ڪتاب جو نالو: ماڻهوءَ جو اصل امتحان
مصنف: نور احمد ميمڻ
ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي
ڪيٽيگري: ڏاهپ / اخلاقيات
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 09 مارچ 2017 ع
پڙهيو ويو: 754 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 387 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”ماڻهوءَ جو اصل امتحان“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ نور احمد ميمڻ صاحب آهي.
هي ڪتاب چونڊ مضمونن تي مشتمل آهي جيڪي اعليٰ انساني ڳُڻن جي ذريعي زندگيءَ ۾ اطمينان ۽ سلامتي ۽ ڪاميابي جي حاصلات جو نفسياتي، سماجي ۽ خدائي طريقو آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • سنڌ سلامت پاران
  • فهرست
  • سخاوت انسانيت جو هڪ بنيادي اخلاق : اوهان ٻين کي ڇا ٿا ڏئي سگهو؟
  • فيملي ڪلچر ڪٿي اوهان جي شخصيت کي تباهه ته نه ڪري رهيو آهي؟
  • اوهان جي زندگيءَ ۾ اطمينان ۽ سلامتيءَ جي اڻهوند ڇو آهي؟
  • ڇا سچ جي ڳولها لاءِ واقعي اوهان سنجيده آهيو؟
  • هن دنيا ۾ ماڻهوءَ جو اصل امتحان آهي ڪهڙو؟
  • شيطان جا ساٿي طبقا اوهان جي چوڌاري موجود آهن
  • ڇا اوهان کي الله تي ايمان جو عملي صورتون معلوم آهن؟
  • جي توحيد ۽ شرڪ کي نٿا ڄاڻو ته پوءِ مسلماني ڪهڙي ڪم جي آ؟!!
  • سنڌ صدين کان وحدانيت جو گهوارو رهي آهي
  • ڇا اوهان کي پنهنجي ٽن تخليقي خاصيتن جو ادراڪ آهي؟
  • وڏي ڪتاب جي وڏي حاصلات کان محرومي ڇو؟
  • عبادتون اسان کي ڇا ٿيون ڏين؟
  • سڀئي شريعتون اخلاق کي ترقي ڏيارڻ لاءِ هيون
  • ڪاميابي ۽ ڪامرانيءَ جا خدائي قانون
  • قرآني مشن جي تڪميل
  • پيغمبر اسلام جي نبوت جا ٻه درجا
  • برو هو ڀنڀور آرياڻيءَ اجاريو

  • حق ۽ واسطا

    سڀ حق ۽ واسطا ڇپائيندڙ وٽ محفوظ

    پهريون ڇاپو: 2015ع
    ڪتاب جو نالو : ماڻهوءَ جو اصل امتحان
    ليکڪ: نور احمد ميمڻ
    ڪمپيوٽر لي آئوٽ: امان الله ڀٽي
    ڇپيندڙ: ذڪي سنز پرنٽرس، ڪراچي
    ڇپائيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
    قيمت : 200/= رپيا



    "MAANHO-A JO ASAL IMTIHAAN”
    (Articles)
    By: Noor Ahmed Memon
    Published by: Sindhica Academy,
    B-24, National Auto Plaza, Marston Road, Karachi-74400
    Email: sindhicaacademy@gmail.com

