ڪتاب جو نالو: آمريڪا ياترا
مصنف: ذوالفقار هاليپوٽو
ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي
ڪيٽيگري: سفرنامه
شايع ٿيڻ جو سال: 2008
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 02 مارچ 2017 ع
پڙهيو ويو: 609 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 281 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
”ذوالفقار هاليپوٽي جو هيءُ ڪتاب ”آمريڪا ياترا“ نئين نڪوري ڊڪشن، نئين دور ۽ نئين انداز جو هڪ دلڪش ۽ نمايان مثال آهي. آهن، دانهن، حسرتن، حسين يادن، ٻٽاڪن ۽ اڻوڻندڙ لفاظيءَ سان ڀريل ڪيترن سفرنامن جي ابتڙ هيءُ سفرنامو دراصل ليکڪ جي سفر سان سلهاڙيل انهن حقيقتن، حالتن، حلقن ۽ دلپذير حادثن جو سرنامو آهي، جيڪي آمريڪا جي مسافريءَ تي اُسهڻ کان وٺي واپس ڳوٺ پهچڻ تائين ليکڪ سان پيش آيا. انهن مڙني صورتحالن دوران هڪ هنڌ به وڌاءَ ۽ پڏاءَ جي گرڪڻ نظر نٿي اچي نه ئي مصنوعيت ۽ نقلي پڻي جي ترڪڻ موجود ٿي لڳي.“
انعام شيخ
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران :
  • آمريڪي سفر جي سَتَ-رنگي سيربين- انعام شيخ
  • آمريڪا هينئن به گهمي سگهجي ٿي! - جامي چانڊيو
  • ٻه اکر- پروفيسر اعجاز قريشي
  • مسافر جي راءِ - ذوالفقار هاليپوٽو
  • دعوت نامو
  • اسلام آباد روانگي
  • ويزا پروسيس: هڪ ڏکيو مرحلو
  • اسلام آباد جي ٿڌ ۽ ڪتاب
  • لنڊن ۾ ڪجهه ڏينهن
  • پيپلزپارٽي جو ميلو ۽ لنڊن
  • آرلينڊو ۾ آمد ۽ اميگريشن
  • هوٽل آمد ۽ چيڪ ان
  • ڊزني ورلڊ جو دورو
  • سانا ڪنوينشن ۽ پريس
  • سانا کي ڇو مضبوط رهڻ گهرجي
  • ميامي بيچ، سنڌ ۽ آمريڪا جي آزادي
  • آرلينڊو واپسي – گري هاؤنڊز ۽ جاڳ جا 40 ڪلاڪ
  • حسن مجتبيٰ جي ڇڪ ۽ نيويارڪ آمد
  • آزادي او آزادي
  • ايلس ٻيٽ
  • سرفراز ميمڻ ۽ سنڌين واري بيگر
  • اڙي هيءُ آهي وائيٽ هائوس!؟
  • اسلام آباد جهڙو واشنگٽن
  • علي نواز ميمڻ جي اوطاق تي ڪچهري
  • عالمي بئنڪ جي هيڊ آفيس ۾
  • وائيس آف آمريڪا (VOA) اردو سروس تي انٽرويو
  • هولوڪاسٽ ميوزم ۽ ايني فرينڪ
  • انٽرنيشنل ريپبلڪن انسٽي ٽيوٽ (آءِ آر آءِ)
  • سنڌ جو ڪيس ۽ اسٽيٽ ڊيپارٽمنٽ
  • ڏکڻ ايشيا ۽ آمريڪي مفاد
  • /9 کان پوءِ پاڪستان جي سياست ۽ دفاعي حڪمت عمليون
  • گڏيل نيوڪليئر آپريشنز جو امريڪي دستاويز
  • ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ
  • منور لغاري سان رهجي ويل ملاقات
  • ڊاڪٽر منظور اعجاز جو آجياڻو
  • خالد هاشماڻي: هڪ بي چين سنڌي روح
  • هيلو دِس از ٽارين (آءٌ اقبال ترين آهيان)
  • ريٽا ڪوٺاري پاران تحفي طور مليل ڪتاب
  • سسٽر ڊائينا آرٽز سان ملاقات ۽ سندس ڪتاب
  • آفتاب قاضي بار، ڪچهري ۽ ڪتاب
  • آمريڪا جون صدارتي چونڊون ۽ پاڪستان
  • آمريڪا جا مختلف ٽائيم زون
  • آمريڪا جي خوبصورت هڊسن ندي
  • ورجينيا جا لاري ڪيورنز غار
  • آمريڪا جون نديون، درياهه، ڊيم ۽ ماحوليات
  • پوسٽ ڪارڊز
  • الوداع

  • سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”آمريڪا ياترا“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب ذوالفقار هاليپوٽي صاحب جو آمريڪا بابت سفرنامو آهي. انعام شيخ لکي ٿو:

    ”ذوالفقار هاليپوٽي جو هيءُ ڪتاب ”آمريڪا ياترا“ نئين نڪوري ڊڪشن، نئين دور ۽ نئين انداز جو هڪ دلڪش ۽ نمايان مثال آهي. آهن، دانهن، حسرتن، حسين يادن، ٻٽاڪن ۽ اڻوڻندڙ لفاظيءَ سان ڀريل ڪيترن سفرنامن جي ابتڙ هيءُ سفرنامو دراصل ليکڪ جي سفر سان سلهاڙيل انهن حقيقتن، حالتن، حلقن ۽ دلپذير حادثن جو سرنامو آهي، جيڪي آمريڪا جي مسافريءَ تي اُسهڻ کان وٺي واپس ڳوٺ پهچڻ تائين ليکڪ سان پيش آيا. انهن مڙني صورتحالن دوران هڪ هنڌ به وڌاءَ ۽ پڏاءَ جي گرڪڻ نظر نٿي اچي نه ئي مصنوعيت ۽ نقلي پڻي جي ترڪڻ موجود ٿي لڳي.“

    هي ڪتاب 2008ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سنڌيڪا اڪيڊمي جي سرواڻ نور احمد ميمڻ ۽ فضل الرحمان ميمڻ جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    آمريڪي سفر جي سَتَ-رنگي سيربين- انعام شيخ

    عام طور تي سفرنامو لکڻ جو مقصد انهن جاين، واقعن، حالتن ۽ حلقن بابت دلچسپ انداز ۾ تذڪرو ڪرڻ هوندو آهي، جن بابت واقفيت حاصل ڪندي پڙهندڙ نه رڳو نئين معلومات کان واقف ٿئي، پر لکندڙ سان احساسن ۽ ڪيفيتن جو اهڙو ڀائيچارو پڻ ڪري، جنهن سان ٻنهي (پڙهندڙ ۽ لکندڙ) وچ ۾ سنگت جو سڳو برقرار رهي. ڇاڪاڻ جو سفرنامي ۾ منطقي دليل بازي، خشڪ تفصيل (Data)، نرگسيت سان ڀريل پڏاءُ ۽ پڙهندڙ مٿان پنهنجي ويچار يا ادراڪ کي مڙهڻ وارا رويا جڏهن حاوي ٿيڻ لڳندا آهن، تڏهن اهو سفرنامو گهٽ ”سزا نامو“ وڌيڪ بڻجي ويندو آهي، جنهن جي رد عمل ۾ پڙهندڙ کيس مليل سزا جو بدلو چُڪائيندي لکندڙ کي به سزاوار ڪرڻ لاءِ ڪتاب کي اڌ ۾ ڇڏيندي عافيت محسوس ڪندو آهي. هڪ دلچسپ سفرنامو بلڪل ائين آهي، جيئن ننڍپڻ ۾ اسان کي ”دٻي ۾ بند سينما“ ڏيکاريندي همراهه هٿ سان دٻي جو گرمٽ ڦيرائيندي هڪ تصويري ريل کي سوريندي هڪ ئي وقت مڪي مديني سميت مقدس مقامات جو سير ته ڪرائيندو هو، پر گڏوگڏ قائداعظم، سرسيد، علامه اقبال کان وٺي چن مکڙا فلم جا پوسٽر پسائيندو، پکين ۽ مڇين، پهاڙن ۽ صحرائن سان ملاقات ڪرائيندو، رننگ ڪمنٽريءَ جي نالي ۾ دراصل پنهنجي چرٻ زبانيءَ جي سحر ۾ جڪڙي ڇڏيندو هُئو. هوش تڏهن ايندو هو جڏهن هٿ ۾ جهليل گرمٽ کي دٻي جي پٺيان ٻه چار ڀيرا هڻي هو صاحب ”کيل ختم پئسا هضم“ جو اعلان ڪري، ٻيهر مال کڻي اچڻ يا ٻوٿ ڀيلو ڪري نون آيل شوقينن کي سڪڻائپ ۽ حسرت وچان ڏسڻ تي مجبور ڪندو هو.
    هڪ وڻندڙ سفرنامي لاءِ فقط ايترو ڪافي ناهي ته ڏٺل يا تجربي هيٺ آيل حالتن ۽ واقعن کي ايمانداريءَ سان جيئن جو تيئن پيش ڪيو وڃي، پر اهو به بيحد ضروري آهي ته پيش آيل مڙني وارتائن کي اهڙي ته سُشيل ۽ سندر طريقي سان بيان ڪجي جو پڙهندڙ مڙني معاملن بابت سوچيندي محسوس ڪري ته جيڪڏهن مذڪوره جاءِ يا واقعي مهل هو موجود هجي ها ته سندس محسوسات، ردعمل ۽ رجحان به بلڪل ساڳيو ئي هجي ها. بنا ٽڪيٽ ڪيل لفظي صورتگرين جا اهڙا مزا مرحوم علي احمد بروهيءَ جي ڪچهرين، غلام رباني آگري جي داستان گوئي، راشدي برادران جي ساروڻين، رسول بخش پليجي جي تقريرن، عبدالقادر جوڻيجي جي جوڙيل هوائي قلعن، لڇمڻ ڪومل جي خيال ۽ حقيقت جي شاندار گڏپ سان لکيل آتم ڪٿا، نسيم کرل جي افسانن ۽ الطاف شيخ جي سفرنامن مان اسان جهڙن گناهگارن به خوب مزا ورتا! مٿين مهربانن سميت ويجهي ماضيءَ ٻيا ڪئين اهڙا زبان ۽ بيان جا صاحب ڏنا، جيڪي ڪوڙ کي سچ، خيال کي حقيقت ۽ جوکائيءَ کي اميري بنائڻ ۾ ايڏا ته شاهه ڪاريگر هئا/آهن، جو نتيجن کان بيپرواهه بڻجي ماڻهو سوچيندو پيو ته نه سندن ڪچهرين مان اٿجي ۽ نه ئي سندن لکيل ڪتابن مان مُنهن ڪڍجي!
    سفرنامن جي حوالي سان ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي اهو ضرور چئبو ته سنڌي سفرنامي کي بيچسي، اڻ وڻندڙ ۽ خشڪ روزنامچي مان منفرد ۽ متحرڪ منظر نگاريءَ ۾ منتقل ڪرڻ جو ڪريڊٽ فقط الطاف شيخ کي ئي وڃي ٿو. جنهن پنهنجي سادي اسلوب، عوامي اسٽائيل ۽ تحرير جي بيساختگيءَ سان هن صنف کي انهيءَ پَدَ تي پهچايو، جو سندس پڙهندڙ ڪتاب ۾ جو منهن وجهندو ته پٺيان الهه تلهه چَٽُ ڇو نه ٿئي، اڳلو تيستائين ڪنهن تي فلڪ ئي نه آڻيندو، جيستائين شيخ صاحب ”کيل ختم پئسا هضم“ جو بآواز بلند اعلان نه ڪري! هڪ دور اهڙو به هُئو جو شيخ صاحب جو مارڪيٽ ۾ نئون آيل ڪوبه ڪتاب پڙهندي توهان کي ماءُ جا ڏنل پاراتا، پيءُ جو ٿُڪ بجو ۽ دوستن جون ميارون سهڻ، ٽيليوزن جا تڏهوڪا مقبول ڊراما سيريل، ويجهن مائٽن جون شاديون گُسائڻ، بلڪ باٿ روم وڃڻ جي ضرورت تي به ڪنٽرول ڪندي ڪتاب ۾ ”انڌو اونڌو“ ٿيڻو پوندو هو....... وقت وقت جي ڳالهه آهي، الطاف شيخ جا نوجوان پڙهندڙ سندس پراڻن ڪتابن کي شايد اڄ به ساڳئي جوش جذبي سان پڙهندا هجن، پر نئون دور سفرنامن ۾ جن ٻين لوازمات جي طلب ڪري ٿو، سي ستر ۽ اسيءَ جي ڏهاڪي کان بنهه مَٽيل آهن. هاڻي ڪوبه پڙهندڙ سفرنامي ۾ رڳو چرچا گهٻا، حسينن جا گهيرا، عمارتن جو اونچائيون ۽ شرابن جون فراوانيون نه پر ملڪي/ عالمي سياست، معيشيت، ٽيڪنالوجي، صحت، ايجادات، عجائبات، انساني نفسيات، دنيا ۾ ٿيندڙ ترقي، ميڊيا جي سرانجام ڏنل معجزن، ڪتابن ۾ لڪل خاموش کِل سان ڀرپور رازن ۽ ٻين بيشمار پهلوئن کي ڏسڻ/ پڙهڻ چاهي ٿو. پڙهندڙ پنهنجي آس پاس پل پل بدلجندڙ حالتن ۾ کيس درپيش معلوماتي رڪاوٽن ۽ معاملن جي پٺيان لڪل محرڪن بابت نه رڳو ڄاڻڻ، پر سمجهڻ به چاهي ٿو. شايد اهو ئي سبب آهي جو الطاف شيخ انهيءَ صورتحال جو ادراڪ ڪندي پنهنجي تحريرن کي ان روايتي ”چٽ پٽي دلچسپيءَ“ سان ٻاهر ڪڍي، بدلجندڙ حالتن سان هم آهنگ ڪيو آهي. هونئن به اسان جي ليکڪ لڏي ۾ اعجاز منگيءَ جا همسفر هاڻي گهٽ بچيا آهن، جيڪي پٺاڻ وانگر ويهه سال اڳ ۽ ويهه سال پوءِ ساڳي عمر ٻڌائيندي ”جوان کي زبان ايک“ واري نعري تي قائم رهندي، هر دور ۾ پنهنجي تحريرن ۾ ٻه تولا روڄ راڙو، تولو رومانويت، ٽي ماشا شاعري ۽ چار رَتيون ڏٽن پوزين جون ملائي مقوي ۽ تازين تحريرن جو مجرب معجون ايندڙ ويندڙ کي ويٺا آڇين!
    ذوالفقار هاليپوٽي جو هيءُ ڪتاب ”آمريڪا ياترا“ اهڙي قسم جي نئين نڪوري ڊڪشن، نئين دور ۽ نئين انداز جو هڪ دلڪش ۽ نمايان مثال آهي. آهن، دانهن، حسرتن، حسين يادن، ٻٽاڪن ۽ اڻوڻندڙ لفاظيءَ سان ڀريل ڪيترن سفرنامن جي ابتڙ هيءُ سفرنامو دراصل ليکڪ جي سفر سان سلهاڙيل انهن حقيقتن، حالتن، حلقن ۽ دلپذير حادثن جو سرنامو آهي، جيڪي آمريڪا جي مسافريءَ تي اُسهڻ کان وٺي واپس ڳوٺ پهچڻ تائين ليکڪ سان پيش آيا. انهن مڙني صورتحالن دوران هڪ هنڌ به وڌاءَ ۽ پڏاءَ جي گرڪڻ نظر نٿي اچي نه ئي مصنوعيت ۽ نقلي پڻي جي ترڪڻ موجود ٿي لڳي. ”آمريڪا ياترا“ ۾ ڪنهن به مسافر کي ويزا وٺڻ ۾ جيڪي رڪاوٽون پيش اچن ٿيون، تن جي ازالي سميت مسافريءَ جي منزلن، مقصدن ۽ پسمنظرن سميت هر انهيءَ چرپر ۽ سرگرميءَ جو وچور ڏنو ويو آهي، جيڪا اجتماعي فائدي ۽ گهڻ پاسائين معلومات جي حوالي سان مختلف ترجيحون رکندڙ قاريءَ لاءِ دلچسپيءَ ۽ گڏوگڏ اتساهه جو باعث بڻجي سگهي ٿي. ان کان به وڌيڪ اهم ڳالهه آهي ته عام طور تي اسان جا ليکڪ حضرات جڏهن ملڪ کان ٻاهر پير رکندا آهن ته هو ٻين سڀني شين ۾ دلچسپي وٺندا آهن، سواءِ ان مقصد جي، جنهن مقصد لاءِ سندن سفر شروع ٿيو هوندو آهي. ان مرض جي سراسر ابتڙ ذوالفقار هاليپوٽي جي هن ڪتاب ۾ واضح نظر اچي ٿو ته سندس سفر جا محرڪ ڪهڙا هئا؟ انهن بابت هن ڪيتري سنجيدگي ڏيکاري ۽ لاڳاپيل فورمن تي سندس ڪارڪردگي ڪهڙي رهي؟ ان کان سواءِ ليکڪ جون زندگيءَ ۾ جيڪي ترجيحون ۽ لاڙا آهن، تن کي ذهن ۾ رکندي آمريڪا ۾ پهچڻ کان پوءِ مختلف ڏسائن ۾ کانئس ڪهڙيون اڳڀرايون ٿيون، انهن مڙني سرگرمين جو سنڌ سان ڪهڙو تعلق آهي؟ سنڌ واسي سندس سرگرمين ۾ ڪيئن (۽ ڇو) دلچسپي وٺن؟ سنڌ کان ٻاهر ويٺل سنڌي يا پرڏيهي ماڻهو/ فورم ڇا ڪري رهيا آهن ۽ کين ڇا ڪرڻ گهرجي؟ جديد دور ۾ سنڌ ۽ سنڌي هڪ مهذب ۽ ترقي يافته معاشري جي رُخ ۾ مسافريءَ جي شروعات ڪيئن ۽ ڪٿان ڪري سگهن ٿا؟..... سميت ڪئين اهڙا اڪيڊمڪ پر عام فهم تجزيا ۽ تبصرا شامل آهن، جن کي پڙهندي علمي بدهضمي ٿيڻ بدران ذهني ۽ احساساتي شراڪت داريءَ جي حوالي سان اُتساهه ملي ٿو.
    ”آمريڪا ياترا“ مون لاءِ انهيءَ ڪري به وڌيڪ موهيندڙ تحرير آهي، جو ان ۾ نه رڳو پاور پاليٽڪس، عالمي ۽ آمريڪي پاليسي ساز ادارن/ فردن، ترقي، بين الاقوامي لاڳاپن، سنڌ جي امڪاني پيش منظر ۽ ٻين کوڙ ساترن ”باهمي دلچسپيءَ جي معاملن“ بابت قلم آرائي ڪئي وئي آهي، پر انهن ڏسائن ۾ تمام وزندار مشورا به ڏنا ويا آهن. (انهن مشورن کي جيڪڏهن روايتي سنڌي بي نيازيءَ سان نه نوازيو وڃي ته ڪجهه هاڪاري اڳڀرائين جا امڪان پڻ پيدا ٿي سگهن ٿا) ان کان سواءِ مون لاءِ ڪتاب ۾ هڪ وڏي دلچسپي اُهي سرگرميون آهن، جيڪي هڪ وڏي عرصي کان سانا جي پليٽ فارم تان ٿي رهيون آهن. سانا جون اهي گڏجاڻيون جتي سڄي آمريڪا کين (هاڻي ته تقريبًا سڄي دنيا) ۾ رهندڙ سنڌين کي ثقافتي، سياسي، سماجي ۽ فڪري حوالن سان هڪ هنڌ ڪٺو ڪرڻ ۽ سوچڻ تي مجبور ڪرڻ کان سواءِ حال سارو ڪن بهتر رُخن ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اتساهين ٿيون، اتي دنيا جي جديد سماجن کان سکڻ ۽ کين پنهنجي نزديڪ ڪرڻ ۾ به معاون ٿين ٿيون. هيءَ هڪ حيران ڪُن حقيقت آهي ته ”اُصولي اختلافن“ جي نالي ۾ ذاتي دشمنيون پاليندڙ ۽ ”متضاد هجڻ“ جو ٺپو هڻي سنڌي سماج جي ڪارائتن هٿن کي ڪيني جي ڪارائيءَ سان ڪٽيندڙ اڄوڪي سنڌ ۾ سانا سودو زيان جي چڪر کان پرتي رهي ڪارائتو ڪم ڪندي هڪ اهڙي تنظيم جي روپ ۾ پنهنجو تعارف ڪرايو آهي، جنهن جي وجود تي سنڌ جي هر شعبي/ شخص طرفان عزت ۽ سهمتيءَ ڀريل اعتماد جو اظهار ڪيو وڃي ٿو. سانا کي ان مرتبي جي حاصلات بابت آگاهي ڏيندي ذوالفقار طرفان جتي اقبال ترين، سني پنوهر، عزيز ناريجي، اعجاز ترڪ، خالد هاشماڻي، محمد علي مهر، علي نواز ميمڻ، آفتاب قاضي، ارشاد قاضي، منور لغاري وحيد پاٽولي ۽ ٻين صاحبن جي ڪم ۽ ڪمٽمنٽ کي نهايت زوردار طريقي سان مڃتا ڏني وئي آهي، اُتي آمريڪي سماج جي جمهوري مزاج، سهپ، اداره سازي ۽ ڀائيچاري واري روش کي به اجاگر ڪيو ويو آهي. مڃتا جي انهيءَ مهاڳ ۾ جيڪڏهن خالد چنا، نصرجان، مهر شاهه ۽ پسمنظر ۾ رهندڙ ٻين مهربانن جو تذڪرو ڪرڻ سان گڏوگڏ سانا کي وڌيڪ پروفيشنل ۽ وڌيڪ سائنٽيفڪ انداز سان سرگرم ٿيڻ جي صلاح ڏجي ها ۽ دوستن آڏو وطن جي خدمت ۽ آجپي لاءِ جديد دور سان هم قدم ٿيڻ جي سلسلي ۾ ٻه چار وڌيڪ ويچار رکجن ها ته شايد اجتماعي ڀلي لاءِ ڪجهه ٻيا گس پنڌ به نروار ٿي سگهن ها!
    هن سفر ۾ هڪ مسافر جيان آمريڪا جي ماحول ۽ ماڻهن کي به نظرانداز نه ڪيو ويو آهي. ليکڪ طرفان جتي واشنگٽن ۾ اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ميٽنگس، مذاڪرن ۽ ميوزمس جو تذڪرو نهايت چٽائيءَ سان ڪيو ويو آهي، اُتي جهيڻي وهندڙ پوٽومڪ نديءَ سان ٿيل سُس ڦُس جو فسانو به نهايت اثرائتي انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي. اسٽريٽس فلائي اوورس، بلاڪس ۽ اسڪوائرس ۾ ورهايل نيويارڪ سٽيءَ ۾ روشنين، رنگن ۽ انبوهن جي ڪُلهي -گَسَ جو نقشو چٽيندي، بيٽري پارڪ جي ڪنڊائتي ماحول ۽ هڊسن رور جي شانت لهرن جي ترتيب ڀري چُر پُر کي به ياد ضرور ڪيو ويو آهي. فلوريڊا جي ڊزني لئنڊ ۽ پام بيچز جي جادؤَ کي بيان ڪندي ”آمريڪا ياترا“ ۾ ڪيوبا ۽ ڪاسترو خلاف انهيءَ زمين جي ٽُڪري تان ٿيندڙ سازشن کي به نروار ڪيو ويو آهي. هن سنڌي مسافر جي اک ايتري ته تيز آهي جو هُن آمريڪي سفارتڪارن، صحافين ۽ معاشي ماهرن سان ٿيل ملاقاتن جو وچور ڏيندي هيوسٽن ۾ ويٺل پاڻ وارن مولائين ۽ موالين کي به نه وساريو آهي! مون کي پڪ آهي ته جيڪڏهن ٻئي ڀيري ذوالفقار جو باسٽن جي عظيم الشان درسگاهن، روڊ آئيلنڊ جي پرڪيف ۽ روشن راتين، پرنسٽن جي شانت شامن، فليڊيلفيا جي وسيع شاهراهن ۽ پئنسلوينيا توڙي نيوجرسي جي اتهاسڪ ڳوٺن، نيو هوپ ۽ لئمبرٽس وِل وڃڻ ٿيندو ۽ سعيد شيخ، بشير شاهاڻي، علي پٺاڻ، جاني ابڙي (۽ سندس پٽ ڪبير)، رزاق منگي، سليم ميمڻ ۽ اظهار ميراڻيءَ جهڙن دلنواز دوستن سان تعارف ٿيندو يا ”مي فيئر“ سامونڊي جهاز جي ڪئين صديون اڳ آمريڪا ۾ آمد کان وٺي ڪاري اوباما جي ”اڇي گهر“ ۾ امڪاني آمد تي نظر وجهندو، ته کيس آمريڪا جي ماڳن مقامن، اتي رهندڙ سنڌين جي صحبت ۽ خود آمريڪا جي آئيندي بابت اڃا وڌيڪ گهرو ۽ تازو مواد ۽ سواد حاصل ٿيندو......
    سنڌي هجڻ ڪري ظاهر آهي ته روزانه زندگيءَ جو چڱو خاصو حصو اداسيءَ ڀريل سار(Nostalgia) جي حوالي هوندو اٿم. ”آمريڪا ياترا“ اهڙي ڪوٽا ۾ اضافي جو سبب به بڻي. جميل دائودي، بشير شيخ، مختيار ۽ تاج نظاماڻي، سعيد شيخ ۽ ٻين يارن جو ذڪر ڪندي هُن ڪراچي يونيورسٽيءَ جون سُجهندي ڀريل سارون ياد ڏياري ڇڏيون! مهيني جا پهريان پندرهن ڏينهن اميراڻا ٺٺ ڪرڻ کان پوءِ غريبي (۽ ڪئنٽين جي گريبي) تي گذارو ڪرڻ، عشق ۽ فشق سان ڀريل ڪجهه سچا ڪجهه ڪوڙا پر ڊگها ڊگها داستان کڻڻ، پنهنجو پاڻ کي اڪيلو ۽ ازلي سورمو سمجهندي شاگرد سياست سميت ڌاڙ ڌُڪي تائين گڏ هجڻ ۽ يونيورسٽيءَ جي آخري سالن ۾ سي ايس ايس ڪرڻ يا يو ايس اي جي ويزا وٺڻ سميت ”زندگيءَ ۾ سيريس ٿيڻ“ لاءِ آپشنز ڳولڻ ۽ صلاحون مشورا ڪرڻ وارا منظر اکين آڏو اچي بيٺا. اهڙين وارتائن کي ياد ڪندي هاڻي بيخبريءَ ۾ يا ته چپن تي مُرڪ تري ايندي آهي، يا نه چاهيندي اکين ۾ آلاڻ محسوس ٿيندي آهي. دوستن جو اهو حلقو ڀلي ته عرصي پڄاڻا هڪ ٻئي سان ملي، پر هر ڀيري ملندي ”رضي ترمذي“ جي ڳالهه ضرور ياد ايندي آهي ته:
    وه ڪرين ياد انهين، جس ني ڀلايا هو ڪڀي
    هم ني ان ڪو نه ڀلايا، نه ڪڀي ياد ڪيا
    سو ”آمريڪا ياترا“ لکندي، ذوالفقار دراصل هڪ ڪتاب بجاءِ مختلف رنگن ۽ موضوعن سان سينگاريل هڪ اهڙي سيربين متعارف ڪرائي آهي، جنهن جو هر پهلو هڪ نئون ۽ ڊگهو تفصيل گهري ٿو. مان سمجهان ٿو ته منهنجا هي چند صفحا ڪتاب جي سوين پنن تي ڦهليل گهڻ- رنگي روشنيءَ جو احاطو ته نه ڪري سگهيا آهن، پر ٻن ڏينهن جي نوٽيس ۽ موبائيل فون جي نوڪ تي لکيل اهي اکر ڪجهه چڱن خيالن، دلڪش ماڳن، سنڌ دوست ڪمن ۽ دلربا دوستن کي ياد ڪرڻ جو بهانو ضرور بڻيا آهن. ڪتاب جي ليکڪ طرفان اهڙو موقعو مهيا ڪرڻ لاءِ مان سندس ٿورائتو آهيان. سندس لاءِ ايترو ڪافي آهي ته هو سنڌ جو هڪ بيچين، متحرڪ ۽ ذهين شخص آهي، تنهنڪري خبرناهي ته دل ۾ ڪيئن طوفان لڪايو ويٺو هوندو! شايد اهڙن دوستن ۽ کين پيش ايندڙ ڀوڳنائن لاءِ ئي مظهر لغاريءَ چيو هوندو:
    سنڌ ۾ ٿو رهين ”مظهر“
    ڏاڍي دلڪش عذاب ۾ آهين


    انعام شيخ
    13 جون 2008ع جي منجهند
    ڄام شورو


    آمريڪا هينئن به گهمي سگهجي ٿي! - جامي چانڊيو

    ذوالفقار هاليپوٽي، جنهن کي حجت وچان مان زلفي سڏيندو آهيان، سان منهنجي واقفيت ان زماني ۾ ٿي جڏهن هو قائدِاعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ پڙهندو هو ۽ عبرت مئگزين ۽ روزاني سنڌوءَ لاءِ اسلام آباد مان ڊائري لکندو هو. منهنجي به عبرت گروپ سان هڪ ليکڪ ۽ ڪالم نويسي طور وابستگي هوندي هئي ۽ اسانجي ميل ملاقات پئي ٿيندي هئي. اها 95-1994 جي ڳالهه آهي ۽ ان ئي زماني ۾ اسلام آباد ۾ اردو جي بهترين ڪهاڻيڪار مظهر الاسلام وٽ وڃڻ ٿيندو هو ته اتي به اسان جون ڪچهريون ٿينديون هيون پر اهو هڪ سٺي واقفيت جو دور هو ۽ حقيقت ۾ زلفيءَ سان منهنجي دوستي تڏهن ٿي جڏهن مان 1998 ۾ روزاني عبرت جو انچارج ايڊيٽر ٿي آيس ۽ مون زلفيءَ کي عبرت جي ريگيولر ليکڪن جي سٿ ۾ شامل ڪيو.
    منهنجي پنجن سالن جي دور ۾ هن عبرت ۾ مستقل ۽ تمام گهڻو لکيو ۽ خاص طور ڪرنٽ افيئرس جي حوالي سان هو عبرت جو فرنٽ لائين ليکڪ هو. ڪرنٽ افيئرس ۾ هن جي دلچسپي تمام گهڻي هئي ۽ هو بنهه شارٽ نوٽيس تي به وقتائتا ۽ مدلل مضمون ۽ ڪالم لکي وٺندو هو، جنهن کي چرچن ڀوڳن ۾ سنگت ۾ ”چَتي“ چئبو هو. پوءِ حيدرآباد جي ليکڪ دوستن جي حلقن ۾ اهو اصطلاح ڏاڍو هليو ۽ زلفيءَ جو پنهنجو به تڪيه ڪلام بڻجي ويو.
    منهنجو عبرت وارو اُهو دور نه رڳو منهنجي حوالي سان پر سڄيءَ سنگت لاءِ هڪ يادگار دور رهيو. منهنجي آفيس سنگت جو مرڪز هوندي هئي ۽ سڄو ڏينهن گاڏي کاتي جي ڪلو پڪوڙائي ۽ لجپت روڊ جي عقيل ڀائي جي آچار ۽ مرچائي پڪوڙن تي دنيا جي هر موضوع تي بحث مباحثا هوندا هئا. سنڌ ۾ ڪيترا وڏا وڏا ڪم ۽ پيش قدميون اُتي ٿيون ۽ حقيقت اها آهي ته نئين دور جي سول سوسائٽيءَ جا سگهارا بنياد عبرت جي ان آفيس ۾ پيا. زلفي، ارشاد لغاري، حسن درس، عبدالرحمٰن سمون، عزيز گوپانگ، علي آڪاش، حفيظ ڪنڀر، اي جي چانڊيو، شبير نظاماڻي، شعيب قريشي، ايوب گل، شاهنواز رند، حميد ميمڻ، سڀاش حميراڻي، جي پرڪاش ۽ امداد سومرو ان ”ڪلب“ جا خاص ميمبر هئا. انهن دوستن مان ارشاد لغاريءَ ۽ زلفيءَ سان منهنجيون ڪچهريون پوءِ اڪثر زلفي جي کوکر پاڙي واري جاءِ تي به ٿينديون هيون.
    زلفيءَ سان حقيقت ۾ دوستيءَ جو تعلق ان ئي عرصي ۾ ٿيو. دنيا ۾ اهڙو ڪوبه ماڻهو ناهي جنهن ۾ ڪنهن نه ڪنهن نوعيت جون ڪچايون ڦِڪايون نه هجن، آءٌ ۽ زلفي به انهن ماڻهن ۾ شمار آهيون پر زلفيءَ جون ڪجهه خوبيون نراليون آهن. هڪ ته هو دوستيءَ جي تعلق ۾ آسان ماڻهو آهي، جنهن سان هلندي توهان کي ڪو بارُ محسوس نه ٿيندو. چرچا، ڀوڳ، کِل ۽ تمام سنجيده ڪم به کلندي کلندي ڪرڻ، اها سندس شخصيت جي نرالي خوبي آهي. ٻيو هو ذهني طور ٻين روايتي سنڌي ليکڪن وانگر سُست يا ڪاهل ناهي. هو تمام چُست ۽ سرگرم ماڻهو آهي هر وقت ڪنهن نه ڪنهن خفي ۾ مصروف هوندو آهي. هن کي ڪو دَڳُ ملي وڃي پوءِ زلفيءَ کي ڪاميابيءَ جا ڏاڪا چڙهڻ کان ڪير به روڪي نه ٿو سگهي.
    هن ٿوري وقت ۾ جيڪو پاڻ مڃرايو آهي يا جيڪي انيڪ ڪاميابيون ماڻيون آهن، انهي پٺيان سازگار حالت جو گهٽ ۽ هن جي محنت ۽ سرگرم مزاج جو عمل دخل وڌيڪ آهي ۽ جي هاڻي هن وٽ اڳتي وڌڻ ۽ ڪاميابيون ماڻڻ لا ڪي سازگار حالتون آهن ته به اُهي هن پاڻ پنهنجي محنت ۽ سرگرميءَ سان پيدا ڪيون آهن. هن جو تعلق ان طبقي سان آهي جن کي اڳتي وڌڻ لاءِ رستا ٺهيل ٺڪيل نه ملندا آهن، اُهي رستا ماڻهوءَ کي پاڻ ٺاهڻا پوندا آهن. زلفيءَ به پنهنجا اهي رستا پاڻ ٺاهيا آهن.
    هن پنهنجي ذاتي، پروفيشنل ۽ علمي زندگيءَ ۾ ڪاميابين جا سڀ گِرههَ پنهنجيءَ پليٽ مان کنيا آهن، ڪنهن ٻئي جي حصي مان نه کنيا آهن. زلفي گذريل ڪجهه سالن کان تمام تيزيءَ سان اڳتي وڌيو آهي. اهو انهي ماڻهن لاءِ مثال آهي جيڪي اڳتي به وڌڻ چاهين ٿا ۽ پنهنجيءَ قوم لاءِ سنجيده ڪم به ڪرڻ چاهين ٿا. هو منهنجو دوست ۽ هم عصر هئڻ سان گڏ ٻه ڏينهن مون کان ننڍو آهي، انڪري مونکي هن جي ڪاميابين ۽ تيزيءَ سان اڳتي وڌڻ تي تمام گهڻي خوشي آهي ۽ مان اڪثر پَرَپُٺِ ان جو مثال به ڏيندو آهيان.
    زلفي هڪ تيز رفتار ليکڪ آهي، هن کي اخبارن لاءِ مضمون يا ڪالم لکڻ لاءِ ڪجهه ڪلاڪ گهرجن. مون هن جي اِها قلمي تيز رفتاري سالن کان ڏٺي آهي. اها صلاحيت تمام گهٽ ماڻهن ۾ ٿيندي آهي. اصل ۾ تيز رفتاري هن جي طبيعت ۽ مزاج ۾ شامل آهي ۽ اوهان کي هن جي هر ڪم ۾ اها شيءِ واضح نظر ايندي. سائبر ايڪٽوازم (Cyber Activism) ۾ به هو ان حوالي سان جڳ مشهور آهي. زلفيءَ جو هيءَ سفرنامو به هن جي قلمي تيزرفتاريءَ جو مظهر آهي. ٻئي ڪنهن ماڻهوءَ کي جيڪي سفرنامو لکڻ لاءِ سال گهرجن ها پر هن اهو ڪتاب مهينن اندر لکيو آهي.
    سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب ۾ سفرناما لکڻ جي روايت ڪافي پراڻي آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ هر قسم جا سفرناما پڻ لکيا ويا آهن جنهن ۾ تفريحي، تعليمي، ثقافتي، معلوماتي، صحافتي ۽ نج ادبي شاهڪار شامل آهن. زلفيءَ جو هي سفرنامو معلوماتي ۽ صحافتي نوعيت جو آهي جيڪو رپورٽاز جي اسلوب ۾ لکيل آهي، جنهن ۾ ڪنهن به ٺاههَ. ٺُوههَ کان يا ادبي فنڪاريءَ کان ڪم نه ورتو ويو آهي. ڪتاب بس اکين ڏٺو احوال آهي، جيڪو هن قلمي صورت ۾ اسان پڙهندڙن سان شيئر ڪيو آهي. ان ڪري ئي ڪتاب جي ٻولي به بنهه سادي آهي جيئن ڪنهن ٻار کي به سولائيءَ سان سمجهه ۾ اچي وڃي.
    مطلب ته زلفيءَ هن ڪتاب ۾ به پنهنجا سفر دوران مشاهدا، تجربا، خيال ۽ صلاحون قلمند ڪرڻ لاءِ لکيو آهي، انڪري هو پاڻ به هن ڪتاب کي پرڏيهه وڃڻ جي خواهشمند نوجوانن لاءِ هڪ گائيڊ بُڪ جو نالو ڏئي ٿو. آءٌ سمجهان ٿو ته سفر نامي کي اهڙي انداز ۾ لکڻ جو اهو تفريحي معلومات سان گڏوگڏ ان علائقي جي سياست، معيشت ۽ سماج بابت سنجيده معلومات فراهم ڪري ان ڪتاب جي اهميت يقينن رهنمائي ڪندڙ ڪتاب واري هجي ٿي.
    اسان وٽ اهڙن ڪتابن جي تمام گهڻي کوٽ آهي جن مان خاص طور نوجوان پنهنجي ڪيرئير، سماجي ڪردار ۽ پيشه ورانه طور اڳتي وڌڻ ۽ ان ڏس ۾ سامهون ايندڙ چئيلنجز کي سمجهڻ، انهن کي مُنهن ڏيڻ ۽ نتيجي ۾ ان مان رهنمائي حاصل ڪري سگهي. زلفيءَ جو هي ڪتاب گهڻي حد تائين اهڙي کوٽ پوري ڪري ٿو. هن ڪتاب جون جيڪي ڳالهيون مونکي سٺيون لڳيون، انهي مان مکيه هي آهن:
    1- آمريڪا ۽ لنڊن ۾ تمام گهڻا سنڌي رهن ٿا، جيڪي ظاهر آهي ته انفرادي توڙي اجتماعي طور پنهنجي وطن، قوم، عوام، ان جي ترقيءَ، ثقافت، ٻوليءَ ۽ تعليم لاءِ سوچين، لوچين ۽ محسوس ڪن ٿا پر انهن جو سنڌي عوام سان وسيع رابطي جو ڪو اثرائتو ذريعو نه آهي. نه هِتي جي ماڻهن جي گهڻائيءَ کي هُتي جي خبر ئي پوي ۽ نه وري هُتي جي ماڻهن کي هِتي جي پوري خبر آهي. ذاتي لاڳاپن، عام ميڊيا يا سالياني ڪانفرنس کانسواءِ ٻيو ڪوبه سِرشتو موجود نه آهي. ان حوالي سان زلفيءَ جو هي سفرنامو پرڏيهه ۾ رهندڙ سنڌين جي ويچارن، سرگرمين، خواهشن ۽ سنڌ بابت سندن مشاهدن ۽ تصورن جي حوالي سان گهڻي ڄاڻ فراهم ڪري ٿو.
    هي ڪتاب ان تاثر کي رد ڪري ٿوته ڪو پرڏيهه ۽ خاص طور تي آمريڪا ۽ برطانيه ۾ ويٺل سنڌي، سنڌ ۽ سنڌ ۾ رهندڙ سنڌين کان ذهني طور لاتعلقو بڻيل آهن. هن قسم جا ڪتاب ۽ معلومات سنڌ ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ سنڌين وچ ۾ وڌيڪ اعتماد پيدا ڪرڻ جو وسيلو بڻبا. هن ڪتاب ۾ زلفيءَ شعوري طور به اهو گيپ ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ٻنهي طرفن جا حال احوال ڪيا آهن. هن انفرادي تجربن سان گڏوگڏ آمريڪا ۾ ڪم ڪندڙ سنڌي تنظيمن جهڙوڪ سانا، ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ توڙي ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي حوالي سان پڻ سـٺي معلومات ڏني آهي ۽ ظاهر آهي ته هُن به کين سنڌ توڙي پاڪستان جي حالتن بابت به سٺيءَ طرح ڄاڻ ڏني هوندي. زلفيءَ انهن سڀني شين جو هن ڪتاب ۾ تنقيدي نظر سان جائزو پڻ ورتو آهي ۽ تمام گهڻيون ڪارائتيون صلاحون ڏنيون آهن، جن تي انهن ادارن ۽ تنظيمن کي سنجيدگيءَ سان غور ڪرڻ گهرجي.
    2- زلفيءَ کي هن دوري ۾ آمريڪا ۾ ڪافي پرڏيهي ادارن، آمريڪا جي بااثر اداري اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ، مقامي ٿنڪ ٽينڪس ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن سان ملڻ، ساڻن گڏجاڻيون ڪرڻ ۽ سندن رايا، سوچڻ جا انداز معلوم ڪرڻ ۽ کين پنهنجي حال احوال ڏيڻ جو موقعو مليو. هن ڪتاب جي بهاني اُهي سموريون ڳالهيون نه رڳو محفوظ ٿيون آهن پر ليکڪ ان حوالي سان سنڌ جي سياسي پارٽين ۽ سول سوسائٽيءَ کي پڻ ڪارائيون صلاحون ڏنيون آهن ته اُهي ڪيئن پنهنجو ڪيس دنيا آڏو اثرائتي نموني رکي سگهن ٿيون؟ زلفي نه رڳو سياسي سوچ ۽ قومي درد به رکي ٿو ۽ هو لوڪل ۽ عالمي سول سوسائٽيءَ جو به سرگرم حصو آهي، ان ڪري هن کي خبر آهي ته سنڌ ۽ عالمي ادارن وچ رابطن جو گيپ ڪيئن ڀري سگهجي ٿو. هي ڪتاب ان جو کليل ۽ واضح اظهار ڪري ٿو.
    3- هونئن ته هي ڪتاب گهڻن حوالن سان پڙهڻ ۽ لطف وٺڻ جهڙو آهي پر هن ڪتاب جي هڪ خاص اهميت نوجوانن لاءِ آهي، ڇاڪاڻ ته ڪتاب ۾ انهي لاءِ، مڪمل رهنمائي موجود آهي ته پرڏيهه ۽ خاص طور آمريڪا ڪيئن وڃي سگهجي ٿو؟ تعليم هجي، سياحت هجي يا اميگريشن هجي انهن جي قاعدن ۽ قانونن کي ڪيئن سمجهڻ گهرجي ۽ ان جي تياري ڪيئن ڪرڻ گهرجي ۽ ان جون گهرجون ڪهڙون آهن؟ خاص طور آمريڪا ۾ نوجوانن لاءِ ڪيترا موقعا آهن؟ وڏي ڳالهه ته اُهي موقعا ڪيئن حاصل ڪري سگهجن ٿا؟ اسانجو نوجوان باصلاحيت به آهي، محنتي به آهي، اڳتي وڌڻ جون جائز خواهشون به رکي ٿو پر دراصل وٽن معلومات جي غربت آهي. هن ڪتاب ۾ شعوري طور زلفيءَ اها معلومات جي غربت گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انڪري منهنجي خيال ۾ هي ڪتاب نوجوانن کي وڌيڪ پسند ايندو جن لاءِ آمريڪا وڃڻ هڪ خواب مثل هوندو آهي.
    مونکي ڪتاب پڙهڻ ۾ ان ڪري به گهڻو لطف آيو جو جن شهرن، ماڻهن، ماڳن، دوستن يارن ۽ ڪچهرين جا زلفيءَ حال احوال لکيا آهن انهن سان منهنجو به دل جو تعلق رهيو آهي. ساڳين دوستن جا حال احوال پڙهي وڌيل لطف آيو. عزيز ناريجي، ادي حميرا، منور لغاري، اقبال ترين، علي نواز ميمڻ، سني پنهور، خالد هاشماڻي ۽ حسن مجتبى جهڙي محبوب ماڻهن ۽ پيارن دوستن جا احوال پڙهي لطف اچي ويو ۽ ذهن جي ڪئميرا ۾ انهن سان گهاريل گهڙين جي ڪيسيٽ روائنڊ ٿيڻ لڳي. عالمي سياست اثر انداز ٿيندڙ جن اهم ادارن، فورمز ۽ شخصيتن جا تفصيل زلفيءَ هن ڪتاب ۾ ڏنا آهن آءٌ به پنهنجي ريسرچ ۽ ٽرئيننگز جي ڏس ۾ انهن سان تمام گهڻي لهه وچڙ ۾ آهيان، انهن بابت هڪ نئين انداز سان لکيل نقطه نظر پڙهندي ڪافي مزو آيو. هونئن به هر شيءِ ويندي هلي آهي ۽ رڳو يادگيريون رهجي وينديون آهن. انهن جو حسن ئي وڃي باقي بچندو آهي. هن ڪتاب جي خوبصورتي به اها آهي ته ڪجهه هفتن جو سفر هو، جيڪو اَکَ ڇِنڀَ ۾ پورو ٿي ويو پر هڪ ذهين، وطن دوست ۽ ڏسندڙ اک، محسوس ڪندڙ دل ۽ ليکڪ جي قلم انکي محفوظ ڪري نه رڳو وقت جي فريم ۾ بند ڪري سنڌي ادب جي ديوار تي هڻي ڇڏيو پر انکي وڌيڪ امرتا ۽ حُسن پڻ بخشيو آهي.

    جامي چانڊيو
    B-98 قاسم نگر، قاسم آباد
    حيدرآباد، سنڌ
    7 جون 2008


    ٻه اکر- پروفيسر اعجاز قريشي

    پراڻا ڏينهن ڪي ڏينهن هئا. زندگي جا مزا ڪي ٻيا هئا. وقت گذرندو رهي ٿو، حالتون ڦرنديون رهن ٿيون. دنيا جو ماحول به ڦرندو رهي ٿو. سياسي ۽ سماجي تبديليون اينديون رهن ٿيون. سڄي دنيا ۾ ائين ٿئي ٿو. ڪوبه اهڙو ملڪ نه آهي، جنهن ۾ مختلف تبديليون نه اينديون هجن- پاڪستان به اهڙو ئي ملڪ آهي. تڏهن به هتان جي سياسي ۽ سماجي صورتحال دنيا جي ملڪن کان مختلف آهي. جهموريت جي عمليت اهڙو ڄار آهي، جنهن ۾ عوام کي ڦاسائڻو آهي. فوجي راڄ جي به هن ملڪ ۾ ڀلان ڀليءَ جو ڪو ڇيهه ناهي.
    منهنجي نوجوانَ دوست ۽ ساٿِي ذوالفقار هاليپوٽي، پنهنجي آمريڪا ياترا کان پوءِ هڪ سفرنامي لکڻ جي سڌ ڪئي ۽ شروعات ڪئي. هي دوست ڪتاب خريد ڪندو آهي ۽ پڙهندو آهي ۽ پوءِ اڀياسي محفلن ۾ بحث به ڪندو آهي. هن ڪتاب جا ٻه اکر لکڻ لاءِ مون کي چيو. ذوالفقار منهنجي دوستيءَ کان سواءِ منهنجي پري جي مائٽي ۾ به اچي وڃي ٿو. ذولفقار هڪ انتهائي هونهار ۽ سجھيو نوجوان آهي. پنهنجي ننڍي عمر ۾ هن تمام گھڻي محنت ڪئي آهي. گھڻو پڙهيو آهي ۽ تمام سٺو لکي ٿو. ذولفقار انٽرنيٽ ۽ ايميل جو تمام ڄاڻو آهي ۽ دنيا جي بهترين ڊاڪيومينٽس (دستاويز) تي هن جي پهچ تمام تکي آهي. ذولفقار سنڌ ڊيموڪريٽڪ فورم جيڪو سول سوسائٽي جو موجوده وقت ۾ هڪ اهم ادارو ٿي اڀريو آهي. ان کي ابرار قاضي سان گڏ هڪ سٺي ليڊرشپ ڏئي رهيو آهي. هن هر وقت دنيا ۾ رهندڙ سنڌين کي ادبي ۽ سماجي کيتر ۾ گڏڻ جي هڪ ڪامياب ڪوشش پڻ ڪئي آهي. ذوافقار جا موجوده وقت ۾ ڪيترائي مرتب ڪيل ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن. انهن مان خاص طور تي ٽي ڪتاب شهيد راڻي بينظير ڀٽو تي آهن. ٽن ۾ پهريون سنڌيءَ ۾ آهي، ٻيو اردو ۾ آهي ۽ ٽيو انگريزي ۾ آهي. سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ هي ٽئي ڪتاب تمام وڏي اهميت جا حامل آهن ۽ رهندا. ذولفقار ٻيا به ڪيترائي ڪتاب لکي رهيو آهي. سندس هڪ ڪتاب شيخ اياز تي پڻ اچي رهيو آهي. هيءُ ڪتاب جيڪو توهان جي هٿن ۾ آهي اهو آمريڪا جو سفر نامو آهي. ذوالفقار گذريل سال يعني 2007 ۾ سانا جي ڪانفرنس ۾ آمريڪا ويو هو ۽ واپسي تي يورپ جو دورو ڪندو آيو هو. هن ڪتاب ۾ هن تمام سٺو ۽ پرائتو حال احوال ڏنو آهي. جيڪو دوست هن ڪتاب کي پڙهندو اهو ختم ڪرڻ کانسواءِ رهي نه سگھندو ڇو جو هي سفر نامو تمام مزيدار ۽ دل لڀائيندڙ آهي. ذوالفقار انهن شين کانسواءِ گھڻا مضمون لکيا آهن ۽ ڪيترن ئي ملڪن ۽ پاڪستان ۾ پنهنجا پيپر پڙهي چڪو آهي. هن جو موضوع ”سنڌ ۽ سنڌي سماج“ آهي. آمريڪا ياترا جي ڳالهه نڪتي آهي ته مون کي به ڪجهه آمريڪا جون يادون اچي ويون آهن.
    1993ع جي ڳالهه آهي، آءٌ يونيورسٽي ۾ پروفيسر هئس، ۽ سنڌ ڊولپمينٽ اسٽڊيز سينٽر جو ڊائريڪٽر پڻ. انهيءَ دؤر ۾ مونکي آمريڪا حڪومت طرفان هڪ وزٽ جي آفر ٿي، جيڪا انٽرنيشل وزٽرز پروگرام تحت هئي. يونيورسٽي آف سنڌ جي وائيس چانسيلر جي اجازت سان اهو ڪم ٿيو. هن قسم جي وزٽ يونيورسٽي جي استادن کي ڪنهن نه ڪنهن ڪنٽريبوشن يا ميرٽ جي بنياد تي ملندي آهي. تڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ جي انتظاميا مون کي ان لائق سمجهيو، ۽ ان پروگرام لاءِ مون کي نامزد ڪيو. منهنجي لاءِ آمريڪا جو اهو پهريون دورو هو، ان کان اڳ ۾ آئون دنيا جا ڪيترائي ملڪ ڏسي چڪو هئس ۽ ڪيترن ئي ملڪن ۾ مختلف ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ شرڪت ڪري ۽ پيپر پڙهي چڪو هئس. هن کان اڳ، 1980ع ۾، آئون سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر جي حيثيت سان فل برائيٽ اسڪالرشپ کٽي چڪو هئس. سڄي پاڪستان مان ان اسڪالرشپ لاءِ 2000 اميدوار چٽا ڀيٽيءَ ۾ شامل ٿيا هئا، جن مان چار ڄڻا سال جي مسلسل چٽاڀيٽين کان پوءِ چونڊيا ويا هئا. انهن چئن خوشنصيبن مان هڪڙو آءُ به هئس. پر انهيءَ دور ۾ ضياءَ الحق جي فوجي راڄ جو چنبو سخت هو، ۽ سنڌ جي ماڻهن سان ناانصافيون ٿينديون رهنديون هيون، ۽ مون کي آمريڪا وڃڻ کان ”خاص حلقن“ جي رپورٽن جي بنياد تي روڪيو ويو، ۽ آئون وڃي نه سگهيس ۽ ائين منهنجي پي ايڇ ڊي جو پروگرام رڪجي ويو. بهرحال ان ڳالهه جو ڏک رهجي ويو، ڇو جو مون پنهنجي ميرٽ تي اها اسڪالرشپ حاصل ڪئي هئي. هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته فل برائيٽ اسڪالرشپ دنيا جي وڏي ۾ وڏي اسڪالرشپ آهي، جيڪا آمريڪي حڪومت ڏيندي آهي.

