ڪتاب جو نالو: خاڪ ۾ گل
مصنف: ضمير کرل
ڇپائيندڙ: ڪنول پبليڪيشن
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2005
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 07 مارچ 2017 ع
پڙهيو ويو: 623 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 185 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
سعيد سومرو لکي ٿو:”ضمير کرل پرين ءَ جي پيرن جي مٽي پوڄيندڙ، مخصوص مزاج رکندڙ، ذاتي لحاظ کان بيحد وضعدار،سٺو پينٽر، صحافي، لوڪ پسند شاعريءَ جو جديد تسلسل آهي.مشهور عوامي شاعر ”استاد پيرل قنبر“ جي شاگردي صحبت ۾ رهي، هن نج پنهنجن رنگن سان، اهي احساس لفظي صورت ۾ پينٽ ڪيا آهن، جيڪي (ڄڻ ته) استاد پيرل قنبر کان رهجي ويا هجن.ضمير کرل شاعريءَ جي ساغر وچان ڪائنات سنسار کي جيئن ڏٺو آ تئين لکيو آ هي. هن پنهنجي شعري ڪينواس محدود موضوعن ۽ گهاڙيٽن بدران، لا محدود برشن سان لکي، سٺي پيشڪار شاعر هئڻ جو ثبوط ڏنو آهي. هن اجتماعي مفاد، جمالايات، تصوف، مٽيءَ جي مهڪ جهڙا اعليٰ قدر ميڙي، ڌرتيءَ ۽ پنهنجي خوابنده منزل جي ويجهو قدم رکيا آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب بابت
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • اداري پاران
  • تعارف ؛ داد جا خزانا کٽيندڙ شاعر ضمير کرل !
  • مهاڳ
  • ليکڪ پاران
  • ڪتاب ۽ شاعر بابت تاثر

  • تاج جويو
  • جواد جعفري
  • مدهوش ڀٽو
  • علي صفدر
  • احسان جوڻيجو
  • ظفر عباسي
  • سحر غفار
  • غزل

  • هونئن ڪيڏا ڀي بي چيا آهيون.
  • رات بارش، ياد ــ رستا ۽ اسين،
  • گڏ نه آيو ڪو، هِن سفر تائين،
  • تُنهنجي نيڻن ۾ مون ڏٺو آهي،
  • عشقُ الهام ٿي لٿو،ڇا ڪِيون !؟
  • جي گڏيل هِن دليون، پوءِ دوري نه آ،
  • ڌڪ پچائي پَڪا ٿي ويا آهيون،
  • دوستيءَ جو ڀرم، رکو ئي نٿا !
  • سڀئي راھ رستا، اسان جي اکين ۾،
  • تُنهنجي خط ۾ آ پيار جي خوشبو،
  • ڏٺي شئيءِ نه جيئن ڪنهن، خدا جي هٿن ۾،
  • منهنجي نيڻن تي ديدار جو ڀرت ڀر،
  • اسين گُم پاڻ هُون ڪاٿي، نٿا ڳوليون،
  • کُليو تاڪ دل جو، اُڏي تير آيا،
  • پنهنجي رُخسار تي چڳون لاڙي،
  • توکي هڪڙو دفعو ڏسي آيس،
  • هونءَ ڪيڏا ڀي بي چَيا آهيون،
  • روز ماڻهو ٿا ڪَن ڪيترا خود ڪُشي !
  • سونهنَ سان گڏ آ وفا ڀي لازمي،
  • جي نه توکي ڏسان ٿو، چُڀن ٿِيون اکيون،
  • ننڊَ ۾ ائين اکيون وِيون پورجي،
  • ٿورو ايذاءُ ڀي وڏو آهي،
  • ننڊَ مان ڄڻ ڪو ٻار جاڳي پَيو،
  • چئي ٿي چانڊاڻ، اڌ رات اٿندي نه ڪر،
  • مُرڪ، درد سان ٿي ڪري کيچل،
  • ناهي ڪا عشقَ جي بَها ٿيندي،
  • تنهنجو چهرو حَسين گلدستو،
  • پَني منجھ ويڙهيل مٺي ٿي اچئه،
  • تو به سارڻ ڇڏي ڏنو، مون ڀي،
  • نه سمجهون پاڻ کي ڪجھ ڀي، ٿا مُشتري سمجهون !
  • دربدر آهيان، در خدا ! ڏيندين،
  • مون کي پنهنجو حصو ڏئي ڇڏجان،
  • عاشقيءَ اداس موسم آ،
  • اچان ٿو روز ڪنڊيرن جا گهر ڏي ٽار کڻي،
  • مو مٿان ڏيئي تِجلا وَهيءَ جان لٿي،
  • پنهنجي سوچن سَندو سبب ٻاري،
  • پيارُ توسان ته آهي وڏي وقت کان،
  • تو منهنجي دل جو ٽڙيل ڦول آ سَٽَ ڏئي آ پَٽي ورتو،
  • راھَ ويندي نظر ٿي گُم وئي آ،
  • تنهنجو آهن اسان سان سارون گڏ،
  • پيارَ منهنجي کي پَرَ ته ڪونه هُيا،
  • نفرتن جون پڙهي ڪهاڻيون تو،
  • تنهنجي چهري تان ديد اُڏري وئي،
  • هر گهڙي هو تنهنجي چارن کي ڇُهيو،
  • جي پيار ڏين ته مونکي تون هر هر، رُسي نه ڏي !
  • چنڊ هوندو آ جئين ستارن ۾،
  • پنهنجا گهرَ، گهٽيون، بازر ڇڏيون ٿي وڃئه،
  • وَهندي بازار کي، ڪير روڪي ڀلا!؟
  • چنڊُ به روشن بيٺو آهي،
  • ڪَڙو چڙهيل هو تنهنجي پاڙي تي،
  • دل چَيو، ديدار لئه اک ڌارجي،
  • توڙي آهيان پنهنجي گهر ۾،
  • جاڳ، ننڊَ ۾ جَنين سان رهاڻيون رهيون،
  • ڌارَ ٿي وِيو آ يار، مرڪ ڀَلي !
  • سُڪون اوهان کي ۽ خود کي عذاب ڏينداسين،
  • شاعري وصل جي سزا آهي،
  • آ هلي آ وَٺون، عاشقيءَ جو مزو،
  • نظر سان نظر جو، ميلاپ ٿيندو،
  • دل ۾ تنهنجي رهڻ ٿو چاهيان مان،
  • منهنجي ويران ٿِيل جُهڳي کان پو،
  • چنڊُ آڪاس جي ڪهاڻي آ،
  • فون جو اوسيئڙو ڪيسين يارَ! مان ڪريان ؟
  • ها! مري پوءِ ڪيئن ــ جي سگهبو !؟
  • ماري هر ڪنهن کي لوڙِ ٿي پنهنجي،
  • پيار جي تو نه ڪَئي اطاعت آ،
  • سونهن تنهنجيءَ شڪار ڪِيو آهي،
  • پرين ويران پنهنجو گهرــ پڌرُ آهي اڃان تائين،
  • سيني مان ير هي سُور نڪري نٿو،
  • اوهان جي اکين ۾ سَوين رنگ آهن،
  • توکي ڏسندي ئي غمَ وَيا ڀلجي،
  • منهنجي دلڙي اداس ٿي پئي آ،
  • وارَ اُن ڏينهن کان اَڇا ٿيا هِن،
  • مون کي آواز ڏئي، تون لِڪي ٿي وڃين،
  • دل ته آهي زبان ڪونهي ڪا،
  • رات تو کي مون ايڏو سنڀاريو هُيو،
  • روز ڏئي آئينو چمڪا، پاڇائين ۾،
  • روحَ ــ رَتيون ٻَري هيون آهن،
  • پنهنجي تصويرَ تو کسي ورتي،
  • آءُ نا پاڪ، پاڪ در تنهنجو،
  • تنهنجي تصوير اک ۾ گُم ٿي وئي،
  • ڇوڪريون پنهنجو پاڻ ۾ گُم هِن،
  • هيءُ وٺ ‘ ضميرَ’ آڱر، هلڻو آ ڳوٺ هاڻي،
  • جان ٿڙڪڻ لڳي،
  • اِن نموني دماغ ۾ آهي،
  • وايون

  • هر ماڻهوءَ جو پنڌُ،
  • منهنجين اکڙين ۾،
  • دردن جي ديوار،
  • جهولُ گلڙن سان ڀريون،
  • توکي ڏسندي ئي مٺي!
  • مِلي ۽ وڇڙڻ،
  • ڏيندينءَ، ڪَن نه پيار ؟
  • تنهنجو اوسيئڙو،
  • ڳوٺَ جي ڳلين ۾ سکي !
  • پاڻ نه سگهيا سين ملي،
  • چانھه به وِسري وَئي اَٿئه،
  • ڏيڍ سٽا

  • ڇا لاءِ لِکين ٿي تون ؟
  • تو ڀرت ڀرڻ سکيو،
  • ها رات ملي وئي هُئينءَ،
  • ڇو ايڏي ڪاوڙ هُئي؟
  • ڪنهن سان به نه ملندي ڪر،
  • نڪُ تو جو سبايو آ،
  • ايڊريس مٽائي ڇڏ.
  • بس خالي لفافو هو،
  • هونئن ڪجھه ڀي ناهيان مان،
  • هي هُل آ پاڙي ۾،
  • وهنوار اجايا هِن،
  • هي ٽيڪسٽائيل مل،
  • مون کي ته لڳي ائين ٿو،
  • آواز مٽائين ٿي،
  • ڪٿ پنهنجي گهر ۾ آن،
  • توڙي جو ڏکن ۾ هان،
  • اکڙين جو ڏٺو توکي،
  • هُو کجيءَ وارو وڻ،
  • ڳوڙها جو ٽِمي پِيا ها،
  • تُنهنجي آيس پاڙي ۾،

  • ڪتاب بابت

    Book No 17
    • KHAK MAIN GUL خاڪ ۾ گل
    ( Poetry)شاعري
    • Zamir Kharalضمير کرل
    First Edition 2005ڇاپو پهريون، جنوري 2005 ع
    With All Rights Reservedڪئليگرافي : رضا بخاري
    KANWALڪنول
    Publication Kamber پبليڪيشن قنبر
    ملهه 50 روپيه


    ارپنا

    محسن استاد
    پيرل قنبر
    علي اڪبر شيخ
    جن منهنجي ادبي پينٽنگس واري دنيا ۾
    رهنمائي ڪئي.

    پياري دوست
    مرحوم ڊاڪٽر سرفراز سومرو
    غلام شبير سمون (راڳي )
    بزرگ
    ماما سائين زوار حسين بخش (بخشل ) کرل
    جنهن جي ڇانوء ۾ مون زندگي جون
    ٽيٽيهه بهارون گذاريون آهن.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب”خاڪ ۾ گل“اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب نامياري شاعر ضمير کرل جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.

    سعيد سومرو لکي ٿو:
    ”ضمير کرل پرين ءَ جي پيرن جي مٽي پوڄيندڙ، مخصوص مزاج رکندڙ، ذاتي لحاظ کان بيحد وضعدار،سٺو پينٽر، صحافي، لوڪ پسند شاعريءَ جو جديد تسلسل آهي.مشهور عوامي شاعر ”استاد پيرل قنبر“ جي شاگردي صحبت ۾ رهي، هن نج پنهنجن رنگن سان، اهي احساس لفظي صورت ۾ پينٽ ڪيا آهن، جيڪي (ڄڻ ته) استاد پيرل قنبر کان رهجي ويا هجن.ضمير کرل شاعريءَ جي ساغر وچان ڪائنات سنسار کي جيئن ڏٺو آ تئين لکيو آ هي. هن پنهنجي شعري ڪينواس محدود موضوعن ۽ گهاڙيٽن بدران، لا محدود برشن سان لکي، سٺي پيشڪار شاعر هئڻ جو ثبوط ڏنو آهي. هن اجتماعي مفاد، جمالايات، تصوف، مٽيءَ جي مهڪ جهڙا اعليٰ قدر ميڙي، ڌرتيءَ ۽ پنهنجي خوابنده منزل جي ويجهو قدم رکيا آهن.

    هي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران 2005ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري دوست، ڳڙهي خيري جي صحافي ساگر ڀٽيءَ جا جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    محبوب مندن جا خمار، ڳڀرو ڇوڪرين جي چنرين جا ڪجهه رنگ، باغيچي ۾ بهار جي پهرين ٽڙيل گل جي سڳنڌ سهيڙيو __ ته ان شئي جو نانء شاعري ٿي پوندو.
    اڄوڪي جلاد زماني جي انڌن روين هوندي به ان پوپٽي ڪوتا جا مجذوب عاشق سندس دم ڀريندي، مٿس ساهه جو ذرو ذرو وارڻ لاءِ بيقرار آهن. لفظ جن جي لاءِ پيغمبر آهن، جيڪي خوبرو خيال کي خدا جيڏو مرتبو ارپين ٿا،جيڪي هر دکي دل سان دم دم دکن ٿا.اهڙن ماڻهوئڙن جي لسٽ ۾، منهنجي ٽهيءَ جو ، عام ۽ خاص رنگت رکندڙ دلبر شاعر “ ضمير کرل ” پڻ ڳڻبو.
    ضمير کرل پرين ءَ جي پيرن جي مٽي پوڄيندڙ، مخصوص مزاج رکندڙ، ذاتي لحاظ کان بيحد وضعدار، سٺو پينٽر، صحافي، لوڪ پسند شاعر يءَ جو جديد تسلسل آهي.
    مشهور عوامي شاعر ”استاد پيرل قنبر“ جي شاگردي صحبت ۾ رهي، هن نج پنهنجن رنگن سان، اهي احساس لفظي صورت ۾ پينٽ ڪيا آهن، جيڪي ( ڄڻ ته ) استاد پيرل قنبر کان رهجي ويا هجن.
    ضمير کرل _انفرادي ڪيفيتن جي ڪاڪ _ محل کي، انفرادي لفظن جي جادوءَ سان تسخير ڪري ٿو. شيخ اياز بقول ”ساغر وچان ڪائنات ڪو ڪو ڏسي ٿو“ تئين ضمير کرل به شاعري جي ساغر وچان ڪائنات سنسار کي جيئن ڏٺو آ تئين لکيو آ هي. هن پنهنجي شعري ڪينواس محدود موضوعن ۽ گهاڙيٽن بدران، لا محدود برشن سان لکي، سٺي پيشڪار شاعر هئڻ جو ثبوط ڏنو آهي. هن اجتماعي مفاد، جمالايات، تصوف، مٽيءَ جي مهڪ جهڙا اعليٰ قدر ميڙي، ڌرتي ءَ ۽ پنهنجي خوابنده منزل جي ويجهو قدم رکيا آهن.
    سخت گير نقادن جي پرک مطابق منجهس ڪيئي اوڳڻ ٿي سگهن ٿا ! سندس غزل جو فن چنڊ وانگر جڳمڳائيندڙ به آ ته ڪنهن قدر ٿورو داڳيل پڻ آهي. ضمير کرل جو قلم “ نيم قبائلي ماحول ” ۾ رهڻ سبب، ڪنوارو شعر سرجڻ بدران ڪٿي ڪٿي ورجايل شعرن جي نقش قدم تي سنجيده ريز ٿي ٿو وڃي.
    اڌ سمايل نينگري ءَ جي ڳاڙه رتل ڳل تي ڏنل چُميءَ جهڙي ضمير کرل جي شاعري ءَ کي اوهان جون عاشقانا اکيون جيئن، جهڙو آجياڻو ڏئين _ ان جي اظهار جو انتظار رهندو.
    سعيد سومرو
    ڪنول پبليڪيشن قنبر
    20-07-2004
    Ph : ( 0743) 210595


    تعارف ؛ داد جا خزانا کٽيندڙ شاعر ضمير کرل !

    ضمير، جڏهن شاعريءَ جي صحن تي پهريون گل پوکيو ته ان وقت سندس عمر ويهه سال هئي. ان ۾ جوانيءَ جي آڳر تي جذبا نچندا آهن. ان پلن جا، احساس نه صرف رنگين هوندا آهن پر نازڪ ۽ نفيس پڻ ٿين ٿا. جڏهن ته ان وقت جون سموريون ڪيفيتون....... ڪاش محفوظ ڪري سگهجن ها ! پر ضمير به ذهين آهي، هو سمجهي ٿو، احساسات، محسوسات، ڪيفيتون، ڪيمرا جي اک به قيد نٿي ڪري سگهي، پر شاعريءَ اهو سڀ ڪجهه محفوظ ڪري ٿي وٺي. هي ان ڏانهن وڌي ٿو وڃي. اڄ هو شاعريءَ جي پهرين صف ۾ بيٺل آهي. هو لفظ لفظ ميڙي چونڊي خوبصورت سٽون ٿي جوڙي پوءِ انهن کي پنهنجي خوبصورت خيالن، احساسن سان ساهه ٿو کڻائي. هن جي شاعري ورقن مان نڪري اسان جي دل جي سپر هائي وي تي ڊوڙڻ لڳي ٿي. هو جڏهن اسٽيج تي اچي پنهنجو تخيل ٿو پڙهي، لمحي لاءِ به نه ٿو لڳي ته هو ڪو اسان کان الڳ آهي. ائين لڳندو آهي. “ اسان خيال آهيون، هو اسان جو زبان بڻجي ويو آهي ”. هو جڏهن اسٽيج کان لهندو آهي. ته ان وقت تائين هو اسان کان داد وارو سڄو خزانو کسي چڪو هوندو آهي، پوءِ به هن جو اندر ۽ اسان جي سخاوت ناهي کٽندي. هو اسان جي نظرن جي نهار جي داد ۾ سفر ڪندو پنهنجي جاءِ وٺندو آهي. ڪير ٿو چوي ته هن کي اهو سڀ ڪجهه رڳو شاعريءَ جي ڪري ملندو آهي. هن جو آواز به غضب جو آهي ته انداز به ماري ٿو وجهي. اسان ضمير کي سندس خيال تي تي داد ڏنوئي ناهي ته آواز هوائن جي ون وي تان ٿيندو، هر ٻڌندڙ جي دل ۾ لهي ويندو آهي. ان سحر کان نڪرندا ئي مس آهيون جو سندس انداز جو ڳاٽ اوچو ٿي ويندو آهي. ان ڪري ضمير نه رڳو ڪيفيتن جو شاعر آهي پر هو آواز ۽ انداز جو به شاعر آهي.
    1971 ع ۾ غلام محمد کرل جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ضمير کرل لاءِ ڪنهن کي به خبر ڪو نه هئي ته هي وڏو ٿي دوستن جو دادلو ۽ شاعري جي آسمان جو چمڪندڙ ستارو بڻجي ويندو ئ دوستي جي دنيا ۾ ماڪ ڦڙن جيان وسندڙ هي ڪلاڪار قد بت ۾ جيڏو وڏو آهي. هو ڏکن ۽ غمن جا ايترا ئي بار کنيو ٿو هلي. پوءِ به هن جي دلفريب مرڪ ۽ وڻندڙ ٽهڪ هن کان ڪو به کسي ناهي سگهيو. هن کي جيتري تڪليف ٿي پهچي ايترو ئي هن جي مسڪراهٽ گهري ٿيو وڃي. هن کان هن جي ماءُ کان پوءِ جڏهن سندس معصوم ڌيءَ فروه به اوچتو کلندي ڳالهائنيدي ڪي ئي ميارون ڏئي رسي وئي هئي ته ان وقت هن جي دل جي ڌرتي، ڪربلا جي تتل واريءَ جيان ٿي وئي هئي. جتي رڳو رت ئي رت هو. اکين مان پاڻي بجاءِ رت جا ڳوڙها ڳڙي پون ها. پر هن ڀريل اکين مان ڳوڙهن کي به اٿلڻ نه ڌنو هو. صرف ايترو چيو هئائين.
    رنو ايترو آ، سگهن ٿا تري ڀي،
    ڪاغذ جا ٻيڙا، اسان جي اکين ۾ !

    هو چوي ٿو ته، “ماءُ مونکان وڇڙي ٿورئي آهي... شاعري ۾ مون کي ماءُ بڻجي واپس، ملي آ........ فروه...... ! اها به الڳ ناهي ٿي....... هوءَ پنهنجي سڀني معصوميتن سان منهنجي دل ۾ لهي وئي آهي. پنهنجا سڀ ڏک درد، کل خوشيون، ارمان ۽ شرارتون کڻي منهنجي ذهن جي ڪينواس تي اهي رنگ چٽڻ لڳي آهي. جيڪي ڪڏهن مون ڏٺا به نه هئا.........! هوءَ منهنجي قلم جي رواني بڻجي وئي آهي ”
    ها يار ضمير ! تون صحيح ٿو چوين، تنهنجي قلم ۾ معصوميت به آهي ته شوخي به، تنهنجي قلم ۾ خوشيون به آهن ته حسرتون به........ تنهنجي قلم ۾ ارمان به آهن ته اميدون به........... پر ٻڌ ته سهي تو ائين ڇو لکيو آهي ؟
    دربدر آهيان، در خدا ! ڏيندين ؟
    گهرج ۾ آهي گهر، خدا ! ڏيندين ؟
    تون پاڻ کي بي گهر ڇو ٿو سمجهين ؟ هر پڙهندڙ جي دل تنهنجو گهر آهي، تون ئي ٻڌاءِ نه....... تون ڪٿي ٿو رهين..... ! ضمير منهنجا ڀاءُ ! “ تون طارق، زين، ساجد جي هٿن جي ٻڪن ۾ دعا بڻجي ٿو رهين.....!