    اسٽاڪسٽ
    سنڌيڪا اڪيڊمي B-24 ، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي74400. فون: 32737290-021
    سنڌيڪا بوڪ شاپ: شاپ نمبر5، ميزنائين فلور، حيدرآباد ٽريڊ سينٽر، حيدر چوڪ ، -03133692150
    سنڌيڪا بوڪ شاپ، 19 بلديه پلازه گهنٽا گهر چوڪ سکر فون: -03352233803 03013431537
    العماد بوڪ سيلرز، اردو بازار، ڪراچي فون: 0212214521 ، 0300-343115
    ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور اردو بازار ڪراچي- ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، عزيز ڪتاب گهر بئراج روڊ، بخاري ڪتاب گهر، قادري بوڪ اسٽور، مهراڻ بوڪ اسٽور، مجاهد بوڪ اسٽور نيم ڪي چاڙهي سکر- ڀٽائي بوڪ هائوس حيدرآباد03223011560 - سنڌي ادبي بورڊ بوڪ شاپ، تلڪ چاڙهي حيدرآباد- شاهه لطيف بوڪ شاپ، ڀٽ شاهه- عثمانيه لائبريري، چنيهاڻي ڪنڊيارو، - نيشنل بوڪ اسٽور، نوراني بوڪ ڊپو بندر روڊ، رابيل ڪتاب گهر اسٽيشن روڊ، رهبربوڪ اڪيڊمي رابعا سينٽر بندر روڊ لاڙڪاڻو- مدني اسلامي ڪتبخانو، نئون چوڪ دادو- حافظ بوڪ اسٽور مسجد روڊ، خيرپور ميرس - المهراڻ ڪتاب گهر، زاهد بوڪ ڊپو، سانگهڙ- سيد ماس ميگا اسٽور، جيڪب آباد- ميمڻ بوڪ اسٽور، شاهي بازار نوشهروفيروز- حافظ اينڊ ڪمپني، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه- ديدار بوڪ ڊپو، ٽنڊوالهيار- رفعت بوڪ هائوس، ماتلي- مرچو لال پريمي، بدين- مڪتبه يوسفيه، ميرپورخاص. فون. 0300-3319565، عطار ڪتاب گهر، بدين، مهراڻ ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ، حافظ ڪتاب گهر، کپرو، سنڌ ڪتاب گهر، مورو، وسيم ڪتاب گهر لکي در. سعيد بوڪ اسٽور، شڪارپور. سومرا بوڪ اسٽور ميهڙ، ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ 8948535-0346 ، مڪتبه امام العصر گهوٽڪي، 03033695037


    لکپڙهه لاءِ
    سنڌيڪا اڪيڊمي
    B-24، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي 74400
    فون: 021-32737290 ، ويب سائيٽ: www.sindhica.org
    اي ميل:sindhicaacademy@gmail.com


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ماڻهوءَ جو اصل امتحان“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ نور احمد ميمڻ صاحب آهي.
    هي ڪتاب چونڊ مضمونن تي مشتمل آهي جيڪي اعليٰ انساني ڳُڻن جي ذريعي زندگيءَ ۾ اطمينان ۽ سلامتي ۽ ڪاميابي جي حاصلات جو نفسياتي، سماجي ۽ خدائي طريقو آهن.

    هي ڪتاب 2015ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊميءَ پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سنڌيڪا اڪيڊمي جي سرواڻ نور احمد ميمڻ ۽ فضل الرحمان ميمڻ جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    فهرست

