ڪتاب جو نالو: صادق فقير توکان ٿيندي ڌار
مصنف: اسحاق سميجو
ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 01 مارچ 2017 ع
پڙهيو ويو: 978 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 248 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”صادق فقير توکان ٿيندي ڌار“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هن ڪتاب جو مرتب ليکڪ ۽ محقق اسحاق سميجو صاحب آهي. سنڌ جي ٻاٻيهي، آواز جي دنيا جي نرالي نانءُ صادق فقير بابت بهار جي ڀَريءَ مُند ۾، هڪ ڀلاري ديس تان هن جي حادثاتي موت جي نڀاڳي خبر آئي هئي، ۽ هزارين حسرت جي موتين ۽ گلابن آپگهات ڪري ڇڏيو هو. هن ڪتاب ۾ اسحاق سميجي صادق فقير بابت لکيل مضمونن، تاثرن، تعزيتي نوٽ بوڪ، سندس زندگي بابت خاڪن، سندس وڇوڙي تي شاعرن جي منظوم ڀيٽا کي ڪتابي شڪل ۾ سهيڙي پيش ڪيو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق واسطا ۽ اسٽاڪسٽ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • روهِيڙي جي رُت ۾ يارَ جي جدائي
  • زندگي نامو

  • صادق حيدريءَ کان صادق فقير تائين : فقير منور ساگر
  • TRUE BEGGAR : علي دوست عاجز
  • اياز جي نشيلن نظمن جهڙي سنڌ جي ڀلوڙ ڪلاڪار : صادق فقير سان رَس رهاڻ ڪچهري ڪندڙ: چمن آر ٿري
  • سنڌ جي سُريلي ۽ ڀلوڙ راڳي صادق فقير سان مُکا ميلو : جاکوڙ سٿ پاران ورتل انٽرويو
  • A Literary Musician’s tragic exodus from Sindh By: Rafique Wassan
  • مضمون / تاثر

  • تنهنجي لاءِ ليئا، رهندا منهنجا روح ۾! : عبدالواحد آريسر
  • صادق – ساريءَ سنڌ جو! : نصير مرزا
  • آف دي ريڪارڊ : اياز گل
  • مونکي کائيندو وطن! ؛ نثار کوکر
  • سنڌ جو عاشقِ صادق صادق فقير ؛ مظهر لغاري
  • سنڌ جي ٻيجل جي موڪلاڻي ؛ مختيار ملڪ
  • جهڙو ڀلو ڀان، تهڙا ڏانَ ڏياچ جا! ؛ علي دوست عاجز
  • موسيقيءَ جو تقدس صادق فقير ؛ ايوب کوسو
  • صادق فقير هڪ دور جي پڄاڻي؛ علي آڪاش
  • سُر مدفون نه ٿيندا آهن ؛ مير حسن آريسر
  • ڏونگر مون سان رو، پنهونءَ جا پار ڪڍي! ؛ خليل ڪنڀار
  • صادق فقير ڇا ويو، ٿر کان آواز ۽ درد کان زبان رسي وئي! ؛ دودو چانڊيو
  • توکان ٿيندي ڌار! ؛ ماڪن شاهه رضوي
  • صادق فقير ؛ جاويد قاضي
  • لڙڪ لڙي پيا لار ڪري! ؛ عاجز جمالي
  • صادق فقير جي لاڏاڻي تي لڙڪ لڙي پيا لار ڪري... رکيل مورائي
  • مٺي ۾ مذهبي رواداريءَ جو قائم ٿيل تازو مثال ؛ پنهل ساريو
  • ٿر جي ماٿي جو جهُومر ٽٽي پيو! ؛ علي اڪبر راهمون
  • ٿر جو ٻاٻيهو صادق فقير ؛ ممتاز نهڙيو
  • صادق! ؛ ضراب حيدر
  • صحرا جو مسافر صحرا ۾ سمهي پيو! ؛ نواز شاهه ڀاڏائي
  • رُئان رهن نه سُپرين! ؛ منصور سيتائي
  • صادق جو وڇوڙو؛ حاجِي محمد دل
  • رتن جي هوٽل جون کٽون خالي ٿي ويون! ؛ ڀارومل امراڻي سوٽهڙ
  • شاعر شيخ اياز ۽ راڳي صادق فقير
  • مَنَ کي اُداس ڪندڙ گهڙيون ؛ خالد ٻانڀڻ
  • سنڌي سنگيت جي چاندني اماس ۾ تبديل ٿي وئي! ؛ مجيب ناريجو
  • چاندني رات ۾ مور جو آواز گم ٿي ويو! ؛ الطاف ملڪاڻي
  • هوليءَ جي رنگن ۾ هڪ ڪلاڪار جو آخري سفر ؛ اشفاق لغاري
  • صحراءِ ٿر جي درد جو آلاپ: صادق فقير ؛ دولت رام کتري
  • جوڳِيڙو ٿَي تِنا جوئِيس .... تولارام سوٽهڙ
  • ...۽ جڏهن راڳ کي روڳ لڳي ويو! ؛ مقبول حفي بخاري
  • صادق يار رُئاري وئين! ؛ اورنگزيب ڀٽي
  • ساري ٿي تن کي، اڀري باک بسنت جي ؛ اياز لطيف دايو
  • راڳ جي راڻي صادق جي سنڌ کان موڪلاڻي ؛ ساجد چانڊيو
  • صادق ’فقيرن‘ جي سڃاڻپ هو! فقير سليم
  • جنت سنديَن جُوءِ، فائق هليا فردوس ڏي! ؛ سُهيل صديقي
  • ڪلا جو ڪنول ؛ نظام سمون
  • جڏهن اُڦٽ مَران ته پوءِ ٻه چار لڙڪ هارجو... اياز بجير
  • کن ترسين ها، تون ۽ مان ٻئي هڪڙو سهڻو ڳوٺ اڏيون ها! مراد فقير
  • صادق فقير جو آخري سفر ؛ الهه بچايو جمالي
  • محبتن جي منظوم ڀيٽا

  • صادق منهنجا يار! : اياز گل
  • او راڳي! (گيت) : ماڻڪ ملاح
  • تُنهنجي مٽيءَ منجهه ملان! : خليل ڪُنڀار
  • مونکي کائيندو وطن! : خليل ڪنڀار
  • هوُ جو ٿر جو ٻاٻيهو هو! : روبينه ابڙو
  • بيت

  • ادل سومرو
  • گلشن لغاري
  • اسحاق سميجو
  • انور منصور مڱريو
  • ناشاد سمون
  • درد هوش محمد
  • شوڪت چاچڙ
  • ڪيلاش هميراڻي
  • ڳوڙها روڪيندي به ... علي دوست عاجز
  • صادق سندو وڇوڙو : مشتاق ڦل
  • وائي : بخشل باغي
  • ڏُک ۾ آ ريت جو ذرو ذرو! : قاضي منير قاضي
  • بس هي منهنجي قسمت آهي! : فيض محمد فراقي
  • يار ايئن وڃبو نه آ : سائل پيرزادو
  • مڪي جي پاڪ مٽيءَ تي!
  • کلندي کلندي روئي پياسين! : ارباب احسان
  • صادق فقير جي نانءُ : ديال صحرائي
  • صادق فقير کي ڀيٽا : شوڪت تبسم ڪنڀر
  • سريلي راڳي صادق فقير جي ياد ۾ : ڊاڪٽر بچل ميمڻ
  • چوسٽا
  • تعزيتي نوٽ بُڪ

  • جوڳي جَيڪس ويا جبروت!
  • صادق فقير کي ٻن لڙڪن جي ڀيٽا
  • هُو شخص هڪڙو شهر هو
  • گھوڙن ۽ گھوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا...
  • اڙي موت ميار ايڏو ساڙ سڳنڌ سان !
  • سڀ ڪجهه هوندي ڪجهه رهيو ئي ناهي!
  • هي ويل نه هئي وڇڙڻ جي صادق...!
  • صادق جون ڳالهيون،
  • وڏو فنڪار، وڏو ماڻهو
  • سامي سُک نه سُتا ڪڏهين!!
  • صادق کي سمجھاءِ
  • ملير جي مٽي
  • صادق تنهنجا ساز!
  • صادق فقير، ڪيترن لاءِ ئي ”وجه دوستي“ هو!
  • خالد ڪنڀار مٺي

  • حق واسطا ۽ اسٽاڪسٽ

    Roshni Book No. 720
    ڪتاب جو نالو: صادق فقير: توکان ٿيندي ڌار
    مرتب: اسحاق سميجو
    ڇاپو پهريون: ©روشني 2015ع
    ڪمپوزنگ : انور حسين سومرو
    روشني ڪمپوزر اينڊ پرنٽرز، حيدر چوڪ، حيدرآباد.
    ڇپيندڙ: فائين ڪميونيڪيشن، حيدرآباد، سنڌ.
    ڇپرائيندڙ: روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، سنڌ.
    قيمت: 300/= روپيا



    SADIQ FAQEER: TOKHAN THENDE DHAR
    Compiled By: Ishaq Samejo
    Composed by: Anwer Hussain Soomro
    Roshni Composers and Printers, Hyder Chowk, Hyderabad
    Printed by: Fine Communication, Hyderabad Sindh
    Published by: Roshni Publication, Kandiaro, Sindh
    First Edition © Roshni 2015
    اسٽاڪسٽ
    شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد+ ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد.
    ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد + گنج بخش ڪتاب گهر، حيدرآباد
    شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
    ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي
    رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
    مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
    نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
    اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه
    حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه
    مهراڻ ڪتاب گهر، کپرو + حافظ ڪتاب گهر کپرو + سڪندري ڪتاب گهر، کپرو
    العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + المدينه ڪتاب گهر، ڇاڇرو + ٿر ڪتاب گهر، مٺي
    ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص
    المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ
    مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو
    عبدالرزاق بڪ اسٽال، ميهڙ
    مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين،
    مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر
    الفتح نيوز ايجنسي، مهراڻ مرڪز، سکر مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
    سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور+ سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر، شڪارپور
    تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
    خيرپور بڪ اسٽال، خيرپورميرس + مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
    ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ، ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو


    ارپنا

    صادق جي تسلسل
    عظميٰ
    نزاڪت
    راحت
    ۽
    رضا
    جي نالي


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”صادق فقير توکان ٿيندي ڌار“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هن ڪتاب جو مرتب ليکڪ ۽ محقق اسحاق سميجو صاحب آهي.
    سنڌي جي ٻاٻيهي، آواز جي دنيا جي نرالي نانءُ صادق فقير بابت بهار جي ڀَريءَ مُند ۾، هڪ ڀلاري ديس تان هن جي حادثاتي موت جي نڀاڳي خبر آئي هئي، ۽ هزارين حسرت جي موتين ۽ گلابن آپگهات ڪري ڇڏيو هو. هن ڪتاب ۾ اسحاق سميجي صادق فقير بابت لکيل مضمونن، تاثرن، تعزيتي نوٽ بوڪ، سندس زندگي بابت خاڪن، سندس وڇوڙي تي شاعرن جي منظوم ڀيٽا کي ڪتابي شڪل ۾ سهيڙي پيش ڪيو آهي.
    هي ڪتاب روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو. لک ٿورا پياري راجا ساند جا جنهن هن ڪتاب جي ڪمپوز ٿيل ڪاپي موڪلي ۽ مهربانيون اسحاق سميجي جون جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    روهِيڙي جي رُت ۾ يارَ جي جدائي

    26 فيبروري 2015ع تي شام جو ساڍي چئين ڌاري حيدرآباد مان دوست نجم جوڻيجي، صادق جي سعودي عرب ۾ هڪ روڊ حادثي ۾ وڇڙي وڃڻ جي خبر ٻڌائڻ لاءِ فون ڪيو، ته مان سنڌ يونيورسٽيءَ جي لاڙ ڪئمپس بدين ۾ استادن جي هڪ گڏجاڻيءَ ۾ ويٺو هوس- ان کان پوءِ مان ڪٿي رهيو آهيان، ان جي مڪمل خبر خود مون کي به نه آهي!
    ان بعد جيڪا به ڪيفيت جُڙي، ان جي بيان لاءِ لغت ۾ ڪو لفظ ئي موجود نٿو ملي. ٽن ڏينهن تائين مٺيءَ وڃڻ ۽ نه وڃڻ واري فيصلي جي صليب تي ٽنگيل رهيس. مٺي سدائين يا صادق سان گڏجي ويا هئاسين، يا صادق لاءِ ويا هئاسين. هاڻ بنا صادق جي ڪيئن وڃجي؟ اسان جي ته مٺي به صادق هو، ٿر به صادق هو، ننگر به صادق هو، ۽ ننگر جو مور به صادق هو! هن کان سواءِ هن جي شهر ۾ داخل ٿيڻ لاءِ جيتري همت ۽ جيترو حوصلو گهرجي، اهو ڪٿان آڻجي؟
    پر نيٺ به ته يار جي وطن سان ڌڙڪنن جي ڏوري ڳنڍيل هئي. هن ٽوڙي هئي، اسان ته نه پيا ٽوڙي سگهون!
    پهرين مارچ تي سائين علي دوست ۽ مان عجيب ڪيفيتن جا واچُوڙا کڻي نڪتاسين. هڪ ٻئي کان لنوائيندا، نٽائيندا، اکيون چورائيندا، مٺيءَ پهتاسين- پر پهريون ڀيرو مٺيءَ جي رستن تي بيابان ۾ هجڻ جهڙو احساس ٿيو. عجيب، گومگو، اندران کاڌل کاڌل، سنسان، خوف ۾ ورتل، بي رنگ، خالي خالي ۽ ڏک جو استعارو بڻجي ويل- مٺي!
    رستي ۾ روهيڙا گل جهَليو بيٺا هئا. هلڪا پِيلا، نارنگي، ڪٿي ڪٿي گلابڙي ۽ گيڙوءَ نما! بلڪل صادق جي طبيعت جهڙا! روهيڙن ۾ گل ڏسي ياد آيو، ته هيءَ بهار جي مند آهي، ۽ اها بلاغت جي نَهج تي آهي. ڀِٽن، اکين سان ڀاڪرين پئي، سُرٻاٽ ڪيو: ڏِس! تنهنجي يارَ وڃڻ لاءِ مند به چونڊي، ته ڪهڙي چونڊي!!!!
    مظهرالاسلام جي ناول "مُحبت مُرده ڦولون ڪِي سِمفني" ۾ گلن جو طوفان ٿو لڳي. گهر، گهٽيون، دڪان، بازارون ۽ ڇِتيون گلن سان ڀرجي ٿيون وڃن. اهو منظر ڏسي، هڪ آرٽسٽ جي دل ۾ خيال ٿو جاڳي:
    "خودڪشيءَ جي لاءِ، هن کان بهتر موسم ٻي ڪهڙي هوندي؟"
    پر صادق خوڪشي نه ڪئي هئي- بهار جي ڀَريءَ مُند ۾، هڪ ڀلاري ديس تان هن جي حادثاتي موت جي نڀاڳي خبر آئي هئي، ۽ هزارين حسرت جي موتين ۽ گلابن آپگهات ڪري ڇڏيو هو.
    هڪ پنجابي گيت جا ٻول آهن:
    لال ميرا ڦُل موتيئي دا
    ڦُل موتيئي دا ڪُملايا...
    سوني دا گڙوا، گنگا جَل پاني، نِهاون وَيلي ڪُملايا...
    چُن چُن ڪَنڪران، مَحل اُساران، وسَن دَي وَيلي ڪُملايا...
    لال مَيري دِي ڪِي وَي نشاني، ڪَن وِچ مُندران، گَل وِچ گاني،
    انگ ڀڀَوت لگايا....
    نِي لال ميرا، ڦُل موتيئي دا!!
    صادق جو ايئن مرجهائجڻ، ڪنهن چئنل جي رواجي بريڪنگ نيوز وانگر نه هو. ان حادثي ۽ ان جي اثرن جي تَهه تائين وڃڻو آهي، ته 26 فيبروري 2015 کان وٺي 5 مارچ 2015 تائين جا سڀ ٽي وي چئنل، اخبارون ۽ رسالا ئي ٻيهر ڏسڻا ۽ اٿلائڻا نه پوندا، سڄيءَ دنيا ۾ وهايل ڪروڙين لڙڪ، اٿيل اوڇنگارون، سُڏڪا، صدمي ۾ ورتل دليون ۽ سُن ٿي ويل جذبا به جاچڻا پوندا، جن جو ڪٿي به ڪو ريڪارڊ موجود نه آهي. صادق کي مليل محبت اهو ثابت ڪري ڇڏيو، ته سُورما رڳو سياستدان ۽ وطن لاءِ وڙهندڙ جنگجو سپاهي ئي نه هوندا آهن، نه ئي هيروز رڳو فلمن جا ٿيندا آهن، پر راڳي به سُورما ۽ هيرو ٿي سگهن ٿا- صادق کي مليل محبت راڳين ۽ فنڪارن کي هڪ نئين امتحان ۾ وجهي ڇڏيو آهي. هاڻ هنن کي خبر پئي آهي، ته پيار کپي ته رڳو راڳ ناهي سکڻو، جيئڻ به سکڻو آهي، ماڻهن سان هلڻ به سکڻو آهي، ۽ ڳائڻ کان پوءِ پئسا ڳڻڻ جو هنر اچڻ ڪافي نه آهي، پيار ميڙڻ تي به دسترس هجڻ لازمي آهي.
    صادق جي جدائيءَ بابت اهو چوڻ ته تمام گهڻو ڏکيو آهي، ته ان ڪيترين دلين کي ڀڃي ڀوري رکيو آهي، ڪيترين محبتن جا هانءَ ڇني رکيا آهن، ڪيترن ۽ ڪهڙن ماڻهن مٿان ڪهڙا ڪهڙا پهاڙ ڪيرايا آهن، ۽ ڪنهن ڪنهن جو، ڪهڙو ڪهڙو نقصان ٿيو آهي- جو هن سان محبت ڪندڙ ماڻهن جي جيڪا هڪ نئين دنيا دريافت ٿي سامهون آئي آهي، ان جو پورو پتو خود هن کي پاڻ کي به نه هيو- پر هن جي موڪلاڻي ڪافي نوان سبق ۽ سکيائون پويان ضرور ڇڏيون آهن. هڪڙن ماڻهن جون زندگيون به بي سبب ۽ بي سبق گذري وينديون آهن، ۽ هڪڙن ماڻهن جا موت به ڪنهن پيغام جو درجو رکندا آهن. صادق جي زندگي به هڪ سبق هئي، ۽ ان جي جدائي ان کان به وڏو سبق آهي.
    ان سبق جو پهريون نُڪتو اهو آهي، ته ڪو به فن، آرٽ، ڪاريگري، فنڪاري، تخليقي سرگرمي توهان کي سماج سان ڳنڍڻ ۾ مدد ڪندي آهي، اها جوڙڻ ۽ گهر گهر تائين پهچڻ ۾ مدد ڪندي آهي، اها توهان کي شهرت ۽ مقبوليت بخشيندي آهي، پر عزت توهان کي پاڻ ڪمائڻي آهي- فن توهان لاءِ عزت ڪمائڻ جو ذريعو فقط توهان جي اعليٰ، شانائتي، متوازن، پُرخلوص، سچي ۽ بي لوث ڪردار سبب ئي بڻجي سگهي ٿو. ٻي سکيا اها آهي، ته فن ڏيَڻ، دين ۽ عطا جو نالو آهي، وٺڻ، ميڙڻ، ڦرڻ ۽ محبتن کي پئسن جي فوٽ پٽيءَ سان ماپڻ جو نالو نه آهي. فن محبت وانگر حساب ڪتاب ۽ دنياداريءَ کي ترڪ ڪرڻ سيکاري ٿو. فنڪار وڏو تڏهن ٿئي ٿو، جڏهن اهو ڳڻپ (Mathematic)۾ ڪچو هجي. صادق کي استاد سلامت علي خان سميت اهڙا عظيم راڳي ان ڪري به وڻندا هئا، ته هو چوندو هو، "اهي پاڻيءَ ۾ کنڊ وانگر ايترا حَل ٿي ويا آهن پنهنجي راڳ ۾، جيترو ڪو سچو ٻانهو عبادت ۾ ئي ٿي سگهي ٿو- اهو ئي ڪارڻ آهي، جو کين سئو روپيه کُليا ڪرائي ڏجن، ته ڳڻي به نه سگهندا"- هو پاڻ به ايئن ئي هوندو هو. ڳڻي به سگهندو هو، پر ڳڻڻ نه چاهيندو هو. اهو اڃا به ڏکيو ڪم آهي. ٽين سکيا اها آهي، ته فن جو اصل مقصد ماڻهن کي خوش ڪرڻ، انهن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍڻ، منجهانئن نفرتون گهٽائڻ، رنگ نسل جي متڀيد کي اورانگهڻ، ۽ فطرت ۽ خدا وانگر سڀني کي هڪ ئي اک سان ڏسڻ جو نالو آهي. جيئن هڪ سج ڪولهيءَ جي جهوپڙي، ۽ سيد جي ماڙيءَ مٿان هڪ جيترا ڪِرڻا نڇاور ڪري ٿو، ۽ جيئن هڪ گل فقير ۽ بادشاهه کي هِڪ جهڙي خوشبو عطا ڪري ٿو، فن ۽ فنڪار کي به ايئن ئي هجڻ گهرجي. هڪڙا ماڻهو حمد، ڀڄن، گنان، نعت، مرثيي، نوحي ۽ منقبت وغيره کي مذهبي يا ڪنهن مخصوص مسلڪ جي شاعري سڏي، ان کي پڙهڻ يا ڳائڻ کي به ماڻهن ۾ ويڇن وڌائڻ جو سبب سمجهندا آهن. صادق ان جي ابتڙ ڪيو. هن محرم ۾ جلوسن ۽ امام بارگاهن ۾ مرثيا ۽ نوحا ڳايا، مندرن ۾ ستسنگ ۽ ڀڄن ڳايا، حمد ۽ نعت ڳائي، درگاهن تي منقبتون، مناجاتون ۽ ڪافيون ڳايون.... مختلف پيرن جي مريدن جي فنڪشنس ۾ انهن جي مرشدن جي نيڪيءَ تي ٻڌل، هٿرادو شعر ٺاهي به انهن کي خوش ڪيو... مختلف سياستدانن سان پيار ڪندڙ ماڻهن جي فرمائش تي انهن جي آئيڊيلز تي گيت ٻڌايا.... نفرت نه ورهائي، ڪنهن جي خوشيءَ کي پنهنجي غميءَ جو ڪارڻ نه بڻايو، ۽ ڪنهن جي جذبي جي توهين نه ڪئي، ڪنهن کي خراب نه چيو، ۽ ڪنهن سان به غلط نه ڪيو. ايئن نه هو، ته هو سچ کي سچ نه چئي سگهندو هو، ۽ ڪو مصلحت پسند هو. منهنجو ته خيال آهي ته محرم جي جلوسن ۽ امام بارگاهن سان به هن جي محبت پٺيان ڪا روايتي مذهبي وابستگي نه هئي، ۽ نه ئي هن وٽ شيعت (عام روش موجب) ڪا تَعزيا ۽ عَلم هئي... هن جي شيعت امام حسين عه جي شخصيت هئي، جيڪا هر مصلحت جي مُنهن تي ڪڏهن به نه وسرندڙ چماٽ آهي. جتي جتي هن کي سچ ڳالهائڻ جي ضرورت پيش آئي، هن سموريون مصلحتون ڦاڙي ڦٽي ڪيون. ان لاءِ هڪ ئي مثال ياد رکڻ جهڙو آهي.
    شيخ اياز جي ڀٽ شاهه ۾ تدفين کان پوءِ، صادق، تاجل بيوس جي گاڏيءَ ۾ واپس پئي آيو. گاڏيءَ ۾ تاجل وٽ کائڻ پيئڻ وارو هڪ نوجوان شاعر به موجود هو. ڀٽ شاهه مان نڪرندي ئي، ان نوجوان شاعر صادق کان پڇيو: "سائين، توهان جي خيال ۾ شيخ اياز جي وڃڻ کان پوءِ سنڌ جو وڏي ۾ وڏو شاعر ڪير آهي؟"
    تاجل ڪجهه سڌو ٿي ويٺو، ۽ هن صادق جي جواب کي ٻڌڻ لاءِ پاڻ کي جذباتي انداز ۾ تيار ڪيو- پر صادق جي جواب باقي ڪنهن به جواب لاءِ گنجائش ئي نه ڇڏي. جيتوڻيڪ صادق کي تاجل سان به بيحد پيار هو، ۽ ان جو تمام گهڻو احترام ڪندو هو. صادق چيو: "جهڙيءَ ريت استاد يوسف جي گذاري وڃڻ کان پوءِ اسان سڀ فنڪار وڏا ٿي ويا آهيون، ۽ اسان ۾ ڪوبه ننڍو نه بچيو آهي، ايئن ئي اياز جي گذاري وڃڻ کان پوءِ سنڌ جا سڀ شاعر وڏا ٿي ويا آهن، ڪوبه ننڍو نه رهيو آهي. پر جيستائين اياز هو، اهو ئي وڏو هو، اهو ئي سڀني ۾ وڏو نظر ايندو هو! "
    اهو هو اسانجو صادق!
    ان ڪري هن کي سچ جي به خبر هئي، ۽ ڪٿي ڳالهائڻو آهي، ان جي به خبر هئي، پر هو هڪڙي ٻي ڊيوٽيءَ تي نڪتل هو. هن هڪڙي ٻي ڪمٽمينٽ تي ڪم پئي ڪيو. هن پنهنجي مٿان ڪجهه ٻيا فرض هموار ڪيا هئا. اهي فرض ماڻهپي جا هئا، انسانيت جا هئا، محبتن جا هئا، سنڌ جي حقيقي صوفي فڪر جا هئا، ڪوڙن، نقلي، ڏيکاءَ پسند ۽ نمائشي صوفين جي ڀيٽ ۾ هو سچو پچو صوفي هو. هڪ ڀيري ڄام شورو ڦاٽڪ تي احمد شاهه جو ميلو هجي. رات جو منهنجيءَ هاسٽل تي سائين امداد پنهنجي ايفيڪس ڪار کڻي آيو، ته هلو ته ميلي تي ٿا هلون. صادق چيو، وه وا- ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا کپي. گاڏيءَ ۾ صادق مون سان مشورو ڪيو، ته اتي محفل هجي ته ڇا ڳايان؟ مون چيو ته هڪ ڀٽائي، هڪ اياز ۽ هڪ امداد- ٻه سيد ۽ هڪ شيخ. استاد مُرڪيو. ميلو ڦاٽڪ لڳ، رَيل جي پٽڙيءَ جي ڀرسان پئي هليو، جتي هڪ وڏي ٿَلهي تي ماڻهن جو انبوهه تصوف تي ڪنهن جو خطاب ٻڌي رهيو هئو. اسان داخل مَس ٿياسين، ته خطاب ڪرڻ واري سواليه انداز ۾ ڳالهايو: "ابا! صادق معنيٰ؟"
    ڪنهن جواب نه ڏنو. وري به هن پاڻ ئي ڳالهايو: "صادق معنيٰ سچو.... " صادق ۽ مان احاطي ٻاهران اڃا جُتيون لاهي رهيا هئاسين. مون ڏي ڏسي هن چيو، "استاد ٻڌين ٿو نه- صادق معنيٰ سچو... تنهنجي نالي جي معنيٰ ڇا آهي؟" مون ٻڌايومانس: "اسحاق معنيٰ حق تي قائم رهڻ وارو... " بي ساخته چيائين، "اڙي! ڳالهه ته ساڳي ٿي... " پوءِ ميلي وارا احمد شاهه جو ڪلام ڏئي ويا. صادق ان مان هڪ جي ڌن اتي ئي ٺاهي. جڏهن احمد شاهه جو ڪلام ڳائي ڀٽائيءَ جو شروع ڪيائين، ته ميلي ڌڻي هڪ ٻئي کي ڏسڻ لڳا. صادق ڪلام پورو مس ڪيو ته هڪ همراهه ڊوڙي وڃي کانئس پڇيو: "اوهان وٽ احمد شاهه جو ٻيو ڪو ڪلام آهي؟" هن ٻڌايو، ته "نه. اهو ئي هڪ هو، جيڪو به هتي ئي ٺاهيو اٿم." همراهه چيو، "بس پوءِ، اوهان جي مهرباني. اسان ٻئي فنڪار کي سڏينداسين. " صادق بنا ناراض ٿيڻ جي، پهرين هن کي مسڪراهٽ سان ڏٺو، ۽ پوءِ مون ڏانهن ۽ امداد صاحب ڏانهن ڏسي، واپس لهي آيو. ويهڻ شرط چيائين: "استاد! اڃا ته ڀٽائيءَ جو ڪلام ڳايو هيم، جو هيٺ لاٿائون. تنهنجي مشوري تي امداد صاحب جو به ڳايان ها ته کڻي اڇلائين ها. " امداد صاحب ٽهڪ ڏئي چيو، "رڳو توکي ٿوروئي، توسان گڏ مونکي به کڻي ٻاهر اڇلائين ها... "ايئن هو ڪوڙا صوفي، ۽ ڪوڙا تَڪيا سڀ ڏسيون ويٺو هو، پر هن ڪڏهن به ان کي مائينڊ نه ڪيو، ۽ پنهنجي محبت، خلوص ۽ ڪردار جو شان نه گهٽايو. کيس ندا فاضليءَ جو اهو دوهو به جام وڻندو هو:
    مسجد جاوَي مولوي، ڪويَل گاوي گيت،
    سب ڪِي پُوجا ايڪ سي، اپني اپني رِيت!
    2005 ۾ اسان ٻئي سائين شوڪت حسين شوري جي ڪوششن سان ان قافلي سان گڏ انڊيا وياسين، جنهن قافلي کي سڄي انڊيا ۾ وڏو مانُ سنمان مليو، ۽ اٽڪل 10 شهر گهمڻ جو شرف به حاصل ٿيو. ممبئيءَ ۾ پنهنجي قافلي ۾ مان واحد ماڻهو هوس، جنهن کي ندا فاضليءَ سان ملاقات ۽ ڪچهريءَ جو موقعو مليو. جيم خانه ۾ فنڪشن هو، جتي صادق کي ڳائڻو هو، ۽ اهو ئي وقت مونکي ندا صاحب ملاقات جو ڏنو هو. مان هن سان ملي آيس ته صادق مون تي ناراض ٿيو، ته تو مونکي ڇو نه ٻڌايو. مون چيو، توکي هتي ڳائڻو هو...چيائين: ڳايون ته سڄي عمر پيا، ندا سان ڪهڙو روز ملڻ ٿيندو. پوءِ اسان دهليءَ ۾ امير خسرو، غالب، اجمير ۾ خواجه غريب نواز جي مزارن تي گڏ ئي وياسين. غالب جي مزار تي چيائين: " استاد، هتي غالب جو قدر نه اٿئي. پاڻ وٽ هجي ها ته ڀٽائيءَ جهڙو مقبرو ٺهرايونس ها، ۽ روزي جي ٻُهاري به ڪڍونس ها. " اتفاق سان ممبئيءَ ۾ ئي صادق جو هڪ ڳوٺائي دوست کاٽائو گوماڻي اسان کي ملي ويو. صادق هن کان فرمائش ڪئي ته ڪيئن به ڪري اسان کي لتا سان ملاءِ. نيٺ هن هِتان هُتان ڳولائون ڪري ايڊريس هٿ ڪئي، ۽ اسان کي لتا جي فليٽ پرڀو ڪونج تائين پهچايو. اتي پهچي صادق جي جيڪا ڪيفيت ۽ حالت هئي، سا نه خواجه اجمير جي درگاه تي مون ڏٺي، نه امير خسرو تي، نه آگري ۾ تاج محل تي ۽ نه جهانگير جي مقبري تي. عجيب بي چيني، جذباتيت، سَرخوشي، ڄڻ ڪو ٻار ميلي ۾ آيو هجي. فليٽ جي هيٺان ويٺل عملي، مٿي فون ڪري لتا جي سيڪريٽري کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان جي علائقي سنڌ مان ڪي ماڻهو لتا ديديءَ سان ملڻ آيا آهن. لتا جي سيڪريٽري پهرين فون تي ڳالهايو، ۽ پوءِ هيٺ اچي ٻڌايائين ته ديدي پوني پنهنجي اسپتال وِزٽ ڪرڻ ويل آهي. صادق جي سڄي خوشي مرجهائجي وئي. هن رُنو سو ڪونه، باقي ڏک ايڏو هوس، جيڏو هارائجي وڃڻ تي ٿيندو آهي. هن لتا جي سيڪريٽريءَ کي چيو: "لتا جِي کي ٻڌائجو، سنڌ مان اوهان سان اهو ماڻهو ملڻ آيو هو،جيڪو دنيا ۾ توهان سان سڀ کان وڌيڪ پيار ٿو ڪري. "
    صادق جي گيتن، آلاپن، آواز جي اثر ۽ موسيقيءَ ۾ هن جي ڪنٽريبيوشن تي ماڻهو ڳالهائيندا رهندا، سنڌ جي لوڪ ۽ جديد موسيقيءَ کي هم آهنگ بڻائي، هن نئين شاعريءَ جي مَڌ سان جيڪي دلڪش نشا آڇيا آهن، تن جا خمار پنهنجا آهن، ۽ سڀني کان منفرد به آهن. مون موجوده دور ۾ ڪنهن سنڌي راڳيءَ وٽ نه اهڙو آلاپ ٻڌو آهي، نه اهڙي صدا ڏٺي آهي. خاص طور درٻاريءَ ۾ هو جڏهن "آ ...... " ڪندو هو، ته هن جو آلاپ آسمانن سان ٽڪرائجندي محسوس ٿيندو هو. پر هن کي پنهنجي آواز، انفراديت، فن ۽ شهرت ڪڏهن به نه مغرور ڪيو، نه ڪنڌ ۾ ڪِلي وجهڻ ڏني. هو هميشه نمي کمي هلندو رهيو، ۽ خاموشيءَ سان دلين جا نوان نوان علائقا فتح ڪندو رهيو. هن ۾ راڳين واريون خونيون ته سڀ هيون، خرابي ڪابه نه هئي، نه عورت، نه شراب، نه ڏيکاءُ، نه ڪا ٻي عياشي ،منجس خوبيون ئي خوبيون هيون، خرابي ڪابه نه هئي. هن جي خاص ۽ شعوري ڪمائي، هن پاران هر قسم جي تنگ نظري، نفرت ۽ انتهاپسنديءَ کي رد ڏيڻ هو. اياز جيڪو ڪم شاعريءَ کان ورتو، صادق اهو موسيقيءَ کان ورتو. هن بنا تبليغ جي، بنا دعويٰ جي، بنا بيانن جي، خاموشيءَ سان هڪ تحريڪ وانگر پنهنجو ڪم سرانجام ڏنو. اهو ڪم ڀٽائيءَ، سچل ۽ ڪبير جي پيغام کي گهر گهر، ور ور پهچائڻ جو هو... صاحب ميرا ايڪ هي..... ڪيَڙو مست پرينءَ جي ناز مونکي، وِسريو روزو، نه ياد نماز مونکي.... مان هان انسان جي پاسي.... هي خدا ۽ خوديءَ سان ٺڳي، اي نمازي ڇڏين ڪو نه ٿو....
    اسان صادق کي جيترن ڪَلرس(colors) ۾ ڏٺو آهي، ايترا ڪَلر انڊلٺ ۾ نه هوندا آهن، مورَ جا پرَ انهن کي حسرت مان ڏسڻ لڳن، روهيڙي جي گلن کي به انهن تي پيار اچي وڃي- ۽ هن ِييري جڏهن صادق پنهنجا ساهَه مڪي مديني وارن وٽ ڇڏي، پنهنجي مٽي، پنهنجي وطن جي واريءَ سان هڪ ڪرڻ لاءِ هڪ ايمبولينس ۾ ٿر جي ڀٽن منجهان ٿيندو، مٺيءَ تائين پهتو، ته روهيڙو پنهنجي ڦوهه جوڀن تي هيو... ۽ صادق جي ان واپسيءَ ۽ ماڻهن جي جذبن جي رنگن کي سمجهڻ ته روهيڙي جي وس جي ڳالهه به نه هئي... پر صادق جو روح يقينن خوش ٿيو هوندو، جڏهن مٺيءَ جي رستن تان سندس خاموش وجود کڻي گذرندڙ ايمبولينس مٿان مندرن، امام بارگاهن، مسجدن ۽ گهرن تان گلاب سان گڏ روهيڙي جا گل به نڇاور ڪيا ٿي ويا....
    صادق ٻڌائيندو هو، جڏهن استاد امانت علي خان گذاري ويو ته استاد فتح علي اڪيلو ڳائڻ لڳو. اڳ ۾ ته هر ڪو پنهنجو پنهنجو حصو ڳائيندو هو، پر بعد ۾ جڏهن ڀاءُ جو حصو به استاد فتح عليءَ کي پاڻ ڳائڻو پئجي ويو، ته ان کان پهرين ڳائڻ بند ڪري، ڇُلڪيل اکين ۽ سُڏڪي سان ڳوهيل آواز ۾ چوندو هو: ايسي ميرا بهائي گاتا تها...
    جڏهن سهڻي صادق جي وڃڻ کان پوءِ، مون سندس ٻن صالح، سمجهدار، سلڇڻن ۽ تمام گهڻي همت رکندڙ قابل فرزندن نزاڪت علي ۽ راحت عليءَ کي ٻڌو، ته سچ به منهنجي حالت استاد فتح عليءَ جهڙي ٿي وئي. خوشي ۽ ڏک هڪ ٻئي سان ڀاڪرين پئجي ويا، ۽ اهو ئي جملو منهنجيءَ دل مان به چِيرجي نڪتو..... " ايئن ته اسان جو ڀاءُ ڳائيندو هو... "
    رات سارس ٻوليا، دريا مٿي دَنگ...

    شال ڌڻي مٿن مهر ڪري، کين ڪوسو واءُ نه لڳي ، ۽ پنهنجي محبوب والد کي مليل مان ۽ محبتن جا امين ۽ سچا وارث بڻجن !

    اسحاق سميجو
    ڄام شورو


    زندگي نامو

    صادق حيدريءَ کان صادق فقير تائين : فقير منور ساگر

    سنڌ ڌرتيءَ جي ازلي پڪار سمجهيو ويندڙ آواز، ٿر جي ڀٽن کان ٿيندو دنيا جي مختلف ملڪن تائين پهتو- ۽ هوريان هوريان ان آواز پنهنجي فطري ميٺاڄ، ڪشش ۽ سونهن سان سنڌ کان سواءِ سڄيءَ دنيا ۾ موجود سنڌين جي دلين ۾ جاءِ جوڙي ورتي. جڏهن ان آلاپ سان ماڻهن جي ذاتي شناسائي شروع ٿي، ته اهي اهڙي آلاپ سان گڏ، خود صادق جي شخصيت ۾ موجود فقيريءَ ۽ وڏماڻهپائيءَ جا به مداح ٿي پيا. جيترو پيار ۽ محبت صادق کي نصيب ٿيو آهي، ان جي ڪو ماڻهو حسرت ئي ڪري ٿو سگهي.

    ڪنهن به نه ڄاتو هو ته هو ائين سڀني کي اڪيلو ڪري مَّڪي جي اُن مقام تي خالق حقيقي جي حضور ۾ حاضر ٿيندو، جتي قيامت جي ڏينهن سڀني مُردن کي اٿاريو ويندو. هي اهو راڳي هو جنهن کي سنڌ جي ماڻهن صادق فقير جي نالي سان سڃاتو ٿي. ٿر جي منڱڻهار خاندان جي تپيدار فيض محمد جي گهر ۾ 20 مارچ 1963 اربع جي ڏينهن تي مٺي جي سونارا محله ۾ اک کوليندڙ ٻار( رڪارڊ ۾ 20 مارچ 1964 آهي، پر ڏينهن اربع جو ناهي. ان ڪري صحيح تاريخ 1963 واري آهي) جيڪو ڪنهن الستي فقير جي دعا سان تپيدار فيض محمد کي مليو، ۽ هن جي ساڄي پاسي ۾ لسڻ جو داغ هجڻ ڪري تپيدار فيض محمد کي اهو الستي فقير ياد اچي ويو، جنهن سال کن اڳ نئون ڪوٽ ۾ دوستن سان گڏ ويٺل هجڻ وقت صدا هڻي چيو هو ته هَن کي سيرمَٽِي جي سَڪ آهي. ڇاڪاڻ جو ان وقت فيض محمد کي ڪو نرينو اولاد ڪونه هو. تپيدار هُن الستي فقير کي الله جي راهه ۾ خيرات ڏني هئي ۽ ان وقت هُن فقير چيو هو ته توکي هاڻ پٽ ٿيندو. ان پٽ جي ساڄي پاسي لسڻ هوندي جي اها نشاني هجي ته ان جو نالو صادق رکجان. ۽ تپيدار ان پُٽ جو نالو صادق علي رکيو ۽ پوءِ ان فقير جي تپيدار سڄي عمر ڳولا ڪئي، پر هو الستي فقير نه مليو. ننڍڙو صادق پنهنجي پيءُ جو انتهائي گهڻو دادلو هو ۽ هُن جي هر فرمائش سندن والد پوري ڪئي ٿي. صادق فقير شروعاتي تعليم مٺي ۽ ڏيپلو مان حاصل ڪئي ۽ مئٽرڪ جو امتحان 1981 ۾ ميرواهه گورچاڻي مان پاس ڪيو. ڇاڪاڻ جو پيءُ تپييدار هجڻ ڪري جتي بدلي ٿيندي هئي، اتي پنهنجا ٻار پڙهائيندو هو. ان ڪري صادق پنهنجي بچپن جو ڳچ حصو ڏيپلو ۽ مٺي ۽ ميرواه ۾ گذاريو. ميرواهه ۾ سندس ناناڻن جو گهر به هو. صادق جو والد تپيدار به شوق ۾ ڳائيندو هو. ان ڪري اها ميراث صادق جي به حصي ۾ آئي ۽ ٻيو وري منڱڻهار گهراڻي سان تعلق هجڻ به ان فن کي هٿي ڏني. صادق فقير جو مامو حسين بخش منڱڻهار به ٿر جي بهترين گائڪن ۾ شامل هو، ۽ ٿر جو بهترين موسيقار (ڪمپوزر) به هو. صادق ننڍپڻ کان ئي شرميلي ۽ سٻاجھي طبيعت وارو سلڇڻو ٻار هو، پر هُن کي ڳائڻ جو ننڍي هوندي کان ئي شوق هو . اسڪول واري زماني ۾ ڪو ڪٿي ڳائڻ لاءِ چوندو هو ته هو ڳائڻ اڌ ۾ ڇڏي ڀڄي ويندو هو .
    1982 ۾ مٺي ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران ڪاليج جي استاد سائين پرشوتم واسواڻيءَ چيو هو ته منڱڻهار جو ٻار روئندو ته به سُر ۾- بقول صادق جي ته مون کي ڳائڻ ۾ همٿ سائين پرشوتم ٻڌرائي. جيڪڏهن سائين پرشوتم همث نه ڏياري ها ته آئون ڳائي نه سگهان ها. ڪاليج جي ڪنهن فنڪشن ۾ صادق پرشوتم واسواڻيءَ جي فرمائش تي "ٻڌائيان مان ڪنهن کي غم جو فسانو، آهي بي وفا هي سارو زمانو". صادق گيت ڳاتو ته واهه واهه ٿي وئي. 1983 دوران صادق فقير کان پيءُ جي ڇانءَ هميشه لاءِ کسجي وئي، جنهن ڪري سدائين موجن ۾ رهندڙ صادق فقير کي ڪجهه ڏکيا ڏينهن به ڏسڻا پيا. پيءُ جي شفقت کان محروم بڻيل صادق جي تعليم به متاثر ٿي، ۽ انٽر پاس نه ڪري سگهيو. اهڙين حالتن ۾ گهر هلائڻ لاءِ هن مٺِي جي بس اسٽينڊ تي ڪيبين کولي، پر اها ڪيبن ڪو گهڻو وقت نه هلي. ڪنهن سياسي جلسي ۾ وڃڻ ڪري اها ڪيبن کليل ئي رهجي وئي ۽ سامان ماڻهو کڻي ويا. پوءِ صادق سلطان آباد ۾ ڪاٽن فيڪٽريءَ تي ڪجهه عرصو ملازم طور ڪم ڪيو. 1985_1984 دوران تاج جويو به مٺيءَ ۾ ليڪچرر ٿي آيو. حاجي محمد دل ۽ سائين پرشوتم واسواڻي اڳ ۾ ئي مٺيءَ ۾ ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين جا روح روان هئا، تاج انهن سان گڏجي انهن سرگرمين کي وڌيڪ بهتر بڻايو. انهن ڏينهن ۾ مٺيءَ ۾ اسٽيج ڊرامن جو رواج شروع ٿيو هو. ڪو ڊرامو پئي ٿيو ۽ ان ۾ نوجوان فنڪار جي ضرورت هئي. اهو ڪم ڪريم فقير تي رکيو ويو ۽ ڪريم فقير سلطان آباد وڃي صادق فقير کي وٺي آيو. بقول ڪريم فقير جي ته صادق مٺي اچي ڳائڻ لاءِ تيار نه هو، پر منهنجي بيحد اصرار تي هو مٺيءَ آيو ۽ ڊرامي "آس نراس" ۾ هن امولک امر، جيڪو مٺِي جو لوڪل شاعر هو، تنهنجا ٻول "موهن مونکان رسڻ ڇڏي ڏي" ڳايو ، جنهن صادق کي مٺِي ۽ آس پاس جي علائقي ۾ نروار ڪري ڇڏيو. هن جو آواز ماڻهن جي دلين ۾ داخل ٿي ويو. ڊرامي ۾ ويٺل ماڻهن جو چوڻ آهي ته ڊرامي دوران جڏهن مٿيان ٻول صادق جي آواز ۾ سُرن جو روپ ڌاري ماڻهن جي سماعتن تائين پهتا ته ماڻهن بي اختيار روئي ڏنو . ائين صادق جي فني دنيا ۾ داخلا ٿي. ان وقت هن سان ڍولڪ تي سنگت ۾ ڪريم فقير گڏ هوندو هو ۽ مٺي، نئون ڪوٽ ۽ آس پاس جي علائقن ۾ صادق جا ننڍا وڏا پروگرام ٿيڻ شروع ٿي ويا .

    صادق موسيقيءَ جي سکيا پنهنجي مامي حسين فقير کان ورتي، جيڪو ڳچ عرصو صادق فقير سان گڏ باجو پڻ وڄائيندو هو . صادق پپو ڪوٽڪ ۽ ڪريم فقير جي گهڻي اصرار تي پهرين ڪيسٽ رڪارڊ ڪرائي، جيڪا پپو ڪوٽڪ ڪئي ۽ ان ڪيسٽ تي صادق پنهنجو نالو ’صادق حيدري‘ طور لکرايو، جيڪا ڪيسٽ پڻ ٿر ۾ سٺي هلي. مٺِيءَ ۾ رهڻ دوران صادق پنهنجي تعليم پڻ جاري رکي ۽ پرائيويٽ طور مٺِي ڪاليج مان انٽر جو امتحان 1986 ۾ پاس ڪيو. مٺِيءَ ۾ تاج جويو ۽ پريم شواڻي جي صحبت به صادق فقير کي ادبي ذوق طرف ڇڪيو، جنهن جي ڪري هن جي شاعريءَ جي سليڪشن به ادبي ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ رهي. ان ڳالهه جو اثر صادق تي سڄي زندگي رهيو. هن ڪڏهن به ولگر شاعري جي چونڊ نه ڪئي. جيڪا به شاعري هُن جي دل کي وڻي ويندي هئي، اها ڳائيندو هو .
    صادق ٿر پروڊڪشن ۾ ان عرصي دوران هڪ ڪيسٽ پڻ رڪارڊ ڪرائي، جيڪا صادق جي ڪنهن پروڊڪشن جي پهرين ڪيسٽ هئي. ان ڪيسٽ ۾ صادق پنهنجو نالو صادق حيدري بجاءِ نالو صادق سنڌي لکرايو، جنهن ۾ هن پنهنجي شاعري به ڳائي هئي- پر ڪيسٽ جو مقبول ڪلام مٺِيءَ جي شاعر امولک نائيءَ جو ٿيو، جنهن جا ٻول هئا:"نصيبن وارا نڪي ڏوهه تنهنجو، مقدر ڦٽل آ سڄڻ يار منهنجو". ايئن صادق حيدريءَ مان صادق سنڌي پنهنجي مقبوليت جي هڪ سيڙهي وڌيڪ چڙهي، فن جي بلنديءَ ڏانهن پرواز ڪرڻ لڳو. صادق پنهنجي فن جي شعبي ۾ محنت جاري رکي.
    1986 ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد پاران ٿر جي فنڪارن کي سليڪٽ ڪرڻ لاءِ هڪ پروگرام آرٽس ڪائونسل ۾ رکيو، جنهن ۾ صادق فقير بهترين گلوڪار طور پهرين نمبر تي چونڊيو ويو. جنهن بعد صادق فقير کي ريڊيو تي انٽري ملي وئي ۽ پروڊيوسر نصير مرزا صادق فقير جو ريڊيو تي پهريون لوڪ گيت "پايل موري باجي رمجهم رمجهم" ۽ ٻيو لوڪ گيت "رومال مارو رنگيو" رڪارڊ ڪيو. انهن لوڪ گيتن جو موسيقار ۽ شاعر صادق فقير جو مامو ۽ استاد حسين فقير هو .
    1988 ۾ شمشير الحيدري معرفت پاڪستان ٽيليويزن ڪراچيءَ جي پروگرام ’ڪچهريءَ‘ ۾ پنهنجو آواز رڪارڊ ڪرايو. 1988 ۾ ئي لوڪ ورثه جي دعوت تي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ اسلام آباد ويو، جتي به صادق فقير کي پهريون نمبر مليو ۽ ٻئي ڏينهن تي انعام ملڻو هو ته اسلام آباد ۾ اوجڙي ڪيمپ وارو واقعو پيش آيو. صادق فقير سميت سمورن فنڪارن پنهنجي حياتي بچائڻ لاءَ ڪيتروئي پنڌ ڪري ڪنهن پٺاڻن جي ڪئمپ ۾ وڃي پناهه ورتي ۽ اهو واقعو صادق جي زندگيءَ جي خطرناڪ ترين واقعن مان هڪ هو، جتي هن موت کي پنهنجي اکين سان ڏٺو هو ، ۽ جنهن جو هن ذڪر پنهنجن ڪيترن ئي انٽرويوز ۾ پڻ ڪيو آهي،
    صادق کي فقير شير محمد بلالاڻي، جيڪو ٿرپارڪر ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو اهم اڳواڻ آهي ۽ صادق جو ويجھو دوست آهي، تنهن تعليم کاتي ۾ نوڪريءَ جو آرڊ ڏياريو. صادق 18 نومبر 1989 ۾ فضل ڀنڀرو جي هاءِ اسڪول ۾ پي اي ٽي طور نوڪري جوائن ڪئي. پ پ حڪومت دوران صادق پنهنجي ٻن ڀيڻن کي تعليم کاتي ۾ نوڪريون وٺي ڏنيون. نوڪريءَ دوران ئي صادق 1990 ۾ گريجوئيشن ڪئي. موسيقيءَ جي ميدان ۾ صادق هاڻ پنهنجو پاڻ ملهائڻ لڳو هو. هو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ادبي توڙي سياسي پروگرامن ۾ وڃڻ لڳو. ۽ صادق جي گهر جون مالي حالتون به بهتري ڏانهن وڌڻ لڳيون.
    صادق جو 1991 دوران حيدرآباد جي لطيف آباد واري علائقي جي ڪنهن پروگرام ۾ وڃڻ ٿيو. ان زماني ۾ ريڊيو جو عروج هو. صادق ان وقت جي ريڊيو پروڊيوسر ڪوثر ٻرڙي سان مليو. ساڻس ڪريم فقير به گڏ هو. بقول ڪريم جي ته ڪوثر اسان ٿري فنڪارن سان ڳالهائڻ لاءِ تيار نه هو. صادق ان وقت هڪ نئون ائٽم رڪارڊ ڪرائڻ پئي چاهيو، جنهن جي ڪمپوزيشن صادق ۽ سندس مامي استاد حسين فقير ڪئي هئي. ڪريم فقير چواڻي ته اسان جي گهڻي اصرار تي هن صادق کي بنا سازن جي ڳائڻ لاءِ چيو ته صادق اياز گل جي وائيءَ جا ٻول "توکان ٿيندي ڌار، کلندي کلندي يار، لڙڪ لڙي پيا لاڙ ڪري" جُهونگاري ٻڌايا. صادق جو سريلو آواز ڪوثر جي دل ۾ لهي ويو. هن ان وقت ئي ريڊيو جي سازندن کي گهرائي، صادق فقير جي وائي رڪارڊ ڪئي.
    هيءَ وائي جيئن ريڊيو تي هَلي ته صادق فقير جو آواز سنڌ جي جهر جهنگ ۾ ڦهلجي ويو. هن وائي نه صرف صادق حيدري ۽ صادق سنڌي طور ڪيسٽون جاري ڪندڙ فنڪار کي صادق فقير طور مشهور ڪيو، پر صادق فقير کي شُهرتَ جي بلندين ڏانهن کڻي وئي ۽ هن وائي جي تخليق ڪار شاعر اياز گل کي به سموري سنڌ ۾ مقبول ڪري ڇڏيو، ائين صادق فقير سنڌ جي سريلن فنڪارن جي سر فهرست واري لسٽ ۾ اچي ويو. ائين صادق فقير موسيقي جي دنيا ۾ هڪ جرڪندڙ ستاري جيان پنهنجو سفر جاري رکيو ۽ سنڌ جي ڀلوڙ شاعر شيخ اياز کي ڳائڻ لڳو ۽ اياز جو ڪلام "سخي پيا کي ملين ته چئجان چاندني توسوا نه ٿيندي"پڻ ريڊيو تي رڪارڊ ڪرايو ته هر طرف واهه واهه ٿي وئي، صادق سنڌ جي ادبي پروگرامن به اياز جي ڪيترن ئي ڪلامن کي بهتر انداز ۾ ڳائڻ لڳو ۽ هڪ پروگرام ۾ سيخ اياز هن کي ٻڌو ته هن پنهنجي ڪتاب "ڪٿي ته ڀچبو ٿڪ مسافر" جي چوٿين جلد ۾ صادق لاءِ لکيو آهي ته منهنجي شاعريءَ کي جنهن آواز جي ضرورت هئي، اهو صادق فقير جي روپ ۾ مونکي ملي ويو آهي ۽ پوءِ صادق کي اياز جي گائڪ طور به سڃاڻپ ملي. صادق جيترو اياز کي ڳايو آهي، اوترو ڪنهن به فنڪار اياز کي نه ڳايو آهي. انهيءَ عرصي دوران صادق فقير ۽ ڪريم فقير شيخ اياز سان ملاقات ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ به ويا ۽ شيخ اياز سان ملاقات پڻ ڪائون.
    صادق فقير 26 جنوري 1992 تي فقير برادريءَ جي معزز شخصيت حاجي محمد سبحان فقير جي ڌيءُ سان نمن جي شهر اسلام ڪوٽ ۾ لائون لڌيون ۽ شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويو. صادق جڏهن گهوٽ ٿي ڄڃ وٺي اسلام ڪوٽ آيو ته اها اسان جي برادريءَ جي پهرين بارات هئي جنهن ۾ آتش بازي ٿئي هئي. مون صادق کي پهريون ڀيرو گهوٽ جي صورت ۾ ڏٺو هو ۽ مون کي صادق فقير جو ننڍو سالو هجڻ ڪري گهوٽ سان گڏجي ماني کائڻ ۽ ٻيون رسمون ادا ڪرڻ جهڙوڪ کير پيارڻ ،نڪ جهلڻ، پير پکارڻ جو موقعو به مليو- ۽ هن مون کي بيحد پيار ڏنو هو. ان وقت منهنجي عمر 11 سال کن هئي. آئون ڇهين ڪلاس جو شاگرد هئس. ايئن صادق فقير سان روح سان گڏ رت جو رشتو به جڙي پيو. مسلسل مٺِي اچڻ يا سلام ڪوٽ ۾ صادق جو اچڻ پيو ٿيندو هو ۽ اسان ابتدا کان ئي هن جو ادب ۽ احترام ڪندا هئاسين. اهو ادب ۽ احترام وارو رشتو سموري حياتي هن سان قائم ۽ دائم رهيو. نه هن ڪڏهن ڪنهن سان بحث مباحثو ڪيو، نه اسان هن جي روبرو ڪڏهن بحث ڪيو. هو طبيعتن سادو ۽ سٻاجهو ۽ گهٽ ڳالهائو هوندو هو.
    سنڌ جي هن البيلي راڳي 1993 ۾ سنڌيءَ ۾ ايم اي ڪئي ، ۽ هڪ دفعو پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پڻ ڏنو، پر ڪليئر نه ڪري سگهيو. مون کي ياد آهي ته آئون 1997 ۾ حيدرآباد ۾ پڙهندو هئس. صادق فقير ۽ نوراحمد جنجهي منهنجيءَ جاءِ تي آيا هئا. نور احمد جنجهي مٺارام هاسٽل تي ٻئي ڏينهن تي پبلڪ سروس ڪميشن جي ٿيندڙ امتحان جي تياري ڪرڻ لاءِ هليو ويو، پر صادق منهنجيءَ جاءِ تي دوستن سان ڪچهريءَ ۾ گذاري ۽ صبح جو امتحان ڏيڻ ويو- پر پاس نه ٿي سگهيو .
    صادق فقير 1998 ۾ شيخ اياز جي "الوداعي گيتن" تي ٻڌل البم جاري ڪيو، جنهن البم رڪارڊ ڪرائڻ ۾ بخشڻ مهراڻويءَ اهم ڪردار ادا ڪيو. بخشڻ زور نه ڀري ها ته شايد هي البم رڪارڊ نه ٿي سگهي ها. صادق فقير ۽ بخشڻ مهراڻوي هيءَ ڪيسٽ رڪارڊ ڪري، رات جو دير سان حيدرآباد ۾ ٽنڊي ولي محمد واري منهنجيءَ جاءِ تي اچي آرامي ٿيا هئا. حيدرآباد ۾ منهنجي جاءِ تي صادق فقير جي اچڻ جي ڪري ڪيترائي ادبي دوست ايندا رهندا هئا. ڪيئي ڀيرا مون ڪيسٽ ڪمپنين وارا به ايندي ڏٺا ته فقير سائين جيترا پئسا گُهر ايترا ڏيون ٿا، پر ڪيسٽ ۾ ڪلام اسان جي مرضيءَ جا ڳاءِ- پر هن باضمير فنڪار ڪڏهن به ساڻن ان ڳالهه تي سودو نه ڪيو ۽ سدائين چوندو هو ته ڪيسٽ ۾ ڪلام جي سليڪشن منهنجي مرضيءَ جي هوندي، پئسا توهان جي مرضيءَ جا هوندا.
    سنڌ جي هن مهان راڳي 2001 دوران سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ بي ايڇ پي اي ڊي جو ڪورس ڪرڻ لاءِ داخلا ورتي ۽ هڪ سال تائين پنهنجي جگري يار اسحاق سميجي جو روم پارٽنر ٿي رهيو. اهو امتحان هن 2002 ۾ پاس ڪيو. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ رهڻ دوران هن اتي ڪيترائي پروگرام پڻ ڪيا ۽ پنهنجي البيلي آواز جي آلاپن سان محفلن کي منڊيو. هن جي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺڻ وقت هن سان اسحاق سميجي ڪجهه دوستن سان گڏجي، 14 فيبروري 2002 تي سنڌالاجيءَ ۾ هڪ يادگار شام "محبتن ڀري شام صادق فقير جي نانءِ" طور ملهائي هئي، جنهن ۾ نصير مرزا صادق جي فن تي ڳالهايو هو، وائيس چانسلر مظهر صديقي هن کي اجرڪ اوڍايو ۽ گلدستو پيش ڪيو، ۽ باقي سڄو وقت صادق ڳايو. يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ وارن ڏينهن ۾ اسحاق، امداد حسيني ۽ صادق گڏجي، هر چوڏهين چانڊوڪيءَ تي علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي مزار جي آڳنڌ تي هڪ ادبي محفل رچائڻ شروع ڪئي. اها محفل پنهنجي نوعيت جي يادگار محفل هوند هئي، ۽ اٽڪل ٻن سالن تائين جاري رهي. هر چوڏهينءَ تي ٿيندڙ ان محفل ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي استادن ۽ شاگردن سميت عبدالقادر جوڻيجو، شوڪت حسين شورو، امداد حسيني، آغا رفيق، محمود مغل، طارق عالم، ناز سهتو، منظور ميراڻي، علي حسن ملاح، اڪرم انصاري، محب لغاري، شاهد شيخ سميت ڪيئي لکڻ پڙهڻ وارا نوجوان ۽ سينئر ماڻهو شريڪ ٿيندا هئا.
    ان ڪورس ڪرڻ جي ڪري صادق فقير کي 16هين گريڊ ۾ پروموشن مليو ۽ آخري سفر تي وڃڻ کان چند مهينا اڳ هو ڊائريڪٽر فزيڪل ٽريننگ مٺي مقرر ٿيو هو. اها پوسٽ تعليم کاتي جي ڊي اي او اسپورٽس جي هيٺ اچي ٿي ۽ آخر تائين انهيءَ پوسٽ تي رهيو. هو سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن مٺِيءَ جو صدر به هو. اڪثر دوستن وچ ۾ مذاق ۾ چوندو هو ته "پاڻ هن تنظيم جا تاحيات صدر آهيون" ۽ اهو جملو هن جو سچ به ثابت ٿيو . صادق مٺِي جي سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري به رهيو ۽ سنڌ فنڪار ٽرسٽ جو به عهديدار هو.
    هو غريبن جو تمام گهڻو هڏ ڏوکي هوندو هو. هو پنهنجي ڪنهن به دوست کي ڏکيو ڏسندو هو ته ان جي مالي مدد ڪندو هو ۽ ڪيترن ئي ويجھن دوستن کي هن ڪاروبار ڪرڻ ۾ پڻ پئسي جي مدد ڪئي. هن پاڻ ڏک ڏٺا هئا، ان ڪري هو هر ڪنهن کي خوش ڏسڻ چاهنيدو هو .
    صادق فقير سنڌي موسيقيءَ جو اهو نرالو راڳي هو، جنهن جي شاعريءَ جي سليڪشن سڀني کان بهترين ۽ منفرد هئڻ سان گڏ تمام گهڻي پڻ هئي. هو غير معياري شاعري ڳائڻ پسند نه ڪندو هو. باقي ننڍي وڏي شاعر جي تفريق نه رکندو هو. مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي، جڏهن اسان 2001 ۾ هڪ ادبي پروگرام ڪيو هو. ان ۾ مشاعرو به هو. صادق ان مشاعري ۾ شريڪ هو. اتي اسان جي دوست گلاب هڪ بهترين نظم پڙهيو هو ۽ اهو نظم صادق کي پسند آيو هو. هن گلاب کي چيو هو ته اهو نظم مون کي ڏي، آئون ڳائيندس- پر گلاب اهو نظم شايد نه ڏيئي سگهيو . ڏئي ها ته هو ضرور ڳائي ها.
    سنڌ جو هي سريلو ۽ صوفي منش گائڪ نه صرف فنڪار هو، پر هو هڪ مڪمل انسان به هو. هن موسيقيءَ جي ميدان ۾ ڪڏهن به وڏو جمپ هڻڻ جي ڪوشش نه ڪئي. استاد سلامت علي خان کي انتهائي گھڻو پسند ڪندو هو ۽ ان سان ملڻ لاءِ لاهور به ويو. هن کي لتا سان ملڻ جي به وڏي خواهش هئي. 2005 ۾ اديبن ۽ فنڪارن جي وفد سان هو جڏهن انڊيا ويو ته صادق، اسحاق اتي رهندڙ دوست کاٽائو گوماڻي سان گڏجي لتا جي گهر به ويا، پر لتا پُوني ويل هئي. اسحاق ٻڌائي ٿو ته صادق لتا جي سيگريٽريءَ کي چيو، "لتا کي ٻڌائجو ته توهان سان هڪ اهڙو ماڻهو ملڻ آيو هو، جيڪو اوهان سان دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پيار ٿو ڪري." ايئن ئي هو استاد فتح علي خان سان مليو ۽ هن جي سامهون ڳايائين به.
    سدائين مرڪندڙ هي سنڌ جو البيلو راڳي حافظ نظاماڻيءَ جي ڪلام "ڪو آ رحمان جي پاسي ڪو ڀڳوان جي پاسي، آئون سجدو انهيءَ کي ڏيان جيڪو انسان جي پاسي" وڏي شوق سان ڳائيندو هو. هن ان ڪلام کي ايترو ته ڳايو جو ڪو مُلون هن جي مخالفت ڪرڻ جي جرئت نه ڪري سگهيو. هن ته مندرن ۽ آشرمن ۾ دل سان ڀڄن پڻ ڳاتا. ايتري تائين جو هن رامائڻ جا مڪمل ڀڄن به ڳايا آهن. هن شاهه لطيف، سچل سرمست، شيخ اياز، امداد حسيني، استاد بخاري، نياز همايوني، آڪاش انصاري، اياز گل، ادل سومري، حسن درس، اسحاق سميجي، سائينداد ساند، علي دوست عاجز، اقبال رند، ايوب کوسي، خليل ڪنڀار ممتاز نهڙي، فيضو فراقي، سميت هندي، سرائيڪي ۽ اردو جي شاعرن ڪبير، ميران، بابا بلي شاهه، خواجه غلام فريد، مرزا غالب، فيض احمد فيض، احمد فراز سميت ڪيترن ئي شاعرن کي ڳايو آهي. هو اڪثر محفلن ۾ اردو شاعريءَ کي شوق سان ڳائيندو هو. ڪو اردو ڪلام ٻڌڻ جي فرمائش ڪندو هو ته هو چار اردوءَ جا ڪلام ٻڌائي ويندو هو. صادق فقير مون وٽ اسلام ڪوٽ ۾ 3 فيبروي واري رات محفل ڳائي هئي، جيڪا صادق جي شايد ادبي دوستن وٽ ۽ اسلام ڪوٽ جي آخري محفل هئي. هن محفل ۾ فاروق سومرو(ايڊيٽر سنڌ ايڪسپريس)، ذوالفقار هاليپوٽو، اسحاق منڱريو، مهيش ڪمار ، جاويد ملڪ، فقير سليم، ارباب احسان، ڀڳوان ڀيل، جي اين مغل، ڪلديپ لوهاڻو، اسماعيل بجير ۽ ٻيا شامل هئا، جنهن ۾ صادق دل سان ڳاتو هو .
    صادق فقير ويندي ويندي پنهنجي ننڍڙي پٽ راحت کي پنهنجي مامي جي شاديءَ ۾ پاڻ سڏي ڳارايو هو، ۽ چيو هو ته مونکي خبر آهي، تو ڇاڇري ۾ منهنجي غير موجودگيءَ ۾ برادريءَ جي ڇني ۾ ڳاتو هو- اڄ منهنجي سامهون ڳاءِ! ۽ هن صادق جا ڳايل ٻه ڪلام ٻڌايا، جنهن تي صادق هن تي خوب گهور پڻ ڪئي هئي. صادق فقير سنڌ جو اهو البيلو راڳي هو، جنهن جي دل درياءُ هئي ۽ هو مٺيءَ جو شاندار مهمان نواز پڻ هو. سدائين اوطاق تي خاص ڪري ٿر ۾ برساتن کان پوءِ ميلو متل هوندو هو. هو جڏهن سنڌ جي مختلف علائقن ۾ دعوتن تي ويندو هو ته واپس ايندي مڇي وٺي ايندو هو. پوءِ مٺِي جي دوستن کي گهرائي گڏ ماني کارائيندو هو. ان کان علاوه مون هن ۾ اها به خاصيت ڏٺي ته هو مٺي کان ٻاهر هوندو هو ته به دوستن جي ميزباني پاڻ ڪندو ۽ پوري ڪوشش ڪندو ته مانيءَ جو بل آئون ادا ڪريان ..! هو مڇي ۽ ٻڪري جو گوشت وڏي شوق سان کائڻ پسند ڪندو هو. آخر ۾ مڪي وڃڻ کان اڳ واري رات سڀني دوستن عزيزن جي دعوت ڪئي هئائين ۽ سڀني سان گڏجي ويهي ماني به کاڌائين. رات جو دير سان مامو وشنو ، ڀڳوان ،شڪور ۽ آئون صادق سان ڪچهري ڪري رهيا هئاسين ته مامي وشني چيو ته اسان کي اتان جو نمبر ته ڏجانءِ ته جيئن فون تي ڳالهائي سگهون- ان تي وڏو ٽهڪ ڏئي چيائين ته تنهنجي سُوران ته هتان وڃان ٿو، وري نمبر به ڏيان.... پوءِ وري چيائين ته منهنجو اهو ساڳيو نمبر اتي به هلندو. آئون رومنگ کولائي آيو آهيان. پئسا به جام وجهرايا آهن. رڳو تون مس ڪال ڏجان، ڪال آئون پاڻهي ڪندس. ان ڳالهه کي ساري مامو وشنو اڄ به هنجون هاري ٿو ۽ زار و قطار روئي ٿو . ڏينهن جو به سڀني جي ماني صابر ڪئي ته پاڻ سڀني سان گڏجي ماني کاڌي ۽ وڃڻ کان اڳ ۾ پنهنجي گاڏيءَ جي ڊرائيور کي چيو ته هاڻ حساب ڪتاب صابر سان ڪجانءِ- ۽ صابر جي انڪار ڪرڻ باوجود ڪورو چيڪ صحيح ڪري ڏئي ويو. چيائين ته تون مون کي وٺڻ ايندين، پئسن جي ضرورت پوندي. اڪائونٽ ۾ جام پئسا پيا آهن، جيترا وڻني اوترا ڪڍائي وٺجان. صابر جي فونن باوجود آئون موڪلائڻ لاءِ ڪورٽ مان دير سان پهتس ته هي گاڏيءَ ۾ سوار ٿي چڪا هئا. لهي اچي مونسان مليو ۽ زور ڀريائين ته هل ڪراچي هلون ٿا. هُن کي خبر هئي ته مونکي به ڪراچيءَ وڃڻو هو. پر مون هنن سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪندي چيو ته اسان پويان اچون ٿا، توهان هلو. چيائين 8 وڳي اسين ايئرپورٽ ۾ داخل ٿي وينداسين، اڳ ۾ اچي وڃان. پر آئون نه پهچي سگهيس ۽ نه ئي هن سان آخري سفر ڪري سگهيس- پر مون ۽ خليل هن جي مڙهه سان گڏ آخري سفر ڪيو، جيڪو ڪڏهن سوچيو ئي ڪونه هو. هو محبتن جو سفير هو، انسانيت جو علمبردار هو. هن هميشه انسانيت جي پرچار ڪئي. ماڻهن کي محبت جو درس ڏنو ۽ سنڌ جي ماڻهن هن جي ڏنل محبت سندس وئي پڄاڻان ايتري ئي موٽائي، جنهن جو هو حقدار هو .

    صادق فقيرکي مليل ايوارڊ

    • حضرت پير شير محمد شاهه جيلاني گاجيلو شريف ميوزيڪل ايوارڊ- 2013ع
    • مادَرِ وطن سنگيت ايوارڊ- 2010ع
    • مارئي ميلو ايوارڊ- 2010ع
    • سنڌي ٻولي، سنڌو لکت ۽ سنڌو تهذيب قومي ڪانفرنس ايوارڊ- 2009ع
    • ٿر جي لساني جاگرافي ۽ لهجا سيمينار مٺي ايوارڊ- 2009ع سنڌ لئنگويج اٿارٽي
    • سنڌ ايڪسيلينس ايوارڊ (حڪومَتِ سنڌ)- 2008ع
    • سنڌ فنڪار ايوارڊ 2007ع (اَکُل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا) انڊيا
    • انڊو پاڪ ايوارڊ 2005ع- انڊيا
    • سنڌو ماٿر گريٽ فيسٽيول ايوارڊ- 2005ع انڊيا
    • ڀڳت ڪنور رام ايوارڊ- 2005ع انڊيا
    • ٿرپارڪر ايوارڊ- 2005ع پاڪستان
    • علامه آءِ آءِ قاضي ايوارڊ- 2004ع
    • سنڌ ڪائونسل ايوارڊ- 2003ع
    • شيخ اياز ايوارڊ- 2002ع (شيخ اياز چيئر شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور)
    • سامي ايوارڊ- 1998ع
    • بهترين ڪارڪردگي ايوارڊ (سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ) 1998ع
    • سنڌ فنڪار ايوارڊ- 1997ع
    • محمد يوسف ايوارڊ- 1997ع
    • موهن ڀڳت ايوارڊ- 1996ع
    • حُسنِ ڪارڪردگي ايوارڊ- (آپڪا) 1996ع
    • محمد جُمن ايوارڊ- 1996ع
    • بهترين سنگر ايوارڊ- ( ٿر هيلٿ فورم ) ٿرپارڪر
    • انهن کان سواءِ به ٻيا ڪيترا ئي ايوارڊ سنڌ جي هن سريلي راڳي کي مليا آهن. سندس گھر ۾ ٻه شيلف ايوارڊن سان سينگاريل آهن.

    صادق فقير جون پسنديده رانديون
    ننڍپڻ جي زماني ۾ صادق فقير جيڪي رانديون ڪندو هو، انهن ۾ بلور، اٽي ڏڪر ۽ گليل هلائڻ جو به شوق هوندو هيس. خاص طور گليل هلائڻ جو مها ڪاريگر هوندو هو. هن جا همعصر ٽي ڀيرا گُليل سان نشانو مس چُٽي سگهندا هئا، پر هي هڪ ئي ڀيري سان پنهنجو نشانو چُٽي ويندو هو .
    پوءِ جوانيءَ واري دور ۾ هو ڪيرم بورڊ جو ڀلوڙ رانديگر ٿيو ۽ مڪي وڃڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ به ڪافي سالن کان پوءِ مٺيءَ جي ڪيرم بورڊ تي وڃي سٺن رانديگرن سان راند ڪئي هئائين. اها راند به کٽي آيو هو. اها ڳالهه اسان کي تڏي تي اڪرم بجير اچي ٻڌائي. صادق تاش راند وڏي شوق سان کيڏندو هو. آخر ۾ پياري شواڻي جي انڊيا وڃڻ وارن ڏهاڙن ۾ خليل، پيارو، ممتاز، شوڪت هنگورجو، سائين دليپ، مامي وشني سان پياري واري جاءِ تي سڄو ڏينهن تاش پيو کيڏندو هو. هڪ ڏينهن انهن وٽ رانديگر کٽي پيو. پياري ۽ خليل مون کي ۽ صابر کي فون ڪيا ته سراڻ واري جاءِ تي اچو، ڪم آهي. وياسين ته صادق به ويٺل هو. چيائين ته ويهو راند ڪريون، جيسين استاد مِرون اچي(صادق هجت ۽ پيار مان پنهنجي پياري دوست ممتاز کي ان ئي نالي سان ڪوٺيندو هو). ان ڏينهن شام تائين انهن سان راند کيڏي سين. وري رات جو صادق واري اوطاق تي راند ڪيائون ۽ ٻئي ڏهاڙي پياري جي گهر وارا ناشتو ڪرڻ صادق جي گهر آيا ته مون پڇيو ته ڇا پيارو انڊيا ٿو وڃي ڇا؟ ڏاڍو پريشان ٿي جواب ڏنائين ته ها، انهن ماڻهن سان دوستي نه رکڻ گهرجي. هي ملڪ ڇڏي ٿا وڃن. پيارو صادق سان انتهائي ويجھو رهيو هو ۽ هن کي پياري جي انڊيا وڃڻ تي دلي ڏک رسيو هو. مون هُن کي شطرنج راند ڪندي ڏٺو. 1992 کان پوءِ هو جڏهن به اسلام ڪوٽ آيو ٿي ته سائين عبدالرحمن نقاش جي جاءِ تي سڄو ڏينهن پيو شطرنج راند ڪندو هو، يا اسان جي اوطاق تي ڀاءُ سلطان، انور ۽ چاچي امين، مبين، نندي وارن سان پيو تاش ڪندو هو. هو ملاکڙي جو به شوقين هوندو هو. ايتري تائين جو ملهه پهلوانن کي وٺِي اچي سندن خدمتون به ڪندو هو. مٺي ۾ جڏهن به ملاکڙو ٿيندو هو ۽ پاڻ موجود هوندو هو ته ملاکڙو ڏسڻ ضرور ويندو هو. هو ڪرڪيٽ راند به شوق سان ڏسندو هو. جڏهن به پاڪستان جو مئچ هوندو هو ته وڏي چاهه سان آخر تائين مئچ ڏسندو هو.

    صادق فقير جو ٻين ملڪن ۾ وڃڻ
    سنڌ جي هن بهترين راڳي جتي پنهنجي فن ذريعي سنڌ توڙي پوري ملڪ ۾ پنهنجو پاڻ مڃايو هو، اتي پهريون ڀيرو 2005 ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ پاڙيسري ملڪ هندوستان ويو، جتي پڻ هن کي مختلف ايوارڊن سان نوازيو ويو ۽ هندوستان جي ڏهن شهرن ۾ هن پنهنجي آواز وسيلي اتان جي ٻڌندڙن تي سحر طاري ڪيو. صادق فقير 2006 ۾ حج جي سعادت ماڻي ۽ 2007 ۾ هو سنڌي ٻڌندڙن جي ڪوٺ تي انگلينڊ ويو، جتي هن ڪيتريون ئي محفلون ڪيون. ساڳئي دوري دوران هن اسڪاٽليند ۽ هانگ ڪانگ ۾ پڻ پنهنجي آواز جو جادو جاڳايو ۽ 2007 ۾ سنڌي فنڪار آف هانگ ڪانگ ۽ چائنا جي انڊيا ۾ رچائيل پروگرام ۾ شرڪت ڪري، پهريون ايوارڊ وصول ڪيو. هو ٻه ڀيرا 2008 ۽ 2010 ۾ دبئي پڻ ويو جتي هن پنهنجي فن جا جوهر ڏيکاريا. آخر ۾ هو پوري خاندان سان گڏ عمرو ڪرڻ جي لاءِ 24 فيبروري تي مڪي ڏانهن روانو ٿيو. عمري جي سعادت ماڻڻ بعد 26 فيبروري تي ٿر جي ڌرتيءَ تان اڀريل هي ستارو مڪي جي عرفات واري ميدان ڀرسان روڊ حادثي ۾ اجهامي ويو- جتان سندس پٽ نزاڪت لاش کڻائي، 5 مارچ 2015ع تي واپس موٽيو، ۽ ان ئي ڏينهن منجهند جو مٺيءَ جي هڪ ڀٽ تي سندس خانداني قبرستان ۾ کيس مٽيءَ ماءُ جي حوالي ڪيو ويو.

    صادق فقير جو پنهنجي رشتيدارن سان نڀاءُ
    زندگيءَ جي هن ڪاروان ۾ صادق پنهنجيون سموريون ذميداريون ۽ رشتا جهڙيءَ ريت نڀايا، تنهن جو مثال مشڪل سان ئي ملي سگهي ٿو. صادق جي والد جي وفات بعد هن 5 نياڻيون ۽ 3 پٽ ڇڏيا هئا ۽ اهي سموريون ذميواريون صادق پنهنجي ڪلهن تي کنيون هيون. هن پهرين پنهنجي ٽن وڏين ڀيڻن جي شادي ڪرائي ۽ پاڻ پوءِ شادي ڪئي. پاڻ کان ننڍن ٻن ڀائرن شهداد ۽ صابر جون ڪنري ۽ اسلام ڪوٽ مان شاديون ڪرايون. صادق جي ڀينرن مان هڪ منهنجي گهر ۾ ۽ ٻي موجوده دور جي مشهور نوجوان ڪلاسيڪل راڳي رفيق فقير جي گهر ۾ آهي. هن پنهنجي چاچي جي ٻن يتيم ٻارن کي به سنڀاليو ۽ انهن جون به شاديون ڪرايون. مون کي ياد آهي ته جڏهن هو صابر فقير (جيڪو صادق فقير جو ننڍو ڀاءُ آهي) جي ڄڃ وٺي اسان جي گهر اسلام ڪوٽ آيو هو ته ان ڏينهن منهنجي شاديءَ جو ڪاڄ يعني مهارات هئي- ۽ منهنجي شادي صادق فقير جي ڀيڻ سان ٿي پئي، پر هن منهنجي شاديءَ ۾ ڳايو ۽ خوب گهورون به ڪيون. مطلب ته هن کي هر رشتي جو ڀرم رکڻ آيو ٿي. مون سان شاديءَ جي تقريبن ۾ وڏي ڀيڻويي(صادق منهنجو ڀيڻويو به ٿئي) جي حيثيت سان نڀاءُ ڪيو. ايئن ئي جڏهن منهنجي ڀيڻ (جيڪا صابر فقير کي ڏنل آهي) جي رخصتي جو وقت ٿيو ته صادق اسان گهرڀاتين سان گڏجي اديءَ کي رخصت ڪيو. پوءِ پنهنجي ڀاءُ صابر فقير جي ڄڃ وٺي روانو ٿيو. هن شروع ۾ تمام گهڻا سُکيا ڏينهن ڏٺا. پوءِ پيءُ جي وفات بعد ڏکيا ڏينهن ڏٺا- پر هن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪمتريءَ جو احساس پيدا نه ٿيو. هن محنت سان پنهنجو پاڻ کي ٺاهيو ۽ پنهنجي فن جي ڪمال وسيلي سنڌ ۾ نالو ڪمايو. هن پنهنجي ٻئي ڀاءُ شهدادکي پراڻو گهر ڊهرائي نئون گهر ٺهرائي ڏنو. هن ڪڏهن به رشتن تي پئسن کي فوقيت نه ڏني. پنهنجي وڏي پٽ نزاڪت کي سيلف فنانس تي مهراڻ يونيورسٽي ۾ داخلا وٺِي ڏنائين، پر هن هڪ سيمسٽر بعد مهراڻ يونيورسٽي ڇڏي ڏني- ان جي باوجود صادق هن کي ڪجهه به نه چيو ۽ وري سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا وٺِي ڏنائين.
    پنهنجي امڙ کي 2006 ۾ حج ڪرائي آيو. ان دوران منهنجو والد به صادق سان گڏ هو. حج دوران صادق کي مديني ۾ دماغي مليريا ٿي پئي هئي ۽ هو بابا جي هنج ۾ بيهوش ٿي ويو هو. سندس ماءُ ۽ بابا دعائون گهريون ۽ 3 ڏينهن بعد صادق کي هوش آيو هو. مون جڏهن فون تي ڳالهايو هو ته هن اعتماد سان چيو هو ته ڪجهه ناهي ٿيو، آئون ٺيڪ آهيان. پنهنجي ڀيڻ کي سمجهاءِ. پيارا صادق! تڏهن ته مون اديءَ کي ته سمجهايو هو. هاڻ هُن کي ڪير سمجهائي ته تون هن دنيا ۾ ناهين رهيو ......!

