آهي يا نه؟


    ڇا تنهنجو انت ڪوئي پائي سگهي ٿو؟ ڇا هُو اهو ڄاڻي سگهي ٿو ته تون بي انت آهين!

    جيستائين تون موت کي نه سمجهندين، زندگيءَ جي ڪنهن به سوال جو جواب ڏئي نه سگهندين.

    تون ڪوڙ سان نِڀاءُ ڪري، ڪيڏو نه خوش لڳي رهيو آهين! پر ڇا تون سچ پچ خوش آهين؟ ڇا تنهنجي چهري تي چمڪ پائدار آهي؟ يا اها انهيءَ وِڄ جي چمڪ وانگر آهي، جا توتي نيٺ ڪِري، توکي رک ڪري ڇڏيندي؟

    مان ته توکي به بچائڻ چاهيان، پر مان ڇا ڪيان توکي خودڪشيءَ جو شوق کنيو بيٺو آهي.

    شداد جي بهشت ۾ ڪيستائين گذاريندين؟

    مون کي تخت تي نه ويهار ۽ تاج نه پهراءِ توکي معلوم نه آهي ته تاج و تخت جي قسمت انت پيرن ۾ هوندي آهي؟

    موت ته هر ڪنهن کي ماري ٿو ڇڏي، افسوس آهي اُنهن تي جن کي زندگي ماري ٿي ڇڏي.

    اي سنڌي قوم! ڇا تون مڇر وانگر نمرود جي ننڊ ڦٽائيندي رهندينءَ ؟

    هن قوم جو پَٽڪو نه ٿي، جُتي ٿيءُ، پٽڪو لاهيندي اُها ويرم نه ڪندي آهي.

    جي سنڌ ڪڏهن اُٿي ته توکان ساريءَ تاريخ جو بدلو وٺندي.

    انهي ڪري مان اڃا زنده آهيان. مان جڏهن پورهيو ڪندو آهيان ته پنهنجو جسم دروازي کان ٻاهر ڇڏي ايندو آهيان، جيئن نمازي مسجد جي ٻاهران جُتي ڇڏي ايندا آهن.

    مون کي جنت يا جهنم جو اونو نه آهي.ا ي موت! مان توکي خوشيءَ سان قبول ڪيان ٿو.

    ڪنهن چيو ته: “تو زندگيءَ تي ٿورو لکيو آهي ۽ موت تي گهڻو لکيو آهي.” مون چيو: “ان ڪري جو موت گهڻو آهي، زندگي ٿوري آهي.”

    تون مان دوست ڪيئن ٿي سگهون ٿا، جڏهن منهنجا هيرو تنهنجا دشمن آهن ۽ تنهنجا هيرو منهنجا دشمن آهن.

    مون مانيءَ ۽ بهزاد کي سڏي چيو:
    “منهنجي ڪَڍَ اچو! اوهان کي اهڙي تصوير ڏيکاريان جا اوهان جي خواب خيال ۾ نه آئي هجي! اها تصوير آهي ته انسان جي پر اُن جو ساڳيو مصور آهي. جنهن چنڊ کي ٺاهيو آهي.”

    شيطان صفتي کي ڪائي ڪشش آهي جا هڪ رَهزن کي ٻئي رهزن سان ملائي ٿي، پوءِ اُهي هڪٻئي جي خون جا پياسا ئي ڇو نه هجن!

    هي لاش آهن انهن جا جن آزاديءَ جا پير چميا ها. موت ۾ آزادي اُنهن جا پير چُمي رهي آهي، پر اُن کي ڪوئي ڏسي نه ٿو سگهي!

    اي خدا! تو مون تي ايتريون نوازشون ڪيون آهن، جو مان تنهنجي هزار ڀيرا پرستش ڪيان ته به تنهنجو هڪ ٿورو نه لاهي سگهان!

    تون دانشور آهين؟ تون دانش جي دعويٰ ٿو ڪرين، جا هڪ اٿاهه سمنڊ وانگر آهي! ڇا تو غواصن جي گَت ڄاتي آهي، ڪنڌيءَ تي ڪوڏ ڪٺا ڪرڻ وارا!