    اوهان ٻين کي ڇا ٿا ڏئي سگهو؟ 7
    محبت جي سخا: 8
    فيملي ڪلچر ڪٿي اوهان جي شخصيت کي تباهه ته نه ڪري
    رهيو آهي؟!!! 11
    اوهان جي زندگيءَ ۾ اطمينان ۽ سلامتيءَ جي اڻهوند ڇو آهي؟ 16
    الله ﷻ جي عزت ۽ لحاظ کان محرومي 17
    ناانصافين ۽ حرام ڪمائيءَ جو گهيرو 18
    نفس پرستيءَ جي ڌٻڻ ۾ 18
    الله ﷻ جي مرضي ڇا آهي؟ 19
    الله ﷻ وري وري موقعو ڏئي ٿو 19
    سلامتيءَ جي واٽ 20
    ڇا سچ جي ڳولها لاءِ واقعي اوهان سنجيده آهيو؟ 21
    آخر غيرجانبداري ڇو؟ 21
    هن دنيا ۾ ماڻهوءَ جو اصل امتحان آهي ڪهڙو؟ 26
    شيطان جا ساٿي طبقا اوهان جي چوڌاري موجود آهن 30
    (1) فرعوني ادارو: 31
    (2) هاماني ادارو: 32
    (3) قاروني ادارو: 32
    (4) آذري ادارو: 34
    ڇا اوهان کي الله تي ايمان جو عملي صورتون معلوم آهن؟ 37
    قرآن جو ٻڌايل ايمان باالله 39
    الله ﷻ جي ربوبيت ۾ اطاعت 39
    الله ﷻ جي قانونن ۾ اطاعت 43
    انسان جي سياسي زندگي 46
    الله ﷻ جي الوهيت ۾ اطاعت 46
    الله ﷻ کي حقيقي طرح نه مڃڻ جو نتيجو 49
    خير امت جي ذميواري 50
    جي توحيد ۽ شرڪ کي نٿا ڄاڻو ته پوءِ مسلماني
    ڪهڙي ڪم جي آ؟!! 51
    توحيد في الربوبيت ڇا آهي؟ 52
    توحيد في الصفات ڇا آهي؟ 53
    توحيد في العبادت : 56
    فرقي بندي شرڪ آهي 57
    علماءَ ۽ مشائخ کي خدا ڪري وٺڻ: 58
    خواهشن کي خدا بنائيندڙ ماڻهو: 59
    خدا جي ٻڌايل ضابطن کان لنوائڻ جو شرڪ : 60
    سنڌ صدين کان وحدانيت جو گهوارو رهي آهي 62
    ڇا اوهان کي پنهنجي ٽن تخليقي خاصيتن جو ادراڪ آهي؟ 66
    خود آگاهي: 66
    آزاد چونڊ جو اختيار: 66
    تخليق جي صلاحيت: 67
    وڏي ڪتاب جي وڏي حاصلات کان محرومي ڇو؟ 68
    عبادتون اسان کي ڇا ٿيون ڏين؟ 72
    فرائض جي اهميت: 73
    سڀئي شريعتون اخلاق کي ترقي ڏيارڻ لاءِ هيون 75
    ڪاميابي ۽ ڪامرانيءَ جا خدائي قانون 82
    مايوسي ڪفر آهي 82
    نصيحت ياب ٿيڻ جو خدائي قانون 82
    مصيبتن سبب نا شڪري 82
    ظلم ۽ زيادتي ڪندڙن جي بدنصيبي 83
    نافرماني الله ﷻ جي گرفت ۾ آڻي ٿي 83
    مومنن جو شيوو 83
    الله ﷻ جي رنگ ۾ رنگجڻ 84
    برائيءَ کي ڀلائيءَ سان منهن ڏيڻ جو نتيجو 84
    مڪمل ايمان جون علامتون 84
    حق ۽ انصاف کي هرگز نه ڇڏيو 85
    قرآني مشن جي تڪميل 86
    پيغمبر اسلام جي نبوت جا ٻه درجا 89
    حضرت موسيٰ جو مثال 89
    ڇهين صدي عيسويءَ جا فرعون ڪسريٰ ۽ قيصر: 90
    برو هو ڀنڀور آرياڻيءَ اجاريو 92