    صادق فقير جو وڇوڙو
    صادق فقير سنڌ جو اهو مهان راڳي هو، جنهن سنڌ سان پيار ڪيو ۽ سنڌ هُن کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون. هيءُ هڪ مڪمل انسان هو، جنهن کي انسانيت سان پيار هو. هن ڪڏهن به مذهب پرستي کي هٿي نه ڏني. هن مندر ۾ به ڀڄن گاتا ۽ سنت نيڻورام ،راما پير ۽ رهڙڪي جي آشرم ۾ به ڳائڻ کي عار نه سمجهيو. هن ڪڏهن به پئسي کي سڀ ڪجهه نه سمجهيو. پئسو هميشه هن جي پويان ڦرندو رهيو. هن ڪنهن به مڱڻهار جي ڪاڄ جي محفل ۾ گهور جو پئسو نه کنيو ۽ اهو پئسو فقيرن جي فقير ڪسبي کي ملندو هو. ان ڪري اسان جي برادريءَ جي محفلن ۾ اهي ڪَسبي سدائين چوندا هئا ته سائين صادق کي وارو ڏيو .... صادق پنهنجي نالي جو مان رکيو ۽ سنڌ جيڪا هن کي محبت ڏني، اها اسان ڪڏهن به وساري نٿا سگهون. صادق مڪي ۾ 26 فيبروري 2015 تي روڊ حادثي ۾ لاڏاڻو ڪيو. اها خبر مونکي سڀ کان پهرين نواز فون تي ڏني هئي ۽ سڄيءَ سنڌ مٿان اها خبر وڄ جيان ڪري هئي. مون يڪدم صادق جو فون ملايو ته نزاڪت کنيو، ۽ رڙ ڪندي چيو ته ماما! اسين يتيم ٿي وياسين، بابا هن دنيا مان هليو ويو آهي. مون صابر کي فون ڪري چيو ته عبدالله ميمڻ کي فون ڪري خبر وٺ. هن جو ڀاءُ عبدالرحمان مڪي ۾ آهي. اها خبر شام 4 وڳي تائين سڄيءَ سنڌ ۾ باهه وانگر پکڙجي وئي ۽ هر اک لڙڪن جي برسات ۾ ٻڏي وئي. مڪي ۾ ويل اسان جي خاندان جا 14 ماڻهو زخمي حالت ۾ دربدر ٿي چڪا هئا. صادق ته اسان کي ڇڏي هليو ويو هو، پر باقي زخمين جي ڳڻتي به ايتري ئي تڪليف ڏئي رهي هئي. اتي موجود سندس وڏي پٽ نزاڪت تمام گهڻي بهادريءَ جو مظاهرو ڪيو. نه فقط معاملا سنڀاليا، پر اتي موجود زخمي ٿيل خاندان جي ڪنهن به ڀاتيءَ کي صادق جي لاڏاڻي جي خبر نه ٻڌائي. هو ته پنهنجي بي حال ٿيل ماءُ کي ٻن ڏينهن تائين ڏسڻ به نه ويو، جيڪا خود حادثي ۾ زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل هئي. نزاڪت سمجهداريءَ سان هن جي زندگيءَ جي ويراني جي خبر هن تائين نه پڄائي ۽ پنهنجو پاڻ سنڀالي سمورن گهرڀاتين جو خيال رکيو. هن باقي فردن کي مديني جون زيارتون به ڪرايون ۽ واپس پاڪستان به موڪليو. ان بعد پاڻ صادق فقير جو مڙهه کڻائي وطن واپس آيو.
    پهرئين ڏينهن ته اسان گهر جي ڀاتين صادق جي تدفين اتي ئي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، پر نزاڪت ان فيصلي سان متفق نه ٿيو. اسان فون وسيلي کيس ان ڳالهه تان لاهڻ جي ڪوشش به ڪئي، پر ٻئي ڏينهن صادق جي دوستن، سندس مداحن ۽ مٺي واسين جي اصرار تي اسان صادق فقير کي پنهنجي وطن واپس آڻڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ان دوران صادق جي گهر تڏي تي ايندڙ دوستن ۽ چاهيندڙن جا منظر جيڪي مون پنهنجي اکين سان ڏٺا، اهي منظر مون پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪڏهن به نه ڏٺا هئا. جيڪو به آيو ٿي، دانهون، سڏڪا ۽ آهون هيون. هر ماڻهو ٿي سمجهيو ته صادق اسانجي گهر جو ڀاتي هو. اسان کي ايندڙ فونن تي به دوستن جون دانهون هيون. صادق جا ويجها رهندڙ دوست مامو وشنو، ڀڳوان، دليپ، خليل، ممتاز، نصير، شوڪت هنگورجو، غلام حسين، اڪبر درس ،شهديو، کاٽائو جاني سميت جيڪي به تڏي تي آيا هئا، انهن جون دانهون ۽ سڏڪا هئا. هر طرف لڙڪن جي برسات هئي. ڏسجي ته سڄي سنڌ جي اها ئي حالت هئي. دراصل هو فقط هڪ راڳي نه پر سنڌ ڌرتيءَ تي مذهبي هم آهنگيءَ جو به پيمبر هو. هن جي جنازي ۾ شريڪ ماڻهن جي عقيدت ۽ چاهه ڏسي، سڀ حيران هئا. ماڻهو هن جي تابوت کي هٿ لڳائي، پنهنجي هٿن کي چمي رهيا هئا. هن جي جنازي نمازبه هر مسلڪ توڙي هر مذهب جي ماڻهو پڙهي ۽ ڪو تڪرار به نه ٿيو.
    ائين تمام گهٽ ٿيندو آهي، پر قدرت اهو شرف به صادق کي ئي ڏنو.


    TRUE BEGGAR : علي دوست عاجز

    تنهن سال وڏي وَس ٿي هجي. ڪاڇي کان وٺي ڪارونجهر تائين سانوڻ جي ڪڪرن پنهنجا پاند پائر تي ڇنڊي ساگر ڏانهن سِڌ ئي پوءِ ٿي ڪئي. اهي جولاءِ 1994ع جا ڏينهن هئا. آءٌ ذوالفقار ارباب سان وسندي مينهن ۾ ڀُڪڙئي جون ڀِٽون، ڇَهو جا مور، ڏيپلي جون بازارون ڏسندو، مٺيءَ وڃي نڪتس.
    مٺي هونئن ڀلي ڪنهن جي به هجي، ڀلي ته ڪڏهن ڀاڳي ۽ ڀڳت موهن جي نالي سان سڃاپجندي هجي، پر اڄ اسان وٽ ان جي سُڃاڻ سائينداد ساند ۽ صادق فقير جي حوالي سان آهي. صادق سدائين مون کي ڪبير جي دوهي وانگر دکندڙ ۽ ڌڙڪندڙ پيو محسوس ٿيندو آهي. سريلو، سرمئي شام جهڙو رنگ، هلڪو قد، ننڍڙيون مڇون، وڻندڙ ڀريل چهرو، آواز ۾ ميٺاڄ ۽ تاثير. آسانيءَ سان دل ۾ لهي ويندڙ ڪنهن نماڻي نهار وانگر. جنهن کي ٻڌي اياز چيو هو ته: "منهنجي شاعريءَ کي پنجاهه سالن کان جنهن آواز جي تلاش هئي، اهو صادق جي ۾ روپ ۾ ملي ويو آهي."
    صادق فقير، 1964/03/20 تي، فقير فيض محمد جي گهر مٺيءَ ۾ جنم ورتو. سندس والد صاحب تپيدار هيو. هنن جي خاندان مان راڳ سان واسطو صرف، هن جي مامي حسين بخش جو هيو، جنهن کيس راڳ به سيکاريو. صادق ٻڌايو ته، "ڪاليج ۾ پڙهندا هئاسين، ڪنهن فنڪشن جي تياري پئي ٿي. سائين پرشوتم سڏي چيو ته، راڳ ٻڌاءِ. سائين، آءٌ ته ڳايان ئي ڪونه! چيائين، فقيرن جا ٻار روئندا تڏهن به سُر سان، سو راڳ به ٻڌاءِ ۽ مهيني کان پوءِ ٿيندڙ اسٽيج ڊرامي لاءِ ڪلامن جي تياري به ڪر. پوءِ گيت ڳايم، جنهن جي ڪيسٽ به تيار ٿي ۽ خاص طور ٿر ۾ ڏاڍي پسند ڪئي ويئي. ائين فنڪارن جي لسٽ ۾ اچي ويس. ان کان پوءِ 86ع ۾ سنڌ جي سڀني فنڪارن سان آرٽ ڪائونسل وارن شام ملهائي. جنهن جو خاص مهمان عبدالله جي ميمڻ هجي ۽ صدارت ريڊيو حيدرآباد جي ڊائريڪٽر عنايت بلوچ جي هجي. مون ٻه آئٽم ڳايا. تقريب ۾ عنايت صاحب چيو ته، "تنهنجو ڳائڻ اسان سڀني کي ڏاڍو وڻيو. تنهنجي آڊيشن به ٿي وئي. اڄ کان تون ائپرووڊ آهين. ڀلي سڀاڻي ئي اچي پروگرام رڪارڊ ڪراءِ. صبح جو وڃي رڪارڊنگ ڪرايم." اتي عبدالله جي ميمڻ وري آرٽ ڪائونسل ۾ ملازمت ڏيڻ جو اعلان ڪيو، جيڪا نه ڪيائين ۽ ايم پي ڪيائين ۽ ٽيچر ٿيو.
    چوندا آهن ته، ادب ۾ جاءِ ٺاهڻ ۽ مڃتا ماڻڻ جو عمل ڍرو هوندو آهي، پر آواز جي دنيا جا رنگ نرالا آهن. کوڙ سارا فن جا بادشاهه ويٺا هوندا. پئسو، شهرت ۽ مقبوليت وري ٻين جي پويان وتندا هلندا. اهڙا ڪيئي مثال آهن. سنڌ جي اها روش به حيرتناڪ حد تائين محسوس ڪرڻ جهڙي آهي. ان سڀ ڪجهه جي باوجود صادق جي بقول "محبت ۽ مانُ فنڪار کي جيترو سنڌ ۾ ٿو ملي، ٻئي هنڌ شايد ملندو هجي. " ڏسجي ٿو ته اسان وٽ شاعر اديب کان آرٽسٽ کي عام ماڻهو وڌيڪ ٿو چاهي. بخاري صاحب ٻڌايو ته، هڪ هنڌ دعوت هجي، ڪو اسڪول وغيره هيو، جنهن ۾ مهمانن جي رهائش هجي. قمر سومرو به آيو. قمر دوست هو، ڀائيندو به هو. ٻيو ڪو ڪمرو شايد خالي نه هيو جو هن کي ويهارين ها. ڪنهن پڇيو ته، ان ڪمري ۾ ڪير آ؟ چئي، ڪو شاعر آ، استاد بخاري. ته هڪ چيو اهو وري ڪير آ، هن کي ويهاريو. استاد چيو مون اهي لفظ پاڻ ٻڌا. تنهن تي قمر يڪدم چيو ته، اهو ڇا ٿا چئو؟ مون کي استاد واري ڪمري ڏانهن وٺي هلو.
    آرٽ کي ورثو فقط ماحول جو ڪم ڏيندو آهي، يعني اک کلي ته راڳ ٻڌائين، باقي کٽائي سڀ کي پنهنجو ڀاڳ ۽ پير ڇڏائين- ڇو ته ’راڳ ڪرڻ سان آهي،‘ جو وَهندو، سو لهندو. صادق به پنهنجي محنت جو کٽيو ٿو کائي. سندس آواز سان ماڻهن جي آشنائي نوي کان پوءِ ٿي، جيڪا وئي وڌندي، تان ته اهو آواز دل جو آواز بنجي ويو. هن جو پهريون رڪارڊ ڪيل گيت، "سانوڻ ڪيئن اڪيلو آئين، ساجن کي به ته آڻ" هيو، پر سندس سڃاڻپ هيءَ وائي بڻي:
    توکان ٿيندي ڌار، کلندي کلندي يار، لڙڪ لڙي پيا لار ڪري.
    ان کان علاوه:
    ’سَکي پيا کي ملين ته چئجان، چاندني تو سواِ نه ٿيندي‘
    ’دک جي نه پڄاڻي آ، هر شخص ڪهاڻي آ‘
    ’دل کي ڌوڏيندڙ هيءَ گهڙي آهي، شام لڙي آهي‘
    ’ٽوليءَ مان ئي ٽاريو ٿا، پٿر جي دل ڌاريو ٿا‘
    ’الاءِ ڇو اوهان جو اکيون ياد آيون‘.
    وغيره پڻ گهڻو مشهور ٿيا.
    سندس ڳايل مارواڙي گيت ٿرين ۾ ڏاڍا مقبول ٿيا. جيڪي لوڪ گيتن وانگر ها. انهن جي ڪمپوزنگ ۽ شاعري استاد حسين بخش فقير جي هئي. اهي هن لوڪ ورثا ميلي ۾ ڳايا، جنهن ۾ ٻاهتر ملڪن جي نمائنده فنڪارن جي شرڪت هئي. سڀني کي چيل هو ته پنهنجي علائقائي ڊريس ۾ اچن ۽ پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڳائين. جنهن ۾ صادق کي فرسٽ پرائيز مليو. اهي گيت هئا:
    - رومال مارو رنگيو جيساڻي بازار ۾ (منهنجو رومال جيسلمير جي بازار مان رنگجي آيو.)
    جيسلمير سُر ۽ تال جي ڌرتي ٿي ليکجي. اتان رنگجي آيو ته ٻيو ڇا گهرجي. اهو گيت پوءِ جيجي زرينه به ڳاتو.
    - پايل ماري باجي رم جهم رم جهم!
    - جوڳيئڙو ٿئي، تنا جو ئِيس، پرديسي پيا! (پرديسي پرين، جوڳي بڻجي تنهنجي ڳولا ڪنديس)
    ان کي اڃا تائين جام پسند ڪيو وڃي ٿو. پاپولر ته سڀ آهن، پر ٻڌايو ته کيس هي گيت وڌيڪ وڻندو آهي:
    - ٿئين تو بسو پرديس، ٿارِي نارِي اڀي جهولا کائي. (تو ته وڃي پرديس وسايو، تنهنجي ناري لُکن ۾ پئي لُوساٽجي).
    اهو نصيب الاءِ ڪنهن جو هوندوآهي. ڪنهن شاعر جو، ڪي گيت جو، الائجي فنڪار جو، جو اهي سٽون سدا حيات بنجي وينديون آهن ۽ راڳي توڙي شاعر جي سڃاڻپ بنجي وينديون آهن. سوَن ڪلامن مان هڪ ٻه گيت بلڪه هڪ ٻه سٽون سموري زندگيءَ جي محنت، ڏات ۽ فن جو تعارف هڪ سٽ ۾. اها ٻي ڳالهه آهي ته، ان ۾ ٻوليءَ ۽ شاعريءَ جي قدرت به شامل هوندي آهي. استاد صادق علي مرحوم هڪ دفعي چيو ته؛ "ابا! مون سڄي عمر ڪيئي ڪلام پنهنجي ڪمپوزنگ ۾ ڳايا، پر منهنجي مشهوري وري ٿي:
    تنهنجي هجر فراق ۾ ماههِ لقا، نه ڪي دم ٿو وڃي نه ڪو غم ٿو وڃي!
    جي حوالي سان- ان جي ڌن به غلام علي جي ڳاتل هئي. "
    صادق هونئن ته کوڙ سارن شاعرن جو ڪلام ڳاتو آهي، پر هن من موهڻي راڳيءَ جي حصي ۾ جيڪي شاعر آيا آهن يا اينٽي چڙهي ويا آهن، سي اياز صاحب، اياز گل ۽ سائينداد ساند آهن.
    سو تڏهن سائينداد ساند ۽ صادق سان مليس ته لڳو ڄڻ ته پنهنجي مٽيءَ سان مليو هجان. ڪا اوپرائپ ڪونه. ڀِڳل واريءَ تي ويهي صادق کي ٻڌوسين. سچي به ڄڻ مور پئي ٽهوڪيا. مور جو ٽهوڪڻ، هونئن ته ڪجهه ڪونهي، ڇو ته پنهنجي آواز کان وڌيڪ خوبصورت ته مور پاڻ هوندو آهي. پر جڏهن هو ڳائي ٿو ، تڏهن اسان کي خوشي ٿي ٿئي. اصل ۾ اهو هڪ ماحول ٿو جوڙي ۽ خوشي ۽ خوشحاليءَ جو اهڃاڻ بڻجي ٿو وڃي ۽ هڪ ڪائنات اڳيان اڀري ٿي اچي، جنهن ۾ ڀِٽون آهن، بادل آهن، ڊيلون، ٿُوهر، ڪونڀٽ آهن، هڪڙو ڪارونجهر، هڪڙو درد آهي ۽ دردمند دليون آهن. جيترو درد ايترو ماڻهو مٺو. ماڻهو مٺا ته ٿين ئي ٿا، پر آواز جو ميٺاج به ڇا ٿا ڀانئيو؟ وري اهو راڳ آلاپي!؟ ذوالفقار راشدي صاحب هڪ هنڌ لکيو آهي ته:"راڳ رب جي ٻولي آهي ۽ سڀني ٻانهن کي ڏاڏي مٺي ٿي لڳي. " جڏهن ڪوئي رب جي ٻولي سُر سان الائي تڏهن سِر ۽ ساهه جي قيمت ڇا ٿي وڃي رهي!
    سَو سِرن پائي، جي تندُ برابر توريان،
    ته به اٽل اوڏانهين ٿئي، جيڏانهن ٻيجل ٻُرائي.
    اڻ اُٺي ٿر جي مورن جي دانهن اڀ کي ڪڏهن آگمائي، ڪڏهن نه به آگمائي، پر صادق ۽ شفيع فقير سدائين اکين کي آگمايو ڇڏين.
    ايڏا جوڀن ڏينهڙا، ڪٿي هئين تون،
    ڪيڏيون ڏنئي مون، اوجاڳي جون راتڙيون!
    هڪ آرٽسٽ، جو هميشه چاهيندو آهي ته هو ماڻهن جون دليون وندرائي، سو جڏهن تخليقي شاهڪار جي پيشڪش تي ٻين کي روئاري وجهندو آهي، تڏهن پيو ٺرندو آهي. ڇو ته روئڻ ئي ڏک کي مٽائي ٿو ۽ رب جي ويجهو ٿو رکي. دنيا ۾ خوش به اهو ٿو رهي، جنهن کي روئڻ ٿو اچي. جيڪو کلي اُٿي ويو، تنهن جو ڏک اوتري جو اوترو رهجيو وڃي، تنهن ڄڻ ڏک کي ڇيڙيو ئي ڪونه.
    سائين حاجي محمد دل چوندو آهي ته، "ماڻهو آهي ئي تيستائين، جيستائين ان کي روئڻ به اچي ٿو ۽ ڪنهن لاءِ سِڪي به ٿو. " سو صادق سدائين اُڪنڊيو، سدائين خوش. وڏا وڏا ٽهڪ، لطيفا، ڀلا ڀلا گفتا، مزيدار واقعا. هر گفتي جو ڇيهه وڃي ٿيندو پياري شواڻيءَ تي ۽ هي ويچارو ٽهڪ ڏئي پيو هر ڌڪ ٽاريندو. صادق: "سنڌي ماڻهن کي الائجي ڇا ٿي ويو آهي، هو هاڻ علي دوست جي شاعريءَ جي فرمائش ٿا ڪن. "
    هونئن به راڳ جو ڪم روئارڻ آ، نچائڻ ردم جو ڪم آ.
    "شاعريءَ جي کيتر ۾ هن وقت ڪيئي وڏا نالا آهن، جن مان هڪ ننڍڙو نالو پيارو شيواڻي به آهي. " صادق لکيو
    پيارو شيواڻي: "يار سارنگا ڏاڍو معياري پيو نڪري".
    خليل ڪنڀر: "ان کان وڌيڪ معيار جو ثبوت ٻيو ڪهڙو ته هڪ به شماري ۾ تنهنجو شعر ڪونهي. "
    دلبريون ۽ دل گهرايون هجن ته اکين جو ٿانءُ ڪٿي ٿو ڀرجي سگهي. صادق جڏهن 2002ع ۾ ڄامشوري فزيڪل ٽريننگ تي آيو، تڏهن اسحاق لاءِ ته مزو ٿي پيو. ڪچهريون، پروگرام، هر چنڊ جي چوڏهينءَ تي علامه آءِ آءِ قاضي جي مزار تي حاضري ۽ محفل، امداد صاحب ۽ ٻيا کوڙ سارا دوست به. ساڻس سنڌي ادبي سنگت پاران سنڌالاجي ۾ ملهايل رهاڻ ۾ ڪمپيئرنگ ڪندي، صادق کي اسٽيج تي سڏڻ وقت اسحاق، ويٺل دوستن کي اپيل ڪئي ته جيئن انڊيا جي هڪ پروگرام ۾ فيض احمد فيض کي اسٽيج تي سڏڻ دوران ميزبان ماڻهن کي اپيل ڪئي ته اڄ فيض کي ايترو پيار ڏيو جو هو هميشه لاءِ هتي ترسي پئي. ائين اوهان به اڄ صادق لاءِ ايتريون تاڙيون وڄايو، جو هو هميشه لاءِ ڄامشوري ۾ ئي رهي پوي. پر صادق ٿر کي ڇڏي ٻئي هنڌ ڪٿي ٿو رهي- پوءِ اهو ڄام شورو ئي ڇو نه هجي. پاڻ ته ٺهيو پر سندس ٻارن جي به ڪا هن سان ايڏي دل آهي جو هڪڙي رات لاءِ به ٻاهر هوندو ته هڪ هڪ ٻار ٻه ٽي ٻه ٽي ڀيرا فونون ڪري پڇندو ته "ابا ڪڏهن آئِيس! "
    صادق هونئن سڀ ڪنهن جو نالو عزت سان وٺندو ۽ عزّت ڏيندو، پر موسيقيءَ جي حوالي سان جنهن گهراڻي تي ساههُ ڏيندو آهي، سو آهي استاد سلامت علي خان جو، جنهن جو واسطو شام چوراسي گهراڻي سان آهي. هن پنهنجي هڪ ننڍڙي جو نالو به نزاڪت علي رکيو آهي. هتان لاهور ويو، استاد سلامت عليءَ کي ڏسڻ. اسپتال ۾ هو. پُڇيائينس، ڪٿان آيو آن! هن ٻڌايو، ميرپورخاص مان، استاد روئي ڀريو. استاد سلامت علي خان لاءِ ڪجهه معتبر ماڻهن جي راءِ آهي ته هو هن دؤر جو تانسين هو. هڪڙي موسيقار جو چوڻ آهي ته، ڪجهه ماڻهن جي راءِ آهي ته ايڏو رياض، تانسين به نه ڪيو هوندو. هن جي راڳ ۾ غلطيءَ جي گنجائش نه هئي. ٻارهن کان چوڏهن ڪلاڪ رياض ڪرڻ کانپوءِ به چوندو، اڄ رياض گهٽ ڪيو اٿم. کيس لتا منگيشڪر ٻُڌو، ڪيترا ڏينهن رڪارڊنگ نه پئي ڪرائي. چئي، ايترو سٺو ڳائڻ ٻڌو اٿم، جو چاهيان ٿي ته ڪجهه ڏينهن اڃا ان اثر ۾ رهان!
    صادق وٽ سندس فرزند شرافت علي خان گهڻو ايندو آهي. صادق چوي ٿو ته "اها منهنجي خوش نصيبي آهي جو استاد کي ڏٺم، ڳائڻ جو ڪم لکين ماڻهو ٿا ڪن، پر استاد جو ڪم لکن ۾ لکن جو آ، ايڏو ڪم ڪير به نٿو ڪري سگهي. هو جيڏو وڏو ماڻهو هو، سادو به وري ايڏو ئي هو. اهي ڳائن ته ماڻهو چريا ٿي وڃن، پر ڳڻڻ ٻه هزار به نه ايندن. "
    هن کي اياز صاحب لاءِ به ايڏي ئي عقيدت ۽ پيار آهي. ان کي به هتان ڪراچي ڏسڻ ويو. ڪراچيءَ ۾ عطيئه دائود صاحبه وارن اياز سان پروگرام پئي ڪرايو. هن کي دعوت ڏنائون، "اياز سان پروگرام آ، پئسا گهڻا وٺندين! " هن چيو ته: "اياز سان پروگرام آ ته پو هڪ روپيو به نه وٺندس، پر هڪ شرط آ! "
    "ڪهڙو؟" عطيه پڇيو.
    "ان جي سامهون ڳائرائيندوَ! "
    "ٺيڪ آ! " عطيه چيو.
    پوءِ جيستائين هن جو وارو اچي ئي اچي، اياز صاحب طيبعيت ٺيڪ نه هئڻ ڪري اُٿي ويو. هن احتجاج ڪيو، "توهان جي مون سان ڪهڙي ٻولي هئي! " هنن اياز کي ٻڌايو ته، هڪڙو مٿي ڦريو فنڪار، هيئن ٿو چوي. اياز صاحب چيو، صبح جو فليٽ تي اچو. پوءِ اتي هن اڪيلي محفل ڪئي. ساڻس ڪچهري به ڪيائين. سلام ڪوٽ جي مُکي نهال چند جو پُڇي پيو، ته جيئرو آ! ان جي گهر اڳيان نم هوندي هئي؟ ان سان ٽيهه سال اڳ مليو هو. هن ٻڌايس ته، اڃا ٻئي سلامت هئا. زرينه چيو، اڄ اياز ڏاڍو خوش آهي. ان پروگرام ۾ هن اياز سان تيرهن ڀيرا هٿ ملايو. اياز سان هڪ آخري تقريب ۾، هن انهن ماڻهن کي اياز جي پيرن ۾ ويٺل ۽ سندس هٿن تان چُميون وٺندي به ڏٺو، جيڪي اياز کي پَرپُٺ گهٽ وڌ چوندا هئا.
    گهاٽ گهاٽ جو پاڻي پيئڻ، واٽ واٽ جي وڻ جي ڇانوَ، لاٽ لاٽ سان به ٻانهنِ ٻڌڻ جي واٽ، ڀانت ڀانت جا ماڻهو ۽ گفتا. ٻڌايائين ته، سرويچ سجاولي صاحب هڪ دفعوي چيو،"سنڌ ۾ شاعر آهن، ٽي، تن کي تون وري ڳائين ڪونه! "
    "سائين ڪهڙا؟" هن پيڇو.
    چئي، "هڪرو آ شاهه لطيف، ٻيو حاجي احمد ملاح ۽ ٽيو آءٌ! "
    صادق وٽ Sense of humour به ڏاڍو سٺو آ. هڪ دوست سدائين پيو چوندو هوس، صادق، اچين ته، مٺيءَ مان ٻه ٽي لويون ته وٺيو اچجانءِ! هڪ ڏينهن ان ٻڌايس ته، مٺيءَ پيا اچون. هن چيس، اچين ٿو ته، ٽيليويزنون ته پنج ڇهه وٺيون اچجانءِ!
    ڪن دوستن صوفين جي نالي سان ڪا تنظيم ٺاهي. صادق کي به دعوت هجي. هن چيو، سٺي ڳالهه آ، باقي اڄڪلهه سنڌ ۾ صوفي ته رڳو ٻير ئي وڃي رهيا آهن.
    هڪ ڀيري مزو ٿيو – مون مٺيءَ پهچي صادق کي فون ڪيو، "ڪٿي آهيو، مان اچان پيو! "
    "گهر آهيان، ڪيڏانهن نڪران پيو، اچو ٿا ته جلدي اچو. "
    آءٌ دروازي تي. ننڍڙو نڪري آيو. ٻڌايائين ته بابا ته ڪونهي. مون وري فون ملائي پُڇيو، "ڪٿي آهيو؟"
    "مان ته دروازي تي بيٺو آهيان. "
    "وهانجي گهر کي گهڻا دروازا آهن؟"
    "هڪڙو ئي. " هن ٻڌايو.
    مون فون، نزاڪت/رضا کي ڏني ته ڳالهائينس!
    "ابا ڪِٿ اَهِين؟"
    "آن حيدرآباد، سائين اِٿ آهي ڪِي؟"
    هو حيدرآباد ۾ جنهن دوست جي بنگلي کي پنهنجو سمجهي اچي رهندو آهي، اتان ڳالهائي رهيو هو.
    ٻئي دفعي، هن فون ڪيو: "سائين، اَچون پيا ننڍڙو ٺيڪ ناهي، ڊاڪٽر کي ڏسڻو آهي. توهان ڪٿي آهيو؟" مون چيو، "ڀلي اچو، آئون گهر آهيان. "پنهنجي ڇوڪري اياز کي فون تي چيم ته، صادق وارا اچن پيا، ضروري بندوبست ڪري وٺو.
    "سائين ڪٿي آهيو؟" هن گهر پهچي فون ڪيو.
    "مان ته گهر ئي آهيان. "
    "اسان به اُتي ويٺا آهيون."
    "پنهنجي گهران، فريد آباد مان پيو ڳالهايان! " مون ٻڌايومانِ.
    شفيع ۽ صادق به پاڻ کي فقير سڏائن. صادق کي آمريڪا جي ويزا نه ملي ته، سردار شاهه هڪ لطيفو ٺاهيو. "خبر ٿَوَ، صادق کي امريڪا جي ويزا ڇو نه ملي؟"
    "خبر ناهي، ڇو نه ملي! "
    "هن کان پُڇئون ته نالو ڇا ٿئي. هن چيو ته، صادق فقير. "
    "صادق فقير معنيٰ ڇا! " سفير مائيءَ پُڇيو.
    ’TRUE BEGGAR‘، ٽرانسليٽر، تڪڙو ترجمو ڪري، مطلب سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي. تنهن تي سفير مائيءَ چيو ته "نو نو، نو بيگرز، بيگرز آر ناٽ الوڊ ان امريڪا! "
    صادق ۽ شفيع واري فقيري به مون کي لڳندي نوابي وانگر ئي آهي. طبيعت جي نوابي، آواز جي، ڪَلا جي نوابي، ’ڪَلا خود به هوندي آ قدرت‘ هنن جي اڱڻ تي جڏهن ڪَلا نوابن وانگر پير کڻندي آهي، تڏهن استاد بخاريءَ جون هي سٽون ياد اينديون آهن:
    غريبي پنهنجي گيرب ۾ ائين ڌيري هلي ٿي پئي،
    جيئين ديري تي هلندو آ نواب آهستي آهستي.
    ’فقيرن جي گهر فِقر جو ڪال ڪهڙو!‘ کيسا خالي ته به نواب، ڀريل ته به نواب. استاد شفيع سُر وکيريندو ته لڳندو، ڄڻ سانوڻيءَ ۾ ڪارونجهر جي پور پور مان ناسي ندي وهي هلي آ ۽ صادق وري آهي ڪجلاسَرُ. جنهن ۾ تَرڻ ۽ تُڙڳڻ لاءِ شام ٿيندي ئي ستارا پيا سَٽون کائيندا آهن.
    صادق کي راڳ ته وڻي ئي ٿو، پر راڳ جا عاشق به وڻن ٿا. ڇو ته راڳ به نماز وانگر بُراين جي ڍال آهي. سندس تمنا آهي ته، هو وڌيڪ سٺو ڳائي سگهي. ڇو جو هو سمجهي ٿو ته، "هي واحد ڪم آ، جيڪو ماڻهوءَ جي مَن کي ميرو ٿيڻ نٿو ڏئي."

    هڪ ڀيري سائين زاهد ڀيو، اسحاق ۽ آءٌ مٺي ويل هجون. ماروي ريسٽ هائوس تي تاجل به ترسيل هجي. صادق ڳايو پئي، اياز صاحب کي به، پر سعيو ڪري تاجل بيوس جا ڪلام پئي ڳاتائين. سڀني ڏٺو پئي، تاجل ڏاڍو خوش پئي ٿيو. ٻارن وانگر تاڙيون پئي وڄايائين. هٿ پئي کنيائين، اُٿي نچيو پئي. سليم تاجل کي فوٽو ڪڍڻ لاءِ به چيائين. مونکي ٻانهن کان ڇڪي چيائين، اچ تون به نچ! آءٌ نچڻ مان ڇا ڄاڻان. مونکي ته سُرَ سان روئڻ به نه اچي! چڱو جو قدرت واري ماٺ ئي ماٺ ۾ ٻه ڳوڙها وهائي، اندر هلڪو ڪرڻ جي آساني پيدا ڪري ڇڏي آهي.
    تڏهن سوچجي ٿو، صادق کي ڪنهن جي دل رکڻ به اچي ٿي. هُونئن اهو فقير به ڪهڙو، جيڪو ڪنهن جي دل به نه رکي سگهي.
    صادق فقير جي نالي جي انگريزيءَ ۾ ٽرانسليشن ڀلي ڇا به هجي، پر سچ ته هي مون کي True beggar ئي لڳندو آهي، جنهن جي سچائيءَ جو ثبوت فقط ربّ جي اها دين، اها اِلاهي ڏات آهي، جنهن کي موسيقي ٿو چئجي – "جا پاڪ رُوحن جي ميراث آهي ۽ ڌرتيءَ تي سڀ کي هڪ ڪَري وڻيل ٻولي آهي. "


    اياز جي نشيلن نظمن جهڙي سنڌ جي ڀلوڙ ڪلاڪار : صادق فقير سان رَس رهاڻ ڪچهري ڪندڙ: چمن آر ٿري

    چمن: سڀ کان پهرين توهان کي اڄوڪي رس رهاڻ ۾ دل جي گهراين سان ڀليڪار ڪريون ٿا.
    صادق فقير: اوهان جي وڏي مهرباني.
    چمن: صادق صاحب سڀ کان اول توهان پنهنجو مختصر تعارف ڪرائجو.
    صادق فقير: نانءُ صادق فقير، منهنجو جنم مٺي شهر جي مڱڻهار پاڙي ۾ ٿيو. تعليم ايم اي سنڌي اٿم. هينئر ٻار پڙهائيندو آهيان ۽ راڳ جي خدمت ڪيان پيو.
    چمن: پنهنجي ٻاروتڻ جي وهيءَ جون ڪجهه ساروڻيون سليو. يعني اوهان جي ڪچڙي وهي ڪيئن گذري.
    صادق فقير: منهنجو ننڍپڻ به عام ٿري ٻار جيان ريٽن تي راند ڪندي گذريو. انهي وهيءَ سان ڪئي يادون وابسته آهن. ڪهڙيون ويهي ڪهڙيون ٻڌائجن. ننڍپڻ ۾ ڪيل شرارتون ۽ چلولايون اڄ به ياد آهن ۽ هميشه ياد رهنديون.
    چمن: موسيقي وڏو جهان آهي، اوهان جو ان طرف ڪيئن اچڻ ٿيو؟
    صادق فقير: موسيقي طرف حادثاتي طور تي آيس. منهنجي ذهن ۾ به ڪونه هو ته آئون ڪو راڳي ٿيندس ۽ ماڻهو ايتري قدر مون کي محبتون ڏيندا. يارهين ڪلاس ۾ پڙهندو هئس. اسان جي ڪاليج ۾ هڪڙو اُستاد پرشوتم واسواڻي هوندو هو، جيڪو فزڪس پڙهائيندو هو. ان مون کي چيو ته سڀاڻي پرنسپال کي الوداعي پارٽي ڏيون پيا، توکي ان ۾ ڳائڻو آهي ۽ مون به سائين جي ڳالهه جو مان رکندي اُتي استاد جمن جو ڳايل ڪلام "ٻڌايان مان ڪنهن کي غم جو فسانو. آهي بيوفا هي سارو زمانو" ڳاتو. پوءِ هڪڙو ٻيو نقطو به نروار ٿيو. ڇو ته مون کان پهرين واري ٽهي(استاد مراد فقير، مائي ڀاڳي، حسين فقير، موهن ڀڳت وارا) پنهنجو وارو وڄائي چڪا هئا ۽ ماڻهن کي نواڻ گُهربي ٿي.
    چمن: موسيقي جي دنيا ۾ اوهان جو اُستاد؟
    صادق فقير: منهنجو مامو حسين فقير جيڪو وڏو گائڪ هو. مون راڳ جي سکيا به ان کان ورتي.
    چمن: صادق صاحب، هونئن ته سمورا ٿري گائڪ ساهه سريکا آهن، پر اوهان کي ڪهڙو ٿري راڳي تمام گهڻو پسند آهي.
    صادق فقير: چمن واقعي سمورا سينيئر ٿري راڳي ماکيءَ مثل آهن، پر مون کي مائي ڀاڳي وڌيڪ پسند آهي. مائي ڀاڳي سڄي عمر فن کي ارپي هئي. اڄ به سندس گيت دنيا نيوز تي ٻڌا وڃن ٿا. هو واقعي انٽرنيشنل فنڪاره هئي، پر هڪڙي حسرت مائي ڀاڳيءَ جي دل ۾ رهجي وئي. جيڏو سندس قد ڪاٺ هيو، اوترو کيس موقعو نه مليو. ڇو ته تنهن دور ۾ ٽي وي تي سنڌي پروگرام تمام گهٽ هئا. ان سبب اُهي پراڻا گائڪ پري تائين پُهچي نه سگهيا.
    چمن: جيئن اوهان پاڻ ٻڌايو ته اوهان اُستاد محمد جمن جو گيت سڀ کان پهرين ڳاتو، پر ڪئسٽ لاءِ سڀ کان اول ڪنهن جا ٻول ڳايا؟
    صادق فقير: چمن، ڇا هو جو جڏهن مون ڳائڻ شروع ڪيو، تڏهن مٺي ۾ اسٽيج ڊرامه جام ٿيندا هئا. ڊرامن ۾ اُتي مقامي شاعرن جي شاعري ڳائڻ لاءِ ملندي هئي، پر منهنجو ڪيسٽ لاءِ ڳايل پهريون گيت تاج جويو جو هو، جيڪو اسان کي سنڌي پڙهائيندو هو.
    چمن: ڳائڻ جي آس ۾ غزل سٺو لڳندو آهي يا نظم؟
    صادق فقير: توڙي جون مون سڀ صنفون ڳائيون آهن، پر غزل جيئن لکڻ ۾ خوبصورت ۽ مشڪل آهي، تيئن ڳائڻ ۾ به سٺو ۽ ڏکيو آهي.
    چمن: صادق هجت مان پڇان ٿو ته توهان شيخ اياز جي شاعري ججهيري ڳائي آهي. ان جو ڪو سبب؟
    صادق فقير: حقيقت ۾ مون اياز کي ڳايو پهرين ۽ پوءِ ڏٺو هو. اسان جي ماڻهن کي اياز به سئو سال پوءِ سمجهه ۾ ايندو. اياز هن صديءَ جو وڏو ماڻهو آهي. بلڪه آئون ته ايئن چوندس ته اياز هر صديءَ جو وڏو شاعر آهي ۽ مون کي سندس شعرن ۾ اُها شيءَ ملي وئي، جنهن جي مون کي تلاش هئي- ۽ ان لاءِ اياز کي گهڻو ڳايو اٿم.
    چمن: جيتري قدر مون اوهان کي ٻڌو آهي ته اوهان جي اڪثر گيتن ۾ اُداسي ڇو هوندي آهي.
    صادق فقير: (اداس ٿيندي) اصل ۾ راڳ آهي ويراڳ، سو مون کي به ان قسم جا گيت وڻندا آهن ۽ ڳائي ڇڏيندو آهيان.
    چمن: اوهان شاعريءَ جي چونڊ ڪيئن ڪندا آهيو؟
    صادق فقير: شاعري پاڻ گڏ ڪندو آهيان. ڪنهن رسالي ۾ سٺي شيءَ ملي وئي، ڪنهن ڪتاب ۾ ڪو وڻندڙ اسم ملي ويو. مطلب ته شاعري پنهنجي پسند جي ڳائيندو آهيان.
    چمن: اوهان پنهنجي گيتن جون ڌنون پاڻ ڪمپوز ڪندا آهيو يا ٻين کان ٺهرائيندا آهيو؟
    صادق فقير: ادا ڳالهه هيءَ آهي ته آئون بنيادي طور موسيقار ناهيان، مگر جنهن خطي ۾ اسين رهون ٿا، اتي سڀ ڪم پنهنجو پاڻ کي ڪرڻا پون ٿا. سو ڌنون به پاڻ ٺاهيندو آهيان ۽ ڳائيندو آهيان.
    چمن: هيستائين ڪيترين ٻولين ۾ ڳائي چڪا آهيو؟
    صادق فقير: هن مُلڪ جي سمورين علائقائي ٻولين جهڙوڪ سنڌي، اردو، ڍاٽڪي، پشتو، پنجابي ۽ سرائڪي ۾.
    چمن: اسان وٽ هڪڙي چوڻي مشهور آهي ته فقير جو ٻار روئي ته به سُر ۾، ان ڳالهه ۾ ڪيتري صداقت آهي؟
    صادق فقير: اها ڳالهه ان ڪري چئي وئي آهي، ڇو ته هتي سنڌ ۾ ڳائڻ وڄائڻ جو ڪم مڱڻهار فقيرن جو آهي. سو هڪ ٻار جڏهن اک کولي ٿو ته سندس ڪن تي ڍولڪ، طبلي ۽ سارنگيءَ جو آواز پئي ٿو ۽ هو ننڍي هوندي کان ئي سازن تي هريو وڃي.
    چمن: صادق هونئن ته سموريون راڳڻيون سدا بهار آهن، پر اوهان کي ڪهڙي راڳڻي وڌيڪ پسند آهي؟
    صادق فقير: راڳڻيون ته سڀ خوبصورت آهن، پر ڪير ڳائي ان انداز ۾. سنڌ کي پنهنجا به مخصوص راڳ آهن. اسان سنڌين جي اها خوش قسمتي آهي جو ڀٽائيءَ جهڙو تمام وڏو ماڻهو هتي ڄائو. سندس رسالي ۾ آيل ٽيهن سُرن جون موسيقيءَ ۾ به شڪليون ملن ٿيون. باقي هر ڪنهن جي جيئن ذاتي پسند هوندي آهي، تيئن مون کي ’مانجهه‘ پسند آهي.
    (چمن وچان ڳالهائيندي): ٿورو جهونگاريو....
    صادق فقير (جهونگاريندي) ڪَيسريا، بالما... پڌارو ماري ديس ري....
    چمن: واهه......! ان کان سواءِ ڪهڙيون راڳڻيون ڳائيندا آهيو.
    صادق فقير: مالڪوس، درٻاري ۽ ڀيروي، جيڪا سدا بهار راڳڻي آهي. گهڻي ڳائي وڃي ٿي ۽ آئون به گهڻي ڳائيندو آهيان.
    چمن: اڄ ڪلهه جا نوجوان فنڪار، معياري موسيقي گهٽ ڳائين ٿا. ان جا ڪهڙا ڪارڻ آهن؟
    صادق فقير: آئون ته ائين چوندس ته هتي موسيقيءَ جي سکيا جو ڪو ادارو ڪونهي. جتي راڳ جي باقاعده تربيت ڏني وڃي. اڳي موسيقيءَ سان ايتري محبت هوندي هئي جو شاگرد استادن پويان ڏهه ڏهه سال پيا ڦرندا هئا، اڄ به جي نوجوان گائڪ سکي پوءِ ڳائن، ته ڏاڍو سٺو ٿيندو.
    چمن: هاڻوڪين حالتن کي ڏسي موسيقيءَ جو مستقبل ڪيئن ٿا ڏسو؟
    صادق فقير: ادا هر دور ۾ ڳائڻ وارا ڳچ هوندا آهن، پر ماڻهو چند ڄڻن کي پسند ڪندا آهن. جيئن اسان کان اڳين ٽهيءَ ۾ ڳائڻ وارا ته ڪافي هئا، مگر گوَيا صرف چند استاد محمد يوسف، محمد جمن، وحيد علي، سينگار علي سليم ۽ ٻيا هئا. سو هن وقت به ڳائن ته گهڻا ئي پيا، مگر گائڪ ڪجهه آهن. باقي ماڻهن جي ڌنڌي جي ڪري موسيقيءَ جي مستقبل تي ڪو اثر ڪونه پوندو.
    چمن: اهڙا گيت جيڪي اوهان جي دل تي هر وقت هوندا آهن.
    صادق فقير: (ٽهڪ ڏيندي) اياز جا ئي آهن... سکي پيا کي ملين ته چئجان.... هي سَين نه ڏيندي چين... جواني نه رهندي... اسان ننڊ جا نيڻ آهيون پرين... اها شاعري تمام وزندار آهي ۽ مون انهن کي ڳايو ته الائي ڪيئن آهي مگر مون کي گهڻو پسند آهن.
    چمن: جيئن ته اوهان کي نوجوان تمام گهڻو ٻڌن ٿا، اوهان جڏهن حيدرآباد جي هوائن ۾ ڳائيندا آهيو ته اڳيان ڄام شوري ۾ پڙهندڙ ڇيڳرا ڇوڪرا هوندا آهن. تڏهن ڪيئن محسوس ڪندا آهيو؟
    صادق فقير: فنڪار هوندو ئي پيار جو بکيو آهي ۽ جي ٻڌڻ وارا سٺا هجن ۽ موٽ به سٺي ڏين ته ڏاڍو مزو ايندو آهي. هونئن به سموري سنڌ جا ماڻهو موسيقيءَ سان عشق ڪن ٿا، پر انهن مان چند وري اهڙا آهن جيڪي شاعري به سُٺي ٻڌڻ جا شوقين هوندا آهن. ۽ ها جڏهن اهڙا ٻڌڻ وارا ملندا آهن ته دل کولي ڳائيندو آهيان.
    چمن: راڳ لاءِ رياض ڪيترو ضروري آهي. اوهان رياض کي گهڻو وقت ڏيندا آهيو؟
    صادق فقير: راڳ ئي نه پر دنيا جو جيڪو به ڪم مسلسل لگن سان ڪبو ته ان ۾ چَس ۽ رَس به رهندو. باقي آئون ته سست ماڻهو آهيان. رياض کي باقاعده ٽائيم ناهيان ڏيندو. هلندي ڦرندي دوستن جي ڪچهرين ۾ هتي هُتي پيو جهونگاريندو آهيان. معنيٰ ته منهنجو انهيءَ شيءَ سان تعلق ضرور رهندو آهي.
    چمن: اڄوڪي ڪچهريءَ جي پڄاڻيءَ تي’ڪجليو‘ پڙهندڙن لاءِ ڪو پيغام ڏيڻ چاهيندئو.
    صادق فقير: (مرڪندي) اوهان رسالي تي نانءُ ته ڀلوڙ رکيو آهي. پيغام کان پهرين صلاح ڏيندم ته رسالي کي رسالو ڪري آڻجو. ياريون دوستيون هڪ پاسي رکجو ۽ پڙهندڙن لاءِ عاجزانه عرض ته وڌ کان وڌ رسالا پڙهو، پر ڪنهن کان کڻي نه پڙهو، پئسو خرچ ڪري رسالا وٺو. اوهان جي هتان هُتان کڻي پڙهندئو ته رسالا وٺندو ڪير. جي وٺندو ڪير به نه ته پوءِ رسالا هلندا ڪيئن، پوءِ ظاهر آهي اهي شيون ختم ٿي وينديون.
    (هي انٽرويو سلسليوار ڪجليو تان ورتل آهي.)


    سنڌ جي سُريلي ۽ ڀلوڙ راڳي صادق فقير سان مُکا ميلو : جاکوڙ سٿ پاران ورتل انٽرويو

    سوال: سڀ کان پهرين پنهنجي جنم جي تاريخ، هنڌ ۽ مائٽن جي مستقل رهائش بابت ٻڌائيندا؟
    جواب: جنم 20 مارچ سنه 1964ع، هنڌ مٺي شهر، ٿرپارڪر، سنڌ.
    سوال: ننڍپڻ ڪيئن گذريو، ڪي يادگيريون؟
    جواب: ننڍپڻ هر ٻار جيان سٺو گذريو. پيءُ جو اڪيلو پٽ هئڻ ڪري وڌيڪ پيار مليو. بابا جي نوڪري ڏيپلو شهر ۾ هئڻ جي ڪري اٺين ڪلاس تائين ڏيپلو شهر ۾ پڙهڻ جو موقعو مليو، جيڪو سڄي زندگي ياد رهندو.
    سوال: تعليم وارو سفر ڪيئن رهيو ۽ ڪٿي پهتو؟
    جواب: اٺ ڪلاس ڏيپلي ۾ پڙهيم. ميٽرڪ ميرواهه گورچاڻي ۾ پڙهيم، ڇو جو ناناڻا ميرواهه گورچاڻيءَ ۾ رهندا هئا. انهن وٽ رهڻ جي ڪري انٽر کان ايم اَي (سنڌي) مٺي ڪاليج مان ڪيم.
    سوال: ڪي اهڙا استاد، جن کان توهان گھڻو ڪجھه پرايو؟
    جواب: استاد ته سڀئي محترم هوندا آهن، انهن جي لاءِ سدائين دل ۾ عزت رهندي، پر سائين محمد رمضان جوڻيجو جن وٽ اٺون ڪلاس پڙهيم، اهو سدائين ياد رهندو آهي. ڇو جو هو سدائين دوستن جيان پيار ڪندو هو ۽ سائين پرشوتم واسواڻي، جيڪو هميشه ياد رهندو آهي، هن استاد مون کي پڙهائڻ سان گڏ ڳائڻ جي لاءِ گھڻو اُتساهيو. سچ پچ سائين پرشوتم واسواڻي مون کي استاد نه ملي ها ته شايد آئون راڳي نه هجان ها.
    سوال: راڳ ڳائڻ توهان ڪڏهن شروع ڪيو؟
    جواب: راڳ رنگ جي دنيا ۾ آئون سنه 1984ع کان آيس، جڏهن آئون انٽر پڙهندو هئس.
    سوال: سنگيت جي سِکيا ڪنهن کان ورتي؟
    جواب: سنگيت جي سکيا مون پنهنجي مامي ۽ اُستاد حسين بخش فقير کان ورتي.
    سوال: ڇا سنڌ ۾ اهڙا استاد ۽ ادارا آهن، جن کان خواهش مند نوجوان سنگيت جي سکيا حاصل ڪري سگھن؟
    جواب: سنڌ ۾ ادارا ته ڪڏهن رهيا ئي ڪونه آهن. باقي ڪجھه استاد اهڙا هوندا هئا، جيڪي شاگردن کي پنهنجي گھر ۽ محفلن ۾ ڳارائي سمجھائيندا هئا. اهڙا ڪجھه دوست اڄ به آهن، جيڪي شاگردن کي اهڙي طرح سکيا ڏيندا رهن ٿا.
    سوال: سنگيت جي زبان ۾ سپتڪ ڇا کي چئبو آهي؟
    جواب: سرگم جي ٻارنهن سُرن کي سپتڪ چئبو آهي ۽ هارمونيم ۾ اهڙا ٽي يا ساڍا ٽي سپتڪ ٿيندا آهن. انهن ٽن سپتڪن مان ڪنهن هڪ سپتڪ ۾ ڳائيندا آهن. مڌم سپتڪ ۾ ڳائڻ بهتر ٿيندو. ٽنهي سپتڪن جا نالا هيءُ آهن:
    • مندر سپتڪ
    • مڌم سپتڪ
    • تار يا ٽيپ سپتڪ
    سوالِ: راڳ ۽ سُر ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
    جواب: سُر هڪ موزون ۽ دلڪش آواز جو نالو آهي، جو انسان جي گلي يا ڪنهن ساز يا ڪنهن ٻي شيءَ مان نڪتل هوندو آهي. راڳ وري ڪجهه سُرن کي گڏي استادن راڳن جون شڪليون ٺاهيون آهن. راڳ هنن ذاتين ۾ ورهايل آهن.
    سمپورڻ سمپورڻ
    سمپورڻ کاڍو
    سمپورڻ اوڍو
    کاڍو سمپورب
    کاڍو کاڍو
    کاڍو اوڍو
    اوڍو سمپورڻ
    اوڍو کاڍو
    اوڍو اوڍو
    اهي ذاتيون آهن، راڳن جون.
    سوال: موسيقيءَ جي دنيا ۾ ڪُل 10 ٺاٺ آهن، جن جا نالا هي آهن:
    ڪلياڻ ٺاٺ
    ماروا ٺاٺ
    بلاول ٺاٺ
    کُماچ ٺاٺ
    پوربي ٺاٺ
    ڀيروي ٺاٺ
    آساوري ٺاٺ
    ڪافي ٺاٺ
    ڀيرو ٺاٺ
    ٽوڙي ٺاٺ.
    سوال: مالڪوس ڪهڙي ٺاٺ جو راڳ آهي؟
    جواب: راڳ مالڪوس ڀيروي ٺاٺ جو راڳ آهي. هن راڳ ۾ 5 سُر لڳندا آهن، سا گا ما ڌا لي سا_(وري ساڳيون)
    سوال: اوهان اڪثر شيخ اياز کي ڳايو آهي، جڏهن ته ٻين شاعرن جي به ڪافي معياري شاعري موجود آهي؟
    جواب: شيخ اياز کي مون ضرور ٻين شاعرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڳايو آهي، پر ٻين شاعرن کي به ڳائيندو آهيان. جهڙوڪ شاهه لطيف، استاد بخاري، امداد حسيني، تاجل بيوس، تنوير عباسي، شمشيرالحيدري، سائينداد ساند، اسحاق سميجو، وفا ناٿن شاهي، وفا پلي، سچل سائين، ڪبير، ميران، گرونانڪ، فيض احمد فيض، مرزا غالب، احمد فراز ۽ ٻين کي به ڳائيندو آهيان.
    سوال: غير معياري ۽ مضحڪه خيز شاعري ۽ ان کي ڳائيندڙ فنڪارن بابت اوهان جي راءِ؟
    جواب: هر فنڪار جي پنهنجي سمجهه ۽ پسند آهي.
    سوال: ڇا اهڙي رجحان ۽ عمل باعث سنڌي موسيقيءَ جو بگاڙ يا ڪو نقصان ٿي رهيو آهي؟
    جواب: هر دور ۾ ايئن ٿيندو آيو آهي. ان ۾ گهٻرائڻ جي ڳالهه ناهي. ڇو ته اڄ به ڪيترا ئي دوست معياري شعر ڳائن پيا.
    سوال: هڪ مقبول گائڪ هئڻ ناتي اوهان جي نظر ۾ ان جو ڪو حل؟
    جواب: مون کي ميوزڪ بهتر ڪرڻ جو حل صرف ملڪ ۾ سٺا سکيا گهر هجڻ ۾ نظر اچي ٿو.
    سوال: ريڊيو ۽ ٽي وي تي توهان ڪڏهن آيا ۽ ڪهڙيءَ طرح؟
    جواب: ريڊيو تي آءٌ 1984ع ۾ ۽ ٽي وي تي 1988ع ۾ آيو آهيان.
    سوال: انهن ادارن ۾ ڪي اهڙا ماڻهو، جن اوهان کي متاثر ڪيو؟
    جواب: انهن ادارن کي هميشه متاثر ڪندڙ ماڻهو نصيب ٿيا آهن. پراپر ماڻهو انهن ادارن ۾ هئڻ گهرجن ته بهتر ٿيندو.
    سوال: سرڪار ثقافت کاتي و ارن ڪو تعاون ڪيو. سندس روش بابت اوهان جي راءِ؟
    جواب: سرڪار ۽ ثقافت کاتي ڪا سٺي موٽ نه ڏني آهي، پر سنڌي ماڻهن تمام گهڻو پيار ڏنو آهي.
    سوال: توهان کي هيستائين ڪهڙا ڪهڙا ايوارڊ ملي چڪا آهن؟
    جواب: اصل ايوارڊ ڌرتيءَ جي ماڻهن جو پيار هوندو آهي. اهو هميشه ملندو رهندو آهي. باقي شيلڊن سان گهر ڀريو پيو آهي، نالا ياد نه آهن.
    سوال: توهان ڪيترا غير ملڪي دورا ڪيا آهن. اُهي سرڪاري طور هئا، ڪي نجي؟ اُنهن ملڪن جون ڪي انوکيون ڳالهيون؟
    جواب: آءٌ ڪجهه ملڪن ۾ ڳائي چڪو آهيان، پر اهو ذاتي ڪم جي آڌار تي، نه ڪنهن سرڪاري سڏ تي. هندستان، انگلينڊ ۽ سعودي وغيره ۾.
    سوال: توهان جو تعلق ٿر سان آهي. هتي وڏا وڏا گائڪ ٿي گذريا آهن. سندن فن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ عملي طور اوهان ڪجهه ڪيو آهي يا سوچيو آهي؟
    جواب: ٿر ۾ تمام سٺا راڳي ٿي گذريا آهن، جن ۾ مائي ڀاڳي، مراد فقير، موهن ڀڳت، ٻڍو فقير، حسين بخش فقير... انهن جي ڪم کي اڳتي وٺي هلڻ لاءِ ادارو ٺهرايو آهي. جيڪو مڪمل سازن جي نه هئڻ سبب اڃا شروع ڪري نه سگهيو آهيان، ٿورن ڏينهن ۾ انشاءَالله شروع ٿي ويندو.
    سوال: اوهان جا ڪي اهڙا شاگرد، جيڪي اڳتي آيا هُجن.؟
    جواب: آءٌ پاڻ اڃان شاگرد آهيان ۽ شاگرد رهڻ ٿو چاهيان.
    سوال: اوهان جي پسند جا راڳي/فنڪار؟
    جواب: مون کي مهدي حسن، محمد يوسف ۽ محمد جمن وڻندا آهن.
    سوال: اوهان استاد آهيو، تعليم کاتي ۾ نوڪري ڪريو ٿا. نوڪريءَ ۾ گهڙڻ ۽ پوءِ واري سفر جون ڪي دلچسپ ڳالهيون.؟
    جواب: آءٌ ٽيچر آهيان، نوڪري مون کي تمام گهڻو پنهنجي اصل ڪرت راڳ ۾ مدد ڪئي آهي. توڙي جو نوڪري مون کي بنا ڪنهن اپلاءِ ڪرڻ جي ملي هئي ۽ مون ڪرڻ به نه ٿي چاهي، پوءِ دوست سائينداد ساند جي چوڻ تي هاءِ اسڪول فضل ڀنڀرو ۾ نوڪري ڪرڻ شروع ڪئي.
    سوال: ڪو اهڙو غير معمولي ۽ يادگار واقعو، جيڪو زندگيءَ ۾ پيش آيو هُجي. جيڪڏهن شيئر ڪرڻ چاهيو ته؟
    جواب: اسلام آباد ۾ پروگرام ڪرڻ ويا هئاسين، 1986ع ۾. اوچتو اُتي بم ڦاٽي پيا ۽ پوءِ ڪجهه منٽن ۾ 7 ڪلوميٽر ڊوڙڻ ۽ جان بچائڻ هميشه ياد رهندو آهي.
    سوال: زندگيءَ ۾ ڪو يا ڪي عشق ۽ نتيجا؟ انهن بابت اوهان جي راءِ؟
    جواب: عشق ني غالب نڪما ڪرديا،
    ورنه هم بهي آدمي تهي ڪام ڪي.
    سوال: سنڌي موسيقيءَ ۾ ڪلاسيڪل راڳن جي گهٽ هئڻ يا گهٽ ٿي وڃڻ جا ڪارڻ اوهان جي نظر ۾؟
    جواب: سنڌي موسيقيءَ ۾ ڪلاسيڪل راڳي اڳي به گهٽ رهيا آهن ۽ هينئر به گهٽ هئڻ جو سبب صرف سنڌ ۾ ڪو سکيا گهر نه هئڻ آهي.
    سوال: اوهان پنهنجي اولاد کي فنڪار بنائڻ چاهيندئو؟
    جواب: منهنجي اولاد ۾ جيڪڏهن ڪنهن پاڻ ڳائڻ چاهيو ته آءٌ ان جي ضرور مدد ڪندس ۽ خوش به ٿيندس.
    سوال: ٿر ۾ ڪي اهڙا نوجوان ڳائڻا، جيڪي اوهان جي خيال ۾ اڳتي وڌڻ جي صلاحيت رکندا هُجن؟
    جواب: ٿر ۾ ڪجهه نوجوان آهن، جن کي ماحول مليو ته سٺا راڳي ٿي سگهن ٿا. رفيق فقير ۽ رجب فقير.
    سوال: ٿر، مٺيءَ ۾ رهي پروگرامن لاءِ سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ وڃڻ اچڻ ڪيئن ٿو لڳي؟
    جواب: ٿر جي شهر مٺيءَ ۾ رهي سڄي سنڌ ۾ پروگرام ڪرڻ جي لاءِ وڃڻ ٿيندو رهندو آهي ۽ سڄي سنڌ گهمڻ جو موقعو ملندو آهي. سفر ضرور ٿڪائيندڙ هوندو آهي، پر سنڌ ڏاڍي سهڻي آهي. ان جا ڳوٺ، شهر ۽ ماڻهو ڏسي سڀئي ٿڪ لهي ويندا آهن.
    سوال: آخر ۾ ڪو پيغام ٻڌندڙن، نوجوان راڳين ۽ معزز شاعرن لاءِ.؟
    جواب: ٻڌندڙن جي لاءِ صرف ايترو عرض ڪندس ته جنهن به ڪم سان آهيو، ان کي ايمانداريءَ سان ڪريو ته سنڌ اڃان وڌيڪ خوبصورت ٿي پوندي.


    A Literary Musician’s tragic exodus from Sindh By: Rafique Wassan

    It was very painful and gloomy evening of February 26, 2015 when we received tragic news about the death of Sadiq Faqeer, in a road accident in Saudi Arabia. The news of accidental death of Sadiq Faqeer, the popular singer of Sindhi modern literary and sufi poetry, spread with sheer grief and gloom across the Sindh. It was not only the shocking and painful incident for the lovers of his soulful voice; the progressive literary figures, modern poets, writers and political leaders from all over the Sindh expressed intense feelings of sorrow and sadness. It was unbelievable and agonizing for his lovers and friends all over to hear about his sudden tragic death.
    Sadiq Faqeer pioneered the distinctive style of singing the poetry of modern Sindhi progressive literary and romantic poets especially Shaikh Ayaz and Ustad Bukhari. In a way, Sadiq laid the foundations of promoting the modern Sindhi poetry through his performance. By adapting the selection of modern literary and romantic poetry in his singing, Sadiq Faqeer is credited to have introduced and institutionalize the literary musical genre in Sindhi music which specifically entertained to the literary class of listeners and served the political and aesthetic objectives through music. Sadiq introduced to and sang the poetry of modern Sindhi poets Ayaz Gul, Adal Soomro, Akash Ansari, Haleem Baghi Hasan Dars, Ishaq Samejo. He was not only a singer but the best composer; he had the hereditary, professional musical art of creating original compositions of the ghazal, geet and waee genres of modern Sindhi poetry. His artistic and creative selection and composition of the poetry by Shaikh Ayaz and other young literary poets into music was highly applauded and liked at the literary programs, universities, colleges and private mehfils. Sadiq earned recognition among the serious, literary lovers of Sindhi music who would always sought progressive literary and political ideas into it. For the writers and nationalists of Sindh, Sadiq’s songs and voice was the reflection and representation of Sindh and Thar Desert.
    Born on March 20th, 1964 in a hereditary musician caste known as Manganhaar in Mithi, Tharparkar, Sadiq received education at graduate level and got job in a government school Mihti.
    Sadiq started his professional music career as singer in young age during the school days and got musical training by his maternal uncle Hussain Faqeer, the well trained hereditary musician in his community. Sadiq’s first song in the poetry of Shah Abdul Latif Bhitai was debuted by Radio Pakistan Hyderabad in 1987. Later on, in early 90s, his performance in a huge public gathering among students, writers and academics of Sindh University, Jamshoro on the eve of International conference on Sindhi literature and Language provided him with the patronage and platform for recognition and applaud.
    Sadiq’s association with hereditary musician community of Manganhaar, ingenious voice quality and selection of modern literary poetry of famous old and new Sindhi poets added value to his performance and contributed to his popularity and recognition in the years to come across the Sindh. Sadiq kept continued his music with the professional commitment and dedication to select, compose and sing modern literary and romantic poetry. In return, he received reciprocal appreciation by the lovers of his music especially the literary circles, intellectuals, writers and students. Equally, this appreciation made Sadiq’s musical style and tradition distinctive and popular in Sindh. In the process, Sadiq got recognized and acknowledged not only the love and appreciation by listeners; he also fulfilled their aesthetic and ideological needs through his performance of literary and thoughtful poetry of romance and resistance.
    Sadiq Faqeer’s recognition and commitment of upholding the literary style of music never pushed him to follow the mainstream commercial audio cassette based music industry. Conversely, he defined and developed his popular image of being a non-commercial musician. Through his selective style of singing in terms of poetry and original rendition, Sadiq enjoyed the fame and popularity more than mainstream commercial singers. Though a small number, his audio albums which included the songs of the selected poetry of modern Sindhi poets became very popular.
    Sadiq’s popular song on the theme of the separation of beloved ‘Tou Khaan theendy dhaar, lurk larre piya laar kry’ (the moment I parted ways with you, I could not stop my tears) debuted in his first audio album in 1994 reminds the irony of life at the moment when he is no more with us.
    Sadiq Faqeer’s tragic eternal exodus is great loss for his family, friends, fans, Sindhi music and music heritage. He was an extraordinarily creative singer and composer; his contribution to the promotion and preservation of Sindhi modern literary, sufi poetry and music is the reflection of an exemplary and unparalleled status in the field of music in Sindh. Sadiq Faqeer’s commitment and contribution to produce and uphold a distinctive literary musical tradition and genre in Sindhi music heritage would be remembered among the succeeding generation of musicians in the centuries to come.
    To pay homage to Sadiq, the writers, poets, intellectuals, civil society members and common people from far flung areas of Sindh flocked to Mithi, Tharparkar and attended his funeral rites. Sadiq reinvented and reinvigorated aesthetic and defiant consciousness through the performance of progressive literary poetry of Shaikh Ayaz, Ustad Bukhari and many other contemporary poets. As a custodian of literary, sufi poetry and music in Sindh, Sadiq Faqeer’s untimely accidental death has left a void; which is great loss for the secular social fabric of Sindhi society.
    Sindh experiences deep feelings of grief, gloom and deprivation over Sadiq’s eternal separation. Sadiq, you will be remembered for your endless contribution to the Sindh and its people whom you consciously selected in your songs and performance.


    مضمون / تاثر

    تنهنجي لاءِ ليئا، رهندا منهنجا روح ۾! : عبدالواحد آريسر

    سنڌ جو ٻيجل جنهن کي آئون سنڌ جو وڪٽر ھارا سڏيندو ھئس، سو سنڌ کي ڏُھاڳ ڏئي وڃي بھشت جي هوائن ۾ ويٺو يعني مٺيءَ جو سج مڪي ۾ غروب ٿي ويو. ان جو مطلب اِھو ٿيو ته صادق فقير ھن ڏُھاڳڻ ڌرتيءَ کي سدائين لاءِ ڏُھاڳ ڏئي وڃي، ملان مبارڪ کي پنهنجو راڳ ٻُڌائڻ لڳو آھي. شايد اسان جي پڙھندڙن کي مُلان مبارڪ جي موسيقيءَ سان عشق ۽ ڄاڻ بابت خبر گھٽ ھُجي. مُلان مبارڪ سيوھڻ جو رھاڪو ھو ۽ ابوالفضل ۽ فيضيءَ جو والد ھو، جنهن جي نالي کان متاثر ٿي شيخ اياز فخر وچان چيو ھو ته "منهنجو نالو به مبارڪ آھي. " ان مبارڪ لاءِ مولانا آزاد پنهنجي جڳ مشھور ڪتاب "غبارِ خاطر" ۾ لکيو آھي ته "اڪبر بادشاھه ھن کي تان سين جو راڳ ٻُڌايو ۽ کانئس تان سين جي راڳ بابت راءِ پُڇي ته ھن سنڌ جي موسيقيءَ جي ماھر ھڪڙي مختصر جملي ۾ جواب ڏنو ته "بلي مين سرايعت" (ھا مڙئي رينگٽ ڪريو ٿو وڃي). اگر اھو ملان مبارڪ صادق فقير کي ٻُڌي ھا تـه يقينن اِھو جواب ڏئي ها ته ھي سنڌ جي رڻ پٽ کي زندگيءَ جا ٽھڪ ڏيڻ تي مجبور ڪري ٿو.
    راڳ جا ڄاڻو جيڪي پاڻ کي سنگيت پريمي سڏين ٿا، تن کي اِھا خبر ناھي ته سنگيت مَن رس ۽ دماغ رس نـ ھوندو آھي، بلڪ سنگيت ڪَن رس، اک رَس، نڪ رَس، ذائقا رَس ۽ ھٿ رَس ھوندو آھي ۽ شاعر انهن حواسن سان محسوس ٿيل، ڇُھيل، ٻُڌل، سونگھيل ۽ چَکيل شين کي لفظن جا روپ ڏئي، تخيل جي بُلنديءَ سان زمين تان کڻي ستارن کي پٽي، محبوب جي سينڌ ۾ افشان ڪري وجھندو آھي. جڏھن ته ڳائڻو ان افشان کي محبوب جي چُنيءَ ۾، مُرڪ ۾ ۽ پيشانيءَ جي پگھر جي قطرن ۾ سجائي ڇڏيندو آھي ۽ اسان جو صادق به اھڙو ئي ھو، جنهن شيخ اياز، اياز گُل، ادل سومري، سائينداد ساند ۽ حليم باغيءَ جي تيز حواسن سان معطر ٿيل شاعريءَ کي پنهنجي صحيح اُچار ۽ سريلي آواز سان سنڌ جي ھوائن ۾ خوشبو وانگي ڦھلائي ڇڏيو.
    صادق مَن رس کان وڌيڪ حواس رس ڳائڻو ھو. ھن کي پئسي، دولت ۽ ٻي رنگ رنگيلي دنيا سان چاهه نه ھو. ھوُ ڪڏھن ڪڏھن صرف ڪُجھه ٻُڌندڙن جي ٻُڌڻ لاءِ سموري رات ڳائيندو ھو. ھڪ دفعي نصيرآباد ۾ ھن ڳايو پئي، گھڻي ڀاڱي ماڻھو اُٿي ويا ته مون کي ان وقت ھڪ سُٺي مقرر جا لفظ ياد آيا، جنهن چيو ھو ته "منهنجي تقرير کان اڳ ۾ ٻن قسمن جا ماڻھو اُٿي وڃن، ھڪڙا اُھي جن تازيون شاديون ڪيون آھن، ۽ ٻيا اُھي جن جي گھرن جا تالا ڪمزور ھُجن. ڇو ته آئون ڪنهن سُھاڳڻ جي پِٽ کڻڻ نٿو چاھيان ۽ نه ئي ڪنهن غريب جي گھر ۾ چوري ڪرائڻ ٿو چاھيان. ڇاڪاڻ جو مون جنهن وقت تقرير شروع ڪئي ته رات پنهنجا ڪارا وار ڪنهن سُلفي جي لاٽ جھڙي بدن تي ويڙھي ڇڏيندي ۽ سڀ ڪو اُن لاٽ جھڙي بدن کي ڏسڻ لاءِ مجبور ھوندو ۽ اُٿي نه سگھندو". پر نصيرآباد جا شايد گھڻا ماڻھو تازا پرڻيل ھُئا يا انهن جي گھرن جا تالا ڪمزور ھُئا، سي گھڻي ڀاڱي اُٿي ويا، پر آئون ويٺو ھئس ۽ ڪافي ٻيا دوست به ويٺل ھُئا. تيستائين فجر جي آذان آئي ته ھڪڙي ماڻھو رڙ ڪئي ته سائين مولوي آذان پيو ڏئي، ته ٻئي دوست وراڻيو ته ھڪ مُلون آذان پيو ڏئي ۽ ٻيو مُلون صادق جي سامھون ويٺو ٻُڌي (مون ڏانهن اشارو ڪندي). تنهن تي صادق جواب ڏنس ته ھتي ويٺل مُلي جھڙو ھڪڙو ئي منهنجي لاءِ ڪافي آھي- ۽ پوءِ آذان پوري ٿيڻ کان پوءِ صادق اُٿي روانو ٿيو، ۽ ايئن ڪونه پُڇيائين ته اسٽيج تي نوٽ ڪيترا آھن يا مون کي ڪرايو ڏيندا يا نه. پئسن جي معاملي ۾ ايڏي بي پرواھيءَ جو مظاھرو مون اڳي صرف استاد منظور علي خان ۾ ڏٺو ھو ۽ ٻيو صادق فقير ۾.

    استاد منظور علي خان وٽ ھڪ دفعي آئون ۽ مدد علي سنڌي ٽنڊي آدم وياسين ۽ چيوسين ته "اوھان کي رھبرِ سنڌ اڄ بٺوري گھُرايو آھي، اُتي يومِ لطيف آھي." اسان ويٺا ئي ھُئاسين ته ھڪ شاندار ڪار استاد جي دروازي تي اچي بيٺي. استاد کانئن اچڻ جو سبب پُڇيو. ھُنن جواب ڏنو ته اسان کي مُلڪ جي ھڪڙي وڏي ماڻھوءَ موڪليو آھي، ھن پنهنجي ڳوٺ ۾ سفيرن جي دعوت ڪئي آھي، اوھان کي اُتي ڳائڻو آھي. استاد چيو ته "بابا مون کي بٺوري وڃڻو آھي، ان جي لاءِ ھي ماڻھو آيا ويٺا آھن." ايندڙ ھمراھن چيو ته سائين سوچيو ڀلا بٺوري ۾ اوھان کي ڇا ملندو؟ استاد وراڻيو ته اھو سوچيان ھا ته شڪارپور ڇڏي، ڀٽائيءَ جي ڀرسان ٽنڊي آدم ۾ نه اچي رھان ھا. ۽ پوءِ استاد اسان سان گڏ ھليو. اسان وٽ گاڏي نه ھُئڻ سبب سنڌ جو مھا ڳائڻو اسان سان گڏ بس ۾ سفر ڪري بٺوري پُھتو ۽ بٺوري ۾ ڳائيندي، جڏھن ھن سچل جو اِھو شعر پڙھيو ته "ھڪ جُوءِ، ٻي جوءِ، ڇڏين ڪِين جوان....اهڙا به انسان، جيڪي ننگن تان نثار ٿيا"، تڏھن سائين جي ايم سيد اسٽيج تي ويٺي روئي پيو. جنهن تي استاد منظور علي خان مون کي چيو ته اھڙو داد مون کي سفيرن جي دعوت ۾ ڪونه ملي ھا. اِھي لڙڪ ناھن، پر موتيءَ داڻا آھن ۽ موتيءَ داڻن جو قدر پارکو کي ئي ھوندو آھي. اھڙيءَ ريت صادق جو واقعو مون کي هڪ دوست ٻُڌايو ته ٿر ۾ ھڪ پَٽيل جي شادي ۾ صادق دل کولي ڳايو ۽ مٿس نوٽن جي برسات ٿي وئي- پر راڳ ختم ٿيڻ تي صادق ھڪڙو نوٽ به نه کنيو. جنهن تي اسان کانئس سبب پڇيو ته ھن چيو ته ڳائڻ تي پئسا وٺڻ تي مون کي شرم ٿو اچي. اِھو ھو اسان جي ٿر بر کي زندگي، خوشيون ۽ جدوجھد ڏيندڙ اسان جي ٿر جو ٻاٻيھو صادق، جنهن جي يادگيرين جا مون وٽ دفتر ڀريل آھن، پر بي چاڪائيءَ جي ڪري ايترو لکان ٿو ته شيخ مجيب شيخ اياز جي ڪلام جي ھن سِٽ ته "نيٺ ته ڊھندي، ڪيسين رھندي، دوکي جي ديوار" جي حوالي سان ھڪ ڀيري چيو ھو ته "جي ايم سيد! سنڌ ۾ اھڙي شاعري ھوندي، سنڌ جا مُرده ڇو نٿا جيئرا ٿين"- ۽ آئون به اڄ حيران ٿي چوان ٿو ته ٿر ۾ اياز جي شاعري ۽ صادق جو آواز ھو، پوءِ به ٿر ۾ ڏُڪار ڇو ٿي پيا!؟
    (روزاني سنڌ اڪسپريس، فيبروري 2015)


    صادق – ساريءَ سنڌ جو! : نصير مرزا

    [جڏهن اسان ماءُ جي پيٽ مان نڪرون ٿا، ته موت، هڪ قاتل وانگر تلوار کڻي، اسان جي پُٺ تان هلندو اچي ٿو- گوتم ٻڌ]