    ڇا تون اعتبار ڪندين؟ هو جو پاڻ کي آزاديءَ جو علمبردار چوائيندو آهي، جڏهن دوست سان ڦِٽائيندو آهي، تڏهن هن جي خلاف مارشل لا وارن کي درخواستون ڪندو آهي!

    مون هن کي چيو “جي تون سورج مکي ٺاهي نه ٿو سگهين ته ان ڳالهه تي اعتبار ڪر ته اِن کي خدا ٺاهيو آهي.”

    خوبصورت گل چيو، “تون مون کي ٽاريءَ تان پٽين نه ٿو؟ مان تنهنجين آڱرين لاءِ آتو آهيان.” مون گل کي چيو: “منهنجون آڱريون به تو لاءِ آتيون آهن، پر مان تو کي ڇنڻ نه ٿو چاهيان، تون ٽاريءَ تي خوبصورت ٿو لڳين.”

    ڪيئن چئجي ڪيتريون صديون تُنهنجون اکيون مون ڏانهن ڏسي رهيو هُيون! مون رڳو تو کي هڪ ڀيرو ڏٺو ۽ ڪنڌ جُهڪائي ڳالهائيندو رهيس.

    ڇا تون ڄاڻڻ چاهين ٿو ته خدا ڇو آهي ۽ ڇا آهي؟ ههڙو خوبصورت مُکڙو هٿن ۾ جهلي اهو سوال ڪيئن ٿو پڇين؟

    بودليئر!• گناهه واقعي گل جيترو خوبصورت هوندو آهي، پر اُن ۾ خوشبو نه ٿيندي آهي.

    مون ننڊ مان اک پَٽي، کڙڪيءَ مان جهونجهڪڙي جون ريکون ڏٺيون ۽ خدا جو ٿورو مڃيو ته مون کي هڪ ڏينهن ٻيو به ڏنو اٿائين. انهيءَ جو امڪان به هو ته مان اک ئي نه پٺيان ها ۽ ابدي ننڊ ۾ هليو وڃان ها، جنهن ۾ ڪنهن نه ڪنهن وقت وڃڻو آهيان.
    مون خدا جو ٿورو مڃيو ته هن مون کي هڪ ڀيرو پرهه جا پکي ٻيهر ڏيکاريا آهن جي آسمان ۾ اُڏري رهيا آهن يا اڃا وڻن ۾ چون چون ڪري رهيا آهن يا منهنجيءَ بالڪنيءَ جي ٻاهران رکيل ٺڪر جي پاٽ مان پاڻي پي رهيا آهن ۽ چوڳو چُڳي رهيا آهن (منهنجيءَ زندگيءَ ۾ سڀ کان چڱو ڪم اهو آهي ته رات جو مان انهيءَ پاٽ ۾ پاڻي ۽ چوڳو وجهي سمهندو آهيان. انهيءَ آس سان ته پرهه جو اُٿي اُن تي پکيئڙن جو ميڙاڪو ڏسندس.)
    مون خدا جو ٿورو مڃيو ته هُن وَري مون کي صبح ۽ شام جي شفق مان سورج مُکيءَ ڇنڻ جو وجهه ڏنو آهي.
    مون خدا جو ٿورو مڃيو ته سانوڻ جي مند آهي، ممڪن آهي ته ڪاريون گهٽائون اُڀري اچن ۽ مان اُنهن جي موسلا ڌار مينهن ۾ وري وهنجي سگهان. اوچتو منهنجيءَ دريءَ مان ڪو پوپٽ اُڏري آيو مون ان جو آڌرڀاءُ ڪري اُن کان پڇيو ته ڇا هُن جو پيغام آندو اٿئي، جنهن جا رنگ تو وانگر خوبصورت آهن ۽ جنهن کي پرن کان پڪڙي، خدا منهنجي هٿ ۾ ڏنو آهي ۽ ان جي پرن جي سلامتيءَ لاءِ منهنجا هٿ ذميدار آهن.
    مون خدا جو ٿورو مڃيو ته مون کي هر سنساري ٻنڌن کان آجو ڪري، هڪ ٻي ڪرتڪار ڏني اٿائين ته ڪويتا لکان ۽ ائين لکان جو اُن مان منهنجيءَ جوانيءَ يا پيريءَ جو پتو نه پوي. پر مون اڃا تائين هن جو هڪ ٿورو به نه لاٿو آهي. مون اڃا تائين اهڙي ڪويتا نه لکي آهي، جنهن ۾ هن جي اهڙي عبادت هجي، جا روز سج، تارا ۽ ڪتيون ڪن ٿا. مون اڃا تائين اهڙي ڪويتا نه لکي آهي، جا پکين جي گيتن ۾ آهي، جا عبادت کان سواءِ ڪجهه نه آهي.