    آمريڪا دنيا جو سڀ کان وڏو ۽ وڌيڪ ترقي يافته ملڪ آهي. اتان جا ماڻهو تمام محنتي ۽ سمجهدار آهن، پنهنجي سماج جي ڀلائي لاءِ تمام گهڻي جاکوڙ ڪندا آهن. هن وقت آمريڪا سڄي دنيا جي ملڪن تي، معاشي ۽ سياسي طور، ڇانيل آهي. خاص طور جڏهن کان گڏيل روس جو ملڪ ختم ٿيو، تڏهن کان آمريڪا جو زور وڌي ويو. سوويت يونين جي هجڻ تائين دنيا ٻن وڏن سياسي بلاڪن ۾ واضح طور ورهايل هئي، پر سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ آمريڪا هن دنيا جي اڪيلي وڏي طاقت بڻجي ويو آهي.آمريڪا پنهنجي طاقت جو اظهار نيو ورلڊ آرڊر جاري ڪرڻ وسيلي ڪيو. انهيءَ آرڊر وسيلي هُن هڪ لحاظ کان ڄڻ ته دنيا تي اهو واضح ڪيو ته هاڻ هن دنيا ۾ هوئي اڪيلي وڏي طاقت آهي، جنهن جي فرمانبرداري ۽ تابعداري ضروري آهي. ان نموني سڄي دنيا جي ننڍن وڏن ملڪن مان پنهنجي ميڙيءَ چونڊيءَ وسيلي، آمريڪي رياست، پنهنجن شهرين لاءِ دنيا جون سڀ سهولتون موجود ڪيون.
    تازي تاريخ ۾، اسان جي اڳيان ٽي اهڙا مثال آهن، جنهن ۾ آمريڪا جي مڪمل استحصالي سوچ ظاهر آهي، جن ۾ عراق، افغانستان ۽ پاڪستان شامل آهن. عراق ۽ افغانستان ۾ آمريڪا پنهنجي فوجي طاقت ۽ اتحادي قوتن وسيلي ڄمائي ويٺو آهي. پاڪستان به اهڙو ملڪ آهي، جيڪو شروع کان وٺي آمريڪي امداد ۽ نظر ڪرڻ جو ڳيجهو رهيو آهي، ۽ گذريل اٺن نون سالن کان ته اهو هڪ “Client State” وارو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. آمريڪا جي پاليسي اها آهي ته هتي جهموريت، سياسي پارٽيون ۽ پارليامينٽ توڻي ٻيا رياستي ٿنڀ/ ادارا ڪمزور هجن، ۽ ملڪ تي شخصي حڪومتون قائم هجن ته جيئن هُو آسانيءَ سان پنهنجون پاليسيون لاڳو ڪري سگهن، گذريل اٺن نون سالن جو گذريل عرصو ان جو چٽو ثبوت آهي. هو چاهيندو آيو آهي، ته سندس بادشاهي سلامت هر صورت ۾ رهي پر دنيا جي غريب ملڪن جو کين ڪوبه احساس ناهي.
    ڏکڻ ايشيا ۾ چين البت، هينئر هڪ طاقت ور ملڪ ٿي اڀري رهيو آهي. پر تنهن هوندي به ڪٿي ڪٿي سندن مفاد ساڳيا آهن، توڻي جو هنن ٻنهي جي پاليسين جو محور به مارڪيٽ اڪانامي آهي.
    آئون آمريڪا ۾ سوا مهينو کن رهيس ۽ آمريڪا ۾ نيويارڪ، واشنگٽن ڊي سي ڪالوراڊو، بوسٽن، شڪاگو، ۽ لاس اينجلس ۽ هوائي جو رياستون گهميس.
    آمريڪا محنتن سان پاڻ کي ٺاهيو آهي ۽ تعليم ۽ تحقيق جي ميدان ۾ خاص طرح سڄي دنيا کان مٿاهون رهيو آهي. مٿين رياستن جي گهمڻ سان گڏوگڏ مون اتان جي تمام گهڻين يونيورسٽين، اين جي اوز، ميوزيمس، نيشنل جاگرافڪ، عجائب گھر ۽ سينڊياگو جو ڊزني ورلڊ پڻ مزيدار سير ڪيم. بوسٽن يونيورسٽي هارورڊ يونيورسٽي، اٺاڪا انسٽيٽيوٽ آف ائنٿراپالاجي، ڪارنيل يونيوسٽي، ڪالوراڊو اسٽيٽ يونيورسٽي، يوٺا يونيورسٽي، برڪلي يونيورسٽي، هوائي يونيورسٽي ۽ ايسٽ ويسٽ سينٽر جو تفصيلي دورو ڪيم. ماڻهن جي محنت ۽ تحقيق کي ڏسي اهو احساس ٿيو ته ڪاش اسان جي ملڪ ۾ به ان قسم جو جذبو هجي ۽ تعليم ۽ تدريس جي اهڙي سهولت هجي ته جيڪر اسان جي نوجوان نسل جي ذهني پهچ به تمام اتم هجي ۽ اهڙي سڌريل ۽ پڙهيل ڳڙهيل اعزازي قوت وسيلي هيءُ ملڪ ترقي ڪري سگهي ۽ جي وري سنڌ کي اهڙي سهولت مليل هجي ته ائون سمجهان ٿو ته سنڌ ڌرتي جيڪا سون ٺاهي ٿي سا علم وسيلي سونا ذهن به پيدا ڪري سگهي ٿي ۽ چند سالن ۾ هيءُ ڌرتي خود هڪ يورپ ۽ آمريڪا جهڙي ترقي ماڻي سگهي ٿي. ڇو جو هيءَ هڪ امير ڌرتي آهي، پر سڄو مامرو آهي، وري به، سرڪار جي دلچسپيءَ جو. جيڪڏهن مناسب رٿابندي هجي، ۽ عملدرآمد نظام به عوام کي هيٺين سطح تائين فائدو ڏياريندڙ هجي، ته گهڻو ڪجهه ڪرڻ وٽان آهي، ائين بلڪل به نه آهي، ته سنڌ جي قسمت تبديل نٿي ڪري سگهجي. آئون آمريڪا کان اڳي يورپ جو تفصيلي دورو ڪري چڪو آهيان ۽ لنڊن يونيورسٽيءَ مان ايم اي جي ڊگري پڻ حاصل ڪئي اٿم. جڏهن يورپ جي ماڻهن کي، انهن جي ادارن تي انهن جي لائبررين تي نظر ڦيرايان ٿو ته منهنجي اکين اڳيان اها سيءِ پري اچي ٿي ڄڻ ته اسان مهذب ٿيڻ جو سفر اڃا شروع ئي ناهي ڪيو.
    آمريڪا ۾ گهمندي ڦرندي ڪافي دوستن سان ملاقاتون رهيون. ان دور ۾ امريڪا ۾ رهندڙ سنڌين جون ٻه اهم تنطيمون هيون، جيڪي اڃا تائين ڪم ڪري رهيون آهن، اهي آهن سانا ۽ سمنا.
    سانا آهي سنڌي ايسوسئيشن آف نارٿ آمريڪا ۽ سمنا آهي سنڌي ميڊيڪل ايسوسئيشن آف آمريڪا. سانا ۽ سمنا سنڌ جي سماجي، معاشي مسئلن، سنڌ جي حقن تي آواز اٿارينديون رهيون آهن. آمريڪا ۾ رهندڙ گهڻي ڀاڱي سڀ سنڌي انهن ٻن تنظيمن جا ميمبر آهن.
    هر سال سانا پاران 4- جولاءِ تي ساليانو ميڙ ٿيندو آهي، جنهن ۾ گهڻا سنڌي اچي گڏ ٿيندا آهن، ۽ سنڌ مان به خاص دوست اچي سندن دعوت تي شامل ٿيندا آهن، ۽ سنڌ جي اهم مسئلن تي بحث مباحثو ٿيندو آهي؛ ۽ ساڳئي وقت سنڌي راڳ رنگ جي محفل به مچائي ويندي آهي. اهڙيءَ طرح ڊاڪٽرن پاران سمنا جو به ساليانو اجلاس ٿيندو آهي. آئون به انهن خوش نصيبن مان هڪ آهيان، جنهن 1993ع ۾ پنهنجي دوري دوران سمنا جي سالياني ميڙ ۾ شرڪت ڪئي.
    انهيءَ دور ۾ ڊاڪٽر الهوڌايو ڀٽي، ڊاڪٽر وقاصي تمام سرگرم هوندا هئا. ساڻن گڏ ڊاڪٽر مظهر لاکو، ڊاڪٽر اعجاز ترڪ، خالد هاشماڻي، اقبال ترين، ڊاڪٽر يعقوب ميمڻ، ڊاڪٽر لطيف لغاري، ڊاڪٽر فيروز احمد، علي نواز ميمڻ، ڊاڪٽر امان الله پٺاڻ، ڊاڪٽر قاضي، اصغر عابد (مرحوم) ۽ ڊاڪٽر آفتاب قاضي ۽ ٻيا ڪيترائي دوست شامل هوندا هئا. هن وقت سانا جو صدر مسٽر عزيز ناريجو آهي جيڪو هن تنظيم کي تمام سٺي رهنمائي ڏئي رهيو آهي. عزيز اصلي ميرپوخاص جو آهي.
    انهن دوستن سان ملاقاتون ڪري دل باغ بهار ٿي ويئي. انهن سڀني دوستن پاران منهنجي لاءِ پڻ پُر تڪلف ۽ سليقي واريون دعوتون ڪيون ويون، جن ۾ ٻيا ڪئين دوست اچي شامل ٿيندا هئا. هڪ دعوت محترم علي نواز ميمڻ پنهنجي گهر ۾ ڪئي. هڪ دعوت محترم ڊاڪٽر فيروز احمد وڏي پيماني تي ڪئي ۽ ڪافي دوست گهرايا پر رڳو دعوتون کائڻ ئي ڪم نه هو، پر انهن موقعن تي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي مسئلن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿيندي هئي، جيئن ته سڀ سنڌي وطن کان پري وطن جي ڳالهه ڪندا هئاسين، ان ڪري، ڳالهائڻ جو مرڪزي نقطو اهوئي هوندو هيو، ته ڪهڙيءَ ريت سنڌ کي مختلف ميدانن ۾ پاڻڀرو ڪري سگهجي ٿو، ۽ ڪهڙي نموني انهيءَ کي اڳتي آڻجي جو هيءُ ڏتڙيل، پوئتي پيل ۽ ڪنهن حد تائين غلامن جو ديس، ترقيءَ جي راهه تي اچي وڃي. اهي دعوتون ۽ انهن ۾ ڪچهريون ڄڻ ته هڪ نئين اتساهيندڙ لهر جيان هونديون هيون، جنهن کان پوءِ، سنڌ لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ لاءِ جذبو جاڳندو هو، ۽ وطن ۽ وطن سان وابستگي اڃا به وڌيڪ مضبوط ۽ سگهاري ٿي ويندي هئي.
    ڊاڪٽر فيروز احمد ڪراچيءَ جو خالص سنڌي اسماعيلي خوجو هو. ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ايم ايس سي ڪرڻ کان پوءِ آمريڪا مان پي ايڇ ڊي ڪيائين ۽ پوءِ اتي پروفيسر ٿي رهيو. ان جي پهرين ڊگري مائيڪرو بائلاجي ۾ هئي. بعد ۾ هن آمريڪا مان سوشيالاجي جي مضمون ۾ ڊيموگرافي جي کيتر ۾ ڊگري ڪئي ۽ هڪ ماهر معاشيات ۽ ماهر سماجيات ٿي اڀريو. ڊاڪٽر صاحب هڪ تمام اعليٰ دماغ استاد ۽ اعليٰ پائي جو اسڪالر ٿي رهيو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيا اٿس. سندس موضوع غربت، پاڪستان، آفريڪا ۽ سنڌ جون سماجي حالتون رهيون. پاڻ ڪجهه وقت لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سوشيالاجيءَ جو پروفيسر ۽ هيڊ آف دي ڊپارٽمينٽ ٿي رهيو.
    ضياءَ الحق جي دور ۾ سياسي ۽ سماجي حالتون خراب هجڻ ڪري هن کي سنڌي يونيورسٽيءَ مان خيرباد ڪيو ويو. بعد ۾ هو ڪراچي لڏي ويو، ۽ اتي هڪ رسالو پاڪستان فورم نالي ڪڍيو. ڪي سال اڳي ڊاڪٽر فيروز احمد، ڊاڪٽر اقبال احمد ۽ اعجاز احمد گڏجي پاڪستان فورم جو رسالو ڪڍندا هئا.
    ڊاڪٽر فيروز احمد سان زندگي وڌيڪ وفا نه ڪئي ۽ هن 56 ورهين جي عمر 1997ع ۾ آمريڪا ۾ وفات ڪئي؛ ۽ هو اتي ئي دفن ٿيل آهي. سندس وفات کان پوءِ سندس زال پاڪستان لڏي آئي، جيڪا هينئر ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي. سندس گھر واري ڊاڪٽر صاحب جي ۽ پنهنجي ملڪيت مان ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ماس ڪميونيڪشن جو شعبو ٺهرائي ڏنو آهي. سندس گهر واري ڊاڪٽر صاحب جي مڪمل لائبرري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسئيشن (سگا) لاءِ عطيي طور ڏني آهي. جيڪا هن وقت اسلام آباد ۾ سگا جي شاهه لطيف مرڪز ۾ قائم آهي.
    سانا جي تنظيم جا ميمبر پنهنجي حيثيت رکندڙ هئا (هينئر به آهن) ۽ اهي هر وقت سنڌ بابت آمريڪي سرڪار اڳيان ڪيس رکندا هئا ۽ سنڌ جي قومي سلامتي ۽ حقن بابت لک پڙهه ڪري فوجي حڪومتن خلاف ڪيترائي اڇا چٺا ڪڍيا. مون اتي اها ڪوشش ڪئي ته آمريڪا ۾ پنهنجي سنڌ کي ڪيئن ڏسجي. آئون سمجهان ٿو ته جتي به سنڌي ماڻهو رهن ٿا، اتي سنڌي معاشرو موجود آهي ۽ اها ئي ننڍڙي سنڌ آهي جيڪا هر هنڌ موجود آهي. سنڌ جي سنڌي مسلمانن کانسواءِ اتي 1947ع ۾ لڏي ايندڙ ڪيترائي سنڌي هندو خاندان پڻ موجود آهن. انهن مان ڪيترن جو اهو خيال آهي ته ڇاڪاڻ ته جڏهن هو پنهنجو وطن، سنڌ ڇڏي سگهن ٿا، ته ضروري نه آهي، هو هندستان لڏي وڃن. ان ڪري هو آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن ڏانهن لڏي آيا آهن.
    آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌ جا ڪيترائي خاندان اتي خوشحال نظر اچي رهيا آهن. سندن خوشحالي سندن محنتن جو ثبوت آهي. آمريڪا هڪ تمام وڏو ملڪ آهي. جنهن جي پکيڙ تمام وڏي آهي. ان ڪري سنڌ جا ماڻهو پري پري مختلف رياستن ۾ پکڙيل آهن. ان جي برعڪس يورپ جا ملڪ ننڍا ننڍا آهن ان ڪري يورپ جي ڪيترن ملڪن ۾ هڪ ننڍڙي سنڌ جتي ڪٿي موجود ڏسبي. انگلينڊ ۾ سنڌي تمام واضح نظر اچن ٿا. هتي هڪ ڳالهه ضرور چوڻ گهرجي، ته آمريڪا ۽ يورپ ۾ سنڌين جو پاڻ ۾ تمام گهڻو ميل جول ڳانڍاپو آهي ۽ سندن ڪئين تنظيمون آهن. اهڙي نموني آسٽريليا، سنگاپور، هانگ ڪانگ ۽ ڏکڻ ايشياءَ جي ٻين ڪيترن ملڪن ۾ سنڌي تمام گهڻا موجود آهن.
    دنيا جي ٻن وڏن سمنڊن يعني ائٽلانٽڪ ۽ پئسفڪ سمنڊ ۾ جيڪي به ٻيٽ آهن انهن ۾ سنڌين جي تمام گهڻائي آهي، ۽ انهن ٻيٽن جي واپار تي سنڌين جو ئي قبضو آهي. انهن جو ٻيو مثال دبئي، ابوظهبي ۽ شارجا پڻ آهن. آمريڪا جون سنڌي تنظيمون انهن ملڪن جي سنڌين سان ڳانڍاپي ۾ آهن، ۽ وقت به وقت هڪٻئي جي مدد ڪنديون رهن ٿيون.
    مون کي آمريڪا جي دوري ۾ آمريڪي حڪومت پاران ڪافي شعبن ۾ دعوتون ڏنيون ويون هيون. جن ۾ مون کي پاڪستان جي اقتصادي، سماجي ۽ سياسي حالتن تي کي ڳالهائڻو هو ۽ ليڪچر ڏيڻا هئا، جن لاءِ مون کي تياري ڪرڻي هوندي هئي ۽ آئون رات جو ڪافي دير تائين نوٽس وٺي صبح جو ليڪچر ڏيندو هئس. مون هر رياست جي حڪومتن ۽ مرڪزي حڪومتن جي زرعي ۽ سياسي کاتن ۾ به ڳالهه ٻولهه رکي ۽ آمريڪي ماهرن سان ڪافي بحث مباحثا ٿيندا رهيا ۽ اهڙي نموني سان ڪافي مفيد ڳالهيون ٿينديون رهيون. اهڙي نموني ئي مختلف يونيورسٽين ۾ پڻ مون تمام جهجهي تعداد ۾ پاڪستان ۽ سنڌ تي ليڪچر ڏنا جنهن ۾ اقتصاديات سماجيات ۽ سياست، غربت، صحت ۽ تعليم جا موضوع وغيره شامل آيا.
    جڏهن مون آمريڪا وڃڻ جو پروگرام ٺاهيو ته آمريڪين سفارتخاني ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جون ڪيتريون گڏجاڻيون ٿيون. آمريڪين سفارتخاني، وزٽ جو تفصيلي پروگرام ٺاهيو، جنهن ۾ هڪ مهيني جو پروگرام، ڏينهن، ڪلاڪن ۽ منٽن سميت ٺهيل هو. ڪٿان ڪا ڪٿي وڃڻو آهي، سفر ڪيئن ڪبو، ريل ۾ وڃبو، بس ۾ وڃبو، يا ڪار ۾ وڃبو. منزل تي پهچڻ کانپوءِ جنهن بلڊنگ ۾ ميٽنگ آهي، اتي پنڌ ڪري وڃڻ ۾ ڪيترو وقت لڳندو وغيره وغيره. اهڙي ٺهيل پروگرام کي ڏسي دل کي خوشي ٿي، ته سڌريل ملڪن ۾ ماڻهو ڪيئن نه سوچين ٿا، ته ڪنهن ٻاهران ايندڙ ماڻهوءَ کي ڪا تڪليف نه ٿئي. ترقي ڪيل ملڪن جون اهي ۽ اهڙي قسم جون ٻيون ڳالهيون انسانذات جي ڀلائيءَ واري پهلوءَ کي اجاگر ڪن ٿيون. آمريڪين سفارتخاني، جتي جتي مون کي وڃڻو هو، اتي وقت، ڏيڍ ٻه مهينا اڳ ۾ ئي مقرر ڪيو ويو هو. هن پروگرام سان انهن سڀني ادارن ۽ يونيورسٽين جا خط، جن ۾ هاڪاري جواب هئا، پڻ گڏ هئا.
    نيويارڪ يونيورسٽيءَ جي هڪ اداري انسٽيٽيوٽ آف ائنٿراپالاجي، بنگهيمپٽن، اٺاڪا، جي پروفيسر مائيڪل هار ووٽن جو هڪ خط پڻ شامل هو، جنهن ۾ اهو لکيل هو ته:
    I am dying to meet a Professor from Sindh, Professor Qureshi is most welcome and he will be my guest.
    خط پڙهي منهنجي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا، ته سنڌ سونهاري واقعي هڪ عظيم ڌرتي آهي، سنڌ نالو ۽ ان جو حوالو هڪ ئي وڏي نعمت آهي، جيڪا اسان مٽيءَ جو پنوڙن کي سون جي اگهه ۾ تورڻ جو سبب بنجي ٿي.
    جيئن ئي آمريڪا پهتس، ته هفتي کن کانپوءِ نيويارڪ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ جهڙي شهر بنگهيمپٽن پهتس؛ جتي ائنٿراپالاجي جو انسٽيٽيوٽ ۽ پروفيسر صاحب جو گهر هو. پروفيسر مائيڪل مون کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون ۽ عزت پڻ. صبح جو سوير مون هنن جو انسٽيٽيوٽ گهميو؛ ۽ سندس اداري جي استادن ۽ شاگردن سان ملاقات ٿي. انهيءَ ڏينهن صبح جو پاڪستان ۽ سنڌ جي حوالي سان هڪ مختصر ليڪچر ڏنم. انهيءَ ليڪچر ۾ مون سنڌ جي غربت ۽ تعليم تي خاص طور ۽ سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي، عمومي طور ڳالهايو، ته گڏوگڏ مون سنڌ ۾ اقتصادي خوشحاليءَ جو نقشو پڻ چٽيو، مختلف شعبن جا مثال ڏيئي، شرڪت ڪندڙن کي قائل ڪيم، ته جيڪڏهن سنڌ ۾ غيرسرڪاري سطح تي سماجي ترقي ۽ جاڳرتا جا پروگرام شروع ڪيا وڃن، ته اتي بنهه وسيع ميدان موجود آهن. انهيءَ ليڪچر مان شرڪتڪار گهڻا متاثر ٿيا، ۽ انهن سنڌ بابت ۽ خاص طور سنڌو ندي ۽ ان جي آڌار تي جئيندڙ انسان بابت ڪي ڳالهيون ڪيون ته هڪ وسيلن سان مالامال ماٿري جا ماڻهو ڪيئن گذارين ٿا ۽ درياهه ۽ وطن سان سندن ڪهڙو رشتو آهي.
    انهيءَ موقعي تي مون کين شاهه لطيف جا ڪجهه بيت به سندن ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري ٻڌايا، جن مان وطن دوستيءَ ۽ انسان دوستيءَ جو سبق مليو ٿي، مثال طور:
    وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻسين،
    پسو پکيئڙن، ماڻهوئا ميٺ گهڻو.
    سائينم سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار،
    دوست مٺا، دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
    جڏهن ته وطن ۽ وطن جي ٻوليءَ جي سلسلي ۾، مون کين نارايڻ شيام جو هيٺيون شعر پڻ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري ٻڌايو ته:
    الا ائن مَ هوءِ جو ڪتابن ۾ پڙهجي،
    ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.
    مون ڏٺو، ته آيل ماڻهو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي ڳالهين جي منڊ ۾ منڊجي رهيا هئا، انهن جي چهرن جي اڀريل آيل تاثرن مان اها ڳالهه بلڪل چٽي نظر اچي رهي هئي. اهڙي ماحول بڻجڻ تي مون کي پڻ ڏاڍي سرهائي ٿي رهي هئي، ته آئون ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان سنڌ کي متعارف ڪرڻ جو سبب بڻجي رهيو آهيان، سچ پڇو ته اهڙو احساس جاڳڻ وقت ماڻهو پاڻ کي ڏاڍو هلڪو محسوس ڪندو آهي، ڇاڪاڻ ته اهڙي احساس اندر هڪ ٻيو احساس هوندو آهي، ته ڪنهن نه ڪنهن طرح ڌرتيءَ جو قرض لهي رهيو آهي. اسين سنڌ ماءُ جا مقروض آهيون، ان جي پير - پڻي آهيون، هوءَ ڏاتار آهي ۽ اسين سيڪڙو، اسين لوهه آهيون ۽ هوءَ پارس آهي ۽ سڃڻ سان سون ڪري ڇڏيندي آهي. اهو احساس جڏهن به ان وزٽ دوران ٿيندو هو ته منهنجون اکيون عقيدت مان ڀرجي اينديون هيون، ۽ پنهنجي سنڌ ڄائي هجڻ تي فخر ٿيڻ لڳندو هو.
    انهيءَ اداري جي استادن، منهنجي ڳالهه ٻولهه دوران منهنجي سامهون سنڌ جو نقشو آڻي رکيو، جنهن ۾ سڀاڳي ۽ سون ورني سنڌو ندي سنڌ جي سينڌ جيان نمايان طور نظر اچي رهي هئي. رات جو پروفيسر صاحب وڏي پئماني تي هڪ دعوت ڪئي، جنهن ۾ ڪجهه فيميلز، سندس اداري جا استاد ۽ شاگرد، جن ۾ هڪ پاڪستاني شاگردياڻي پڻ شامل هئي، جنهن جي ماءُ سنڌياڻي ۽ پيءُ هڪ مهاجر فوجي هو- شامل هئا. رات جي ماني کائڻ کانپوءِ جڏهن اسان اڪيلا ٿياسون ته پروفيسر مائيڪل مون کي چيو ته مان توسان هڪ ڳالهه ڪرڻ چاهيان ٿو، اميد ته دل ۾ نه ڪندين. تنهن تي مون کيس چيو ته ڀلي مون سان ڳالهه ڪر: هن مون کي ٻڌايو ته آئون يهودي آهيان ۽ يهودي نسل جو آمريڪي آهيان، متان توتان اها ڳالهه ڳري گذري، مون کيس وراڻيو ته ڪا ڳالهه ڪونه آهي، تون انسان آهين، ۽ اسين سنڌي صوفي مزاج وارا آهيون ۽ انسانيت ۾ اسان جو ويساهه آهي، اسين شاهه، سچل ۽ ساميءَ جا پوئلڳ آهيون، جن جو مذهب انسانيت آهي. انسان ذات جي خدمت ۽ ان جي ڀلي جو ڪم ڪرڻ اسان جي تهذيب جوحصو آهي. منهنجي ان چوڻ تي هن روئي ڏنو، ۽ مون کي زور سان هڪ ڀاڪر پاتو ۽ چيو ته تنهنجي دل ۾ به هڪ انسان ويٺل آهي ۽ تنهنجي دل ۾ انسانيت لاءِ محبت ۽ انهن جي خدمت جو جذبو ڏسي رهيو اهيان، تو جيڪي مون سان سنڌ جي ماڻهن جون ڳالهيون ڪيون آهن تن منهنجو اندر جهوري ڇڏيو آهي. ٽي ڏينهن اتي رهڻ کانپوءِ آئون دنيا جا جڳ مشهور ادارا بوسٽن ۽ هارورڊ ڏسڻ ويس. اهي ٻئي بوسٽن اسٽيٽ جي شهر بوسٽن ۾ آهن، بوسٽن شهر کي بوسٽن ندي ورهائي ٿي. هڪڙي پاسي بوسٽن يونيورسٽي آهي، ٻئي پاسي هارورڊ يونيورسٽي آهي. هارورڊ يونيورسٽي دنيا جا وڏا ۽ ناميارا معاشياتدان پيدا ڪيا آهن. پاڪستان جي سڄي تاريخ ۾ پاڪستان جي معيشت ۽ اقتصاديات تي هارورڊ يونيورسٽي جي مهر ۽ ڇاپ لڳل آهي. پاڪستان ٺهڻ سان ئي پاڪستان جو لاڙو آمريڪا ڏانهن هو. شروع کان وٺي اڄ تائين اهو لاڙو هلندو اچي ٿو ۽ اِهو مشهور هو ته آمريڪا جي اسڪالرشپن تي پاڪستان جا سوين ماڻهو اڪنامڪس جون ڊگريون هارورڊ مان ڪري ايندا هئا، ۽ اهو مشهور ٿيو هو ته پاڪستان تي هارورڊ اسڪول آف ٿاٽ حاوي آهي. اها حقيقت به آهي ته پاڪستان کي اقتصادي ۽ سياسي طور هلائڻ ۾ آمريڪا جو وڏو هٿ رهيو آهي. شروعاتي دؤر ۾ اقتصاديات کي هلائڻ لاءِ آمريڪي ماهر اقتصادياتدان، پاڪستاني ماڻهن سان گڏجي ملڪ کي هلائيندا هئا. هتي پڙهندڙن لاءِ هڪ ڳالهه ٻڌائيندو هلان ته پاڪستان جي شروعاتي دؤر ۾ جڏهن اقتصاديات جا منصوبا ۽ رٿابنديون ٺهنديون هيون ته آمريڪي ماهر هنن کي ترقيءَ جو گس ڏسيندا هئا. شروعاتي دؤر ۾ ئي اهو چيو ويو ٿوري صنعت لڳايو ۽ ٿوري زراعت هلايو ۽ شپ بلڊنگ ڪريو پر ڪوبه سڌو رستو نه ڏسيو ويو.ٿورن سالن کانپوءِ اهو چيو ويو ته هاڻي توهان صعنت هڻون ۽ ان لاءِ آمريڪي امداد فراوني سان ملندي رهندي. ڪجهه وقت کانپوءِ آمريڪي ماهر پاڪستاني ماهرن سان گڏجي اها صلاح ڏني ته توهان صعنت نه ٿا هلائي سگهو، ان ڪري توهان زراعت هلايو نتيجي ۾ 60 واري ڏهاڪي جي وچ ڌاري سبز انقلاب يعني Green Revolution آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جيڪو پروگرام ڪجهه وقت لاءِ ڪامياب ٿيو پر پنج سالن کانپوءِ آمريڪي صلاحڪارن اها صلاح واپس ورتي ۽ اهو چيو ته توهان زراعت نه ٿا هلائي سگهو، ۽ اهو چيو ته توهان وري صعنت ڏي اچو. ڪجهه اهڙي قسم جون صنعتون هڻون، جن جي وسيلي توهان کي سامان درآمد ڪرڻو نه پوي. اهڙي نموني سان آمريڪي صلاحڪارن پاڪستان جي اقتصاديات تي بار بار مختلف ۽ منجهائيندڙ رايا ڏنا، جن جي اثر مان پاڪستان اڃا تائين نڪري نه سگهيو آهي. جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي اقتصادي واڌاري جي فائدن کي غريب ماڻهن تائين پهچائڻ جي ڳالهه ڪئي ته ان کي ناڪام بڻائي مرڳوئي هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيو. اڄ به پاڪستان جي اقتصاديات جي حالت تمام خراب آهي. سنڌ صوبو جيڪو ملڪ جو هڪ امير ترين صوبو هو، اڄ غريب ترين صوبو ٿي رهيو آهي. اها ڳالهه آئون 2006 ۾ پڌري ٿيل ورلڊ بئنڪ ۽ ايشين بئنڪ جي رپورٽ Securing Sindhi’s feature جي آڌار تي چئي رهيو اهان. آمريڪا جي سفر جون ڳالهيون نڪرنديون رهيون ته مون توهان کي اقتصاديات جي کيتر ۾ آمريڪا جي ڪارنامن جو ذڪر ڪري ٻڌايو. اسان جي اڳيان ٻه ٽي پهلو واضح طور نظر اچي رهيا آهن. پهريون پهلو اسان مٿي تفصيل سان ذڪر ڪري رهيا آهيون ته آمريڪا دنيا جو طاقور ترين ملڪ ٿي اڀريو آهي، دنيا جا اندازي پٽاندر 80 سيڪڙو کان 90 سيڪڙو ننڍا، غريب ۽ اسرندڙ ملڪ سندس مختلف پاليسين تحت ڪم ڪن ٿا، ۽ انهن جي آزاديءَ جي ڪا حيثيت ڪانهي. آمريڪا پنهنجا مختلف طريقا استعمال ڪري پنهنجا ماڻهو هر فيلڊ ۾ جاسوسي طور مقرر ڪري ٿو ۽ انهن ملڪن جي حالتن ۽ انگن اکرن کي گڏ ڪري پنهنجي حڪمرانيءَ جو هٿ مضبوط ڪري ٿو. ٻيو پهلو هيءُ آهي ته آمريڪا ۾ رهندڙ ڪافي ماڻهو انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ به سوچيندا آهن، غريب ماڻهن جي مدد به ڪندا آهن. آمريڪا جو ٽيون پهلو اهو به آهي ته اهو هڪ آزاد معاشرو آهي. جنهن ۾ ماڻهو آزاديءَ سان رهن ٿا ۽ ڪنهن کي ڪابه جهل پل نه آهي. آمريڪا جو چوٿون پهلو آهي علم تدريس ۽ علم ۽ تدريس سان لاڳاپيل ادارا، تحقيق ۽ تحقيق سان لاڳاپيل ادارا ۽ يونيورسٽيون تمام مٿين سطح تائين پهتل آهن ۽ فائديمند ڪم ڪن ٿيون. آمريڪا جي اسڪالرن ۽ استادن پنهنجي سڄي زندگي پڙهائڻ ۽ تحقيق جي ڪمن ۾ گذاري آهي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته سڄي دنيا جا ماڻهو علم حاصل ڪرڻ، تحقيق ڪرڻ ۽ وڏيون وڏيون ڊگريون حاصل ڪرڻ لاءِ آمريڪا پهچن ٿا ۽ واپس وڃي پنهنجن مڪلن ۾ پنهنجي گهربل سماجي ڪردار ادا ڪن ٿا.
    جاپان وڏو ملڪ آهي، جنهن ٻين مهاڀاري جنگ ۾ پهرئين آمريڪا کي شڪست ڏني ۽ بعد ۾ آمريڪا جاپان کي شڪست ڏني ۽ نيوڪليئر بمن جي ذريعي جاپان جا ٻه بهترين شهر هيروشيما ۽ ناگاساڪي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيا. ان هوندي به جاپان پنهنجا ماڻهو سائنس ۽ اقتصاديات جي کيترن ۾ تربيت لاءِ آمريڪا موڪليا، جن واپس اچي پنهنجي ملڪ جي ٻين ماڻهن جي لاڳاپيل شعبن ۾ تربيت ڪئي ۽ پنهنجي ملڪ کي ترقي ڏياري.
    اسان جي سنڌ جا به ڪيترائي استاد آمريڪا مان پڙهي آيا آهن. آمريڪا ۽ يورپ جي يونيورسٽين انساني فڪر کي وڌائڻ، عقل، ڏاهپ، سمجهه ۽ ساڃهه پيدا ڪرڻ، قلم ۽ علم کي ڪنهن خاص مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ ۽ انساني زندگي ۾ حاصلات جو جذبو اجاگر ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي. آمريڪا جي دوري دوران مون کي لاس اينجلس شهر تمام گھڻو متاثر ڪيو، لاس اينجلس جا مختلف علائقا سمنڊ جا ڪنارن تي آهن، اتان جا رستا وڏا ڪشادا آهن ۽ ماڻهن جي ملڻ جو طريقو انتهائي عاليشان آهي. لاس اينجلس کان سينڊياگو تائين ڪار جو سفر تمام من موهيندڙ هو، اهڙي نموني آمريڪا جا گهڻي ڀاڱي شهر صاف سٿرا آهن، آمريڪا سهڻو ۽ سرسبز آهي. مينهن ۽ برساتون جام ٿينديون آهن ۽ لڳاتار برفباري، نديون وهنديون رهن ٿيون، اتان جو سونهن ۽ سرهاڻ جو ڪو جواب ناهي. اتي هڪ قبرستان ڏسڻ جو به موقعو مليو، اهو هڪ باغ وانگر هو ۽ ڇٻر موجود هئي. انهيءَ ڇپر ۾ وٿي وٿي تي عاليشان ٻوٽو لڳل هو. پوءِ ٻڌايائون ته اهو ٻوٽونه آهي، پر ان ٻوٽي هيٺيان قبر آهي، انسان جيئرا ته جيئرا پر مئلن لاءِ اهڙو انتظام ڏسي سچ پچ، انسانيت جو قائل ٿيڻو پيو.
    ماڻهن پنهنجن پيارن کي زمين اندر عقيدت ۽ احترام سان رکيو آهي، لاس اينجلس کانپوءِ مون کي هوائي وڃڻ جو موقعو مليو، هوائي آمريڪا جي هڪ بهترين اسٽيٽ آهي، جيڪا پئسفڪ سمنڊ ۾ جاپان ۽ آمريڪا جي وچ تي ٻنهي جي اڌ پنڌ تي هڪ ٻيٽ جي صورت ۾ آهي. هوائي پندرنهن لک سال اڳ هڪ ٻيٽ طور ظاهر ٿيو. جنهن ۾ هن وقت گهڻائي جاپاني-آمريڪن نسل جي اهي. يعني اهي جاپاني جيڪي تمام گهڻي وقت کان آمريڪا ۾ اچي رهيا ۽ اتان جا شهري بنجي ويا ۽ هينئر آمريڪي ۽ جاپاني- آمريڪنن تي ٻڌل هوائيءَ جي هڪ پارليامينٽ پڻ آهي. آئون هوائي کي دنيا ۾ جيئرن انسان لاءِ جنت سڏيندو آهيان. هوائيءَ جا ماڻهو تمام سٺا، ملڻهار ۽ پيار ڪندڙ آهن. هوائي اسٽيٽ کي اتان جا ماڻهو Alloha اسٽيٽ ڪري سڏيندا آهن، ان جي معنى آهي ويلڪم يا آڌرڀاءُ. اتي ٻاهران ايندڙ ماڻهن جو پيلن گلن سان آڌرڀاءُ ڪيو ويندو آهي. ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪرڻ وقت هوائي جا ماڻهو پنهنجن ايندڙ مهمانن کي گل آڇي سندن شاندار آجيان ڪندا اهن، اسان سان به هنن اهڙي قسم جو بهترين ورتاءُ ڪيو، هوائيءَ ۾ رهڻ لاءِ تمام وڏيون ۽ شاندار هوٽلون آهن ۽ کاڌي پيتي لاءِ ننڍيون ۽ سستيون ۽ بهترين هوٽلون پڻ آهن. تمام وڏيون بيچون پڻ آهن. هوائيءَ ۾ هڪ يونيورسٽي جهڙو وڏو مرڪز ايسٽ ويسٽ سينٽر (East. West. Center) آهي، هيءُ اهڙو ادارو آهي جنهن ۾ ايشيا ۽ مغرب جا ماڻهو اچي تعليم پرائيندا آهن. منهنجي انتهائي خوشقسمتي ۽ خوشنصيبي هئي، جو مون کي هوائي اسٽيٽ جي گهمڻ جو موقعو ته مليو پر East West Center ۾ رهڻ، ليڪچر ڏيڻ، تحقيق ڪرڻ ۽ اتان جي استادن ۽ پروفيسرن، اسڪالرن سان گڏ رهڻ ۽ ملڻ جو موقعو پڻ مليو.

    پهرئين ڏينهن صبح جو ساڍي نائين وڳي جيئن مان سينٽر جي مک دروازي مان اندر گهڙيس ته مون کي سامهون قد آدم جيڏو هڪ پوسٽر نظر آيو جنهن تي لکيل هو:

    Our today's honorable guest. Welcome Professor Aijaz Ahmed Qureshi, Director Sindh Development Studies Center, University of Sindh, Jamshoro, Sindh, Pakistan.

    اهي لفظ پڙهي آئون پنهنجا لڙڪ روڪي نه سگهي، جيڪي بعد ۾ تيزي سان وهڻ لڳا ڇو ته مون ان کي قدرت واري طرفان پنهنجي لاءِ اها وڏي عزت ۽ اعزاز سمجهيو ۽ آئون رب العزت جو ٿورائتو آهيان مان پاڻ کي هميشه هڪ ادنى ماڻهو سمجهندو آهيان، مون سوچيو ته سنڌ يونيورسٽي جي هڪ استاد کي هيءُ عزت، ۽ هيءُ مان سندس زندگيءَ جي ڪل ڪمائي چئي سگهجي ٿو. گيٽ تي مون کي سينٽر جي پريزيڊنٽ جي سيڪٽري اداري جي نائب صدر ”رسيو“ ڪيو. ٿوري درير ۾ چانهه کانپوءِ مون کان ليڪچر ڪرايو ويو، جيڪو ٽن ڪلاڪن تائين هليو، ان کان پوءِ وڏي احترام سان الاهي پروفيسرن ۽ مهمانن سان گڏ مانجهادو ڏنو ويو. اهڙيءَ طرح منهنجا پنج ڏينهن هوائيءَ ۾ گهمندي ۽ يونيورسٽين ۾ گذاريندي گذري ويا. يونيورسٽي مان نڪرڻ يا ان سينٽر کي سچ پچ ته ڇڏڻ تي منهنجي دل راضي نه هئي. هتي مون کي هڪڙو واقعوياد اچي ٿو. جيڪو آءُ ٻڌائڻ چاهيان ٿو.
    ايسٽ ويسٽ سينٽر جي ڀرسان هوائي يونيورسٽي آهي، منهنجي پروگرام ۾ هوائي يونيورسٽي جي گهمڻ جو پروگرام پڻ شامل هو. خاص طور تي اتان جي ڏکڻ ايشيا جو شعبو (South Asian Center) انهيءَ شعبي ۾ وڃڻ سان منهنجي ملاقات ان جي ڊائريڪٽر پروفيسر ليڊي پرهام (Lady Parham) سان ٿي. تمام سٺي نموني ملي ۽ سٺو آڌر ڀاءُ ڪيائين. ڪافي دير ڪچهري کان پوءِ مونکي پنهنجي مرڪز جا ڪجهه ڪتاب ۽ پمفليٽ ڏنائين.
    مون سڀ شيون پاڻ وٽ سنڀالي رکيون. هڪ سهڻو پمفليٽ، جيڪو هن مون کي آخر ۾ ڏنو، ان کي هڪ نظر ڏسي پنهنجي ڪوٽ جي کيسي ۾ وڌم، پر جلدئي اهو واپس ڪڍيم ۽ وري مٿان نظر وڌيم به پمفليٽ جي مٿانهن هڪ نالو لکيل هو. رام واٽو مل اسڪالرشپ مون ليڊي ٽرهام کان اهو پڇيو ته ڇا هي؟ ڇا رام واٽو مل سنڌي ته ناهي. مائيءَ چيو ته مون کي خبر نه آهي. هوءَ ٿورو اچرج ۾ پئجي ويئي، ۽ مون کي چيائين، ته تون مونکان اهو ڇوٿو پڇين؟ مون چيومانس، هن نالي مان هيءُ مون کي سنڌي ٿو لڳي. مائيءَ چيو ته لڳي ٿو ته تنهنجي ڇهين حس اهو ڪم ڪيو آهي. مون مائيءَ سان ها ۾ ها ملائي. مائيءَ مون کي چيو، اچ ته ڀلا ان پمفليٽ کي پڙهون. جڏهن اسان اهو پڙهيو ته سڄي ڳالهه پڌري پٽ اچي پئي ته واٽو مل حيدرآباد سنڌ جو هڪ وڏو سنڌ ورڪي واپاري هو، جنهن پنهنجي واپار جي ڪوٺي پهرئين هانگ ڪانگ ۾ کولي ۽ بعد ۾ اچي هوائيءَ ۾ هميشه لاءِ رهائش پذير ٿيو. رام سندس وڏو پٽ هو. جنهن جي شادي هن ٻي مهاڀاري جنگ کان ٿورو اڳي حيدرآباد ۾ ڪرائي هئي. رام کي ٻه نياڻيون به هيون. رام شادي ڪرڻ کان پوءِ حيدرآباد ايندو رهندو هو ۽ پنهنجي پيءُ جي واپار کي هانگ ڪانگ ۽ بعد ۾ هوائيءَ ۾ هٿ ونڊائيندو هو. ٻي جنگ عظيم جي ڪري حيدرآباد اچي نه سگهيو. پنهنجي زال کي چيو ته هو کيس ٿوري وقت ۾ اچي هوائي ڏانهن وٺي ويندو. رام جي نه اچڻ ڪري سندس گهر واري ٻه ٻارڙيون ساڻ ڪري پاڻيءَ جي جهاز ذريعي ڪيترن مهينن جو سفر ڪندي اچي هوائي پهتي. رام جي پيءَ کي پهرئين ڪپڙي جون ڪوٺيون هونديون هيون. بعد ۾ هنن راندين جي سامان جي واپار ۾ ڌاڪو ڄماڪو، جيڪو اڃا تائين هوائيءَ ۾ هلي رهيو آهي. 1950ع ڌاري رام هندستان گهمڻ آيو ۽ بدقسمتيءَ سان هوائي جهاز جي حادثي ۾ فوت ٿي ويو. رام جا ٻار اڃا به هوائيءَ ۾ موجود آهن. رام جي فوتيءَ کان پوءِ آمريڪي حڪومت رام کي ڪئيي وڏا اعزاز بخشيا ۽ يادگار جوڙايا ۽ رام کي اڄ به ياد رکيو وڃي ٿو. رام جي پيءُ واٽو مل پنهنجي پٽ جي مرتئي کان پوءِ سندس نالي ٻه وڏيون اسڪالرشپون مقرر ڪيون، جيڪي هندستان مان ڪي به اسڪالر چٽاڀيٽي جي زور تي هندستان جي تاريخ جي اڀياس لاءِ يا Ph.D جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ اچي سگهن ٿا. انهيءَ پمفليٽ پڙهڻ کان پوءِ ان مرڪز جي ڊائريڪٽر ڏاڍي خوش ٿي ۽ چيائين، پروفيسر قريشي منهنجي ناليج ۾ اضافو ڪيو آهي، آئون تنهنجي ٿورائتي آهيان. بعد ۾ مون کيس سنڌ بابت اڃا به وڌيڪ ڄاڻ ڏني ته، سنڌ جا ماڻهو ڪيئن آهن، اتان جون موسمون، اتان جا نظارا ۽ جاگرافي اهڃاڻ ڪيئن ۽ ڪيترا آهن. مون کيس سنڌوسڀيتا، سنڌودرياهه، شان لطيف ۽ ٻين ثقافتي شاهڪارن بابت ٻڌايو. هن مون کان اهو پڇيو ته چون ٿا ته سنڌو سڀيتا جي ماڻهن ئي دنيا ۾ سڀ کان اڳ ڦيٿو ٺاهيو، ڇا اهو سچ آهي؟ مون وراڻيومانس ها. هڪڙي ڏينهن شام جو هوائيءَ جي ان مارڪيٽ ۾ آيس جتي واٽو مل جو دڪان هو. اهو دڪان اڃا به موجود آهي، جيڪو رام جا ٻار هلائن ٿا. منهنجي ڪنهن سان ملاقات ڪونه ٿي ڇو جو ان وقت انهن مان ڪوبه موجود نه هو. ۽ سندن نوڪر ئي دڪان هلائي رهيا هئا.
    اهو سچ آهي ته تاريخ جون ڪيتريون ئي شاهديون ٻڌائين ٿيون، ته سنڌ وارن ئي اڳ ۾ ڦيٿي جي ايجاد ڪئي، ۽ انهيءَ کي ڏاند گاڏيءَ ۾ استعمال ڪيو. ان کان سواءِ هن مون کان اهو به پڇيو، ته چون ٿا، ته ”انڊس رور“ شينهن درياهه آهي، ائين هن کي ڇوٿا سڏين. مون ٻڌايومانس ته سنڌو درياهه هماليا جبلن جي مٿاهين تان، جنهن هنڌ تان جاري ٿئي ٿو، اهو شينهن جي شڪل جهڙو آهي، انڪري هن کي شينهن درياهه چون ٿا، مون هن کي اهو به ٻڌايو، ته سنڌوءَ جا گهڻائي نالا آهن، جيئن سپت سنڌو، اباسين، مهراڻ، اِسنگهي ڪبب وغيره، پر سنڌ وارا ان کي سندس اوائلي نالي ”سنڌو“ سان ئي سڏين ٿا. اهي سڀ ڳالهيون، ته ٿيون منهجن پنهنجن تجربن جون، پر اسان جي نئين ٽهيءَ جي نوجوان دوست ذوالفقار علي هاليپوٽي پڻ پنهنجي آمريڪي ياترا جا احوال ڪٺا ڪيا آهن. سندس هيءُ سفرنامو، ڪو معلومات نامو نه آهي، جيئن عام طرح سفرناما لکيا ويندا آهن. جيڪي اجاين ذاتين حوالن سان ٽمٽار هوندا آهن، ۽ پڙهندڙ کي جلد بيزار ڪري وجهندا آهن، هيءُ سفرنامو هڪ جديد سفرنامو آهي، جيڪو آمريڪي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي پهلوئن تي گهرائيءَ سان لکيو ويو آهي، هن سفرنامي ۾ اجايو ۽ واڌو احوالن کان وڌيڪ هڪ دانشوراڻو وقار آهي، ۽ ان ۾ هڪ قسم جي تحقيقيت آهي. عام لقائن ۽ روين جو گهرائيءَ سان ڇيد ڪري لاڀائتا دلچسپ ۽ ڪنهن حد تائين ڇرڪائيندڙ نتيجا ڪڍيا ويا آهن، انهيءَ سان گڏوگڏ سنڌ کي به سفرنامو لکندڙ نه وساريو آهي، ۽ هنڌين ماڳين سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جا حوالا پڻ ڏنا آهن. هيءُ سفرنامو ڪنهن ياترا تي ٻڌل نه آهي، پر ان ۾ مختلف وقتن تي ڪيل ياترائن جو احوال آهي. پنهنجي ڪيفيت ۾ هيءُ سفرنامو پڙهندڙ تي سٺو تاثر ڇڏي ٿو، ۽ اُن کي اهڙي نموني پنهنجي گرپ ۾ آڻي ٿو، جو ان کان نڪرڻ مشڪل ٿيو پوي ٿو. هڪ ڪامياب سفرنامي جو ڪمال اهوئي آهي، ته روزنامچي جي شڪل ۾ نه هجي، پر ان ۾ زندگي، ماڻهو، سماج، تهذيب، ثقافت جي تصوير ۽ تحريڪ هجي، ان کانسواءِ ان سلسلي ۾ تاريخي مثالن ۽ حوالي جو هئڻ به ضروري هوندو آهي، اهي سڀ هڪ تخليقي سفرنامي جا لوازمات آهن، اسان جي دوست ۽ ساٿي ذوالفقار هاليپوٽي جو هيءُ سفرنامو، سفرنامي جي جديد فني گهرجن تي پورو لهي ٿو.
    مون کي وڏيءَ حد تائين اميد آهي، ته سنڌ جا ماڻهو توڻي سنڌ کان ٻاهر موجود سنڌي هيءُ سفرنامو پڙهي، ان مان لطف ماڻيندا. هونءَ ته آمريڪا ۽ دنيا جا ٻيا ملڪ، گهڻن ئي پڙهندڙن، ٿي سگهي ٿو، ته گهميا هجن، پر جنهن اک سان اسان جي دوست ذوالفقار ڏٺي ۽ ڏيکاري آهي، ان جي پنهنجي هسناڪي ۽ دلپذيري آهي، ان جو هڪ الڳ لطف ۽ سواد آهي. خاص طور سندس لکت ۾ بيان ڪيل ٻولي سولي ۽ سٺي آهي، اها ٻولي جيڪا عام طرح شهرن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. آئون سچ پچ ته ههڙي سفرنامي لکڻ تي کيس واڌايون ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهان


    پروفيسر اعجاز قريشي
    88، مسلم هائوسنگ سوسائٽي، حيدرآباد
    فون نمبر: 3040737-0300
    تاريخ: 9- جون 2008ع


    مسافر جي راءِ - ذوالفقار هاليپوٽو

    سفر نامو ادب جي دنيا جي هڪ پاپولر صنف آهي. هر ٻوليءَ جي ادب ۾ هن صنف تي شايد ئي اهڙو ڪو ليکڪ هجي جنهن طبع آزمائي نه ڪئي هجي. پنهنجي ماحول کان ٻاهر نڪري نوان ماڻهو، نئين موسم، نوان زمانا، نوان ٽرينڊ ۽ سماج ڏسڻ سان ذهن ۽ دل کي سوچڻ، سمجهڻ ۽ پوءِ ان جي اظهار يعني لکڻ لاءِ ڪيترائي موضوع ۽ خيال ملن ٿا ۽ ان جي اظهار جو موقعو به ليکڪ پنهنجي هٿ مان وڄڻ نٿو ڏي .
    دنيا جا ڪيترائي ملڪ گهمندي ٻين ليکڪن وانگر منهنجي به من ۾ هر وقت اهو خيال جوان رهندو آيو آهي ته هر سفر، هر پنڌ ۽ آوارهه گرديءَ بابت هر دفعي ڪو نئون ڪتاب لکجي. منهنجو پرڏيهي سفر گهڻو ڪري هڪ عام ۽ رواجي Conventional) ( سياح کان وڌيڪ، ڪانفرنسن، سيمينارن، ٽريننگز ۽ ورڪ شاپس جي شريڪ طور رهيو آهي تنهن ڪري هميشه اهو سوچيندو رهندو آهيان ته اهڙي سفرنامي کي پڙهي ماڻهو سخت بيزار ٿيندا جنهن ۾ رڳو خشڪ ڪانفرنسن جي ڪارواين جا تفصيل هجن. پڙهندڙ ته سفرنامي وسيلي اهي سڀ ماڳ، جايون، ثقافتون، ماڻهو ۽ سماج ائين ئي محسوس ڪرڻ گهري ٿو. جيئن هڪ سياح ڏسي ٿو ۽ محسوس ڪري ٿو ۽ اسين ڪم کان ٻاهر نڪري ڪا گهڻي دنيا ڏسي رهيا هجون ته ڪو اهڙو وڏو احوال لکون جيڪو پڙهندڙ کي ڪتاب تي خرچ ڪيل رقم وصول ڪرائي سگهي.
    سو ائين هر ڀيري سفرنامي لکڻ جي جذباتي فيلصي تي نظرثاني ڪندي ڪنهن اهڙي سفر جي انتظار ۾ اکيون اوسيئڙي ۾ رهنديون آيون، جنهن سفر ۾ پنهنجي ڪم کان علاوه زماني جي ڪم جون ڳالهيون به هجن.
    ڳالهيون پيٽ ورن ۾ وڌي وڻ ٿيون
    پر هيل جڏهن آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين جي نمائنده جماعت سنڌي ايسوسيئشن آف نارٿ آمريڪا (SANA) جي صدر عزيز ناريجي پاران فلوريڊا ۾ ٿيندڙ سانا جي 23 سالياني اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ جو سڏ مليو ۽ آمريڪا جي مختلف علائقن مان دوستن پاران چڪر ڪاٽڻ جون دعوتون ملڻ شروع ٿيون ته هيل اها اُميد پيدا ٿي ته ايترو گهمڻ ڦرڻ ٿي ويندو جو ڪجهه لکي سگهجي ۽ پڙهندڙ به ان سفرنامي جي روداد کي انجواءِ ڪري سگهن.
    هونئن ته ڪيترن ئي وڏن توڙي ننڍن ۽ مشهور توڻي غير معروف ليکڪن جا سفر ناما پڙهيا اٿم ۽ ڏٺو اٿم ته هر ليکڪ جو پنهنجو اسٽائيل ۽ شيئن کي پيش ڪرڻ جو پنهنجو مخصوص انداز آهي. سنڌيءَ ۾ سفرنامن جو وڏو نالو الطاف شيخ آهي، جنهن پنهنجي پاپولر لکڻين زريعي سنڌي ادب پڙهندڙ کان علاوه عام ماڻهن کي به سفر ناما پڙهڻ جي اهڙي عادت وڌي آهي جو هر ڪو الطاف جي سفر نامن جي ذريعي پوري دنيا ائين گهمي رهيو آهي ڄڻ هو ليکڪ سان گڏ انهن هنڌن، ماڳن ۽ ملڪن ۾ موجود هجي.
    سفر نامي جو اهو شاندار پاپولر ٽرينڊ سنڌي ادب ڏانهن الطاف شيخ جي وڏي ڪنٽريبيوشن آهي. هڪڙا سفرناما روايتي مسافر واري انداز م لکيا وڃن ٿا. سياسي ماڻهن جي پنهنجي شهر يا ملڪ کان ٻاهر جي دنيا کي ڏسڻ جي پنهنجي منفرد اک هجي ٿي. هڪ شاعر ۽ اديب مسافريءَ کي پنهنجي تخليقي انداز ۾ بيان ڪرڻ جو انداز اپنائي ٿو. هڪ سماج سڌارڪ ۽ سماجي سائينسدان جا مشاهدا ۽ ان جي بيان جا رنگ پنهنجا هجن ٿا.
    ڪتاب جي هڪ اڻ کٽ دنيا موجود آهي. جيتوڻيڪ سفرنامن جي صنف کي روايتي ادب ۾ اڃا شايد ڪو خاص درجو حاصل ناهي يا ان ڏانهن ڪو خاص ڌيان نٿو ڏنو وڃي پر بهرحال سفرناما لکجندا رهن ٿا ۽ هرليکڪ پنهنجي پنهنجي حساب سان مختلف ياترائن جا مختلف اڪائونٽس پيش ڪندو رهي ٿو.
    آمريڪا ياترا جي حوالي سان هونئن ته سنڌي توڙي پاڪستان جي ٻين ٻولين خاص طور تي اردوءَ ۾ شاهڪار ڪتاب لکيا ويا آهن، سنڌي ءَ ۾ الطاف شيخ، تنوير عباسي، قاضي عبدالمجيد عابد، ڊاڪٽر حيدر سنڌي. اردو ٻوليءَ ۾ اردو تنقيد نگاريءَ جي وڏي نالي ڊاڪٽر سليم اختر جو ڪتاب ”آمريڪي ياترا“
    جنگ ڪراچيءَ جي ريزيڊنٽ ايڊيٽر ۽ مشهور ڪالم نگار محمود شام جو ڪتاب ”آمريکا کيا سوچ رها هي“ اي حميد جو ڪتاب ”آمريکا مت جيؤ“ ڊاڪٽر احمد نصير جو ڪتاب ”سفر پاري“ رضيه بٽ جو بهترين ڪتاب ”آمريڪي سفرنامه“ اسلامي اسڪالر پروفيسر محمد تقي عثماني جو ”دنيا ميري آگي“ ۽ جهان ديدهه ۾ شامل آمريڪي سفر جو باب ۽ ڪيترائي ٻيا ڪتاب به شامل آهن.
    منهنجي چند هفتن جي آمريڪي ياترا جو هيءَ ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ آهي. آمريڪا دنيا جو هڪ اهڙو دلچسپ ملڪ آهي جنهن جو هڪ ڀيرو دورو ڪرڻ جي خواهش دنيا جي هر ماڻهوءَ جي دل ۾ آهي.مهرباني ڪري مون کي به انهيءَ ڳڻپ ۾ شمار ڪيو وڃي. جيئن پاڪستان ۾ لاهور لاءِ مشهور آهي ته جنهن لاهور نه ڏٺو اهو ڄڻ ڄائو ئي ڪونه- ائين ئي عالمي سطح جي رولاڪيءَ جي ڏس ۾ جنهن آمريڪا نه ڏٺو ان ڄڻ دنيا ئي نه گهمي.
    هيءَ ياترا هڪ اهڙي ملڪ جي ياترا آهي جيڪو هن وقت دنيا جي اڪيلي سپر پاور رياست آهي. آمريڪا جيڪو هڪ پاسي پوري دنيا پاران تنقيد جو نشانو بڻيل آهي ته ٻئي پاسي هر باصلاحيت ماڻهوءَ لاءِ بهترين موقعا (Opportunities ) فراهم ڪندڙ جنت ارض طور مشهور آهي.
    آمريڪا، هڪ نظريي موجب پوري دنيا ۾ هڪ پاسي پنهنجي جارحيت واري پاليسن ۽ اڳرائين ڪري عالمي امن لاءِ سڀ کان وڏو خطرو تصور ڪيو ٿو وڃي ته ٻئي پاسي ڪنهن ٻئي نظريي موجب ساڳيو آمريڪا دنيا جي سڀ کان بهترين جمهوري رياست ۽ پنهنجي عوام کي سماجي انصاف فراهم ڪندڙ ڌرتي آهي. بين الاقوامي سياست جي تناظر ۾ دنيا جي تقريباً هر خطي ۽ ملڪ اندر زبردست سياسي ۽ دفاعي اثر رکندڙ آمريڪا – 11/9 واري دهشت گردي کان پوءِ هڪ بدليل آمريڪا آهي. جن ماڻهن آمريڪا کي 11/9 تي ٿيندڙ دهشتگردي ۽ نيويارڪ جي ٽوئين ٽاورز واري سانحي کان اڳ ۽ پوءِ ڏٺو آهي انهن جو خيال آهي ته 11/9 کان پوءِ آمريڪي سياست، آمريڪا جي اثر هيٺ رهندڙ بين الاقوامي سياست، آمريڪي سماج، آمريڪا ۾ دنيا جي ٻين خطن جا رهندڙ ماڻهو ۽ ماحول ۽ سڀ ڪجهه بيحد تبديل ٿي چڪو آهي.
    آئون جون 2007 ۾ هڪ اهڙي ئي آمريڪا ۾ داخل ٿي رهيو آهيان جيڪو منهنجي ذهن ۾ موجود آمريڪا کان گهڻو بدلجي ويل هڪ اهڙو ملڪ آهي جتي سياسي، معاشي ۽ ثقافتي آزادي، جمهوريت ۽ انساني حقن جا نظريا مٽجي چڪا آهن. جتي آمريڪي سماج ۽ عوام پنهنجي ئي حڪومت جي جارحيت خلاف اٿي کڙو ٿيو آهي. تنهنڪري آمريڪي حڪومت ۽ آمريڪي عوام کي الڳ الڳ ڪري ڏسڻ جي ائين ئي ضرورت آهي جيئن پاڪستاني عوام ۽ جنرل مشرف جي گذريل آمراڻي ۽ غير آئيني اقتدار کي الگ ڪري ڏسڻ جي ضرورت هئي.
    آءٌ اهڙي آمريڪا کي رڳو مجسمن ۽ عمارتن آڏو يا پارڪن ۾ فوٽو ڪڍرائي سفر نامو لکڻ واري دقيانوسي اسٽائيل مان ٻاهر ڪڍي هڪ اهڙي انداز ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهران ٿو جنهن ۾ هن ڪتاب جي پڙهندڙ کي آمريڪي رياست، آمريڪي سماج، آمريڪي ماڻهن جي نفسيات، آمريڪا جي سياست جي سنڌي سماج تي اثر، آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين جي طرز زندگي، سفارت ڪاري ۽ لابنگ جي دنيا جي سڀ کان وڏي مرڪز ڪيپيٽال هل ۾ سنڌ جي سياسي مؤقف جي ضرورت ۽ اهميت، سنڌين جي لاءِ آمريڪا وڃڻ جون ڪوششون ڪرڻ ۽ اتي پيش ايندڙ ڏکيائين ۽ انهن جي حل لاءِ منصوبه بندين جي ضرورت، آمريڪي ۾ ڪم ڪندڙ سنڌي تنظيمن جي ڪم ۽ اثر بابت تفصيلي ۽ تنقيدي ڄاڻ ملي سگهي.
    هن ڪتاب رستي اها ڪوشش ڪرڻ گهران ٿو ته سفرنامي لکڻ جي اصل روح ۽ مينڊيٽ کي ڇيرڻ کان سواءِ پڙهندڙن کي هڪ اهڙي گائيڊ بڪ فراهم ڪجي جو مستقبل ۾ گهمڻ ڦرڻ، پڙهائي توڙي مستقل اميگريشن لاءِ واجهائيندڙ سنڌين کي ويزا پراسيس کان وٺي آمريڪي ايئرپورٽس تي موجود ويزا کان به ڏکئي مرحلي يعني اميگريشن ۽ رجسٽريشن کان ٿيندي آمريڪي سوسائٽي ۽ ماڻهن کي سمجهڻ لاءِ هڪ روڊ ميپ طور ڪم اچي.
    ائين ڇو آهي جو هڪڙي ئي ايئرپورٽ تي لهندڙ هڪ ئي جهاز جي ٻن مسافرن مان هڪ کي آمريڪي ايئرپورٽ تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهاريو وڃي ٿو ۽ ٻئي مسافر کي پوري اميگريشن ۽ رجسٽريشن پراسيس اڪلائڻ ۾ هڪ ڪلاڪ مس لڳي ٿو. ان جا ڪارڻ ڪيترائي آهن جن ۾ اوهان جو پاسپورٽ، اوهان جو ڊريس ڪوڊ، اوهان جو اعتماد، اوهان جي ٻولي، اوهان پاران فراهم ٿيندڙ صحيح يا غلط معلومات وغيره اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. اڳيان هلي انهن سببن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪبي ته جيئن بظاهر ڏکين پر آسانيءَ سان ضابطي هيٺ ايندڙ اهي ڪارڻ آمريڪا جي سفر لاءِ تياريون ڪندڙ نون مسافرن کي ڪم اچي سگهن.
    هر شخص زندگيءَ جي هر سفر کي قلم بند ڪرڻ چاهي ٿو پر هو ائين نٿو ڪري سگهي ۽ هر مسافر هر سفر جي روداد بيان ڪرڻ جي اهل به ناهي. زندگيءَ جا ڪيترائي خوبصورت پنڌ، ناقابل فراموش رولاڪيون، پنهنجن پيارن سان گڏ پرديس ۾ گهاريل گهڙيون، هر هر ياد ايندڙ آوارگيون ۽ زندگيءَ جا ڪيترائي اڻ وسرندڙ سفر رڳو ڳالهين ۾ ئي بيان ڪندي ڪندي فنا ٿي ويندا آهن. تيزيءَ سان گذرندڙ وقت ۽ مختصر ٿيندڙ حياتيءَ ۾ وري زندگيءَ جا ڪي اڃان نوان سفر انهن يادگيرن کي ري پليس ڪندا ويندا آهن. انساني ذهن هر وقت تبديليءَ جي خطرناڪ خواهش هيٺ، هر وقت تازين شين مان مزي وٺڻ جي نفسيات رکي ٿو تنهن ڪري پراڻيون ڳالهيون، قصا، ماڳ، سفر، پراڻا دوست يار، سفر ۾ گڏ هلندڙ ساٿي ۽ سانگي ۽ انهن سان شيئر ڪيل ڳالهيون ۽ ٽهڪ سڀ ويسر جي کوهه ۾ ڪرندا ويندا آهن. قدرت انساني ذهن جو سافٽ ويئر ڪجهه ايئن ٺاهيو آهي جو نئون مواد اڳيان اچڻ ڪري پراڻو مواد پاڻ مرادو آٽوميٽڪ طريقي سان ڊيليٽ ٿيندو ويندو آهي. اهڙي خيال جي ذهن ۾ هر هر اچڻ ڪري اهو پڪو پهه ڪيم ته ان کان اڳ جو دل کي گرمائيندڙ ۽ قلم جو رخ ڦيرائيندڙ ڪو ٻيو سفر هن تاريخي آمريڪي ياترا جي يادگيرن کي زور سان ٺونٺ هڻي ويسر جي کوهه ڏانهن ڌڪي، ڇو نه لکي وٺان ان سادي سفر جون ساديون ڳالهيون – ان شاهوڪار ملڪ ۾ رهندڙ شاهوڪار دل رکندڙ سنڌي دوستن جون خبرون –
    هي ڪتاب بنهه سادي انداز ۾ لکي پنهنجي سموري سفر کي ائين بيان ڪرڻ ٿو گهران ته جيئن پڙهندڙ پاڻ کي مون سان هن سفر ۾ محسوس ڪن.
    حيدرآباد ۾ آمريڪي پاسپورٽ ۽ ويزا لاءِ ضروري دستاويز جمع ڪرائڻ واري اٿورائيزڊ سروس اسپيڊ ايڪس جي پراسيس کان ٿيندي شديد سرديءَ ۾ صبح جو ستين وڳي آمريڪي سفارت خاني جي ٻاهر ڊگهي قطار ۾ بيهي انٽرويو لاءِ پنهنجي واريءَ جي انتظار ڪرڻ تائين – فلوريڊا جي بين الاقوامي هوائي اڏي تي لهي اميگريشن ۽ رجسٽريشن ڪرائڻ کان وٺي واپسيءَ مهل واشنگٽن جي بين الاقوامي هوائي اڏي تي واپسيءَ جي رجسٽريشن ڪرائڻ تائين – آمريڪا ۾ گذاريل سموري وقت ۾ دوستن سان ملاقاتون، سنڌ بابت زبردست ڪچهريون، سياست تي گرما گرم بحث، سنڌين جي مستقبل بابت پيش ٿيندڙ مختلف نظرين تي اختلاف راءِ ۽ محبتن وارا جهيڙا – آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين جي قومي شناخت - سنڌ سان ،آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين جي ايندڙ نسلن جي وابستگي ۽ ڳانڍاپي جا بحث – آمريڪي سماج ۾ هر قابل صلاحيت ۽ ميرٽ واري ماڻهوءَ لاءِ موجود بيشمار موقعا – آمريڪي سياست ۽ سماج جو انساني حقن ، قومي آزادي ۽ جمهوريت جي عالمي تحريڪن تي اثر – دهشت گرديءَ، مذهبي انتها پسندي ۽ رجعت پرستيءَ خلاف جوڙيل آمريڪا جي نام نهاد جنگ ۽ ان بابت دنيا جي سيڪيولر ۽ پروگريسو ماڻهن جو موقف – پاڪستان اندر پائيدار جمهوريت ۽ سنڌين جي پنهنجي وطن تي حق حاڪميت جي سوال ۽ سنڌين جهڙي جمهوريت پسند ۽ روشن خيال قوم بدران نسل پرست ۽ لسانيت جو زهر ڦهلائيندڙ فاشسٽ قوتن کي آمريڪا جو آشيرواد – انهن کوڙ سارن گرم توڙي ٿڌي موضوعن تي جيئن ۽ جهڙي لهجي ۾ دوستن سان گفتگو ٿي، صحافين سان بحث مباحثا ٿيا، آمريڪي اسڪالرز ۽ ٿنڪ ٽينڪس سان مڪالما ٿيا. تنهن کي جيئن جو تيئن پيش ٿو ڪجي.
    آمريڪي ياترا کي ڪتاب جي صورت ۾ آڻڻ جو عزم انهيءَ ڪري به ڪيم ته جيئن اڄوڪي بدلجندڙ عالمي، علاقائي ۽ ملڪي صورتحال ۾ سنڌ ۽ سنڌين جي وجود کي درپيش نون چيلينجز، ان ڏس ۾ آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌي قوم جي سڄاڻ سپوتن جي سرگرمين، جدوجهد ۽ ڪمٽمينٽ کي به پڙهندڙ اڳيان پيش ڪيو وڃي. اڄ اسين هڪ عالمي ڳوٺ ۾ زندگي گذاري رهيان آهيون. عالمگيريت جو راڪاس پوري دنيا کي پنهنجي مڙني خامين ۽ خوبين سان هڪ مُٺ ۾ بند ڪري رهيو آهي. تنهن ڪري اهڙي مُٺ جي حاڪم آمريڪا بهادر جي سرزمين جو دورو ڪجي ۽ موٽي اچي اتان جي سياست جي نون رنگن، بدلجندڙ اقتصادي ۽ سماجي قدرن ۽ خاص طور تي 11/9 کان پوءِ واري آمريڪي سياست ۽ نظام جو احوال نه لکجي ته اها وڏي زيادتي هجي ها.
    منهنجي هن آمريڪي دوري جو مقصد سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (SANA) جي سالياني گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ اتي سنڌ جي پاڻي ڪيس بابت هڪ مقالو پڙهڻ هو. منهنجي دوري جو مقصد علمي ۽ سياسي هو جنهن کان پوءِ آرلينڊو، نيويارڪ ۽ واشنگٽن ۾ سنڌين، پاڪستان توڙي آمريڪي صحافين، دانشورن، سول سوسائٽي جي ليڊرن ۽ ٿنڪ ٽينڪس سان تمام گهڻين گڏجاڻين، ميٽنگز ۽ سيمينارن ۾ وڃڻ جو موقعو مليو تنهن ڪري اهو به ضروري سمجهيم ته دنيا جي سياست جي ڳڙهه وائيٽ هائوس ۾ اسان جي خطي بابت جن بنيادي تبديلين بابت سوچيو پيو وڃي، انهن متعلق به اوهان کي آگاهي ڏجي .
    منهنجو خيال آهي ته سفرنامي لکڻ بابت ڪابه مروج يا خاص ٽيڪنيڪ موجود ناهي ۽ نه ئي رديف قافئي يا بحر وزن جو ڪو مسئلو آهي. سفر نامو لکڻ ته بس ڳالهه مان ڳالهه ڪڍڻ جو آرٽ آهي . هڪ ڳالهه جي يادگيري ڪيترن ئي ٻين يادگيرن، واقعن، ماڻهن ۽ ماڳن کي ياد ڪرڻ جو سبب ڳولهي وٺندي آهي ۽ منهنجي خيال ۾ ته ان سموري يادگيريءَ جي اُٿل پُٿل کي بي ترتيبيءَ سان ”جيئن جو تيئن“ پيش ڪرڻ ئي سفر نامي جي اصل خوبصورتي آهي. سفر نامو لکڻ ڪا نوڪري يا اسائينمينٽ ته آهي ئي ڪونه جو ويهي ڪا ڊگهي منصوبه بندي ڪجي پر مون ڪن اهم معاملن کي، جن جو سمجهڻ اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ ۽ خاص طور تي آمريڪا گهمڻ يا سيٽل ٿيڻ جي خواهش مند سنڌين لاءِ ضروري آهي انهن اشوز کي هڪ اهڙي منصوبه بنديءَ سان لکيو اٿم ته جيئن آمريڪي سماج ۽ سياست، اتان جي عوام ۽ اتي رهندڙ سنڌين بابت بنيادي انڊراسٽيڊنگ موجود هجي.
    هي ڪتاب لکندي ۽ سفر دوران مختلف ڪاڳرن تي ورتل پنهنجا نوٽس پڙهندي ۽ آمريڪا جهڙي خوبصورت ملڪ تي اڳ ۾ لکيل ڪيترائي زبردست سفرناما پڙهندي مون کي پاڪستان جي مشهور براڊ ڪاسٽر قمر علي عباسي جي ڪتاب ”آمريڪا مت جيؤ“ ۾ لکيل ”راز کي بات“ پڙهي ڏاڍي کل آئي. آئون اوهان سان سندس لکڻيءَ جو اهو ٽڪرو شيئر ڪرڻ چاهيان ٿو. ”هڪ همراهه جي دل جو آپريشن ٿي رهيو هو. اچانڪ هن جي دل جي ڌڪ ڌڪ بند ٿي وئي ۽ همراهه هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. مٿي پهتو ته سندس هر پاسي زبردست آڌرڀاءُ ٿي- جنت جا چوڪيدار کيس مڪمل پروٽوڪول ڏئي اندر وٺي آيا- اتي موجود جنت جي فرشتن کيس وڏا ڀاڪر وڌا – حورن ڳچيءَ ۾ ڳانا وڌا، گلن جا هار پارايا ۽ کيس آرام ڪرڻ جي صلاح ڏني. ڪمري ۾ داخل ٿيندي ئي کيس هر پاسي کير جون ڍنڍون، ماکيءَ جا کوهه، انگورن ۽ صوفن جا ڍير، گل ۽ ڇا ڇا نه نظر آيو – پکي پکڻ ۽ هلڪي بونداباري – بس جنت جو جيڪو تصور هن جي ذهن ۾ هو، هن جنت کي ان کان به وڌيڪ حسين ڏٺو. ٿوڙي دير کان پوءِ خوبصورت حورن جو هڪ جٿو سندس ويجهو آيو ۽ پيار سان چوڻ لڳو. ”سائين ٻڌاءِ هاڻ تنهنجي ڪهڙي رضا آهي.“
    اهو ٻڌڻ شرط ئي هن جي اک کلي وئي. دل ٻيهر ڌڙڪڻ لڳي. ڊاڪٽر، مٽ مائٽ، اولاد، دوست يار سڀ خوش ٿي ويا ته همراهه مرڻ کان بچي ويو. ان ڳالهه کي ٿورڙو وقت گذريو ته همراه حقيقت ۾ مري ويو. مٿي ويو ته ڊگهي ۽ ٿڪائيندڙ قطار، نه چوڪيدار، نه داروغا، نه حورون، نه پروٽوڪول، ماڻهن جي پيهه مان ڌڪا ٿاٻا کائيندو - رڙهي رڙهي مس وڃي اندر پهتو ته اتي به نو لفٽ – نيٺ هڪڙي فرشتي کي ٻک وجهي قابو ڪيائين ۽ منٿون ڪندي چيائين ته مهرباني ڪري مون کي ٻڌايو وڃي ته آئون ماڻهو ته ساڳيو آهيان پوءِ ڀلا هيل ڪير پُڇي ئي ڪونه ٿو........ سندس ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي فرشتي وراڻي ڏني ”بابا پهرين تون مهمان هئين هاڻ مستقل قيام لاءِ پهتو آهين.“
    سو قمر عباسيءَ واري ڳالهه ته اسين به چند ڏينهن جا جو مهمان هئا سين ته سنگت آمريڪا جنت بڻائي ڏنو. رهائشون، گهمائڻ ڦرائڻ، کائڻ ”پيئڻ“– گاڏيون موٽرون – ڀاڙا ڀُتا سڀ سندن مٿي تي - خرچ ٽڪو به ٿيڻ نه ڏنائون- ڪير تصور ڪري سگهي ٿو ته هن دور ۾ آمريڪا جو سير ڪجي ۽ سو ڊالر به خرچ نه ٿين.
    پر ان ڳالهه جو هر وقت احساس رهندو هو ته هي سمورا دوست انتهائي مصروف سوسائٽيءَ جو حصو آهن، جتي وقت ڏوڪڙن کان به وڌيڪ قيمتي سرمايو آهي. تنهن ڪري سگنت تي بار گهٽ وجهجي پر دوستن فلوريڊا کان وٺي واشنگٽن تائين هڪ منٽ لاءِ به الڳ ٿيڻ نه ڏنو . آمريڪا جو اهو سفر دوستن جي محبتن ۽ پيار جي ڪري بيحد تاريخي ٿي ويو ۽ ائين آئون ۽ ان سموري سفر ۾ منهنجو شريڪ سفر دوست نصير ميمڻ ڪجهه هفتا آمريڪا ۾ گهاري وطن واپس ورياسين.
    سفر ۾ ائين به ٿيندو آهي ته اوهين جن دوستن جي آسري تي پنڌ ڪري رهيا هوندا آهيو ۽ منزل تي پهچڻ کان پوءِ انهن جو ڏس پتو به ڪونه هوندو آهي ۽ وري ڪي نوان ماڻهو اوهان کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيندڙ قرب ۽ محبت جو مظاهرو ڪندي اوهان جي ائين سارسنڀال لهندا آهن جو اوهان حيران ۽ پريشان ٿي ويندا آهيو. مون سان به هن سفر ۾ ائين ئي ٿيو حيدرآباد ۾ سڄو ڏينهن واهه واهه ڪندڙ ڪي دوست، هر سفر گڏ ڪرڻ ۽ گڏ دنيا گهمڻ جون ڦوڪون هڻندڙ سنگت اتي موجود هجڻ جي باوجود به هڪ ڪلاڪ لاءِ به ويجهو نه آئي. جڏهن ته اتي رهندڙ اهڙن انسانن، جن سان رڳو اي ميلن ذريعي هلڪي ڦلڪي سلام دعا هئي ۽ انهن سان ڪڏهن ميل ملاقات به نه هئي انهن مهمان طور خيال رکڻ، محبتون ڏيڻ ۽ سارسنڀال لهڻ جا ريڪارڊ ئي ٽوڙي ڇڏيا.
    اسان جي ”وَکري“ دوست حسن مجتبيٰ سان ته منهنجو رشتو ئي ٻيو آهي. اسين هڪ ٻئي جا گهرڀاتي آهيون تنهن ڪري ان جي مهمان نوازيءَ تي ڇا لکان! نه آئون ان جي گهر ۾ مهمان هئس نه ئي ان جي فيملي منهنجي لاءِ ميزبان هئي. باقي اها زيادتي ٿيندي جو آئون سرفراز ميمڻ ۽ سندس حيدرآباد جي رهواسي دوست ڊاڪٽر جبار صديقي، علي نواز ميمڻ، تاج نظاماڻي، خالد هاشماڻي، آفتاب قاضي، اقبال ترين، حميرا رحمان ۽ عزيز ناريجي پاران ڏنل محبتن ۽ عزت جو جو ذڪر ريڪارڊ تي نه آڻيان.
    هن سفر دوران حيدرآباد مان آمريڪا ۽ ڪيناڊا لڏي ويل گهراڻن سان پڻ ملاقاتون ٿيون.آمريڪا ۾ رهندڙ سرگرم سنڌين سان ٿيندر گرما گرم بحثن جو احوال به موجود آهي. اهي سڀ احوال محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کان اڳ جا آهن. جيئن چيو ٿو وڃي ته 11/9 واري سانحي کان پوءِ آمريڪي ماڻهن جو زندگي مٽجي وئي بلڪل ائين ئي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ سنڌ ۾ رهندڙ سنڌين سان گڏوگڏ آمريڪا توڙي دنيا جي ٻين خطن ۾ رهندڙ سنڌين جي به زندگيءَ تي انهيءَ سانحي جو گهرو اثر پيو آهي.
    بيشڪ بي نظير جي شهادت سنڌين لاءِ 9/11 آهي
    هن ڪتاب ۾ محترمه بينظير ڀٽو ۽ سندس سياست جي حوالي سان جيڪو حال احوال موجود آهي سو هاڻي محترمه جي شهادت کان پوءِ يقيناً ڪن ٻين ۽ مختلف رخن ڏانهن مٽجي ويو آهي. خود آمريڪا ۾ به رهندڙ سنڌين جي تصورن، قدرن ۽ سياسي خيالن ۾ وڏي تبديلي آئي هوندي. محترمه جي شهادت کان اڳ پاڪستان، جمهوريت، سنڌ، وفاقي سياست، ايم ڪيو ايم، فوج ۽ ايجنسين جي سنڌ جي سياست ۾ مداخلت بابت جيڪي تصور ((Perceptions ۽ سياسي خيال ۽ نظريا(Political Thoughts)، آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين جي ذهنن ۾ هيا سي يقيناً هاڻي مٽجي چڪا هوندا. ويجهڙائيءَ ۾ ان فڪري تبديليءَ بابت مختلف وسيلن ذريعي انهن سان ڪافي بحث مباحثا ٿيا آهن پر روبرو ملاقاتن ۽ بحث مباحثن جو چُسڪو ۽ مزو ئي ٻيو آهيو، تنهن ڪري ايندڙ دوري ۾ انهن سان وري حال احوال ٿيندا.
    ڏٺي ڏينهن ٿيام، ڪُهه ڄاڻا ڪيڏانهن ويا!
    ولين جئين وريام، ڳالهيون ڳُڻَ پرينءَ جا!
    (لطيف)
    هن ڪتاب لکڻ لاءِ منهنجو پهريون اتساهه سنڌ جو اهو نوجوان ۽ ايندڙ نسل آهي جيڪو پڙهائي توڙي پنهنجي پيشه ورانه ڪيريئر لاءِآمريڪا کي اڄ به پنهنجو بهتر مستقبل سمجهي ٿو. جيڪي اتي تعليم حاصل ڪرڻ يا مستقل رهائش پذير ٿيڻ گهرن ٿا. ٻيو اُتساهه سنڌ سان عشق ڪندڙ، سنڌ ۾ توڙين سنڌ کان ٻاهر رهندڙ سنڌين کي هڪ ٻئي بابت نون لاڙن، قدرن، رجحانن ۽ تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ سياسي، معاشي ۽ سماجي نظرين ۽ تصورن کان آگاهي ڏيڻ آهي.
    آمريڪا کي هر شخص گار ڏئي ٿو، گهٽ وڌ ڳالهائي ٿو ۽ هر شخص انهيءَ آمريڪا ۾ رهائش پذير، پڙهڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ به چاهي ٿو . اهڙي پيار ۽ نفرت واري احساس واري هن عجيب وغريب ڌرتيءَ ۽ سماج ۽ اُتان جي ماڻهن جي انڊراسٽيڊنگ سنڌين لاءِ تمام ضروري آهي.
    آئون ذاتي طور تي ان راءِ جو آهيان ته اڄوڪي خطرناڪ ۽ پيچيده عالمي سياسي منظر نامي ۾ سنڌ کي هر ان سوسائٽي ۽ سياسي نظام کي سمجهڻو ۽ غور سان پڙهڻو پوندو جيڪو نه رڳو سنڌ ۽ پاڪستان بلڪه پوري ڏکڻ ايشيا تي اثر انداز ٿئي ٿو. سنڌين کي امريڪي سماج کي به سمجهڻو پوندو جيڪو پنهنجين خامين ۽ خوبين سان دنيا جي سمورن سماجن مٿان اثر اندار ٿيندو رهي ٿو.
    آمريڪا جيڪو هڪ پاسي افغانستان ۽ عراق سوڌو دنيا جي کوڙ سارن ملڪن ۽ خطن ۾ جمهوريت ۽ عوامي راڄ جي نفاذ جو سڀ کان وڏو مخالف آهي. سو آمريڪا پنهنجي ملڪ اندر پنهنجي سماج ۽ پنهنجي ماڻهن لاءِ انهن عالمي قدرن کي نافذ ڪيو ويٺو آهي ۽ انهن جو احترام ڪري ٿو. اسان کي اهي بنيادي تضاد سمجهڻا پوندا ۽ آمريڪي سوسائٽيءَ جي مڙني خوبين مان ائين فائدو وٺڻو پوندو جيئن ٻيون قومون وٺي رهيون آهن.
    اسان جون جيڪي گڏجاڻيون اسٽيٽ ڊيپارٽمينٽ جي اعليٰ عملدارن ۽ آمريڪي ٿئنڪ ٽينڪس سان ٿيون اتي ان ڳالهه جو احساس ٿيو ته هنن وٽ ڪنهن به سطح تي سنڌين جي هڪ سيڪيولر ۽ جمهوريت پسند قوم ۽ سنڌ جي صدين کان هڪ خود مختيار وطن هجڻ وارو تصور واضح ناهي. تڏهن خيال آيو ته ڇو نه ڪتاب ۾ انهن ملاقاتن ۽ گڏجاڻين جا تفصيل بيان ڪجن، جيڪي سانا ۽ ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ جي دوستن، اعليٰ آمريڪي عملدارن، اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۾ ويٺل ڏکڻ ايشيا کي ڏسندڙ ڊپلوميٽس، اعليٰ پاليسي ۽ تحقيقاتي ادارن جي سربراهن ۽ بين الاقوامي مالياتي ادارن جي نمائندن سان رکرايون هيون.
    هيءُ ڪتاب نج پج ذاتي مشاهدن، تجربن ۽ خيالن تي ٻڌل هڪ اهڙو اڪائونٽ آهي جيڪو سنڌي پڙهندڙن ۽ سنڌ سان محبتن ڪندڙن جي لاءِ لکيو اٿم. منهنجي راءِ ۽ ايپروچ سان سهمت ٿيڻ ضروري ناهي پر هي ڪتاب آمريڪا، آمريڪي سوسائٽي ۽ سنڌي سماج جي هڪ جهڙائين ۽ تضادن بابت ڪافي ڳالهيون سمجهڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.
    مقصد کان وانجهيل ڪنهن به هڪ اکر جي حيثيت اجائي بار يا غير ضروري وزن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي- مقصديت ئي خيال ۽ تصور جي حيثيت، هئيت ۽ مستقبل جو تعين ڪندي آهي. مون وٽ به هيءُ ڪتاب لکڻ وقت ذهن ۾ هڪ مقصد آهي. اهو مقصد اهو آهي ته سنڌي سماج آمريڪا جهڙي عالمي سماج، عالمي قوت ۽ عالمي سياست جي قبلي کي ضرور سمجهي.آمريڪي تاريخ، سياست ۽ سماج پڙهڻ کان سواءِ ممڪن ئي نه آهي ته کوڙ سارابين الاقوامي سطح جا سياسي معاملا ۽ پيچيدگيون سمجهه ۾ اچي سگهن.
    مون جتي جتي جو سير ڪيو – جيڪي جيڪي منظر ڏٺا- هر هنڌ ۽ مقام، هر جڳهه، هر آفيس، هر شخص، هر گهٽي هڪ مڪمل ڪهاڻي هئي جيڪا سڌي يا اڻ سڌي طرح سنڌي سماج تي اثر انداز ٿيندڙ آهي. اهو سمورو احوال ڪوشش ڪئي اٿم ته هن ڪتاب ۾ اچي سگهي، ڇاڪاڻ ته منهنجي لاءِ اهي سڀ معاملا نه رڳو منهنجي پنهنجي سِکيا ۽ انڊر اسٽينڊنگ لاءِ ضروري هئا. پر منهنجي خواهش ته اهي سڀ احوال اسين سڀ غور فڪر سان سمجهون.
    ڪتاب جو پڙهندڙ ئي دراصل ڪتاب جو بهترين نقاد ٿي سگهي ٿو. تنهن ڪري پڙهندڙن جي راءِ، تنقيد، تبصرو ۽ ڪامينٽري منهنجي لاءِ وڏو سرمايو هوندو. سموري سفر ۾ هڪ ٻئي همسفر جو گڏ هجڻ ، هر ڳالهه ۽ خيال جو ٿڏي تي پوسٽ مارٽم ڪري، ان تي بحث ڪرڻ ۽ پوءِ شين جو تقابلي جائزو وٺي پنهنجي راءِ قائم ڪرڻ واري مشق مون کي ڪافي معاملا سمجهڻ ۾ مدد ڏني.
    نصير ميمڻ ۽ آئون فلوريڊا جي هوائي اڏي تي لهڻ کان وٺي واشنگٽن ڊي سي جي هوائي اڏي تان وطن رواني ٿيڻ تائين گڏوگڏ هئاسين، تنهنڪري ڪيترين ئي ڳالهين ۽ شين کي مون ٻن بدران چئن اکين سان ڏٺو ۽ هڪ ذهن بدران ٻن ذهن سان پرکيو.
    هيءُ ڪتاب حسن مجتبيٰ جي جلاوطنيءَ جي درد کي سندس نظمن ۾ محسوس ڪندي ۽ سرفراز ميمڻ، علي نواز ميمڻ ۽تاج نظاماڻيءَ جهڙن دوستن جي محبتن ۽ اُتساهڻ سبب لکجي سگهيو آهي. هيءَ ڪاوش ڀائو مولابخش چانڊيي ۽ محمود لغاري جي هر هر زور ڀرڻ ۽ پنهنجي ليکي مسودو فائينل ڪرڻ جي ڊيڊ لائنز مقرر ڪرڻ وارن محبتن جي ڪري ممڪن ٿي سگهي آهي.
    حسب دستور پنهنجي گهرواري منيزه جي سپورٽ ۽ محبت کان سواءِ لکڻ ممڪن ئي نه ٿي سگهي ها.پنهنجي ٻچن نساء ، سيف ۽ سعد سان مستيون ڪندي، وڙهندي، سندن چاڪليٽ ۽ رانديڪا هيٺ مٿي ڪندي پورو ڪيل هيءُ ڪتاب، انهن جي شرارتن مان ملندڙ روحاني سگهه ۽ اُتساهه کان سواءِ ڪڏهن به نه لکي سگهان ها.
    آئون هن ڪتاب جي مڪمل ٿيل جي پراسيس ۾ پنهنجي دوستن ابرار قاضي ۽ اعجاز قريشي جي مدد جو ٿورائتو آهيان. بختيار ڀٽو جي ڪمپوزنگ، فضل الرحمان جي خوبصورت ٽائيٽل ڊزائيننگ، نديم سولنگي جي موهيندڙ ٽيڪنيڪل لي آئوٽ ۽ سنڌيڪا جي نور احمد ميمڻ جي محبتن ۽ محنتن جو ئي نتيجو آهي جو اڄ هي ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ آهي.
    آئون سمجهان ٿو ته پروف جون غلطيون ۽ چڪون شايد ايتريون اهم نه آهن جيتري ڪنهن خيال کي پيش ڪرڻ يا ان تي تبصري دوران اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ٿيل ڪنهن اهڙي تاريخي ريفرنس جي چُڪَ جيڪا سموري خيال يا ڳالهه جو مقصد ئي مٽائي ڇڏي. تنهن هوندي به آئون ليکڪ جي حيثيت ۾ هن ڪتاب ۾ موجود هر هڪ چُڪ ۽ غلطيءَ جو پاڻ کي ذميوار ڪيان ٿو ۽ پڙهندڙن کان اڳواٽ معافي گهران ٿو ته اهڙي ڪابه غلطي ڄاڻي واڻي نه ڪئي وئي هوندي.
    ڪهڙي منجهه حساب ، هئڻ منهنجوهوت ري
    (لطيف)