    طارق خشڪ
    30-09-2004
    شهدادڪوٽ


    مهاڳ

    تنهنجو چهرو حسين گلدستو

    مونکان جيڪڏهن ڪو پڇي ته، شاعري ڇا آهي،؟ ۽ ان جو جواب هڪ پيرا ۾ گهري ته آءُ چوندس “شاعري دل جي زبان آهي ” جنهن کي سمجهڻ لاءِ به دردمند دل گهرجي.
    هتي مون دل جو استعارو ڪم آندو آهي، جنهن جو ڦهلاءُ ڪائنات جيترو وسيع آهي. ماڻهوءَ جي دل کان ٻاهر ڪا به شئي نه آهي، محبتن ۽ نفرتن جو سڀ ڪهاڻيون دل جي ئي سرزمين مان ڦٽن ٿيون، دل مان ئي خدا جي ڳولا جا دڳ ڦٽن ٿا ۽ وري اهي دل جي ئي ڪنهن ماڳ تي اچي پورا ٿين ٿا. آءُ جيڪڏهن چوان ته ‘ضمير کرل ‘ دل جو شاعر آهي ته ان جي معني ٰ اها ٿي ته ضمير کرل ڪائنات جو شاعر آهي. جيڪو شاعر ڪائنات جي سونهن کي سٽن ۾ سهيڙڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ان تي ڳالهائڻ لاءِ چند پل، چند جملا نه پر هڪڙو پورو ‘يُڳ ‘گهرجي. ڇو ته شاعر کي به پنهنجي دل جون ڪيفيتون سهيڙڻ ۾ پورو جنم لڳي وڃي ٿو.مان جڏهن پنهنجي ٽهيءَ جي شاعرن کي پڙهندو آهيان ته مون تي کوڙ سارا دل جا نوان انڪشاف ٿيندا آهن. جن کان پهرين آءُ لا علم پئي رهيس، نون انڪشافن جي کوجنا هر دل کي رهندي آهي، ائين ئي جيئن چَپَ پهرين چُميءَ کان پوءِ ٻي چميءَ جي ٽڙپ ۾ رهندا آهن.ضمير کرل جي شاعري پڙهندي مون کي محسوس ٿيو ته هن ڪيفيتن جي هڪ نئين ڪائنات دريافت ڪئي آهي، اهڙي ڪائنات جنهن تي اڃان ڪنهن ٻي شاعر جي اظهار جي قبضو ناهي ٿو، هن پنهنجي دل جي ڳالهه چوڻ لاءِ اهڙا عام واقعا چونڊيا آهن، جيڪي اسان جي روز مره جي زندگيءِ جو حصو آهن، پر اهي ٻي شاعر لاءِ ايترا اهم ناهن لڳا. ضمير انهن ئي غيرانهن ئي غير اهم واقعن کي، سٽن جو ويس پارائي اهڙو ته سنددر ڪري پيش ڪري ٿو جو اتان نيڻ هٽائڻ لاءِ دل راضي ئي نٿي ٿئي.
    صبح جو اسڪول ويندي يا موڪل مهل، معمول مطابق ڪيتريون ڇوڪريون ڪتاب چهري ڀرسان، هٿن ۾ جهلي، گذري وينديون آهن پر اسان ڪڏهن به ان ڳالهه تي ڌيان ناهي ڌريو، اهو ساڳيو منظر ضمير پنهنجي سٽن ۾ پوئي ان جي سونهن اسان کي پسائي ٿو.
    ســونــهــن توکـــي خدا آهــي بخشــي ڏنـــي،
    منهن لڪائي ڪتابن سان لنگهندي نه ڪر.
    ضمير جي هن شعر پڙهڻ کان پوءِ دل زور سان ڌڙڪڻ لڳي ٿي، ڇاڪاڻ ته چهري سان ڪتابن جي ڀاڪر ۾ ان ڇوڪريءَ جي دل به هوندي آهي. جيڪا اسڪو وڃڻ يا واپس اچڻ مهل، ڪنهن ڳڀروءَ کي ڏسندي زور زور سان ڌڙڪندي آهي.
    شاعري انهن منظرن، ڏيکن، احساسن، ڪيفيتن، ڀاونائن، لمحن ۽ ساعتن جو اظهار آهي. جيڪي اسان زندگيءَ جي گهما گهمي ءَ ۾ وڃائي ڇڏيون ٿا، نظر انداز ڪري ڇڏيون ٿا ۽ شاعر اهي ڪيفيتون ڀاونائون، مسڪراهٽون، احساس ۽ پل، اسان جي جيون ۾ ٻيهر کڻي اچي ٿو. اسان جي مئل اڌمن کي زندگي بخشي ٿو. ضمير جي لفظن ۾ اها سگهه آهي جو اهي ڪنهن ويران دل جي پٽ تي اميدن جا ساوا باغ آباد ڪري سگهن ٿا. ڪنهن ٺوٺ چپن تي مرڪ آڻي سگهن ٿا. ۽ ڪنهن نراس دل کي خوڪشئيءَ کان بچائي سگهن ٿا. شاعر کي مسيحا سڏيو ويو آهي، ان ڪري جو ان کي دل جي دردن جي دوا ڪرڻ اچي ٿي.هو ڪنهن دردمند دل کي پنهنجي لفظن جو آٿت ڏئي ان جا ڳوڙها اگهي سگهندو آهي. ضمير وٽ اهي سڀ ڏاءَ ۽ سڀ انداز آهن، ڇاڪاڻ ته هن جي پنهنجي دل به دردن سان ڀريل آهي ۽ هو ان معاملي ۾ گهڻو خوشحال آهي.
    ڪـــير ٿو چئـــي ته آهيـــان مــفلس،
    منهنجي دردن سان دل ڀري پئي آ.
    ۽ ان ڳالهه ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونهي ته ضمير جي زندگي ڏاڍي پُر درد ۽ المناڪ رهي آهي. هن زندگيءَ جي هر وک تي عذاب ئي عذاب ڀوڳيا آهن. هن جي جيون ۾ خوشين جو عمل دخل گهٽ رهيو آهي. ضمير ننڍپڻ کان ئي ڪنهن سٺي رانديڪي جي تمنا جواني تائين سانڍي آهي، پر هن جي مفلسي سندس ڪا آس راس ٿيڻ ناهي ڏني. ضمير جي اکين جا خواب ساڀيائن کان خالي رهيا آهن. ضمير جو سڀ کان وڏو الميو اهو آهي ته هن جي زندگيءَ ۾ جن تي گهڻو ويساه ڪيو آهي، انهن ئي ساڻس ڌوکو ڪيو آهي. هو بي انداز دوستن جي هوندي به ڄڻ دشمنن جي گهيري ۾ رهيو آهي. هن جن کان آٿت ملڻ جي اميد رکي، انهن ئي سندس ڪومل دل تي ٽانڊا وکيري ڇڏيا. شاعر جا لفظ، جيڪي هو سٽن ۾ پوئي ٿو، ڪنهن نه ڪنهن عمل جو ردِ عمل هوندا آهن. ضمير جي سموري شاعري ۾ جيڪي گهايل احساس پکڙيا پيا آهن، سي سڀ سماج جون، دوستن جون ۽ پنهنجن جون عنايتون ئي آهن. ضمير جون ڪيتريون ئي سٽون پڙهي منهنجي اکين ۾ پاڻي ڀرجي ٿو اچي.

    اچان ٿو روز ڪـــنڊيرن جا گهـــر ڏي ٽار کڻــي،
    جيئان ٿو مفلسي، جڳ جي غمن جا بار کڻي!

    هــــن ڏنو گــــل، خـــــوشيءَ مان اسان پئي رنو،
    عـــــادتـــون جـــو اڃــــان هــــن پراڻيــــون رهيــون.

    ڏسيــــن ڇـــا ٿــو ؟ ڪـــري ٽـــڪـــڙا وڌائين دل!
    اهــــي ئــــي ٿــــا خــــــدا، دل جــــا ذرا ڳولـــــيــــون.

    هي درد جو سڌو اهڙو اظهار آهي، جيڪو هڪ لحظي ۾ تير وانگر دل مان آر پار ٿي وڃي ٿو. هر شاعر جي شاعريءَ جو درد بنيادي محرڪ آهي پر ضمير وٽ درد گهرو ۽ اتاهين درجي جو آهي. هو خوشيءَ کي به پنهنجي درد سان گڏ بيان ڪري ٿو، جيڪو ڏانءُ ٿورن شاعرن وٽ آهي، جيئن ضمير مٿين شعر ۾ ڪيو آهي.

    هن ڏنو گل، خوشيءَ مان اسان پئي رنو،
    عـــادتون جـــو اڃـــان هــن پراڻـــيون رهيــون.

    محبوبه پاران خوشيءَ مان گل ڏيڻ ۽ ان خوشيءَ جي موجودگيءَ ۾ پنهنجي ماضيءَ جي اهنجن کي ساري روئي ڏيڻ، خوشي ۽ ڏک جو گڏيل اظهار آهي، جيڪو ڪنهن ڪنهن شاعر کي ڪرڻ ايندو آهي.

    ڏسين ڇاٿو ڪري ٽڪڙا وڌائين دل،
    اهــي ئـــي ٿا خــــدا دل جا ذرا ڳوليون.

    هن شعر پڙهڻ سان حساس ماڻهو ذرن پرزن ۾ ورهائجي وڃي ٿو ۽ اهي ذرا پرزا هٿن سان ميڙڻ باوجود نٿا ملن.

    اسانجو وقت سمورو ٿو گذري ڀٽڪڻ ۾،
    نه آهي ماءُ، جو چوي گهر ۾ اڄ گذار کڻي.

    هن شعر جي پُر اثر آهَ، آسمان جي غلافن مان گذري، خدا جي روح کي بي چين ڪري سگهڻ جي سگهه رکي ٿي. مون جئين مٿي عرض ڪيو ته ضمير جي شاعريءَ جي آڳر تي سڄي حياتيءَ جو درد پکيڙيو پيو آهي، جنهن جي سربستي نکيڙ ڪري ئي نٿي سگهجي.
    مــاءُ ۽ پــيءُ، ڪــونهــي محبــوبــا،
    زندگي اهڙي ڏک ۾ گم ٿي وئي.
    هاڻي اهڙي ڏک جي ڪَٿَ ڪير ڪري !؟
    اهڙي دل جو ماپو ڪٿان آڻجي، جيڪو ماءُ پيءُ جو وڇوڙي جو درد ماپي ۽ ان جي نه هئڻ جي احساس جي پيڙا ڪَٿي ! اهڙو ٿانءَ ڪٿان آڻجي جيوڪو محبوبا جي جدائيءَ جي ڏک جو ماڻ ڪري !
    منهنجي ذاتي راءِ آهي ته ضمير جي شاعري ۾ ايترو درد اِن ڪري آهي جو هو امامِ حسين رضه جو عزادر آهي. جيڪي شاعر پنهنجي ڀوڳنائن کي ڪربلا جي مقدس قربانيءَ جي پسمنظر ۾ علامتي طور آڻن ٿا ته انهن جون ڀوڳنائون به احساس جي ان لڙهه ۾ پوئجي وڃن ٿيون جنهن لڙهه ۾ دشتِ درد جون ڀوڳنائون آهن.

    ورسي جي ٿي ته شاعري ۽ ذڪر،
    بــــعـــــــــد مجلـــــس ِ عـــــزا ٿيــــنــــدي.

    ضمير پنهنجي حياتي امام ِ حسين رضه جي ذڪر ۽ فڪر تحت گذاري آهي پر مرڻ کان پوءِ به سندس خواهش آهي ته کيس ان ئي روايت تحت ياد ڪيو وڃي. ان جي ورسي ٿئي ته مشاعري ۽ مقالن کان پوءِ ذڪرِ حسين ۽ بعد ۾ مجلسِ عزا ٿئي.
    هي شعر به پڙهندا هلو.

    يـــــادگـــيــــــــــرين وڌو آ روئــــــــــــاري،
    ڄڻ ته اڄ شخص ڪنهن جو چهلم آ.

    ٿــــــــي ويـــــــا خـــــاموش تربت جا ڏيئا،
    ســـــــج اچـــــــــي سڀنـــي مزارن کي ڇهيو.

    ڪـــــــــوئـــــي هاڻــي حسين ٿي سگهندو ؟
    ٿـــــــــي وئـــــــــــي سنــــــــــڌ، ڪـــــربلا آهي !

    اهڙن شعرن کي پڙهجي ٿو ته درد جو پورو درياءُ دل جي ڌرتيءَ ۾ داخل ٿي وڃي ٿو ۽ پڙهندڙ کي روح تائين سيراب ڪري ٿو ڇڏي، اهڙن شاعرن جا لفظ دلين جا ويڄ ٿين ٿا.
    اصل ۾ سمجهڻ جي ڳالهه اها آهي ته شاعر جو جيترو محرڪ مظبوط هوندو ان جو اظهار ايترو سگهارو ٿيندو، جن شاعرن وٽ درد جو محرڪ غمِ حسين۴ آهي، انهن جو درد روايتي نه آهي. ان ڪري اهي درد جي لذت جا وڏا معراج ماڻين ٿا ۽ محبتن جو سفر جاري رکن ٿا، جيئن ضمير جو هي شعر،

    مون کي تنهنجي ٿي معرفت گهرجي،
    زنـــــــدگــــيءَ جــــي جـــــو انتــــــــها ٿيندي.

    ضمير کرل نه رڳو امامن جو عزادار آ پر ان جو نوحه خوان به آهي.

    شاعر ٿيڻ لاءِ اول پنهنجي دل سان آشنائي اهم آهي.
    ستارن جي هيٺان تنهائي جو طويل راتين ۾، پنهنجي دل سان طويل ڪچهريون ڪرڻ واري ماڻهوءَ جي ئي هٿن ۾ ڏات پنهنجوقلم ڏئي ٿي ۽ پوءِ هو پني تي پنهنجا لڙڪ ۽ مرڪون لاهي رکي ٿو. ضمير کرل به پنهنجي دل سان طويل ڪچهريون ڪيون آهن ۽ دل سان شناسائي حاصل ڪئي آهي. ڪنهن به شاعر جي ڪوتائن کي سمجهڻ لاءِ ان جي دل جي مسافت کي سمجهڻ لازمي آهي ته هن ڪهڙن پيچرن تي سفر ڪيو آهي ؟ درد جا ڪهڙا جهنگل ۽ صحرا پار ڪيا آهن ؟ انهن ڏولاون کي پڙهندڙ پنهنجي دل جي تارازي ۾ضرور توري. تڏهن ئي شاعر جي ڪوتائن جو نج احساس شئير ٿي سگهندو. ضمير جي دل جي ڪٿا هتان شروع ٿئي ٿي.
    کليو تاڪ دل جو اڏي تِيــــر آيــا،
    اکيون بند ٿي ويون وهي نِير آيا.
    هن ڪنهن جي آجيان ۾ دل جو پهريون تاڪ ئي کوليو هو، جو زماني جي ظالم ماڻهن تيرن جي بارش وسائي ڏني. اهي تير هن دل تي سَٺا، درد جي شدت کان اکيون بند ڪيائين ته ڳوڙها ڳڙي پيس، ڀوڳنا جي اهڙن پلن ۾ دوستن وري سندس دلجوئي هن طرح ڪئي.
    کڻي يار خنجر سان مرهم هنيائين،
    اڃــــــان دل کي ويــــتــر گهڻا جهيرآيا.
    سچ پچ ته ان ٻن شعرن ۾ جيڪو درد سمايو ويوآ هي، اهو پوري زندگيءَ تي ڀاري آهي. ڪو نثر نويس ان ڀوڳنا تي پورو ڪتاب لکي تڏهن به انهن ٻن شعرن تي ڀاري نٿو اچي سگهي. جنهن زماني جي اهنجن کان محبوب جي بي رخي تائين جو ڪَرَبُ آهي. ضمير جڏهن پنهنجي ڪٿا ٻڌائي ٿو ته روئي ڏئي ٿو.

    هو ڪهاڻي ٻڌائيندي روئي پيو،
    ذهن منهنجي ۾ ڪردار جاڳي پيو.

    ضمير جيڪو ڀوڳيو آهي، ان کي پنهنجي لهجي جي نواڻ ڏئي، شاعري جي سٽن ۾ امر ڪري ڇڏيو آهي. بيوسيءَ جي هيءَ ڪيفيت ضمير جي لهجي ۾ پڙهو.
    مــنهنجا آهـــن پر ڪٽيل ۽ قيد هـــان،
    مان ٿو سمجهان ڪو پکي اڏري نٿو.

    ۽ هي شعر ته هو بهو منهنجي ڪيفيت جي عڪاسي ڪندڙ آهي، منهنجي ڇا سڀني گهايل دلين جي عڪاسي ڪندڙ آهي.

    شاعريءَ، سوچڻ ۽ روئڻ کان سواءِ،
    روح ڪنهن ٻي چيز سان وندري نٿو.

    هن شعر پڙهڻ سان شاعر جي درد جي تصوير چٽي ٿي وڃي ٿي، ته آخر ڪهڙي شيءِ آهي، جيڪا شاعر کي سوچڻ ۽ پوءِ روئڻ تي مجبور ڪري ٿي، اها ڳالهه هو پاڻ ٻڌائي ٿو.

    جو ظلم ڌرتيءَ مٿان ٿئي ٿو ‘ضمير”،
    ظـــــــلـــــم سو آڪـــــــاش تي اتري نــــٿو.

    مون ڪٿي پڙهيو هو ته جڏهن شاعر وٽ اعليٰ درجي جو آرٽ اچي ويندو آهي، تڏهن هن جي اظهار ۾ گهڻي سنهنجائي اچي ويندي آهي ۽ ڏکئي کان ڏکيو خيال ان شاعر وٽ سولي کان سولو روپ ڌاريندو آهي، سادگيءَ سوا اظهار جي ڪائي سونهن نه آهي.
    پني منهجه ويڙهيل مٺي ٿي اچئه،
    لڪائي تون پڙهجان چٺي ٿي اچئه.

    سنجيده رڳو توکي سمجهيو هو مون پر،
    کشـــــٽ پيـــــار ۾ ڀــــي سٺـــــي ٿـــي اچئه.

    ڪيڏو سادو ۽ سلوڻو، بي ساخته اظهار آهي، پني ۾ چُمي ويڙهي ڏيڻ، ڪيڏو نه رنگين ۽ گهرو عڪس آهي !
    اسان سنڌ جا تقريبن شاعر هڪڙي ئي سماجي طبقي سان واسطو رکون ٿا، ان ڪري اسان جا ڏک، درد، اهنج، سک ۽ ڪلپنائون به ساڳيون رهيون آهن. ان کان سواءِ شاعريءَ جا صدين پراڻا موضوع پيار، وڇوڙو، سونهن، وصل، ڌرتي، سرتي ۽ ٻيا انيڪ موضوع ساڳيا رهيا آهن. هڪ شاعر وٽ جيڪڏهن پنهنجي اصلي شيءِ آهي ته اهو آ سندس انداز بيان يا اسلوب. جنهن شاعر کي پنهنجو اسلوب ناهي ان کي شاعر نٿو چئي سگهجي.( شاعر لفظ پنهنجي وجود ۾وڏو مانائتو ۽ شانائتو لفظ آهي) ضمير وٽ نه رڳو پنهنجو لهجو آهي پر ان جي پيشڪش جو انداز به ڏاڍو خوبصورت آهي.
    ضمير ٿوري عرصي ۾ پنهنجي دل جي رياض سان پنهنجو منفرد لهجو جوڙي ورتو آهي، جنهن ڪري هاڻي ان آواز مان ئي سڃاڻپ ٿئي ٿي ته اهو ضمير ئي آهي، شاعر جي اها وڏي سڦلتا آهي ته هو پڙهندڙن وٽ پنهنجي سڃاڻپ پنهنجي لهجي سان رکي ٿو، نئين ٽهي جي شاعرن ۾ اهڙا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا شاعر مس آهن، جن کي پنهنجو منفرد لهجو آهي. انهن شاعرن ۾ ضمير کي هٿ جي مهڙين آڱرين تي ڳڻي سگهجي ٿو. اوها ضمير جو لهجو پڙهو، ٻڌو ۽ ان جي سادگي، ڪوملتا ۽ حساس پڻي مان ٿورو محضوض ٿيو، ڏسو ته انهيءَ ۾ ڪيئن نه ڌاڻن جي خوشبو، ڦوٽن جي داڳ جي نرالي سرهاڻ آهي.

    توکي بس مرڪون ڏيندو آمد تي،
    ڇـــــو جو مفـــــلس جو هي تڏو آهي.

    آ هلي آ وٺون عاشقيءَ جو مزو،
    پيار جي هر پهر هر گهڙيءَ جو مزو،
    تون حسين آهين گلڙن کي ڀر ۾ نه رک،
    ڏي وٺڻ پنهنجي تون سادگيءَ جو مزو.

    اسان جي آزمائش لئه ٿورو وقت ڪڍو،
    ذري، ذري جو اکين سان حساب ڏينداسين.

    تنهنجي گهر تائين پهچي سگهيا ڪينَ چَپَ،
    ڳوٺ گاڏيءَ مان تنهنجو چمن ٿيون اکيون.

    جن جي نٽهڻ ۾ منهنجي مٿان ڇانوَ هئي،
    سي ڪري ڪالهه وِيا ڇانورا خود ڪشي !
    آئي پَنَ ڇڻ جي رُت، هوريان، هوريان،
    ڪن وڻن جا پَتا ڀي پَيا خودڪشي.