    هاڻي ته بس، مُڙي ئي ڏسڻو آهي، ته صادق فقير ڇا هو؟ ۽ پوءِ ڇا مان ڇا وڃي ٿيو! ۽ ٻي ڳالهه ته ساڻس پهرئين منهنجي ملاقات ڪٿي ۽ ڪيئن ٿي؟ ته ان بابت ته...هاڻي سڀني کي معلوم ئي ٿي چڪو آهي ته اُها لطيف آباد، حيدرآباد جي مهراڻ آرٽس ڪائونسل جي لان تي ئي ٿي هئي، جتي هو "ٿري فنڪارن سان شام" نالي هڪڙي بينيفٽ شو جي سلسلي ۾ ڳائڻ لاءِ آيل هئو. سوچيان پيو، ان ئي صادق سان منهنجي پوئين ۽ آخري ملاقات ڀلا ڪٿي ٿي هئي؟ شايد ڀٽائي سرڪار جي ميلي ۾، جتي ٻي رات... هن موسيقيءَ جي محفل ۾ ڳاتو پئي: "اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا... " ها! ياد آيم، 11 هين فيبروريءَ تي به ته هو حيدرآباد آيل هو، جتي هن کي شام جو جمال شاهه جي پڙ ۾ رحمان سائين جي آستاني تي امير عليءَ پاران امبر مهڪ کي شاگرد طور ڳاني ٻڌڻ واري تقريب ۾ شرڪت ڪرڻي هئي. خير، صادق سان موسيقيءَ جي مختلف محفلن ۾ ٿيل اهڙين سڀني رهاڻين جي روداد آئون پوءِ ٿو لکان، پهرين ذڪر مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد ۾ رٿيل، ٿري فنڪارن سان انهيءَ سريلي شام جو، جنهن منجهان اسان ريڊيو وارن صادق کي ايئن چونڊيو، جيئن دنيا جي ڀريي ميلي مان ماڻهو پنهنجي لاءِ ڪنهن بهترين دوست جي چونڊ ڪندو آهي- يا جيئن ڪو جوهري مڻين مُنهن موتين منجهان، ڳولهي ڳولهي ڊائمنڊ (هيري) ۾ وڃي هٿ وجهندو آهي. ياد اٿم... هي 1986ع وارو سال هو ۽ منهنجي ريڊيو ڪيريئر ۾ سچ پڇو ته اهو بلڪل پهريون ئي ڀيرو هئو، جو ڪنهن جوان... بلڪ ڦوهه نو جوان کي ايئن ڪنهن موسيقيءَ جي محفل مان بنا فارمل آڊيشن جي چونڊي ۽ پينل تي آندو پئي ويو، ۽ اهو سڀ ڀلا ڪهڙي بنياد تي ۽ ڇو؟ ۽ اهو صادق فقير جي طلسمي، ۽ دل ۾ لهي ويندڙ درد انگيز آواز سبب... خير...ان ڏينهن هن جي حوالي سان مون کي هاڻي، ٻيو ڪجهه ته ياد ڪونه پيو اچي، پر ايترو ضرور ياد پيو اچي ته درجنن جي حساب سان ان محفل ۾ ٻيا به ٿري ڳائيندڙ هئا..! جن ۾ هڪڙو ته هئو ڪريم ڏنو فقير ۽ ٻيو نور محمد فقير. جنهن هڪڙو ڏاڍو دلچسپ ٿري لوڪ گيت ڳاتو هو: "اُتار ساجن بڇوڙو"... انهن ٻنهي فنڪارن جي پرفارمنس... ڇاڪاڻ ته ان وقت ايتري ڪا متاثر ڪندڙ نه هئي، ان ڪري مون پنهنجي اسٽيشن ڊائريڪٽر عنايت بلوچ صاحب کان ضد ڪري انهن ٻنهي کي به پاس ڪرائي پئنل تي آڻرائي ڇڏيو هو. ايئن پوءِ بعد ۾ عمرڪوٽ واري ڀُڳڙي مل کي به ته مون ئي پاس ڪري پينل تي آندو هو، جنهن جي آواز ۾ شيخ اياز جي هڪ وائي "جهوپڙيءَ ٻاهران رات جهانجهر وڳي" رڪارڊ ڪرائي نشر ڪرائي هئم ته... ڀڳڙي جا به وارا نيارا ٿي ويا هئا. خير ذڪر هتي صادق جو... جيڪو خوش قسمتيءَ سان اسان وٽ ان ڏينهن ’پئنل سنگر‘... بنا ڪنهن فارمل آڊيشن جي بڻيو هو، ۽ ٻئي ڏينهن تي موسيقار استاد نياز حسين، استاد مجيد خان سارنگي نواز، رحمت الله بينجو نواز، ڍولڪ نواز، احمد نواز ۽ ڪلارنيٽ پليئر امام بخش عرف اموءَ ۽ طبله نواز نذير خان جي سنگت ۽ جهُرمٽ ۾ هن مراد وند ۽ لڄاري صادق فقير جي، مون پهرئين ريڊيو رڪارڊنگ ڪئي. تڏهن ان ڏينهن مون هن کي بنهه ويجهو کان ڏٺو. سانورو بانورو، سٺن ساروپن ۽ نمڪين مهانڊن وارو هُو هڪ ساده لباس، شرميلو ۽ الهڙ الهڙ ڇوڪرو پئي لڳو، جنهن جي ڄمار ويهارو کن سال مس پئي لڳي. مختلف ڪلامن جي ريهرسل بعد هاڻي پينل تي رڪارڊنگ لاءِ ويٺس ته هن جنهن وائيءَ ڳائڻ لاءِ چپ چوريا... اُها هئي "لکيي ڙي پنڌڙو ڪرايو پيرن کي... " اڙي هان... هي ڇا!؟اسپيڪر تي هن ڦوهه جوان... يعني الهڙ ڇوڪري صادق جي آواز ۾ ڪو درد هئو بابا! منهنجو ته اصل هنيانءُ ئي ڦِسائي ڇڏيائين. لڳم، هن آواز پويان... ليڙون ليڙون لٽن سان، ڄڻ سسئي بيابانن ۾ واڪا ڪندي، ٻاڪاريندي چوندي پئي وڃي... "ڏوهه ڏيان ڪهڙو ڏيرن کي... لکيي ڙي پنڌڙو ڪرايو، پيرن کي." ان ڪلام بعد، پوءِ هن جيڪي ٻيا ڪلام ڳايا، انهن جا مکڙا هئا "رومال مارو رڱيو"، "پايَڙ موري"، "ميؤلا برسي"... ان بعد هاڻي هي ڪلام ٻئي ڏينهن کان جيئن ئي، نشر ٿيڻ شروع ٿيا.. چؤطرف صادق جي واهه واهه ٿي وئي ۽ جنهن جون واڌايون مون کي هيئن ملڻ شروع ٿيون:"ريڊيو حيدرآباد کي... نئون سريلو راڳي مبارڪ بابا... مبارڪ". تڏهن اهڙي داد تي آئون ته اهڙو خوش ۽ گد گد، جيئن ڪو باگڙي ٻار هولي، ڏياري يا جيئن ڪو غريب مسلمان ٻار عيد ڏينهن نوان ڪپڙا پائي خوش پيو ٿيندو ۽ ٽلندو وتندو آهي. ڪجهه وقت بعد هاڻي صادق جا ٻيا آئٽم رڪارڊ ٿيا... "سکي پيا کي ملين ته چئجان"، "ٿي املتاس تان ڪوڪ ڪويل ڪري"، "درد ڪو جنهن ۾ ناهي دوست"، "هلندڙ لاريءَ مان"... ۽ پوءِ اياز گل جي مشهور وائي... "توکان ٿيندي ڌار"، احمد سولنگيءَ جي وائي "اکڙين جي آلاڻ، تنهنجي ڳالهه ڪري ٿي"... اڙي بابا! هي جيئن نه.... صبح سان ٿر تي...’سج‘ ڪرڻن جا هيرا جواهر وسائڻ لڳندو آهي ۽ نجهري نجهري کي روشن ڪرڻ لڳندو آهي، صادق جو آواز به ايئن روشني بنجي، ساري سنڌ تي ڇانئجڻ شروع ٿي ويو.
    پر هي اسان جي سنڌ جو سڀاڳو راڳي، صادق! اصل ۾ هئو ڪير؟ ۽ ذات سندس ڇا..؟جي ها...هو بڻيائتو مڱڻهار هئو! ۽ سُر، لئه جي جهڻڪار، جنهن کي ازل ابد کان سرشت ۾ ئي مليل هئي... ۽ جنهن جا وڏڙا مٺي ٿر جي آس پاس جا راڄائتا فقير سڏبا هئا. جيڪي پوءِ مٺيءَ شهر ۾ اچي ويٺا ۽ راڳ ويراڳ سُر، لئه جي سبتڪن سان گڏ، نصابي تعليم ڏانهن به توجه ڏيندا رهيا ۽ جن مان صادق جو والد فيض محمد... پڙهي لکي، تپيداري ۽ پوءِ سپروائيزري جي عهدي تائين وڃي پهتو. ايئن صادق هڪ پاسي پنهنجي تپيدار پيءُ جي آڱر پڪڙي اسڪول جو رستو ڏٺو، ته ٻئي پاسي گهر ڀرسان ناناڻن مڱڻهار فقيرن مان... پنهنجي مامي محمد حسين فقير کان هارمونيم تي هٿ رکڻ ۽ راڳ آلاپڻ جا انگ رنگ سکڻ شروع ڪيا... ٿر صحرا هونئن ئي لوڪ موسيقي جو مرڪز، مٿان مراد فقير، مائي ڀاڳي، ٻڍي فقير، موهن ڀڳت ۽ سندس ڀاءُ سروپ فقير جهڙا راڳي پڻ اتي اڳي ئي موجود ۽ هڪيا تڪيا هئا... صادق هڪ پاسي جي انهن کان متاثر پئي ٿيو، ته ٻئي پاسي، پنهنجيءَ ذات ۾ نواڻ پسند هجڻ سبب ڪلاسيڪل راڳين مان استاد نزاڪت علي، سلامت علي، غلام علي، حسين بخش ڊاڍي ۽ حسين بخش گلو جي گائيڪي کي پڻ پسند پئي ڪيو، ۽ ان ئي اسٽائيل جي رياضت ۾ دلچسپي وٺي پنهنجي آواز ۾ پختگي آڻيندو ويو. (هونئن هُن جي آواز جي ڪوالٽي ۽ فري ڪوئنسي به انهن ئي راڳين جي آوازن سان ڪيڏو نه مئچ ڪندڙ لڳندي هئي.) استاد نزاڪت علي جي نالي ۽ آواز کان ته هو ايڏو متاثر هو، جو پنهنجي وڏي پٽ جو نالو ئي هن رکي ڇڏيو هو، نزاڪت علي فقير...
    قدرت صادق کي آواز به ڪيڏو نه مٺو... ماکيءَ... نبات... ۽ کنڊ جي پت جهڙو ڏئي ڇڏيو هو. ايئن جي ٿري لوڪ گيت ۽ ڀٽائي جي واين ڳائڻ جو فن، هن کي ورثي ۾ مليل هو ته جديد شاعري وري هن پنهنجي ذاتي مطالعي ۽ ذوق سان چونڊي ڳائي. جنهن لاءِ طرزون هن کي هن جي گُني مامي... حسين فقير ٺاهي پئي ڏنيون. صادق جو رياض، ٿر جي اوچين ڀٽن تي ويهي، کليل فضائن وارو رياض هو. اهڙي رياض سبب هو پنهنجي آواز کي کرج جي زمين تان کڻي، هارمونيم جي سپتڪ جي آخري سُرن تائين آسانيءَ سان کڻي ويندو هو. هن جي گائيڪي جو انداز لوبان ۽ اگربتيءَ جي دونهين وانگر، پهرئين ته زمين تي گول گول پيو ڦرندو هو ۽ پوءِ مٿي چڙهندو ۽ ماحول تي طاري ٿيندو ويندو هو. (مثال طور سندس اهڙي انداز کي ملاحظه ڪرڻو هجي ته وڊيو تي آڪاش انصاري جو نظم "اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا" ڏسي سگهو ٿا) جنهن کي هو ڌيرج ڌيرج ۽ سهج سڀاءُ سان شروع ڪندو هو ۽ آهسته آهسته، آواز ۾ اوچائي ڀري، ان کي مٿي کڻندو ويندو هو، ۽ بلا آخر ان کي آسمانن جي اوچائين تائين ڦهلائي ڇڏيندو هو. علاوه ازين ٻئي پاسي صادق جي پلس پوائنٽ هيءَ به هئي ته هن ٿر جا ٿري مارواڙي لوڪ گيت به ضرور ڳايا پئي. پر گڏوگڏ هن جديد سنڌي شاعريءَ جون صنفون پڻ دلچسپيءَ سان ڳائڻ شروع ڪيون. ۽ ايئن هو لوڪ شاعريءَ سان گڏ جديد بيت، وائي، ڪافي، گيت، غزل، نظم... ۽ هائيڪن جي شاعري پڻ مهارت سان ڳائڻ لڳو هو. سندس اِ هو گڻ کيس پنهنجن سڀني همعصرن کان مختلف ۽ بنهه الڳ ٿلڳ ڏيکاريندو ويو. ٿر کان ٻاهر ابتدا ابتدا ۾ صادق جي ادبي دوستي اسان ريڊيو وارن سان ئي ٿي هئي. ان کان پوءِ هن جو ادبي حلقه احباب وڌندو ويو ۽ هوريان هوريان هو ادل سومري، اياز گل سان پڻ گهڻو ويجهو ٿيو. جن پنهنجا ڪلام کيس مٺي پوسٽ ڪيا. ايئن هن شيخ اياز ۽ استاد بخاري جي شاعري وري سندن شعري مجموعن مان چونڊي ڳائي، ٿورو پوءِ هو آڪاش انصاري ۽ خاص ڪري اسحاق سميجي کي وڌيڪ ويجهو ٿيو. دوست ناز سهتي، نه فقط ڪي ٽي اين پر ملڪ کان ٻاهرين پروگرامن ۾ پڻ وٺي وڃڻ جا هن کي موقعا فراهم ڪرايا. تاج جويي هن کي ادبي ثقافتي پروگرامن ۾ هٿي وٺرائي. علاوه ازين مهمان نواز هجڻ سبب مٺي ۾ هن جي وسيع دسترخوان سندس دوستن جي حلقي ۾ کيس اڃا به وڌيڪ هرواسي بنايو. مُروت ۽ هر ڪنهن سان مرڪي ملڻ ۽ بنا ڀاوَ تاوَ جي ادبي محفلن ۽ شادين ۾ خوشيءَ سان وڃي شريڪ ٿيڻ واري خوبيءَ... کيس هر جيءَ ۾ جايون ڏياريون ۽ هو ايئن هر ماڻهوءَ جي جيءَ ۾ جايون جوڙيندو ۽ هر دلعزيز بڻجندو ويو. منهنجو ته صادق... بي پناهه احترام ڪندو هو. بلڪ ايئن چوان ته مون کي پنهنجو وڏو ڀاءُ ڄاڻندو هو. ڪڏهن اڪيلا اڪيلا ويهي ڪچهري ڪندا هئاسين ته هو مون سان سدائين اکيون جهُڪائي ڳالهائيندو هو. البت کليل ڪچهرين ۽ سنگت جي دائري ۾ ملندا هئاسين ته اهو ئي صادق... مون سان تاڙا به ملائيندو هو. ۽ زيرِ لب زيرِ لب چرچا ڀوڳ به ڪندو هو. ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته سنهڙيون سنهڙيون ڳالهيون به ڪندو هو. هن ۾ مزاح جي حِس به ڪمال جي هوندي هئي. اسان جو هڪڙو ريڊيو ڊرائيور صفا سنهڙو آهي. مٺيءَ ۾ صادق سان ماڙي تي ماني پئي کاڌم جو اهو ڊرائيور، مٿي چڙهي آيو. چيائينس، لنگر حاضر آهي بابا. وراڻيائين: منهنجو پيٽ ڀريو پيو آهي، تڏهن پيرن کان مٿي تائين ڊرائيور جي سنهڙي هاٺيءَ ڏانهن ڏسي، چوڻ لڳس... "واهه پهلوان واهه... کائي کائي تڏهن اهڙو مواڙ ٿيو آهين. چڱو استاد ان خوشيءَ ۾ ڀلا ٿورا ڏؤرا ته ڏيکار"... اجهو ان ئي دلربا سڀاءُ، ۽ دلبر دلبر صادق کي ڀريل محفلن ۾ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ڌيان گيان ۾ آئون... گم ڏسندو هوس، ته مٿانئس ئي صادق... نارائڻ شيام جو هي هائيڪو هيانوَ تي هُري ايندو هئم:
    ساز رکيل ڀت ساڻ،
    بند اکيون، چُپ ڳائڻو
    راڳن ساڻ رهاڻ!
    ها ياد آيم! صادق سان ساڻس ڪنهن اڳوڻي ملاقات وقت مون هيءَ پلاننگ به ته ڪئي هئي، چيو هيومانس: صادق! شيخ اياز صاحب جا اهڙا سڀ بيت، وايون، گيت، غزل، نظم ۽ هائيڪا جن ۾ ٿر جي حسناڪيءَ کي شيخ صاحب بيان ڪيو آهي، اهي سڀ ڪمپوز ڪرائي تنهنجي آواز ۾ رڪارڊ ڪرڻ گهران ٿو. پر الاس! 1992ع ۾ منهنجي اوچتو خيرپور ميرس بدلي ٿي وڃڻ ۽ نهايت جلد صادق جي گهوٽ ٿي وڃڻ سبب منهنجو هي خواب اڌورو ئي رهجي ويو، ۽ پورو نه ٿي سگهيو. تڏهن اڄ انهيءَ ڳالهه کي ياد ڪري سوچيان پيو: ته هن ويچاري انسان جي... ڪُل زندگي آهي ئي ڪيتري...؟ ٻه چار هجرتون... ۽ ٻه چار حسرتون ۽ بس... الا ... الا خير صلا...
    اڇا! صادق جي ڳالهه تان اڄ هي به ته ياد پيو اچيم... ته ٿر صحرا رڳو لوڪ موسيقيءَ جو ئي ته جهان ڪونهي، اتي ته ڪلاسيڪل راڳي به جام پهتل هئا. خاص ڪري ماڙيچي گهراڻي جو ڇوٽ راڳي استاد خير محمد خان! اجهو هي مسڪين راڳي مراد فقير جنهن شديد بک ۽ بدحاليءَ کان متاثر ٿي، ٿر جي ڪنهن کوهه ۾ آڌي رات جو وڃي ٽپو ڏنو هو، سو ان ئي ته خان صاحب خيرمحمد خان جو شاگرد هو. پوءِ ان ئي مراد فقير جي... شاگردياڻي ٿي هئي مائي ڀاڳي... پوءِ ٻڍو فقير، ڪالو فقير، مائي سوني، موهن ڀڳت، سروپ فقير، صالو رام اسلام ڪوٽ وارو، شادي فقير عمرڪوٽ وارو، دين محمد ڪارو ميرپورخاص وارو ۽ پوءِ شفيع فقير... ۽ ايئن هي اسان جو صادق فقير به... ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ماڙيچا گهراڻي جو ئي ته شاگرد سڏي سگهجي ٿو. پوءِ ڊائريڪٽ نه سهي، اِن ڊائريڪٽ ئي سهي... بهرحال استاد خير محمد خان جي پس منظر ۾ اهڙن سڀني راڳين مٿان ڪنهن شاعر جو هي شعر ڪيڏو نه ٺهي ٿو اچي:
    رنگ تنهنجي ۾ سڄڻ رنگجي وياسين،
    ڊٺل شهر هئاسين، سڀ اڏجي وياسين.
    باءِ پروفيشن اسان جو صادق برابر ته هاءِ اسڪول ۽ پوءِ گرلز ڪاليج ۾، شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ فزيڪل انسٽرڪٽر هو، جنهن ۾ شاگردن کي حرڪت ۽ اشارن سان ئي سکيا ڏني ويندي آهي، پر عملي زندگيءَ ۾ اهو ئي صادق، اسٽيج تي ڳائڻ وقت انتهائي صوبر ۽ سنجيده ٿي ويهندو هو. سندس انائونسمينٽ ڪبي هئي، ته ڪنڌ جهڪائي چپ چاپ مائيڪ تي اچي ويهندو هو. هارمونيم سيري پنهنجي ڀر ۾ رکندو هو ۽ تقرير باز راڳين جي مقابلي ۾، بنا ڪجهه ڳالهائڻ جي، پنهنجو آئٽم ڳائڻ شروع ڪري ڏيندو هو ۽ تاڙيون وڄرائي، آئٽم ختم ڪري، جيئن ايندو هو، ايئن ئي چپ چاپ اٿي هليو ويندو هو. اوهان صادق جي ان گُڻ کي هن جي باوقار راڳي هجڻ جو گڻ به سمجهي سگهو ٿا.
    صادق پنهنجي حياتيءَ ۾ سڄي سنڌ ۾ ڳايو، لاڙ، اتر، وچولو، ڪوهستان، جتي هر هنڌ پنهنجا مداح ٺاهيا ۽ ان جو ثبوت هي، ته سندس تڏي تي... هجوم در هجوم... سنڌ جي انهن چئني طبعي ڀاڱن منجهان سندس مداح... سندس تڏي تي اٿلي پيا. ۽ ايئن به برابر آهي ته جديد رومانوي ۽ مزاحمتي شاعري صادق کان اڳ بيدل مسرور ۽ جيجي زرينه بلوچ به خوب خوب ڳاتي هئي. پر صادق انهيءَ ميدان ۾ لٿو... ته اهڙي شاعريءَ ۽ شاعرن کي پڻ ويتر هرواسي بڻائي ڇڏيو هئائين.
    الاس! ڇهه ويهين فيبروريءَ جي شام جو ريڊيو آفيس ۾ شاهزيب کي... مون ڪمپيوٽر تي ڪو آرٽيڪل پئي ڊڪٽيٽ ڪرايو، جو مڪي پاڪ جي ڪنهن رستي تي روڊ حادثي ۾ صادق جي لاڏاڻي جو اطلاع، مٺي مان دولت رام کتري، اوڇنگارون ڏيندي مون کي ڏنو. خبر ٻڌڻ سان ئي تٿان وٿان ٿي ويس، پيرن هيٺان زمين کسڪي وئي. پوءِ تصديق لاءِ يڪدم ئي ڀاءُ ناز سهتي کي فون ڪيم ۽ پريان کان هن به گلو گير آواز ۾ چيو... صادق ويو هليو... ويو هليو صادق... قهر ٿي ويو... تڏهن ڪا گهڙي رکي... ڪاوش منجهان دوست نياز پنهور... فون تي جهٽ جهٽ ۾ تاثر لکرائڻ لاءِ چيو... ۽ پوءِ ته جيڪي ذهن ۾ ايندو ويو، سو کيس لکرائيندو ويس.
    هاءِ! سنڌ جي آسمان تان اڄ هڪ ستارو ٽٽي ڇڻي ويو، سريلو ستارو صادق فقير... الا! اسان جي هن صادق ۾ ڇا ته مڻيا هئي، خوش آواز، خوش سڀاءُ، نماڻائي، معصوميت. 1986ع ڌاري ميڊيا جي آسمان تي نمودار ٿيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي، موسيقيءَ جي افق تي ڇانئجي ويو. 20 مارچ 1964ع تي جڏهن هو مٺيءَ ۾ ڄائو ته... هر طرف گل پئي ٽڙيا، چؤطرف هٻڪارن جا هُل هئا. ۽ 26 فيبروري 2015 تي هي به بهار رُت آهي جڏهن مڪي پاڪ جي هڪ روڊ تي هو روڊ حادثي ۾ لهو لهان ٿي ويو ۽ هن جا رت ڦڙا چئني پاسي گلال پنکڙين وانگر ٽڙي پکڙجي ويا، ۽ زندگيءَ ۾ ڪنهن به اسٽيج تان مون هن لاءِ جڏهن به ڪمپيئرنگ ڪئي، سدائين چيو... برابر ته ٿر ۾ زبردست گرينائيٽ... بليڪ گولڊ... روهيڙي جهڙو املهه وڻ... معدنيات سان ڀرپور ڪارونجهر جبل... پر حاضرين... پنهنجي هن راڳيءَ صادق فقير جي ڳالهه ئي آئون ڪهڙي ڪريان؟ جو هو مون لاءِ انهن سڀني وٿن کان وڌيڪ املهه آهي، ڪوهه نور هيرو آهي اسان جي لاءِ...
    ۽ الاس! اهو ئي، ڊائمنڊ ٽٽي اڄ ٽڪرا ٽڪرا ٿي چڪو، ۽ هر طرف کان سنڌ ڪنهن ڪُٺل مور وانگر ٻاڪاري پئي... ڪپارن ۾ ڪڪر ڪيهون پيا ڪن... هاءِ صادق... هاءِ صادق... هاءِ صادق!
    ۽ 24 هين فيبروري تي، مڪي پاڪ عمره لاءِ اسهيل هي صادق فقير... پنجين مارچ تي صبح جو پنجين وڳي ڌاري ڪراچي ايئرپورٽ تي تابوت جي صورت واپس سنڌ موٽيو... ته سنڌ وطن جي هيءَ مٽي جنهن جي لاءِ هن سدائين ڳايو، "ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين توکي چشمن چايان- سنڌ ديس جي ڌرتي توتي پنهنجو سيس نمايان" ساڻيهه ڏانهن موٽي اچي رهي هئي، تڏهن هن جي موٽڻ تائين ڪراچي کان ڪچڙي منجهند ڌاري موٽي ماڳ اچڻ تائين، ٿر صحرا ۾ هزارين ماڻهو گڏ ٿي چڪا هئا، جن ۾ اديب، شاعر، دانشور، صحافي، ميڊيا، وزير، وزرا... ۽ صادق جا رنگ رنگ جا مداح شامل هئا.
    هاڻي منجهند ڌاري ڏولي گهران نڪتي... ته ٻنپهرن جا ٻه پئي ٿيا. ۽ ڪانڌين جو قافلو جتان جتان پئي لنگهيو، رستي تي هنڌ هنڌ تي، پينافليڪس تي صادق جون تصويرن آويزان هيون، جن جي هيٺان مٿان لکيل هو، "ٿو موڪلايان الوداع"..."اسين بس رهياسين اڌورا... اڌورا"... "توکان ٿيندي ڌار"... "مٺي ڪؤڙي ٿي لڳي، هاڻي صادق يار"... ۽ ايئن صادق جي ڏولي جتان جتان پئي لنگهي... گهرن جي گئلرين تان ۽ گهٽيءَ جي موڙن وٽان نياڻيون ۽ ٻار مٿانئس گلن جي ورکا ڪندا... ۽ ڳوڙهن جا مِينهن وسائيندا رهيا. مٺي گرائونڊ ۾ جنازه نماز بعد... مک ديدار لاءِ ڪفن جو ڪپڙو جڏهن هن جي منهن تان هٽايو ويو، نٽهڻ اُس ۾ گهڙي جهٽ لاءِ پوري گرائونڊ تي ڇا ته ڪڪر ڇانوَ ڪري... ساري ماحول تي ٿڌاڻ پکيڙي ڇڏي هئي.... ڪجهه ئي وکن جي فاصلي تي، ڪنهن ڀٽ مٿان قديم قبرستان ڏانهن جڏهن هن جي ڏولي وڌڻ لڳي ته بي پناهه ماڻهن جي هجوم ۾ ڏٺم، ڏوليءَ مٿان غازي عباس جي عَلم جي بيرڪ ڇانوَ ڪندي پئي هلي. ۽ هر طرف کان مختلف راڳي... ڪانڌين جي قافلي ۾ صادق جا ڳايل ڪلام ڳائيندا پئي هليا. اندازن ساڍي ٽين ڌاري، صادق جو تابوت جڏهن اُوچي ڀٽ تي، سندس پخته قبر ۾ لاٿو پئي ويو، ته آئون سيرانديءَ کان سندس وڏي فرزند نزاڪت عليءَ سان گڏ بيٺو، سوچيندو رهيس... الاس.... منهنجي يا آس پاس بيٺل هنن ڪانڌين جي جيڪا به باقي حياتي آهي، ڪو به انهن منجهان... ڪنهن به محفل ۾ هاڻي صادق فقير کي ڪڏهن به ٻڌي نه سگهندو- تڏهن مون هوائن فضائن دشائن مان اوچتو... خود صادق فقير جي روح جو هي آواز ڪنايو هئو... هو ڳائي رهيو هئو:
    زمانہ بڑی شوق سے سن رہا تھا
    ہمیں سو گئے داستان کہتے کہتے!


    آف دي ريڪارڊ : اياز گل

    صادق فقير سان منهنجي واقفيت جنهن ناتي سان ٿي، سا سندس طرفان منهنجي ڳايل وائي "توکان ٿيندي ڌار، کلندي کلندي يار، لڙڪ لڙي پيا لار ڪري" سان ٿي. اهو ڪلام جتي صادق فقير جي سڃاڻپ بڻيو، اتي منهنجي مقبوليت ۾ پڻ اضافو ڪيو.
    مونکي اها خبر نه هُئي ته ڪو صادق فقير منهنجي اها وائي ڳاتي آهي. مون کي ان جي خبر تڏهن پئي، جڏهن نصير مرزا، ادل سومرو، بخشڻ مهراڻوي ۽ ٻيا دوست مٺيءَ مان واپس آيا هيا. تن ٻڌايو هو ته مٺيءَ جي هڪ راڳي صادق فقير تنهنجي وائي"توکان ٿيندي ڌار…" ڳاتي آهي ۽ زبردست ڳاتي آهي. سندن ڪيل تعريف مان مون کي اهو ته اندازو ٿي ويو هو ته هن يقينن سٺي ڳاتي آهي. تڏهن ئي اهڙن سريلن شاعرن ان جي تعريف ڪئي آهي. خاص ڪري نصير مرزا جو ته تعلق به ريڊيو سان هو. جنهن کي سٺي ۽ خراب ڪمپوزيشن جي ڄاڻ به هوندي آهي. پر اهو اندازو نه هو ته ڪو صادق فقير نالي اهو راڳي نوجوان هوندو. فقير جو ٻڌي مون اهو تاثر ورتو هو ته ضرور ڪو پوڙهو هوندو.
    پر جڏهن
    ساڻس ان ڳايل ڪلام کان ٽي سال پوءِ ملاقات ٿي ته اهو ڏسي خوشگوار حيرت ٿي ته هو پوڙهو نه پر نوجوان نڪتو. بهرحال پهريون ڀيرو صادق فقير جو اهو ڳاتل ڪلام مون تڏهن ٻڌو، جڏهن پنهنجي دوست ڪوثر ٻرڙي اهو ڪلام ريڊيو حيدرآباد تي ريڪارڊ ڪرايو ۽ پوءِ ٻڌائڻ لاءِ اها ريڪارڊنگ مون ڏانهن موڪلي.
    مونکي به اها ڪمپوزيشن ڏاڍي وڻي هئي. باوجود ان جي ته اهو ڪلام پهرين به 1976ع ۾ ريڊيو تي ڳايل هو. ان جي به ڌن بهتر هُئي ۽ صادق فقير کانپوءِ به اها وائي سرمد سنڌي، وحيد علي، ارشد محمود، شازيه خشڪ سميت چوڏنهن پندرنهن ڳائڻن ڳاتي- پر اها حقيقت آهي ته جنهن دل ۽ درد سان صادق فقير اها وائي ڳائي، تهڙي اثرائتي ڪنهن ٻئي نه ڳائي. صادق جي آواز جو پنهنجو جادو ۽ اثر هو. هو جيئن ته پاڻ نوجوان هو، تنهن ڪري به شايد هو ان وائيءَ سان انصاف ڪري ويو. ان شعر جي جيڪا ڊمانڊ هئي، ان تي صادق فقير ئي پورو لٿو هو. هن منهنجي ٻي به تمام گهڻي شاعري ڳاتي آهي ۽ شيخ اياز کانپوءِ شايد هن گهڻو ڪري منهنجي ئي شاعري ڳائي آهي.
    جڏهن مان سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري هيس، تڏهن مٺيءَ ۾ هڪ محفل ٿي هئي جنهن ۾ مان به شامل هيس. اتي صادق فقير جي مامي حسين فقير، توکان ٿيندي ڌار…. واري اها وائي ڳائي هئي. تڏهن صادق فقير مون کي پهريون ڀيرو اهو ٻڌايو ته ان وائيءَ جي ڌن سندس مامي حسين فقير ئي ٺاهي آهي. هو البت وڏي عمر جو پوڙهو ماڻهو هو. انهيءَ ملاقات کان پوءِ صادق فقير سان ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿي ويو هو. دوست بڻجي ويو هو. جڏهن به سکر ايندو هو ته منهنجو مهمان بڻبو هو ۽ ائين مان به فيمليءَ سان ٿر ويندو هيس ته سندس مهمان ٿيندا هياسين. پوءِ ڪيتريون ئي منهنجي شاعريءَ جون ڌنون ۽ ريڪارڊنگ هن منهنجي آڏو پئي ڪرايون. صادق فقير جهڙو سريلو راڳي هو، اهڙو پُرخلوص ۽ محبتي ماڻهو هو. هر قسم جي برائي جيڪا عام طور فنڪارن ۾ هوندي آهي، تنهن کان پاڪ هو.

    سندس اوچتو ائين وڇڙي وڃڻ جو وڏو صدمو رسيو اٿم. سندس وڃڻ جي وهي ڪانه هُئي.
    "توکان ٿيندي ڌار……" وارو ڪلام صادق فقير جي حوالي سان اڄ نه رڳو سنڌ واسين جو ترجمان بڻجي ويو آهي، پر هاڻي مونکي ايئن محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ مون اها وائي لکي ئي صادق فقيرلاءِ هُئي. اڄ جڏهن هو پاڻ کان ڌار ٿي ويو آهي ته اهو ڪلام اڄ صادق فقير تي ئي ٺهڪي ٿو اچي ته:
    توکان ٿيندي ڌار، کلندي کلندي يار
    لڙڪ لڙي پيا لار ڪري.
    (روزاني عوامي آواز، ڪراچي)


    مونکي کائيندو وطن! ؛ نثار کوکر

    ان ڏينهن مٺي شهر ۾ ڪا اهڙي سخت صدمي واري سانت هئي، جو گهٽين مان ٻارن جو شور به بند ٿي ويو هو. اهو هندن جي هوليءَ جو ڏينهن هيو ۽ عام روايتن موجب مٺي شهر جون گهٽيون هولي جي رنگن سان رنگيل هجن ها، پر اها هن شهر واسين جي رواداري هئي جو هنن هڪ گائڪ جي ڪمهلي موت جي صدمي ۾ نه رڳو پنهنجو ڪاروبار بند رکيو هو، پر هنن جي هوليءَ جون خوشيون به بند ٿي ويون هيون. سانجهي ٽاڻي جڏهن اسان صادق جي تڏي تي پهتاسين ته ٽيجهي واري مجلس جي رسمي تياري ٿي رهي هئي، جنهن ۾ اهڙي ماڻهوءَ جو ڏک مذهبي ريتن موجب ملهايو وڃي ها، جنهن کي ڪنهن عاشق جي اداس دل "مرحوم" ڪونه ٿي مڃي. صادق فقير جي حادثاتي وڇوڙي کي هاڻي ڳچ ڏينهن گذري ويا آهن ۽ عام دنياداريءَ موجب مرحوم جا مائٽ ٽيجهي تائين سوڳ ملهائيندا آهن، پر مونکي مٺيءَ جي هڪ ملنگ قسم جي هندو نوجوان ٻڌايو ته، اسان پنهنجي گهر ڀاتي جي موت تي ٻارنهن ڏينهن شيوِ به نه ڪندا آهيون. سو هن ڀيري مٺي شهر جا ڪيترائي هندو نوجوان صادق جي وڇوڙي سبب پنهنجي شيوِ ٻارنهن ڏينهن تائين نه ڪندا. پر ڇو...؟ واري منهنجي روايتي صحافتي سوال تي هن اکين ۾ لڙڪ آڻيندي چيو هو، "اسانجو گهر ڀاتي هيو يار...اسان جا ڪي اترادي مهمان به ايندا هئا ته ڪو ڇوڪرو اسڪوٽر تي وڃي سائين صادق کي گهران وٺي ايندو هيو، ۽ هو بنا ڪنهن وڏائيءَ جي يا پيسن جي لالچ جي اچي محفل مچائيندو هيو." هن هڪ عجيب ۽ دلچسپ ڳالهه اها ٻڌائي ته صادق جي جنازي نماز ۾ ڪافي هندو نوجوان به اچي ويا، جن کي مسلم طريقي سان جنازي نماز ۾ بيهڻ جو ڪو تجربو ڪونه هيو ۽ هو جڳهه نه هجڻ ڪري جنازي جي اڳيان قطارون ٺاهي بيهي رهيا. جڏهن کين انتظاميه اچي منٿون ڪري سمجهايو، تڏهن وڃي کين اها ڳالهه دير سان سمجهه ۾ آئي. صادق هنن لاءِ بي مثال گائڪ هيو، جيڪو مندرن ۾ ڀڳتي به شوق سان ڳائيندو ته وري محرم جي ڏينهن ۾ نوحا به ڪمال جا چوندو هو.
    مٺي شهر ۾ ان ڏينهن ڪا اطالوي صحافي اوريانا فلاسي ته موجود ڪونه هئي جنهن پنهنجي بايوگرافيڪل ناول "اي مين" ۾ پنهنجي محبوب يوناني سياستڪار پيناگولس جي جنازي کڄڻ واري رش کي خوبصورت لفظن ۾ بيان ڪيو آهي. جنهن کي مخاطب ٿي هن لکيو هو ته، "تون هڪ وڏي طوفاني رش جي ڪلهن تي سوار آهين، تنهنجو چهرو آخري بار ڏسڻ لاءِ تڙپان ٿي، ڊوڙان ٿي پر رش آهي جيڪا سامونڊي لهرن جيان ڪڏهن ڪهڙي پاسي پئي ڦٽو ڪري ته ڪڏهن ڪهڙي ڪنڊ ۾ پئي اڇلي." صادق جي جنازي ۾ شرڪت ڪندڙن جو به ڪجهه اهڙو تجربو هيو. پر مون جهڙن ڀوڪ ماڻهن جي سمجهه ۾ اها ڳالهه اڃان تائين نٿي اچي ته برادرين ۽ سردارين ۾ ورهايل سنڌ ۾ هڪ مڱڻهار گهراڻي جي فرد کي اهڙو جنازو ڪيئن نصيب ٿيو، جيڪو چڱن ڀلن رئيسن نوابن جو خواب هوندو آهي. لکڻ ۾ اهو سٺو ڪونه ٿو لڳي، پر اها هڪ حقيقت آهي ته مڱڻهارن کي اسانجي اوچ نيچ واري سماج ۾ هڪ مخصوص تفريحي رول تائين اهم سمجهيو ويندو آهي. پر صادق ويندي ويندي انهن سمورين ڪوڙين سماجي اوچاين نيچاين توڙي مذهبي نفرتن کي دفن ڪندو ويو. مذهبي ڪٽرپڻي جي هن دور ۾ اهو سنڌ جي سهپ ۽ رواداريءَ جو اثر آهي، نه ته ڪهڙي انتهاپسند معاشري ۾ راڳين جا جنازا اهڙي ڌام ڌوم سان نڪرن ٿا، جهڙو صادق فقير جو جنازو نڪتو. هن ئي پياري پاڪستان جي هڪ ڪنڊ ۾ ڇا ڪنهن کان وسري ويو آهي ته سوات جي ان پشتو گائڪ، جنهن کي سر سنگيت سان چاھ جي جرم ۾ قتل ڪيو ويو، تنهن گائڪه جو جنازو ائين کنيو ويو جيئن چور جي ماءُ اسپتال مان پنهنجي پٽ جو لاش کڻي ويندي آهي، اڪيلي اڪيلي لڄي ٿيندي ۽ اکيون چورائيندي. پر هي سنڌ ديس جي مٺي شهر مان نڪتل گائڪ جو جنازو هيو جنهن مٿان هندو عورتن ۽ ٻارڙن به گلين مان گل پئي نڇاور ڪيا. صادق جو سوڳ اصل ۾ ايترو وسيع ٿي ويو هو، جو هر ڪنهن جي جسجتو هئي ته هو ان جي جنازي ۾ ضرور شرڪت ڪري ته جيئن سڀاڻي پنهنجي اولاد کي ٻڌائي سگهن ته اهو "سکي پيا کي ملي ته چئجان" وارو ڪلام جنهن گائڪ ڳايو هيو، تنهن جي حادثاتي موت واري جنازي ۾ آئون به شريڪ هئس. صادق فقير تمام سادي طبيعت جو ماڻهو هيو. ان جا هونئن ته ڪيترائي مثال سندس سنگتين اڳيان آهن، پر منهنجي يادگيريءَ ۾ گڊي ڀٽ تي گذريل سال واري اها رات سمايل آهي، جنهن رات فقير مقيم ڪنڀار جي ورسيءَ ۾ ڳائڻ لاءِ صادق پهتو. محفل ۾ اسان ٻئي گڏ ويٺا هئاسين ته رفيق فقير ڳائڻ شروع ڪيو، جنهن جي تعريف ڪندي مون کيس چيو: هي همراه به واهه جو ٿو ڳائي. ڪهڙي فيمليءَ مان آهي؟ ته هن کلي ٿري لهجي ۾ وراڻيو "هي منهنجو ڀيڻوو آهي". اسان کلندي کلندي رات گذاري. ڇو ته صادق جي مزاح واري حس به تمام خوبصورت ۽ اعليٰ هئي.
    جڏهن محفل ۾ صادق کي سڏ ٿيو ته هن خوشي خوشي وڃي ڪجهه ڪلام ڳايا ۽ سندس محفل اڃان جاري هئي ته اسان جي هڪ فقير منش گائڪ دوست وچن سنڌي اچي سندس مائڪ ڦري. هي رات جو اهڙو پهر هيو، جڏهن وچن جو راڪيٽ ٿيڻ ضروري هيو، ۽ خاص ڪري جڏهن کيس اجرڪ جو پٽڪو ٻڌل ڏٺم ته سمجهي ويس، همراهه محفل پيو بگاڙي. وچن مائيڪ پنهنجي هٿن ۾ کڻي حاڪماڻي انداز ۾ چيو، فقير هاڻي مان ڳائيندس ۽ تون ساز وڄاءِ...پوءِ صادق ڇا ڪيو سو ته اوهانکي ٻڌايان ٿو، پر ٿورو تصور ڪريو ته ڪنهن پهرئين ڪلاس جي راڳي کان اڌ محفل ۾ ڪو اڀرندڙ فنڪار ائين اچي مائيڪ ڦري ته هو ڪيئن رِي ايڪٽ ڪندو. پر هي سچي نيت وارو صادق هيو، جنهن کلي کيس چيو ها وچن سائين، توهان ڳايو ڳايو.....صادق جي وڇوڙي کي ڳپل ڏينهن گذري ويا آهن. هر ڪنهن کي اهو غم هاڻي وسارڻ گهرجي. ڇو ته جيڪو غم سندس پٽ نزاڪت جي دل ۾ هوندو، سو ته هو ڪنهن کي ٻڌائي به نٿو سگهي. نزاڪت تڏي تي ايندڙ صادق جي هر چاهيندڙ سان سينو ملائي، اهڙو ڀاڪر پائي ملي ٿو، جهڙو هو پنهنجي اندر جو غم، "سور ورهايان سرتيون، جي ورهايا وڃن" وانگر ورهائيندو ۽ غم هلڪو ڪندو هجي. پر خليل ڪنڀار کي ڪير سمجهائي ته هاڻي سندس سار لهڻ وارو ڪو به ناهي. ٻنهي جي ياري به عجيب، خليل پوليس وارو پر شاعر ۽ صادق پروفيسر پر گائڪ..جتي ۽ جنهن ٿاڻي تي خليل جي ڊيوٽي لڳي، ان چوڪيءَ تي صادق پهچي اچي چڪاس ڪري ته خليل جي رهائش ۽ ماحول ڪيئن آهي. تڏهن ئي ته هو ڏهاڪو ڏينهن تائين تڏي تان نه اٿيو ۽ مٺيون ڀڪوڙي دانهون ڪندو رهيو ته سڄڻ ڀڳي هڏ جيئن....هن کي جيڪي پور پيا پون، سي اهي ته صادق سان گڏ هو ڪٿي ڪٿي نه رليو هيو. پاڻ ئي چوي ٿو،
    پاڻ پنهنجي ديس کي
    چيچ ۾ لوڏيو به هو،
    درد جيئن سوديو به هو،
    لاڙ، ڪاڇي، اتر کي سينڍ ۾ ڳايو به هيو...
    پر خليل کي ڪا ماٺ ناهي. هو پنهنجي گهر ڀاتين سان به اکيون چار ڪري نٿو سگهي ته متان نيڻن مان نير ڇلڪي ڪري پون. هن جو ته ڄڻ سڀ ڪجهه لٽجي ويو آهي، تڏهن ئي ته دانهون ڪندي چوي ٿو هاڻي وطن کائڻ ٿو اچي.
    تون نريڙي ڍنڍ تي، ڪونج جي ڪرلاءَ جيئن،
    ڄڻ هينئن جي گهاءَ جيئن،
    هاڻ جي ويندين هليو، ڪير ڀائيندو وطن،
    مونکي کائيندو وطن!
    جنهن ڏکايل ديس ۾ عاشق مجبور ڳائڻا وقت جي ڍول تي نوٽن تي نچندا هجن، اهڙي عمر ۾ صادق سنڌ جي کاهوڙين جي اڌ ۾ لٽيل جوانين جي سفر کي... "اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا... " ۾ ڳائي ٿو ته شعور وارو ماڻهو رات جو به ڇرڪي جاڳي پڇي ٿو، صادق مري ويو ڇا...؟ مٺيءَ جي هڪ اونداهي گهٽيءَ مان موڪلائيندي، رفيق فقير مون کي چيو ته، "صادق جو جنازو اسان راڳين لاءِ به وڏو امتحان ڇڏي ويو آهي ته جيڪڏن اوهان شعور کي جاڳائڻ لاءِ ڳائيندا ته پيسا ممڪن آهي نه ملن، پر اها عزت ملندي، جيڪا راڻن نوابن جي جنازن کي به مشڪل سان نصيب ٿيندي آهي."
    (ڪاوش، 14 مارچ 2015)


    سنڌ جو عاشقِ صادق صادق فقير ؛ مظهر لغاري

    رسول بخش درس اسان کي سيکاريو ته هارمونيم جي ڪِي بورڊ ۾"مڌ سپتڪ" ۽ "تار سپتڪ" ڇا هوندا آهن ۽ صادق فقير تاڙي وڄائي"گت" سمجهائي: تا... ته.. تا... تتا..... تا...
    راڳ ته سندس رڳن ۾ ئي هو، پر هن ڳائڻ جي شروعات ٻاروتڻ ۾ ان"ڪارڙي ڪمارڙي" کان ڪئي، جيڪو ٿر ۽ ان جي ڪَس ۾ ٻارڙا ڳائيندا آهن. ٻارن جو گروپ چادر جي جهولي ٺاهي، هر گهر جي ٻاهران وڃي بيهندو آهي ۽ صدا هڻندو آهي ته: "ڪارڙا ڪمارڙا، ڪو ان پاڻي ڏي... ته مينهڙو وسي! " ڪيش يا ڪائنڊ ۾ جيڪو ڪجهه به ملي، اهو آخر ۾ ان دعا سان خيرات ڪبو آهي ته مالڪ مِينهن وسائي.
    اسين اسڪولي ٻار هئاسين. ڊگهي خشڪ ساليءَ دوران جڏهن ساوڻ ۽ بڊي جا وقت ايندا هئا ۽ مِينهن جو ڪو آسرو ڪونه هوندو هو، ته امان منهنجي ڀينرن کي احمد ملاح جو ڊگهو نظم پڙهڻ لاءِ چوندي هئي:
    ملڪ جا مالڪ، مٺا، مختار، مولا مينهن وساءِ!
    ڏينهن ڏکيا ڪر ڏور، اي ڏاتار، مولا مينهن وساءِ!
    امان کي ان ڊگهي نظم جي آخري بند ۾ ڄاڻايل معجزي تي ايمان هو ۽ ڪيترا ڀيرا ائين ٿيو ته اهو بند پڙهڻ تائين خبر ناهي ڪٿان ڪڪر اچي ويندا هئا ۽ ڪاڙهي مٿان ڪڪرا ڪڪري ڇانئجي ويندي هئي:
    کڻ اتر ڏي اک احمد، الحمدالله آگميو
    ....، نار، ناري ۽ نبي سر کان نميو!
    ان شعر ۾ جتي مون ڊيش ڏني آهي، اتي ڪو اهڙو پڊ آهي جنهن جو نالو هينئر مون کي ياد ڪونه ٿو اچي. ڪڏهن ڪڏهن اهڙو به مِينهن پوندو هو جو ٻڏڻ لڳندا هئاسين. ان صورت ۾ وري منهنجون ڀينرون احمد ملاح جو "جواب شڪوه" ٽائيپ نظم پڙهنديون هيون جنهن ۾ درخواست ڪيل هئي ته اسان تي تنهنجي رحمت هاڻي ڪجهه ضرورت کان وڌيڪ ٿي وئي آهي، تنهن ڪري ان جو رخ ٻين ضرورتمند علائقن ڏانهن وراءِ:
    "وڄڙيون وار، واري ٻي ولهار.....! "
    تڏهن اسين به گهٽين ۾ ڪارڙو ڪمارڙو ڪندا هئاسين. ٿر مان ڪو ماڻهو ايندو هو ته برسات جو پڇيو ويندو هو. جي جواب ملي ها ته"برسات ڪانه پئي آهي" ته پڇبو هو: "ڀلا ڪارڙو ڪمارڙو ڪيو اٿوَ يا نه؟"
    منهنجي ڀاءُ جي جنم تي مائي ڀاڳي اسان جي گهر آئي ۽ اڱڻ ۾ پَٽ تي ويهي ڳايائين. امان کيس ڪجهه پئسا، ڪپڙا ۽ ڪڻڪ ڏني.
    -"سمن سائين، مان ته گولي ڙي غلام تنهنجي در جي... "
    -"ايءَ چرميءَ روبلال سان پيار.... گهوري جاوان چرمي نان!“
    منهنجي ڀيڻ جي شادي ٿي. گهوٽ گهوڙي تي هجي ۽ ڄڃ سان مراد فقير ڳائيندو پيو وڃي. هارمونيم کي ٽوال سان ٻڌي گٽار وانگر ڪلهي ۾ لٽڪائي، هو وڄائيندو ۽ ڳائيندو پئي ويو:"اي مارا اُڏتا ڙي پکيئڙا.... تمي آويا ڙي! " ساڻس گڏ نبي سر جو سومار فقير پڪواز وڄائيندو هو، جيڪو اڳتي هلي عابده پروين جي سازندن ۾ به شامل ٿيو.
    گهڻو عرصو پوءِ جي ڳالهه آهي. مٺيءَ جي ٽائون ڪميٽيءَ جي بيورو ڪريسي موهن ڀڳت کي سزا طور نبي سر ٽرانسفر ڪري ڇڏيو. گهڻن ماڻهن کي خبر ڪانه هئي ته ڪو موهن ڀڳت هاڻي نبي سر اچي ويو آهي. هڪ ڏينهن منهنجي ڀاءُ ذوالفقار کيس نبي سر جي هڪ گهٽيءَ مان ٻهاري ڪڍندي ڏٺو ته ٽائون ڪميٽيءَ جي چيئرمين کي چئي ڀڳت کان ڏکي ڊيوٽي معاف ڪرايائين. هڪ ته هو سزا طور نبي سر آيو..... مٿان وري اهڙو فرشتي صفت انسان اسان گنهگارن جا رستا صاف ڪري!
    مارواڙي گيت جي سٽ آهي ته:
    "ڍولا ٿاري مارڳين، مون مَروئو پوکيو ڙي!"
    (ڍولا، تنهنجي رستن ۾ مون نازبوءَ جا ٻوٽا پوکي ڇڏيا آهن!)
    "آيل ڙي، منهنجي دل جو دوست کسيو پيا وڃن!
    کسيو پيا وڃن، مون سان ڏاڍي ڪئي ڏيرن! "
    جيئن نيپال وارا چوندا آهن ته:"انڊيا سي همارا روٽي بيٽي ڪا رشتا هي!" تيئن ٿر ۽ ڪس جو روٽي بيٽي ۽ راڳ جو رشتو آهي. راڳ جنهن جا قدردان پير غلام رسول شاهه جيلاني ۽ عبدالڪريم پلي هئا. گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته هو ٿر جي Food Security جا ٻه ضامن هئا. ٿر مان Displace ٿي ايندڙ ڪٽنب اچي عمرڪوٽ ۾ ڪئمپ هڻندا هئا. پليءَ جي اوطاق سان لڳو لڳ گودام هو. منشي پرچي لکي ڏيندا ويندا هئا ۽ هر ڪٽنب کي ڪڻڪ ۽ چانور ملندا هئا. هو عبدالڪريم پلي اڪيلو ورلڊ فوڊ پروگرام ۽ UNICR هو.
    ڪيتريون سانوڻيون گذري ويون، موسمون مٽجنديون رهيون. ٿر ۾ اين جي اوز پهچي ويون. ٿر جي هڪڙن انجنيئرن کيکڙي جي انجڻ تي بس جي باڊي لڳائي، ٻين واريءَ مان بجلي ٺاهي ڏيکاري. روڊ ٺهيا، بجلي آئي، فلٽر پلانٽ لڳا. مٺي پاڻيءَ جون پائيپ لائينون پڳيون. اين جي اوز وارن ونڊ ملون لڳايون ۽ Reverse Osmosis جا پلانٽ هڻي ماڻهن کي کارو پاڻي مٺو ڪري ڏيکاريو. مٺي سوچيندڙ ماڻهن جو شهر ٿي پيو، جيڪي ڏينهن جو ڏڪار، برساتن جي سائيڪل کان ويندي گگر جي اڪاناميءَ جهڙن موضوعن تي ريسرچ ڪرڻ، حقيقتون گڏ ڪرڻ ۽ مسئلن جا حل سوچڻ ۾ لڳا پيا هوندا هئا ۽ شام لڙندي پنهنجو پاڻ کي شاعريءَ ۽ راڳ اڳيان سرينڊر ڪري ڇڏيندا هئا. "سورج ڊوبا هي يار، دو گهونٽ نشي ڪي مارو! "
    صادق فقير ان سنگت جو نيوڪليئس هو، جيڪو Contemporary ٿر جي سوچ ۽ سنگيت جو ترجمان هو. هونئن ته اياز گل جو غزل"توکان ٿيندي ڌار" هن جي سڃاڻپ بڻجي ويو، پر ويجهن دوستن کي خبر هئي ته هن سنڌيءَ سان گڏوگڏ مارواڙيءَ جي شاندار شاعري به ڪمپوز ڪئي. هڪ ڀيرو حيدرآباد ۾ هن منهنجي نظم "ڪيڏو دکي، سورج مُکي، ٿي رات روزانو اچي! " جي Extempore (في البديح) ڌن ٺاهي ۽ ڏوهيڙي لاءِ هي شعر آلاپيائين:
    هر محبت آ اڌورو ڪو شعر،
    هر جواني ڄڻ ٽٽل ڪائي ستار!
    هيڏي وڏي فنڪار کان ماڻهو عجيب فرمائشون ڪندا هئا. جيئن جوڪ مشهور آهي ته فيض صاحب کي ماڻهو چوندا هئا ته مهدي حسن وارو غزل ٻڌايو يعني"گلون مين رنگ بهري بادِ نو بهار چلي" ٻڌايو. هو ڀلي ڇا به ڳائي، پر صادق فقير جا آلاپيل سر مارئيءَ جا بيت سندس آواز ۾ منڊيءَ جيئن پورا ايندا هئا:
    وٺا ڪي وسندا، مينهن به مارن تي،
    ڪين جهلينديم ڪوٺيون، جيئري هونديس جي،
    ملي مارن کي، آئون سڪ لاهينديس سومرا!
    ۽ سندس پيش ڪيل ٿر جو هي لينڊ اسڪيپ ته ڄڻ ٽوئرازم لاءِ اتساهيندڙ پرومو هجي:
    دلڪش هر منظر آ، ڄڻ سارو سونهن نگر آ
    سون ورني هي ڌرتي، ۽ سُرمئي امبر آ
    اهڙو منهنجو ٿر آ..... اهڙو منهنجو ٿر آ!
    ان ٿر جو پيپلز پارٽيءَ جي واهيات وڏيرا گورننس اهو حشر ڪيو آهي، جو اتي ماهوار سراسري 100 ٻار مري رهيا آهن. "منهنجي ٿر جو حال جي پڇندين، روئي پوندي! " هر مهيني 100 ٻار مري رهيا آهن. هر مهيني ڪارڙي ڪمارڙي جا 100 گيت مري رهيا آهن! ٿر جو وڏو جگر آهي. ان کي ڏڪارن ۽ مصيبتن ۾ جيئڻ اچي ٿو. گهر ۾ هڪ ماڻهوءَ جي ڪوٽا جيتري ماني لازمي اسپيئر ۾ پيل هوندي آهي ته جي مهمان اچي ته ان کي پيش ڪري سگهجي ۽ ڀلي ٽن ڏينهن کان هن ڪجهه نه کاڌو هجي، پر هڪل ٻڌي ٺاڪر ڏاڪار ڏيندو، گهران ٻاهر ايندو آهي ته جيئن مهمان اهو سمجهي ته گنج لڳا پيا آهن. "اسان جيئن به جيئي ڀلا ڪو جهان ۾، سدائين نشان تي سدا امتحان ۾!" ان ٿر ۾ صادق فقير"ڏڪار جي ڏينهن ۾ محبت" هو.
    شيخ اياز جي لاڏاڻي تي سندس ٽي چار وصيعتون"برآمد" ٿيون. هڪ وصيعت مطابق هن عبدالله شاهه غازيءَ جي پاسي ۾ پورجڻ چاهيو ٿي، ٻيءَ موجب هن شڪارپور ۾ دفن ٿيڻ چاهيو ٿي ۽ ٽين زباني وصيعت جي باري ۾"مبينه طور" اهو ٻڌايو ويو هو ته هو ڀٽ شاهه ۾ تدفين لاءِ چئي ويو هو. حقيقت ڇا هئي، ان لاءِ مون تڏهن به اخبار ۾ لکيو هو ته"فقط سنڌي ادب جي اسٽيبلشمينٽ ئي ان کان واقف هوندي."
    شيخ اياز جيڪو سبط حسن لاءِ چئي ويو هو ته:
    "سبط حسن دهلي آيو ۽ اتي گذاري ويو
    هو. سندس لاش پاڪستان کڻائي آيا.
    ڪنهن کانئس پڇيو به ڪونه
    ته کيس ڪٿي دفن ڪيو وڃي؟"
    هڪ وڏي خلق شيخ اياز جي مڙهه سان گڏ ڀٽ شاهه پهتل هئي. جڏهن هن جو مڙهه زمين ۾ لاٿو پئي ويو ته صادق فقير بنا سازن جي ڳائڻ شروع ڪيو:
    ٿو موڪلايان الوداع!
    اي سنڌ توکي الوداع!
    اي هند توکي الوداع!
    سنڌ ۾ اهو پهريون موقعو هو جو ڪنهن جي تدفين راڳ ڳائيندي ۽ روئيندي ٿي هجي! آئون چنيوٽ ۾ هير رانجهي جي مزار تي ويس ته ٻاهر لکيل هو، "عاشق صادق هير رانجها"! سنڌ جو عاشق صادق، صادق فقير deserve ڪندو هو ته هن کي به ڪنهن الوداعي گيت سان مٽيءَ حوالي ڪيو وڃي ها.
    (پندرهن روزه افيئر ڪراچي)


    سنڌ جي ٻيجل جي موڪلاڻي ؛ مختيار ملڪ

    اهي چَپ هاڻي چُپ ٿي چڪا آھن، جن ۾ ڪڏھن سنڌ جا سُر ٻُرندا ھئا، جن ۾ ٿر جي پيڙا جا پڙلاوَ ايندا هئا، جن ۾ قومي جاڳرتا جا گيت گونجندا هئا، جن ۾ صدين جون صدائون اڀرنديون ھيون. هاڻي سنڌ جي ٻيجل جو سرندو ٻيهر ٻُري نه سگهندو، اهو الوپ ٿي ويو آھي. سڄي سنڌ اداس ٿي وئي آھي. ٿر جا مور ڏکارا آھن، ڀٽن ۾ ڀٽڪندڙ واءُ انهن وکريل سُرن کي سوجهي رهي آھي، پر ڪٿان به صادق فقير جا سريلا آلاپ ٻڌڻ ۾ ڪونه ٿا اچن.
    ڳولا ۾ آ شامل سائين، مونسان منهنجو راڳ،
    ڪٿي آ منهنجي منزل سائين، ڪٿي آ منهنجو ڀاڳ.
    سُرن ۽ سنگيت جي سرزمين سنڌ جو اهو سرموڙ راڳي عرب جي ريگستان ۾ هميشه لاءِ وڃائجي ويو آھي. ھو ته هاڻي فقط سنڌ جي امر ساروڻي بڻجي ويو آھي. عرب ۽ ايران ۾ اڳي ته اسان جا راڳي ناقدرين ۽ چالاڪ چچ برهمڻ جي منو قاعدن ۽ قانونن کان پاڻ بچائي، 80 سالن تائين لڏيندا رهيا، تڏھن به اسان جي سنڌ ائين ئي اٻاڻڪي هئي. ڪيئن نه وقت جي وهڪرن ۾ سنڌ جا راڳ رلندا رهيا ۽ سنڌ صدين تائين سُر ۽ سنگيت لاءِ سڪندي رهي. سنڌ جي مٽيءَ مان سُرن جي سرهاڻ ڪڏھن نه ٿي کٽي سگهي. صادق فقير ٿر جي مخصوص لهجي ۾ ڳائيندو ھيو. ٿر اڳ ۾ ته مائي ڀاڳيءَ جي لوڪ گيتن سان سڃاتو ويندو ھو ۽ پوءِ گيڙو رتل صوفياڻن ٻولن سان موهن ڀڳت جا ڪلام به گونجندا هئا، پر صادق فقير ته ماڳهين نئون جهان جوڙيو ھيو. ھو نئين دور جو نرالو راڳي ھو، جنهن سان نئين شاعريءَ جو ساٿ ۽ سنگم ھيو. جنهن مها ڪوي شاعر شيخ اياز کي جڏھن ڳايو ته ان کي اھو چوڻو پيو ته سندس شاعريءَ کي اهڙي آواز جي ڳولا ھئي. ھو ٿر جي تاساريل مورن جيان پنهنجي پڪار ۾ جديد شاعريءَ کي سريلا آلاپ ڏيندو ھو ته ڏکايل دليون جُهري پونديون ھيون. ان جو بلڪل الڳ آواز ھيو، ھن جو نرالو انداز ھيو. صادق جهڙو راڳي نه ڪو اڳ ۾ ھو ۽ نه وري ڪڏھن ڪو ٻيو ٿي سگهندو. ھو ته شعرن کي امرتا بخشي ڇڏيندو ھيو. ھن جي ڳايل لفظن ۾ زندگي پنهنجي معنائن کي بيان ڪندي ھئي. ھن جي رڙ روح جي گهراين مان اسري آسمان جي اتاهين کي ڇھندي ھئي. ھن گذريل ٻن ڏهاڪن جي فني سفر ۾ سنڌي سنگيت ۾ نئون روح ڦوڪيو ھيو. ھن سنڌي شاعريءَ کي نئون اتساهه بخشيو ھو. صادق جو سگهارو ۽ سُريلو آواز جڏھن به جنهن به ماڳ تي پڳو ۽ ڪنهن به ٻڌو ،ته ان جو جيءُ جهنجهوڙجي ويندو ھيو. جڏھن ھن اياز گل جا ٻول "توکان ٿيندي ڌار، کلندي کلندي يار، لڙڪ لڙي پيا لار ڪري" پهريون ڀيرو ڳايو ھو ته کيس وڏيون مڃتائون مليون ھيون ۽ سندس پرستارن جو انگ وڌي ويو ھيو. سندس آواز ۾ جندڙي جرڪڻ لڳندي ھئي.
    سارو عالم پيو سمهي، جلي منهنجي جاڳ،
    ازل جي آواز مان، روح بڻايا راڳ،
    ڀڙڪيا اُلا آڳ، جرڪڻ لڳي جندڙي!
    سنڌ جي محبوب راڳي صادق فقير جي ازل جي آواز مان روح جا راڳ ڦٽندا هئا، جيڪي ڪيئي نينهن نهوڙيندا ھئا. ھو سهڻي سڀاءَ وارو سريلو راڳي اسان کان ڪوهين ڏُور ڪنهن اڻ ڄاتي ماڳ ڏانهن ھليو ويو آھي. ھو صرف اسان جي اڻ مٽ ساروڻي بڻيل آھي. يادگيرين جا ورق ورائجن ٿا ته سندس محفلون ڪٿي وسري ٿيون سگهن. مون کيس ريڊيو پاڪستان خيرپور جي اسٽوڊيو ۾ ڪي سال اڳ رڪارڊ ڪيو ھيو، ۽ سندس آواز ۾ رڪارڊ ڪيل ادل سومري جا ٻول "الائي ڪنهن جو ھو، ھلندڙ لاريءَ مان، ھڪڙو گل ڪري پيو" رات جي پهر ۾ نشر ٿيڻ تي ٻڌندڙن کي منڊي ڇڏيو ھيو. ڪيئي ڏينهن فون تي ۽ روبرو هن جي آواز جي پرستارن کان واکاڻ ٻڌبي ھئي. تازو ڪراچيءَ ۾ مون سنڌ جي سريلن راڳين کي واري واري سان رڪارڊ ڪيو ھو. تڏھن سڀ کان پهريان صادق فقير کي دعوت ڏني، سندس آواز ۾ سنڌ جي ڀلوڙ شاعرن جا ڪلام رڪارڊ ڪيا. شيخ اياز، شمشيرالحيدري، ادل سومري ۽ ٻين جي ڪلامن کي جديد سازن ۽ ٽريڪ مشينن تي رڪارڊ ڪيو. ھو لاڳيتا ٽي ڏهاڙا ڪراچيءَ ۾ ترسيل رهيو. رڪارڊنگ جي مرحلن ۾ ھو وڏي دلچسپي ۽ چاهه سان ساٿ ڏيندو رهيو. سندس رڪارڊ ڪيل اهي نغما سنڌ واسين جي لاءِ اسان وٽ سانڍيل شايد آخري سوکڙي هجن، جن کي سندس وڇوڙي کان پوءِ صادق جي پرستارن ۽ سوڳوارن سان هوائن جي آڌار شيئر ڪيو ويو آھي. هن جو راڳ راتين جي رولاڪ جگنوئن جيان آھي، جيئن شيخ اياز چيو ھو..
    جڳ جي پوئين پهر ۾، مان جگنوءَ جي جاڳ،
    جرڪيا منهنجي راڳ ۾، ماروئڙن جا ماڳ.
    صادق فقير جي راڳ ۾ زندگيءَ جي حرارت آھي، جيڪا سندس ٻڌندڙن جي رڳ رڳ ۾ پيهجي ويندي آھي. سُر ۽ سنگيت کي سونهن ۽ سوڀيا جا ڪيئي رنگ صادق فقير جي حوالي سان سڃاتا ويندا. ھو اسان وٽ نه رهيو آھي، زندگيءَ جي سفر ۾ پنجاهه بهارون ماڻي اسان کان موڪلائي ويو آھي، پر ھن جو راڳ سنڌ جي ثقافت ۾ ھڪ الڳ ڏسا ۾ ڏيکاءُ ڏيندو. صادق فقير جي بي مندائتي موڪلاڻيءَ تي سڄي سنڌ سوڳوار آهي.
    (روزاني ڪاوش، 28 فيبروري 2015)


    جهڙو ڀلو ڀان، تهڙا ڏانَ ڏياچ جا! ؛ علي دوست عاجز

    ڪنهن انگريزي شعر جي سِٽن جو مفهوم آهي ته:"خدا چوطرف باغيچي ڏانهن نهاريو، اتي کيس هڪ خالي جاءِ نظر آئي. پوءِ هن هيٺ نهاريو، ڌرتيءَ ڏانهن، ۽ تنهنجي ٿَڪل چهري ڏانهن ڏٺائين- ۽ پنهنجون ٻانهون ڊگهيري، توکي ڀاڪر ۾ ڀري کڻي ورتائين، آرام سان سمهارڻ لاءِ!"
    اڌ صديءَ جي سفر جي ٿڪاوٽ، هاڻ هن جي چهري تي ڪڏهن ڪڏهن نظراچي ويندي هئي. ايترو سفر ۽ اوجاڳو پنهنجي سنگت مان ته ڪنهن ڪونه ڪيو هوندو ، پر هن جي چهري تي ڪڏهن بيزاري يا چِڙ نظر نه آئي. هن جي طبيعت جو ميٺاڄ، هيڪاندن سارن دوستن ۾ ورهائجڻ جي باوجود گهٽيو ڪونه. هن جي آواز جو درد سڄيون سڄيون راتيون ڳائڻ جي باوجود ختم ڪونه ٿيو. هن جو آواز ٿر جي اولاڻن جو اولڙو هو.
    صادق جو جيترو آلاپ مٺو، موهيندڙ هو، هن جو کلڻ ايترو ئي وڻندڙ ۽ سندس دل وانگر کليل هو. هن جا ٽهڪ ۽ آلاپ ٿر جي ڀِٽن ۽ ڏهرن تان اڏامندا ڄامشوري جي هوائن ۾، رنگين رَون وانگر پيا وراڪا ڏيندا هئا. ڪنهن کي اهو خيال به نه آيو هوندو ته، ابابيلن جو ارواح رکندڙ هي انسان، جڏهن خانه ڪعبه جو طواف ڪرڻ ويندو، ته واپس موٽڻ جي نه ڪندو. پوياڙيءَ جو ڪيئي ابابيل ڪعبت الله جي هيڏانهن هوڏانهن پيا اُڏارون ڪندا آهن، لڳي ٿو هن کي سندن اها ادا وڻي وئي ۽ هي انهن سان رلي ملي ويو. هاڻي هن کي ڏسڻ لاءِ مٺيءَ بدران مڪي وڃڻو پوندو!

    صادق ٻيجل نه هو، ٻاٻيهو هو. جنهن جو روح دوستن مان رڄي نه رڄندو هو. هو دوستن جي ميلن ملهالن ۾ اڳيان اڳيان هو. ائين لڳندو هو ڄڻ هو ڳائيندو ئي دوستن جي دل خوش ڪرڻ لاءِ هو. هڪ وسڪاري جي رات مارئي ريسٽ هائوس تي تاجل بيوس به ترسيل هجي، هن تاجل جو ڪلام ڳايو. تاجل نچڻ لڳو ۽ مون کي به پاڻ سان گڏ هٿ کڻڻ لاءِ زور ڪيائين. هن کي سٺو پئي لڳو. هو سنگت جي ادبي توڙي ذاتي پروگرامن، ڪاڄن ۾ ڪَهي اچي نڪرندو هو. هن ماڻڪن کان وڌيڪ محبتون ميڙيون. هن وٽ طمع جي تنوار نه هئي. هي دولت جون مُٺيون ڀري دل وارن کان ڌار ٿيڻ وارو نه هو. هُن پنهنجون عادتون نه بگاڙيون. هن ساحلي پٽي جي "سُونهڻ" ٻوٽي وانگر کاري (سمنڊ) سان کيڏندي به پنهنجو مِٺو ساءُ نه مٽيو.
    سُونهڻ جيئن سيڻن، مِٺو ساءُ نه مٽيو.
    سگريٽ سو پيئندو هو.
    هن کي سنڌ بي انتها پيار ڏنو. سنڌي ماڻهن ۽ دوستن جي اهڙي رويي جي موٽ ۾، هي هميشه شڪر گذار رهندو هو. هن ۾ "مان" يا وڏائي نه هئي. هي بادشاهه فقير هو. هن کي اهڙي فقيري پسند هئي، جنهن ۾ جيون سان، پاڻ سان تڪلف ۽ اجايو ڏيک نه هو. چوندو هو، "اسان جو هڪ مائٽ چوندو آ، جي ٻيو جنم ملي ته وري به فقير ئي ٿيندس".
    گُفتي جو پڪو، چرچو به سُريلو ۽ مهلائتو. پرائي پچار لاءِ وٽس وقت ئي نه هو. جيڪو ماڻهو وڻندو هئس، ان جي تعريف اهڙي انداز سان ڪندو هو جو ٻين کي رد اچي ويندو هو. مثال، چوندو، انهن ۾ آهي ئي جمن دربدر، استاد مٺو ڪڇي ڀِڻان واهه جو ماڻهو هو! جلال چانڊئي جهڙو جوان ۽ مڙس ماڻهو راڳي ٻيو نه ٿيندو.
    استاد سلامت علي خان لاءِ وڏي مڃتا ۽ احترام رکندو هو. هن پنهنجن پٽڙن جا نالا به استاد سلامت جي ڀائرن ۽ پٽن کي مانُ ڏيڻ لاءِ ساڳيا رکيا. ٻارن سان تمام گهڻي اٽيچمنٽ. ڪاڏي نڪري ته پٺيان فونون!
    ڪجهه ڏينهن اڳ دادو مان گذرندي شام ڌاري فون ڪيائين، ڪٿي آهيو؟ وراڻيم، آفيس ۾. اچي نڪتو، چئي، اڳتي وڃڻو هو، اوهان هُيو ته ملڻ کان سوا ڪيئن وڃون! سندس ننڍڙو رضا ۽ مامي حسين جو پٽ به ساڻ هئس. اها ئي آخري ملاقات هئي، ڄڻ موڪلائڻ آيو هو!
    هن سائينداد ساند، اياز گل، شيخ اياز، استاد، آڪاش، امداد، حافظ، اسحاق ۽ ٻين کي ڳاتو. محفلن ۾ شاعر دوستن جا شعر ۽ ڪلام به ته چرچا ڀوڳ به. چوندو، ماڻهن کي الاءِ ڇا ٿي ويو آ جو چون ٿا، سائين علي دوست جو ڪلام ٻڌايو. ذالفقار ارباب چوندو، "تون ڀلا سائين جو ڪلام ڇو نه ٿو ڳائين!" هي چوندو، "تون اهو ٻڌاءِ ته، تو سائين کان ڪيترا پئسا ورتا آهن!" کوڙ رازداريون، همدرديون ۽ پيار سانڍيون ٿي وتيو. فقيرن جون ڳالهيون، اميرن جون ڳالهيون. دوستن ۽ ٻچن سان پيار ڪرڻ وارو انسان هو. اندر ۾ ڏک به هوندس، پر هن جا ٽهڪ ان تلاءَ ۾ پيا ڪنول جيان ترندا هئا. ڪجهه سال اڳي هتي فزيڪل ٽريننگ هجيس، سنڌ يونيورسٽي ۾. سڄو سال اسحاق سميجي سان گڏ رهيو. علامه آءِ آءِ قاضي جي مزار تي محفلون ۽ ميڙا. حيدرآباد جڏهن اچي، ضرور ياد ڪري.
    يو.ڪي، انڊيا، دبئي وغيره به ويو. آمريڪا جي ويزا نه مليس. سردار شاهه ڀوڳ ٺاهيو. ته امريڪي سفارتخاني وارن چيو ته بيگرس (فقير) آر ناٽ الوڊ!
    مينهن وسن ته، اسان به ٿرين جان وڃيو ڀِٽُون وَسايون، پوءِ هڪ اڌ رات ئي سهي. هيل پُڇيو مانس، سائين ڏيو خبر مينهنِ جي! وراڻيائين، سائين، توهان آيوَ ڪونه، پو مينهن وري ڪٿان وسندا!
    مون چيو، معنى، مان به ان ڏوهه ۾ قدرت سان برابر جو شريڪ آهيان.
    هڪ دفعي اسان پنهنجي گهر جي ڇت تي ننڍن ٻارن پاران ساڻس شام ملهائي، جنهن ۾ ويجها دوست به هئا. ڪلام ٻڌايائين. ايڏو پنهنجو، عزيزن کان به وڌيڪ!
    کوڙ يادگيريون آهن، ڳالهين جون، محفلن جون، سفر جون، خاموشيءَ جون. لفظ ته آهن ڪونه، ڳوڙها آهن، جن سان گذريءَ جي ڳالهين کي ڳوهڻو آهي. جيڪو سولو ڪونهي.
    مينهن ايندا، مينهن ويندا، مور ٽهوڪا ڪندا، ڪُونجُون ڦيرا ڏئي موٽي وينديون، اکيون آليون ٿي سُڪي وينديون، يار دوست روئي ماٺ ٿي ويندا، پر هو مصري فقير ڏيپلائي وانگر، جڏهن هو ڪجهه وقت اڳي ڪجهه ڏينهن لاءِ مذهبي ٿي ويو هو ۽ ڏاڙهي رکائي هئائين ۽ ڏيپلي ۾ پاڙي واري مسجد ۾ فجر جي اذان جوڳ (راڳڻي) ۾ ڏيندو هو، هي به حرم پاڪ ۾ فجر جو، جوڳ ۾ اذان ڏيئي، ابابيلن سان گڏ طواف ۾ شامل ٿي ويندو.
    مِٺي ته وڃبو، اتي نزاڪت آهي، رضا آهي، راحت آهي. نواز ملندو، خليل آ، سائينداد، ذالفقار، کاٽائو، اتي ڀِٽون آهن، گڊي ڀِٽ آ- پر مون کي ڊپ ٿو لڳي، رات جو گڊي ڀِٽ، جتان مٺي جو شهر خواب وانگر لڳندو آهي، روئي نه پوي! ۽ منهنجي نڙيءَ ۾ ڀرجي آيل ڪڙاڻ وانگر متان مِٺي به ڪڙي نه لڳي!!


    موسيقيءَ جو تقدس صادق فقير ؛ ايوب کوسو

    گذرندڙ وقت هو يا سيني مٿي هاٿيءَ جا پير هئا؟ سمجهڻ يا محسوس ڪرڻ کان گھڻو مٿي المناڪ ڪيفيت هئي. پَن ڇڻ جي شام جهڙو هڪ ويران انتظار ان وارياسي شهر ۾ ترسيل هو، جنهن مان ڪو عرصو اڳ هُن جو بخملي آواز اڀريو هو، ته ڏيهه قرارجي ۽ واسجي ويو هو. ان آواز سنڌ جي صدين جا ٿڪ ڌوئڻ جي جستجو ڪئي هئي. ان آرزوءَ ۾ هن سڦلتا ماڻي هئي. نوخيز انتظار ايمبولينس جي تابوت تائين ترسيل هو، جنهن تابوت ۾ ٿر جو ٻيجل سُتل هو. ٻاٻيهي جي هُرکرُ کي ڊگهي ننڊ اچي وئي هئي. بي وقتي اٿيل رڙ جهڙي سوڳواري مٺي شهر تي ڇانيل هئي. شهر هوليءَ جو ڏڻ ملتوي ڪري پاڻ تي ماتم جو رنگ چاڙهي ڇڏيو هو. شهر مڪمل بند هو ۽ هزارين ڪانڌين جا اداس قدم پنهنجي محبوب راڳيءَ جي آخري سفر ۾ شريڪ ٿي، وارياسي ڏي وڌي رهيا هئا. ڪنهن به رستي تي ڪوبه رنگ هاريل نه هو. فقط گلابن جون ڳاڙهيون گلابي پنکڙيون پکڙيل هيون. گهرن جي درن، ڇتين ۽ گئلرين ۾ حيران جواڻيون صادق فقير جي آخري سفر جي تاريخ ڏسي رهيون هيون. سُڏڪا هئا، جيڪي سفر ڪري رهيا هئا. صادق جي ئي ڳايل لفظن جو پڙاڏو دلين ۾ گونجي رهيو هو:

    دل کي ڌوڏيندڙ هِيءَ گهڙي آهي
    شام لڙي آهي...!

    بنا شڪ جي اهو چئي سگهجي ٿو ته صادق فقير جو آخري سفر ٿر توڙي سنڌ جي نئين تاريخ بڻجي ويو آهي. اهڙو اعزاز ڪروڙن مان ڪنهن هڪ کي ملندو آهي. اهو فيصلو فقط تاريخ ڪندي آهي. ڪنهن هڪ هستيءَ لاءِ مختلف ذاتين، مذهبن، قبيلن ۽ فرقن جا ماڻهو هڪ هنڌ گڏ ٿي اشڪبار ٿين، سڀني جون دليون روئيندڙ هُجن، اهو اعزاز گواهي آهي ته ڪنهن حقيقت جي حُسن جو وڇوڙو ٿيو آهي. صادق فقير کي جيڪو آخري سفر ۾ اعزاز مليو، اهڙو فلسطيني شهيدن کي ملندي نظر آيو آهي. هڪ شهيد جهڙو هيءُ اعزاز سنڌ ۾ ظاهر ٿيل بدلجندڙ هوائن جي حقيقت آهي. صادق فقير جي فن ۽ محبت کي مليل هيءَ ڀيٽا اعليٰ روايت آهي. عظيم قومون ائين ئي پنهنجو مزاج پڌرو ڪنديون آهن. آئون هتي نئين تاريخ جي ڳالهه ان ڪري چوان ٿو ته وقت جي ميري سياست ۽ رهزن اميريءَ لاءِ هي ڏسڻ جو موقعو آهي ته عشق جي فقيريءَ جي مهانتا ڇا آهي؟ ماڻهن جي سمنڊ ۾ محبت جي بيچيني تابوت ۾ ليٽيل هڪ راڳيءَ سان والهانه عشق مٺي شهر کي يادداشت نامون ٿي ڏنو ته جيڪو به عاشق سنڌ جي دل کي چُمي ڏئي ٿو، اهو اسان جو محبوب آهي! لڪيل بازيگرن لاءِ به هيءُ کليل نياپو هو ته سنڌ جي شعور ڀنگ ناهي پيتي! هن هجوم ۾ شاهه جو رسالو به آهي ته گيتا به آهي. شاعري ڪندڙ دليون به آهن ته دانشوراڻا دماغ به آهن، حُسينيت جو ماتم ڪندڙ ماڻهو به آهن ته صوفي لاڪوفي به آهن ته ڀڄن ڳائيندڙ زبانون به آهن. اها جديد سنڌ آهي جنهن کي سوڙهو ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. پر هيءُ نياپو وڏو نياپو محسوس ٿئي ٿو ته سنڌ متحد آهي. وچين ويلا ۾ صادق فقير مٿان جڏهن ملير جي واري ٿي ورائي وئي، تڏهن سُر مارئي پئي ياد آيو. هر دل اهو ٿي سمجهيو ته هي فنا جو سفر ناهي، هي بقا جي تاريخ آهي. هي عشق جي جلوه گري آهي. هي روح مُٺ ۾ صادق فقير جي آواز ۾ رت وهندڙ صدين جو اوڄاڳيل درد هو! ان ڪري ئي اسان جي ساڃهه وندن کيس ٻيجل، ٻاٻيهو ۽ وڪٽر جارا سڏيو. صادق فقير موسيقيءَِ جي فن جو تقدس بحال رکيو، اها هُن جي عاشقي هئي. سنڌ ۾ جڏهن ڪيسٽي ۽ جهنگ جي ڳائڻن توڙي بي سُرن جي سُر جي ڪائنات کي داءُ تي لڳائڻ شروع ڪيو. اهو موسيقيءَ تي لڙڪندڙ تلوار جهڙو وقت هو. بازاري شاعري ۽ بازاري ڌنن جو ڪاروبار عروج تي هو. تاثر اهو پئي ڏنو ويو ته سنڌ ان رنگ کي قبول ڪري ٿي. ان عارضي ڪاروبار جا ادارا مضبوط پئي نظر آيا، پر صادق فقير ان فلسفي کان انڪاري هو. هن سنڌي شاعري ۽ موسيقيءَ جي بقا ۽ تقدس لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو. هُن جديد سنڌي شاعري ۽ ڪلاسڪ ۾ رڱيل ڌُنون ڏئي، سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. هن نئون اتساهه پيدا ڪري ڏيکاريو. صادق فقير ڪڏهن به ڪونه وڪاڻو، اهو محبوب سچ آهي ته صادق فقير ڪڏهن به پيٽ لاءِ ڪونه ڳايو، فقط ۽ فقط دل سان ڳايو. هُن رڳو سنڌ لاءِ ڳايو. ڇو جو هو پاڻ ان نظريي جو قائل هو ته؛

    سهندو ڪير ميار او يار،
    سنڌڙي تي سِر ڪير نه ڏيندو..!

    صادق جي ڳايل سُرن ۾ محبوبائي واري نفاست هئي. هن وٽ منفرد سُر هئا. هن جو آلاپ وجداني هو. غرور نالي ڪا شيءِ هن جي وجود ۾ موجود ئي نه هئي. بنا شڪ جي هو وڏو راڳي هو ته وڏو انسان به هو. هُن پاڻ کي هن ڌرتيءَ جي خاڪ جو ذرو سمجهيو هو. هن جي سنجيدگي لاجواب ۽ لازوال هئي. صادق فقير جي صوفياڻي مزاج دلين تي حڪمراني ٿي ڪئي. عظيم آرٽ ۽ سيڪيولرزم گڏ کڻڻ واري عاشقاڻي روايت صادق فقير لطيف کان حاصل ڪئي هئي. لطيف کان ئي هُن سکيو هو ته جهڙو جڳ ۾ آيو، اهڙو خالي ٿي ناهي موٽڻو، ڪجهه ڪري پوءِ موٽڻو آهي. محروم ٿي ناهي مرڻو. ماهر ٿي مرڻو آهي! عشق ٿي اڀرڻو آهي.
    صادق جي وڃڻ کان پوءِ گهڻن اڻ ڄاڻن کي اها سُڌ هاڻ پئي آهي ته صادق فقير ٿر ۾ سيڪيولر فڪر جي هڪ پُل هئي. هاڻ اُها اسان کان وڃائجي وئي آهي. اسان هڪ خوشبوءَ کان محروم ٿي ويا آهيون. آئون هن واقعي ذريعي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته سيڪيولرزم جي پُل ڇا ۽ ڪيئن هئي، ته جيئن سچ کي دل سان سمجهي سگهجي.
    2013ع ۾ وسڪاري جي مند ۾ ٿرپارڪر تي جواڻيءَ جا کيپ چڙهيل هئا. وڏي خلق اهڙا نظارا پسڻ لاءِ نڪتي هئي. هزارن جي تعداد ۾ ماڻهن اچي ٿر ۽ پارڪر کي ٿاڪ بڻايو هو. اهو ڪڪوريل سيپٽمبر جو مهينو هو. اسان ادبي ماڻهن کي دوست ڪرشن شرما خاص قافلو ٺاهي گهمائڻ نڪتو هو. آئون، سائين تاج جويو ۽ رسول بخش درس گڏ هئاسين. سفر جي آخري ماڳ ڪاسٻي ۾ اچي فطرت جي حُسن سان مليا هئاسين. وقت رنگين ٿي ويو هو. پارڪر جي مندرن ۾ مقامي فنڪار پنهنجو فن پيش ڪري دليون وندرائي رهيا هئا. ڪاسٻي جي مندرن ۾ راڳ ۽ ڀڄنن جي برسات ٿي رهي هئي. وڏي مندر جي ورانڊي ۾ سڄڻن خواهش ظاهر ڪئي ته صادق فقير ڪجهه آلاپي ۽ سُر وکيري. صادق فقير بنا دير جي اچي ڀڳتن جي وچ ۾ ويهي رهيو. هڪ ڀڳت کان تنبورو وٺي آلاپن کي عروج تي وٺي ويو. مقامي سازندن جي ساٿ هڪڙو وجد جاڳائي ڇڏيو. صادق ڀڄن ڳايا، صوفياڻو ڪلام تنواريو، ڪبير ۽ لطيف کي ڳايو ته سڄو ڪاسٻو سارنگا جي ڇيرن جو ڇمڪو ٿي ويو. نوٽن جو وسڪارو ٿيندو ويو ۽ صادق فقير ڳائيندو رهيو. هڪ ڪلاڪ کان پوءِ نوٽن کي نهارڻ بنا ئي صادق اٿي هليو آيو. مندر جو فرش نوٽن سان پويان سٿيو پيو هو. اِها فقيري صادق جي ان مزاج جو حُسن هئي، جنهن جي ذري به گهڻن فنڪارن وٽ نظر ناهي ايندي. سيڪيولر فڪر جو اهو گُل سنڌ کان وڇڙي ويو آهي. ڄڻ اونداهي ڪاسٻي مٿان ڪِري پئي آهي. صادق فقير سنڌ جو عظيم سرمايو هو. هُن جي وڇوڙي سنڌ جي موسيقيءَ جي سيني تي ويران آڌيءَ اڇلي ڇڏي آهي. صادق فقير سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت جو اصل روح سمجهندڙ ۽ ان کي اجاگر ڪندڙ محبوب راڳي هو. هُن جي آلاپن ۽ صدائن ۾ به ان تهذيب جي سڳنڌ سمايل هئي. ٿيڻ ائين کپي ته صادق جيڪا موسيقي ترتيب ڏني آهي يا جيڪي سُر وکيريا آهن، جيڪي راڳ هُن ڌنن ۾ پرويا آهن، اسان جا پارکو ان موضوع تي قلم کڻن ته جئين صادق فقير جي فن سان انصاف ٿي سگهي.