    اي خدا! تون مون کي اڃا ڪجهه ڏينهن ڏي ته مان تنهنجو ٿورو لاهيان، مان گيت ائين ڳايان، جو اُنهن جي اڳيان هر عبادت جِهڪي لڳي.
    اي خدا! مان تنهنجو پوءِ به هڪ ٿورو به لاهي نه سگهندس. تون ته اکٽ ڀنڊار آهين، منهنجيءَ جهول ۾ ڪڻا آهن گهڻا؟ مان تو کي ڇا آڇي سگهندس، مان تو کي ڇا آڇي سگهندس!

    تنهنجو شڪر آهي منهنجا رَب! اڄ مون کي اڌ ماني ۽ پورو ڪتاب نصيب ٿيو آهي.

    جي تو ماڻهو اکين مان نه سڃاتو، ته هن کي ڪڏهن به سڃاڻي نه سگهندين.

    ترسُ، تنهنجو به وارو اچي ٿو! وارو ڍارو آهي، سئَو ڀيرا منهنجي نالي پوي، هڪ ڀيرو ته تنهنجي نالي به پوندو!

    نانگ وارو وير ته فقط انسان رکندا آهن. نانگ ته نالي ۾ خوار آهي.

    منهنجيءَ دل ۾ ايترو پيار آهي جو ان ۾ ساڙ جي لاءِ ڪائي جاءِ نه آهي.

    مون کي تو لاءِ نفرت ڪٿي آهي؟ رُڳو جيئرن جي فهرست مان تنهنجو نالو ڪٽي ڇڏيو اٿم.

    ڇا رڳو گهمڻ ڦرڻ زندهه رهڻ جو نالو آهي؟ تون ڏاڍو ڀُليل آهين! تون ته ڪيترو وقت اڳي مَري چڪو آهين.

    تون منهنجي مخالفت ڪئي، خدا منهنجي مدافعت ڪئي، هاڻي نتيجو ڏس!

    ڪنهن ڪنهن انسان جي ارادي ۽ مشيت- ايزديءَ ۾ ڪوئي فرق نه هوندو آهي.

    خدا مون کي چيو ته پنهنجو اعمالنامو پاڻ لک! ڪِراماََ ڪاتبين لکي لکي ٿڪجي پيا آهن.

    دَهريا! تو پنهنجي باري ۾ ڪڏهن هي سوال پڇيو آهي ته “هن زندگيءَ کان اڳتي مان ڇا ڪندس؟”

    هن ڪائنات ۾ جي تُنهنجي مُرڪ اَمر نه آهي ته ڪا شيءِ امر نه آهي.


    “اکيون به مُرڪنديون آهن ڇا؟”
    “دراصل مُرڪ ٿيندي ئي اکين ۾ آهي.”

    ماڻهوءَ جي پِٽ گوليءَ وانگر آهي جا بندوق ۾ واپس اچي نه سگهندي.

    انسانيت جي ٽه جوڙي کي جي ٽي جوڙَ آهن- پيار جو، سهپ جو ۽ سَم- سُکتا جو، ته اُن کي ڪوئي ٽوڙي نه ٿو سگهي.

    ڀائپي، دوستي سڀ ٺيڪ، گستاخي چڱي نه آهي.

    ايترو ساجهر ٽرئفڪ جو ڪيترو نه شور آهي! شهر ۾ سڀ پيٽ قوت لاءِ ڀڄ ڊوڙ ۾ آهن. ڇا هو،ا ِهو سمجهن ٿا ته انسان رڳو پيٽ نه آهي، ٻيو ڪجهه به آهي!

    حسينيت لاءِ فقط حسين ابن عليءَ تي مرثيو ڪافي نه آهي ۽ نه وري مجلس- مسالمه ئي ڪافي آهي.