    ذوالفقار هاليپوٽو
    منيزه جو گهر
    15/A لطيف آباد نمبر 3 حيدرآباد
    پهرين جون 2008


    دعوت نامو

    مارچ 2007 جي هڪ وڻندڙ صبح جو تقريبًا ڏهين وڳي گهر کان پنهنجي آفيس وڃي رهيو هئس ته رستي تي موبائيل فون جي گهنٽي وڳي. راڻي باغ واري مين سگنل تي گاڏي رڪجي چڪي هئي. سڪرين تي منهنجي دوست، سنڌ الاجي جي ڊائريڪٽر ۽ سنڌي ٻولي ۽ ڪهاڻيءَ جي نامياري نالي شوڪت شوري جي آفيس جو فون نمبر پڌرو ٿي چڪو هو. هيلو ڪري سلام ڪيم ته شوڪت پڇيو ته ”ڪٿي آهين؟“ مون آفيس ڏانهن وڃڻ واري ڳالهه ڪندي پڇيو ڇا حال احوال آهي؟ هن وراڻي ڏني ته آفيس پهچي کيس فون ڪيان.
    حيدرآباد جي ٿڌي سڙڪ تي واقع پنهنجي آفيس ٽريول زون تي پهچي کيس فون ڪيم – حال احوال ڪرڻ کان پوءِ ٻڌايائين ته آمريڪا مان هڪ لفافو آيو آهي. جن ۾ 2007 جي سانا جي ڪنويشن جي دعوت پهتل آهي.
    هونئن ته ڪافي سالن کان آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين، انهن جي سياسي ۽ سماجي سرگرمين بابت خبرون پونديون رهنديون هيون. پر جڏهن کان انٽرنيٽ ڪلچر متعارف ٿيو آهي، تڏهن کان اهي رابطا اڃا به وڌيڪ تيز ۽ مضبوط ٿيا آهن. سو پهريون ئي خيال دل ۾ اهو آيو ته جيڪڏهن نصيب ۾ اهو سفر هوندو ته سنڌين جي اها دنيا ڏسڻ جو موقعو ملندو.
    دعوت آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين جي سڀ کان وڏي سماجي تنظيم سنڌي ايسوسيئيشن ان نارٿ آمريڪا (SANA) جي صدر عزيز ناريجي پاران موڪلي وئي هئي، جنهن ۾ ڄاڻايل هو ته سانا ڪانفرنس آمريڪا جي رياست فلوريڊا جي بين الاقوامي شهرت يافته ٽورئيسٽ شهر آرلينڊو ۾ رکي وئي آهي، جنهن جو عنوان هن سال ”سنڌو درياهه بچائڻ“ رکيو ويو آهي. ٻن ڏينهن تي ٻڌل ان ڪانفرنس ۾ سانا جا انتظامي معاملا، عورتن جي نشست، ڪميونٽي شوز .فني ۽ ادبي، ثقافتي ۽ سياسي سيشن رکيا ويا آهن. گڏوگڏ ڪانفرنس ۾ ٻارڙن ۽ عورتن جي هڪ ٻي سان هڪجهڙائپ ۽ ملاقاتن لاءِ خاص ٽيبلوز ۽ ٻيا سيشن پڻ شامل آهن.
    ان ڪانفرنس جي ايجنڊا ته عزيز ناريجو اڳ ۾ ئي اي ميل رستي سڀني کي موڪلي چڪو هو، پر باضابطه دعوت نامي موڪلڻ جو مقصد انهن ڪاغذن کي آمريڪي ويزا جي حصول لاءِ گهربل ٻين دستاويزن ۽ ڪاغذن سوڌو آمريڪي سفارتخاني ۾ جمع ڪرائڻ هو ته جيئن ويزا ملڻ ۾ سولائي ٿي سگهي.
    دعوت نامي جي تفصيل ۾ اهو لکيل آهي ته آمريڪا ۾ رهندڙ ريڊ انڊينز جو مشهور اڳواڻ رسل سنڌي ڪميونٽي جي آخري فيملي ڊنر کي خاص خطاب ڪندو. پروگرام جي فني نشست ۾ انجنيئر ادريس راجپوت، نصير ميمڻ ۽ آئون شامل آهيون. ڇاڪاڻ ته هن سال سانا پنهنجي فني نشست جو مک موضوع درياهه رکيو آهي، تنهن ڪري پاڻيءَ سان لاڳاپيل يا ان تي لکندڙن کي مقرر طور گهرايو ويو آهي.
    سياسي سيشن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ مخدوم امين فهيم، مسلم ليگ نواز جي احسن اقبال، پاڪستان پيپلز پارٽي جي چوڌري اعتزاز احسن، تحريڪ انصاف جي عمران خان وغيره کي گهرايو ويو آهي. سنڌي ٻولي ۽ ثقافت ۽ آرٽ واري سيشن ۾ جڳ مشهور آرڪيالاجسٽ پائيلو بياجي، پنجابي ٻولي جي ليکڪ واشنگٽن مان انٽرنيٽ تي نڪرندڙ رسالي ويچار ۽ پاڪستان جي مشهور اخبار ڊيلي ٽائيمز جي ڪالمسٽ ڊاڪٽر منظور اعجاز جا تحقيقي مقالا شامل آهن. دعوت نامي ۾ موجود ايجنڊا انتهائي ڀرپور هئي ۽ خوشي ٿي رهي هئي ته جيڪڏهن ويزا لڳو ته ان ڪانفرنس کي خطاب ڪبو ، ٻين دوستن کي ٻڌبو ۽ وڏي ڳالهه ته آمريڪا گهمبو.
    سانا، آمريڪا جهڙي طاقتور سماج ۾ سنڌين جي هڪ پروگريسو ۽ جمهوريت پسند، آمريڪي شهريت هجڻ ڪري ان سماج جي ذميوار شهري هجڻ واري تعارف جي هڪ اهم نشاني ۽ ڌر آهي. سانا جي اهڙي اميج جي ڪري ورلي ڪو اهڙو ماڻهو هوندو، جيڪو سانا جي دعوت نامي کي ٺڪرائيندو.
    ائين ئي مون به اهڙي دعوت نامي کي پنهنجي لاءِ فخر جي ڳالهه سمجهيو هو ۽ پڪو پهه ڪيو هيم ته ان ڪانفرنس ۾ ضرور شرڪت ڪبي.
    شوڪت شوري وٽ هيوسٽن مان پوسٽ ڪيل عزيز ناريجي واري لفافي ۾ ڪافي دوستن لاءِ دعوتون آيل هيون. آئون دعوت ملڻ کان پوءِ ان تياري ۾ لڳي ويس، جيڪا انڪل سام جي ملڪ آمريڪا پهچڻ لاءِ بيحد ضروري هجي ٿي.


    اسلام آباد روانگي

    آمريڪا جي ويزا حاصل ڪرڻ اڄوڪي دور ۾ ڪي ٽو جبل تي چڙهڻ کان به ڏکيو ڪم سمجهيو وڃي ٿو. دنيا جي ٻين حصن وانگر سنڌ مان به روز هزارين ماڻهو آمريڪي ويزا جي حصول لاءِ ڪوششون ڪن ٿا. 11/9 واري واقعي کان پوءِ ته اهو سلسلو اڃا ڏکيو تر ٿيندو پيو وڃي. ويزا حاصل ڪرڻ واري کڙڪيءَ تي پهچڻ کان اڳ هڪ عذاب ڏيندڙ ۽ صبر آزما مرحلو آهي، جيڪو هر درخواست گذار کي ڪراس ڪرڻو پوي ٿو.
    اهڙي جاکوڙ ۾ حصيدار ٿيندي سانا جو دعوت نامو، ٽيڪس جي رسيد، بئنڪ جا پنا، ڪوثر ڀٽي صاحب پاران اسپانسرشپ ڏنل هڪ بي حد وزني بئنڪ اسٽيٽمينٽ،آمريڪي رسالن ۾ ڇپيل چند مضمون ۽ خط ۽ ٻيا ضروري دستاويز کڻي، درخواست فارم (جيڪو هاڻ هٿ بدران ڪمپيوٽر تي ڀرڻو پوي ٿو) پنهنجي هٿن سان پُر ڪري حيدرآباد ۾ آمريڪي ويزا جون درخواستون وصول ڪرڻ جي Authorized اداري اسپيڊ ايڪس جي هردلعزيز انچارج رند صاحب وٽ اهو فارم ۽ ضروري ڪاغذ جمع ڪرايم. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ رند صاحب جو فون آيو ته منهنجي انٽرويو جي تاريخ ۽ پاسپورٽ واپس اچي ويو آهي. جيڪو سندس آفيس مان کڻي وٺان. رند صاحب جو ڪم سڄو ڏينهن انهن معاملن کي ڏسڻ آهي، سو ٻڌايائين ته تڪڙي تاريخ ملي آهي، جنهن جو مطلب آهي ته ويزا لڳي ويندو. هن ٻڌايو ته ان کان اڳ به جامي ۽ ڪجهه ٻين دوستن جا پاسپورٽ ۽ انٽرويو جي تاريخ تمام تڪڙي ملي آهي، جنهن مان لڳي ٿو ته انهن وانگر منهنجو به ويزا آسان آهي.
    هونئن به جيڪڏهن دستاويز صحيح آهن، فارم درست پر ٿيل آهي ۽ سانا جهڙي اداري جي دعوت آهي ته پوءِ ڏکيائي نه ٿيڻ گهرجي. دل کي اها تسلي ڏيندي پاسپورٽ ۽ انٽرويو جي ٽڪيٽ هٿ ۾ کڻي ٿڌي سڙڪ تي واقع ضلع ناطم آفيس ۽ سوڪ سينٽر جي وچ ۾ قائم پي آءِ اي آفيس جي مٿين فلور تان رند صاحب کان موڪلائي روڊ ڪراس ڪري پنهنجي آفيس اچي ويٺس.
    آمريڪي ويزا پروسيس جي ڄاڻ هجڻ ڪري اهو خوف ذهن ۾ هو ته جيڪر اڪيلي اسلام آباد ويس ته ڏاڍو خوار ٿيندس. تنهن ڪري سوچيندو رهيس ته ڪو ساٿي گڏ هجي ته اسلام آباد جو بور ڪندڙ سفر ڪاٽي سگهجي. يا ڪو دوست اسلام آباد ويندو هجي ته ساڻس گڏجي اهو پنڌ کُٽائجي.
    اها خواهش اڃا ڪنهن سان شيئر ئي نه ڪئي هيم ته ڀائو مولا بخش چانڊئي جو فون آيو ته ڪافي ڏينهن ٿي ويا آهن اسلام آباد جو چڪر ڪاٽيندي. مظهر الاسلام جون ڪچهريون، ميلوڊي مارڪيٽ جا چپلي ڪباب سپر مارڪيٽ جي ڪافي، جناح سپر جي فروٽ چاٽ ۽ جهانگير ريسٽورنٽ جو باربي ڪيو کائيندي، ڇو نه گهمي ڦري اچجي. سندس اهڙي ڳالهه ٻڌي ايتري ئي خوشي ٿي، جيتري ويزا لڳڻ مهل ٿي هئي. ڀائو سان هائوڪار ڪري آفيس ۾ ويٺل ڊوميسٽڪ ٽڪٽنگ جي انچارج طاهر کي اسلام آباد جون ٻه ٽڪيٽون ٺاهڻ جو چيم. ايتري دير ۾ ڀائو مولا بخش آفيس اچي پهتو ۽ اسلام آباد جي دوري جي منصوبه بندي ڪرڻ سان گڏ مظهر الاسلام، سائين خورشيد شاهه ۽ ٻين دوستن سان رابطا ڪياسين. مظهر الاسلام اسلام آباد ۾ سنڌين جو ادبي سفير آهي ۽ سائين خورشيد شاهه سنڌ جو سياسي سفير. مولا بخش ڀائو جي ثقافتي آمد جو ٻڌي سائين خورشيد شاهه اسمبلي ميمبرن لاءِ جوڙيل پارليامينٽ لاجز ۾ پنهنجي سوئيٽ ۾ پڙاؤ وجهڻ جا احڪامات جاري ڪيا. مون ڀائو کي، سائين جي اسمبلي اجلاس ۽ ٻين سياسي سرگرمين ۾ مصروف هجڻ جي ڪري تڪليف نه ڏيڻ جي صلاح ڏني ۽ سائين اهو ٻڌندي پنهنجي ڪمري کان علاوه ڪيڏانهن به نه وڃڻ جي ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي.
    اسين وري ان شهر جي سفر تي نڪتاسين، جتي مون زندگيءَ جا ڇهه ڊگها سال گذاريا آهن ۽ پوءِ وقفي وقفي سان اتي ويندو رهيو آهيان. پاڪستان پيپلز پارٽي جي 1992ع واري لانگ مارچ واري اعلان کان پوءِ آئون به ڪوثر ڀٽيءَ جي خرچ تي اسلام آباد ويندڙ پيپلز پارٽي حيدرآباد جي هڪ وڏي ٽيم سان شاليمار ريل رستي حيدرآباد کان لاهور ۽ پوءِ ڪوچ رستي راولپنڊي پهتو هيس. هر طرف ناڪابندين جي ڪري تنهن وقت جي وڏي جيالي نزهت پٺاڻ ۽ هاڻوڪي ايم اين اي شگفته جماڻي هڪ دُهل خريد ڪري هر ناڪا بندي تي اهو چوندي گرفتاريءَ کان بچائينديون رهيون ته سنڌ مان هڪ ڃڃ آهي جيڪا راولپنڊي وڃي رهي آهي. ڪنوار وٺڻ. احمد سولنگي ان وقت گهوٽ بنائي پيش ڪيو ويو هو.
    آءٌ اسلام آباد ۾ ان وقت ئي رهي پيو هئس، پوءِ پاڪستان اندر سماجي سائنس جي ڊگرين جي سڀ کان وڏي تعليمي اداري، قائداعظم يونيورسٽي مان تاريخ ۾ ماسٽرز ڪرڻ کان وٺي اسلام آباد ۾ صحافت ۽ اين جي اوز جي نوڪري ۽ نجڪاري ڪميشن آف پاڪستان ۾ ميڊيا ايڊوائيزر طور ڪم ڪندي ڇهن سال جو عرصو اسلام آباد ۾ گذاري سنڌ موٽي آيو هئس.
    مير مرتضيٰ ڀٽو جي شهادت، محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي ٻي حڪومت جي خاتمي ۽ 1997ع جي عام چونڊن کان پوءِ فرحان نبي ميمڻ جي قتل ٿي وڃڻ جي نتيجي ۾ حيدرآباد ۾ ئي رڪجي ويس ۽ شهر ڇڏڻ لاءِ دل به ٻڌي سگهيس شايد اهو داستان ڪنهن ٻي مهل جو آهي.
    آئون ۽ ڀائو مولا بخش چانڊيو اسلام آباد جي هوائي اڏي تي پهتاسين ته لوڪ ورثا جي ڊائريڪٽر ۽ اردو ناول ۽ ڪهاڻي جي وڏي نالي مظهر الاسلام صاحب جي گاڏي بيٺي هئي. سڌو وڃي سائين خورشيد شاهه جي ڪمري تي پهتاسين. باورچي ۽ ٻيا ملازم حسب دستور ڊيوٽيءَ ۾ الرٽ پر اسين منهن کي پاڻيءَ جو ڇنڊو هڻي مظهر الاسلام جي 10/F مرڪز واري جڳهه تي ڪچهري لاءِ پهچون ٿا.
    عام طور تي اهڙين شام وارين ڪچهرين ۾ سياست، ادب ۽ سماج بحث جو موضوع هوندا آهن. مظهر صاحب وٽ ڪچهريءَ ۽ چڪيءَ جي گرميءَ ۾ بدن گرمائجي رهيو آهي ٻاهر ڪافي ٿڌ هئي. اسلام آباد جو جهُڙ ۽ هلڪي بارش هونئن به ان ڪوفين جي شهر کي رومانٽڪ بنائي ڇڏيندا آهن. اهڙو موسم ڏسي ڀائو چيو ته يار! پئسا ئي سجايا ٿي ويا. هن چيو ته جنهن مُند کي ڏسڻ لاءِ اسلام آباد پهتو آهيان سا اکيون وڇايون آجيان ڪري رهي آهي.
    پريان مارگلا جون پهاڙيون، جتان سنڌ جا ڪيترا ئي شاعر ۽ اديب امر جليل کان وٺي احمد سولنگي تائين انسپائريشن وٺي ڪهاڻيون ۽ شعر لکندا آيا آهن. وقت سان گڏ اها انسپائريشن ڪيترن ئي سببن ڪري مون لاءِ ته گهٽ ۾ گهٽ گهٽجي وئي آهي جو هڪ ته ترقيءَ جي نالي ۾ مارگلا جي ساوڪ کي ڪيپٽل ڊيولپمنٽ اٿارٽي (CDA) برباد ڪري پوري علائقي جي قدرتي ماحوليات کي خراب ڪري رهي آهي ته ٻي پاسي اسان جا سجيلا جوان ان پهاڙين جي پاڇي ۾ ملٽري جنرل هيڊ ڪوارٽرز جي نالي ۾ هزارين ايڪڙن تي ٻڌل ڪالوني جوڙي رهيا آهن، جيڪا اڳيان هلي گاديءَ واري هنڌ جي قدرتي توڙي سياسي ماحوليات کي خراب ڪندي. انهن ٻنهي اشوز تي ۽ مارگلا جي خوبصورتي بچائڻ لاءِ اسلام آباد سوڌو پوري ملڪ جي سول سوسائٽي احتجاج ڪري رهي آهي پر آمريت کي نه شرم هوندو آهي نه ئي عقل! سو جنرل ريٽائرڊ پرويز مشرف جي احڪامن تي عمل جاري آهي. شاعرن جي توجه جو مرڪز مارگلا جون اوچايون هاڻي قبضه خورن جي توجه جو مرڪز آهن.


    ويزا پروسيس: هڪ ڏکيو مرحلو

    اسلام آباد ۾ واقع آمريڪا جي سفارتخاني وڃڻ لاءِ صبح جو 6 وڳي ڊپلوميٽڪ انڪليو جي ٻاهريان هڪ ڊگهي قطار ۾ بيهڻو پوي ٿو. پوءِ هڪ مخصوص بس جي ٽڪيٽ وٺي سفارتخاني جي ٻاهر هڪ ٻي قطار جو حصو ٿيڻو پوي ٿو ۽ ٽين مرحلي ۾ ايمبيسي جي اندر داخل ٿيڻ جي اجازت ملي ٿي. بس اڏو يا شٽل سروس وارو هنڌ بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهي. سوين عورتن، ٻارن ۽ مردن لاءِ ٻن واش رومز تي ٻڌل کليل آسمان ۾ ويزا درخواستون کڻي پهچندڙ عوام لاءِ اهو مرحلو ڪنهن عذاب کان گهٽ ناهي. خاص طور تي هندستان ۽ اهڙي ٻين ملڪن جي ويزا لاءِ صبح جو 4 ۽ 5 وڳي کان قطار ۾ بيٺل عورتن ۽ ٻارڙن جي حالت خراب هوندي آهي.
    صبح جو ڇهين وڳي مظهر الاسلام صاحب جو ڊرائيور گاڏي کڻي پارليامنٽ لاجز پهتو ته جيئن مون کي ان شٽل سروس واري هنڌ اڇلائي سگهي جو لاجز وٽان صبح جو ايترو سوير ڪا ٽيڪسي به نه ٿي ملي. آئون ڇهين وڳي تائين ڪمري مان تيار ٿي روانو ٿي ويس. شٽل سروس وارو هنڌ پارليامنٽ لاجز کان 2 منٽن جي مفاصلي تي آهي، سو آئون منٽن ۾ اتي پهتس ۽ ڏٺم ته آمريڪن ايمبيسي واري قطار ۾ رڳو هڪ بزرگ ۽ ٻيو نوجوان جوڙو مون کان اڳ بيٺو هو. شديد سردي هئي. هو ٻئي هڪ ٻي کي چنبڙيو بيٺا هئا. لڳي رهيو هو ته نئون شادي شده جوڙو آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته هني مون لاءِ وڃي رهيا هجن يا هنن مان ڪو هڪ آمريڪي شهري هجي ۽ شادي ڪري پنهنجي ساٿي کي آمريڪا کڻي وڃڻ چاهيندو هُجي.
    هلڪي اونداهي هجڻ ڪري گڏ کڻي آيل ڪاغذ به نٿو پڙهي سگهان، تنهن ڪري پنهنجي ليکي پيو خيالن ۽ وسوسن جا ڄار اُڻان. منهنجي انٽرويو جو وقت صبح جا 7:30 هو، جيڪو وقت عام طور تي سڀ کان پهرين انٽرويو جو وقت ٻڌايو ويو هو. آمريڪي سفارتخاني جي ٻاهران لڳل هڪ ٻي قطار ۾ ايمبيسي جي سيڪورٽي جا همراهه درخواست گذارن کي مليل وقت جي حساب سان قطار کي درست ڪري رهيا هئا ته جيئن ڏنل ٽائم جي حساب سان هر ڪو ايمبيسيي اندر پنهنجي نمبر تي داخل ٿي سگهي. سيڪورٽي چيڪ مان نڪري ويزا انٽرويو جي کڙڪيءَ تي پهچي پاسپورٽ ۽ ٻيا دستاويز پيش ڪري آڱرين جا نشان ڏئي ڪرسي تي آرام سان ويهڻ لاءِ چيو ويو. ان دوران ڪيترا ئي ماڻهو، عورتون ۽ ٻار هال ۾ داخل ٿي ويا هئا.
    اسلام آباد مان نڪرندڙ سنڌي اخبار روزاني خبرون، ڊان ۽ جنگ راولپنڊي، شٽل سروس واري انتظار گاهه ۾ بيٺل هاڪر کان خريد ڪيون هيم هاڻ انهن کي پڙهڻ لڳو هئس. 15 منٽن کان پوءِ کڙڪيءَ تي ٻيهر اچڻ جو سڏ ٿيو. انٽرويو جي کڙڪيءَ تي ويٺل خاتون حسب دستور روايتي سوالن کان انٽرويو جي شروعات ڪئي ته آمريڪا ڇو ٿا وڃو؟ ڪنهن گهرايو آهي؟ ڇا ڪندا آهيو؟ آمريڪا ۾ گهڻا ڏينهن رهندؤ؟ ڪهڙو پيپر پڙهندا؟ ان جي ڪاپي ڏيکاريو. وري انهن اشوز تي هڪ ٻه سوال ۽ نيٺ پنجن ڏهن منٽن کان پوءِ چيو ويو ته هو مون کي ويزا ڏين ٿا. پاسپورٽ ۽ سانا واري دعوت نامي جا شامل تفصيل جي تصديق کان پوءِ ڪجهه ڏينهن ۾ پاسپورٽ حيدرآباد مان ساڳي هنڌان يعني جتي پاسپورٽ جمع ڪرايو هو، اتان ئي وٺڻو پوندو.
    ويزا لڳڻ جو ٻڌي هر مسافر وانگر مون کي به بيحد خوشي ٿي. موبائيل فون وغيره گڏ کڻڻ تي پابندي هوندي آهي، تنهن ڪري فورن ٽيڪسي ڪري پارليامنٽ لاجز پهتس ۽ ڀائو کي انٽرويو جو ٻڌائي سندس خوشي وچان مرڪندڙ چهري مان مبارڪباد جا اکر پڙهندي، حسب دستور سڀ کان پهرين امڙ ۽ گهرواري کي فون ڪري ٻڌايم ته ويزا ملي وئي آهي. ڪجهه ڏينهن ۾ ضروري چڪاس کان پوءِ پاسپورٽ واپس اچي ويندو.
    هوڏانهن آمريڪا گڏ هلڻ جي تيارين جي سلسلي ۾ سانا پاران گهرايل هڪ ٻي مهمان نصير ميمڻ کي فون ڪري تفصيل ٻڌايم ۽ سوالن جو به ٽرينڊ ٻڌايم، جو ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ساڳي وقت تي انهيءَ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ويزا حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ سندس انٽرويو ٿيڻ وارو هو.
    ائين دل کي اطمينان رسيو ته ٻاهرين دنيا جي سفر جي سڀ کان ڏکئي منزل يعني آمريڪا جي ويزا پروسيس مان جان ڇٽي ۽ هاڻي سفر جون تياريون ڪجن.
    آئون چاهيان ٿو ته هيءُ ڪتاب آمريڪي سفر جي ڪٿا کي مزي سان پڙهڻ سان گڏوگڏ گائيڊ بڪ طور به ڪتب اچي جو سنڌ جا ماڻهو ان اهم ترين پروسس کي پوري طرح نه سمجهڻ ڪري سچا ۽ صحيح اميدوار هجڻ باوجود به ويزا ملڻ کان محروم ٿيو وڃن. ان ڏس ۾ ڪتاب جي شروع ۾ ئي ڪجهه بور ڪندڙ ڳالهيون به ڪندو هلان.
    منهنجي صلاح آهي ته ڪنهن به ڪيٽيگريءَ ۾ آمريڪا جي ويزا حاصل ڪرڻ جي ڪوششن کان اڳ جيڪڏهن هيٺين شين جو خيال رکيو ويندو ته ڪنهن کي به ويزا حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائي محسوس نه ٿيندي.
    (1) ويزا فارم، جنهن کي ويزا درخواست چيو ٿو وڃي، ان کي هر هر غور سان پڙهي بالڪل صحيح ۽ سچي معلومات جي بنياد تي ائين پُر ڪيو وڃي جو ڪوبه هڪڙو خيال ٻي خيال سان تضاد ۾ نه اچي. عام طور تي درخواست فارمن ۾ ڏٺو ويو آهي ته درخواست گزار فارم جي طويل هجڻ ڪري تڪڙ ۾ ان کي پر ڪرڻ جي چڪر ۾ صحيح معلومات کي بي ربط ڪندي متضاد ڳالهيون ڪرڻ لڳندو آهي.
    مختلف سفارتخانن ۾ ويٺل دوست يا واقف اسان مان ڪيترن کي اهو ٻڌائيندا آهن ته درخواست فارم ڊزائين ئي اهڙي مهارت ۽ ٽيڪنيڪ سان ڪيو ويندو آهي جو جيڪڏهن ڪنهن درخواست گذار وٽ ان ملڪ جي دوري بابت واضح ايجنڊا يا خيال ناهي ته هو پنهنجي ئي موقف ۾ متضاد ڳالهيون ڪندي پڌرو ٿي پوندو ۽ پوءِ اوهان ڏٺو هوندو ته چڱا ڀلا ماڻهو جن وٽ آمريڪا توڙي برطانيه ۽ جرمني جهڙا ٻيا ملڪ گهمڻ جا پئسا به هوندا آهن ۽ مالي وسيلا به هوندا آهن پر درخواست فارم کي Underestimate ڪرڻ ڪري کين ويزا نه ملي سگهندو آهي. تنهن ڪري ويزا درخواست فارم انتهائي سمجهداريءَ سان پُر ڪجي. ڪوشش ڪجي ته ڪنهن ڄاڻوءَ سان مشاورت به ڪري وٺجي.
    جڏهن اپريل 2007ع ۾ مون کي ويزا درخواست فارم مليو ته ان وقت هٿ اکرن سان فارم پر ڪرڻ جي اجازت هئي، پر جون 2007ع کان وٺي هاڻي درخواست فارم اليڪٽرانڪ ڪاپي رستي ٽائيپ ڪري جمع ڪرائڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.
    (2) ويزا پروسس ۾ درخواست فارم پُر ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻيو اهم حصو اهو هوندو آهي ته اوهين آمريڪا وڃڻ بابت ڪو ٺوس سبب رکندا هجو. انهيءَ سبب ڪري گهڻو ڪري آمريڪي ادارن پاران ڪوٺايل ڪانفرنسز، سيمينارن، ورڪشاپس، ٽريننگز ۽ ٻين اڪيڊمڪ سرگرمين لاءِ ڪوٺايل مهمانن کي ويزا جي حصول ۾ گهٽ مشڪلاتون پيش اينديون آهن. جيڪڏهن انهن سببن کان علاوه رڳو گهمڻ ڦرڻ، سياحت ڪرڻ يا مٽن مائيٽن ۽ دوستن سان ميل ملاقاتون ڪرڻ مقصد آهي ته پوءِ ان لاءِ آمريڪا ۾ رهندڙ انهن لاڳاپيل ماڻهن جا ڏس پتا، انهن جي قانوني حيثيت ۽ دعوت نامن يا اسپانسرشپ سان گڏوگڏ ويزا درخواست گذار جي مالي حيثيت کي اهميت ڏني وڃي ٿي.
    (3) ويزا پروسس ۾ ضروري گهربل دستاويزن ۾ اوهان پاران پنهنجي ملڪ ۾ ٽيڪس ڀريندڙ شهري هجڻ، ڪجهه اعتماد جوڳي بئنڪ ۾ بئنڪ اڪائونٽ هجڻ، ان سان گڏوگڏ پراپرٽي يا ملڪيت جا سند يافته دستاويز هجڻ لازمي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته مال ملڪيت هوندي به لاپرواهيءَ جي ڪري هڪ سال هڪ بئنڪ ۾ ته ٻي سال ٻي ٻئنڪ ۾ اڪائونٽ کولڻ ڪري به آمريڪا جهڙن ملڪن جي ويزا سسٽم ۾ اهڙي عمل کي عيب واري نظر سان ڏٺو ويندو آهي ته آخر ڇو هر سال هڪڙوئي شخص مختلف بئنڪ مٽائي رهيو آهي؟ پاڻ وٽ جيتوڻيڪ اهو رواج عام آهي، پر ان سان درخواست گذار جي ساک تي شڪ جي گنجائش پيدا ٿي سگهي ٿي ته آخر هو ڪجهه سالن اندر ايتريون بينڪون ڇو ٿو مٽائي؟
    (4) سڀ کان اهم خبر هيءَ آهي ته ويزا کڙڪيءَ تي پهچڻ کان پوءِ جيڪو انٽرويو ٿئي ٿو، ان کي ڪيئن منهن ڏجي؟ انٽرويو کان اڳ پاسپورٽ ۽ ٻيا دستاويز وٺي، فنگر پرنٽس حاصل ڪري ڪرسيءَ تي ويهاري ڇڏڻ ۽ پوءِ انٽرويو لاءِ سڏڻ واري عرصي ۾ ويزا درخواست ۽ پاسپورٽ ايمبيسي جي اسٽاف کي اهو ٻڌائي ڇڏيندا آهن ته درخواست گذار جو ڪيس صحيح ۽ مضبوط آهي يا نه؟ پوءِ کڙڪيءَ تي جيڪي سوال جواب ٿيندا آهن، اُهي به ويزا جي حصول لاءِ اهم ترين مرحلو هوندا آهن. ان مان ڪاميابيءَ سان نڪرڻ جو هڪڙو ئي طريقو هجي ٿو ته ڪنهن به مرحلي تي ڪابه غلط ڳالهه نه ڪجي، ڪوڙ نه هڻجي، معلومات جيئن جو تيئن پيش ڪجي. فارم ڪيئن ڀريو ويو آهي؟ اها سموري معلومات ياد هجي. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته ڪو شخص ڪابه ڳالهه لڪائڻ نه گهرندو آهي، پر دٻاءُ ۾ اچي پنهنجي ئي فراهم ڪيل ڄاڻ کي هيٺ مٿي ڪرڻ لڳندو آهي.
    (5) آمريڪي ويزا لاءِ ان وقت تائين درخواست جمع نه ڪرايو، جيستائين اوهان وٽ هيٺيون شيون نه آهن:
    (1) ڪنهن ساک واري آمريڪي اداري يا ڪنهن قانوني آمريڪي شهريءَ پاران واضح ۽ چٽي دعوت ۽ اسپانسرشپ نه هجي يا اوهان وٽ آمريڪا گهمڻ بابت ڪو مضبوط سبب موجود نه هجي.
    (2) اگر اوهان پنهنجي ملڪ ۾ ٽيڪس ادا ڪندڙ نه آهيو ۽ ڪنهن ساک واري بئنڪ ۾ ڪو اثرائتو اڪائونٽ ناهي.
    (3) اوهان مالي طور تي مستحڪم هوندي به جيڪڏهن آمريڪا گهمڻ کان اڳ پنهنجي خطي جا ڪي ٻيا ملڪ ۽ ٻين خطن جا ڪجهه اهڙا ملڪ جيڪي سياحت لاءِ مشهور آهن، انهن جو دورو نه ڪيل آهيو ۽ اوهان جو پاسپورٽ خالي آهي ته به ويزا جي حصول ۾ پريشاني ٿي سگهي ٿي ته اوهين سياحت ڪرڻ پيا وڃو ايڏي مهانگي ملڪ ۾. پر اوهان جي سفر جي تاريخ يا پاسپورٽ جي تاريخ اهڙو ڪوبه ثبوت پيش نه ڪري رهي آهي.
    (4) جيڪڏهن آمريڪي ويزا درخواست م شامل شرطن مان ڪنهن هڪڙي جي به کوٽ آهي ته پهرين ان جي پورائي جي ڪوشش ڪجي ۽ پوءِ درخواست جمع ڪرائجي.


    اسلام آباد جي ٿڌ ۽ ڪتاب

    ماحولياتي گدلاڻ، موسمن جي ملڪن بدران هاڻ خطن ۾ آندل تبديلي، گلوبل وارمنگ ۽ ٻين سببن ڪري دنيا جي موسم ۽ آب وهوا تبديل ٿي رهي آهي. پاڪستان به هاڻ اهڙن ملڪن ۾ شامل آهي، جتي موسمون سوين هزارين سالن کان پوءِ تبديل ٿيندي نئون رخ اختيار ڪري رهيون آهن. هنن ڏينهن ۾ يورپ جي انهن ملڪن ۾ جتي سوين سالن کان شديد برفباري، سردي ٿئي ٿي، اتي موسم وچٿري آهي ۽ مڊل ايسٽ ۽ سائوٿ ايسٽ ايشيا ۾ جتي فيبروري ۽ مارچ ۾ ئي گرمي شروع ٿي ويندي آهي، اتي هينئر ئي شديد سردي، بارشون ۽ ٿڌ آهي.
    اسلام آباد جي موسم هونئن به سرد ئي آهي. اسلام آباد، جتي لاءِ اهو مشهور آهي ۽ مون سوڌو سنڌ جا ڪيترا ئي ليکڪ اهو پنهنجن مضمونن ۽ ڪتابن ۾ به لکي چڪا آهن ته اسلام آباد اهڙو شهر آهي، جتي هر وقت اهو ذهن ۾ رکي گهمجي ته:
    موسم کا اعتبار نهين
    درخت ڦلدار نهين
    راستي هموار نهين
    لوگ وفارار نهين
    کوئي کسي کا يار نهين.
    آمريڪي سفارتخاني کان صبح جو ڇهين وڳي ئي موٽي آيو آهيان. ڀائو جي ننڊ به ڦٽي چڪي هئي. ڪچهري ڪندا باورچي کي ناشتي جو چئون ٿا. هو گرم گرم چانهه، آمليٽ ۽ پراٺو کارائي ٿو. ناشتو ڪري ٻاهر نڪرون ٿا ته هلڪي بارش ۽ سردي آهي. سپر مارڪيٽ پهچي حسب دستور سڀ کان پهرين مسٽر بُڪس جو طواف ڪيون ٿا. جتي کوڙ سارا ڪتاب وٺون ٿا. ڀائو جو فوڪس ادبي ۽ تنقيد نگاريءَ وارا شيلف آهن. آئون سياسي ۽ ڊيولپمنٽ جي ڪتابن ڏانهن ڌيان طلب آهيان. آتم ڪهاڻيون ۽ ڪٿائون خريد ڪرڻ تي ٻنهيءَ جو اتفاق آهي. انهيءَ ڏينهن مسلم ليگ جي اڳواڻ ميان محمد نواز شريف جي گهر واريءَ جو ڪتاب مارڪيٽ ۾ آيو هو. مون اهو ڪتاب پڙِهيو به هو ۽ ان تي تفصيلي تبصرو به ڪيو هو. ميان نواز شريف جي گهر واري اردو ادب ۾ ماسٽرز ڪئي آهي سو اهو خيال دل ۾ رکندي ڪتاب خريد ڪيم ته بيگم صاحبه جا سياسي ۽ ادبي خيال پڙهجن. ڪتاب ۾ هو هڪ مذهبي ۽ تنگ نظر سياسي خيالن جي حمايت ڪندي نظر آئي آهي. ان ڪتاب سان گڏوگڏ اسلام آباد ۾ قائم مختلف پاليسي ادارن پاران شائع ٿيندڙ ريسرچ پيپرز جا ڪتاب ورتم جيڪي حيدرآباد ۾ نٿا اچن.
    اسين ڪافي سارا ڪتاب خريد ڪري جناح سپر ڏانهن نڪري وياسين.


    لنڊن ۾ ڪجهه ڏينهن

    جيڪڏهن اوهين لنڊن ياآمريڪا وڃي رهيا آهيو ۽ اوهان وٽ لنڊن جو ويزا لڳل آهي ته ان جهڙو سٺو شهر ته دنيا ۾ ٻيو ڪو هوندو ئي ڪونه، جو اوهين رڳو ايئرپورٽ انٽري ٽيڪس (جيڪو لنڊن جي ٽرانزٽ وٺڻ ڪري اوهان پنهنجي ٽريول ايجنٽ کي اڳ ۾ ڏئي چڪا هوندا آهيو) ڀري لنڊن ۾ داخل ٿي سگهو ٿا. اهو ٽيڪس پاڪستاني ٽن هزار روپين کان مٿي ناهي.
    سو لنڊن جو ويزا هجڻ ڪري سوچيم ته ڇو نه مفت جو چڪر ڪاٽيندو، دوستن سان ڪهچريون ڪندو، آمريڪا وڃان.
    ستن ڪلاڪن جي اڏام ڪندي ٽرانزٽ تي اچي دنيا جي ٻين نمبر معروف ايئرپورٽ هيٿرو انٽرنيشل تي لٿس. لنڊن گهڻو اچڻ وڃڻ ڪري بس ۽ ريل جي ٽڪيٽ سستي هجڻ وارو ٽرانسپورٽ ڪارڊ ريچارج ڪندو سڌو وڃي ادا گل (ڊاڪٽر علي گل ميتلو) جي گهر پهتس. جتي هن سان وڏي ڪچهري ٿي. اتفاق سان سندن والد ۽ والده به اتي پهتل هيا جو هو پنهنجي نياڻيءَ ڏانهن ڪئناڊا وڃن جون تياريون ڪري رهيا هئا. سو ادا گل جي والد صاحب سان ڪچهريون ٿيون. ميتلو به لندن جو عجوبو آهن. اهڙي نفسانفسي واري دور ۾ به هو نه رڳو ڀينرن ڀائرن جو بي حد خيال رکن ٿا. اڄ به هو سڀ گڏيل گهراڻي طور هڪ ٻي سان جڙيل رهن ٿا پر دوستن يارن کي بي پناهه قرب ڏين ٿا.
    آءٌ لنڊن پهريون ڀيرو 1999 ۾ آيو هيس جڏهن ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي صدر ڊاڪٽر منور هالييپوٽي لنڊن اچي انساني حقن جي هڪ بين الاقوامي ڪانفرنفس ۾ مقالي پڙهڻ جي دعوت ڏني. جتي ميري رابنسن به آئي هئي. تن ڏينهن ۾ لندن ۾ رهندڙ سياسي دوستن جي اندروني جهيڙن ۽ اختلافن جي ايتري ڄاڻ نه هئي سو وڃي ڊاڪٽر صاحب وٽ پهتاسين. اتي خبر پئي ته ورلڊ سڌينگريس جا ڪي دوست بلڪ باقي سمورا دوست ڊاڪٽر صاحب سان اختلاف رکندي الڳ تنظيم سازي ڪري رهيا آهن.
    يوسف ڪوثر ڀٽي صاحب جي مهربانين سان مليل ويزا جي نتيجي ۾ لنڊن گهمڻ جهڙو ٿيس. تن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر هاليپوٽي جي شادي ٿيل نه هئي. تنهن ڪري مهمان نوازي ۾ وسان نه گهٽائيندو هو. هر ماڻهوءَ جو خيال رکندو هو (بلڪ ڪيترن ئي ماڻهن ڊاڪٽر جي دعوت جي آڌار لنڊن شهر جو منهن ڏٺو) پر پوءِ شادي ٻار ٻچا ۽ نوڪري جي مصروفيت ۾ گهر ٻار کي گهڻو وقت ڏيڻ لڳو. اڄ به هو هر سال سنڌ جي ڪيترن ئي ”ڇٽل ڪارتوسن“ جي هڪ وڏي لوڌ کي دعوتون ڏيندو رهندو آهي پر هاڻ ورلڊ سنڌي ڪانگريس ٻين دوستن جي هٿن ۾ هلي وئي آهي. ان مختصر دوري دوران ڊاڪٽر حليم ڀٽي، لکومل ۽ ٻين دوستن سان به ڪچهريون ٿيون.
    اسان جي پياري دوست ۽ سانگهڙ جي مشهور زميندار الطاف حسين رند جي نياڻي اسان جي هڪ ٻي دوست ڊاڪٽر علي رضا ميرجت سان پرڻيل آهي. ڊاڪٽر صاحب به، جڏهن به اڪيلو يا گهر وارن سان لنڊن وڃڻ ٿيندو آهي ته مصروف هئڻ باوجود به قرب سان ملندو آهي ۽ خيال رکندو آهي.
    ثقافت جي صوبائي وزير سسئي پليجو جو گهر وارو سهيل ڪلهوڙو هڪ ڊائنامڪ سنڌي نوجوان آهي. فون توڙي اي ميلن ذريعي ڪچهري رهندي آهي. هر دفعي ملاقات جو وقت طي ڪرڻ باوجود به نه ملي سگهيا آهن. سدائين فون تي مشڪري ڪندي چوندو آهيان ته ادا ڪو وڏو تعويز ٿيل آهي جو پاڻ ملي نه ٿا سگهون.
    ڊاڪٽر رحيم سولنگي جو ڀاءُ به هڪ قربائتو شخص آهي. ڪيتري به سوڙهه هجي سدائين پنهنجي گهر رهڻ لاءِ آفر ڪندو آهي.
    ائين ڪن سان فون تي ڪچهريون ته ڪن سان ملاقاتون ڪندي امريڪا وڃڻ جي تياري ۾ هيس. انهن ئي ڏينهن ۾ ميان محمد نواز شريف به لنڊن ۾ پنهنجي پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن کي طلب ڪري ورتو هو. هڪ ڏينهن ادا گل ٻڌايو ته سورٺ ٿيٻو سندن شوروم تي آئي هئي ۽ چئي وئي آهي ته آءٌ ساڻس رابطو ڪيان. مون کيس فون ڪيو ته ان وقت مخدوم شاهنواز، سورٺ ٿيٻو، نواب ارشد ٽالپر ۽ سنڌ جا ڪي ٻيا دوست سائين غوث علي شاهه وٽ ويٺا هيا. هنن مون کي فورن اتي اچڻ جو چيو پر ڊاڪٽر حليم ڀٽي وارن سان وقت رکڻ ڪري معذرت ڪيم ۽ سائين غوث علي شاهه سان رات جو وقت طي ڪيوسين ڪچهري جو.
    سائين غوث علي شاهه جي گهر جي هيٺان هڪ ڪافي شاپ آهي. ان ڪوسٽا ڪافي ۾ سائين نه رڳو پنهنجي مهمانن سان گرمجوشي سان ملندو آهي پر انهن کي لنڊن جي مهانگي ڪافي به هر هر آفر ڪندو آهي. سائين وٽ مهمانن جي ايتري اچ وچ آهي جو ڪوسٽا ڪافي جي انتظاميا به پنهنجي آوٽ ليٽ کي ذهني طور شاهه صاحب جي اوطاق طور قبولي چڪي آهي.
    آءٌ لکو وارن سان ڪچهري ڪري سائين غوث علي شاهه وٽ پهتس. اسان ڊگهي ڪچهريءَ کان پوءِ موڪلاڻي کان اڳ ميان نواز شريف جي پارٽي جي سنڌ ۾ مستقبل بابت ڳچ وقت ڳالهايو. مون کيس ٻڌايو ته سنڌي هڪ سيڪولر قوم آهي تنهن ڪري نواز شريف ڪيترو به آئيڊيل موقف ڇو نه اختيار ڪري پر جڏهن سنڌ جا ماڻهو سندس کاٻي هٿ تي مولانا فضل الرحمٰن ۽ ساڄي هٿ تي قاضي حسين احمد کي ويٺل ڏسن ٿا ته ميان صاحب جون مارڪون گهٽجي وڃن ٿيون. اسان ٻنهي هڪ ٻي جي ڪچهري جا نوٽس به ورتا.
    هن چيو ته ڪجهه ڏينهن ترسان ته جيئن اهو سمورو احوال ميان صاحب جي روبرو ٿي سگهي.
    انهن ڏينهن ۾ لنڊن ان ڪري به سياسي طور گرم هو جو ميان نواز شريف صاحب اي پي ڊي ايم جو اجلاس گهرايو هو، جتي ٻين اڳواڻن سان گڏوگڏ سنڌ مان عوامي تحريڪ جو سربراهه رسول بخش پليجو ۽ ترقي پسند پارٽي جو چيئرمين ڊاڪٽر قادرمگسي به پنهنجي پنهنجي وفدن سان پهتل هئا. انهن ڏينهن ۾ ميان صاحب پاڪستان اندر چونڊن جي بائيڪاٽ جي حق ۾ هو.
    لنڊن جلاوطنن جي آئيڊيل ڌرتي آهي. عالمي سياست جي سرگرم ڪارڪنن جو مرڪز بڻيل هي ملڪ، هر ملڪ مان ڪوڙين سچين ايف آءِ آرن ذريعي سياسي پناهه ورتلن جي آماجگاهه آهي. پر هاڻ 11/9 ۽ 7/7 کان پوءِ سختي ٿي وئي آهي.
    سنڌي مهاجر جهيڙن ۾ هڪ وڏي منظم تياري سان ايم ڪيو ايم ۽ ان جي همدردن سياسي انتقام پسندي جي موقف جي آڙ ۾ لنڊن ۾ هزارين ڪارڪن سيٽل ڪرايا ۽ هوڏانهن سنڌين جي چندي تي ٺهندڙ سنڌ نيشنل الائنس SNA ۽ عهديدار فنڊ سوڌو نه ڄاڻ ڪيڏانهن غائب ٿي ويا.
    لنڊن دنيا جو مهانگو ترين شهر آهي پر هر شخص زندگي ۾ هڪ ڀيرو لنڊن گهمڻ جي خواهش رکي ٿو. جيڪڏهن لنڊن ۾ رهائش جو مسئلو حل ٿيل آهي پوءِ ته ڪجهه ڏينهن لاءِ گهمڻ ايندڙ مسافرن لاءِ لنڊن جنت آهي.
    آءٌ سائين غوث علي شاهه سان سندس پٽ جي وفات تي تعزيت ڪري ۽ سياسي حال احوال ڪري موٽڻ لڳس ته پريان وري ڊاڪٽر حليم، لکو ۽ سلطان وارا نظر آيا. اهو ٽڪراؤ عجيب هو. چيائون ته لبناني هوٽل جو کاڌو کائڻ آيا آهن. ايجويئر روڊ جهڙوڪ ڪراچي جو برنس روڊ هجي جتي لبناني هوٽلون سڄي رات کليل هجن ٿيون ۽ پنهنجن گاڏين وارا همراهه رات دير تائين اتي کاڌو کائيندا رهن ٿا. هوٽل ۾ داخل ٿياسين ته اتي پيپلزپارٽي جا ڪيترائي همراهه جن ۾ دفاع جو وفاقي وزير چوڌري احمد مختيار ۽ ٻيا قطار ۾ بيهي پنهنجي ماني وٺندي نظر آيا.
    لذيذ لبناني ماني کائيندي، ڪچهري ڪندي ڊاڪٽر حليم وارن مون کي مجيب جي فليٽ تي ڇڏيو، جتان مون کي صبح جو سوير هيٿرو ايئرپورٽ پهچڻو هو ته جيئن وقت تي بورڊنگ ڪري فلوريڊا روانو ٿي سگهان. گهر پهتس ته ادي مجيب کي صبح جو اٺين وڳي ايئرپورٽ رواني ٿيڻ جو ٻڌايم ۽ سمهڻ کان اڳ واري ڪچهري ۾ اهڙا ته قصا کڻي ويهي رهياسين جو صبح جا 5 ٿي ويا ۽ پوءِ اهو فيصلو ڪيوسين ته تيار ٿي وڃجي متان اک نه لڳي وڃي. سو سمهڻ بدران هڪ طويل ڪچهري ڪري وقت ڪاٽي آءٌ سامان ٻڌڻ جي تياري ڪرڻ لڳس.


    پيپلزپارٽي جو ميلو ۽ لنڊن

    مئي جو مهينو هو. سنڌ ۾ حسب روايت مون سون جون بارشون ۽ ٻوڏ تباهي مچائي رهيا هيا.ڪئنالن ۽ واهن کي گهارا پئجي رهيا هئا. ڏڪار ۾ ورتل ۽ بک مرندڙ اسان جو پنهنجو رت يعني سنڌي ماڻهو هاڻ ٻوڏ جي ڪري تباهي ۾ هيا. ڪچو ۽ ٻيلو ته سيراب ٿي رهيو هو پر ماڻهو لڏ پلاڻ ۾ هيا. سنڌ اندر ق ليگ جي جوڙتو وڏيرن ۽ ايم ڪيو ايم جي حڪومت هئي تنهن ڪري ڪنهن کي به پرواهه ڪونه هئي ته ڪير مئو ڪير ٻڏو ۽ ڪير بچيو.
    هوڏانهن سڄو ڏينهن عوام سان گڏ هجڻ جون خبرون ڪندڙ پيپلزپارٽي جا ليڊر به گم لڳا پيا هئا. حيدرآباد کان وٺي لاڙڪاڻي شهداد ڪوٽ ۽ ٻين علائقن تائين تنظيم سرگرم هئي پر نالي وارا اڳواڻ گم هيا.
    اسان سنڌ ڊيموڪريٽ فورم پاران محترمه شهيد کي هڪ خط لکيو هو جنهن ۾ ڪافي سخت زبان استعمال ٿيل هئي. مٿين سطح جي قيادت ۾ وٺ پڪڙ ٿي. کٽمنڊو کان لنڊن ويندي سيد نويد قمر (جيڪو هن وقت ناڻي ۽ نجڪاري جو وفاقي وزير ۽ حڪومتي ڌر جو اهم ترين ماڻهو آهي) موبائيل تان فون ڪري محترمه جي شڪايت پهچائي ته ايس ڊي ايف کي اهڙي ٻولي استعمال نه ڪرڻ گهربي هئي.
    شهداد ڪوٽ لاڙڪاڻو، دادو ۽ ڪجهه ٻيا علائقا ٻوڏ ۾ هئا. ماڻهن جو ڪو به اوهي واهي ڪو نه هو تنهن ڪري ڪاوڙ به پنهنجن سان ٿيندي آهي. غيرن سان يا غيرعوامي ڌرين سان ڪهڙو جهيڙو ڪجي. سو اسان محترمه کي لکي ڇڏيو ته سڀ وڏيرا چونڊن جي چڪر ۾ لنڊن پهتل آهن ۽ اوهين سڀ مشرف سان ڊيل ڪري وطن ورڻ گهرو ٿا ۽ جن ماڻهن جو حالتون سڌارڻ لاءِ چونڊون ۽ حڪومت جي تبديلي چاهيو ٿا سي ته برباد لڳا ويا آهن ۽ ٻوڏ واري علائقن ۾ اوهان جي همراهن جو پتو ئي نٿو پوي.
    اها محترمه جي عظمت هئي جو ڪڏهن به اسان جي (ڪجهه ٻين نام نهاد ليڊرن وانگر) تنقيد کي پرسنل وٺي لاڳاپا خراب ڪرڻ بدران ڇتي ۾ ڇتي تنقيد جو به جواب ڏيندي هئي يا اسٽاف ۽ هيٺئين قيادت کي چوندي هئي ته شڪايت ڪندڙن سان ڳالهايو وڃي. سو انهن ڏينهن ۾ انهيءَ گرمي سردي دوران لنڊن ۾ ڪجهه ڏينهن رهڻ جو موقعو مليو ۽ لنڊن جي ڪجهه علائقن ۾ پيپلزپارٽي جا ميڙا نظر آيا. محترمه بينظير ڀٽو پاران پارلياماني بورڊ جي اجلاس لنڊن ۾ طلب ڪرڻ ڪري قومي توڙي صوبائي اسمبلين جا اميدوار لنڊن ۾ ائين لٿل هئا جيئن قومي اسمبلي يا سنڌ اسمبلي جي اجلاس مهل اسلام آباد يا ڪراچي ۾ نظر ايندا آهن.
    گهڻو ڪري سڀني جا ويزا لڳي چڪا هئا تنهن ڪري ورلي اهڙو اڳواڻ هو جيڪو لنڊن ۾ نظر نٿي آيو.
    اسين به سنگت سان رونشي ۾ وڃي رحمٰن ملڪ جي گهر قطار ۾ بيٺل همراهن سان ڪچهري ۾ لڳي ويندا هياسين. حيدرآباد مان زاهد ڀرڳڙي ويزا نه ملڻ ڪري لنڊن نه پهچي سگهيو هو پر هن جي سيٽ بابت پڪ هئي ته کيس ملندي جنهن جو سبب هن جو ڪم ۽ زبردست لابنگ ٻئي شيون آهن. سيد امير علي جاموٽ، پرويز انصاري، صغير قريشي، عرفان قريشي، فياض شاهه، پاشا قاضي سوڌو حيدرآباد مان ڪافي دوست نظر آيا. لنڊن ۾ رهندڙ پياري دوست ۽ ريڊيو پاڪستان جي مشهور اناؤنسر اشرف بلوچ چيو ته يار پيپلن کي ميڙاڪا ڪرڻ اچن ٿا. لنڊن جهڙي مهانگي ترين شهر ۾ به هو ايترا جمع ٿيا آهن ۽ ائين هلي رهيا آهن جيئن لاڙڪاڻي، جي نئين ديري هائوس يا ڪراچي ۾ بلاول هائوس جي ٻاهران جمع ٿيندا آهن.
    سيد نويد قمر، سيد خورشيد شاهه، نثار کهڙو، پير مظهر الحق ۽ مراد علي شاهه سوڌو سنڌ جا کوڙ سارا دوست ۽ اڳواڻ موجود هيا.
    ٽڪيٽن لاءِ انٽرويوز مهل همراهن جون شڪلون اسڪولي ٻارن جهڙيون ٿي وينديون هيون. سخت ٽينشن ۾ ته الائي ڪهڙو نتيجو نڪرندو؟ اهو به محترمه جي قيادت جي ڪرزما جو ڪمال هو جو وڏا وڏا ڏنگ قطار ۾ بيٺل ۽ سندن ساهه هيـٺ مٿي ٿيندي ڏٺوسين.
    سيد خورشيد احمد شاهه کي سکر شهر واري سيٽ نه ملڻ ڪري هن جڏهن صوبائي سيٽ لاءِ درخواست ڏني ته محترمه ان کي به پينڊنگ ڪيو هو ۽ پوءِ کيس مجيب پيرزادي واري سيٽ ڏانهن اماڻيو ويو ۽ سکر شهر واري سيٽ آصف علي زرداري جي جيلن جي ساٿي اسلام الدين شيخ کي ڏني وئي. ان فيصلي تي سنڌ وانگر لنڊن ۾ به تبصرا ٿيندا رهيا ته اسلام الدين شيخ جي ڪري محترمه پنهنجي اهم سياسي ڪمانڊر کي پاسيرو ڪيو آهي. پر وقت جا ڦيرا به عجيب آهن. محترمه جي شهادت کان پوءِ اڄ پيپلزپارٽي جي وقتي چيئرپرسن جي ويجهي ترين ماڻهن ۾ خورشيد شاهه به شامل آهي، جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته اهو تاثر غلط آهي ته آصف زرداري شاهه صاحب کي ذاتي پسند ۽ ناپسند ڪري ڪارنر ڪرڻ گهريو ٿي.
    خورشيد شاهه اسلام الدين شيخ جي پٽ نعمان شيخ جي به ائين ئي ورڪ ڪئي جيئن هن پنهنجي دوستن ۽ ساٿين نصرالله بلوچ، انور مهر ۽ جاويد شاهه جي ڪئي ۽ پيپلز پارٽي ان ٻڌيءَ ۽ خورشيد شاهه جي حڪمت عملين جي نتيجي ۾ سکر ضلعي جي سمورين سيٽن تي سرخرو ٿي.
    محترمه جڏهن سنڌ جي قومي ۽ صوبائي سيٽن لاءِ اميدوارن لاءِ انٽرويوز وٺي رهي هئي ۽ هر سيٽ تي تقريبن هر اميدوار پنهنجي متبادل طور ڌي، پٽ، ڀائيٽي، ڀاڻيجي، سوٽ، ماسات جا نالا پي ڏنا. انهن ڏينهن ۾ به مون محترمه کي هڪ ذاتي اي ميل ڪئي هئي ته ڇا پيپلزپارٽي ۾ اهڙو قحط اچي ويو آهي جو جيڪر ڪنهن به ضلع ۾ ڪو اميدوار ناهل قرار ڏنو وڃي ته پارٽي وٽ تنظيم ۾ يا ورڪرن ۾ ڪو نعم البدل ناهي. وڏيرن پاران ڪو رنگ اميدوارن طور مٽ مائٽن جا نالا ڏين ۽ اوهان پاران منظور ڪرڻ دراصل اهو ثابت ڪري ٿو ته پيپلزپارٽي جاگيرداراڻي ڪلچر جي حمايت ڪري ٿي ۽ جمهوريت جون ڳالهيون ڪندي غير جمهوري فيصلا ڪري ٿي.
    مان هاڻي سوچيان ٿو ته محترمه سان ڪيئن نه جهيڙا ڪندا هئاسين. هن کي به خبر هئي ته اها ڪاوڙ محبتن تي ٻڌل آهي. سندس ۽ سنڌ جي خيرخواهي ۾ اهڙيون پاڳلن جهڙيون خبرون ٿا ڪيون نه ته اسين به منشي ۽ ڪمدار ٿي لائين ۾ ڇو نه لڳي وڃو، ڇو ويهي اهڙي چريائپ جا جهيڙا ڪيون. هاڻ خبر ناهي ته اهڙيون محبتون ڪنهن سان ٿينديون. محترمه ته وئي هلي هاڻي ڪير ويهي اي ميلون پڙهندو ۽ ڌيان ڏيندو ته پارٽي کان ٻاهر جو اهڙو آواز جيڪو وطن جي خير خواهي چاهي ٿو، سو ڇا ٿو سوچي.
    30جون تي هيٿرو کان آرلينڊو فلائيٽ هئي ۽ ائين ڪجهه ڏينهن دوستن سان ڪچهريون ڪندي، پيپلزپارٽي جو ميلو ڏسندي امريڪا روانو ٿي ويس.
    حيدرآباد مان پيپلزپارٽي جو ايم اين اي سيد امير علي شاهه ڄاموٽ عبدالحفيظ پيرزادي جو پراڻو ۽ بي حد ويجهو دوست آهي. وٽس خبر پئي ته حيدرآباد مان آيل سنگت ساڻ ڪري سائين امير علي شاهه ڄاموٽ، پيرزادي صاحب جون زمينون گهمڻ ٿو وڃي. لنڊن ۾ عبدالحفيظ پيرزادي جون ذاتي ملڪيتون آهن. شڪار جو شوقين هجڻ لاءِ هن وٽ ناياب شڪاري هٿيار موجود آهن. اهي ڏسڻ جو شوق ته هو پر ٻي ڏينهن فلائيٽ هجڻ ڪري مجيب ميتلي جي گهر اچي سامان پيڪ ڪرڻ جي تيارين ۾ لڳي ويس ۽ حفيظ پيرزادي سان ڪچهري جو موقعو وڃائي ڇڏيم. ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪابينا جو چاڪليٽي هيرو، 1973ع جي آئين جي خالقن مان هڪ حفيظ پيرزادي جو سنڌ ۾ وڏو نالو هو ۽ هن عمر جي آخري حصي ۾ پرويز مشرف جهڙي آمر جي پگهار تي ڪم ڪري پنهنجو اميج ئي خراب ڪري ڇڏيو.
    دل چاهي ٿي ته لنڊن، اتي رهندڙ سنڌين ۽ هر وقت قرب ڏيندڙ دوستن جو احوال لکان. اهو احوال ڪنهن ٻي مهل ڪيترائي ڀيرا گهميل لنڊن جي سفرنامي ۾ تفصيل سان ڪبو.
    ڊاڪٽر منور هاليپوٽي جي گهر تنهن وقت لنڊن ۾ جلاوطني جي زندگي گذاريندڙ لياقت علي خان جتوئي، پير مظهر الحق، واجد شمس الحق، بي بي سي جي دوستن محمد حنيف، جاويد سومرو، دنيا جي هڪ وڏي سول سوسائٽي ٿنڪ ٽئنڪ ولٽن پارڪ جي سورنهن صدي جي ڪنهن رومانوي فلم جي پراسرار محل جهڙي بلڊنگ ۾ ٿيندڙ ڪانفرنسز تي لکان، سنڌ جي نالي ۾ ڪيترن ئي همراهن طرفان ڏينهن رات ڪمٽمينٽ سان ڪم ڪرڻ واري سنجيده ڪوششن تي لکان ۽ گڏوگڏ سنڌ جي نالي ۾ لنڊن ۾ ڪن ٻين دوستن طرفان ٿيندڙ عمر شريف ڪاميڊي شو جهڙين سرگرمين تي به لکان.
    ڪاش طارق عالم ابڙي جي ڪتاب ”لنڊن تنهنجا ڪيڏا روپ“ جهڙو ڪو ڪتاب لکي سگهان.