    هونءَ ڪــــــيڏا ڀــــــي بــــي چَيا آهـــــيون،
    سونهن وارن جي اڳيان جهڪيا آهيون.

    ويٺي هَلڪي تو مرڪ مرڪي پئي،
    ان تي ڏه، ڏه دفعا ڪسي آيس،
    مون سڃاتو نه پاڻ کي جانان !
    تنهنجي پاسي مان جو اٿي آيس.

    اهڙيون سوين سٽون ٻڌائن ٿيون ته هي ضمير جو آواز آهي. جنهن ۾ ٻئي ڪنهن لهجي جي رتي برابر به ملاوٽ ناهي. آءُ ضمير کي پنهنجي لهجي جو پختو شاعر سمجهان ٿو، غزل جي حوالي سان ضمير پنهنجو پاڻ مڃايو آهي، هن غزل کي سادگي ڏيڻ سان گڏ غزل جي زمين ۾ ڪيترن ئي نون احساسن جا گل پوکيا آهن. هو جڏهن ڪنهن منظر جو لفظن جي ڪيمرا سان عڪس وٺي ٿو، تڏهن ڪيترين ئي دلين جي ڌڙڪن هيٺ مٿي ڪري ڇڏي ٿو ۽ دليون پنهنجي سفر تان موٽي ضمير جي ڏيکاريل منظر ڏانهن منهن ڪري بيهي رهن ٿيون.

    پنهنجي رخسار تي چڳون لاڙي،
    ڪيتريون ئي ڇڏيئه دليون لاڙي.

    تنهنجي بيهڪ جو معجزو آهي،
    چنڊ تارا ڇڏيئه ڪتيون لاڙي.

    هاڻي ڪهڙي ڪافر دل آهي، جيڪا حسن جي اهڙي شاهڪارن ڏسڻ لاءِ نه تڙپندي. بدن جي اهڙي بيهڪ کي ڀاڪر ۾ ڪرڻ نه گهرجي ( جنهن جي بيهڪ چند، ڪتي، ۽ تارن کي به لاڙي ڇڏيو آهي ). ضمير جي ان شعر پڙهڻ سان منهنجي نيڻن تي انهن اپسرائن جا بدن تري اچن ٿا، جن جو ڇهاءُ منهنجي قسمت ۾ آيو آهي. آءُ چوان ٿو، کوڙ اهڙا احساس آهن، جن جي زبان صرف شاعر ئي ڏئي سگهي ٿو، اهي احساس نه ته ڪنهن ڪيمرا جي اک ۾ قيد ٿي سگهن ٿا ۽ نه ڪنهن مصور جي هٿ جي ڪرامت سان جاڳي سگهن ٿا. انهن کي زندگي صرف ضمير جهڙو شاعر ئي بخشي سگهي ٿو.
    هـــــي ڪــــهڙو ‘ضــــمــــير ‘ سگــــنل آ،
    سيني ڏي ٿئي ڇڏيون سڳيون لاڙي.
    سيني ڏي سڳيون لاڙن جو احساس ضمير پڙهندڙن کي ڪرايو آهي ته ڪنهن اپسرا اڳيان سڳيون ڪري ڪهڙو سگنل ڏيڻ گهريو آهي. اها ڳالهه سمجهڻ کان پوءِ پڙهندڙ جي دِل جي حالت ڏسڻ وٽان جهڙي ٿي وڃي ٿي. ڪائنات جي حسين تخليق عورت آهي. سونهن جا سمورا رنگ اِتي اچي ڇيهه ڪن ٿا.ضمير جيڪو حسن پسيو آهي، ان جو درشن شايد ئي ٻئي ڪنهن ڪيو هجي. ضمير هميشه سونهن کي پنهنجي ساهه جي ويجهو ڄاتو آهي.
    توکي ڏسندي ئي غم ويا ڀلجي،
    ٻيا زماني جي ڪم ويا ڀلجي،
    نيڻ تنهنجي بدن ۾ ضم ٿي ويا،
    ســـاهه کـــــان ڀرڻ دم ويا ڀلـــجي.

    واقعي به جنهن پرينءَ کي ڏٺو، انهيءَ جا غم ته انهيءَ لحظي ۾ لهي ويا ۽ جڏهن سونهن سامهون هجي ته پوءِ ٻيا ڪم ڪٿي ياد رهندا.

    ڪنهن ڏي ڏسڻو نه هو حياتي ڀر،
    تــــوکي ڏسنـــــدي قسم ويا ڀلـــجي.
    سونهن جا سڪايل ماڻهو (جن ۾ ضمير به شامل آهي ) وِکَ وِکَ تي اهڙا قَسم ٽوڙيندا رهن ٿا.

    پير دل جي ڪــلب تي پاتئي،
    دل کان پنهنجا رڌم ويا ڀلجي.
    دل جي ڪلب، نڪور ترڪيب.
    مون سان ناراض ٿيڻ جون مذاقون نه ڪر،
    ڀئو ٿــو ٿئي مـــتان تون پــــڪي ٿي وڃين.

    مذاق جي پٺيان جيڪو پڪي ٿيڻ وارو ڀئو آهي، ان مان جان ڇڏائڻ لاءِ ضمير چاهي ٿو ته هو پنهنجي محبوبه سان هڪ ڀيرو جهيڙو ڪري جئين اها هن سان اهڙي مذاق ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي جهڪي ٿي وڃي.
    مان به چاهيان ٿو هڪ ڀيرو جهيڙو ڪريون،
    جيئن کيچل کان اڳـــتي جهـــڪي ٿي وڃين.

    پيار ڪرڻ وارا اهڙي کيچل يا مذاق جنهن ۾ رُسڻ جو ڀئو هجي کان پري رهن ته بهتر آهي.

    تو مٿان ڪيئن گلڙن جي ورکـــا ڪــــيان،
    ڇو ته سکين جي سٿ ۾ ڍڪي ٿي وڃين.

    هن شعرجي سونهن جو اهڙو منظر آهي، جنهن کي جڏهن تصور جي اک سان ڏسجي ٿو، اکين ۾ چمڪ ۽ چپن تي مرڪون تري اچن ٿيون.

    دل تـــــه آهـــــي زبـــــان ڪونهي ڪـــا،
    سامهون تون آهين جان ڪونهي ڪا.

    اڪثر پيار وارن جي تڪليف اهڙي هوندي آهي، جو هو جڏهن پنهنجي محبوب جي سامهون ايندا آهن ته سندن حواس منجمند ٿي ويندا آهن، چوڻ جي لاءِ گهڻو ڪجهه هئڻ جي باوجود چئي ناهن سگهندا.انهن جي سرير مان ساهه ڇڏائي ويندو آهي. ڇو ته سونهن ۾ بندوق يا ڌاڙيل کان وڌيڪ دهشت آهي، ۽ عاشق ٿيندو ئي معصوم آهي.

    تنهنجو چــــهرو حســــين گلدستو،
    جنهن ۾ جانان آ ڦول هر رنگ جو.

    هي خيال جنهن ۾ جانان جي چهري کي گلدستي سان تشبيهه ڏني وئي آهي، جنهن گلدستي ۾ هر رنگ جو گل آهي، اهڙي تشبيهه لاءِ شاعر سر گردان هوندا آهن.

    ڪالهه جو توکي مون چتائي ڏٺو،
    کير پيئڻ ئي رات جو وسري ويو.

    بلڪل نڪور اڇوتو خيال آهي. جنهن سونهن جي سُرڪي پيتي ان کي کير پيئڻ ڪٿي ٿو ياد رهي ؟

    ڳوٺ ٻنـــــهي جـــــو ساڳـــــيو آ پــــر،
    هونئن هر ڪنهن جو آ جدا رستو.

    ساڳئي ڳوٺن جي ماڻهن جا رستا جدا جدا ٿين ٿا، پوءِ اهي رستا سوچ جا هجن، ڪردار جا هجن يا عمل جا هجن، ان عام ڳالهه کي ضمير ڌيان تي آندو آهي. ضمير جهڙا شاعر معمولي ۽ عام ڳالهين مان به حڪمت ۽ دانش جا بي بها وکر ڳولي ڪڍن ٿا. بعد ۾ انهن جي اهميت ۽ سونهن عام جي آڏو اجاگر ٿئي ٿي.
    اها طئه ٿيل ڳالهه آهي ته شاعر کان وڌيڪ ان جو نقاد اهم ۽ ذميوار آهي، ڇو ته شعر جي اندر لڪل حڪمت جا خزانا نقاد ئي کوليندو آهي. نقاد جڏهن ڪنهن شعر تي ڳالهائي ٿو ته هو شعر ۾ لڪل حسن ۽ رعناين کي پوري جوڀن سان پڙهندڙ جي سامهون آڻي بيهاري ٿو ۽ پڙهندڙ کان پنهنجي دل جي ڌڙڪن وسري وڃي ٿي.بلڪل اهڙي طرح جيئن ڪا اپسرا سامهون اچي پنهنجي نقاب کي پري ڪري ڏسندڙ کان پنهنجا ساهه کڻڻ وسري وڃن ٿا. نقاد جي جماليات واري حِسَ شاعر کان وڌيڪ حساس هئڻ گهرجي ۽ نقاد جي اک شاعر کان وڌيڪ گهري هئڻ گهرجي، جو شعر جي گهڻ پاسائي سونهن جي نکيڙ ڪري سگهي، جيڪڏهن ڪو نقاد شاعر شعر کان وڌيڪ سٺو نٿو ڳالهائي / لکي سگهي ته ان کي ڳالهائڻ / لکڻ نه گهرجي، ڇو ته پوءِ (آءُ سمجهان ٿو ) اها سونهن ۽ سندرتا احساس سان خيانت ٿيندي. ان کان بهتر آهي ته شعر کي پڙهي ان جو لطف ماڻجي ان تي تبصرو نه ڪجي. هونءَ به شاعريءَ تي تبصرو ناهي ٿيندو، شعر ۾ سمايل ڪيفيتون پنهنجي دل سان (مئچ ) ڪري پڙهي، اکيون پوري ( ڪي پل ان سرور ۾ رهي ) لذتن جا نوان جهان ماڻي
    ضمير جا اڪثر غزل بنا تبصري پڙهڻ جهڙا آهن، اچو ته ڪجهه غزلن جا بند بنا تبصري پڙهون. انهن جي سونهن ۽ درد اکيون پوري دل جي پاتال ۾ محسوس ڪريون.

    مونکي منهنجو حصو ڏئي ڇڏجانءِ،
    پوءِ دَرَ کي ڪُنڊو ڏئي ڇڏجان ءِ،

    گڏ نه آيو ڪو، هِنَ سفر تائين،
    نــــيڻ آلا رهــــــيا قــــــــبر تائــــــين.

    دربدر آهيان، دَرَ خدا ! ڏيندين ؟
    گهرجَ ۾ آهي گهر، خدا ! ڏيندين ؟
    دوستــــــن ڀــــي ڇڏيو آ ٺــــــڪرائي،
    ڪو نئيون همسفر خدا ! ڏيندين ؟

    آءُ ناپاڪ، پاڪ دَر تنهنجو،
    سوچَ ۾ آ سڄو شهر تنهنجو،
    روز ڪن ٿا طواف سَوَ ماڻهو،
    ڪعبو بڻجي وَيو آ گهر تنهنجو.

    جڏهن ضمير سان منهنجي پهرين ملاقات ٿي هئي ته شاعريءَ تي ڳالهائيندي مو کيس چيو هو “ شاعر جي مشاهدي ۾ آيل واقعو جيستائين پنهنجي معروضي حالتن مان گذري مڪمل نٿو ٿئي، تيستائين ان جو اظهار نه ڪجي. ٻين لفظن ۾ ۾ خيال پچي لال نه ٿئي، تيستائين ان کي پني جي آڳر تي نه لاهجي، نه ته ان ۾ ڪچائي رهندي ”.
    اڍائي ٽن سالن کان پوءِ ساڳيءَ ڳالهه بابت ضمير مونکي خط ۾ لکيو، “ مون تنهنجي ڳالهه سان ڳنڍ ٻڌي هئي. مون پنهنجن مشاهدن کي پنهنجي ذهن ۾ پچڻ لئه ڇڏي ڏنو هو. هاڻي اهي پچي پاڻ ئي پني جي آڳر تي اچي رهيا آهن.”
    مون ڏٺو آهي ته هاڻي ضمير جي شاعريءَ ۾ اهڙا پڪا رنگ اچي ويا آهن، جو وقت انهن جي سونهن کي ڦٽائي نٿو سگهي. وقت ان جي نکار کي ميرو بٿو ڪري سگهي، بلڪه سن ۾ ڏينهون ڏينهن جَرڪَ ۽ چمڪ ايندي ويندي.
    شاعريءَ تي ڳالهائڻ لاءِ ڪيترائي جنم گهرجن، ڇو ته سونهن جو ڪوئي ڇيهه ناهي ٿيندو ۽ شاعري سونهن جي نکيڙ آهي.

    معصوم بخاري
    30 آگسٽ 2024
    راڌڻ (دادو)


    ليکڪ پاران

    ديوانگيءَ ۾ لکيل سِٽون

    شاعري صرف ٻن سٽن جوڙڻ جو نالو ناهي، سنجيده ۽ شائسته شاعري سرجڻ لاءِ مطالعي، مشاهدي سميت ٻيون ڪيتريون ئي گهرجون هجن ٿيون، جيڪي پوريون ڪرڻيون پون ٿيون، جيڪو ڪم مون جهڙن ايب نارمل، سُست ماڻهن جي وس کان ٻاهر آهي.
    شاعر ٿيڻ لاءِ وزن، بحر سميت ٻي علمي قابليت کانسواءِ محبت لازمي هجي ٿي. توڙي جو آءُ انهن مڙني شين جو پوراءُ نٿو ڪري سگهان ۽ نه ئي ڪو مون وٽ شاعري سرجڻ جو سمورو فن / سليقو آهي، شعوري، لا شعوري طور ديوانگي ۾ جيڪو ڪجهه لکجي ويو آهي، اهو ڪتاب جي صورت ۾ اوهان آڏو حاضر آهي.
    مون پنهنجي استاد ‘پيرل قمبر’ جي وفات کانپوءِ شاعريءَ جي فني سکيا لاءِ تمام گهڻو عذاب ڪاٽيندي شاعريءَ جي اصلاح لاءِ هڪ اڌ ٻيو درُ واجهايو پر ان درَ جو مان چاهيندي به طالب نه ٿي سگهيس ۽ استاد جي ان ڏسيل واٽ شاعريءَ جي پر پيچ پيچري تي نڪري پَيس. ان رستي ۾ مونکي جيڪي ڪجهه ڪڻا داڻا مليا آهن، اهي پياري دوست فتاح ابڙو، سحر غفار، سعيد سومري جي اڻ ٿڪ محنتن بدولت اوهان جي هٿن آهن.
    مونکي ادبي دنيا ۾ منهنجي محسن دوستن عبدالواحد سومري، نثار شاهين، ڊاڪٽر ظفر عباسي ۽ ٻين ڪيترن دوستن متعارف ڪرايو. مان ان ‘حسينا’ جو به احسان مند آهيان، جنهن پنهنهجو هٿ ڇڏائي شاعريءَ جهڙي اڻ کٽ دولت سان نوازيو، جنهنڪري پنهنجو چاھُ لفظن جي صورت ۾ چوڏهن ورهيه گذري وڃڻ باوجود اَمر آهي. هيءَ ‘ هُن ’ جي ڏنل سوغات ‘شاعريءَ ’ جو هڪ معجزو آهي، جنهنڪري سموري سنڌ ۾ بي پناھ، پيار ڪندڙ دوست مليا آهن.
    هن ڪتاب سهيڙڻ ۾ مون تمام گهڻي تڪڙ ڪئي آهي، ان ۾ دوست عبدالرافع، طالب ننگراڻي،شيخ فرازي سميت ٻين دوستن جو پيار ۽ سڳنڌ شامل آهي.
    مون کي اصل ۾ پنهنجي استاد جي وفات کان پوءِ ڪنهن سٺي شاعر جو هَٿُ وٺڻ گهربو هو ۽ پوءِ پنهنجي شاعري اصلاح ڪرائي، ڪتابي صورت ۾ آڻڻ گهربي هئي. مگر الائي ڇو ائين مناسب نه سمجهيم، توڙي جو هِن ڪتاب ۾ آيل شاعريءَ کي اصلاح جي گهرج به هُئي. پنهنجي شاعريءَ کي اهڙي حال ۾ دل جي چئي تي رهڻ مناسب سمجهي ڪتابي شڪل ڏيڻ ۾ خوشي محسوس ڪريان ٿو. ڇو ته هي جهڙو تهڙو آهي، منهنجو پنهنجو پورهيو آهي، هن ۾ ڪو به ڀاڱي ڀائيوار ڪونهي. هن ڪتاب مان اگر ڪنهن کي به منهنجي هڪ اڌ سٽ سٺي لڳي به ته اها منهنجي ڪاميابي ڀاسبي. هونءَ ته دنيا ۾ لکين شاعر آهن، جن هزارين شعر سرجيا آهن جن جي شاعريءَ مان هڪ اڌ سٽ قبول ڪئي وئي آهي ۽ آءُ ته انهن آڏو ڪِوليءَ واري حيثيت به نه ٿو رکان !
    مو لاءِ خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته خاص ڍنگ سان نه ئي سهي پر سادي نموني ئي مون پنهنجي دل جي اها ڳالهه اوهان وٽ پهچائي آهي. هاڻ اهو اوهان تي ڇڏيل آهي ته اوهان هن منهنجي قلمي پورهئي کي ڪهڙي نظر سان ٿا ڏسو، مون کي خوشي ۽ فخر آهي ته ادبي دنيا ۾ فتاح ابڙو، گلبهار باغائي، اختيار ڀٽي، انور ڪليم، پرڪاش ڪمار، مدهوش ڀٽو، علي ذاهد، عبدالله شاھ اطهر، غلام سرور نقوي، صدر جمال دايو، عزيز قاسماڻي، ڪامريڊ ولي محمد مڱڻهار، آصف مٺياڻوي، گلشن شيخ، ممتاز جويو، فدا سيلرو،ملهار سنڌي، پروفيسر خالد حسين چنه، محمد علي پٺاڻ، شهيد زخمي چانڊيو، احمد علي صابر چانڊيو، خادم ڀٽي، ناشاد رشيد سنڌي، رضا بخاري، جهڙا مهربان دوست ۽ رهنما مليا آهن.
    آخر ۾ مان محترم تاج جويو، معصوم بخاري، جواد جعفري، ڊاڪٽر ظفر عباسي سميت تن دوستن جو ٿورائتو آهيان، جن منهنجي شاعريءَ تي رايا ڏيئي مون کي منزل رسائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. دعا ڪجو ته ڪک مان جنم ڏيندڙ ماءُ ۽ سنڌ امڙ جو قرض لاهي سگهان.

    ضمير کرل
    تعلقه اسپتال روڊ ــــ شهدادڪوٽ
    فون : 412763- 0741413885
    26 آڪٽوبر 2004


    ڪتاب ۽ شاعر بابت تاثر

    تاج جويو

    پنهنجو انفرادي رنگ کڻي ايندڙ نوجوان شاعر ضمير کرل جي شاعريءَ جو خوبصورت مجموعو ‘ خاڪ ۾ گل ’ پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته اسان جي نئين ٽهيءَ جا شاعر مطالعي، مشاهدي ۽ تجربي، ڏانءُ سان گڏ پنهنجي ڏات جو سوجهرو کڻي آيا آهن ۽ هو پنهنجي پيش روئن جو ڪوتا ــــ گلاب واٽ تي وکون کڻي، پاڻ مڃائڻ جي پنڌ ۾ نڪتا آهن ۽ پاڻ مڃائي رهيا آهن. ضمير کرل جي شاعري ٿڌي اهو هوا جو جهوٽو آهي، جيڪو لُڪن ۽ جهولن جي ديس ۾ فرحت،راحت ۽ هڳاءُ جو احساس ڏئي ٿو. هن جا نرم ۽ سَرل، سوڀياوان لفظ جڏهن ڪوتا لڙيءَ ۾ پوئجي پني تي يا چپن تي اظهارجن ٿا ته ائين محسوس ٿئي ٿو ته انهيءَ ۾ هن ڌرتيءَ جي صدين جو درد سمايل آهي. گڏو گڏ هن جا اهي نرم لفظ سماجي بي انصافين کي ڏسي بڙڇين جو روپ به اختيار ڪري وٺن ٿا. هن ڏس ۾ هن جا غزل ۽ وايون پڙهڻ وٽان آهن ۽ مون کي پڪ آهي ته هي شعري مجموعو سنڌي ڪوتا کيتر ۾ هڪ سهڻو اضافو ٿيندو.