    صادق فقير هڪ دور جي پڄاڻي؛ علي آڪاش

    ڳچ ڏهاڙن جي بنهه پيڙهيندڙ ۽ هورا کورا جا من ۾ ڀاوَ اڀاريندڙ اوسيئڙي کان پوءِ نيٺ سنڌ جي ٻهڳڻي ۽ سريلي راڳي صادق فقير جو مڙهه پنهنجي ڀونءِ ماتا جي ڀاڪر ۾ پهتو آهي. سعوديءَ ۾ روڊ حادثي کان پوءِ سندس بي جان جسم کي آڻڻ لاءِ جيڪي جتن ڪيا ويا، انهن جي ذڪر ڪرڻ تي به دل ڀرجيو ٿي اچي. جن دوستن ان حادثي کان پوءِ سندس روح کان آجي جسم کي پنهنجن پکن ۽ پنهوارن تائين آڻڻ لاءِ جيڪي به ۽ جيتريون به ڪوششون ڪيون، اهي سچ پچ واکاڻ ۽ جس جوڳا آهن.
    جيترا ڏينهن به صادق فقير جو جُسو، سنڌ کان ٻاهر رهيو تيستائين، سنڌ ۾ به ٻه ذهنيتون ڇڪتاڻ ۾ رهيون. هڪڙن جو خيال هو ته صادق فقير ڀلي پار ڀيرو ڀرڻ لاءِ ويو هو، جي هن اُتي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو آهي ته پوءِ ڀاڳ ڀانئي، کيس اتي ئي جاءِ ڏني وڃي. اهڙن خيالن جي اظهاريندڙن پنهنجي عقيدي جي اوٽ وٽان هن سڄي لقاءَ کي ٿي ڏٺو، پر سنڌ جي ساڃهه وندن ۽ گھڻگهرن جي، صادق فقير جي ويجهن ساٿين ۽ دوستن توڙي ان جي مداحن جو خيال هو ته اهي پنهنجي سريلي راڳيءَ کي پنهنجي ڀونءِ جي هنج ۾ سمهارين، ان جو پڇاڙڪو ديدار ڪن، ان جا ڪانڌي بڻجن. سنڌ جون روايتون پنهنجيون آهن، انهن جو پنهنجي وطن سان وچن ڪجھه هن ريت رهيو آهي:
    "ميائي جياس، جي وڃي مڙهه ملير ڏي".
    اهو ئي سگهارو وطن دوست خيال هو، جنهن جي عملي صورت اها آهي ته صادق فقير جي جسم جي مٽي، ڪالهه وچينءَ ويلا مٺيءَ ۾ پنهنجيءَ ڀونءِ جي مهان ۽ مانائتي مٽيءَ جي حوالي ڪئي ويئي. هونءَ ته ماڻهو روز مرن ٿا ۽ ڄمن ٿا، پر ڪي ڪي ماڻهو پنهنجي ديس ۽ ديس واسين لاءِ اهڙا ۽ ايترا ته اهم بڻجي ويندا آهن، جو انهن جي جدائيءَ جو تصور، زندگيءَ جي سموري سک جي سرمايي ڦرجڻ جو تصور لڳندو آهي. اهڙا ماڻهو پنهنجي ڪم ۽ عمل سان لوڪ جي من ۽ ذهن تي اڻمٽ چٽ ڇڏيندا آهن، عوام جي دلين تي راڄ ڪندا آهن. اهڙن سنڌ جي انيڪ ڪردارن منجهان صادق فقير به هڪ آهي. هو ڪلا جي ڪاڪ جو ڪڪوريل راڳي هو، جيڪو ٿر جي واريءَ مان سرن لاءِ پريم، ارپنا، ميٺاڄ، نرماڻ ۽ نماڻائپ نپوڙي، ميڙي سهيڙي سڄي سنڌ ۾ ورهائڻ نڪتو هو.
    سنڌ راڳ ۽ شاعري ٽئي ازل کان پاڻ ۾ پرتل آهن. موهن جي دڙي جي مٽيءَ جي پهرين نشانين مان راڳ، رقص ۽ شاعري آهن. موهن جي دڙي جي ناچڻي، اها شاهدي ڏئي ٿي، ته هيءُ ديس ڪلا جو پالڻهار رهيو آهي. ناچڻيءَ جو ناچ، راڳ سان ممڪن آهي ۽ ناچ يا رقص کي وري ٻولن جي گهرج هوندي آهي. ان ڪري ئي سنڌ جي محبوب شاعر حسن درس لکيو:
    سنڌ ساز مان نڪتي
    سنڌ آواز مان آئي.
    انهيءَ ساز ۽ آواز مان اسريل ديس پنهنجين راڳين کي سدائين راڻن جي حيثيت پئي ڏني آهي. انهن جي ڪلا تان ساهه به گهور ڪرڻ جو رواج وڌو آهي. راءِ ڏياچ جي روايتن واري هن ديس پنهنجي هر ٻيجل جي ٻرايل ٻول کي اگهه جي انگن کان ٻاهر قرار پئي ڏنو آهي. راڳ تان ايئن ٻلهار ويندڙ اهڙي ٻي ڪا قوم دنيا ۾ هجي ته هوندي. سنڌ ۾ ڪئين راڳي آيا، سُر ۽ آواز جي جادوءَ ۾ جيءَ جڙيندا رهيا، ڪئين دليون قرب ۾ ڪڙيندا رهيا، روح گرمائيندا رهيا، پر جڏهن صادق جو آواز ٿر مان صدين جي صدا ٿي گونجيو ته ديس مرحبا چئي، منهن مٿي ڪري، کيس پنهنجي وشال ڀاڪر ۾ ڀري ورتو. سچ اهو آهي ته هن ديس پنهنجي حقيقت کي، هڪ وڏي عرصي کان پوءِ صادق جي روپ ۾ اظهاريو. جيئن ڀارتي ڏند ڪٿا پٽاندر ڀڳوان پرش جي روپ ڌار ۾ ايندا آهن، تهڙيءَ ريت ديس به پنهنجو پاڻ ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ اظهارين ٿا ۽ سنڌ به پاڻ کي صادق جي آواز ۾ سموهيو. اهو ئي سبب آهي، جو صادق فقير سان محبت، سنڌ سان محبت برابر سمجهي وڃي ٿي.
    دل سوڳوار سهي، پر هڪ ڪلاڪار لاءِ جس اهو ئي هوندو ته سندس ڪلا يا فن، ۽ ان جي اهميت جي پرک ڪجي. آئون جيڪڏهن اهو چوان ته صادق فقير جي وڇوڙي هڪ وڏو خال پيدا ڪيو آهي، جيڪو ڀرجڻ بنهه ڏکيو آهي ته اهو غلط نه ٿيندو. اهو هڪ عام جملو آهي، جيڪو هر عام خاص وڃڻ واري لاءِ لکيو ويندو آهي، پر منهنجي خيال ۾ صادق فقير جي نسبت ۾ اهو جملو سورنهن آنا ٺهڪي بيهي ٿو.
    صادق فقير جو آواز هڪ نئين ذائقي ۽ تازگيءَ سان سنڌ جي راڳ جي دنيا ۾ داخل ٿيو ۽ هن جي آواز جي تاثير ڪنهن دريافت ڪيل اڪسير جهڙي هئي. هن جي صدا صدين جي گهاوَن جو ترياق بڻجي ويئي. سنڌ جي راڳ ۾ صادق جو مخصوص حصو هو، جيڪو صادق کان اڳ ۾ اڻ ڇهيو هو يا نه هئڻ برابر هو. صادق جي راڳ جي جهان سان سلهاڙجڻ کان اڳ، سنڌ ۾ راڳ ٽن حصن ۾ ورهايل هو. راڳ جو هڪ قسم اهو هو، جيڪو سنڌ جي درگاهن تي جاري هو، جيڪو گهڻي ڀاڱي صوفياڻي ڪلام تي ٻڌل هو. ان راڳ جا شاعر به صوفي شاعر هئا. ان ريت اهو راڳ جو هڪ مخصوص دائرو هو، جيڪو صدين کان هلندو پئي آيو ۽ اڄ به هلندڙ آهي.
    ان کان پوءِ هڪ ٻيو حصو ڪيسيٽي راڳ واري ڪلچر سان سلهاڙيل هو، جنهن جا راڳي ۽ شاعر بازاري نوعيت جا هئا، گٺل پيٺل هئا، تازگي، ساءَ سواد ۽ ڪنهن مزي کان وانجهيل هئا ۽ ساڳئي دائري ۾ رُون رُون جاري رکيو پئي آيا، جنهن جي ڪري راڳ تي جمود يا برفجڻ واري ڪيفيت ڇانيل هئي. ان کان سواءِ، ٽيون حصو ريڊيو ۽ ٽي ويءَ تان هلندڙ پروگرامن تي ٻڌل هو، جنهن جو پڻ هڪ خاص دائرو هو. اتي به صوفياڻو رنگ موجود هو ۽ ان سان گڏ ناصحاڻو ڪلام به شامل هوندو هو. نه رڳو ايترو پر راڳين کي درٻاريت جي ور چاڙهي، انهن کان اهڙا ڪلام ڳارايا ويندا هئا، جن جو واسطو عوام جي پسند سان گھٽ ۽ سرڪار جي خوشامد سان وڌيڪ هوندو هو. اهو ضرور آهي ته راڳ ۽ راڳڻين جي معيار جو خيال رکيو ويندو هو.
    انهن ٽن دائرن ملي راڳ تي هڪ اسٽيٽسڪو قائم ڪري ورتو هو. جڏهن ته سنڌ ۾ اهي نوجوان ۽ نوان ماڻهو پيدا ٿي چڪا هئا، جيڪي راڳ کي پنهنجي وطن ۽ وطن واسين سان ۽ دور جي حال ۽ حقيقتن سان سلهاڙيل هئڻ جي تمنا سانڍيو ويٺا هئا. انهن جو خيال هو ته سنڌ جي جديد فڪر، فهم ۽ نئين جذبي ۽ پڪار واري شاعريءَ کي راڳ ۾ جاءِ ڏني وڃي، جيڪا مٿين ٽن دائرن کان خارج ڪيل هئي.
    ان ڏس ۾ ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ڪوششون ڪيون ويون، جن ۾ جيجي زرينه بلوچ جو نالو پيڙهه جي پٿر وانگي آهي. ان کان سواءِ فقير عبدالغفور جو هڪ ڪلام "سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو" ۽ سرمد سنڌي ۽ سڄڻ سنڌيءَ جا ڪي ڪلام به ان دائري ۾ اچن ٿا- پر اهي ٻئي پويان ڪلاڪار به ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ ڪيسيٽي ڪلچر جو شڪار رهيا. ان ڪري، ان سموري خال کي صادق فقير پورو ڪيو. هن سنڌ جي جديد شاعريءَ ۾ پنهنجي آواز سان ساهه ڦوڪيو. هن اياز گل جي "توکان ٿيندي ڌار" جهڙي هڪ سادي رومانوي وائي ڳائي ته صادق جي آواز سان ملي اها عوام جي دلين ۾ گهر ڪري ويئي، ۽ پوءِ جڏهن صادق فقير مها ڪوي شيخ اياز کي ڳايو، ته ڄڻ سارو لايو سجايو ڏسڻ ۾ آيو- ۽ شيخ اياز به پنهنجيءَ آتم ڪٿا ۾ اهو اعتراف ڪيو ته سندس شاعريءَ کي جنهن آواز جي گهرج هئي، اهو ان کي صادق فقير جي آواز جي صورت ۾ ملي ويو آهي. شيخ اياز ڪو معمولي ماڻهو نه هو، ان جو اهو چوڻ ئي صادق فقير کي سنڌ جي راڳ جي اتهاس ۾ امر ڪرڻ لاءِ ڪافي هو.
    ان طرح، صادق فقير سنڌ ۾ راڳ جي دنيا ۾ اچي اهو ڪم ڪيو، جيڪو اردوءَ ۾ استاد امانت علي خان، اقبال بانو، نورجهان، مهدي حسن، مني بيگم، غلام علي، ٽينا ثاني ۽ ٻين ڪيو هو، جن پنهنجي سهيوڳي دور جي ناميارن شاعرن فيض، فراز، ناصر ڪاظمي، ابن انشا، اختر شيراني ۽ ٻين ناليوارن شاعرن کي ڳائي عام ڪيو هو. ان ريت، اردوءَ جي شاعرن کي انهن جي بهترين راڳين سپورٽ ڪيو ۽ بهترين راڳين کي وري شاعرن سپورٽ ڪيو. اهڙي گڏيل سهڪار واري ماحول ۾ اردو شاعري توڻي راڳ نه رڳو اسري آيا، پر انهن ۾ اهڙو نکار آيو، جو شاعر توڻي ڪلاڪار اردوءَ سان سلهاڙيل عوام جي دلين ۽ ذهنن تي ڇانئجي ويا. صادق فقير جو اهو وڏو يوگدان هو. هن جي آواز ۽ آلاپ جو حصو سنڌ وٽ سانڍيل رهندو. اهڙا ٻيا به راڳي هئڻ کپن ها، پر اڄ ڏينهن تائين ٻيو ڪوبه فنڪار صادق فقير جهڙي چونڊ ۽ چوائس جي معيار کي رَسي نه سگهيو آهي. هو ڪڏهن به ڪيسيٽي ڪلچر جي ور نه چڙهيو. هن دولت ڪمائڻ بدران عزتون ۽ محبتون ڪمايون. هو روايتي مڱڻهار نه هو، جيڪو کيسا تڪيندو آهي، پر هو اهڙو مڱڻهار هو، جيڪو دلين ۽ اکين مان ملندڙ آجيان، مان سنمان لاءِ واجهائيندو هو. هن جي ڪمٽمينٽ جي پرک اها به آهي ته پاڻ راڳيءَ واري سڄي ڄمار شاعرن، اديبن، عالمن ۽ ساڃهوندن سان گذاريائين. هن جو اهو ئي حلقو هو ۽ اڄ انهيءَ سڄي حلقي جي دلين ۾ تڏو وڇايل آهي.
    اهو ئي سبب هو، جو مون مٿي اهو جملو لکيو ته صادق فقير جي وڇوڙي سنڌي راڳ جي دنيا ۾ هڪ اهڙو خال پيدا ڪيو آهي، جيڪو ڪنهن به طرح ڀرجي نٿو سگهجي. رڳو راڳ جي به ڳالهه ناهي. سنڌ جي جديد شاعري ۽ رچنائون به، صادق پڄاڻان مون کي نڌڻڪيون لڳي رهيون آهن. هاڻي ڪير آڪاش انصاري، اياز گل، حسن درس، مظهر لغاري توڻي بنهه نوجوان شاعرن خليل ڪنڀار، حاجي ساند، اقبال رند کي ڳائيندو ۽ ٻيا ڪئين جديد شاعر هئا، جن کي اڃا صادق ڳائي عام ڪري ها، جن جي شاعريءَ کي آواز جي هوليءَ سان رنگين ڪري ها، پر افسوس هڪ روڊ حادثي، سنڌ کان ڪيڏو وڏو اثاثو کسي ورتو آهي- ان جو ڪاٿو، اهي سڀ سنڌ دوست، وطن شناس ۽ جديد شاعريءَ جي پذيرائيءَ جي خواهش ڪندڙ دليون ئي لڳائي سگهن ٿيون.
    ان ڪري آئون سمجهان ٿو ته صادق فقير جو وڇوڙو، هڪ فرد جو زندگيءَ جي ميلي مان اوچتو ئي اٿي وڃڻ ناهي، پر دور جي پڄاڻي آهي، جنهن جي ورجاءَ ۽ احياءَ لاءِ شايد صدين کي جيءُ ولوڙڻو پوندو.
    (روزاني سنڌ ايڪسپريس، مارچ 2015)


    سُر مدفون نه ٿيندا آهن ؛ مير حسن آريسر

    سچن سُرن جي سرجڻهار صادق فقير جي مڪي کان مٺي تائين ڪيل ڏکي ۽ ڊگهي مسافريءَ جو اضطراب جڏهن هزارين ڪانڌين جي اکين ۾ سامونڊي سيلاب بڻجي آيو هو، تڏهن مون تي اها ڳالهه بنهه نئين نموني منڪشف ٿي رهي هئي ته، ٿر ڪتاب گهر جي سامهون واري هوٽل جي کٽن تي ڪچهريءَ دوران نرسنگهه سوڍي متعلق ٺاهيل پياري شواڻيءَ جي لطيفن تي ٽهڪن ۾ ويڙهجي وڃڻ کان محمد علي ڀٽي جي آفيس تي خواري خريدڻ جي خواهشمند صاحبلوڪن جي نيچ پڻي کي وائکو ڪرڻ جون رٿابنديون ڪرڻ، چانڊوڪي راتين ۾ مالڻهور ويڻا جي واٽ وٺڻ، سندس گهر جي ڇت واري اڱڻ تي مانيون کائي محفلون ڪرڻ، مينهوڳيءَ جي موسم ۾ منهنجي مسواڙي جاءِ جي بورچيخاني ۾ ڳُڙ وارو مٺو ڀت رڌرائڻ وقت خالق درس کي هدايتون ڏيڻ ۽ مٺي کان عمرڪوٽ تائين اڪثر گڏيل سفر ڪرڻ تائين گذريل ٽيويهن سالن کان جنهن صادق فقير کي آئون سڃاڻان، ان کان صادق فقير جو اڄوڪو تعارف بنهه مختلف ان ڪري آهي، جو سندس سواري واري ايمبولنس جڏهن شهنشاهي پروٽوڪول سان تڏي واري شاهي شامياني جي سامهون پهتي، تڏهن امام جنجهيءَ جي انائونسمينٽ وارو پڙاڏجندڙ آواز اوڇنگارن ۾ ٻڏي ويو هو. ان شامياني کان قبرستان واري ننڍڙي ڀٽ تائين سندس آخري سفر ڪندڙ هزارين ماڻهن جي هجوم پوري ڏيڍ ميل تائين رستي تي آلين اکين سان بيٺل عورتن ۽ ٻارن جي قطارن سميت رستي تي ايندڙ گهرن جي ماڙين ۽ ڇتن تان نڇاور ٿيندڙ گلن وارو ههڙو محبت ڀريو منظر ڪڏهن ڏٺل هو؟
    سنگت ۾ سدائين سنگت جهڙو ٿي هلندڙ هي ماڻهو هزارين ماڻهن جي دلين واري تخت جو رانجهو ثابت ٿيندو؟ اها ڳالهه ڪنهن اوچتي انڪشاف وانگر معلوم ٿي آهي.
    روئي روئي بيحال ٿي ويل تاج جويي جي هڪڙي هٿ ۾ شاهه جو رسالو ۽ ٻي ٻانهن دليپ ڪوٺاري جي ڪلهي کي سهارو بڻائڻ لاءِ ڊگهيريل ڏسي، مون کي پوري شدت سان محسوس ٿيو ته تاج جويي جو اڄوڪو حال انهن هزارين انساني وجودن جي پڌري علامت آهي جن کي صادق جو وڇوڙو هيروشيما بڻائي ويو آهي.
    ادب ۽ شاعريءَ جهڙن موضوعن کان ڪوهين ڏور ڊولپمينٽ سيڪٽر جي ماهر جي حيثيت ۾ مشهوري ماڻيندڙ ڊاڪٽر سونو کنگهاراڻي آلين اکين ۽ خشڪ ٿي ويل چپن ۽ ٿيڙ کائيندڙ وکن سان هلندي، مون سان جيڪي ڳالهايو، ان ۾ هڪڙي ڳالهه اها به ڪيائين ته "آئون جيتوڻيڪ شاعريءَ جي ڪڏهن ڀر ڏئي نه لنگهيو هئس، پر صادق جي وڇوڙي تي مون نظم لکيو آهي. فيس بوڪ تي پڙهجانءِ ." مون کي حيرت زده ٿيندو ڏسي، هن وضاحت ڪندي چيو ته پاڻ سڀني کي ظاهر زماني جي مصروفيتن ايترو وقت نه ڏنو جيترو وقت صادق جي اهميت کي سمجهڻ لاءِ گهربل هو- پر اڄ آئون محسوس ٿو ڪريان ته مٺيءَ جي سماجي، مذهبي، طبقاتي ۽ سياسي ماحول ۾ جيڪو توازن موجود هو، اهو ٽٽي پيو آهي."
    ڊاڪٽر سوني واري ساڳي ڳالهه ٻيءَ معنى ۾ مٺيءَ جا اهي اديب، شاعر، صحافي ۽ سماجي ڪارڪن دوست به محسوس ڪن ٿا جن جو هاڻ اهو محور ٽٽي ويو آهي، جيڪو کين جوڙي رکڻ لاءِ ڪافي سمجهيو ويندو هو.
    هزارين زندهه ۽ باذوق دلين کي ميڙي مُٺ ڪرڻ جهڙي ملڪيت ۽ هي شاهاڻو مرتبو رڳو جيڪڏهن سندس ڳايل راڳ جي حاصلات آهي ته پوءِ پاڻ مان هر ڪنهن کي اها حقيقت مڃڻي پوندي ته نه رڳو هن کان اڳ گذاري ويل ڳائڻن ۾ بيمثال راڳي پنهنجو وارو وڄائي وڃي مٽيءَ ماءُ حوالي ٿيا بلڪه هن جي وڇڙي وڃڻ کان پوءِ به ڪيترا عاليشان ڳائڻا موجود آهن، پر ڪونهي ته رڳو اهو صادق فقير ڪونهي- جنهن جي ڪلهي ڪانڌي ٿيڻ لاءِ گڏ ٿيل ماڻهن جو تعداد ڏسي، هڪڙي دوست سواليه انداز ۾ چيو ته، ڇا هيتري خلق بڙي غلام علي خان جي جنازي ۾ موجود هئي؟
    ان سوال جو مناسب جواب جيتوڻيڪ پاڻ کي معلوم ڪونهي، پر اها ڳالهه صادق فقير جي هر ڄاڻو سڃاڻو کي معلوم آهي ته هو جيترو پنهنجي سُرن ۾ سچو ۽ مٺو هو، بلڪل ايترو هُو پنهنجي عام زندگيءَ ۾ به منظم ۽ متوازن ماڻهو هو.
    سماجي تعلقداريءَ ۾ هو مشهور فنڪار بدران ڪنهن راڄ جي چڱي مڙس وانگر راڄوڻي ماڻهو هو ۽ پنهنجي خاندان جي سطح تي هو بيحد ذميوار فرد وانگر پنهنجا فرض ادا ڪندڙ شخصيت جو مالڪ هو.
    پنهنجي محنت ۽ محبت سان ڪمايل روپئي روپئي کي فضول خرچين بدران هن رڳو ان ڪري ساري سنڀالي رکيو جو کيس نزاڪت، راحت، رضا ۽ عظمي جو مستقبل عزيز هو. ان حد تائين جو نزاڪت جي مهراڻ يونيورسٽي ۾ سيلف فنانس تي ايڊميشن ڪرائڻ وقت ئي پڪ هئي ته اهو سبجيڪٽ نزاڪت جي مزاج مطابق ناهي، پر چيائين اهو پئي ته، اصل ۾ جن جي پونجي آهي، خرچ به اهي ڪن- پاڻ فقيرن جو ڇا؟
    هن جي اهڙي دلڪش سماجي روش شايد ان ڪري به هئي جو هو ڏکن ۽ محرومين جي تنجڻن ۾ پلجي وڏو ٿيل ماڻهو هو. ننڍپڻ ۾ ئي پنهنجي والد جي شفقت ۽ سهاري کان محروم ٿيل هن فقيراڻي ٻار شاهوڪار ميمڻن جي شهر ڏيپلي ۾ اڃا پرائمري تعليم پرائڻ ئي مس شروع ڪئي هئي ته 1971ع واري پاڪ ڀارت جنگ سڄي ٿر کي پنهنجي لپيٽ ۾ ورتو، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ٽٽڻ جو نقصان ته جن کي ٿيڻو هو تن کي ٿيو، پر ٿر کي ناقابل تلافي نقصان اهو ٿيو جو اُتان ٿيل لڏپلاڻ ، افراتفري ۽ مار ڌاڙ ٿر جي سماجي، معاشي ۽ تعليمي صورتحال کي زير زبر ڪري ڇڏيو، جنهن کان سڌي يا اڻ سڌيءَ ريت متاثر ٿيل معصوم صادق فقير پرائمريءَ جا پنج درجا ڏيپلي ۾ ئي پاس ڪري وڃي مڊل اسڪول ميرواهه گورچاڻيءَ جا وڻ وسايا، جتي سندس ناناڻن جو گهر هو. جڏهن ته مئٽرڪ پاس ڪرڻ لاءِ کيس مٺيءَ ڏانهن موٽڻو پيو.
    واضح رهي ته صادق فقير جڏهن مٺي ڪاليج ۾ پڙهڻ ويٺو، تڏهن تاج جويو ڊگري ڪاليج مٺي ۾ سنڌي جو استاد ٿي آيو. تنهن کان اڳ صادق فقير هاءِ اسڪول جي استادن جي اسرار تي "صادق حيدري" جي نالي سان جيتوڻيڪ ڪڏهن ڪڏهن ڳائي وٺندو هو، پر بيحد حجابي طبيعت جو مالڪ هجڻ ڪري هو اڪثر اسڪولي پروگرامن واري موقعي تي اسڪول مان ڀڄي ويندو هو.
    ڪاليج ۾ به سندس ساڳيا افعال ڏسي تاج جويي تڏهوڪي زماني ۾ ڍولڪ وڄائيندڙ ۽ پوءِ ڳائڻي جي طور تي مشهور ٿيل ڪريم فقير تي ذميواري رکي ته هو ڪاليج پاران ٿيندڙ هر اسٽيج ڊرامي ۾ صادق کان ڪلام ڳارائيندو ۽ پوءِ ڪريم فقير جي ڪوششن سان تڏهوڪو "صادق حيدري " ڪاليج جي اسٽيجن تان پنهنجن آلاپن جي اڏام جا پَر سوئڻ لڳو. ڪاليج جي سائنس ليب ۾ ملازمت ڪندڙ امولک نائي جي مختلف ڌنن تي ڪيل شاعري ڳائيندڙ صادق جا مٺڙا آلاپ جڏهن سندس مامي ۽ سُريلي ڪمپوزر حسين فقير جي سماعتن تائين پهتا ته هن بنا دير جي صادق کي پنهنجي ڀر ۾ ويهاري سُرن جي سکيا ڏيڻ شروع ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ اياز گل جي اها وائي سنڌ جي سماعتن کي پنهنجو مشتاق بڻائي وئي، جنهن کي صادق جي تڏي تي پهچي اياز گل ترميم سان ٻيهر هينئن لکيو آهي ته:
    توکان ٿيندي ڌار،
    مٺي ڪوَڙي ٿي لڳي
    صادق منهنجا يار!
    ان سڄي عرصي دوران صادق سلطان آباد واري ڪپهه جي ڪارخاني ۾ ملازمت ڪرڻ کان وٺي مٺي واري ناڪي تي ڪئبن هلائڻ تائين، ڏکن جو پاند پڪڙي جيڪو ڪٺن سفر ڪيو، اهو ئي سندس زندگيءَ جي توازن جو بنيادي سبب بڻيو.
    هڪڙي ڪچهريءَ دوران ٻڌايائين ته، اڃا اهي ئي ڏکن جا ڏينهن هئا جو پاڪستان لوڪ ورثه وارن اسلام آباد ۾ لوڪ گيتن جو مقابلو رکيو، جنهن ۾ پهريون نمبر ايندڙ لوڪ گيت تي چاليهه هزار روپيه انعام رکيل هو. هي پنهنجي مامي حسين فقير سان گڏ وڃي ضياءُالحق جي پاڙي ۾ پهتو. سندس رهائش جو مسئلو تڏهوڪي اقليتي ايم اين اي پارو ڪولهي حل ڪيو، جنهن جي شهرت جو هڪڙو سبب ڳائڻ ۽ نچڻ به هو.
    لوڪ ورثه واري پروگرام ۾ صادق نئين ۽ نرالي ڌن ۾ "رومال مارو رنڱيو، ٻاڍانڻي ري شهر ۾" لوڪ گيت ڳايو. ٻئي ڏينهن ججن کي فيصلو ٻڌائڻو هو. صادق به وڃي پهتو. فيصلي مطابق صادق جو پهريون نمبر آيو، پر انعام واري رقم جو چيڪ ٻئي ڏينهن ڏيڻ جو چئي صادق کي روانو ڪيائون. هي جيئن ئي ٻاهر اچي رستي تي پهتو ته شهر تي بمن جو وسڪارو ٿي ويو. صادق اڳيان، بم ۽ راڪيٽ پويان. کيس جيترا ڪلما ياد هئا، اهي سڀ پڙهندو، ڀڄندو ڀڄندو وڃي پٺاڻن جي ڪنهن خيما بستيءَ ۾ پهتو، جتي پڻ اها ڳالهه عام هئي ته دشمن ملڪ حملو ڪيو آهي. پر ٺڪاڻي تي پهچڻ کانپوءِ صادق کي معلوم ٿيو ته، ڪنهن طرح اوجڙي ڪئمپ کي تيلي لڳي آهي.
    هو پاڻ جيڪڏهن ليکڪ هجي ته سندس ڏک وارن ڏينهن سان گڏ سک وارا واقعا، ڪچهرين ۽ محفلن جا احوال، بظاهر پرهيزگار ۽ صاحب شريعت نظر ايندڙ بزرگن جا راز ۽ نياز يا پرڏيهي دورن جا دلچسپ احوال نه رڳو پڙهندڙن لاءِ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو باعث بڻجن ها بلڪه بذات خود صادق جي سڀاءَ ۽ شخصيت جي توازن کي سمجهڻ ۾ پڻ مددگار ٿين ها. پر هن ڇاڪاڻ ته تحريري عمل اختيار نه ڪيو، ان ڪري کانئس ٻڌل حال حقيقتن تي اڪتفا ڪندي، ان صادق فقير کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوندي، جنهن پنهنجي فن ۽ عمل سان سڄيءَ سنڌ کي پنهنجي نالي جو مشتاق بڻائي ڇڏيو آهي.
    سندس ٽيجهي جي موقعي تي ممڪن آهي ته ڪي ماڻهو اهو سمجهن ته سچن سُرن جي سرجڻهار کي هزارين آلين اکين جي موجودگيءَ ۾ مٺي جي دڙي تي دفن ڪئي اڄ چار ڏينهن گذري چڪا آهن، پر آئون اهڙن سڀني دوستن کان اعتبار جي خيرات گهرندي چوڻ ٿو چاهيان ته خميس واري ڏينهن وچين ويلي صادق جي قبر واري آلي ۽ سرهي مٽيءَ تي گلابن جي چادر رکي، قبرستان مان جيئن ئي پير ٻاهر رکيوسين ته هڪڙي دوست جي پاسي واري کيسي ۾ رکيل موبائيل تي رنگ آئي ۽ رِنگ ٽون تي رکيل صادق فقير جو مٺڙو آلاپ سوڳوار سانت جو سينو چيري، پولار ۾ پکڙجي ويو ته:
    اصل يار اکين جي، ٻي آهي ٻولي،
    سڄڻ لئه سولي، ڏکي ساري ڏيهه لئه.
    مون ان پل ئي محسوس ڪيو ته سچا سُر مدفون نه ٿيندا آهن ۽ سچن سُرن جو هي سرجڻهار پنهنجين سمورين دلرُبائين سان گڏ نسل در نسل اسان جي دلين ۾ ڌڙڪندو رهندو، ۽ سندس آلاپ سانت جو سينو چيريندا رهندا.
    (روزاني سنڌ ايڪسپريس، مارچ 2015)


    ڏونگر مون سان رو، پنهونءَ جا پار ڪڍي! ؛ خليل ڪنڀار

    ڪو ٻڌائيندو ته!
    جن جا محبوب مري ويندا آهن،
    اهي پنهنجو وقت ڪيئن گذاريندا آهن!
    سڄي دنيا جا عاشق پنهنجي محبوب جي وڇوڙي جو درد ڀوڳيندا آهن، پر آئون اهو بدنصيب محبوب آهيان، جنهن سان هاڻي تاعمر تنهنجي المناڪ وڇوڙي جو درد ڀاڪرين هوندو، ۽ آئون پنهنجي لکيئي کي لوڙيندو رهندس. نوڪريءَ سانگي در در جي خاڪ ڇاڻي، جڏهن مٺي ورندو هوس ته تنهنجا ٽهڪ ۽ تنهنجا ڀاڪر آجيان ۾ هوندا هئا. اتفاق سان ڪنهن ڀيري نه هوندو هئين ته شهر کائڻ ايندو هو. هاڻي ته حياتي کائڻ ٿي اچي.
    راس آئي نه هڪڙي گهڙي تو سوا،
    ڪيئن ڪٽي ڪو سڄي زندگي تو سوا
    پنهنجو ڇنل کٽولن وارو ڪلب، ڪاڪي جهامن مالي جي هوٽل، جتي ويهي پاڻ پيار، محبت، ادب، مذهب ۽ انسانيت تي بحث ڪندا هئاسين. اهي به سڀ اڌورا رهجي ويا. اڌورو ته پنهنجو سنڌ جو ٽوئر به رهجي ويو. پاڻ طئي ڪيو هو ته سڄي سنڌ گهمبي، جنهن جي شروعات پاڻ ڪيٽي بندر ۽ کاروڇاڻ کان ڪئي هئي. پاڻ درياهه ۽ سمنڊ جي زمانن کان پوءِ ٿيل ميلاپ واري منظر مان ڪيترو نه لطف اندوز ٿيا هئاسين- ۽ پاڻ اتي ملاحن سان گڏجي گيت به ڳايا هئا ۽ پوءِ پاڻ جهمپير ۾ رسول بخش درس جي اوتاري تي مڇي ماني کائي، اهو سنسان مندر به ڪينجهر جي ڪپ تي گهمي آياسين. مرشد لطيف ۽ مرشد اياز جي حاضري ڀري هئي. تازو پاڻ ڀٽائي جي تڪيئي بڙ جو ڍورو تي به سڄي رات جاڳياسين. مرشد لطيف ۽ گنگا جتڻ کي ياد ڪيو، ۽ هاڻي پاڻ کي تو چيو هو ته، جڏهن واهوندا ورندا، ته دودي سومري جي قبر تي هلي محفل ڪنداسين. سڀ ڪجهه ته اڌورو رهجي ويو.
    جيئن مرشد اياز شاعريءَ کي يُو ٽرن ڏنو، بلڪل ائين تو ان شاعريءَ کي پنهنجي آلاپن سان مڃتا ڏياري. ڪيسٽ ڪمپنين وٽ يرغمال ۽ ولگر شاعري ڳائيندڙن جي وچ ۾ تو رِسڪ کنيو ۽ جديد سنڌي شاعريءَ کي سُرن جا ويس ڏئي، ماڻهن وٽ قبول ڪرايو. ماڻهن جي ٽيسٽ بدلائي. تنهنجا همعصر مڻڪا پائي، پيراڻين گادين جي پيرن ۾ سجدو ڪندا هئا ۽ سنڌ جو شعور عقيدت مان تنهنجا پير چمندو هو. تون ته درياهه هئين، جنهن جي اندر ۾ سوين چالبازين جا دک هئا، جيڪي تو ڪڏهن اوريا ڪو نه- ۽ اهي ماڻهو ته هاڻي به بدليا ڪو نه آهن. ڪڏهن جي ڪنهن کي چئي وجهان ته معاف ڪجانءِ جاني! تون ته پنهنجي روين ۾ به سخي فنڪار هئين، جيڪو متل محفل ۽ نوٽن جي برسات ۾ پاڻ ٻئي فنڪار کي سڏي وٺندو هئين. تون ته سڪ جي سڏ تي، لکن جون دعوتون به ڇڏي ڏيندو هئين. تڏهن ته منهنجا راڻا سڄي سنڌ اوڇنگارون ٿي وئي آهي. کاٽائو جانيءَ چيو، جڏهن هي ڳائيندو آهي:
    “منهنجو سجدو انهيءَ کي آ، جيڪو انسان جي پاسي” ته ماڻهو واهه واهه ڪندا هئا ۽ آئون دعا گهرندو هوس ته “مالڪ! هن کي پنهنجي پناهه ۾ رکجانءِ.” سائين سائينداد پئي چيو ته هڪڙي ڏينهن ۾ روئڻ ڄڻ ته اسان جي عادت ٿي ويئي آهي. شوڪت، نصير، دليپ، ماما وشن ۽ اسين سڀ هڪ ٻئي ڏانهن ڏسون ٿا ته اسان کان اوڇنگارون نڪريو وڃن. تنهنجا گهر ڀاتي رفيق، منور ۽ صابر اسان کي پرچائڻ ۾ پورا آهن. تون اسان کي لاڏ ڪوڏ سان گهمائيندو هئين. اڄ ممتاز نهڙي تنهنجي لاءِ لاڏ ڪيو آهي. تون جيئن آخري سفر لاءِ نڪتين ته هن تنهنجي واٽ تي وڇائڻ لاءِ مڻين گل گهرايا آهن. اسحاق گهر اڏيو ته تون ڪيڏو خوش هئين، مون گهر اڏيو تون ڪيڏو نه خوش هئين. ماما وشن گهر اڏيو، تون ڪيڏو خوش هئين. اڄ اسين سڀ دوست تنهنجو آخري گهر اڏڻ لاءِ جڳهه پيا ڳوليون ته، روئون ڇو پيا؟ اوڇنگارون ڇو پيا ڏيون! شايد ان لاءِ ته:
    ڪهڙي منجهه حساب، هئڻ منهنجو هوت ري.
    مٺيءَ جو شهر ڪالهه جتي تنهنجا ٽهڪ ٻرندا هئا، ان مٺيءَ جي هر گهر ۾ درد جو واسو آهي. سڄي سنڌ لڙڪ ٿي ويئي آهي. مٺو مهيري آيو هو، جيئن دعا لاءِ هٿ کنيائين، رڙ نڪري ويس. چيائين: صادق پاڻ دعا هو، ان لاءِ ڪهڙي دعا گهرون. جيڪي وطن وڪڻن پيا، اهي مرن ئي نه ٿا ۽ جيڪي وطن جياريندا هئا، اهي مري ويا.
    مُنڌ کي ويٺا رون، ماڻهو ۽ مرون
    ڀڻان ائين چون، ته مُئي اسان کي ماري وئي.
    ادي پٺاڻي، ادي آسو جو نياپو کڻي آئي: “خليل کي چئو منهنجو صادق ڳولي ڏئي.” تو کي ڪٿي ڳوليان، تون ته زمينون ۽ زمانا سڀ ڇڏي وئين- بس رهجي ويون آهن تنهنجون صدائون ۽ تنهنجون خوشگوار يادون، جن جي سهاري حياتي شايد ڪٽجي وڃي. ڇو ته پرينءَ جي پاڇي جهڙي سنڌ جي هر وستي ۽ واهڻ سان تنهنجي ڪا نه ڪا ياد، ڪو نه ڪو دوست موجود آهي. باقي تنهنجي انهن آلاپن جي دنيا اجڙي وئي آهي، جن آلاپن سان تون جوانين کي جڙيندو هئين، پر ڀاڳين جا وٿاڻ خالي نه ٿيندا آهن. ڪنهن ڪنهن ۾ اها مڻيا ٿيندي، جنهن ۾ تون زندهه هوندين ۽ جنهن کي ڏسي، سنڌ جيئندي رهندي، اسين جيئدا رهنداسين.


    صادق فقير ڇا ويو، ٿر کان آواز ۽ درد کان زبان رسي وئي! ؛ دودو چانڊيو

    سال 1991ع جو سانوڻ هو. آءٌ نئون ڪوٽ هاءِ اسڪول ۾ نائين ڪلاس جو شاگرد هوس. اسڪول پاران ٿر وسڻ تي مٺيءَ جو ٽوئر رکيو ويو. مٺيءَ جي گڊي ڀٽ تي جڏهن اسان پهتاسين ته مٺيءَ جي ڪجهه شاگردن ۽ استادن اسان جو آڌر ڀاءُ ڪيو. جڏهن گهمي ڦري ماني کائڻ ويٺاسين ته هڪ استاد ٻڌايو ته “پاڻ سان گڏ صادق فقير به آهي، جيڪو مٺيءَ جو استاد هئڻ سان راڳ به ڳائيندو آهي. ڇو نه صادق کان ڪجهه ٻڌون.” ۽ پوءِ ٿر جي ڀٽن مان هڪ آواز جي گونج ٿي، جيڪا شايد آءٌ زندگيءَ جي آخري هڏڪي تائين نه وساري سگهان.
    اها صادق فقير سان منهنجي پهرين ملاقات هئي. ٿورن ئي ڏينهن اندر لساني فسادن ۾ شاگرد اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالرحمان لاشاري شهيد ٿي ويو. اسان ان جو لاش کڻائي جڏهن موهراڻي پهتاسين ته هزارين ٿرين سان گڏ جيڪي اکيون لڙڪ لاڙي رهيون هيون، انهن ۾ صادق فقير جون اکيون به هيون. ۽ پوءِ اسان اڌ ٿري ۽ اڌ لاڙي ماڻهو، ۽ انهن جي ڪا به اهڙي محفل نه هئي جنهن ۾ صادق سان ملاقات يا ڪچهري نه ٿيندي هئي.
    هو ڳائيندو هو ته ڄڻ ٿر ٿو ڳائي، ڀٽون ٿيون ڳائن، ٿر جا ڏک، تڪليفون ۽ پيڙائون ٿيون ڳائن. 1992ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري هزارين ٿري نوجوانن وانگر اسان به پنهنجا اباڻا پٽ ڇڏي اچي شهر وسايا. پر صادق سان محبت جو رشتو قائم رهيو. جڏهن به مٺي ويندو هوس ته هو اسان جو انتظار ڪندو هو ۽ هميشه اهو اصرار ڪندو هو ته کاٽائو جانيءَ جي چانهه پيئڻ کان پهرين منهنجي گهر ايندين. 2 سال اڳ جڏهن برساتون پيون، ٿر وَٺو ته مٺيءَ ۾ وڏو ڀاڪر پائي پنهنجي گهر وٺي ويو ۽ چيائين: “جلد چانهه پي وٺ، ته ننگر پار ڪر هلي ترسون.”
    ڪلاڪ کان پوءِ ارباب احسان، آءٌ، صادق فقير، ارباب نيڪ محمد، مسعود لوهار، خالد جوڳي، امير منڌرو ۽ ٻيا دوست مٺيءَ کان ننگر روانا ٿياسين. اهو 2 ڪلاڪ جو سفر ڇا هو، ٽهڪ هيا، گيت هيا، يادون جا وهڪرا هيا، ٿر جا ڏک هيا ۽ ٻيون محبت جون ڪهاڻيون هيون. رات جو سڄيءَ رات ننگر پارڪر ۾ ڪچهري ڪئي سين. آءٌ، ارباب احسان، صادق فقير ۽ ٻيا دوست جڏهن ڪاسٻي ڏانهن روانا ٿياسين ته منهنجو هٿ پڪڙي چيائين ته “دودا! گهڻن ڏينهن کان پوءِ ڪاسٻي گڏجي پيا هلون، تون مون کا پري نه وڃجانءِ... مون سان گڏ گڏ هلجانءِ.”
    ڪاسٻي ۾ جڏهن محمد يوسف پئي ڳايو ته مون کيس ڪن ۾ چيو ته “استاد صادق به آيل آهي..” هڪدم محمد يوسف چيو ته “ٿر هجي، مينهن هجن ۽ صادق فقير هجي، ته پوءِ ٻيو چا کپي؟”
    صادق سان صرف اها يادگار ڪچهري نه هئي، پر ان سان سوين رهاڻيون هيون. جڏهن ڏڪار آيو ته آءٌ بنا اطلاع جي مٺيءَ پهتس. مون صادق کي فون ڪري ٻڌايو ته آءٌ مٺي آيو آهيان ته جلديءَ ۾ چيائين: “هاڻي ئي عمر ڪوٽ نڪري اچ. هتي ڀڳت ڪبير ڪانفرنس آهي. آءٌ ۽ استاد شفيع فقير گڏجي صرف ڀڳت ڪبير کي ڳائينداسين. شايد زندگيءَ ۾ تو کي ڀڳت ٻڌڻ جو اهڙو موقعو ٻيهر نه ملي.” آءُ خالد جوڳي ۽ امير منڌرو مٺيءَ کان سڌو عمر ڪوٽ وياسين. ان رات صادق فقير ۽ شفيع فقير سان جيڪا ڪچهري ٿي ۽ جيڪو ڀڳت ڪبير ٻڌوسين، اهو ياد ڪندي ئي اکيون لڙڪن سان ڀرجي ٿيون اچن. صادق فقير هونئن ته گهڻن ماڻهن سان پيار ڪندو هو، پر مون سان سندس محبت جي حد اها هئي جو منهنجي پسند جي کاڌن کان وٺي منهنجي پسند جي شاعري ۽ پسند جي شاعرن جي به خبر هيس. جنهن محفل ۾ آئون هوندو هيس ته ان ۾ بنا فرمائش جي ئي منهنجي پسند جو هڪڙو گيت (عمر گذري قرار ڳوليندي پنهنجو پهريون پيار ڳوليندي) ضرور ٻڌائيندو هو. مون کي چوندو هو ته “دودا! تو سان سڄي ٿر ۾ گڏجي گهمندس. پر پنهنجي لائبريري ۾ نه وٺي هلندس، ڇو جو تون منهنجا ڪتاب چوري ڪندو آهين.”
    ڪجهه سال اسان ٻئي دبئيءَ ۾ گڏ هئاسين(ڊزرٽ سفاري). دبئيءَ جو ٿر ڏسي سندس اکيون ڀرجي آيون. مون کي چيائين “ڏس، عرب هن سڃي ٿر مان ڪيترو ڪمائين ٿا، ۽ پنهنجو ٿر قدرتي نعمتن سان مالا مال هوندي به بکون پيو ڪاٽي.” حيدرآباد کان وٺي ڪراچيءَ تائين منهنجي رهائش، ڳولي اچي ڏسندو. هو هر ڏک سک ۾ گڏ هوندو هو. سندس اوچتي موت مون کان نه رڳو هڪ ڀلوڙ دوست ڦري ورتو، پر ٿر کان آواز ۽ درد کان زبان به ڦري ورتي.


    توکان ٿيندي ڌار! ؛ ماڪن شاهه رضوي

    ٺٽي شهر تي سياري مُند جي سرد هوائن، برف جي خوشبوءِ پکيڙڻ شروع ڪئي هئي ۽ مڪلي ٽڪري ته نسوري ايئن ٺَري هئي، ڄڻ ڪوري گهڙي جو پاري ۾ ڄمي ويل پاڻي هجي. پرهه ڪجهه پري هئي، پر اسان ٻئي هڪ ئي کٿي ۾ ويڙهجي، سيءَ کان بچندي، مڪليءَ تي ٺٽي ڏانهن ايندڙ رستي تي، ڪنهن رڪشا، ڪنهن بس مطلب ته سواريءَ جو انتظار ڪري رهيا هئاسين. اهو فنڪشن ڪجهه دير اڳ ختم ٿيو هو، جنهن ۾ منهنجي ڪمپيئرنگ ۽ صادق فقير جا سُر شامل هئا ۽ تڏهن هن جهونگاريو هو.....پرهه پري آ پتو نه آهي ته...رات ڪيسين ڏهاڳ ڏيندي..! اياز جون سٽون جهونگاريندي، هو مُرڪي رهيو هو.
    صادق فقير جو هر انداز بي لوث ۽ محبتن سان ڀرپور هو. ٿر جي واريءَ جيان هن جو مزاج نرم هو. محبتن جي اُڃ هميشه هن جي اندر ۾ سانڍيل رهي ۽ هن سدائين ٻاٻيهي جيان ان واريءَ وڇاڻي ٿر سان پيار ڪيو. نه رڳو پيار ڪيو، پر پنهنجي ڪويل جهڙن سُرن سان سڄيءَ سنڌ کي پيار جو پيغام ڏنو. هو منهنجو دلي دوست هو، محبوب يار هو ۽ حد کان وڌيڪ وفادار هو. لوڀ، لالچ کان گهڻو پري رهندڙ صادق فقير، منهنجي دوستيءَ سبب هڪ ڪيسٽ ڪمپنيءَ جي مالڪ سان ڪيل معاهدو، ان ڪري ٽوڙي هزارين روپين تان هٿ کڻي ويو هو، جنهن ڪن حوالن سان منهنجي مخالفت ڪئي هئي.
    ڏيپلي شهر ۾ فقير فيض محمد تپيدار جي گهر ۾ جنم وٺندڙ صادق فقير، ننڍپڻ ۾ ئي پنهنجي پيءُ سان گڏ مٺي اچي رهيو هو، جتي هن سُر سنگيت سان گڏ اسڪول مان به تعليم پرائڻ شروع ڪئي ۽ هو سنڌ جو اهو محبوب فنڪار هو، جيڪو پوسٽ گريجوئيٽ هو. راڳ جي شروعاتي تعليم هن جيتوڻيڪ حَسين ڌنون جوڙيندڙ فنڪار حسين بخش کان ورتي هئي، پر مڱڻهار جو ٻار ته، پينگهي ۾ ئي سُرن جي سُتي پيئندو آهي، ان ڪري صادق به سُرن جي نه رڳو سُتي پيتي، پر دُڪو به کاڌو هو. ان ڪري هن جو درديلو آواز، جڏهن به ٻُريو ته سڄي سنڌ واسي ويو. عام فنڪارن جيان هن ڪڏهن به ڪنهن شادي مرادي يا فنڪشن جو اڳواٽ معاوضو طئي نه ڪيو، پر جيڪو مليو، اهو گهڻو سمجهي شڪر ڪيو. يارن جي هن يار کي جڏهن ۽ جتي به سڏ ٿيو، هي هر حال اُتي پکي ٿي پهتو.
    92-1991 واري دور ۾ عبدالقادر منگيءَ جهڙو محبوب انسان ۽ قدردان ٿر جو ڊپٽي ڪمشنر هو ته اسين اڪثر اڪيلائين ۾ ڀٽ جي چوٽيءَ تي ويهي، صادق کان اياز ۽ مرشد لطيف کي ٻُڌندا هئاسين. ٿر جي سدا بهار شاعر سائينداد ساند کي روبرو ويهاري، سندس غزل ڳائيندي، صادق وڌيڪ خوشي محسوس ڪندو هو. هڪ ڀيري وسڪاري جي ويل پُسيل واريءَ تي، گڊي واري ڀٽ مٿي ويهي، صادق جڏهن ڳايو هو، "نگاهون ڪي ملاقاتين، همين سوني نهين ديتين" ته اسين ڳچ جهڙا دوست بي اختيار اوڇنگارون ڏئي رُنا هئاسين. صادق وٽ محفل منڊڻ جا سمورا گُر هوندا هئا. جڏهن هو شيخ اياز جو گيت "سکي پيا کي ملين ته چئجان.... "يا اياز گل جي وائي "توکان ٿيندي ڌار.... " ڳائيندو هو ته ايئن لڳندو هو، ڄڻ سُر سرچي ۽ پرين پرچي پيا هجن. اسحاق سميجي جي صُحبت ۾ راتين جون راتيون حيدرآباد ۽ ڄامشوري ۾ رهي، سنڌوءَ ڀر ويهي، هن سچ ته سُرن جي سيوا ڪئي. هي پڙهيو لکيو فنڪار به هو، دوست به هو ته نارٿ ڪالوني هاءِ اسڪول مٺي ۾ استاد به هو.
    نصير مرزا، بلاول اوٺي يا مون سان قرب ڪچهرين ڪرڻ ۾، هو سدائين اڳڀرو رهيو. سچ ته سڏ سان گڏ ٿيڻ وارو هي سنڌ جو سدا ملوڪ فنڪار، پنهنجي اندر ۾ وڏو ماڻهو هو. هاڻي جڏهن ٿر تي ڪاري ڏڪار راتاهو هنيو ته هن کان معصوم ٻارن ۽ مورن جو مرڻ نه سَٺو ٿيو، ۽ هن ڀلي پار وڃي، ٿر جي خوشحاليءَ ۽ سنڌ جي سُڪار لاءِ رب ڪريم کان دعائون گهرڻ چاهيون. پنهنجي سالي سلطان ۽ پير بخش کان سواءِ پنهنجي ونيءَ کي به گڏ وٺي، هو 24 فيبروريءَ تي، سعودي عرب روانو ٿيو. کاٽائو جاني جهڙي دل گُهريي دوست به اهو نه ٿي ڄاتو ته هو صادق سان آخري ڀيرو پيو ملي، پر قدرت کي ڪجهه ٻيو ئي منظور هو. مليل ڄاڻ موجب، عرفات ڏانهن ويندي، روڊ حادثي ۾، هو پاڻ ته پنهنجي حياتي محبوب مُرسل جي ملڪ ۾ ارپي چڪو، جڏهن ته سندس گهر واري ۽ سالو پير بخش سخت زخمي ٿي پيا آهن، جن کي هيليڪاپٽر رستي اسپتال پهچايو ويو آهي.
    پر ڇا ڪجي؟ موت ته آخر اچڻو آهي. ها، اها ٻي ڳالهه ته، وري صادق جيان آڪاش جو "اڌورا اڌورا.... "جهڙو نظم ٻيو ڪير ڳائيندو؟ ڪير ايئن سنڌ جي جهرن ۽ جهنگن ۾ سُرن جون اڻ ڪٿيون ۽ اڻ ڳڻيون سوکڙيون ورهائيندو؟ مٺي ماٺ ۾ آهي ۽ سنڌ سُڏڪا ڀري رُني آهي. ڪير به صادق فقير جهڙي سرموڙ فنڪار کي واپس ته نه ٿو آڻي سگهي، پر سندس گيتن، سندس سچن سُرن، ٻُرندڙ ٽهڪن ۽ اڻ کُٽ يادن کي وساري به ته نٿو سگهي.
    (روزاني ڪاوش، فيبروري 2015)


    صادق فقير ؛ جاويد قاضي

    اڄڪلهه منظر پويان منظر ايندا ٿا وڃن. تصويرن مٿان تصويرون چڙهنديون ٿيون وڃن. ايئن ٿو لڳي ڄڻ سڀ اخبارن جا ليپا آهن، حاشيا ۽ زاويا آهن. ها پر تڏهن به انهن سڀني ۾ هڪ ڊگهو تسلسل آهي. تاريخ جي انهن ورقن جو، جن ۾ ڪئين گهوڙن جون ٽاپوليون، کوهه جي چوگرد هلندڙ ڏاندن وارو نار،، مٿان مِينهن هيٺ پَکا ۽ پنهوار، چندرا ۽ مور، ڪارونجهر جي اور بيٺل اهو ڦاهيءَ وارو هنڌ، جتي روپلي ڪولهيءَ کي ڦاهيءَ چاڙهيو ويو هو. ڪاسٻي جو مندر ته هن ڀر جِين مت وارن جو مندر، سڀ ان تسلسل جا شاهد آهن. مسڪين جهان خان جي ان ويڙهي ۾ پهريان مائي ڀاڳي ٿي هئي، پوءِ صادق فقير ٿيو. هنن جي ڍاٽڪي ٻوليءَ ۾ ٻاٻيهي ۽ ڪوئل وارو مٺاس آهي، ڪو بنواس آهي ۽ ڪو نراس آهي. ان هجر ۽ وصل جي داغستان ۾ درد وهي ٿو لار ڪري ۽ اهو درد صادق فقير جَهپيو هو، ۽ پوءِ پاڻ جهڙوڪر مارئي ٿي بيهي رهيو.
    عجيب اتساهه هيل مون وٽ مهمان ٿيو آهي. شل مهماني ڇڏي، منهنجي اڱڻ کي گهر ڪري ويهي رهي. ۽ پڪ ڏئي ته واقعي هيءَ مٽي، جيڪا ٻيهر ڳوهجي چڪي آهي، سا هاڻ وري ڪڏهن ڀيرو نه ڀڃندي. هيل سنڌ پنهنجي قومي هيرو کي مان ڏنو ۽ سٺ هزار لوڪ لڳ ڀڳ صادق فقير جي جنازي ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان آيل هئا. سنڌ ان کان اڳ پنهنجي قومي هيروز کي ايڏو وڏو مان ڪٿي ڏيندي هئي؟ سنڌ ۾ هن کان اڳ ايڏي وڏي هولي به ڪڏهن نه ملهائي وئي هئي. ايئن ٿو لڳي ڄڻ انبن جي ٽارين ٻُور جهلڻ شروع ڪيو آهي. اهي ٻور ئي ته هئا، جيڪي وڏڙن پورهيا ڪيا، جن ۾ صدين جي ڄمار پئي آهي. اهي هاڻ ڄڻ پچي راس ٿي ويا آهن. هيل لڳي ٿو ته واقعي سنڌ گدڙن نه کاڌي آهي. پوين سالن دوران سنڌ ۾ هنن ڪيترا نه مندر ڀڳا هئا!! اهي ڄڻ مندر نه هئا، گهڙا هئا. هو وار مٿان وار ڪندا ويا ۽ سڀ مندر ڀڃندا ويا. هو ڀُورا ڀيل قبرن کان ٻاهر ڪڍندا ويا ۽ نه ڄاڻ ڪيتريون رنڪل ڪماريون اغوا ڪندا ويا. پر هيل سنڌي مسلمانن مذهب جي متڀيد کي پراهين پنڌ ڇڏي، هن هوليءَ تي ايڏيون ته رنگن جون رنگينيون ڪيون ڄڻ ڪو ويلنٽائن ڏينهن هجي. خوشيءَ وچان منهنجي ڳلن تان ڳوڙها ٽمندا رهيا. ايئن لڳو ڄڻ اهي هوليءَ جا سڀ رنگ، اهي تغاريون ۽ گارا هجن، جن سان ڀڳت ڪنور جرارن جي شهيد ٿيل مسجد جي اوساري ڪئي هئي. هيل اسان هولي ايئن ملهائي جو ڪڏهن به نه ملهائي. اسان ڄڻ سڀ ڀڳل مندر وري بحال ڪيا. هنن هندن جا مندر ڪونه ڀڳا هئا، ديس جي دل ڀڳي هئي. هنن هندن کي هيسائڻ گهريو هو، پر هيل سنڌ چيو، توهان مندر ڀل ڊاهيو، مسجدن ۽ امام بارگاهن ۾ ڀل ڌماڪا ڪيو، پر ڪنهن جي دل نه ڊاهيو، جو رب سائين دلين ۾ رهندو آهي. هيل سنڌ هن انتهاپسنديءَ کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ اٿي بيٺي آهي. هڪ اهڙي رنج ۽ غم ۾ ٽٻٽار بيٺل آهي، جنهن جو ڪو سرواڻ نه آهي. قائم علي شاهه لڪو ويٺو آهي، زرداري صاحب به مولانا فضل الرحمان سان فوٽو سيشن پيو ڪرائي.
    پوءِ سڄي سنڌ صادق فقير ڏي ڇو نه وڃي!؟ سلام سندس ونيءَ کي هجي، جو سندس مڙهه واپس مارئيءَ جي ملير کڻي آئي. چون ٿا ته صادق فقير جي ڀاءُ پنهنجي ڀاڄائي يعني صادق فقير جي گهر واريءَ کي چيو ته صادق فقير جي مڙهه کي ان پاڪ سرزمين حوالي ڪيون، پر اها ڳالهه صادق فقير جي ونيءَ کي سمجهه ۾ نه آئي. هو ايڏو وڏو وڇوڙو ڪيئن ٿي برداشت ڪري سگهي، سو نه ڪري ويهي رهي. هن کي خبر هئي ته صادق فقير ڇا پئي چاهيو، ۽ صادق ڇا هو؟ هو ته مٺيءَ واري برپٽ جو ٿوهر هو، ڪا کٻڙ جي ڪاٺي هو. هن جو ميلاپ ان مٽيءَ سان ٿيڻو هو، جتي هن کي راڳ هوائن مان مليو هو. جتي هن روپلي کي پنهنجي وجود ۾ سمايو هو. مارئيءَ جي کوهه کي پَسيو هو. اهي ميدان ۽ هنڌ ڏٺا هئا، اهي ڌنار، اوٺا وڳ ۽ انهن جي ڳچين ۾ پيل چڙن مان موسيقي ٻڌي هئي. سو صادق واپس مٺي موٽي ٿو اچي. ڇو نه اچي مٺي؟ مٺي هن کي مٺي جو هئي ۽ پوءِ سنڌ ڄڻ ڌمال بڻجي وئي. ڪي ناد وڄي ويا، ڪئين بانسريون، ڪئين طبلا ۽ ستار اٿلي پيا ۽ منظور جي ڳايل اها وائي ڄڻ سنڌ جو قومي ترانو بڻجي پئي:
    عمر ديس پنهنجو وسارڻ ڏکيو آ،
    مارن ريءَ منهنجو بدن هي بکيو آ.

    هيل صادق فقير وري اسان جي پيرن ۾ پنڌ وجهي ڇڏيو، ۽ اڄ اسين صادق فقير جي مزار تي وڃي کيس گلن سان ڀيٽا ڏينداسين.
    "عشق اسان وٽ آرائينءَ جيئن، آيو جهول ڀري."
    صادق فقير اياز کي تمام گهڻو ڳايو هو. صادق عاشقن جو راڳي هو. هو عشق ڳائيندو هو، هو وڇوڙو ڳائيندو هو ۽ هو سنڌ جي اهنسا ڳائيندو هو. هو سنڌ جو آجپو ڳائيندو هو. عجيب هو صادق به- هو آيو ۽ سرمد وانگر جلدي موٽي به ويو ۽ پوءِ وري ڪو هن جي روپ ۾ ايندو. هو روميءَ چواڻي ڪُوزو هو، ڪُوزي جي مٽي هو، ڪُوزي جو خريدار به هو ۽ پوءِ پاڻ ئي ڪُوزو بڻجي مٺيءَ ۾ پيهي ايئن چئي ٿو، جيئن ڪبير چيو:
    مٽي چئي ٿي ڪنڀار کي، ڇا ويٺو مون کي ڳوهين،
    هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو، مان ڳوهينديس توکي.
    صادق اسان جي مرڻ ۽ جيئڻ جي وچ ۾ پيل سڀ دز ۽ سڀ وسوسا لاهي ويو، ۽ پوءِ ڄڻ ڀٽائيءَ جون هي سٽون اسان جي سڃاڻپ ٿي ويون:
    سورهيه مَرين سوڀ کي ته دل جا وهم وسار!
    زندگي ڪيڏي نه مختصر آهي!؟ ڪيتري به طويل ڪيو، تڏهن به مختصر!! اهي جيڪي زندگيءَ کي ڳائي وڃن ٿا، انهن جي سامهون اهي وسوسا هوندا ئي ڪونه آهن. اڄ اسين به مٺي هونداسين، اسين ڪي سول سوسائٽي نه آهيون، بس جيڪي به آهيون، ٿورا ئي سهي يا کڻي هزار هجون، سنڌ جي روح کي سامي، ڀٽائيءَ جي اک سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، ته شل هن سنڌ ۾ سُڳنڌ بڻجي پار پئون.
    صادق، ڀٽائيءَ جو تنبورو کڻي، خودڪش بمبارن آڏو اٿي بيهي رهيو. اياز ۽ ڀٽائيءَ کي من ۾ سمائي، مارئيءَ وانگي مٽي ٿي، وارِي ٿي، عام ٿي عوام ٿي بيهي رهيو. جيئن شيخ مجيب آڏو نوابشاهه جي حامد علي ڪلب ۾ شيخ اياز جي وائي عبدالغفور ڳائي هئي:
    سنڌڙيءَ تي سِر ڪير نه ڏيندو،
    سهندو ڪير ميار او يار.
    اڄ اسين ڳلن تي ڳوڙها کڻي، هٿن ۾ گلاب جا گل کڻي، پيرن ۾ پنڌ وجهي، هن ارڏي پٽ کي، سنڌ جي سپوت هئڻ جو سول سوسائٽيءَ طرفان سلام پيش ڪنداسين.

    سورهين مارچ جي شام سڏي ٿي!
    فيبروريءَ جو آخري هفتو ڄڻ ته اسان جو وجود ورهائڻ آيو هو، جنهن ۾ سڀڪجهه هٿان ڇڏائجي ويو، ۽ مان پنهنجي ڳوٺ جي اسٽيشن جي پليٽ فارم تي ڄڻ سڀڪجهه وڃائي بيٺو هئس. اها اسٽيشن، جتان گانڌي ريل ۾ لنگهيو هو، جتي بابا هڪ ڇوڪر جي روپ ۾ ڪجهه گهڙين لاءِ بيٺل ان ريل جو آڌر ڀاءُ ڪيو هو. مون ٻڌيون هيون پنهنجي ٻالڪپڻ ۾ اهي رڙيون، جيڪي ٻاڦ تي هلندڙ انجڻ هالاڻيءَ مان لنگهندي ڪندي هئي. هاڻ ته ان ريل جي اسٽيشن به باقي ناهي رهي، نه پٽڙيون باقي بچيون آهن. بهرحال گذريل هفتي گهڻو ڪجهه ويو. صادق فقير ويو، سائين نذير ميمڻ ويو، انيتا وئي، سائين راڻا ڀڳوانداس ويو. ڄڻ ڪا ڪربلا هجي جيڪا سنڌ مٿان طاري آهي. شڪارپور جون گهايل گهٽيون آهن، واٽ واٽ تي مدرسن جون ديوارون آهن ۽ اسين هن مٽيءَ جا الستي ويس ڍڪيو، روميءَ سان هڪ ٿيڻ جي رمز ۾ ڦيريون پيا پايون.
    عجيب هو استاد منظور به- بابا جي سامهون رچي ڳائيندو هو. اهڙو ٻئي ڪنهن سامهون به نه ڳائي سگهندو هو. اها اقبال بانو جيڪا نوابشاهه بابا جي هيڏي وڏي بنگلي ۾ راڳ ڳائڻ ايندي هئي. ناصر ڪاظمي کان وٺي فيض تائين سڀ ايندا هئا. مولانا ڀاشانيءَ کان وٺي ميان افتخار، ته باچا خان به ايندو هو. بابا روئيندو هو ۽ آخر ۾ چوندو هو ته "بابا راڳ مري ويو". اڄ جڏهن صادق فقير سعوديءَ جي پاڪ زمين تي بي احتياط عرب جي اوچتو پويان ڌڪ لڳڻ سان فوت ٿي ٿو وڃي ته ان جو روح به اتي ڄڻ قيد ٿي وڃي ٿو ۽ هو مارئيءَ جي ملير موٽڻ لاءِ واجهائي ٿو. تڏهن بابا جا چيل اهي لفظ منهنجي ڪنن تي پڙاڏو ڪن ٿا ۽ مان رڙ ڪري هن پوري ريگستان ۾ هن کي چوان ٿو ته "نه بابا، راڳ نه مرندو.. جي راڳ مري ويندو ته پوءِ ڄڻ سنڌ مري پوندي. هي راڳ ئي ته آهي، جيڪو شاهه جي رسالي ۾ سمايو پيو آهي. هي "ڪن فيڪون" ۾ به ته موسيقي هئي. ڪوئي ساز هو، جيئن رومي چيو ته "بانسريءَ جي ڪوڪ ۾ جيڪا رمز آهي، اها ان ڪري آهي جو اها پنهنجي بانس کان وڍيل آهي، ۽ پوءِ هاڻي هو جدائيءَ کي ڳائي روئي ٿي. بانسري اهو وڄائيندو، جيڪو وڍيل هوندو." سو ايئن سڄي سنڌ به عشق جي نظر ٿيل آهي ۽ ان جا مسيحا ڀٽائي، اياز ۽ سچل آهن. سڄي سنڌ زمان و مڪان جو عظيم ميلاپ آهي. ان جي تاريخ ۾ موهن جا دڙا پيا آهن، سنڌو پنهنجي پوري وهڪ ۾ ساز آهي ۽ ناچ اسان جو اعزاز آهي. اسان مست ۽ الست سنڌي، ان خودڪش بمبار کي ڀاڙيو ثابت ڪنداسين.
    اسان هاڻي ڀٽن کي الوداع ڪنداسين، جيڪڏهن انهن جا پونيئر هينئر ننڌڻڪو ڪري هنن ماروئڙن کي رڻ ۾ رولي ڇڏيندا ۽ پنهنجا ڀڀ ڀرڻ ۾ لڳا پيا هوندا. هيڏا ننڌڻڪا سنڌي ته ڪڏهن به ڪونه هئا. بهرحال هاڻ انهن بمن آڏو هي سول سوسائٽيءَ جا شاعر، ڪالم نگار، وڪيل، انجنيئر، ڊاڪٽر ۽ نياڻيون بيهنديون ۽ هي ڪارين پراڊو وارا ايترو به ڪونه ڪري سگهيا، جو چار ڏيئا ٻاري شڪارپور جي هيڏي وڏي ماتم تي ڪو ڏک ونڊين.
    شايد هنن کي واپس سنڌ ۾ ورڻو ناهي. شايد وڏڙن هنن کي ڀٽائي ۽ اياز سبق ۾ نه پڙهايو هو. هاڻ ته دهلوي ۽ گورکپوري به سنڌي ٿيڻ لاءِ آتا ويٺا آهن، پر هو ڇو سنڌ لاءِ اجنبي ٿي پيا آهن.
    "جان جان هئي، جيئري ورچي نه ويٺي" اي سنڌ توتي وڏا قرض آهن، جيڪي توکي لاهڻا آهن. هو رنڪل کڻي ويا، اسين چپ هئاسين، هنن ڪنور ماريو، اسان ڪونه ڪڇيو، پر هاڻ ايئڻ ٿيڻ نه ڏينداسين. هاڻ اهنسا جي ڏانءَ سان گڏ ڀالا به کڻي سنڌ جي دشمنن جا پيرا کڻنداسين ۽ انهن کي وائکو ڪنداسين. اسين ڳوٺ ڳوٺ، واهڻ واهڻ 16 مارچ تي نڪرنداسين ۽ ڏيئا ۽ ميڻ بتيون ٻاري گلن جي ورکا ڪري، پشاور کان شڪارپور تائين انهن ڪانئرن کي وائکو ڪنداسين، جيڪي ڀٽائيءَ جا دشمن آهن. جيڪي اياز ۽ سچل جا ويري آهن. جيڪي ڌمال ۽ موسيقيءَ جي ڳائيندڙن کي بدعتي چئي واجب القتل ٿا چون. اسين سڀ ٽورنٽو کان وٺي لنڊن ۽ بوسٽن تائين 16 مارچ تي شهرن جي چوڪن تي بيهي ميڻ بتيون، ڏيئا ۽ مشعلون ٻارينداسين، جي نه ته پوءِ پنهنجي شهر جي اڱڻ ۾ ايئن ڪنداسين ته جيئن ڀٽائيءَ جي سنڌ آباد رهي.
    صوفي صادق جو راڳ جيئندو رهي ۽ انسانيت جو ڀرم رهندو اچي، ته سورهين مارچ جي شام جو ڇهين وڳي اسين ملنداسين. جڏهن ڀڳت ڪبير رحلت ڪئي ته بنارس ۾ هڪ پاڪ قبرستان به هو، جنهن کي "سگهڙ" جي نالي سان سڏيو ويندو هو ۽ ٻيو عام ماڻهن جو قبرستان هو، جتي عام ماڻهن، مسڪينن ۽ لاچار ماڻهن کي پوريو ويندو هو. ڪبير پنهنجي لاءِ اهو عام قبرستان چونڊيو هو. اڄ صادق فقير پنهنجي مٽيءَ ۽ ماڳن ڏي موٽڻ ٿو چاهي ته جيئن ڪبير جي روايت قائم رهي، ته جيئن مارئيءَ جو ڀرم رهجي وڃي. ڪيترائي ڏک هن ننڍڙي وجود ۾ رکندو اچان، الائي ڇو منهنجي وڏڙن بابا جي وصيعت جو ڀرم نه رکيو، جو هن کي هن جي رسمن مطابق عام قبرستان ۾ ڪونه دفنايو، ۽ هن کي خاص قبرستان ۾ پنهنجي وڏڙن سان دفنايو ويو.
    "جڏهن ورنديون ڪونجڙيون، هر هر ڪري هُل، تڏهن ملنداسين. "
    (اياز)
    (روزاني سنڌ ايڪسپريس، مارچ 2015)


    لڙڪ لڙي پيا لار ڪري! ؛ عاجز جمالي

    موسيقي زندگيءَ جو هڪ اهڙو شعبو آهي، جنهن جي باري ۾ ڪيترائي خيال ٿي سگهن ٿا، پر گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڳالهه چٽي آهي ته سُر يا ساز کان سواءِ زندگي گذارڻ انسان جي وس جي ڳالهه ناهي. رڌم ۽ لئي کان سواءِ ڪائنات جو وجود ائين آهي جيئن خلا- بلڪه هاڻي ته سائنس اهو ٻڌايو آهي ته خلا ۾ به هڪ رڌم آهي، نظم ضبط آهي. جتي به نظم يا ضبط آهي، ان کي رڌم يا لئي چئي سگهجي ٿو. ائين موسيقي رڌم يا لئي جو بنيادي تصور ڏنو آهي. جڏهن کان انسان کي کائڻ ۽ پائڻ جو هوش آيو، تڏهن کان ئي کيس سُر ۽ ساز جو به خيال آيو، ۽ هن پنهنجي خوشي ۽ وندر لاءِ مختلف ساز ٺاهڻ شروع ڪيا. ان ڪري ڪائنات ۾ موسيقيءَ جو وجود به هزارين سالن کان آهي. موسيقيءَ جو سڌو تعلق انسان ذات سان آهي. مذهبن کان اڳ به موسيقيءَ جو وجود هو. اهو ئي سبب آهي جو ڪائنات ۾ جڏهن مذهبن جو تصور آيو ته مذهبي ڪتابن جي ترتيب ۾ به لئي يا رڌم نظر اچي ٿو. انساني آواز جي گونج ۾ رڌم آهي، اها ئي موسيقي آهي. موسيقي وسيلي علاج يا ماڻهن جي ڏکن جو حل ڳولڻ به سنڌ ۾ سوين سالن کان موجود آهي.
    الله عربي لفظ آهي، پر هن کي دنيا جي هر زبان ۾ آلاپيو ويو آهي. هي لفظ انسان جي اندر جي هڪ صدا بڻجي ويو آهي. اسان کي زور سان ڪو ڌڪ لڳي ٿو، ڪا تڪليف ٿئي ٿي، بي ساخته لفظ الله اُچارجي ٿو. انسان اصل ۾ پنهنجي درد جي صدا بيان ڪري ٿو. ان ڪري اسان سنڌين کي ته ‘تند ڪٽارو ڪنڌ’ جو فلسفو سولائيءَ سان سمجهه ۾ اچي ويندو آهي. "سُر جي سين هڻي ڏس چارڻ، ڪرندا ڪنڌ هزار"، ڪيڏي وڏي ڳالهه آهي جو چارڻ جي ساز ۾ سِرُ گهورڻ واري سگهه موجود آهي. ٻيجل جي ٻولي اسان لئه اوپري ناهي. ان ڪري اسان موسيقيءَ سان محبت ڪندڙ قوم آهيون. موسيقيءَ سان محبت جو اهو صوفياڻو انداز به هر ڪنهن جي سمجهه کان مٿي آهي. "صوفيءَ جي سوز ساز کي سمجهڻ ته ڏکيو آ، هن عشق جي انداز کي سمجهڻ ته ڏکيو آ."
    صادق جي وڇوڙي کي هفتو گذري ويو آهي. مان گذريل هڪ هفتي کان صادق سان ٿيندڙ مختلف ڪچهرين کي ياد ڪندو رهيس، ائين پنهنجي موبائل فون ۾ صادق سان ٿيل آخري محفل جي رڪارڊ ڪيل وڊيو ٻڌندو رهيس. هن محفل ۾ ڪراچيءَ جا ڪيترائي صحافي دوست هئا. اسان تڏهن صادق جا اردو غزل به ٻڌا هئا ته سنڌي ۽ سرائيڪي ڪلام به ٻڌا هئا. لطيف، اياز، بخاريءَ سان گڏ غالب ۽ فيض کي به ٻڌو. صادق پنهنجي ڪلام وسيلي ٻڌايو ته موسيقي موسيقي هوندي آهي. صادق سنڌيءَ ۾ ڳائي، سرائيڪي ۾، اردوءَ ۾ يا مارواڙيءَ ۾، پر صادق جو ڪلام روح ريجهائيندو هو، مست بڻائيندو هو. "مين صوفي هون سرمستا، ميرا ڪون پهچاني رستا. "
    مڪي ۾ موت جو پروانو ماڻيندڙ صادق جو روح سنڌ امڙ وٽ پهتو. صادق جي پونئيرن اهو فيصلو سنڌ جي ماڻهن ۽ صادق جي دوستن جي صدا سمجهي قبول ڪيو، ائين عملي طور اهو ثابت ڪيو ته سنڌ ئي اسان لاءِ سڀ ڪجهه آهي.
    صادق ۽ سندس ڪٽنب سان سعودي عرب ۾ آيل دردناڪ حادثو سنڌ کان سُر ۽ ساز جو سنگم کسي ويو. هن دوران سعودي عرب ۾ رهندڙ ڪجهه سنڌي دوستن جو تاريخي ڪردار نظر آيو. مون سوشل ميڊيا تي نظر پياسي، دانش تنيو، نرگس ابڙو ۽ ٻين دوستن طرفان ٿيندڙ ڪوششن کي ڏٺو ۽ لکيو ته اها ئي سنڌيت آهي، جتي اسان جو ڪو پنهنجو نه هجي، اتي سنڌي پنهنجا ٿي وڃن.
    ۽ صادق فقير ته پاڻ به ڪمال جو ماڻهو هو. سندس وڏي پوک پوکيل هئي. سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌي سندس چاهيندڙ نڪتا. سرمد سنڌيءَ جي حادثي کانپوءِ سنڌ ۾ سُر ۽ ساز جي چاهيندڙن لاءِ هي وڏو حادثو آهي ۽ ڀلا سُر ۽ ساز جو چاهيندڙ ڪير نه هوندو، ڪو ڪافر ئي هوندو.
    صادق جي وڇوڙي تي هي سٽون لکندي، مان سوچي رهيو هوس ته الائي ڪڏهن صادق سان پهرين ملاقات ٿي. ياد نه ٿو اچيم، پر ڪافي سال اڳ جڏهن صادق جي سُريلي آواز ۾ جڏهن "توکان ٿيندي ڌار، کلندي کلندي يار، لڙڪ لڙي پيا لار ڪري" ٻڌو ته من ۾ صادق لاءِ هڪ عجيب ڪشش ٿي. ان کانپوءِ الائي ڪيئن، ڪڏهن ملاقات ٿي، پر جڏهن به ٿي تڏهن کان وٺي اڄ تائين صادق منهنجي روح ۾ سُر جي هڪ اهڙي صدا بڻيل آهي، جو جڏهن به اداسي ڇانئجي ٿي، صادق کي ٻڌجي ٿو. عابده پروين، صادق فقير، شفيع فقير، سينگار علي سليم، جگجيت سنگهه، پٺاڻو خان، سرمد سنڌي، پنکج اداس، مطلب ته موسيقيءَ جي مدهوشي منهنجي اداسين جو خاتمو ڪري ڇڏيندي آهي. منهنجو خيال آهي ته موسيقيءَ جو اهوئي وڏو علاج آهي، جو ماڻهن کي فرسٽريشن مان ڪڍي ڇڏي ٿي. تڏهن ته اسان چئون ٿا دهشتگرديءَ جو صوفي ازم سان مقابلو ڪري سگهجي ٿو.
    جڏهن شيخ اياز جو وڇوڙو ٿيو ته مرحوم قمر شهباز سان گڏ ڀٽ شاهه تائين اياز جي مڙهه سان گڏ سفر ڪيو، پر شيخ اياز جي قبر تي سندس دفن ٿيڻ جو منظر سڄي حياتي ياد رهندو. اياز جي دفن ٿيڻ وقت صادق فقير قبر تي بيهي اياز کي ڳائي رهيو هو. سندس ڳوڙها به ڳڙي رهيا هئا ته ساڳئي وقت هو اياز جي مڙهه کي لحد ۾ لاهڻ لاءِ به اڳيان هو، پر سڄو وقت هو اياز کي ڳائيندو رهيو. ساڻس گڏ ٻيا فنڪار به سُر ۾ سُر ملائي ڳائي رهيا هئا ۽ اسين به اياز جي شاعري ٻڌي سچ ته پنهنجا ڳوڙها روڪي ڪو نه سگهياسين.
    سکي پيا کي ملين ته چئجان، چاندني تو سوا نه ٿيندي،
    اچين ته منهنجي اماس ۾ آ ڇو ته ٻي رات ڪانه ٿيندي.
    ڪڏهن به توتي دُوار دل جا نه ٻوٽبا تون ڀلي هلي آ،
    ٻه لڙڪ آلا تڏهن به هوندا، متان چئين آجيان نه ٿيندي.
    تڏهن اسين سڀ اياز جي وڇوڙي تي رنا هئاسين. اڄ اسين صادق جي وڇوڙي تي سڏڪون پيا. موت کي شل موت اچي. سنڌ صادق لاءِ صدين تائين اداس هوندي، پر سچل کان وٺي صادق تائين سنڌ سچ جا سُر ۽ ساز ڇيڙيندي رهندي. ڀاڳين جا ڀاڻ خالي نه هوندا آهن. سنڌ ۾ صوفياڻي سر مستيءَ جو سفر جاري رهندو.
    (روزاني عبرت 5.3.15)


    صادق فقير جي لاڏاڻي تي لڙڪ لڙي پيا لار ڪري... رکيل مورائي

    ڪالهه اهو آلاپ پنهنجي آواز جون لهرون صحراءِ عرب ۾ ڇڏي، الوپ ٿي ويو، جيڪو آواز صحراءِ سنڌ- ٿر مان ويهه کن ورهيه اڳ پنهنجي سموري توانائيءَ سان اڀريو هُئو، ۽ جنهن نه رڳو سڄي ٿر کي محفوظ ڪري ڇڏيو، پر هو سنڌ ۾ هڪ اهڙو صحرائي آلاپ کڻي آيو، جنهن سنڌ جا وٿاڻ ۽ وستيون واسي ڇڏيا. ڳوٺ ڳوٺ، ڳليءَ ڳليءَ ۾ ڳايو ويو. نئين سنڌ جي جديد شاعري، نئين رنگ ۽ نئين آواز سان سنڌ ۾ گونجڻ لڳي. اها گونج اسان جي پياري دوست ۽ نوجوان راڳي صادق فقير جي هُئي.
    سچ ته اهو آهي، اڄ جڏهن صادق فقير، وقت کان اڳ تيزيءَ سان اسان کان وڇڙي ويو آهي ته اسان کي شدت سان محسوس ٿيو آهي ته شايد سندس تيزيءَ سان اُڀرڻ ئي ان ڪري هُئو.
    ڪنهن فنڪار کي جيڪو مرتبو سڄي عمر جي رياض کان پوءِ نصيب ٿيندو آهي، اهو مرتبو، صادق پنهنجي محنت، پنهنجي صحرائي آواز ۽ پنهنجي سٻاجھي سڀاءَ سبب ويهن کن سالن ۾ ماڻي ورتو.
    هُن پنهنجي نج ٿري لهجي ۾ سنڌ جي جديد شاعريءَ کي اهڙو حسين آواز ڏنو جو اها شاعري،سڄي شاعراڻي امرتا سان گڏ موسيقيءَ جي امرتا به ماڻي وئي. صادق فقير پنهنجي سڀاءُ ۾ هڪ ماٺيڻو ۽ ملڻهار نوجوان راڳي هُئو، جنهن سنڌ کي گهڻو ڪجهه الڳ ۽ نئون ڏنو، جيڪو سنڌ وٽ اڳ ۾ نه هُئو.
    ننڍي عمر ۾ صادق فقير ڪيتريون ئي مڃتائون ميڙي ورتيون، پر سنڌ جي مها ڪوي اياز جا چيل لفظ سندس باري ۾، ادب جي دنيا ۾ پڻ ياد رکيا ويندا. اياز صادق فقير کي ٻڌي چيو هئو ته "منهنجي شاعري جنهن آواز لاءِ واجھائي رهي هُئي، اهو کيس ملي ويو آهي، صادق فقير جي آواز جي شڪل ۾". ۽ افسوس اُهو آواز اياز جي شاعريءَ ۽ سنڌ جي جديد شاعريءَ ۽ راڳ کان سدائين لاءِ جدا ٿي ويو.
    اڙي موت! ميار، جيڏا روز جدا ڪرين.
    صحراءَ عرب ۾ گم ٿي ويل اسان جو هڪ حسين آواز، سنڌ کان سدائين لاءِ موڪلائي ويو. جيڪو صحراءِ سنڌ کان صحراءِ عرب ڏانهن ڪيترائي قافلا به واپس آڻي نه سگهندا شايد!
    امرءُ القيس ۽، ام ڪلثوم جي ڌرتيءَ تي پنهنجا پويان پساههَ ڇڏيندڙ صادق فقير جو آواز اڄ مائي ڀاڳي ۽ موهن ڀڳت جو آواز ٿر جي ڀٽن ۾ ڳولي رهيا آهن. سنڌ اداس ٿي وئي آهي. سنڌ جي ساڃاهه، سنڌ جا سُر اداس ٿي ويا آهن. شايد کين وري ڪو اهڙو صحرائي آلاپ وارو آواز نه ملي سگهي. ۽ سڀ کيس فقط ڪي آلين اکين سان نياپا موڪلين ته:
    سکي پيا کي ملين ته چئجان،
    چاندني تو سوا نه ٿيندي.
    فطرت جا پنهنجا اصول آهن. چاندني به ٿيندي، ٿر ۾ ڪونڀٽ ڪر به کڻندا، واهوندا به ورندا، درد ونديءَ جو ديس به وسندو، ورساري کانپوءِ مورن جا ٽهوڪا به ٻڌي سگهبا، بس جيڪو نه هوندو ۽ جنهن لاءِ مٺي ماندي هوندي، اهو صادق فقير جو ٽئگور جي، سانوري شام جهڙو چهرو نه هوندو- ۽ اهو آواز/آلاپ نه هوندو، جنهن آواز/آلاپ سان ٿر جون ڀٽون جاڳي پونديون هيون، جنهن آلاپ سان ستارن ڀريو آسمان گڊيءَ ڀٽ تي لهي ايندو هُئو. مٺي، نوَ ورني ڪنوار جيان جرڪي پوندي هئي. جنهن آلاپ سان پرهه باکون ڪڍندي هُئي. ڪاڪ جون شمعون اجھامڻ لڳنديون هيون. جنهن آلاپ سان اڄ جي مارئيءَ کي ڪڙن ۽ ڪوٽن کان نجات حاصل ڪرڻ جي سگهه ملندي هئي. جيڪو آلاپ جھونا ڳڙهه جھوري وجھندو هئو ۽ جيڪو آلاپ جھروڪ ۾ جهانءَ وجھي سگهندو هُئو. جيڪو سُر، سَون سرن کان وڌيڪ اهم هُئو. هيءُ اهو آلاپ هُئو، جنهن بابت ڀٽائيءَ چيو هُئو ته:
    منهنجي مٿي جي هجن، سِرن سوَ هزار،
    تنهنجي ڪاڻ تنوار، هر هر وڍيان هيڪڙو.
    هيءُ ئي صدين کان پوءِ ٿر جي ڀٽن مان اُڏامندڙ آلاپ هئو، جيڪو گرنار ۾ غلغلو وجھي سگهڻ جي سگهه رکندو هُئو. سچ پچ هُو جڏهن ڳڙهه پاسي ڳائيندو هُئو ته راڻيون رتولن ۾ اوڇنگارون ڏينديون هيون، ڇوريون چُرڻ ڇڏي ڏينديون هيون.
    مارئيءَ جي ملڪ جو هيءُ آلاپ ئي ته هُئو، جنهن کي اڄ ڪو نئون راءِ ڏياچ گهربو هُئو.
    وقت جي تبديلي رڳو اها آهي ته اڄ هُو پاڻ راءِ ڏياچ هُئو، جنهن صحراءِ عرب ۾ پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏيو.
    سنڌ وري شايد صحراءِ عرب ڏانهن واجھائيندي رهندي، ان آلاپ جي واپس ورڻ لاءِ، جيڪو ڪڏهن به ورڻو نه آهي. ها! سنڌ هُن کي ڪڏهن به وساري نه سگهندي. سنڌي هُن کي وساري نه سگهندا. هُو اسان جي دل ۾ هڪ ياد بڻجي ئي رهجي ويو. جڏهن به هُن جي سار ايندي ته چپن مان نڪرندو.
    توکان ٿيندي ڌار،
    کلندي کلندي يار،
    لڙڪ لڙي پيا لار ڪري.
    (روزاني عوامي آواز)


    مٺي ۾ مذهبي رواداريءَ جو قائم ٿيل تازو مثال ؛ پنهل ساريو

    سنڌ هڪ ڀيرو وري لازوال رواداري ۽ ڀائيچاري جو مثال قائم ڪري ورتو آهي. سنڌ صوفين ۽ سنتن جي ڌرتي آهي. سنڌ ڊگهي عرصي کان هر طرح جي انتها پسنديءَ کي رد ڪيو آهي. اڄ جڏهن سڄي دنيا انتها پسنديءَ جي خوف ۽ دهشت ۾ ورتل آهي، اهڙي وقت ۾ انتها پسنديءَ جي آبياري ڪندڙ قوتون وري سنڌ ۾ انتها پسنديءَ کي وڌائڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهن. هر طرف مذهبي، لساني ۽ نسلي دهشتگرديءَ جو راڪاس ڦيرا ڏئي رهيو آهي. عين ان وقت تي سنڌ عظيم الشان عمل سان امن جي دشمن قوتن آڏو وري هڪ دفعو واضح ڪري ڇڏيو آهي ته سنڌ امن، رواداري ۽ ڀائيچاري واري ڌرتي آهي. جڏهن پاڪستان جي جوڙجڪ پئي ٿي، تڏهن قرارداد مقاصد ۽ نظريئه ضرورت تحت رياستي معاملن ۾ مذهب جي گنجائش ڪڍي وئي ته ان وقت رهبر اعظم سائين جي ايم سيد چيو هو ته هيءَ رياست جن مذهبي انتها پسندن کي پالي رهي آهي، سي اڳتي هلي سڄي دنيا کي تاراج ڪندا. ان کان پوءِ وري جڏهن خودڪش بمبارن دنيا کي تاراج ڪرڻ شروع ڪيو ۽ پاڪستان طالبان جو اڏو بڻجي ويو، تڏهن سنڌ، پنجاب ۽ پختونخواھ کان پنهنجي الڳ سڃاڻپ هن انداز ۾ ظاهر ڪئي ته رياستي طاقتن جڏهن 21 مارچ 2014ع تي جسقم ترجمان مقصود خان قريشي ۽ لطيف سنگت جي مرڪزي صدر سلمان وڌو جو انتهائي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ته سنڌ جي لکين ماڻهن سنڌ جي گاديءَ واري هنڌ ڪراچيءَ پهچي نه فقط پر امن احتجاج ڪيو، پر هندو، مسلم، سک ۽ عيسائي جنازي نماز ۾ هڪ ئي صف ۾ نظر آيا. ان کان سواءِ عورتون توڙي مرد جنازي نماز ۾ شريڪ هئا. ان کانپوءِ وري جڏهن صادق فقير جو مڙھ مڪي کان مٺي آندو پئي ويو ته مارئيءَ جي ملڪ ملير تائين پهچندي، هزارين سنڌ واسين مذهبي متڀيد کان مٿاهون ٿيندي، پيار محبت ۽ عقيدت جا گل نڇاور ڪيا. لاڙ پٽ جي شهري توڙي وارياسي ٿر جي ڳوٺن ۽ مرڪزي شهر مٺي ۾ شاهه جي رسالي، پاڪ ڪتاب ۽ گيتا سان پنهنجي محبوب ۽ پياري صادق سان عقيدت جو اظهار ڪيو ويو.
    سنڌ ۾ diversity جي اڄوڪي شڪل بڌائي ٿي ته ماڻهو آدرشي انسانن لاءِ پنهنجون خوشيون، عيدون ۽ شادمانيون به قربان ڪندا آهن. جڏهن صادق فقير ڌرتيءَ جي هنج ۾ هميشه آرامي ٿيڻ پئي ويو، تڏهن سڄي سنڌ گهُر ڪئي هئي ته مڪي ۽ مديني بجاءِ صادق فقير شاه لطيف جي سنڌ ڌرتيءَ ۾ اچي آرامي ٿئي، ۽ جڏهن اهو ڏينهن آيو ته اهو هوليءَ جو ڏينهن هو. هولي رنگن ۽ مستيءَ جو ڏينهن هوندو آهي، جنهن ڏينهن هندو ڌرم سان واسطو رکندڙ ماڻهو سڄيءَ دنيا ۾ رنگولي سان مستيءَ جا مزا ماڻيندا آهن. ان ڏينهن سنڌ جي اڪثريتي هندو ڌرم واري شهر مٺيءَ ۾ هزارين عورتن ۽ مردن نه فقط هولي نه ملهائڻ جو اعلان ڪيو، پر پنهنجي محبوب ۽ بي انتها پياري صادق فقير جي ڏک ۽ غم ۾ شهر ۾ ڪارا بينر لڳائي ڇڏيا ۽ هر ماڻهو صادق فقير جي ڳايل ان گيت کي گونجاري رهيو هو، جنهن جا ٻول آهن: هولي آئي هولي ويئي، ڪنهن به اسان تي رنگ نه هاريو....
    جڏهن مٺي هاءِ اسڪول ۾ هزارين ماڻهن جنازي نماز ادا پئي ڪئي ته ان ۾ هندو ۽ مسلمان، شيعا توڙي سني گڏ بيٺل هئا.
    صادق فقير مذهبي متڀيد کان مٿاهون ٿي، هر مذهب ۽ فرقي جي ماڻهن سان روح جي سچائين سان پيار ڪيو. هي حسناڪيت جو نرالو آواز هو. صادق فقير حسن پرست، انسان دوست ۽ محبتي ماڻهو هو. شايد اهو ئي سبب آهي ته هوليءَ جي ڏهاڙي تي هندو عورتن ٻارڙن ۽ نوجوانن لڙڪ هاري سندس آجيان ڪئي. جڏهن صادق فقير جي تدفين جي رسم پوري ٿي ته قبر تي گل چاڙهي سڀ کان اڳ هزارين قومي ڪارڪنن سنڌ جو قومي ترانو پڙهيو. جلد ئي ان کان پوءِ هڪ روئڻ هارڪو آواز آيو: "توکان ٿيندي ڌار، کلندي کلندي يار، لڙڪ لڙي پيا لار ڪري.... " اهو دولت رام هو جيڪو مونکي ڀاڪر پائي گهڻي دير تائين روئندو رهيو. جڏهن مان مٺي پهتو هئس ته سريش جي جيئن مون تي نظر پئي ته سڏڪندو اچي مليو ۽ ڀاڪر پائي روئندو رهيو تڏهن مونکي اڃا وڌيڪ پڪ ٿي ته ملائيت سنڌ کي انتها پسنديءَ جي اوڙاهه ۾ نه ٿي اڇلي سگهي.
    صادق فقير هڪ مڪمل انسان هو. جڏهن شام جا ڏيئا ٻرندا هئا ته راڳداري شروع ڪندو هو. اڄ ڏيئا ٻاريندڙ گهرن جون عورتون هجن توڙي مندرن جا پوڄاري، سڀ صادق فقير لاءِ پوڄا پاٽ ڪري سندس آيل قافلي تي گلن جي ورکا ڪري رهيا هئا. مٺي شهر سوڳ ۾ مڪمل بند ٿي ويو. هندو ڀائرن هوليءَ جون سموريون تقريبون ملتوي ڪري صادق فقير جي آخري رسمن ۾ شرڪت ڪئي. مٺيءَ ۾ مذهبي رواداريءَ جو عظيم مثال قائم ڪيو ويو. هندو برادريءَ جي ماڻهن وڌ کان وڌ صادق فقير جي رسمن ۾ شرڪت ڪئي. ڪلهو به ڏنو ته قبرستان تي به پهتا. مٺيءَ جي اسڪولن مان موڪل ڪري ٻارڙا پراڻي ڊي سي آفيس وٽ پهتا، جيئن صادق جو مڙهه اتي پهتو ته شاگردن سلامي پيش ڪئي.
    سنڌ جي ناليواري ۽ محبوب راڳي صادق فقير ولد فيض محمد مـڱڻهار جو جنم 20 مارچ 1964ع ۾ مٺي ٿرپارڪر ۾ ٿيو. تعليم ايم اي سنڌي ڪيل اٿس. 1992ع ۾ شادي ڪيائين. موسيقيءَ جي تربيت پنهنجي مامي حسين بخش فقير کان ورتائين، جيڪو ان وقت جو سٺو راڳي ۽ موسيقار هو. هو ڪاليج جي زماني کان ئي ڳائيندو هيو. 1986ع ۾ ان وقت جي حيدرآباد جي ريڊيو اسٽيشن ڊائريڪٽر عنايت بلوچ صاحب پهريون دفعو آڊيشن کان پوءِ ريڊيو تي سندس ڪلام رڪارڊ ڪرايا ۽ 1988ع ۾ پي ٽي وي ڪراچي اسٽوڊيو تي مرحوم شمشير الحيدري صاحب ٽيليويزن تي متعارف ڪرايس، پر 1992ع ۾ ايازگل جو ڪلام "توکان ٿيندي ڌار، کلندي کلندي يار، لڙڪ لڙي پيا لار ڪري" ڳائڻ سبب کيس گهڻي مقبوليت ملي.
    صادق فقير سنڌي، اردو، سرائڪي، ٿري، راجستاني، هندي، مارواڙي ۽ پنجابي ٻولين ۾ ڳايو آهي. صادق فقير نوجوانن ۾ گهڻو مقبول رهيو آهي. هن هندستان، دبئي، سعودي عرب، انگلينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ ۾ فن جو مظاهرو ڪيو. موسيقيءَ بابت ڏنل هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته سنڌي موسيقيءَ جا هڪڙا پنهنجا رنگ ۽ ڍنگ آهن. هتان جو لوڪ ورثو تمام گهڻو مضبوط آهي. ٿر کان وٺي هر علائقي جي پنهنجي خوبصورتي آهي. موجوده راڳين کي سمجھڻ گهرجي ته. اسان جي پنهنجي سنڌي موسيقي ئي، شاهوڪار موسيقي آهي. ڪوشش ڪجي ته موسيقيءَ جي بنيادي تربيت حاصل ڪري، پنهنجي ئي نج ثقافت کي بچائجي..
    صادق فقير جو لاڏاڻو هميشھ ياد رهندو. روڊ حادثن سڀ کان پهرين اسان کان سنڌ جي البيلي راڳي سرمد سنڌي بعد ۾ شاعر حسن درس ۽ هاڻي صوفي راڳي صادق فقير به کسي ورتو.
    جڏهن شام جا ڏيئا ٻرندا هئا ۽ صادق فقير جي محفل مچندي هئي ته ٻڌندڙن کي پتو ئي نه پوندو هو ته رات ڪيئن گذري وئي. پرڀات جا پهريان ڪرڻا ڏينهن ٿي وڃڻ جو سنيهو اماڻيندا هئا، پر ٻڌندڙ کي محفل مان اٿڻ تي دل ئي نه چوندي هئي. اهو سندس آواز جو سحر هو، اهو سندس انداز جو اثر هو. هن جو هر گيت سندس سڃاڻ هو ۽ اڄ سندس ڳايل هر گيت ۾ سندس ياد سمنڊ جي ڇولي جيان ڇلي رهي آهي. هن ته اهو ڳايو هو ته "کيس چئجو هتان گذر نه ڪري، شهر جو شهر دربدر نه ڪري"- پر اڄ هن کي ڪير چوي ته هو سڄي سنڌ کي ڪيئن دربدر ڪيو پيو وڃي. صادق فقير جيڪو مٺي پهچندڙ هر مهمان جي آجيان ڪندو هو، اڄ جڏهن انهن مان ڪو مٺي ايندو ۽ سندس گهر وٽان گذرندو ته ان جا لڙڪ ضرور لار ڪري وهندا رهندا.