    آرلينڊو ۾ آمد ۽ اميگريشن

    هيٿرو کان ڪانٽينٽل ايئرويز جي فلائيٽ ذريعي آمريڪا جي سڀ کان وڏي سياحتي مرڪز آرلينڊو جي بين الاقوامي هوائي اڏي تي لهڻو هو. وچ لنڊن ۾ رسل اسڪوائر وٽ واقع مجيب ميتلي جي پرسڪون فليٽ تان انڊرگراؤنڊ ذريعي هيٿرو ايئرپورٽ رسڻ لاءِ گهران روانو ٿيس. صبح جو اٺ وڳا هئا. تمام ڪوششن جي باوجود به آءٌ مجيب کي انڊرگراؤنڊ تائين اچڻ کان نه روڪي سگهيس. شابس هجيس جو هو ايترو خفو ڪري گڏ هليو. جڏهن ته سڄي رات جاڳيو به هو.
    آءٌ انڊرگراؤنڊ ريل رستي هيٿرو پهتس. ايئرپورٽ ايترو چڱو، متاثر ڪندڙ ناهي باقي چون ٿا ته نيويارڪ واري جان ايف ڪينڊي کان پوءِ جهازن جي وڌ ۾ وڌ ٽريفڪ هيٿرو تي آهي جتي روز سوين جهاز لهن ۽ اڏامن ٿا.آءٌ بورڊنگ ڪرائيندو اچي لاونج ۾ ويٺس.
    بورڊنگ کان اڳ هڪ اسپيشل ڪائونٽر تي ڪي روايتي سوال ڪيا ويا جيڪي جيتوڻيڪ سادهه ۽ آسان پر آمريڪا جهڙي حساس ملڪ جي دوري تي نڪتل مسافر جي سمجهڻ لاءِ ضروري هيا. هن پهريون سوال اهو ڪيو ته ڇا اوهان جي هٿن ۾ رڳو اوهان جو پنهنجو ذاتي سامان آهي؟ ڇا اوهان پنهنجي سامان جي چيڪنگ پاڻ ڪئي آهي؟ ڇا اوهين ڪنهن جو ڏنل ڪو تحفو يا ڪا شيءِ اهڙي ٻئي پئڪ ٿيل شيءِ تي نه ساڻ ڪئي آهي جيڪا اوهان ڏٺي نه هجي وغيره وغيره. اميگريشن کان اڳ ئي بورڊنگ ڪائونٽر تي هر هر پاسپورٽ ۽ ويزا کي چيڪ ڪيو ويو. هتي ته پاڪستاني پاسپورٽ تي سفر ڪرڻ لاءِ لنڊن کان آمريڪا جو روٽ هو پر هاڻي اوهين ٿائي لينڊ ۽ برما جهڙن ملڪن ڏانهن ويندا ته به پاڪستاني پاسپورٽ ڏسي سڄو اسٽاف چوڪس ٿي ويندو آهي. اسان جي ڀائرن ڪو اهڙو ڪم نه ڇڏيو آهي جنهن ان سائي پاسپورٽ کي لڄايو نه هجي. هاڻي پاسپورٽ تي ته لکيل ناهي ته هي سنڌي آهي. منڊي بهاؤ الدين جو ڪوڙو ويزا رکندڙ ڪو همراهه يا ڪراچيءَ جو ڪو کيپيو ناهي. گرين پاسپورٽ جو مطلب آهي گرين پاسپورٽ. بحرحال هڪ ڊگهي اسپيشل چڪاس کان پوءِ اچي لاؤنج ۾ ويٺس جتي هزارين ماڻهو اڳ ۾ ئي موجود هيا. مئي جي آخر ۾ شروع ٿيندڙ گرمين جي موڪلن جي ڪري ماڻهو دنيا جهان گهمڻ نڪرندا آهن. آءٌ جنهن فلائيٽ ۾ هيس ان ۾ رڳو ٻارڙا ئي ٻارڙا هيا. ان کان اڳ آمريڪا ۽ خاص طور تي فلوريڊا وڃڻ ٿيو ڪونه هو . جهاز ۾ ڀرواري سيٽ تي ويٺل هڪ انگريز فيمليءَ سان ڪجهه دير حال احوال ڪرڻ کان پوءِ هنن ٻڌايو ته آمريڪا جو ڊزني ورلڊ ٻارڙن لاءِ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ ڇڪ رکندڙ ٽوئرسٽ پليس آهي. ان فئملي ٻڌايو ته هو گذريل 12 سالن کان ٻارڙن سوڌو رڳو فلوريڊا گهمڻ ٿا وڃن ۽ کين وقت ئي نٿو ملي جو آمريڪا جا ٻيا شهر گهمي سگهن. اصل گهمڻ ڦرڻ ان کي چئبو آهي جو سالن جا سال پيو هڪڙئي شهر کي لتاڙجي. پر اسان جي ڪلچرجي مختلف هجڻ ڪري اسان وٽ گهمڻ ڦرڻ جو مقصد نه رڳو سياحت ڪرڻ آهي پر مٽن مائٽن ۽ دوستن يارن سان پڻ ملاقاتون ڪرڻ آهي.
    ايئر پورٽ تي جنهن گيٽ کان اسان کي وڃڻو هو جهاز ڏانهن، ان تي وڏي رش هئي جو جهاز 500 کان مٿي مسافر کڻي آرلينڊو روانو ٿي رهيو هو. الفابيٽ ۽ سيٽن جي نمبر جي حساب سان بورڊنگ ڪري سڀ مسافر ٿانيڪا ٿيا ته پائليٽ ضروري هدايتن جي انائونسمينٽ کان پوءِ ٽيڪ آف جو اعلان ڪيو. آئون ڪجهه وقت جهاز ۾ ڍير لڳل آمريڪي اخبارن مان نيويارڪ ٽائيمز ۽ واشنگٽن پوسٽ کڻي خبرون ۽ مضمون پڙهڻ لڳس. انهن ڏينهن ۾ ٻئي اخبارون دهشتگردي خلاف جوڙيل عالمي جنگ ۾ مشرف جي ڪردار تي سخت ڇوهه ڇنڊي رهيون هيون. تازو محترمه بينظير ڀٽو جا مضمون به آمريڪا جي ٻنهي اهم اخبارن ۾ ڇپيا هيا. مضمون پڙهندي اک لڳي وئي.
    ننڊ دوران اهو محسوس ٿيو ته جهاز ۾ ڪا وٺ پڪڙ شروع ٿي وئي آهي، اک کلي ته ايئرهوسٽسز سيٽون سڌيون ڪرائيندي، کاڌي پيتي جا ٽري کڻندي ۽ ٻيا معاملا آرڊر ۾ ڪندي نظر آيون جو ڪجهه دير کان پوءِ جهاز آرلينڊو جي بين الاقوامي هوائي اڏي تي لهڻ وارو هيو. جهاز جيئن هيٺ ٿيڻ شروع ٿيو ته نيڻ نهار تائين وڏيون وڏيون عمارتون، خوبصورت لينڊاسڪيپ ۽ سرسبز شهر جا نقشا واضح ٿيندا پئي ويا. زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو آمريڪا اچڻ جي خوشي به پنهنجي عروج تي هئي.
    آمريڪي ايئرپورٽس جي اميگريشن قانون ۽ سختين بابت اڳ ۾ ئي سڄي معلومات ڊائون لوڊ ڪري پڙهي چڪو هئس. اميگريشن لاءِ هتي پاڪستان ۾ عجيب و غريب خبرون آهن پر آئون اطمينان سان اميگريشن ڪرائي اسپيشل رجسٽريشن جي ڪائونٽر تان رجسٽريشن ڪرائي پنهنجو سامان ساڻ ڪري اچي ٽئڪسي اسٽينڊ تي پهتس.
    ايئن نه آهي ته آئون آمريڪا جو خصوصي مهمان هئس يا ڪو سرڪاري گيسٽ. آئون به هزارين مسافرن وانگر هڪ عام مسافر هئس پر منهنجي تڪڙي ۽ آسان اميگريشن جو سبب هڪڙوئي هو جو مون هنن جي پڇيل هر سوال جو صحيح جواب ڏنو. مون جيئن ته شروع ۾ ئي لکيو آهي ته جنهن به ملڪ گهمڻ وڃجي جيستائين اتان جي قانونن کي سمجهبو ۽ عزت نه ڪبي تيستائين هر مسافر کي اميگريشن ۾ آمريڪا هجي يا بينڪاڪ تڪليف ايندي رهندي.
    مون سندن پاران پڇيل هر سوال جو واضح ۽ صحيح جواب ڏنو، اميگريشن بابت اڳ ۾ معلومات هجڻ ڪري سندن سڀ قاعدا قانون فالو پئي ڪيم تنهن ڪري ڪنهن به مرحلي ۾ ڪابه ڏکائي محسوس نه ٿي.
    آئون عزيز ناريجي پاران موڪليل روڊ ميپ کي فالو ڪندو ٽيڪسي ڪرائي اچي هوٽل پهتس.


    هوٽل آمد ۽ چيڪ ان

    هوٽل پهچندي ئي استقباليه ڪائونٽر تي لائين ۾ بيهڻو پيو. هوٽل جي لابي نئين سر اڏاوت (Renovation) جي ڪري درهم برهم لڳي پئي هئي. پاڪستان جهڙي ملڪ مان آيل اسان جهڙن مهمانن لاءِ ته هوٽل بي حد متاثر ڪندڙ هئي پر آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌي دوستن ۽ سندن گهر وارن جي رڙ لڳي پئي هئي ته بيڪار قسم جي هوٽل ۾ بندوبست ڪيو ويو آهي. پوءِ خبر پئي ته سانا جي دوستن (تنظيمي عهديدارن) ان هوٽل جي ويب سائيٽ تي ڌوڪو کاڌو هو ۽ جڏهن آرلينڊو ۾ رهندڙ سنڌي نوجوانن کي چيو ويو ته هو هوٽل جو جائزو وٺي رپورٽ ڪن ڇاڪاڻ ته هوٽل ڏسڻ لاءِ ته عزيز يا جميل هيوسٽن کان آرلينڊو نٿي اچي سگهيا ته انهن همراهُن به هوٽل کي بهتر سمجهندي اوڪي رپورٽ پيش ڪئي هئي.
    هوٽل انتهائي پراڻي هئي ۽ مرمت جي ڪري هر پاسي مشينريءَ جو گوڙ هو. نصير ۽ مون رسيپشن تي درخواست ڪئي ته مک بلڊنگ کان الگ سوئيمنگ پول وٽ جيڪا اينڪسي ٺهيل آهن، اسان کي اتي ڪمرو ڏنو وڃي.
    هوٽل جي استقباليه ڊيسڪ اڳيان هڪ ٻي وڏي ٽيبل لڳل هئي جتي هوٽل ۾ رهندڙ مسافرن کي گهمڻ ڦرڻ جي لحاظ کان دنيا جي سڀ کان وڏي ٽوئرسٽ شهر آرلينڊو ۾ موجود مختلف جڳهن جا تفصيل ۽ انهن کي انفارميشن پئڪ مهيا ڪيو پئي ويو.
    هوٽل انتظاميا کي سانا جي دوستن پاران اهو ٻڌايل نه هو ته ڪهڙا مهمان سندن اسپيڪر آهن تنهنڪري انهن جا ڪمرا سانا جي نالي ۾ ئي بُڪ ٿيندا. عام طور تي ائين ٿيندو آهي جو سانا جا دوست سمورن مهمانن جا نالا ڏئي ڇڏيندا آهن ۽ پوءِ هر ڪو پنهنجي ليکي اچي ڪمرا وٺندو آهي. اسان لاءِ به جيستائين واضح اطلاع اچي تيستائين اسان کي پنهنجي ڪريڊٽ ڪارڊ تي ڪمرو وٺڻ لاءِ چيو ويو. مون ڪريڊٽ ڪارڊ چارج ڪرائي في الحال جان ڇڏائي جو خبر هئي ته سانا جا دوست ڪمن ڪارن ۾ مصروف هوندا، ۽ چيڪ آئوٽ ٿيڻ مهل پاڻ ئي مُنهن ڏيندا هوٽل جي بلن کي.
    هوٽل جو عملو بيحد قربائتو هو. ٻاهرين دنيا ۾ ماڻهو جنهن به ڪم ۾ رُڌل هوندا آهن اهو ڪم صبر سان ڪندا آهن. قطار ۾ بيٺل ماڻهو به صبر سان پنهنجي واريءَ جو انتظار ڪندا آهن. ڪابه ڀڄ ڊڪ ۽ تڪڙ نه هوندي آهي. اهڙي روئي جو تعلق ملڪ جي سماجي ضابطي (Social order) سان آهي. ائين ناهي ته ڪو اسان جا ماڻهو اهڙن ضابطن ۽ قاعدن کي پسند نٿا ڪن پر اهڙو سوشل آرڊر ان ملڪ ۾ هوندو آهي جتي حڪمران پاڻ فضيلت ۾ هجن، حڪمراني يا حڪومت جي طرز، عوامي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪندي هجي. اسان وٽ موجود افراتفري دراصل نظام جي افراتفري جو رد عمل آهي. اڄ جيڪر طرز حڪمراني ۽ رياست جو رويو سڌري وڃي ته هن ملڪ جهڙو فضيلت ڀريو عوام ڪٿي ئي ڪونهي.
    اڃا چيڪ ان ٿي ڪمري ۾ وڃڻ لاءِ سامان ۾ هٿ ئي وڌو هيم ته اچانڪ پريان حسين بخش ٽالپر هڪ پهلوان همراهه سان گڏ ايندي ڏٺم. What a pleasent surpriseهڪ لمحي لاءِ آئون ۽ ادا حسين بخش هڪ ٻئي کي ڏسندي صفا حيرت ۾ وٺجي وياسين. اسين ٻئي ڄڻا ڪافي وقت کان حيدرآبا ۾ ئي ڪونه مليا هياسين سو آرلينڊو ۾ هڪ ٻئي جي سامهون اچڻ تي ٻئي خوشيءَ واري حيرت وچان ڀاڪرين پئجي وياسين. ادا حسين بخش ساڻس گڏ ايندڙ همراهه جو تعارف ڪرائيندي چيو ته هي تاج نظاماڻي آهي. پوءِ هو مون کي پنهنجي ڪمري جو نمبر ٻڌائي ٻي بلاڪ ۾ هليا ويا ۽ آئون پنهنجي ڪمري ڏانهن روانو ٿي ويس.
    هوٽل ۾ گرمين جي موڪلن جي ڪري دنيا ڀر مان آيل سياحن جو وڏو رش موجود هو. ڪمري تائين آيل اٽينڊنٽ ٻڌايو ته هوٽل جيتوڻيڪ پراڻو آهي پر ڊاؤن ٽاؤن جي بهترين لوڪيشن تي قائم آهي.


    ڊزني ورلڊ جو دورو

    سياحتي مرڪز ۽ اتي موجود لوازمات ڪنهن به سياح کي هٿ مان نه وڃڻ ڏيندا آهن. هر وقت ڪوشش ڪندا آهن ته سياح سندن شين کي واپرائي. ان ڏس ۾ تعارفي ڪتاب، بروشر انهن تي ڇپيل خوبصورت تصويرون، روٽ جا نقشا، رعايتي پئڪيج وغيره بابت مارڪيٽنگ جو هر آرٽ استعمال ٿيل هوندو آهي.
    آرلينڊو، ڊزني ورلڊ جي ڪري دنيا جي سياحن لاءِ وڏي ڇڪ رکي ٿو ۽ ان ڇڪ کي اڃا وڌائڻ لاءِ هت به هر هوٽل جي ڪمرن، لابيز توڙي کاؤنٽرز تي بروشر ۽ تعارفي ادب رنگا رنگ تصويرن سان موجود هجي ٿو.
    چيڪ ان ٿيڻ مهل به اهڙي لٽريچر جي هڪ ڀري مٿي تي لڳي ۽ ڪمري ۾ به رائيٽنگ ٽيبل تي ڪيترائي خوبصورت پمفليٽ موجود هيا.
    هاڻ ويهي فيصلا ڪري اهو همراه ته کيس ڪڏانهن وڃڻوآهي، ڇا گهمڻو آهي جيڪو سياح طور آرلينڊو جي ميدان تي لٿو آهي.
    هڪڙا پمفليٽ مختلف پراڊڪٽس ۽ سياحت جي مخصوص جڳهن بابت هيا ته ڪجهه ڪتاب پوري آرلينڊو جي نقشي، گهمڻ ڦرڻ جي جڳهن کان وٺي هوٽلن، بازار، ٽيڪسي، بس توڙي ٻين سهولتن جي تفصيل سان ڀريل هيا.
    شروع شروع ۾ اسان جهڙو نئون آيل نيم سياح ته سمورا پنا کنيو وٺي پر پوءِ پريشان ٿيندو آهي ته ڪڏانهن وڃي ۽ ڪڏانهن نه.
    آئون ڪانفرنس شروع ٿيڻ کان ٽي ڏينهن اڳ آرلينڊو پهتو هيس ته جيئن ڪانفرنس کان اڳ گهمڻ ڦرڻ ڪجي ۽ پوءِ ڪانفرنس ختم ٿيندي ئي روانو ٿي وڃجي ۽ ميڙو متل ڇڏي نيويارڪ هليو وڃجي.
    ٻه ٽي شيون ڏسڻ جو گهڻو اشتياق هو. هڪ ته مشهور يونيورسل اسٽوڊيو، سي ورلڊ ايڊونچر پارڪ ۽ ناسا جو ڪينڊي اسپيس سينٽر جيڪو آرلينڊو ڊاؤن ٽاؤن کان اوڀر ۾ 45 ڪلوميٽر جي فاصلي تي واقع آهي. ٻيو آرلينڊو جي وائيلڊ لائيف جو گهڻو ٻڌل هو. ٽيون ايپڪوٽ سينٽر ۾ جديد زراعت جي سکيا جو مرڪز ۽ ٽائٽئنڪ جهاز جهڙو جوڙيل شهر.
    منهنجو خيال آهي ته جڏهن به نئين دنيا گهمڻ لاءِ گهران نڪرجي ته ضرور ان بابت ڪجهه معلومات اڳ ۾ ئي حاصل ڪري وٺجي. جيتوڻيڪ اها معلومات ان مشاهدي جو نعم البدل نٿي هجي جيڪي اوهان گهمندي ڦرندي، رولاڪيون ڪندي، ماڻهن سان ڪچهريون ڪندي حاصل ڪيو ٿا پر ڪجهه شين ۾ اها اڳواٽ مليل ڄاڻ ضرور مددگار ثابت ٿئي ٿي.
    پهرين ته ڪڏانهن گهمڻ ڦرڻ وڃبو هو ته اهڙا همراهه ڳولهبا جا جيڪي اڳ ۾ ئي رلي پني آيا هجن ته جيئن انهن کان روبرو ڪجهه پڇجي پر هاڻ ته ان 5 ڪلو جي ڊٻي يعني ڪمپيوٽر ۽ ان ۾ موجود گوگل سرچ جي انجن سياحن جي زندگي آسان ڪري ڇڏي آهي.
    اوهين گهر ويٺي سموري معلومات حاصل ڪري، پنهنجي مرضيءَ سان گهمڻ ڦرڻ جون جايون چونڊ ڪري، ڪريڊٽ ڪارڊ تي اڳواٽ بڪنگس ڪرائي ۽ ٻيا لوازمات به پورا ڪري بس وڃي پهچو ته هر شيءِ اوهان جي منتظر.
    ٽيڪنالاجي جي جدت نه رڳو مسافتن جا فاصلا گهٽائي ڇڏيا آهن پر سياحتن ۽ مسافتن کي دلچسپ ۽ وڻندڙ به بنايو آهي. هاڻ ته ايتريون سهولتون ٿي پيون آهن جو بس رڳو ڪپڙن جو ٿيلو ۽ هڪ عدد ڪريڊٽ ڪارڊ گڏ کڻي پيا سموري دنيا گهمو ڦرو. آئون به آمريڪا رواني ٿيڻ کان اڳ ڪوشش ڪري اهڙي سموري ضروري معلومات جي ڄاڻ حاصل ڪري چڪو هيس. ڪمري ۾ داخل ٿيندي ئي سڀ کان پهرين آرلينڊو شهر جي جنرل معلومات واري ڪتاب ۾ هٿ وڌم جو ان سان ڪيترائي مسئلا حل ٿي ويندا آهن. منهنجي ته سمورن دوستن کي صلاح آهي ته پرديس ۾ ۽ اهو به ٻئي جي خرچ تي هوٽل ۾ داخل ٿيندي ئي پهرين ڪمريء جا هاؤس ڪيپنگ اصول پڙهي وٺجن نه ته چيڪ آئوٽ ٿيڻ مهل سمورا بل پاڻ ڀرڻا پوندا آهن. هت خبر پئي ته سڀ کاڌو پيتو ميزبانن تي آهي ۽ مني بار چيڪ ڪري پيزا جو آرڊر ڏيڻ لڳس ته فون جي گهنٽي وڳي ۽ سدائين ٽهڪن سان ٽمٽار ادا حسين بخش جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ته لابي ۾ هليو اچان جيئن ماني کائڻ لاءِ ٻاهر وڃي سگهون.
    آئون اڳ ۾ ئي گرم پاڻيءَ سان وهنجي ڪپڙا مٽائي چڪو هيس تنهن کان پوءِ آمريڪا جي سڀ کان مقبول ڊريس چڍو ۽ ٽي شرٽ پائي لابي ۾ آيس، جتي ادا حسين بخش ۽ تاج نظاماڻي اڳ ۾ ئي بيٺل هيا. هوٽل کان ٻاهرنڪتاسين ته هڪ وڏي گاڏي ويلي پارڪنگ وارن آڻي تاج حوالي ڪئي ۽ ائين آئون آرلينڊو ۾ پهريون ڀيرو گهمڻ ڦرڻ نڪتس. لڳو هو ته واقعي جنت جهڙي شهر ۾ داخل ٿي ويا آهيون. ادي تاج نظاماڻي سان پهرين تفصيلي ڪچهري ٿي رهي هئي. ڪشادا روڊ، بهترين ٽريفڪ نظام، هر پاسي سياحن جو مخصوص بسون ۽ گاڏيون، رستي ۾ ايندڙ وڏين وڏين هوٽلن جي پارڪنگ لاٽس جي رش، پارڪ وغيره من کي موهيندڙ منظر هيا. هونءَ به نئين شيءِ جي پنهنجي ڇڪ هوندي آهي. منهنجي لاءِ اهي منظر نوان ۽ دل کي راحت ڏيندڙ هيا ئي هيا پر حيرت ان وقت ٿي جڏهن اها خبر پئي ته آمريڪا ۾ ڏهاڪن کان رهندڙ اسان جي ڪيترن ئي دوستن ۽ انهن جي فيمليز جو اهو پهريون دورو هو آرلينڊو جو، آمريڪا هڪ ملڪ بدران خطي جو نالو آهي. جيڪو ايترو ته پکڙيل ۽ وسيع آهي جو ورهين جا ورهين ماڻهو هڪ رياست کان ٻي رياست ڏانهن وڃي نه سگهندا آهن.
    تاج نظاماڻيءَ جي ان ڳالهه تي مون وراڻي ڏني ته پوءِ آرلينڊو ۾ ته پاڻ سڀ غيرملڪي آهيون.
    تاج، ادا حسين بخش کان لنچ بابت صلاح ڪئي ۽ طي ٿيو ته ڪنهن اٽالين ريسورنٽ ۾ ماني کائجي. هڪ مارڪيٽ (فوڊ اسٽريٽ) ۾ انڊين ۽ اٽالين هوٽلن جي قطار نظر آئي ۽ تاج نظاماڻي آمريڪا جي مشهور چين جي نالي واري هڪ اٽالين هوٽل جو بورڊ پڙهي گاڏي پارڪ ڪئي.
    مانيءَ کان اڳ تاج بلغاريه جي بهترين وائين جي هڪ بوتل جو آرڊر ڏنو. مانيءَ کان پهرين سلاد ۽ ايپيٽائيٽر اچڻ ۽ وائين تڪڙي پيئڻ ڪري خمارجي ويا هياسين. هاڻ آهستي آهستي نئين جهان ۾ هجڻ وارو احساس ۽ ڪنهن ڪنهن مهل ڊپ لڳڻ واري طبعيت سيٽ ٿيندي پئي وئي. تاج ۽ حسين بخش جي موجودگيءَ ۾ لڳي رهيو هو ڄڻ گهر ۾ هجان. اهو احساس خمارن کي اڃا وڌائي رهيو هو.
    هوٽل جي وڏين وڏين شيشي وارين درين کان ٻاهر جو جهڙالو موسم طبيعت کي اڃا رومينٽڪ بنائي رهيو هو.
    ٻي پاسي ادا حسن بخش جون خبرون، چرچا، ڀوڳ ۽ ڪچهري ماحول کي کنيو بيٺا هيا. خماريل هوٽل پهتاسين ۽ ڪجهه گهڙيون ننڊ ڪري شام جو تاج جي ڪمري تي ويهڻ جو طي ڪري هوٽل موٽي لابيءَ ۾ موڪلايوسين.
    جيئن ڪائنات رنگارنگ آهي ائين ڪائنات ۾ موجود هر ماڻهوءَ جو پنهنجو رنگ، پنهنجي پسند، پنهنجي طبيعت ۽ مزاج آهي. ان جو مظاهرو مون آرلينڊو ۾ ڏٺو جتي هر ماڻهو پنهنجي طبيعت وٽان سرگرميون ڳولهي رهيو هو.
    ڪي ماڻهو وڏن وڏن شاپنگ سينٽرز ۾ فيڪٽري آؤٽ ليٽس ۾ گهڻ ڦرڻ ۽ شاپنگ ڪرڻ کي ترجيح ڏئي رهيا هيا. ڪجهه سياح عربين نائٽيس بدران چائنيز هوٽلن تي ماني کائڻ ڏانهن وڌي رهيا هيا. ڪي ٻارڙا ساڻ هجڻ ڪري ٻارڙن جي پسند جي باغن، راندين جي هنڌن، ڊائناسور ورلڊ ۽ ٻيو ڪجهه گهمي رهيا هيا.
    گذريل 12 سالن کان هر سال گرمين جي موڪلن تي مون سان لنڊن کان آرلينڊو گڏ آيل هڪ آئرش فيملي ٻڌايو ته هو هر سال سڌو Walt Disney World هليا ويندا آهن. اهو هڪڙو هنڌ ئي ايڏو وڏو ۽ دلچسپ آهي جو کين آرلينڊو جا ٻيا ماڳ گهمڻ جو وقت ئي نٿو ملي.
    ۽ اها ڳالهه حقيقت به آهي ته فلوريڊا جو هي سياحت جو اٺون عجوبو ايڏو ته وڏو ۽ وسيع آهي جو رڳو هڪڙي جاءِ پسند ڪجي ته ان کي ئي مڪمل طور گهمڻ ۽ انجواءِ ڪرڻ لاءِ به گهٽ ۾ گهٽ ڏهه ڏينهن گهرجن. ان والٽ ڊزني ورلڊ ۾ ميجڪ ڪنگ ڊم پارڪ، ايپڪاٽ، ڊزني ايم جي ايم سٽوڊيو، ڊزني اينيمل ڪنگ ڊم پارڪ، ڊزني بيچ، ڊزني ٽاءِ فون ليگون ۽ ڊاؤن ٽاؤن ايريا شامل آهي. خوشقسمتي سان اسان جي هوٽل ان عجوبي جي ويجهو هئي، ڊا ؤن ٽاؤن ايريا ته بنهه سڏپنڌ تي هو. ڪجهه سياح خطرناڪ Water Rafting واري جاين کي پسند ڪن ٿا. ڪي ايڊونچر ۾ دلچسپي رکندڙ سياح وري آفريقا جي طرز تي جوڙيل هيبتناڪ جهنگل وائلڊ لائيف ۽ شڪار گاهن ڏانهن مهينن جا مهينا گم ٿي ويندا آهن. سفاري ٽوئرز جو به گهڻو ڪري شڪار جا شوقين يا جهنگ لتاڙڻ جا خواهشمند سياح اهتمام ڪندا آهن.
    آئون تعارفي ڪتاب ڏسي ڏسي ٿڪجي پيو هيس ۽ سفر نامي لاءِ نوٽس لکڻ دوران سوچيندو هيس ته هڪڙو ته هي سڀ ماڳ گهمڻ لاءِ زندگيءَ جا ڪي سال واندڪائيءَ وارا گهرجن ۽ پوءِ انهن جا تفصيل لکڻ لاءِ وري ڪي وڌيڪ سال گهرجن، پر پوءِ سوچيم ته اهڙو ڪتاب ته اٺن ڏهن هزار صفحن جو هوندو ان کي آخر چپرائيندو ۽ وڏي ڳالهه ته پڙهندو ڪير.
    اک کلي ته شام جا ست ٿي رهيا هيا، آئون سفر جي ڪري به ڪجهه ٿڪيل هيس. تيار ٿيڻ کان اڳ تاج ۽ ادا حسين جي ڪمري تي فون ڪيم ته همراهه ٻاهر نڪتل هيا. اڃا اها خبر نٿي پئي ته ڪير ڪهڙي ڪمري ۾ آهي. البته سانا انتظاميا سمورن ايندڙ مهمانن ۽ خاص طور تي جيڪي همراهه هنن اسپيڪرز طور گهرايا هيا تن جي خبرچار وٺي رهيا هيا.
    سانا جي دوستن ۾ منهنجي تاج نظاماڻيءَ سان اڳ ۾ ملاقات نه هئي جو هو 2005 ۾ سنڌ ۾ ٿيل سانا ڪانفرنس ۽ هت هجڻ باوجود به مون سان ملي نه سگهيو هو. باقي ڪوثر ڀٽي صاحب جي گهر سانا جي دوستن جي اعزاز ۾ رکيل سنڌ ڪنويشن ۽ ڪراچيءَ ۾ سانا پاران ڪو ٺهيل ڪانفرنس ۾ ڪيترن ئي دوستن سان ملاقاتون ٿيون هيون، جن مان ڪن جا نالا ته ڪن جا چهرا ياد هيا.
    تاج ۽ ادا حسين موٽي آيا ته ڪمري تي ڪچهري شروع ٿي. وائرليس سسٽم ۽ هر هڪ همراهه وٽ ليپ ٽاپ هجڻ جي سهولت هجڻ ڪري هر ڪو پنهنجي ليپ ٽاپ تي اي ميل وغيره چيڪ ڪري رهيو هو. مون به اي ميل تي گهر ٻڌايو ته آئون آرلينڊو ۾ آهيان. ان تي تاج مون کي سندس موبائيل فون ڏيندي اي ميل بدران فون تي حيدرآباد ڳالهائڻ جو چيو. ادا حسين بخش چيو ته بابا جيستائين فون واري رڙ نه ڪجي ته ڪيئن خبر پوندي ته پرديس مان فون آهي. مون تاج جي فون تان نونيءَ سان حيدرآباد ڳالهايو ۽ امڙ سان سان به هلو هاءِ ڪيم.
    ٿورڙي دير ۾ جميل داؤدي، وحيد پاٽولي ۽ ڪي ٻيا دوست اچي ويا. ڪچهري رات جو دير تائين هلندي رهي. ڪچهريءَ سان گڏ کاڌو پيتو به هلندو رهيو، نيٺ ٽين وڳي هڪ ٻئي کان موڪلائي ڪمرن ڏانهن روانا ٿياسين.
    صبح جو سوير اٿڻ جي عادت هئڻ ڪري ٻئي ڏينهن جلدي وڃي هوٽل جي ٻاهران ميدان ۾ ڊگهو پنڌ ڪري آيس. ڪجهه چهرا اهڙا واڪ ڪندي نظر آيا جيڪي سنڌي لڳي رهيا هيا پر واقف نه هجڻ ڪري هڪ ٻئي کي ڏسندا ئي رهياسين. مُهانڊن مان ته سڃاڻپ ٿي رهي هئي پر ويجهو ٿي پڇا ڪرڻ عيب سمجهيو ٿي وڃي آمريڪي سوسائٽي ۾ سو آئون لابي ۾ اچي ويس.
    ڏهين يارنهين وڳي لابيءَ ۾ ڪافي ماڻهو اچڻ شروع ٿي ويا ۽ اسان جو هڪ ٻي سان تعارف شروع ٿي ويو. جنهن پهرين همراهه سان هٿ ملائي تعارف ٿيو هو اهو هو عباسي صاحب، جيڪو سنڌ سونيورسٽيءَ ۾ اسان جي استاد ۽ پولٽيڪل سائنس شعبي جي پروفيسر سيف الله عباسي صاحب جو ڀاءُ آهي. هاڻ سمورا عباسي برادران ٽيڪساس جي شهر ڊيلس ۾ رهن ٿا. اتي سندن وڏا ڪاروبار آهن.
    اڃا ساٿين سان ڪچهري جاري هئي ته سنڌ جي برک ڏاهي سراج ميمڻ ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي پروفيسر ۽ محقق ادبي فهميده حسين جي ڀاءُ ضياءَ ميمڻ سان تعارف ٿيو.
    ضياءُ ميمڻ صاحب کي مون پري کان ئي سڃاڻي ورتو هو ڇاڪاڻ ته سندس شڪل سراج صاحب سان ملندڙ آهي ۽ سندس آمريڪا ۾ هجڻ بابت به ڄاڻ هئي. ٻن ماڻهن سان ملڻ جو شوق هو هڪ خالد هاشماڻي ۽ ٻيو اقبال ......... تاريخي بابت داؤدي ٻڌايو ته هو اچي چڪو آهي پر پنهنجي ڪمري تي حسب دستور ڪمپيوٽر تي لک پڙهه جي ڪم ۾ مصروف آهي.
    اتي ئي خبر پئي ته حيدرآباد مان آمريڪا ۽ پوءِ ڪيناڊا لڏي ويل فقير جي پڙ جي هڪ عرساڻي فئملي به ڪنويشن ۾ شرڪت لاءِ ڪيناڊا کان آيل آهي. منهنجي شهر جي حيدرآبادين سان ملڻ جي خواهش هئي ۽ ادي تاج نظاماڻيءَ کي چيم ته عرساڻي صاحب نظر اچي ته ضرور ملائجو.
    حيدرآباد ۾ رڳو هڪ تعلقي کان ٻي تعلقي ڏانهن ٿيل لڏ پلاڻ جي نتيجي ۾ ئي اڃا تائين ماڻهو پنهنجا پراڻا، پاڙا، مائٽياڻا گهر ۽ ساٿي سنگتي نه وساري سگهيا آهن ته وطن ڇڏڻ جو درد ڪيترو نه ايذائيندڙ هوندو. اهو خيال ذهن ۾ آيو ته پاڻ کان سوال ڪيم ته ضروري ناهي ته ملڪ ڇڏيندڙ هر شخص جي ڪيفيت اهڙي هجي.
    ٻي ڏينهن ڪانفرنس شروع ٿيڻ واري هئي. تنهنڪري پوري آمريڪا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سنڌي هوٽل ۾ جمع ٿيڻ شروع ٿي ويا هيا.
    اقبال ترين، ڊاڪٽر اعجاز ترڪ، ڪوهه شير، عزيز ناريجو، حنيف سانگي، آغا ظفر، سني پنهور، طلعت ٽالپر، محمدي علي مهر، جميل داؤدي، سرفراز ميمڻ، پاڪستان اندر ڪنهن وقت اڳ ايجنسين مٿان گم ڪيل جسقم جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر سرڪي جي فئملي، ڊاڪٽر وقاصي منور سومرو وغيره آرلينڊو پهچي چڪا هئا.
    هوڏانهن سنڌ مان مير حسين بخش ٽالپر، نواب نور احمد ٽالپر، نصير ميمڻ ۽ ڊاڪٽر اقبال ناريجو ڪنوينشن ۾ پهتل هيا. هتي ڪيترائي همراهه ڪن حوالن سان واقف هيا. ڪن جا نالا ورهين کان ٻڌندا هياسين. ڪن کي پڙهيوسين. ڪن کي اسان جي ڪم جي خبر هئي، سو تعارف مهل سڃاڻڻ ۽ انهن جي موجودگيءَ جي خوشيءَ جي حد ئي ڪونه هئي.
    ملاقاتون ڪندي، تعارف ڪرائيندي اوچتو تاج نظاماڻي رڙ ڪئي ته جلدي گاڏيءَ ۾ ويهو ته ڪٿي هلي هندستاني کاڌو کائجي ۽ ٿورڙو گهمجي، سو تڪڙ ۾ هڪ ڏينهن اندر گهمي سگهڻ جهڙي ماڳ ايپڪوٽ ڏانهن روانا ٿياسين. واضح سائين بورڊز، روڊن تي لڳل اشارا ۽ ايرو جا نشان - اوهان کي ضرورت ئي محسوس نه ٿيندي جو روڊ سمجهه ۾ نه اچي يا ڪنهن کان پڇڻو پوي.
    ايپڪوٽ ۾ ڪجهه شيون ڏنڊن ۾ آڱريون ڏياريو ڇڏين خاص طور تا خلا جو ٺهيل خاڪو ، يونيورس آف انرجي ۽ رات جو فائرشو وغيره. هلي هلي لاهه نڪري ويا رات اچي ٿي پر هڪڙو ايپڪوٽ ئي نه گهمي سگهياسين.
    ادا حسين بخش نيٺ رڙ ڪري چيو ته وڃ لکين ماڻهوءَ رڳو هڪڙي ايپڪوٽ ۾ هلن پيا ته پوري فلوريڊا ۾ ڪيتري قوم آئي هوندي. هن اها ڳالهه اهڙي مزيدار ڪئي جنهن تي کلي کلي پيٽ ۾ سور پئجي ويو.
    حسين بخش چيو ته هزارين آمريڪي ٻار صبح کان هل هلان ۾ آهن پر اڃان تائين ڪنهن ٻار کي روڄ راڙو ڪندي يا مائٽن کي چنبڙندي ٿيندي ڪونه ڏنو اٿم. جس هجي آمريڪي عوام کي - جيڪڏهن اسان جا ٻار هجن ها ته ڪلاڪ هڪڙي کان پوءِ روئي روئي ڪِن ڪن ها ۽ چون ها ته ڪڇ تي کڻي گهمائيندا ته اڳيان هلنداسين نه ته نه. ۽ پوءِ ٻن ڪلاڪن اندر زال سان جهيڙو ٿئي ها ۽ نيٺ وڙهندا جهڙندا گهمڻ اڌ ۾ ڇڏي هوٽل واپس اچون ها.
    رات جو ڪافيءَ جا وڏا ڊسپوزبل گلاس پيئندا، روح کي تازگي ڏئي ڇڏيندڙ فائرورڪ ڏسندا اچي هوٽل پهتاسين جتي خبر پئي ته مشهور زمانه هيوسٽن جي چنڊال ڇوڪڙي هوٽل پهچي چڪي آهي ۽ ادا حسين بخش ۽ تاج نظاماڻي جو استقبال ڪري رهي آهي.


    سانا ڪنوينشن ۽ پريس

    سانا ڪنوينشن جي سياسي سيشن ۾ صدر عزيز ناريجي، پيپلزپارڻي جي مرڪزي اڳواڻ مخدوم امين فهيم، مسلم ليگ نواز جي احسن اقبال ۽ اعتزاز احسن جي گهر واري بشريٰ اعتزاز جيڪي تقريرون ڪيون ۽ آخر ۾ جيڪي قراردادون پاس ٿيون انهن کي نه رڳو واشنگٽن، نيويارڪ مان نڪرندڙ اردو اخبارن ۾ ڪوريج ملي پر اي ميل رستي پاڪستان موڪليل خبرن کي به ڪافي سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن جڳهه ڏني.
    آمريڪا جي ميساچوسٽ يونيورسٽي ۾ پوليٽڪل سائنس جي شعبي سان لاڳاپيل پروفيسر ۽ سياسي تجزيه نگار ڊاڪٽر انور سيد سانا ڪنوينشن ۾ عزيز ناريجي پاران ڪيل تقرير ۽ خاص طور تي مشرف ۽ فوج جي سياست ۽ سياسي جماعتن جي ڪردار بابت ڪراچي مان نڪرندڙ پاڪستان جي سڀ کان وڏي ۽ ساک واري انگريزي اخبار ڊان ۾ هڪ مضمون لکيو جنهن ۾ هن پاڪستاني سياست، آمريڪي اثر، جمهوريت، آمريت، مشرف جي حڪومت جي حوالي سان سنڌين جي مؤقف جي حمايت ۾ ٽيڪاٽپڻي ڪئي.
    آءٌ پنهنجي پڙهندڙ لاءِ سندس پورو مضمون انگريزي ۾ جيئن جو تيئن پيش ڪري رهيو آهيان.
    هوڏانهن حيدرآباد جي ڊان ۽ دي نيوز جي بيورو آفيسن ۾ موڪليل رپورٽن تي انهيءَ اخبارن ۾ سٺي ڪوريج ملي.
    ڪنهن به مقصد واري سياسي يا سماجي سرگرمي کي پريس ڪوريج ملڻ ان ڪري انتهائي ضروري هوندو آهي جو انهن گڏجاڻين جي سرگرمين، ڪارواين ۽ پوءِ فيصلن جي نتيجي بابت عوام کي ۽ واسطيدار ڌرين کي ڄاڻ ملڻ بي حد ضروري هوندو آهي. ان سان نه رڳو عوامي راءِ عامه تي اثر پوندو آهي پر فيڊبيڪ اچڻ جي ڪري پروگرام ڪندڙن کي ڪافي معاملن ۾ چڱائي جون صلاحون ملنديون آهن.
    اخبارن کان علاوه جڏهن ڪانفرنس جو قراردادون اي ميل لسٽن ذريعي پوري دنيا اندر موڪليون ويون ته ان جو گهٽ ۾ گهٽ مون کي تمام سٺو فيڊبيڪ مليو. ٻاهرين ملڪن مان اي ميلن رستي جيڪي مواد ايندو رهيو اهو فيڊبيڪ پڙهي رهيو هيس ته واشنگٽن مان انٽرنيٽ تي نڪرندڙ پنجابي رسالي ويچار ۽ لاهور مان نڪرندڙ اخبار ڊيلي ٽائمز ۾ اسان جي پياري دوست ڊاڪٽر منظور اعجاز جو سانا ڪنوينشن تي لکيل مضمون پڙهيم.
    ڊيلي ٽائمز وارو مضمون جيئن جو تيئن پيش ڪيان ٿو. هن مضمون ۾ ڊاڪٽر صاحب سنڌ ۽ سنڌين جي سياست، پيپلزپارٽي ۽ ٻين اشوز تي به بحث ڪيو آهي.
    ڪنوينشن دوران ئي جيو جي مشهور پروگرام ”ايک دن جيو کي ساتهه“جي اينڪوپرسن ۽ اردو جي مشهور ليکڪ ۽ ڪالم نويس سهيل وڙائچ سان گفتگو ٿي جيڪو مخدوم امين فهيم جي دعوت تي سانا ڪنوينشن ڏسڻ آيو هو.


    سانا کي ڇو مضبوط رهڻ گهرجي

    سانا جي سرگرمين، قيادت ۽ مستقبل بابت ڪيترائي تبصرا ۽ رايا نه رڳو امريڪا پر سنڌ ۾ به موجود آهن. مون جڏهن امريڪا مان واپس موٽي پنهنجي جماعت ايس ڊي ايف جي دوستن کي سمورين سرگرمين جو تفصيلي احوال ڏنو ته ان ۾ آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين بابت به ڪافي حال احوال شيئر ٿيا ۽ سانا جي هڪ بهتر ۽ ڪارائتي جماعت هجڻ تي اتفاق به ٿيو.
    پاڻ مان ڪيترن ئي دوستن کي خبر آهي ته ڪافي دوستن ڪوشش به ڪئي ته سانا کي توڙجي يا آمريڪا ۾ اهڙي قسم جي سنڌين جي ڪا ٻي جماعت جوڙجي پر ان پٺيان ڪي مخصوص سياسي مفاد هجڻ ڪري اهي ڪوششون ڪامياب نه ٿي سگهيون ۽ سانا پنهنجي سمورين خوبين ۽ خامين سان هيل تائين هلندي آئي آهي.
    سانا جي تنظيم سازي، منشور ۽ ميمبرشب جي حوالي سان سانا جي اندروني ڌانچي توڙي ڪم ڪار جي ڊسپلن ۾ ڪافي پرابلمز موجود آهن تنهن جي باوجود به سانا پوري نارٿ امريڪا ۾ واحد اهڙي سماجي تنظيم آهي جيڪا نه رڳو سچ پچ قوميت جي بنياد تي ٺهيل آهي پر سندس اميج عالمي سطح جي تنظيم جو آهي. سانا ڇاڪاڻ ته وولنٽئيرازم جي بنياد تي هلي ٿي تنهن ڪري سانا مان ڪنهن سرڪاري اداري يا اهڙي سماجي ۽ سياسي تنظيم جنهن ۾ ملازم ڪم ڪندا هجن، جهڙي ڪردار جي ادائيگي بي ڪار قسم جي خواهش آهي.
    مون پنهنجي دوري دوران ڪيترن ئي اردو، پنجابي، پشتو ۽ بلوچي ڳالهائيندڙ دوستن سان ڪچهريون ڪيون ۽ هر طبقي کي پنهنجي ماڻهن لاءِ سانا جهڙي تنظيم بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي ڏٺم.
    آمريڪا ۾ سياسي جماعتون به آهن، ڊاڪٽرز جا فورمز به آهن، پروفيشنلز جون تنظيمون به آهن پر قوميت جي بنياد تي ڪيترن ئي ماڻهن تنظيمون ٺاهن جون ڪوششون ڪيون پر اهي جُڙي نه سگهيون.
    تنهن ڪري سانا، سماجي تنظيم هجڻ جي سرٽيفڪيٽ هيٺ جيئن ۽ جهڙي طريقي سان پاڪستان کي مضبوط ڏسڻ لاءِ سنڌ جي مضبوط هجڻ واري ڳالهه ڪندي آئي آهي ۽ هن پنهنجي سياسي ڪردار ۽ سرگرمين ۾ اضافو آندو آهي - اها پيش قدمي سنڌ لاءِ هڪ وڏو سرمايو آهي.
    دنيا جي ڪا به اهڙي جماعت، ڪو به اهڙو ادارو يا فورم مون کي نٿو سُجهي جيڪو سو سيڪڙو آئيڊيل هجي ۽ سؤ سيڪڙو ماڻهن جي خواهشن تي پورو لهي. تنهن ڪري سانا جي ڪردار کي به آئيڊيلزم ۾ ڏسڻ بدران هن جي جيڪا به موجوده ساک ۽ سگهه آهي ان کي نه رڳو امريڪا ۾ رهندي، اتان جي سماجي اصولن ۽ سياسي قائدن هيٺ پوري ڪميونٽي لاءِ استعمال ڪجي پر سنڌ جي ڪيس لاءِ امريڪا جهڙي ملڪ ۾ هڪ وڏي اتفاق راءِ واري محاذ طور استعمال ڪجي.
    ها غلط ڪمن ۽ ڪوتاهين تي تنقيد به ڪجي پر ان پٺيان نيت سنڌين جي هن جماعت کي مضبوط ڪرڻ هجي ان کي نقصان پهچائڻ نه.
    مون پنهنجي اکين سان هزارين ميلن کان ڪهي آيل سنڌي گهراڻن کي هڪ جاءِ تي گڏ ويٺل، ڊانس ڪندي، هو جمالو ڳائيندي، سنڌ سنڌ ڪندي، هڪ ٻي سان حال احوال اوريندي ڏٺو. منهنجو ذاتي خيال آهي ته ان حقيقت جو اعتراف ڪجي ته، ان گڏجاڻي ۾ هر ڪو ماڻهو پنهنجي خرچ ڀاڙي تي پاڻ پهتل هو. ۽ سندن محور ڪميونٽي کي هر سال هڪ جاءِ تي گڏ ڏسڻ هو.
    هن جماعت مان نه ڪنهن کي آمريڪا جي ڪانگريس ۾ ڪا سينٽ جي سيٽ ملڻي آهي نه ئي ڪا وزارت، تنهن ڪري ڪميونٽي جي بنياد تي جڙيل سنڌين جي ان جماعت کي مضبوط رهڻ گهرجي.
    مون کان آفتاب قاضي جي گهر سائين هاشماڻي، علي نواز ميمڻ، ۽ اقبال ترين پڇيو ته اسان جا ٻار امريڪي سوسائٽي جو حصو بڻجندا وڃن ۽ اسان کي هر وقت پنهنجي قومي سڃاڻپ جي خاتمي جو خوف رهي ٿو. ان کي ڪيئن برقرار رکي سگهجي ٿو؟ مون پنهنجي دوري دوران ڪيترين ئي ڳالهين کي غور سان ڏٺو هو، مشاهدو ڪيو هو ۽ ڪجهه پنهنجي ليکي نتيجا ڪڍيا هيا، تنهن ڪري مون وٽ جواب به واضح هو. مون کين چيو ته اوهان بالڪل خوف نه ڪيو اوهان جا ٻار جيڪڏهن هن سماج جو حصو نه بڻيا ته نه هِتان جا رهندا نه هُتان جا. باقي هتي رهندڙ سنڌين جي بقا آمريڪا ۾ هڪ نسل جو معاملو آهي. يعني جيڪڏهن سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ سڃاڻپ رکندڙ هڪڙو نسل هليو ويو ۽ سندن ٻار آمريڪي ٿي ٿا وڃن ته هر ڀيري سنڌ مان هجرت ڪري آيل هڪ نئون نسل ان سڃاڻپ، ثقافت ۽ ٻولي کي برقرار رکندو، باقي اهي نسل جيڪي آمريڪا ۾ ڄاوا آهن انهن مٿان اها ثقافت مڙهي نٿي سگهجي.
    هر سال ڪيترائي دوست اميگريشن يا پڙهائي سانگي وڃن ٿا اهو تازو نسل ئي سنڌيت کي برقرار رکي سگهندو ۽ ان جي لاءِ سانا هڪ بهترين فورم آهي، جيڪا سنڌي ٻولي، ادب ۽ آرٽ برقرار رکڻ لاءِ، قومي سڃاڻپ جي بقا لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي.
    تنهن ڪري سانا کي مضبوط رهڻ گهرجي، گذريل ڪافي سالن کان سانا سنڌ جي سياسي ڪيس کي اهم بين الاقوامي فورمز ۾ پيش ڪري عزت ماڻي آهي.. 2008ع سال سانا ۾ قيادت جي تبديلي جو سال آهي تنهن ڪري ايندڙ عهديدارن کي به گذارش هوندي ته هو سانا جي مضبوطي لاءِ ڪم ڪن.


    ميامي بيچ، سنڌ ۽ آمريڪا جي آزادي

    ڪانفرنس دوران ڪن دوستن پڇيو ته ڪيترن ڏينهن لاءِ آمريڪا آيا آهيو؟ اسان جي جواب تي هو حيرت ڪرڻ لڳا ته امريڪا جهڙي ملڪ ۾ رڳو چند هفتا. ڪن دوستن صلاح ڏني ته ڇاڪاڻ ته اسين فلوريڊا آيا آهيون، وري يا نصيب. انهيءَ ڪري ميامي بيچ ضرور ڏسون. هڪ همراهه چيو ته آمريڪا اچجي ۽ لاس ويگلس ۽ ميامي بيچ نه گهمجي، اهو ڄڻ ڄائو ئي ڪونه.
    مون کي لاهور بابت چيل سٽون ياد آيو ته ”جني لهور نهين ويکيا او جميا ئي نهين“ سو لڳي ٿو لاس ويگاس يا ميامي بيچ مان ڪو هڪ عجوبو به نه ڏٺوسين ته ڄڻ آمريڪا ئي ڪونه آياسين. مون ۽ نصير ميمڻ صلاح ڪئي ته ڇا ۽ ڪيئن ڪجي؟ ڪهڙا انتظام ڪجن؟ هوڏانهن اڃا سوچڻ ۾ گم هياسين ته تاج نظاماڻي هيوسٽن هلڻ تي زور ڀريو. هوڏانهن منهنجو دوست فاروق لغاري (راجو) هيوسٽن مان فون ڪري فوري طور هيوسٽن اچڻ جو چيو. ٻي پاسي خدائي خدمتگار ميان سرفراز ميمڻ جي دعوت ملي ته هو ۽ سندس دوست جبار صديقي ميامي بيچ وڃي رهيا آهن. جيڪڏهن اسين چاهيون ته هنن سان گڏ هلي سگهون ٿا. هنن واشنگٽن مان آرلينڊو اچڻ وقت ايئرپورٽ تان بهترين ڪار ڪرائي ڀاڙي تي وٺي ڇڏي هئي سو آفر ته وڻي پر اهو ٻڌي حيرت ٿي ته سرفراز ميمڻ ۽ صديقي صاحب به پهريون ڀيرو ميامي بيچ ڏسڻ هلي رهيا آهن، سو نه ڪئيسين هم نه تم، ويٺاسين سامان رکي سرفراز ميمڻ جي ڪار ۾.
    دوستن يارن کان موڪلائي آرلينڊو کي خدا حافظ ڪيوسين. ڪجهه فيمليز پهريون ڀيرو آرلينڊو آيون هيون تن جو قيام اڃا اتي ئي هو. اسان جا ڪجهه دوست هوٽل انتظامن، بلن جي ادائيگي ۽ ٻين تنظيمي ڪمن ڪارن جي ڪري رڪجي ويا هئا.
    آرلينڊو ۾ رهندڙ مقامي دوست سڄو وقت مهربان رهيا. اتي خبر پئي ته خيرپور جي جماڻين جا به گهر آهن آرلينڊو ۾ ۽ هر سال گهمڻ ڦرڻ ايندا آهن. سو اسان روانا ٿياسين هڪ دلچسپ ۽ نئين سفر تي جيڪو اسان جي ميزبانن جو به پهريون سفر هيو.
    ڪا به نئين جاءِ يا چهرو ڏسڻ کان اڳ جيئن ذهن ۾ سوين تصور، خيال ۽ شڪلون ظاهر ٿينديون وينديون آهن، ائين ئي منهنجي ذهن ۾ به ميامي بيچ جو تصور ننڍي هوندي ڏٺل آمريڪي فلمن يا بيچ تي فلمايل عالمي شهرت يافته ڊراما سيريز بي واچ جو هو.
    ميامي پهتاسين ته هن شهر جي سڀ کان مصروف ۽ مزيدار سڙڪ جي وچ ۾ واقع هڪڙي هوٽل اڳيان ڪار اچي پارڪ ڪئي سين. هوٽل صاف سٿري ۽ مک پوائنٽ تي قائم هئي جنهن جي بڪنگ انٽرنيٽ تي سرفراز اڳ ۾ ئي ڪرائي چڪو هو. اسٽريٽ تي غير معمولي سرگرمي نظر اچي رهي هئي. ماڻهن جو هجوم روڊ جي ٻنهي پاسي بيچ کي اڃان سهڻو بڻائي رهيو هو، پوليس جي پيٽرولنگ ۽ هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ واري گاڏين جا سائرن- صفا بي واچ مووي وارو ماحول جوڙي رهيا هئا. گهمڻ ڦرڻ دوران خبر پئي ته ٻن ڏينهن کان پوءِ 4 جولاءِ تي آمريڪا جي آزادي جو ڏينهن آهي ۽ سڀ تياريون ان ڏينهن جي سيليبريشن لاءِ ٿي رهيون آهن. جبار صديقي چيو ته پير زور آهن جو هڪڙو ته ميامي بيچ تي آهيون مٿان هنن جي آزادي جا جشن، ميامي اچڻ جا پئسا ئي سجايا ٿي ويا.
    ميامي آمريڪا جو عجيب و غريب علائقو آهي جتي لاطيني آمريڪا جي ملڪن ڪيوبا، ميڪسيڪو ۽ نڪاراگوا جو ڪلچر نظر ايندو، ڇاڪاڻ ته اهي ملڪ سائوٿ ۾ آمريڪا سان مياميءَ وٽ لڳولڳ آهن. هن شهر ۾ لاطيني آمريڪا جا چهرا ايترا ته هئاجو ميامي نارٿ بدران سائوٿ آمريڪا جو شهر لڳي رهيو هو.
    آئون، نصير، سرفراز ۽ جبار چار ڏينهن هن شهر جا مختلف بيچ پوائنٽس، روڊ رستا، بار ۽ لائيٽ ڪلب گهمندا ڦرندا آمريڪا جي آزادي جا جشن ڏسندا، سنڌ جي خودمختياري جي دعا ڪندا ٻيهر آرلينڊو واپس پهچڻ جي تياري ڪرڻ لڳاسين.


    آرلينڊو واپسي – گري هاؤنڊز ۽ جاڳ جا 40 ڪلاڪ

    پاڪستان مان روانو ٿيڻ کان اڳ جڏهن عزيز ناريجي مون کان سمورو پروگرام پڇيو ته مون کيس ٻڌايو هو ته آءٌ ۽ نصير آرلينڊو کان سوڌو نيويارڪ وينداسين. دعوتون ته ڪافي هنڌن تان مليون هيون پر سفر کان پهرين حسن سان ملڻ لاءِ دل بي چين هئي. پهرين اهو خيال ڪيوسين ته نيويارڪ ڪافي پري آهي ۽ ٻه ٽي هفتا اڳ جهاز جي بڪنگ ڪرائيبي ته پروموشنل سيزن جي ڪري ڊوميسٽڪ ٽڪيٽ سستي ملندي پر اي ميل تي هڪ دوست صلاح ڏني ته جهاز ۾ آرلينڊو کان نيويارڪ وڃڻ ائين ٿيو جو اوهين ڪراچي کان اسلام آباد پهتا پوءِ امريڪا گهمڻ جو ڪهڙو مزو. پهريون دفعو آيا آهيون تنهن ڪري رلندا پنندا نيويارڪ وڃو ته اهڙو مزو وري نه ملي سگهندو، سو آمريڪا لٽاڙڻ ۽ نيئين واسڪو ڊي گاما بڻجڻ جي خواهش هيٺ عزيز ناريجي کي ٻڌايوسين ته اسين يعني آءٌ ۽ نصير بس ذريعي گهمندا ڦرندا نيويارڪ وينداسين. هن اها ڳالهه ري ڪنفرم ڪري اسان جون سيٽون آمريڪا جي مشهور ٽورئسٽ بس سروس گري هاؤنڊز ۾ بُڪ ڪرائي ڇڏيون هيون.
    ميامي کان واپسي ايندي اهو طي ٿيو هو ته سرفراز ميمڻ اسان کي گري هاؤنڊز بس سروس جي اڏي تي لاهي ڇڏيندو ۽ پوءِ پاڻ واشنگٽن رواني ٿيڻ لاءِ ايئرپورٽ هليو ويندو. واشنگٽن واپس وڃڻ لاءِ ايئرپورٽ جي سموري رستي ۾ ٽريفڪ جام جي ڪري ۽ ڪچهري ڪندي گهمندي ڦرندي اچڻ ڪري کين دير ٿيڻ لڳي هئي ۽ فيصلو ٿيو ته پهرين هو ڀاڙي واري گاڏي واپس ڪري ايئرپورٽ ويندا ۽ پوءِ اسين کين ايئرپورٽ تي موڪلائي بس اڏي ڏانهن روانا ٿينداسين. سو خير ميان سرفراز ۽ صديقي صاحب کي ڊوميسٽڪ ڊيپارچر تي ڇڏي آءٌ ۽ نصير ٽيڪسي ڪري گري هاؤنڊز بس سروس جي اڏي تي پهتاسين.
    هاڻ اسان جو سفر آمريڪي دوستن ۽ ميزبانن کان سواءِ شروع ٿي رهيو هو. ٽيڪسي ۾ ايئرپورٽ کان گري هاؤنڊز بس اڏي تائين اسان آرلينڊو شهر جو نئون پاسو ڏٺو. پندرهن منٽن جي ڊرائيو ۾ اسان شهر جو نئون علائقو ڏٺو. وڏا وڏا ڪارخانا ۽ ڪمرشل عمارتون نظر اچڻ لڳيون. شروع ۾ لڳو هو ته هي شهر رڳو هوٽلن، ڊگهن وڻن، گهمڻ ڦرڻ جي جڳهن ۽ ٻارڙن جي وندر جو شهر آهي پر هاڻ هن شهر جو ڪاروباري رخ نظر اچي رهيو هو. هونئن به آمريڪا جي هر رياست جو سياسي ۽ معاشي ڍانچو هڪ خودمختيار رياست وارو آهي ۽ هر اسٽيٽ هڪ مڪمل ملڪ واري انداز ۾ جوڙي وئي آهي. امريڪي سوسائٽي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته امريڪا جي تاريخ ۽ ادب پڙهجي.
    آءٌ چاهيان ٿو ته جيڪو همراهه هڪ دفعو آمريڪي هسٽري پڙهي پوءِ آمريڪا گهمڻ ايندو ته ان جهڙو خمار (ٻيو ڪو ڪيترو ئي ڇو نه گهمي ڦري) ان کي نه اچي سگهندو. امريڪا جي تاريخ، اتان جي سياسي، معاشي ۽ سماجي عروج و زوال جا داستان، خانه جنگيون، سياسي قيادتن ۽ ماڻهن جو جنهن به مطالعو ڪيو هوندو ان کي هتان جي لينڊ اسڪيپ کي سمجهڻ جو بهترين موقعو ملندو.
    بارش ۾ چيز برگر کائي ۽ چلڊ پيپسي پي اسين ٻئي چڙهياسين نيويارڪ جي روٽ تي ويندڙ بس ۾- بس نه هئي ننڍو جهاز هو. گري هاؤنڊز بس سروس امريڪا جي سڀ کان وڏي ٽرانسپورٽ سروس آهي. سو ان کي قابل ڀروسو سروس سمجهندي ٻئي ڄڻا چڙهي پيا هياسين.
    بارش ۾ ڀنل شيشا، ٻاهر روشنيون ڦيهلائيندڙ ڪارن جو هيڊلائيٽس جهڙالو موسم، ها اوهين سمجهي ويا هوندا ته نئين سفر ڏانهن وک طبيعت کي ڪيئن نه ايڪسائيٽڊ ڪيو ڇڏي.
    پهرين ان سوچ ۾ پئجي وياسين ته ٽيهن چاليهن ڪلاڪن جو پهاڙ جيڏو وقت ڪيئن گذرندو پر ٻه ته ٻارنهن واري فارمولي تي پاڙيندي اچي جا ڪچهري شروع ڪئي سين ته خبر ئي نه پئي ته اهو وقت ڪيئن گذريو.
    سوين ميلن جو سفر ڪيوسين ۽ رستي ۾ مجال آهي ته زمين جو ڪو اهڙو ٽڪرو اهڙو نظر آيو هجي جتي اسان کي وڏن شهرن جي نسبت گهٽ ترقي يا انفراسٽرڪچر نظر آيو هجي. روڊ، رستا، ساوڪ، هر ڪلاڪ کان پوءِ نظر ايندڙ خوبصورت نديون، پلون، درياهه، يا خدا ڪيتري نه خوشحالي آهي هن ڌرتيءَ تي ۽ جيڪڏهن هن ڌرتي جا حڪمران عوام دشمن پاليسون ۽ جارحيت ۽ بيٺڪي ذهنيت ختم ڪن ته دنيا ڄڻ ڪا جنت بڻجي وڃي.
    نصير ۽ منهنجي لاءِ ان من موهيندڙ لينڊ اسڪيپ ۾ سڀ کان وڌيڪ وڻندڙ منظر اهي هيا جڏهن اسان پاڻي سان سيراب علائقا، دريا، نديون ۽ نالا، ساوڪ ڏسندا هئاسين ته ٻئي ڄڻا هڪ دم رڙ ڪري آمريڪا جي ماحوليات تي بحث شروع ڪري اچي سنڌ جي ڪسمپرسي، پاڻي جي اُڻاٺ جي سياست ۽ ماحوليات جي تباهي تي ختم ڪندا هئاسين.
    نصير ۽ مان ذاتي زندگي، پيشه ورانه ڪيرئير، سنڌ ۽ نه ڄاڻ ڪهڙي ڪهڙي موضوع تي بنا برئڪ ڪيترائي ڪلاڪ ڳالهائيندا رهياسين. نصير سفر ۾ ساڻ گڏ کڻي هلڻ لاءِ آئيڊيل پارٽنر آهي.
    اسان ٻنهي جي زندگي جو سفر ۽ هيستائين پهچڻ واري پنڌ جي داستان، ڏکن، سکن، تڪليفن ۽ خوشيءَ جي تازو شروع ٿيل ٿورڙن لمحن جي ڪنڊيدار تارن سان وچڙندي اڳيان وڌي آئي. صبر جنين جو سير، تير نه گُسي تنين جو، چواڻي اسان به ڪوشش ڪئي آهي ته صبر سان بي ضميري ۽ منافقي واري دورنگي زندگي گذارڻ بدران سادي پر اهڙي زندگي گذارجي جنهن ۾ پنهنجي ٻچن ۽ ٻارن سان گڏ ڌرتيءَ سان محبتن جو پئمانو سدائين مٿاهون رهي.
    نصير ميمڻ کي هاڻ ڌيءَ ڄائي آهي. محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت هر سنڌي وانگر نصير ميمڻ ۽ سندس گهر واري اسان جي ڀيڻ ۽ ڪامريڊ زبيده ڀرواڻي کي به لوڏي ڇڏيو آهي. هنن پنهنجي دل جي ٽڪري جو نالو بي نظير رکيو آهي.
    مون کي هڪ ڏانهن اها ڳالهه ٻڌي خوشي ٿي ته هو پنهنجي ڌيءَ کي ساڻ ڪري شاهه عنايت شهيد، لطيف، سچل، ڳڙهي خدا بخش ۽ اهڙن ٻين روحانيَ ۽ انقلابي سگهه فراهم ڪندڙ ماڳن جو دورو ڪري آيا آهن، منهنجو ايمان آهي ته جنهن ماڻهو سنڌ جو اهو گس سمجهي ورتو، ان جي زندگي سجائي ٿي وئي ۽ هونئن به سنڌ انهيءَ گس جي رهبر ۽ رهنما هجڻ ڪري هر دور جي آمريت ۽ طوفانن کي مُنهن ڏيندي آئي آهي.
    بس مختلف شهرن، پوائنٽس تي اسٽاپ ڪندي اچي نيويارڪ پهتي. بس تقريبن چاليهه ڪلاڪ ورتا ۽ اهو وقت روح کي تازگي بخشيندڙ آمريڪي ڪنٽري سائيڊ ڏسندي ڏسندي ائين گذري ويو جو خبر ئي نه پئي.
    خوشحال ڌرتي کي سياسي ۽ معاشي طور بي حال ڪرڻ واري سازشن ۾ گهيريل سنڌ جي رهواسين طور امريڪي جي ساوڪ ۽ خوشحالي ايترو ته وڻي رهي هئي جو ڪچهريون ڪندي، ڀيٽ ڪندي، بحث مباحثا ڪندي 40 ڪلاڪن جي جاڳ کي ساڻ کڻندي اچي نيويارڪ شهر ۾ داخل ٿياسين، جتي گري هاؤنڊز بس اڏي تي پيارو حسن مجتبيٰ سندس گهر واري ڀاڀي سيما ۽ سندس گلن جهڙو شهزادو پٽ بسام انتظار ۾ بيٺا هئا.


    حسن مجتبيٰ جي ڇڪ ۽ نيويارڪ آمد

    فلوريڊا کان نيويارڪ جو سفر، سو به روڊ تي ۽ بس ذريعي ڪو آسان سفر نه هو. پر حسن مجتبى جي ڇڪ ويهڻ ئي ڪونه ڏنو. زندگيءَ جو هڪ ڊگهو، ڏکيو ۽ پريشانين جو سفر گڏجي گذاريو هيوسين. نائين ڪلاس ۾ هيس ته پيءَ گذاري ويو. مجو دوستيءَ ۾ وڏو عرصو منهنجو ائين خيال رکيو جيئن مٽ مائٽ رکندا آهن. تنهن ڪري اهو ته ناممڪنات ۾ شامل هو ته حسن سان ملڻ کان سواءِ آمريڪا ڇڏجي - جتي ماڻهو ايترو تڪڙو ۽ سولائيءَ سان اچي به نٿو سگهي.
    ڇهين جولاءِ تي گري هاؤنڊز بس سروسز جي هڪ وڏي لاري نيويارڪ جا روڊ رستا لتاڙي اچي مشهور 42 اسٽريٽ اسٽاپ تي لاٿو. بس جي سامهون مجتبى، ڀاڀي سيما ۽ سندن گُلن جهڙو بسام بيـٺل نظر آيو. بسام خيرن سان ڪافي وڏو ٿي ويو هو. هو حيرت ۽ خوشگوار مُرڪ سان هڪ اهڙي ديس مان آيل مهمانن کي ڀليڪار ڪري رهيو هو جنهن ملڪ بابت سندس والد وٽ انتهائي خوفناڪ تجربا آهن. سندس والد ڇاڪاڻ ته هڪ بي باڪ ۽ بهادر ڪالم نگار ۽ ليکڪ آهي تنهن ڪري بسام کي هن ڪڏهن به پنهنجي ملڪ بابت غلط ڄاڻ ناهي ڏني. هو پاڪستان کي افغانستان کان به وڌيڪ خطرناڪ ۽ دنيا جي سڀ کان وڌيڪ انتهاپسند رياست سمجهي ٿو. ها البته پنهنجي آباڻي ڪکن سنڌ بابت هن جي ڳالهين ۽ لکڻين ۾ اڄ به اهڙوئي قرب آهي جهڙا پهرين پيار ۾ هجي ٿو.
    آرلينڊو ۾ گهڻو ڪري اهو ٻڌايو ويو ته آمريڪا ۾ پرديسين کي محتاط رهي هلڻ گهرجي، آمريڪا ۾ ڪارن کان پاسو ڪجي، رات جو دير سان هيڏانهن هوڏانهن چڪر نه هڻجي، گهڻا پئسا (جيڪي اسان وٽ گهٽ ۾ گهٽ ڪڏهن به نه ٿي سگهيا آهن) هڪ وقت هٿ ۾ نه رکجن ۽ ڪيش بدران ڪريڊٽ ڪارڊ استعمال ڪجي وغيره وغيره.
    هت ته هر تصور ئي اونڌو هو. حسن انهن احتياطي تدابير جي ابتڙ هڪ نئون آمريڪا ڏيکاريو. هن جو چوڻ هو ته آمريڪا جهڙي زبردست رياست ۽ هتان جي ماڻهن جهڙو بهترين عوام دنيا ۾ ڪٿي به ڪونهي. سو صلاح ڏنائين ته مزي سان ئي آزادي سان گهمو ڦرو. هو هر وقت پاڪستان جي سياست، سياستدانن ۽ اسٽيبلشمنٽ خلاف ڳالهائيندو رهندو آهي. وڏيرن کي گاريون ڏيندي پيپلز پارٽي تي ڇتي تنقيد ڪندو آهي.
    منهنجي نيويارڪ اچڻ جي پيپلز پارٽي جي مقامي قيادت کي به خبر هئي ڇاڪاڻ ته مون عادت ٺاهي ڇڏي هئي ته آءٌ جڏهن به ملڪ کان ٻاهر ويندو هيس ته محترمه بي نظير ڀٽو شهيد کي اي ميل ڪري اُتان جي پارٽي يا برانچ جي عهديدارن سان ملاقات لاءِ درخواست ڪندو هيس. ۽ پوءِ محترمه جي اسٽاف جي چوڻ تي ڪيترن ئي هنڌن تي گڏجاڻيون رکيون وينديون هيون. ان ڪم جو مون وٽ هڪ مقصد اهو هوندو هو ته ڪيترن ئي اختلافن جي باوجود به هيل تائين سنڌي عوام جي نمائنده پارٽي پاڪستان پيپلز پارٽي آهي. تنهن ڪري ان اهم ترين سياسي جماعت جي اوورسيز جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي ضرور سنڌ جي اشوز بابت ڄاڻ ڏجي ۽ دستاويزي معلومات فراهم ڪجي. آءٌ لنڊن ويندي به هر دفعي ڪنهن مهل پاڻي ۽ ڊئمن بابت ته ڪنهن مهل اين ايف سي، ڪنهن مهل ايم ڪيو ايم ته ڪنهن مهل پيپلز پارٽي جي پنهنجي هڪ تنظيم طور بهتر بڻجڻ جي اشوز تي گڏجاڻيون رکائيندو هيس ته جيئن سنڌ جو ڪيس هر هڪ سطح تي پهچي ۽ ٻاهر ويٺل ماڻهن کي به اسان جي صحيح نقطه نظر جي خبر پوي.
    سو جڏهن نيويارڪ ۾ پيپلز پارٽي جي هڪ همراهه سان رابطو ٿيو ۽ کيس ٻڌايم ته آءٌ حسن مجتبى وٽ رهيل آهيان ۽ هن جو ڇرڪ نڪري ويو. حسن مجتبى کي پيپلز پارٽي جا دوست پنهنجو وڏو مخالف سمجهندا آهن. هو نيويارڪ ۾ آصف زرداري ۽ محترمه بينظر ڀٽو پاران ڪيل گڏجاڻين يا پريس ڪانفرنسن ۾ مسئلا پيدا ڪندو آهي. مون کي نيويارڪ جي هڪ پيپلي چئو. حسن هڪ ڀيري محترم کان سوال پڇيو هو ته هوءَ هڪ لبرل ۽ پروگريسو سياسي رهنما آهي ۽ پاڪستان اندر اقليتن سان وڏا ظلم آهن خاص طور تي هم جنس پرستن سان، ۽ هوءَ جيڪر اقتدار ۾ آئي ته سندس پارٽيءَ جو موقف ڇا هوندو هم جنس پرستي واري اشوز تي.
    دوست ٻڌائين ٿا ته پريس ڪانفرنس ۾ ٽاڪوڙو مچي ويو هو. حسن جذباتي مزاج جو ماڻهو آهي، هن جي پيپلز پارٽيءَ سان ناراضگيءَ هر دور ۾ رهندي آئي آهي پر اها ئي پيپلز پارٽي هئي جنهن کيس پنهنجي پهرين دور حڪومت ۾ نوڪري جي آڇ ڪئي هئي. 1988 واري پهرئين دور اقتدا ۾ محترمه جڏهن فهميده رياض کي نيشنل بُڪ فائونڊيشن جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ته حسن مجتبى، شاهد ڀٽي ۽ آفتاب سومري سوڌو اسان جا ڪيترائي دوست نوڪرين ۾ لڳا هيا.
    محترمه جي شهادت حسن کي به لوڏي ڇڏيو هو. هيل تائين محترمه جي شهادت تي لکيل ڪنهن به ٻوليءَ ۾ سڀ کان ڀرپور نظم حسن جو آهي.
    2008 جي عام چونڊن ۾ اهو نظم پيپلز پارٽي جي هر جلسي جو لازمي جُز هو. سول سوسائٽي جي پروگرامن ۾ پيپلز پارٽي جا دوست اهو نظم پڙهندي نظر ايندا هئا. محترمه جي شهادت جي سوڳ جي چاليهه ڏينهن پوري ٿيڻ تي آصف علي زرداري جڏهن پهريون جلسو ٺٽي ۾ ڪيو ته سسئي پليجو اهو نظم پڙهي پنڊال جهومائي وڌو هو.
    اسين جيترا ڏينهن به اتي رهياسين، حسن نيويارڪ جي مشهور جيڪسن هائيٽس علائقي ۾ وٺي ويندو هو ۽ زور زور سان چوندو هو ته جن ماڻهن کي پاڪستان ۾ ڇيڻا ٻهاڙڻ جو روزگار به نه ملي، اهي آمريڪا ۾ اڄ ارب پتي ٿي ويا آهن ۽ پوءِ به آمريڪا کي گاريون ٿا ڏين لعنت پوي انهن تي.
    هو اسان کي نيويارڪ جي مشهور ديسي هوٽل ”روٽي بوٽي“ وٺي ويندو هو جنهن جو مالڪ ربواهه جو عبدالوحيد قادياني هو. مجتبى کي هو گرمجوشيءَ سان ويلڪم ڪندا هئا ۽ مجو رڙ ڪري چوندو هو ته ذوالفقار علي ڀٽي قاديانين کي غير مسلم قرار ڏئي نه رڳو سنڌين جي هڪ سيڪولر قوم هجڻ واري سڃاڻپ کي لڄايو پر هن پنهنجي هڪ روايتي وڏيري ۽ پنجابي اسٽيبلشمنٽ جي ساٿاري هجڻ جو واضح ثبوت ڏنو. هن جي سياسي راءِ هئي ته ڀٽو مذهب جي ڄار ۾ نه ڦاسي ها ته ڦاهي نه چڙهي ها.
    حسن، آمريڪا ۾ منور لغاريءَ وانگر وڏي جفاڪشيءَ کان پوءِ پنهنجو هڪ الڳ جهان آباد ڪيو آهي. حسن اسان کي روٽي بوٽي تي شاندار بار بي ڪيو کارائي روائتي پان واري دوڪان تي وٺي آيو. صفا طارق روڊ جي بني ڀائي جي ڪيبين وارو اسٽائيل. پان جي چاشني اڃا زائقو ڏئي رهي هئي ته حسن هڪ ڳالهه اهڙي ٻڌائي جنهن سڀني کي اُداس ڪري ڇڏيو هو. هن ٻڌايو ته سندس پٽ بسام ۽ گهر واري پاڪستان کان جنهن جهاز ۾ آمريڪا پهتا انهيءَ جهاز ۾ ڊينئيل پرل جو لاش پهتو هو. آمريڪا صحافي ڊينئل پرل تي پاڪستان اندر ايجنسين جي انتها پسندن ۽ دهشتگردن هٿان قتل ٿيو هو ۽ حسن سوڌو ڪيترن ئي سنڌي ليکڪن ۽ ڪالم نگارن ڊينئل پرل تي ليک لکيا ها. مون حسن کان نيويارڪ ۾ رهندڙ چند ٻين دوستن جيڪي انگريزي ۽ اردو پريس ۾ ڪم ڪن ٿا، انهن بابت حال احوال ورتا. مين هٽن جو علائقو صفا ايم اي جناح روڊ لڳو پئي. گندگيءَ به تمام گهڻي هئي. نيويارڪ آمريڪا جو ڪراچي آهي تنهن ڪري سوچڻ لڳس ته شايد گدلو به انهيءَ ڪري آهي. مجتبى جي ڇڪ نيٺ اچي نيويارڪ پهچايو هو.