    تاج جويو
    20.10.2004


    جواد جعفري

    چوندا آهن ته روئڻ ۽ ڳائڻ سڀ ڪو ڄاڻي ٿو، پر اهو چوندي ڪو نه ٻڌو آهي ته هر ماڻهو تخليقڪار ۽ آرٽ ڪار هوندو آهي. ڇو ته اها ڏات سڀ ڪنهن لاءِ نه هوندي آهي. پر ڪن مخصوص انسانن جي حصي ۾ اچي ٿي. هُونئن تخليق يا ڪو به فن پارو سرجڻ نئين ڳالھ نه آهي. پر صدين کان اهو سلسلو جاري آهي. فقط جداري ڳالھ اها آهي ته هر فنڪار جو انگ ڍنگ، اندازِ بيان پنهنجو پنهنجو هوندو آهي، اُن ڪري هر تخليقڪار مٿانهون ۽ جدارو مانُ لهي ٿو.
    ڪَوِتا ڪار ‘ضمير کرل’ به ڪلا کيتر ۾ ڪو اڻ سونهون نه آهي، سندس شعر و سُخن جي هُڳاءُ هر مَن موهيو آهي. هن جي شاعريءَ جو محور به پيار ئي آهي جتان هر جذبو جنم وٺي ٿو. ضمير جي شاعريءَ ۾ جتي تشبيهون ۽ علامتون ڀلوڙ آهن، اتي هن جي سوچن ۾ به نذاڪت ۽ نواڻ آهي. سندس شاعريءَ ۾ لفظن جي اُڻت به نفيس نظر اچي ٿي. عشق جي اقراريءَ ۾ پيهي ويل هن شاعر جي غزل جي هر سِٽ ڪنهن ڪنوار جي سجايل سيج وانگر خوبصورت خيالن جي خوشبوءَ سان مالا مال آهي. اهي ئي اُهي خوبيون آهن جيڪي هڪ ڪلاڪار کي ٻئي کان نمايان ڪن ٿيون. ضمير کرل جي پڻ اها ئي انفراديت آهي.

    جواد جعفري
    لاڙڪاڻو


    مدهوش ڀٽو

    ضمير جيڪڏهن بيدار هجي ته زندگيءَ جا پيچرا اوکائي ڇو نه هجن پر عزت ڀريا هوندا آهن، ضمير کرل به بيدار آهي، هن به زندگيءَ جا عزت ڀريا گس ورتا آهن. شال انهن پيچرن تي هلڻ کيس راس اچي.

    مدهوش ڀٽو
    بنگل ديرو


    علي صفدر

    لکڻ ۽ لکي متاثر ڪرائڻ واري سيبتائي مون پنهنجي يارڙي‘ ضمير کرل ’ ۾ ڏٺي آهي. هو لکڻ ۾ هرفتو آهي ته متاثر ڪرائڻ ۾ جو به گوهر.
    ضمير فني حوالي سان تمام سٺو پختو شاعر آهي. خاص طور ننڍڙن بحرن ۾ لفظ ته ائين ٿو چونڊي رکي، جئين ڪڻڪ جي لابن دوران، سڻيپري وينگس، زمين تي ٽُڙڪي ڪري پيل سنگن کي پنهنجي نفيس آڱرين ۾ ڀڪوڙي پنهنجي ڪانبي ۾ رکندي آهي. فڪري پاسو به ايترو پختو اٿس جو هر شعر جي ڪا نه ڪا سٽ، سوچن جي ساگر ۾ ٻوڙي ٿي ڇڏي. هِن گهُٽ، ٻوسٽ واري ماحول ۾ ضمير جي شاعري جو تخليقي هڳاءُ، ڪنهن آڌوتي درويش جي کنيل سرهي ساھ جيان آهي. “ خاڪ ۾ گل ” شعري ڳٽڪي ۾ سموهيل شاعري ڪنهن ڪاڇيلي نوَ ورني جي خوشبو خوشبو جو آلاپ آهن ۽ انهيءَ اپسرا جي نرم ملائم گفتگوءَ جو سريلو رڌم پڻ.

    علي صفدر
    ڪاڇو ـــ قنبر


    احسان جوڻيجو

    ضمير کرل اسان جو اهو سٻاجهڙو دوست آ،جنهن جي شخصيت ڪنهن حقيقي آئيڊيل کان گهٽ نه آهي. هن سان جڏهن ملبو ته سندس چهري تي مرڪ ۽ پيار جا ڪيترائي سمنڊ نظر ايندا.ڪيترن مسئلن باوجود به کيس ڪڏهن نا اميد نه ڏٺم. اهوئي سبب آهي ته زندگي جي معيارن سان گڏ سندس شاعري ۾ به سنڌ جي ڪنهن وڏي شاعر جهڙو معيار نظر ايندو، اسين استاد بخاريءَ کان پوءِ اهڙي گهٽ شاعري پڙهي آهي جنهن ۾ نا اميدي گهٽ پر پيار ۽ اتساھ وڌيڪ مليو هجي.پر جڏهن ضمير کرل جو ڪتاب “ خاڪ ۾ گل ” پڙهبو ته سندس شاعريءَ ۾ پيار، عشق، جذبن، رشتن ۽ سماج جا احساس ۽ خيال مٿانهان محسوس ٿيندا.
    ضمير کرل پنهنجي شاعريءَ ۾ وڏن احساسن جي ترجماني لاءِ تمام سادا ۽ سٺا لفظ استعمال ڪري استاد بخاريءَ جي شروع ڪيل تسلسل کي برقرار رکيو آهي. آئون نوجوان ۽ اڀرندڙ شاعرن ضمير کرل کي هڪ بهتر ۽ معياري شاعر سمجهان ٿو ۽ منهنجون دعائون آهن ته شل هو پنهنجو گربل مقام ماڻي.

    احسان جوڻيجو
    شهدادڪوٽ


    ظفر عباسي

    چون ٿا ته شاعري ابد کان شروع ٿي آهي ۽ يقينن ان جو سفر ازل تائين جاري رهڻو آهي. شاعريءَ جي ان سفر ۾ ڪروڙين شاعر آيا، جن سونهن کي ابدي بنائڻ لاءِ اربين نظم، سرجيا. انهن جيون جو ڪو موضوع ڇڏيو هوندو، جيڪو اڃان تائين اڻ ڇهيل هجي ؟ ان لحاظ کان چئي سگهجي ٿو ته اسان جي دور جي شاعرن کي، اوائلي شاعرن جي ڀيٽ ۾، معقول شاعري سرجڻ لاءِ وڌيڪ محنت جي ضرورت پوي ٿي.
    هڪ شاعر، پنهنجي جيون ڪٿا ‘ جيون کان اڳ ’ توڙي ‘ جيون کان پوءِ ’ وارن عرصن جو عام طور تي ۽ جيون واري “ روان عرصي ” لاءِ خاص ڪري، زندگيءَ جي سمورين خوبصورتين ۽ بد صورتين جو تاريخ لاءِ پنهنجي شاعريءَ ذريعي شاهد هوندو آ ۽ ان ئي حوالي سان هو ‘وقت’ ڏانهن مڪمل ريت ذميوار فرد هوندو آهي. ضمير کرل سنڌ جي انهن ٿورڙن شاعرن منجهان هڪ آهي، جن جي شاعري سونهن کي بقا بخشڻ جي سگهه رکي ٿي. سونهن جنهن جو ڪئنواس محبوب جي رخسارن کان ڌرتيءَ جي رخسارن تائين پهليل آهي. ضمير ٻوليءَ، لهجي، نين تشبيهن، معاملن کي الڳ رخ کان ڏسڻ واري نگاھ، نفاست پسنديءَ ۽ شاعريءَ جي ٻين سمورن لوازمات کان نه رڳو واقف آهي بلڪه انهن جي خوبصورت استعمال سان سنڌي شاعريءَ ۾ شاعر طور پنهنجي هڪ الڳ، نرالي ۽ مانائتي جاءِ جوڙي ورتي آهي.

    ظفر عباسي
    15.09.204
    حيدر آباد


    سحر غفار

    استاد الشعراءَ ‘استاد پيرل قنبر’ جتي پنهنجو قلم رکي شاعريءَ کان ۽ هن دنيا کان جسماني طور الوداع ڪيو، اتان انهيءَ جي ئي شاگرد، ان جي نگراني هيٺ لفظ جوڙيندڙ ‘ ضمير کرل ’ ـــ اهو قلم کڻي احساسن جو پلاند پڪڙي شاعري جا لفظ اڻيا آهن. هن جي شاعريءَ ۾ نواڻ سان ڀريل خيال، سلاست، بلاغت ۽ جدت جي اپٽار جا خزانا ملن ٿا. وزن بحر ماپن ۾ رهندي به هن جي خيالن جو انوکو انداز آهي.ضمير کرل جي شاعري جي رنگن، روح کي اهڙو ته رنگي ڇڏيو آهي جو ڪائنات جا سمورا رنگ ڪڍي ڀيٽا ڪجن ته هي رنگ مختلف ۽ خوبصورت لڳندا. ضمير کرل جي ڪتاب سان سنڌي ادب ۾ نمايان واڌارو ٿيندو، منهنجي دعا آهي ته هي مسلسل لکندو رهي ۽ ڪڏهن به دل شڪسته نه ٿئي.

    سحر غفار
    01.09.2004
    شهدادڪوٽ


    غزل

    هونئن ڪيڏا ڀي بي چيا آهيون.

    هونئن ڪيڏا ڀي بي چيا آهيون.
    سونهن وارن اڳيان جهڪيا آهيون.


    تو جو آلاپيو گيت ‘ ضمير ’ جو
    ان جي لفظن ۾ سينگار جاڳي پيو.


    رات بارش، ياد ــ رستا ۽ اسين،

    رات بارش، ياد ــ رستا ۽ اسين،
    سرد موسم، گهاوَ گهرا ۽ اسين.

    دل جَلي پَئي، نيڻ ڀي جاڳن پَيا،
    ماڪَ، بستر، دردُ ـــ سپنا ۽ اسين.

    پوءِ ڀي ڪمرو هي کائڻ ٿو اچي،
    گڏ هون توڙي تنهنجا تحفا ۽ اسين.

    شهر جا نقشا اڃان ساڳيا رهيا،
    وِڇڙي ويا سون يار پيارا ۽ اسين.

    دردُ ڪهڙو هو، رُناسين رات ڀَر،
    پاڻ ۾ ويهي ستارا ۽ اسين !

    گڏ رهون ٿا وقت کان پاڇي جيان،
    هيڪلائي، ڌوڙ، صحرا ۽ اسين.

    ڪيستائين سنگ بڻجي بيهون اِت ؟
    سمنڊَ ڪپ تي واري گهرڙا ۽ اسين!


    گڏ نه آيو ڪو، هِن سفر تائين،

    گڏ نه آيو ڪو، هِن سفر تائين،
    نيــــــڻ آلا رهيا قــــــَبر تــائـــــين !

    ڳوٺَ کي الوداع چئي نڪتس،
    ڪينَ پُهچي سگهيس شهر تائين.

    هُو جنازي سان گڏ هلي نه سگهيو،
    مُنهنجي گهر کان به پنهنجي گهر تائين.

    توڙي مسجد جِي اوٽَ ۾ گهر ٿئه،
    ديدَ پهچي ٿي تُنهنجي در تائين.

    تون حياتي ! ٿي بي وفا ڀل، پر،
    جاڳڻو مون کي آ حشر تائين.


    تُنهنجي نيڻن ۾ مون ڏٺو آهي،

    تُنهنجي نيڻن ۾ مون ڏٺو آهي،
    ڪجھ ته دل جي شهر ۾ ٿيو آهي.

    حالُ ساڳيو آ تُنهنجي سيني جو،
    مون به “ موهن دڙو ” گهميو آ.

    سمنڊ ۾ ويٺو ٿو پٿر اڇلين !
    ڇڏ چريا ! هي ڪڏهن ڀريو آهي !؟

    هوءَ جدا هوندي ائين لڳي مونکي،
    خاڪ ۾ ڄڻ ڪو گل پَيو آهي.

    مون ته اکڙين منجهان وَسايو پَئي،
    هي مٿان مينهنُ ڇو وسيو آهي ؟

    هُن پُڇيو ‘خط ۾ ڇاجي خوشبو آ؟
    مون چيو ‘رت سان خط لکيو آهي ’.

    مون چَيو، ‘ باھ ٿي ٻري مَنَ ۾ ’.
    هُن چَيو ‘ مس بَٺو دُکيو آهي !’

    ڪيرُ ڏسندو اسان جا فن پاره!
    ؟ هُن ڇو چولو ڀري رکيو آهي


    آ هوا ۾ هڳاءُ مينديءَ جو،
    ڪو مئو آ يا پرڻو ٿِيو آهي.

    رکُ نه ‘ضمير ’ موت سان ياري،
    ڪوئي هن کان ڀلا بچيو آهي ؟


    عشقُ الهام ٿي لٿو،ڇا ڪِيون !؟

    عشقُ الهام ٿي لٿو،ڇا ڪِيون !؟
    چاھُ ماتام ٿي لٿو، ڇا ڪِيون !؟

    ٿا شرم جا سَوين ڏنگن ڏينڀو،
    نيهنُ ناڪام ٿي لٿو، ڇا ڪِيون !؟

    دردُ ئي آ اسان جي جيون ۾،
    عيش آرام ٿي لٿو، ڇا ڪِيون !؟

    ڪيئن وساريون اڳئين محبت کي؟
    عشقُ ٻِيو عام ٿي لٿو، ڇا ڪِيون !؟

    سمنڊَ ۾ چنڊُ غوطا کائي پِيو ئ
    آهي بدنام ٿي لٿو، ڇا ڪِيون !؟

    مون تي تنهائين جي ڀاڪر ۾،
    هو به الزام ٿي لٿو، ڇا ڪِيون !؟


    جي گڏيل هِن دليون، پوءِ دوري نه آ،

    جي گڏيل هِن دليون، پوءِ دوري نه آ،
    هُن جي ويجهو رهان، هي ضروري نه آ.

    مان انهيءَ لاءِ ٿو، پين ناسي رکان،
    هوءَ ڪاري نه آ، هوءِ ڀوري نه آ.

    هُن جي وارن جي من تي رهي ڇانوءَ ٿي،
    آس منهنجي تڏهن ڪا اڌوري نه آ.

    ڏينهن سارو رُلان، رات جاڳي ڪٽيان،
    هيءُ هڪ پيار آهي، مزوري نه آ.

    ڪالھ پويان اچي، هٿَ اکين تي رکي،
    چاھُ ايڏو ڏِنئين، پوءِ به پوري نه آ.

    جيڪو جهوليءَ ۾ هو، وارُ هن جو ڪِريو،
    ان جي خوشبوءِ آ، ڪا کٿوري نه آ.

    پيارُ ڏي يا نه ڏي، هُن جي مرضي تي آ،
    پيار ‘ضمير’ وٺڻو ته زوري نه آ.


    ڌڪ پچائي پَڪا ٿي ويا آهيون،

    ڌڪ پچائي پَڪا ٿي ويا آهيون،
    جاڪون هُن کان جدا ٿي وِيا آهيون.

    ميندي لائي ڀلي هوُ موڙَ ٻڌي،
    پنهنجو ڇا جو ڇِتا ٿي ويا آهيون.

    هرڪو هَٿ ۾ کڻي پَيو کيڏي،
    چاٻي وارا گڏا ٿي وِيا آهيون!

    اوترو پيار وِيو وَڌي منَ ۾،
    پاڻ جيڏا وڏي ٿي ويا آهيون.

    ميندي ڳوهڻ لئه خون حاضر آ،
    ڪيرُ ٿو چَئي، ڦڪا ٿي وِيا آهيون.

    عشق آهي ته آهيون زنده اسان،
    هونءَ مرده صفا ٿي ويا آهيون.

    اڳ ته هُن جي جسم جو هَڏُ هئاسين،
    هاڻ ميرا لَٽا ٿي وِيا آهيون.!


    دوستيءَ جو ڀرم، رکو ئي نٿا !

    دوستيءَ جو ڀرم، رکو ئي نٿا !
    دل جي در تي قدم، رکوئي نٿا !

    سينو چيري پڇو ٿا، ڇا حال آ؟
    لوڻ آهي، ملم رکوئي نٿا !

    نيڻَ، نيڻَن سان ڇو نه ٿا ٻکيو ؟
    دل کي دل سان گرم، رکوئي نٿا !

    پنهنجي دنيا ۾ گُم رهو ٿا بَس،
    ڪنهن جي ڪم ساڻ ڪم، رکوئي نٿا !

    نفرتون هَر ڪو ڏئي سگهي ٿو پر،
    الفتن جو ڪو دم، رکوئي نٿا !

    ٻين جي جذبن سان راند کيڏو ٿا،
    پنهنجي نيڻن کي نم، رکوئي نٿا !


    سڀئي راھ رستا، اسان جي اکين ۾،

    سڀئي راھ رستا، اسان جي اکين ۾،
    تنهنجي گهر جا نقشا اسان جي اکين ۾.

    صرف هڪڙي چهري متاثر ڪيو آ،
    سَوين هونءَ چهرا، اسان جي اکين ۾.

    هي اوسيئڙا ۽ خوابن جون فلمون،
    رکي ڪير وِيو آ، اسان جي اکين ۾.

    رُنو ايترو آ، سگهن ٿا تري ڀي،
    هي ڪاغذ جا ٻيڙا، اسان جي اکين ۾.

    لڌيون ڪين تَعبيرون ٿي ويا دفن هِن،
    سَوين خواب ڪنوارا، اسان جي اکين ۾.

    جلائڻ گُهريا سي نه ‘ضمير’ جليا،
    اميدن جا ڏيئا، اسان جي اکين ۾.


    تُنهنجي خط ۾ آ پيار جي خوشبو،

    تُنهنجي خط ۾ آ پيار جي خوشبو،
    پهتي تُنهنجي آ سار جي خوشبو.

    مون کي پنهنجو نه ٿو کپي پاڙو،
    گُهرجي تنهنجي ئي پار جي خوشبو.

    ڳوٺُ سارو ڀري ٿي ڀاڪر ۾،
    تنهنجي هڪ وار، وار جي خوشبو.

    تون جي ناهين ته ساڻ آ هر دم،
    تنهنجي ئي انتظار جي خوشبو.

    قرض گهلي وڃي ٿو سالن کان،
    ناهي آئي پگهار جي خوشبو.

    ڪيئن ‘ضمير ’ چَپَ وَڄن چنگ ٿي،
    ناهي ٻک ۾ جو يار جي خوشبو.


    ڏٺي شئيءِ نه جيئن ڪنهن، خدا جي هٿن ۾،

    ڏٺي شئيءِ نه جيئن ڪنهن، خدا جي هٿن ۾،
    ائين پيار پنهنجو قضا جي هٿن ۾ !

    لَمي بال وانگر، ٿا ٻيهر وَري پَئون،
    پَيا کيڏون ٿا جانِ جا جي هٿن ۾.

    ڪَٺي دل جي مالڪ سان جنت مان نڪتي،
    هئي باھ ڪهڙي حَوا جي هٿن ۾ ؟

    وَيو ڦول ڪومائجي وقت کان اڳ،
    اسان هِت ٻنهي پيءُ، ماءُ جي هٿن ۾ !

    کڻي ساڻ شيشي جا آخوابَ پهتو،
    ٿو پٿرَ ڏسي ناصحا جي هٿن ۾.

    امان، مامي ننڍپڻ کان آهي نپايو،
    نه پلجي سگهياسين ابا جي هٿن ۾.


    منهنجي نيڻن تي ديدار جو ڀرت ڀر،

    منهنجي نيڻن تي ديدار جو ڀرت ڀر،
    منهنجي دل جي مٿان پيار جو ڀرت ڀر.

    تون حجابن جا چَپڙن تان ٽاڪا ڇني،
    ان تي رنگين اظهار جو ڀرت ڀر.

    پئجي ويندئي هٿن ۾ لڦون سَانوري!
    ايترو تون نه سينگار جو ڀرت ڀر.

    آرسيءَ جي اڳيان، ڳُت ۾ آڱر ڏئي،
    وارُ سان ائين تون وار جو ڀرت ڀر.

    پنهنجون ٻانهون ڳچي منهنجي ۾ تون وجهي،
    پائي ڀاڪر ۾ اڄتونهار جو ڀرت ڀر.

    رات کان ٿي گُهلين، ڪنهن چيو ٿي هَوا !
    دل تي تون ايترو سار جو ڀرت ڀر.


    اسين گُم پاڻ هُون ڪاٿي، نٿا ڳوليون،

    اسين گُم پاڻ هُون ڪاٿي، نٿا ڳوليون،
    رُڳو ٿا سونهن وارن جي ڪَٿا ڳوليون.

    اُتم آهي اسان جو پيار سڀني کان،
    ٻِين جا ڇو ڀَلا ويٺا قصا ڳوليون ؟

    مـــــلي وِياسيـــــــــــــن الاءِ ڪيئن رستي ۾،
    مليون نظرون گهٽيءَ ۾ پاڻ پِيا ڳوليون.

    ڪَيوسين عشق لُٽجي وِياسين ڪافي آ،
    اڃان ٻي پاڻ لئه ڪهڙي سزا ڳوليون ؟

    ٿئــي حاصــل انهيءَ جو پـــــيار، ان جي لئه،
    خَطا ڳوليون، بها ڳوليون. دعا ڳوليون ؟

    جڏهن هي خوابَ ئي جيون اثاثو هـــــــن،
    ته پوءِ ڇا لئه انهن جي ساڀيان ڳوليون ؟

    ڏسين ڇا ٿو ڪَري ٽـــــــــڪرا وڌئين دل،
    اهـــــــي ئـــــي ٿا خدا دل جا ذرا ڳوليون.

    ڏنيسون چيزَ دل جهڙي انهيءَ کان وَڌ،
    او حاتم ! ڏَس ته ٻي ڪهڙي سخا ڳوليون؟


    کُليو تاڪ دل جو، اُڏي تير آيا،

    کُليو تاڪ دل جو، اُڏي تير آيا،
    اکيون بند ٿي وِيون، وَهي نير آيا.