    ٿر جي ماٿي جو جهُومر ٽٽي پيو! ؛ علي اڪبر راهمون

    ٿر جا مختلف تعارف ۽ رنگ آهن. ڪن ماڻهن کي ٿر بيابان، ويران ۽ ڏتڙيل ٿو نظر اچي ۽ اڪثر اهڙا ماڻهو سوال به ڪندا آهن ته هت ٿر ۾ سهولتون ڪونه آهن ۽ بُک پيا مَرو ته پوءِ هتان لڏيو ڇو نٿا ۽ هتي سُورن ۾ سڙو ڇو ٿا؟ هڪڙو ٿر سرمائيدارن ۽ عالمي نفعي خور ڪمپنين ۽ سامراجن کي نظر ايندو آهي، جنهن ۾ ڪارونجهر جو سون، گرينائٽ، چيني مٽي، لوڻ جون کاڻيون ۽ دنيا جي چند وڏن ذخيرن مان ڪوئلي جو هڪ وڏو ذخيرو نظر ايندو آهي. دولت جي حوَس ۾ هو ٿرجي سونهن ڪارونجهر کي ڪپي کڻڻ ۽ ڪوئلي لاءِ اُونهيون کاڻيون کوٽي (ٿر جي ماحوليات ۽ حسناڪي تباهه ڪرڻ جي قيمت تي به) مال ڪمائڻ ٿا چاهين، ۽ ٿر جو لکين ٽن روزاني لوڻ واپرائيندڙ به "نمڪ حلالي" ڪرڻ جو ڪڏهن سوچين به ڪونه ٿا! هڪڙو ٿر وري سياستدانن لاءِ سوني جهرڪي آهي، جنهن ٿر ۾ اٻوجهه ماڻهو پيرن، ميرن ۽ ذات برادرين جي پنجوڙ ۾ ڦاٿل آهن. اڳي چٺين تي هاڻي کوکلن نعرن ۽ اتاڇرين ڳالهين ۽ لالچن ۾ ڦاسائي، ڪنهن معصوم ٻار کان هڪ روپئي جو کٽمٺڙو ڏئي هزار جو نوٽ ڦرائڻ مثل ٺڳيو وڃن ٿا ۽ هر اليڪشني موسم ۾ ڪو ڪٿان ڀڳو اچي ته ڪو ڪٿان- پر پوءِ وري ايئن ڀڄيو وڃي جيئن وسڪاري کان پوءِ ٿر مان مڪڙ گم ٿيو وڃن!
    هڪڙو ٿر اُهو آهي، جيڪو اُن غريب ۽ بيوس ماءُ وانگر آهي جيڪا پنهنجن ٻچن کي هنج وٺيو زماني جي بي واجبين، اُرهه زوراين ۽ ڏڪاري حالتن ۾ ٻچن جي آجپي لاءِ پريشان آهي. سندس ممتا جو درياءُ ڇوليون هڻي ٿو، پر ٻچڙا مٺي پاڻيءَ جي ٻُڪ لاءِ پريشان آهن. ابر آسري آهي، اُميد جو پانڌ به ڪونه ڇڏيو اٿس ۽ پنهنجي جگر جي ٽُڪرن کي هِنئين مخاطب آهي ته:
    منهنجي مٺڙي پياري ڌي،
    پاڻي ناهي ڳوڙها پي،
    مِينهن ته پنهنجي مُند تي وسندا،
    کوهه ويا سڀ کارا ٿي!
    هُن ٻاجهه ۽ پيار جي پتلي عورت جي سادگي، اکين ۾ حياءُ ۽ شرم آهي، ۽ ظاهري سونهن ۾ مٿي تي هڪ جهُومر (ٿر ۾ ٽِڪو به چيو ويندو آهي، جيڪو سِينڌ ۾ پوئي نرڙ تي ڇڏبو آهي) ۽ مٿي تي مارئيءَ جي لوئي آهي. ٿر جي مٿي تي سجيل اِهو جهُومر انهي سپوت اولاد جي نشاني آهي، جنهن ٿر جي لوئي ۽ لڄ محفوظ رکي آهي، جنهن ثقافت، روايت ۽ پيار پاٻوهه جو وکر ورهايو آهي. اهڙي ٿر جو هڪ سَپُوت پُٽ هو صادق فقير. صادق فقير ٿر جو اُهو آواز هو، جنهن ديس پرديس ۾ ٿر جو سفير ٿي محبتون ورهايون. هميشه مسڪرائي ملندڙ ماکيءَ جهڙو ماڻهو، جنهن جي ٽهڪن لاءِ ٿر ته پنهنجي جاءِ تي پر شايد سنڌ سڪندي رهندي. هُن جو آلاپ ڀٽن جي ڏيهه ۾ اُڃايل مورن جي ڄڻ رڙ هُجي، جيڪا هانءُ چيري وجهي! صادق جي سُرن جو اثر اياز گُل جي لفظن ۾ ئي بيان ڪري سگهجي ٿو:
    پيارا راڳ ته ڇيڙيئي سهڻا،
    ڪيڏا سور سهيڙيئي سهڻا،
    صادق يار! جو راڻو ڳاتئي
    ڪيڏا ڦٽ، اڊيڙيئي سهڻا!
    هو هڪڙو مثالي مهمان نواز به هو، جنهن جي مٺيءَ واري اوطاق سدائين وسيل ڏٺي سون. ڪي اديب، سياح، صحافي ۽ فنڪار اچيو مڙن ۽ وري محفل به صادق فقير جي- پوءِ سج کٽي يا ٻج کٽي. هن فنڪار فقير کي به کوڙ دفعا اهي ٽهڪن واريون محفلون مليون. هونءَ ته قبائلي يا زرعي سماج ۾ مڱڻهار فقير ٻين کان گُهرندا آهن، پر هتي ته مون جهڙا ڪيئي صرف ماني ٽڪي ۽ رهائش نه پر ڀاڙو ڀتو به وٺندي ڏٺاسون!
    صادق هڪ اهڙو ڪردار هو جنهن جي ذات جا ڪيئي پاسا آهن. اسان کيس ڪڏهن به پريشان نه ڏٺو، نه ئي ڪڏهن کيس نرڙ ۾ ڪو گُهنج ڏٺوسين. نه ڪنهن جي گلا ڪندي، نه ئي وري ڪنهن جي هروڀرو ثنا خواني ڪندي ٻڌوسين. ٿر جي اندر مذهبي رواداري برقرار هُجڻ ۾ به صادق فقير جهڙن ماڻهن جو ڪردار رهيو آهي. صادق بنا مت ڀيد جي مندرن ۽ ميلن ۾ ڀڄن به ڳائيندو هو. هو ته صوفين جي درگاهن تي حاضري ۽ امامن جي ساراهه جا ڍُڪ به ڀريندو هو. ايئن لڳندو هو ته ڄڻ ڪبير ڀڳت چيو ئي صادق فقير لاءِ هُجي ته:
    ڪبيرا کڙا بزار ۾، سب ڪي مانگي خير،
    نا ڪسي سي دوستي، نا ڪسي سي بَير!
    سچو ۽ کرو وري اهڙو جو ڇا چئجي. ڀاءُ جي شاديءَ جون دعوتون ڏيڻ عمرڪوٽ آيو. چيومانس ته پهرين لسٽ ٺاهيون، پوءِ ڪارڊ لکي ٿا ڇوڪرن کي ورهائڻ لاءِ موڪليون. لسٽ ٺاهڻ ويٺس. جيئن ئي ڪنهن نام نهاد وڏي ماڻهوءَ جو نالو کڻان ته چئي "ڇڏينس". وري نالا هلندي، ڪو اهڙو نالو اچي ته وراڻي "ڇڏينس". ائين ٽئين چوٿين ڀيري ٺهه پهه چيائين ته يار! هي ’وڏا ماڻهو‘ آهن ئي ڪونه، ماڻهن جي ڀُل آهي ۽ آئون ته انهن کي دعوت ڏيندس ئي ڪونه. ڇو ته ڪوٺ انهيءَ کي ڏجي، جنهن جي اچڻ سان سرهائي ٿئي ۽ هو به خوشي محسوس ڪري. باقي هي نام نهاد وڏا ماڻهو ايندا ته به اسان لاءِ حاضري ڀرڻ جو ڏچو، ۽ ٻيا پاڻ وارا فقير فقرا پڻ پريشان ٿيندا. انهيءَ ڪري اهڙن کي ڪوٺ ئي ڇو ڏيون. پوءِ ٿيو به ايئن ئي. هن جيڪي به ڀت ڪيا، تن ۾ ڪڏهن به ڪو نام نهاد وڏو ماڻهو ڪاڄ ۾ نه ڏٺوسين. باقي نراليون دعوتون، سڄي رات راڳ رنگ ۽ رهاڻيون هيون، جيڪي سنڌ ۾ شايد ئي ڪٿي ٿينديون هجن. يارن جو يار هو. سنگت سان ڪڏهن به محفلن لاءِ خرچ پکي جي چٽائي ڪونه ڪندو هو. حڪم ڪريون ته سنگت سميت مٺي کان همايون شريف هليو وڃي. وري ڪڏهن سنگت جي اصرار تي لنڊن به پهچيو وڃي ۽ ڪڏهن محسوس به نه ڪرائي ته سفر ڏکيو گذريو يا سُکيو. پنهنجي برادري توڙي سنگت ساٿ سان راڄوڻي اُٿ ويهه ۽ چار پير ڀرڻ جو وڙ به ڪونه ڇڏيائين. هڪ دفعي ڪنهن سماجي ڪارج جي حوالي سان بُک هڙتال تي ويٺو ته زخمي ٿي پيو. انهن ئي ڏينهن ۾ ڪنهن لکيو ته:
    صادق کي سمجهاءِ،
    جيالن جي جوءِ ۾،
    باغي گيت نه ڳاءِ!
    پر هُن باغي گيت به ڳاتا ۽ شيخ اياز جهڙي وڏي شاعر جي شاعري ڳائڻ جو حق به ادا ڪيو. هاڻ نٿو لڳي ته ڪو سنڌ ۾ اياز کي هيئن به ڳائي سگهندو! هڪ دفعي ڳالهين ڳالهين ۾ ان واقعي جو ذڪر ڪندي، ساڄي ڀرون تي لڳل لٺ واري زخم جو نشان ڏيکاري وڏو ٽهڪ ڏيئي چيائين ته ڏس! نشان پڪو آهي نه؟
    آخري ڀيرو خليل ڪنڀار ۽ صادق فقير گڏ هُجن. فون ڪيائون. اسان جي سماجي اداري جي آفيس تي ٿيل حملي جي ڄاڻ وٺڻ لاءِ، پر صادق سائين هميشه جيان وڏا ٽهڪ ڏيئي چيو ته، علي! مزو نه ٿيو. ڪو رَت ڪڍن ها ته مذمت به ڪريون ها. باقي خالي ڌمڪين تي ڇا ڳالهايون!
    اها منهنجي فون تي آخري ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. جڏهن وري 26 فيبروريءَ جي شام سندس وڇوڙي جي خبر ملي ته پنهنجي ذهن جي ڪينواس تي صادق فقير جون سڀئي تصويرون اُڀري آيون، پر انهيءَ ۾ ڪابه تصوير ۽ ڪوبه عڪس اهڙو ناهي، جنهن ۾ هن جي شخصيت جو ڪو اڀرو پاسو نظر ايندو هُجي! وڏا ٽهڪ، مٺي، ننگر، ڇاڇرو، امراڻو، حيدرآباد، سکر ۽ جيڪب آباد جا پنڌ ۽ محفلون "سڀ ساٿ سجايو آ پيارا" جي مصداق آهن. صرف ۽ صرف آخري ننڍڙي ٻاراڻي خواهش ته ڪاش! اڃان به ڪي وڌيڪ گهڙيون ملن ها ۽ ڪي دل کولي ڪچهريون ڪجن ها!
    صادق فقير جو وڇوڙو سنڌ جو نقصان ته آهي ئي آهي، پر مونکي ائين لڳي ٿو ڄڻ ٿر جي سينڌ جو جهومر اڄ ٽُٽي پيو آهي ۽ ٿرڪوجهو ٿي پيو آهي!


    ٿر جو ٻاٻيهو صادق فقير ؛ ممتاز نهڙيو

    سنڌ ڌرتيءَ جي لڙڪن، سڏڪن ۽ مُرڪن کي سُر سنگيت جي آلاپن سان سڄيءَ دنيا تائين پهچائيندڙ ٿر جو ٻاٻيهو صادق فقير اڄ اسان کان ايترو ڏور هليو ويو آهي، جتان ڪوبه واپس ناهي اچي سگهيو. صادق فقير سنڌ جي سوز واري ڌرتيءَ جو اهڙو آواز هو، جنهن جي آلاپ ۾ نه رڳو ڌرتيءَ جو درياهه جيڏو درد ڇوليون هڻندي نظر ايندو هو، پر سندس سُريلي صدا مايوس ماروئڙن جي مرجهايل چهرن تي اتساهه جي اميد پڻ پيدا ڪندي هئي. جڏهن سندس آواز جا پوپٽ "سنڌ جاڳي پئي" جهڙي گيت سان اُڏارون ڪندا هئا ته سچ پچ مايوسي ڪفر لڳندي هئي، ۽ اميد ڪَر موڙي جاڳي پوندي هئي ۽ ڌرتيءَ جو درد رکندڙ وجودَ ڪنهن فاتح سپاهيءَ جي چهري جيان ٻهڪي پوندا هئا. صادق فقير سنڌ جو اهو سٻاجهڙو فنڪار هو، جنهن نه رڳو ڌرتيءَ جا گيت ڳائي پاڻ سڄي سنڌ ۾ متعارف ڪرايو، پر "سکي پيا کي ملين ته چئجان، چاندني تو سوا نه ٿيندي"، "اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا" ۽ "توکان ٿيندي ڌار، کلندي کلندي يار، لڙڪ لڙي پيا لار ڪري" جهڙن سوين گيتن جي سڃاڻپ به بڻجي ويو.
    جيتوڻيڪ صادق فقير ٿر جي مٽيءَ تي جنم ورتو ۽ سندس رهائش پڻ مٺيءَ ۾ هئي، پر سندس گيتن جي خوشبو سڄيءَ دنيا تائين پکڙيل آهي.
    پنهنجي مامي حسين فقير کان راڳ جي سکيا وٺندڙ صادق فقير راڳ جي شروعات نائين ڪلاس ۾ پڙهائيءَ دوران ڪئي. اسڪول جي پروگرامن ۾ گيت ڳائيندڙ صادق فقير ڏسندي ڏسندي سڄيءَ دنيا جو فنڪار بڻجي ويو. پر صادق فقير کي وڌيڪ مڃتا تڏهن ملي، جڏهن هن شيخ اياز جي شاعريءَ کي نئين رنگ ۽ نئين ڍنگ ۾ ڪمپوز ڪري، سنڌ جي اسٽيجن تي پيش ڪيو. ان ڪري سڄي سنڌ صادق فقير کي شيخ اياز جي گائڪ هجڻ جي حوالي سان وڌيڪ سڃاڻي ٿي. شيخ اياز جي شاعريءَ کي جيترو صادق فقير سرن جي مالها ۾ محفوظ ڪري سڄي دنيا آڏو پيش ڪيو آهي، ايترو ٻئي ڪنهن به فنڪار نه ڪيو آهي. صادق فقير نه رڳو سڄيءَ سنڌ پر ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر ڪيترائي ڀيرا پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري، سنڌ ڌرتيءَ جي پيغام کي عام ڪيو. سندس گيتن ۾ ماکيءَ جي لار جهڙو ميٺاڄ به هو ته وري ڌرتيءَ جي دردن جو نوحو به هو. سندس آواز ڪوئل جي ڪوڪ ۽ مور جي ٽهوڪن سان مشابهت رکندڙ آلاپ هو.
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي، شيخ اياز، استاد بخاري، حسن درس، آڪاش انصاري ۽ اسحاق سميجو تائين سنڌ جي سمورن خوبصورت شاعرن جي شاعريءَ کي ڳائي، صادق فقير پنهنجو مقام ٺاهيو. صادق فقير سٺي راڳي سان گڏ محبت ڪندڙ معصوم دل وارو انسان به هو. سندس طبيعت ۾ فقيريءَ جي گيڙو رنگن سان گڏ محبت جو اهڙو ته ميٺاڄ هو، جنهن جي ڪچهري ماڻهوءَ کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندي هئي. مهمان نوازيءَ کان وٺي ماٺيڻي طبيعت تائين صادق فقير سنڌ جو اهو انمول موتي هو، جنهن جي وڇوڙي سان سموري سنڌ اهڙي دانهن بڻجي وئي آهي، جنهن کي شايد هاڻي ڪوبه ورنائڻ وارو نه هجي.
    ٿر ۾ جڏهن برساتون پونديون هيون، تڏهن سڄي سنڌ مان جيترا مهمان صادق فقير جي مهمان خاني تي ڏسبا هئا، اوترا ڪنهن مقامي وزير يا چونڊيل نمائندي جي اوطاق تي به ڪڏهن ڏسڻ ۾ ڪو نه آيا. صادق فقير ايندڙ مهمانن جي نه رڳو خدمت چاڪري ڪندي نه ٿڪبو هو، پر سمورن مهمانن کي لڳاتار راتين جون راتيون راڳ ٻڌائي پنهنجي خدمت جا فرائض سرانجام ڏيندو هو. صادق فقير پنهنجي فن کي ڪڏهن به لالچ جي مَر سان ميرو ٿيڻ نه ڏنو. منهنجيءَ نظر ۾ صادق فقير هڪ راڳيءَ کان وڌيڪ ذاتي طور تمام معتبر ۽ وڏو ماڻهو به هو. سدائين مرڪي ملندڙ صادق فقير جي بيوقتائتي وڇوڙي اکين جا بند ٽوڙي ڇڏيا آهن.
    صادق فقير جيتوڻيڪ مڪي شريف جي عرفات واري ميدان ويجهو روڊ حادثي ۾ اسان کان سدائين لاءِ وڇڙي ويو آهي، پر سندس گيت صدين تائين اسان جي ذهن کي نه رڳو تازگي بخشيندا رهندا، پر سندس يادن کي تازو ڪندا رهندا.
    بهرحال صادق فقير جو وڇوڙو سنڌ جي عشاق دلين لاءِ ڏکوئيندڙ درد جو نوحو بڻجي ويو آهي، ۽ مٺي سميت سڄي سنڌ ان وڇوڙي ۾ سوڳوار بڻيل آهي ۽ سموري سنڌ اوڇنگارون ڏئي پنهنجي محبوب فنڪار ۽ ماٺيڻي دوست لاءِ اکين مان لڙڪ لاڙي رهي آهي، ۽ سنڌ جو هرڪو ماڻهو صادق فقير جي وڇوڙي تي پنهنجي دل ۾ تعزيت جو تڏو وڇائي ويٺل آهي. صادق فقير رڳو فقير خاندان نه پر سموري سنڌ جو ڀاتي هو، ۽ اها سنڌ صادق فقير کي ڪڏهن به وساري نه سگهندي.


    صادق! ؛ ضراب حيدر

    اهڙا رُساما! ڇو ڀلا؟ صادق تون ته سَچو يار هئين! پوءِ هي ڪهڙي رمز آهي، جيڪا سمجهه ۾ ئي نٿي اچي! بهارون ته اسان سان سدائين کيڏ ڪنديون آهن، جڏهن اڃان گونچ نسرندا ئي ناهِن ته ڪي ئي گل گلاب ڇڻي پوندا آهن. بهارن ۾ خبر ناهي اسان ڪيڏا بهار جهڙا ماڻهو وڃايا آهن. ڪهڙا نانءَ کڻي ڪهڙا کڻان.........!؟ تو به هيل اسان کان بهارن ۾ موڪلايو! پر موڪلايو ڪٿي، ڄڻ ته لِڪ لِڪوٽي ڪري اُڏامي وئين. ائين جيئن هٿن تان پوپٽن جا رنگ اُڏامي ويندا آهن، ائين جيئن لڙڪن ۾ اکين جا اُجالا وسامي ويندا آهن. اُهي زمانا، اُهي يادگيريون جيڪي تنهنجي مِٽيءَ واري پراڻي ڪچي گهر جيان اڄ به مَن جي مُنڍ تي ڪچي قلعي جيان هلڪي سليٽي رنگ سان چمڪي رهيون آهن، تن تي تنهنجو وڇوڙو برسات وارو ڏيک ڏئي رهيو آهي. دل آهي جيڪا مڃڻ لاءِ تيار ئي ڪونهي! تنهنجا سليقا، تنهنجو سڀاءُ، تنهنجو نياءُ، تنهنجا آلاپ، احساسن ۽ سماعتن جي ايوانن تي ائين وڇايا پيا آهن، جيئن تون هر ماڻهوءَ لاءِ اکيون ۽ دل وڇائي ڇڏيندو هئين-!
    صادق! يار ائين نه ڪبو آهي، جيئن تو ڪيو. مِٺي جيڪا توکي پيار جي پهرين مٺيءَ جيان مِٺي هئي، تنهن جي ڳلين ۽ گهٽين ۾ هي ڪهڙيون اُداسيون ڇڏيو وڃين؟ توکي ياد آهي نه اُهو کيکڙن (ڇڪڙن) وارو دور، جڏهن نئين ڪوٽ کان مِٺي ۽ پوءِ اسلام ڪوٽ وارن پيچرن تي وڏن ڦٽين جا چِيلا واءُ جي هڪ وراڪي سان ميسارجي ويندا هئا، پر تنهنجون آهٽون ۽ آلاپ ڪٿان ميساربا؟ هي شهر مِٺي جيڪو توکي ساري پيو، تنهن جو هر دور هر زمانو صادق تان صدقو پيو ٿيندو.
    صادق! توکي ڪيئن ٻُڌايان ته تنهنجي جنم ڀوميءَ سان گڏ تنهنجي ڳوٺ ڏيپلي کان ويندي سموري ٿر جا گَهٽ ۽ لَڪ تنهنجي لاءِ اُٻاڻڪا آهن. ڪارونجهر جي ڪور تان تِرڪندڙ بهار جون ڪمسِن هوائون توکي پُڪاري رهيون آهن.
    سوين هزارين قطارون جيڪي تنهنجون منتظر هُيون، سي به اُداسيون ويڙهي موٽي ويون. مٺي توڙي سموري ٿر ۾ هوليءَ جا رنگ اڌورا رهجي ويا. ڪيڏو نه سوڳوار ماحول آهي؟ صادق موت مهڻو ته ڪونهي، پر يار تنهنجي وڇوڙي صفا ماري رکيو. تنهنجا دوست يار، سنگتي ساٿي سڀ ويڳاڻا آهن. تنهنجي محبتن جا ماريل ماڻهو ڏاڍا اڪيلا ٿي ويا آهن.
    ڏس نھ ! ڪهڙي آجيان ڪئي آهي تنهنجي چاهيندڙن، مداحن... آلين اکين، لڙڪن سان، تنهنجي!؟
    صادق! توکي ياد آهي سال 1998ع واري اُها رات جنهن رات مرحوم عبدالرحمان نقاش، کاٽائو جاني ۽ ٻي سنگت سميت مٺيءَ ۾ ساري رات محفل ڪئي هئي سين. مون سان گڏ فياض چنڊ ڪليري، فهيم شناس ڪاظمي ۽ راج ڪنور هئا، اسين نوابشاهه مان تو وٽ آيا هئاسين ۽ ڪارونجهر ڪاسٻي تائين تنهنجا ٻول ڳائيندا ويا هئاسين. اهڙيون ڪئي محفلون وسرڻ جهڙيون ناهن، جن ۾ تون مَن موهيندو رهين. مونکي اُهو زمانو به ڪونه وسريو آهي، جڏهن مِٺيءَ جي وسندين ۾ گائي ماتا کي ناريون ۽ سُندريون ڏوڀ کان پوءِ ٿالهه ۾ اَنُ کارائينديون هُيون ۽ اُن کي ٿر جي سهڻين ڳئون ماتائُن جي ڳچيءَ ۾ پيل چڙا اهڙي رڌم سان وڄندا هئا جيئن تنهنجا ڳايل گيت ۽ غزل هن لمحي منهنجي احساسن ۾ وڄي رهيا آهن. مسلسل دل کي سمجهايان ٿو، پر دل مڃي ئي نٿي، اکيون آهن، جيڪي ڇُلڪيو پون ! تنهنجون ساروڻيون اکين ۾ جَهلڪيو جَهلڪيو پون !
    تو جڏهن پهريون ڀيرو پنهنجي مامي حُسين بخش مڱڻهار جي اڳيان سُر آلاپيا هئا تـ اهو آواز سندس پاسي ۽ آغوش ۾ هوندي به ڄڻ ته آڪاش ڇُهي رهيو هو. هو ضرور دل ئي دل ۾ مُرڪيو هو، جو تنهنجو اُهو آلاپ اُن لمحي ڏيپلي جي ٻانهياري ۽ جتن واري ڀِٽ کان به گھڻو مٿانهون ٿي سامروٽي ۽ وٽِ (ٿر جي علائقن) وارن پوٺن تان ائين گونجار ڪندو وهندو ويو، جيئن کاري ۽ ڪڇ کان چيٽ، ويساک ۽ ڄيٽ جون هوائون هُلنديون آهن ۽ رحمڪي بازار کان وڃي ڏيپو مينگھواڙ جي ٻڌايل شهر ڏيپلي جو پاسو وٺنديون آهن. تنهنجو آواز، تنهنجو سُر علائقن ۽ سرحدن جو محتاج ڪٿي هو!؟ اُهو ته هوا ٿي هوائن جيان هُلندو ويو. تازي جهروڪي جيان دلين ۽ روحن کي تازگيون بخشيندو رهيو.
    سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ’وسي ته ٿر، نه ته بر ئي بر‘. مون ٿر ڏٺو آهي، وسڻ کان اڳي ۽ پوءِ چڱيءَ طرح ٿر ۾ رُليو آهيان. وسڻ کان پوءِ ٿر ڇا ۽ ڪيئن هوندو آهي؟ ان لاءِ ايترو ئي چوڻ ڪافي ٿيندو ته وسڪاري کان پوءِ ٿر جون سموريون خوبصورتيون احساسن ۾ لِڪي وينديون آهن، جن جي نه ڪا وضاحت ڪري سگھجي ٿي، نه وري اُنهن خوبصورتين کي بيان ڪري سگهجي ٿو. ائين ئي جيئن ڪنهن معصوم ٻالڪ جي ڳراٽڙي ۽ ڪنهن محبوب جي چميءَ کي بيان ڪري نه ٿو سگھجي. مون سنڌيءَ جي ان چوڻيءَ کي دل ئي دل ۾ سدائين ائين بھ پڙهيو آهي ته ’وسي ته ٿر نه ته بھ وڙ ئي وڙ‘ مطلب ته جتي وڙ ئي وڙ هجي، اُن کي ڀلا بَر ڪيئن ٿو ڪوٺي سگھجي. وڙُ ٿر ۽ ٿر جي ماڻهن جي اهڙي صفت آهي، جيڪا لهڻ يا سمجھڻ ڏکي به ڪونهي. بهرحال ٿر جي ڀونءِ هجي يا وري ٿر جا ماڻهو هجن، هر ويل، هر مُند ۾ وڙائتا رهيا آهن. تون تھ ٿر جي روايتن ۽ مهمان نوازيءَ کان ڪي رتيون اڳتي نڪري وئين. تون هر آئي کي ڄڻ ڀڳوان سمجھندو هئين. صادق تون ٿر جو ئي نھ پر سموري سنڌ جو وَڙ هئين.
    تون جڏهن اڃان نوخيز بهارن جيان هئين، الهڙ وهيءَ ۾ جڏهن تو ڪاليج ۾ پهريون ڀيرو ’ ٻڌايان مان ڪنهن کي غم جو فسانو‘ ڳايو هو تھ پنڊال ۾ ويٺل سمورن ماڻهن کي الائي تھ ڪهڙا فسانا ڪهاڻيون ياد اچي ويون هُيون ۽ تون هر دل ۾ محبوب جيان لهي ويو هئين. ٻولن جي تصويرن ۽ منظرن ۾ تو جيڪي سادگيون ۽ سوز ڀريا، سي سدائين تازا رهندا، پر ريڊيائي لهرن سان جڏهن اُهي ٻول دِلين جي ايوانن ۽ لوڪ جي سماعتن تي لَٿا تھ هر ڪنهن پنهنجي اکين ئي اکين ۾ ٻانڀڻياڻي کي احساسن جي شاھ دريا ۾ لُڙهندي ڏٺو. اِهو ڪمال يار تنهنجو ئي هو، جنهنڪري سنڌ جي هر ناريءَ ۽ ڪنيا پاڻ کي ڄڻ تنهنجو مداح ٿي سمجھيو، ۽ هر مانش توڙي ماڻهوءَ جون اکيون تو لاءِ آتيون هونديون هُيون. ڪو شهري بابُو هجي يا مَڊم، ٻهراڙيءَ جو ڪو هاري هجي يا ڌنار، هر جُھونگار ۾ تنهنجا گيت ئي هوندا هئا. شمشيرالحيدري ۽ قربان چنا جڏهن ٽي وي جي اسڪرين تي توکي متعارف ڪرايو تھ تون بليڪ اينڊ وائيٽ توڙي رنگين اسڪرين تي انڊلٺي رنگن جيان سنڌ سرگم تي سِمري وئين ۽ سنڌ جو ٻيجل ڪوٺجڻ لڳين.
    ڏيپلو ۽ مِٺي جتان جو لوڪ، لاڙي لهجي واري سنڌي ڳالهائي ٿو، اُتي پارڪري، ڍاٽڪي، مارواڙي ۽ ڪڇي ٻولي به ڪيترن ئي چپن مان چُري نڪري ٿي. جيئن دنيا جي هر خطي جو ماڻهو صورت سبحان آهي، تيئن هر ٻولي مٺڙي ۽ ڀاڳوان آهي، جيڪا جيوت کي اظهار جو ڍنگ ۽ سليقو ڏئي ٿي. اها ئي ڀاڳوند ٻولي جڏهن تنهنجي سُريلن اظهارن جو ذريعو بڻي ته سنڌي توڙي ٿري گيتن کي ڄڻ ته جواني ۽ جُولان ملي پيو. غزل سچ پچ پنهنجي مادي ۽ ماهيت جيان ڇلانگ ڏيڻ لڳو. تنهنجي چونڊ ۽ چاهت جيڪي رنگ وکيريا سي ڪٿي ۽ ڪيئن چِٽيان؟ صادق! تو پنهنجي مامي حُسين بخش جي آسڻ تي جيڪي سُر ۽ گيت ٻُڌا هئا، مڪتب واري زندگيءَ ۾ حرفن ۽ لپيءَ سان گڏ جيڪي سرگم سُڻيا هئا، تن جي سادگيءَ جي انتها اِها هئي جو سُرُ، ميٺاڄ ۽ ڪَلا جي آڪاش تي هوندي بھ تون سدائين نياز ۽ نوڙت ۾ رهئين. تنهنجي اُها روايت اهڙي رياضت بڻجي وئي جيڪا سُر ۽ سرگم جي رياض کان بھ مٿاهين هئي. اڄ ڏسان پيو سمورو لقاءُ ،صادق !هر اک تولاءِ آلي آهي، مِٺي تھ صفا لٽجي وئي آهي.
    اڄ تنهنجي ئي ڳايل سِٽ:
    ’ڌرتي توکي منهنجي چمي اڌ ۾ رهجي وئي
    سج لٿو آ، رٿ کڙو آ ...........!
    اندر جي سماعتن تي لهي آئي آهي- پر صادق! تنهنجي چُمي ڌرتيءَ کي جيڪا ۽ جهڙي وڻي، اهڙي تھ شايد ...! جيتوڻيڪ سُرهي سانجھھ ٽاڻي سج لٿي کان اڳ ۾ ئي تولاءِ رٿ کڙو هو، جنهن ۾ چڙهي تون ڀلي پار کان ٻيڙا پار ڪري هليو وئين، پوءِ بھ ڪيڏي نـ سهڻي انداز سان ڌرتيءَ کي تنهنجي چُمي پوري ٿي وئي.
    تازو انبڙين باغن ۾ ڳرُ ڪيو آهي تھ مونکي تنهنجو سُڪار لهجو ڏاڍو ياد آيو آهي، جيڪو ٻارهوئي ڏُڪار توڙي سُڪار ۾ سُريلو ٿي ٻُرندو هو. تنهنجون اکيون ڄڻ تھ وسڪارا بڻيل هونديون هُيون، جن ۾ ساوڪ رُت واري جوت نظر ايندي هئي. اڄ تو اُنهن اکين کي اُجھائي ڇڏيو آهي. ڄاڻان ٿو ته تون رُسامي جي عجيب رسم قائم ڪيو پيو وڃين. هر ڳالهه، هر شيءِ تان دستبردار ٿيو پيو وڃين، پر اسين توتان، تنهنجي نانءَ تان، تنهنجي ڪلا تان ڪڏهن به دستبردار نه ٿينداسين. توکي سدائين ڳائيندا ساريندا رهنداسين.
    (روزاني سوڀ، 6 مارچ 2015)


    صحرا جو مسافر صحرا ۾ سمهي پيو! ؛ نواز شاهه ڀاڏائي

    11 فيبروريءَ جي اها ميرانجهڙي شام هئي. مون صادق فقير جا برقي لهرن ذريعي پنهنجي ڪنن ۾ آخري ٽهڪ اوتيا هئا. اهي ٽهڪ جن ۾ ازل جي مَڌ جا کيپ هئا، ڪنهن سون ورني سهاڳڻ جي جوڀن جو جلترنگ هو. ڪارونجهر تي مورَ جا ٽهوڪا هئا يا موهن ڀڳت جي وائيءَ جا ورلاپ هئا. صادق فقير ٽهڪن سان ٽمٽار مون سان زندگيءَ جي آخري ڪچهري ڪري رهيو هو. مڪليءَ تان حسن درس جو سنگي سورج ديوتا ڪنهن مهاڻي ٻار وانگر وڃي رهيو هو. مون نٿي ڄاتو ته صادق سائين موڪلاڻي پيا ڪن. هو پُرجوش لهجي ۾ چئي رهيو هو ته آئون محبوب عربي جي دوار تي مٿو ٽيڪڻ وڃي رهيو آهيان. ڪيتري ئي دير تائين اسان ڀوڳن جي بارش ۾ ڀڄندي هڪ ٻئي کي کل جا خمار ڏنا. محبتن جي ان مٽاسٽا دوران دوست اياز امر ۽ عزيز سرواڻ به موجود هئا. ڇا خبر ته اها ڪچهري سندم حياتيءَ جو بنهه پويون حصو ۽ ڪو قصو ٿي رهجي ويندي ۽ ائين صادق سائين سان وري ڪڏهن به، ڪٿي به، ڪنهن به اڄاتي موڙ تي ملي نه سگهنداسين ۽ هو صحراءِ عرب جي تتل ٽاڪ منجهند جو يادگيرين جا انبار ڇڏي، ستارن جي نيري گگن پويان گم ٿي ويندو. صادق سائين سان ايترين کٽين مٺين يادن جا حسين حوالا جڙيل آهن جو سندس جبري جدائيءَ جي هن گهاءَ ڏيندڙ گهڙيءَ ۾ ذهن ڪنهن سامي جي سيتل آتما جيان ڀٽڪي ويو آهي ۽ لفظ بي ساهه ۽ سوچون ساڻيون ٿي پيون آهن.
    صادق فقير جنهن جي آلاپ سان ڪائنات جي ديوتائن جون دليون ڌڙڪڻ وساري ويهنديون هيون، عقابن کان اڏار وسري ويندي هئي. مٺيءَ جي چاڳلين جا چوڙا هڪ آواز ٿي وڄندا هئا ۽ ڍٽ جي پٽن کي ڄڻ ڪو جادوگر جڪڙي وٺندو هو. اسان اڄ ان آواز واري انسان کان جدا ٿيا آهيون، جنهن وٽ راڳ روح پرچائڻ واري راز جو نالو هو. هو جيڪو سراپا نياز ۽ ناز جو مجسمو هو. وٽس ٿر جي ڪينواس جيتري ڪشاده دلي هئي، جنهن کيس اها ڏات ڏني جو شاهوڪار سنڌ جا غريب ماڻهو هن وٽ وڃي سَرها ساهه کڻندا هئا. هو جيڪو مٺيءَ ۾ ويهي سنگت ۽ سنڌ لاءِ ٻلهار ٿيندو هو، سو ماڻهو هاڻ اسان کي زمانه ڳولڻ باوجود به ملي نه سگهندو. جنهن ڪڏهن به فن جي ڌن تي غرور ۽ تڪبر کي اوڏو اچڻ نه ڏنو. نه ته ٿر ۾ اهي به فنڪار رهن ٿا، جيڪي سڄو وقت اعليٰ درٻارن جا دربان بڻيل آهن. پئسو سندن ميرانجهڙي منزل آهي، پر هي فقير ايڏو امير هو جو سڏ ڪريوس ته سڏ ڏئي. آيلن جو آڌرڀاءُ ڪرڻ، مهلن تي پاڻ پهچڻ اها ئي اصل معنيٰ ۾ فقير جي ڪماليت آهي، جنهن جي آڏو سڪندري صفا نيچ شيءِ آهي. صادق غريب ٿر جو امير انسان هو، جنهن وٽ محبتون قارون جي خزاني کان به وڌيڪ هيون، جيڪي ڏيندي ڏيندي وٺڻ وارا ٿڪجي پوندا هئا، ڏيڻ وارو نٿي ٿڪو.
    هن جا ڪهڙا ڳڻ ڳائجن. سخي، باڪردار، روادار، مخلص، محبوب ۽ مهمان نواز. سچ اهو آهي ته سڄي سنڌ ٿر جي مجسم صورت صادق فقير جي صورت ۾ ڏسندي هئي- ۽ مون هڪ دفعي پريس ڪلب مٺي ۾ سندس موجودگيءَ دوران تقرير ڪندي چيو هو ته ٿر کي بئراجي علائقن جا ماڻهو کٽو مل جيوڻ يا مهيش ملاڻيءَ جي ڪري نه پر صادق فقير، رجب فقير ۽ سائينداد ساند جي ڪري سڃاڻين ٿا. هو هڪ اهڙو لاکيڻو پٽ هو، جنهن جي روح ۾ سنڌ جي تاريخ سمايل هئي. سو اسان کان امرءُ القيس جي شاعريءَ واري ميدان ۾ جدا ٿيو آهي ته اسين ائين ڊهي پيا آهيون، جيئن زمين لڏڻ سان ڪنهن غريب جي اوڏڪي ڀت ڊهي پوندي آهي. صادق کي اسين اندر جي اُونهاين ۾ محسوس ڪري رهيا آهيون ۽ ڪنهن شاعر چواڻي:"هو اسان کان اهڙيءَ رُت ۾ جدا ٿيو آهي، جڏهن وڻن جا هٿ خالي آهن. اسين کيس گلابن جو ڪفن به ڏئي نٿا سگهون." صادق لاءِ سنڌ سهڻي به هئي، سسئي به هئي، مارئي به هئي ته مينڌرو به هئي. تڏهن ته هو اياز کي گهڻو ڳائيندو هو، ڇو ته اياز وٽ جديد سنڌ جو قديم درد هو ۽ ان درد کي زبان صادق فقير ڏني. اياز جا غزل ۽ نظم هجن، صادق جو آواز هجي ته سڄي هستي مي رقصم ٿي ويندي هئي ۽ ڌرتيءَ جي بدن مان نازبوءَ جا ٻوٽا ڦٽي پوندا هئا، جيڪي سڄي وايو منڊل کي واسي ڇڏيندا هئا ۽ ان سمي سنڌ صفا سون پريءَ جيان لڳندي هئي.
    صادق جيڏو ڀلو راڳي هو، ان کان ڀلوڙ انسان هو، جنهن وٽ فضيلت هئي، فهم هو، حياءُ هو، پيار هو، پچار هئي. هن ڪڏهن به ڪنهن سڏ کي بي مانائتو نه ڪيو. شڪارپور ۾ ماجد حيدري جي ڀاءُ جو ڪاڄ هجي، ٺٽي ۾ انور جاکري جو وهانءُ يا ڏهرڪي ۾ شرن جو ڀت، ڇا جون فيسون، ڇا جا نخرا، ڇا جون ڳالهيون. بس! فقير سائين جن اسان کان به اڳ ۾ موجود. بس! رڳو هن فقير جي هڪڙي فون تي اهي وفائون ڪير وساري. هن دلبر شخص جون دلبريون سدا هن دل ۾ دکنديون رهنديون. هو رشتا رکڻ ۽ نڀائڻ جو به آرٽسٽ هو. هن وٽ دليون موهڻ جو دلبري انداز هو، ڪو ازلي آرٽ هئس ماڻهوءَ کي پنهنجو ڪرڻ جو. گذريل 5 فيبروري رات لڙي ڪال ڪيانس ٿو. حسبِ روايت حق موجود، سنڌ موجود. ٽهڪ، پڙاڏا، کل، خوشبو... ٻڌائي ٿو ته هندو ڀائرن جي ڪنهن رسمي تقريب ۾ ڳايان ويٺو. هميشه وانگر منهنجي هڪڙي ئي گذارش: ڪڏهن تنهنجي وارن سندي رات ٿيندي، لائيو ٻڌايو. بس! اهو ڪلام شروع ڪرڻ وقت ڪال بيڪ ڪريان ٿو. صادق سائين جو جواب... پوءِ ڪجهه لمحن بعد سندس صدا جهڙي آواز جو پڙلاءُ ڪنن تي پويم ٿو. ڪڏهن تنهنجي وارن سندي رات ٿيندي- اسان جا هُوڪريا... واهه واهه... صادق جا الستي آلاپ... رات وڌيڪ گهَري ٿيندي وئي. فون جاري. نيٺ ڪلام جي پڄاڻيءَ تي پاڻ معصوميت مان پڇي ٿو، سائين مزو آيو؟! مزا ته هن جي موجودگي، هن جي گفتار ۽ هن جي محبتن جي مجلسن مان سڄي زندگي ورتاسين. هن جو راڳ ته اسان جي وڃايل رُت جو خواب هو. هن جي پُرسوز آواز جي سدا امر اڏارن ۾ اسين جيون جا جهروڪا تلاشيندا هئاسين. هن جا گيت اسان لاءِ برفباريءَ جي مند ۾ ان باهڙي وانگر هئا، جنهن تي اسان سدا عمر پنهنجون اکيون سيڪيون هيون. هو ويو آهي ته ڄڻ اسان لاءِ ٿر جي گيٽ وي مٺي جا سڀ گس گم ٿي ويا آهن. اسين مٺي هاڻي ڪنهن وٽ وينداسين. چراغ ته گل ٿي ويو، گڊي ڀٽ جي اداسيءَ کي هاڻ ڪير درد سان دريافت ڪري سگهندو. هو مور ماڻهو حياتيءَ جي هُل ۾ اوچتو اُلهي الائي ڪيڏانهن هليو ويو. رجب فقير، کاٽائو جاني، دولت رام ۽ ناشاد سمون خبر ناهي ڪهڙي ڪيفيت ۾ هوندا؟ ڪيئن هوندو اهو عوامي دنيا جو دادلو شاعر بلاول اوٺو، جنهن سان مون کي صادق ئي ملرايو هو. پريم جي پيالي جيڏو مٺي شهر هاڻ ان ٻولي ۾ ٻولي سگهندو، جنهن ٻوليءَ جون ٻاڪارون صادق جي ساهن مان سُر ٿي سنڌ کي سڏينديون هيون. ان زبان جو دنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ ۾ ترجمو نٿو ڪري سگهجي، جيڪا سانوڻيءَ جي رُت ۾ صادق سائين جي اکين مان لياڪا پائي لڪي ويندي هئي. صادق جنهن جي نالي جي معنيٰ ته صفا سولي آهي، پر سندس اندر جي اسرارن کي سمجهڻ لاءِ ان عشق کي سمجهڻو پوندو، جيڪو جعفر صادق کان وٺي صادق فقير تائين سڀني جو مرشد هو.
    صادق فقير هڪ خواب هو، اک کلي ته جهڙوڪر ڊهي پيو. خبر ناهي ايڏو اتاهين سفر تي وڃي صادق اسان کان رسامو ڇو ڪيو، جڏهن ته کيس خبر هئي ته بي مهلا وڇوڙا ماڻهن جا اندر اڌ ڪري ويندا آهن. صادق اسان جو سپرين، جيڪو اڃا زندگيءَ جي چيلهه ۾ ڀاڪر وجهي رقص ڪرڻ ۾ محوِ هو ته موت جي خوني چنبن مسافت جي ڊگهي پنڌ ۾ کيس ٻٻر جي ٽار مان پلڙن وانگي پٽي وڌو هو. اوڏانهن ويو، جتي روشني ۽ تاريڪيءَ جا سڀ رستا اڻڄاتل ٿي وڃن ٿا. ڪهڪشائن جي ان ڪٺن پنڌ ۾ صادق فقير اسان سان هاڻ ڪٿي ٿو ملي.
    اوهين مرڪي کلي آخر هليا ويا ڳوٺ پنهنجي ڏي،
    اسان جي ڳالهه جي ڳل تان اڃا ڳوڙهو ڳڙي ٿو پيو.
    هاڻ جڏهن به سانجهيئڙي جي ويل ايندي، اسين صادق کي سارينداسين. صادق ٿر جي اڃارين ڀٽن مان اٿي صحراءِ عرب جي پوندڙ پهاڙين جي نيم خاموش سفر ۾ زندگيءَ کان هٿ ڇڏائي هليو ويو. اڄ مهراڻي جا مور ماتم ۾ آهن، نابين راڳي يوسف فقير جا هٿ هارمونيم تي حيران رهجي ويا آهن. ارباب احسان، اياز، رسول درس، علم الدين انصاري، امير منڌرو، اسين سڀ ڄڻ ڪنهن تتل کوري ۾ ڪچن گهڙن وانگر سري رهيا آهيون. هن جا اسان سان ساٿ هئا، سنگم هئا، وفائون هيون. هو اسان جو اهڙو محبوب هو جو وقت کان گهڻو اڳ ۾ محفل مان اٿي هليو ويو. هي ويل هن جي وڃڻ جي نه هئي. هن کي اڃا اهي گيت جهُونگارڻا هئا، جيڪي اڻپورين ڊائرين ۾ اداس رهجي ويا آهن. هن کي اڃا انهن ڳلن جا ڳوڙها پيئڻا هئا، جيڪي درد جي شام ڏنا آهن. اڃا کيس اسان جي مئه نوش محفلن ۾ ٽهڪن جا رابيل وکيرڻا هئا. هو جيڪو اسان جي آڌين ۾ آجيان لاءِ اٿي ايندو هو، اسان جي رونق افروزيءَ لاءِ آداب محفل جا سڀ اهتمام ڪندو هو، سو مٺو ماڻهو هاڻ ڪٿان ايندو، جنهن جي ڀاڪرن ۾ سڳداسي چانورن جي خوشبو هئي. ٿر جيڪو درد جو ديس آهي، ان درد جي زبان جو نالو صادق فقير هو. صادق هڪ سپنو هو، جنهن جي ساڀيان سنڌ هئي. سنڌ ديس جنهن جا صادق ۽ اسين سڀ عاشق آهيون. اهو ديس اڄ پنهنجي هڪ پياري پٽ جي ابدي وصال تي سراپا سوڳ آهي. صادق جا اوچا آواز اڀ دراز ٿي ڄڻ ڪنهن پرانهين پرينءَ کي سڏيندا هئا. سو صادق جڏهن عربي ڄام جي زمين تي هڪ اندوهناڪ گهڙيءَ ۾ مئي تي ڪا مام ميڙي سمهي پيو ته حسن ياد آيو:
    درد هڪ ڏينهن ڀيڙ ڏئي ڪرندو مون ۾،
    تنهنجي محبوب مٽيءَ منجهه مئل هوندس مان.
    هو جنهن محبوب جي ملڻ لاءِ ويو، ان جي مارڳ ۾ موت سندس لاءِ منتظر هو ۽ هو ڏور اڏاڻو هليو ويو. خبر ناهي ڪٿي کيس قرار آيو هوندو، هو ته سنڌ جو سيلاني هو، سنڌ سندس سَکي هئي، جنهن کان سواءِ سندس چاندني ممڪن نه هئي ۽ اڄ گڊي ڀٽ پنهنجي ان حسين ماڻهوءَ لاءِ ٻانهون کوليون ويٺي آهي. ماروئڙن ۾ مُونجهه آهي، هڪ بيقراري ٿر جي دڳن تي رُلي رهي آهي. اسين پنهنجي محبوب جي مانائتي مـُرڪ تي ڳري رهيا آهيون.
    صادق جيتوڻيڪ هاڻ اسان کي ننگر جي شام يا ڇاڇري جي صبح ۾ ملي نه سگهندو، پر سندس سندر آواز جي اڏام ۾ گونجندڙ گيتن کي اسين صحرا جي هر سانت ۾ تلاش ڪنداسين- ۽ آئون صادق کي ڪيئن چوان ته فقير سائين! هتي ملڻ اڌورا، وڇوڙا اڌورا، جيون جي هر پرولي اڌوري آهي. بس! هڪ موت ئي آهي، جيڪو مڪمل آهي.
    (روزاني ڪوشش حيدرآباد)


    رُئان رهن نه سُپرين! ؛ منصور سيتائي

    گُلابن به مُنهن ٿي پِٽيو ۽ خارن به روئي ڏنو،
    هليو وئين ته هڪڙو نه مان هزارن به روئي ڏنو.
    ٿيا سنگيت ڇورا ڇنا، گيتن جو دم ٿي گُهٽيو،
    سُرندا به سُڏڪيا پئي، سِتارُن به روئي ڏنو.
    صادق فقير جي اوچتي وڇوڙي نه فقط مونکي پر سڄيءَ سنڌ کي سڪتي ۾ آڻي ڇڏيو آهي. هُن جي وڇوڙي جو ڪانُ دل ۾ اهڙو ته کُتو آهي جو اُن جي خلش تاحيات رهندي ۽ لُڙڪن لارون ڳلن کي آلو ڪنديون رهنديون. اڄ سنڌ جي فضا ڏاڍي اداس اداس آهي. ٿر جون ڀٽون پنهنجو ڪنڌ جهڪائي بيٺيون آهن، ۽ ائين ٿو محسوس ٿئي ته هُو پنهنجي محبوب همسفر جي ڊگهي جدائي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. ياد نه ٿو پوي ته هُن سان منهنجي پهرين مُلاقات ڪِٿي ۽ ڪڏهن ٿي، ايترو سو ياد ضرور اٿم ته هُن سان راتين جون رولاڪيون ۽ ڊگهيون ڪچهريون سنڌ يونيورسٽيءَ جي ٽيچرس هاسٽل جي روم نمبر 10 تي اسحاق سميجو وٽ ٿينديون هيون. هُو به اڪثر اتي ئي ايندو رهندو هو ته مان به اُتي ئي ويندو رهندو هُيس. اُتي ئي هُن سان روح جون ڳنڍيون ايڏيون ته مضبوط ٿي ويون، جو هُن جي ڪچهرين جي ٻاڙ محسوس ٿيڻ لڳندي هئي. مان نه ٿو سمجهان ته سنڌ ۾ ڪو اهڙو شهر به هُجي، جِتي هُن سان محبت ڪندڙ ڪو دوست نه هُجي. راڳي ته سنڌ ۾ صادق فقير کان وڏا ٻيا کوڙ هوندا، پر هُن جهڙو مڻيادار، محبتي ماڻهو ڳوليو نه لڀندو. هُو شاندار سڀاءُ، سادي طبيعت، نرم گفتار۽ مهمان نواز دل جو مالڪـ هو. مطلب ته سراپا مجسمهءِ محبت! هُن جي سُرن ۾ ٻاٻيهي جي صدا به هئي ته ڪونجن جو ڪُرلاءُ به هئو. ڪويل جي مٺڙي ڪوُڪـَ به هئي. هُن جي سُرن ۾ ٿر جي اُڃ نمايان هوندي هُئي. جڏهن هُو ڳائيندو هو ته:
    دوستيءَ جي ڳالهه هاڻي دوستو،
    هانءَ ۾ تلوار وانگر ٿي لڳي.
    ائين محسوس ٿيندو هو ته ڄڻ ڪائي تلوار آهي، جا واقعي به هانءَ ۾ آهستي آهستي لهندي پئي وڃي. هُن وٽ زندگي گُذارڻ جو وڏو ڏانءُ ۽ ڍنگ هئو. هُو ڪڏهن به مايوس نه ٿيندو هو. ڳالهه ڳالهه تي ٽهڪن جا گلاب پيو وکيريندو هو. مُرڪـ سندس مُنهن تي ماڪــ جيان سدائين پئي چمڪندي هُئي. صادق فقير غضب جو حاضر جواب هو. چرچن ۾ چڱن ڀلن جون کلون لاهي ڇڏيندو هو، سواءِ سگريٽ پيئڻ جي هُن کي مون ٻي ڪا به عياشي ڪندي نه ڏٺو. کائڻ پيئڻ جو شوقين هو. سندس گهر ۾ هميشه سبزين سان گڏ گوشت يا مڇي ضرور ٿيندي هُئي. اِهو هُن جو روزاني جو معمول هو. مون وٽ جڏهن به ايندو هو ته مڇيءَ جي فرمائش ڪندو هو، جيڪا اڳ ۾ ئي پُوري ٿيل هوندي هُئي. مهمان نواز وري ايڏو جو جڏهن به هُن وٽ مِٺيءَ وڃبو هو ته هُن جا نيڻ ٺري پوندا هُئا ۽ پاڻ ٻلهار پيو ويندو هو. صادق فقير ۾ هِڪـ وڏي خوبي اِها به هُئي ته جڏهن هُو غالب کي ڳائيندو هو ته سڄي رات غالب جا ئي غزل پيو ٻڌائيندو هو. اگر ڀٽائي کي ڳائيندو هو ته سڄي رات ڀٽائي ئي پيو ٻُڌائيندو هو. ائين ئي اياز، فيض، ڪبير، پروين شاڪر ٻڌائيندو هو ته سڄي رات اُنهن جي ئي شاعري پيو ٻڌائيندو هو. اياز ۽ غالب جو ته عاشق هو. اڪثر اڪيلائپ ۾ چوندو هو ته منصور غالب ٻڌاءِ! پوءِ جڏهن مان کيس غالب ٻڌائيندو هُيس ته هُو خاموش ۽ اداس ٿي ويندو هو. جڏهن مان خاص ڪري غالب جو هي غزل:
    دل هِي تو هَي نه سنگ و خِشت، درد سي بهر نه آئي کيون،
    روئين گي هم هزار بار کوئي همين ستائي کيون.
    ٻڌائيندو هُيس ته سندس مرڪندڙ اکين ۾ ڳوڙهن جا موتي چمڪڻ لڳندا هئا ۽ پوءِ پاڻ ٿڌو ساهـ ڀري بي اختيار جهونگارڻ لڳندو هو ته "جس کو هو دل و دين عزيز، اس کي گلي مين جائي کيون. "پوءِ پاڻ وري مونکي ڍاٽڪي شعر ترجمي سان ٻڌائيندو هو. هن راڳ جي راڻي جي گائڪيءَ جو وري اهو عالم هو جو هڪـ دفعي سنڌالاجي ڄام شورو ۾ ساڻس رهاڻ دوران نصير مرزا ٻڌايو ته "صادق فقير جڏهن ريڊيو اسٽيشن حيدرآباد تي پهريون ڀيرو ريڪارڊنگ ڪرائڻ آيو هو ته اتفاق سان ان ڏينهن لائيوِ پروگرام پئي ڪيوسين. جڏهن صادق فقير اياز گُل جي وائي:
    توکان ٿيندي ڌار،
    کلند کلندي يار.
    لُڙڪـ لڙي پيا لارڪري-
    ڳائي بس ڪئي ته ڏٺوسين ته ريڊيو اسٽيشن جي سڀني سازندن جي اکين مان ڳوڙها وهي رهيا هئا. عنايت بلوچ (ان زماني ۾ ريڊيو اسٽيشن حيدرآباد جو ڊائريڪٽر) پڻ سڏڪا ڀري رهيو هو، ۽ سموري سنڌ مان لائيو ڪالس اچي رهيون هيون، جن تان سڏڪن ۽ آهن جا آواز پئي آيا. "
    صادق فقير دوستن کي سڏ ۾ سڏ ڏيندڙ، شادي هُجي يا غمي بر وقت تڏي تي پهچندڙ دوست هو. تازو اسان جي دوست اسحاق سميجي جو والد چاچو جاڙو خان وفات ڪري ويو ته پهرئين ڏينهن اچي پهتو ۽ ٽيجهي تائين رهيو. دوستي نڀائڻ ته ڪو صادق فقير کان سِکي. 2003 ۾ فون ڪئي مانس ته ادا! منهنجي استاد شاعر استاد پيرل پرديسيءَ جي پهرين ورسي آهي، اوهان کي اچڻو آهي. مون ڪارڊ ۾ اوهان جو نالو به ڏئي ڇڏيو آهي- ته پاڻ بغير ڪو عُذر ڄاڻائڻ جي وقت تي اچي پهتو. اُستاد جو ڪلام ڳايائين به ۽ اُن تي ڳالهايائين به- ۽ سخي وري ايڏو جو اُن محفل ۾ جيڪا به مُراد پيس، اُها هِتان جي مقامي سازندن کي ڏئي ڇڏيائين. پاڻ هڪـ رُپيو به نه کنيائين.
    هُن پنهنجي تند کان تلوار جو ڪم به پئي ورتو. اياز جا باغي گيت اهڙي ته انداز سان ڳايائين جو اُهي قومي تحريڪـ جي پروگرامن جي ضرورت ٿي پيا. هُن کان ڪي ٽي اين جي هڪـ اينڪر ڇوڪريءَ سوال ڪيو ته فقير! اوهان ڪڏهن مُحبت ڪئي آهي؟ پاڻ مُرڪي وراڻيائينس ته "اسان مُحبت کان سِوا ٻيو ڪو ڪم ڪيو ئي ناهي." سوچيان ٿو ته مٺيءَ ۾ پياري شِواڻيءَ جي اها اوطاق ته هوندي، پر اتي اهي ٽهڪـ نه هوندا جن سان پياري شِواڻيءَ جي اوطاق جو آڳنڌ معطر ٿي ويندو هو. مٺيءَ جي گهٽين ۾ اڄ اونداهي ۽ اداسائي هوندي. مورن جي پَرن جا رنگ به اُڏامي ويا هوندا. مٺيءَ جي ڀِٽُن جي چمڪندڙ ريت روئڻهارڪي هوندي. مٺيءَ جي مندرن جي گِهنڊن جي آوازن ۾ به روڄ ۽ راڙا هوندا، ۽ فقير جي گهٽيءَ مان ڪا دُکدائڪـ صدا اڀري هوندي ته
    روئان رهن نه سُپرين، آيل ڪريان ڪيئَن،
    مون کي چاڙهي چيئَن، ويو وڻجارو اوهري.
    (شاهـ)
    صادق فقير مُحبت ۽ سنگيت جو اُهو لازوال ڪردار هو، جنهن تي شاعر پنهنجا سُر جوڙيندا ته ڪالم نگار پنهنجا ڪالم ۽ ليکڪـ ليک لکندا رهندا. هُو سنڌ جي موسيقيءَ جي اتهاس ۾ ٻيجل جيان سدائين امر رهندو.
    يه تيري نغمون ڪي ڪڙيان ٽوٽ ڪر رهـ جائين گي،
    ذره ذره ڪروٽين بدلي گا تيري ياد مين.


    صادق جو وڇوڙو؛ حاجِي محمد دل

    مرڻا اڳي جي مُئا، سي مري ٿيا نه مات،
    هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جِيا.
    صادق فقير جو بي وقتو موت، هن کي ڏُورانهين ڏيهه ضرور وٺي ويو آهي، تنهنڪري پنهنجن کان وڇڙِي ويو آهي، پر موت هن کي ماري نه سگهندو. هو هر موسم ۾ پنهنجي مٺڙي آلاپ سان پنهنجي خطي جي رعناين، رسمن کي ورجائيندو رهندو. سموري سنڌ جي شائقين کي جاڳائيندو رهندو . هُو اياز جو پيغام کڻي چوندو:
    سکي پياکي، ملين ته چئجان
    چاندني تو سوا نه ٿيندي.
    ۽ اياز گل کي ڏوراپا ڏيندو ته "توکان ٿيندي ڌار، کلندي کلندي يار، لُڙڪ لَڙِي پيار لار ڪري". تڏهن هزارن جا نيڻ ڀِڄي پوندا. جيئن اڳي به روبرو ٻڌڻ وقت ڀڄندا هئا. ماڻهو داد ڏيندا رهندا ۽ هِن جي رلڻي ملڻي مزاج جي مُرڪ اکين اڳيان ايندي رهندي ۽ هو موت جي شڪنجي کي ٽوڙي، ٿر ۽ سنڌ ۾ هلندو رهندو.
    هُو ڀلي ولايت پهچي بيت الله جو طواف ڪري، عمري کان پوءِ باقي ارڪان پورا ڪرڻ جو فرمان بجا آڻڻ لاءِ، رب جو راضپو ماڻڻ لاءِ اڳتي وڌي رهيو هو ته کيس شهادت جو تحفو ملڪ الموت جام طهورا پياري آڻي ڏنو، جو هميشه کيس زنده جاويد رکندو. هو ڀلي جيجل جي اکين کان پري، پر جيجل لاءِ جنت ۾ جاءِ جوڙي رکندو. موت ته برحق آهي جو ڪلام پاڪ ۾ فرمايل آهي ته هر نفس کي موت جو ذائقو چکڻو آهي، پر اهڙو موت به ڪنهن سلڇڻي ڀاڳئي کي نصيب ٿيندو.
    صادق فقير بيشڪ سُلڇڻو هو. هن پنهنجي سُلڇڻائيءَ جي ڪري مانُ پرايو آهي. هُو فنڪار هو، اِها فنڪاري هُن جي سڃاڻپ جو ذريعو هئي، پر هو هڪ سوشل مائينڊ هو. پنهنجي پسگردائيءَ ۾ غريبن سان وسيت آهر همدردي ڪندو هو. هو سخي به هو. پاڙي جي نياڻين کي پرڻائڻ لاءِ سندن مائٽن کي مالي مدد ڪندو هو. بلڊ بئنڪ لاءِ سُٺو چندو ڏيندو هو. ڳائڻ وڄائڻ جي معاملي ۾ مٺي واسين سان هو حساب ڪتاب نه ڪندو هو. پاڻ سان گڏ جيڪي سازيندا ٻول ڪري هلندا هئا، انهن کي هُو ڏيهاڙي، ڪاڄ واري کان پورا پئسا نه ملڻ جي حالت ۾ به پنهنجي جيب مان ڀري ڏيندو هو، پر ڪاڄ واري کي تنگ ڪري پئسا نه گهرندو هو. پنهنجي شهر واسين سان اِها خاص رعايت هوندي هئي. هو ڊگهو سفر ڪري ڀلي راتيون جاڳي شغل ڪندو هو، پر ڪنهن به نشي جو سهارو نه وٺندو هو. هميشه سفيد پوش، ملن سار، سيرت ۽ ساڃاهه سان هر ڪنهن سان پيش ايندو هو. پنهنجي دوستن جو رازدان ٿي رهندو هو، تنهنڪري هرڪو کيس پنهنجو ساٿِي سمجهندو هو. عيدن جي موقعي تي هو پنهنجي دوستن جي دعوت ڪري ساڻن گڏجي ماني کائيندو هو. اهو سندس معمول هو، ۽ ائين گڏجاڻيون ڪري ميل جول ۾ رهڻ کي ترجيح ڏيندو هو.
    هو ڀٽائيءَ کي ڳائڻ سان گڏ محفل جي رنگ ۽ سامعين جي نفسيات کي سمجهي، بلي شاهه ۽ داس ڪبير جي صوفياڻي ڪلام کي دلچسپيءَ سان ڳائيندو هو. هن منهنجا به ڪي گيت ڳاتا آهن، پر هڪ خاص صوفيانه طرز جو گيت ڳاتو آهي، جنهن جو مطلع آهي:"مون رمندي رَين وڃائي، ٻي ڪانه ڪئي ڪا ڪمائي".
    هو پئسي جي زور تي شاهوڪار هجڻ نه پر حضرت علي رضه جي قول مطابق دوستيءَ جي وسيع دائري جي ڪري شاهوڪار هو. سندس دوست کاٽائو جاني جهڙا صحافي، مامي وشني جهڙا سماجي ڪارڪن، ارباب احسان جهڙا سياسي ماڻهو ۽ عبدالله ميمڻ جهڙا بلڊر به هئا.انهن کان سواءِ ٻيا کوڙ سارا باشعور شاعر ۽ اديب پنهنجي پنهنجي قابليت ۾ مڃيل شخص کيس ڀائيندا هئا. هن پرائمري تعليم ڏيپلو ۾ حاصل ڪئي، جو سندس والد صاحب فيض محمد ڏيپلي ۾ سپروائيزنگ تپيدار هو- ۽ پوءِ سيڪنڊري تعليم ميرواهه گورچاڻيءَ ۾ پڙهيو، جو سندس نانو مامون فقير ۽ ان جو ڀاءُ خدا بخش فقير پنهنجي ٻنيءَ تي گهر ٺاهي ميرواهه ۾ رهندا هئا. ان کان پوءِ ڪاليج مٺي ۾ اچي پڙهيو. صادق فقير جو ڏاڏاڻو گهر اصل مٺيءَ ۾ هو، ۽ اڄ به آهي. سندس ڏاڏو قاسم فقير ڳائڻ وڄائڻ ڪو نه ڪندو هو، پر فقير هجڻ جي ناتي سان هو راڳداريءَ جو پارکو ۽ شوقين هوندو هو. منهنجي ساڻس هر روز رات جو منڊلي مچندي هئي، ڇو جو اسان رات جو دير سان وويد ڀارتي تان پڪو راڳ ٻڌندا هئاسين، جنهن ۾ اُستاد اوڪار ناٿ، نراڪيا غلام علي ۽ ٻين گوين کي ٻُڌندا هئاسين. ساڳيءَ ريت صادق فقير جي اِها به ڪمزوري هوندي هئي ته هُو جڏهن استاد فتح علي يا ڪنهن خان صاحب گوَيي کي گهرائيندو هو ته هروڀرو مون کي وٺي راڳ ٻڌڻ لاءِ چوندو هو. سن 1980 جي ڏهاڪي کان پوءِ هو کلي ڳائڻ لڳو. ان کان اڳ ۾ هو مُنجهي مُنجهي شرمائيندي ڳائيندو هو. آءٌ کيس هانڀرائيندو هوس، اُتساهه ڏياريندو هوس. هُو شادين غمين ۾ وڃي ٻين فقيرن جيئن راڳ ناچ نه ڪندو هو. آءٌ کيس ڪن ادبي ميڙاڪن ۾ يا ڪن خاص موقعن تي ڳارائيندو هوس. هُو منهنجي وڏي پٽ جو هم عمر هو. مون کان گهڻو ننڍو هو. آءٌ سندس مامي حسين فقير جو ساٿاري هيس. اسان جا گهرو سٺا واسطا هئا، تنهنڪري هو ڏاڍو ادب ڪندو هو ۽ اڄ به سندس ڀلي پار وڃڻ کان ٻه ڏينهن اڳ ۾ سندس پٽ راحت عليءَ لاءِ، جو منهنجي مارئي گرامر هاءِ اسڪول جو مئٽرڪ جو شاگرد آهي، انهيءَ جي پارت ڪرڻ لاءِ آيو هو، ۽ چئي رهيو هو ته اسين مارچ جي ٻئي هفتي ۾ موٽي اينداسين ۽ راحت علي اپريل ۾ امتحان ڏيئي سگهندو. انهيءَ لاءِ آءٌ اوهان کي ڇا چوان. اوهان منهنجي سڀني ٻارن کي پڙهايو ۽ سنڀاليو آهي.
    مار! ڪيڏي نه خلوص ۽ هجت سان هو چئي رهيو هو. اڄ هو ڌار ٿي ويو.