    آزادي او آزادي

    آزاديءَ جو مجسمو Statue of liberty نه فقط نيويارڪ شهر ۽ سڄي آمريڪا ۾ مشهور آهي، پر سڄي دنيا ۾ هن جي هاڪ آهي . هي مجسمو/مورتي (Statue) هڪ ته انصاف، آزادي ۽ جمهوريت جهڙين نيڪ ڳالهين جي علامت آهي ۽ ٻيو پنهنجي وڏي سائيز کان مشهور آهي. هي مجسمو اڄ کان 120 سال اڳ ا186ع ۾ ٺهيو هو ۽ اڄ ڏينهن تائين دنيا جو وڏي ۾ وڏو لوهي مجسمو Statue آهي.
    پيارو الطاف شيخ لکي ٿو ته هي مجسمو هڪ عورت جو آهي، جيڪا هڪ وڏي اسٽول Pedestal تي بيٺل آهي. سندس ساڄي هٿ ۾، جيڪو ڏڀو جهليل آهي، ٻرندڙ ٽارچ (ڏيو) آهي ۽ کاٻي هٿ ۾ 24 فٽ ڊگهي، 13 فٽ کن ويڪري ۽ ٻه فٽ ٿلهي ڪتاب جهڙي لوهي تختي (Tablet)آهي، جنهن تي آمريڪا جي آزاديءَ جي اعلان (American Declaration of Independence) جو سن 4 جوالاءِ 1976ع رومن انگن ۾ لکيل آهي. جيڪي انگ پراڻي ماني جي گهڙيالن تي هوندا آهن يا اڄ به حيدرآباد جي ڪورٽ بلڊنگ جهڙي پراڻين عمارتن تي نظر اچن ٿا. مائيءَ کي گهڻي گهير وارو چوغو پهريل آهي، جيڪو پڻ ٻين شين وانگر ٽامي جو آهي. آزاديءَ جي مجسمي واري هن عورت جي مٿي تي تاج رکيل آهي، جنهن ۾ 25 ڳڙکيون آهن ۽ ست ڪرڻا (Spikes) آهن. 25 دريون دنيان ۾ ملندڙ پنجويهه ڌاتن، لوهه، سون، چاندي، ٽامو، اليمومينم وغيره وغيره جي نشاندهي ڪن ٿيون. ڪن جو چوڻ آهي ته 25 قيمتي پٿرن، ربي، لعل، زمرد، سفائر، عقيق، وغيره وغيره جي نشاني آهي ۽ ڇٽ ۾ لڳل ست چهنبدار ڪرڻ Spikesستن سمنڊن جي علامت آهي. آرڪٽڪ، انٽارڪٽڪ، اتر ائٽلانٽڪ، ڏکڻ ائٽلانٽڪ، اتر پئسفڪ، ڏکڻ پئسفڪ ۽ هندي سمنڊ. ڪن جو چوڻ آهي ته اهي ستن کنڊن جي نشاني آهن. اتر آمريڪا، يورپ ايشيا، آفريڪا، آسٽريليا ۽ ائنٽارڪٽڪا.
    نيويارڪ ۾ چاهي باءِ روڊ اچجي يا هوائي جهاز رستي يا پاڻيءَ جي جهاز رستي، ته هي مجسمو پري کان ئي نظر اچي ٿو. ظاهر آهي هي مجسمو اسٽول سميت 305 فٽ (يعني 93 ميٽر) آهي ۽ اها سائيز هڪ مجسمي لاءِ تمام وڏي آهي. ان جو اندازو توهان ان مان لڳائي سگهوا ٿا ته هڪ ڊگهو ماڻهو 6 فٽن جو ٿئي ٿو. گهر جي اتاهين ڇت به 20 فٽ کان مٿي نٿي ٿئي. جيڪڏهٿن توهان ڪراچيءَ جي پنجويهه ماءَ عمارت حبيب بئنڪ ڏٺي آهي ته بس سمجهو ته هي آزاديءَ جو مجسمو اٽل ان بلڊنگ جيڏو آهي، ڇو جو حبيب بئنڪ هن آزاديءَ جي مجسمي کان فقط اڍائي ميٽر وڏي آهي. سو هاڻ ان مان اندازو لڳايو ته هي مجسمو ڪيڏو وڏو آهي ۽ ان کي وري رکيو به اهڙي هنڌ ويو آهي، جو ڪا به عمارت يا منارو هن جي اڳيا آڏ ناهي. نيويارڪ شهر (مئن هٽن وغيره) ۾ هجي ها ته اتي جون وڏيون عمارتون، هن جو نظارو خراب ڪري وجهن ها، پر هي سمنڊ ۾ هڪ ٻيٽ تي آهي جيڪو نيويارڪ شهر سان ويجهو به نه آهي ۽ پري به نه آهي. هي ٻيٽ جنهن تي هي مجسمو آهي، لبرٽي آئلنڊ سڏجي ٿو جنهن جو 1956ع کان اڳ بيڊلو ٻيٽ نالو هو. هي ٻيٽ نيويارڪ (مئن هٽن) جي ڏاکڻي ڪنڊ کان ٻه کن ميل پري آهي. سندس ئي ڀرسان هڪ ٻيو تاريخي ٻيٽ ”ايلس“ نالي پڻ آهي. نيويارڪ ايندڙ ٽوئرسٽ توڙي مڪاني ماڻهو هنن ٻيٽن کي ڏسڻ ۽ آزاديءَ جو مجسمو ويجهڙائي سان ڏسڻ لاءِ نيويارڪ يا نيو جرسي کان فيريءَ ذريعي چڪر ڏين ٿا.
    هي ٻيٽ جيئن ته سمنڊ جي وچ ۾ آهن، سو هنن ٻيٽن تي فيرين (وڏين ٻيڙين) ذريعي ئي اچي سگهجي ٿو. هونءَ ته ڪو زمانو هو يعني اڄ کان 33 سال اڳ جڏهن آئون آخري دفعو آ۾ريڪا مان جهاز کي وٺي پئي موٽيس، تڏهن به اسان پنهنجي جهاز جي لائيف بوٽ ذزريعي يا پرائيويٽ لانچن ۾ هنن ٻيٽن وٽ پئي چڪر هنيا، پر هاڻ هنگامن ۽ خراب حالتن ڪري حفاظتي تدبيرون سخت ڪيون ويون آهن ۽ ماڻهو فقط حڪومت طرفان مقرر ڪيل ڪمپنيءَ جي فيرين ۾ هن پاسي اچي سگهن ٿا. اهي فيريون نيويارڪ واري پاسي بئٽري پارڪ کان ۽ نيوجرسي واري پاسي لبرٽي اسٽيٽ پارڪ کان هلن ٿيون، جيڪي ٻنهي ٻيٽن، ايلس ٻيٽ ۽ لبرٽي ٻيٽ وٽان گهمائي واپس وٺي اچن ٿيون. فيريءَ جي رٽرن ٽڪيٽ وڏن لاءِ ساڍا يارهن ڊالر آهي ۽ ٻارن جي ساڍا چار ڊالر آهي. باقي ٻيٽ گهمڻ يا آزاديءَ جي مجسمي ڏسڻ جي ڪابه في ناهي. آزادي جي مجسمي ۾ ٽوئرسٽ آبزرويشن ڊيڪ تي اچي نيويارڪ شهر جو نظارو ڪري سگهن ٿا، پرومنيڊ تي اچي مجسمي کي ويجهڙائي کان ڏسي سگهن ٿا ۽ فورٽ ووڊ (ووڊ جو قلعو) گهمي سگهن ٿا. هي مجسمو دراصل لبرٽي ٻيٽ تي سول جنگ جي ڏينهن جي ٺهيل قلعي (Wood Fort) ۾ رکيل آهي. باقي مجسمي ۾ وڌيڪ مٿي وڃڻ جي اڄ ڪلهه اجازت ناهي. 1969ع ۾ هڪ دفعي اسان مٿي هن مجسمي جي ڇت تائين ويا هئاسين، يعني آزاديء جي ديوي جي مٿي تي رکيل ڇٽ تي پهچي ويا هئا سين جنهن ۾ ٺهيل 25 ڳڙکين مان شهر جو نظارو ڪري سگهجي ٿو .


    ايلس ٻيٽ

    نيويارڪ جو شايد ئي ڪو اهڙو اهم مرڪز هجي جيڪو حسن مجتبيٰ اسان کي نه گهمايو هجي. جڏهن به آزادي جي مجسمي ڏانهن چڪر هڻبو ته لبرٽي ٻيٽ ۽ ايلس ٻيٽ جو چڪر ان ٽرپ جو اهم حصو آهي. اهي ٻئي ٻيٽ سمنڊ جي وچ ۾ آهن جن بابت الطاف شيخ ايترو ته تفصيل سان لکيو آهي جو ٻيهر ڪنهن کي اهڙا تفصيل لکڻ جي همٿ ئي ڪونه ٿيندي.
    شيخ صاحب لکي ٿو ته هڪ عام ماڻهوءَ لاءِ ته اهو سمنڊ ئي ٿيو جو پري پري تائين نيرو سمنڊ جهڙو پاڻي نظر اچي ٿو، پر جهازي دنيا سان واسطو رکندڙ ۽ جاگرافي جي شاگردن کي انهن ٻيٽن جي پوززيشن هن ريت سمجهڻ کپي ته مئن هٽن جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي کان ايسٽ ندي ۽ هڊسن ندي جتي اچن ملن ٿيون، اهو نيويارڪ بندرگاهه جو مٿيون خليج سڏجي ٿو ۽ ان بعد انهن درياهن جو پاڻي سوڙهو ڳچي سمنڊ ٺاهي، نيويارڪ بندرگاهه جي هيٺين خليج ۾ پهچي ٿو. جتان پوءِ ندين جو پاڻي ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ خارج ٿئي ٿو. ٻن خليجن جي وچ ۾ پاڻي جي سوڙهي گهٽي ويرازانو نئروز سڏجي ٿي، جنهن مٿان ٺهيل وڏي پل جو نالو ويرازانو نئروز برج آهي ۽ اها پل ايترو ته ڪماني واري ۽ مٿاهين آهي، جو هيٺان جهاز لنگهيو وڃن. اسان جا جهاز ائٽلانٽڪ سمنڊ جهاڳي نيويارڪ. بندرگاهه جي هيٺين خليج ۾ اچي، لنگر ڪيرائين ٿا ۽ پوءِ ان ئي ڏينهن يا ٻئي ڏينهن پل هيٺان ٽپي، نيويارڪ جي مٿين خليج ۾ لنگر ڪيرائي انتظار ڪن ٿا. ان بعد واري اچڻ تي جيٽيءَ سان لڳي بيهن ٿا ۽ سامان لاهين چاڙهين ٿا. جهاز ٻڌي بيهارڻ لاءِ اها جيٽي ڪڏهن ته ان لاءِ نيو جرسي جي بندرگاهه نيوارڪ وڃڻو پوي ٿو. مٿيان ٻئي ٻيٽ نيويارڪ بندرگاهه جي مٿين خليج ۾ آهن جن ۾ ڏٺو وڃي ته ائٽلانٽڪ سمنڊ جو نه پر ايسٽ ندي ۽ هڊسن نديءَ جو پاڻي آهي. ان هنڌ تي جتي جهاز لنگر ڪيرائي بيهي ٿو اتان چوڌاري وارو نظارو بيحد خوبصورت ٿئي ٿو. هڪ پاسي مئن هٽن (نيويارڪ شهر) جون اوچيون عمارتون نظر اچن ٿيون، ته ٻئي پاسي نيو جرسي، ڀر ۾ لبرٽي ۽ ايلس ٻيٽ ته پٺيان ويرازانو پل، جنهن جي هيٺان لنگهي، ان هنڌ تي پهچجي ٿو.
    هن آزاديءَ جي مجسمي جو ٺاهڻ وارو يعني مجسمي ساز فرانس جو فريڊڪ بارٿولڊي آهي. يعي هن مجسمي کي هيءَ شڪل بارٿولڊي ڏني. مجسمي کي ابو بيهارڻ ۽ مضبوط رکڻ لاءِ مجسمي جي اندر جيڪو لوهي ڍانچو ڪيو ويو آهي، ان جو ڊيزائينر فرانس جو مشهور ڊيزائينر اليگزينڊر گستاو ايغل آهي، جنهن پئرس جو ”ايفل ٽاور“ پڻ ٺاهيو هو. ڍانچي مٿان جيڪو پتل جو ڪم ٿيو آهي ۽ آادي جي مجسمي واري عورت جي نڪ نقشي کي موجوده صورت ڏني وي آهي، اهو سڄو ڪم بارٿولڊي جو آهي. هن عورت جو مجسمو ٺاهڻ وقت بارٿولڊي اڳيان ڪهڙو ماڊل هو؟ ان لاءِ چون ٿا ته هو پنهنجي ماءَ کي سامهو ويهاري مجسمي تي ڪم ڪندو هو، پر پوءِ پوڙهي هجڻ ڪري هن جي ماءُ ٿڪجي پوندي هئي، پوءِ هن پنهنجي مسٽريس جيني ايملي کي ماڊل ڪري رکيو، جنهن سان آخرڪار بارٿولڊي جي شادي به ٿي. جيني سان بارٿولڊي جي ملاقات آمريڪا جي رياست رهوڊي ٻيٽ جي شهر نيوپورٽ ۾ 1671ع ۾ ٿي هئي. جڏهن هو فرانس کان پهريون دفعو آمريڪا گهمڻ آيو هو.
    چون ٿا ته بارٿولڊي آمريڪا کان پهرين مصر وارن کي سئيز ڪئنال تي هي مجسمو ٺاهي ڏيڻ لاءِ 1865ع ۾ آفر ڏني، پر مصر ايڏي پئسي گڏ ڪرڻ جي پاڻ ۾ طاقت ساهي نه سگهيو. پوءِ آمريڪا ۽ فرانس اڳيان اها آفر رکي وئي. فرانس کي اها ڳالهه وڻي ته دوستي جي نالي اهو سٺو يادگار رهندو. سو هي آزادي جو مجسمو فرانس طرفان بين الاقوامي آزاديءَ جو تختو آمريڪا لاءِ آهي. هن مجسمي تي نه فقط فرانس ۽ آمريڪا کي خفر آهي، ته هنن وٽ انسانن جي سياسي آزادي ۽ جمهوريت جو مٿاهون مان آهي. پر هن مجسمي کي Political Freedom ۽ Democracyجو نشان پڻ سمجهيو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ ملڪن ۽ ماڻهن جي آزاديء جي ڳالهه ڪرڻ وارن هنن ملڪن لاءِ ٻڏي مرڻ آهي، ته جن ڏينهن ۾ بارٿولڊي مترڪي ۽ تيشيءَ سان هن انصاف، آزادي ۽ جمهوريت جي ديويءَ کي گهڙي رهيو هو تن، ڏينهن ۾ بندوقن ۽ ڀالن سان فرانس (1881ع ۾) ٽيونيشيا تي قبضو ڪري، اتي جي ماڻهن کان آزاديءَ جو حق کسيو ۽ برطانيه 1882ع ۾) مصر تي حملو ڪري مصر کي غلام ڪري ڇڏيو ۽ هنڌ سنڌ جهڙا ته ڪئي ملڪ سندن قبضي ۾ هئا، جن جي آزاديءَ جي ڳالهه به نٿي ٻڌڻ چاهيون. فقط 15 سال ان کان اڳ (1857ع) ۾ ننڍي کنڊ جي ماڻهن آزاديءَ لاءِ هٿ پير هنيو ته کين هنن انگريزن اهڙا کلا هنيا، جو هڪ سؤ سالن تائين دٻيا رهيا. اسان وٽ عام وچوڻي آهي ته، ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا. موچڙا کائڻ بعد به سرسيد احمد خان جهڙن مفڪرن ۽ سياڻن جي اڳواڻيءَ ۾ انگريزن جي خوشامد ڪندا رهياسين ته توهان وڏي سرڪار آهيو، آزادي جي ڳالهه ڪري اسان غلطي ڪئي، ڇو جو اسان جي ڀڄڻ لاءِ ٻي ڪا گهٽي نه هئي.
    آزادي جي مجسمي وارو ايلس ٻيٽ هڊسن ندي جي ڇوڙ ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ کان اڳ واري خليج (Upper Bay) ۾ لبرٽي ٻيٺ جي وچ ۾ آهي. هي ٻيٽ هڪ خيال کان تاريخي ۽ اهم ٻيٽ آهي جو اوڻهين صدي جي آخر ۽ ويهين صديءَ جي شروع وارن سالن تائين، هي ٻيٽ ڌارين ملڪن کان آمريڪا ۾ اچي رهڻ وارن پناهه گيرن لاءِ خاص بندرگاهه هو. جيڪو به نئون ماڻهو آمريڪا ۾ گهڙن چاهيندو هو، ان کي پهرين هتي اچڻو پوندو هو، جتي آمريڪا حڪومت جو اميگريشن ڊپارٽمينٽ هنن کان سوال ڪندو هو ۽ ڊاڪٽري تپاس ٿيندي هئي ته آيا هو صحتمند آهي يا هن کي ڪي وچڙندڙ بيماريون آهن ۽ هن پنهنجي رهائش ۽ کاڌي خوارڪ لاءِ ڪجهه پئسو آندو آهي يا نه ۽ آيا هو ڪنهن هنر کان به واقف آهي ۽ پورهيو ڪري پاڻ ۽ پنهنجا ٻچا پالي سگهندو يا نه. بيمار هجڻ جي حالت ۾ کي علاج لاءِ ڪجهه ڏينهن هن ٻيٽ جي اسپتال ۾ رکيو ويندو هو يا سندن ملڪ واپس موڪليو ويندو هو. اهڙي ريت آمريڪا ۾ گهڙندڙ هر پناهه گير کي، آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ يا واپس وڃڻ کان اڳ. هن ٻيٽ تي ڪجهه ڪلاڪن کان ڪجهه ڏينهن تائينب رهڻو پيو ٿي. هونيءَ اهو زمانو اهڙو هو جو آمريڪا کي گهڻن کان گهڻن ماڻهن جي ضرورت هئي ۽ سواءِ ڪجهه بيمار ۽ ڏوهاري قسمن جي ماڻهن جي، باقي سڀني کي آمريڪا ۾ رهڻ جي اجازت ملي ويئي ٿي.
    هڪ آمريڪن ليکڪ لوئيس آدمڪ جو ڪتاب پڙهيو هوم، جنهن ۾ هن 1913ع ۾ هن ٻيٽ ايلس تي هڪ رات گذاري هئي، جڏهن هن پنهنجي ملڪ سلووينيا کي خيرآباد چئي، پاڻيءَ جي جهاز ذريعي يورپ کان آمريڪا آيو هو. هو ٻين پناهه گيرن سان گڏ سڄي رات سيءَ ۾ ڏڪندو رهيو. مختلف ملڪن کان آيل مختلف ماڻهو پنهنجين پنهنجين زبانن ۾ ڳالهيدا رهيا. هر هڪ جو اهو خواب هو ته هن نئين دنيا ۾ رهڻ جي اجازت ملي، جتي هنن کي پنهنجو مستقبل روشن نظر آيو ٿي.
    هن ٻيٽ کي ”سڏڪن جو ٻيٽ“ (The Isle of Tears) ۽ ”پڳل دلين جو ٻيٽ“ پڻ سڏيو وڃي ٿو جو ڏورانهن ڏيهن کان ڪهي آيل ڪيترن پناهه گيرن کي هتي رهڻ لاءِ سٽيزن شپ نه ملندي هئي ۽ هنن کي نا اميد ٿي واپس ورڻو پوندو هو.
    ايلس ٻيٽ لاءِ اهو به مشهور آهي، ته هتي پهچي ماڻهن پنهنجا نالا بدلايا ٿي. دراصل هنن نالا نٿي بدلايا، پر ڪيتا اڻ پڙهيل ۽ انگريزي کان اڻ واقف هجن ڪري، پنهنجا نالا صحيح طرح لکي نٿي سگهيا يا آمريڪا جي اميگريشن آفيس وارا هنن جي نالن جا صحيح اچار نه سمجهڻ ڪري جيڪي ڪجهه آين ٿي، سو رجسٽر ۾ ملکي ڇڏيون ٿعي، جيئن هن هڪ همراهه لاءِ مشهور آهي ته هن جو نالو هيلين پولينز هو، پر هن جو نالو ايلين پولاڪ لکجي ويو ۽ کيس پاسپورٽ به ان نئين نالي سان مليو. آ۾ريڪا جي هڪ ٻئي ليکڪ هرمن راچر پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته، هن جو ڏاڏو جيڪو آسٽريا (يورپ) جو يهودي هو، ان کي انگريزيءَ جو هڪ لفظ به نٿي آيو. هن کان جڏهن هن ٻيٽ تي پهچڻ سان نالو پڇيو ويو ته هن سگريٽ جي گهر ڪئي ته سموڪر آهيان. اميگريشن پوليس هن جو نالو Raucher سمجهي، ان نالي سان پاسپورٽ ٺاهي ڏنو ۽ هاڻ هن جو اولاد راچر ذات سان سڏجي ٿو . معنيٰ سگريٽ ڇڪڻ وارو.
    بهرحال فرانس هي تحفو. آمريڪا خودمختياري ملڻ جي هڪ صدي پوري ٿيڻ تي. ڏيڻ ٿي چاهيو يا رهي ته آمريڪا ۾ انگلنڊ ۽ يورپ جي مختلف ملڪن جي حڪومتن جو قبضو آهي، جنهن مان هي سڀ جيڪي آمريڪا اچي Settle ٿيا هئا، جان ڇڏائڻ جي چڪر ۾ هئا. هنن چاهيو ٿي ته جيڪي آمريجا اچي ويا آهن، انهن لاءِ آمريڪا جو ئي ملڪ آهي، چاهي اهي انگريز هجن، ڊچ هجن، پورچوگالي ۽ هسپانوي هجن يا آفريڪا کنڊ جا شيدي. هن ڌرتي تي هنن کي ئي حڪومت هلائڻ کپي، سو آخر پنهنجو پاڻ ۾ ۽ پنهنجين ڏورانهين حڪومتن سان وڙهي جڙهي، پنهنجي جان آاد ڪيائون ۽ اهو اعلان آمريڪا جي شهر فلڊلفيا ۾ 4 جولاءِ 1776ع تي ٿيو جنهن کي آمريڪا جي آزاديءَ جو اعلان سڏجي ٿو. يعني هي ڏينهن آمريڪا وارن لاءِ سمجهو ته 14 آگسٽ 1947ع هو. هن ڏينهن تي (4جولاءِ تي) هر سال آمريڪا ۾ موڪل ٿئي ٿي ۽ وڏي شان سان ملهايو وڃي ٿو.
    1876ع فرانس وارن آمريڪا جي عوام کي هي مجسمو تحفي طور ڏيڻ چاهيو ٿي، جو هن سال تي 1876ع ۾ آمريڪا جي عوام پنهنجي آزادي جي هڪ صدي (هڪ سؤ سالن) جو جشن ملهائيو رهيا هئا پر مجسمو صحيح طريقي سان ٺهي راس نه ٿي سگهيو ۽ نيويارڪ ۾ پهچندي هن کي گڏ ڪرڻ ۾ ڏهه سال دير ٿي وئي. هي مجسمو 1884ع ۾ فرانس ۾ ٺهي راس ٿيو ۽ پوءِ فرانس جي فوجي جهاز (فريگيڊ) اسري نالي تي ان کي ائٽلانٽڪ سمنڊ پار ڪرائي نيو يارڪ جي بندرگاهه ۾ جون 1885ع ۾ پهچايو ويو ۽ اهڙو سال لبرٽي ٻيٽ تي هن کي فڪس ڪرڻ ۾ لڳي ويو جو هي مجسمو جنهن اسٽول تي رکيو ويو آهي، اهو به تقريبن مجسمي جيڏو اتاهون (154 فٽ) آهي ۽ ان جي بلنديءَ جو اندازو هڪ سول انجنيئر ان مان لڳائي سگهي ٿو، ته ان اسٽول لاءِ ستاويهه هزار ٽن ڪنڪريٽ استعمال ٿيو . بهرحال هن مجسمي کي مڪمل طرح Install ڪري ان جي رونمائي جو جشن 28 آڪٽوببر 1986ع تي ڪيو ويو. انهن ڏينهن آمريڪا جو صدر گروور ڪليويل.نڊ هو.
    هن مجسمي لاءِ چيو وڃي ٿو ته 31 ٽن ٽامون استعمال ٿيو (هڪ ٽن ۾ سمجهو ته 28 مڻ وزن آهي) ۽ 125 ٽن لوهه ۽ رڪ وڏو ويو آهي. يعني اندر لوهه آهي ٻاهران ٽن سوتن جو ٽامي جو تهه آهي، يعني 2.37ملي ميٽرن جي ٿولهه اهڙي مجسمي جي ٽوٽل تور (سٽول بنا) 225 ٽن آهي مجسمي جي مختلف عضون جون ماپون ڪجهه هن ريت آهن. جنهن مان پڻ هن مجسمي جي ڳراڻ ۽ اوچائي جو اندازو لڳا سگهجي ٿو ته ڪيي ڳري ۽ وڏي شيءِ ٺاهي، ٻئي ملڪ شفٽ ڪئي وئي آهي.
    مجسمي جي نڪ جي ڊيگهه: ساڍا چار فٽ. هڪ ڪن کان ٻئي ڪن تائين : ڏهه فٽ. شاهد آڱر جي ڊيگهه: اٺ فٽ- يعني ماڻهوءَ جي قد کان به ڊگهي آڱر آهي. وچين آڱر ته اڃا به فٽ ڊگهي آهي. ٻانهن جي ڊيگهه: 42 فٽ. ٻانهن جي ٿورلهه: 12 فٽ. آڱر جي نن جي سائي: تيرهن انچ ڊيگهه ۽ يارهن انچ ويڪر. هڪ هڪ ننهن جي تور: ساڍا ٽي پائونڊ يعني ڏيڍ ڪلو. مجسمي جي مٿي تي رکيل تاج تائين پهچڻ لاءِ 354 ڏاڪڻيون آهن ۽ جملي ٻاوهه ماڙ آهي. پٽ کان وٺي اسٽول تائين 192 ڏاڪا آهن.
    هن مجسمي بابت هڪ مئگزين ۾ ڪنهن لکيو آهي ته. هن مجسمي جي جيڪا ڇاتي آهي، اها 35 فٽ، ڊيگهه، ڪلها 90 فٽ، ان حساب سان مجسمي جي Surface Areaٻارهن سؤ چورس وال ٿي، پر جيئن ته هي مجسمو – يعني پنهنجي آزاديءَ جي علامت واري عوت ڪنهن ٽائيٽ فٽنگ واري قميض يا شرٽ بدران هڪ ويڪري ۽ گهڻن وارن واري چوغي ۾ آهي، ان ڪري هن مجسمي تي اهڙو وڳو ٺاهڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ چار چورس وال ڪپڙو کپي...“ جنهن سال نيويارڪ ۾ هن مجسمي جي رونما ٿي هئي، يعني آڪٽوبر 1986ع ۾ ان کان پوءِ ڇهه مهينا رکي ڪراچي ۾ سنڌ ڪاليج کليو هو ۽ ان کان ڏهاڪو کن سال اڳ 1869ع ۾ سئي ڪئنال کليو هو ۽ ان ڪجهه اڳ 1861ع ۾ ڪراچي ڪوٽڙي ريل لائين شروع ٿي هئي.
    آزاديءَ جي هن مجسمي کي ڏسڻ بعد ماڻهو اڪثر اهو پڇندا آهن، ته ان کي فرانس ۾ ٺاهڻ بعد هيڏانهن ڪيئن آندو ويو ۽ هيڏي ڇپ کي جيڪا وزن جي حسان 225 ٽن (يعني 650 مينهن يا 500 کن اٺن جو وززن ٿيو) ۽ 151 فوٽ ڊگهي عورت کي 154 فٽ اتاهين اسٽول تي، جهاز تان لاهي ڪيئن رکيو ويو؟ دراصل هن مجسمي کي هڪ يڪي حصي ۾ ٺاهڻ بدران 350 ٽڪرن ۾ ٺاهيو ويو هو ۽ پاڻيءَ جي جها رستي فرانس کان آمريڪا موڪلڻ لاءِ انهن 350 ٽڪرن کي 214 ڪريٽن ۾ بند ڪيو ويو، جن کي نيويارڪ آڻي انهن ٽڪرن کي نٽ بولٽن، ۽ ويلڊنگ ذريعي ڳنڍيو ويو، جنهن ۾ چار مهينا لڳي ويا.
    لبرٽي آئلنڊ تي ووڊ فورٽ ۾ ٺهيل اسٽول تي، هي آزاديءَ جو مجسمو 1886 ع ۾ فٽ ڪيو ويو ويو ۽ سؤ سال گذرڻ بعد 1984ع ۾ ان جي مرمت ۽ Restoration تي ڪم شروع ڪيو ويو ۽ 1986ع تائين هن مجسمي ۾ ماڻهن کي اندر اچڻ کان جهليو ويو. ان بعد هيئنر نائن اليون وارو جڏهن واقعو ٿيو ته هن کي وري بند ڪيو ويو، جيڪو اٽڪل 100 ڏينهن بعد عام پبلڪ جي ڏسڻ لاءِ وري کوليو ويو. پر اهو آهي ته هاڻ جيڪو به ٽوئرسٽ، هي آزادي جو مجسمو ڏسڻ لاءِ لبرٽي ٻيٽ تي يا ڀرواري Ellis بيٽ تي اچي ٿو، ان جي سخت چڪاس ورتي وڃي ٿي ۽ اليڪٽرانڪ Scanning بعد ڇڏيو وڃي ٿو. پوءِ به هنن کي مجسمي جي مٿين حصي تاج ۾ ٺهيل درين تائين نٿو ڇڏيو وڃي.
    هن مجسي جي تر ۾ پتل جي هڪ پليٽ تي، چوڏهن سٽن جو شعر لکيل آهي، جيڪو 1883ع ۾ ايما لئزرس لکيو. شعر جو عنوان آهي: “The New Colossus”
    هڪ صديءَ کان مٿي جو وقت اچي ٿيو آهي، جو نيويارڪ جي هيءُ آزاديءَ جي ديوي، دنيا جو وڏي ۾ وڏو مجسمو رهيو آهي. دنيا ۾ جيڪي ڪجهه ٻيا وڏا مجسما آهن، انهن مان هڪ ته ٿائيلينڊ جي شهر بئنڪاڪ ۾ ليٽيل گوتم ٻڌ جو آهي، جيڪو 151 فٽ آهي ۽ ”وات ڦوٻڌا“ سڏجي ٿو.


    سرفراز ميمڻ ۽ سنڌين واري بيگر

    آءٌ به اڌ کان وڌيڪ دنيا رُليو آهيان. مختلف ملڪن ۾ مختلف ماڻهن ۽ تنظيمن وٽ مهمان ٿيو آهيان ته پنهنجي محبوب وطن ۽ پنهنجي ننڍڙي گهر ۾ به چڱن ڀلن ٽولن ۽ شخصيتن جي ميزباني به ڪئي اٿم. سفر ۾ به ماڻهن اسان کي ڏٺو هوندو ته مون به سفر ۾ ڪيترا ئي ماڻهو آزمايا آهن. منهنجو اهو تجربو ڪا انوکي ڳالهه ناهي. هر شخص جي زندگيءَ ۾ اهڙا موقعا ايندا آهن. ۽ مهماني توڙي ميزبانيءَ جا سٺا توڙي تلخ تجربا ٿيندا آهن.
    زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪي اهڙا ڪردار ٽڪرائبا آهن، جن کي ڏسي دنيا ۾ اڃا ماڻهپو هجڻ ۽ ڪائنات جي (اهڙن روين جي موجودگيءَ ڪري ئي) خوبصورت ۽ رنگا رنگ هجڻ جو احساس ٿيندو آهي.
    ميان سرفراز ميمڻ به منهنجي زندگيءَ جي ان ايمان جي توثيق جو ذريعو آهي ته ڪائنات دراصل خوبصورت ماڻهن جي ڪري ئي خوبصورت آهي.
    آرلينڊو ۾ سانا ڪنويشن جي پڄاڻيءَ تي ساڻ کڻي ميامي بيچ کان ٿيندي واشنگٽن ۾ استقبال ڪرڻ ۽ ڪراچي ويندڙ جهاز تي موڪلائڻ تائين هن شخص اسان کي ڪمال محبتون ڏنيون.
    نه ڪا مٽي مائٽي، نه ڪا گهري سڃاڻپ، بس رڳو اي ميل رستي هلڪي ڦلڪي سلام دعا، پر سرفراز ميمڻ جيترو قرب ڏنو، اهي ٿورا لاهي نٿا سگهجن.
    مون کيس بيگر ڪٽڻ جو بادشاهه ڏٺو. اسين آمريڪا ۾ نوان ماڻهو، ڪار هلائڻ ۽ ان کان به ڏکيو مرحلو ڪار پارڪ ڪرڻ. وقت ڪڍي گهمائڻ ڦرائڻ، هر هر فون ڪري خيريت معلوم ڪرڻ، اسان جي خبرن کي غور سان ٻڌڻ ۽ پوءِ سنڌ جي بهتري ۽ بقا لاءِ صحتمند رايا ڏيڻ. عمر ۾ وڏو هوندي به هم عمر دوستن وانگر گڏ گڏ هلڻ، کاڌي پيتي جي ڪا به شيءِ خريد ڪرڻ مهل پيسا ڏيڻ تي ويٽو استعمال ڪرڻ، هن شخص قرب جي انتها ڪري ڇڏي.
    چوندو هو ته ”اوهان کي جس آهي جو سنڌ ۾ ويهي ايتري جاکوڙ ۾ آهيون.“ اسان ته هت ويهي رڳو خبرون ٿا ڪيون، تنهن ڪري اوهان جي خدمت به نه ڪيو ته اها زيادتي ٿيندي.“
    ڪچهري جو ڪوڏيو، پنهنجي طبيعت وارو شخص، جي ڪنهن سان لڳي وڃيس ته سر ڏئي ڇڏي ۽ نه لڳيس ته ڪهڙو به خان صاحب ڇو نه هجي، ويجهو ئي ڪونه ويندو.
    بنيادي طور تي ڊسلپن ۾ رهڻ وارو ماڻهو. چوندو آهي ته سانا اسان جي عزت آهي، اسان جي سڃاڻپ آهي، تنهن ڪري ان خلاف ڪابه غير ضروري جارحيت برداشت نه ڪبي. هو هر وقت سانا خلاف لکجندڙ اي ميلز ۽ خطن جا جواب ڏيڻ لاءِ تيار رهندو آهي. جبار صديقي سندس بهترين دوست آهي. سائين علي نواز ميمڻ جي گهر ۾ سرفراز جي ڀيڻ ادي رضيه پرڻيل آهي، جيڪا پڻ سٺي ليکڪا آهي.
    سرفراز هت ڪيترن ئي اهڙن ماڻهن سان نه ٺهندو آهي، جن سان اسان جون ملاقاتون رکيل هيون، پر هن ڪڏهن به ڪنهن خلاف اکر نه ڳالهايو. باقي موقف تي اختلاف راءِ رکڻ، سندس چوڻ هو ته هر انسان جو بنيادي انساني حق آهي.
    هن گاڏي پنهنجي گهر پارڪ ڪئي. علي نواز ميمڻ اڳ ۾ ئي گهر ۾ موجود هو. دير ٿي چڪي هئي ۽ رڳو هيءُ دوست نه پر اُتي هر ماڻهو ستين اٺين وڳي ماني کايو سمهيو رهي، سو هڪ سٺي ڪچهريءَ کان پوءِ سرفراز ميمڻ صفا سنڌين واري ماني کارائي، جنهن ۾ مٽن قورمو، ڀينڊيون ۽ گهڻو ڪجهه شامل هو. ماني کائي سندس گهر جي بئڪ يارڊ ۾ واقع سوئمنگ پول جي ٽيرس ۾ دير تائين حال احوال ڪندا رهياسين ۽ پوءِ سائين علي نواز جي ڏنل ڊيڊ لائين تي پنهنجو سامان سرفراز جي گاڏيءَ مان سائين علي نواز جي گاڏيءَ ۾ شفٽ ڪيوسين، جو ميمڻ صاحب هوٽل بدران گهر ۾ قيام جي محبت ڀري آفر ڪئي هئي. اسين ٻن منٽن اندر ئي سنڌ هاؤس پهچي وياسين. سائين خوبصورت بيسمينٽ ۾ ڪمرا ڏيکاريا. آءُ نصير دير تائين ڪچهري ڪندي ڪندي سمهي رهياسين.


    اڙي هيءُ آهي وائيٽ هائوس!؟

    نيويارڪ مان حسن سان ڀاڪر پائي موڪلايوسين. ڀاڀي پنهنجي گهر ڀاتين لاءِ ڪجهه سامان ڏنو، جيڪو مون ۽ نصير ورهائي پنهنجي سفري بيگز ۾ رکيو جو نصير کي سڌو ڪراچي وڃڻو هو ۽ مون ڪجهه ڏينهن لنڊن ۾ رهڻ جو پي سوچيو.
    حسن ۽ منهنجي دوستي ۽ حيدرآباد شهر ۾ گذاريل وقت هڪ الڳ موضوع آهي، هڪ نئين ڪتاب جو مواد آهي، تنهن ڪري سوچيان پيو ته ان تي پوءِ ڪڏهن لکندس، پر اهو حسن جيڪو آمريڪا ۾ گم ٿي ٻيهر اُسريو آهي، تنهن تي هن سفرنامي ۾ ڪجهه سٽون ضرور لکندس.
    هن جو زور هو ته اسين ڪجهه ڏينهن وڌيڪ رهون يا واشنگٽن مان موٽي اچي نيويارڪ مان واپسي ڪيون، پر اسان ٻيهر اچڻ جو واعدو ڪري ساڳي گري هائونڊز بس ۾ واشنگٽن ڏانهن روانا ٿياسين.
    نيويارڪ کان واشنگٽن ڊي سي ڄڻ ڪراچيءَ کان سکر وڃڻو ٿيو. سو اچي پهتاسين ان واشنگٽن شهر ۾ جتان پوري دنيا تي راڄ ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ٿيون وڃن. واشنگٽن لاءِ ٻُڌل هو ته هيءَ شهر اسلام آباد وانگر آهي. ان کي الڳ ٿلڳ ڊزائن ڪيو ويو آهي. واشنگٽن هڪ خاموش، پرسڪون، لابنگ، سفارتڪاري ۽ عالمي سياست جي شعبده بازين جو مرڪز آهي.
    سرفراز ميمڻ کي خبر هئي ته اسان ڪٿي لٿا آهيون. هو ڪجهه دير اندر گاڏي کڻي بس اڏي تي پهتو ۽ گهر وٺي هلڻ جو چئي گاڏي هلائڻ لڳو. ان وچ ۾ سوچيندو رهيس ته خبر ناهي ڪهڙي قسم جا رستا هوندا، نه ڄاڻي ڪهڙي قسم جا روٽ، پروٽوڪول ۽ پابنديون هونديون؟ وائيٽ هائوس، ڪانگريس بلڊنگ، ڪئپٽال هل بلڊنگ ۽ اسٽيٽ ڊيپارٽمنٽ بلڊنگ ڏانهن وڃڻ مهل سوچيم ته ڪهڙين ڪهڙين شاهرائن ۽ رڪاوٽن تان گذرڻو پوندو.
    مون وٽ اسلام آباد ۾ قائم صدارتي محل، قومي اسيمبلي ۽ اهڙن ٻين ادارن اڳيان فضول ۽ غير ضروري سيڪورٽي ۽ عوام آزار انتظاميه جي هوند جو تصور هو. سوچيو سين پئي ته هڪ ٻن ڏينهن ۾ سرفراز ميمڻ يا سائين علي نواز کان انڊر گرائونڊ ميٽرو يا بس جو روٽ پڇي گهمي اينداسون وهائٽ هائوس ۽ ٻيون عمارتون. اهو سوچيندي آءٌ واشنگٽن جا ويران ۽ نيويارڪ جي نسبت گهٽ ٽريفڪ واري شهر جون عمارتون ۽ ماڻهو ڏسندو رهيس.
    ٿورڙي دير ۾ اکين اڳيان اچانڪ هڪ مانوس بلڊنگ اچڻ لڳي ۽ نيٺ ان وقت پڪ ٿي ته اسين ڪئپٽال هل بلڊنگ جي سامهون آهيون، جنهن مهل سرفراز ميمڻ هڪ هنڌ مين روڊ تي ٺهيل پارڪنگ ۾ بريڪ هڻي تڪڙ ۾ چيو: ”اڄ موڪل آهي، واشنگٽن جون اهم عمارتون گهمي وٺو، سڀاڻي کان وڌيڪ رش شروع ٿي ويندي. توهان وٽ وقت گهٽ آهي، اڃا اوهان کي ڪافي ميٽنگ ڪرائڻيون آهن ۽ واشنگٽن جا ميوزم به گهمڻا آهن.“
    سندس اهڙو اعلان ٻڌي آءٌ ته حيرت ۾ پئجي ويس ته ڪيئن چند لمحن ۾ اسان انهن عمارت اڳيان گاڏين جا دروازا لاڪ ڪري رهيا آهيون، جن لاءِ مون سوچيو هو ته وڏي جاکوڙ ڪرڻي پوندي رڳو پري کان ڏسڻ لاءِ.
    بلڊنگ ۾ ماڻهو ائين اچي وڃي رهيا هئا جو اسان کي سنڌ سيڪريٽريٽ جي بلڊنگ ۾ به ائين نه اچڻ ڏين. سرفراز ميمڻ اسان جي حيرت کي محسوس ڪندي چيو: ”ادا! اڃا ته 11/9کان پوءِ ٿورڙي سختي آهي، نه ته ماڻهو سڄو ڏينهن پيا اندر گهمندا هيا.“
    نيوي جو هڪ بينڊ زبردست ڌنون وڄائيندو آيلن کي ڀليڪار ڪري رهيو هو. هر سياح سُڪون سان انهن سان فوٽو ڪڍرائي يا وري مووي ريڪارڊ ڪرائي رهيو هو. هر ماڻهو جي چهري تي مرڪ هئي. مون سوچيو ته 11/9 جهڙي سانحي کان پوءِ به هن ملڪ جو عوام پنهنجي ساڳي رنگ ۾ آهي. ماڻهو خوف ۾ آهي پر پنهنجي سماجي زندگيءَ جي سرگرمين کي جاري رکندو اچي.
    بلڊنگ ڏسي ڪيترن ئي دوستن ۽ اديبن جي سفرنامن جي ٽائيٽل تي ان بلڊنگ جو پرنٽ ٿيل فوٽو ياد آيو ۽ مون فيصلو ڪيو ته 1980ع واري دور جي ڪنهن رواجي فوٽو وانگر آءٌ هرگز پنهنجي سفرناني جي ٽائيٽل تي اهڙو فوٽو ڪونه ڏيندس، جنهن ۾ آءٌ هينگر ٿيو بيٺو هجان. سرفراز اسان کي ٻي ڏينهن تي مختلف جڳهون گهمڻ جو روڊ ميپ سمجهائيندي ٿورڙي ئي پنڌ تي گاڏي اچي هڪ ٻي عمارت سامهون بيهاري.
    اڙي! هيءُ ته وهائٽ هائوس آهي ۽ ان سان لڳولڳ روڊ تان ڪاريون، موٽرون مزي سان هلي رهيون آهن. سرفراز ٻڌايو ته 11/9 کان پهرين ان روڊ تان بسون به هلنديون هيون. نصير رڙ ڪري چيو ته اهڙي آسانيءَ سان وهائٽ هائوس جي مک ڀت واري لوهي سيخن کي هٿ لاهڻ ته ڪلفٽن واري باغ جناح تي به سولو ناهي.
    اصل ڳالهه هيءَ آهي ته جيڪا رياست ۽ حڪومت پاڻ کي عوام آڏو جوابداه ۽ ذميوار رکندي آهي، سا عوام کان پري رهڻ وارين نوڪر شاهي روايتن کان بچڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ۽ جيڪا سرڪار هوندي ئي عوام دشمني جي پيداوار آهي، سا هر ممڪن ڪوشش ڪندي آهي ته عوام سندن محلن ۽ دربارن کان پري رهي.
    لنڊن ۾ به اوهين ڏسو ته ڪيئن برطانوي وزيراعظم جي آفيس جي ٻاهر ڪجهه ميٽرن جي مفاصلي تي اوهين احتجاج ۽ مظاهرا ڪري سگهو ٿا ۽ هت (پاڪستان اندر) اگر اهڙن ادارن اڳيان مظاهري لاءِ وڃو ته ان جو حشر پاڻ تازو پاڪستان انڊر وڪيلن واري تحريڪ ۾ اسلام آباد، لاهور، ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ ڏسي چڪا آهيون.
    دنيا جي سياست کي لوڏي ڇڏيندڙ انهن اهم عمارتن اڳيان فوٽو ڪڍرائي وهائٽ هائوس جي سامهون ورهين کان بک هڙتال تي ويٺل هڪ همراهه جي ڪئمپ کي ڏٺوسين.
    سرفراز ٻن ڪلاڪن اندر پوري دنيا جي سياست جا مرڪز ائين جهٽڪي سان گهمائي ڇڏيا جو خبر ئي نه پئي. رستي تي سائين علي نواز ميمڻ جو فون آيو ته ڪٿي پهتا آهيون؟ سرفراز کيس جلدئي گهر پهچڻ جو چيو ۽ اسان جي گاڏي ميري لينڊ جي هڪ پوش علائقي ۾ واقع سرفراز ميمڻ جي گهر ڏانهن رواني ٿي وئي.
    پنهنجي ذهن ۾ موجود رڪاوٽن ۽ پابندين جي ابتڙ وهائٽ هائوس ۽ ڪئپٽال هل بلڊنگ کي ايترو اوپن ۽ سياحن لاءِ هر وقت کليل رهندو ڏسي، آمريڪي سرڪار جي سياڻي هجڻ جي حڪمتِ عمليءَ تي کِل به آئي ته حيرت واري خوشي به.


    اسلام آباد جهڙو واشنگٽن

    جيئن اسلام آباد وفاقي علائقو قرار ڏنل آهي ۽ سندس واسطو ڪنهن به هڪ صوبي جي زمين يا ڪنٽرول بدران سندس حيثيت فيڊريشن جي گاديءَ جي هنڌ جي آهي بلڪل ايئن ئي واشنگٽن شهر به آمريڪا جي فيڊرل ٽيريٽري آهي جيڪو هڪ شهر هوندي ڪنهن به رياست ۾ هجڻ بدران پاڻ هڪ الڳ رياست جو درجو رکي ٿو. اها هڪجهڙائي رکڻ جي باوجود به اسلام آباد ۽ واشنگٽن ۾ بنيادي فرق هي آهي ته واشنگٽن حقيقي معنيٰ ۾ خودمختيار ۽ غير جانبدار مرڪز آهي جڏهن ته اسلام آباد پنجاب جي قبضي هيٺ هڪ اهڙو رجعت پرست مرڪز آهي جيڪو وفاقي اڪائين خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان ڏانهن تعصب وارو استحصالي رويو رکي ٿو.
    الطاف شيخ لکي ٿو ته:
    واشنگٽن آمريڪا جي مختلف رياستن کي پاڻ ۾ وڙهڻ کان بچائڻ لاءِ جوڙيو ويو آهي ته جيئن ڪا به رياست ائين نه چوي ته آمريڪا جي گاديءَ جو هنڌ ڪا جانبدار جڳهه آهي، 1971ع ۾ ورجينا ۽ ميريلئنڊ رياستن جا ڪجهه حصا ڪوري ڪولمبيا ضلعو ٺاهيو ويو، جنهن ۾ هن شهر جي ڊزائين انهن ڏينهن جي مشهور آرڪيٽيڪٽ پيري چارلس لنفانٽ ڪئي ۽ شهر جو هي نالو ملڪ جي پهرين صدر جارج واشنگٽن نالي رکيو ويو.
    پاڪستان جي اسلام آباد ۽ انڊيا جي گرگاؤن ۽ نوڊيا وانگر هي هڪ منصوبي هيٺ ٺهيل شهر آهي، جنهن ۾ ملڪ جو صدر، فيڊرل حڪومت جا ڪامورا، ملڪ جا نمائندا ۽ قانون ٺاهڻ وارا ۽ قانون کي هلائڻ وارا رهن ٿا. هڪ مزيدار ڳالهه ته اليڪشن ٿيڻ تي ملڪ جي پنجاهه ئي رياستن جا ماڻهو حصو وٺي سگهن ٿا، يعني ووٽ ڏئي سگهن ٿا، پر واشنگٽن جا رهواسي هن ملڪ جو پاسپورٽ رکندي ۽ هن ملڪ جا Citizen هوندي به ووٽ ڏئي نٿا سگهن. هونءَ عام چوڻي ته اها آهي ”نمائندگيءَ بنا ڇا جو ٽئڪس“.پر هتي جي ماڻهن کي اليڪشن ۾ نمائندگي ڪرڻ جي اجازت ناهي، پر ٽئڪس کان بچي نٿا سگهن. سو ان جي طنز ۽ مزاح ۾ واشنگٽن جي ڪارين جي نمبر پليٽ تي توهان کي هيءَ سٽ ضرور نظر ايندي:
    يعني هن شهر جي رهواسين سان ڪيڏي ته ويڌن آهي، جو ٽئڪس ڀرين ٿا، پر ووٽ نٿا ڏيو سگهن. هيوسٽن، نيويارڪ، لاس اينجلس جو هڪ ڪارو شيدي بوٽ پالش ڪرڻ وارو به آمريڪا جي صدر يا ڪانگريس جي ميمبر ٿيڻ جا خواب ڏسي سگهي ٿو، پر واشنگٽن ڊي سي جو راهاڪو هرگز نه. واشنگٽن شهر جو گهٽيون ۽ رستا ڪراچي جي ڊفينس سوسائٽي يا اسلام آباد وانگر آهن، جيڪي سمجهڻ سان آسان آهن، ته نئين ماڻهوءَ لاءِ منجهائيندڙ پڻ.
    واشنگٽن جو شهر سمجهو ته ليوڊو راند جي گتي وانگيان آهي، جنهن جو وچ سمجهو ته ڪيپيٽال هل آهي. ڪئپيٽال هل آمريڪا جي هڪ اهم عمارت آهي جيڪا ڪئپيٽال ٽڪريءَ تي قائم آهي. آمريڪا جي هيءَ عمارت ائين آهي، جيئن اسلام آباد ۾ اسان جي نيشنل اسيمبلي جي بلڊنگ، جتي ملڪ جي نمائندن (ڪانگريس مين) ۽ سينيٽ جا چيمبر آهن. بلڊنگ جي وچ ۾ وڏو گنبذ آهي، جنهن جي چوٽيءَ تائين بلندي 288 فٽ آهي. گنبذ جي هيٺان 96 فٽ ڊاياميٽتر جو گول هال آهي. جيڪو Rotunda سڏجي ٿو ۽ گنبذ جي مٿان هڪ مجسمو ٺهيل آهي، جيڪو Statue of Freedomسڏجي ٿو. هيءَ بلنڊنگ 1793ع ۾ ٺهڻ شروع ٿي. سينيٽ ونگ ۽ مائوس ونگ 1800ع ڌاري مڪمل ٿي ۽ آمريڪا جي ڪانگريس جي پهرين سيشن 17 نومبر 1800ع ۾ ٿي. هن عمارت جي تصوير پنجن ڊالر جي نوٽ پٺيان توهان ڏسي سگهو ٿا. هن عمارت ۾ آمريڪن آرٽ ۽ تاريخ جو م يوم به آهي، ان کان علاوه هتي ٺهيل National Statuary Hall ۾ هڪ سؤ ننڍا وڏا مجسما (Statues) به آهن، جن مان آمريڪا جي پنجاهه رياستن مان هر هڪ ٻه ٻه ڏنا. انهن ۾ سڀ ۾ وڏا مجسمو هوائي رياست طرفان ڏنل King Kamehameha I آهن. هن عمارت ۾ ملڪ جي پهرين صدر جارج واشنگٽن لاءِ مقبرو ٺاهيو ويو هو، پر پوءِ هن جي وصيت موجب کيس پنهنجي ڳوٺ واتري هنڌ مائونٽ ورنان دفن ڪيو ويو. هڪ آمريڪن کان پڇيو هوم ته هن عمارت جي ڇا خاص ڳالهه آهي؟
    وراڻيائين:
    “It stands as a monument to the American people and the government.”
    شايد ان جي اها اهيمت ڏسي، نائن اليون وارن ان کي يونائيٽيڊ ايئر لائينز اڏام نمبر 93 جي هاءِ جئڪرن واشنگٽن جي هن عمارت Capitol کي نشانو ٿي بڻايو، پر جهاز ۾ سوار مسافرن جي هاءِ جيڪرن سان ويڙهاند ڪري جهاز ان کان اڳ سمرسيٽ ڪائونٽي (پينسلوانيا) ۾ Crash ٿي ويو.


    علي نواز ميمڻ جي اوطاق تي ڪچهري

    هن ڪتاب کي پڙهندڙ شايد ئي ڪو اهڙو قاري هوندو، جيڪو واشنگٽن ڊي سي ۾ رهندڙ علي نواز ميمڻ کان واقف نه هجي. ميمڻ صاحب عالمي بئنڪ (WB) سوڌو کوڙ سارن عالمي ادارن ۾ ڪم ڪندي هاڻي ريٽائرمنٽ واري زندگي گذاري رهيو آهي، پر سندس اها ريٽائرمنٽ رڳو نوڪريءَ کان آهي. باقي لکڻ پڙهڻ، رابطا، بحث مباحثا هر شيءِ ۾ هو چست ۽ سرگرم آهي.
    اهي ماڻهو جيڪي عمر جي ان حصي ۾ گهرن جي ڪنڊن ۾ ويهي زندگيءَ جا باقي بچيل ڏينهن ڳڻيندي حياتي ڪاٽين ٿا، انهن کان اسان جا هيءُ ماڻهو لک درجا بهتر آهن ۽ سندن عزت ۽ قدر ڪرڻ گهرجي. جيڪي هر وقت پنهنجي وس آهر سنڌ جي حوالي سان ٿيندڙ ڪنهن نه ڪنهن ڪم ۽ سرگرميءَ ۾ حصو وٺندا رهن ٿا.
    آءٌ دوستن کي چوندو آهيان ته هن وهيءَ ۾ جيڪڏهن اي اين جي عباسي، سينيٽر قاضي مجيد، محمد ابراهيم جويو، نذير ميمڻ ۽ اسلم بلوچ جهڙا دوست ڪجهه نه ڪن ۽ گهرن ۾ ويٺا هجن ته نه رڳو انهن تي ڪا ميار ناهي، پر اسين کين ڪجهه ڪري به نٿا سگهون. تنهن ڪري شابس اٿن جو هن عمر ۾ به هر سرگرمي، هر تحريڪ ۽ ڪم ۾ جوانن سان جوان ٿيو پيا هلن. سائين علي نواز ميمڻ به اهڙن ئي ڪردارن ۾ شامل آهي.
    مون ۽ نصير اکين سان ڏٺو ته هو سنڌ ۽ پاڪستان بابت هر ڳالهه، خبر ۽ اي ميل کي غور سان ڏسي ٿو. پنهنجي محلن جهڙي گهر ”سنڌ هائوس“ ۾ پنهنجي آفيس ۾ ويهي پنهنجي وس آهر هر چڱي ڳالهه ۾ بهرو وٺي ٿو. سنڌ بابت ڪوبه بحث سياست تي هجي، غربت تي يا ترقيءَ تي، هو هر دليل کي پڙهي ۽ ٻڌي ٿو ۽ ان جو سنجيدگيءَ سان نوٽس وٺندي جواب به ڏي ٿو.
    تازو سنڌ تي هڪ زبردست ڪتاب سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ ڇپرايو اٿس. سنڌ ڊيموڪريٽڪ فورم جو ڪنوينر ۽ آمريڪا ۾ رهندڙ ارشاد قاضيءَ جو وڏو ڀاءُ ابرار قاضي ڏکيو پڙهندڙ آهي. ورهين کان پوءِ ڪنهن ڪتاب لاءِ چيائين ته ميمڻ صاحب حقيقت پسندانه ۽ سٺا خيال پيش ڪيا آهن. مون شڪر ڪيو ته سائين علي نواز ميمڻ جو ڪتاب ابرار جهڙي ڏکئي انسان (جنهن لاءِ اسان جو بزرگ دوست ۽ ناميارو صحافي جي اين مغل چوندو آهي ته ابرار سيمينٽيڊ سنڌي آهي) کي اهو ڪتاب وڻيو آهي.
    قسمت هيل سڄو وقت مهربان هئي. واشنگٽن جهڙي مهانگي شهر ۾ هوٽل جي ڳرن ڀاڙن کان بچي وياسين. جيئن مون نصير ميمڻ جي ڪري هيوسٽن جي چنڊال چوڪڙيءَ سان گڏ نه وڃڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اسان ٻئي نيويارڪ حسن مجتبيٰ وٽ اچي رهيا هياسين، ائين ئي نصير به واشنگٽن ۾ مليل مفت رهائش جي سهولت ڇڏي مون سان گڏ هوٽل ۾ رهڻ کي ترجيح ڏني جو نصير کي ورلڊ سنڌي انسٽي ٽيوٽ پاران مهمان طور واشنگٽن اچڻ جي دعوت مليل هئي. ان انڊر اسٽيڊنگ جو فائدو اهو ٿيو جو جنهن وقت اسين ميامي کان آرلينڊ واپس اچي رهيا هياسين ته گاڏي ۾ سرفراز ميمڻ ۽ جبار صديقي مختلف هوٽلن جي ڀاڙن ۽ لوڪيشنز بابت ڳالهائيندا پي آياسين ته علي نواز ميمڻ جو فون آيو. حال احوال کان پوءِ هن جڏهن واشنگٽن ۾ قيام بابت پڇيو ته اسان کيس ڪنهن مناسب هوٽل ۾ وڃڻ واري ڳالهه ٻڌائي، جنهن تي هن قرب مان چيو ته ڪنهن به هوٽل ۾ وڃڻ جي ضرور ناهي. اسين سڌو سندس گهر اچون ۽ جيترا ڏينهن چاهيون سنڌ هائوس ۾ رهي سگهون ٿا.“
    انهن ڏينهن ۾ لنڊن ۾ بينظير ڀٽو صاحبه ۽ نواز شريف جي وچ ۾ ميثاق جمهوريت تي صحيحون ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان اندر عام چونڊن جي معاملي تي نواز شريف APDM جو اجلاس گهرايو هو ته چونڊن جو بائيڪاٽ ڪجي يا نه؟ نواز شريف انهن تنظيمن جي گهري ۾ هو جيڪي يونين ڪائونسل جو ناظم به نٿا چونڊرائي سگهن ۽ ڪي ڌريون اي پي ڊي ايم مٿان جماعت اسلامي جي غير ضروري اثر تي تنقيد ڪري رهيون هيون. انهن ئي ڏينهن ۾ عوامي تحريڪ جي اڳواڻ اياز لطيف پليجي هڪ اي ميل ڪئي ته لنڊن ۾ سنڌ جون ڪافي ڌريون گڏجي رهيون آهن، تنهن ڪري ڇو نه سنڌ ايجنڊا تي ملاقات ڪري وٺجي. اها صلاح سياسي طور معقول نه هئي، جو سمورا اڳواڻ APDM جي ايجنڊا لاءِ گڏ ٿيل هيا ۽ وچان ٻي ايجنڊا تي گڏجڻ مناسب به نه هو ۽ ممڪن به نه هو جو متضاد ۽ مخالف نظرين جا ماڻهو ايتري تڪڙي نوٽيس تي گڏجي به نه سگهن ها ۽ نه ئي تڪڙو ڪو نتيجو نڪري ها ويتر اهو منفي تاثر وڃي ها ته سنڌين جون تنظيمون لنڊن ۾ به گڏ ويهڻ لاءِ تيار نه آهن ۽ هونءَ به ان وقت سنڌ جون سموريون سياسي جماعتون ائنٽي گريٽر ٿل ڪئنال ايڪشن ڪميٽي جي جهنڊي هيٺ سنڌ اندر هڪ نقاطي ايجنڊا تي گڏ هيون، تنهن ڪري پيپلز پارٽي کان سواءِ لنڊن ۾ سنڌي تنظيمن کي گڏ ڪرڻ جو خيال مناسب نه آهي.
    سائين علي نواز ميمڻ کي به دعوت هئي ته هو ممڪن ٿي سگهي ته لنڊن اچي اها گڏجاڻي اٽينڊ ڪري. اسان تفصيلي ڳالهه ٻولهه کان پوءِ جنهن راءِ تي اتفاق ڪيوسين، اها هئي ته ميمڻ صاحب اي ميل ذريعي پنهنجو نقطه نظر نه رڳو دعوت ڏيندڙ ڏانهن ڏياري موڪلي، پر هن ان جي ڪاپي محترمه بينظير ڀٽو کي به موڪلي ڇڏ. هڪ ڏينهن صبح جو سائين علي نواز محترمه جي سندن تجويزن جي مناسب هجڻ بابت محترمه بي نظير ڀٽو پاران کيس پهتل هڪ اي ميل تي خوش ٿيندي مون کي ۽ نصير کي اها اي ميل پڙهائي هئي.
    ننڊ تمام گهٽ ڪندا هياسين. لڳو پي ته گهمڻ ڦرڻ بدران جنگ وڙهڻ آيا هجون. هڪڙي هڪڙي ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه سرگرميون رکيل هيون. حقيقت ۾ جنگ ئي سمجهي رهيا هئاسين پنهنجي سرگرمين کي، جو آمريڪا گهمڻ جو موقعو مليو هجي ۽ واسطيدار ادارن، فورمز ۽ فردن سان سنڌ جي ڳالهه ڪرڻ بنا پاڪستان هليا وڃون ته پوءِ عام سياح ۽ اسان ۾ ڪهڙو فرق؟ اسان آمريڪا ۾ گذاريل هر هڪ منٽ کي بهتر طريقي سان استعمال ڪرڻ گهريو ٿي. اسان مٿان جن تنظيمن جا وسيلا خرچ ٿيل هئا، اهي وسيلا يقينًا محنت سان جڙيا آهن، تنهن ڪري وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪئي سين ته هر گهڙي سجائي ڪجي.
    جيترا ڏينهن به واشنگٽن ۾ هياسين،سنڌ هاؤس ۾ هر روز صبح جو سوير ستين وڳي سيلف سروس جي بنياد تي چانهه پيئندي، اي ميلز چيڪ ڪندي، سائين علي نواز سان وڏا حال احوال ڪندا هياسين ۽ پوءِ ميٽرو لاءِ روانا ٿيندا هياسين.
    سائين علي نواز پنهنجي نئين ڪتاب ۽ هر خيال متعلق دوستاڻي انداز ۾ رايا وٺندو هو. ڪڏهن به اهو تاثر نه ڏنائين ته ڪو هو هر شيءِ جي ڄاڻ رکي ٿو. جيترا ڏينهن به هياسين، هر ڳالهه تي مشاورت ڪندو هو ۽ هر هر پيو چوندو هو: ”ها ادا! اوهان واري نسل ۾ سنڌ کي وڏيون اميدون آهن. اسان تي جيڪو به ڪم يا بار رکندؤ، پويان ٿي هلنداسين.“ هن عمر ۾ ايترو جذبو يقينًا اسان واري نسل لاءِ وڏو اتساهه آهي. شال سائين جو حوصلو ۽ جذبو جوان رهن ۽ پاڻ سنڌ لاءِ ائين ئي سرگرم رهي.


    عالمي بئنڪ جي هيڊ آفيس ۾

    سنڌ ۾ جتي ٻين ڪافي اهم اشوز تي اخبارن، رسالن ۽ تحقيقي جرنلز ۾ لکيو وڃي ٿو، مختلف ريڊيو ۽ ٽي وي مذاڪرن ۾ بحث ڪيو وڃي ٿو، مختلف ڊائيلاگ فورمز تي مذاڪرات ڪيا وڃن ٿا، اتي گذريل ڏهن سالن اندر سنڌ جو پاڻيءَ جو ڪيس اهڙي سياسي، معاشي ۽ سماجي بقا جي نعري طور اڀريو آهي، جو دنيا جو ورلي ڪو اهڙو فورم هجي جتي اسان جي فني ماهرن، ايريگشن ۽ پاڻيءَ جي انجنيئرز، ڪالم نگارن، سياسي تجزيه نگارن، سياسي پارٽين ۽ ڪارڪنن يڪراءِ ٿي سنڌ جي نقطه نظر کي، سائنسي ۽ سياسي بنيادن تي بهترين نموني پيش نه ڪيو هجي.
    خاص طور تي ڊئمن ۽ ڊيلٽا جي ڪيس ۾ سنڌين هر حوالي سان زبردست موقف پيش ڪندي عظيم الشان قومي ٻڌيءَ جو مظاهرو ڪندي، پوري دنيا لاءِ هڪ مثال قائم ڪيو آهي. سياسي ميدان ۾ سنڌ جي هر سياسي ڪارڪن پاڻ ملهايو آهي.
    فني ميدان ۾ سنڌ، اي اين جي عباسي، ادريس راجپوت، قاضي مجيد، ابرار قاضي، طاهر قريشي، عبدالمجيد نظاماڻي، اعجاز قريشي، هاشم لغاري، مشتاق ميراڻي، عزيز ناريجي ۽ نصير ميمڻ جهڙا حلالي پٽ پيدا ڪري دشمنن جا وات بند ڪري ڇڏيا آهن. ٻي پاسي قيصر بنگالي، صبيح الدين غوثي، زبيده مصطفيٰ، عارف حسن، شاهد حسن وغيره جهڙا وڪيل سنڌ جي ڪيس کي وڏي سپورٽ آهن.
    ٻي پاسي سانا ۽ WSI جهڙين تنظيمن آمريڪا ۾ ويٺي پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ، ماحوليات جي تباهي ۽ ڊرينج جي تباهڪار منصوبن لاءِ پاڪستان کي فنڊ ڏيندڙ عالمي بئنڪ (WB) جي هيڊ آفيس ۾ سنڌ جي ڪيس جي وڏي لابنگ ڪئي.
    ايل بي او ڊي کي بين الاقوامي سطح تي ايترو ته کنيو ويو جو عالمي بئنڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ کي انسپيڪشن پينل جوڙي معائنو ڪرڻو پيو.
    ان ڏس ۾ ايڪشن ايڊ پاڪستان، فشر فوڪ، ايس ڊي ايف جهڙين تنظيمن به وڏو ڪردار ادا ڪيو.
    واشنگٽن جي دوري دوران ادي حميرا رحمٰن اسان کي عالمي بئنڪ جي هيڊ آفيس ۾ وقت وٺي ڏنو ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ عالمي بئنڪ جو صدر وولف ووز ڪرپشن ثابت ٿيڻ تي بئنڪ کان ڌار ٿي چڪو هو، سو خود عالمي بئنڪ جي پنهنجي ساک،شفافيت ۽ گورننس جي ڍانچي تي وڏا تبصرا هئا.
    اسان عالمي بئنڪ جي هيڊ آفيس جي بلند وبالا عمارت اندر ٻه ڪلاڪ کن سنڌ جي پاڻي، ڊرينج ۽ ڊئمن جي ڪيس تي ڳالهائيندا رهياسين. اسين شروع کان ئي چوندا آهيون ته انهن عالمي ادارن سان ڊائيلاگ ضرور ڪجي ته جيئن انهن وٽ سنڌ ۽ سنڌ جي مؤقف بابت پهتل غلط تاثر کي ختم ڪجي. ان ڏس ۾ آمريڪا جا دوست وقت به وقت انهن عالمي مالياتي ادارن سان لهه وچڙ ۾ رهندا آيا آهن. عالمي بئنڪ جي دوستن سان بهترين ميٽنگ ٿي.
    مون کي ميٽنگ ڪجهه وقت اڳ ۾ ڇڏڻي پئي جو وائيس آف آمريڪا جي اردو سروس جو پاپولر اينڪرپرسن فيض الرحمٰن پنهنجي آفيس ۾ منهنجو انتظار ڪري رهيو هو. هوڏانهن ادي حميرا ۽ نصير ميمڻ عالمي بئنڪ جي اعليٰ عملدارن سان ڳالهه ٻولهه ۾ مصروف رهيا.