    کڻي يار خنجر سان مرهم هنيائين!
    منهنجي دل کي ويتر گهڻا جھير آيا.

    وَيا پنهنجي ڳولڻ محبت هُيا ڏس !
    مگر گم ڪري اُت ئي تقدير آيا.

    هَوائن ۾ گم ٿيل اچي نيڻ پهتا،
    پرينءَ جي کڻي جو هو تصوير آيا.

    لکيل هو پرينءَ جي اکين منجھ سڀ ڪجھ،
    اجـــــــــايو کــــــــــــڻي يار تفـــــــــــــــــــسير آيـا.

    وَيا ميلي جون رونقون ها لٽڻ پر،
    لٽائي سڄي دل جي جاگير آيا.

    رهيس ڏينهنُ ‘ضمير’ سارو وڍيندو،
    مگر ڪين پاڇي کي ڪي جهير آيا.


    پنهنجي رُخسار تي چڳون لاڙي،

    پنهنجي رُخسار تي چڳون لاڙي،
    ڪيتريون ئي ڇڏئي دليون لاڙي.

    تُنهنجي بيهڪ جو معجزو آ، هي
    چنڊَ، تارا ڇڏيئه ڪَتيون لاڙي.

    هيءُ ڪــــــــهڙو آ احـــــــــتجاج ڀَــــــلا !
    مونکان وينديون اٿئه سکيون لاڙي.

    منڌ پنهنجي اکين مان پيئڻ ڏي،
    سانوري! ڇڏ نه تون اکيون لاڙي.

    ٻن پريمين جي مون کي شادي ۾،
    آيون شرنائي جون ڌُنون لاڙي.

    هيءُ ڪهڙو ‘ضمير’ سگنل آ؟
    سيني ڏي ٿئين ڇڏيون سڳيون لاڙي.


    توکي هڪڙو دفعو ڏسي آيس،

    توکي هڪڙو دفعو ڏسي آيس،
    تنهنجي قدمن ۾ دل رَکي آيس.

    هونءَ سنڀالي نه پاڻ سگهيم،
    تنهنجون يادون مگر کڻي آيس.
    ويٺي هلڪي تو مرڪ مرڪي پئي،
    ان تي ڏھَ ڏھَ دفعا ڪُسي آيس.

    تو رقيبن جي ميڙ مان جو سڏيو،
    ائين لڳو، دار تان لَهي آيس.

    مون سُڃاتو نه پاڻ کي جانان !
    تُنهنجي پاسي مان جو اُٿي آيس.

    روز ماري وري جيئارين ٿي،
    ڪَنهن چَيو ٿئه ته مان بچي آيس.


    هونءَ ڪيڏا ڀي بي چَيا آهيون،

    هونءَ ڪيڏا ڀي بي چَيا آهيون،
    سونهنَ وارن اڳيان جُهڪيا آهيون.

    پهريون ڀيرو ملياسين ائين لڳو،
    ڄڻ ته صديون ڪي گڏ رهيا آهيون.

    يارَ! دنيا کان ڌارَ ٿي وِياسين،
    جاڪون هڪٻئي کي ٻَئي مليا آهيون.

    ڪينَ مرڪيسون مرڪ هونءَ ڪنهن سان،
    پوءِ ڪئين پاڻ هڪ ٿي وِيا آهيون!؟

    جئين وارن ۾ آڱريون الجهن،
    ائين زماني ۾ اُلجهي پِيا آهيون.


    روز ماڻهو ٿا ڪَن ڪيترا خود ڪُشي !

    روز ماڻهو ٿا ڪَن ڪيترا خود ڪُشي !
    تو آ سوچيو ڪڏهن، آهي ڇا خودڪُشي !؟

    لڙڪَ لاڙي پري، سارَ تنهنجيءَ ۾،
    نيڻ ڀي ڏِس ڪَن، ڪيئن ٿا خودڪُشي.

    تُنهنجو اوسيئڙو هي ڪي رات ڀر،
    ٻرندي ٻرندي، پو ڪَن ٿا ڏيئا خودڪُشي.

    جن جي نٽهڻ ۾ منهنجي مٿان ڇانءَ هُئي،
    سي ڪري ڪالھ وِيا ڇانورا خود ڪُشي.

    آئي پن ڇڻ جي رُت هوريان، هوريان،
    ڪَن وَڻن جا پَتا ڀي پَيا خود ڪُشي.

    مطمئن منهنجو ضميرُ ڪنهن مان نه آ،
    وَئي جو جڳ جهان مان ڪري آ وَفا خود ڪُشي.


    سونهنَ سان گڏ آ وفا ڀي لازمي،

    سونهنَ سان گڏ آ وفا ڀي لازمي،
    دل لڳيءَ ۾ آ بقا ڀي لازمي.

    ڀَل کڻي چنڊَ کان حَسين ڪوئي هجي،
    پر انهيءَ لئه آ حَيا ڀي لازمي.

    دردُ جسماني يا روحاني هُجي،
    ڪا انهيءَ لئه آ دوا ڀي لازمي.

    عشقَ جا دستورَ ٿي تبديل وِيا،
    عشقَ ۾ اڄ آ دغا ڀي لازمي !.

    بي رُخيءَ سان ملندو جو آهي پرين،
    ڏسندو هوندو هو خدا ڀي لازمي.

    دردُ، دل ۾ گهرُ ڪري وِيو آ ضميرَ!
    آ بقا جي لئه فنا ڀي لازمي.


    جي نه توکي ڏسان ٿو، چُڀن ٿِيون اکيون،

    جي نه توکي ڏسان ٿو، چُڀن ٿِيون اکيون،
    پوءِ تو تائين اڏري پُڄن ٿِيون اکيون.

    خوابَ جهر مر ٿا ٿين، ٿيون کُلي بند ٿين،
    تُنهنجا ننڊ ۾ به فوٽو ڪڍن ٿِيون اکيون.

    ڪهڙيون تصويرون تنهنجون کڻي مان چُمان !
    تُنهنجون تصويرون سڀئي هَڻن ٿِيون اکيون.

    مُرڪي شرمائي تون هيٺ ڪَنڌڙو نه ڪر،
    منهنجون ننڊ تنهنجي نيڻن ۾ ڪَن ٿِيون اکيون.

    تون پري کان اچين ٿي، ٿو تو ڏي تڪيان،
    ڄڻِ هندوري ۾ منهنجون لڏن ٿِيون اکيون.

    تنهنجي گهرَ تائين پهنچي سگهيا ڪينَ چَپَ،
    ڳوٺُ، گاڏيءَ مان تنهنجو چمن ٿِيون اکيون.


    ننڊَ ۾ ائين اکيون وِيون پورجي،

    ننڊَ ۾ ائين اکيون وِيون پورجي،
    گوري ڳَل تي ڄڻ چُميون وِيون پورجي.

    تُنهنجي سَپنن ۾ جو گُم ٿي وَيُس،
    چنڊ ۽ تارا ڪتيون وِيون پورجي.

    تو دريءَ مان جهاتي پائي جو ڏِٺو،
    لوڪَ سان ساريون ڀِتيون وِيون پورجي.

    تو جي ڪيريا وارَ پنهنجي رُخَ مٿان،
    ساري دُنيا جون بَتيون وِيون پورجي.

    توکان ڇڄندي ائين لڳو آ مٺي !
    ڄڻ ته واريءَ ۾ ڄنگهون وِيون پورجي.

    هُو محبت جو ڪري نالو امر،
    نوري پاريون ڪِي سَکيون وِيون پورجي.

    مُنهنجي دل جي پُرک ايوان ۾ ‘ ضمير ’،
    ڪيتريون ئي حَسرتون وِيون پورجي.


    ٿورو ايذاءُ ڀي وڏو آهي،

    ٿورو ايذاءُ ڀي وڏو آهي،
    جيءُ منهنجو اڃان جڏو آهي!

    مان انڌو ريڙهيون پائي سُرندو ويس،
    ڪنهن نه ڏَسِيو اڳيا کڏو آهي!

    آءُ جي دردَ کان ڪيان نَهڪر،
    پوءِ هي ڀاڳ سان ڦڏو آهي.

    منهنجي هِتڙي نه ڪا سڃاڻپ آ،
    تيار منهنجو تڏهن لڏو آهي.

    دل ۾ جا پوک پوکجي ٺيڪ آ،
    اک ته ديدار جو اڏو آهي.

    توکي بَس مرڪون ڏيندو آمدَ تي،
    ڇو جو مفلس جو هي تڏو آهي!


    ننڊَ مان ڄڻ ڪو ٻار جاڳي پَيو،

    ننڊَ مان ڄڻ ڪو ٻار جاڳي پَيو،
    من ۾ تو لئه ائين پيار جاڳي پَيو.

    گُل پَٽڻ لاءِ هٿ مون وڌايو جڏهن،
    کار کائنيدي هو خار جاڳي پَيو.

    مون کي وسري وري ياد آئي جڏهن،
    نيڻَ برسي پَيا، پار جاڳي پَيو.

    هو ڪهاڻي ٻڌائيندي روئي پَيو،
    ذهن منهنجي ۾ ڪردار جاڳي پَيو.

    ننڊَ مان جو اٿيس، تنهنجي کِڙڪي کُلي،
    تو ڪڍيو مُنهن ديدار جاڳي پَيو.

    پيارَ پَنهنجي جي خوشبو ڦهلجڻ کان پو،
    ها الائي ڇو تڪرار جاڳي پَيو! ؟

    هُن جڏهن خوابُ وڇڙڻ جو ننڊ ۾ ڏٺو،
    هيءَ هِتي، هُو هُتي، ڌار جاڳي پَيو.

    تو جو آلاپيو گيت ‘ضمير’ جو،
    ان جي لفظن ۾ سينگار جاڳي پَيو.


    چئي ٿي چانڊاڻ، اڌ رات اٿندي نه ڪر،

    چئي ٿي چانڊاڻ، اڌ رات اٿندي نه ڪر،
    ڪوٺي تي ائين لهندي ۽ چڙهندي نه ڪر.

    پاڻ کي ويڙهي اجرڪ ۾ تون سنڌ جان،
    ۽ ڪڍي سينڌ پاسي تي هلندي نه ڪر.

    پيرَ تُنهنجا هَوائون چمي ٿِيون وڃن،
    باغ ۾ پائي پازيب گهمندي نه ڪر.

    سونهَن توکي خدا آهي بخشي ڏني،
    منهن لڪائي ڪتابن سان لنگهندي نه ڪر.

    سونهَن تُنهنجي ٿو چورائي چنڊُ رات جو،
    اُجري چادر وجهي گهر ۾ سمهندي نه ڪر.

    رات جو چنڊ کي سمجهي ‘ضمير’ تون،
    بيهي ڇت تان ڀتر ائين هڻندي نه ڪر.!


    مُرڪ، درد سان ٿي ڪري کيچل،

    مُرڪ، درد سان ٿي ڪري کيچل،
    سارَ، جذبن سان ٿي ڪري کيچل.

    سونهَن تنهنجيءَ کي ڪير سمجهائي،
    منهنجي نيڻن سان ٿي ڪري کيچل.

    مونکي شيشي جي گهر ۾ ويهاري،
    پوءِ پٿرن سان ٿي ڪري کيچل.

    رات سانوڻ جي، چنڊَ ــ چانڊوڪي،
    گهر جي بلبن سان ٿي ڪري کيچل.

    چنڊَ کي آڻي پنهنجي ڀاڪر ۾،
    راتِ ڪڪرن سان ٿي ڪري کيچل.

    پيارَ تُنهنجي جي ڏَڍ تي منهنجي دل،
    ويٺي خنجرن سان ٿي ڪري کيچل.

    ميڙي ان جي ئي ڀر مان سپيون ڪَئي،
    ڇولي ڪَپرن سان ٿي ڪري کيچل.

    آرسيءَ کي ‘ضمير’ سمجهايو،
    ڇو ته چهرن سان ٿي ڪري کيچل.


    ناهي ڪا عشقَ جي بَها ٿيندي،

    ناهي ڪا عشقَ جي بَها ٿيندي،
    ۽ نه دل جي آ هِت دوا ٿيندي.

    مون کي تنهنجي ٿي معرفت گُهرجي،
    زندگيءَ جي جو انتها ٿيندي.

    پنهنجي دامن کي صاف رکڻو آ،
    پيارَ جي اڄ جو اِبتدا ٿيندي.

    پيار هن کان گهُري وٺان ڪيئن مان ؟
    پيارُ پنڻو نه آ، گلا ٿيندي !

    ورسي جي ٿي ته شاعري ۽ ذڪر،
    بعد ۾ مجلسِ عَزا ٿيندي.

    ڪاڏي وينديون هي منهنجون ڪوِتائون؟
    چيز هر هڪ جڏهن فنا ٿيندي !

    صرف نظرون کڻي ‘ضمير ’ ڏسي،
    پاڻهي ان کان پو وفا ٿيندي.


    تنهنجو چهرو حَسين گلدستو،

    تنهنجو چهرو حَسين گلدستو،
    جنهن ۾ جانان آ ڦول هر رنگ جو.

    تنهنجي اکڙين ۾ سِجُ ٻُڏي وِيو پر،
    ڳاڙهي چپڙن ۾ چِنڊُ چمڪي ٿو.

    تون اڏاري نه هل گُلابي چُني،
    خيال ڪر هيٺ سج لهي پوندو.

    ڪالھ جو توکي مون چتائي ڏٺو،
    کير پيئڻ ئي رات وسري وِيو.

    تنهنجي ڇاتيءَ تي ڪائناتون ٻهَ،
    مان وڃان گم نه ٿي، آ هي خطرو.

    ڳوٺ ٻنهي جو ساڳيو آ پر،
    هونءَ هر هڪ جو آ جدا رستو.


    پَني منجھ ويڙهيل مٺي ٿي اچئه،

    پَني منجھ ويڙهيل مٺي ٿي اچئه،
    لڪائي تون پڙهجان چِٺي ٿي اچئه.

    صبح کان سَکي مسڪرايو نه ٿي،
    تڏهن هيءَ هوا ڀي رُٺي ٿي اچئه.

    اڳيان ٿي چَيئه، “ ڳالهائندو هل ”،
    مان ڪيئين هلان ائين، پُٺي ٿي اچئه.

    مان ڪيئن ڳوهيان ڳوڙهن سان تنهنجي حِنا ؟
    هي اک منهنجي اڳ ڀي اُٺي ٿي اچئه.

    سنجيده رڳو تو کي سمجهيو هو مون پر،
    کَشٽ پيار ۾ ڀي سُٺي ٿي اچئه.

    صبح پَئي وئي جيڪا پاڻي ڀرڻ،
    اها ڇوڪري ڏِس، ڪُٺي ٿي اچئه.!


    تو به سارڻ ڇڏي ڏنو، مون ڀي،

    تو به سارڻ ڇڏي ڏنو، مون ڀي،
    دل تي آهي پٿر رکي ڇڏيو آهي.

    جاءِ تنهنجيءَ تي تُنهنجي يادن کي،
    دل جي چئي تي ٻکي ڇڏيو آهي.

    جنهن ۾ آشا جون انڊلٺون آهن،
    تو کي سو خطُ لکي ڇڏيو آهي.

    دل جي دنيا تباھ ڪيئن ڪجي،
    تو کان سڀ ڪجھ سِکي ڇڏيو آهي.

    تون نه آئين ته تُنهنجي فوٽوءَ ۾،
    چهرو جانان بَکي ڇڏيو آهي.


    نه سمجهون پاڻ کي ڪجھ ڀي، ٿا مُشتري سمجهون !

    نه سمجهون پاڻ کي ڪجھ ڀي، ٿا مُشتري سمجهون !
    زمانو چهرو ۽ خود کي ٿا آرسي سمجهون.

    اسين سڃاتا وڃون ٿا جو هڪ ئي نالي سان،
    انهيءَ بدنامي کي به پنهنجي ٿا خوشي سمجهون.

    ٿو روز پيار ۾ الزامَ جو عذاب ملي،
    اسان ته چاھ جي ان کي ٿا چاشني سمجهون.

    تڏهن به پنهنجي چَپن کي سبي ڇڏيو آهي،
    جڏهن ته ڳالھ ٿا ساري غلط صحي سمجهون.

    هُو الائي ڇو موت جون پَيا ڏين ڌمڪيون،
    اسان ته پاڻ کي پنهنجي ٿا زندگي سمجهون.

    اسان جو قرض وَتو سي، ڏنو نه موٽائي،
    اَڃان ٿا پنهنجي طبيعت ۾ ڪمسني سمجهون.

    ڪَئي سون فون، ملي جو نهَ دل ٽُٽي پيئي،
    ملايو ‘هُن ’ نه، شرارت ٿي هيءَ سڄي سمجهون.

    ڪڏهن ته دوستن سان ڀي نه خيال ملندو آ،
    مگر ‘ضمير ’ ڪڏهن تن جي ٿا ڪمي سمجهون.


    دربدر آهيان، در خدا ! ڏيندين،

    دربدر آهيان، در خدا ! ڏيندين،
    گُهرجَ ۾ آهي گهر خدا ! ڏيندين؟

    پيءُ جيئري ئي ڄڻ مئل آهي،
    ماءُ ٻيهر مگر خدا ! ڏيندين؟

    آهي اڌ موت پيٽ پالڻ ڀي،
    ڪو سکيو پل پهرُ، خدا ! ڏيندين؟

    مون ڏانهن ڪنهن جي به دِل ٿَڌي ناهي،
    مونکي ڊِگهڙي نظرَ، خدا ! ڏيندين؟

    دوستن ڀي ڇڏيو آ ٺُڪرائي،
    ڪو نئون همسفر، خدا ! ڏيندين؟

    مونکي ڪنهن شخص آ ڏني آٿت،
    منهنجي اُن کي عمر، خدا ! ڏيندين؟

    پوري ضميرَ جي آ ات منزلَ.
    ڪوئي ڪپڙي ٽُڪر، خدا ! ڏيندين؟


    مون کي پنهنجو حصو ڏئي ڇڏجان،

    مون کي پنهنجو حصو ڏئي ڇڏجان،
    پوءِ درَ کي ڪُنڍو ڏئي ڇڏجان.

    ننڊ صحرا ۾ ڀي اچي ٿي وڃي،
    پنهنجو ڦوٽو رڳو ڏئي ڇڏجان.

    هي هَوائون رُٺل، رُٺل آهن،
    دل کي ڪو سُکَ ذرو ڏئي ڇڏجان.

    ڊاهجان پوءِ ڀل سڄي دنيا،
    پهريان هٿ ۾ ڏيئو ڏئي ڇڏجان.

    مُفلسي تو ڏني اکين تي پر،
    عزت ۽ علم ٻِيو ڏئي ڇڏجان.


    عاشقيءَ اداس موسم آ،

    عاشقيءَ اداس موسم آ،
    ميڙي آئي هوا رڳو غم آ.

    يادگيرين وڌو آ روئاري،
    ڄڻ ته اڄ شخص ڪنهن جو چهلم آ.

    ڇا ٿيو چاهيم جي هُنَ کي غلطيءَ ۾،
    هي نه ٿا سمجهو، ابنِ آدم آ.!

    منهنجو جيون سمورو ڏک آهي،
    صرف اخباري هڪڙو ڪالم آ !

    ماءُ ـــ ڌرتيءَ کي هُو نٿو سمجهي،
    پوءِ ڏَسيو ته ڇا جو عالم آ !؟

    جيڪو ٻين جي سنڀار لهندو هو،
    ڪافي ڏينهنِ کان پاڻ گم سُم آ !


    اچان ٿو روز ڪنڊيرن جا گهر ڏي ٽار کڻي،

    اچان ٿو روز ڪنڊيرن جا گهر ڏي ٽار کڻي،
    جيئان ٿو مفلسي، جڳ جي غمن جا بارَ کڻي.

    ٻڌايو شهر ۾ بس هڪڙو مان ئي پاگل هان ؟
    هڻن جو مون کي پٿر شهر ٿا ٻار کڻي !

    اسان کي نوحَ جي ٻيڙيءَ ۾ اڄ سوار ڪيو،
    هلون ٿا پاڻ پنهنجي ڪنڌ تي ترار کڻي.

    الائي ڪڏهن حِنا پنهنجي هٿن تي لڳندي ؟
    سُمهان روزَ انهيءَ جا مان انتظار کڻي.

    قسم سان عشقَ ۾ ڪو سُور ئي نه آ سُجهندو،
    اچي ٿي رات به محبوبَ جا خُمار کڻي.

    اسان جو وقت سمورو ٿو گذري ڀٽڪڻ ۾،
    نه آهي ماءُ، جو چوي گهرَ ۾ اڄ گذار کڻي.


    مو مٿان ڏيئي تِجلا وَهيءَ جان لٿي،

    مو مٿان ڏيئي تِجلا وَهيءَ جان لٿي،
    ياد هُنَ جي ته مون تي پکيءَ جان لٿي.

    هُنَ جي چاهت اسان جي حياتيءَ مٿان،
    ڦڙڪندي دارَ واري رَسيءَ جان لٿي.

    هوءَ اجرڪ ۾ ويڙهيل اچي ڳوٺ پئي،
    گهرَ جي لاڙي تي، بس مان پريءَ جان لٿي.

    پيارَ ڪنهن جي تي ڌاڙو هڻي آ وَريو،
    ڪنوار آ، گاڏي مان ڄنگھ ــ ڀڳيءَ جان لٿي.

    تنهنجي سڪ منهنجي اکڙين جي دنيا منجهان،
    قطرو، قطرو ٿي گڏ، ڪنهن نديءَ جان لٿي !