    رتن جي هوٽل جون کٽون خالي ٿي ويون! ؛ ڀارومل امراڻي سوٽهڙ

    ٿر ۾ ڦڳڻ رُت جو ڦوٽهڙو اڃان شروع ئي نه ٿيو هو. ٽڙڻ جا ڏينهن اچڻ کان اڳ ۾ ٻيرين جي ٻُور جهڙي سُرهي راڳي صادق فقير جو ساٿ اسان کان ڇڻي ويو آهي. ننگرپارڪر جي وانڊئي کان وٺي سڪرنڊ جي واهڻ تائين سموري سنڌ جي موسيقيءَ جي ٻڌندڙن جي دلين ۾ سوڳ جو تڏو وڇائجي ويو آهي. هر پاسي کان سُڏڪن ۾ گونج اٿي رهي آهي ته:
    تنهنجي وئي کان پوءِ
    منهنجي اندر ۾،
    هر ڪو روئي ائين چئي رهيو آهي ته صادق تون ته امر ٿي وئين، پر تنهنجا ٻڌندڙ مرڻ جهڙا ٿي پيا آهن. صادق فقير جو راڳ عشق جو روح هو. هو دلين جو انجنيئر ٿي ڳائيندو هو. صادق فقير جو آواز ٻڌندي، دل درد جي درياءَ ۾ ٻڏندي ۽ ترندي محسوس ٿيندي هئي. هو هيڻين حياتين کي حوصلو ڏئي ائين راڳ سان رِيجهائيندو هو، جيئن معصوم ٻار جي مُرڪ پنهنجي ماءُ کي ريجهائيندي آهي. صادق فقير جي ڳلي ۾ آلاپ جو هاڪڙو هلندو هو يا سُر جي سرسوتي وهندي هئي. صادق جي وڇوڙي جي زلزلي ٿر جي ڀٽن کي ٻيهر ڏاري ڇڏيو آهي. اڳي ڏڪارن جا ڏک ٿر جي مارو ماڻهن جي کٿي ۾ کِيهه سان گڏ ٻڌل هئا، مٿان هن جدائيءَ جو وزن کڻڻ جي لاءِ مليو آهي. صادق جي ڌار ٿيڻ تي ايترا لڙڪ لڙيا آهن، جو ايتريون ٿر ۾ برساتون به نه پيون آهن.
    صادق فقير 20 مارچ 1964ع تي فيض محمد مـڱڻهار جي گهر مٺيءَ ۾ جنم ورتو. فقير فيض محمد تپيدار هو. هن جي ڪوشش هئي ته پنهنجي اولاد کي پڙهائي. صادق فقير ايم اي سنڌي پاس ڪري، تعليم کاتي ۾ استاد ٿيو. گهڻو عرصو مٺي جي مشهور گورنمينٽ هاءِ اسڪول نارٿ ڪالونيءَ ۾ رهيو.
    1992ع ۾ صادق فقير شادي ڪئي، کيس ٽي پٽ هڪ نياڻي جو اولاد عطا ٿيو. صادق فقير زندگيءَ جا ڪجهه ڏهاڙا ميرواهه گورچاڻيءَ ۾ پنهنجي مامي جي زمين تي به گذاريا. مٺي ۾ پڙهائيءَ دوران استاد پرشوتم واسواڻي صادق فقير کي اتساهي ڳائڻ تي آماده ڪيو. اها يارهين درجي جي ڳالهه هئي. مٺي ڪاليج جي فزڪس جي ليب ۾ هن پهريون ڀيرو ميڙ ۾ هڪڙو گيت ڳاتو. پوءِ صادق فقير ڪڏهن امولک امر (مٺي جو هڪ مقامي لوڪ شاعر) تاج جويي ۽ سائينداد ساند جي شاعري ته ڪڏهن لوڪ گيت ڳائڻ شروع ڪيا. مٺيءَ ۾ انهي وقت اسٽيج ڊرامن جو به رواج پيو هو. حاجي محمد دل ۽ تاراچند راٺي جي لکيل اسٽيج ڊرامن ۾ صادق جا سُر ٻرڻ لڳا ته صادق فقيرگهڻو مقبول ٿي ويو. امولک امر جو گيت "نصيبن وارا نه ڪي ڏوهه تنهنجو نه ڪي ڏوهه منهنجو" انهيءَ دور ۾ ٿر جي ڀٽن جي گونج ٿي ويو. سوجهري ڊرامي جي مقبوليت ۾ صادق جا سُر شامل هئا. انهيءَ دور ۾ مٺيءَ جو هڪ ٻيو نوجوان ڳائيندو هو، دليپ ڪمار دلدار. تمام پيارو ڳائيندو هو، پر هن ٿوري وقت ۾ ڳائڻ ڇڏي ڏنو. صادق نئين ڏينهن نئين وک سان وڌندو ويو.
    صادق فقير موسيقيءَ جي تربيت پنهنجي مامي حسين بخش فقير کان ورتي، جيڪو ان وقت جو سٺو راڳي ۽ موسيقار هو. 1986ع ۾ ان وقت جي حيدرآباد جي ريڊيو اسٽيشن ڊائريڪٽر عنايت بلوچ پهريون دفعو آڊيشن کان پوءِ ريڊيو تي سندس ڪلام رڪارڊ ڪرايا. سڄيءَ سنڌ ۾ صادق روح سان ٻڌو ويو ۽ 1988ع ۾ پي ٽي وي ڪراچي اسٽوڊيو تي مرحوم شمشير الحيدريءَ کيس ٽيليويزن تي متعارف ڪرايو. 1992ع ۾ ايازگل جو ڪلام "توکان ٿيندي ڌار، کلندي کلندي يار، لڙڪ لڙي پيا لار ڪري" ڳائڻ سبب کيس گهڻي شهرت ملي.
    صادق فقير سنڌي، اردو، سرائڪي، ٿري، راجستاني، هندي، مارواڙي ۽ پنجابي ٻولين ۾ ڳايو آهي. هن نيم ڪلاسيڪي راڳ ڳايو ته ڪلاسيڪل پڻ، پر جديد شاعريءَ جا سُر نوجوانن ۾ گهڻا مقبول ويا آهن. هن هندستان، دبئي، سعودي عرب، انگلينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ ۾ فن جو مظاهرو ڪيو. صادق فقير سڀ ۾ پرين پسڻ وارو ماڻهو هو. هو مندر ۾ ڀڄن ڳائيندو هو ته امام بارگاهه ۾ مرثيا به آلاپيندو هو. مون هڪ دفعو صادق فقير کان پڇيو ته صادق توهان کي ڳائيندي گهڻي ۾ گهڻو داد ڪڏهن مليو؟ ته هن ٻڌايو ته هڪ دفعو ڀڳت ارجن جي سڏ تي ٽنڊوالهيار راماپير جي ميلي ۾ ڳائڻ جي لاءِ ويس. اتي منهنجو وارو آيو. آئون جيئن اسٽيج تي آيس ته هزارين ماڻهو هٿ جوڙي منهنجي آجيان جي لاءِ بيهي ويا. انهن جو اهو پيار ڏسي، منهنجون اکيون ڀرجي آيون. انهن جو ڇا ته داد هو. مون کي ڏاڍو ڊپ ٿيو ته هي مڃتا ڏسي ڪٿي منهنجي اندر ۾ گهمنڊ نه پيدا ٿي پوي .
    صادق فقير جديد سنڌي شاعريءَ ۽ خاص طور شيخ اياز کي دل سان ڳائيندو هو. شيخ اياز جڏهن ڪراچيءَ ۾ روبرو هن کي ٻڌو ته بي اختياريءَ ۾ چيو ته منهنجي شاعريءَ کي جنهن آواز جي ضرورت هئي، اهو ملي ويو آهي. صادق چوندو هو ته ڀٽائيءَ کي منفرد انداز سان ڳائيندڙ موهن ڀڳت ٿر مان هو. ماڻهو هن کي ڀٽائيءَ جو راڳي سڏين ٿا. آئون اياز کي به انوکو ڳائڻ چاهيان ٿو. جئين ماڻهو مون کي شيخ اياز جي راڳي طور سڃاڻين. هن شيخ اياز جي وفات تي شيخ اياز جي الوداعي گيتن جي ڪيسٽ به رڪارڊ ڪرائي.
    صادق فقير راڳيءَ سان گڏ پنهنجي شخصيت ۾ به سگهارو ۽ شفيق انسان هو. دوستن جو دوست ۽ هيڻن جو همراه هو. هن جو دسترخوان ڪشادو هو. سڄي سنڌ مان دوست ٿر ۾ صادق جا اچي مهمان ٿيندا هئا. صادق فقير جي اوطاق تي کائڻ پيئڻ سان گڏ راڳ ٻڌڻ جي لاءِ ملندو هو. ڪنهن فقير فقراجي گاڏيءَ ۾ تيل نه هوندو ته اهو به ماٺڙيءَ ۾ ڀرائي ڏيندو هو، متان ڪنهن کي خبر پئي. صادق فقيرکان محفلن ۾ سائينداد ساند به گهڻو ٻڌو ويندو هو. صادق فقير ٿر ۾ روهيڙي جي گلن جو جنم ڏينهن ۽ وسڪاري جي آجيان جا ڏينهن ملهائيندو هو. مٺي جي هر ماڻهوءَ وٽ صادق فقير جي ساروڻين جون هڙوٽڙيون آهن. هو پنهنجي گهر کان نڪري ٿر ڪتاب گهر جي سامهون چاچي رتن جي هوٽل تائين پهچندو هو ته وچ ۾ ڪيترائي مزاح ۽ ٽهڪ جا گل ورهائي ڇڏيندو هو. هو گفتگو جو به ڳڻوان هو. رتن جي هوٽل تي شام جو کٽون صادق جي ڪچهريءَ جي لاءِ رکيل هونديون هيون. صادق فقير جو تجزيو به ڪمال جو هوندو هو. سچي، کري ۽ تز راءِ رکندي به هرڪنهن سان خوب نڀائي ويندو هو. صادق فقير وٽ ڪڏهن به تلخ لهجو نه هو. صادق فقير ڪڏهن رنو ته پنهنجا لڙڪ لڪائي رنو. ڪو به اهو ٻڌائي نٿو سگهي ته هن صادق کي روئندي ڏٺو. هو هر ڪنهن سان مرڪي ملندو هو. هن جي چپن تي سدائين ٽهڪ هئا. هن ڪڏهن غالب جي انهن سٽن جهڙو ڏيک اچڻ نه ڏنو ته:
    نظر لگي نه ڪهين اس ڪي دست و بازو ڪو،
    يه لوگ ڪيون ميري زخم جگر ڪو ديکتي هين.
    صادق فقير اياز کي نه صرف پڙهيو هو، نه صرف ڳايو هو، پر اندر ۾ اتاريو هو. هن جي رڳن ۾ رت سان گڏ شيخ اياز جي شاعري ڊوڙندي هئي. اياز چيو هو ته:
    جر جي ڄر ڪنهن ڄاتي ڪانه
    لڙڪ اگهياسين لڪي لڪي،
    چانئٺ تي چانڊوڪي آهي،
    ها پر مَن جي ڇَن ۾ ڇاهي؟
    ڪنهن به ته پاتي جهاتي ڪانه
    کِل آئي ته به ڦِڪي ڦِڪي!
    صادق فقير هڪ آرٽسٽ هوندي به سدائين باترتيب هوندو هو. سدائين صاف سٿرو هوندو هو. هن ڪڏهن پاڻ مئڪشي نه ڪئي، پرمئڪشيءَ جي محفلن ۾ هن جا آلاپ نشا وڌائيندا هئا. ادب ، انقلاب، آدرش ۽ عشق جي ٿڪل ٽٽل ماڻهن جي لاءِ شيخ اياز جي شاعري ۽ صادق جا سُر سهارو هوندا هئا. صادق فقير جي سُرن سان اونداهين راتين کي دل جي تڙپندڙ تمنا سان بيان ڪرڻ جي سگهه ملندي هئي، ۽ نوجوان پنهنجي جنون جو جولان صادق جي آلاپ ۾ پروان چاڙهي، پنهنجي سپنن جو سنسار گهڙيندا هئا. سنڌ ۾ ايترن گلوڪارن هوندي به صادق عشق جي تنها آواز طور ٻڌو ويو. هن جوآلاپ عشق جي چوٽ کاڌل ماڻهن جي زخمن تي مرهم رکندو هو. هن جي صدا هر ڦٽيل دل جي آهه هئي. صادق فقير ميڙ ماڻهن جي ۾ ڳائيندي وڄائيندي، اڪيلو به هو، جيئن خوشبو اڪيلي هوندي آهي. هو خوشبوءِ وانگر سٺو ۽ سرهو هو، سٺي ۽ سرهي زندگي مختصر هوندي آهي. گل جلد ڇڻي ويندا آهن، پوپٽ به ٿورو جيون جيئندو آهي.
    صادق فقيرصرف سگريٽ پيئندو هو. اهي به ڪڏهن ڪڏهن ڇڏي ڏيندو هو. هن وٽ سگريٽ ڪڏهن ائين به هوندو هو جيئن اياز وٽ هوندو هو، رڳو چپن تي رکندو هو. صادق فقير نهٺائي، نوڙت ۽ فقيريءَ جو مجسمو هو ته فنڪاراڻا انا جو انوکو به روپ هو. انهيءَ روپ جا رنگ ڏسندي، اياز جو شاگرد اعجاز منگي صادق کي سمجهائڻ جو سوچيندو هو .
    صادق فقير پنهنجي ٻارن لاءِ هڪ سهڻو گهر ٺاهيو. پنهنجي ڀائرن کي سنڀاليو، اولاد کي پڙهايو. هو چوندو هو ته"هن فن وسيلي پيار ملي ٿو، پئسا ملن ٿا، ٻيو ڇا گهرجي. اسان جي فنڪارن کي پاڻ سنڀالڻ گهرجي."
    منهنجي صادق فقير سان پهرين ملاقات 1993 ۾ ٿي. آئون مٺي پرائمري پوري ڪري انگريزي پڙهڻ آيو هوس. منهنجي مٺي ۾ رهائش نارٿ ڪالوني اسڪول جي ڀرسان هوندي هئي. صادق فقير روز اسڪول ويندي ملندو هو. شام جو رتن جي هوٽل تي صادق جي ڪچهري ٻڌڻ جي لاٰءِ ويندا هئاسين. اسان ڪتابن ۾ ايترو نه پڙهيو، جيترو ادب، آرٽ، شاعري ۽ ان جو تذڪرو صادق کان ٻڌو. 1995،96،97، مٺي ۾ ادبي سرگرمين جو عروج آيو. پيارو شواڻي، خليل ڪنڀار، دولت رام کتري، دليپ ڪوٺاري ۽ ٻيا نوجوان ادبي سرگرمين جا روح روان هوندا هئا. صادق فقير انهن سمورن جو رهنما هو. موهن ڀڳت جي ورسي ملهائي ٿي وئي، ته اياز گل سان رهاڻ رچي رهي هئي. رائچند راٺوڙ کي ساريو ٿي ويو، عبدالرحمان نقاش کي ڀيٽا ڏني ٿي وئي. انهيءَ دور ۾ دوستن صادق فقير سان به شام ملهائي. انهيءَ شام ۾ منهنجي ادب ۾ پهرين داخلا هئي. هڪڙو گيت پڙهيم، صادق فقير وڏو اتساهيو. انهيءَ پروگرام ۾ منهنجي هڪ ڪلاسي ميوارام ٻالاڻي صادق فقير تي شعر پڙهيو. اسان هن جي پيروڊي ٺاهي، ڏاڍا کلياسين. صادق فقير ۽ شاعر اسان سان گڏ راحت وٺي رهيا هئا. سائين پريم شواڻي ۽ فقير مقيم ڪنڀار جي پٽن سان هن جو گهرو تعلق هو. فقير مقيم چونڊن ۾ بيٺو ته صادق فقير ڳوٺ ڳوٺ وڃي هن جي ورڪ ڪئي.
    صادق فقير دل جي عقيدت سان ڀٽائي ڳاتو، پر ساڳئي وقت شيخ اياز جي شاعري ڳائي، ڀٽائيءَ سان ڊگها ڊائلاگ پڻ ڪيا. هن ڀٽائيءَ کان موڪلايو به سهي، اسين سمجهي نه سگهياسين:
    "چڱو ڀٽائي آئون هلان ٿو! "
    سماجي طور سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سان واڳيل رهيو، ۽ آخري وقت سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مٺي شاخ جو صدر هيو. ڪجهه ڏينهن اڳ مهان ڏاهي محمد ابراهيم جويي جي سالگره تقريب ملهائي وئي ته مقامي ميزبان صادق فقير هو. صادق فقير سنڌي ادبي سنگت مٺيءَ جو سيڪريٽري به رهيو. مٺيءَ جي دوستن کي ادبي پروگرامن جي لاءِ وڏو اتساهيندو هو. جڏهن به دوست ٿڪي ٽٽي صادق سان ملندا هئا ته صادق جون ڳالهيون ڏڍ ٿي پونديون هيون. هن کي شاعريءَ جي وڏي پرک هئي. صادق فقير شاعريءَ کي سُرن جا کيسَ پارائيندو هو. هن ڌرتيءَ جون ڌنون ستارن وانگر ميڙي موسيقيءَ جي چنري کي چمڪايو .
    26 فيبروري 2015ع تي صادق فقير سعودي عرب ۾ هڪ روڊ حادثي ۾ اسان کان وڇڙي ويو، جنهن جي وڇوڙي تي ٿر جا مور روئن ٿا ته خيرپور جون کجيون لڙڪن هاڻيون ٿيون آهن. شاه لطيف ۽ شيخ اياز جون وايون ورلاپ ڪن ٿيون. ميران ۽ ڪبير جا دوها درد ونڊين ٿا. مٺي جتي صادق جا سُر ۽ ٽهڪ ٻرندا هئا، اها مٺي سڏڪن ۾ ٻڏي وئي آهي.


    شاعر شيخ اياز ۽ راڳي صادق فقير

    صادق فقيرَ پنهنجي مٺڙي محبوب شاعر شيخ اياز جو جنم ڏينهن آيو ويو، مگر تون نه هئين! اهو ڪڏهن ڪنهن سوچيو ئي نه هو ته شيخ اياز جي اهڙي سالگره به ايندي، جنهن ۾ تون نه هوندين !! تون شيخ اياز جي هر جنم ڏهاڙي تي ٿر جي ڏهرن مان روهيڙن جا رتا گل روڙي ايندو هئين. تنهنجي آلاپ ۾ اچي شيخ اياز جي شاعري ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين ڦلڙيون ڦلڙيون ڇاپ ٿيندي هئي. تنهنجي سُرن ۾ جهڙالي جيءُ وارا انسان مئڪدي جي اداس سانجهيءَ ۾ پيئندي، پنهنجي سوچن جي سنڌ ۾ ڪنهن تماچيءَ جي سواگت لئه نورا پائي نوريءَ کي نچندي ڏسندا هئا. عشق جي اُڀن ڪاوَن تي هلندڙ نوجوانن جي هاسٽلن ۾ رات دير تائين تنهنجا گيت گونجندا هئا. تنهنجي سُرن جي ميٺاڄ ۾ انهن کي محسوس ٿيندو هو ته "هُو ته هلي ويئي آهي، پر هُن جي وارن جي خوشبوءِ اڃان ويئي نه آهي. وڇاڻو اڃان گلن سان غرق آهي". ڄام شوري جي پٿريلي پٽ تي سنڌ جون الهڙ جوانيون تو سان رهاڻ رچائڻ جي لاءِ آتيون هونديون هيون. تون انهن کي پنهنجي درديلي آلاپ ۾ شيخ اياز جي سٽن سان سمجهائيندو هئين ته جنهن سان محبت ٿي ويندي آهي، اهو ٻيو رهندو ناهي. محبت ۾ ٻيو سوچڻ وڏو ڏوهه آهي. انهن رس ڀريل رهاڻين ۾ شيخ اياز جي شاعريءَ جي اوت ڪندي، تو کي ميران جي ڪوتا به ياد ايندي هئي. تون باجي تي هٿ روڪي چوندو هئين، هڪ دفعي راڌا ڪرشن کان پڇيو ته "ڪرشن تون پيار مون سان ٿو ڪرين ۽ وري تو شادي رڪمڻي سان ڪئي آهي؟" ته ڪرشن جواب ڏنو، "راڌا شادي ٻن جيونن جي وچ ۾ ٿيندي آهين پاڻ ۾ ٻيو ڪير آهي. " ان ڪهاڻيءَ جي تمهيد سان تنهنجا چپ ترنم ۾ چرندا هئا ته:
    تمري ڪارڻ سب سُک ڇوڙيا، اب موهي ڪيون ترساوو،
    ميران داسي جنم جنم ڪي، انگ سِين انگ لگائو !
    ائين حجابي عشق کي تو اظهار جو نئون سليقو ڏنو هو. هاڻي انهن عاشقن جو ڇا ٿيندو، جن وٽ محبوب جي مُرڪ جي مسرت ماڻڻ جو واحد ذريعو تنهنجي سُر ۾ شيخ اياز جي شاعري هئي.
    تنهنجي ذات ۾ ڪٿي ٺٺ ٺانگر ۽ پاڻ پڏائڻ جو رويو نه هو. تو ڪڏهن موت جي باري ۾ به نه سوچيو هو. تنهنجو سدائين زندگيءَ ۾ اعتبار رهيو. تو فن ۽ عشق جو گڏيل سفر شروع ڪيو هو.
    مٺڙا صادق ! موت جو تيز طوفان زندگيءَ جا ديپ اجهائي سگهي ٿو، پر فن جي فانوس کي لوڏي به نٿو سگهي. تون پنهنجي محبوب شاعر وانگر ڪشمور کان ڪارونجهر تائين ڦهليل سموريءَ سنڌ جو راڳي هئين. تنهنجي اندر ۾ ٿر به هو ته ڪاڇو به هو، لاڙ جي سارين جي خوشبوءِ هئي ته لڪيءَ جا چَشما به هئا، ڪارونجهر جي ارڏي آتما هئي ته تنهنجي من ۾ مالڻهور وِيڻه جا بي چين مور به مٽڪو ڪندا هئا. تنهنجي سُرن ۾ کيرٿر جا گڊ ڇال هڻندا هئا ته روهَه جي ڪونجن جي گونج به ٿيندي هئي.تون رمتي بادل جو روپ هئين ته ٿر ٻاٻيهي جي تڙپ به هئين.
    شيخ اياز جي شاعريءَ وانگرتو پنهنجي سُرن جي لاءِ ڪائي حدبندي نه رکي هئي. تو ديس پرديس ۾ پنهنجي مداحن سان درد جو اهڙو رشتو جوڙي رکيو هو، جيڪو رت جي رشتي کان به گهرو آهي. انهيءَ رشتي ۾ ڪوئي تنهنجي من ۾ چنڊ ٿي رهيو، جنهن جي لاءِ تو وٽ آڌي اڪير رهندي هئي. تون ديس پرديس ۾ اتاولو ٿي ڳائيندو هئين ته:
    سکي پيا کي ملين ته چئجان، چاندني تو سِوا نه ٿيندي،
    اچين ته منهنجي اُماس ۾ آ، ڇو ته ٻي رات ڪا نه ايندي
    ڪڏهن به توتي دُوار دل جا، نه ٻوٽبا تون ڀلي هلي آ،
    ٻه لڙڪ آلا تڏهن به هوندا، متان چئين آجيان نه ٿيندي.
    انهيءَ ڪيفيت ۾ تو کي جگجيت جو اهوگيت پڻ ڏاڍو وڻندو هو ته "هم تو هين پرديس ۾، ديس ۾ نڪلا هو گا چاند". تون بي اختياريءَ ۾ جڏهن جهونگاريندو هئين، تڏهن تنهنجون اکيون لڙڪن جي لڙهندڙ منظرن ۾ ٻڏي وينديون هيون، پر تون ڪنهن کي محسوس ٿيڻ نه ڏيندو هئين. هاڻي تنهنجي چاهيندڙن جون اکيون لڙڪن ۾ ٻڏي رهيون آهن. هو پنهنجي گهرن جي پڌرن تي اڪيلا آهن. ٿر جي ڀٽن تي جڏهن چنڊ اڀري ٿو ته چنڊ کي منٿ ميڙ ڪري چون ٿا ته:
    چنڊ! پرينءَ کي پرچائي ڏي، مون سان ڪيئن رُٺو!
    تون ئي چئه مون ساريون راتيون ڪائي ننڊ ڪئي؟!
    پر چنڊ به چيو نٿو ڪري- اندر جي بيقراري وڌي رهي آهي. اندر جي جذبن کي سُرن جو ويس ڏيندڙ فنڪار ناهي رهيو. ڪراڙ جي ڪنڌيءَ تي ميڻ بتيون جهيڻيون جهيڻيون ٻَري رهيون هيون. روشنيءَ ۾ چٽاڻ نه هئي. توبن ڪهڙا اوجيس اندر کي روشن ڪندا. سُرن ۾ سوز نه هو. توبن ڪهڙا سُر ساز روح کي راحت ڏيندا. وڇوڙي جو ڏک اڏوهي آهي، سُري جيان هڏي کي کائيندو آهي، پر انهيءَ ديوانگيءَ جي دلبري ته ڏس! هر دل چري چوي ٿي ته مان ٻيهر توسان ملندس. خبر نه آهي ڪٿي، ڪيئن، ڪهڙيءَ ريت، پر توسان ٻيهر ملندس.
    تون اهو ڄاڻيندو هئين ته شيخ اياز "ڇا ٿو سوچي ڇاڇرو" جهڙي سٽ ڇو لکي هئي ؟ تو شيخ اياز جي شاعريءَ جي آڌار انسان جي فڪري ۽ ثقافتي سرمايي کي وڌائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. تنهنجا سمورا سُر انسان ذات جي امر ورثي جي لاءِ آهن. تون سڀ ۾ پرين پَسندو هئين. تنهنجي سُرن ۾ تنگ نظري ۽ تعصب جي خلاف مزاحمت هئي. تو انسانيت جي پوئين پڪار کي آواز ڏنو هو. تون شيخ اياز جي ٻولن ۾ چوندو هئين ته:
    تنهنجا پير ڇُهان، ڌرتي منهنجي مائڙي،
    ڀاڪر پايان ڀاوَ مان ماڻهوءَ ماڻهوءَ سان،
    آءُ نه ٻيو ڄاڻان، مذهب منهنجو ماڻهپو!
    تنهنجي سُرن ۾ وطن جي مٽي مهڪندي هئي، ويساه جي لاءِ واٽون گهڙجنديون هيون. تو دانشورن جي دليل بازيءَ کان وڌيڪ چٽو سادن سُرن ۾ شيخ اياز کي عام ماڻهوءَ تائين پهچايو هو.
    هيءَ سَينَ نه ڏيندي چَينَ، اُٿي ڏِسُ! ڪوئي آيو آ پيارا،
    هي شايد ساڳيو رَمتو آ، اڳ جيئن اُڃايو آ پيارا!
    جنهن وقت چراغِ شام ٻَري ۽ ميخاني ۾ جام ٻري،
    تنهن وقت اسان جو پنڌ پري، پنهنجو به پرايو آ پيارا.
    هيرا ته ڏسو، ڪنڪر نه هڻو، ايندو نه وري هي وڻجارو،
    ڪُجهه ڏات ڏسو، پوءِ بات ڪيو، هي شور اجايو آ پيارا!
    تنهنجي انهيءَ ويساه ۽ اتساهه تي تاريخ جا ارڏا پٽ آس نراس جي آرسيءَ ۾ سجل نيڻن ۽ سنهڙن چپڙن تان روح پلي قيد خانن ۽ ڦٽڪن جي راه چونڊڻ کي اوليت ڏئي، پنهنجي وطن سان سچائيءَ جا قسم تنهنجي سرن جي ساک سان کڻندا هئا. تون ضميرن تان زنگ لاهيندڙ هئين. تنهنجي سُرن وسيلي اها سٽ سچ ثابت ٿيندي هئي ته "اڄ هر ڪنهن جو هي رايو آ،تو نينهن اياز نڀايو آ"- تنهنجي آواز کي ٻڌي تنهنجي محبوب شاعر تنهنجي آواز کي آمريڪي ڳائڻي پال رابسن سان ڀيٽيو هو، ۽ چيوهو ته صادق کي ٻڌي مون کي احساس ٿيو ته ڪيترو وقت آئون جنهن ڳائڻي جي تلاش ۾ رهيو آهيان، مون کي ملي ويو آهي. منهنجي شاعريءَ ۾ هڪ اندروني ترنم آهي، ۽ مان ان تي ئي اڪتفا ڪندو هوس. زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو مون محسوس ڪيو ته هڪ موثر آواز منهنجي شاعريءَ جي لاءِ ڪيترو نه ضروري آهي. تنهنجي عاشقن، ٿر جي چاڳلن نوجوانن جي اندر جي آرزو هئي ته جڏهن تنهنجو مڙهه ملير پهچي ته توکي گهوٽ وانگر سينگاري، شيخ اياز جي واين سان سڏڪن جي ڀيٽا ڏئي، تنهنجي آخري آرامگاه گڊي جي انهيءَ ڀٽ تي جوڙين، جنهن ڀٽ تي بيهي تون حياتيءَ ۾ پنهنجي مٺيءَ کي ڏسندو هئين! توکي مٺي ائين نظر ايندي هئي جيئن ماڙيءَ تان دودي کي روپا نظر ايندي هئي. انهيءَ گڊي ڀٽ جي لاءِ تنهنجي محبوب شيخ اياز چيوهوته:
    باک ڦٽي ٿي مٺي تي
    ڀٽ ڀٽ آ ڳاڙهي گلاب جيان،
    هن ديس جي خواب جيان!
    تو سان پيار ڪندڙ جذباتي ڇوڪرن جي ڳالهه پنهنجي جاءِ تي، پر هاءِ اسڪول مٺيءَ جي گرائونڊ جي ڀرسان مٺيءَ جي پراڻي تاريخي قبرستان ۾ تنهنجو والد صاحب فقير فيض محمد، تنهنجو مامو ۽ استاد حسين فقير اڳ ۾ آرامي آهن. تون انهن جي ڀرسان مٺي ننڊ سمهي سگهين پيو، سو توکي اتي ئي ڌرتيءَ جي هنج ۾ سمهاريو ويو. تنهنجي انهي اباڻي قبرستان ۾ ٻيرين جا گهاٽا وڻ ۽ پکي به آهن. تنهنجي محبوب شاعر به ته اهڙي ئي جاءِ تي آرامي ٿيڻ جي تمنا ڪئي هئي:
    اٿي اَسُر ويل جو، لڏائي لامن،
    پکي اڏامن، اتي مون کي پورجو .


    مَنَ کي اُداس ڪندڙ گهڙيون ؛ خالد ٻانڀڻ

    هو سکر ۾ هڪ سال اڳ حاجن شاهه ماڙي واري ۽ حسين شاهه قمبر واري تي ٿيل بم ڌماڪن بابت رضا علي سان گڏ اسٽوري ڪرڻ آئي هئي. روس ڄائي ماريا اسلام آباد ۾ برطانيه جي نيوز ايجنسي رائيٽرز جي افغانستان ۽ پاڪستان لاءِ ڪيترن سالن کان بيورو چيف مقرر ٿيل هئي ۽ ڪجهه ڏهاڙا اڳ اسلام آباد جي گهر ۾ هن جو پُراسرار نموني موت ٿي ويو، جنهن خبر مون کي ڏاڍي تڪليف ڏني هئي. ڇو ته سکر ۾ اسٽوري ڪرائڻ لاءِ لاڙڪاڻو، شڪارپور، قمبر، مان ۽ رضا علي جيڪو پڻ اسلام آباد رائيٽرز جو ملازم آهي، گڏجي سفر ڪيو هو. ٽن ڏينهن جي مختصر عرصي جي ملاقات دوران هن جي مک تي سدائين مرڪ ڏٺي. کل مک، خوش مزاج شخصيت جي مالڪ ماريا، ٿوري ٿوري ڳالهه تي وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي ڄڻ ته اندر جي ڪنهن وڏي غم کي ٿي لڪايو. ائين اسان جو سريلو راڳي صادق به هميشه ٽهڪ ڏيندو هو. پنهنجي ڳلي مان پيار جي اظهار ۽ ڌرتيءَ جي سڳنڌ جا مٺا گيت ڳائيندڙ صادق فقير، ٿر جو ڄڻ ٻاٻيهو هو. هن جا آلاپ جيءَ کي جهوري ڇڏيندا هئا. صادق جڏهن سائين اياز گل جي لکيل وائي:
    توکان ٿيندي ڌار
    کلندي کلندي يار
    لڙڪ لڙي پيا لار ڪري-
    ڳائي هئي ته صادق جو آواز پوريءَ سنڌ ۾ درد جي هڪ گهري صدا جيان پکڙجي ويو. ان کانپوءِ آڪاش انصاري جو نظم صادق جي ڄڻ ته روح مان ڦٽي نڪتو هو ته:
    اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا...
    ائين لڳندو هو، اسين سڀ اڌورا آهيون. اسان جي زندگيءَ جي ڪهاڻي هن نظم ۾ آهي. جڏهن صادق فقير وري شيخ اياز کي ڳايو هو ته سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز کان ڄڻ آهه نڪري وئي هئي، تڏهن ته هن چيو هو "منهنجي شاعريءَ کي ڳائڻ لاءِ جنهن آواز جي ڳولا هئي، اهو صادق جي روپ ۾ ملي ويو آهي." ها صادق فقير پاران شيخ اياز جي شاعريءَ تي مشتمل ڪئسيٽ مارڪيٽ مان هٿو هٿ کپي وئي هئي. ان ڪيسيٽ ۾:
    ڌرتي توکي منهنجي چمي
    اڌ ۾ رهجي ويندي...
    يا وري
    چڱو ڀٽائي آئون هلان ٿو...
    جهڙا نظم هئا. اهي اهڙا نظم هئا جن صادق فقير کي شهرتن جي بلنديءَ تي پهچائي ڇڏيو. هن بازاري شاعريءَ کان پاسو ڪندي، هميشه معياري ۽ سنجيده شاعري ڳائي پنهنجو مقام ماڻيو. هن جي دل ڌرتي هئي. هن وٽ ٿر جي درد جهڙو آواز هو. هو ايترو ئي پڙهيل لکيل انسان هو، جيترو سنجيده ڳائيندڙ راڳي هو.
    صادق جو روڊ حادثي ۾ اچانڪ وڇوڙو، پوريءَ سنڌ کي سوڳوار ڪري ويو آهي. مون کي ياد ٿو اچي ته 1997ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري سائين اياز گل هو ۽ مان لطيف يونيورسٽي شاخ جو سيڪريٽري هئس. حيدر آباد سنڌ ميوزيم ۾ ٿيل پروگرام ۾ سائين اياز گل، شيراز شاهه جيلاني سان گڏ صادق فقير سان فوٽو ڪڍرايو هو، جيڪو فوٽو مون وٽ اڄ به محفوظ پيل آهي. منهنجي صادق فقير سان اها پهرين ملاقات هئي، جيڪا ڄڻ اسان جي وجود جو حصو بڻجي رهجي وئي هئي. ويجهڙائيءَ ۾ ماريا ۽ پوءِ صادق فقير جو حادثاتي وڇوڙو سرمد سنڌيءَ جي وڇوڙي وانگر هانوَ کي ڄڻ وڍ ڏئي ويو آهي. ڪي آواز، ڪي شخصيتون جن کي وسارڻ گهرندؤ، تڏهن به نٿا وساري سگهو، انهن ۾ سرمد سنڌي ۽ صادق فقير به شامل آهن.
    سٺا ماڻهو هميشه الائي ڇو جلدي وڇڙي ويندا آهن. صادق فقير سنڌي ادب ۾ ايم اي سان گڏ تعليم جي شعبي سان لاڳاپيل هو. ڳائڻ هن جي جدا خوبي هئي. تعليم جي ميدان سان گڏ صادق راڳ سان به پنهنجو وچن آخر تائين نڀايو. 5 مارچ تي سندس مڙهه مٺي پهچڻ تي سائين اياز گل جيڪو ٽه سٽو لکيو آهي، اهو مون ڏانهن به ايس ايم ايس ڪيو اٿس.
    توکان ٿيندي ڌار
    مٺي ڪؤڙي ٿي لڳي
    صادق منهنجا يار!
    ها صادق! توکان سواءِ پوري سنڌ ڄڻ ڪ‍ؤڙي ٿي وئي آهي. ساز، سُر بي آواز ٿي ويا آهن. ساهن جون تندون ٽٽي پيون آهن، لڙڪ اکين تان ڳلن جي رڻ ۾ رلڻ لڳا آهن، هر اک آلي آهي. رات جي سانت جهڙي راڳ ۾ خاموشي آهي، ائين جيئن جڳجيت وڇڙيو هو ته ندا فاضلي، جاويد اختر، گلزار ۽ غالب جا غزل ڇورا ڇنا ٿي ويا هئا، ائين صادق جي وڇوڙي سان سنڌي سنجيده شاعري، اها شيخ اياز جي هجي، اياز گل جي هجي، ادل سومرو جي هجي، حاجي ساند جي هجي يا کڻي سائينداد ساند جي هجي، ڄڻ ويڳاڻي ٿي وئي آهي. سموري سريلي شاعري اندر ڄڻ ته صادق فقير لفظن ۾ ساهه جهڙي رواني وجهندو هو. جڏهن ڳائيندو هو ته ڀٽن جو ٻاٻيهو پکي، ڪوئل خاموش ٿي ويندا هئا. اڄ جڏهن صادق ناهي، دل ڏاڍي اداس آهي، پر ڇا ٿو ڪري سگهجي. موت اٽل آهي، اهي گهڙيون ضرور هر ڪنهن تي اچڻيون آهن، پر انهن ۾ تڪڙ ڄڻ وجود وکيري ٿي ڇڏي. اندر ڀورا ڀورا ٿي پئي ٿو.
    (روزاني عبرت حيدرآباد، 7.3.15)


    سنڌي سنگيت جي چاندني اماس ۾ تبديل ٿي وئي! ؛ مجيب ناريجو

    هو، جنهن جو آواز سنڌ جي درد جو لباس هو، هو جيڪو اداسيءَ ۽ اٻاڻڪائيءَ جي ڪيفيتن کي سُرن جي رنگن سان رنگي دل ۾ لڪيل اڌمن ۽ لڙڪن جي تصوير بڻائيندو هو. هو جڏهن ڳائيندو هو ته سنڌ جو اداس روح پنهنجو عڪس پَسائيندو هو. هو جڏهن چوندو هو "اچين ته منهنجي اماس ۾ آ".... ته اداسيءَ جو انگاس اڀ تائين کڙو ٿي ويندو هو، جنهن جي هيٺان چنڊ ستارا لاحد جي لهر ۾ لڙهندا رهندا هئا- ۽ اهي ماڻهو به روئندا هئا، جن کي پنهنجي روئڻ جي سبب جو به پتو نه هوندو هو. هو سببن کان مٿانهون هو. هو جُڳ جُڳ جو جوڳي هو. (اهو جوڳ هن جي وس جو نه هو، ڇو ته اهو جوڳ ڪنهن جي به وس جو ناهي هوندو.) هو ازل کان پنهنجي سفر ۾ آهي، هو وري ايندو. هو وري به ايندو ۽ وري به ماڻهو هن کي صادق نه به سهي، ڪنهن ٻئي نالي سان ئي سهي، سڃاڻندا ۽ چوندا، "هن جي آواز ۾ صدين جي صدا آهي. "
    هو لفظن ۾ اچار جي هٿن سان معنائن جو ساهه ڦوڪيندو هو. جڏهن چوندو هو ته "ٿي املتاس تان ڪُوڪ ڪويل ڪري، ’هو‘ پري آ پري. " ’هو‘ ڪنهنجي لاءِ هجي به يا نه به هجي، سچ ته دل کي آسرو ٿي پوندو هو ته ’هو‘ آهي، پري ئي سهي. "مڌ جيڪو به آهي ڪلالو ڏيو، رات گھنگھور آ، ڪيئن به ٽاڻو ٽري"چئي، بس ڪندو هو ته ٻاڪاريندڙ سنڌ جو ڪو حساس ماڻهو ڄڻ ته بيچينيءَ جي درياءَ ۾ ٿاڦوڙا هڻي، پار پوڻ جا وس ڪندو هجي.
    هو پنهنجي دور جي هر نمائندي شاعر جي زبان هو. هر شاعر جي ڇا پوري هڪ دور جي ۽ ان دور مٿان پيل صدين جي اثرن جي زبان ۽ لهجو هو. هن جي اها وڏي خوبي هئي ته اياز جنهن جي شاعريءَ ۾ "ست سمنڊ" آهن، انهن سمنڊن ۾ لڪل سونامي چوڏهينءَ جي جنون کي جتي به جھاڳيندي نظر اچي ٿي ته هو (صادق) انهيءَ ولوڙ کي وڏي آسانيءَ سان بيان ڪري وٺندو هو. اهو ئي سبب آهي جو اياز چيو ته صادق فقير جي روپ ۾ منهنجي شاعريءَ کي آواز ملي ويو آهي.
    ٿر جي اڃاري ڌرتيءَ تي جنم وٺندڙ صادق پنهنجي مزاج ۾ درياهه وانگر هيو. جنهن سان به مليو، تنهن سمجھيو ته هو منهنجو دوست آهي. اڄ جڏهن هو جاڳيل اکين لاءِ ديدار جو تا ابد روزو بنجي ويو آهي، هن کي ٻيهر نه ڏسي سگھڻ جو صدمو پٿر بنجي ڄڻ ته سموري ديس تي وڇائجي ويو آهي. هن جي وڇوڙي تي دل دل ۾ تڏو وڇايل آهي. هن کي ڪير ٻڌائي ته تو پڄاڻان سنڌي سنگيت جي چاندني اماس ۾ تبديل ٿي وئي آهي.
    (روزاني عبرت ايڊيشن، 1.3.15)


    چاندني رات ۾ مور جو آواز گم ٿي ويو! ؛ الطاف ملڪاڻي

    لطيف سائين فرمايو آهي ته:
    سَوَ سسيون جي تند برابر توريان،
    ته به اٽل اوڏانهين ٿئي.
    يعني ته:"جي هڪ پاسي سئو سِر هجن ۽ سمورا سِر لاهي ساهميءَ جي هڪ پڙ ۾ رکان ۽ ٻئي پُڙ ۾ ٻيجل جي سُر ساز کي رکان ته سرن جي قيمت گهٽ ٿيندي، سُر جو وزن وڌيڪ ٿيندو. " سو يقينن سُر ۽ ساز ۾ اُها ئي سحر انگيزي هوندي آهي جو ڏياچ جهڙا سوين عاشق ۽ ديوانا سُر تان سِر ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن، پر سُر ۽ ساز جي ساڃاهه ۽ سڃاڻپ هر ڪنهن وٽ ناهي- ۽ ائين ئي هر راڳي يا سازندو يا ڪو به ڪلاونت اهڙو ناهي هوندو، جو ان جي آلاپ سان ڪو به ماڻهو پروانن جيان سندس سُر ۽ ساز تي پُرزا ٿي پوي. اها قدرت جي هڪ ڏات آهي ته مالڪ جنهن کي چاهي، اُن کي سُر ۽ ساز ۾ اهڙو سوز ڏئي جو هو ماڻهن جا من موهي وجهي. هن جديد دور ۾ جي ڪنهن راڳيءَ وٽ اهڙي ڏات ۽ فن هو، جيڪو ڏياچ کي به سِر ڏيڻ تي مجبور ڪري وجهي ها ته انهيءَ ڏات ڌڻيءَ جو نالو صادق فقير آهي.
    صادق فقير جنهن جو تعلق مارئيءَ جي ديس سان هو. اها مارئي، جنهن جي ڪردار ۾ مارن سان وفا ۽ وطن سان عشق جا جذبا سمايل هئا ۽ صادق جي مَن ۾ به پنهنجي مٽيءَ جي خوشبو سمايل هئي، ۽ هن جي آلاپن ۾ ٿر جي مورن جي پڪار ته نمن جي ڇانوَ ۾ رهندڙ ڪوئل جي ڪوڪ به سمايل هئي. هو جڏهن لطيف سائينءَ جي ڪلام کي ڳائيندو هو ته ائين لڳندو هو ڄڻ ته ڪنهن چاندني رات ۾ ڪو مور ڀٽ تي ناچ ڪندو هجي. صادق فقير کي سُرن جي صدا بلند ڪندي ڏسي سچ ته راڳ جو ديوتا پاڻ ڌرتيءَ تي لهي ايندو هو، ۽ هن جي آلاپن جي گونج ۾ ڇانيل مڌماتي نشي جا کيپ مٿس چڙهي ويندا هئا. صادق فقير جنهن جي آواز ۾ درد جا خمار ۽ پيار جي پڪار شامل هئي، سو ڪيئن چئون ته هاڻ اسان ۾ ناهي رهيو. صادق فقير جي ساهه جو سڳو ڀل پنهنجي ڌرتيءَ کان پري ڪنهن پرائي ديس ۾ ٽٽو هجي، پر هن جو روح راڳ جي صورت ۾ سنڌ جي مٽيءَ ۾ سمايل آهي ۽ سندس آواز ۾ اياز جي لفظن جي هيءَ پڪار ته:"ٿي املتاس تان ڪوڪ ڪوئل ڪري، هو پري آ پري."پر ايئن ڪونهي. صادق فقير ڀل اسان کان جسماني طور تي پري ويو هجي، پر سندس آواز ۾ چيل گيت، غزل، وايون ۽ ورلاپ ته سنڌ جي مٽيءَ ۾ ائين سمايل آهن جيئن جسم ۾ روح سمايل هوندو آهي. مٺيءَ جو شهر جتي 20هين مارچ 1964ع ڌاري صادق فقير جنم ورتو هو. يقينن اڄ اداس آهي. مٺيءَ جي ڀٽن تي رهندڙ مور اڄ ماٺ آهن. انهن کي ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته ڄڻ کانئن ڪنهن آواز کسي ورتو آهي ۽ سنڌ جي شاعر اياز جنهن چيو ته هو:"منهنجي شاعريءَ کي صدين کان هڪ آواز جي ڳولا هئي ۽ اُهو آواز صادق جي سُرن جي صدا ۾ ملي ويو آهي". سو يقينن صادق فقير پنهنجي دور جو هڪ اهڙو آواز هو جنهن سان بيجان لفظن کي ساهه ملي پوندو هو. هن جي آلاپ ۾ آيل شاعري پوءِ اُها لطيف سائينءَ جي وائي هجي يا اياز جو ڪو غزل يا وري حليم باغي، آڪاش انصاري ۽ حاجي ساند جو ڪو نظم، ڄڻ ته بهار جي مند ۾ ٽڙيل ڪنهن گلاب جيان نکري پوندي هئي. صادق جنهن جي ميراث رڳو محبت ۽ موسيقي هئي، جنهن وٽ نهٺائي، عاجزي ۽ ادب دنيا جي هر مال و دولت کان مٿانهان هئا، جنهن ڪڏهن به طمع جي تنوار نه ڪئي. هن لاءِ راڳ به ڄڻ ته عبادت مثل هو ۽ هو راڳ کي پنهنجي زندگي سمجهندو هو. هن جي سُرن جو سفر ٿر جي ڀٽن کان شروع ٿيو ۽ پوءِ شهرن جي بيجان ڀتين سان ٽڪرائجي، جڏهن ماڻهن جي دلين ۾ لٿو ته پوءِ هن جي سُر لاءِ ڪي به سرحدون نه رهيون. سنڌ کان وٺي دبئي تائين ۽ دبئي کان وٺي يورپ جي ملڪن تائين هن جي آواز جا پڙاڏا هر ٻڌندڙ جي دل ۾ گونجڻ لڳا ۽ جنهن به صادق فقير جي آواز ۾ اياز جو هيءُ ڪلام ٻڌو ته:
    سکي پيا کي ملين ته چئجان
    چاندني تو سوا نه ٿيندي.
    ته يقينن هن جي من ۾ اُماوس رات جي اداسيءَ جو منظر اچي ويندو هوندو. اياز جي شاعري هجي ۽ صادق فقير جو آواز ته ڄڻ لفظ پنهنجو وجو وٺي سامهون بيٺا هجن ۽ هاڻ کڻي صادق فقير جو ظاهري جسم مٺيءَ جي مٽيءَ جي چادر اوڙهي سمهي رهندو. هن جي آواز جو پڙاڏو ۽ وجود ته امر آهن، انهن کي ڪو به وڇوڙو نه ٿو ماري سگهي ۽ يقينن صادق جو آواز چاندني راتين ۾ ڪوئل جي ڪوڪ بڻجي يا ڪنهن اڃايل مور جي رڙ بڻجي، اسان جي دلين ۾ هميشه گونجندو رهندو- ۽ سنڌ صادق کي ڪڏهن به وساري نه سگهندي.
    (روزاني عبرت ايڊيشن، 1.3.15)


    هوليءَ جي رنگن ۾ هڪ ڪلاڪار جو آخري سفر ؛ اشفاق لغاري

    سياست جي اونداهين راتين ۾ پرهه ڦٽيءَ لاءِ پنڌ تي نڪتل پانڌيئڙن کي هو جڏهن"پرهه پري آ، پتو نه آهي، ته رات ڪيسين ڏهاڳ ڏيندي" ٻڌائيندو هو ته هنن جي بُتن مان ڄڻ ساهه نڪري ويندو هو. "سڀ سانگ سجايو آ پيارا" چئي، جڏهن هو هڪ ٻئي کي ڀريءَ محفل ۾ آٿتون ڏيندا هوندا ته هنن کي هوليءَ وارن ڏينهن ۾ هو "هولي آئي، هولي ويئي، ڪنهن به اسان تي رنگ نه هاريو" ٻڌائي، سُڏڪائي وجهندو هو. اڄ هوليءَ جي شام جڏهن آهستي آهستي مٺيءَ جي آسمان تي چوڏهينءَ جو چنڊ اسان سڀني تي چٿر ڪرڻ لاءِ نڪرندو ته، اسان مان هرهڪ ضرور شدت سان محسوس ڪندو ته مٺي، هوليءَ ۽ چانڊوڪي رات واري پهر ۾ وچ مان ڪو خوبصورت شخص وچ محفل مان اٿي هليو ويو آهي ته اهو سنڌ ۾ دوستيءَ جو ڀرم ۽ راڳ کي پوڄيندڙ شخص صادق فقير ئي آهي. جنهن بنا اڄ سنڌ جي حسين ترين هنڌ مٺيءَ جي چوڏهين رات تي تنهائي لٿل آهي. اها مٺي، جتي هوليءَ جي تهوار وارن ڏينهن ۾ سنڌ جا سمورا باذوق فرد گڊي پٽ وسائيندا هئا، اتي چانڊوڪي به آهي، هولي به آهي ۽ اداس ٿيل رنگ به آهن، پر جي ڪير ناهي ته اهو انهن محفلن کي پرهه ڦٽيءَ تائين پنهنجي آواز سان مچائي رکندڙ صادق فقير ناهي.
    صادق فقير جي آخري سفر ۾ شرڪت لاءِ مٺي پهتلن مان اڪثريت اهڙن جي آهي، جن مٺيءَ ۾ هنن ڏينهن ۾ مڪمل زندگي ڏٺي آهي، رنگ ڏٺا آهن. سيڪيولر ۽ هڪ ٻئي سان عقيدائي فرقن واري تصور کي تصور نه ڪرڻ واري سنڌ ڏٺي آهي. اڄ اُتي اُهي مئل مٺي ڏسندا، جتي رنگن ۾، چوڏهين رات ۾ ۽ سمورين ڀٽن تي اُداسي واڪا ڪندي ملندي. اڄ اهڙو ڪهڙو مائيءَ جو لال هوندو، جيڪو سج لهڻ بعد مٺيءَ جي آسمان تي نظر وجهي سگهندو.
    هن اهو ڳايو ضرور هو ته "وفائون ته هونديون، جڏهن مان نه هوندس"، پر مٺيءَ ۾ هاڻ ان ڳالهه تي ڪير اعتبار ڪندو ته صادق پُڄاڻان "وفا"هجڻ واري ڳالهه سچ ٿيندي؟!
    ڀلي پار مان ايندڙ جهازن جي سوارن لاءِ ايئرپورٽن تي عزيز ۽ وارث خوشيءَ وچان گلن جا هار کڻي بيٺل هوندا آهن، اتي ايئرپورٽ تي ڀلي پار مان يار جي واپسيءَ تي اسين سڀ گڏ ٿيا آهيون. اسان جي هٿن ۾ گلن جا هار به آهن، انتظار به آهي، پر چمڪندڙ اکين بجاءِ پوريل اکين وارو صادق موٽيو آهي. هن جي ڀلي پار حاضريءَ واري خوشيءَ ۾ ڀاڪر پائجي ته اڄ ڪنهن کي ڀائجي؟ هي هٿن ۾ پيل گلن جا هار ڪنهن جي ڳلي ۾ وجهجن ۽ ڪنهن کي مبارڪون ڏجن، ڪنهن کان سفري ٿيلهو وصول ڪجي؟ زندگيءَ جي هنن لمحن ۾ ڪو دوست ۽ ڀاءُ احرام پائي ويل صادق کي ان اڇي ڪپڙي ۾ ڍڪيل ڏسندو، اهو به انهن ڏينهن ۾ جن ۾ مٺي رنگن واري هوندي آهي، پر اڄ ان رنگين مٺي تي هيءَ ڪهڙي گهڙي آيل آهي. "هڪ ڏينهن هجي ته ڪوئي همدرد به ٿئي، آئون رُئان روزانو ڀلا ڪير ٿو ٻُڌي." صادق جي آواز ۾ هنن سٽن ۾ ئي پناهه ڳولجي ٿي. "جواني نه رهندي، جواني نه رهندي- اهو جام و مينا ٻه ٽي ڏينهن آهي، مگر پوءِ به ڇا ڇا ٻه ٽي ڏينهن آهي" واريون اياز جون لافاني سٽون صادق جي آواز ۾ ٻُڌي زماني جا ماريل ماڻهو پنهنجون راتيون ڪٽيندا آهن، اڄ ان سدا جاويد آواز واري صادق جي آخري سفر ۾ شريڪ هن جي دوستن کي رڳو هن جا ٽهڪ، مهمان نوازي، اڌ سنڌ کي سڄو ٿر گهمائيندڙ صادق جون اهي محفلون ياد اينديون، جيڪي هن آرٽس فئڪلٽي جي اياز آڊيٽوريم، ڄامشوري ۾ علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي مزار، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي، مهراڻ يونيورسٽي، لاڙڪاڻي ۾ چانڊڪا ميڊيڪل، نوابشاهه جي پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي، حيدرآباد جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم، سن ۽ ڀٽ شاهه جي اسٽيجن تي ڳايون هونديون. "هاڻ تنهنجي مُرڪ منهنجي زندگي" کان وٺي، "وڃو ڪنويليو وڃو، وڃي پرينءَ کي چئو، اڃان پيو جيئان" يا "کيس چئجو هتان گذر نه ڪري"، ۽ هر ڪنهن جي دل جي ترجمان ۽ هر ڪنهن جي حال کي پنهنجو حال ڪري ڳايل هن جو "اسين بس رهياسين، اڌورا، اڌورا" ۽ مشائخ جي مٽيءَ ۾ مدفون شهزادي جي ڳل تان ڳڙيل ڳوڙهي جي ڪٿا هن کان وڌيڪ ٻيو ڪير ٿي ڳائي سگهيو! مديني کان مٺيءَ واري هن سفر سنڌ جون اکيون ڀڄائي ڇڏيون آهن، صادق پنهنجي آواز سان مٺيءَ جي مٽيءَ وانگر اسان کي هميشه ياد رهندو.
    (روزاني ڪاوش حيدرآباد 5 مارچ، 2015)


    صحراءِ ٿر جي درد جو آلاپ: صادق فقير ؛ دولت رام کتري

    دنيا جو هر ماڻهو موسيقيءَ سان پيار ڪري ٿو. ڪائنات جي حُسناڪي موسيقيءَ سان جُڙيل آهي ۽ سنڌي سماج ۾ موسيقي مُقدس رهي آهي. ڳائڻ وڄائڻ کي پوڄا جيان ورتو ويندو آهي. ويدن کان وٺي لطيف جي شاعري تائين ۽ لطيف کان وٺي اياز جي گيتن تائين، سنڌي شاعري موسيقيءَ سان ٽمٽار رهي آهي. سنڌ جو پنهنجو هڪ صوفياڻو رنگ رهيو آهي. سنڌ ۾ درويشن ۽ بزرگن جون درگاهون ۽ صوفين جا اوتارا موسيقي سکڻ ۽ موسيقيءَ جي پذيرائي جو هڪ اهم ذريعو رهيا آهن. ساڌ ٻيلي کان وٺي ساردڙي تائين، قلندر جي نگري کان وٺي رهڙڪي تائين، لطيف جي نگري کان وٺي پارو فقير (پاربرهم) جي آستان تائين، سچل جي نگري کان وٺي اڏيرو لال ۽ نيڻورام جي آشرم تائين، سنڌ جو صوفياڻو رنگ جرڪندي نظر ٿو اچي. لطيف جي نگري توڙي ساردڙي جي آستان ۽ سنت نيڻورام آشرم تي جڏهن راڳين ۽ ڀڳتن جي آواز ۾ صوفياڻو راڳ ٻڌجي ٿو ته انهيءَ مهل سنڌ جي صوفياڻي رنگ ۾ مون کي مذهبي رواداري ۽ محبت جو حسن نظر ايندو آهي . سنڌ جو صحرائي علائقو ٿر موسيقيءَ جي حوالي سان هڪ وسيع خطو رهيو آهي. مائي ڀاڳي، موهن ڀڳت، مراد فقير، شفيع فقير، صادق فقير، ڪريم فقير، يوسف فقير موسيقيءَ جي دنيا جا اهي نالا آهن، جن سنڌي موسيقيءَ جي اصل روح (چارم) کي زنده رکيو آهي. مائي ڀاڳي لوڪ گيتن کي سڃاڻپ ڏني. موهن ڀڳت لطيف جي واين کي اهڙي انداز ۽ آلاپ ۾ ڳايو، جو انهيءَ جي گائڪيءَ جو رنگ ڪنهن ڪلاڪار ۾ نظر نه آيو. ٿر جي ڀرم ڀريل ڀٽن مان جڏهن صادق فقير جو آواز گونجيو ته انهيءَ آواز ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ وڏي مڃتا ماڻي. مٺڙي آواز جي مالڪ صادق فقير سنڌ جي جديد شاعريءَ کي نئين رنگ ۽ ڍنگ سان ڳائي، سنڌي موسيقيءَ کي نئين سڃاڻپ ڏني. صادق سنڌ جي علمي توڙي ادبي لڏي توڙي عام ماڻهن ۾پڻ مقبول ڪلاڪار هو. هن سنڌ جي هر رنگ کي ڳايو ۽ ٿوري عرصي ۾ هو اڳتي اڀري آيو. موسيقيءَ جي دنيا ۾ هن پنهنجو قدر پاڻ ڪرايو. هن جديد سنڌي شاعريءَ کي نهايت خوبصورت انداز ۾ ڳايو. هن جي مٺڙي آواز ۾ جيڪو درد هيو ۽ گائڪيءِ جي روح جي جيڪا خوشبو هئي، هن قسم جي خوشبو ٻئي ڪنهن ڪلاڪار ۾ نه هئي. هن جديد سنڌي شاعرن شيخ اياز، تاجل بيوس، اياز گُل، وفا ناٿن شاهي، حسن درس، سائينداد ساند، امداد حسيني، شمشير الحيدري، وفا پلي، اسحاق سميجو، ايوب کوسو، حافظ نظاماڻي، ڊاڪٽر آڪاش انصاري، مشتاق ڦُل، حسن نوشاد ۽ ٻين شاعرن جي شاعريءَ کي خوبصورت انداز ۾ ڳائي، انهن شاعرن کي مڃتا ڏني. هن شيخ اياز جي شاعريءَ کي جديد ڌُنن ۾ ڳائي، ان جي شاعريءَ کي نوان رنگ ڏنا.
    صادق فقير پنهنجي فن ۽ شخصيت ذريعي ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪيو. صادق پنهنجي مٺڙي آواز ۽ راڳ جي ڪمال ۾ روحانيت جي تڪميل ڪئي. هن جو آواز جڏهن ريڊيو ۽ ٽي وي تي نشر ٿيو، تڏهن هن جي آواز کي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ تمام گهڻي مڃتا ملي. صادق فقير سنڌ جو تخليقي راڳي هو ۽ هن هميشه چونڊ ۽ سنجيده شاعري ڳائڻ کي ترجيح ڏني. هن جديد سنڌي شاعري کان علاوه لوڪ گيت پڻ ڳايا. هن ميران ٻائي ۽ ڪبير ڀڳت جا ڀڄن پڻ ڳايا. هن فيض احمد فيض کي پڻ ڳايو ته مرزا غالب کي به ڳايو. هي اڃا ڪجهه ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن 23 فيبروري 2015 جي شام جو هو اسان دوستن کان موڪلائي، عمرو ڪرڻ لاءِ ڀلي پار ٿي ويو. تڏهن هن سڀني دوستن کي چيو ٿي ته دعا ڪيو، خيرخيريت سان سفر ڪري واپس موٽون. هن اسان کي ڀاڪرن ۾ ڀري هميشه جيئن ٽهڪ ڏيئي موڪلايو، ۽ 24 فيبروري تي عمرو ادا ڪرڻ لاءِ سعودي عرب روانو ٿي ويو ، پر 26 فيبروري جو منحوس ڏڻ اسان لاءِ اها خبر کڻي آيو ته "صادق فقير روڊ حادثي ۾ وفات ڪري ويو آهي ۽ هو اسان جي وچ ۾ ناهي رهيو".
    صادق جي وڇوڙي جو ڏک اهڙو آهي جيڪو اسان جي روح ۾ رهجي ويو آهي. 26 فيبروري کا پوءِ صادق جي وڇوڙي تي سموري سنڌ سوڳ ۾ نظر آئي. سوڳ جو عالم اهو آهي جو سنڌ جو هر ماڻهو هن کي ياد ڪندي روئي ٿو. هن جي وڇوڙي تي ٿر جون هوائون سوڳوار بڻيل آهن ۽ مٺيءَ جو گهٽيون اداس آهن. مٺي جو هر ماڻهو اداس آهي. هر ماڻهوءَ سان محبت ڪرڻ وارو صادق جڏهن مٺيءَ جي گهٽين مان گذرندو هو ته هر ڪنهن سان ٽهڪ ڏيئي ملندو هو. هر ماڻهوءَ سان نياز مندي هوندي هئي. ڪنهن دوست کي هو پيار مان شهزادو چوندو هو، ڪنهن کي محبوب سائين ته وري مامي وشني کي خانداني چوندو هو. چاچي رتن جي هوٽل تي اسان سمورا علم ادب ذوق رکندڙ دوست ڪچهريون ڪندا هئاسين. پيارو شيواڻي، دليپ ڪوٺاري، کاٽائو جاني، ماما وشن ٿري، ممتاز نهڙيو، نصير ڪنڀار، سائين دليپ مهيشوري، ۽ ٻيا سمورا دوست انهي ٿاڪ تي گڏ ٿي بحث مباحثا ڪندا هئاسين. هڪ ٻئي سان ڀوڳ چرچا ۽ وري صادق جا ٽهڪ هوندا هئا- پر ڇا هاڻ صادق جا ٽهڪ ۽ سُر نه ٻُرندا؟ صادق ته جتي ويو، ٿي اتي پنهنجون يادون ڇڏي ٿي آيو. هن جي سموري زندگي سفر ڪندي گذاري. هو ڪڏهن به نه ٿڪبو هو. هر هنڌ هر پروگرام ۾ پهچي ويندو هو. هن ماڻهن ۾ محبتون ورهائڻ سکيون ۽ بدلي ۾ سنڌ جي ماڻهن هن کي تمام گهڻيون محبتون ڏنيون. مٺي جي علمي ادبي سرگرمين ۾ هو هميشه اڳڀرو هوندو هو. مٺيءَ ۾ ادبي سنگت کي سرگرم هن ئي ڪيو. مٺي ۾ جيڪي به علمي ادبي پروگرام ٿيندا هئا، انهن ۾ هو نوجوانن جي رهنمائي ڪندو هو.
    صادق فقير هاڻي سنڌ کي الودع ڪري، ان پار ڏانهن لڙي ويو آهي جتان ڪو به موٽي ناهي آيو. هن جي وڇوڙي کانپوءِ صادق فقير سان محبت ڪندڙ سمورا دوست يتيم ٿي پيا آهيون. سنڌي موسيقي ڇوري ڇني ٿي وئي آهي. هاڻي سنڌ جي اسٽيجن تي صادق فقير جا سُر ٻرندي نظر نه ايندا، پر هن جو يادون ڪيئن ٿيون وسري سگهن.
    5 مارچ تي هوليءَ جي ڏهاڙي جڏهن سنڌ جي ٻيجل صادق فقير جو مڙهه سعودي عرب کان مٺي آندو ويو، تڏهن هر اک آلي هئي. صادق فقير جي آخري سفر دوران مٺي جي ماڻهن ڇتين ڀتين تي چڙهي گل نڇاور ڪيا. مٺيءَ جي گهٽين ۾ عورتون پار ڪڍندي روئندي نظر آيون. مٺي جي هاءِ اسڪول گرائونڊ تي جڏهن جنازي نماز پڙهي پئي وئي ته اتي موجود هندو ڀائرن پڻ پنهنجي عقيدي موجب گيتا جا پاٺ ۽ شلوڪ پڙهي، صادق جي روح لاءِ دعا گهري. ساڳيءَ ريت جڏهن صادق فقير جي مڙهه کي لحد ۾ لاٿو ويو، تڏهن مون سميت ڪيترن ۽ اديبن شاعرن شيخ اياز جا گيت، ڪبير جا ڀڄن ۽ لطيف جون وايون ڳائي، شاندار اعزاز سان صادق فقير کي الوداع ڪيو. صادق فقير مذهبي رواداري ۽ محبت جو مجسمو هيو، جو هن جي آخري سفر ۾ سنڌ جي هر مذهب ۽ طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهن شاندار اعزاز سان هن کي الوداع ڪري، شرڌانجلي ڏني. سنڌ جو ٻيجل صادق فقير سُڏڪن، آهن، دانهن ۽ گيتن ۾ ڌرتي ماءُ جي هنج ۾ سمهي پيو آهي، پر هن امر راڳيءَ جا گيت سنڌ جو سڏ پراڏو بڻجي گونجندا رهندا.
    ٻار ٻُڍا سڀ جوان رُنا،
    رُنو تو لاءِ آسمان،
    تو هي ڇا ڪيو ڀڳوان!


    جوڳِيڙو ٿَي تِنا جوئِيس .... تولارام سوٽهڙ

    ٿر جي مٽيءَ جي مهڪ، علم ادب ۽ راڳ جي خوشبوءِ سان واسيل آهي. هڪ نه ٻئي دور ۾ هتي اهڙن فنڪارن جو جنم ٿيندو رهيو آهي، جن مٽجندڙ مزاجن، وقت جي نزاڪت ۽ مقامي حالتن پٽاندر راڳ پيش ڪري موسيقيءَ کي پرواز جا اُوچا پَرَ عطا پئي ڪيا آهن. اهي سڀ فنڪار جيڪي پاڻ ته غريب هئا، پر هنن ٿر کي اهو ورثو عطا ڪيو، جنهن جي وارثي ٿئي ته هوند ٿر علم ادب جو ڳڙهه بڻجي پوي. ٿر جو البيلو راڳي، صادق فقير به انهيءَ تسلسل جي هڪ ڪڙي هو، جنهن جديد ڪلاسيڪل سنڌي گائڪيءَ کي نوان موڙ ۽ نوان رنگ ارپيا. ڪو وڌاءُ نه ٿيندو، اگر چيو وڃي ته هُو سنڌ جو غزل ماسٽر هو.
    سدا ملوڪ راڳي صادق فقير پنهنجي آواز ۾ ٿر جي مارن جون مُرڪون، موسيقيءَ جي مينڍن ۽ مُرڪن ۾ شامل ڪري، سنڌ جي ثقافت کي لازوال ۽ خوبصورت بڻائي، ٻڌندڙن تي سحر طاري ڪري ڇڏيندو هو. ڏات جي ديوي هن جي ڪلا تي هميشه مهربان رهي هئي. پر 26 فيبروري 2015ع جي شام مڪي مڪرمه ۾ روڊ حادثي ۾ ٿر جي جديد گائڪيءَ جي هن راڻي جي اوچتي ڪملهي وڇوڙي سندس هزارين دوستن ۽ چاهيندڙن سميت برادريءَ توڙي سموريءَ سنڌ کي سوڳوار ڪري ڇڏيو آهي.
    جديد ڪلاسيڪي ۽ لوڪ شاعريءَ کي پنهنجي ورسٽائيل انداز ۾ ڳائيندڙ، دور حاضر جي مشهور فنڪار ۽ اديب راڳي صادق فقير جو تعلق ٿرپارڪر جي مڱڻهار قبيلي سان هو. هن 1965ع تي مٺيءَ ۾ جنم ورتو. ايم. اي سنڌي ڪيائين ۽ هاءِ اسڪول نارٿ ڪالوني مٺيءَ ۾ پي. ٽي ٽيچر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو. هو هڪ نفيس انسان ۽ وڏو مهمان نواز هو. مون هن کي سدائين چهري تي هلڪي مُسڪراهٽ ڏٺي. صادق فقير ڳائڻ جي شروعات ڪاليج جي دور کان ڪئي. موسيقيءَ جي شروعاتي سکيا پنهنجي مامي حُسين فقير کان ورتائين، جيڪو پڻ سٺو راڳي ۽ موسيقار هو، جنهن تي ڪجهه سال اڳ مٺيءَ جي اديب ڊاڪٽر شنڪر لوهاڻي تمام سٺو جامع مضمون لکيو هو.
    هن شيخ اياز جي ڪيترن غزلن، نظمن ۽ گيتن کي ڳائي مشهور ڪيو. شيخ اياز کيس اهو آواز قرار ڏنو هو، جنهن جي کيس تلاش هئي. سنڌ جو ادبي حلقو کيس تمام گهڻو پيار ۽ پسند ڪندو هو. سندس ڳايل گيتن ۽ غزلن: ’تو کان ٿيندي ڌار‘، ’سکِي پِيا کي ملين ته چئجان‘،
    ’اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا‘، ’هيءَ سَين نه ڏيندي چين‘، ’اهڙو منهنجو ٿر آ‘، ’ٿي املتاس تان ڪوڪ ڪويل ڪري‘، ’محبت هيڪلي
    آهي‘، ’سنڌ جاڳي پئي‘، ’سنڌ منهنجي امان‘، ’جوڳيڙو ٿي تِنا جوئيس‘
    کان سواءِ ڪيترا ڪلام مشهوري ماڻي چڪا آهن. اياز گل جي وائي ’تو کان ٿيندي ڌار‘ هن تڏهن ڳائي هئي، جڏهن هو اڃا شاگرد هو. مٺيءَ جي وڏي ڀٽ ’گڊي‘ تي ڪريم فقير پڪواز تي سنگت ڪري رهيو هو ۽ صادق جو آواز فضائون چيري ماحول کي درد وند بنائي رهيو هو.
    جيئن ته ٿر جي موسيقيءَ، مختلف ثقافتن جي سنگم سان جنم ورتو آهي، جنهن ۾ مارواڙي، ڪڇي، ڍاٽڪي ۽ گجراتي/ سنڌي موسيقيءَ جو ميلاپ آهي. اهو ئي سبب آهي جو ٿر جا لوڪ گيت دنيا ۾ دلچسپيءَ سان ٻڌا وڃن ٿا. صادق انهن لوڪ گيتن کي جديد رنگ ۾ ڳائي مشهور ڪيو. صادق جو ڳايل ڍاٽڪي ڪلام ’جوڳيئڙو ٿي تنان جوئيس، چَتونئڙو ٿي پنجري هون رهيس، منهانجا پرديسي پريه...‘ جڏهن
    ٿر جي ڀِٽن تي ماروئڙن وٽ ٽيپن ۽ موبائلن ۾ وڏي آواز وڄي ٿو ته ماحول روميءَ جي ’مي رقصم‘ جيان ٿي پوندو آهي.
    صادق جڏهن شيخ اياز جا غزل ’سکي پيا کي ملين ته چئجان‘ ۽ ’جواني نه رهندي‘ ڳائيندو هو ته سامهون ويٺل اپسرائن جي هٿڙن جا گُلاب ٽِڙي پوندا هئا، اهڙو هڳاءُ ٿيندو هو، ڄڻ ڪائنات جا فرشتا موسيقيءَ جي رمزن تي رقص ڪري رهيا هجن....
    صادق فقير سنڌي، اردو، سرائڪي، ٿري، راجستاني، هندي، مارواڙي ۽ پنجابي ٻولين ۾ روانيءَ سان ڳائي سگهندو هو. هو سنڌ کان سواءِ پنجاب، بهاولپور، بلوچستان، خيبر پختونخوا، انڊيا، دبئي، سعودي عرب، انگلينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو هو. ڪيترين ادبي ۽ سماجي تنظيمن سان وڏي عرصي کان واڳيل رهيو.
    مون صادق فقير سان ٽي چار سفر گڏ ڪيا هئا. گڏجي ننگرپارڪر گهمياسين. 2009، ۽ 2013ع ۾ ننگرپارڪر جي دورن ۾ صادق جو اسان سان ساٿ شامل رهيو. هو جڏهن به مٺيءَ ۾ ملندو هو ته حيدرآباد جي سنگت جو پڇندو هو. ڏياري يا ٻين ڏڻن تي ياد ڪندو هو.
    صادق، ڀٽائيءَ جي درگاهه جي آڳر ۾ ڳائي يا ٽي وي چنئلن تي اياز ۽ ڀٽائيءَ کي گُنگنائي يا وسڪاري دوران دوستن جي هجوم ۾ سارڌڙي يا ڪاسٻي ۾ ميران ۽ ڪبير جا گيت آلاپي، هر هنڌ ٻڌندڙ کيس وڏي دلچسپيءَ سان ٻڌندا هئا. اها سندس بهترين ذوق ۽ ٻڌندڙن جي مزاج موجب شاعريءَ جي سليڪشن جو ڪرشمو هو.
    صادق سخي دل ۽ فنونِ لطيفه سان وڏو عشق رکندڙ انسان هو. جڏهن ساڻس موسيقيءَ تي ڳالهائيندي، ماڙيچا ۽ گواليار گهراڻن جي وقت جي وڏن گوَين جو ذڪر ڇِڙندو هو، ته هو دل ئي دل ۾ کين وڏي عزت سان داد پيو ڏيندو هو. هو سنڌ جي انهن چند گلوڪارن منجهان هو، جن جي ڳايل گيتن کي وڏا اسڪالر، اديب ۽ سنجيده ذوق انسان پاڻ وٽ محفوظ ڪري ٻڌندا آهن.
    صادق جي آواز ۾ ٿر جو درد سمايل هو. هن پنهنجي خوبصورت آواز ذريعي سنڌ توڙي دنيا ۾ سنڌي موسيقيءَ جي چاهيندڙن جي ذهنن تي پنهنجي گائڪيءَ جا اڻمٽ نقش ڇڏيا آهن. هو ڀٽائي، اياز، استاد، اياز گل، حسن درس ۽ ايوب کوسي کي لفظن جي خوبصورت ادائگيءَ ۽ درست تلفظ سان پيش ڪندو هو. اهڙي پيشڪش ٻئي ڪنهن فنڪار وٽ گهٽ ملندي آهي.
    اسان جي نون اڀرندڙ فنڪارن کي پڻ گهرجي ته هو ٿر جي هن قسم جي امر ڳائڻن ۽ گوَين جي فني صلاحيتن مان سِکن، سنڌي موسيقيءَ جي بنيادي تربيت حاصل ڪن، ٻاهر جي ڌُنن کان پاسو ڪن، پنهنجي ثقافت کي بچائڻ ۽ اجاڳر ڪرڻ لاءِ صادق جهڙو ڪردار ادا ڪن ته کين به مڃتائون ۽ محبتون نصيب ٿين.


    ...۽ جڏهن راڳ کي روڳ لڳي ويو! ؛ مقبول حفي بخاري

    افراتفري ۽ فتني بازيءَ جي هن ڪٺن دور ۾ جتي موت پنهنجي معنيٰ وڃائي چڪو آهي، روز ڪيترائي ماڻهو حادثن، ڌماڪن، گولين ۽ بيمارين توڙي بک ۾ مرندي ٻڌون ٿا، دل هاڻ ڪنهن موت جو ٻڌي لرزي به نٿي- پر ڪالهه جيئن ئي ٽوئيٽر تي صادق جي موت جي خبر جو الرٽ ظاهر ٿيو ته هينئن کي جهٻي آئي ۽ ذهن ۾ زلزلو برپا ٿي ويو...!! صادق جو موت منهنجي لاءِ ان ڪري به ڏکوئيندڙ هو جو صادق سان ڪي گهڙيون "راز- نياز" جي الستي ڪچهرين ۾ گذريون هيون. ڏکائتو ان ڪري به ٿيو هئس ته مون کي لڳو ڄڻ سنڌ جي هوائن ۾ آلاپجندڙ خوبصورت راڳڻي وڌوا ٿي وئي هجي...!! ٿر جي ڀٽن مان گونجيل "ٻيجل" جي صدائن جو ٻيو جنم صادق فقير جو آواز هو، جيڪو ڀالوا جي ڀٽن مٿان گونجندو، سڄيءَ سنڌ کي سراپي ڇڏيندو هو. ماڻهو جيڪو صبح جو ننڊ مان اک کوليندي ئي هزار پريشانين جي ور چڙهي پنهنجي وجود کان پري ٿي ويندو هو، صادق جون صدائون ان بيچين ۽ ڀٽڪيل روح کي ٻانهن مان جهلي، سندس وجود کي ويجهو وٺي اينديون هيون. سنڌ جو هيءُ اربيلو راڳي، جنهن لاءِ خود شيخ اياز به اهو ئي اظهار ڪيو، جيڪو "وڃو ڪنويليو وڃو- وڃي پرينءَ کي چئو" نظم ٻڌي، مون به سوچيو هو.
    1997ع جي ڪا شام/سانجهه هئي ۽ بسنت هال حيدرآباد ۾ صادق جي آواز جا پڙلاءُ گونجي رهيا هئا. آئون ۽ خالد آزاد وگهيو هٿ هٿن ۾ ڏئي اڳوڻي فردوس سئنيما واري روڊ وٽان گذري، پنڌ ئي پنڌ اندر جا اوجاڳا اوريندا، رات جي پوئين پهر ۾ بسنت هال ۾ پهتا هئاسين. اها صادق سان منهنجي پهرين روبرو دلبري هئي. صادق جي صدا حيدرآباد جي هوائن ۾ وکري ته مون کي لڳو ڄڻ شيخ اياز سندس ڪمري ۾ ميڻ بتي ٻاري لکي رهيو هو ۽ سندس شاعريءَ کي ٿر جي ڀٽن ۾ اها صدا ملي وئي هئي، جو شيخ اياز جي ڪويتا تشنا نه رهي. اهو پهريون دفعو هو جو ڪنهن عظيم تخيل کي عظيم سُر ملي ويا هئا ۽ شاعري امر ٿي وئي هئي. صادق جڏهن شيخ اياز جو غزل/نظم ڳائيندو هو ته هر روح کي پنهنجي اندر جي درد جون جهلڪيون ڏسڻ ۾ اينديون هيون. بس! ائين چوان ته صادق جي لبن کي ڇُهي شاعريءَ جا ٿڪ لهي ويندا هئا، راڳڻي سهاڳڻ هوندي هئي.
    لاڙ بدين جي علي بندر سان ٽڪرائجندڙ کاري پاڻيءَ جون لهرون ۽ تمر جي ٻيلن ۾ سرسراهٽ ۽ هوا جون مدهوشيون... ڪارونجهر جو نظارو، ٿر جون اوچيون ڀِٽون، ڀالوا جي مارئي، روپا ماڙيءَ جو دودو ۽ ٻاگهي، ڪينجهر جي نوري ۽ ڀنڀور جي سسئي جي "دردِ سفر" جون ڪٿائون... سمورو حسن صادق جي صدا ۾ سمايل هو. صادق جا نظم کي مليل آلاپَ نظم جي مڪملتا جو اعزاز بڻبا هئا، پر اوچتو ئي اوچتو اهو صادق جنهن جي گلي ۾ ڀڳوان جون صدائون هر وقت بيچين هونديون هيون، اهو صادق جنهن لاءِ آئون ٿو چوان ته هو راڳ جو شهنشاهه هو ۽ راڳڻي سندس راڻي هئي، جيڪا سندس وڇوڙي کان پوءِ ويراڳڻ ٿي پئي آهي- اهو صادق جنهن شيخ اياز جي شاعريءَ جي اُڃ لاٿي هئي... ها! اهو صادق فقير مڪي شريف ۾ روڊ حادثي جو شڪار ٿي، اسان کان وڇڙي چڪو آهي- ۽ جڏهن راڳڻي اداس ٿي وئي آهي ته سندس ئي ڳايل گيت "صدائون ته هونديون، جڏهن مان نه هوندس" لبن تي هُري رهيو اٿم. صادق جو وڇوڙو سنڌي راڳ جو وڏو نقصان آهي ۽ اهو خال وڏي وقت تائين ڀرجڻ ناممڪن آهي.
    چئو تون مون کان پوءِ، ڪنهنجو ٿيندين ڪينرا،
    واڪا ڪندي ووءِ، صديون تو لئه سنڌڙي!!
    (روزاني ڪوشش حيدرآباد)


    صادق يار رُئاري وئين! ؛ اورنگزيب ڀٽي

    ڀڳت ڪنور رام پنهنجي گيت جي هر مصرع جي آخر ۾ ’جئه رام‘ چوي يا علڻ فقير جي ’الا هُو هُو‘ هجي ۽ انهن ٻنهي آلاپن جي وارثي ڪندڙ حافظ محمد جي شاعري هجي يا شيخ اياز جا خيال، صادق فقير انهن کي حسن بخشيو- ۽ مذهبي ويڇن کان تمام گهڻو مٿي اڏامندڙ سندس آواز هڪ نئين روايت محسوس ٿئي ٿو، جيڪو هاڻ اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو آهي.
    بحيثيت هڪ راڳي صادق فقير جي اندر مان ظلم جي چڪي ۾ پيسيل ماڻهن جا درد اڌمن سان اٿندا هئا. هو جڏهن مشهور گيت "جت لُڪ لڳي، جت اڪ تپن، سو ديس مسافر منهنجو ڙي" ڳائيندو هو ته حڪمرانن جا ٿر متعلق ڏنل اخباري سڀ بيان هڪ اهڙو ڪوڙ لڳندا هئا، جيڪو ڪوڙ پنهنجي ڪوڙي هجڻ جي خود ثابتي ڏئي.
    صادق فقير سان منهنجي دوستي پنجويهه سالن تي محيط آهي. ان عرصي جي آغاز ۾ صادق فقير ريڊيو تي هڪ گيت "توکان ٿيندي ڌار، کلندي کلندي يار، لڙڪ لڙي پيا لار ڪري" ڳائي پنهنجو پاڻ کي سنڌ جي وڏن راڳين جي صف ۾ آڻي بيهاريو. شهيد فاضل راهوءَ جي ورسي هجي يا سائين جي ايم سيد جي سالگرهه، صادق فقير کانسواءِ هر محفل اڌوري هوندي هئي.
    صادق فقير کي جيڪڏهن هڪ راڳيءَ جي حيثيت سان ڏٺو وڃي ته فني لحاظ کان هو هڪ مڪمل فنڪار هو. ان جي باوجود ڪهڙي عجب ڳالهه آهي ته هو پاڻ کي نامڪمل ۽ ڪجهه به نه سمجهندو هو، ڇو ته هو هڪ مڪمل صوفي ۽ هڪ آدرشي انسان به هو. اهو ئي سبب آهي جو حافظ محمد نظاماڻيءَ جا باغيانه نظم وڏي شوق سان ڳائيندو هو. صادق فقير هارمونيم خود وڄائيندو هو ۽ سندس آروهي امروهي سُرن جا لاها چاڙها به ڪمال هوندا هئا. هو اڄ جي مروج نام نهاد عشقيه شاعريءَ کي ڪڏهن به ويجهو نه ويو. ان ڪري جو هن جي اندر ۾ پئسن ڪمائڻ واري انڌي لالچ هئي ئي ڪو نه. 1980ع واري ڏهاڪي جي آخر ۾ بيدل مسرور جي هڪ ڪيسٽ "وائسز گروپ" جي نالي سان مارڪيٽ ۾ آئي هئي، جنهن ۾ شيخ اياز ۽ فيض احمد فيض جي شاعريءَ کي ڳايو ويو هو. هن ڪيسٽ ۾ تمام وڏي محنت ٿيل هئي ۽ سڀ گيت ڪورس جي انداز ۾ ڳايل هئا. ان دور جي سڀني جديد سازن سميت آرڪسٽرا، طبلي ۽ ڍولڪ جو سهارو به ورتو ويو هو ۽ ان ڪيسٽ ۾ شيخ اياز جو پنهنجو آواز به شامل هو. ان ڪيسٽ ۾ شيخ اياز جو مشهور شعر"مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان" سميت "هڙڪ هلو ڌيمان هلو"، "دربار وطن سي جب اڪ دن سب جاني والي جائين گي" يا "هم محنت ڪش جگ والون سي جب اپنا حصه مانگين گي" جهڙا عظيم گيت شامل آهن، اهي مقبول ٿيا- پر "جت لُڪ لڳي جت اڪ تپن، سو ديس مسافر منهنجو ڙي" سنڌ جي عاشقن سڀ کان پهرين هن ڪيسٽ ۾ ٻڌو، ۽ ساڳيو گيت جڏهن صادق فقير چيو ته هن ان گيت کي سنڌ جي جهر جهنگ ۾ پهچائي ڇڏيو. سُر پهاڙي ۾ هن مالا جي هڪ گيت جو سهارو ورتو، جنهن جي طرز رشيد عطري جي ٺاهيل هئي، پر ان طرز ۾ صادق فقير جڏهن مذڪوره گيت ڳائيندو هو ته ائين لڳندو هو ڄڻ رشيد عطري اها ڌن هن ئي گيت لاءِ ٺاهي هئي.
    (روزاني ڪوشش حيدرآباد)