    وائيس آف آمريڪا (VOA) اردو سروس تي انٽرويو

    ڪنهن دور ۾ بي بي سي اردو سروس جي پروگرام سيربين ۾ جڏهن احمد علي خان ڳالهائڻ شروع ڪندو هو ته ماڻهو ريڊيو کي ائين چنبڙي ويندا هئا، جيئن اڄ ڪلهه حامد مير يا ڊاڪٽر شاهد مسعود جي ٽي وي پروگرامن کي چنبڙيو وڃن. هاڻ ته ٽي وي چينلز جي پاپولر دور ۾ آهيون، پر اڄ به ريڊيو سروس جو پنهنجو مزو آهي.
    بي بي سي اردو سروس کان پوءِ پنهنجي ملڪ ۾ غير ملڪي ميڊيا ۾ وائيس آف آمريڪا مشهور چينل آهي، جيڪو ريڊيو ۽ ٽي وي سروس ٻئي پيش ڪري ٿو. اسان جو پيارو دوست مرتضيٰ سولنگي وائيس آف آمريڪا جي اردو ريڊيو سروس تي ڪيترا ئي سال ڪم ڪري اڄ ڪلهه پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشنز آف پاڪستان (PBC) جو هيڊ ٿي واشنگٽن ڇڏي اسلام آباد پهتو آهي.
    مون واشنگٽن ۾ جڏهن ساڻس ملاقات لاءِ فون ڪيو ته هو APDM جي اجلاس جي ڪوريج لاءِ لنڊن پهتل هو ۽ اسين ملي نه سگهياسين. فلوريڊا ۾ ڊاڪٽرن جي هڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت دوران ڪچهري ڪندي وائيس آف آمريڪا جي ٽي وي پروگرام ”دنيا ميري آگي“ جي اينڪر فيض الرحمٰن چيو ته جڏهن به واشنگٽن اچان ته کيس فون ڪيان ته جيئن هو سنڌ ۽ پاڪستان جي ايشوز تي منهنجو انٽرويو ڪري سگهي. دنيا ميري آگي پروگرام پاڪستان جا مشهور ٽي وي چينل آج ۽ جيو پنهنجي نشريات ۾ پيش ڪندا آهن. پاڪستان ۾ اهو پروگرام بيحد پسند ڪيو وڃي ٿو. مون کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ آءٌ مقرره وقت تي وائيس آف آمريڪا جي مشهور بلڊنگ پهتس.
    انٽرويو کان اڳ فيض منهنجو انيقا عثمان سوڌو پوري اسٽاف سان تعارف ڪرايو.
    انٽرويو ۾ هن ايس ڊي ايف، سنڌ ۽ پاڪستان جي سياست بابت ڪيترا ئي سوال ڪيا.
    سياسي ٿنڪ ٽينڪس دانشورن ۽ ساڃاهه رکندڙن جي ڪردار تي ڳالهه ٻولهه ٿي.
    مون ان چينل جي اهميت ۽ ان جي ڏسندڙن جي مزاج کي مدنظر رکندي ڪوشش ڪئي ته سنڌ جو ڪيس دليلن سان پيش ڪجي.
    بهرحال، ايڏي وڏي چينل لاءِ انٽرويو جي آڇ مون لاءِ وڏي ڳالهه ته هئي، پر گڏوگڏ اها دعوت جنهن تناظر ۾ ملي، اهو ڪيس صحيح نموني پيش ڪرڻ به وڏي ذميواري جو ڪم هو. آءٌ، فيض ۽ ٻين دوستن سان ڪچهري ڪري، چانهه پي روانو ٿيس جو هاشماڻي صاحب ۽ نصير ڪنهن ٻي ميٽنگ لاءِ ڪٿي انتظار ڪري رهيا هئا.


    هولوڪاسٽ ميوزم ۽ ايني فرينڪ

    سمٿ سونئين اسٽريٽ واشنگٽن تي هڪڙي ئي روڊ تي ٻن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ڦهليل شاندار ميوزم ۽ تاريخي عمارتون قائم آهن. انهيءَ ميوزمن ۾ آمريڪي ماڻهن جي تاريخ، ثقافت ۽ سائنس جي بلندين جا ڪارناما، شڪستون توڙي ڪاميابيون ديوار تي ائين ٽنگيل آهن جو هر سياح ان مان لطف اندوز ٿئي ٿو ۽ ڪي تاريخ جي ڪن سياهه ترين يادگيريءَ ۾ گم ٿي وڃن ٿا.
    جن کي سائنس، خلا ۽ ايجادن ۾ دلچسپي آهي، جيڪي ايڊوانسڊ (اڳيان جي) دنيا ڏسڻ گهرن ٿا، انهن لاءِ اهڙو ئي سامان موجود آهي. جيڪي تاريخ ۾ دلچسپي رکن ٿا، ثقافت کي ڏسڻ گهرن ٿا، سمٿ سونئين کين اهڙُو ئي فليور فراهم ڪري ٿو.
    مون ڪتابن ۾ به پڙهيو هو ۽ ڪن دوستن کان به ٻڌو هو ته جڏهن به واشنگٽن وڃان ته United States Holocaust Memorial Museum ضرور وڃان. مون کي اهو ميوزم گهمڻ جو ڏاڍو شوق هو. هڪ ڏينهن آءٌ ۽ نصير تيار ٿي گهران نڪتاسين ته اهي ميوزم ڏسي اچجن. سائين علي نواز ۽ سرفراز ٻڌايو ته سندس گهر کان جنهن انڊرگراؤنڊ ۾ چڙهان، ان ميٽرو ۾ بلو يا نارنگي لائينز مان ڪنهن هڪ تي آءٌ سمٿ سونئين ريلوي اسٽيشن جي انڊپينڊنس ايونيو ايگزٽ تي لهي کاٻي هٿ کان فٽ پاٿ تي هلندو وڃان ۽ سڌو وڃي رائل ويلنبرگ محل تي پهچندس. ٻاهر جي دنيا ۾ رش به تمام گهڻي پر ٽاؤن پلاٽنگ هجڻ ڪري هر گهٽي، هر سٽريٽ، هر پاڙي، محلي ۽ ٽاؤن ۾ پهچڻ ۽ پوءِ رستو ۽ گهر ڳولهڻ سولو آهي. سو آءٌ ۽ نصير، سائين علي نواز جي گهران نڪري ميٽرو ۾ شهر لتاڙيندا اچي هولوڪاسٽ ميوزم پهتاسين ته ميوزم جي خوبصورت بلڊنگ تي لکيل هن سٽن اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو؛
    For The dead & the living you been witness!
    نوبل انعام يافته امريڪي شخصيت ايلي ويزل (Elie Wiesel) جيڪو هن ميوزم جو باني چيئرمين رهيو آهي. تنهن جون چيل اهي سٽون ڪيترن ئي سياحن لاءِ ميوزم گهمڻ کان اڳ سمجهو هيوسين ته هڪ ضابطه اخلاق آهي ته جيئن ظلم، تشدد ۽ جبر جي علامتن کي ڏسڻ مهل اسين رڳو سياح نه هجون پر ظلم، تشدد ۽ جبر خلاف پنھنجي رڳو نفرت جو اظهار ڪيون پر ان سان وڙهڻ جو وچن به ڪيون.
    هي ميوزم بنيادي طور هٽلر جي نازي ازم جو شڪار بڻيل يهودين کي خراج تحسين پيش ڪرڻ، سندن قربانين کي ياد ڪرڻ ۽ سندس طرفان برداشت ڪيل ظلم ۽ جبر کي آمريڪي عوام آڏو پڌرو ڪرڻ جو ڊسپلي سينٽر آهي. جنهن جو هڪ مک سبب آمريڪي قوم پرستي کي خاص طور تي يهودي جذبات کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪرڻ آهي. ان ڳالهه کان قطعه نظر هڪ اهڙي شهري لاءِ جيڪو دنيا ۾ امن چاهي ٿو، ذات پات، نسل، رنگ ۽ مذهبي مت ڀير کان آجي دنيا چاهي ٿو، انسان جي عزت نفس جي عزت ڪندڙ دنيا چاهي ٿو. ان لاءِ جبر جنهن به قوم مٿان ٿيو هجي، ظلم جنهن به طبقي سان ٿئي ٿو، تشدد جو شڪار ڪهڙو به بني بشر ڇو نه ٿيو هجي، ان جو پاسو کڻڻ ۽ ظلم کي نندڻ سندس بنيادي اخلاقي ۽ سياسي ذميوارين جو حصو آهي.
    پاڻ سنڌي ته اهڙي قوم رهندا آيا آهيون جو صوفي ۽ سيڪولر قدرن ڪري ڪنهن به تعصب ۽ نفرت کان آجا ئي رهيا آهيون. ميوزم گهمڻ کان پوءِ جڏهن ڪن دوستن سان حال اهوال ڪيوسين ته انهن جا تبصرا عجيب هيا ته آمريڪي حڪومت يهودي ازم جي جذبات کي برقرار رکڻ لاءِ اهو ميوزم جوڙيو آهي ۽ آمريڪا پاڻ دنيا مٿان ظلم ڪري رهيو آهي. پوري دنيا خاص طور تي افغانستان، عراق ۽ چند ٻين ملڪن ۾ آمريڪا نازي ازم ڦهلائي رهيو آهي. سياسي طور اها ڳالهه بالڪل درست آهي پر ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته رد عمل ۾ جيڪڏهن امريڪي ماڻهن مٿان ڪو ظلم ٿيو هجي، يا ڪوبه شهري تشدد ۽ ظلم جو شڪار بڻيو هجي ته ان کي غلط نه چئجي ۽ ردعمل نه ڏيکارجي. ظلم ظلم آهي، جنهن به ڌر سان ٿيو هجي.
    هولو ڪاسٽ جنهن کي پاڻ هولناڪ بربادي يا تباهه ڪاري چئي سگهون ٿا، جي نالي هيٺ ٺهيل هن ميوزم ۾ هٽلر جي فوج پاران جوڙايل ڪنسٽرسٽين ڪئمپ جهڙي ٺاهيل ڪمري جو منظرنامو ڏسي لون ڪانڊارجي وڃن ٿا.
    تشدد تي ٻڌل فلمن، پينٽگز ۽ مجسمن تي نظر پوندي ئي خوف ٿئي ٿو، ظلم هٽلر جو هجي يا ضياءَ الحق جو، ان جي نوعيت، طريقه واردات ۽ شدت ساڳي آهي. ايني فريني لاءِ مخصوص ڪيل جڳهه کي ڏسي ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪال ڪوٺڙيءَ بابت ڪرنل رفيع جي پيش ڪيل تصوير جي ذهن ۾ ايندي اچانڪ اهو احساس دل ۾ جاڳي پيو.
    مون اهڙو ئي لقاءَ ڍاڪا ۾ بنگالين پاران جوڙيل آزادي ميوزم ۾ ڏٺو هو. هولوڪاسٽ ميوزم کي قومي اداري جو درجو حاصل آهي جنهن ۾ ٻين جنگ عظيم جي نتيجي ۾ آيل تباهي جي داستانن، تاريخ ۽ واقعن کي دستاويزن، فلمن، جنگ جي باقيات ۾ هٿ آيل تاريخي شين کي سنڀالي رکيو ويو آهي.
    هن ميوزم ذريعي دنيا کي ٻڌايو وڃي ٿو ته انسان ذات جي تباهي جا ڪهڙا نقصانات آهن جيڪي نازي ان امن پسند ماڻهن مٿان مڙهيا هيا. هڪ هنڌ لکيل هو ته ظلم ۽ تشدد جي هي داستان ۽ نمونا ڏسي ۽ پڙهي نه رڳو تشدد خلاف نفرت جو اظهار ڪيو آهي پنهنجي پنهنجي معاشري جي هڪ ذميوار شهري طور انساني حقن جي تحفظ، جمهوريت ۽ آزادي لاءِ پنهنجي حصي جو ڪردار به ادا ڪيو.
    پياري نصير ميمڻ اهو پڙهندي ئي چئو ته ڪاش آمريڪا اهڙو ئي ميوزم عراق ۽ افغانستان ۾ به ٺاهي ۽ پوءِ چوي ته جمهوريت ۽ آزادي لاءِ ويڙهه جاري رکو.
    ميوزم انتهائي جديد سسٽم ۽ سهولتون رکندڙ بلڊنگ هئي. مين گيٽ کي نئين آيل ماڻهن لاءِ گائيڊميپ (نقشو)، تير جي نشان، مک ڪاؤنٽر تي هر شي بابت تفصيلي مواد، ڏاڪڻيون توڙي لفٽ استعمال ڪرڻ جا طريقا وغيره وغيره. هتي ڪي جايون مفت ۾ گهمي ڦري سگهجن ٿيون ۽ ڪن خاص جڳهن لاءِ پاس و‎ٺڻي پوي ٿي.
    هولوڪاسٽ جي تاريخ بابت هڪ خاص ڊاڪومنٽري لاءِ پاس خريدڻي پوندي آهي، جنهن ۾ تفصيل سان ٻڌايو وڃي ٿو ته ڪيئن 1933 کان 1945 تائين نازي جرمني يورپ کي برباد ڪيو ۽ ڪيئن يهودين کي خاص ٽارگٽ ڪري 60 لک ماڻهو قتل ڪيا ويا، جنهن ۾ روما (جپسي) به شامل هيا. دنيا اندر نسلي، لساني ۽ فرقه واريت جي بنياد تي هٽلر جو قتل عام هڪ وڏو سانحو هو. پوءِ ته اسان پنهنجي وطن ۾ به نسلي، فرقيواريت ۽ لساني تعصب جي بنياد تي سوين انسانن جو بي گناهه خون وهندي ڏٺو پر نازي جرمني پاران ڪيل انساني قتل عام جو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي.
    دنيا جو شايد ئي ڪو اهڙو ادب هجي جنهن ۾ نازي ازم جي تاريخ ظلمن تي لکيو نه ويو هجي. سنڌي ادب ۾ به ان موضوع تي ڪيترن ئي شخصيتن نثر به لکيو آهي ۽ شاعري به ڪئي آهي. سنڌ اندر شيخ اياز ۽ حسن مجتبى ايني فريني کي متعارف ڪرائيندڙ ليکڪ آهن.


    انٽرنيشنل ريپبلڪن انسٽي ٽيوٽ (آءِ آر آءِ)

    امريڪا ۽ خاص طور تي سندس گادي وارو هنڌ واشنگٽن، دنيا جي سڀ کان وڏي تعداد رکندڙ پاليسي ساز ادارن، بين الاقوامي سطح تي جمهوريت ۽ حڪمراني (democracy and governance) جي اشوز تي لابنگ، سفارتڪاري ۽ سياسي تحقيقي ادارن جو مک مرڪز آهي.
    جان هاپڪنس انسٽيٽيوٽ آف پاليسي اسٽڊيز کان وٺي فورڊ فائونڊيشن تائين سول سوسائٽي جا دنيا جا اهم ترين ادارا هن شهر ۾ هيڊڪوارٽرز رکن ٿا. هوڏانهن آمريڪا جي ٻنهي سياسي جماعتن ڪانگريس ۽ ڊيموڪريٽس پاران به پاليسي ٿنڪ ٽئنڪس ٺاهيل آهن جنهن ۾ ڪانگريس جو انٽرنيشنل ريپبلڪن انسٽي ٽيوٽIRI ۽ ڊيموڪريٽڪ جو نيشنل ڊيموڪريٽ انسٽيٽيوٽ NDI آهي.
    پاڪستان اندر امريڪي سرڪار جي امدادي پروگرامن ۽ خاص طور تي USAID جي امداد شروع ٿيڻ کان پوءِ ڊيموڪريسي جي مضبوطي، پارلياماني ادارن جي سگهه وڌائڻ، اسيمبلي ميمبرن جي سکيا ۽ تعليم ۽ ٻين شعبن ۾ نه رڳو امداد شروع ٿي آهي ۽ پاڪستاني سماجي تنظيمن (NGOs) کي پارٽنرشپ جو موقعو مليو آهي پر انفرادي سطح تي ڪم ڪندڙ محققن ۽ ٽريننگ ڏيندڙن ۽ سياسي تجزيه نگارن ۽ ڪالم نگارن کي به ڪافي موقعا مليا آهن.
    NDI پاڪستان اندر سياسي تعليم (Political Education) جي پروگرامن ۾ ڪافي ڪم ڪيو آهي ۽ پاڪستان اندر قومي حقن، جمهوريت، انساني حقن ۽ وسيلن بابت ڪافي دستاويز لکيا آهن. ٽريننگز ۽ ڪانفرنسز منعقد ڪيون آهن، ڪانفرنس ۽ سياسي پارٽين ۽ سول سوسائٽي وچ ۾ ڊائيلاگ کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
    IRI ۽ NDI جو چوڻ آهي ته سندس تنظيمن ۾ ڇاڪاڻ ته امريڪي عوام جي ٽيڪسن مان جمع ٿيندڙ پئسو شامل آهي تنهن ڪري هو هڪجهڙا ڪم ڪرڻ بدران مختلف شعبن ۾ الڳ الڳ ڪم ڪن ٿا. ٻئي ادارا مخالف سياسي جماعتن سان لاڳاپيل آهن پر اوهين ڏسو ته هو هڪ ڪو به ڪم اهڙو نٿا ڪرڻ گهرن جنهن ۾ ڊپليڪيشن ٿئي. تنهن ڪري NDI جن به شعبن ۾ ڪم ڪندي آهي ته IRI ان کان مختلف شعبا ڳولهيندي آهي.
    گذريل دور حڪومت ۾ IRI جو ادارو پاڪستان اندر عوامي راءِ عامه جا سروي ڪرڻ ڪري نه رڳو مشهوري ماڻي پر سندس سروي جا نتيجا وڏي بحث هيٺ رهيا، قومي اخبارن ۾ سرخيون بڻيا ۽ اپوزيشن توڙي سرڪار ڪنهن مهل خوش ته ڪنهن مهل سخت ناراض به رهيون.
    سيپٽمبر 2007ع ۾ هڪ سروي دوران ججن جي معاملي، مشرف سان ٺاهه جون ڳالهيون هلڻ ڪري محترمه بينظير ڀٽو شهيد جو عوامي گراف هيٺ ٿيو هو اهڙي خبر IRI جي هڪ سروي ۾ جڏهن پڌري ٿي ته محترمه بي نظير ڀٽو پاڪستان اچڻ کان اڳ واشنگٽن ۾ IRI جي هيڊ آفس وئي هئي ۽ ان سروي ۾ جنهن ۾ نواز شريف ۽ مشرف جو گراف محترمه کان مٿي ڏيکاريو ويو هو، ان تي ناراضگي جو اظهار ڪيو هو. IRI جي واشنگٽن توڙي اسلام آباد آفيس ۾ ويٺل همراهن جا محترمه سان انتهائي سٺا لاڳاپا هيا جو محترمه اهڙن ادارن سان ذاتي حيثيت ۾ جڙيل رهندي هئي. ان کان پوءِ محترمه 18 آڪٽوبر 2007 تي ڪراچي ۾ 30 لک لوڪ گڏ ڪري سمورن سرويز کي اونڌو ڪري ڇڏيو هو.
    يو ايس ايڊ جي پاڪستان اندر اسيمبلي ميمبرن جي ٽريننگ جي هڪڙي پروجيڪٽ PLSP جي پوري ٿيڻ تي ان پروجيڪٽ کي وڌيڪ هلائڻ يا نه هلائڻ جي سلسلي ۾ واشنگٽن مان آيل هڪ مانيٽرنگ ٽيم جي مقامي صلاحڪار طور گڏ جڏهن مون واشنگٽن مان آيل دوستن جي زيبسٽ جي ڊائريڪٽر سينيٽر جاويد لغاري سان ملاقات ڪرائي ته ڳالهيون ڪندي هن اهو به ٻڌايو هو هڪ دفعو ڪنهن سروي جي ساک جي حوالي سان محترمه کي خدشا هيا ۽ پوءِ آءِ آر آءِ جي هڪ ٽيم دبئي اچي محترمه کي بريفنگ ڏني هئي ۽ محترمه جي ٽيڪنيڪل ٽيم ان سروي جي Findings ۽ ڊيٽا بيس کي سائنسي بنياد تي غلط ثابت ڪيو هو.
    2008ع جي عام چونڊن دوران آءِ آر آءِ جي هڪ وڏي ٽيم چونڊن کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ پاڪستان پهتي هئي. آءٌ سنڌ واري ٽيم جو فوڪل پرسن هيس ۽ پوءِ مون پنهنجي ٽيم ۾ تسنيم ڀٽي ۽ فيض صديقي کي به شامل ڪيو هو.
    27 دسمبر تي محترمه جي شهادت کان اڳ آءِ آر آءِ جي ٽيم ساڻس اسلام آباد ۾ زرداري هاؤس ۾ ملاقات ڪئي هئي. ان کان اڳ جون ۾ واشنگٽن جي هڪ ٽيم Pre-Election Assessment جي مشن تي جڏهن پاڪستان آئي ته مون ان اهم ترين مشن جون پيپلزپارٽي، مسلم ليگ نواز، ايم ڪيو ايم، جماعت اسلامي، جمعيت علماءِ اسلام، فضل الرحمٰن گروپ، سيد جلال محمود شاهه، اڳوڻي اسپيڪر مظفر شاهه، ق ليگ ۽ فنڪشل ليگ جي وزيرن ۽ سول سوسائٽي جي نمائنده فورمز ۽ اڳواڻن سان گڏوگڏ ڪراچي پريس ڪلب ۽ ٻين ميڊيا سينٽرز جو دورو به ڪرايو هو.
    سنڌ جي دوري دوران سندن تجربن ۽ اکين ڏٺي اڪائونٽ جي بنياد تي جيڪي رپورٽون هنن پاران لکيون ويون هيون ان جي نتيجي ۾ هنن جي ڪيترن ئي اشوز ۽ شخصيتن بابت راءِ (Perceptions) ۾ ڪافي تبديلي آئي . خاص طور تي مشرف بابت ۽ نتيجي ۾ هنن هڪ اهڙو سروي جاري ڪيو جو آخر سرڪار دٻاؤ ۾ اچي جنرل مشرف جي حڪم تي IRI تي پاڪستان ۾ پابندي لڳائي ڇڏي هئي، جيڪا اڃا لڳل آهي.
    سنڌ لاءِ اها به ڳالهه چڱي آهي ته آمريڪا جي ٻنهي اهم سياسي جماعتن جي اهم ۽ سرگرم پاليسي ٿنڪ ٽينڪس ادارن پاران پاڪستان جي حقيقي سياسي بحرانن کي اسلام آباد مان رپورٽون ”وصول“ بدران هاڻ سندن نمائنده هر صوبي ۾ گهمي ڦري حقيقتون اکين سان ڏسي رهيا آهن، ان ڏس ۾ آمريڪا ۾ ويٺل دوستن جو به وڏو ڪردار آهي ۽ هاڻ انهن ادارن پاران صوبن ۾ اچي حقيقتون معلوم ڪرڻ کان پوءِ سنڌ جو ڪيس اڃا مضبوط ٿيو آهي.
    ان ڏس ۾ پاڻ سڀني تي اها ذميواري عائد ٿئي ٿي ته انهن ادارن سان هرر وقت لهه وڇڙ ۾ هجون ۽ سنڌ جو حقيقي ڪيس سائنسي ۽ عقلي بنيادن تي دليلن سان پيش ڪندا رهون. واشنگٽن اچڻ مهل IRI اسلام آباد آفيس پاران ملاقات جو وقت مقرر هئڻ باوجود به IRI جي آفيس وڃي نه سگهيس. خواهش هئي ته پاڪستان ۾ سياسي سرگرمين ۾ ڪجهه وقت گڏ رهڻ وارن دوستن جيڪي واشنگٽن مان اسلام آباد ۽ ڪراچي آيا هيا انهن سان سندن آمريڪا واري آفيس ۾ ملاقات ڪجي.
    خاص طور تي ڏکڻ ايشيا جا معاملا ڏسندڙ آمريڪي نزاد پاڪستاني دوست عمر علوي (جيڪو پاڪستان جي جڳ مشهور سياسي مفڪر حمزه علوي جو ڀائيٽو آهي) سان ملاقات جو شوق هو پر هر سنڌي دوستن سان ڪهچرين ۽ ملاقاتن ۾ اهو وقت نه ڪڍي سگهيس ۽ رڳو ٽيلي فون تي سلام دعا ڪري سگهيس.
    آءٌ هن ڪتاب پڙهندڙن کي صلاح ڏسندس ته انهن ٻنهي ادارن جي ويب سائيٽس کي هر وقت ڏسندڙ رهن جن تي نه رڳو سندن سرگرمين جي زبردست ڄاڻ موجود هجي ٿي پر سڪالرشپ، نوريون، فيلوشپ پروگرام ۽ ٻيا موقعا به ايندا رهن ٿا.


    سنڌ جو ڪيس ۽ اسٽيٽ ڊيپارٽمنٽ

    سائين خالد هاشماڻي جنهن مهل آمريڪا جي اسٽيٽ ڊيپارٽمنٽ ۾ ڏکڻ ايشيا کي سنڀاليندڙ ڊيسڪ جي عملدارن سان اسان جي ملاقات لاءِ وقت گهريو هو ته پروٽوڪول تحت اسان کي پنهنجا تفصيل، ملاقات جو مقصد ۽ گهربل وقت درخواست ۾ شامل ڪرڻو هو. اسان جي سفر ۾ هجڻ ڪري جس آهي سائين هاشماڻي کي جنهن پنهنجي ليکي اسان جا ڀرپور تعارف ٺاهي، ملاقات جو مقصد ڄاڻائي وقت وٺي چڪو هو.
    واشنگٽن ۾ رهڻ دوران خالد هاشماڻي نصير ميمڻ ۽ آءٌ مقرر وقت تي 13 جولاءِ 2007 تي اسٽيٽ ڊيپارٽمنٽ جي بلڊنگ وٽ پهتاسين. مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشتگرديءَ کان پوءِ مون امريڪي سوسائٽي جو سڀ کان وڏو پرابلم پارڪنگ ڏٺو. صبح جو يارنهن وڳي جو وقت مقرر ٿيل هو. سائين هاشماني ساڍي ڏهين وڳي ئي وٺي آيو جو کيس ان ڳالهه جو احساس هو ته ڪار پارڪنگ ملاقات جو وقت وٺڻ کان به ڏکيو ڪم آهي سو ٻه چار چڪر کائڻ کان پوءِ هڪ جاءِ تي گاڏي پارڪ ڪري ٿورڙو پنڌ ڪري اچي مين بلڊنگ جي گيٽ تي پهتاسين.
    سوچڻ لڳيس ته هيءَ اهي ئي بي جان مرده ديوارون آهي جيڪي دنيا جي ڪروڙين جاندارن تي اختيار رکن ٿيون، مٿن حڪمرانيءَ جا خواب ڏسن ٿيون. اسان جو وقت اسٽيٽ ڊيپارٽمنٽ جي جنهن سفارتڪار سان رکيل هو اهو هو بيورو آف ساؤٿ اينڊ سينٽرل ايشيا جي پاڪستان ۽ بنگلا ديش ڊسڪ جو ڊپٽي ڊائريڪٽر مسٽر رچرڊ اس ساڪس هو. اتفاق سان جنهن ڏينهن اسان جي ملاقات جو وقت رکيل هو انهيءَ ڏينهن تي ڪن آفيسرز جي تقريري يا تبادلي جي سلسلي ۾ پارٽي رکيل هئي ۽ ساؤٿ ايشيا بيورو واري آفيس ۾ ڪافي رش هئي.
    اسان کي مين گيٽ تي افتتاحي ڊسڪ تان مهمانن وارا شناختي ڪارڊ مليا جيڪي گلي ۾ لٽڪائڻ لازمي هئا ۽ چيڪنگ کان پوءِ اسان کي لفٽ ذريعي هڪ همراهه ساڪس جي آفيس وٺي آيو. اتي ئي خبر پئي ته پاڪستان اندر امريڪا جو ان وقت جو سفير ريان سي ڪروڪر تبديل ٿي ويو آهي ۽ ان جي جاءِ تي اين ڊبليو پيٽرسين نئين سفير مقرر ٿي چڪي هئي. ساڪس ميٽنگ جي پڄاڻي تي اينا جي پڇا به ڪئي ته جيئن اسين هن سان ملي سگهون پر هو پاڪستان اچڻ جي تيارين جي ڏس ۾ آفيس کان ٻاهر پنهنجن دوستن ۽ ساٿين سان ملڻ ۾ مصروف هئي.
    ڏکڻ ايشيا بيورو جي آفيس ۾ جتي اسان ميٽنگ ڪئي هئي، هڪ وڏو نقشو لڳل هو جنهن تي لکيل هو هندوستان ۽ ٻيا پاڙيسري ملڪ، جنهن ۾ مون کي پهرين ئي ڍڪ ۾ اهو اندازو ٿيو ته هندوستان جي ڏکڻ ايشيا جي سڀ کان وڏي قوت هجڻ جو اعتراف هاڻ امريڪا به ڪري ٿو ۽ پاڪستان سميت ٻين ملڪن کي هو ”۽ ٻيا“ ۾ شامل ڪندي پڇي ئي ڪو نه ٿو.
    ان بحث ۾ نٿا پيون ته امريڪا ڪيئن حليف هوندي به پاڪستان کي رڳو پنهنجن مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي ۽ هاڻ 11/9 کان پوءِ هو دهشتگرديءَ خلاف جوڙيل عالمي جنگ جي بندوق پاڪستان جي ڪلهي تي رکيو ويٺو آهي ۽ نتيجي ۾ پاڪستان هڪ پرامن، جمهوريت پسند ۽ صوفي ماڻهن جي سڃاڻپ بدران واري ملڪ بدران انتها پسندن جي جنت طور مشهور ٿي ويو آهي.
    اسان اسٽيٽ ڊيپارٽمنٽ جي علمدار اڳيان سنڌ ۽ پاڪستان جي مجموعي سياسي سماجي ۽ معاشي صورتحال جي تازي تصوير پيش ڪئي. سنڌ جي هڪ خودمختار وطن واري حقيقت جي شاندار پس منظر تي ڳالهه ٻولهه رکي. سنڌين جي سيڪولر ۽ جمهوريت پسند قوم هجڻ وارين خوبين تي ڳالهائڻ، پاڪستان ۽ آمريڪا جي دوستي- ان جا نقصان، فائدا، ملڪي، علائقي ۽ عالمي سطح تي ان جا اثر ۽ ٻين اشوز تي تڪڙو تڪڙو پنهنجا خيال پيش ڪيا. انهن اشوز تي سنڌ ڊيموڪريٽ فورم پاران لکيل پاليسي دستاويزن جو هڪ سيٽ به کيس پيش ڪيوسين.


    ڏکڻ ايشيا ۽ آمريڪي مفاد

    پنهنجي ٻنهي دورِ حڪومتن ۾ آمريڪي صدر جارج ڊبليو بش ڏکڻ ايشيا جو رڳو هڪ دورو ڪيو. پاڙيسري ملڪن افغانستان ۽ هندستان جي دورن کان پوءِ هو پاڪستان پهچي، پنهنجي ان سرڪاري دوري جي پڄاڻي ڪئي، جنهن جي مـُـک ايجنڊا هندستان سان دفاعي لاڳاپا بهتر ڪرڻ آهي.
    هن دوري جا ڪهڙا سبب، فائدا ۽ نقصان هيا، ان موضوع سان تعلق رکندڙ ٿنڪ ٽئنڪ، سياسي ۽ سفارتي مبصر ۽ ڪالم نگار گهڻو ڪجهه لکيو هو. دوري شروع ٿيڻ کان اڳ، دوري دوران ۽ دوري جي پڄاڻي ڪهڙين سياسي ۽ اقتصادي ڊولپمينٽ تي ٿيندي، ان بابت گهڻا رايا پڙهڻ ۽ ٻڌڻ ۾ آيا.
    ڏکڻ ايشيا جي ٽنهي ملڪن جي اهم اسٽريٽجڪ اهميت جي پيش نظر اهو نٿو چئي سگهجي ته ڪنهن هڪڙي ملڪ جو دورو ٻين ملڪن کان وڌيڪ اهميت وارو هو. ڇاڪاڻ ته ڏکڻ ايشيا جون اهي ٽئي اهم جاگرافيون يعني افغانستان، پاڪستان ۽ هندستان پنهنجي الڳ الڳ اهميت ۽ گهرجن ڪري هن وقت عالمي سياست لاءِ اهم ترين رياستون آهن. پر صدر بش جي دوري جي سرڪاري ايجنڊا جي پڌرائي ٻڌائي ٿي ته آمريڪا جي صدر جي هن دوري جو مک سبب هندستان سان مستقبل لاءِ بهتر سياسي اقتصادي لاڳاپا مضبوط ڪرڻ آهي.
    24 فيبروري 2006 تي شام جو چئين وڳي، آمريڪي سرڪار جي هيڊ ڪوارٽر ۽ صدر جي رهائش گاهه وهائٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري جي آفيس پاران هڪ پريس بريفنگ جو انتظام ڪيو ويو جيڪا اهڙن موقعن لاءِ هڪ مخصوص جڳهه جيمس ايس براڊي بريفنگ روم ۾ رٿي ويندي آهي.
    ان بريفنگ ۾ آمريڪي نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائيزر اسٽيو هيڊلي (Steve Hadley) بش جي دوري جي حوالي سان جيڪا سرڪاري ايجنڊا پڌري ڪئي ان جو گهڻو حصو هندستان سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ واري منصوبه بندي بابت هئي. جنهن کي هيئن لکيو ويو آهي:
    “The trip will basically celebrate a U.S. Indian strategic partnership that is rooted in shared values and is broad in both its nature and scope. The two countries are working together on a range of global issues، including counter terrorism، nonproliferation، energy and the environment، and the expansion of economic and political freedom.”
    هن دؤري جو بنيادي مقصد آمريڪا ۽ هندستان وچ ۾ جـڙندڙ انهن دفاعي لاڳاپن کي بهترين بنائڻ آهي، جيڪي پنهنجي مزاج ۽ تناظر ۾ هن خطي جي سياسي وايومنڊل جا وڏا قدر آهن.
    جيڪا ايجنڊا ان پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي وئي تنهن ۾ مک نقطا هي هيا:
    1- عالمي سطح جا ڪي اهم نقطا
    2- دهشتگرديءَ جي خاتمي جي جنگ
    3- ائٽمي ۽ نيوڪليئر هٿيارن جي ڦهلاءُ جي روڪ ٿام
    4- توانائي ۽ ماحوليات جي شعبن ۾ ترقي
    5- سياسي ۽ معاشي آزاديءَ جي واڌاري جا نقطا
    جيتوڻيڪ ان سرڪاري پڌرائي واري ايجنڊا ۾ افغانستان جو نالو شامل نه هيو پر آمريڪي صدر جي افغانستان جي دؤري ۽ ان جي اهميت بابت بين الاقوامي ميڊيا کي ڄاڻ هئي ڇاڪاڻ ته دهشترگردي خلاف جوڙيل جنگ جو مک ميدان افغانستان آهي.
    جيڪڏهن ان سرڪاري پڌرائي واري ايجنڊا کي غور سان پڙهبو ته واضح نظر ايندو ته آمريڪا هن وقت اقتصادي معاملن جي ڪري هندستان سان ايترو ته ويجهو ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي جو هن ڏکڻ ايشيا ۾ پنهنجي پنج ڏهاڪا پراڻي سياسي پارٽنر پاڪستان کي به ڪنهن حد تائين اقتصادي معاملن ۾ ويجهو نه ڪرڻ بلڪه marginalize پاسيرو ڪرڻ شروع ڪيو آهي.
    ڪجهه سال اڳ جڏهن هندستان جو وزيراعظم من موهن سنگهه ۽ پاڪستان جو اڳوڻو امپورٽيڊ وزيراعظم شوڪت عزيز آمريڪا جي دوري تي هيا ته آمريڪا جو گهڻو زور هندستان سان اقتصادي لاڳاپا بهتر ڪرڻ تي هو، جڏهن ته پاڪستان سان هنن جا سمورا معاملا سياسي ۽ دفاعي حوالن سان طئي ٿيا هيا. آمريڪا پاران هڪ ئي خطي اندر ٻن مختلف ۽ واضح سمتن ۾ هندستان ۽ پاڪستان کي الڳ الڳ ڪري بيهارڻ جو سياسي فيصلو آمريت جو واضح تبديل ٿيل رويو آهي.
    ان مان اهو پتو پوي ٿو ته آمريڪا، ڏکڻ ايشيا اندر ۽ ڏکڻ ايشيا کان متاثر ٿيندڙ ٻين سرحدن جهڙوڪ ايران، چين، وچ ايشيائي رياستن ۽ افغانستان وغيره بابت جيڪي اهم ۽ حساس اسٽريٽجڪ بحران آهن انهن جي حل لاءِ پاڪستان کي اهم اتحادي يا سياسي بنيادن (Political base) لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي. جڏهن ته ٻي پاسي آمريڪا پنهنجي مستقبل جي اقتصادي مفادن ۽ بهتريءَ لاءِ يا سياسي ايجنڊا لاءِ گهربل اقتصادي بنيادن لاءِ، هندستان ڏانهن وڌي رهيو آهي.
    صدر بش جي دؤري کان اڳ ئي، ڏٺو ويو هو ته پاڪستان خلاف نفسياتي دٻاءُ وڌڻ شروع ٿي ويو هو ته جيئن پاڪستان، هندستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ڪنهن ممڪنه وڏي ڊيل يا معاهدي تي ڪو وڏو ري ايڪشن نه ڏيکاري، جنهن جو هڪ مثال هيءَ آهي ته افغانستان جي صدر حامد ڪرزئي پاران افغانستان ۾ جاري دهشتگرديءَ جا پيرا پاڪستان جي سرحدن ڏانهن کنيا ويا. چوڻ جو مقصد هيءُ آهي ته هڪ پاسي آمريڪا پاڻ کي جيئن وچ اوڀر، ڏکڻ ايشيا، چين ۽ وچ ايشيائي رياستن ۾ سياسي بنيادن تي مضبوط ڪرڻ لاءِ پاڪستان کي پنهنجو ٺڪاڻو base بڻايو ويٺو آهي ته ٻي پاسي افغانستان سوڌو ڪجهه رياستن کي پاڪستان خلاف نفسياتي دٻاءُ طور پڻ استعمال ڪري رهيو آهي. نتيجي ۾ پاڪستان پنهنجي ڏهاڪن کان ويجهي سياسي پاڙيسري ملڪن ايران، چين ۽ افغانستان کان پري ٿي رهيو آهي پر ڏکڻ ايشيا اندر اقتصادي معاملن ۾ پـُـٺـتي ٿي رهيو آهي.
    صدر بش جي هن دؤري کي ان پوري پسمنظر ۾ ڏسڻ جي ضرورت هئي، جنهن ۾ هندستان، روس جي ڪئمپ ۽ پاڪستان آمريڪا جي ڪئمپ جا ساٿي ٿيا هئا. تنهن ڪري هاڻوڪي دوري جي سرگرمين مان نتيجا ڪڍڻ تڪڙي راءِ قائم ڪرڻ ٿيندو. هندستان سان آمريڪا جيڪو عوامي مقصدن لاءِ نيوڪليئر ٽيڪنالاجي وارو civilian nuclear cooperation pact معاهدو ڪيو آهي، ان جو تاثر ته بظاهر نيوڪليئر ٽيڪنالاجي کي عوامي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ واري برئڪ ٿرو وارو آهي پر ان ڊيل پٺيان ڏکڻ ايشيا جي ٻنهي اهم رياستن يعني پاڪستان ۽ هندستان جي نيوڪليئر قوتون هجڻ ۽ هٿيارن جي عدم ڦهلاءُ واري معاهدي CTBT تي صحيحون نه ڪندڙ طاقتون هجڻ سان گڏوگڏ چين ۽ ايران جي نيوڪليئر معاملن تي اهم پوزيشن وٺڻ واري معاملن جي پسمنظر کي سمجهڻ جي ضرورت آهي.
    بنيادي طور هيءُ دؤرو هو ئي هندستان سان اهي معاملا طئي ڪرڻ، جن پٺيان آمريڪا، پاڪستان، افغانستان ۽ ايران تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. جيتوڻيڪ پاڪستان، افغانستان جون حڪومتون (رڳو حڪومتون) آمريڪا جي مفادن جي پورائي لاءِ سرگرم آهن پر آمريڪي حڪومت سمجهي ٿي ته ٻنهي ملڪن جو عوام آمريڪا جي مفادن خلاف وڏي رڪاوٽ آهي. ٻي پاسي هندستان جي وڏي مارڪيٽ، سستو ليبر ۽ عالمگيريت واري نئين سامراجي ڄار کي هندستان پاران ڀليڪار ڪرڻ جي ڪري سرمائيدار قوتن ۽ خاص طور تي آمريڪا کي اهو اتساهه مليو آهي ته هو دنيا جي هڪ وڏي جمهوريت اندر پنهنجا پير ڊگها ڪري.
    اهڙن سببن ڪري ئي صدر بش جي انڊيا پهچڻ شرط ئي ان وقت پاڪستان جي صدر پرويز مشرف کي اهو بيان جاري ڪرڻو پيو هو ته پاڪستان وٽ اسٽريٽجڪ آپشنز کليل آهن. اهڙي بيان پٺيان چين جي ان بيان جو اتساهه به شامل آهي، جنهن ۾ چيو ويو هو ته هندستان ۽ آمريڪا ڪنهن به نيوڪليئر يا ائٽمي ڊيل کان اڳ NPT هٿيارن جي عدم ڦهلاءُ واري معاهدي (Non- Proliferation Treaty) جو خاص خيال رکي ان بيان پٺيان پرويز مشرف جي ان وقت جي چين واري دوري جو اثر به شامل آهي.
    بظاهر ته هندستان سان فوجي تعاون ۾ آمريڪا اڳيان وڌي رهيو آهي پر هندستان پاران گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان روس ۽ ان جي اتحادين جي ڪئمپ ۾ هجڻ ڪري يا هندستان جي موجوده حڪومت ۾ ڪميونسٽن جي اهم حڪومتي ۽ سياسي پوزيشن جي ڪري هندستان ايترو جلدي آمريڪا جي ڪئمپ ڏانهن ٽپو نه ڏيندو، نه ئي هندستان ايترو تڪڙو پنهنجن پراڻن نظرياتي اتحادين کي ڇڏيندو. پر ايترو ضرور ٿيندو ته هندستان نيوڪليئر يا ائٽمي توانائي جي سويلين استعمال لاءِ آمريڪا جي رضامندي حاصل ڪري پنهنجي پندرنهن سالن جي اها دفاعي مايوسي (Strategic depression) ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو جيڪا 1998 ۾ هندستان پاران ڪيل نيوڪليئر ڌماڪن کان پوءِ پيدا ٿي هئي.
    اصل ۾ هن وقت آمريڪا جو سڄو زور توانائي ۽ تيل تي آهي. آمريڪا جا اهم سرڪاري نمائنده ۽ ٿنڪ ٽينڪ تيل جي پيداوار جي حوالي سان وچ اوڀر (Middle East) کي آمريڪا لاءِ مستقبل ۾ هڪ غير محفوظ هنڌ قرار ڏيندي Centeral Asian States کي محفوظ دفاعي پوائنـٽس قرار ڏئي رهيا آهن ۽ ان خطي سان بهترين اقتصادي لاڳاپن لاءِ جيڪو سڀ کان آئيڊيل رستو آهي سو افغانستان، هندستان ۽ پاڪستان آهي، تنهن ڪري آمريڪا هر صورت ۾ هندستان کي مٿي (On Board)آڻڻ گهري ٿو. تنهن ڪري آمريڪي سرڪار سوڌو دفاعي ۽ معاشي معاملن جا بين الاقوامي ماهر بش واري دوري کي هندستان جي حوالي سان وڌيڪ اهميت ڏئي رهيا هيا.
    آمريڪا وٽ هڪڙو آپشن اهو آهي ته پاڪستان ڇاڪاڻ ته سندن اکيون ٻوٽيل ۽ ٻڌل حمايتي آهي تنهن ڪري هندستان ڏانهن ڌيان ڏجي. پاڪستان کي پنهنجي TOR تي راضي رکڻ لاءِ آمريڪا پاڪستان اندر غير جمهوري قوتن جي حمايت ڪندو رهيو آهي ته جيئن ڪمزور نظامِ حڪومت سندن لاءِ ڪي وڏا مسئلا پيدا نه ڪري.
    هن سموري معاملي ۾ اهو به ڏسڻ اهم آهي ته پاڪستان اندر پرويز مشرف جي اڃا اقتدار ۾ هجڻ خلاف وڏي ڪاوڙ موجود آهي. پاڪستاني عوام، حقيقي جمهوري قوتن کي ڀت سان لڳائڻ واري آمريتي چهري ۽ ان کي آمريڪا جي پٺڀرائي بابت خدشا آهن ته هو موجوده جمهوري سيٽ اپ کي ڪنهن مهل به ڪمزور ڪري سگهي ٿو.
    جيڪڏهن آمريڪي ايجنڊا کي ٻيهر وري غور سان ڏسندا ته پاڪستان کي اڪيلو ڪرڻ وارو تاثر ملندو، جنهن جو هڪ سبب اهو آهي ته پاڪستان اندر حقيقي جمهوري قوتن جو اقتدار ۾ اچڻ جي باوجود به اڃا ڪو خاص ۽ عوامي فلاحي وارو ڪو خاص انقلابي منصوبو اڳيان نه آيو آهي. ۽ پاڪستان جي سياسي ڍانچي ۾ فوج ۽ مشرف جي مداخلت جي مخالفت ڪرڻ باوجود به آمريڪا اڃان هندستان جي مقابلي ۾ پاڪستان کي ڪا گهڻي لفٽ نه ڪرائي رهيو آهي.
    آمريڪا جي ڏکڻ ايشيا ۾ موجود مستقبل جي سمورن مفادن جي پورائي ۾ جيڪي اهم ڏکيائيون (barriers) موجود آهن انهن ۾ سڀ کان اهم ڏکڻ ايشيا جا سياسي disbalances آهن، يعني هڪ پاسي هندستان به جمهوريت موجود آهي ته ٻئي پاسي پاڪستان ۾ جمهوري حڪومت هوندي به سياست تي فوجي اثر آهي، تنهن ڪري اهو ممڪن ناهي ته ٻئي ملڪ ٻن متضاد سياسي نظامن ۾ هوندي، هڪڙي تسلسل ۾، هڪڙو نتيجو ڏئي سگهندا.
    لڳي ٿو ته آمريڪا پنهنجي پراڻي پاليسين تي هلندي نه رڳو پنهنجي مفادن جي سياست ڪندو ۽ اسان وارو ملڪ ائين ئي آمريتن جي اثر ۾ گهربل رهندو جو آمريت سدائين آمريڪي مفادن جي تحفظ لاءِ زبردست هٿيار طور استعمال ٿيندي رهي آهي. پاڪستان اندر حقيقي جمهوريت جي بحالي ۽ عوامي راڄ جو قيام هڪ ديواني جو خواب آهي جيڪو آمريڪا پورو ٿيڻ نٿو ڏي.


    /9 کان پوءِ پاڪستان جي سياست ۽ دفاعي حڪمت عمليون

    11-هين سيپٽمبر 2001ع ۾ ٿيل هڪ سانحي سموري دنيا کي تبديل ڪري ڇڏيو. اها تبديلي هر لحاظ کان نه فقط اڃا تائين محسوس ٿي رهي آهي پر اهو سانحو ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل ردِعمل پوري دنيا ۾ اڃا وڌيڪ تبديليون آڻڻ جا جواز پيدا ڪري رهيو آهي. افغانستان ۽ عراق جنگ ان ڏس ۾ نئين 11/9 آهي.
    اهو سانحو آمريڪا جي ٽريڊ ٽاورز ۽ پينٽاگون مٿان هوائي دهشتگردي جي نتيجي ۾ مارجي ويل هزارين انسانن جي لاشن جي صورت ۾ نمودار ٿيو ۽ ان سانحي جو ردعمل پڻ دنيا جي مختلف علائقن/ خطن/ ملڪن ۾ روزانه سوين لاش ڪيرائي رهيو آهي.
    اُن 11/9 ٽريجڊي جي نتيجي ۾ دنيا ۾ سياسي، اقتصادي، سماجي تبديلين جا جيڪي نوان باب کليا آهن انهن ۽ دنيا کي خاص طور تي سياست جي حوالي سان هڪ انتهائي غير رواجي non traditional فيز ۾ داخل ڪري ڇڏيو آهي.
    11/9 واري واقعي کان پوءِ بين الاقوامي سياست ۾ جن ڌرين تي وڏو بحث ڇڙي ٿو.
    - انهن ۾ آمريڪا ۽ دهشتگرديءَ خلاف جوڙيل عالمي اتحاد جا ساٿاري
    - طالبان
    - عالمي دهشتگرد
    - پاڪستان وغيره شامل آهن.
    11/9 کان پوءِ جيڪو ٻيو اهم طبقو اُڀريو اهو هو عالمي سول سوسائٽي (global civil society) جنهن جوچوڻ هو ته عالمي قوتون ۽ طاقتون دهشتگرديءَ جي مقابلي ۾ دهشتگردي نه ڪن بلڪه سڀ کان پهرين دهشتگرديءَ جي واضح definition بيان ڪن. اڄ ان واقعي کي ستون سال آهي ۽ اڃا تائين انهن سمورن معاملن تي وڏا بحث جاري آهن.
    11/9 واري سانحي ۾ افغانستان ۾ طالبان فيڪٽر جي ملوث هجڻ (involvement) واري معاملي کان پوءِ دهشتگرديءَ خلاف شروع عمل دؤران آمريڪا ۽ سندس اتحادين جي عالمي مهم ۾ پاڪستان جي ڪردار کي وڏي اهميت حاصل ٿي وئي ۽ پاڪستان اُن وقت عالمي سياسي پيچيدگين ۽ حساسيت کي مدِنظر رکندي ان دهشتگرديءَ خلاف عالمي قوتن جي ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو، جيڪو ان وقت حالتن جي تقاضائن موجب ته درست فيصلو هو پر ان فيصلي پٺيان ڪو به واضح تصور، ڊگهي مدت واري حڪمت عملي، ملڪ جي 16 ڪروڙ ماڻهن جي رويي، پرڏيهي پاليسيءَ ۾ دورانديشي جي اڻاٺ، عوامي فيصلن واري جڳهن تي ورديءَ وارن جي موجودگيءَ وارو غير جمهوري ماحول ۽ ملڪ جي اندروني صورتحال کي underestimate ڪرڻ واري رويي جي ڪري پاڪستان ان جنگ ۾ عالمي قوتن جو ساٿاري هجڻ باوجود به ملڪ جي ويجهي مستقبل ۾ سياسي ۽ اقتصادي بهتريءَ جا ڪي واضح اشارا نظر نٿا اچن.
    11/9 جي واقعي پاڪستان کي پوري عالمي برادريءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ واري ملڪن جي فهرست ۾ مٿي آڻي بيهاريو. ان پوزيشن جا ٻه بنيادي سبب هيا:
    (1) هڪ ته پاڪستان اهو پهريون ملڪ هو جنهن افغانستان اندر طالبان جي حڪومت کي نه رڳو تسليم ڪيو پر ان سان بهترين پرڏيهي لاڳاپا هجڻ جي دعويٰ پڻ ڪئي.
    (2) ٻيو سبب پاڪستان جيgeo strategic (دفاعي يا علائقائي) اهميت هئي جتان ويهي افغانستان جهڙي landlocked (هر پاسي کان زمين سان گهيريل) ملڪ کي آسانيءَ سان هينڊل ڪري پيو سگهجي.
    اهي ٻئي اهڙا سبب هيا جن کان پوءِ پاڪستان وٽ آمريڪا يا ان جي اتحادين جي مرضيءَ کان سواءِ ڪو ٻيو آپشن اختيار ڪرڻ جو جواز ئي نه هو ڇاڪاڻ ته آمريڪي صدر جارج بش چئي چڪو هو ته دنيا فيصلو ڪري ڇڏي ته هو "اسان جي پاسي آهي يا دهشتگرديءَ جي پاسي آهي."
    ان ڌمڪيءَ کان پوءِ نيوڪليئر پاور هجڻ جي باوجود به سياسي ۽ اقتصادي ميدان ۾ ڪمزور ملڪ پاڪستان وٽ آمريڪا جي مرضيءَکان هٽي ڪري ڪو ٻيو فيصلو ڪرڻ جو آپشن ئي نه بچيو هو.
    اڄ سموري صورتحال ۾ هاڻ اهو پاڪستان تي حڪمراني ڪندڙ ڏاهن (Think Tanks)، پرڏيهي پاليسين جوڙڻ جي ماهرن ۽ سياسي قيادت جي دانشمنديءَ تي منحصر هو ته هو ڪيئن ٿا ان صورتحال ۾ پاڪستان جي اهميت کي وڌائين. هنن وٽ زبردستي فيصلا ڪرڻ جي مجبوريءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ به کوڙ سارا آپشن موجود هيا، مثال طور:
    - پاڪستان دهشتگرديءَ خلاف جوڙيل ان عالمي جنگ ۾ ملڪي عوام کي عالمي سول سوسائٽيءَ سان streamline ڪري پئي سگهيو.
    - پاڪستان ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت بحال ڪري ساڳين ئي فيصلن کي سياسي قيادت جي موجودگيءَ ۾ دنيا اندر ڦهلائي اهو تاثر ڏئي ٿي سگهيو ته ملڪ جون فوجي قوتون، اسٽيبلشمنٽ ۽ سياسي طاقتون، دهشتگرديءَ خلاف هڪڙو ئي موقف رکن ٿيون.
    - سياسي قيادت جي موجودگيءَ ۾ ملڪ مان غربت جي خاتمي، صحت، تعليم ۽ ٻين انساني گهرجن سان وابسته سسٽم يا انفراسٽرڪچر جي پائيداري (Sustainable Functioning) لاءِ عالمي برادريءَ کان زبردست اقتصادي امداد وٺي پئي سگهجي.
    ان جي نتيجي ۾ فائدا اهي ٿين ها ته: ملڪ اندر جمهوريت ۽ سياسي قيادت پاران ڪيل فيصلن کي عوامي مڃتا هجڻ ڪري عالمي برادريءَ ۽ پاڪستان جي فيصلن ۽ اسٽينڊ جي وڏي ويليو هجي ها.
    - پاڪستان اندر حقيقي جمهوريت هجڻ ڪري سول سوسائٽي ۽ ميڊيا جي يقيني حمايت هڪ اهڙي مضبوط سول سوسائٽي کي جنم ڏي ها، جيڪا عالمي سول سوسائٽي جو ساٿاري بڻجي دهشتگرديءَ خلاف هن خطي ۾ وڏي جنگ جوٽي سگهي.
    انهن قوتن جي سرگرمي مهذب دنيا کي اهو تاثر ڏي ها ته اسان وٽ بهترين طرز حڪمراني (good governance) جو عملي ڍانچو موجود آهي.
    اهڙا فيصلا نه ڪري سگهڻ جي صورت ۾ هڪ بهترين فيصلي ڪرڻ جي باوجود به پاڪستان کي جيڪي نقصان رسيا آهن، اهي ٿلهي ليکي هيٺين ريت ڏسي سگهجن ٿا.
    - جنرل پرويز مشرف جي فيصلن کي فرد واحد جا فيصلا قرار ڏئي عالمي سول سوسائٽي انهن فيصلن کي ڪا به ويليو ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.
    - آمريڪا ۽ سندس ساٿاري دهشتگرديءَ خلاف جوڙيل عالمي اتحاد ۾ پاڪستان کي بهترين ساٿي قرار ڏيڻ جي باوجود به پاڪستان اندر جمهوريت جي بحاليءَ واري معاملي تي سواليه نشان لڳايو ويٺا آهن.
    - سياسي قيادت جي face value جي ڪميءَ جي ڪري موجوده حڪومت جي فيصلن کي جٽادار قرار نٿو ڏنو وڃي.
    - ميڊيا، سول سوسائٽي ۽ جمهوري قوتن سان تضاد ۾ هجڻ ڪري خود موجوده حڪومت اندروني سطح تي پنهنجي فيصلي جا حمايتي ڪردار ڳولهڻ ۾ ناڪام وئي آهي.
    - ان جي نتيجي ۾ ملڪ اندر يا ٻاهر موجود دهشتگرديءَ وارو نيٽ ورڪ حڪومت جي اڪيلي هجڻ واري نفسياتي ڪمزوريءَ کي اڃا تيز ڪرڻ لاءِ هر وقت ڪارروائين ۾ مصروف آهي.
    - حڪومت جي پرڏيهي پاليسيءَ ۾ اسٽيبلشمينٽ کان سواءِ ٻين حصيدارن stake holders جي راءِ جي عدم موجودگيءَ جي ڪري خود پاليسيز ۽ فيصلن جو وقت يا اهميت vulnarability (عدم استحڪام) جو شڪار آهي.
    انهن ڳالهين جو ٿلهي ليکي جائزو وٺڻ کان پوءِ محسوس ائين ٿئي ٿو ته ڄڻ 11/9 کان پوءِ پاڪستان کي عالمي برادريءَ جي هڪ مضبوط پارٽنر ٿيڻ وارو جيڪو space (موقعو) حاصل ٿيو، پاڪستان ان مان اهڙا وڏا، پائيدار يا نظر ايندڙ سياسي، اقتصادي يا ڪي ٻيا فائده حاصل نه ڪري سگهيو آهي جنهن جي توقع ايڏي وڏي policy shift (پاليسيءَ ۾ تبديليءَ) جي ڪري حڪمرانن کي متوقع هئي.
    اڄ 11/9 واري واقعي کي ٽيون سال پورو ٿيو ۽ پاڪستان جي حيثيت کي اهم قرار ڏيندي به آمريڪا ۽ عالمي قوتن پاڪستان ڏانهن اهڙو رويو رکيو آهي، جنهن متعلق ڪجهه به Prediction (اڳڪٿي) نٿي ڪري سگهجي.
    مثال طور آمريڪا ۽ سندس ساٿاري ۽ سمورو ويسٽ اڃا تائين ان راءِ جو آهي ته ويسٽ خلاف جيڪا به عالمي سطح تي مذهبي شدت پسندي يا دهشتگردي ٿي رهي آهي، ان جو هيڊڪوارٽر پاڪستان ئي آهي. دهشتگرديءَ جا آمريڪا کان چيچنيا ۽ ڪشمير کان وچ اوڀر تائين جيڪي به نيٽ ورڪس آهن انهن جو هيڊ ڪوارٽر پاڪستان ۾ ويٺل مذهبي انتهاپسند ليڊرن يا ڌرين جي هٿ ۾ آهي.
    ان جي نتيجي ۾ صورتحال اها وڃي جڙي آهي جو پاڪستان multi prong crisis (گهڻ رُخي بحرانن) جي ور چڙهيل آهي جن ۾ سڀ کان اهم اهو آهي ته خود دهشتگرديءَ خلاف جوڙيل عالمي اتحاد پاڪستان جي دهشتگرديءَ خلاف اختيار ڪيل پوزيشن کي شڪ سان ڏسي ٿو ۽ چوي ٿو ته پاڪستان اندر خود اسٽيبلشمينٽ دهشتگرديءَ واري جنگ جي سوال تي ٻن حصن ۾ ورهايل آهي، جنهن مان هو اڃا تائين طالبان کي سپورٽ ڪري ٿي. ٻيو وڏو بحران اهو آهي ته اهڙي صورتحال کي چڱي ريت جاچيندي خود ملڪ اندر موجود دهشتگرديءَ يا انتهاپسنديءَ جا نيٽ ورڪس حڪومت کي هر وقت پنهنجي نشاني جو شڪار بڻائڻ لاءِ آتا ويٺا آهن ۽ حڪومت جي ان سموري معاملي مثلن اڪيلي سر فيصلا سازي واري "اڪيلائپ" واري نفسياتي دٻاءُ کي هو پنهنجي حق ۾ استعمال ڪرڻ گهرن ٿا. ۽ پوءِ هنن جي ڪارروائين جي نتيجي ۾ ٻاهرين دنيا ۾ پاڪستان لاءِ اهو تاثر جڙي ٿو ته پاڪستان دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ ساٿي هوندي به دهشتگردن جي محفوظ پناهه گاهه آهي.
    اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن ٽن سالن ۾ پاڪستان کي پهتل نقصانن يا فائدن جو جائزو وٺجي ته سياسي ٻوليءَ ۾ عالمي توڙي ملڪي محاذن تي پاڪستان اڃا تائين ڪنهن وڏي سياسي يا اقتصادي فائدي کان محروم نظر ٿو اچي.
    ملڪي صورتحال ته گذريل ٽن سالن ۾ انتهائي خطرناڪ بڻجي وئي آهي. بظاهر جمهوريت جي موجودگي به پاڪستان کي گورننس ۽ جمهوريت جي حقيقي موجودگي يا بحاليءَ واري بحث مان نه ڪڍي سگهي آهي.
    پاڪستان منهنجي نظر ۾ في الحال وقتي طور ايڊهاڪ ازم جي بنياد تي آمريڪا ۽ ان جي ساٿين پاران دهشتگرديءَ خلاف جوڙيل عالمي جنگ ۾ حصيدار بڻجي پنهنجي حالت افغانستان يا عراق جهڙي ٿيڻ کان ته بچائي ويو پر اهو معاملو ڊگهي عرصي تائين ايئن هليو ته ملڪ اندروني انتشار ۽ تڪرارن جي ڪري انارڪي ڏانهن ڌڪجي ويندو. ڇاڪاڻ ته هن وقت پاڪستان اندر جمهوريت جي بحالي، گڊ گورننس، غربت جي خاتمي، تعليم ۽ صحت جي سهوليتن ۾ واڌاري، عورتن جي حقن جي بحالي يا ٻين فيلڊز ۾ جيڪا به سيڙپڪاري ٿي رهي آهي، ان جا بنياد عوام جي ڀلائي بدران عالمي قوتن جي مفادن ۾ لڪل آهن ۽ جڏهن عوامي ڀلائي جي بنيادن جو پسمنظر اهڙا مفاد هجن ته پوءِ ڊگهي مدت وارن مثبت نتيجن جي توقع رکڻ ڏکيو عمل ٿيو وڃي.
    عالمي مفادن جي بينر هيٺ ملندڙ اهي وقتي انجيڪشن، ضياءَ الحق جي دؤر ۾ پاڪستان کي ايترا ته هنيا ويا جو موجوده حمايت ان جو ڏهه سيڪڙو به ناهي پر ان جا نتيجا- اسان جي سامهون آهن دهشتگرديءَ خلاف اڄ اُٿي بيٺل عالمي سول سوسائٽي آمريڪا ۽ سندس اتحادين جي دهشتگرديءَ خلاف جيڪا مهم آهي پاڪستان ان مان به ڪٽيل آهي ۽ رڳو عالمي قوتن جي حمايت بهترين نتيجا نٿي ڏئي سگهي.
    عالمي سياست ۾ پاڪستان جو ڪردار، پاڪستان جي مستقبل جي سياسي ۽ اقتصادي ترجيحات، پرڏيهي پاليسي ۽ عالمي برادريءَ سان تعلقات جي واضح اصولن سان ڳنڍيل آهي ۽ في الحال اهي معاملا عالمي قوتن جي زبردست اثر هيٺ آهن، جيستائين انهن معاملن کي عالمي اثر کان آجو ڪري ملڪي ضرورتن ۽ ماڻهن جي مرضيءَ وٽان نه جوڙيو ويندو تيستائين نه رڳو مستقبل ۾ عالمي سياست ۾ ڪو واضح ڪردار نه جڙي سگهندو پر خود عالمي قوتن پاران مسلسل استعمال ٿيڻ جي نتيجي ۾ ملڪ اندروني انارڪي جو شڪار ٿي ڪمزور ٿيندو.
    اسين سڀ اها خواهش رکون ٿا ته پاڪستان اڄ عالمي ڳوٺ بڻجي ويل دنيا ۾ هڪ عزتدار ۽ مهذب پارٽنر طور ليکيو وڃي ۽ ان لاءِ ضروري آهي ته پاڪستان انهن عالمي سطح تي گهربل انهن اخلاقي گهرجن جو پورائو به ڪري جيڪي چون ٿيون ته سياسي فيصلا، جمهوري ادارن ۽ عوامي چونڊيل نمائندن حوالي ڪريو. اهو واحد نقطو آهي جنهن لاءِ اڄ دانشور ۽ عالمي سياست جا نوان لکجندڙ باب اهو چون ٿا ته سياسي ۽ اقتصادي ترقي، عورتن جي حقن جي بحالي، ميڊيا جي آزادي، انساني حقن جي بحالي ۽ اهڙا سمورا ٻيا معاملا عوامي حڪمراني واري نقطي سان مشروط آهن.
    عالمي سياست ۾ پاڪستان جو ڀرپور ۽ مضبوط ڪردار پڻ ان universal value (عالمي قدر) سان مشروط آهي ته ملڪ جي مستقبل جا فيصلا ملڪ جي ماڻهن جي نمائندن ۽ چونڊيل ايوانن حوالي ڪيو.