    دڳ ڏيکار!
    اي خدا
    دڳ ڏيکار!
    مان هن گهاٽي جهنگ ۾
    پنهنجي گهايل پيرن سان
    ڪيڏانهن وڌان؟
    منهنجا پير
    اڃا ٿڪا نه آهن
    مان پنهنجون لڦون ڏسي
    پنهنجي ڪُدڳ تي
    پنهنجي منهندارن جي
    ڪاري منهن تي
    ٿوڪاريو آهي:
    ۽ سوچان ٿو
    ته جي اڳتي دڳ نه آهي
    ته پٺتي موٽان
    ۽ اُتي گاهه تي ليٽي
    ٿَڪ پٽيان
    ۽ سائي ٻير مان
    ٻه ٽي ٻير ڇني کاوان!
    پر جي مون کي اڳتي ئي وڃڻو آهي،
    ته اي خدا!
    مون کي دڳ ڏيکار!
    مان تنهنجي ڏس تي
    ٻاٻريءَ ڪَنڊِ تان به
    پنڌ ڪري
    وڌندو رهندس!


    هن هاريءَ تي لک
    جيڪو اڃا انسان آهي
    ۽ ڍوڍي ڳڀو کائي،
    پاڻي پِي،
    سارو ڏينهن ڳهندو ٿو وتي
    ۽ جو ڌاڙيل نه ٿيو آهي،
    ۽ ماڻهوءَ جو رت
    نه پيتو اٿائين،
    ۽ جنهن تي
    ٻهراڙيءَ جي ٻُٽ ۾
    جڏهن پکي
    ننڊ ۾
    لامن تي لٽڪندا آهن،
    خود خدا
    وڃڻو گهمائيندو آهي.

    عشق به
    ڪجهه نه آهي.
    حسن به
    ڪجهه نه آهي،
    فقط تڙڦ سڀ ڪجهه آهي.

    اي خدا!
    هن کي
    اڃا به
    خوبصورت بڻاءِ!
    هوءَ
    تنهنجي وجود جو
    ثبوت ٿي وڃي!

    ماري!
    ڊيل
    نه ڦاساءِ!
    اها
    مور جي
    امانت آهي.

    هل ته هن کان
    اسپتال ۾ پُڇي اچون!
    اسان جي پُڇا
    هن جي ڄمار کي ته نه وڌائيندي
    رڳو اسان کي
    ساڃهه ڏئي سگهي ٿي
    ته اهڙو وقت
    اسان تي به
    اچي سگهي ٿو.

    ڪيترا نه
    سبز باغ ڏيکاريئه!
    ڌرتيءَ تي
    هيئَن ڪنداسين
    ڌرتيءَ تي
    هونءَ ڪنداسين؛
    ٿيو ته ڪجهه به ڪونه
    اڄ تنهنجو جنازو وڃي رهيو آهي
    سڀاڻي مون کي وڃڻو آهي،
    ڇا ان ڪري
    فرق پوي ٿو
    ته ڪنهنجا ڪانڌي
    ڪيترا آهن!

    موت اُهو ريڊار آهي
    جو سڀ
    ڌڻ هڪلي ساڳي واڙَ ۾
    واڙيندو آهي.

    تو بگهڙ جي اوناڙ ٻُڌي آهي؟
    بگهڙ
    چنڊ کي ڏسي
    اوناڙيندو آهي:
    ڌرتيءَ کي سنگهي
    نه اوناڙيندو آهي.


    منهنجو بهترين دوست
    اڄ منهنجو
    بدترين دشمن آهي
    ڇو ته
    هو سمجهي ٿو
    ته مان هُن جي آدرش تان
    هَٽي ويو آهيان.
    سچ ته اهو آهي
    ته هُن جو آدرش
    هُن کان
    هٽي ويو آهي،
    هُن جو آدرش
    چنڊ به ته ڪونه هو
    جو گهنگور گهٽائن ۾ ڇُپي ويندو آهي!
    هُن جو آدرش
    ته تَئي وانگر هو
    جو هن تي
    پنهنجو ڪالڪ ملي
    هن تي
    کِلي رهيو آهي.

    هو
    پنهنجي
    آدرش جي هار ڏسي،
    مون تي
    ڪاوڙجي رهيو آهي
    ڇو ته
    مان
    هن کي اڳيئي چوندو هوس
    ته تنهنجو آدرش
    گٽر ۾
    چنڊ جو سپنو آه.