    ساري ٿي تن کي، اڀري باک بسنت جي ؛ اياز لطيف دايو

    سنڌ جي اُڀ جي هيٺان روزانو اداسي ۽ سوڳ جي چادر وڇيل رهندي آهي. ڪڏهن ڪنهن معصوم ٻارڙيءَ سان وحشين جي وحشت سامهون ايندي آهي، ڪڏهن ڪنهن معصوم نياڻيءَ کي ڪارپ جي ڪڌن الزامن ۾ موت جي وادين جي حوالي ڪيو ويندو آهي. ڪڏهن نوجوانن جي آپگھات جا جيءَ جھوريندڙ واقعا سامهون ايندا آهن ته ڪڏهن روڊ حادثن ۾ ڪوئلي جيان ڪاراٽيل لاش پنهنجي امڙين، ڀينرن ۽ سڀني گھرڀاتين کي پوري حياتيءَ جو روڳ ڏئي ويندا آهن. اهڙيءَ طرح اداسيون، نراسايون ۽ سوڳ سنڌ جي وجود ۾ سمائجي ويو آهي ۽ انهيءَ سوڳ واريءَ سنڌ ۾ صادق فقير جي ابدي وڇوڙي ته سنڌ جي هر انهيءَ روح کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي اندر ۾ لطيف ۽ اياز جا عڪس چٽيل آهن، جيڪي صادق فقير جي الستي آواز ۽ منفرد آلاپن سان لازوال محبت ڪندا آهن. ڇاڪاڻ ته صادق فقير سنڌ جي آسمان جو وهائو تارو هو. سنڌ ڌرتيءَ جو وجود صادق جي دل ۾ سنڌو درياهه جيان ڇوليون هڻندو هو. هن پنهجي سـُر ۽ ساز سان سنڌ جي فنڪارن، ڪلاڪارن، شاعرن، ليکڪن، دانشورن ۽ سنڌ جي سڀني ساڃهه وندن جي دلين ۾ هڪ اهڙي جاءِ ٺاهي ورتي هئي، جيڪا تمام گھٽ ماڻهن کي نصيب ٿيندي آهي. صادق جي وڇوڙي تي سنڌ هڪ سدا ملوڪ آواز کان محروم ٿي وئي آهي. اڃا الائي ڪيترا اڻ ڳاتل لفظن جا موتي هئا، جيڪي صادق فقير جي آواز ۾ هڪ آفاقي روپ سان سڄيءَ سنڌ کي جھومائين ها. سنڌ جي نوجوانن ۾ هڪ انقلابي روح ڦوڪن ۽ سنڌ جي دردن ۽ پيڙائن کي هڪ نئين اٿل پٿل ڏئي، هلچل پيدا ڪن ها، پر اها حقيقت آهي ته موت ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي وحشي روپ سان سامهون ايندو آهي ۽ اسان جي وجودن کان اهڙين شخصيتن کي ڇني وٺندو آهي، جن سان سوڳ ۽ اداسين جا اهڙا پاڇا من جي پاتال ۾ لهي ايندا آهن، جن کي صرف اندر جي اُونهاين سان محسوس ڪري سگھبو آهي ۽ اهڙي ئي درد کي جڏهن صادق فقير پنهجي دل ۾ محسوس ڪيو هو ته هن اياز گل جي انهن سٽن کي امر ڪري ڇڏيو هو:
    توکان ٿيندي ڌار،کلندي کلندي يار، لـُڙڪ لڙي پيا لار ڪري.
    ۽ جڏهن صادق فقير سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز جي آبِ حيات جهڙين پوتر ڪوتائن کي روپلي ڪولهيءَ جي روح جهڙي امر آواز ۾ ڳائڻ شروع ڪيو ته اياز جا نيڻ پرهه جي پهرين ڪِرڻن ۾ ماڪ جيان جرڪي پيا هئا ۽ اياز ائين چوڻ تي مجبور ٿي پيو هو ته منهنجي شاعريءَ کي صدين کان جنهن آواز جي ڳولا هئي، صادق جي روپ ۾ اهو ملي ويو آهي. اهڙي مڃتا تاريخ جو اڻ مٽ حصو بڻجي ويندي آهي. حياتي ته هوا جو هڪ جھوٽو آهي، سئو سال جيئرو رهي به انهي عارضي حياتيءَ کي الوداع ڪرڻو پوندو آهي، تنهنڪري دوام انهيءَ امرتا کي آهي، جيڪا ڌن ۽ دولت جي انبارن سان ڪنهن به صورت ۾ نه ملندي آهي. جيڪا اقتداري ڪاڪ جي ڪوٽن ۾ ڦاسڻ سان به نه ملندي آهي، پر انهيءَ امرتا جو لاڳاپو صرف ۽ صرف روح جي رشتن سان هوندو آهي. جهڙي ڏک جي ڪيفيت صادق جي موت سان سنڌ پنهنجي دل سان محسوس ڪئي آهي، اهڙي ڪيفيت تاريخ ۾ تمام گھٽ ماڻهن لاءِ محسوس ڪئي وئي آهي. سائين ابراهيم جويي اياز جي ڪتاب "راج گھاٽ تي چنڊ" جي مهاڳ ۾ اياز جي شاعريءَ لاءِ جڳ مشهور ادبي نقاد ٽي ايس ايليٽ جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته "شعر ۽ ادب جي دنيا ۾ جيڪڏهن اوهين ڪنهن جدت ڪار جي ڪاوشن کي تاريخ وار ويهي جاچيندا ته اوهين هن کي سندس من جي ڪنهن اجھل ڌُن ۾ مصروف ۽ قدم بقدم ان جي پورائيءَ ۾ اڳتي وڌي ڏسندا. " اسان پنهنجي انهيءَ راڳي کي به انهيءَ پس منظر ۾ ڏسنداسين ته اسان کي محسوس ٿيندو ته ڄڻ اهي اڌما صادق فقير جي ترجماني ڪندا هجن، ڄڻ اياز ڪراڙ ڪنڌيءَ تان صادق فقير کي پڪاريندو هجي:
    اچين ٿو اوٺارَ، جھُوڙا سڀ جھمڪن پيا،
    تڪي تنهنجا پار، ڪاٽيم ڪيڏيون راتڙيون!
    ۽ شايد صادق فقير به اياز جي لفظن ۾ کيس ڏڍ ڏئي رهيو آهي ته:
    توکان ملڻ کانسواءِ، متان آئون مران،
    ڏٺو آنءُ دَران، ڏاڍو ويجھو آنهه تون.
    اهڙيءَ طرح اڄ سنڌ پنهنجي انهيءَ آواز کي ڪنهن مارڳ ۾ گم ڪري آئي آهي، جنهن جي سنڌ جي وجود کي اڄ وڌيڪ ضرورت هئي. ڇاڪاڻ ته اڄ مذهبي ڪٽرپڻي سان سرشار نفرت جون نرسريون سنڌ جي صوفياڻي سرشت کي زخمي ڪري رهيون آهن. سنڌ جا شهر سوات جو ڏيک ڏئي رهيا آهن. سنڌ جي رواداري اڄ پنهنجي مـُک تي دک جون ريکائون پسي رهي آهي. سنڌ جي وجود ۾ ڄڻ آوي پچي رهي آهي. اهڙيءَ صورتحال ۾ صادق فقير جهڙن ڪلاڪارن جي شدت سان ڪمي محسوس ٿي رهي آهي. ائين لڳي رهيو آهي ته صادق فقير ڄڻ خليل جبران جو "گل جو گيت" بڻجي سنڌ واسين سان مخاطب ٿي رهيو آهي ته "مان اهو لفظ آهيان، جنهن کي فطرت پنهنجي زبان مان ادا ڪيو ۽ وري واپس وٺي پنهنجي دل جي تهن ۾ لڪايو، تنهن کانپوءِ ادا ڪيو. مان اهو تارو آهيان، جو آسمان جي نيري خيمي مان سرسبز غاليچي تي ڪريو. مان عناصر جو اهو پٽ آهيان، جنهن جو ٻج سياري جي پيٽ ۾ سنجريو ۽ جنهن کي بهار ڄڻيو ۽ جو اونهاري جي هنج ۾ جوان ٿيو ۽ جنهن کي خزان سمهاري ڇڏيو. مان ماڪَ جي ميءِ پيان ٿو، ڪوئل جي ڪوڪ ٻڌان ٿو ۽ گاهه مان نڪرندڙ سريلي آواز تي ناچ ڪيان ٿو. مان روشنيءَ کي ڏسڻ لاءِ هميشه مٿي ڏسندو رهان ٿو ۽ پنهنجي پاڇي کان ڪڏهن به نٿو ڏسان"- ۽ هي اها حڪمت آهي، جنهن کان انسان اڄ تائين اڻ واقف رهيو آهي.
    تنهنڪري صادق فقير جي وڇوڙي جي درد ۽ انهيءَ ڪيفيت کي نصير مرزا جي دل ۾ جھاتي پائڻ سان به ڏسي سگھجي ٿو ته انهيءَ ڪيفيت کي ڏهرڪيءَ جي انتهائي خوبصورت شاعر جميل سومري جي وجود مان به پسي سگھجي ٿو، جنهن صادق جي موت جي خبر ٻڌندي ئي نه صرف لـُڙڪ لاڙيا، پر هو ڪلاڪن تائين سڏڪن ۾ ورتل هو. صادق فقير سان اها محبت سڄي سنڌ انهيءَ ڪري پنهجي وجود ۾ سمائي ڇڏي آهي، ڇاڪاڻ ته هن به پنهنجي وجود ۾ پوري سگھه سان سنڌ جي وجود کي سمائي ڇڏيو هو. صادق فقير کان اڳ به سنڌ ۾ گلوڪار هئا، سندس وڇوڙي کان پوءِ به سنڌ ۾ فنڪار ايندا رهندا، پر جهڙيءَ طرح شاهه لطيف ۽ اياز جو سنڌ خال ڀري نه سگھي آهي، اهڙيءَ طرح صادق فقير جو خال ڀرجڻ به مشڪل آهي، پر صادق فقير کي اسان اهڙيءَ طرح ڀيٽا ڏئي سگھون ٿا ته سندس فن کي محفوظ ڪري نه صرف پوري سنڌ پر پوريءَ دنيا جي سنڌي ماڻهن تائين پهچايون. اهڙيءَ طرح سان صادق فقير جي روح کي تسڪين ڏئي سگھجي ٿي. اياز به اهڙين اکڙين کي ساريندي چوي ٿو:
    رڻ ٻارڻ ٻاري ويا، آڌيءَ اٿيءَ جي،
    ساري ٿي تن کي، اڀري باک بسنت جي.
    (روزاني ڪوشش حيدرآباد)


    راڳ جي راڻي صادق جي سنڌ کان موڪلاڻي ؛ ساجد چانڊيو

    راڳ جو راڻو صادق فقير پنهنجي آخري سفر مان به ثابت ڪري ويو ته هو تمام وڏو ماڻهو هو، جنهن جي آخري رسمن ۾ سنڌ جي ساڃهه وندن سميت هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ دنيا تائين اهو پيغام پهچايو ته اسان پنهنجي فنڪارن خاص طور تي راڳ ۽ موسيقيءَ سان بي پناهه محبت ڪريون ٿا. سنڌ ۽ سونهن جو اهو سلسلو 5 هزار سال پراڻي تهذيب موهن جو دڙو جي سمبارا کان صادق فقير تائين جاري آهي ۽ اڳتي به جاري رهندو. صادق فقير کي ياد ڪندي هر ان ماڻهوءَ جي اکين ۾ لڙڪ اچي وڃن ٿا، جيڪو ساز ۽ آواز سان پيار ڪري ٿو. اڄ صادق ناهي ته ساز سوڳوار آهن ۽ موسيقي ماتمي لباس اوڍي ڇڏيو آهي، ۽ منهنجي دل اهو سوچي اداس آهي ته ڇا سنڌ کي وري صادق فقير جهڙو مٺڙو ماڻهو ۽ من موهيندڙ آواز ملي سگهندو؟!
    اهي عاشق، جيڪي اڌ رات جو اُٿي "عمر گذري قرار ڳولهيندي، پنهنجو پهريون پيار ڳولهيندي" جهڙا ڪلام ٻڌي پنهنجي روح کي راحت بخشيندا هئا، اڄ اهڙن انيڪ عاشقن جون دليون صادق پڄاڻان بيحال بڻيل آهن. صادق جڏهن به ڪو ورلاپ ڏيندو هو ته سندس آلاپ کي هر عاشق پنهنجي اندر جو آواز سمجھندو هو. اڄ کان پوءِ اهڙن عاشقن کي صادق جو آواز ٻڌڻ لاءِ وري نه ملي سگھندو. هـُو، جيڪو سنڌ جي ڌرتيءَ کي چمي ڏئي ڀلي پار اسهيو هو ته کيس خبر ئي نه هئي ته سنڌ کان سندس آخري موڪلاڻي آهي ۽ سندس ڌرتيءَ کي ڏنل چمي به اياز جي گيت جيان "ڌرتي توکي منهنجي چـُمي اڌ ۾ رهجي ويندي" سچ ثابت ٿيندي- ايئن هو سمورن سنڌ واسين کي وڇوڙي جو ڏهاڳ ڏئي هليو ويو. سندس پڄاڻان اڄ سموري ٿر مٿان ڏک جي چادر اوڍيل آهي. ٿر جيڪو اڳ ۾ ئي ڏکن جو ڏيهه سمجھيو ويندو هو، اڄ اهو ٿر درد جي علامت بڻيل آهي.
    راڳيءَ جو مـَنُ ويراڳيل هوندو آهي. راڳيءَ جي صدا عام جي صدا ٿي ويندي آهي. راڳيءَ جا گيت ديس جو املهه اثاثو هوندا آهن. راڳيءَ جو راڳ ئي ان جو ڀاڳ ۽ هڙئي حاصلات هوندو آهي. راڳ ۾ ئي سندس جياپو هوندو آهي. راڳ سان سندس سڃاڻپ ٿيڻي هوندي آهي. سنڌ جهڙي عظيم ڌرتيءَ جو اهو ئي وڏو ڀاڳ آهي، جو سندس راڳين ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ هتان جي اصل پيغام، امن، صوفياڻي روايت ۽ شاندار ثقافت کي اجاگر پئي ڪيو آهي.
    سنڌ سان ساهه جهڙو پيار ڪندڙ آواز صادق فقير جي سهڻي روپ ۾ ٿر جي صحرا مان آلاپجي ٿو ته سمورو ديس سندس صحرائي ورلاپن تي موهت ٿي کيس ڌيان سان ٻڌڻ شروع ڪري ٿو. سندس آلاپجندڙ صدا سنڌ جي ماڻهن لاءِ غير معمولي حيثيت رکڻ شروع ڪئي. ٿر جي حسن سان مالامال مِٺيءَ جو مالڪ صادق سڄي سنڌ جو مالڪ ٿي ويو. هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ساڻس پيار ڪندڙ ماڻهن جو تعداد روز بروز وڌڻ لڳو ۽ ائين صادق جي گيتن جي گونجار هر هنڌ عام ٿي وئي. صادق فقير پنهنجي اندر توڙي ٻاهر هڪ اُجرو انسان هو. سندس من ۾ ڀٽ ڌڻي ۽ اياز جي ملهائتي پيغام جو واسو هو. ڌرتيءَ جي محبت سان سرشار رهندڙ صادق لاءِ ڪنهن ٿي سوچيو ته آخري ساهه پرديس کي ارپيندو.
    سنڌ جي ماڻهن لاءِ اها خبر ڪيڏي نه ڀيانڪ هئي جو هڪ روڊ حادثي ۾ ههڙي سهڻي راڳيءَ جي وڇوڙي جو اطلاع مليو. سنڌي ٽي وي چئنلن ۽ سوشل ميڊيا هن خبر کي فوري طور سنڌ جي عوام تائين پهچايو ته ڪيتريون ئي اکيون لڙڪن سان ڀرجي ويون. صادق جي ورلاپن جي ياد پرستارن جي جيءَ کي جنجهوڙي رکيو. اڄ سندس پڄاڻان ٿر سميت سموري سنڌ سوڳوار بڻيل آهي. صادق فقير سنڌ ۾ امن، مذهبي رواداري ۽ صوفي ازم جو پرچارڪ هو. سندس سنڌ وطن جي لاءِ ڪيل خدمتن کي وساري نٿو سگهجي. صادق فقير سنڌ جي عظيم شاعرن جي لفظن کي پنهنجي سريلي آواز سان گائڪي ۾ پيش ڪري، سنڌي موسيقيءَ جي تمام وڏي خدمت ڪئي. سندس اوچتي وڇوڙي سڄيءَ سنڌ ۾ ڏک جي لهر برپا ڪري ڇڏي آهي. هـُن پنهنجي هنر ۽ فن ذريعي سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ خدمتون ڪيون. صادق فقير جا ڳايل گيت سنڌي قوم جو شاندار اثاثو آهن. جيتوڻيڪ صادق فقير جسماني طور تي اسان کان ضرور وڇڙي ويو آهي، پر سندس ڳايل گيت هميشه سنڌيت جو احساس ڏياريندا رهندا.
    عجيب اتفاق آهي ته جنهن ڏينهن شيخ اياز جي سالگرهه ملهائي پئي وئي، ان ڏينهن سنڌ صادق فقير جي مڙهه پهچڻ جو انتظار ڪري رهي هئي. ان ويلي اياز جا گيت اُٻاڻڪا ۽ اداس هئا، ڇو ته کانئن صادق جهڙو راڳي رُسي ويو هو. اُهو آواز انهن گيتن کي ٻيهر نصيب نه ٿي سگهندو، جنهن لاءِ خود اياز پڻ چيو هو ته منهنجي گيتن کي صادق جهڙي آواز جي ضرورت هئي. سنڌ جي خوبصورت شاعر سرمد چانڊئي تڏهن ته صادق جي وڇوڙي کي دردناڪ محسوس ڪندي هن طرح لکيو:
    ڪير کڻندو ڪينرو، ۽
    ڪير ٿيندو روحَ - راز؟
    ڪير ڳائيندو اياز!
    ڪيرٻيجل ٿي ٻـُرائي
    سوز ورنو تنهنجو ساز!
    ڪير ڳائيندو اياز!
    يار صادق ڇو ڪيو تو
    هي سفر دور و دراز!
    ڪير ڳائيندو اياز!!
    هاڻ صادق فقير مٺيءَ جي مٽيءَ ۾ مٺي ننڊ سمهي چڪو آهي، جنهن کي هزارين ماڻهن طرفان زبردست خراج پيش ڪيو ويو. هن جي آخري رسمن ۾ عبدالواحد آريسر، عاجز ڌامراهه، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، امر سنڌو، گلشن لغاري، ڊاڪٽر نذير شيخ، ڊاڪٽر منوج ملاڻي، مظهر حسين، اياز گل، ادل سومرو، اسحاق سميجو، علي دوست عاجز، تاج جويو، دودو مهيري، نصير مرزا، ايوب کوسو، نفيس احمد ناشاد ۽ ٻيا ڪيترائي ساڃهه وند شريڪ ٿيا. سڀني جو چوڻ هو ته صادق فقير سنڌ جو نهايت ئي نرالو آواز هو، جنهن کي سنڌ ڪڏهن به وساري نه سگهندي. اڄ ڏينهن تائين سنڌ ۾ صادق جهِڙا تمام گهٽ فنڪار پيدا ٿيا آهن. هو اسان کان هڪ اهڙي حادثي ۾ وڇڙي ويو، جنهن ۾ اسان هن جي فوري طور تي مدد به ڪري نه سگهياسون. اهو به هڪ وڏو الميو هو ته سنڌ جو عوام ڪيترن ئي ڏينهن تائين صادق جي مڙهه پهچڻ جو انتظار ڪندو رهيو. دراصل! سرحدي قانون احساسن جا قاتل هوندا آهن، جن کي ڪوبه اندازو نه هوندو آهي ته جڏهن هڪ قوم جو ڪو ڪلاڪار يا فنڪار وڇڙي وڃي ٿو ته ان قوم جي مٿان ڇا گذري رهيو هوندو آهي ۽ جڏهن سامهون وري سعودي عرب جهڙو ملڪ هجي ته اهي سڀ ميارون ماٺ ٿي وڃن ٿيون، جتي موسيقيءَ جو ڪو تصور ئي ناهي ۽ جتي فنڪارن جو ڪو نالو نشان ئي موجود ناهي. اسان صادق جي وڇوڙي وارو گهاءُ ڪڏهن به وساري نه سگهنداسون. هو نه صرف هن ديس جو صالح فرزند هو، پر پنهنجي آواز جي صورت ۾ اهڙي عالمي نمائندگي پڻ هو، جيڪا شايد سئو سياستدان به ڪري نٿا سگهن.
    اسان کي پنهنجي فنڪارن جو قدر ڪرڻو پوندو. اهو فن ئي آهي، جيڪو اسان کي تهذيب جي بلندين تي پهچائي ٿو ۽ دنيا کي ٻڌائي ٿو ته اسان ڪهڙي قسم جي قوم آهيون. صادق جهڙا فنڪار قومن جي سڃاڻپ هوندا آهن ۽ اهي ئي قومن جو عالمي تعارف هوندا آهن. هي سنڌ جو اهو فنڪار هو، جيڪو ننڍن وڏن ۾ مقبول هو، پر خاص طور تي نوجوانن جي جذبن جي ترجماني ڪجهه اهڙي نموني ڪندو هو، جو سنڌ جا نوجوان هن جي آواز جا عاشق هئا. جڏهن يونيورسٽيءَ جي ڪنهن پروگرام ۾ صادق ڳائيندو هو ته ائين لڳندو هو ته ڄڻ سنڌ جي هزارين سالن جي تهذيب جهومي رهي آهي. صادق فقير صدين تائين اسان جي دلين ۾ زنده رهندو.


    صادق ’فقيرن‘ جي سڃاڻپ هو! فقير سليم

    مون کي اهو ياد ناهي ته کيس پهريون ڀيرو مون ڳائيندي ڪٿي ۽ ڪڏهن ٻڌو هو، پر اهو ياد آهي ته کيس جنوري 1992ع ۾ سهرن سان سينگاريل ڏٺو هئم. پهريون ڀيرو اسان جي شهر ۾ اسان جي برادريءَ جي ڪنهن گهوٽ جي ڄڃ ۾ ايڏي وڏي آتشبازي ٿي هئي. گاڏين جي اڻ کٽ قطار ۾ برادريءَ جي ڄاڃين کان سواءِ مختلف برادرين جا ڄاڃي شامل هئا ۽ هو نوجوان گهوٽ ميندي رتن هٿن ۾ رومال رکي ويٺل هيو. انهن ڏينهن ۾ منهنجي عمر صرف 8 سال هئي. اسان ٻارن سوڌو پٽڪا ۽ ٽوپي پهريل ڪيترا ئي مانڏهي(ڪنواريتا) هن ڄڃ جي انتظار ۾ هئا، جيڪا مٺي مان اسلام ڪوٽ اچي رهي هئي- ۽ جڏهن اها ڄڃ آئي، ته هن ڄڃ جي ڄاڃين جي خوشيءَ کي لفظن ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهجي. مون کي اهو به وقت ياد آهي، جڏهن اسان پنهنجي چاچي جي ڌيءُ کي صادق سان لانئون لهڻ بعد رخصت ڪرڻ وقت اوڇنگارون ڏئي رهيا هئاسين. ڪنهن ڌيءُ جي رخصتي وقت جتي والدين ۾ پنهنجي نياڻيءَ جو گهر وسائڻ بابت هڪ سپنو ساڀيان ماڻيندي خوشيءَ جي لهر هوندي آهي، اتي نياڻيءَ کي رخصت ڪرڻ واري گهڙي به هانءُ ڏارڻ کان گهٽ ناهي هوندي- ۽ اڄ وري وقت اسان کي ساڳئي هنڌ تي بيهاري ڇڏيو آهي. جنهن شخص جي ڄڃ جي آجيان لاءِ منتظر اسان اسلام ڪوٽ وارا هئاسين، اڄ انهي شخص جي مڙهه لاءِ منتظر سڄي سنڌ آهي. جنهن شخص کي سفيد جوڙي ۾ گهوٽ بڻيل ڏٺوسين، اڄ انهيءَ کي وري سفيد ڪفن ۾ ڏسڻ جو منحوس وقت اچي ويو. جنهن ڀيڻ کي پنهنجي ساهراڻي گهر اماڻڻ وقت خوشي ڀريا ڳوڙها وهائي ويٺا هئاسين، اڄ انهي ڀيڻ سان سندس ور جي وڇوڙي تي غم ۽ ڏک ۾ ماتم ڪري رهيا آهيون. پر ڇا ڪجي؟ قدرت جي انهيءَ فيصلي کي نه چاهيندي به قبول ڪرڻو ٿو پوي.
    صادق پنهنجي گهر واري سوڌو ٽنهي پٽن ۽ ڌيءُ کي عمرو ڪرائڻ لاءِ سعودي عرب ويو هو، ۽ پوءِ هميشه لاءِ اسان سڀني کان هليو ويو. هن دلربا شخص جي احترام ۾ اسان سندس سامهون ڪوشش ڪري نه ايندا هئاسين، پر اهوئي شخص هر محفل ۾ اسان جو حجاب ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو هو.
    صادق! تو ئي ته مون کي سڃاڻپ ڏني. ميڊيا سان منهنجو رشتو جڙڻ بعد جڏهن به منهنجي نالي اڳيان ’فقير‘ آيو ته مون کان جنهن به جڏهن به پڇيو ته اهوئي پڇيو ته"صادق فقير جو مائٽ آهين؟" مون کي جواب ۾ ها ڪندي فخر محسوس ٿيندو هو. توسان مائٽيءَ جو رشتو بلڪل بي معنيِٰ ٿو لڳي. ڇاڪاڻ جو رت جا رشتا ته ٽٽي به ويندا آهن. ماڻهو پنهنجن جو پاڻ ويري به ٿي ويندو آهي، پر توسان رشتو روح جو هو. اسان جيتوڻيڪ تنهنجا پنهنجا هئاسين ۽ تون اسان جو هئين، پر اڄ جنهن ڪيفيت ۾ سنڌ آهي، انهيءَ مان لڳي ٿو ته تون ته هر سنڌ واسيءَ جو هئين. تو ته سڄي سنڌ کي پنهنجو ڪري ڇڏيو هو. تو ته سنڌ لاءِ ئي جنم ورتو هو ۽ انهي سڄي سنڌ ۾ تنهنجو سوڳ ڇانيل آهي. ٿر جي مڱڻهار برادريءَ ۾ ٿي سگهي ٿو ته ڪو توکان وڌيڪ پئسن ۾ امير هجي، ڪو ڏات سر سنگيت ۾ امير هجي، پر تنهنجي اخلاق ۽ سخاوت جهڙو نه رڳو پنهنجي برادريءَ پر سنڌ ۾ شايد ئي ڪو سخي ۽ مومن ماڻهو هجي. توکي حيدرآباد سوڌو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ دوستن سان دوستي نڀائيندي، سندن دعوتن ۾ ڳائيندي ته ڏٺو هو، پر توکي ته برادريءَ جي ڇنن ۾ انهي ئي قرب ۽ چاهت سان شريڪ ٿيندي ڏٺوسين، جن جي شاديءَ جي دعوت به انتهائي سادگي سان ئي هوندي هئي. پنهنجي ئي برادريءَ جا وڏا ناليوارا فنڪار جتي بنا ايڪو سائونڊ جي ڳائڻ عيب سمجهندا هئا، تو انهن وٽ وڃي به بتيءَ جي روشنيءَ تي سڄي رات محفل مچائي هوندي.
    صادق! تون جڏهن پنهنجي امڙ کي حج ڪرائي واپس موٽي آيو هئين، ان ڏينهن کان اسان جي اندر ۾ به اتساهه پيدا ٿي ويو هو ته هڪ ڏينهن ضرور اسان به پنهنجي امڙ کي حج ڪرائينداسين. پنهنجي خاندان ۽ شايد برادريءَ جو پهريون شخص تون ئي ته هئين جنهن پنهنجي ماءُ کي انهي ڀلي پار وٺي وڃي، سندس آخري سفر جو رستو سونهري ڪيو هو ۽ حج ڪرائي آئين- پر انهي ماءُ کي اها خبر ئي نه هئي ته انهيءَ جي آخري سفر کان اڳ کيس اهڙو گهاءُ ڏيندين، جو هوءَ هميشه لاءِ زنده لاش بڻجي ويندي. تون ته عظميٰ ۽ راحت کي ڪڏهن پنهنجي ڀريل گهر ۾ به اڪيلو نه ڇڏيندو هئين. اڄ انهن کي پرديسي ڌرتيءَ تي يتيم ڪري وئين.
    صادق توکي خبر آهي ته پنهنجي برادريءَ جي ماڻهن جا ڪيترا مسئلا آهن. تون ته هميشه سڀني کي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندو هئين، پاڻ ۾ اختلاف ختم ڪرائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندو هئين. اسان جي هر دانهن تو تائين هوندي هئي. اڄ تون پاڻ سڀني کان منهن موڙي هليو وئين. اسين توکي ڪيئن پرچايون؟ تنهنجي انهي رُسي وڃڻ جي ڪنهن کي دانهن ڏيون؟ صادق! تون اسان جي سنڌ ۾ سڃاڻپ هئين. اڄ جڏهن فيس بوڪ تي جهامن مصراڻي پاران شيئر ڪيل تنهنجي آواز ۾ شيخ اياز جي شاعري "چڱو ڀٽائي آئون هلان ٿو" ٻڌون ٿا ته ائين لڳي ٿو، ڄڻ تون ته سنڌ کان اڳواٽ موڪلائي چڪو هئين. توکي خبر هئي ته هن ڌرتيءَ جا ماڻهو توسان بي پناهه محبت ڪن ٿا، انهيءَ ڪري اهي توکي بيوفا نه چون- ۽ تون ته وفادار هئين. انهيءَ ڪري تو ڀٽائيءَ کان موڪلائي ڇڏيو هو ۽ هميشه لاءِ هليو وئين، انهيءَ پار، جتان ڪو واپس ناهي آيو. تنهنجي سرد جسم کي مٽيءَ جي ڍير هيٺان دفنائڻ سماجي ۽ مذهبي روايت آهي، پر مون کي پڪ آهي ته تنهنجو آواز هميشه زنده رهندو. تنهنجي ڳايل گيتن سان ملندڙ اتساهه وري به هن قوم جي شعور جي بيداريءَ ۾ ڪردار ادا ڪندو رهندو. تو پنهنجي فن ۽ شخصيت ذريعي پنهنجي برادري، پنهنجي قوم ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جو ڳاٽ اوچو ڪيو آهي. صادق تون منهنجي سڃاڻپ هئين ۽ منهنجي سڃاڻپ رهندين.
    (روزاني سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد، 4 مارچ 2015)


    جنت سنديَن جُوءِ، فائق هليا فردوس ڏي! ؛ سُهيل صديقي

    جڏهن جهمپير ۾ منهنجي جواني موٽ کائيندي،
    کلي چوندينءَ کجيءَ کي تون، تکو تلوار وانگي هو...
    حسن درس جي لکيل هن گيت ۾ جان وجهندڙ اڄ اسان وچ ۾ نه آهي. يقينن اڄ نه فقط ٿر پر سنڌ ۽ سڄيءَ دنيا ۾ رهندڙ سنڌي صادق فقير جي ڪمهلي وفات تي غم زده آهن. اڄ اهي سڀ دوست جيڪي صادق فقير جي آواز ٻڌڻ لاءِ ڪٿان ڪٿان پنهنجو ڪم ڪار ۽ روزگار ڇڏي، ٿر پهچي صادق فقير سان محفلون ڪندا هئا ۽ چند گهڙيون پنهنجي زندگيءَ جون سڀ پريشانيون، ڏک ۽ تڪليفون وساري صادق جي آواز ۽ ڪچهرين ۾ رلجي ويندا هئا، تن جون دليون تڏي ۾ تبديل ٿي چڪيون آهن. اڄ موسيقيءَ جي دنيا ۾ منفرد سڃاڻپ رکندڙ فنڪار اسان ۾ موجود نه آهي- پر هو لکين آلين اکين سان گڏ ڪروڙين لبن تي پنهنجا گيت ڇڏي ويو آهي.
    آءُ رابيل مرجائجن ٿا پيا
    ڪا سڳنڌ آهي جنهن جي نه توبن سري
    هو پري آ، پري آ، پري آ، پري.....
    جڏهن ڪو قيمتي دوست زندگيءَ مان نڪري وڃي ٿو ته هن جي موجودگي ۽ غير موجودگيءَ جي قيمت جو احساس ٿيڻ لڳي ٿو ۽ هن سان گهاريل اهي سڀ لمحا اکين اڳيان گذرڻ لڳن ٿا ۽ وڏي اذيت ۾ مبتلا ڪن ٿا. صادق جي وڇوڙي جو ٻڌي منهنجي به اهڙي ئي ڪيفييت آهي. گهڙي پل ائين لڳي ٿو ته نه شايد صادق فقير موٽي ايندو، ۽ هن جو وڃڻ ڪوڙ ئي آهي. صادق فقير سنڌ جي راڳين مان هڪ بهترين راڳي هئو ۽ ساڻ ان جي هن جي شخصيت منفرد پڻ هئي.

    شايد اپريل جو مهينو هو ۽ مٺيءَ ۾ صبح جو ڏهين وڳين کان گرميءَ جي شدت کي محسوس ڪري پئي سگهياسين. مان سڄي رات ڪشمور مان سفر ڪري مٺي پهتو هئيس. سڄي رات سفر ۾ جاڳندي گذاري هئي، تنهن ڪري به مون کي اُس بيحد تپائي رهي هئي. اسين (مرتضيٰ بجير ۽ مان) ناڪي واري بجير ڪالونيءَ جي موڙ وٺ بيٺا هئاسين ته پري کان هڪڙو ماڻهو اسان طرف اچي رهيو هو. ڌيمي رفتار ۽ رعبدار هلڻي. جڏهن اسان کي ويجهو پهچڻ لڳو ته مرتضيٰ کي ڏسي هن هلڪو مسڪرايو ۽ اچي اسان وٽ پهتو. اسين پاڻ ۾ ملياسين. خوش خيرعافيت ٿي. مرتضيٰ منهنجو تعارف ڪرايو ته هي سهيل آهي، اسان جو دوست آهي ۽ هتي بدلي ٿي اٿس. اهو ٻڌي هن جي چهري تي ٻيهرمرڪ آئي، جيڪا مون کي ٿر جي وارياسين ڀٽن، تيز گرمي ۽ اُس ۾ ڀليڪار محسوس ٿي هئي. اسين گهڻي دير اتي ڪچهريءَ ۾ بيهي رهياسين ۽ هن جي ڪچهري اهڙي ته دل لڀائيندڙ هئي جو سڄي رات جو ٿڪ ۽ گرميءَ جي شدت جو احساس پڻ غائب ٿي ويو هئو. اها صادق فقير سان منهنجي پهرين ملاقات هئي. ان بعد مون ٽن سالن کان وڌيڪ عرصو مٺيءَ ۾ گذاريو ۽ صادق فقير سان تمام سٺي دوستي ٿي وئي. صادق فقير جي هڪ خاصيت اها هئي ته هو ڪنهن ماڻهوءَ سان جلدي رلي ملي ويندو هو ۽ کيس پنهنجي طرف ڇڪي وٺندو هئو. هر ماڻهو کيس پنهنجو دوست تصور ڪرڻ لڳندو هو. پهرين ئي ملاقات ۾ ڪچهري دوران مٺيءَ ۾ ڪرائي تي جڳهه وٺي ڏيڻ ۽ عامر لطيف صديقيءَ جي ماروٽ هجڻ جي ڳالهه نڪتي ته هن هڪدم پنهنجي هڪ خالي پيل گهر جي آڇ ڪري ڇڏي ۽ چيائين ته ڪو مسئلو نه آهي، جيستائين توهان کي جڳهه ملي، توهان هن کي پنهنجي جڳهه سمجهي رهو. ان بعد ٽن مهينن تائين مان ان جڳهه ۾ بنا ڪنهن ڪرائي جي رهيس. ان سموري عرصي ۾ جيترا به ڏينهن صادق فقير مٺيءَ ۾ هوندو هو، اسين ساڻس گڏ هوندا هئاسين ۽ رات دير تائين منهنجي رهائش واري هنڌ ڪچهري هلندي رهندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته ڪچهريءَ ۾ فجر به وڃي کڻدا هئاسين ۽ وقت ڪيئن گذري ويندو هئو، تنهن جو پتو ئي نه پوندو هئو. صادق فقير کي ٿر بابت تمام گهڻي ڄاڻ هوندي هئي. جيڪا مان وقتن بوقتن هن کان وٺندو رهندو هيس ۽ مٺيءَ جي پڙهيل لکيل حلقي ۾ پڻ اٿڻ ويهڻ هوندو هئس بلڪه ائين چوڻ مناسب ٿيندو ته مٺيءَ جي پڙهيل لکيل حلقي جو سرواڻ صادق فقير ئي هو. جڏهن ٿر وسندو هو ته سڄيءَ سنڌ مان دوست صادق وٺ اچي رهندا هئا ۽ صادق فقير سندن تمام گهڻي مهماني ڪندو هو.
    ڪچهريءَ کي هلائڻ جو ته ماهر هيو. ٿر واسين ۽ ٿر سان تمام گهڻي محبت هيس. اڪثر مون کي چوندو هئو ته يار سهيل اهڙو ڪو ٿر دنيا ۾ هوندو ڇا! ڏس ته ڪيڏي نه ساوڪ آهي... ڪير ٿو چئي ته هي ٿر آهي، هي ڀٽون آهن. جڏهن به ٿر ۾ وسڪارو ٿيندو هئو ته اسين ڪڏهن چيلهار، ڪڏهن ننگر ۽ ڪڏهن وري ڏيپلي ڏانهن نڪري پوندا هئاسين- ۽ سڄو سڄو ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن ترائي تي ويهي رهنداهئاسين يا وري ڪنهن وڏي ڀٽ تي ويهي ڪچهري ڪندا هئاسين. ڪڏهن سياستدانن تي ته ڪڏهن وري سنڌ جي مسئلن تي ڌنڌو ڪندڙن تي ڪاوڙ ڪڍندو رهندو هو، ۽ ڪڏهن وري گاڏيءَ ۾ ڪو راڳ ٻڌندي راڳ ۽ راڳڻين بابت ڄاڻ ڏيندو رهندو هو. هڪ دفعي اسين ننگر ۾ هئاسين. موسم بهترين هئي ۽ گاڏيءَ ۾ راحت فتح علي خان جو گانو "مين تينو سمجهاوان ڪي" گانو هلي رهيو هو. واپسي ۾ مٺي تائين فقط اهو ئي گانو ٻڌندارهياسين. صادق کي اهو گانو ايترو ته وڻيو هو جو وري وري هلائڻ لاءِ چوندو رهيو هو. محفلن جا عجيب عجيب قصا ٻڌائيندو هئو- ۽ وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندو هئو . صادق فقير ايترو ته خوش مزاج هئو جو اسين ڪڏهن هن سان گڏ رهي اداس نه ٿيندا هئاسين ۽ پهرن جا پهر وڏي جوش ۽ خوشيءَ ۾ ننڍڙن ٻارن جيان هن جون ڪچهريون ٻڌندا رهندا هئاسين.
    ٽن مهينن جي وڏي ڪوشش کان پوء ِمون کي منهنجي پسند مطابق جڳهه ملي ۽ مان وڃي اتي رهيس. مون سان گڏ لياقت ميراڻي، سليمان گرگيز ۽ واحد بخش جيڪو اسان جو بورچي ۽ پڪو پيپلو ۽ شاهه محمود قريشيءَ جو مريد هئو، سي ساڻ نارٿ ڪالوني ۾ گڏ رهنداهئاسين. اتي پڻ صادق، مان ۽ ڪجهه ٻيا دوست روز ملندا رهندا هئاسين. سائين صادق کي واحد بخش جي ٺهيل ماني تمام گهڻي وڻندي هئي. مان اڪثر سائين صادق کي هڪڙي ڪلام جي فرمائش ڪندو هئس ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته هو پاڻ ئي اهو ڪلام ڳائيندو هئو حالانڪه اهو ڪلام ڪنهن ٻئي راڳيءَ جي ڪري مشهور هئو- پر صادق اهو ڪلام ضرور ٻڌائيندو هئو. ڪڏهن ڪڏهن وري پشتو ٻوليءَ جو گانو مذاق طور جهونگاريندو هئو ۽ اسان طرف ڏسي کلندو هئو.
    صادق ڪڏهن به محفلن ۾ اچڻ لاءِ ڪنهن به قسم جي معاوضي جي ڳالهه ڪڏهن به نه ڪئي. هو انتهائي شفيق انسان هئو. تازوئي اسان ڪجهه دوستن حيدرآباد پريس ڪلب جي ڇت تي ڏکاريل ڏيهه جي ورلاپ نالي سان هڪ محفل ڪوٺائي هئي، جنهن ۾ صادق فقير کي عرض رکيوسين ته هو اچي ۽ ٿر کي ڳائي. منهنجي هڪ فون تي صادق فقير مٺيءَ کان حيدرآباد پهتو ۽ هڪ شاندار محفل ڪيائين. حيدرآباد جي ٿدڙين هوائن ۾ اسان صادق فقير جي آواز، آلاپن ۽ سرن ۾ ٿر جي درد کي محسوس ڪندا هئاسين. ان کان پوءِ صادق سان طئي ڪيوسين ته ٻي محفل مٺيءَ ۾ ڪنداسين، پر نه ڄاڻ ته صادق فقير جي حياتيءَ جي اسان سان اها آخري محفل هوندي. صادق ان محفل ۾ به اچانڪ اهو ڪلام ڳايو هو، "ڏور ٿيندا وڃن روز جوگيئڙا تون اڃا پيو جيئين هاءِ ڙي جيئڙا"- جيڪو ان ڀيري مون رڪارڊ به ڪرايو هو. اڄ به صادق جو آواز، آلاپ ۽ سُر منهنجي ڪنن ۾ قيد آهن. ڇا ته هن حَسن ۽ استاد کي ڳايو آهي. ڇا ته هن اياز جي شاعريءَ کي اسان تائين پهچايو آهي. سائينداد ساند هجي يا علي دوست عاجز، يا وري آڪاش ۽ سائين اسحاق، سڀني جي لفظن ۾ جان وڌائين. هن جي گائڪيءَ جو به سنڌ ۾ مثال نٿو ملي. هن پنهنجو هڪ منفرد انداز ٺاهيو هو. سڄي سنڌ توڙي دنيا ۾ رهندڙ هن جا مداح موجود آهن. هو نه هڪ عام انسان هو، نه ئي وري عام فنڪار هو.
    صادق فقير سٺي کائڻ ۽ سٺي پوشاڪ پائڻ جو به شوق رکندو هئو. مڇي تمام گهڻي وڻندي هئس. مٺيءَ ۾ ته جڏهن به مڇي ايندي هئي ته مڇي وارو همراهه سڏي ڪري صادق فقير کي مڇي ڏيندو هئو. نه ته محلفن تان مٺي واپس موٽندي صادق حيدرآباد يا وري بدين مان مڇي ضرور وٺندو هئو ۽ جنهن ڏينهن واپس اچڻو هوندو هوس ته دوستن کي فون ڪري گهر تريل مڇيءَ جي دعوت ڏيندو هئو. جڏهن مان مٺيءَ مان حيدرآباد آيس ته هو حيدرآباد ايندو هو ته مون سان ضرور ملاقات ڪندو هو ۽ اڪثر اسين مڇي کائڻ لاءَ فش پوائنٽ ويندا هئاسين. حيدرآباد ۾ هونئن ته هن جا لاتعداد دوست هئا، پر سڀني ۾ پرين پيارو دوست هيس سائين اسحاق سميجو . صادق فقير مٺيءَ مان نڪرندي حيدرآباد کان گذرندي سائين وٽ ضرورايندو هئو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ڏينهن جا ڏينهن سائين وٽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ٽيچرس هاسٽل تي ٽڪيل هوندو هئو. جتي پڻ اسين ملڻ ويندا هئاسين. منهنجي صادق سان تازين ملاقاتن مان هڪ ملاقات سائين اسحاق جي والد جي انتقال تي ٿي هئي. اسين ڄامشوري جي قبرستان ۾ سائين اسحاق جي والد جي تدفين مهل گڏ هياسين. اسين هڪ ننڍڙي کٻڙ جي ڇانوَ ۾ ويٺا هئاسين ۽ انسان جي حياتيءَ تي ڳالهائي رهيا هئاسين ته انسان جي زندگي به ڪيئن آهي. چيائين يار! اسين به هڪ ڏينهن ايئن هليا وينداسين. ان کان پوءِ صادق سان ملاقات ڪجهه هفتا اڳ ئي ٿي هئي، پر نه ڄاڻ ته صادق جهڙي دوست سان منهنجي اها آخري ملاقات هوندي .آخري ملاقات منهنجي آفيس ۾ ئي ٿي هئي ۽ منهنجي سامهون پيل ڪرسيءَ تي ويٺو هئو ۽ اڄ جڏهن صادق فقير هن فاني دنيا مان رخصت ٿي چڪو آهي ته مون کي اڄ به ايئن لڳي ٿو ته ان ڪرسيءَ تي ڄڻ صادق ويٺل هجي.
    صادق فقير منهنجيءَ نظر ۾ بهترين راڳي هئڻ سان گڏ هڪ مڪمل انسان هئو. هو دوستن، گهر، پنهنجي ڪم ڪار کي ورهائيندي، سڀني لاءِ وقت ڪڍندو هو. هو دوستن جي خوشين ۾ خوش ۽ دوستن جي غم ۾ غمخوار هئو. هو هڪ بهترين منصوبه بندي ڪندڙ انسان پڻ هيو. صادق فقير جي بي مهلي انتقال سان سنڌ هڪ بهترين راڳي ۽ سنڌ جا ماڻهو هڪ بهترين دوست کان جدا ٿي ويا آهن. هونئن ته هن پنهنجي حياتيءَ ۾ پنهنجي فن وسيلي تمام گهڻيون ڪاميابيون ڏٺيون ۽ بي پناهه مداح پيدا ڪيا، پر اڄ ڌڻيءَ در دعا آهي ته اسان جي دوست ۽ سنڌ جي هن ٻيجل کي پاڻ وٽ سڀ آسانيون عطا فرمائي-آمين.
    جنت سندين جُوءِ، فائق هليا فردوس ڏي!


    ڪلا جو ڪنول ؛ نظام سمون

    هُونءَ ته هن سُرن جي سفير سان انيڪ رسمي ملاقاتون هيون ۽ سندس آلاپ سان سڄي سنڌ جيئن منهنجي به پريت ۽ پنهنجائپ واري آشنائي هئي...! پر منهنجي سُڌ سماءَ جي دنيا ۾ خابروء جي ناتي پير پائڻ پڄاڻان، سندس ويجهڙائيءَ جو واس وٺڻ جو موقعو مونکي وڌيڪ ميسر ٿيو. هو راڳ جي رنگن جو انڊلٺ جهڙو ماڻهو صادق فقير جنهن سان منهنجو مکُاميل مهراڻ ٽي. وي جي پروگرام لاءِ کانئس وقت وٺڻ لاءِ وڃڻ مهل ٿيو. مون پنهنجي سڃاڻپ ڪرائڻ کان پوءِ کيس سندس مصروف گهڙين مان ڪي ساعتون مهراڻ ٽي.وي جي نانءُ ڪرڻ لاءِ عرض ڪيو ته ٿر جي سڀاءُ جهڙو ٿڌو ٽهڪ ڏيئي، وراڻيائين، ها بلڪل هلبو ... بهرحال اُها منهنجي ساڻس پهرين رهاڻ هئي.
    20 مارچ 1964 تي فقير فيض محمد تپيدار جي گهر اک کوليندڙ هي ڄارين جي ديس جو ڄاول راڳي ڪنهن ٿي ڄاتو ته هڪڙي ڏينهن پنهنجي سريلي صدا سان سڄي سنڌ کي آلاپ جو اسير ڪري ڇڏيندو.... صادق جي آلاپ جي سگهه جو اعتراف سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز ڏاڍي وڻندڙ انداز ۾ ڪيو ته "منهنجي شاعريءَ کي جنهن آواز جي تلاش هئي، سو ملي ويو آهي." ڳالهه اها ناهي ته هو سريلو گائڪ هو، پر عام زندگيءَ ۾ به هو هڪ املهه انسان هو. هُن سرن جي سخاوت ڪڏهن به ڌن جي دارُون پيئڻ لاءِ نه ڪئي. هُن ڪڏهن به ڳائڻ کي ڳراٽي پائي پنهنجي انساني خوبين جو خاتمو ٿيڻ نه ڏنو. هن ڪڏهن به پنهنجي مقبوليت جو معمو ماڻهن کان سلجهائڻ جا جتن نه ڪيا. هوُ سدائين صوفياڻين راهن تي رمندو رهيو. هُن لاءِ مسجد، مندر، ڪليسا جو تقدس ساڳيو رهيو. هُن ڪڏهن به پنهنجو قد وڏي ڪلاڪار جي ڏور سان نه ماپيو هو. هو هميشه ماڻهپي جي مالها سوريندو رهيو ۽ مُرڪن جا موتي ورهائيندو رهيو.
    صادق فقير جي صدا سانوڻ جا ساٺ به هئي ته آرهڙ رُت ۾ صحراءِ ٿر جي تتل واريءَ جو تصور به. هُن جي آلاپ ۾ مهراڻ جي موجن جي مستي به هئي ته سُڪل سنڌوءَ جي سائي وجود جي پيڙاءَ جي پڪار به. صادق فقير جا سُر سانجهه جي سانت ۾ جڏهن ٻُرندا هئا ته گڊي ڀٽ جي گود ۾ سُتل مٺيءَ جو شهر اکيون مهٽي اُٿي پوندو هو ۽ حيدرآباد جي هوائن ۾ سندس آلاپ جو عطر هاربو هو ته سماعتن جون ڪيئي وستيون واسجي وينديون هيون. ڄامشوري جي پٿريلي ڀونءِ تي سندس صدا جي سرهاڻ جي جڏهن اوت ٿيندي هئي ته يونيورسٽيءَ جا صحن ساجهر تائين سُرها هوندا هئا. رُڳو ايئن به ناهي ته ڪو صادق جي صدا صرف سنڌ جي ئي اڱڻ تي آلاپ جي عطر جي اوت ڪئي، پر هُن پرڏيهه ۾ به پنهنجي سريلي صدا جو وکر ورهايو ۽ اتي جي ماڻهن سنڌي ٻوليءَ جي هن سريلي راڳيءَ کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون. هن سنڌي ٻوليءَ جي صدا جتي جو به سفر ڪيو، سندس مٺاس جي مڌ چکڻ کان ڪنهن به منهن نه موڙيو ......!
    سچ پچ ته صادق جي آلاپ کي هڪڙي الڳ حسناڪي ۽ سندس صدا ۾ هڪڙو الڳ سُرور هو، جنهن کي ڪنائڻ سان اڪيلي ڪونج جي ڪُرلائڻ جي درد ڪٿا جو دل ڏاريندڙ ڏک به هو ته باک ڦٽيءَ جو ڪارونجهر تي ملهاري مند ۾ ڪنهن مور جي مستي ڪيل ٽهوڪن جي ٽڻ ڦُڻ به! حقيقت ۾ صادق فقير ڪلا جو اهو ڪنول هو، جنهن جي ڪيريئر تي ڪڏهن به زوال جي پن ڇڻ پنهنجا پليت پير نه پاتا. بحيثيت انسان ۽ گائڪ جي، هو سڄي سنڌ لاءِ مرڻ گهڙيءَ تائين محبوب رهيو. سندس دوستيءَ جي دعويٰ ڪرڻ وارن جو دائرو ايترو ته وسيع آهي جو هر ڪو پيو هام هڻي. سچ به اهو ئي آهي ته هو واقعي دوستيون ڪرڻ لاٰءِ جنميو هو. دشمنيءَ جي سُتيءَ جي سُرڪ هن ڪڏهن به نه ڀري هئي.
    صادق فقير جي اوچتي موت تي سُرن جي سنسار ۾ جيڪو خال پيدا ٿيوآهي ۽ رتن مالهيءَ جي هوٽل جي کٽن تي قربائيتن ڪچهرين جو جيڪو قحط پيدا ٿيو آهي، ان سُرن جي سُڪار ٿيڻ ۽ محفلن جا مينهن وسڻ کي شايد مدتون لڳن. صادق جڏهن ڀلي پار ڏانهن اُسهڻ کان اڳ سڀني دوستن ۽ مائٽن کان مُرڪي موڪلايو هو، تڏهن اهو ڪنهن نه ڄاتو هو ته هي مرڪندڙ ماڻهو ايئن زندگيءَ جو ميلو متل ڇڏي هليو ويندو ۽ سنڌ ۽ سنڌي گائڪيءَ کي نه سهي سگهڻ جهڙو صدمو ڏئي ويندو- پر هي به هڪ اهم سچائي آهي ته صادق سنڌي موسيقيءَ جي صاف سٿري ۽ صوفياڻي رنگ کي روح سان آلاپ جو عطر مکيو ته سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن به کيس نه فقط جيئري، پر مرڻ پڄاڻان به مانائتي موٽ ڏني . صادق جو مڙهه جڏهن ڪراچيءَ کان مٺيءَ ڏانهن آندو پئي ويو ته سڄي سنڌ اُڀين پيرين بيهي، سندس عظمت جو اقرار ڪيو ۽ آلين اکين سان سندس اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ جي هنج ۾ سُمهاريو. مٺيءَ جي ماڻهن هوليءَ جا رنگ هاري ڇڏيا- سندس آخري سفر ۾ ايترا ته ڪلهي ڪانڌي هئا جو ميرپورخاص ڊويزن ۾ اڳ اهڙو مثال نٿو ملي.
    صادق جي ننڍي فرزند راحت عليءَ جي آلاپ ۾ به صحراءِ ٿر جي پُراسراريت ۽ مور جي ٽهوڪي جهڙو مٺاس آهي. مون سميت سڄي سنڌ جي دعا ۽ آس آهي ته راحت علي صادق جيئن موسيقيءَ جي تصوير ۾ نوان رنگ ڀري. جيڪڏهن هو سندس والد جي ڇڏيل ڪلا جي کيٽ کي مٺيءَ جي آلاپ جو جَر پياريندو رهندو ته انشاءَالله راحت عليءَ جي صدا سان به سنڌ جا صوفياڻا رنگ نکرندا نظر ايندا...!


    جڏهن اُڦٽ مَران ته پوءِ ٻه چار لڙڪ هارجو... اياز بجير

    فقير سان منهنجون ملاقاتون اسان جي مرحوم سؤٽ نياز دل سان گڏجي ٿيون هيون. ان جي اوچتي موت کان پوءِ جلد ئي فقير سائين سان حيدرآباد ۾ ڊسمبر 1997 ۾ ملاقات ٿي. فقير سائين ۾ مونکي مرحوم نياز دل نظر آيو، ۽ ايئن پنهنجائپ جي تند جڙي. انهيءَ ملاقات کان پوءِ فقير سائين سان حيدرآباد ۾ ملاقاتن جو هڪ سلسلو شروع ٿيو، ۽ پوءِ سنڌ جي هر ڪُنڊ ڪُڙڇ فقير سائين جي ساٿ ۾، گڏجي گهمڻ نصيب ٿي.
    فقير سائين ۾ مونکي هڪ شفيق پيءُ، هڪ پيار ڪندڙ وڏو ڀاءُ، هڪ رازدار دوست، هڪ خوبصورت محبوب ۽ هڪ انتهائي پيارو عاشق نظر ايندو هو. هو انتهائي خوش مزاج شخص هو ۽ هر وقت ٽهڪن سان ڀرپور نظر ايندو هو. ڪڏهن به ڪاوڙ، ڏک، تڪليف يا پريشاني پل لاءِ به هن جي چهري تي نه ڏٺي. جيڪڏهن ڪا غلطي ٿيندي هئي ته بجاءِ ڪجھه چوڻ جي، مزاح واري انداز ۾ سمجھائي ۽ ٽاري ڇڏيندو هو. اها به هن جي خاص ادا هئي، جنهن جو تجربو هن سان ويجهي رهندڙ هر شخص کي آهي. آئون جڏهن به پريشان ٿيندو هئس ۽ فقير سائين سان شيئر ڪندو هئس، ته پنهنجو ڳايل ڪونه ڪو گيت جھونگاري ٻڌائيندو هو، ۽ چوندو هو ته اچ هلون ٿا ٻاهر ڪٿي. اِئين مونکان سڀ پريشانيون وسري وينديون هيون. هن جو اهو ٻاجهارو ۽ پنهنجائپ ڀريو رويو ئي وڏو آٿت هو.
    اُس ني جلتي هوئي پيشاني په جب هاٿ رکها،
    روح تڪ آگئي تاثير مسيحائي ڪي.
    فقير سائين هميشه دوستن جي ڀلائي چاهيندو ۽ سندن لاءِ جاکوڙيندو رهيو. هر دوست لاءِ سوچيندو رهندو هو. فقير سائين جي اندر ۾ ٻين جي لاءِ پيار، محبت ۽ انسانيت جو جذبو هوندو هو. جڏهن ٿر مان ڏڪار وارين حالتن ۾ لڏپلاڻ ٿيندي هئي ته فقير سائين مامي وشني ۽ پياري شواڻيءَ سان گڏجي، انهن ماروئڙن لاءِ ڪئمپون لڳرائيندو هو ۽ خود ديڳن تي ويهي، وڌي ماني کارائيندو هو. ڪٿي به موقعو ملندو هو ته ڪوشش ڪندو هو ته ڪنهن نه ڪنهن جي مدد ڪجي. فقير سائين مونکي سُهڻا سائين ۽ محبوب سائين ڪري پڪاريندو هو، ۽ ان سڏڻ ۾ جيڪا پنهنجائپ جي خوشبو هئي، تنهن جو ڪو مٽ نه آهي.
    اسان تقريباََ هڪ ٻئي سان رابطي ۾ هوندا هئاسين. سعودي وڃڻ کان ٻه ڏينهن پهرين رات جو فون ڪري پڇيائين ته ڪٿي آهين. چيم ته ڳوٺ آهيان. چيائين، توکي خبر آهي ته عمري تي وڃان ٿو. توسان ملاقات ناهي ٿي. چيم، صبح جو اچي ويندس حيدرآباد. چيائين ٺيڪ آهي، آئون ترسي ٿو پوان. ائين ٻئي ڏينهن تي 5 ڪلاڪ ويٺو رهيو. ايڪسيڊنٽ کان ڪجھه وقت اڳ به اسان جي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. پنهنجي مخصوص دل لڀائيندڙ انداز ۾ ٽهڪ ڏيئي ڳالهائيندو رهيو- ڪجھه ئي ڪلاڪن کان پوءِ نزاڪت فون ڪئي ته چاچا اسان جو ايڪسيڊنٽ ٿيو آهي ۽ بابا جي ڊيٿ ٿي وئي آهي. مون زندگيءَ ۾ اهڙي ڪنهن اطلاع جي ان نموني ملڻ جو تصور به نه ڪيو هو. مون کي ڪابه ڳالهه سمجھه ۾ نه آئي هئي. مون عبدالله جان کي فون ڪئي، ۽ الائي ڪيئن هن کي نزاڪت جي ڪيل فون جي خبر ٻڌائي سگهيس. مون هن کي چيو ته مونکي ڪجھه به سمجھه ۾ نه ٿو اچي، توهان ڳالهايوس- مون کيس اهو به ٻڌايو ته عبدالرحمن( عبدالله جو ڀاءُ ، جيڪو سعودي ۾ ئي رهي ٿو، سو) فون نه پيو کڻي. ان ڪري گھر جي نمبر تي ڪال ڪري کيس هڪدم نزاڪت وارن ڏانهن موڪليو. بس پوءِ ڪجھه ئي دير ۾ خبر ڪنفرم ٿي ويئي. اهو وقت شايد 3:45 منٽن جو هو، جيڪا ڳالهه اسان ڪافي دير کان پوءِ ظاهر ڪئي.
    ان خبر ملڻ بعد مون لاءِ حيدرآباد سوڙهي ٿي وئي.آئون مٺيءَ لاءِ نڪري پيس. بس پوءِ مونکي ايئن لڳو ته ڄڻ آئون هڪ دفعو ٻيهر يتيم ٿي ويو آهيان. گھر پهتس ته سڀ گھر جا ڀاتي بنا ماني کائڻ جي منهنجي انتظار ۾ ويٺا هئا ۽ منهنجي گهر ۾ گهڙندي ئي سڀ مونکي چنبڙي روئڻ شروع ٿي ويا، جنهن تي سڀ پاڙي وارا گڏ ٿي ويا. جتي ڪٿي اها ئي حالت ڏٺم، جيڪا مون سان هئي.
    پوءِ وري فقير سائين جي مڙهه جي وطن واپسيءَ لاءِ ڪوششن جو سلسلو شروع ٿيو. فقير سائين جي مڙهه اچڻ ۾ جيتري دير ٿيندي وئي، اوتري پيڙا وڌندي ويئي. اسان سان گڏ سڄي سنڌ اکيون راهن ۾ وڇائي، لڙڪ ڀيٽا ڪندي رهي.
    نيٺ 5 مارچ 2015ع تي صبح جو صادق جو پيارو پٽ نزاڪت مڙهه سان گڏ ڪراچي ايئرپورٽ تي لٿو، جتي اسين اڳ ۾ ئي رات جو دير سان پهتل هئاسين. جڏهن ايئرپورٽ تان نڪتاسين ته سنڌ جي هر شهر ۾ فقير سائين جا چاهيندڙ گلن سان گڏ لڙڪ ڀيٽا ڪندا رهيا. بدين کان پوءِ ايمبولينس ۾ ويهڻ جو موقعو مليو، جيڪو فقير سائين جو آخري سفر هو. سڀني شهرن ۾ فقير سائين سان ماڻهن جي محبت جا مثالي نمونا نظر آيا. اها محبت خليل، رفيق ۽ مون کي بي انتها اوڇانگارن تي مجبور ڪندي رهي- ۽ دل ئي دل ۾ فقير سائين کي سندس مخصوص روايتي ٽهڪن لاءِ منٿون ڪندو رهيس، ته ڪاش! هڪ ٽهڪ ئي ٻڌائي سگھي- پر فقير سائين سان گڏ هن جا ٽهڪ به اسان کان ناراض ٿي ويا هئا. مصري شاهه جي لڪ کان لنگھندي، فقير سائين جا ڳايل ٻول ياد اچي ويا.
    هي چوڪ گھر گھٽيون اسانجا هاڻي ڪٿ رهيا....
    بس پوءِ جيڪو ماڻهن جو سمنڊ هو، ان جو بيان ڪن به لفظن جو محتاج ناهي. هن جي تدفين جي اخري گهڙين تائين اسان جيڪي منظر ڏٺا، سي ڪن ڀاڳوندن جي ئي نصيب ۾ ايندا آهن.
    فقير سائين بي انتها محبت ڪندڙ انسان هو. سندس ڪنهن سان ڪا ڪاوڙ نه هئي. صرف پيار ۽ پنهنجائپ هئي. هو محبتن، ٽهڪن ۽ خوشين جو سفير هو. هو انسان جي شڪل ۾ هڪ فرشتي جو روپ هو.
    بس- ساري رُت مَن توکي ساري، توکي ئي ڳولهي.....!!


    کن ترسين ها، تون ۽ مان ٻئي هڪڙو سهڻو ڳوٺ اڏيون ها! مراد فقير

    صادق فقير سان 1987ع کان وٺي منهنجو لئي ۽ سُر جو ائين ئي رشتو جڙيل هو، جيئن پاڻيءَ سان مڇيءَ جو رشتو هوندو آهي. هن محبوب راڳيءَ جو 28 سال مون مٿان شفقت جو هٿ رهيو ۽ هن جي محبت ۾ مون گهڻو ڪجهه پرايو. هي منهنجو رهنما هو، جنهن مون کي ادب احترام، اٿڻ ويهڻ سيکاريو. هن جي وڇوڙي سڄيءَ سنڌ کي جهوري وڌو آهي، پر اسان جنهن درد مان گذري رهيا آهيون، ان جو اسان کي ئي اندازو آهي. اسان کان هو جسماني جدا ٿي ويو آهي، پر روح ۾ رکيل آهي. هن جو خال صدين تائين نه ڀرجڻ جوڳو آهي. هن جي حادثاتي موت سبب نه رڳو سنڌي موسيقيءَ جو تمام وڏو نقصان ٿيو آهي، پر ٻولي، ادب ۽ تخليق جو به نقصان ٿيو آهي. هن جي وڃڻ سان تخليقي ۽ سٺي شاعريءَ کي فقط شاعريءَ جي پنهنجي معيار ڪري ڳائڻ واري رواج کي وڏو ڌڪ لڳو آهي. سٺي سليڪشن جي حوالي سان سنڌي فنڪارن ۾ ڪوبه هن جو ثاني نه آهي.
    صادق فقير انهي وڻ مثال هو، جنهن جو جيترو ميوو مٺو، ايتري ئي ڇانوَ گهاٽي هئي. هو هڪ مڪمل انسان هو. صادق سان گڏ زندگيءَ جا 28 سال سنگيت ۾ ساٿ نڀائڻ تي مون کي فخر آهي، ته مون انهيءَ فنڪار سان ڍولڪ وڄائي، جنهن جي آواز ۾ هڪ عجيب درد ۽ سوز هيو، جنهن کي هر وقت ٻڌڻ ۾ مزو ايندو هو. صادق فقير جو پسنديده راڳ ڀيروي هيو، جيڪو تمام مٺو سُر آهي ۽ صادق جي آواز ۾ ڀيروي جي مٺاس وڌي ويندي هئي. انهيءَ سدا بهار راڳ کي پسند ڪندڙ صادق به سدا بهار راڳي هو. هو نه رڳو راڳي هو، پر فراخ دل، هڏ ڏوکي ۽ مهمان نواز شخص هو. کيس ڪوڙ تي ڪاوڙ ايندي هئي، جنهن جو اظهار به هو مٺاس واري انداز ۾ ڪندو هو. مون صادق فقير سان گڏ پاڪستان جي هر شهر ۾ فن جو مظاهرو ڪيو. ساڻس گڏ وڃڻ دوران پتو پوندو هو ته هر شهر ۾ هن جا ايترا دوست هوندا هئا، جو اهو شهر صادق جو ئي لڳندو هو. صادق 1987ع ۾ ان وقت ڳائڻ شروع ڪيو، جڏهن ڪيسٽ ڪلچر جو عروج هو. ان وقت صادق رسڪ کڻي، هڪ اهڙي منفرد شاعريءَ جي سليڪشن ڪئي، جنهن سان سندس منفرد راڳي طور سڃاڻپ پيدا ٿي. صادق کي سندس مامي حسين فقير هارمونيم وڄائڻ سيکاريو. انهيءَ سان گڏ ڌنون ڪمپوز ڪرڻ جي به سکيا هن پنهنجي مامي کان ئي ورتي هئي. هن باقائدي رڳو استاد حسين کان ئي ٿورو گهڻو پرايو ۽ ان کان علاوه ڪنهن کان به نه سکيو- الله تعاليٰ هن تي مهربان هو. هن جي ڳائڻ ۾ ته ايڏو اثر هوندو هو، جو دل ۽ دماغ سرشار ٿي ويندا هئا. هن جي گائڪيءَ ۾ ٺهراءُ هوندو هو.
    الله سائين هن کي اهڙو درد ڀريو آواز ڏنو هو، جنهن ۾ ڪوئل جي ڪوڪ، مور جا ٽهوڪا، ۽ ٻاٻيهي جي ٻولي سمايل هئي. هي عطاوندي خدا آهي ۽ سُر الله سائين جي دين آهي. سُريلا اهي هوندا آهن جيڪي سِر ڏيئي سُر سکندا آهن. منهنجو ساڻس سنگيت جو ساٿ انهن ڏينهن کان شروع ٿيو، جڏهن کان صادق باقاعده طور گائڪيءَ جي دنيا ۾ پير پاتو هو ۽ اڄ 2015ع ۾ اهو ساٿ ٽٽي پيو آهي.
    صادق اهڙو راڳي هيو، جنهن ڪيسٽ ڪلچر جي ابتڙ وڏو رسڪ کنيو. هن شيخ اياز، اياز گل، ادل سومرو، حسن درس، شمشيرالحيدري، استاد بخاري، اسحاق سميجو، خليل ڪنڀار ۽ لطيف ۽ ڪبير کي ڳايو. فنڪار چوندا هئا ته اهڙا ڪلام ڳائيندين ته فنڪار ڪڏهن نه ٿيندين، پر هي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي چوندو هو: مون کي فنڪار ٿيڻو ناهي، مون کي صرف صادق ٿيڻو آهي. هن پنهنجي گيتن سان، سنڌ سڄيءَ کي بيدار ڪيو. هن سنڌ جي سپوت پٽ، سنڌي قوم کي شعور ڏيندڙ گيت ڏنا. "هي سين نه ڏيندي جيئن اُٿي ڏس ڪوئي آيو آ پيارا" سميت هن سنڌ کي اهڙا اهڙا گيت ڏنا، جن جي ڪري هو فنڪارن جي صف ۾ مٿانهين مقام تي بيٺل رهيو. هن جون ڳايل ڌنون اسان پاڻ ۾ گڏجي ويهي ڪمپوز ڪندا هئاسين.
    صادق فقير اهڙو فنڪار هوندو هو، جنهن فنڪاراڻا رويا ڪڏهن به نه اپنايا. هو بي لوث ۽ بنا لالچ جي هڪ سٺو انسان هو. فنڪار فنڪارن جو ورلي خيال ڪندا آهن، پر هو اهڙو انسان هو جيڪو ٻين فنڪارن جو به وڌ ۾ وڌ خيال ڪندو هو، ۽ انهن کي زوريءَ ڳارائيندو هو. ڪي اهڙا به فنڪار آهن جن کي هو پنهنجي پئسن منجهان به ڏيندو هو. هن ڪڏهن به اهڙي لالچ نه ڪئي ته محفل ۾ آئون ڳايان، يا رڳو مون کي ملي. اهو هن مُور نه سوچيو.
    هن دور جا جيڪي به همعصر فنڪار آهن، انهن مان اڪثر سي ڊيون هلرائي، پنهنجي نالي جي انٽري ڪرائي، شهيدن ۾ نالو لکرائيندا آهن. هي اهو آرٽسٽ هوندو هو. جيڪو ڏهه ٻارنهن ڪلاڪ لڳاتار ڳائي سگهندو هو. صادق فقير جي ڳائڻ ۾ روح کي راحت ملندي هئي. ڪجهه فنڪار اهڙا آهن جيڪي پيٽ جي غذا پوري ڪرڻ لاءِ ڳائيندا آهن، راڳ صادق جي دل جي غذا هو.
    هو تمام ماٺيڻي طبيعت جو مالڪ هوندو هو. سخي دل انسان ۽ مهمان نواز هوندو هو. هو ڪڏهن به دوستن کان سواءِ اڪيلو ماني نه کائيندو هو.
    موت پوي ئي موت، تون اڻ مندائتو آئيين!
    صادق فقير جي اهڙي شخصيت هوندي هئي جيڪو رنگ، نسل، متڀيد، اوچ، نيچ کان هٽي ڪري انسان ذات کي ترجيح ڏيندو هو ۽ انسان ذات جي خدمت ڪندو هو. ڪنهن به ستسنگ يا مندر ۾ ويندو هو ته ڪبير، ميران، حافظ محمد نظاماڻي، شاهه سائين جا ڪلام ۽ ڀڄن ڳائي ماڻهن جون دليون موهي ڇڏيندو هو. ڇو ته اهو هن جو نظريو هوندو هو ته:
    ڪو آ رحمان جي پاسي، ڪو آ ڀڳوان جي پاسي
    آئون سجدو انهيءَ کي ڏيان، جيڪو انسان جي پاسي.
    انهيءَ جي ڪري ئي هن ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪيو. جهڙي نيت جو انسان آهي، ان کي اهڙو ئي مالڪ ڦل ڏئي ٿو. صادق فقير جيڪو به هو، پنهنجي هر عمل ۾ وڏو هوندو هو. هي ڀڳت ڪبير جي راهه تي هلڻ وارو لطيف سائين جو پيروڪار هو.
    ڪبير جو هيٺيون گيت سندس پسند جو هوندو هو:
    "نه جاني تيرا صاحب کيسا هي"!

    هو ويو هليو، پر جيئڻ ۽ مرڻ جو اسان کي ڍنگ سيکاري ويو.
    کبيرا جب هم پيدا هوئي، جگ هنسا هم روئي،
    ايسي کرني کر چلو که هم هنسي جگ روئي.
    مون هن سان گڏ پوري ملڪ ۾ فنڪشن توڙي ٻيون دعوتون اٽينڊ ڪيون. ميلو هجي يا شادي، اسان هميشه گڏ وياسين. اڪثر هي سفر ۾ کلڻو ۽ ٽهڪ ڏيڻو ماڻهو هوندو هو.
    جوڀن ڀهريان ڏينهڙا، ڦڳڻ ۾ جيئن ڦل،
    مور نه تنهن جي تل، سارا ڏينهن ڄمار جا.
    منهنجي زندگيءَ جا سٺا ڏينهن اهي ئي هئا. هاڻ صرف هن جو آواز سماعتن تائين ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.
    (مراد فقير صادق فقير جو ڍولڪ نواز رهيو
    ۽ ان سان زندگيءَ جو وڏو عرصو گڏ گذاريو.)


    صادق فقير جو آخري سفر ؛ الهه بچايو جمالي

    سنڌ جي اربيلي راڳي صادق فقير جنهن جي 26 فيبروري تي سعودي ۾ ٿيل موت سڄي سنڌ ۾ ماتم برپا ڪري ڇڏيو هو، تنهن جو سرد لاش پيچيده قانوني لکپڙهه سبب ستن ڏينهن تائين سعودي عرب جي سرد خاني ۾ رهڻ بعد سنڌي عوام جي پڪار تي جڏهن ڪراچي ايئرپورٽ تي باک ڦٽي ويل پهتو، ته اتان سندس ميت ڪراچي کان وايا ٺٽو، سجاول ۽ بدين کان ونگي پتڻ وٽان ٿيندو مٺي شهر تائين ان حيرتناڪ تاريخي سفر ڪيو. گس ۾ پنهنجي محبوب فنڪار کي سندس مداحن پنهنجي اکين جا نير وهائي، گلن جي ورکا ڪري جذباتي ڀيٽا پيش ڪئي. صادق فقير جي سرد لاش جو اهو قافلو جنهن ڪراچيءَ کان مٺي شهر تائين روڊ رستي اٽڪل 400 ڪلوميٽرن جو طويل سفر ڪيو، اهو قافلو بدين شهرکان پوءِ ضلعي جي هڪ ويران شهر نندو ۾ جڏهن پهتو، تڏهن سڄو شهر اداس هو. صبح ويل هن ننڍڙي شهر تي موت جهڙي خاموشي ڇانيل هئي ۽ شهر جي وچ بازار مان گذرندڙ روڊ جي ٻنهي طرفن کان سوين معصوم فرشته صفت اسڪولي شاگرد ڊريسون پائي بيٺل هئا، جن ٻالڪن جا پڻ نيڻ ڀنل هئا. انهن پهرين پنهنجي پتڪڙن هٿن سان قومي راڳي صادق فقير کي سلامي پيش ڪئي ۽ بعد ۾ مڙهه کڻي ايندڙ گاڏيءَ تي گلن جي ورکا ڪئي. عظيم درياهه پُراڻ تي آباد برباد ٿي ويل قديم شهر ونگار بازار ۽ موجوده ونگو پتڻ جيڪو بدين ۽ ٿرپارڪر ضلعي جي حد آهي، اتان اهو قافلو جڏهن ٿر جي اڃايل ڀٽن ڏانهن وڌڻ لڳو، تڏهن قافلي ۾ گاڏين جو تعداد پڻ وڌندو ويو- ۽ ٿري ماروئڙن کي پڻ پڪ ٿي وئي ته سندن پياري راڳيءَ جو مڙهه واپس مارئيءَ جي ملڪ ملير تائين پهچي ويو. وقت ۽ حالتن جي ڪيڏي نه بي رحمي آهي جو صادق فقير جنهن کي سندس وڏي انگ ۾ چاهيندڙن سنڌ جو ٻيجل، سنڌ جو ٻاٻيهو جهڙن نالن سان نوازيو ۽ ان جو جنازو ٺيڪ ان ڏينهن 5 مارچ تي مارئيءَ جي ملير ۾ پهچي ٿو، جڏهن هندو ڌرم جي عيد واري تهوار هوليءَ جون رسمون ملهائجي رهيون آهن. ان هوليءَ جي عيد واري ڏينهن تي ٿر جي ٻاٻيهي جو مڙهه جڏهن مٺي شهر ۾ پهچي ٿو، تڏهن اتي ماحول سوڳوار ٿي وڃي ٿو.
    ڪڍڻ شهر واسي سڄاڻ نوجوان ڊاڪٽر علم الدين انصاري جنهن جا مٺڙي راڳي صادق فقير سان ڄڻ ته نينهن جا ناتا هئا، سو بدين شهر کان مٺيءَ تائين ان اداس قافلي سان گڏ هو، ۽ هن اهي دردناڪ جذباتي منظر پنهنجي اکين سان ڏٺا. هن ٻڌايو ته محبوب راڳيءَ جي مڙهه مٺي شهر ۾ پهچڻ ۽ ان کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪرڻ تائين اهڙو حقيقي درد، فراق ۽ محبت سان سرشار ڏکارو منظر ۽ ڪنهن جنازي ۾ هر طبقي جي هزارين ماڻهن جو اهڙو اجتماع هن ان کان اڳ ڪڏهن به نه ڏٺو هو. هن ٻڌايو ته جتي گلشن لغاري، امر سنڌو، ديبا سحر لڙڪ لاڙيندي نظر آيون، اتي گهونگهٽ واريون مظلوم ٿاريليون ۽ ٿري ماروئڙا پڻ اوڇنگارون ڏئي زار و قطار روئي رهيا هئا. هن چيو ته سوڳوار ماڻهن جي ان آخري رسمن واري ميڙ ۾ مون کي اهو محسوس ٿيو ته ان ۾ مسلمان سنڌين کان هندو ڌرم سان لاڳاپيل سنڌي وڌيڪ هئا، جن ۾ وڏو انگ عورتن جو هو.
    5 مارچ تي مٺي شهر سميت ڪيترن ئي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ هولي جي عيد جون خوشيون نه ملهايون ويون. مٺي، ڏيپلو، اسلام ڪوٽ ۽ ننگرپارڪر وغيره جهڙا ٿرپارڪر جا شهر جيڪي 26 فيبروري کان ٽن ڏينهن تائين بند هئا، اهي شهر صادق فقير جو مڙهه ملير ۾ پهچڻ واري ڏينهن پڻ سوڳ ۾ بند هئا. هزارين ماڻهن جا ميڙ هجڻ ڪري ڪيترائي مداح پنهنجي عظيم راڳيءَ جو آخري ديدار ڪري نه سگهيا. ان ڏس ۾ ٻه اهم واقعا پڻ نوٽ ڪرڻ جهڙا آهن ته هڪ طرف رسمن دوران سنڌ جي ٻيجل جي مڙهه تي ڀٽائي صاحب جي واين، قرآن شريف ۽ گيتا جو گڏيل ورد ڪري کيس ڀيٽا ڏني وئي. ٻيو ته هن کان اڳ ٻهراڙيءَ واري سنڌ ۾ مرد توڙي عورتن جي جنازن ۾ ورلي ڪي عورتون شريڪ ٿينديون آهن، پر هن سنڌ جي يگاني فنڪار جي وڇوڙي نئين سنڌ کي هڪ اهڙي نوَ لکي بهار جو تحفو ڏئي اهو پيغام ڏنو آهي ته سنڌي ماڻهو محبتي ۽ امن پسند آهن. اهي اوچ نيچ مذهب رنگ نسل جي ويڇن کي پسند نٿا ڪن. اهي وطن دوست آهن. صوفي مت وارو اهو متو سندن وجود ۾ شامل آهي. سندن مذهب فقط انسانيت سان محبت ڪرڻ آهي.
    صادق فقير جيڪو سنڌ ڌرتيءَ ماءُ جي هنج ۾ سمهي چڪو آهي، پنهنجي آخري سفر ۾ هو سنڌ ۾ هندو مسلم ايڪتا جو اهڃاڻ پڻ بڻجي ويو آهي. صادق ويندي ويندي اهو پڻ ثابت ڪري ويو ته هو بنا ڪنهن مذهب، نسل ۽ طبقي جي ڪروڙين سنڌين جي دلين تي راڄ ڪندو هو. سندس وڇوڙي سڄيءَ سنڌ کي رت روئاري ڇڏيو. اياز گل جي جنهن گيت کيس شهرت جي بلندين تي پهچايو:"توکان ٿيندي ڌار، کلندي کلندي يار، لڙڪ لڙي پيار لار ڪري" کي به صادق سچ ثابت ڪري ويو- پر فرق فقط ايترو ٿيو جو سندس جدائيءَ تي لکين سنڌين جا جيڪي لڙڪ وهي رهيا هئا، اهي روئندي روئندي لار بڻيا.
    صادق فقير مذهبي متڀيد ۽ رنگ نسل کان اتاهون ٿي، هندن جي مندرن ۽ مڙهين کان سواءِ امام بارگاهن ۽ گرجا گهرن ۾ وڃي ڀٽائي جا بيت، ڀڳت ڪبير، تلسي داس، ميران ٻائي جا دوها پنهنجي سريلي آواز سان ڳائي ٻڌائيندو هو. صادق ٿر ۾ روهيڙي جا گل ڦٽڻ ۽ سانوڻ جي وسڪارن جي آجياڻي جا ڏينهن پڻ ملهائيندو هو.
    کيس سڄي سنڌ ۽ سنڌي عوام سان بي پناهه محبت هئي، پر ٿر ۽ لاڙ سان سندس نينهن جا ناتا هئا. هن پنهنجي موت کان اڳ آخري محفلون بدين ضلعي ۾ ڪيون هيون. 16 جنوريءَ تي راهوڪي ۾ شهيد عوام فاضل راهو جي ورسيءَ ۾ 17 جنوري تي ڪڍڻ شهر لڳ ڀٽائي جي تڪيئي بڙ جو ڍورو ۽ پهرين فيبروريءَ تي تاريخي ڍنڍ نريڙي ۾ ڳايل سندس گيت آخري ثابت ٿيا. سنڌ ڌرتيءَ جي ڇڪ کيس واپس ڏاڏاڻي ڏيهه ملير ۾ آندو. هن آخر ۾ ڀٽائي صاحب جي سر مارئي جي سدا امر بيت جي هن سٽ تي عمل ڪري ڏيکاريو: "مُيائي جياس جي وڃي مڙهه ملير ڏي. "
    (پندرهن روزه افيئر ڪراچي)


    محبتن جي منظوم ڀيٽا

    صادق منهنجا يار! : اياز گل

    توکان ٿيندي ڌار،
    ڀنيون بسنت رُت ۾،
    اکيون پنهنجيون يار!

    توکان ٿيندي ڌار،
    ساعت ساعت ٿي لڳي
    تکي تيز ترار.

    توکان ٿيندي ڌار،
    سوَ ميارون، پوءِ ڀي،
    ڪيڏي موت ميار؟

    توکان ٿيندي ڌار،
    نڙيءَ منجهه لهي پئي،
    ڄڻ ڪنڊائين تار.

    توکان ٿيندي ڌار،
    ڪهڙيون ٿڌڙيون ٿر جون،
    ڪهڙي مُند ملهار؟


    توکان ٿيندي ڌار،
    ’مٺي‘ ڪَوڙي ٿي لڳي،
    صادق منهنجا يار!

    توکان ٿيندي ڌار،
    سدا رهندي سنڌ کي،
    صادق تنهنجي سارَ.


    او راڳي! (گيت) : ماڻڪ ملاح

    تو گيتن سان ڳائي لاٿي،
    منهنجي من جي مَير،
    او راڳي!
    ڇالئه لاتئي دير!

    مِٺي، مُٺي ماٺ مِٺيءَ ۾ ڳيرن پَر پکيڙڻ ڇڏيا،
    سِينڌون سُرما، ڏڌ ولوڙا، مٺيءَ جي منڌيرڻ ڇڏيا،
    ڪيئن سا ٺاهي مکڻ چاڻا،
    ڪيئن ڄمائي کير!
    او راڳي!
    ڇالئه لاتئي دير!

    ڏهرن جي ڏوليءَ ۾ ٽڙندڙ هير به جهڙي پاڳل پاڳل،
    پوپٽ پنهنجا پَر لسائي، ڳاڱين جا ڄڻ مَهٽيا ڳَلَ
    مورن کان وئي مستي وِسري،
    ڊيل نه کوڙي پَير،
    او راڳي!
    ڇا لئه لاتئي دير!

    ڀوري پِٽَ تي واءُ ڀَڀُوتيو، ٻانهن ٻَکَ وساري ڇڏيا،
    سمنڊ پٽيو ٿي پنهنجو سينو، لهرن سَنک ڪناري ڇڏيا،
    چرين وانگي ڍومائيندي،
    هينئڙو ٿيو اُلهير،
    او راڳي!
    ڇا لئه لاتئي دير!
    ڪهڙا گيت چپن تي آڻي، سنڌڙي تنهنجي پيار بنا ڙي.
    ڪهڙيون جُهمريون، ڪهڙيون ڦبريون، تنهنجي تَند تنوار بنا ڙي.
    انگن کي ارمان آ تنهنجو،
    مَنڙو ٿيو مُنڍير،
    او راڳي!
    ڇالئه لاتئي دير!
    ديسڻ کي پرديسڻ ڪيو تو، پرديسن جيان تون به ٽِڪي پئين.
    ويري تنهنجو موت ٿيو يا مون کان ڄاڻي ڏور ٽِڪي پئين،
    ويچارن ۾ وهم ٿي پاليان،
    ڇِرڪ ڇِني آ ڇير!
    او راڳي!
    ڇالئه لاتئي دير!
    ماڻڪ! هير وڃي سا ڪيڏانهن ڏينهن هُجي يا رات جو وڳڙو،
    ٿوري ڳالهه تي منهنجو جهڳڙو، تنهنجو ٽهه ٽهه ٽهڪڻ تَڪڙو،
    ڀاڪر پائڻ، پنبڻيون ٺاهڻ،
    ڳوڙها اُگهندو ڪير!
    او راڳي!
    ڇالئه لاتئي دير!
    ا نيڻ آلا ئي رهيا.


    تُنهنجي مٽيءَ منجهه ملان! : خليل ڪُنڀار

    ڌرتي تُنهنجي شھيدن جا،
    ڪالهه پڙهيا ٿي نوحا جنهن،
    پنهنجي تنھن ئي ٻيجل کي اڄ،
    ڀيڙي ڀاڪر پاتو تو.

    ڪجرارين جا سُڏڪا ڳاتئين
    مرندي جيڪي مُرڪيا- ڳاتئين
    پيرَ ڪڙين جا گھاءُ به ڳاتئين
    چانڊوڪيون ۽ چاھ به ڳاتئين
    رڻ پٽن جي راھ به ڳاتئين
    ڌرتي ۽ درياهه به ڳاتئين
    تُنهنجون ساريون مِينڍون نِينڍون
    سُرن منجهه سمايون جنهن
    پنهنجي تنھن ئي ٻيجل کي اڄ،
    ڀيڙي ڀاڪر پاتو تو.

    تُنهنجا لاڏ ۽ ڪوڏ سنڀاري
    موٽيو جيئن مديني مان
    واٽون ڦُلن ڇانيون تو
    هُن کي لاڏا ڳايا تو
    هُن کي سيني لايو تو
    “تُنهنجي مٽي منجهه ملان”
    توسان قول انوکا سڀ
    ويندي ويندي پاڙيا جنهن
    پنهنجي تنھن ئي ٻيجل کي اڄ،
    ڀيڙي ڀاڪر پاتو تو.