    گڏيل نيوڪليئر آپريشنز جو امريڪي دستاويز

    Doctrine for joint Nuclear Operations

    دنيا جي مختلف تنظيمن، تحقيقي شعبن، سفارتي فورمن ۽ سرڪاري ادارن جي ويب سائيٽن تي هڪڙي نئين سياسي ۽ عسڪري دستاويز بابت اڄڪلهه پوري دنيا ۾ زبردست بحث ٿي رهيو آهي. ان دستاويز جو نالو آهي Doctrine for joint Nuclear Operations (گڏيل نيوڪليئر آپريشن جو دستاويز) اهو دستاويز آمريڪي فوج جي جوائنٽ چيف آف اسٽاف پاران جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ آمريڪا جي ٽنهي عسڪري قوتن آرمي، نيوي ۽ ائيرفورس جي شعبن جي مالڪي ڏيکاري وئي آهي.
    Final Coordination (2) 15 March 2005، joint publication 3-12 جي سب ٽائيٽل سان آمريڪي سرڪار جي دنيا ۾ موجود نيوڪليئر طاقت ۽ هٿيارن بابت حڪمت عمليءَ بابت تفصيلي ڄاڻ ڏيندڙ اهو دستاويز ظاهر ڪري ٿو ته ايندڙ ڏينهن ۾ آمريڪا دنيا ۾ موجود نيوڪليئر ٽيڪنالاجي ۽ خاص طور تي انساني تباهيءَ واري هٿيارن (WMDs) تي ڪيئن ڪنٽرول رکڻ گهري ٿو.
    اهو دستاويز ٻڌائي ٿو ته آمريڪا جي فوجي ۽ عسڪري طاقت صدر جي هڪ حڪم تي هر ان ملڪ ۽ قوت خلاف نيوڪليئر طاقت استعمال ڪري سگهي ٿي، جنهن مان عالمي امن يا دنيا کي خطرو هجي. ايستائين جو ان خطري جو احساس ٿيندي ته ڪا قوت موتمار انساني تباهيءَ وارن هٿيارن جي استعمال ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي، آمريڪا ان حملي کان اڳ Pre-emptive (اڳواٽ) حملو ڪري ان تي ڪنٽرول ڪري سگهي ٿو.
    عسڪري ۽ نيوڪليئر معاملن جو تجزيه نگار وليم آرڪين، دي واشنگٽن پوسٽ ۾ لکي ٿو ته:
    The administration has created and placed on continous high alert a force whereby the President can launch a pinpoint strike، including a nuclear strike، anywhere on earth with a few hours' notice.
    (آمريڪي انتظاميا نه رڳو پاڻ کي هر وقت هاءِ الرٽ تي رکي ڇڏيو آهي پر اُتي اچي بيهاريو آهي جتي آمريڪي صدر جي بس هڪ حڪم سان دنيا ۾ ڪنهن به هنڌ تي، چند ڪلاڪن جي نوٽيس تي حملو ٿي سگهي ٿو. اهو حملو نيوڪليئر حملو به ٿي سگهي ٿو.)
    جولاءِ 2004ع تي آمريڪي فوج جي جوائنٽ چيف آف اسٽاف جنرل رچرڊ ميئرس (General Richard Myers) جيمس ايلز جونيئر کي هيءُ سرڪاري خط لکيو،
    The President charged you to be ready to strike at any moment's notice in any dark corner of the world (and) that's exactly what we have done. We have the capacity to plan and execute global strikes.
    (صدر صاحب (جارج بش جونيئر) اوهان کي اهي اختيار ڏنا آهن ته اوهين چند لمحن جي نوٽيس تي دنيا جي ڪنهن به اونداهي ڪنڊ ۾ حملو ڪري ڏيو ۽ پاڻ ائين ڪري ڏيکاريو آهي. هاڻ پاڻ وٽ عالمي حملن جا منصوبا ۽ سگهه موجود آهي.)
    ڏهن ٻارنهن سالن جي محنت، مشاورتي اجلاسن ۽ هاءِ ڪمان جي ڏاهپ جي نتيجي ۾ هن سال مڪمل ٿيندڙ اهو دستاويز دنيا مٿان جاري آمريڪي ننگي جارحيت کي ويتر جارحانه بنائڻ جو هڪ نئون فارمولو آهي ۽ ان فارمولي تي پوري دنيا پريشان آهي. خاص طور تي امن پسند قوتون ۽ رياستون ۽ نيوڪليئر طاقت کي ترقيءَ لاءِ استعمال ڪندڙ ملڪ ان دستاويز کي اڳواٽ حملو تصور ڪري رهيا آهن.
    ان دستاويز جي پس منظر ۾ ويانا ۾ ايران جي نيوڪليئر طاقت جي مستقبل بابت ٿيندڙ مذاڪرات ۽ فيصلن هڪ دفعو ٻيهر دنيا ۾ موجود نيوڪليئر طاقت ۽ ان صنعت سان لاڳاپيل ٻين معاملن بابت نوان بحث ڇيڙي ڇڏيا آهن. نيوڪليئر طاقت جا ٻه متضاد پاسا آهن.هڪ ان جو توانائي ۽ ترقيءَ لاءِ مثبت استعمال ٻيو پاسو آهي نيوڪليئر هٿيارن جي بناوٽ ۽ اهڙي ٻي ٽيڪنالاجي.
    دنيا ۾ جن به ملڪن وٽ نيوڪليئر توانائي ۽ طاقت موجود آهي، انهن ۾ جيڪي وڏيون طاقتون آهن، جهڙوڪ آمريڪا، برطانيا، فرانس، چين ۽ روس اهي سدائين ان خدشي جو اظهار ڪندا رهن ٿا ته اها طاقت رکندڙ ڪمزور ۽ غريب ملڪ ان توانائي کي ڪنهن به مهل منفي انداز ۾ استعمال ڪري سگهن ٿا ۽ نتيجي ۾ اهي عالمي طاقتون مختلف وقتن تي مختلف رياستن مٿان نيوڪليئر توانائي کي هٿيارن، بمن ۽ تباهيءَ جي ٻين هٿيارن جي تياري ۾ استعمال ڪرڻ جا الزام لڳرائينديون رهيون آهن.
    گهڻي ماضيءَ ۾ وڃڻ بدران رڳو ويجهي تاريخن ۾ ڏسجي ته آمريڪا پاران عراق، ايران، شام لبيا ۽ اُتر ڪوريا کي Evil States (شيطاني طاقتون) قرار ڏئي اهو الزام هنيو ويو هو ته اهي رياستون ائٽمي ۽ نيوڪليئر ۽ ڪيميائي هٿيارن جي ڊوڙ ۾ رُڌل آهن، تنهن ڪري انهن تي ڪنٽرول ضروري آهي ۽ پوءِ جڏهن عراق مٿان آمريڪي جارحيت شروع ٿي ته ان جو محور عراقي عوام کي صدام حسين جي آمريت کان بچائڻ کان وڌيڪ عراقي وسيلن تي قبضي واري ايجنڊا هئي.
    عراق مٿان حملي جو جواز پڻ اهو ٻڌايو ويو ته عراق انساني تباهيءَ جا موتمار هٿيار Weapons of Mass Destruction (WMD) ٺاهي رهيو آهي ۽ انهن مان ڪن هٿيارن (ڪيميائي هٿيار) جي صدام حسين مخالف ڪرد قوم مٿان استعمال جا ثبوت به موجود هيا.
    بين الاقوامي ائٽمي توانائي واري ايجنسي (IAEA) کي اهو مينڊيٽ حاصل آهي ته هو ڪنهن به ملڪ ۾ داخل ٿي، اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته ڇا واقعي به اهو ملڪ نيوڪليئر توانائي جو صحيح استعمال ڪري رهيو آهي يا ان مان هٿيار ۽ ٻيا مادا ٺاهي رهيو آهي؟ ان ايجنسي عراق بابت پنهنجي رپورٽ ۾ اِهو لکيو ته عراق پاران ان توانائي کي نيوڪليئر هٿيارن يا ٻين موتمار معاملن لاءِ استعمال ڪرڻ جي شاهدي نٿي ملي ۽ ائين ان رپورٽ عراق مٿان آمريڪي حملي جي جواز کي غير قانوني ثابت ڪيو. ان زبردست اخلاقي شڪست کان پوءِ به آمريڪا بهادر مسلسل اها ضد ڪندو آيو آهي ته ڪي ملڪ عالمي امن لاءِ خطرو آهن ۽ ان خطري جا بنياد نيوڪليئر هٿيار ۽ ٻيا معاملا آهن.
    ٻي مهاڀاري جنگ کان پوءِ نيوڪليئر طاقت ۽ خاص طور تي موتمار هٿيارن ۽ بمن جي ذخيره اندازي جو رواج شروع ٿيو. ٻن نظرياتي ڪئمپن ۾ ورهايل دنيا ۾ سرمائيداراڻي نظام جي حامي ٿنڪ ٽينڪس، سياسي تضادن کي ايترو ته اُڀار ڏنو جو سٺ ۽ ستر واري ڏهاڪي ۾ پوري دنيا زبردست سياسي اختلافن ۽ ڪشمڪش جو شڪار رهي.
    خاص طور تي پاڙيسري ملڪن کي اقتصادي ۽ سماجي اوسر ۽ ترقي کان پرڀرو رکڻ لاءِ آمريڪي ڏاهن نيوڪليئر طاقت جي استعمال ۽ ان تائين رسائي واري ڊاڪٽرائين کي وڏو پروموٽ ڪيو ۽ ائين ايران ۽ عراق، پاڪستان ۽ هندستان، اتر ڪوريا ۽ ڏکڻ ڪوريا، يورپ جا ڪيئي ملڪ ۽ خطه وڏي سياسي ڀونچال جي زد ۾ رهيا.
    هي اهي ڏينهن آهن جڏهن دنيا ليفٽ ۽ رائيٽ (ساڄي ڌر ۽ کاٻي ڌر) ۾ ورهايل هئي ۽ ان ورهايل دنيا کي سرمائيداراڻي نظام حڪومت ويتر تقسيم ڪرڻ لاءِ نيوڪليئر توانائي کي سياسي هٿيار طور استعمال ڪيو.
    ان کان پوءِ جڏهن روس ٽڪرا ٽڪرا ٿيو ۽ دنيا Post Cold War Era (سرد جنگ جي خاتمي واري فيز) ۾ داخل ٿي ته آمريڪا ان کي پنهنجي سياسي سمجهه ۽ ڏاهپ (Political Wisdom) جي فتح قرار ڏئي دنيا مٿان هڪ هٽي قائم ڪرڻ جي نئين ٿيوريز ۽ دستاويز تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. ۽ هر اهو ملڪ جيڪو ماضيءَ ۾ روس ۽ ڪميونزم جو حمايتي هو يا کڻي آمريڪا مخالف هو، سو ان نئين فيز ۾ آمريڪا جي اک جو ڪنڊو بڻيل آهي ۽ هاڻ unilateral دنيا ۾ عالمي امن جي فروغ جي نعري هيٺ آمريڪا انهن سمورن قوتن کي ٻنجو ڏيڻ گهري ٿو جيڪي ماضيءَ ۾ آمريڪا جي سياسي، جغرافيائي ۽ معاشي مفادن خلاف جهيڙو ڪندا رهيا آهن.
    ايران مٿان جيڪو نئون دٻاءُ آهي سو انهيءَ نئين سياسي حڪمت عملي (Political Strategy) جو حصو آهي. پاڪستان به وقت به وقت (آمريڪي ڪئمپ جو سچو سپاهي هجڻ باوجود به) نيوڪليئر پروگرام جي حوالي سان سفارتي دٻاءُ (Diplomatic Pressures) جو شڪار رهندو آيو آهي.
    جيتوڻيڪ آمريڪا نيوڪليئر هٿيارن جي ڪنٽرول واري معاهدي Nuclear Non-Proliferation Treaty (NPT) جو ميمبر آهي پر هن اڃا Comprehensive Test Ban Treaty (CTBT) تي صحيح نه ڪئي آهي ۽ هو چاهي ٿو ته ايران، پاڪستان، هندستان، اتر ڪوريا وغيره CTBT تي صحيح ڪن ته جيئن ائٽمي ۽ نيوڪليئر هٿيارن جي استعمال نه ڪرڻ واري دستاويز جو اطلاق انهن ملڪن تي ٿي سگهي.
    ايران مٿان تازو دٻاءُ پڻ آمريڪا جي سفارتي ڪوششن جو ردعمل آهي جو ايران پاران NPT تي صحيح ڪندڙ ملڪن کي پنهنجي ائٽمي ۽ نيوڪليئر پروگرام جا دستاويز پيش ڪرڻ جي تجويز پڻ آمريڪا جي دنيا اندر سڀ کان ويجهي سياسي ساٿي برطانيا پيش ڪئي آهي.
    ۽ ان ويانا اجلاس ۾ الجيريا، برازيل، ڪيوبا، مصر ۽ ڏکڻ آفريقا سوڌو ڪيئي ملڪ ان تجويز جي مخالفت ڪندي روس پاران ٽياڪڙي واري ڪردار جي ادائگي تي زور ڏيئي رهيا آهن. آمريڪا انهن ڳالهين کان قطع نظر نيوڪليئر آپريشنز جي حوالي سان جوڙيل نئين پاليسي تي عملدرآمد لاءِ پير هڻي رهيو آهي.
    جيتوڻيڪ هن وقت بظاهر آمريڪا جي فوجي سگهه ۽ عسڪري طاقت کي ڪو وڏو چئلينج ناهي پر ان محاذ کي مضبوط ڪرڻ ۾ سپورٽ ڪندڙ ٻين محرڪن، جن ۾ اقتصادي صورتحال، بين الاقوامي برادريءَ جي حمايت، سوسائٽي جي مضبوطي ۽ اخلاقي حمايت جهڙن معاملن ۾ آمريڪا هن وقت زبردست ڏيوالپڻي جو شڪار آهي. اهوئي سبب آهي جو آمريڪا هن وقت انتهائي جارحانه پاليسيون اختيار ڪندو دنيا مٿان فوجي طاقت جي زور تي مسلط ٿيڻ گهري ٿو، جيڪو لڳي ٿو ته ڊگهي عرصي تائين جاري نه رهي سگهندو.
    اڄوڪي هن ڳوٺ بڻجي ويل عالمي سماج ۾ معاشي بهتري ۽ عالمي برادري سان زبردست لاڳاپا سڀ کان اهم هٿيار تصور ٿي رهيا آهن ۽ آمريڪا انهن محاذن تي ڪمزور وڪيٽ تي کيڏي رهيو آهي.
    9/11 کان پوءِ دهشتگردي خلاف جوڙيل عالمي محاذ ۾ جيئن آمريڪا جي عالمي برادري غير مشروط حمايت ڪئي سا حمايت آمريڪا پنهنجي ناڪام ۽ جارحانه پاليسين ڪري وڃائي رهيو آهي. هوڏانهن روس، چين، هندستان ۽ يورپي يونين جي اقتصادي طاقتن طور اُڀار کي پڻ آمريڪا مخالف ڪئمپ جي مضبوطي تصور ڪيو پيو وڃي.
    ٽين پاسي آمريڪا جي پرڏيهي پاليسيءَ ۾ عراق، افغانستان ۽ اهڙن ٻين معاملن جي موجودگي اهو ثابت ڪري رهي آهي ته آمريڪا قطعي طور هڪ متوازن ۽ سياسي طور سگهاري ڌر ناهي. هاڻ ايران، لبيا، اتر ڪوريا، شام ۽ ٻين ملڪن ڏانهن آمريڪي پاليسي جي ناڪامي کي سمجهڻ لاءِ ڪنهن به راڪيٽ سائنس جي علم جي گهرج ناهي. ايستائين جو پنهنجي حمايتي ملڪن (خاص طور تي پاڪستان) ۾ به آمريڪا جي پاليسين جي يوٽرن تي وڏا خدشا موجود آهن. ته اهڙي عالمي منظرنامي ۾ دنيا مٿان هڪ نئين آمرانا جارحيتي پاليسي مڙهڻ جو نتيجو به اهڙو ئي نڪرندو جهڙو ٻين معاملن ۾ نڪتو آهي.
    دنيا اندر پنهنجي "زبردست سياسي سمجهه؟" جي بنياد تي امن قائم ڪرڻ ۽ جمهوريت ۽ انساني حقن جي قدرن کي فروغ ڏيارڻ جو دعويدار آمريڪا اڄ سواءِ آمراڻي ڪنٽرول ۽ جارحيت مسلط ڪرڻ جي باقي هر ميدان ۾ انتهائي ڪمزور ۽ ناڪام آهي.
    آمريڪا جي هڪ ڪامياب دانشور صدر ٿيوڊور روز ويلٽ آمريڪي قوم کي صلاح ڏني هئي ته Speak softly and carry a big stick (ٿڌو ڳالهايو ۽ لٺ وڏي رکو) پر موجوده آمريڪي انتظاميا ان جي برعڪس Little stick with loud voice (وڏو وات ننڍي لٺ) واري پاليسي هيٺ کوڙ سارن معاملن تي پنهنجو ڪنٽرول وڃائي رهي آهي ۽ ان جو سمورو زور زباني معاملن ۽ واڪا ڪرڻ تي آهي. هيءُ نئون دستاويز به ڪجهه اهڙن ئي نتيجن جا اشارا ڏئي رهيو آهي.


    ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ

    ورلڊ سنڌي انسٽي ٽيوٽ (WSI) آمريڪا ۾ سنڌين جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ اين جي او آهي. آمريڪا ۾ پهريون ڀيرو سياسي ايڊووڪيسي ۽ لابنگ جي ڪا اهڙي تنظيم جڙي جيڪا سنڌ ۽ سنڌين جي اشوز کي نه رڳو انتهائي سائنسي طريقي سان بين الاقوامي برادري ۾ هاءِ لائيٽ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي پر واشنگنٽن ۾ موجود لابنگ جي دنيا جي سڀ کان وڏي مرڪز ڪيپٽال هِل ۾ سنڌ جي سڀ جا ڪيترائي سڄڻ ۽ همدرد ٺاهڻ ۾ ڪامياب وئي.
    هيل جڏهن آءٌ ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي آفيس ويس ته اُتي مون ڪافي نوجوان ايندي ويندي ڏٺا ۽ معلوم ڪرڻ تي ڏاڍي خوشي ٿي ته واشنگٽن جا مختلف تعليمي، تحقيقاتي ۽ پاليسي ادارن سان WSI جو انٽرن شپ جو ڪانٽريڪٽ ٿيو آهي، جنهن ذريعي سنڌو سڀيتا (Indus Civilization) جي ڪنهن به موضوع تي دلچسپي رکندڙ شاگرد اسائينمنٽ ڪن ٿا ۽ ان آفيس ۾ اچي ڪم ڪن ٿا.
    هن جديد دور جي سڀ کان چڱي حقيقت شراڪت داري يعني Partnership جو ڏس ۾ آمريڪي ادارن سان گڏجي اهڙو ڪم ڪرڻ سنڌ لاءِ سٺو سنوڻ آهي.
    WSI هر سال هڪ ڪانفرنس جو اهتمام به ڪندي آهي جنهن ۾ دنيا جي ٻين ملڪن سان گڏوگڏ سنڌ مان به مختلف شعبن جا ماهر مختلف موضوعن تي مقالا پڙهندا آهن انهن ڪانفرنس جا موضوع گهڻو ڪري آزادي، جمهوريت، انساني حق ۽ ٻيا اهم اشوز هوندا آهن. اڄ ڪلهه هي تنظيم سنڌ سان گڏ بلوچستان تي به فوڪس ڪري ٿي. مون ۽ نصير جڏهن آمريڪا روانگيءَ کان اڳ منور لغاري ۽ حميد الرحمٰن کي اي ميلن ذريعي پنهنجي اچڻ جي ڳالهه ٻڌائي ته هنن اسان کي پنهنجي Speak up Series پروگرام ۾ ڳالهائڻ جي دعوت ڏني. ۽ اسان کان پنهنجي شعبن ۽ موضوعن بابت معلومات گهري . نصير ميمڻ Environmental Impacts of Mega Drainage Projects in Sindh (سنڌ اندر ڊرينج جي ميگا منصوبن جا ماحولياتي اثر) جي عنوان تي مقالو تيار ڪيو. مون پاڪستان اندر حڪمرانيءَ جي بحران (Governance Crisis in Pakistan) تي پنهنجي تقرير تيار ڪئي. جنهن جو مک تت جنرل مشرف جي دور حڪومت ۾ پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ آيل سياسي، معاشي، سماجي تباهين، سنڌ کي غدار وڏيرن ۽ ايم ڪيو ايم جهڙي فاسشٽ جماعت حوالي ڪري تين وال ڪرڻ جي حوالي سان تفصيل ڏنل هيا.
    ان گفتگو واري فورم ۾ ڪافي دوست موجود هيا. ان موقعي تي واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني جو هڪ عملدار به موجود هو. اسان کي ته سندس موجودگيءَ تي ڪو اعتراض نه هو، جو اسين هت به منهنجو موقف واضح رکندا آيا آهيون ۽ هر ڌر سان گفتگو ۽ ڊائيلاگ ۾ يقين رکون ٿا. پر ان موقعي تي سائين علي نواز ميمڻ اعتراض ڪندي چيو ته جيڪڏهن سفارتخاني کان ماڻهو آيل هو ته کيس اڳواٽ ٻڌايو وڃي ها.
    بهرحال گفتگو تمام سٺي ماحول ۾ ٿي. انهن ڏينهن ۾ بلوچستان ۽ پختون خواهه مڪمل طور تي خانه جنگي ۾ هئا. مشرف جي ننگي آمريت چوٽ چڙهيل هئي. سنڌ جي هر صبح ڪنهن نئين بحران سان شروع ٿيندي هئي. سرائيڪي دوست به آمريت جي رويي تي سندن ڪاوڙ ۾ هيا.
    سول سوسائٽي، ميڊيا ۽ پروگريسو سياسي جماعتون جمهوريت جي بحالي لاءِ هر وقت پهچي پنهنجي ڪردار جي ڀرپور ادائيگي ۾ رُڌل هيون. اهڙي موقعي تي WSI جي يا ٻين پليٽ فارمز تان سنڌ جي حقيقي ۾ صحيح موقف کي ڪافي ذميوار فردن ۽ ادارن اڳيان واضح ڪرڻ جو موقعو مليو. ان ڳالهه جي به خوشي ٿي ته جن اهم ادارن جو دورو ڪيوسين يا جن سرگرم ماڻهن مان ڪچهريون ۽ ڊائيلاگ ٿيو، انهن وٽ WSI جي ڪم جو سٺو اميج هو.
    هن اداري، سنڌ اندر ٻن ٽن مختلف فورمز تان ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهو نيٽ ورڪ اتنظيم جي جديد دور جي تقاضائن ۽ گهرجن موجب نه هجڻ، فيصلن ۽ ڪمن ۾ جمهوري مزاج نه هجڻ ۽ بنيادي ڳالهه اها ته نواڻ ۽ تبديلين کي نه سمجهڻ جي ڪري اهي فورمز جٽاءُ نه ڪري سگهيا. ذاتي پسند ناپسند جي روئي ڪري ڪافي سينئير دوستن کان به اهي فورمز هلي نه سگهيا . اڄ جيڪو ڪردار ايس ڊي ايف جو آهي ڪجهه وقت اڳ اهڙو ڪردار انهن فورمز جو هو پر اهو گهڻو وقت نه هلي سگهيو. اڄ ساڳيا دوست فردن جي صورت ۾ اڳيان آهن ۽ اهي سنڌ جو سرمايو آهن پر خبر ناهي ته ڇو گڏجي نه هلي سگهيا شايد تنظيم يا گروهه ۾ گڏجي گهڻو وقت هلڻ جي Dynamics پنهنجي آهي.
    WSI به في الحال ٻن ٽن فردن تي ٻڌل آهي. مونکي پنهنجي اپريل 2008ع جي بنگله ديش جي دوري دوران نوبل انعام يافته ڊاڪٽريونس جون چيل سٽون ياد اينديون آهن ته جيڪڏهن هڪڙي ڄمار ۾ پنهنجي ويهه سيڪڙو جيترا به ٻه ماڻهو پيدا ڪري ويا ته اوهان جي زندگي سجائي ٿي وئي. سو اسين جيڪي مختلف ادارا جوڙي هلون پيا، اسان کي ٻيا ماڻهو پيدا ڪرڻا پوندا.


    منور لغاري سان رهجي ويل ملاقات

    رسول بخش پليجو هڪڙي ڳالهه زبردست ڪندو آهي ته مخالفت انهيءَ ماڻهو جي ٿيندي آهي، ساڙ، حسد ۽ گلا به ان شخص جي ٿيندي آهي جيڪو مارڪيٽ ۾ سرگرم هوندو آهي ۽ ڪم جو هوندو آهي. باقي مئل تي مٿو ڪير ڪونه هڻندوآهي. تنهن ڪري جيڪو ان چڪر ۾ پوندو ۽ سندس گلا ٿئي ٿي ۽ برائي ٿئي ٿي ته يا غلط تبصرا ٿين ٿا ته اهو اڳيان نه وڌي سگهندو. منور لغاريءَ جي معاملي ۾ به اها ڳالهه فٽ آهي ته هو انتها جو سرگرم ۽ محنتي شخص آهي، تنهن ڪري مارڪيٽ ۾ (پوءِ اها سنڌ هجي يا واشنگٽن) سندس مخالفت به بي حد آهي ۽ دشمن به گهڻا آهن. آءٌ ان بحث ۾ نٿو وڃان ته سندس مخالفت جا سبب ڪيترا صحيح ۽ ڪيترا غلط آهن پر ايترو ضرور آهي ته جيڪو ماڻهو پنهنجي سماج تي اثرانداز ٿيندڙ هوندو آهي تحرڪ ۾ هوندو آهي ان جون ئي مخالفتون ۽ دوستيون هونديون آهن.
    هن دنيا ۾ ڪهڙو اهڙو شخص آهي جنهن جا ڪي مخالف نه هجن ۽ پورو جهان رڳو دوست هجي، ڪي ماڻهو اسان کي به ڏينهن رات گاريون ٿا ڏين، سنڌ ۾ مخالفت ٿا ڪن پر نوٽيس ئي نٿا وٺون جو متحرڪ ماڻهوءَ سان ئي اهي لوازمات لاڳاپيل آهن.
    حسن مجتبيٰ بي حد محبت ڪندڙ دوست آهي. پنهنجي وکري طبيعت جي ڪري ڪنهن به طرفان سندس حمايت ۾ پوري دوري دوران هڪ اکر به چڱو نه ٻڌم پر مون کان ڪير پڇي ته هو ڪيترو محبوب ماڻهو آهي. نصير ميمڻ به حسن مجتبيٰ سان گڏ رهندي هڪ حيران ڪن وقت گذاريو ۽ واپسي ۾ چوندو رهيو ته مجو جهڙو ماڻهو ئي ناهي ڪو ٻيو.
    سو انسان انهن خامين، خوبين، دوستن ۽ دشمنن سان زندگيءَ جي گاڏي کي اڳيان ڍڪي رهيو آهي.
    منور به پنهنجي سياسي زندگي ۽ پيشه ورانه ڪيريئر ۾ ائين ئي متنازعه رهيو آهي. منهنجي ۽ منور جي ملاقات مقرر نه هئي ۽ منور کي پنهنجي والده جي طبيعت جي خرابي جي ڪري ايمرجنسي ۾ دبئي وڃڻو پيو جتي سندس امڙ کي پاڪستان مان کڻائي سندس گهرڀاتي رڳو ان ڪري پهتا هيا ته منور جي امڙ پنهنجي ٻچڙي کي ڏسڻ جي خواهش پوري ڪري جو منور پاڪستان نٿو اچي سگهي. منهنجي ناقص معلومات موجب پاڪستان اندر منور جا معاملات ٺيڪ ٿي ويا آهن پر هن شايد رسڪ کڻڻ نٿي گهريو.
    ڪيڏي ڏکوئيندڙ ڳالهه آهي ته ماڻهو جنهن ڌرتيءَ تي ڄائو هجي ۽ جنهن هنج ۾ ننڊون ڪندي، روئيندو کلندو وڏو ٿيو هجي، پنهنجي حياتي ۾ انهن گهٽين ۽ گلين ۾ واپس نه اچي سگهي. پنهنجا ويڙها دوست يار، مٽ مائٽ ڏسي نه سگهي. اهو درد هن کي بي چين رکندو هوندو. ان بي چينيءَ کي هن مايوسيءَ ۾ زندگي گذارڻ بدران سگهه ۾ تبديل ڪري نه رڳو نالو ڪمايو آهي پر سنڌ جي ڪيس جي آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ وڏي وڪالت ڪئي اٿس.
    اسان جي هڪ ٻي دوست جاويد قاضي، منور لغاري جي يادگرين تي ٻڌل هڪ ڪتاب ”جلاوطني – جدوجهد لاءِ اتساهه“ لاءِ لکيل خوبصورت مهاڳ ۾ منور لغاري کي ٻيهر ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
    سنڌ اڪيڊمي حيدرآباد پاران ڇپرايل اهو ڪتاب منور جي والد ۽ اسان جي قابل احترام دوست ۽ بزرگ چاچا محمد علي لغاري تحفي طور ڏنو هو. هي سٽون لکندي اها خبر به پئي ته چاچا محمد علي لغاري اڄ ڪلهه امريڪا ۾ آهي. خالد هاشماڻي ۽ نصير ميمڻ جي هڪڙي اي ميل ۾ سنڌي شام جي نالي هيٺ چند دوستن پاران ملهايل هڪ خوبصورت رهاڻ ۾ چاچا محمد علي پاران پنهنجي مخصوص انداز ۾ لطيف جي جهونگاريل شاعري جو تذڪرو موجود هو.
    منور پاڻ به ڀٽائي جو عاشق آهي ۽ صوفي ازم تي يقين رکندڙ آهي. سنڌ جي سيڪولر قدرن ۽ صوفي ازم کي دنيا جي سمورن تضادن ۽ تڪرار جو حل سمجهي ٿو.
    هن ڪتاب ۾ به هن انهن عالمي سطح جي سياسي تڪرارن ۽ معاشي بحرانن تي ڳالهايو آهي.
    منهنجي خواهش هئي ته انهن سان ملاقات ٿئي، سندس دبئي وڃڻ ڪري اها ملاقات اڌ ۾ رهجي وئي.
    ٿي سگهي ٿو ته ايندڙ سال 2008 ۾ ٽيڪساس رياست جي شهر ڊيلاس ۾ ٿيندڙ سانا ڪنويشن ۾ شرڪت لاءِ پهرين واشنگٽن ويندي ساڻس ملاقات ٿئي ، ڪوشش ڪندس ته 2008ع واري سانا ڪنويشن (جيڪر دوستن دعوت ڏني ۽ پاڻ وٽ گهرايو ته) ۾ شريڪ ٿيان ۽ پوءِ واشنگٽن ۾ جلاوطني ۾ جدوجهد ۾ ۽ جاکوڙ جو اتساهه پيدا ڪندڙ منور لغاري سان سنڌ تي هڪ طويل ڪچهري ڪيان.


    ڊاڪٽر منظور اعجاز جو آجياڻو

    جيئن مظهر السلام اسلام آباد ۾ سنڌ جو پنجابي سفير آهي، ائين ئي ڊاڪٽر منظور اعجاز واشنگٽن ڊي سي ۾ سنڌ جو پنجابي سفير آهي. پراڻو ڪامريڊ آهي. وڏي وقت کان آمريڪا ۾ سيٽل ٿيل آهي. پاڪستان مان سلمان تاثير ۽ نجم سيٺي پاران جاري ٿيندڙ اخبار ڊيلي ٽائيمز ۾ ڪالم لکڻ کان علاوه انٽرنيٽ تي پنجابي ميگزين ويچار به ڪڍندو آهي. ويچار رسالي ۾ گهڻو ڪري پاڪستاني سياست، معيشت ۽ سماجي تبديلين بابت ڇپيل خبرن جو اسٽائيل ڪنهن اخبار وانگر هوندو آهي، پر ان ويب سائيٽ تي اوهان کي اڌ کان وڌيڪ مواد سنڌ بابت يا سنڌين پاران لکيل ملندو. سنڌين کي پنهنجو بهترين دوست ۽ سنڌي ٻوليءَ کي پنجابي ٻوليءَ جو فطري اتحادي سڏيندو آهي. ڪافي وقت کان ان ڳالهه تي محنت ڪري رهيو آهي ته ڪو اهڙو سافٽ ويئر ٺاهجي، جو سنڌي، پنجابي ٻنهي ٻولين کي ترجمي سان هڪ ئي ڪي بورڊ تي ٽائيپ ڪري سگهجي.
    سنڌ جي سرموڙ ڪهاڻيڪارن امر جليل ۽ نسيم کرل جون چونڊ ڪهاڻيون پنجابيءَ ۾ ترجمو ڪيون اٿس ۽ هاڻ پنجابي جي جديد نثر نگارن کي سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ گهري ٿو.
    شاهه لطيف جي رسالي جي پنجابيءَ ۾ مستند تشريح واري منصوبي تي به انتهائي سنجيده آهي. حسن مجتبيٰ جي ڪالمن ۽ سنڌي اخبارن ۾ سنڌ بابت ڇپجندڙ چونڊ مضمون جو ترجمو ڪري پنهنجي رسالي ۾ شامل ڪندو رهندو آهي.
    ٻه سال اڳ جڏهن هو ٿر گهمڻ آيو هو ته هڪ بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِِ بلغاريه وڃڻ ڪري منهنجي ساڻس ملاقات نه ٿي سگهي. باقي سنڌ ۾ رسول بخش پليجي صاحب، مشتاق راڄپر ۽ ٻين دوستن سان سندس زبردست ڪچهريون ٿيون. هو پليجي صاحب جو فين به آهي ته ساڻس ڪيترن ئي اشوز تي اختلاف به رکندو آهي.
    جڏهن به ساڻس گفتگو ٿيندي آهي ته هو هر ڀيري ٿر گهمڻ جي خواهش جو اظهار ڪندو آهي.
    آرلينڊو ۾ سانا ڪنويشن دوران هن سان ڪافي اشوز تي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن پاڪستاني سياست بابت اسان کان رايا ورتا ۽ اسان آمريڪي سياست بابت هن کي ڳالهائيندي ٻڌو. هن ادبي نشست ۾ ٻوليءَ تي ڳالهايو هو. نصير هن کي پنهنجا ڪتاب تحفي طور ڏنا هيا. سرفراز ميمڻ هر وقت مهمانن ۽ خاص طور تي ڊاڪٽر منظور اعجاز جي (سنگت واري) ڊيوٽي ۾ هو.
    اسان جي واشنگٽن اچڻ جو ٻڌي هن دل سان دعوت ڏني ته سندن فورم پاران هڪ آجياڻو رکيو ويندو، ان ۾ ضرور اچون.
    موبائيل فونز جي ڪري رابطا هاڻ بيحد سولا ٿي ويا آهن، سو ڊاڪٽر صاحب سان رابطي ۾ هياسين. سندس ڏنل تاريخ، وقت ۽ هنڌ تي اسين ٽن ميمڻن نصير، سائين علي نواز ۽ سرفراز سان هوٽل پهتاسين، جتي انهن ڏينهن ۾ تازو اي آر واءِ ون ورلڊ جوائين ڪندڙ منهنجو پسنديده ڪالم نگار شاهين صهبائي، ڊان واشنگٽن جو بيورو چيف جاويد اشرف موجود هيا.
    اهو ٻڌي خوشي ٿي ته علي نواز ميمڻ ۽ سرفراز به انهيءَ ڪلب جا ميمبر آهن. ڊيلي ٽائيمز جو خالد حسن ڪنهن اسائٽمنٽ تي ملڪ کان ٻاهر ويل هو. مون کي ساڻس ملاقات جو ڏاڍو شوق هو جيڪو پورو نه ٿي سگهيو.
    اسان لاءِ واشنگٽن ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني پريس جي انهن اهم شخصيتن سان ملاقات هڪ اعزاز هو. آجياڻي جي باقاعده ڪاروائي رواجي طريقي سان هلائي وئي. نصير ميمڻ ۽ منهنجو تعارف ڪرائي ٻنهي کي سنڌ ۽ پاڪستان جي موجوده صورتحال تي ڳالهائڻ لاءِ چيو ويو. خوشي به ٿي پي ته اهڙن سينئر دوستن سان پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ جي تازه ترين صورتحال بابت پنهنجا رايا ۽ خاص طور تي ايس ڊي ايف جي موقف جي شيئرنگ ڪري رهيا آهيون. نصير گهڻو ڪري ڊئم، پاڻي، ماحوليات تي دوستن کي اپ ڊيٽ ڪيو. مون سياسي منظر نامي، سنڌ، ايم ڪيو ايم، مشرف ۽ پيپلز پارٽي تي فوڪس ڪيو. ڳالهه ٻولهه دوران شاهين صهبائي هر هر پڇي رهيو هو ته پيپلز پارٽي سنڌ ۾ چونڊون کٽندي يا نه؟
    اسان پنهنجو خيال پيش ڪيو ته شفاف چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم ڪجهه سيٽون ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ کڻندي، باقي پيپلز پارٽي ٻهارو ڏئي ڇڏيندي. هن صحافين واري آڏي پڇا ڪئي ته ڇا مشرف سان ٺهڻ کان پوءِ به؟ اسان وراڻيو ته هڪڙو چانس سنڌي پيپلز پارٽي کي اڃا ڏيندا.
    اهي سمورا صحافي محترمه بينظير ڀٽو جي واشنگٽن يا نيويارڪ جي دوري دوران ۽ آمريڪا ۾ تنهن وقت ڪافي عرصي کان رهائش پذير آصف علي زرداري، پارٽي جي ٻين اهم ماڻهن توڙي پاڪستاني سياست ۾ دلچسپي رکندڙ همراهن سان ڪچهريون ڪندا پيا نوان نوان ٿيسز جوڙيندا هيا. ليکڪ يقينًا ڪچهرين مان، ڳالهه ٻولهه مان، تبصرن ۽ راين مان گهڻو مواد حاصل ڪندو آهي، سو ان قبيلي سان لاڳاپو هجڻ ڪري صحافين ۽ تجزئي نگارن جي سوالن جوابن کان واقف آهيان ۽ مزي سان دوستن جي آڏي پڇا جا جواب ڏئي رهيا هياسين.
    شاهين صهبائي ۽ خالد حسن بنيادي طور تي ڪهاڻيڪار آهن، تنهن ڪري هنن جي قلم جو اسٽروڪ ئي ٻيو آهي. ائين ئي سنڌي صحافت ۽ پوءِ انگريزي ۽ اردو ۾ لکڻ ڪري حسن مجتبيٰ به پنهنجي منفرد ۽ تخليقي صلاحيتن ڪري صحافت ۾ نمايان مقام حاصل ڪيو. اسان جا ڪيترا ئي دوست بي بي سي ۽ ٻين ادارن ۾ ڪم ڪن ٿا، پر اڃا تائين کين ڪالم لکڻ نٿو اچي. حسن اڄ به ان لاٽ ۾ سڀ کان اڳڀرو آهي.
    شاهين صهبائي، نواز شريف جي ٻين دورِ حڪومت ۾ جنگ گروپ ۽ سرڪار وچ ۾ هليل زبردست جنگ جو شڪار بڻيو هو. ايجنسيون مٿس ناراض هيون ۽ هو سڀني سان وڙهندو، پنهنجي اصولي مؤقف تي پابند رهندي آمريڪا لڏي آيو هو ۽ هتان به حڪومت جي ننڊ حرام ڪرڻ وارو انٽرنيٽ ميگزين ڪڍي مشرف سرڪار جا پگهر ڪڍائي ڇڏيا هئا.
    پوءِ مالي مشڪلات جو چئي هڪ ڏينهن شاهين اهو رسالو بند ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ اها افواهه به هلي ته جنرل پرويز مشرف ۽ شاهين صهبائي ٻئي ڄڻا ڪراچي ڄاوا ۽ ڀائي بند هجڻ سان گڏوگڏ سادات به آهن، تنهن ڪري انهن اي آر وائي واري سيٺ رزاق جي ٽياڪڙي ۾ ٻنهي ڌرين ۾ ٺاهه ٿي ويو آهي. اڄ ڪلهه شاهين پنهنجي شهرت جي سبب واري اداري بدران ڊان گروپ بدران جنگ گروپ ڏانهن موٽي آيو آهي.
    ان آجياڻي ۾ ڪافي مزو آيو. اسين به سنڌين کان ٻاهر واري دنيا ۾ جهاتي پائي سگهڻ جهڙا ٿياسين ۽ نون معاملن تي نون خيالن جي ڏي وٺ ٿي.آخر ۾ حسب دستور مهمانن کي ڇڏي باقي سڀني همراهن آمريڪن سسٽم تحت چندو ڪري هوٽل جو بل ادا ڪيو.
    هت به هڪ اهڙي ماڻهوءَ سان اچانڪ ملاقات ٿي وئي، جيئن آرلينڊو ۾ ادي حسين بخش ٽالپر سان ٿي هئي.
    ماني کائي جيئن ئي واش بيسن ڏانهن هٿ ڌوئڻ لاءِ لائونج ۾ آيس ته هڪ همراهه اڳيان اچي چيو: ”زلفي! ڪيا حال هين؟“ منهنجو حيرت ۾ ڪنڌ ڦريو ته ڏٺم ضمير حيدر بيٺو هجي. سندس فيملي ماني کائي رهي هئي. هت گهمڻ ڦرڻ آيو هو. مونکي اهو سرپرائيز وڻيو هو. هو به مون کي ڏسي خوش ٿيو هو.
    خبر پئي ته ڪنهن آمريڪي نيشنل ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي اٿس، سا ٻارڙن سوڌو آمريڪا ۾ ئي رهي ٿي، البته ضمير حيدر اسلام آباد ۾ صحافت ڪري ٿو. اڄ ڪلهه بزنس ريڪارڊ وارن پاران کوليل ٽي وي آج تي ڪم ڪري ٿو.
    اسلام آباد ۾ صحافت ڪرڻ جو به پنهنجو مخصوص نشو آهي. ان عادت وارو شخص نه اسلام آباد ڇڏي سگهندو نه ئي صحافت. ضمير حيدر ڪنهن دور ۾ فرنٽيئر پوسٽ ۾ ڪم ڪندو هو. هن پنهنجي فيملي سان به تعارف ڪرايو ۽ گهر اچڻ جي دعوت ڏنائين. آءٌ ڪن سرگرمين ۽ پاڪستان موٽي وڃڻ جي تيارين جي ڪري مهرباني مڃي، ڪنهن ٻي ڀيري لاءِ واعدا ڪري اچي پنهنجن دوستن سان گڏ ويٺس. پاڪستان موٽي اچي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڏٺم ته ضمير حيدر بزنس ريڪارڊر گروپ جو بهترين نيوز چينل آج تي رپوٽنگ ڪري رهيو آهي.
    سوچيم ته دنيا واقعي ڪيتري نه ننڍي آهي. ڪالهه اسلام آباد ۾ گڏ هياسين، هڪ ڏينهن اچانڪ واشنگٽن ۾ ملياسين ۽ هاڻ پنهنجن پنهنجن ڳوٺن مان هڪ ٻي بابت خبر چار پئجي رهي آهي.


    خالد هاشماڻي: هڪ بي چين سنڌي روح

    مون کي خبر ناهي ته اها ڪا بيماري آهي يا ڪم جو خفو جو ننڊ گهٽ ڪندو آهيان ۽ منهنجا دوست خاص طور تي ابرار قاضي صاحب هر وقت اها شڪايت ڪندا آهن ته آءٌ سندن سک ڦٽائيندو ٿو رهان. کين آرام سان ويهڻ نٿو ڏيان. دوست چوندا آهن ته آءٌ بي چين روح آهيان. پر اوهان کي ٻڌئيندو هلان ته اهڙو ئي هڪ ٻيو همراهه واشنگٽن ۾ به رهي ٿو سندس نالو آهي خالد هاشماڻي. جي اين مغل صاحب جي ڳوٺ مٽياري جو خالد هاشماڻي صاحب ورهيه اڳي آمريڪا لڏي ويو ۽ جڏهن کان منهنجو هن سان واسطو پيو آهي ۽ خاص طور تي اي ميل ڪلچر شروع ٿيڻ کان پوءِ هن سان رابطا وڌيا آهن ته مون هن کي سنڌ جي هر معاملي ۾ باخبر ۽ الرٽ ڏٺو آهي.
    معصوم ٻارڙن وانگر اوهان جي ڳالهه کي خاموشي ۽ حيرانگي واري مسڪراهٽ سان ٻڌندو، پنهنجو مؤقف ڏيندو ۽ پوءِ اسان جي پياري ڊاڪٽر رجب ميمڻ وانگر ٿورڙي ٿورڙي دير جي وقفي سان سهمت به ٿيندو ويندو ته موڊ خراب ٿيس ته اختلاف به رکندو ويندو آهي آءٌ ته حيران ٿيندو آهيان ته هن کي ڪيئن ٿو وقت ملي انٽرنيٽ تي سنڌي توڙي پاڪستان جون ٻيون اخبارن پڙهڻ جو. يا اهي بين الاقوامي سطح جو مواد جنهن ۾ سنڌ تي تبصرو يا خبر هجي.
    سنڌ جو ڪو اهڙو اشو ناهي جنهن تي هن جي نه رڳو اک نه هجي پر ان اشو تي سندس پاران ڪو زبردست مؤقف نه ايندو هجي. واشنگٽن ويندڙ سنڌي دوستن سان ڪميونٽي پروگرامن سان گڏوگڏ اتان جي سول سوسائٽي ٿنڪ ٽينڪس، ۽ اسٽيٽ ڊيپارٽمنٽ ۾ ملاقاتون رکائي ڏيندو آهي، زور زور سان چوندو رهندو آهي ته سنڌ جو ڪيس هر حوالي سان مضبوط آهي پر ان جي پيش ڪرڻ جي طريقه ڪار ۽ دليلن کي هر وقت سائنسي بنيادن تي مضبوط ڪندو رهو.
    ڪالاباغ ڊيم هجي، اين ايف سي هجي، سنڌ جي عوام جي حق حاڪميت جو جهيڙو هجي، يا يو اي ايس ايڊ جي سنڌ اندر تعليم جي ميدان ۾ بهتري آڻڻ بدران تباهي ڦهلائيندڙ پروگرام اسرا (ERSA) يا صوبائي خودمختياري ۽ جمهوريت جو معاملو هجي، هاشماڻي صاحب هڪ ذميوار شهري طور هر اشو تي پنهنجو نقطه نظر شيئر ڪندو آهي ۽ سنڌ جي حوالي سان واشنگٽن ۾ ٿيندڙ سرگرمين بابت آگاهي ڏيندو رهندو آهي.
    مون ۽ نصير آرلينڊو ۾ سندس انتظار پي ڪيو ته ملاقات ٿئي. اتي دوستن کل ڀوڳ ۾ ٻڌايو ته جيڪو شخص جنرل باڊي ۾ هر هر پوائنٽ آف آرڊر تي اتي بيهي، سمجهو ته خالد هاشماڻي آهي ڇاڪاڻ ته اسان خالد هاشماڻي کي اڃا ڏٺو نه هو.
    ان سال سانا ڪنوينشن جي قراردادن ٺاهڻ ۾ سندس وڏو ڪردار هو. پاڻ هڪ محنتي ۽ جفاڪش انسان آهي. سنڌ ٻين ڪيترن ئي دوستن وانگر سندس زندگي جو حساس موضوع آهي، پر هو ان احساس کي لکڻ پڙهڻ، هر وقت سنڌ جي اشو تي صلاحون ڏيڻ ۽ ٻانهن ٻيلي ٿيڻ وارو ڏکيو ڪم ڪندو رهي ٿو.
    اسين جيترا ڏينهن واشنگٽن ۾ رهياسين هر روز ڪنهن نه ڪنهن اداري ۾ ميٽنگ لاءِ وقت وٺي ويندو آهي.
    آءٌ کيس تڪڙو تڪڙو هلندي، سنڌ سنڌ ڪندي ڏسي سوچيندو هيس ته اسان کي پنهنجن اهڙن سڄڻن ۽ همدردن جو قدر ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن هو امريڪا جهڙي معروف سوسائٽي ۾ رهندي ڪجهه وقت وطن لاءِ سوچيندي پنهنجي حصي جو ڪم ڪن ٿا ته پاڻ کي اهڙن دوستن کي ياد ڪرڻ، کين وڌايون ڏيڻ ۽ ضرورت مهل ساٿ ڏيڻ جو فرض نڀائڻ گهرجي.
    پنهنجي خواهش آهي ته سنڌ کان ٻاهر رهندڙ اهڙن دوستن جا تفصيلي پروفاشلز رکان، ايندڙ نسلن لاءِ ڪو اهڙو دستاويز لکي ڇڏجي جو اهڙا وطن پرست ڪردار اسان جي دلين ۽ داستانن مان گم نه ٿي سگهن.


    هيلو دِس از ٽارين (آءٌ اقبال ترين آهيان)

    جيئن سنڌ جي ڪا به سياسي، علمي ۽ ادبي تقريب شيخ اياز جي شعر کان سواءِ اڻ پوري آهي بالڪل ائين دنيا ۾ جتي به سنڌ جي قوم پرست سياست ۽ ان ۾ شاگرد سياست جو تذڪرو ايندو ته اقبال ترين جو حوالو ضرور ايندو.
    مون ننڍي هوندي کان ئي هن شڪارپوري شهزادي لاءِ گهڻو ٻڌو هو. سنڌ شاگرد سياست جي اهم ترين نالن ۾ ۽ سنڌ جي پهرين قوم پرست شاگرد جماعت جي پهرين صدر طور سندس سرگرميون ۽ خيال اڄ به ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ڪنهن نه ڪنهن ڪچهري ۾ تذڪري هيٺ ضرور اچن ٿا.
    هو ڪڏهن امريڪا لڏي ويو، ڪڏهن سنڌ ڇڏي ويو. مون ڪيترا ڀيرا مختلف ڪچهرين ۾ سندس بابت ٻڌو هو.
    منهنجي پهرين ملاقات ساڻس ان وقت ٿي جڏهن هو 2006 ۾ سنڌ نيشنل ڪانگريس (SNC) پاران حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ڏنل هڪ آجياڻي ۾ شريڪ ٿيو هو. سنڌ جي پاڻي ۽ ماحوليات جي ڪيس جو اهم وڪيل ۽ محقق سائين الطاف ميمڻ به ساڻس گڏ هو. پريس ڪلب جي ان پروگرام ۾ مون کيس پهريون ڀيرو روبرو ڏٺو ۽ ٻڌو هو.
    هن عمر ۾ به خوبصورت ۽ تازو توانو چهرو، ڊگهو قد، پٺاڻ ته هو اڳ ۾ ئي آهي، سو صوف جهڙو رنگ، ڳالهائڻ جو انداز به متاثر ڪن، عام رويي ۾ به ڀلو، مون سوچيو هو ته ڇا امريڪا کيس اهڙو مهذب بنايو آهي يا هو شاگرد سياست ۾ به اهڙي ئي رنگ روپ سان آيل هو.
    سندس ان دوري دوران ماما يوسف لغاري (جيڪو اڄ ڪالهه ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ آهي) پروفيسر اعجاز قريشي ۽ مون انهن دوستن جو دعوتون ڪيون هيون جيڪي سائين الطاف ميمڻ ته اٽينڊ ڪيون پر اقبال ترين صاحب يڪو شڪارپور هجڻ ڪري انهن گڏجاڻين ۾ شريڪ نه ٿي سگهيو.
    هيل جڏهن آءٌ سانا جي ڪنويشن ۾ پهتس ته هڪڙو شخص هر ماڻهوءَ سان فرينڊلي، کلندي، ڀاڪر پائيندي ملندي ڏٺم- لڳو هو ته هو ڄڻ هر مهمان جو ميزبان پاڻ هجي. اهو هو سائين اقبال ترين. منهنجي سائين سان نه ڪا گهڻي واقفيت هئي ۽ نه ئي ڪا دوستي پر هن آمريڪا ۾ گذاريل چند ڏينهن ۾ جيڪي قرب ڏنو، جيڪي محبتون ڏنيون، لڳو هو ته اسين ڪو ورهين جا واقف آهيون. شايد انهيءَ ڪري هاڻ اسين ٻه چار دوست جامي، نصير ۽ آءٌ جن جو امريڪا وڃڻ جهڙوڪ معمول بڻجي ويو آهي) سي واشنگٽن جي دوري کي اقبال ترين جي ڪچهري کان سواءِ اڻ پورو ٿا سمجهون.
    فلوريڊا واري ڪنويشن ۾ هو جيئن مخدوم امين فهيم، بيگم بشريٰ اعتزاز احسن ۽ احسن اقبال کي پروٽوڪول ڏئي اجلاس ۾ وٺي آيو، مون ان لمحي ئي سمجهو هو ته اقبال ترين هر شخص کي هڪجهڙي عزت ڏيندڙ ڪارڪن واري طبيعت رکي ٿو.
    هو پنهنجي فيملي سان گڏجي هر هڪ مهمان سان ملي رهيو هو. سني پنهور ۽ اقبال جون گهرواريون به پنهنجن گهر وارن جهڙيون ئي سرگرم هيون. فلوريڊا ۾ اقبال مون کي ۽ نصير کي سندس وٽ اچڻ جو چيو هو ۽ ائين اسين به رلندا پنندا نيويارڪ کان ٿيندا جڏهن واشنگٽن پهتاسين ته اقبال ترين هر ڪچهري ۾ گڏ هيو.
    جڏهن آءٌ واشنگٽن ايئرپورٽ کان لنڊن روانا ٿي رهيو هيس ته هو اسان جي منع ڪرڻ جي باوجود به پنهنجي گاڏي کڻي ايئرپورٽ پهتو هو هن اسان کي ڪيڪ، آفر ڪيا ڪافي ۽ جوس پياريان هيا، خالد هاشماڻي، اقبال ترين، سرفراز ميمڻ، ڇاڪاڻ ته واشنگٽن جي مختلف علائقن ۾ رهندڙ هيا تنهن ڪري هو ايئرپورٽ تائين پنهنجي پنهنجي گاڏين ۾ پهتا هيا. اهو خفو مهمانن لاءِ سو به آمريڪا ۾ سولو ناهي.
    ايئرپورٽ روانگي کان اڳ آءٌ ۽ نصير ميمڻ سرفراز سان گڏجي اقبال ترين جي ڪمپيوٽر سسٽمز جي آفيس ويا هياسين جتي سندس ڪمري ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ هڪ ڳرو آواز ٻڌو هيوسين ”هيلو دس از ٽارين“ (يعني آءٌ ترين آهيان) سندس اهو لهجو سچ پچ امريڪي لهجو هو. هو ڪنهن ڪلائينٽ سان ڪنهن ڪنسائينمنٽ تي ڳالهائي رهيو هو. زبردست سوٽ ۽ ٽاءِ ۾ هو اسٽيٽ ڊيپارٽمنٽ جو ڪو ترجمان يا امريڪي سينيٽر لڳي رهيو هو. پر سندس رويو اهو ئي ورڪرن وارو هو. اسان کي صفا سنڌي ميزبانن وانگر ڪنهن شيءِ ۾ هٿ نه وجهڻ ڏنائين. ڪف سڌا ڪري، ڪوٽ لاهي، ڪافي جا ڪوپ گرم پاڻي سان ڌوئي آفيس ۾ به زبردست خاطر تواضع ڪيائين.
    امريڪا جهڙي مصروف ملڪ ۾ اسان کي سڀئي ڄڻا ائين ايئرپورٽ ڇڏڻ هليا جيئن قائداعظم يونيورسٽي ۾ گرمين جي موڪلن ۾ اسلام آباد جا دوست گروپ جي شڪل ۾ اسان کي ٽرين تي ڇڏڻ ايندا هئا. اقبال هر وقت سنجيده معاملن تي بحث ڪندو هو. بلڪ بحث کان به وڌيڪ سوال ڪندي چوندو هو ته سوالن سان ۽ انهن جي مليل جوابن سان معاملن جا نوان پاسا سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي.
    مون سوڌي اها راءِ منهنجي همسفر نصير ميمڻ جي به آهي ته اسان ڪڏهن به اقبال ترين صاحب کي سندس راءِ اسان مٿان مڙهندي ڪونه ڏٺوسين. هر ڳالهه شروع ڪرڻ کان اڳ خوبصورت انداز ۾ چوندو هو ته ادا اوهين سنڌ ۾ رهو ٿا. اتي جي زميني حقيقتن کان واقف آهيو تنهن ڪري اوهان جو مؤقف يا راءِ يقينن اسان کان بهتر هوندي. جيتوڻيڪ هن کي ڪيترن ئي معاملن بابت اسان کان وڌيڪ معلومات هئي پر اها سندس وڏائي هئي. سنڌ جي سياست، معيشت، سماج بابت هاڻ اهو رويو مثبت سوچ رکندڙ ماڻهو جو ئي ٿي سگهي ٿو.
    ڊگهن بحثن دوران ڪڏهن به ڳالهه ڪاٽيندو نه هو. خاموشي سان ٻڌندو هو. اهڙي ٽريننگ جيڪڏهن، اسان جي سمورن دوستن جي ٿي وڃي ته ڪيترائي بحران حل ٿي وڃن جو ڪافي فضول قسم جا تڪرار دوستن ۾ رڳو روين جي بحران جي ڪري آهن.
    مون کي بهرحال اقبال ترين بي حد متاثر ڪيو هو ۽ کيس ڳالهائيندي ڪچهريون ڪندي ۽ گهمندي ڦرندي ڏسي ڪئي ڀيرا سندس جهڙو ئي خوبصورت انسان ۽ اقبال جو ڳوٺائي سنڌي ادب جو انوکو ڪردار آغا سليم صاحب ياد ايندو هو.
    حساس ماڻهن جي هجرت به هڪ الميو آهي پوءِ اهي ڪيترائي سک ۾ ۽ خوشحال ڇو نه هجن، ڌرتي جي ياد ۽ وطن جي ماڻهن جي ياد هڪ حساس دل کي هي وقت دکي رکي سگهي ٿي. سنڌ جي ڳالهه ڪرڻ مهل مون ڪيترائي ڀيرا هن جي اکين ۾ وطن کان دور رهڻ واري اداسي ڏٺي. هن جي لهجي ۾ فڪر ڏٺو ۽ ڪيترائي ڀيرا هن جي ڳالهين ۾ ديس موٽي اچڻ جو غير سرڪاري اعلان به ٻڌڻ ۾ آيو.


    ريٽا ڪوٺاري پاران تحفي طور مليل ڪتاب

    پهريون ڪتاب: ريٽا ڪوٺاري جو ڪتاب ۽ سني پنهور جو تحفو.
    گهڻو ڪري ٻاهرين دنيا جي هر دوري جو مقصد ڪانفرنسون، سيمينار ۽ ورڪشاپ وغيره ئي هوندو آهي تنهن ڪري ڪتابن جو تحفو ملڻ هڪ لازمي جز هجي ٿو. آمريڪي دوري دوران نه رڳو ڪيترا ئي ڪتاب تحفي طور مليا پر انهن ڪتابن جي ليکڪن سان به زبردست ڪچهريون ٿيون، سندن لکڻين ۽ نقطه نظر تي بحث مباحثا ٿيا.

    سانا جي ڪنويشن دوران جڳ مشهور تحقيق دان ۽ گجرات جي سنڌياڻي ريٽا ڪوٺاري جو ڪتاب:
    The Bueden of Refuge
    (The Sindhi Hindus of Gujarat)
    سانا اسٽال تي نظر آيو. سانا جي ڪنويشن دوران مختلف شيئن جا لڳل اسٽال هڪ خوبصورت ڏيک ڏئي رهيا هئا. سنڌ جي سڃاڻپ ۽ ثقافت جي حوالي سان ڪافي سٺين شيئن سان گڏ سانا جي سالياني فيس جمع ڪرائڻ کان وٺي ڪتابن جي وڪري تائين، ڪانفرنس هال جي مک دروازي تي هڪ وڏو اسٽال موجود هو. هڪ برجستو همراه ان سموري ڪاروائي جي سار لهي رهيو هو. پڇڻ تي خبر پئي ته سائين طلعت ٽالپر آهي جيڪو ورجينيا ۾ رهندڙ آهي ۽ پنهنجي ٻارڙن سان سانا ڪنويشن ۾ حصو وٺڻ ۽ آرلينڊو گهمڻ آيو هو.
    ان اسٽال تي رکيل ڪافي ڪتابن ۾ منهنجي لاءِ ڌيان طلب ريٽا ڪوٺاري جو ڪتاب هو، جنهن جو چرچو مون اڳ ۾ ئي ٻڌو هو. خاص طور تي اعجاز قريشي ۽ شوڪت حسين شوري واتان. اسان جا اهي ٻئي دوست سنڌ تي، ٻاهرين دنيا ۾ ڇپيل مواد تي عام ۽ خاص طور تي هندوستان ۾ رهندڙ سنڌين پاران تخليق ڪيل ادب تي خاص اک رکندا آهن ۽ جيئن ئي ڪو ڪتاب مارڪيٽ ۾ ايندو آهي ان جي حاصل ڪرڻ جون ڪوششون شروع ڪري ڇڏيندا آهن ۽ ٻين کي به اهو ڪتاب پڙهڻ جون صلاحون ڏيندا آهن.
    منهنجي هيـٺين ڪتاب تي نظر پئي ته ليکڪ جي نالي پاڻ ڏانهن ڇڪيو. ڪتاب جي قيمت 20 ڊالر (تقريبا 1400 روپيا هئي)
    مون ڪتاب کي ڦلهوري ڏٺو، ٽائيٽل ۽ فهرست کي غور سان پڙهي رهيو هيس ته هڪ قد آور همراهه اچي ڀر ۾ بيٺو ۽ ڪتاب کي ڏسندي چوڻ لڳو ته ريٽا تمام سٺو ڪتاب لکيو آهي ۽ پوءِ هن هڪ ڪاپي کڻي تحفي طور مون کي ڏني. اهو همراهه سنڌ جي هڪ موچاري نالي ۽ محقق سائين ايم ايچ پنهور مرحوم جو فرزند سني پنهور هو. خبر پئي ته ڪتاب سني پنهور وٽ آيا هئا، وڪري لاءِ پر سنڌ وانگر لڳي ٿو ته هت به رواج اهو ئي آهي ته ڪتاب دوستن ۾ ورهائي پوءِ پئسا کيسي مان ڀرڻا پوندا آهن. ڇاڪاڻ ته هت به وڪري کان وڌيڪ سني پنهور اهي ڪتاب تحفي طور ورهائي رهيو هو. ريٽا جو ڪتاب. ريٽا گجرات جي شهر احمد آباد ۾ رهي ٿي جتي هو هڪ ته ڪٿا اڪيڊمڪ سينٽر هلائي ٿي پر ان سان گڏوگڏ هو هر مقامي ڪاليج ۾ پروفيسر به آهي.
    ريٽا پنهنجي ڪتاب جو نالو ڏاڍو سهڻو رکيو آهي برڊن آف رفيوج يعني ”پناهه جو بار“ جيتوڻيڪ دنيا جي ٻين هجرتن جي برعڪس پاڪستان ٺهڻ مهل سنڌ مان هندوستان لڏي ويل سنڌي هندن کي قتل وغارت، جسماني تشدد ۽ ٻي دهشتگردي کي منهن نه ڏيڻو پيو پر هو پنهنجي قومي سڃاڻپ، ڌرتي، مٽ مائٽن جون آسوده وسنديون ۽ ماڳ ڇڏي هڪ اهڙي نئين سرزمين ڏانهن اسريا رهيا جيڪا هنن لاءِ بالڪل نئين هئي. پاڻيءَ جي جهازن، اٺن ۽ ريل گاڏين تي سفر ڪري، سنڌ مان لڏپلان ڪندڙ سنڌي هندن جي روحاني، نفسياتي، معاشي ۽ سماجي ڏيوالئي ۽ پوءِ شاندار Come backبابت هن ڪتاب ۾ زبردست مواد موجود آهي پر گڏوگڏ اهو به تفصيل سان موجود آهي ته جيڪي سنڌي هندو گجرات لڏي آيا انهن ڪيئن پنهنجي باعزت جياپي جا رستي ڳولهيا، پنهنجي قومي شناخت کي برقرار رکيو ۽ اڄ هو هندستان جي هڪ بااثر ڪميونٽي آهي.
    هجرت انساني زندگي جو منهنجي نظر ۾ سڀ کان وڏو الميو آهي ۽ ريٽا سنڌين جي پنهنجي وطن کي ڇڏي نئين سرزمين ڏانهن هجرت جي المئي کي هن ڪتاب ۾ تفصيل سان پيش ڪيو آهي.
    آءٌ اهاڳالهه ڪيترائي ڀيرا لکي چڪو آهيان ته سياسي ادب جي شعبي ۾ برصغير جي پوري ادب تي نظر وجهنداسين ته جيترو مواد ورهاڱن تي لکيل ملندو اوترو ٻي ڪنهن به موضوع تي نه ملندو. مقامي ليکڪ جي مقابلي ۾ غير ملڪي محقق وٽ اوهان کي بنگال، پنجاب ۽ آخر ۾ هندوستان ۽ پوءِ بنگالين جي ورهاڱي تي هر وقت ڪو نه ڪو نئون مواد لکنجدو نظر ايندو. منهنجي گهٽ پڙهائي جي تجربي جو مشاهدو آهي ته اردو ادب ۾ ورهاڱي جي سياسي ادب تي اسان جي حصي ۾ آيل پناهه گير ڀائرن پاران نه لکڻ جيترو لکيو ويو آهي، ورهاڱي ۽ لڏ پلاڻ جهڙي المناڪ واقعن تي پر سنڌي ٻولي ۾ انهن موضوعن تي شاندار ڪتاب لکيا ويا آهن.
    تازومارڪيٽ ۾ آيل ڪتابن ۾ ريٽا جي ڪتاب کان علاوه پياري دوست لڄمڻ ڪومل جي ڪتاب ”وهي کاتي جا پنا “ به اعليٰ قسم جو ڪتاب آهي. لڄمڻ ڪومل (آٽوبائيوگرافڪ چئجن يا ڊائري جا نوٽس) تاج بلوچ پاران شائع ڪندڙ ادبي رسالي سوجهرو ۾ ماهوار لکندو آهي ۽ سندس تخليقي مواد برصغير جيورهاڱي، هندوستان ۾ سنڌي هندن جي عاليشان اوسر، هجرت مهل سنڌي هندن کي پهتل ناقابل فراموش تڪليفن ۽ پوءِ ٻولي، ثقافت ۽ قومي سڃاڻپ جي آڌار تي سنڌيت کي برقرار رکڻ بابت زبردست ڳالهيون ڪندو ٿو رهي. آءٌ ڪنهن مهل تفصيل سان ريٽا جي هن ڪتاب جو تنقيدي جائزو وٺندس ۽ سندس ان شاندار ڪانٽريبوشن تي لکندس.
    هي ڪتاب ورهاڱي جي وڍ ۾ آيل ماڻهن جي Politics of Identify شناخت جي سياست کي سمجهڻ ۾ مدد ڏيندو. گجرات جي تيزرفتار سرمائينداراڻي ماحول ۾ هٿين خالي پهتل سنڌين ڪيئن ”رک جي ڍير“ تان پنهنجو سفر شروع ڪيو ۽ ڏينهن رات محنت ڪري هڪ چست مڊل ڪلاس طور اڀرندي گجرات جي معاشي ميدان جي با اثر ترين ڪميونٽي بنجي ويا. اهو طويل تڪليفون ڏيندڙ پر اتساهه فراهم ڪندڙ سفر رڳو هن ڪتاب ذريعي ئي ڏسي سگهجي ٿو.
    ريٽا سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن، انگريزن جي غلامي جي دور ۾ سنڌ جي ورهاڱي، سنڌ مان لڏپلاڻ، هندوستان ۾ پناهه گيري، پوءِ گجرات ۾ ٻيهر اڀري ۽ نمودار ٿيندڙ سنڌي هندن جي پوري سفر جي شاندار داستان بيان ڪئي آهي.
    هيءُ ڪتاب سڀني کي پڙهڻ گهرجي. خاص طور تي شناخت جي بحران، سنڌ اندر مهاجر اقليت جي نفسيات ۽ مزاج کي سمجهڻ لاءِ ۽ هينئن به همعصر سياسي تاريخ جي شاگرد جي حيثيت ۾ آءٌ سمجهان ٿو ته هندوستان جي سياسي تاريخ جي ان اهم باب يعني ورهاڱي جي باب کي تفصيل سان پڙهڻ ۽ سمجهڻ کانسواءِ مهاجر سوال سمجهه ۾ ئي ڪونه ايندو. ٻارڙن جي آئيڊيل ۽ هر ماڻهو جي پسند جي هن آمريڪا جو مستي ۽ موج واري شهر آرلينڊو ۾ اهو ڪتاب بهترين تحفو هيو.
    مون سني پنهور جا ٿورا مڃيا ۽ ڪتاب کي اچي سفري بيگ ۾ پيڪ ڪيم.
    سني پنهور سان منهنجون ڪي خاص ملاقاتون ناهن. ها البته هن بابت سنڌ ۾ مختلف وقتن تي ڪجهه ضرورت ٻڌندا رهيا هياسين. هو سانا جو چيئرمين به رهي چڪو آهي، گڏوگڏ هو پنهنجي مرحوم والد ايم ايچ پنهور جي ڪري به سڃاتو وڃي ٿو. ڪجهه وقت اڳ سندس هڪڙو ڀاءُ منهنجي ڪاروباري هنڌ تي ملازم هٿان قتل ٿي ويو هو ۽ پوءِ سني جڏهن ايم ايچ پنهور صاحب جي ديهانت کان پوءِ ان جي آخري رسمن جي ادائيگي لاءِ حيدرآباد آيو ته ساڻس ملاقات ٿي.
    ايم ايچ پنهور صاحب لاءِ پوءِ جيڪي به سياسي ۽ علمي ادبي ميڙاڪا ٿيا انهن ۾ به ساڻس ملاقاتون رهيون جن ۾ سنڌ ترقي پسند، سنڌ پارٽي جي ڊاڪٽر قادرمگسي، سنڌ يونيورسٽي ۽ سنڌ الاجي ۽ ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۽ لطيف چيئر ايم ايچ صاحب تي بهترين ريفرنس ڪرايا هئا.
    انهن پروگرام دوران سني پنهور حيدرآباد واري گهر کي فائونڊيشن ۽ پنهور صاحب جي شاندار لائبريري کي تحقيق لاءِ پبلڪ لائبريري بڻائڻ جو وعدو ڪيو هو جيڪو اڃا تائين ته پورو نه ٿيو آهي. ڪراچي يونيورسٽي پاران ڪوٺايل ادبي ريفرنس ۾ به ڪراچي توڙي سنڌ يونيورسٽي ۾ ايم ايچ پنهور چيئر قائم ڪرڻ جو واعدو ڪيو ويو هو اهو به تاحال پورو نه ٿي سگهيو آهي.
    سانا جي ڪنويشن دوران سني سان ايم -ايڇ پنهور صاحب جي زندگيءَ ۾ ئي سندس پاران جوڙيل فائونڊيشن ۽ ڪتابن جي قيمتي خزاني کي سنڌ جي ڀلائي لاءِ ڪتب آڻڻ وارن سندس ارادي تي ڪچهري ٿي. 2008 واري سانا ڪنويشن ۾ آءٌکيس هڪ دفعو ٻيهر سندس ڪيل واعدن جي ياد ڏياريندس.
    هن وقت آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين ۾ جيڪي پيشه ورانه شعبن جا دوست آهن يعني ڊاڪٽرز، انجنيئرز يا ٻين شعبن جا ماهر، انهن مان رڳو جاويد لغاري پاڪستان موٽيو آهي، جيڪو هن وقت نه رڳو پاڪستان جي هڪ وڏي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ آءِ ٽي اداري زيبسٽ جو سربراهه آهي پر پيپلرزپارٽي جي سينيٽر طور پارٽي جي مٿين قيادت ۾ اهم جاءِ ولاريو ويـٺو آهي.
    آمريڪا جهڙي سماج کي ڇڏي پاڪستان اچي وسائيڻ به ڪو ننڊو فيصلو ناهي، ڇاڪاڻ ته اتي رهندڙ ڪافي سنڌي دوست پاڪستان اچي ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ جون ڳالهيون ته ڪندا رهن ٿا ۽ پنهنجي وطن اچي اتي سٽيل ٿيڻ، ڪاروبار يا سياست ڪرڻ جون سٺيون ڳالهيون به ڪن ٿا پر اهو فيصلو ڏکيو ٿئي ٿو جو سندن گهربار، ٻارڙا، انهن جي تعليم، سڀ ڪجهه امريڪي ڪلچر جي اثر هيٺ آهي، تنهن ڪري هو ايڏو وڏو رسڪ شايد نٿا کڻي سگهن.