    تون
    ساري عمر
    ڪسيءَ جو ڪيڙو ٿي رَهين،
    ڪسيءَ جو ڪيڙو هئين،
    ڪسيءَ جو ڪيڙو ٿي مُئين،
    باک جو
    ڀنگي
    تو کي ٻهاري ويا
    ڪسيءَ جي ڪني پاڻيءَ سان گڏ.
    تو کي ڪهڙ خبر
    ته ڪسيءَ کان ڪجهه پنڌ تي
    رنگا رنگ گلن جون
    ٻاريون هيون
    ۽ پوپٽ
    انهن تي اُڏري رهيا ها!

    تو پاڻ مان ئي حيوانيت کي
    نه ڪڍيو آهي؛
    هليو آهين
    انسانيت جو علمبردار ٿيڻ!


    يا رب!
    هيءَ پوڙهي ڪائنات تنهنجون جوان اکيون آهي، جنهن هر ڪنهن جي اکين کي ديد عطا ڪئي آهي ته تنهنجو جلوو ڏسي سگهن،
    اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪي نابين به نه آهن پوءِ به توکي ڏسڻ کان نابري وارين ٿا. جيڪي توکي ڏسڻ چاهن ٿا، ستارا انهن لاءِ ماکيءَ جي ماناري وانگر آهن ۽ روشنيءَ جون لارون هنن جي دلين تي ٽمي رهيون آهن.


    تون ڇپر تون ڇانءَ

    يا رب!
    سارو شهر ستو پيو آهي ۽ ستارا آسمان ۾ ٽم ٽم ڪري رهيا آهن؟
    اڃا پکي پکڻ به نه اٿيا آهن ۽ تنهنجي ثنا خواني انهن جي نڙين ۾ ستي پئي آهي.
    هي مون ۾ ڪير آهي جو چئي رهيو آهي ته ”اٿي! پوريءَ ڪائنات لاءِ دعا گهر!
    اٿي، انهيءَ انسان لاءِ دعا گهر، جنهن جي چلهه تي ڪجهه رجهندو آهي ۽ بکايل ٻارڙا ان جي چوڌاري ويٺا هوندا آهن.
    اٿي، انهيءَ جوانيءَ لاءِ دعا گهر، جا خواب ۾ مدهوش آهي ۽ جنهن کي اهو پتو نه آهي ته اها عارضي آهي ۽ ائين گم ٿي ويندي جيئن شام جو سج کيرٿر جي پهاڙن ۾ گم ٿي ويندو آهي ۽ نئين گاج تي شفق جا رنگا رنگ پاڇا ڇڏي ويندو آهي.
    اٿي، انهيءَ پيريءَ لاءِ دعا گهر، جنهن کي آخرت جو اونو آهي، جا ان لاءِ پنهنجو نور نچوئي رهي آهي ته پنهنجي تخليق کي ابديت عطا ڪري.


    يا رب!
    منهنجا گناهه ائين ڌوءُ جيئن پن ماڪ سان ڌوپندا آهن ۽ سج جون ڪروڙين آڱريون رات جا امجهيل وار سلجهائينديون آهن.

    يا رب!
    هي رڍن جا ڌڻ، جي پنهنجي پيٽ قوت لاءِ اسر جو اٿيا آهن، انهن ۾ به ته تون آهين ۽ هو وڻ جي پنهنجون ٽاريون توڏانهن ٻانهن وانگر اُڀيون ڪري بيٺا آهن، انهن جا پن به تولاءِ ئي ته دست به دعا آهن.


    سچ جي واٽ

    توهان جي سمجهه، توهان جو علم ۽ توهان جو مرتبو سڀ الله جون عطا ڪيل نعمتون آهن. حساب ڪتاب واري ڏينهن توهان کي عطا ٿيل سڀني نعمتن بابت توهان کان پڇا ڪئي ويندي.
    سچ جي جيڪا واٽ اوهان ماڻي آهي، ان تي ٻين کي به هلڻ جو ڏس ڏيو. نه ته توهان ۽ حيوانن ۾ فرق ئي نه رهندو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 345136
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 142498
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