    يادگيرين جو طوفان گهلندو رهيو،
    ياد مون تي قبر ۾ مٽيءَ جان لٿي.


    پنهنجي سوچن سَندو سبب ٻاري،

    پنهنجي سوچن سَندو سبب ٻاري،
    منهنجي مَن جو ته وڃ بلب ٻاري.

    ڳالھ سمجهي سگهئين نه تون منهنجي،
    پيو ٿڪجي آهيان قلب ٻاري!

    وقتُ پاڇي جا ٿو ڪري ٽِڪرا،
    ڪيئن سج کي ڇڏي ٿو رب ٻاري.

    مون کي تنهنجي ٿي بس بي رُخي ساڙي،
    توکي منهنجو نه ٿو ادب ٻاري !؟

    تنهنجون تصويرون ٿو لڳل ساڙي،
    ڏيئو وَئين ياد جو عجب ٻاري!

    آءُ عاشقُ ۽ يار تون معشوق،
    باھ مون لئه ٿو بس لقب ٻاري.


    پيارُ توسان ته آهي وڏي وقت کان،

    پيارُ توسان ته آهي وڏي وقت کان،
    دل چيو هاڻ پوءِ ڇو نه ظاهر ٿيان !

    تون نقابن جي دنيا ڇڏي ڏي مٺي !
    تنهنجو ڍَڪيان بدن، چئو ته چادر ٿيان.

    تون ڪندينءَ ڪين اظهارُ، شرميلي آن،
    پوءِ ڇو نه اظهار کان آءُ قاصر ٿيان !

    روحُ تنهنجو آ موسيقي بهلائيندي،
    ڇو نه مان تنهنجي پيرَن جي جهانجهر ٿيان.

    تنهنجي پيرَن جي مان، خاڪ آهيان جڏهن،
    پوءِ ڪيئن راھ تنهنجيءَ جو پٿر ٿيان !

    هوءَ لکي ٿي جڏهن ڀي پَئي ليکڪا،
    مان اچي اُن جي اڳيان ٿو ڪاڳر ٿيان.

    جيئن ‘ضمير’ جو حالُ معلوم ٿيئي،
    آءُ ان جي ڪري ئي ٿو شاعر ٿيان !


    تو منهنجي دل جو ٽڙيل ڦول آ سَٽَ ڏئي آ پَٽي ورتو،

    تو منهنجي دل جو ٽڙيل ڦول آ سَٽَ ڏئي آ پَٽي ورتو،
    اشارن ئي اشارن ۾، تو دل کي آ جهَٽي ورتو.

    “ نه ڏينديس مان مرڻ توکي، نه ڏينديس ٻئي جو ٿيڻ توکي”
    اِهو جملو چئي لکَ جو، مٺي تو آ کَٽي ورتو.

    پُڇيو تو ‘پيارُ ڇاهي ؟’ مون پُڇيو توکان ته ‘ تون ڇاهين ؟،
    تو نظرن کي جُهڪائي پيار کي اَڌ ۾ ڪَٽي ورتو!

    تُنهنجي هٿ جي لڪيرن ۾، لکيل آهيان الائي نه،
    اِنهيءَ احساسَ دل جو چين سُک آهي لُٽي ورتو.

    تو احساسن جي ڀاڪر ۾، اچي ‘ضمير’ کي ڀريو،
    زماني نه ته انهيءَ جي هو، نڙيءَ کي ئي گهُٽي ورتو.


    راھَ ويندي نظر ٿي گُم وئي آ،

    راھَ ويندي نظر ٿي گُم وئي آ،
    منهنجا تنهائي لاهي ڪم وئي آ.

    سوچَ هُن واري سِرُ ڪڏهن کڻندي،
    مون کي ويڙهي جو منهنجو غم وئي آ.

    ‘ مون کان پوءِ تون نه ڪنهن ڏي اک کڻجان ’
    ويندي، ويندي، هُو ڏئي قسم وئي آ.

    پاڻ الفت جي ڳولا ۾ آهيون،
    دوستي هوءَ ڪري ختم وئي آ.

    هُت آ ميلو لڳو ڪتابن جو،
    اُنَ ۾ هن جو ڪهڙو ڪم، وئي آ!؟

    ڏيکُ دل ٿي گلابَ جهڙو ڏي،
    اهڙو هن کي ڏَيُون زخم وئي آ.


    تنهنجو آهن اسان سان سارون گڏ،

    تنهنجو آهن اسان سان سارون گڏ،
    ڄڻ ته در ساڻ هن ديوارون گڏ.

    تو سوا ساھُ ئي فضول آ هي،
    توڙي سوءَ مان ڪيان ڄمارون گڏ.

    يارَ هر لب تي آ ثنا تُنهنجي،
    مون سان ماڻهن جون هِن مَيارون گڏ.

    آءُ پن ڇڻ جو ٿِيس شڪارُ ته ڇا !
    تو سان هر دم هجن بهارون گڏ.

    تنهنجو پاڇو ڏِسي، وَيُم ڇرڪي،
    ڄڻ ته بجليءَ جون وِيون ٿي تارون گڏ.

    آءُ ڳالهيون ڪريان ٿو ڀتين سان،
    تو سان ماڻهن جون هِن قطارون گڏ.


    پيارَ منهنجي کي پَرَ ته ڪونه هُيا،

    پيارَ منهنجي کي پَرَ ته ڪونه هُيا،
    وِيو اُڏي، دل کي درَ ته ڪونه هُيا!

    هي ڪٿان آبشار اُٿلي پِيا ؟
    يارَ! نيڻن ۾ جَرَ ته ڪونه هُيا!

    پاڻ وِيا پر ڇڏي وَيا ڦوٽو،
    ايترا هو امر ته ڪونه هُيا!

    ڇو ڏسي تون مَٽي وئين گهٽيون ؟
    ساڻَ گل ها، پٿر ته ڪونه هُيا!

    بيٺي سيني مان دل ڪڍي ورتئه،
    نيڻ تنهنجا خنجر ته ڪونه هُيا!


    نفرتن جون پڙهي ڪهاڻيون تو،

    نفرتن جون پڙهي ڪهاڻيون تو،
    اُلفتن جا ڪتاب اُڇلايا.

    موڪليل دل سان ڦول موٽائي،
    ڇو تو پنهنجا ثواب اُڇلايا!

    تو اُنهيءَ کي ڇو عاشقي سمجهيو ؟
    مون جو تو تي گلاب اُڇلايا.

    مون گهريو پيارُ، هٿَ تَريءَ تي تو،
    پنهنجا سڀئي حساب اُڇلايا.

    هڪڙو دل جو پکي ئي اُڏري وِيو،
    ڇو ٿي هي ٻِيا عقاب اُڇلايا؟

    مون وڌائڻ ٿي واسطو چاهيو،
    تو حجاب ۽ عذاب اُڇلايا!

    ننڊ ايندي ‘ ضمير ’ مونکي نه آ،
    ڇو اکين ۾ ٿي خواب اُڇلايا؟


    تنهنجي چهري تان ديد اُڏري وئي،

    تنهنجي چهري تان ديد اُڏري وئي،
    تون وئين، هر اُميد اُڏري وئي !

    تون مليو هئين، خوشي هُيم ماڻي،
    ۽ تون وڇڙينءَ ته عيد اُڏري وئي !

    تنهنجي تِرڇي نظر اسان جهڙا،
    ميڙي ميڙي، شهيد اُڏري وئي.

    تنهنجي جواني پَسائي رنگ سوين،
    ڪري بي ملھ خريد اُڏري وئي.

    ڪيڏي تُنهنجي نظر رُکي هُئي ڏِس !
    ساڙي پنهنجا مريد اُڏري وئي.

    مُلھ ڪکُ ڀي هُيو نه منهنجو، جو،
    خالي اُڇلي رسيد اُڏري وئي !


    هر گهڙي هو تنهنجي چارن کي ڇُهيو،

    هر گهڙي هو تنهنجي چارن کي ڇُهيو،
    رات، منهنجي اک ستارن کي ڇُهيو.

    هي ستارن ٿي لڪي منظر ڏٺو،
    رات پئي مون تنهنجي وارن کي ڇُهيو.

    رئيس جي گاڏي لنگهي اسپيڊ ۾،
    ڌوڙ ننڍڙن ڪُڏندي ٻارن کي ڇُهيو.

    ٿي ويا خاموش تربت جا ڏيئا،
    سجَ اچي سڀني مزارن کي ڇُهيو.

    پاڻي سنڌوءَ ۾ جو ناهي اي خدا!
    اُڏري واريءَ آ ڪنارن کي ڇُهيو.

    تون جتان گُذري هئين ڪلھ شام جو،
    باکَ ڦُٽندي تن نظارن کي ڇُهيو.

    ننڊَ نيڻن کان رُسي وئي آ ضمير!
    ياد ڪنهن جي آ خُمارن کي ڇُهيو.


    جي پيار ڏين ته مونکي تون هر هر، رُسي نه ڏي !

    جي پيار ڏين ته مونکي تون هر هر، رُسي نه ڏي !
    ڏک ڏيئي جهٽ ۾ ايڏي تون جلدي خوشي نه ڏي.

    ڪاوڙجي وڃين رات جو، ڪاليج ۾ وري،
    تون سامهون اچي صبح سان، ائين کلي نه ڏي.

    مان ڳوٺُ ڇڏي تنهنجي ڪري ئي ٿو هِت رهان،
    هر هر تون شهر جو ائين طعنو هَڻي نه ڏي.

    عينڪ ۾ شيشو آتشي آ تو کي ڏسڻ لاءِ،
    تون ويجهو اچي ديدَ کي ٽانڊا مٺي نه ڏي.

    سمجهان ٿو ڄڻ ته دل ٿي ڪڍي مونکي ڏئي ڇڏين،
    سموسو ائين ڪتاب تي مونکي رکي نه ڏي.

    ايمان وارو ڪو به نه ڪاوڙجي خيال ڪر،
    روزانو اچي منهنجي هٿن کي چُمي نه ڏي.


    چنڊ هوندو آ جئين ستارن ۾،

    چنڊ هوندو آ جئين ستارن ۾،
    ائين هان تُنهنجي پرستارن ۾.

    منهنجي دل کي به تو ڇِڪي ورتو،
    مان ته شامل اڃان هان ٻارن ۾.!

    ماڻهو اِن آس ۾ مري پوندا،
    مهڪ ڍڪ پرس، چهرو وارن ۾.

    ڇا ٿِيو، جي توکان پو ناءُ آيو،
    توسان شامل ته هان قطارن ۾.

    پوءِ ڇا لئه کڻي خنجر آئين ؟
    مان جڏهن مرڻو هان اشارن ۾.

    جهٽ تون نفرت جي معنيٰ سمجهي وئين،
    ۽ مان ڦاســـــي پَـــــــيس اُچـــــارن ۾.

    تو وِڌي ڪيـــــــن آ نظــــــــــر هُن تي،
    چنڊُ لَٽـــڪي پــــــــَيو مُــــــــــنارن ۾ !


    پنهنجا گهرَ، گهٽيون، بازر ڇڏيون ٿي وڃئه،

    پنهنجا گهرَ، گهٽيون، بازر ڇڏيون ٿي وڃئه،
    ڌيءُ ســــــــــامـــــــــا ڻيه آخـــــــر ڇڏيون ٿي وڃئه.

    او امان! جنهن کي نازن سان پاليو هئيه،
    ڀيڻَ منهنجي اُها گهر ڇڏيون ٿي وڃئه.

    جنهن کان ٻاهر ائين پيرُ پاتو نه هُئين،
    ويندي ڄڃ سان اُهو در ڇڏيون ٿي وڃئه.

    سئوٽ، ماروٽ، ماسات، ماما مٺا،
    پنهنجا ڀاڄايون، ڀائر ڇڏيون ٿي وڃئه.

    جنهن ۾ ڄائي، وڏي کيڏندي ٿي هُئي،
    سمجهي اُن گهر کي هُهو برَ ڇڏيون ٿي وڃئه.

    توکي ڏيندي کڻي هُئي دوا وقت تي،
    سا دعائون وٺي ترَ ڇڏيون ٿي وڃئه.

    گهوٽ جي پانڌ سان، گِهلبي گهِلبي،
    روئنيدي، مُنهنجو ڀاڪر ڇڏيون ٿي وڃئه.

    او امان ! بيوسيءَ ۾ هو سينگارجي،
    ميرا لٽڙا ۽ چادر ڇڏيون ٿي وڃئه.

    جنهن تي ليڪا ۽ نوڙي ٽَپين کيڏي هُئي،
    گهر جو تنها سو آڳر ڇڏيون ٿي وڃئه.

    منهنجي هٿَ کان بنا گهمندي نه هُئي،
    هي اُها ڀيڻ آڱر ڇڏيون ٿي وڃئه.

    تنهنجي ويران گهر جي گهٽيءَ ۾ سُتل،
    تڙپندي ڀاءُ شاعر ڇڏيون ٿي وڃئه.


    وَهندي بازار کي، ڪير روڪي ڀلا!؟

    وَهندي بازار کي، ڪير روڪي ڀلا!؟
    يا خريدار کي، ڪير روڪي ڀلا!؟

    هُو چُمي ٿي گڏيءَ کي، ٿا چئو سيڪس آ،
    هُن ننڍڙي ٻار کي، ڪير روڪي ڀلا!؟

    دل ۾ ويهي رهي ٿو اچي بي چَيو،
    هِن چرئي پيار کي، ڪير روڪي ڀلا!؟

    جي هُجي غم ته سيني ۾ سانڍي رکان،
    نيهنَ نروار کي ڪير روڪي ڀلا!؟

    هُن جا ڦوٽو ٿي سيني ۾ سانڍيون وَتي،
    گهر جي ديوار کي، ڪير روڪي ڀلا!؟


    چنڊُ به روشن بيٺو آهي،

    چنڊُ به روشن بيٺو آهي،
    هوءَ نه آئي اُلڪو آهي.

    ريل اچي ٿي پَئي، نه اُٿي هو،
    ڏاڍو دل کي کُٽڪو آهي !

    درَ کي ڀي آ تالو پر، هي،
    گهر ۾ ڪنهن جو ڀُڻڪو آهي ؟

    دل جا دردَ وَتي ٿو پُڇندو،
    عاشق آ يا ننڌڻڪو آهي !؟

    سانڍي رکجان سُندر سپنا،
    هيءِ حياتي چُٽڪو آهي.

    هٿَ مان ڪيريو ٿيئن آئينو،
    دنيا کاڌو جهٽڪو آهي.


    ڪَڙو چڙهيل هو تنهنجي پاڙي تي،

    ڪَڙو چڙهيل هو تنهنجي پاڙي تي،
    پَئي رُنس عيدَ جي ڏهاڙي تي !

    تنهنجي گهرَ جي گهٽيءِ ۾ رش آهي !
    بيهي ٿَڪجي پَيو هان لاڙي تي.

    عشقَ تُنهنجي ۾ آ مزو ڏاڍو،
    ڪنڌ توڙي جو آ ڪهاڙي تي.

    سونهنَ تنهنجي اکين سان چورايان،
    آهيان سَنبريل مان اِن ئي ڌاڙي تي.

    آهي هُنَ جي جَوان دل جڏهين،
    پوءِ ٿي ٽوڪَ ڇو ڪُراڙي تي ؟


    دل چَيو، ديدار لئه اک ڌارجي،

    دل چَيو، ديدار لئه اک ڌارجي،
    اک چيو، ديدار لئه دل هارجي.

    فيصلو مون کان نه ٿو هي ٿي سگهي،
    سوچَ ڪنهنجيءَ کي مٿي بيهارجي ؟

    ساھَ جي سَڪرات واقف ڪين آ،
    ساھَ کي سڪرات ڪيئن ڏيکارجي ؟

    نا خدا اُڏري هوا ۾ آ وَيو،
    ڪيئن ٻيڙو زندگيءَ جو تارجي ؟

    ساھَ کي تيلي لڳي آهي وَئي،
    قابو آ اک، ڪيئن دل کي ٺارجي ؟

    چئو طرف نانگن ورايو آ ضمير !
    ڪهڙو ماري، نانگ ڪهڙو مارجي !؟


    توڙي آهيان پنهنجي گهر ۾،

    توڙي آهيان پنهنجي گهر ۾،
    يار تڏهن ڀي آهيان سفر ۾.

    چنڊُ، رسالا ۽ بي ساکي،
    هرڻيءَ جهڙا ڇالَ اندر ۾.

    لايان ڳلي مان هُنَ کي، ڇا لئه ؟
    نانگَ وَتي ٿو وِڌيون ور ۾ !

    هر ڪو پنهنجي ڌُن ۾ آهي،
    منهنجو هَٿُ آ نانگن ٻِر ۾.

    خوشبوءِ آئي تنهنجي پگهر مان،
    ويٺس ان لئه تنهنجي ڀر ۾.

    ڇا ٿي يارَ ! وڃايو، ويٺو،
    جهاتيون پائين ٿو تون جر ۾ !


    جاڳ، ننڊَ ۾ جَنين سان رهاڻيون رهيون،

    جاڳ، ننڊَ ۾ جَنين سان رهاڻيون رهيون،
    ياد تَن جون سَدائين هِن ڪهاڻيون رهيون.

    هُنَ ڏنو گل، خوشيءَ ۾ اسان پَئي رُنو،
    عادتون جو اڃان هن پراڻيون رهيون.

    ماءُ، محبوبا، ڌرتي ۽ ٽئي ڌيئرون *
    جانِ منهنجيءَ جون هِن مالڪياڻيون رهيون.

    هُنَ گلابن تي آڻي جو ٽانڊا رکيا،
    زندگي ساري اکڙيون اجهاڻيون رهيون.

    سونهنَ هِتڙي رُني، عشقُ هُتڙي رُنو،
    ٽِچڪنديون باھ ۾ ائين جواڻيون رهيون !

    “چنڊُ ٽُڪرا ٿي ڳنڍجي پيو پاڻ ۾ ”،
    سمنڊ ۾ اکڙيون جو تاڻيون رهيون.
    ===============================================

    * ٽَئي ڌيئرون : زهرا بتول، فرح بتول، فاخره بتول


    ڌارَ ٿي وِيو آ يار، مرڪ ڀَلي !

    ڌارَ ٿي وِيو آ يار، مرڪ ڀَلي !
    مون تي موسم بَهار، مرڪ ڀلي!

    آهين تون آسمان خود مختيار،
    ڇو ڪَرين ٿو توعار، مرڪ ڀلي!

    مون رکي آئينو چَيو سامهون،
    ڪونهي مونکي قرار، مرڪ ڀلي!

    وقت گذري وَيو ملڻ وارو،
    مون تي اڄ انتظار ! مرڪ ڀلي!

    ماڻي محبوب ُ مان نه سگهيو هان،
    او پُنهون ءَ وارا پيار، مرڪ ڀلي!

    منهنجا سڏڪا نڙيءَ ۾ گهُٽجي وِيا،
    عشقَ ڪِيو ٿي شڪار، مرڪ ڀلي!

    تون به مايوس ٿي گهڻي آهين،
    مون تي منهنجي ڄمار، مرڪ ڀلي!


    سُڪون اوهان کي ۽ خود کي عذاب ڏينداسين،

    سُڪون اوهان کي ۽ خود کي عذاب ڏينداسين،
    اوهان کي تُحفا سدا لاجواب ڏينداسين.

    اوهان کي يوسفي تعبيرون ڏيئي خوابن جون
    ۽ پاڻ کي پِيا ڏُکن وارا خواب ڏينداسين.

    اوهان اسان کي صرف هڪڙي ڏيو خوشيءَ جي گهڙي،
    اسان اوهان کي سمورا ثَواب ڏينداسين.

    اکيون پَٿارييون اسين ۽ اوهان ٿي سج بيهو،
    تڏهن اوهان کي اکين وارو آب ڏينداسين.

    اسان جي آزمائش لئه ٿورو وقت ڪڍو،
    ذري، ذري جو اکين سان حسان ڏينداسين.

    سِڪڻ، لڇڻ ۽ پڇڻ ڪم جڏهن اسان جو آ،
    اوَهان کي ڇو ڀلا اضطراب ڏينداسين.

    اسان ته پنهنجي لاءِ آ کنيو تنبورو ٽُٽل،
    مگر اوهان کي پڙهڻ لئه ڪتاب ڏينداسين.


    شاعري وصل جي سزا آهي،

    شاعري وصل جي سزا آهي،
    شاعري ذهن جي سَخا آهي.

    منهنجي هر فيصلو ٿو اُبتڙ ٿئي،
    منهنجي لکيل ائين قضا آهي !

    دل ۾ سوءَ دردَ آ اُڀاريندو،
    دردُ ڀي اهڙي ڪا هَوا آهي

    ڪوئي هاڻي حُسين ۴ ٿي سگهندو ؟
    ٿي وئي سنڌ، ڪربلا آهي !

    آهي هُن لئه وڇوڙو جونءَ جو چڪُ،
    منهنجي لئه هڪ وڏي بَلا آهي.

    رات سياري جي ويهي ڪاٽيان ٿو،
    وَڌ انهيءَ کان ڪا ٻي سَزا آهي ؟

    پيارُ مون کي ته هيئن لڳندو آ،
    مدي خارج ڪا ڄڻ دوا آهي.

    پيارَ جي انتها وڇوڙو آ،
    ۽ سندس ڏکُ ئي وڏي گلا آهي !


    آ هلي آ وَٺون، عاشقيءَ جو مزو،

    آ هلي آ وَٺون، عاشقيءَ جو مزو،
    پيارَ جي هر پهر، هر گهڙيءَ جو مزو.