    سسٽر ڊائينا آرٽز سان ملاقات ۽ سندس ڪتاب

    The Blindfold’s Eyes
    (My Journey form torture to Truth)
    آءٌ، نصير ۽ ادي حميرا ورلڊ سنڌي انسٽي ٽيوٽ (WSI) جي ننڊي پر موهيندڙ آفيس مان لفٽ ذريعي هيٺ لٿاسين. واشنگٽن جي سڀ کان مهانگي ڪمرشل علائقي ۾ اهڙي آفيس قائم ڪرڻ لاءِ دل گردو کپي. منور لغاري ۽ ورلڊ سنڌي انسٽي ٽيوٽ جي سياست سان اختلاف ٿي سگهي ٿو پر منور جيئن سنڌ ۽ بلوچستان جي اشوز تي واشنگٽن جهڙي شهر ۾ (جيڪو پوري دنيا جو اسٽريٽجڪ دارالخلافو آهي) ۾ ويهي لابنگ ڪئي آهي، دوست ۽ سنڌ جا همدرد ٺاهيا آهن ان محنت جي عزت ۽ حوصله افزائي ڪرڻ گهرجي.
    بلڊنگ جي هيٺ ئي کاٻي هٿ تي انگريزن سان ڀريل انڊين هوٽل ‎ ۾ ادي حميرا بهترين ڪچن رول ۽ ڊرنڪس وٺي ڏنيون ۽ پوءِ اسين ٽارچر تي ڪم ڪندڙ هڪ بين الاقوامي اين جي او جي دفتر وڃڻ لاءِ، ادي حميرا جي ٻڌايل پتي تي روانا ٿي وياسين.
    ريلوي اسٽيشن تان انڊرگراؤنڊ ۾ چڙهي اسين ٻڌايل ائڊريس تي پهتاسين، اتي اڳ ۾ ئي همراهه موجود هئا جيڪي اسان کي ٽارچر تي ڪم ڪندڙ اين جي او جي دفتر وٺي آيا.آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ هاڻي ڪيئن خبر پوي ته ڪهڙا ماڻهو ڪنهن جو انتظارڪري رهيا آهن تنهن ڪري سڃاڻپ لاءِ ساڳيو سنڌي طريقو استعمال ٿيو ته هڪ ٻئي کي ڪپڙن جو (يعني شرٽس جو) رنگ ٻڌايوسين. اسٽيشن تي لهڻ شرط همراهه ڳاڙهي گاڏي ۽ گاڙهي شرٽ سان پري کان نظر آيو. اسين ڏئي گاڏي ۾ وڃي ويٺاسين. ڊائينا جي آفيس شهر کان ٿورڙو ٻاهر هئي تنهن ڪري پراسرار پر وڻندڙ خاموشي ۾ وڪوڙيل عمارتون ۽ وڏا وڻ ڏسندا سسٽر ڊائينا جي آفيس پهتاسين.
    مسٽر ڊائينا گوئيٽي مالا ۾ هڪ ڪرسچن مشينري اسڪول ۾ ڪم ڪندي هئي کيس نومبر 1981ع ۾ ملڪ اندر عيسائيت ڦهلائڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪري ٽارچر هيٺ رکيو ويو. مشينري اسڪول ۾ ڪم ڪندڙ هڪ معصوم ڇوڪري هڪ قيامت جهڙي دنيا ۾ اک کولي ۽ کيس احساس ٿيو ته نفسياتي، روحاني، ذهني ۽ جسماني تشدد ڪيئن انسان جي عزت نفس کي ڇهو رسائي ٿو. هن ايني فرنيڪ وانگر ٽارچر ۾ به همٿ نه هاري ۽ پنهنجي حوصلي سان ٽارچر سهندي پنهنجي عزم جرائت ۾ اضافو ڪيو. هن جون ته اکيون ئي کلي ويون جنهن مهل هن هزارين انسانن کي ٽارچر ۾ ڏٺو. نيٺ هڪ وقت اهڙو آيو جو هو ته آزاد ٿي وئي ۽ پوءِ گهر واپس اچي هن تشدد خلاف عالمگير آواز بڻجڻ جو وچن ڪيو ۽ هڪ اهڙي جماعت جوڙي جيڪا انسان مٿان ٿيندڙ هر قسم جي تشدد خلاف مهم هلائي ٿي. ڪجهه سالن تائين سنڌ ۾ به تشدد جي عالمي ڏيهاڙي جي موقعي تي سنڌ نيشنل ڪانگريس (SNC) وارا دوست ڀلا پروگرام ڪندا هئا. انهن پروگرامن پٺيان مسٽر ڊائينا جي جماعت ۽ ان جي WSI سان ورڪنگ رليشن جي سپورٽ به موجود هئي پر پوءِ اها سرگرمي گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪري سگهي.
    مسٽر ڊائينا مون کان ۽ نصير ميمڻ کان پاڪستان جو حال احوال ورتو. WSIسان سنگت جي ڪري ان جماعت جي تقريبن سمورن مک اڳواڻن کي سنڌ، هتان جي سياسي ڪلچر، سياسي ڪارڪنن خلاف چاري رياستي تشدد ۽ خاص طور تي ايجنسين پاران گم ڪيل ورڪرن جي ڪافي ڄاڻ هئي. اسان کي سندس واتان ايترا تفصيل ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته انسان جي عزت نفس خلاف استعمال وڏي ۾ وڏو هٿيار تشدد آهي، پوءِ اهو جسماني هجي يا نفسياتي، روحاني هجي يا ذهني. ان خلاف گڏيل آواز اٿارڻ کپي.
    سندس آفيس ۾ ڪجهه ماڻهو اهڙا به هيا جن جي جسمن جا ڪجهه عضوا سلامت نه هئا ۽ اها ڳالهه اسان جي ڪامن سينس سمجهي ورتي هئي ته اهو همراهه ڪنهن نه ڪنهن تشدد جا وڪٽم آهن ۽ هاڻ هن تنظيم ۾ ڪم ڪري رهيا آهن.
    ڪچهري ڊگهي ٿيندي وئي. ڊائينا جي اکين جي چمڪ سندس معصوم چهري ۽ هلڪي ڦلڪي قد ڪاٺ جي برعڪس هڪ طاقتور ۽ سخت عزم جو ڏيک ڏئي رهي هئي. انهن ۾ حوصلو هو، بهادري ۽ اميد هئي، اسان جهڙي ماڻهن لاءِ، جيڪي اهي خواب ڏسون ٿا ته اسان جا سماج به دنيا جا اعليٰ ترين مهذب ۽ انسان قدرن جو خيال رکندڙ سماج بڻجڻ ۽ ان لاءِجاکوڙ ڪندڙ دلين لاءِ سسٽر ڊيانا جي اکين واري چمڪ ۾ وڏو اتساهه هيو. پوءِ هن سان امريڪي سياست، علاقائي ۽ عالمي سياست تي ڪچهري ٿي. گرم گرم ڪافين جي هر هر هلندڙ دور ۽ سندس موهيندڙ انداز گفتگو ۾ خبر ئي ڪونه پئي ته ٻن ڪلاڪن جو وقت گذري ويو آهي. ڪنهن بي ميٽنگ جو وقت ويجهو اچڻ جي ڪري نصير وقت جي نشاندهي ڪندي موڪلاڻيءَ جي ڳالهه ڪئي.
    موڪلائڻ مهل هن پنهنجو ڪتاب اسان کي تحفي طور ڏنو. اهو ڪتاب سندس پاران هر اجنبي ملڪ جي ٽارچر سيلن ۾ گذاريل المناڪ گهڙين جي هڪڙي هڪڙي لمحي جي لڱ ڪانڊاريندڙ داستان جو مجموعو آهي. سسٽر ڊائينا ڪتاب جي پهرين صفحي تي مون کي هيءُ سٽون لکي ڏنيون:
    “Together we can rid our world of torture. Thank you for your commitment to justue. You are a sign of hope.” Faithfull, Sister Dianna
    واپسيءَ تي ٽرين ۾ آءٌ ۽ نصير ان ڪچهري تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ لڳاسين اسين ٻئي ڪافي ايڪسائيٽڊ هياسين ۽ سسٽر پاران ٻنهي کي مليل ڪتابن تي لکيل سندس آٽوگراف پڙهڻ لڳاسين.
    هن ڪتاب ۾ ڊائينا آمريڪي حڪومت جي پاليسي تي سخت ڇوهه ڇنڊيا آهن. هن لکيو آهي ته دنيا ۾ جتي جتي به رياستي ڏاڍ ۽ تشدد آهي، جتي جتي به آمريتون، بادشاهتون ۽ غيرجمهوري حڪومتون آهن، امريڪا انهن جي مدد ڪري ٿو. گوئيٽي مالا ۾ به خانه جنگي ۾ به ساڳيا آمريڪي ادارا آهن جيڪي آمريڪي سرڪار پاران ملندڙ هٿيارن ذريعي اتان جي حڪومت جي مدد ڪن ٿا جيڪا عام ماڻهن ۾ مخالفن جو قتل عام ڪري رهي آهي.
    هن سياسي ڪارڪنن جي گمشدگي جي المئي تي هن ڪتاب اندر گهڻو لکيو آهي . اسان سان ڪچهري ۾ به هن سنڌ ۽ بلوچستان مان ايجنسين پاران گم ڪيل سياسي ڪارڪنن بابت ڳڻتي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو هو کيس اها ڄاڻ WSI جي دوستن فراهم ڪئي هئي ۽ هو به آمريڪي اختيارين سان ان ڏس ۾ لابنگ واري سرگرمين ۾ بهرو وٺي رهي هئي.
    هن هانءُ ڏاريندڙ واقعا لکيا آهن ان وقت بابت جڏهن کيس گولي هڻڻ لاءِ قتل ڪندڙ اسڪواڊ حوالي ڪيو ويوهو پر هو الائي ڪيئن بچي وئي. هو لکي ٿي ته کيس ان ڳالهه تي فخر ناهي ته هو امريڪي شهري هجڻ ڪري مرڻ کان بچي ئي پر ان کي ان ڳالهه تي ڳڻتي آهي ته ڪيئن آمريڪي سرڪار گوئيٽي مالا حڪومت جو ساٿ ڏئي آهي. جيڪا اپوزيشن ۽ عام ماڻهن جو قتل ڪري رهي آهي جنهن کي گڏيل قومن جو ادارو اڳ ۾ ئي نسل ڪشي قرار ڏئي چڪو آهي.
    دنيا ڪيتري نه تضادن ۽ هڪجهڙائين سان ڀري پئي آهي، اهي تفاد ۽ هڪجهڙايون ئي دراصل دنيا جي خوبصورت هجڻ جو اصل سبب آهي پر افسوس جو اها ڊائيورسٽي ۽ گوناگونيت انساني ڀلائي ۽ حقن، امن ۽ شانتي بدران تباهي لاءِ استعمال ڪئي پئي وڃي. روڊ تي هلندي دنيا جي سڀ کان وڏي طاقت جي سرزمين تي گهمندي ذهن ۾ ڪيترائي خيال ايندا رهيا. هن آمريڪي دوري دوران سانا ۽ ٻين سنڌي تنظيمن جي دوستن ڪيترن نه اهم ماڻهن ۽ ادارن سان ملاقاتن جو اهتمام ڪيو آهي. نصير ميمڻ چوڻ لڳو ته ڪيترو نه ضروري آهي ته سنڌ جي هر هڪ ماڻهو کي خبر پوي ته آمريڪا ۾ سندن بابت ڪهڙو اميج موجود آهي. هت سندن ڪهڙا دوست ۽ ڪهڙا دش۾ن آهن ۽ سنڌ مان ايندڙ همراهن کي اهڙي ماڻهن، فورسز، ادارن ۽ تنظيمن بابت ڄاڻ ڏيڻ ۽ انهن ادارن کي سنڌ بابت اپ ڊيٽ لاءِ هر وقت جاکوڙيندڙ پياري خالد هاشماڻي، منور لغاري، حميرا رحمٰن ۽ ٻين دوستن کي واقعي به جس هجي اهڙي چڱي ڪم لاءِ.
    منهنجو نصير ميمڻ سان ٿيندڙ پهريون ايترو ڊگهو سفر هو. هڪ مشهور چوڻي آهي ته ماڻهو جي خبر يا سفر ۾ پوندي آهي يا جيل ۾. سو جيستائين گڏجي جيل وڃو تيستائين هڪ ڊگهي ۽ ٿڪائيندڙ سفر ۾ گڏ هلي هڪ ٻئي کي وڌيڪ ويجها ٿياسين ۽ گهٽ ۾ گهٽ سفر ۾ مون نصير کي هڪ بهترين ساٿي طور ڏٺو. منهنجي بابت راءِ نصير ئي ڏئي سگهندو.


    آفتاب قاضي بار، ڪچهري ۽ ڪتاب

    مون واشگنٽن ۾ به ڏٺو ته دوست گهڻو ڪري گاڏيون ڇڏيون ريل گاڏي (انڊر گرائونڊ) رستي هڪ ٻئي ڏانهن وڃن ٿا، جيڪڏهن اهو دوست ڪنهن رش واري علائقي يا پري رهندڙ آهي.
    جنهن مهل آفتاب قاضي پنهنجي مبينا آفتاب بار تي اچڻ جي دعوت ڏني ته سندس گهر رش ‎واري علائقي ۾ هجڻ ڪري دوستن انڊر گرائونڊ رستي اچڻ جي صلاح ڏني. اها هڪ يادگار شام هئي. آفتاب قاضي جي خوبصورت ۽ ننڊڙي فليٽ تي.
    آفتاب قاضي سنڌ يونيورسٽي ۾ پروفيسر رهيو آهي. هو پنهنجي مختلف ۽ موڊي طبيعت جي ڪري، سنڌ جي ڪن اهم اشوز تي دلچسپ ۽ مختلف موقف رکڻ ڪري مشهور کان وڌيڪ متنازعه آهي. سندس اهڙي مختلف ۽ متنازعه راءِ جي ڊگهي لسٽ آهي پر تازو سندس پاران هڪ نئون بحث ڇيڙيو ويو آهي، جنهن ڪري سنڌ ۾ دوستن وٽ ڪافي تنقيد بحث هلندڙ آهي.
    هن هاڻي اهو ٿيسز پيش ڪيو آهي ته سنڌ جي قومي ٻولي سنڌي نه پر سرائيڪي آهي ۽ لطيف صوفي شاعر نه هو. آفتاب قاضي سان هڪ دفعو انٽرنيٽ تي ٿيل هڪ جهيڙي ۾ جڏهن ڪن دوستن سندس موقف بدران ذاتي زندگي تي ڇوهه ڇنڊيا ويا ته مون اها گذارش ڪئي هئي ته سنڌ جا ايڏا نالي وارا ماڻهو ائين نه ڪن ۽ کين اهو بحث بند ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي سين. مون آفتاب قاضي کي به ڪو نه ڏٺو هو پر مون هن جو ساٿ ان اصول تي ڏنو هو ته ڪا به راءِ رکڻ هن جو بنيادي حق آهي ۽ دوست هن جي زاتيات تي ڳالهائڻ بدران هن تي موقف ۽ راءِ تي تنقيد ڪرڻ جو حق رکن ٿا.
    ٻه سال اڳ جڏهن هو حيدرآباد آيو هو ته چاهڻ باوجود به ملاقات نه ٿي سگهي هو انهن ڏينهن ۾ وچ ايشيائي رياستن جي حوالي سان ڪن منصوبن تي محقق ۽ ٽرينر طور ڪم ڪرڻ جي ڪري اسلام آباد جي دوري تي آيل هو. پوءِ خبر پئي هئي ته هو پنهنجي ڳوٺاڻي ساٿين جي ڪچهرين ۾ وقت گذاري، ۽ ڪن ٻين دوستن سان ملاقاتون ڪري واپس هليو ويو هو.
    اڄوڪي ڪچهري آفتاب قاضي پاران رکيل هئي، جنهن ۾ آءٌ نصير ميمڻ، خالد هاشماڻي، اقبال ترين ۽ سائين علي نواز ميمڻ شريڪ ٿيڻا هياسين سائين هاشماڻي صاحب اسان کي پنهنجي روايتي تيز رفتاري سان گهمائيندي ڦيرائيندي (پنڌ ئي پنڌ) اچي پهچايو آفتاب قاضي جي فليٽ تي.
    منهنجي ۽ نصير جي اها متفقه راءِ هئي ته آرلينڊو کان واشنگٽن تائين جيڪي به ڪچهريون ٿيون انهن ۾ سڀ کان دلچسپ مناظرو آفتاب قاضي جي جاءِ تي ٿيو.
    ڇا ٻڌايان اوهان کي ته ڪيئن نه مون انهن چئن يعني علي نواز ميمڻ، خالد هاشماڻي، اقبال ترين ۽ آفتاب قاضي جي چهرن تي سنڌ جي چڱائي لاءِ ٿيندڙ هر ڳالهه تي سرهائي ڏٺي، ڪيئن نه وطن، ماڻهن ۽ ڌرتي جي موسمن کان دور رهندڙ انهن ماڻهن کي هر ان شيءِ مان پنهنجائپ جي خوشبو محسوس ڪندي ڏٺوسين جن جو حوالو وطن ۽ ماڻهن سان هجي.
    خبر ناهي ته اهي خبرون سفرنامي ۾ لکڻ جهڙيون آهن يا پڙهندڙن جا موڊ خراب ڪرڻ جو ذريعو. پر اهي خبرون حقيقت آهن تنهن ڪري جيئن اڳ ۾ ئي عرض ڪيم ته روڊ رستن جي ڳالهين ۽ پارڪن جا وڻ ڳڻائڻ بدران اوهان سان ماڻهن جون ڪچهريون شيئر ڪندس ته پوءِ اهي احوال ته ضرور برداشت ڪرڻا پوندا.
    اسان کي سولي جاءِ تي ويهاري دوستن چيو ته هاڻ ڪچهري ائين ٿا شروع ڪيون ته اسين ٻئي يعني آءٌ ۽ نصير ”اڄوڪي سنڌ“ جو منظرنامو پيش ڪيون ۽ پوءِ هڪ ڊگهي ۽ دوستاڻي ماحول واري ڪچهري شروع ٿي. سوال جواب ٿيا، اختلاف ۽ اتفاق ٿيا. جيئن جيئن مڌ جو جو مقدار وڌندو ويو. تيئن تيئن دليلن ۽ ڳالهائين جي رفتار وڌندي وئي.
    آمريڪا ۾ شايد ڪنهن اهڙي دوست سان ملاقات ٿي هجي جنهن کي ان ڳالهه جو احساس نه هجي ته جيستائين سنڌ اندر هڪ قومي ۽ سنڌ ۽ سنڌين جي ايجنڊا رکندڙ سياسي جماعت جڙي تيستائين پيپلزپارٽي مان هٿ نه ڪڍجي نه ته سنڌين جو وطن ايم ڪيو ايم ۽ وڪائو وڏيري جي ڳٺ جوڙ حوالي ٿي ويندو.
    اقبال ترين، خالد هاشماڻي، پيپلزپاڻي جي وڏيري ڪلچر تي تنقيد ڪرڻ باوجود به ان ٿيوري جي حق ۾ هيا ته پيپلزپارٽي مان في الحال هٿ ڪڍڻ ٺيڪ نه ٿيندو. اهو بحث پارلياماني سياست جي حوالي سان هلندڙ هو. آفتاب قاضي پنهنجي مخصوص اسٽائل ۾ هڪ انوکو ٿيسز پيش ڪيو. علي نواز ميمڻ صاحب هونئن ته پيپلزپارٽي کي ويجهو آهي، ۽ هو هر روز سنڌ جي ترقي جي حوالي سان محترمه بينظير ڀٽو شهيد کي موڪليل اي ميلز جي جواب ۾ محترمه وٽان آيل جواب خوشي وچان ڏيکاريندو هو. اسان دوستن کي سنڌ اندر پيدا ٿيندڙ هڪ نئين مڊل ڪلاس، انٽرپرونيئر ڪلاس جي اڀرڻ، نوجوانن پاران اين جي اوز ۽ سول سوسائٽي ميدان ۾ پوري دنيا ۾ تلاش ڪندڙ ۽ ملندڙ موقعن بابت تفصيلي ڄاڻ ڏني.
    آفتاب قاضيءَ جي انٽرنيٽ تي موجود شاعري، شاهه لطيف جي شاعري جي بهترين انگريزي ترجمي واري ويب سائيٽ ۽ نون منصوبن تي به ڪچهري ٿي.
    انهن ئي ڏينهن ۾ پيپلزپارٽي 2007 جي عام چونڊن لاءِ منشور جوڙي رهي هئي. ان حوالي سان به دوستن سان گفتگو ٿي ۽ ڪن دوستن چيو ته سندن راءِ به پيپلزپارٽي جي دوستن کي موڪليل آهي.
    چونڊ منشور ۾ سندن دلچسپي جو ٻُڌي خوشي واري حيرت ٿي. آءٌ اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته اهو ڏانءَ رڳو محترمه بينظير ڀٽو شهيد کي ئي ايندو هو ته هر ماڻهو کي ڪنهن نه ڪنهن ڪم ۾ ائين انگيج رکندي هئي جو هر ماڻهو پاڻ کي حصيدار سمجهندو هو. اهو ڪمال آرٽ هو بي بي جو. فردن کان وٺي ادارن تائين سندس رابطا پوري دنيا ۾ ڦهليل هيا. سندس شهادت کان پوءِ پيپلزپارٽي جو اهو پاسو ڪمزور ٿي ويو آهي. ڇاڪاڻ ته اهو رابطو محترمه جي پنهنجي سڃاڻپ ذاتي واسطن ۽ وڏي ڳالهه ته سندس پاران کيس موڪليل هر اي ميل کي غور سان پڙهڻ ۽ جواب ڏيڻ جي بنياد تي قائم ٿيل هو.
    ڪچهري عروج تي هئي. پيپلزپارٽي ۽ محترمه سوڌو سياست تي بحثن جا وڏا مورچا آيا ۽ ڪنهن نٿي ڄاتو ته ڪجهه وقت کان پوءِ محترمه شهيد ٿي ويندي ۽ سنڌ کي خوشحال ڏسڻ جي خواهشمندن جي هن ڪچهري ۾ ويٺلن کي سنڌ کي پهتل هڪ ناقابل تلافي نقصان کي ٽٽل دليل سان منهن ڏيڻو پوندو.
    ڪچهري پڄاڻي ڏانهن وڌڻ لڳي ته پياري آفتاب هڪ ڪتاب تحفي طور ڏنو جنهن جو ٽائيٽل هو
    The New Silk Roads
    “Transport and Trade in Greater Central Asia”
    مستقبل ۾ معاشي طور دنيا جي سڀ کان امير خطي وچ ايشيائي رياسن جي وسيلن، انهن جي اسٽريٽجڪ اهميت ۽ ان مٿان بدلجندڙ عالمي سياسي منظرنامي جي اثرن جا تفصيل پيش ڪندڙ هيءَ ڪتاب هڪ زبردست تحرير آهي.
    آفتاب قاضي ان ڪتاب لاءِ پاڪستان چيپٽر لکيو آهي جنهن ۾ مشهور زمانه گيس پائيپ لائين، افغانستان جي ريفرنس ۾ وچ ايشيائي رياستن سان پاڪستان جا مستقل جا اقتصادي لاڳاپا، چين ۽ يورو ايشيا ۽ ايران، چين، انڊيا ۽ روس جي معاشي اثر ۽ حڪمت عملين تي هن زبردست ڪتاب لکيو آهي. تيرنهن بابن تي ٻڌل پنج سو صفحن جي هن ڪتاب دنيا جي سڀ کان وڏي معاشي رزروايئر بابت اهم ڄاڻ موجود آهي ۽ خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي جو اسان جي هڪ دوست ان اهم دستاويز ۾ پاڪستان وارو باب لکيو آهي.
    مون واعدو ڪيو هو قاضي صاحب سان ته پاڪستان وڃي ان ڪتاب کي پڙهي ان تي ڪنهن مقامي سنڌي اخبار ۾ تبصرو لکندس ۽ پوءِ ڇاڪاڻ ته هاڻ واعدا پاڙڻ جي عادت وجهڻ جي ڪوشش ۾ هوندو آهيان تنهن ڪري واپسيءَ ۾ سندس ڪتاب تي روزاني خبرون اخبار ۾ تنقيدي مضمون شايع ڪرايو هيم ان مضمون جي ڪاپي ڪمپيوٽر وسيلي اسڪيمن ڪري آفتاب کي موڪلي هيم.
    آمريڪي دوري دوران مون ۽ نصير ڪافي ڪتاب پڻ خريد ڪيا پر انهن ٽنهي ڪتابن جو تذڪرو ان ڪري ڪرڻ ضروري هو. ڇاڪاڻ ته انهن ڪتابن جي ليکڪن سان جي ڪافي اشوز سان سڌوسنئون بحث مباحثا ٿيا، ڪچهري ٿي.
    سائين علي نواز آخري ٽرين جو وقت ٻڏائيندي اٿڻ جو حڪم جاري ڪيو. سمورن مهمانن سان گڏجي آفتاب کان موڪلايوسين. پاسي ۾ ٽي انڊرگراؤنڊ اسٽيشن هيا. سائين علي نواز به انڊرگراؤنڊ ويجهي هجڻ ڪري پنهنجي گاڏي گهر وٽ واقع ريلوي اسٽيشن تي ڇڏي آيو هو. اسين ڇاڪاڻ ته ميمڻ صاحب جي گهر ۾ ترسيل هياسين سو وڃي ٽرين کي پاسو ڏنوسين. اقبان ترين پنهنجي ڪار ۾ آيو هو، ان خالد هاشماڻي کي لفٽ جي آچ ڪندي ٻيو روڊ ورتو ۽ ائين هڪ يادگار ڪچهريءَ جا سرور محسوس ڪندا ميري لينڊ پهتاسين.


    آمريڪا جون صدارتي چونڊون ۽ پاڪستان

    آمريڪي سفر نامي کي پورو ڪري چڪو آهيان. واقعن، سياسي سرگرمين ۽ شخصيتن جي يادگيرين جا ايترا ته داستان موجود آهن جو دل چاهي ٿي ته پيو لکجي پر ضرور هر شيءِ جي هڪ پڄاڻي آهي. مٿان سنڌيڪا جي پياري نور احمد ميمڻ جي صفحن ۽ وقت جي پابندي تنهنڪري هاڻ ڳالهه ڪٿي نه ڪٿي کٽڻ گهرجي.
    ڪتاب ڇپائي جي آخري مرحلن ۾ آهي. سانا جي ايجنڊا ۾ هن ڪتاب جي مهورت جوپروگرام لکجي چڪو آهي، ڪتاب جي مهورت لاءِ ٻيهر سانا ڪنويشن ۾ جارج ڊبليو بش جي آبائي رياست ٽيڪساس جي شهر ڊيلاس وڃڻ جي تيارين ۾ آهيان ۽ انهيءَ دوران آمريڪي سياست جي سڀ کان وڏي سرگرمي يعني صدارتي چونڊن جي گرمي پنهنجي عروج تي پهتل آهي. هڪ ڏکي ۽ پاپولر مقابلي کان پوءِ آمريڪا جي سياسي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ ڪاري اميدوار ڊيموڪريٽس پارٽي جي نامزدگي حاصل ڪري ورتي آهي. آفريڪي نزاد بارڪ اوباما، آمريڪا جي اڳوڻي صدر بل ڪلنٽن جي زال ۽ نيويارڪ جي گورنر سينيٽر هيلري ڪلنٽن کي شڪست ڏئي اها نامزدگي حاصل ڪري ورتي ۽ ٻڌڻ ۾ آيو ته هيلري نائب صدر جي لاءِ اميدوار طور نامزد ٿيندي. آمريڪي صدارتي چونڊ به بلين ڊالرز تي راند آهي. جنهن ۾ ڪيترن ئي ڌرين جا مفاد لاڳاپل هجن ٿا. هوڏانهن آمريڪا ۾ صدارتي اميدوار جي نامزدگي لاءِ ٿيل مئي 2008ع واري راءِ شماري ۾ ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي جي هيلري ڪلنٽن ۽ ريپبليڪن اميدوار جان مڪين ڪاميابي حاصل ڪري ورتي هئي. آمريڪي سڌ سماءَ جي ذريعن مطابق هيمپشائر ۾ ٿيل پارٽي راءِ شماري ۾ ڊيمو ڪريٽڪ اميدوار هيلري ڪلنٽن پاران 39 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪرڻ کان پوءِ ۽ سندس مخالف اميدوار اوباما کي 36 سيڪڙو ووٽ ملڻ کان پوءِ هيلري ڪلنٽن جي نامزدگيءَ جا چانسز وڌي ويا هئا ۽ ان راءِ شماري کانپوءِ هيلري ڪلنٽن چيو هو ته آمريڪا کي هن وقت وڏن چئلينجن کي منهن ڏيڻو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن هو صدر بڻجي وئي ته عراق جنگ کي صحيح رخ ۾ ختم ڪندي. هن جو چوڻ هو ته وقت اچي ويو آهي ته اهڙو صدر چونڊجي جيڪو عوام لاءِ بيهي سگهي. سياست راند نه آهي پر جي عوام جي مهم آهي. ٻئي طرف صدارتي اميدوار جي نامزدگي جي مضبوط اميدوار ۽ سينيٽر بارڪ اوباما پنهنجي شڪست کي قبول ڪندي هيلري ڪلنٽن کي مبارڪون ڏنيون هيون. بارڪ اوباما جو چوڻ هو ته جيڪڏهن هو صدر چونڊجي ويو ته عراق جنگ ختم ڪندو. ۽ اتان فوج واپس گهرائيندو. هن چيو ته نائن اليون جي واقعن کي ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي.
    هوڏانهن پرائمري راءِ شماري ۾ ريپبلڪن اميدوار جان مڪين کي 37 جڏهن ته سندس مقابلي ۾ ميساچوسٽ جي اڳوڻي گورنر ميٽ رومني کي 29 سيڪڙو ووٽ مليا. آمريڪا ۾ صدارتي اميدوارن جي نامزدگي جي ڊوڙ ۾ شامل سينيٽر بارڪ اوباما کي ان ڪري به مضبوط اميدوار سمجهيو پئي ويو. ڇاڪاڻ ته هو چونڊ مهم دوران چوندو رهيو هو ته صدر بڻجڻ جي صورت ۾ هو عراق مان آمريڪي فوج واپس گهرائيندو.
    پرمئي جي آخر ۾ پرائمري چونڊن دوران بارڪ اوباما 2154 ووٽ کڻي ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جو حتمي اميدوار نامزد ٿي ويو. سندس آخري تقرير تي پوري دنيا ۾ ڇتي تنقيد ٿي هئي جو هن آخري تقرير ۾ دهشت گرديءَ خلاف جوڙيل عالمي جنگ، وچ اوڀر جي امن، ايران،عراق، افغانستان ۽ اسرائيل بابت اهوئي موقف اختيار ڪيو جنهن تي دنيا جي پر امن ماڻهن کي شديد اعتراضات آهن ۽ جنهن تي دنيا جو چوڻ آهي ته جيستائين آمريڪا پنهنجي انتهاپسندي واري پاليسين کي ختم نه ڪندو تيستائين دنيا ۾ امن قائم نه ٿي سگهندو.
    ان کان اڳ جڏهن بارڪ اوباما کي ڪن رياستن ۾ شڪست ٿي رهي هئي، ته هن جو موقف متوازن هو خاص طور تي صدارتي اميدوار جي نامزدگي لاءِ آخري ٻن رياستن مونٽانا ۽ ڏکڻ ڊڪوٽا ۾ پرائمري ووٽنگ دوران هليري ڪلنٽن جي شڪست ۽ بارڪ اوباما جي فتح کان پوءِ هن جي موقف ۾ تبديلي ايندي وئي، مونٽانا ۽ ڏکڻ ڊڪوٽا ۾ چونڊيل وفدن جا 31 ووٽ آهن، جنهن مان اڌ بارڪ اوباما کي مليا، جڏهن ته بارڪ اوبامه کي اڳ ۾ ئي 2 هزار 76 وفدن ۽ هليري کي هڪ هزار 9 سئو 17 وفدن جي حمايت حاصل هئي جڏهن ته ڊيمو ڪريٽ پاران صدارتي اميداور جي نامزدگي لاءِ 2 هزار هڪ سئو 18 وفدن جي حمايت گهربل هوندي آهي، ان کانسواءِ سپر وفدن مان هليري کي 292 ۽ اوباما کي 338 سپر وفدن جي حمايت هئي،آمريڪي سياست ۽ خاص طور تي صدارتي چونڊن تي اک رکندڙ مبصرن جو چوڻ هو ته سپر وفدن جي اڪثريت بارڪ اوباما جي حمايت ڪندي ۽ اوهان ڏٺو ته آخر ۾ ائين ئي ٿيو ۽ هڪ عورت جي مقابلي ۾ بهرحال هڪ مرد کي ترجيح ڏني وئي.
    اهڙي صورتحال بعد خابرو ادارن ان ڳالهه جو امڪان ڏيکاريو هو ته هليري پنهنجي شڪست تسليم ڪري وٺندي، ٻئي طرف هليري ڪلنٽن جي چونڊ مهم جي انچارج ٽيري مڪ ايلفي هڪ خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي چيو هو ته منهنجي خيال ۾ هليري اوباما کي نامزدگي جون مبارڪون ڏئي ڇڏيندي، بعد ۾ ٽيري مڪ ايلفي پنهنجي بيان جي ترديد ڪندي چيو هو ته هليري ڪلنٽن شڪست تسليم ناهي ڪئي ۽ هوءَ اڃا تائين صدارتي اميدوار جي نامزگي واري ڊوڙ ۾ شامل آهي. اوهان ڏٺو هو ان بيان ۾ ئي هيلريءَ جي شڪست موجود هئي.
    آمريڪا سياست ۾ صدارتي چونڊن جو پاڪستاني سياست تي وڏو اثر رهندو آيو آهي جتوڻيڪ پاڪستان ڏانهن آمريڪا جي پاليسين ۾ ڪو واضح فرق نه ايندو رهيو آهي پر جڏهن به ڊيموڪريٽس چونڊ کٽيا آهن ته پاڪستان تي دٻاؤ وڌيو آهي. هوڏانهن ريپبليڪن به پاڪستان اندر جهوريت بدران آمريتي حڪومتن کي وڏي وٿي ڏيندا آيا آهن. آمريڪا ۾ حڪومت ڪهڙي به ڌر هجي ان جو پاڪستاني سياست تي سڌو سنؤن اثر رهيو آهي. اوهان ڏٺو ته ڪيئن 2008 جي چونڊن کانپوءِ پاڪستان اندر حڪومت سازي ۾ پڻ آمريڪي سفارتخاني ذريعي آمريڪي حڪومت جي مداخلت جاري رهندي آئي ۽ هوڏانهن انهن ڏينهن ۾ ئي آمريڪا جي سڌ سماءُ جي ذريعن پڻ پاڪستان جي سياسي صورتحال ۾ دلچسپي ظاهر ڪندي سياسي اڳواڻن مٿان هر هر زور ته اهي هٽايل ججن جي بحالي، عدالتي سڌارن ۽ صدر پرويز مشرف جي مستقبل جي حوالي سان مسئلن تي قومي مفاد وٽان پاڻ ۾ ٺاهه ڪن، مشهور آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز پنهنجي هڪ خصوص ادارتي رپورٽ ۾ چيو ته پاڪستان ۾ هٽايل ججن جي فوري بحالي تمام ضروري آهي پر ان لاءِ اهو به ضروري آهي ته حڪومت ۾ شامل پارٽين جو پاڻ ۾ اتحاد به برقرار رهي.
    مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ وچ ۾ اختلافن جو حوالو ڏيندي اخبار لکيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي وزيرن جي استعيفائن کانپوءِ به حالتون پر اميد ۽ همت ڏياريندڙ آهن. ڇو ته نواز شريف استعيفائون ڏيارڻ کانپوءِ به حڪومت جي حمايت جاري رکڻ جو اعلان ڪيو هو، اخبار وڌيڪ لکيو هو ته جيڪڏهن صدر مشرف کي عهدي تان هٽايو ٿو وڃي ته ان جو سڄو اعزاز مسلم ليگ (ن) کي ويندو، اخبار اهو لکيو هو ته پاڪستان جي ماڻهن کي پڪ آهي ته آمريڪا صدر مشرف کي بچائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، ان حوالي سان اخبار پنهنجي حڪومت کي خبردار ڪيو آهي ته اها مشرف جي نه بلڪ جمهوري حڪومت جي حامي رهي، اخبار وڌيڪ لکيو آهي ته آصف زرداري ۽ نواز شريف کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته اتحادي حڪومت جي ختم ٿيڻ سان رڳو هڪ فرد کي فائدو ٿيندو.
    ان علاوه ٻيا اهم آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ ۽ اخبارون پاڪستاني سياست ۽ ان جي فيصلن ۽ پاليسين تي ڪنهن مهل حمايت ته ڪنهن وقت مخالفت ۾ لکنديون رهنديون آهين. تازو ڪارگل، ڊاڪٽر قدير خان، نيوڪيلئر پروگرام ۽ هندوستان سان لاڳاپن جي حوالي سان آمريڪي اخبارن ۽ رسالن ۾ وڏيون خبرون سرگرم آهن. تازو هڪ ڪتاب تي آمريڪي پريس ۾ وڏا چرچا آهن. ڪتاب ۾ لکيو ويو آهي ته پاڪستان ڪارگل ويڙهه دوران ڀارت خلاف ائٽمي ميزائيل استعمال ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو هو، اها دعويٰ 8 سال اڳ واشنگٽن ۾ آمريڪي صدر بل ڪلنٽن ۽ وزيراعظم نواز شريف وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهه جي حوالي سان هڪ نئين ڪتاب ۾ ڪئي وئي آهي، ڀارتي جي هڪ خابرو اداري موجب 586 صفحن تي مشتمل ” پاڪستان، آمريڪا ۽ عالمي ائٽمي هٿيارن جي سازش نالي ڪتاب جي ليکڪن ۽ تحقيقاتي صحافين ايڊرين ليوي ۽ ڪيٿرائن اسڪاٽ ڪلارڪ اها دعويٰ ڪئي آهي ته جولاءِ 1999ع ۾ جڏهن صدر ڪلنٽن بليئر هائوس ۾ نواز شريف سان ملاقات ڪئي، تڏهن ڪلنٽن نواز شريف کان پڇيو ته هو ڇا اوهان تي ڄاڻ آهي ته ائٽمي جنگ جو ڪهڙي حد تائين خطرو آهي، ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته پاڪستاني فوج ائٽمي ميزائيلن جي استعمال جي تياري ڪري رهي هئي، جواب ۾ نواز شريف چيو ته هو پنهنجي فوج جي اهڙي قدم کان اڻڄاڻ هو، صدر ڪلنٽن نواز شريف کي خبردار ڪندي چيو ته هن وٽ هڪ اهڙو بيان جاري ڪرڻ لاءِ تيار آهي ته جيڪڏهن وزيراعظم پنهنجي فوج واپس گهرائڻ کان انڪار ڪيو ته ڪارگل جو سڄو الزام پاڪستان تي هنيو ويندو، آمريڪي صدر نواز شريف کي ياد ڏياريو ته اسامه بن لادن کي انصاف جي ڪٽهري ۾ آڻڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ جي واعدي باوجود آءِ ايس آءِ مبينا طور دهشتگردي جي واڌاري لاءِ اسامه بن لادن ۽ طالبان سان ڪم جاري رکي رهي آهي ۽ اهو سڀ آمريڪي ڄاڻين ٿا.
    هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن پاڪستان اندر اڃا نئين جمهوري حڪومت جا پير به صحيح نموني ناهن لڳا ۽ آمريڪا ۾ صدارتي چونڊن جو ميڙو عروج تي آهي ته اهڙي ڪتاب جي اچڻ ڪري آمريڪا جي پاڪستان ڏانهن پرڏيهي پاليسي جي حوالي سان آمريڪي اخبارن ۾ وڏا ليک لکجي رهيا آهن.
    هوڏانهن نوازشريف به جنرل مشرف مٿان ڪارگل جي حوالي سان سياسي دٻاءُ وڌائيڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ٻي پاسي اوڳوڻي جنرل ۽ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي اڳوڻي هيڊ جنرل ڪياني جي جيو ٽي وي جي مشهور پروگرام ”ميري مطابق“ ۾ ڊاڪٽر شاهد مسعود کي ڏنل انٽرويو ۾ مشرف جي انتهائي غير ذميوار حڪمران هجڻ بابت ڪيل ڳالهين کان پوءِ مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف به مطالبو ڪيو آهي ته پاڪستان جي ائٽمي پروگرام کي نقصان پهچائيندڙ اصل ڪردار پرويز مشرف آهي ۽ جنرل (ر) گلزار جمشيد ڪياني جي انٽرويو بعد ڪارگل جي مس ايڊوينچر جي حقيقت قوم آڏو اچي وئي آهي، ان ڪري هاڻ ڪارگل واقعي جي مڪمل جاچ لاءِ ڪميشن جوڙي وڃي ۽ مشرف تي غداري جو ڪيس هلايو وڃي، هن راءِ ونڊ ۾ ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي اهو مطالبوڪيو، نواز شريف چيو ته سندس بيگناهي جي فوج جا جنرل به شاهدي ڏئي رهيا آهن، مشرف ڪتاب ۾ ڪوڙ ڳالهايو آهي، هن فوج جي عزت بچائڻ لاءِ سڄو وزن پنهنجي ڪلهن تي کنيو ۽ فوج جي عزت تي داغ لڳڻ نه ڏنو، هن چيو ته منهنجو ته سدائين موقف رهيو آهي ته ڪارگل واقعي جي جاچ ڪميشن جوڙي وڃي، مون کي ڏک آهي ته جنهن فوج جي عزت بچائڻ لاءِ مون ايترو ڪجهه ڪيو انهن ئي گهر جي ڀت ٽپي منهنجي گهر وارن ۽ مائٽن سان خراب سلوڪ ڪيو، منهنجي پوڙهي پيءُ ۽ ماءُ کي تنگ ڪيو ويو، نواز شريف چيو ته اسان جي خصوصي ڪاميٽي آئيني پئڪيج جو جائزو وٺي رهي آهي، هن چيو ته پرويز مشرف آئين سان غداري ڪئي آهي. تنهنڪري 12 آڪٽوبر ۽ 3 نومبر جي قدمن تي مشرف جو مواخذو ٿيڻ گهرجي ۽ مٿس غداري جو ڪيس هلايو وڃي، هن چيو ته اڳوڻي ڪور ڪمانڊر جي بيان بعد اهو ثابت ٿي ويو آهي ته ڪارگل معاملي تي بطور وزير اعظم مون کي بي خبر رکيو ويو، پرويز مشرف مون کي ڪجهه ۽ فوج کي ٻيو ڪجهه ٻڌائي رهيو هو، مشرف جو اهو چوڻ به ڪوڙ تي مبني آهي ته مون هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ چيو هو هن ڪتاب جي چپجڻ تائين ان اهم حساس قومي اشو تي پاڪستان توڙي آمريڪي پريس ۾ زبردست بحث هلندڙ آهي.
    ٻي پاسي آمريڪي سرڪار توڙي پريس جو اسامه جي حوالي سان سڄو زور پاڪستان مٿان آهي. ٻئي ڌريون اهو چونديون آيون آهن ته اُساما پنهنجي ساٿين سوڌو پاڪستان جي سرحدن وٽ لڪل آهي.
    انهن ئي ڏينهن ۾ اهي خبرون اچڻ لڳيون ته القاعده جو سربراهه اسامه بن لادن پاڪستان جي اتر ۾ واقع ڪي ٽو جبل ۾ لڪل آهي، هڪ عرب ٽي وي جي ويب سائيٽ موجب اسامه بن لادن کي ڳولڻ لاءِ آمريڪي سي آءِ اي پاڪستان جي قبائلي علائقن ۾ وڏي آپريشن جو ارادو رکي ٿي ۽ ان سلسلي ۾ قطر جي گادي واري هنڌ دوها ۾ آمريڪي فوجي اڏي تي آمريڪي فوجي ڪمانڊر جنرل ڊيوڊ پٽرس ۽ اسلام آباد ۾ مقرر آمريڪي سفير اين ڊبليو پيٽرسن ۽ ٻين جو هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اسامه بن لادن جي ڳولا لاءِ آپريشن جي منصوبي تي غور ڪيو ويو، رپورٽ موجب آمريڪي ڳجهي اداري سي آءِ اي اسامه بن لادن جي هماليه جي مٿين سطح تي موجودگي جي نشاندهي ڪئي آهي. ان صورتحال کان پوءِ پاڪستاني سرحدن اندر نيٽو يا اتحادي فوجن جي ڪارواين جي شروع ٿيڻ بابت به بحث هلندڙ آهي.
    آمريڪا ۾ رهندڙ مختلف ڌريون انهن اهم ترين اشوز تي مختلف موقف رکندڙ آهن. انهن جي موقف ۽ ان جي آمريڪي توڙي پاڪستاني سياست تي پوندڙ اثر هڪ الڳ بحث آهي جنهن کي في الحال سفر نامي سان نٿا اٽڪايون، باقي ايترو ضرور چئبو ته آمريڪا ۾ رهندڙ روشن خيال ماڻهن، سنڌين، بلوچن، پختونن ۽ سرائڪين جو موقف سدائين تنگ نظر سرڪاري موقف جي خلاف رهيو آهي ۽ اهي روشن خيال ڌريون چونديون آيون آهن ته پاڪستان جهڙي زبردست رياست کي چند ڌرين جي مفادن ڪنهن عوامي فلاحي ۽ پر امن رياست بڻائڻ بدران Rent a State (ڪرائي جو ملڪ) بڻائي ڇڏيو آهي.


    آمريڪا جا مختلف ٽائيم زون

    آمريڪا جا اڃان ٽي چار شهر ئي مس گهميو آهيان ته اندازو ٿيڻ لڳو آهي ته آمريڪا ملڪ نه پر مڪمل کنڊ آهي جنهن جي پکيڙ ايتري ته آهي جو کيس ڇهن مختلف ٽائيم زونس ۾ ورهايو ويو آهي. اهي ٽائيم زون ياد رکڻ وري نوٽس لکي تفصيل لکڻ انتهائي منجهائيندڙ مرحلو آهي سو آئون به هاڻ پنهنجا نوٽس ڏسي منڌل آهيان ۽ سوچي رهيو آهيان ته جس آهي پياري الطاف شيخ کي جنهن پنهنجي سفر نامي ۾ ايترن سارن شين کي ياد رکيو آهي.
    مون پاران آمريڪا جي مختلف ٽائيم زونس جي ورتل نوٽس ۽ الطاف شيخ جي ٻڌايل تفصيل ۾ ٿورڙوئي فرق آهي تنهن ڪري آئون الطاف جا ڪجهه نوٽس ورجائي رهيو آهيان. آمريڪا جنهن جو سرڪاري نالو دي يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا ”USA“ يونائيٽيڊ اسٽيٽس، فقط آمريڪا يا فقط ”دي اسٽيٽس“ پڻ سڏجي ٿو، پنجاهه رياستن جي فيڊرل ريپبلڪ آهي، جنهن مان 48 رياستن جو هڪڙو ئي وڏو چڪ يعني ٽڪرو ڪئناڊا ۽ ميڪسيڪو ملڪ جي وچ ۾ آهي ۽ باقي ٻن رياستن مان هڪ الاسڪا (جنهن بابت شروع ۾ ٻڌائي آيو آهيان، ته آمريڪا اها رياست روس وارن کان خريد ڪئي هئي، ڪئناڊا جي اولهه ڪنڊ تي آهي ۽ ٻي ”هوائي“ (Hawaii) رياست جيڪا دراصل ٻيٽن جو جهڳٽو آهي، آمريڪا ۽ جپان جي وچ ۾ پئسفڪ سمنڊ ۾ آهي. ان حساب سان آمريڪا کي پئسفڪ سمنڊ، برنگ سمنڊ، آرڪٽڪ سمنڊ، ائٽلانٽڪ سمنڊ، خليج ميڪسيڪو ۽ ڪئريبين سمنڊ ڇهن ٿا. هوائي رياست ۽ الاسڪا رياستن جا ته پنهنجا ٽائيم آهن، جو اهي آمريڪا جي باقي رياستن کان ڌار ۽ پري آهن ۽ انهن جا ٽائيم هوائي ٽائيم ۽ الاسڪا ٽائيم سڏجن ٿا. باقي 48 رياستون جيڪي هڪ پيس ۾ آهن، اتي اسان جي ملڪ پاڪستان يا انڊيا، ملائيشيا، ايران، جپان وانگر هڪ وقت هجڻ بدران چار ٽائيم آهن. مثال طور اسان وٽ پاڪستان ۾ صبح جا اٺ هوندا آهن ته انڊيا ۾ ساڍا اٺ ۽ بنگلاديش ۾ نو. اهو ان ڪري جو ڍاڪا، دهلي ۽ ڪراچي وغيره جي وچ ۾ وڏو فاصلو آهي ۽ هڪ شهر کان ٻئي شهر تائين سج جي روشني پهچڻ ۾ اڌ ڪلاڪ ڪن لڳائي ٿي. اهڙي طرح آمريڪا (USA) ايڏو وڏو آهي، جو نيويارڪ کان لاس اينجلس تائين سج نظر اچڻ ۾ چار ڪلاڪ لڳيو وڃن. يعني اڄڪلهه هتي صبح جو جنهن وقت سج نظر اچي ٿو (يعني سج اڀري ٿو) ان وقت هتي نيويارڪ ۾ صبح جا ڇهه ٿي رهيا هوندا آهن. ان وقت پاڪستان ۾ شام جا ٽي ٿي چڪا هوندا آهن، جو پاڪستان ۽ آمريڪا جي هن اوڀر واري حصي ۾ نو ڪلاڪن جو فرق آهي. يعني ڪراچي يا حيدرآباد ۾ جيڪو نئين ڏينهن جو سج نمودار ٿئي ٿو، اهو هتي نون ڪلاڪن بعد نظر اچي ٿو ۽ لاس اينجلس (ڪئليفورنيا) تائين پهچڻ ۾ هن کي ٻيا به چار ڪلاڪ لڳيو وڃن. ان ڳالهه مان به اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته هي ملڪ ڪيڏو وڏو آهي ۽ آهي به ته 48 ملڪن جو جهڳٽو جنهن جون ڪيتريون ٽيڪساز جهڙيون رياستون، اسان جي سڄي ملڪ کان وڏيون آهن.
    بهرحال ان حساب سان هتي (يعني هنن 48 رياستن ۾) چار ٽائيم زون ٺاهيا ويا آهن، جيڪي هن ريت آهن:
    • ايسٽرن ٽائيم.
    • سينٽرل ٽائيم.
    • مائونٽين ٽائيم.
    • پئسفڪ ٽائيم.


    آمريڪا جي خوبصورت هڊسن ندي

    هڊسن ندي نه رڳو نيويارڪ ۾ رهندڙن لاءِ هڪ اهم ندي آهي پر اها ندي آمريڪا جي چند سڃاڻپن مان هڪ آهي. مون کي اها ندي ڏسندي المنظر ڄامشوري وٽان ڪنهن دور ۾ اڇل ڏئي وهندڙ سنڌو جون ڇوليون ياد آيون. هيءَ ندي، ان جي تاريخ ۽ جاگرافي کي الطاف شيخ سهڻي نموني هيئين بيان ڪيو آهي.
    ويرازانو برج کان وٺي خبرناهي ڪيتريون پليون، هن نديءَ مٿان آهن. جتي ويرازانو برج آهي، اتي سمجهو ته هيءَ ندي هڊسن Hudson اچيو ٿي ختم ٿئي، پوءِ هن جو پاڻي ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ مليو وڃي ٿو. هڊسن نديءَ ج نالو هينري هڊسن نالي هڪ انگريز جهازران Navigator تان آهي، جيڪو 1609ع ۾ Half Moon نالي جهاز تي پاڻ سان ويهارو کن خلاصي کڻي، هيٺان ڪيوبا وٽان نڪتو هو ته چين ٿو وڃان. هن پنهنجي دماغ ۾ جيڪا چين لاءِ شارٽ ڪٽ اختيار ڪئي، اها کيس چين ته ڇا آفريڪا به نه وٺي وئي، هو هتي ئي آمريڪا وٽ ڀٽڪندو رهيو ۽ اچي هڊسن نديءَ جي ڇوڙ وٽ پهتو هي ندي ويڪري ۽ Navigable ۽ هجڻ ڪري هن کي احساس ئي نه ٿيو هو ڪنهن نديءَ جي منهن وٽ پهچي ويو آهي. هو ان کي سمنڊ جو حصو سمجهي يا ڇين جي ڪاندي سمجهي اڳتي وڌندو رهيو ۽ 150 ميل وڌيڪ طي ڪرڻ بعد جڏهن هو اڄ واري الباني ۾ پهتو ته پوءِ ان کي احساس ٿيو ته هيءَ ڪا ندي ئي ٻي آهي ۽ ان کان پوءِ وڃي هن نديءَ تي نالو ئي هڊسن ندي پبجي ويو. ڇا ته سکر ڏينهن هئا، جڏهن ههڙا سڄڻ سفر تي هليا ٿي. غلطين ڪرڻ بدران به ماڻهن کي ڀلا لڳا ٿي ۽ صحيح هنڌ بدران غلط هنڌ پهچڻ تي کين Explanation Call يا نوڪريءَ مان ڪڍڻ بدران، سندن نالي ڌرتيون، نديون، بندرگاهه ٿي ويا ٿي. بهرحال ٽن ڏينهن ۾ جهاز اڄ جهڙا ارام وارا ۽ ماڊرن نه هئا. سڙهن ۽ چپن تي ٻيرا هاڪاريا ويا ٿي. اڄ جي کاڌي پيتي ۽ ٻين سهوليت بدران تن ڏينهن ۾ انهن گهاٽن جهنگلن مان وهندڙ ندين ۾ مڇرن ۽ ٻين جيتن، هنن جهازين کي پٽيو ٿي. بيمار ٿيڻ تي ڪا دوا درمل يا ڦڪي ستي نه هوندي هئي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان فقط انهن جو تفصيل ڄاڻون ٿا، جن جهازين کي ڪنهن ٻيٽ جي مهمان نواز جوان ڇوڪرين چمين ۽ ڀاڪرن سان آڌڏرڀاءُ ڪري، سندس زندگي ڀر جون غلام ٿي رهيون ٿي ۽ اسان جا جهازي ماريءَ وانگر پنهنجا ڪک ياد ڪري وطن ورڻ جي وائي آلاپڻ بدران، سڀ ڪجهه وساري ان ٻيٽ تي رهي پيا ٿي، پر اهڙا تمام ٿورڙا خوش نصيب، گهڻي ڀاڱي اسان جا جهازي ڀائر ڌارين ڌرتين جي جنگلي قبيلن حوالي ٿي کاڄي ويا ٿي. هنن کي ڦودني جي پنن ۽ گوبي بصرن سان گڏ ٽهڪندڙ پاڻيءَ جي وڏي ديڳ ۾ وجهي رڌڻو ويو ٿي. ڪيترن هنڌن تي ته اهڙا آدم خور قبيلا رهيا ٿي جن انگريزن جهازين کي بنا رڌڻ جي کائي کپائي ڇڏيو ٿي ۽ جڏهن هو موٽن ئي نه ته سندن بدنصيبي جا قصا ڪهاڻيو ڪير ٻڌائي ورلي ڪو خلاصي ڀڄي نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندو هو ته اهو اچي باقي ساٿين جون خبرون ڪندو هو.
    هيءَ ندي چار هزار فٽن جي بلنديءَ تان Adirondack نالي جبلن تان شروع ٿئي ٿي ۽ اٽڪل 315 ميلن جو فاصلو طئي ڪري، مئن هٽن (نيويارڪ) وٽ اچيو دنگ ڪري. اڳ زماني ۾ نه موٽر ڪارون هيون، نه پڪا رستا، ماڻهن جو سگفر ٻيڙين رستي ٿيندو هو ۽ ملڪ جي اندورني حصن ۾ ٻيڙين رستي پهچندا هئا. هيءَ هڊسن ندي هتي جي اصلوڪن باشندن Natrive Americans لاءِ سفر جو اهم روت هئي. يورپين جي پهچڻ تي هنن لاءِ به هيءَ ندي سفر لاءِ اهم ثابت ٿي. هن نديءَ ذريعي هنن ملڪ جي اندروني حصن تائين پهچي واپار وڙو ڪيو ٿي. هيٺ ڏکڻ ۾ مسي سپي ندي به هڪ اهم ندي آهي ۽ هن هڊسن نديءَ کان به تمام گهڻو ڊگهي آهي پر مسي سپي ندي اٽڪل ٻه سؤ سال رکي پوءِ سفر جوڳي ثابت ٿي.
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هڊسن ندي قدرتي طرح سهڻي آهي، ٻنهي پاسن کان جنگل، جبل ۽ رڻ پٽ هن کي سونهن بخشين ٿا ۽ ان سونهن جي ئي ڪري ڪيترا ماڻهو هن نديءَ کي “America`s Rhine” سڏين ٿا. ڪنهن شاعر هن هڊسن نديءَ لاءِ چيو آهي؛
    Water flows from high in the mountains,
    Water runs deep in the Warth.
    Airaculously, Water comes to us,
    And sustains all life.
    هڊسن ندي نيويارڪ رياست جي وچ ۾ بائونڊريءَ جو ڪم ٿي ڏئي هڊسن ندي ٽپڻ لاءِ ڪيتريون پليون ۽ سرنگهون (Tunnels) آهن. ندي4 جي هيٺين حصي جي ويڪر وڏي هئڻ ڪري، جيڪي پليون ۽ سرنگهون ٺاهيون ويون آهن، اهي اڄ به انجنيئرنگ جا ڪارناما آهن، جن مان هڪ ويرازانو آهي ان کان علاوه جارج واشنگتن برج، لنڪن ۽ هالنڊ ٽنل پاٿ (PATH)۽ پينسلوانيا ريل روڊ ٽيوب، هن نديءَ مٿان يا تري کان گهڻو هيٺي گذرن ٿا. واٽر فورڊ وٽ Troy_Waterford پل هن نديءَ مٿان پهرين پُل هئي. جيڪا 1809ع ۾ شروع ٿي .
    Rensselaer ۽ سراتوگا ريل روڊ 1835ع ۾ شروع ٿيو، جڏهن ريل کي گهڙا ڇڪيندا هئا. گرين آئلنڊ برج به اوائلي پلين مان هئي جيڪا هن نديءَ مٿان اڏي وئي.


    ورجينيا جا لاري ڪيورنز غار

    هڪ ڏينهن ويٺي ويٺي سرفراز ميمڻ جي مٿي ۾ ڪو خيال آيو ۽ رڙ ڪري چيائين ته ادا اٿو ته اوهان کي دنيا جو هڪ نئون عجوبو ڏيکاريان. تڙ تڪڙ ۾ گاڏي ۾ سرفراز ميمڻ، سائين علي نواز ميمڻ، نصير ۽ آءٌ روانا ٿياسين هڪ اڻ وسرندڙ اسڪاءِ لين ڊرائيو تي. خوبصورت لينڊ اسڪيپ، بهترين سهولتن سان ٽمٽار ٻهراڙيون لتاڙيندا اچي پهتاسين ورجنيا جي لاري ڪيورنز غارن واري پوائنٽ تي جيڪا واقعي به ڏسڻ کان پوءِ لڳو هو ته نه رڳو دنيا جو عجوبو آهي پر قدرت جي بهترين پينٽنگ جو نالو آهي يا شايد ايبسٽريڪٽ آرٽ جو نمونو آهي.
    ميري لينڊ کان اسڪاءِ لين ڊرائيو به آمريڪا ۾ سياحت لاءِ ويندڙن لاءِ هڪ زبردست ۽ ڪڏهن به نه وسرندڙ منظرنامي جو نالو آهي. سرفراز ميمڻ ٻڌايو ته هيءَ حسين جڳهه اڃان ڪيترن ئي مقامي آمريڪنز لاءِ ئي نيئين آهي. اسين ڪلاڪن جا ڪلاڪ روڊ تي هلندا وياسين. خوبصورت ۽ طويل شاهرائون کٽڻ جو نالوئي نه وٺي رهيون هيون.
    1878 ۾ هڪ مقامي فوٽوگرافر پاران دريافت ٿيل هيءَ خوبصورت جڳهه هن وقت نه رڳو اوڀر آمريڪا جي مشهور ترين ٽوئيرسٽ پوائنٽ آهي پر هت روز سوين سياح غار ڏسڻ اچن ٿا. آمريڪي سياحت جي ڪتاب ۾ هن جڳهه لاءِ لکيل آهن.
    Must see U.S. natural landmark awaits your discovery. ايسٽ آمريڪا ۾ شندو ويلي Shenandoah Valley اهڙي زبردست جڳهه آهي جتي کوڙ سارا تاريخي ۽ ثقافتي منظر موجود آهن سياحن جي دلچسپيءَ لاءِ. غارن جي پاسي ۾ ئي پراڻي زماني جي موٽر گاڏين جو هڪ بهترين ميوزم نما شوروم موجود آهي جتي 1725 کان 1950 تائين جي بهترين گاڏين جا ماڊل نمائش لاءِ موجود آهن.
    واشنگٽن، ميري لينڊ، ورجينيا، پينسلوانيا ۽ آس پاس جي شهرن ۾ ويندڙ دوستن کي صلاح ڏيندس ته اهي عجوبا ضرور ڏسن.


    آمريڪا جون نديون، درياهه، ڊيم ۽ ماحوليات

    آمريڪا قدرتي وسيلن، ماحوليات، پاڻي ۽ پيداوار جي ڏس ۾ هڪ زرخيز سرزمين جو نالو آهي. آمريڪا جو ايريگيشن توڙي واٽر سپلاءِ جو نظام دنيا جي جديد ترين نظامن ۾ شامل آهي. پر ڪيترن ئي همراهن کي اهو ٻڌي حيرت ٿيندي ته آمريڪا جا پاڙيسري رياستن توڙي پنهنجن ئي رياستن اندر ڪيترائي پاڻي تڪرار موجود آهن ۽ انهن مان ڪي تڪرار ايترائي پيچيده آهن جيترا پاڪستان اندر. آمريڪا خوشحالي هوندي به ڏڪار ۽ disaster اچن ٿا ۽ انهن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ وڏا وڏا اُڀاءُ ورتا وڃن ٿا. آمريڪا ۾ به باقي دنيا نارٿ ۽ ساؤٿ جو جهيڙو آهي ۽ رياستن جي اندروني جهيڙن جي ڪري تقريباً 30 وڏا ڊئم ختم ڪيا پيا وڃن. آمريڪا اندر مختلف رياستن وچ ۾ وهندڙ درياهن تي به وڏا تڪرار موجود آهن. مثال طور قطابا ندي (Catawba Wateree River) تي نارٿ ۽ ساؤٿ ڪيرولينا وچ ۾ تڪرار موجود آهي. ويسٽرن نارٿ ڪيرولينا ۾ وهندي ساؤٿ ڪيرولينا پهچندڙ قطابا ندي جي وهڪري تي ساؤٿ جي پيئڻ جي پاڻي جو سڄو بار آهي ۽ اوهان کي ٻڌي حيرت ٿيندي ته پيئڻ جي پاڻيءَ جي کوٽ جو بحران آمريڪا جهڙي ترقي يافته ملڪ ۾ به موجود آهي.
    آمريڪن رورس (American Rivers) واشنگٽن ۾ موجود هڪ اهڙي تنظيم آهي جيڪا پاڻي، ماحوليات ۽ ڊئمن جي اشوز تي ڪم ڪري ٿي. ان تنظيم جو چوڻ آهي ته گلوبل وارمنگ، ماحولياتي گدلاڻ ۽ رياستن وچ ۾ جاري تڪرار جي نتيجي ۾ آمريڪي رياست جو هڪ وڏو حصو اريگيشن توڙي پيئڻ جي پاڻيءَ جي حوالي سان ڪنهن وڏي بحران جي ور چڙهي سگهي ٿو. واضح رهي ته آمريڪي رياستن جي وچ ۾ واضح قانون ۽ آئين هجڻ ڪري ۽ عدليه جي مضبوط هجڻ ڪري ڪافي تڪرارن جو حل ٿيندو پيو وڃي نه ته صورتحال سنڌ پنجاب تڪرار کان به چڙهيل آهي.
    ٻي پاسي فلوريڊا. الاباما ۽ جارجيا وچ ۾ پڻ پاڻيءَ جي ورهاست بابت ڪيترائي تڪرار موجود آهي هوڏانهن واشنگٽن ۽ سندس ڪافي شهرن ۾ به درياهن جي پاڻي جي منصفاڻي ورڇ جو تڪرار موجود آهي ان تڪرار جي نبيري لاءِ ڪيترائي مذاڪرات هلندڙ آهن. ورجينيا بمقابله ميري لينڊ اڃان ٻيو تڪرار آهي. هوڏانهن واشنگٽن ۾ قديمي مقامي ماڻهن جي اعتراض تي سنيڪ ڊئم ختم ڪري ماحوليات کي بچائڻ جي ڪوششن جا واعدا پڻ ڪيا پيا وڃن.
    American Rivers موجب هن وقت آمريڪا جون هيٺيون نديون زبردست ماحولياتي خطري، دٻاؤ ۽ تڪرارن جي ور چڙهيل آهن. آءٌ رڳو پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ انهن جا نالا ڏئي رهيو آهيان ڇاڪاڻ ته هر هڪ ندي ۽ درياهه جي تڪرار تي لکڻ معنى ته ٻه ٽي سؤ صفحا ٻيا گهرجن.
    1- Catawba-Wateree River in North Carolina and South Carolina
    2- Rogue River in Oregon
    3- Poudre River in Colorado
    4- St.Lawrence River in New York and Canada
    5- Minnesota River in Minnesota
    6- St.Johns River in Florida
    7- Gila River in New Mexico and Arizona
    8- Allagash Wilderness Waterway in Maine
    9- Pearl River in Louisiana and Mississippi
    10- Niobrara River in Nebraska


    پوسٽ ڪارڊز

    اوهان ڪنهن به ملڪ جي دوري تي وڃو. اُتي جا مشهور ماڳ، جڳهيون، تاريخي عمارتون، ميوزم، پارڪ وغيره جيڪا به جڳهه گهمڻ ڦرڻ وڃو ته ڪيترن ئي خوبصورت اکين جي فريم مان نڪتل مختلف تصويرون ۽ پوسٽ ڪارڊز اوهان جو استقبال ضرور ڪندا.
    روائتي ٽوئرسٽ، اهي ٻار هجن يا جوان، پوڙها هجن يا مرد توڙي عورتون پنهنجي پنهنجي پسند جا ڪارڊز کڻندا آهن. مون آرلينڊو کان وٺي نيويارڪ ۽ واشنگٽن تائين مختلف جڳهين جا چڪر ڪاٽيندي نه رڳو ڪيترائي پوسٽ ڪارڊ پاڻ به ورتا پر ڪيترن ئي ماڻهن کي مختلف قسم جا ڪارڊز پسند ڪندي ڏٺم.
    پوسٽ ڪارڊ ڪلچر به گهمڻ ڦرڻ واري جهان جو هڪ دلچسپ ۽ يادگيرين کي برقرار رکڻ جو خوبصورت ذريعو آهي. پياري تاج نظاماڻيءَ پاران تحفي ۾ ڏنل ذزني ورلڊ ۽ هالي ووڊ اسٽوڊيوز جي پوسٽ ڪارڊن کان وٺي نيويارڪ ۾ مجو پاران آزاديءَ واري جڳ مشهور مجسمي جي تحفي طور ڏنل ڪارڊز ۽ سرفراز ميمڻ پاران ورجينيا ۾ واقع دنيا جي هڪ نئين عجوبي لوري ڪيورنز (غارن) جي تصويرن کان ويندي واشنگٽن ۾ واقع يونائيٽيڊ اسٽيٽس جي هولو ڪاسٽ ميموريل ميوزم مان خريد ڪيل ٻي عالمي جنگ دوران نازين پاران ڪيل ڏوهن جي تصويري رڪارڊ جا پوسٽ ڪارڊز خريد ڪرڻ تائين. هر هڪ ڪارڊ هڪ ڪهاڻيءَ جو اسڪرپٽ آهي. هاڻ جڏهن آءٌ هن سفرنامي لکڻ مهل انهن پوسٽ ڪارڊز کي ڏسان ٿو ته سفر جي پوري فلم ٻيهر اکين اڳيان هلڻ شروع ٿيو وڃي. هڪڙو هڪڙو پوسٽ ڪارڊ هڪ منفرد ڪهاڻي آهي ۽ چاهيان ته ڪيترائي صفحا هڪڙي هڪڙي پوسٽ ڪارڊ تي لکي سگهان ٿو.
    خبر ناهي ته اهو ڪلچر ڪنهن ۽ ڪڏهن ايجاد ڪيو پر اڄ جڏهن پنهنجن ننڊڙن ٻارڙن کي پوسٽ ڪارڊن وسيلي پنهنجي سموري سفر جو داستان سمجهائيڻ لڳندو آهيان ۽ جيئن دلچسپيءَ سان هو اهو سفر گڏ ڪرڻ لڳندا آهن، ان مان محسوس ٿيندو آهي ته اهي خاموش پوسٽ ڪارڊز ڪيتريون ئي زندهه ڪهاڻيون سانڍيو هلن ٿا. شايد ڪتاب ۽ دستاويزن وانگر پوسٽ ڪارڊز به يادگيرين سان گڏوگڏ تحقيق لاءِ زبردست مواد آهي.


    الوداع

    مسافري ڪنهن ملڪ جي هجي يا دنيا جي، سفر ته هڪ ڏينهن پورو ٿيڻو آ ۽ مسافر کي نيٺ هلڻو آ. منهنجي هن سفر جي به نيٺ پڄاڻي آهي. صبح سوير مون ۽ نصير ميمڻ پنهنجا سفري بيگ تيار ڪري رڌڻي ڏانهن رخ ڪيو ته سائين علي نواز تيار ٿيو چانهه پي رهيو هو. اسان کي ڏاڪڻيون چڙهندي ڏسي چوڻ لڳو ”ادا تياري ٿي وئي...... ڪجهه ڏينهن اڃان ترسي پئو ها ته ڪچهريون ٿين ها.“ الوداع اکر هونئن ئي اداس ڪندڙ آهي سو اها ڳالهه ٻڌي اُداسي ٿي ته نيٺ هلڻو آهي.
    سائين علي نواز ۽ اسان ڪچهري ۾ لڳي وياسين ۽ سرفراز ميمڻ جو انتظار ڪرڻ لڳاسين جو ايئرپورٽ روانو ٿيڻو هو. ان وچ ۾ اقبال ترين ۽ خالد هاشماڻي جو فون آيو ته هو به اسان کي ڊراپ ڪرڻ ايئرپورٽ هلندا ۽ اهو طي ٿيو ته اسين سڀ اقبال ترين جي آفيس ۾ گڏ ٿينداسين.
    اقبال ترين جي آفيس ۾ ٿيل ڪچهريءَ جو حال احوال آءٌ ٻي هنڌ ڪري چڪو آهيان سو قصو مختصر نيٺ اچي واشنگٽن جي بين الاقوامي هوائي اڏي تي پهتاسين. ان وچ ۾ مجال جو هڪ منٽ لاءِ خاموش رهيا هجون. سنڌ ......... سنڌ....... سنڌ، هر شخص جي هر بحث، تبصري ۽ خيال جو محور سنڌ هو. چيڪ ان ٿيڻ کان ٿيندي ڊيپارچر لائونج جي آخري ڇڙي تائين سرفراز، اقبال ۽ هاشماڻي اسان ائين بيٺل هئا ڄڻ اسين ڪي زندگيءَ جي پهرين سفر تي نڪتل ننڍڙا ٻار هجون ۽ هو اسان جا مائٽ.
    الوداعي ڀاڪر........ وري آمريڪا اچڻ يا کين پاڪستان ۾ ڏسڻ جا وچن.......... آمريڪا جي پوري سفر ۾ سموري سنگ پاران مليل محبتن جو پسمنظر .......... يادگيرين جي ڪيسٽ روائينڊ ٿيڻ لڳي......... دل اُداس ۽ اکيون ڀاري ٿيڻ لڳيون.
    جهاز جي ٽيڪ آف ٿيڻ تائين سوين خيال دل ۾ ايندا رهيا ۽ جهاز جي ٽيڪ آف ٿيندي اُداس نظرن سان آمريڪا جي خو بصورت لينڊ اسڪيپ ڏانهن نهار ڪندي مون پنهنجن ڇڏي آيل دوستن ۽ آمريڪا کي هڪ ٿڌو ساهه ڀريندي دل ئي دل ۾ چيو الوداع....... الوداع.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 493
    ڪتابن جو مشاهدو: 465638
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 186505
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