    ويندي ويندي ڌرتي توکي
    ميڙي مُٺ ڪري ويو هُو
    مُلان، مُلحد، لوڀي، ٺوڳي
    هڪڙي هنڌ ڪري ويو هُو
    پيار، مُحبت، عشق سلامت
    ٻيو سڀ ڌوڙ ڪري ويو هُو
    مسجد، مندر، عيدون، هوليون
    هِڪڙي هنڌ گڏايا جنھن،
    پنهنجي تنھن ئي ٻيجل کي اڄ،
    ڀيڙي ڀاڪر پاتو تو.
    (محبوب راڳي صادق فقير جي وڇوڙي تي لکيل)


    مونکي کائيندو وطن! : خليل ڪنڀار

    پاڻ ۾ مهڪيون ڳليون
    پاڻ ۾ مُرڪيو وطن!
    پاڻ پنهنجي ديس کي
    چيچ ۾ لوڏيو بـ هو
    درد جيئن سوديو بـ هو
    لاڙ، ڪاڇي ۽ اتر کي
    سِينڍ ۾ ڳايو بـ هو
    پاڻ پنهنجي ديس جا
    جَر بـ جهاڳيا، تڙ بـ پُوڄيا
    تون هئين درياءَ جنهن جِي
    ڇڪ کارو ڇاڻ هو
    تون هُئين ڪيٽي بندر ۽
    ساه سَريکو سمنڊ هو
    تون هئين ۽ رڻ اندر
    راتڙيون روشن هيون!
    تون هُئين هي ننگر ٺٽو
    جل پَريُن جي ڳالهـ هو
    پاڻ لئـ ميهڙ اندر
    ڏارَ مهندي جيئن وطن!
    پاڻ جو ڪينجهر ڪنڌي
    واهوندي وانگر وطن!
    پاڻ جو ولهار جيئن
    وڏ ڦڙي جهڙو وطن!
    تون نريڙي ڍنڍ تي
    ڪونج جي ڪُرلاءِ جيئن
    ڄڻ هِئين جي گهاءَ جيئن.
    هاڻ جي ويندين هليو
    ڪير ڀائيندو وطن،
    مونکي کائيندو وطن!
    مونکي کائيندو وطن!


    هوُ جو ٿر جو ٻاٻيهو هو! : روبينه ابڙو

    موت سندا او ڪارا ڪَڻڇي!
    هر ڪنهن تن جي تارَ تي تنهنجو
    رَين- بسيرو!
    تون جا ٻولي ٻولين ويٺو ،
    تنهن ۾ ڪهڙا سُرَ سمايل؟
    ڇا تون ٻيجل جي سُرندي جان
    صرف سِرن جو دانُ گهُرين ٿو؟
    تون جو رُوحن جي ڳڙکيءَ مان
    نڪري تَنَ جي آڳنڌ تي ٿو
    روز اڏامين-
    تو کي ڪو به نه ماري سگهندو!
    تنهنجو ڪهڙو ديس پکيئڙا؟
    ڪهڙي ڏيھه کان ايندو آهين؟
    منهنجي ديس کان نيندو آهين
    روح پويتر جهرڻن جهڙا !
    هيل به ڪهڙو قهر ڪيو تو
    هُو جو ٿر جو ٻاٻيهو هو
    جنهن وٽ سُر سنسار جيان ها
    جنهن جي هرڪا تالَ ائين ڄڻ
    سمنڊ تي لهرون مڌم مڌم
    ڇَيڙيو جت به هيو هن سرگم
    سڀ نظارا رقص ڪندا ها،
    تارن چارا رقص ڪندا ها ،
    ڪويل هن جي سُر تي اڏري
    رم جهم جا ٿي ساز سڃاتا
    ڇم ڇم ڇيرن کي هن ارپي
    چنچل نيڻ رُئاريا ها جنهن
    پُرنم نيڻ کلايا ها جنهن
    موسيقيءَ سان-
    اڄ به پڙاڏا ڪارونجهر ۾
    هن جي اوسيئڙي ۾ آهن
    هاءِ عقابن جهڙا ڪڻڇي
    ڪيئن چُڳي وئين
    روح اسان جي موسيقيءَ جو!؟


    بيت

    ادل سومرو

    ڪيڏي اڀاڳي، خبر تنهنجي موت جي،
    اکيون آهن ٿر ٿيون، اُداسي ساڳي،
    ڌرتيءَ جا راڳي! وئين وڃڙي اوچتو!


    گلشن لغاري

    صادق سچائي، پکيڙي تو پيار سان،
    سُرن سهائي، آندي تو انڌڪار ۾.


    اسحاق سميجو

    تنهنجي جنم ڏينهن تي، چئو مان ڏيان ڇا؟
    ٿوهر ٿوهر ماڪَ جا، چمڪن ٿا ڳوڙها،
    روئن روهيڙا، ڌوئن ساري ديس کي.
    (20 مارچ 2015- سهڻي صادق جي جدائيءَ
    کان پوءِ سندس آيل پهرين سالگره تي)


    انور منصور مڱريو

    موت نه توکي مات، ڏيئي سگھندو بانورا،
    صادق تنهنجي تات، صديون رهندي سنڌ کي.

    وڄندي ڪيئن ٽٽي پئي، تنبوري جي تار،
    صادق تنهنجي سار، سدا رهندي سنڌ کي.

    سدا رهندي سنڌ کي، صادق تنهنجي سار،
    ڪيئن تون منهنجا يار، ايئن هليو وئين اوچتو.

    صديون رهندي سنڌ ۾، صادق تنهنجي تات،
    ڪهڙي ڪريان بات، راڻا رات رُسي وئين.

    مٺيءَ جي گھٽي گھٽي، ساڳي آهه پڪار،
    ڇا صادق ٻيهار، موٽي ايندين ماڳ تي؟

    هر هر واجھائن پيا، تولئه ٽمندڙ نيڻ،
    ڏيئي ڪيڏا ويڻ، ايئن هليو وئين اوچتو.


    ناشاد سمون

    آهي ڪهڙي اوچتو، ويل اڀاڳي،
    موهن ۽ ڀاڳي، گڏجيو روئن پاڻ ۾!

    سواءِ تنهنجي صادق، سڃي سُرن سيم،
    رجب ۽ ڪريم، گڏجيو روئن پاڻ ۾!

    ماٺ ٿيا مڙئي، ٻاٻيهن جا ٻول،
    ڍاٽي منهنجا ڍول، گڏجيو روئن پاڻ ۾!

    سُڏڪي پيو صادق، تولئه اڄ ننگر،
    مور ۽ مندر، گڏجيو روئن پاڻ ۾!

    سندا سُرن نيڻ، ٿيا اشڪبار،
    ديپڪ ۽ ملهار، گڏجيو روئن پاڻ ۾!

    تو بن اٻاڻڪي، آهي گڊي ڀٽ،
    مهراڻو ۽ وٽ، گڏجيو روئن پاڻ ۾!

    تولئه سڄو ٿر، آهي اڄ اداس،
    ڌرتي ۽ آڪاش، گڏجيو روئن پاڻ ۾!

    تولئه پيا سڏڪن، سڀئي اڄ ساز،
    ڀٽائي ۽ اياز، گڏجيو روئن پاڻ ۾!


    درد هوش محمد

    پاڪ پرين جي ملڪ تي، صادق ٻوٽيا نيڻ،
    وک وک ڳوڙها ويڻ، سڏڪا سڏڪا سنڌڙي.

    صادق تنهنجي سارَ کي، جايون ڏيندو جيءُ،
    جانيئڙا! جڳ هيءُ، پنهنجو آهي ڪينڪي.


    شوڪت چاچڙ

    صادق تنهنجا سوڳوار، سڀيئي آهيون،
    ڪيڏو ڀي چاهيون، وسري سگھندين ڪينڪي


    ڪيلاش هميراڻي

    صادق تو سواءِ، سُڃي ڀانئيا سنڌ،
    ماروئڙا ملير جا پيا روئن هر هنڌ،
    ڪير وڄائيندو ڀلا، تنبوري جي تند،
    پورو ايشيا کنڊ، ساري پيو صادق توکي

    سنڌڙي تنهنجي سير تي ڪهڙو وريو واءُ،
    پنڌ ڪندي پرديس ۾ صادق ڏنو ساهه،
    سنڌ ۾ اها جاءِ، ڪونه ڀربي ڪڏهين.


    ڳوڙها روڪيندي به ... علي دوست عاجز

    ماڻهوئڙو مرندي به،
    ڳالهيون ويندو آ ڇڏي!

    خوشبو ڏيندو آهه گُل،
    ٽاريءَ تان ٽُٽندي به!

    مَنَ جي تاسَ مري نه ٿي،
    محبت ڏوڪيندي به!

    پيڙا پڌري ٿيو پوي،
    ڳوڙها روڪيندي به!
    =============================
    ڪلاڪار ڪو مري پيو آ

    بظاهري ته ڪلاڪار ڪو مري پيو آ،
    مونکان پُڇو ٿا ته ڄڻ آسمان ڏري پيو آ.

    ڏُکن جو بحر، جو مون ۾ ڪڏهن ٻُڏو پيو هو
    اهو اکين ۾ انهيءَ ڏينهن کان تري پيو آ.

    نه ڪوئي لُوڻ هِنيون هو، نه ڪو لَٽو ڪُهنو
    خدا ڏسي ٿو ته، هنڌ هنڌ تان ڳري پيو آ!

    نه ٿو لڳي ته ڪو دريا به ڪنهن کي ٺاري ٿو،
    جبل لَڪيءَ جو، ڏسان ٿو ته ڪيئن ٻري پيو آ!

    حَسين آهين، مگر ڪائنات، سوچان ٿو،
    خداءِ پاڪ کان چهرو هي ڪجهه کرِي پيو آ.

    تون آئين پئي، ته ڏٺم پئي ته ڏُک اجهو ڪي ويو،
    تون وئين ته، هي سڄو لَشڪر وري، وري پيو آ.


    صادق سندو وڇوڙو : مشتاق ڦل

    مڪي شريف مان هيءَ ڏک جي خبر آ آئي،
    صادق سندو وڇوڙو، سنگيت جي جدائي!

    پُرخلوص، پيارو ۽ مهربان ماڻهو،
    هن جي ڳلي ۾ ڄڻ هئي ڪا راڳ جي خدائي!

    ٿر جي ٿڌي مٽيءَ مان هن جو جنم ٿيو هو،
    ڪنهن کان لڪل ڀلا هئي سنڌ سان سندس سچائي؟

    ڀاڪر نه موڪلاڻي، بس فيس بوڪ تي نياپو،
    ۽ اوچتو مرڻ جي ٽي ويءَ خبر ٻڌائي!

    شاعر، اديب، راڳي ۽ سنڌ سوڳ ۾ آ،
    دل ٿي چوي ته ڪنهن آ ڪوڙي خبر هلائي!


    وائي : بخشل باغي

    سُڏڪي پيو سنگيت،
    ’گڊيءَ‘ تي غم جي گھٽا!
    ’مِٺيءَ‘ جو محبُوب تون
    ڪارُونجھر جو گيت،
    ’گڊيءَ‘ تي غم جي گھٽا!
    ڪيڏاري جو رُوپ ٿيا
    هي سڀ تنهنجا ميت،
    ’گڊيءَ‘ تي غم جي گھٽا!
    مِٽيءَ سان منسُوب ٿي
    راڳي! تنهنجي ريت،
    ’گڊيءَ‘ تي غم جي گھٽا!
    واريءَ واويلا وڏي
    ڀِٽن توسان پريت،
    ’گڊيءَ‘ تي غم جي گھٽا!
    ٿر جا ٿاڪ اُٻاڻڪا
    مندر، مور، مَسيت،
    ’گڊيءَ‘ تي غم جي گھٽا!
    تنهنجو وڇوڙو ميان!
    جهڙي وِھُ جي ڳيت،
    ’گڊيءَ‘ تي غم جي گھٽا!


    ڏُک ۾ آ ريت جو ذرو ذرو! : قاضي منير قاضي

    ڏُک ۾ آ ريت جو ذرو ذرو،
    اُڀريو نه ٻرندڙ تارو،
    رات رُنو وِشال ٿر سارو!

    هر گُل، هر مکڙي وئي مُرجهائجي
    تَڏو ويٺو وڇايون ڇاڇرو،
    رات رُنو وِشال ٿر سارو!

    ڏيپلو، سلام ڪوٽ به ويو ماٺجي
    مِٺيءَ ويس پهريو ڪارو،
    رات رُنو وِشال ٿر سارو!

    او صادق توکان پوءِ تنهنجو ديس
    هاڻي نه ٿو لڳي پيارو،
    رات رُنو وِشال ٿر سارو!


    بس هي منهنجي قسمت آهي! : فيض محمد فراقي

    مدني توکي سنڌ چوي ٿي، جيجل جهوري جند چوي ٿي،
    منهنجو تو در لال وڃاڻو ، جنهن جي توکي پارت آهي !
    بس هي منهنجي قسمت آهي!
    سڀني ڄاتو موٽي ايندين، خير سفر جون خبرون ڏيندين،
    ڪنهن لاءِ مرڪون ڀاڪر پائي، ٽهڪون ڏيندين،
    پرٿي ٽُڪرا حسرت آهي!
    بس هي منهنجي قسمت آهي!
    سنڌ سڄي جي سونهن بگاڙي، ڪنهن جا وئين تون ڀاڳ اجاڙي،
    مند بنا تون وڇڙيو آهين، تاريخن جا نيڻ روئاري!
    ڏس هي ڪيڏي حيرت آهي،
    بس هي منهنجي قسمت آهي!
    سڪ سندا هي ساز وڄائي، ڏور هليو وئين ڪين نه ٻڌائي،
    نيڻين آلو ڏيهه سمورو، تنهنجي اچڻ جي واٽ واجهائي،
    روئڻ ٿي وئي عادت آهي،
    بس هي منهنجي قسمت آهي !
    جيجل جي ٿي جهولي روئي، لا الاهه جي لولي روئي،
    توکان پوءِ منهنجا راڻا، سنڌ امڙ جي ٻولي روئي،
    ڪهڙي پويان آٿت آهي،
    بس هي منهنجي قسمت آهي!


    يار ايئن وڃبو نه آ : سائل پيرزادو

    راڳ ۽ ويراڳ ۾،
    ساٿ ايئن ڇڏبو نه آ،
    يار ايئن وڃبو نه آ!
    ديس کان ٿي دُور ايڏو يار پوءِ،
    سِڪَ جو ڏئي سُور هيڏو يار پوءِ،
    ننڊ ۾ سُمهبو نه آ،
    يار ايئن وڃبو نه آ!
    ڳاءِ راڳي سِٽَ ٿي توکي سَڏي،
    هُو گڊيءَ جي ڀِٽَ ٿي توکي سَڏي،
    ڪنهن چيو وَربو نه آ؟
    يار ايئن وڃبو نه آ!
    موٽ ساوڻ مينهن ٿو توکي سَڏي،
    ۽ مٺيءَ جو نينهن ٿو توکي سَڏي،
    پيار ۾ رُسبو نه آ،
    يار ايئن وڃبو نه آ!
    راڳڻيون خاموش ٿي ويون تو پُڄاڻا،
    ڪويلون بي هوش ٿي ويون تو پُڄاڻا،
    تارَ جان ٽُٽِبو نه آ!
    يار ايئن وڃبو نه آ!


    مڪي جي پاڪ مٽيءَ تي!

    سُرن جا ساهه ڪوماڻا،
    مڪي جي پاڪ مٽيءَ تي!

    حياتيءَ موت جا ماڻا،
    سُرن جا ساهه ڪوماڻا
    اداسي روح ۾ راڻا،
    لٿي حسناڪ مٽيءَ تي!

    سُرن جا ساهه ڪوماڻا،
    مڪي جي پاڪ مٽيءَ تي!


    کلندي کلندي روئي پياسين! : ارباب احسان

    کِلندي کِلندي روئي پِياسين،
    ڳلڙا چُمندي روئي پياسين.
    خاموش گهٽائن ۾ سورج،
    بادل وانگي چوئي پياسين.
    تو کي بند تابوت ۾ ڏسندي،
    ٽھڪن ساڻ روئي پياسين.
    تون آزاد فضا جو پنڇي،
    ڪپيل ڏسي پر روئي پياسين.
    موکيءَ ساڻ متارا گڏجي،
    شاه عقيق به روئي پياسين.
    ڪينجهر، منڇر ۽ ڪارونجهر،
    ڪاڪ محل تي روئي پياسين.
    دودا، جوڌا جوڳيءَ سُوڌا،
    ڍاٽي ڍول به روئي پياسين.
    ڪڏهن نه آيو آب اکين ۾،
    گهوڙا گهوڙا روئي پياسين.
    احسان اوجاڳيل اکڙين سان،
    ماٽي پاڻ به روئي پياسين.


    صادق فقير جي نانءُ : ديال صحرائي

    تو بن صادق ڪهڙي هولي
    ڪيئن ملهايون رنگ رنگولي؟
    هي سڀ رنگ اڌورا آهن،
    سارا ڍنگ اڌورا آهن،
    جن کي تو هو دلڪش ڳايو
    منظر سي اڻپورا آهن.
    سونهن نگر جا سارا ڏيئا
    تو کان پوءِ اُجهائجي ويا،
    توکي ساري ڦول ڦڳڻ جا
    مُند کان اڳ مُرجهائجي ويا!
    پنهنجي ٿر جا مارو ماڻهو
    هاڻي ايئن اڪيلا ٿي ويا
    تنهنجي ٿر جا روهيڙا ڏس،
    سوڳ سنڀاري ڀيلا ٿي ويا!
    تو وڃڻ جي ويل نه هئي،
    ۽ رُت رُسڻ جي هيل نه هئي،
    تنهنجن مُرڪن ۽ پُڻ مينڍڻ
    ۽ آلاپ سُڻڻ کان پوءِ،
    جنهن سنڌ توکي محبت آڇي
    سا سنڌ سُڏڪا سُڏڪا آهي،
    جنهن کي تو هڪ پل ڏنو آ،
    تنهن کي پنهنجو ٺاهيو آهي،
    من اندر جي آهه تراشي،
    خيال اڏام کي ٺاهي جاچي،
    شيخ اياز کي ڳايو آهي،
    واه جو پاڻ ملهايو آهي،
    سي سڀ تنهنجا گيت چون ٿا
    ساري پنهنجا ميت چون ٿا
    ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين
    قُرب ڪچهرين ۾ سا ڳايل
    تنهنجي هر ڪا ڌُن چوي ٿي،
    تو بن صادق ڪهڙي هولي؟
    ڪيئن ملهايون رنگ رنگولي...!


    صادق فقير کي ڀيٽا : شوڪت تبسم ڪنڀر

    هُو شخص نه هو پر سنڌ هيو،
    هر ماڻهو جي ڄڻ جند هيو،
    هُو سنڌ امان جو ٻيجل هو!
    هر وات ۾ وائي، ڀَل ڀَل هو!
    محبت هن جي هئي مڻيا
    قيدي جنهن جا ڪيئي بڻيا
    سونهن ورونهن جو ڪو انت نه هو،
    هو ڪو صوفي ڪو سنت نه هو،
    ساده دلي سونهن هئي هن جي،
    ناماچاري ڀُونءَ هئي هن جي،
    يار فقير دلين جو ڌڻي هو،
    سادو سودو، ڳالهه گھڻي هو!
    مُرڪ هئي هن جي ٻَڌِي ٻانهِي
    هئي ڪلا ڀي جنهن جي لافاني
    ٽهڪ ته هُن جا نسورا نوڪر،
    هو سڀا جي سخا جو هو سمندر،
    سنڌ ثقافت جو سفير هيو،
    مارئي جو ڀي هو ملير هيو،
    سنڌ نگر جو اُو خمير هيو.
    بي پيرن جو ڀي پير هيو.
    راڳ ته هن جو راڻي جهڙو،
    هو مومل جي ماڻي جهڙو،
    هو ڀٽائي کي ڀائيندو هو،
    ۽ اياز کي ڀي ڳائيندو هو،
    سُر ته سڄڻ جا سانوڻ جهڙا،
    من ماڻهوءَ کي ڀانئڻ جهڙا،
    ماڻهو ماڻهو ايئن هن چاهيو،
    هر ڪنهن ڀانيو منهنجو سايو،
    هو شخص نه هو پر سنڌ هيو،
    هر ماڻهو جي ڄڻ جند هيو.


    سريلي راڳي صادق فقير جي ياد ۾ : ڊاڪٽر بچل ميمڻ

    هُو تـ هو فنڪار هڪ،
    پر دل جو امير هو،
    آواز هن جي ۾ هو جادو،
    تازگي ،تاثير هو.
    پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ ڳايو،
    ۽ نڀايو هن سدا،
    هو حياءُ جو هو هڳاءُ،
    سنڌ جو خمير هو.
    هن جي هر هڪ ٽهڪ ۾،
    درد ڪيئي ها لڪل،
    ٿر جي هر هڪ ٿاڪ جي،
    مور جو خمير هو.
    ماءُ هئي هن کي ڏني،
    ٿڃ نوڙت، نياز جي،
    سنڌ جي سُورن سندو،
    آواز ڪو اڪسير هو.
    هو تـ جيسلمير، ٿر ۽ لاڙ،
    اتر جو هو لاڏلو،
    سنڌ جي ڌرتيءَ جو هُو،
    سٻاجهو سفير هو.
    هر من اندر جي مرڪ هو،
    هر درد جو ڌوٻي هو،
    هر دل جو هو هُو دادلو،
    هر وقت جو هُو وير هو.
    هن جي هر آلاپ ۾،
    وقت جي احساس جا اڀريا سورج،
    ٿر جي صدا جو هو هُو سارنگ،
    هر ساهه جو سرير هو.
    اي خدا! تو کسيو آه
    اسان کان صادق فقير،
    جنهن جي من ۾ سنڌ راڻي ڄڻ کُنڀي،
    ۽ مريڙو مير هو.


    چوسٽا

    اياز گل
    پيار جا راڳ ته ڇيڙيئي سهڻا!
    ڪيڏا سُور سهيڙيئي سهڻا!
    صادق يار! جو راڻو ڳاتئي،
    ڪيڏا ڦَٽ اڊيڙيئي سهڻا!
    *
    علي دوست عاجز
    ’گڊي‘ راتڙين جو نه روئي پوي!
    مِٺي تو سوا ٿي نه ڪوڙي پوي!
    ڪڍيو هنيانوَ جان يارُ هٿ مان وڃي،
    انهي موت تي شل ڪا موڙِي پوي!
    *
    منصور سيتائي
    گلابن به منهن ٿي پِٽيو ۽ خارن به روئي ڏنو،
    هليو وئين ته هڪڙو نه مان هزارن به روئي ڏنو.
    ٿيا سنگيت ڇوراڇنا، پئي گيتن جو دم ٿي گھُٽيو،
    سُرندا به سُڏڪيا پئي، ستارن به روئي ڏنو.
    *
    وفا گل محمد جمالي
    درد، آهون، غم حوالا ئي رهيا،
    آه و زاري ۾ مقالا ئي رهيا،
    ساٿ صادق جو به وڃڙي ويو هليو،
    سنڌ تنهنجا نيڻ آلا ئي رهيا.
    *


    تعزيتي نوٽ بُڪ

    جوڳي جَيڪس ويا جبروت!

    ڳالهين جو ڳهير، کِلمُک، گفتي جو پڪو، حاضر جواب، سُريلو راڳي صادق فقير اڄ اسان ۾ ناهي. ويساهه نٿو اچي ته هو اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي چڪو آهي! صادق فقير ڄامشوري ايندو هو ته اسحاق سميجي وٽ ٽيچرس هاسٽل ۾ سندس روم تي رهندو هو. آءٌ به اتي هليو ويندو هوس. صادق فقير جي ڳالهين تي هن جو، اسحاق ۽ منهنجو هڪ گڏيل ٽهڪ ٻُرندو هو. زندگيءَ سان ڀرپور ٽهڪ.
    علامه آءِ آءِ قاضي جي مزار تي اسان محفل ڪرڻ شروع ڪئي، جتي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جا دوست اسحاق سميجو، طارق عالم، ۽ ٻيا اچي گڏ ٿيندا هئاسين ۽ ادبي ڪچهري هر چنڊ رات ڪندا هئاسين. صادق فقير به اهڙين محفلن ۾ شريڪ ٿيندو هو. سندس سُريلو آواز چانڊوڪيءَ ۾ چنڊ بڻجي ٻُرندو هو ۽ ان رات محفل جو رنگ ئي ٻيو ٿي ويندو هو! بيدل مسرور کان پوءِ، صادق فقير ئي اهڙو راڳي هو جنهن اسان جي دور جي شاعرن کي به ڳايو. انهن شاعرن ۾ شيخ اياز، نارايڻ شيام، اياز گل، اسحاق سميجو، آئون ۽ ٻيا شاعر اچي ٿا وڃن. صادق فقير ڪلام جي ڌن به پاڻ ٺاهيندو هو. سندس ڌنن هند سنڌ ۾ مقبوليت ماڻي. انهن ۾ شيخ اياز جو ڪلام ’سکي پيا کي ملين ته چئجانءِ چاندني تو سوا نه ٿيندي‘ ۽ اياز گل جي وائي: ’توکان ٿيندي ڌار‘ به شامل آهي، جن کي پوءِ ٻين ڳائڻن به ڳايو ۽ ڳائيندا رهن ٿا.
    صادق فقير سنڌي، ڍاٽڪي، سرائڪي، هندي ۽ اردو ڪلام ڳايو. سنڌ توڙي هند ۾ هن پنهنجي آواز جو جادو جاڳايو ۽ ٻڌندڙن کي مست بڻايو. اڄ جڏهن صادق فقير فن جي عروج تي هو ته اوچتو جند جي تَند ٽٽي پئي ۽ سُر سانت ٿي ويا!
    جوڳي جَيڪس ويا جَبروت، ماءُ ڏٺم اڄ ماٺ مَڙهين ۾!
    (مصري شاهه)
    امداد حسيني
    - ڪراچي


    صادق فقير کي ٻن لڙڪن جي ڀيٽا

    ٿر سُرن جو سمنڊ آهي. ان سمنڊ ۾ ڪيئي موتي موجود آهن. ٿر ۾ سنڌ جي خالص موسيقيءَ جا ڪڏهن نه کٽندڙ آبشار آهن. مائي ڀاڳي، موهن ڀڳت، خوشحالداس، ڪريم ڏنو فقير، شفيع فقير،صادق فقيرکان ويندي اڄ جي رفيق فقير ۽ رجب فقير تائين سُرن جا آبشار سڄيءَ سنڌ کي سيراب ڪندا ٿا اچن. ٿر جي شهر مٺيءَ جا مٺا ماڻهو ۽ انهن مڙني کان مٺو صادق فقيرفيبروري مهيني جي 26هين تاريخ خميس جي ڏينهن سعودي عرب ۾ روڊ حادثي ۾ شهيد ٿي ويو. سڄي سنڌ روئي ويٺي. سچ پچ لڙڪ لڙي پيا لار ڪري. صادق فقير سنڌ جو سچو سٻاجهو نماڻو فنڪار هو. هن جي طبيعت ۾ ٿر جي خوشبودار ٿڌي مٽيءَ جون سڀ خوبيون اوتيل هيون. قدرت سندس آواز ۾ اهڙو ته جادوئي اثر رکيو هو، جو پوري دنيا ۾ موجود سنڌي ڳالهائيندڙ ۽ سمجهندڙ هن لوڪ فنڪار کي ٻڌڻ چاهيندا هئا. مون صادق فقير جهڙي شهرت ماڻيندڙ فنڪار ۾ ڪڏهن ذري برابر به غرور نه ڏٺو. مختلف پروگرامن ۾ فنڪارن جي ترتيب ۾ اڳ ۾ يا آخر ۾ ڳائڻ تي ڪڏهن به صادق فقير منهن ڪونه گهنجايو. نون توڙي پراڻن فنڪارن کي مان ڏيندڙ فنڪار هيو. ان ڪري ئي ته الله هن کي ڀلي پار ۾ شهادت جو درجو عطا ڪيو.
    گذريل سال نومبر(2014) جي يارهين تاريخ مونکي پاڪستان ٽيليويزن نيشنل جو جنرل مئنيجر ٿيڻ تي فون ڪري مبارڪباد ڏني هئائين. مون کيس پي ٽي وي تي پروگرام ڪرڻ جي دعوت ڏني. چيائين ته گهر وارن سان عمري تي وڃڻ جي تياريءَ ۾ آهيان، واپس اچي اوهان وٽ پروگرام ڪندس. الله کي اهوئي منظور هئو. انسان ڏاڍو بيوس آهي. سچ پچ ته دل مان هڪ آواز آيو ته اي منهنجا صادق! اوهان الله کي پيارا هئا، تڏهن ته الله اوهانکي ڀلي پار ۾ شهادت جو شرف بخشيو-پر ڪروڙين سنڌين جون دليون جيڪي اوهان جي آواز جي لئي ۽ سُر سان گڏ ڌڙڪنديون هيون، انهن جو ڇا ٿيندو! شيخ اياز لکيو هو ته “جي راهه اجل ڪنهن ورتي آ، هن ڀونءِ ڪئي ٻي ڀرتي آ..” ٺيڪ آ ٻي ڀرتي ته ٿيندي، پر وري صادق فقير ته ڪونه ايندو نه!! فرش کان عرش تائين پهچندڙ پڪار ته “سکي پيا کي ملين ته چئجانءِ چاندني تو سوا نه ٿيندي!!” ڪير ٻڌاي سگهندو؟ هاڻي سکيءَ کي ڪير ڪوئل جهڙي مٺي آواز ۾ اهو سنيهو ڏيندو!
    دوست هڪ ٻئي سان ملڻ لاءِ يا ڪچهري ڪرڻ لاءِ جڏهن اهو پڇندا آهن ته مصروف ته ناهيو؟ تڏهن مونکي ڏاڍو عجيب لڳندو آهي. ڇو ته واندڪائيءَ ۾ ته هرڪو وقت ڏئي سگهندو آهي، ڪوئي مصروفيت هوندي دوستن لاءِ ٽائيم ڪڍي، تڏهن مزو آهي نه. مون اها ڳالهه صادق فقير ۾ ڏٺي. جڏهن مان ڪجهه سال اڳ گهرڀاتين سان ٿر گهمڻ ويو هيس ته صادق فقير پنهنجا سڀ فنڪشن ڪينسل ڪري، مٺيءَ کان ننگر پارڪر تائين اسانکي ٿر گهمائيندو رهيو. توڙي جو اسانجي رهائش جو سرڪاري ريسٽ هائوس ۾ انتظام ٿيل هيو، پر کليءَ دل سان صادق فقير پاڻ وٽ رهائڻ جي آڇ ڪئي. مون وٽ ٿر جي ٻين دوستن جا فون نمبر به مون وٽ هئا، پر مونکي اياز گل ۽ عبدالغفار تبسم چيو هو ته اتي اوهانکي ساٿ ۽ وقت رڳو صادق فقير ڏيندو- ۽ ٿيو به ايئن ئي. اسانجي مٺيءَ پهچڻ سان صادق فقير اسان جي آجيان ڪئي ۽ منجهند جي ماني پنهنجي گهر کارايائين. ٿر جا طرحين طرحين کاڌا تيار ڪرايائين، جن جي لذت ۽ خوشبو اڄ ڏينهن تائين ناهي وسري. ٿر گهمي مون صادق فقير کي چيو ته اصل سنڌ ته مون هاڻي ڏٺي آهي، سادا سٻاجها سچا ماڻهو، جن جي دل ۾ ڪو مير ڪونه نظر آيو. عجيب ۽ وڻندڙصورتحال اها نظر آئي ته سعودي عرب وانگي اذان اچڻ سان ماڻهو دڪان کليل ڇڏي، مسجدن ۾ نماز پڙهڻ لاءِ هليا وڃن- پر مجال آهي جو ڪا چوري چڪاري ٿئي. سنڌي سڀ مذهبي مت ڀيد بنا نظر آيا. اسانجي علائقن ۾ ته مال جي واڙن مان ڍڳا ڍور چوري ٿيو وڃن، پر ٿر ۾ ماڻهن جو مال صبح سان پاڻ ئي جهنگ ۾ چرڻ کان پوءِ پنهنجي پنهنجي گهر اچيو وڃي. مجال آهي جو هڪ به ڍور چوري ٿئي. جتي ايڏو امن هجي، اتي جا ماڻهو به ته ، صادق فقير جهڙا دلبر هوندا. سنڌ سان صادق فقير جو عشق ڏسي الله به سندس جسد خاڪي کي سنڌ پهچائڻ جو بندوبست ڪيو. جڏهن ته اهو ڏکيو ڪم هيو. 5 مارچ تي سندس جنازي نماز کان ويندي تدفين تائين ماڻهن جو ايڏو وڏو انبوهه ڏسي هر سنڌ واسي سوچيندو ته صادق فقير ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. سنڌ ۾ وڏن وڏن فنڪارن هوندي صرف ٻن فنڪارن کي لاڏاڻي کان پوءِ ايڏي موٽ ملي آهي. هڪ سرمد سنڌي ۽ ٻيو صادق فقير کي. جيڪي ٻئي روڊ حادثن ۾ شهيد ٿيا. کين مليل محبت جو هڪ سبب حادثاتي موت به ٿي سگهي ٿو، پرهڪ ڳالهه اها به ڳڻائي سگهجي ٿي ته ٻنهي جي آواز ۾ قدرت هڪ عجيب ڪشش رکي هئي. الله کين جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏيندو .

    سميع بلوچ
    پي ٽي وي نيشنل، ڪراچي.


    هُو شخص هڪڙو شهر هو

    پياري اسحق سميجي وٽ اڪثر وڃڻ ٿيندو رهندو هو ۽ آهي.سن ته ياد ناهي پر ڪافي سال اڳ اسحاق سميجي وٽ وڃڻ ٿيو. هڪ تصوير سندس رُوم ۾ لڳل هُئي مون اسحاق کان پڇيو، ”هيءُ تصويرڪنهن جي آ؟“ ته وراڻيو هو، منهنجي دوست صادق فقير جي آهي“، عجيب اتفاق هو جو ان ئي مهل وٽس فون آيو. ڪال رسيوَ ڪندي چيائين، ”ڪٿي آهين. حيدرآباد ۾ آهين؟ هت ڪنهن مهل ٿو اچين. ٺيڪ آ مان انتظار ٿو ڪيان“. اسحاق فون بند ڪندي وراڻيو هو ته ”سائين توهان جنهن جي تصوير جو پُڇيو سو اچي پيو.“ مون پڇيو صادق فقير؟؟“ وراڻيائين ”جيءُ..ها.“
    صادق فقير بابت به ٻُڌو هُئم ته سندس ڪلا جي گُونجار کان به واقف هوس پر ساڻس ملاقات نه هُئي.
    ٻن ٽن ڪلاڪن کان پوءِ پوري پُني قد ڪاٺ وارو شخص هڪ اڌ ٻين ماڻهن سان ڪمري ۾ داخل ٿيو ۽ اسحاق سان وڏي اُڪير سان ٽڪ ڏئي مليو ته اسحاق ساڻس منهنجو ۽ منهنجو ساڻس تعارف ڪرايو ته مون سان به ايئن مليو ڄڻ سالن جا واقفڪار هجون. اهو تعارف ۽ ملاقات سندس سُڀاءُ جي امرِت ۾ تبديل ٿي ويو. هميشه اسحاق وٽ ساڻس ملاقاتن جو سلسلو جاري رهيو. سحر انگيز ڪلا جي ڪري قريب ته هو پر ملاقات کان پوءِ قريب کان قريب تر ٿيندو ويو. اهو سندس گُڻ هو جو هُو پيار ۽ احترام ۾ سدائين مونکي ”سائين“ سان مخاطب ٿيندو هو. سنڌ ۾ جهر جهنگ ووڙيندڙ ۽ ڪلا جا سُر آڇيندڙ جڏهن به دادو يا جوهيءَ جي سرحن ۾ داخل ٿيندو هو ته ضرور رابطو ڪندو هو. ڪيترين ئي محفلُن ۾ ساڻس گڏ هوندو هوس.
    اسحاق سان گڏجي ٿر ويس ته پياري شواڻي ۽ خالد ڪنڀار سان گڏ وگڏ قادق جون صحبتُون ۽ محبتُون ويتر اٽُوٽ بڻجي ويون. مٺي، اسلام ڪوٽ، نگرپارڪر ۽ ڪارُونجهر کان علاوه ماروي جو کُوهه، گوڙي مندر ۽ پاري ننگر گهمايائي. جو وقت رهياسين سندس خلوص ڀرين ٽهڪن ۽ محبتن جي گهيري ۾ رهياسين. سندس ٽهڪن جي مالهائن جا گُل اڄ به نه سُڪا آن. اڄ به انهن مان تازو سڳنڌ اچي رهيو آهي.
    جڏن به فون ڪيانس تڏهن ٽهڪن سان آجيان ڪندو هو ۽ سندس پهريون سوال ئي اهو هوندو هو ته ”ڪٿي آهيو؟“. مان وراڻيندو هوس ته ”ڪاڇي“ ته ٽهڪ ڏئي هڪدم چوندو هو ”سائين ڪاڇي ۾ ڇا ٿا ڪيو اچو ٿر جتي بر به بحر آ“. مان کيس اياز جي شعر جي سٽ”جت لُوءِ لڳي جت اڪ تپن سو ديس مسافر منهنجو ڙي“ورجائيندي چوندو هوس ته منهنجو ڪاڇو ايئن اٿئي ته وري به ثهڪ ڏئي چوندو هو ”سائين اچو ٿر ڪاڇي ۾ ته عمر گھاري اٿؤ“ مان چوندو هوس ته ضرور اچبو. ڪڏهن ايندؤ؟ زندگيءَ تي ڪهڙو ڀروسو؟ ۽ اوچتو سندس مرتئي جي خبر ٻُڌندي ” سچ ته مون تي وڄ ڪڙڪي هُئي ۽ ڀڻڪيو هوس ”ڇا کيس خبر هُئي ته زندگي نه رهندي ۽ عزيز منهنجي هوندي نه ايندو؟؟“. مان سڪتي ۾ اچي ويو هوس ۽ سوچيو هوم ته هاڻ صادق .... نه نه صادق .. ايئن ڪيئن ٿيندو؟“ پر پوءِ حقيقت تي ويساهه ڪرڻو پيو هو . سوچيان ٿو ته زندگيءَ جي ساٿ سان ٿر ته وڃي سگهان ٿو پر پنهنجي ذات ۾، محبتُن ۽ ٽهڪن جو هُو شخص هڪڙو شهر هو تنهن شهر سان ملي نه سگهندس ۽ اهو روڳ زندگي ڀر چُهٽيو رهندو.

    عزيز ڪنگراڻي


    گھوڙن ۽ گھوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا...

    يا حسين!! مون ڪڏهن ڪٿي اهو سوچيو هو ته سنڌ جي بادشاهه پُٽ ٿر جي شهزادي لطيف، اياز ۽ حسن درس جي عاشق، سنڌ جي قدرتي سونهن ۽ وطن جي عاشق، مٽي ۽ ماڃارن جي عاشق، وطن ۽ ويڙهيچن سان قرب ڪندڙ صادق جي شهادت تي هڪ ڏينهن ايئن تعزيتي تاثرات لکندس. لکي نٿو سگھان. کيس ڀيٽا ڏيڻ لاءِ سندن گھر پهتا آهيون. هٿن ۾ گُل، اکين ۾ لڙڪ، دل ۾ اُداسي، ڳرين وکن سان... ساهه پٽي ڪجھ لکندس ضرور ...پر اڄ نه...
    اڄ سندس ٻچڙن سان ڀاڪر پائي دل جيڪا درد سان ڀريل آهي، تنهن کي هلڪو ڪرڻ ڏيو. هن فقير جي گھر هڪ فقير اُداس آهي.

    ذوالفقار هاليپوٽو
    حيدرآباد


    اڙي موت ميار ايڏو ساڙ سڳنڌ سان !

    اڄ نائين ڏينهن تائين ڏينهن رات روئي روئي پاڻ بي حال ٿي وڃڻ باوجود دل ۽ دماغ اها ڳالهه مڃڻ ۽ قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ته صادق! تون ناهين رهيو، تون هميشه لاءِ وڇڙي ويو آهين! دل کي روئيندي سڏڪندي، سمجھائڻ جي گھڻي ڪوشش ڪريان ٿو، ته تون ته اَمر ٿي ويو آهين، اسان کي ڏکارو ڪري ۽ ننڌڻڪو ڇڏي، تو امر الاهي جي حقيقت جو رستو ورتو آهي. تون تاريخ جو سنهري باب بڻجي ويو آهين. تنهنجو آواز صدا بڻجي ٿر سميت سڄي دنيا ۾ قيامت تائين گونجندو رهندو. تو پنهنجي “صادق” نالي جو ڀرم رکيو. ڪافي سالن کان توسان گھٽ ملڻ ۽ تنهنجي ۽ منهنجي مصروفيتن باوجود ڪڏهن ڪڏهن گڏجڻ باوجود سچ پچ دل کي هڪ آٿت، هڪ ڏڍ ۽ هڪ حوصلو هئين. ڀٽائي صاحب چواڻي:
    وڏي وٿ هيام، ٻاروچا ڀنڀور ۾.
    پر ڇا ڪجي، موت برحق هجڻ جي حقيقت سمجھڻ باوجود دل ۽ دماغ جي هن روحاني حقيقت کي ڇا ڪجي. پيار جي معاملي ۾ دل بي اختيار ٿيندي آهي. عشق جي ناتي ۾ قدرت رت جي رشتن کان به وڌيڪ روحاني وسعت رکي آهي، جيڪا شايد سڀني فطري جذبن کان، احساسن کان اتاهين، اٽل ۽ سگھاري هجي ٿي. انهيءَ ڪري ئي شايد بابا بلي شاهه چيو آهي ته اسان عشق سلامت منگيا. پر يار صادق! ٻڌاءِ ته بي اختيار دل انهي وڇوڙي، انهي دردناڪ حادثي جي نا انصافيءَ کي ڪيئن قبول ڪري سگھي ٿي. ڪيتريون رس رهاڻيون جيڪي توسان ڪرڻيون هيون، پيار ورهائڻو هو. سڀ ڪجهه اڌورو رهجي ويو. زندگي جو هڪ رومانس، هڪ حوصلو، هڪ اتساهه هليو ويو. توکي هارائي، مون سڀ ڪجهه هارايو- پرين! يار صادق، سچ پچ تنهنجو “کٽيو” هارائجي ويو آهي. مون کي بدنصيبي سان ننڍڙو ٻار هجڻ دوران ماءُ پيءُ جي وڇوڙي جو درد مقدر ۾ ملڻ سبب شايد آئون وڌيڪ حساس ۽ جذباتي هجڻ ڪري، ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ڀلوڙ شخصيت جي وڇوڙي تي يا زماني جي ڪنهن درد ۽ ڏک جي احساس تي منهنجو گھڻو روئڻ تي منهنجا ڳوڙها اگھڻ دوران اهو چوڻ ته روئين ڇو ٿو! ۽ ماءُ جيان اولاد کي وڏو ٿي وڃڻ باوجود پيار مان ننڍي نالي سان سڏڻ جيان، مون لاءِ تنهنجي اهڙي شفقت جي محروميءَ جي احساس جھوري ڇڏيو آهي. دل ٽٽي ۽ ڀڄي پئي آهي. هولي جي ڏهاڙي تي تنهنجي ميت کي ڪلهو ڏيڻ ۽ تنهنجو آخري ديدار ڪرڻ لاءِ آيل، تنهنجي هزارين مداحن جو اهڙيءَ طرح ميت کي چنبڙي پوڻ ، آهن، دانهن ۽ اوڇنگارن سان پاڻ کي بي حال ڪري ڇڏڻ جا منظر، گھٽ ۾ گھٽ مٺيءَ سميت ٿر ۾ ته ڪنهن به شخصيت کي نصيب ناهن ٿي سگھيا، ۽ هزارين مداحن جي رش سبب تنهنجا ڪيترا مداح تنهنجو آخري ديدار به نه ڪري سگهيا- پر آئون تنهنجن انهن مداحن کي اهو به نه چئي سگھيس، ته هاڻي دوستو ، ڀائرو، پنهنجي محبوب راڳيءَ جي زندگيءَ جي تصوير اکين ۾ سمائي بند ڪريو ۽ مسڪرائيندي ڳائڻ ۽ محفل کي موهي ڇڏڻ جي جادوءَ واري منظر کي پاڻ ۾ سمايو ۽ ڪچهرين جي ڪوڏئي يار جا فضائن ۾ گونجندڙ ٽهڪ ۽ آلاپن جي درد کي پاڻ ۾ سموئي، ان انتهائي دردناڪ وڇوڙي کي ايئن برداشت ڪريو. ڇاڪاڻ ته جيئن عشق ۾ دل بي اختيار ٿيندي آهي، تيئن موت برحق جي اڳيان انسان بي وس ۽ مجبور هوندو آهي. پر يار صادق! تنهنجو ميلن، مندرن ۽ ست سنگن توڙي ٻين محفلن ۾ بنا ڪنهن زماني جي خوف يا مصلحت کان بي نياز ٿي، حافظ نظاماڻيءَ جو اهو نظم ڳائڻ ته ، “ڪو آ رحمان جي پاسي، ڪو آ ڀڳوان جي پاسي، آئون سجدو انهيءَ کي ڏيان، جيڪو انسان جي پاسي”... ننڍي ڳالهه نه هئي. انهيءَ ڪري شايد بنا ڪنهن رنگ نسل جي فرق جي انسانيت جي درس جو پيامبر ٿي، پنهنجو سهڻو ڪردار نڀائڻ سبب اڄ تنهنجي وڇوڙي تي هر گھر ۾ تڏو وڇائجي وڃڻ ۽ بنا ڪنهن مذهبي فرق جي هر اک آلي هجڻ جا منظر تو سان محبت ۽ تنهنجي امرتا جو به نياپو آهن. يار صادق! توسان عوام جي اٽوٽ محبت جا ڪيترا منظر بيان ڪريان. مٺيءَ جي انهي قديم حاجي شاهه قبرستان ۾ جتي تنهنجي ميت کي مٽيءُ ماءُ حوالي ڪيو پئي ويو، انهيءَ وقت تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وڏي تعداد ۾ بنا ڪنهن فرق جي هندو برادريءَ سميت مختلف مذهبن جي ماڻهن جي قبرستان ۾ شرڪت پڻ تاريخ ۾ هڪ نئون مثال رقم ڪيو. تنهنجي دکدائڪ وڇوڙي جي سوڳ سبب هوليءَ جو تهوار نه ملهايو ويو. مٺي ۾ هولي جي ڏينهن سئو سال کان نڪرندڙ پلي جي رسم واري ريلي به نه نڪتي. رنگن جو تهوار به دوستن توکي ياد ڪري رنگ هارڻ بدران لڙڪ هاري روئي روئي گذاريو. هونئن به جن جا تو جهڙا هيرا ۽ دلبر يار وڇڙي ويندا آهن، اهي ڪهڙيون هوليون ملهائي سگهندا . پر يار صادق سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڇا ٿي ويو، ڪنهن جي بد نظر لڳي ويئي ! هي قيامت جو منظر ، هي ڏک، تڪليف، درد ، ۽ اذيتناڪ پيڙا جو طوفان بڻجي، تنهنجي وڇوڙي جي خبر جڏهن آئي، تڏهن ڪوبه پاڻ سنڀالي نه سگهيو. رڳو سڏڪا ۽ اوڇنگارون، لڙڪن لارون هيون. آئون ڪراچي هيس. اياز جڏهن فون ڪري اهڙي بري خبر ٻڌائي ته اعتبار ئي نه آيو . عبدالله جيڪو آسٽريليا ۾ هو، انهيءَ کي فون ڪري پڇيم ته هن ٻڌايو ته ها مڪي ۾ موجود هن جي ڀاءُ عبدالرحمان هن کي اهو ٻڌايو آهي، ته تون وڇڙي ويو آهين. پوءِ بي اختيار روئندي ناز سهتي کي فون ڪري چيم ته مون ۾ سگهه ناهي، توهان ڪي ٽي اين کي اها خبر ڏيو. پوءِ به ڪجهه دير رکي، ڪي ٽي اين نيوز جي ڊيسڪ تان فون آيو ته يار کاٽائو حوصلو ڪريو. همٿ ٻڌو ، ٽيلي ٽاڪ ڪريو، صورتحال ٻڌايو . توهان نه ٻڌائيندئو ته ڪير ڳالهائيندو. جواب نه ڏيئي سگهيس ته جن جا دلبر يار وڇڙي ويندا آهن، انهن کان حوصلا ڇڏائجي ويندا آهن. ۽ ايئن ئي ٿيو . ڪجهه دير ۾ ڪي ٽي اين نيوز مان ٽيلي ٽاڪ لاءِ فون آئي، ۽ ٽيلي ٽاڪ ڪندي هڪ ٻه جملا ڳالهايم ۽ تنهنجي وڇوڙي جي ڳالهه ڪندي درد سان من ڀرجي آيو ۽ اوڇنگار نڪري ويئي. ۽ تنهنجي وڇوڙي جي خبر منهنجي اوڇنگار سان جڏهن دوستن ڪي ٽي اين نيوز تي ٻڌي ته آئون ڪراچيءَ کان رات جو واپس رستي ۾ اچي رهيو هوس ۽ ڪيترن دوستن جون اوڇنگارن سان فون ڪال اٽينڊ ڪندو ،روئندو مٺي پهتو هوس. هيءَ درد ڪهاڻي تنهنجون سارون ساريندي، لکندي، ور ور ڪريو من ڀرجيو ٿو اچي، ۽ لڙڪ رڪجن نه ٿا. پوءِ به ڪو چوڻ وارو ناهي ته ايڏو روئين ڇو ٿو! پر يار صادق! ڪير ڪيترن کي سمجهائيندو. مامو وشنو روئي بس ٿو ڪري ته ڪريم فقير ٿو ڍاڍون ڪري روئي. رفيق ، شهداد ۽ صابر کي ڪير ماٺ ڪرائي، سڀني وٽ لڙڪن لارون آهن. جڏهن تنهنجا ٻارڙا واپس ڏيهه پهتا ۽ مسلسل 8 ڏينهن جي اذيتناڪ تڪليف ۽ پريشانيءَ بعد تنهنجو مڙهه ايئرپورٽ تي رسيوِ ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا هئاسين، ته رستي ۾ سامهون ايندڙ سائين تاج جويو ، اياز گل ، ادل سومرو ۽ ٻيا دوست ڪيتري دير رستي ۾ گاڏيون روڪي هڪ ٻئي کي ڀاڪرون پائي روئي روئي، جهنگ جي وڻن ۽ سانت کي به ڏکارو ڪري رهيا هئا. روانا ٿياسين ۽ ڊاڪٽر نندلال جي گهر گلشن حديد پهچي ڪريم ۽ ٻين دوستن هن کي ڀاڪرون پائي، روئندي هن جي گهر جو ماحول سوڳوار ڪري ڇڏيو. ايئرپورٽ جو منظر ڇا ٻڌايان. ادي رفيه گلاڻي، دودو چانڊيو، اسماعيل پنهور ۽ ٻيا دوست هڪ ٻئي کي ڀاڪرون پائي، ڏک ونڊيندي روئي روئي بي حال نظر آيا. هڪ طرف عمرو ڪري موٽندڙن کي انهن جا عزيز گل پارائي خوشيءَ مان آڌرڀاءُ ڪري رهيا هئا ۽ ٻئي طرف اسين بدنصيب پنهنجي يار جو مڙهه وصول ڪرڻ جي لاءِ انتظار ڪري رهيا هياسين. زندگيءَ جي اهڙي ٽريجڊي جنهن بابت ڪڏهن سوچيو به نه هو ته ڪو هيئن به ٿيندو ۽ سنڌ جي جديد موسيقيءَ جو روح ايئن بنا موڪلائڻ جي هليو ويندو. ۽ زندگي زندگيءَ کان جدا ٿي ويندي . تنهنجي مڙهه سان گڏ مٺي ڏانهن ايندي، تنهنجي مڙهه سان گڏ آيل تنهنجي پٽ نزاڪت سان تنهنجيون ڳالهيون ڪندي، شوڪت هنڱورجي سان گڏ روئي بار هلڪو ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم ٿي، ته رستي ۾ تنهنجي مداحن طرفان سجاول ، بدين، نندو ، مٺي ۽ ٻين شهرن ۽ ڳوٺن ۾ روڊن جي ٻنهي پاسن کان وڏي تعداد ۾ گڏ ٿي شهرين ۽ شاگردن طرفان سلام واريندي، گل نڇاور ڪندي ۽ حق موجود جون صدائون بلند ڪندي، جا منظر اسان کي وک وک تي روئارڻ ۽ جذباتي ڪرڻ لاءِ ڪافي هئا. عوام جي جذبي، ڏک ۽ محبت جي اظهار ثابت ڪيو ته تون سڄي سنڌ جي دلين جو راڻو آهين، ۽ هر ڪنهن جي دل ۾ جاءِ جوڙي، محبتون ڪمائي ڀلي پار وئين ۽ امر ٿي وئين.
    محبت پائي من ۾ ، رنڊا روڙيا جن
    تن جو صرافن، اڻ توريو اگهائيو.

    کاٽائو جاني
    مٺي


    سڀ ڪجهه هوندي ڪجهه رهيو ئي ناهي!

    سندم ماءُ، پيءُ، سمورا ڀائر ۽ ڀيڻ چاڪ چڱا ڀلا ۽ حال حيات هئڻ توڙي هند ۽ سنڌ ۾ ڀريا تريا گهر موجود هئڻ باوجود، حياتيءَ ۾ پهريون ڀيرو ايئن ٿو محسوس ٿئي ڄڻ مون وٽ سڀ ڪجهه هوندي ڪجهه رهيو ئي ناهي. مڱڻهار فقير جا ٻار، ۽ منهنجا يار! تو ۾ آخر اهڙو ڇا هيو، جو پنهنجو پاڻ سان کڻي وئين!! .
    توکان اڳ به مون مٺيءَ جي مساڻن ۽ قبرستانن ۾ ڪئي چتائون اگني سنسڪار ٿيندي ۽ دفن ٿيندي ڏٺيون آهن، پر مون سميت ڪنهن به منش مٺيءَ ۾ تو جيترا ڪلهي ڪانڌي نه ڏٺا. تنهنجو وجود سڀني مذهبن کان مٿي ۽ تنهنجو قد ڪارونجهر کان به اوچو هو.
    مون زندگيءَ ۾ ايترا دفعا دال ماني پنهنجي ڪنهن گهرڀاتيءَ سان به گڏ ناهي کاڌي، جيترو توسان نصيب ٿي. تون ته اڄ هليو ويو آهين ۽ اهو ڏونگر جيڏو ڏک پنهنجي جڳهه تي، پر خود کي خوش نصيب سمجهان ٿو، جنهن کي حياتيءَ جي پنجويهه سالن تائين تنهنجي پاڇي جهڙو ساٿ حاصل رهيو. منهنجي ڪيمرا، آڊيو ۽ وڊيو رڪارڊر به خوش نصيب آهن، جن سبب اڄ سوشل ميڊيا ۾ هلندڙ اڪثريتي فوٽو، آواز ۽ تنهنجون موويز ڏسڻ لاءِ مهيا آهن.
    تنهنجي فيملي ته اسان شواڻي ڀائرن جي سنگت فيملي آهي، پر تون منهنجو ڏاتار هئين. اڄ تنهنجو منگتو تو بنان نڌڻڪو ٿي پيو آهي.
    ڌڻي پاڪ توکي جنت ۾ جاءِ ضرور ڏيندو، پر منهنجي اندر ۾ اها آس آهي ته ڀڳوان نزاڪت، راحت ۽ رضا کي اهڙي سگهه ڏئي جو اُهي مون جهڙن يتيم ٿي ويلن جي ڌڻيپ ڪن.
    پيارو شواڻي
    جوڌپور- انڊيا


    هي ويل نه هئي وڇڙڻ جي صادق...!

    صادق فقير جي بي وقتائتي وڇوڙي اسان سنڌ واسين جي روح کي جھوري وڌو آهي. صادق منهنجي وڏي ڀاءُ وانگر هو. مونکي ڀائرن وانگر پيار ڏيندو هو. منهنجي بابا سائين ۽ سائين حاجي سبحان صاحب جي گھَري دوستيءَ جي ڪري اسان جو گهَرو واسطو هو. صادق مونکي منور کان وڌيڪ ڀائيندو هو.
    صادق جي آواز ۾ انقلاب هو، درد هو، سجاڳي به هئي. صادق لطيف ۽ شيخ اياز جي شاعري ڳائي هڪ نئين انقلاب جو درس ڏنو ۽ پيار، انسانيت ۽ قرب جي ٻيڙيءَ کي مضبوط ڪيو.
    صادق جي وڇڙڻ جو درد ڪڏهن به ڀرجي ڪونه سگھبو
    mIss you dear sadique

    رحمت االله ڪنڀر
    اسلام ڪوٽ


    صادق جون ڳالهيون،

    مسڪراهٽ ۽ سُرن ۾ پوئيل سندس آواز
    صادق فقير جو وڃڻ ڄڻ يقين نه اچڻ جھڙو وڇوڙو. منهنجي زندگيءَ جي انهن ڪجهه واقعن مان آهي، جن مونکي جھنجھوڙي وڌو. آئون سمجھان ٿو ته مون تي بابا (شمشير الحيدري) جي وڇوڙي کان به وڌيڪ صادق جي اهڙيءَ طرح اوچتو وڃڻ واري سانحي وڏو اثر وڌو آهي.
    ساڻس منهنجي آخري ملاقات اسلام آباد ۾ ٿي هئي، جتي هو ايڪتا ڏينهن جي سلسلي ۾ آيل هو. ٻئي ڏينهن اسان ٻنهي دامن ڪوهه جي مٿاهين چوٽيءَ تي ڪچهري پئي ڪئي. ڳالهين ئي ڳالهين ۾ چيائين ته بابا جي شاعريءَ جي هڪڙي سي ڊي ٿا ٺاهيون، تون مون کي رڳو شاعري موڪلي ڏي باقي ڪم منهنجو! اهو پور پچائيندي اسين واپس آياسين ۽ سنڌ هائوس مان موڪلائيندي، وري تاڪيد ڪيائين ۽ تڪڙ ڪرڻ جي تلقين ڪيائين- پر اهو ته مون سوچيو ئي ڪونه ته همراهه ايڏي تڪڙ ڪري هليو ويندو!
    منهنجي سُستيءَ ڪري صادق اهو ڪم نه ڪري سگھيو. هو بابا سان ۽ اسان جي گھراڻي سان بيحد پيار ڪرڻ وارو هو. مون کيس هميشه کلندي ۽ مسڪرائيندي ڏٺو هو. سندس زندگيءَ ڏانهن هاڪاري سوچ ئي هئي جنهن ڪري سندس دل سان چاهيندڙ هن دنيا جي گولي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود آهن ۽ اُهي به دِلي طور اداس آهن! ۽ سدائين صادق کي ياد ڪري اداس ٿيندا رهندا. صادق فقير جون ڳالهيون، سندس مسڪراهٽ ۽ سُرن ۾ پوئيل سندس آواز هميشه لاءِ امر ٿي ويا آهن. اهڙا ماڻهو پنهنجو ڪم ڪري، ڪڏهن به مرندا ڪين آهن.
    صادق توکي وسارڻ ڏکيو آهي، بلڪه نا ممڪن آهي.

    سليم حيدري
    بدين


    وڏو فنڪار، وڏو ماڻهو

    صادق فقير سان منهنجي دوستيءَ کي ڪو گھڻو عرصو نه ٿيو هو، پر جيترو به وقت گذاريو، ان کي آئون وساري نٿو سگھان. آئون پاڻ به هڪ آرٽسٽ آهيان. سڄو ڏينهن فنڪارن، اداڪارن، شاعرن ۽ اديبن سان گذاريندو آهيان پر مون صادق فقير کي سڀني فنڪارن کان مختلف ڏٺو. هيءُ سنڌ جو اهو فنڪار هو جيڪو با ڪردار ۽ اشراف انسان ليکيو ويندو هو. اهو ئي سبب آهي جو زندگيءَ ۾ ئي کيس مڃتا ملي چُڪي هئي. لطيف جي ڌرتيءَ جا ماڻهو سندس عاجزي ۽ انڪساريءَ کي هميشه ياد رکندا. هو جيڏو وڏو فنڪار هو، ايڏو ئي وڏو انسان هو. سندس وڇوڙي تي سنڌ جا لکين ماڻهو ڏکارا ٿي ويا ۽کيس ساري روئندا رهيا. اهڙا منظر مون ڪڏهن به ڪنهن فنڪار لاءِ هتي نه ڏٺا ، جھڙا احساس هن عظيم آرٽسٽ لاءِ ڏٺم.
    صادق فقير اڄ اسان وٽ جسماني طور نه رهيو آهي، پر سنڌي قوم سوين هزارين سالن تائين سندس سازن ۽ آوازن کي ياد ڪندي رهندي. منهنجي دعا آهي ته الله پاڪ پنجتن پاڪ جي صدقي کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا ڪندو.

    اداڪار
    رفيق عيساڻي ميمڻ
    صدر
    ڀٽائي آرٽس ڪائونسل سنڌ


    سامي سُک نه سُتا ڪڏهين!!

    صادق جي تڏي تي اچڻ ۽ تاثرات لکڻ ڪيترو نه ڏکيو ٿو محسوس ٿئي. دل وارو نه کائي، ذهن مڃي ئي نه ٿو. صادق فقير سنڌ جو آواز، ٿر جي سڃاڻپ، اسان کان اوچتو موڪلائي هليو ويو ۽ سڄيءَ سنڌ کي سوڳوار ڪري ويو. صادق سان پهرين ملاقات ڏيپلو هاءِ اسڪول ۾ امتحان لاءِ ويندي ڇڪڙي گاڏيءَ ۾ ٿي. اهو 1991 جو سال هو (شايد). پوءِ وقت پڄاڻان 1999 ۾ صادق کي روبرو ڄامشوري جي هوائن ۾ هُرندي ڏٺم. تڏهن شايد صادق جو عُروج هو، بلڪل اهڙو جھڙو اڄ تائين قائم آهي...!
    روئي روئي ڳل ڳراٽي پائجي،
    اڄ وري هُن کي هلي پرچائجي!
    اها شام ۽ اڄ جي لهندڙ سج ۾ ڪيترو نه وڏو تضاد آهي...!!
    صادق جي جنازي ۾ نه رڳو سڄي سنڌ اُٿلي پئي هئي، پر مون پنهنجي زندگيءَ ۾ هي پهريون جنازو پڙهيو ( جنهن سان گڏ آئون پنهنجي ڳوٺ کوسڪي کان شامل ٿيو هوس) جنهن ۾ هر مذهب ۽ فرقي جو ماڻهو هٿ ٻڌي بيٺل هو ۽ بلڪل صادق جي ويجھن سڄڻن جيان سوڳوار هو. صادق زندگي به شاندار گذاري، من موهيندڙ رهيو، اُتساهه رهيو، محبوب رهيو... صادق موت به شاندار ۽ باوقار ماڻي ويو...
    محمد سليم ڀوت
    ليڪچرر
    ڊگري ڪاليج مٺي


    صادق کي سمجھاءِ

    سائين صادق جي اڻ مُندائتي وڇوڙي تي لفظن جي ڀيٽا ڏيڻ کان اڳ ۾ سائين صادق جي زندگيءَ جا ڏينهن ياد اچن ٿا. جڏهن سائين گڊي ڀٽ تي قومي پروگرام هجن يا ثقافتي ڏهاڙا، هو سنڌ جا قومي گيت ڳائيندو هو. سائين صادق جا لاتعداد پهلو آهن. هو ٿر جو البيلو فنڪار هو. استاد، نرم مزاج ماٺيڻو ۽ صوفي.
    جڏهن پ پ جي دور بادشاهي ۾ سنڌ جي قومي شعور ڪَر کنيو هو، اُن وقت ٿر جهڙي خطي ۾ ويهي ڪري سائين صادق مزاحمتي گيت ڳائيندو هو، ۽ سائين صادق تي مقامي حڪومت تشدد به ڪرايو ۽ اُن وقت لاڙڪاڻي جي مشهور شاعر واجد منگي اِهو لکيو ته،
    صادق کي سمجھاءِ،
    جيالن جي جوءِ ۾،
    باغي گيت نه ڳاءِ.
    سائين صادق صرف اسان کان جسماني طور وڇڙيو آهي، هُن جا سُر ۽ ساز هميشه اسان سان گڏ هوندا، جيستائين سنڌ جيئندي، تيستائين سائين صادق جيئندو.
    آڪاش هميراڻي


    ملير جي مٽي

    مڪي جي پاڪ سر زمين تان ملير جي مٽي جڏهن ڪراچي ايئرپورٽ تي لٿي ته ساري سنڌ سڏڪي پئي هُئي. بقول مرشد ڀٽائي جي:
    واجھائي وَطَنَ کي، آئوُن جي هِت مَياسِ،
    گورَ مُنهنجي، سُومِرا! ڪَجِ پنوِهارنِ پاسِ،
    ڏج ڏاڏاڻي ڏيههَ، جي، مَنجهان وَلَڙِيُنِ واسِ،
    مُيائي جياسِ، جي وَڃي مَڙهُ مَليرَ ڏي.
    مصري شاهه درگاهه کان هاءِ اسڪول گرائونڊ تائين رڳو انسان ئي انسان نظر آيو. نه فرقو، نه سياست، نه رنگ، نه نسل. حافظ جي بقول، آئون سجدو انهيءَ کي ڏيان جيڪو انسان جي پاسي. سو هر ماڻهو پنهنجي عقيدت مان ملير جي انهي مٽي کي سلام ۽ سجدو ڪري رهيا هُئا. انسانيت جي هن امام جي آخري سفر ۾ دعا جو منظر ته محبت جو ميلو هو. هڪ ئي صف ۾ سمورا انسان بيٺل هُئا. مون پنهنجي زندگيءَ جو اهو انوکو آخري سفر ڏٺو، جنهن ۾ سڏڪن آهِن لڙڪن سان گڏ انسانيت جو جنازو به نظر آيو. منهنجي مٺي جھڙي مٺڙي شهر پنهنجي محبوب راڳي کي جيڪا موٽ ڏني، اها صدين تائين ياد رهندي. مون نزاڪت جي اکين ۾ صادق ڏٺو.
    نزاڪت جو بابا نزاڪت ۾ آهي،
    مڃي رضا رب جي هو راحت آهي.
    هو واقعي راحت ۾ آهي. ڇاڪاڻ جو قدرت واري ملير جي مٽيءَ سان وڏو انصاف ڪيو آهي جو نه پاڻ کان جدا ڪيائين ۽ نه وري اسان ماروئڙن کان. بس صادق جو وڇوڙو جيءَ کي جھوري ته ويو آهي، پر مٺيءَ لاءِ هڪ شخصيت وسيلي مالها جوڙي ويو آهي. جيڪا مالها، آچار خان، جگديش ملاڻي، هيرا لال ڪرماڻي ۽ مولوي محمد قاسم جي ان اسر ويل گھريل دعا ۾ هوندي هُئي، ته منهنجا مٺا سائين! اسان تنهنجي مٽي جو قسم کڻي چئون ٿا ته اسان مٺي جي انهي مالها جا مڻيا وکرڻ نه ڏينداسين.
    جيءُ اسان جو جھوري وئين
    پر ناتو انوکو جوڙي وئين
    هندو مسلم سنڌ سڄي کي
    صادق هڪ ئي ساهمي ۾ توري وئين...

    اڪبر علي درس
    مٺي


    صادق تنهنجا ساز!

    سنڌڙي سند اراز، ڀٽون ڪهين ڀر ٿيا ،
    صادق تنهنجا ساز، مٺا تنهنجي ماٺ ۾!

    صادق فقير جي وڇوڙي جو ڏک ڪنهن هڪ لاءِ ناهي، پر هر ڪنهن لاءِ گهر جي ڀاتي وانگر آهي. هن نقصان جو ازالو صدين تائين ٿي نه سگهندو. ڇو ته هيءُ نقصان رڳو صادق فقير جي وڇوڙي جو ناهي، هيءُ سانحو سنڌي ٻولي جو، سنڌي ثقافت جو ۽ موسيقيءَ جو به هانءُ ڦاڙي ڇڏي ٿو. بس ڇا ڪجي، جڏهن سڀني حيلن جا دروازا بند ٿيندا آهن، تڏهن صبر جي ضرورت هوندي آهي. منهنجو صادق فقير سان رت جو رشتو هو ۽ روح جو به رشتو هو. رت جا رشتا وقت تي پيڙهين جي صورت ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا، پر روح جا رشتا بنا ڪنهن پيڙهي ۽ فرق جي قيامت تائين برقرار هوندا آهن. صادق فقير سان دوستيءَ جي ناتي سان ثقافتي پروگرامن ۽ برادري ميڙاڪن ۾ به ملاقاتون ٿينديون هيون. هو جڏهن به ملندو هو، سچ پچ ته محسوس ٿيندو هو ڄڻ خدائي تحفو هجي. هن جي ملڻ سان ذري برابر به پريشاني هوندي هئي ته دور ٿي ويندي هئي ۽ خوشيءَ جي لهر گهلي پوندي هئي. اهڙا انسان سماجن کي ڪڏهن ڪڏهن نصيب ٿيندا آهن، جن کي اهي پنهنجي فخر ۽ سينگار ۾ شمار ڪري سگهن. صادق فقير خامين کان خالي ۽ خوبين سان مالا مال هو. بس موت جي راند زندگيءَ سان ئي هوندي آهي، پر ڪا ڪا زندگي اهڙي هوندي آهي، جو موت کي به جيتي ويندي آهي. صادق فقير جي وڇوڙي بر حق زندگيءَ کي جيت ڏني آهي.
    صادق فقير جو لفظن ۾ بيان ڪرڻ سج کي ڏيئو ڏيکارڻ آهي. بد قسمتي آهي جو اڄ هن جا ڳايل گيت “اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا” يا “هلندڙ لاريءَ مان، هڪڙو گل ڪري پيو” سچ ٿي چڪا آهن. واقعي اسان کان اڄ اهڙو گل ڪري پيو آهي جنهن کي ڳولڻ به ناممڪن ٿي ويو آهي.
    فيض محمد فراقي
    مٺي


    صادق فقير، ڪيترن لاءِ ئي ”وجه دوستي“ هو!

    1990 واري ڏهاڪي ۾ جڏهن منهنجي ٽين ايج کي اڃا موسيقي، شاعري ۽ ادب سان چاهه شروع ئي ٿيو هو ته "توکان ٿيندي ڌار" وارو صادق فقير هٿ جي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن انهن فنڪارن جي فهرست ۾ شامل ٿي چڪو هو، جيڪي ٽين ايج جي رولاڪ روح کي راحت ڏيڻ جون سڀ صلاحتيون رکن پيا. جيتوڻيڪ ننڍڙي عمر هوندي ۽ ادبي دنيا ۾ ڪابه سڃاڻپ نه هجڻ باوجود "توکان ٿيندي ڌار" جي شاعر سائين اياز گل سميت سنڌ جي ڪئين ناليوارن اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن سان ملاقاتون، واقفيت، ويجهڙائي يا دوستيءَ جو ناتو قائم هو، جيڪو اڃا به ادبي دنيا ۾ ڪا سڃاڻپ نه هجڻ باوجود قائم آهي- پر صادق فقير سان ملاقات جي خواهش گهڻي وقت تائين پوري نه ٿي سگهي هئي. ان دوران مٺي ۽ ٿر سان نسبت صرف صادق جي حوالي سان ئي هئي.
    شايد جاگرافيائي دوريءَ ۽ ان زماني جي محدود وسيلن سبب ائين لڳندو هو ته ٿر ڪنهن ٻيءَ دنيا ۾ آهي. ٿر جي ڪنهن به ماڻهوءَ سان ڪٿي ملبو هو ته حيرت ۽ خوشيءَ وچان پهريون سوال اهو هوندو هو ته "ڇا توهان صادق فقير کي سڃاڻو؟". اهڙو ئي معصوم سوال مون ڄام شوري ۾ پهرينءَ ملاقات دوران پنهنجي نوجوان شاعر دوست ستار وسنداڻيءَ کا به ڪيو هو، جيڪو گهڻي وقت تائين نه صرف صادق بابت منهنجي دلچسپيءَ کي ڏسندي نه صرف مونکي صادق بابت خطن ۽ ملاقاتن جو پيرائتو احوال ڏيندو رهيو، پر خبر ناهي ته ڪهڙيءَ ريت ستار مون تائين صادق جي گيتن کي سهيڙي هڪ ڪيسيٽ تيار ڪرائي موڪلي هئي.
    1995 ۾ پهريون ڀيرو مون صادق کي منهن سامهون ان وقت ڏٺو، جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ نون آيل شاگردن کي آرٽس فيڪلٽيءَ جي گرائونڊ ۾ ڏنل آجياڻي ۾ صادق فن جو مظاهرو ڪندڙ فنڪارن ۾ شامل هو. اڳتي هلي جيئن ڄامشورو منهنجي زندگيءَ ۾ آيل ڪيترين ئي تبديلين ۽ موقعن جو سبب بڻيو، ايئن ئي ڏسندي ڏسندي خبر ئي نه رهي ته ڪڏهن ۽ ڪيئن صادق سان پهرين باضابطه ملاقات ٿي، ڪيئن اها ملاقات ملاقاتن ۾ تبديل ٿي ۽ ڪڏهن مان صادق جي دوستيءَ جي دعويدارن جي فهرست ۾ شامل ٿي ويس. منهنجو صحافتي استاد ۽ سنڌي موسيقيءَ سان منهنجي چاهه کي "مڱڻهاري" ۾ تبديل ڪندڙ ناز سهتو ۽ منهنجو پيارو ترين دوست اسحاق سميجو اهي ٻه فرد آهن، جيڪي صادق سان منهنجي سڃاڻپ، ان جي هڪ مداح کان اڳتي وڌائي هڪ دوست تائين وٺي وڃڻ ۾ پل بڻيا- پر مان سمجهان ٿو ته صادق جو دوست ٿيڻ لاءِ ڪنهن پل جي ضرورت سنڌ کان وٺي سڄي دنيا تائين شايد ئي ڪنهن کي پيش آئي هوندي. هو ته ڪيترن ئي دوستن وچ ۾ اردو غزل جي سٽ وانگر "وجه دوستي" هو. اهڙن ڪئين دوستن جا نالا ۽ حوالا منهنجي ذهن تي تري ٿا اچن، جن کي مون صادق معرفت سڃاتو ۽ اهي منهنجا يا مان انهن جو دوست بڻجي ويس. ان دوران مان نوڪريءَ سانگي حيدرآباد ڇڏي اچي اسلام آباد وسائي ۽ خبر ناهي ته ڪيترا ڀيرا صادق اسلام آباد ۾ منهنجو مهمان رهيو، يا مان مٺيءَ ۾ سندس اوطاقي ٿيس.
    صادق ايترو صادق هو جو هن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان وٺي اسلام آباد ۽ سڄيءَ دنيا ۾ سندس دوستيءَ جي دعويٰ ڪندڙن مان ڪنهن جي به دوستيءَ کان انڪار نه ڪيو. هي اهڙو فقير هو جيڪو دوستيءَ جي ڪوڙي سچي دعويٰ ڪندڙن جي دعوتن جي هڙان وڙان خرچ ڪري محفل ڪرڻ پهچي ويندو هو. خبر ناهي ڪير صادق جو ڪيترو دوست هو، پر جيئن ته سندس دوستيءَ جي ڪوڙي سچي دعويٰ مونکي به هئي ۽ مون ان کان هڪ ڏينهن پڇيو ته "يار! تون ڪڏهن ڪنهن کان محفل جو معاوضو ته ڇا پر خرچ ڀاڙو به نه ٿو ڳالهائين" ته سندس جواب سندس پنهنجي شخصيت جهڙو سادو، پر سندس وڏائيءَ جو اظهار هو ته "يار! جي پاڻ پئسن جو حساب ڪتاب ڪرڻ ويهون ته مان صادق فقير نه هجان. ڀلا مون جهڙي فقير کي جيڪڏهن هڪ رات ۾ لک ڏيڍ مليو وڃي ته ڪهڙو مسئلو آهي، جي مان ڪنهن دوست جي هڪ رات جي محفل تي هڙان وڙان خرچ ڪري وڃان ۽ دوستن جو مان رکان".
    گذريل پندرهن سالن دوران اسلام آباد ۾ صادق جن چند ماڻهن جو مهمان هوندو هو، انهن ۾ مان به شامل آهيان. هتي جي دوستن نصير ميمڻ، مصطفيٰ ٽالپر، منور ميمڻ، دين محمد ۽ ٻين سان گڏ صادق سان ڪيتريون ئي ڪچهريون ۽ محفلون ٿينديون رهيون. اهڙي ئي هڪ محفل جو واقعو ياد ٿو اچي. صادق قائد اعظم يونيورسٽيءَ جي مهراڻ ڪائونسل جي سالياني فنڪشن ۾ ڳائڻ لاءِ آيل هو. سياري جي رات ۾ ميلوڊي فوڊ پارڪ مان رات جي ماني کائي اسان آبپاره جي ڪميونٽي هال ۾ فنڪشن واري هنڌ تي پهتاسين ته دوستن جا انتظام پورا سارا هئا. صادق اسان سان گڏ ڪچهري ڪندي، پنهنجي واري جو انتظار ڪري رهيو هو، جو آرگنائيزرس مان هڪ نوجوان اسان وٽ آيو ۽ صادق کي چيائين "سائين! اوهان مائيڪ ته پنهنجي کڻي آيا هوندا نه؟“. اهڙي حال ۾ به صادق پنهنجي فن جو ڀرپور مظاهرو ڪيو. ان فنڪشن کان پوءِ صادق اسان ساڻ گڏ رهيو، پر آرگنائيزر نوجوان صادق ۽ سندس سازندن کي ڪرايو ڀاڙو ڏيڻ کان نٽائيندا رهيا. آخر هڪ ڏينهن صادق انهن نوجوانن کي فون ڪري چيو ته "ادا! اوهان وٽ پئسا ناهن ته ڪا ڳالهه ناهي، اوهان هڪ دفعو ملي مون کي اهڙي ڳالهه ٻڌائي ڇڏيو. آئون اوهان کان رپيو به نه گهرندس".
    اهو ته هو سندس فقيري طبيعت جي ڪئين مثالن مان هڪ مثال. پر مان استاد فنڪارن لاءِ صادق جي عزت، احترام ۽ نوڙت جو پڻ اکين ڏٺو شاهد آهيان. صادق اسلام آباد ۾ آيل هو ۽ دوست مصطفيٰ ٽالپر ۽ مون لاءِ سندس هڪڙي ئي فرمائش هئي ته استاد فتح علي خان اسلام آباد ۾ آهي، ۽ بيمار آهي، مون کي ساڻس ملڻو آهي. مون مختلف دوستن کان ڏس پتو وٺي وڏيءَ مشڪل سان استاد فتح علي خان جو نمبر هٿ ڪيو. کيس فون ڪيم ته سنڌ مان هڪ مشهور راڳي اسلام آباد ۾ لٿل آهي ۽ اوهان ساڻ ملڻ ٿو چاهي. استاد فوري طور ملڻ جي حامي ڀري ۽ گهر جو ڏس ڏنو. مان ۽ مصطفيٰ ٽالپر صادق کي کڻي استاد سان ملڻ روانا ٿياسين. پر استاد ڏانهن وڃڻ کان اڳ ۾ صادق چوي ته هٿين خالي نه ويندس، ڪجهه وٺي ويندس. اسان اسلام آباد ۾ هٿ جي هنرن جا ڏهاڪو کن دڪان گهميا، پر صادق کي ڪو اجرڪ، لنگي يا کيَس استاد جي شايانِ شان نه لڳي. ڪو اهڙو تحفو نه هجي، جيڪو صادق سمجهي ته هڪ وڏي راڳيءَ وٽ کڻي وڃڻ جهڙو آهي. آخرڪار وڏيءَ مشڪل سان ڪي شيون پسند ڪري اسلام آباد جي مشهور ترين بيڪريءَ تان استاد لاءِ ڪيڪ وٺي، اسان مارگله ٽائون ۾ استاد جي گهر وڃي پهتاسين. مان ته صادق جي غائبانه سڃاڻپ ئي سنڌ جي هڪ مشهور فنڪار طور ڪرائي چڪو هوس، پر اتي پهچڻ شرط ئي صادق استاد جي احترام ۾ ان ڳالهه کان انڪار ڪري ڇڏيو ته هو ڪوئي فنڪار آهي. استاد جي آڏو سندس نهٺائيءَ جا ويڊيو منظر مون وٽ محفوظ آهن. دلچسپ ترين منظر اهو هو، جڏهن استاد فتح علي خان پنهنجو هارمونيم صادق آڏو رکيو ۽ کانئس ڪجهه ٻڌائڻ جي فرمائش ڪئي. اسان ڏٺو ته ڪيئن صادق استاد جي احترام ۾ ايئن شرمائي سُر ڇيڙيا ڄڻ هو پهريون ڀيرو هارمونيم تي آڱريون رکندو هجي. مان ۽ مصطفيٰ ٽالپر هنن ٻنهي استادن جي دلچسپ ڪچهري ٻڌندا رهياسين. هن ڪچهريءَ ۾ استاد فتح علي خان پنهنجي گهراڻي ۽ موسيقيءَ جي سفر جون ڪئين يادون اسان سان ونڊيون.
    صادق جون ڪيتريون ئي يادون منهنجي ذهن ۾ مسلسل هلنديون رهن ٿيون. اهي يادون ساڻس گڏ روڊن رستن تي ڪچهرين، ننڍين وڏين محفلن، سفر ۽ هڪ ٻئي جو مهمان ٿيڻ جي ڏهن پندرهن سالن تي ٻڌل آهن. صادق جي سادگي، مزاح واري حس، محفلن دوران سڌي اڻ سڌي جملي بازي ۽ سندس ذات جي هر ننڍي وڏي عمل مان ڇلڪندڙ سچائي ۽ سادگي هڪ لمحي لاءِ به اهو مڃڻ ۾ مدد نه ٿيون ڪن، ته هو اڄ اسان ۾ ناهي. ڪڏهن مون کي لڳي ٿو ته اسلام آباد ۾ لوڪ ميلو لڳو آهي ۽ اڄ سڀاڻ سندس فون ايندو ته مان اچان پيو. ڪڏهن مون کي لڳي ٿو ته حيدرآباد ايندي وري اسحاق سميجي ۽ منهنجو اهو پروگرام ٺهندو ته مٺي ٿا هلون، صادق سان ملئي ڏينهن ٿي ويا آهن. پر مون کي لڳي ٿو ته هن ڀيري اسحاق سميجو مون کان مٺي هلڻ جو واعدو ڪري آخري وقت تي موڪل گهٽ هجڻ جو بهانو ڪري، اسلام آباد هليو اچڻ تي ناراض نه ٿيندو- پر مون کي لڳي ٿو، هن ڀيري اسحاق ۽ مون وٽ ڪو به بهانو نه هوندو ، پر اسان مان ڪنهن کي به مٺي وڃڻ جي همت نه هوندي!!
    نياز نديم
    اسلام آباد


    خالد ڪنڀار مٺي

    هونءَ تـ هي ٿر ۾ ٻارن ۽ مورن جي مرڻ جي موسم آهي، پر هو ٻار هو يا مور، اهو ڪيرڪڏهن بـ طئـ ڪري ڪونـ سگهندو. هن جي ٽهڪن ۾ هڪڙو ٻار سدائين رهيو. ۽ هن جي آواز ۾اڃارن مورن جون ڪوڪون هيون . ائين هو اسان جو صادق فقير، ۽ ها ٻارن ۽ مورن جي موت تي تڏا دلين ۾ وڇائبا آهن. سو هن جي موت جو تڏو دلين ۾ ڪي ڪيترا ڏينهن وڇايل رهندو. جڏهن بـ ڪٿي ڪو ٽهڪ گونجندو تـ هو ياد ايندو، ۽ جڏهن بـ واريءَ جي ڀٽن تي ڪو مور ڪوڪندو، تڏهن بـ هو ياد ايندو. ڳالهـ ڳالهـ تي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندڙ صادق فقير اڄ واريءَ جي دڙي تي ڪنڊيءَ جي وڏي وڻ جي پاسي ۾، سنهڙي واريءَ هيٺان ابدي ننڊ سمهي رهيو آهي. اهڙي گهري ننڊ، جنهن مان ڪڏهن بـ ڪونـ اٿندو. هو جنهن جي مٽيءَ جو آخري سفر مٺيءَ جي گهٽين ۾ گلابن ۽ لڙڪن جي برسات سان ٿيو هو- ها هن لئـ هن شهر جا رُنا تـ عورتون ۽ ٻار بـ هئا. هن سان پنهنجو بـ ٽهڪن جو رشتو هو.

    خالد ڪنڀار
    مٺي


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 493
    ڪتابن جو مشاهدو: 468575
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 187990
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