    تو کي ناهي تڏهن ڪائي سُڌ عشقَ جي،
    تو کي ناهي مليو، دل لڳيءَ جو مزو.

    تنهنجي ئي ناشناسائي منهنجي پرين!
    آ وِڃائي ڇڏيو زندگيءَ جو مزو.

    چاندني راتن ۾ ڪو چَڪورن جيان،
    آ ته ماڻيون اسان ڀي وَهيءَ جو مزو.

    تون حَسين آهين، گلڙن کي ڀر ۾ نه رک،
    ڏي وٺڻ پنهنجي تون سادگيءَ جو مزو.

    تو کي ناهي اگر گهرجَ محبت سَندي،
    پو وٺان ڇڏ ته مان بندگيءَ جو مزو.


    نظر سان نظر جو، ميلاپ ٿيندو،

    نظر سان نظر جو، ميلاپ ٿيندو،
    گهٽيءَ سان شهر جو، ميلاپ ٿيندو.

    هي سج پوءِ اُڀري، اُڀري نه اُڀري،
    جڏهن مون قبر جو ميلاپ ٿيندو.

    مينهو ڳيءَ ۾ گهرَ جي ڀِت پَئي ڊَهي آ،
    ڪيئن گهرَ سان در جو ميلاپ ٿيندو.!

    اميدن جا ڏيئا وِسمي وَيا ته به،
    صبر ۽ شڪر جو ميلاپ ٿيندو.

    ٿو سمجهايان دل کي، سمجهي نٿي دل!
    ڏکڻ ڪيئن اُتر جو ميلاپ ٿيندو.؟

    سلامت نه رهندو شيشو هي دل جو،
    جي اُن سان پٿر جو ميلاپ ٿيندو.


    دل ۾ تنهنجي رهڻ ٿو چاهيان مان،

    دل ۾ تنهنجي رهڻ ٿو چاهيان مان،
    پيار تو کان پِنڻ ٿو چاهيان مان.

    تنهنجون نيريون اکيون ۽ گورو بدن،
    سونهنَ تولئه جيئڻ ٿو چاهيان مان.

    ٿي پَئي ڪئميرا اک ۽ دل درپن،
    عڪس تُنهنجا وٺڻ ٿو چاهيان مان.

    زندگي وَٺُ ۽ مرڪَ ڏي هڪڙي،
    تو سان سودو ڪرڻ ٿو چاهيان مان.

    ڌُنڌ نيڻن ۾ سوجهرو ٿي پَئي،
    تو کي تڏهين ڏسڻ ٿو چاهيان مان.

    اَرپ ايڏيون نه مون کي بي چينيون،
    تو تي آرس ڀڃڻ ٿو چاهيان مان.

    تنهنجي نيرين اکين جي ڍنڍ ۾،
    زندگي ڀر ٻُڏڻ ٿو چاهيان مان.

    جيتري آهين خوبصورت تون،
    اوترو تنهنجو ٿيڻ ٿو چاهيان مان.
    .


    منهنجي ويران ٿِيل جُهڳي کان پو،

    منهنجي ويران ٿِيل جُهڳي کان پو،
    ۽ تو محبوبَ جي ڇڳي کان پو.

    گڏ ٿي گهڙيال آ ڪندو ماتم،
    رات جو روز هڪ وڳي کان پو.

    ٿي وَيو آهيان پرين پيلو،
    عشق جي خون ۾ ڀڳي کان پو.

    ويندي نظرن جو مرڪز ٿي،
    جاءِ ديوار جي ڀَڳي کان پو.

    ٿيو نه آباد، دل جو هي گلشن،
    ڇو بَهارُن جي ڀي پڳي کان پو.!

    جيڪو ‘ضمير’ ڪري دشمنيون،
    آهي بس ڀاءُ ان سڳي کان پو.!


    چنڊُ آڪاس جي ڪهاڻي آ،

    چنڊُ آڪاس جي ڪهاڻي آ،
    راتِ رولاڪ هيءُ پُراڻي آ.

    اُڀَ ! ڪيڏو ٺهين ٿو تارن سان،
    ڄڻ ته اڄ تو جَواني ماڻي آ.

    چنڊَ جي روشني لَٿي ٻُڪ ۾،
    ائين ڄڻ ڪو سنڌوءَ جو پاڻي آ.

    ويجهو ڪيئن ايندي روپ روشن جي،
    ناهي اونده چري، هي سياڻي آ !

    ها ڀَلي چنڊَ ڏي تَڪي نه تَڪي،
    رازَ پنهنجي جي هو راڻي آ.

    چنڊَ ڏِس ! ڇوڪري ڏي تحفي ۾،
    پنهنجي اڄ چاند ني اُماڻي آ.

    توکي “ضمير ” هي پَتو آهي ؟
    سِڪَ جي سونهنَ مالڪياڻي آ.


    فون جو اوسيئڙو ڪيسين يارَ! مان ڪريان ؟

    فون جو اوسيئڙو ڪيسين يارَ! مان ڪريان ؟
    سوگها پنهنجي پيار جا، بار ڪيسين مان ڪريان ؟

    ياد تنهنجيءَ کان پرين، ڪو نه ٿو واندو رَهان،
    پنهنجي دل تي ضبط جا، وارَ ڪيسين مان ڪريان ؟

    خوابَ ساڀيان ٿي پَون، نيڻَ ڪجھ آجا ٿين،
    دل ئي دل ۾ تو، سان ڏَس، پيار ڪيسين مان ڪريان ؟

    ياد کي روڪي ڇڏيان، پاڻ کي بوتو ڪريان،
    بند لڙڪن جا پرين ! نار ڪيسين مان ڪريان ؟

    پيارَ ۾ مُنهنجا پرين، عارُ تون ڇو ٿو ڪرين !؟
    ياد تنهنجيءَ کان جُسو، ڌار ڪيسين مان ڪريان ؟


    ها! مري پوءِ ڪيئن ــ جي سگهبو !؟

    ها! مري پوءِ ڪيئن ــ جي سگهبو !؟
    تُنهنجو ٿي ٻئي جو ڪيئن ٿي سگهبو !؟

    آءُ هيراڪ تنهنجي چپڙن جو،
    زهر سقراط ٿي، نه پي سگهبو.

    تون هجين چنڊَ تي، چڙهي اچبو،
    هيٺ هيڏي پوءِ ڪيئن لهي سگهبو !؟

    هونءَ پٿر جا جڙيل آهيون پر،
    تو اڳيان ميڻ ٿي رِجي سگهبو.

    ساٿ تُنهنجو هجي ته جنت ۾،
    بي ڊَپو ٿي پرين وَڃي سگهبو.

    تون پريان، باھ مَچُ هجي وچ ۾،
    تو ڏي ڪُڏندي ڀي اچي سگهبو.

    پنهنجي مستيءَ ۾ گُم رهين ٿو تون،
    تو کي ‘ضمير ’ ڪجھ نه چئي سگهبو!


    ماري هر ڪنهن کي لوڙِ ٿي پنهنجي،

    ماري هر ڪنهن کي لوڙِ ٿي پنهنجي،
    هونءَ نه ـــ ته ڪير ڪنهن کي ساري ٿو !

    هي وڇوڙو قضا تي قابض آ،
    ماري، ماري وري جيئاري ٿو.

    تنهنجو تصويرون ٿو رکي هر ڪو،
    نانءُ منهنجو نه ڪو اُچاري ٿو.

    هُو ٿو چاهي ته دڳُ وڃان ڀُلجي،
    ڏيئو گهر جو تڏهن نه ٻاري ٿو.

    ياد تنهنجيءَ جو نانگ روزانو،
    رات جو ڏنگَ هَڻي سمهاري ٿو !

    لُڙڪَ هڪڙو به قطرو پاڪ آهي،
    عشقَ ۾ ڏِس اند اُجاري ٿو.

    ڪوئي ڪنهن جو دڪان ٺاهي ٿو،
    ڪنهن جو ڪو ئي مَڪان ڊاهي ٿو !

    ڌارَ خوشبوء، حُسن ڪريان گلَ کان،
    وَس پُڄي، ڀوءنرُ ائين چاهي ٿو.

    درد لهندي ۽ اڀرندي ڏين ٿو،
    سج! پئين پويان لاهي پاهي ٿو.

    اُڀ سُرمائي ٿو وَيو آهي،
    پَنڇي پرڙا تڏهن ته ساهي ٿو.

    ڪوئي ماڻهو گُهمي ٿو نوٽن تي،
    ڳاھُ ڪوئي ڪنڊن جو ڳاهي ٿو.

    ايندو ڪر پاڻ تون پرين مون ڏي،
    خطُ سڪَ ايتري نه لاهي ٿو.


    پيار جي تو نه ڪَئي اطاعت آ،

    پيار جي تو نه ڪَئي اطاعت آ،
    هيءَ تُنهنجي پرين عَدالت آ !؟

    ساٿَ تُنهنجي وري ڇنڻ سان ئي،
    دل ۾ ٿي درد جي ولادت آ.

    پيار تو لئه ته مشغلو آ ڪو،
    پَر هي مون لئه وڏي عبادت آ.

    پيارُ تنهنجي لئه مشغلو آهي،
    ۽ وري منهنجي لئه عبادت آ.

    دردَ ڏيڻ وارا اي حُسن وارا،
    توکي سيکاري ڪنهن سخاوت آ!؟

    اي زمانه ! پُنهون ۽ سسيءَ جان،
    نه ملي مون کي ڀي رعايت آ.

    اڄ به تنهنجو ‘ضمير’ چهرو ڏسڻ،
    مون لئه هِڪڙي وڏي سعادت آ.



    تنهنجي وئي کان پو دل جهُري پئي آ،
    دل جي ديوار ڀي ڪِري پَئي آ.

    ڪالھ جيڪا ملي هُئي قسمت سان،
    سا خوشي دل ۾ اڄ مَري پَئي آ.

    تو ڏي کِلندو به ڏس اچان ڪيئين،
    راھَ تو واري ٿي ڇُري پَئي آ.

    ڪيرُ ٿو چَئي ته آهيان مفلس،
    مُنهنجي دردن سان دل ڀري پَئي آ.

    پَنهنجي اڄ آشنا کي پَسندي ئي،
    هُو شمع ڪيئين ڏِس ٻري پَئي آ.

    دل ته چئو ٿا خدا جو گهر آ هي،
    پوءَ ڇا جي ڪري ڏَري پَئي آ.

    ڪيرُ ميڙي ‘ ضمير ’ ڪوِتائون،
    دل تي پَن ڇَڻ جي رُت وَري پَئي آ.


    سونهن تنهنجيءَ شڪار ڪِيو آهي،

    سونهن تنهنجيءَ شڪار ڪِيو آهي،
    توسان تڏهين ته پيار ڪِيو آهي.

    سونهنَ تنهنجيءَ جي سڪ آ سَنگتياڻي،
    لوڪَ تڏهين ته خوار ڪِيو آهي.

    رات جو ٿي اکين ۾ ويهين اَچي،
    ڏينهن َ جو ڇو تو ڌار ڪِيو آهي.

    آهي لڙڪن اکين ۾ گهرُ ٺاهيو،
    ڏاڍو تنگ تنهنجي سار ڪِيو آهي.

    دردُ منهنجي پرين سڃاڻپ آ،
    سوگهو تڏهين هي بار ڪِيو آهي.

    آيو آهي ‘ ضميرُ ’ تو کي ڏسڻ،
    بند ڇو تو دُوار ڪِيو آهي.


    پرين ويران پنهنجو گهرــ پڌرُ آهي اڃان تائين،

    پرين ويران پنهنجو گهرــ پڌرُ آهي اڃان تائين،
    تڏهن ڀي دل اسان جي کي صبر آهي اڃان تائين.

    محبت کان به بَس ڪئي مون ۽ نفرت کان به بَس ڪئي آ،
    تڏهن ڀي ڦارون، ڦارون ڇو، جگر آهي اڃان تائين.؟

    جڏهن کان دل ٽُٽي آهي، تڏهن کان ننڊَ ڪئي ناهي،
    دعائن ۽ دوائن تي، گذر آهي اڃان تائين.

    بهارن رُت اچي وئي آ، لڄي ٿيندي هَوا ٿي چَئي،
    ‘ محبت جو شجر ڇو بي ثمر آهي اڃان تائين’ !؟

    ڪڍان ٿو جي اگر دل مان ته رَت جا نير ٿو روئي،
    اسان جي دل اندر ڦاٿل خنجر آهي اڃان تائين.

    اِها ‘ضمير’ مَستي آ يا هَرڪو آهي هَستي جو !؟
    “ قيامت کان زمانو بي خبر آهي اڃان تائين.”

    * ماخوذ


    سيني مان ير هي سُور نڪري نٿو،

    سيني مان ير هي سُور نڪري نٿو،
    سيني ۾ ڪو سُکَ ــ سَلو سنجري نٿو!

    ذهن ٿو سانڍيون وَتي يادون ۽ ڏکَ،
    وقت فرصت ۾ ته ڪو گذري نٿو !

    زندگيءَ جو آ ڏکيو ڏاڍو سفر،
    پنڌُ هي يَر پاڻ کان نبري نٿو !

    ڦاٿو آهيان ڪهڙي مان اونداھَ ۾ ؟
    منهنجي لئه ڪو سج لهي اُڀري نٿو !

    اهڙي جيئڻ کان ته ڪو ماري وجهي،
    پاڻَ تي پنهنجو هي هٿ اُلري نٿو !

    منهنجا آهن پَرَ ڪَٽيل ۽ قيدُ هان،
    مان ٿو سمجهان، ڪو پکي اُڏري نٿو !

    شاعري سوچڻ ۽ روئڻ کان سوا،
    روحُ ڪنهن ٻي چيز سان وِندري نٿو

    جو ظلم ڌرتيءَ مٿان ٿئي ٿو ‘ ضميرَ’
    ظلم سو آڪاش تي اُتري نٿو !؟


    اوهان جي اکين ۾ سَوين رنگ آهن،

    اوهان جي اکين ۾ سَوين رنگ آهن،
    ڦُٽا ڄڻ جوئر جا نوان سنگ آهن.

    اوهان جي ڳلن تي ٿي لالاڻ چمڪي،
    چَڙهي منهنجي چهري تي وِيا زَنگ آهن.!

    هُو خوشبو سان جهر جهنگ وِيو واسجي آ،
    وَڳا پيار جا جو وري چنگ آهن.

    ڏسي توکي مونکي هُو چاندنيءَ ۾،
    نچي، جهومي پيا ڏس ته جهر جهنگُ آهن.

    اوهان جي ڏسي ڪاري زلفن کي پيارا !
    واسينگن لڪائي ڇڏيا ڏنگ آهن.

    ڪٿي ڪو پَٽَن ۾ به پياسو نه آ، ڪِٿ،
    نديءَ جي ڪپر تي اُڃا ڪنگ آهن !

    اي ‘ضميرَ! قرب ۽ وفا حُسن وارا،
    اوهان ۾ اهيئي، سڀئي انگ آهن.


    توکي ڏسندي ئي غمَ وَيا ڀلجي،

    توکي ڏسندي ئي غمَ وَيا ڀلجي،
    ٻِيا زماني جا ڪمَ وَيا ڀلجي !

    نيڻَ تنهنجي بدن ۾ ضَم ٿي ويا،
    ساھ کان ڀرڻ دَمَ وَيا ڀلجي.

    ڪنهن ڏي ڏسڻو نه هو حياتي ڀر،
    توکي ڏسندي قسم وَيا ڀلجي.

    سونهنَ تنهنجي چُميم جو نيڻن سان،
    مون کان دل جا زخم وَيا ڀلجي.

    پيرَ دل جي ڪلب تي پاتئه جو،
    دل کان پنهنجا رڌم وَيا ڀلجي.

    پيارُ، مرڪون ۽ ساٿ جو ميلو،
    سارا ‘ضمير ’ عزم وَيا ڀلجي !


    منهنجي دلڙي اداس ٿي پئي آ،

    منهنجي دلڙي اداس ٿي پئي آ،
    دردَ وارو لباس ٿي پئي آ !

    تنهنجي وڇڙڻ جي دل مذاقن تي،
    نوٽَ وانگي ڪِراس ٿي پئي آ !

    تو نهاريو نه، زندگي منهنجي،
    سائو وِھَ جو گلاس ٿي پئي آ !

    پيار ۾ جهڻڪون کائي، کائي، هيءَــــ
    ڏاڍي دل بي شناس ٿي پئي آ !

    ماڻهو ٻِيا ڀاڳ سان ٿا ڪن رانديون،
    اُبتي هڪ منهنجي آس ٿي پئي آ !

    آءُ ‘ضمير’ اڃ اُجهائي وڃ،
    تنهنجي الفت جي تاس ٿي پئي آ !


    وارَ اُن ڏينهن کان اَڇا ٿيا هِن،

    وارَ اُن ڏينهن کان اَڇا ٿيا هِن،
    ناتا جنهن ڏينهن کان ڪَچا ٿيا هِن!

    هوُءَ جڏهن کان ملڻ ڇڏي وئي آ،
    ڏند تنهن ڏينهن کان کٽا ٿيا هِن!

    مان جڏهن کان وٺي مٺو ٿيو هان،
    ماڻهو ان ڏينهن کان ڪَڙا ٿيا هِن!

    ننڊَ سان دوستي رکڻ کان پوءِ،
    ڏينهنَ راتين کان ڏِس وڏا ٿيا هِن!

    مندَ مرڪڻ جي آئي آهي پر،
    رات روئڻ تي ڀي ڦڏا ٿيا هِن!

    يارَ ننڍپڻ کان جواني تائين،
    ڏاڍا مون ساڻ حادثا ٿيا هِن!


    مون کي آواز ڏئي، تون لِڪي ٿي وڃين،

    مون کي آواز ڏئي، تون لِڪي ٿي وڃين،
    ڀوڳَ ئي ڀوڳَ ۾، پو يَڪي ٿي وڃين.!

    مون سان ناراض ٿيڻ جون مذاقون نه ڪر،
    ڀوء ٿِئي ٿو متان تون پَڪي ٿي وڃين.

    مان به چاهيان ٿو هڪ ڀيرو جهيڙو ڪَريون،
    جيئن کيچل کان اڳتي جهَڪي ٿي وڃين.

    دل چَوي ٿي ته هڪ ڀيرو تو کان رُسان،
    ۽ نه پرچائين، گهر جئين شڪي ٿي وڃين.!

    تون سهيليون ڇڏي، مون ڏي ڊُڪ ٿي ڀَرين،
    ڳالھ ڇاهي جو ڏِسندي ڏَڪي ٿي وڃين.؟

    پنهنجي سيراندي منهنجون تصويرون نه رک،
    ڪنهن هَٿان تون نه گهرَ ۾ ڌَڪي ٿي وڃين.!

    تو مٿان ڪيئن گلڙن جي ورکان ڪَيان ؟
    ڇو ته سَکين جي سَٿَ ۾ ڍَڪي ٿي وڃين.

    تون صبح سان الائي به ايندينءَ يا نه !؟
    ڇو ته اڌ رات جو گهر ٿَڪي ٿي وڃين.!


    دل ته آهي زبان ڪونهي ڪا،

    دل ته آهي زبان ڪونهي ڪا،
    سامهون تون آهين، جانِ ڪونهي ڪا!

    جهپجي اکين مان پُهتي سيني ۾،
    سونهنَ تنهنجي زِيان ڪونهي ڪا.

    ڪيرُ ٿو چئي ته گفتگو تُنهنجي،
    ڳالھ ئي آ، قران ڪونهي ڪا.!

    جئين چاهين تون ساڙ، ڦاڙ ان کي،
    هيءَ دل آسمان ڪونهي ڪا.

    تنهنجي ٻانهن ۾ جيڪا آ گوري !
    اهڙي ڪِٿ ٻي اَمانَ ڪونهي ڪا.

    هٿُ رسيوَر تي هُنَ رکي پُڇيئه،
    مون ٻڌو هيئن، ‘چَوانِ، ڪونهي ڪا !؟’


    رات تو کي مون ايڏو سنڀاريو هُيو،

    رات تو کي مون ايڏو سنڀاريو هُيو،
    ساھُ مون ۾ پَيل ڄڻ ڌاريو هُيو !

    رات گڏ پاڻ سان تنهنجي تصوير کي،
    مون چُميون ڏيئي مس، مس سمهاريو هُيو.

    اک کُلڻ سان لڳو، ائين ڄڻ رات، چنڊَ،
    منهنجي ڀاڪر مان تو کي اُٿاريو هُيو!

    مون کي سڀني چَيو، هوءَ گهر ۾ نه هُئي،
    پوءِ ڪمري ۾ ڪنهن سان مون گهاريو هُيو؟

    هلندي پنهنجي مون پاڇي کي بازار ۾،
    نانءَ تنهنجي سان ڀُل ۾ پُڪاريو هيو.

    تو کي سانجهي جو مون هو ڏٺو ڇت مٿان،
    رت مون پوءِ ڪِٿ ڏيئو ٻاريو هُيو.

    جاڳَ ۽ ننڊَ ۾ ساڻ ضميرَ هُئي،
    مون نشي ۾ به ڪِٿ هوش هاريو هُيو!


    روز ڏئي آئينو چمڪا، پاڇائين ۾،

    روز ڏئي آئينو چمڪا، پاڇائين ۾،
    ٿو لِڪي ڏئي وڃئي بوسا، پاڇائين ۾ !

    ايتري آن حَسين، آرسي تون نه ڏس !
    سونهن َ پَس پنهنجي پاڻيءِ يا پاڇائين ۾!

    ڇو ڳچي چولي جي ٿي سبائين وڏي ؟
    ڇو ڇَنڊين وارَ ٿي ڪارا، پاڇائين ۾.

    ٻانهنَ وچ سيني تي تو جو اُڇلي ڇَڏي،
    بيٺو ڪنگڻ وڃي ڪنهن آ، پاڇائين ۾

    هونءَ هر دم تُنهنجي حُسنَ جي اُس رَهي،
    مون منجهند آ ڪَٽي ڪاڪا، پاڇائين ۾!

    ڇو اَچي ۽ وري موٽي وَئي هئين ڀلا؟
    ڪالھ تُنهنجا ڏِٺم پيرا، پاڇائين ۾!

    هيءُ ‘ضميرَ’ آهي حُسنَ جو سبب،
    تُنهنجا فوٽو چِٽا آيا، پاڇائين ۾.


    روحَ ــ رَتيون ٻَري هيون آهن،

    روحَ ــ رَتيون ٻَري هيون آهن،
    گهرَ جون بتيون ٻري رهيون آهن.

    تُنهنجي آمد تي تنهنجي راهن ۾،
    ميڻَ بتيون ٻري رهيون آهن.

    چنڊَ جي چاندنيءَ تي وَرکا ٿيل،
    گلَ ـــ پَتيون ٻري رهيون آهن.

    هُو حويليءَ جي ڪوٽَ ۾ اڄ ڀي،
    ڪيئي سَتيُون ٻري رهيون آهن.!

    هوڏي چولو ٻري ٿو ڪاوَن سان،
    هيڏي چَتيون ٻري رهيون آهن!

    آءُ اونداه جي ٿي نظر وِيو هان،
    تو ڏي بَتيون ٻري رهيون آهن!

    ڪيئي آهن ‘ضمير’، جيڪي هِت،
    دردَ وَتيون ٻري رهيون آهن.


    پنهنجي تصويرَ تو کسي ورتي،

    پنهنجي تصويرَ تو کسي ورتي،
    ها مگر دل ۾ مون جهٽي ورتي.

    تُنهنجي هٿڙن کان، دل نيڻن سان،
    اوپرائپ ۾ جنگ کٽي ورتي.

    مون کي پَڪ ٿي وَئي، سُڃاڻين نَٿي،
    ڇو ته جهٽ تو گهٽي مَٽي ورتي.

    پيارَ جون پنکڙيون کليون ئي مَس،
    تن جي پَن ڇَڻ نڙي گهُٽي ورتي.

    تُنهنجي ويجهو اچڻ نه چاهيو پر،
    ڇا ڪيان عشقَ دل سٽي ورتي.!

    تو اُماڻي نه، مون رسالي مان،
    تنهنجي تصوير آ ڪَٽي ورتي.


    آءُ نا پاڪ، پاڪ در تنهنجو،

    آءُ نا پاڪ، پاڪ در تنهنجو،
    سوچَ ۾ آ سڄو شهر تنهنجو.

    روز ڪَن ٿا طواف سوَ ماڻهو،
    ڪعبو بڻجي وَيو آ گهر تنهنجو.

    ايندي، ويندي ڏسين ٿي تون اُن کي،
    خوبصورت تڏهن آ تر تنهنجو.

    سئو دفعا هي ڏنگڻ کان پو ڀي ڏِس !
    پيار بيٺو کنيو آ ڪر تنهنجو.

    بانوري ٿي وتين تون ڏينهنُ سڄو،
    سمجھ ڪر پٽجي پئي نه پرُ تنهنجو.

    لٽجي ارمانَ سڀ ‘ضمير’ وَيا،
    ذهن ۾ کُتو خنجر تنهنجو.


    تنهنجي تصوير اک ۾ گُم ٿي وئي،

    تنهنجي تصوير اک ۾ گُم ٿي وئي،
    اک جواني جي ٻک ۾ گُم ٿي وئي.

    پيءُ تُنهنجي جي ڪئين نيت اڄ،
    پيارَ بدران آ لَکَ ۾ گُم ٿي وئي.

    پاڻ هڪ ٻئي کي آ پري کان ڏٺو،
    زندگي ساري رک ۾گُم ٿي وئي.

    دوستي تُنهنجي منهنجي، ڏک آ، هي،
    پاڙي وارن جي بُکَ ۾گُم ٿي وئي.

    روشني مولويءَ جي اکين جي،
    آهي مسجد جي نُکَ ۾گُم ٿي وئي.

    ماءُ ۽ پيءُ، ڪونهي محبوبا،
    زندگي اهڙي ڏُکَ ۾گُم ٿي وئي.

    ڪالھ ويو ڇوڪرو ‘ضمير’ مري،
    ڇوڪري ڪنهن جي سُک ۾گُم ٿي وئي.


    ڇوڪريون پنهنجو پاڻ ۾ گُم هِن،

    ڇوڪريون پنهنجو پاڻ ۾ گُم هِن،
    ڇوڪرا ڇڪَ ڇاڻ ۾ گُم هِن.!

    ويسُ رنگين هُنَ ته پاتو پر،
    رَنگ هُن جي نواڻ ۾ گُم هِن.

    ڏولي هُن جي هَوا ۾ ڪڏندي وَئي،
    ڪيترا پر سُڀاڻ ۾ گُم هِن.

    ننڊَ خوابن جي ٿي پُٺيان ڊوڙي،
    خوابَ نيڻن جي مِياڻ ۾ گُم هِن.

    زلزلو دل جي ڌرتي لوڏي ٿو،
    بي چَيون، ڇاتي ـــ تاڻ ۾ گُم هِن.

    ڇوڪرا چپَ چٽين پَيا پنهنجا،
    ڇوڪريون ڏِسُ کَٽاڻ ۾ گُم هِن.


    هيءُ وٺ ‘ ضميرَ’ آڱر، هلڻو آ ڳوٺ هاڻي،

    هيءُ وٺ ‘ ضميرَ’ آڱر، هلڻو آ ڳوٺ هاڻي،
    ماڻهو نه ٿو شهر جو، ڪو پاڻ کي سُڃاڻي !

    بوڇَڻ هِتي نه ڇنڊجان، شيشي جو هي شهر آ،
    هر ماڻهو چنڊ جا هت، ڪِرڻا ٿو منهن مان ڇاڻي.

    هيڏو پڳس ڪري پنڌ، ‘موهن’ سُتو پَيو آ،
    ڪلھ خوابَ ۾ چيو هَئين، اچجانءِ لاڙڪاڻي.

    هڪَ هٿ ۾ ريوڙيون، ٻئي هٿ ۾ پَتاشا،
    باقي بڪل او نياڻي !، تو لئه سگهيس نه آڻي.

    پُٽَ ‘زينَ!’ ڀيڻُ تنهنجي ‘فروه ’ ملي وڃڻ جا،
    ڏَسِ ! مان وڃان قبر ڏي، نياپا پئي اُماڻي.

    ڳوڙهن سان هي ڊٿل آ، جلديءَ ۾ پڻ لکيل آ،
    روئاري آ وِڌو هِنَ خطَ مونکي اڄ پراڻي.


    جان ٿڙڪڻ لڳي،

    جان ٿڙڪڻ لڳي،
    رَتُ ٽِچڪڻ لڳي.

    يار ياري ڀڳي،
    سوچَ مٽجڻ لڳي!

    واءُ اهڙو گُهليو،
    سڪَ اڏرڻ لڳي!

    آرسي جو ڏٺم،
    چاندي چمڪڻ لڳي.

    تون جمالو نه ڳاءِ،
    دل آ ڌڙڪڻ لڳي.


    اِن نموني دماغ ۾ آهي،

    اِن نموني دماغ ۾ آهي،
    *ڄڻ ته وِسڪي اياغَ ۾ آهي.

    باغَ جو سونهنَ ساري گُم ٿي وَئي،
    هوءَ آئي جو باغ ۾ آهي.

    چنڊ ! ڪيڏو نه ڏِس ڦَڏو تنهنجي،
    ڪاري مُنهن واري داغ ۾ آهي.

    زندگي ڀر لئه ٻارِ، ٻَرندو پِيو،
    خون منهنجي چراغَ ۾ آهي.

    هٿ گُليلي ڏِسي، اُڏي ويندو،
    *ايتري سمجھ زاغ ۾ آهي.

    گهرُ ڪِٿي ٿئه ۽ ايندي آهين ڪٿان ؟
    لُطف تُنهنجي سُراغ ۾ آهي


    * اياغ __ شراب جو پيالو
    * زاغ ___ ڪانءُ


    جي چَئين جيءُ ته آءُ جي پوندس،
    جي چَئين مرُ ته مان مري پوندس.

    تنهنجي اک جو ئي اِشارو گُهرجي،
    مان مٽي جو ڍڳ هان، جهٽَ ڊَهي پوندس.

    منهنجي قسمت جو جي نه چنڊ چَمڪيو،
    ٿي هميشه لئه سج لهي پوندس.

    مون کي سَڏجانءِ، ڪو جي ٺُڪراويئه،
    تنهنجي زخمن تي ٿي پَهي پوندس


    وايون

    هر ماڻهوءَ جو پنڌُ،

    هر ماڻهوءَ جو پنڌُ،
    آهي قبرستان ڏي.

    نياڻيءَ جي مرتئي کانپوءِ،
    منهنجو ڀي سَنڌُ، سَنڌُ،
    آهي قبرستان ڏي.

    گلدستا احساس جا،
    منهنجو ساھُ __ سڳنڌُ،
    آهي قبرستان ڏي.
    سج لَهڻ، اُڀرڻ کان اڳ،
    هوندو اُڀو ڪنڌُ
    آهي قبرستان ڏي.


    پنهنجي 4 سالا نياڻي فَروه بتول جي وفات تي لکيل وائي


    منهنجين اکڙين ۾،

    منهنجين اکڙين ۾،
    تُنهنجون تصويرون،
    ساري رات سُتيون رهيون.

    تُنهنجي زلفن جون مٺي!
    مون تي زنجيرون،
    ساري رات سُتيون رهيون.

    گڏ هئاسين پوءِ ڀي،
    پيار جون تاثيرون،
    ساري رات سُتيون رهيون.

    توسان ملڻ کانپوءِ ڀي،
    سپنن ــــــ تعبيرون،
    ساري رات سُتيون رهيون.


    دردن جي ديوار،

    دردن جي ديوار،
    ڊگهي ٿيندي ٿي وڃي!

    جيڏو ڪيانءِ ٿو ياد،
    تيڏي تنهنجي سار،
    ڊگهي ٿيندي ٿي وڃي!

    جئين، جئين جاڳن زخم ٿا،
    رات به تئين تئين يار!
    ڊگهي ٿيندي ٿي وڃي!

    روز زهر ٿو ڏوڪيان،
    پوءِ به منهنجي ڄمار،
    ڊگهي ٿيندي ٿي وڃي!


    جهولُ گلڙن سان ڀريون،

    جهولُ گلڙن سان ڀريون،
    سانوري ڪاڏي وڃي ٿي ؟

    صبح سان سينگارجي،
    ميندي هٿڙن کي هنيون،
    سانوري ڪاڏي وڃي ٿي ؟

    موسمِ بهارَ ۾،
    پاڻ جيڏين کي وَٺيون،
    سانوري ڪاڏي وڃي ٿي ؟

    سمجهي مونکي اَجنبي،
    مُنهن چُنيءَ ۾ ويڙهيون،
    سانوري ڪاڏي وڃي ٿي ؟

    ٽهڪ ڏيندي، ڇال ڏيندي،
    من ۾ ڪو ڪو ٺوڪيون،
    سانوري ڪاڏي وڃي ٿي ؟

    ساڻ آ سپنن ۾ هونءَ،
    ٿو ڏسان کولي اکيون،
    سانوري ڪاڏي وڃي ٿي ؟


    توکي ڏسندي ئي مٺي!

    توکي ڏسندي ئي مٺي!
    ماڻهو هڪ دُکي،
    جَهٽ پٽ مرڪي ٿو پوي.

    سَتن رنگن ۾ ٻانهن تي،
    تُنهنجو نانءُ لکي.
    جَهٽ پٽ مرڪي ٿو پوي.

    تنهنجي هٿڙن جو ٺهيل،
    ڪوئنرو ڀَتُ چکي،
    جَهٽ پٽ مرڪي ٿو پوي.

    فِلمي فوٽوءَ تي چريو،
    تنهنجو نانءُ رَکي،
    جَهٽ پٽ مرڪي ٿو پوي.

    منهنجو گهرُ ڀي مون جيان،
    تُنهنجي ايندي سَکي!
    جَهٽ پٽ مرڪي ٿو پوي.


    مِلي ۽ وڇڙڻ،

    مِلي ۽ وڇڙڻ،
    ڏاڍو ڏکيو ٿو لڳي !

    ڪهڙيون ڪريان ڪوششون ؟
    لٿل سج اُڀرڻ،
    ڏاڍو ڏکيو ٿو لڳي !

    دريا! تنهنجي پيٽ ۾،
    واريءَ گهرُ اڏڻ،
    ڏاڍو ڏکيو ٿو لڳي !

    سوچن جي رِڻَ ۾ رُلي،
    لفظن کي ڳولڻ،
    ڏاڍو ڏکيو ٿو لڳي !

    هيڏي ساري چاھ کي،
    سيني ۾ سانڍڻ،
    ڏاڍو ڏکيو ٿو لڳي !

    نڪري ٻرندڙ باھ مان،
    برف سان وهنجڻ،
    ڏاڍو ڏکيو ٿو لڳي !


    ڏيندينءَ، ڪَن نه پيار ؟

    ڏيندينءَ، ڪَن نه پيار ؟
    سوچي ٿڪجي هان پيو !

    خط وسيلي، فون تي،
    توسان ڪيان اظهار؟
    سوچي ٿڪجي هان پيو !

    اوپرائپ جو مٺي!
    ٽُٽندو ڪڏهين ڄار ؟
    سوچي ٿڪجي هان پيو !

    ڪڏهن پائيندينءَ اچي،
    ٻانهنُ وارو هارُ؟
    سوچي ٿڪجي هان پيو !

    ڪَرڻو پوندو ڪيترو،
    اڃان انتظار ؟
    سوچي ٿڪجي هان پيو !



    تنهنجو اوسيئڙو،

    تنهنجو اوسيئڙو،
    دردُ وڌائي ٿو ڇڏي !

    آسَ تُنهنجيءَ ۾ ٻاريل،
    جاري ۾ ڏيئڙو،
    دردُ وڌائي ٿو ڇڏي !

    ديوارن جي ٻِرگهه ۾،
    ڦاٿل ڪو ريئڙو،
    دردُ وڌائي ٿو ڇڏي !

    توسان ملڻ جي چاھ جو،
    جان اندر سيئڙو،
    دردُ وڌائي ٿو ڇڏي !

    ميڻ بتيءَ ڏي سُرڪندڙ،
    هر هڪ پانڌيئڙو،
    دردُ وڌائي ٿو ڇڏي !


    ڳوٺَ جي ڳلين ۾ سکي !

    ڳوٺَ جي ڳلين ۾ سکي !
    ڦيرا ائين نه پاءِ،
    متان ڪنهن جي ٿي وڃين !

    ميندي هَٿڙن کي هڻي،
    گيتَ نه ويهي ڳاءِ،
    متان ڪنهن جي ٿي وڃين !

    ميرِن ماڻهن جي اڳيان،
    پاڻ نه ايڏو ڀاءِ،
    متان ڪنهن جي ٿي وڃين !

    پاڻ کان هيءُ پڇي ته ڇڏ،
    آهيان ڪنهن جي لاءِ ؟!
    متان ڪنهن جي ٿي وڃين !


    پاڻ نه سگهيا سين ملي،

    پاڻ نه سگهيا سين ملي،
    ڏِس ماڻهن ٻِين جا،
    پيارَ پُراڻا ٿي ويا!

    سانڍي پنهنجي ساھَ ۾،
    تو لئه مون جي رکيا،
    پيارَ پُراڻا ٿي ويا!

    اڻَ ڄاڻائيءَ ۾ مٺي!
    هاڻي ٻِنهي جا،
    پيارَ پُراڻا ٿي ويا!

    پنهنجي وارن ۾ ڏسي،
    چانديءَ جا چَمڪا،
    پيارَ پُراڻا ٿي ويا!

    نيٺ ملڻ جي آس ۾،
    ٿي وياسين پوڙها،
    پيارَ پُراڻا ٿي ويا!


    چانھه به وِسري وَئي اَٿئه،

    چانھ به وِسري وَئي اَٿئه،
    ڪنهن جي يادن ۾ ؟
    گُم ٿي وِيو آن سانورا !

    نيڻ جُهڪائي ٿَئه ڇڏيا،
    ڪنهن جي قدمن ۾ ؟
    گُم ٿي وِيو آن سانورا !

    ڇو بند ٿي وِيل فون جي،
    گهنٽيءَ جي ڌُن ۾ ؟
    گُم ٿي وِيو آن سانورا !

    ڪنهن جي آهي ڊائري ؟
    جنهن جي ورقن ۾،
    گُم ٿي وِيو آن سانورا !

    وڏڙو ٿي وِيو آن ته ڀي،
    ڳوٺَ جي ڳَلين ۾،
    گُم ٿي وِيو آن سانورا !

    ننڊَ به ويئي ٿَئه ڦِٽي،
    پوءِ به سپنن ۾،
    گُم ٿي وِيو آن سانورا !


    ڏيڍ سٽا

    ڇا لاءِ لِکين ٿي تون ؟

    ڇا لاءِ لِکين ٿي تون ؟
    سڀ سوچَ انهيءَ ۾ هِن، ڪنهن لاءِ لِکين ٿي تون !؟


    تو ڀرت ڀرڻ سکيو،

    تو ڀرت ڀرڻ سکيو،
    پرَ مون ننڍپڻ کان ئي، آ پيار ڪرڻ سکيو.


    ها رات ملي وئي هُئينءَ،

    ها رات ملي وئي هُئينءَ،
    ائين مونکي لڳو ڄڻ تون، ٿي واءُ گهُلي وئي هُئينءَ.


    ڇو ايڏي ڪاوڙ هُئي؟

    ڇو ايڏي ڪاوڙ هُئي؟
    تو سي.ايل.آءِ تي، ڏسي نمبر فون نه کنئي!


    ڪنهن سان به نه ملندي ڪر،

    ڪنهن سان به نه ملندي ڪر،
    ٿي هيرَ ڏکڻ واري، هر ڪنهن تي نه گهُلندي ڪر !


    نڪُ تو جو سبايو آ،

    نڪُ تو جو سبايو آ،
    تو لاءِ قنبر مان، مو ڪوڪو گهرايو آ.


    ايڊريس مٽائي ڇڏ.

    ايڊريس مٽائي ڇڏ.
    ٿِئي ساڙُ پيو مون کي، تون فون ڪَٽائي ڇڏ!


    بس خالي لفافو هو،

    بس خالي لفافو هو،
    خط ڪونه هُيو ان ۾، هي ڪهڙو تماشو هو !؟


    هونئن ڪجھه ڀي ناهيان مان،

    هونئن ڪجھه ڀي ناهيان مان،
    تون سڀ ڪجھه ٿي سمجهين، پوءِ سڀ ڪجھ آهيان مان.


    هي هُل آ پاڙي ۾،

    هي هُل آ پاڙي ۾،
    هَٿُ تنهنجو ئي آهي، هن دل جي ڌاڙي ۾.


    وهنوار اجايا هِن،

    وهنوار اجايا هِن،
    هي تو کان سوا منهنجا، سينگارَ اجايا هِن !


    هي ٽيڪسٽائيل مل،

    هي ٽيڪسٽائيل مل،
    ويرانُ ٿي وئي آهي، ڇو منهنجي شهر جي دل !؟


    مون کي ته لڳي ائين ٿو،

    مون کي ته لڳي ائين ٿو،
    هنَ شهر ڪراچيءَ ۾، ڪو ئي به نه آ ڪنهن جو !


    آواز مٽائين ٿي،

    آواز مٽائين ٿي،
    ته به فون منجهان گوري، خوشبو ٿي اچي تنهنجي.


    ڪٿ پنهنجي گهر ۾ آن،

    ڪٿ پنهنجي گهر ۾ آن،
    ننڊَ ڪرڻ کان پو منهنجي، سڄي رات تون ڀرِ ۾ آن.


    توڙي جو ڏکن ۾ هان،

    توڙي جو ڏکن ۾ هان،
    تو ياد اچڻ کان پوءِ، سمجان ٿو سُکن ۾ هان.


    اکڙين جو ڏٺو توکي،

    اکڙين جو ڏٺو توکي،
    تو گِروي رکي ڇڏيو، ڏسندي ئي سڄو مون کي.


    هُو کجيءَ وارو وڻ،

    هُو کجيءَ وارو وڻ،
    هڪ سوچَ ۾ بيٺو آ، ڪنهن شاعر وانگي ڄڻ.


    ڳوڙها جو ٽِمي پِيا ها،

    ڳوڙها جو ٽِمي پِيا ها،
    تو ساھُ ٿَڌو ڀريو، ٿي برفَ ڄَمي پِيا ها!


    تُنهنجي آيس پاڙي ۾،

    تُنهنجي آيس پاڙي ۾،
    رَش ائين ٿي وَئي ڄڻ هُس، پِيو پڪڙجي ڌاڙي ۾.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 466
    ڪتابن جو مشاهدو: 393832
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 159306
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