    سخاوت انسانيت جو هڪ بنيادي اخلاق : اوهان ٻين کي ڇا ٿا ڏئي سگهو؟

    15 جنوري 2005ع تي ”گلوب اينڊ ميل“ ڪانفرنس ٿي ته اتي سائنسدانن تجويز ڪيو ته اسان پنهنجي زندگيءَ ۾ سخاوت جي ذريعي بهترين انقلاب پيدا ڪري سگهون ٿا.
    انهن مان هڪ سائنسدان Erin Anderssen چيو ته اسان پنهنجي مشاهدن ذريعي هي معلوم ڪيو آهي ته:
    ”جيڪي ماڻهو ٻين جي مدد ڪن ٿا انهن جي حياتياتي سگهه وڌيڪ ڪم ڪري ٿي. جيڪڏهن انهن کي ڪو آپريشن ڪرائڻو پوي ته انهن ماڻهن جا زخم، عام ماڻهن جي نسبت جلد ئي ٺيڪ ٿي ويندا آهن.“
    انهيءَ جي معنيٰ ته دولت جي پوڄاري بخيل ماڻهوءَ جا فٽ سولائيءَ سان ڪو نه ڇٽندا. ڇاڪاڻ ته هو ٻين جي زخمن تي مرهم رکڻ جي ڀرجهلائي نٿو ڪري، نه فڪرمندي ٿو ڪري ۽ نه عملي طرح اڳتي وڌي ٿو. ان ڪري هو پنهنجي زخمن تي مرهم رکڻ واسطي اڪيلو ۽ محروم آهي ۽ قدرت سندس ڀرجهلائي نٿي ڪري.
    نئين برين اسڪين ٽيڪنالاجي جي حوالي سان سائنسدان چون ٿا ته جيڪي ماڻهو ٻين جي مدد ڪندا آهن، اهي وڌيڪ محنتي هوندا آهن. سماج جي محروم ماڻهن جي مدد ڪرڻ انهن جي محرڪ قوت بڻجي ٿي. انهن جو ذهن ۽ انهن جو ضمير يعني ذهانت ۽ اندر جو انسان جڏهن فعال هجن ۽ ماڻهوءَ جو ساٿ ڏين ته اهي ٻٽي ۽ ٽيڻي قوت سان محنت ۾ جنبي وڃن ٿا ۽ پوءِ اهي نتيجا به بهتر کان بهتر ڏين ٿا. مهارت ۽ محنت جي ڪري اهڙن ماڻهن جي دولت ۾ اضافو به ٿيندو وڃي ٿو ۽ هو ذهني تندرستي ۽ خوشحاليءَ سان گذارن ٿا.
    فلوريڊا يونيورسٽيءَ جي ايڊز تي تحقيق ڪرڻ واري ٽيم جو چوڻ آهي ته ”ٻين جي مدد ڪرڻ وارا ماڻهو ڊگهي ڄمار ماڻين ٿا.“
    اهو هن ڪري جو انهن ماڻهن ۾ انساني نفعي بخشيءَ جي هڪ وڏي اميد (Hope) پيدا ٿئي ٿي جيڪا انهن جي حياتياتي هارمونز کي سگهه عطا ڪري ٿي. ماڻهو جيتري وڌيڪ ۽ موثر مدد ڪندڙ هوندو، اوتري سندس اها هوپ واري سگهه وڌيل هوندي ۽ اوترا وڌيڪ موقعا قدرت کيس ڏيندي ويندي.
    برطانوي سائنسدانن جي هڪ ٽيم جو چوڻ آهي ته جيڪي ماڻهو ”ٻين جي مدد ڪندا آهن يا سخاوت ڪندا آهن انهن جي صحت عام ماڻهن جي مقابلي ۾ بهتر رهندي آهي.“
    اهو ان ڪري جو انهن ماڻهن جي سخاوت واري سرگرميءَ جي ڪري هڪ اعليٰ مقصد پوري ڪرڻ جي امنگ ۽ احساس انهن جي مائينڊ تي حاڪم بڻجي ويندو آهي، ان ڪري بيمارين جي احساس کي پنهنجي اندر لاهڻ جي کين فرصت ئي نه هوندي آهي. جڏهن بيماري ذهن تي سوار نه هوندي ته جسم جي مدافعت واري قوت پنهنجي سگهه سان بيمارين جو مقابلو ڪري پاڻ کي سوڀائتو رکندي آهي.
    حضرت شاهه ولي الله جو چوڻ آهي ته انسانيت جا چار بنيادي اخلاق آهن هڪ پاڪيزگي ٻيو نوڙت ٽيون سخاوت ۽ چوٿون عدل. اهي انسان جي اندر خدا جا سمايل اخلاق آهن ۽ انهن تي ڪنهن به مذهب ۽ فرقي جي اجاره داري ڪونهي. سڄي انسانذات مان جيڪو به انهن کي اپنائيندو، اهو انسانيت جا مٿانهان مرتبا ماڻيندو. اوهان ڏسندؤ ته جتي به اوهان کي ماڻهپي جو سڌريل جهان نظر ايندو اتي انهن چئني اخلاقن جو اوهان کي راڄ نظر ايندو. اوهان جتي به آهيو ۽ جنهن مذهبي طريقي سان به تعلق رکن ٿا اوهان جي اندر ۾ اهو سڀ ڪجهه سمايل آهي پر اوهان جي اندر ان مايا جو اظهار تڏهن ٿيندو جڏهن اوهان انهيءَ مايا مان ٻين کي ڏيڻ جو آغاز ڪندؤ. پاڻ ڀلايون ڪندؤ ۽ ٻين کي به ڀلاين ڏانهن سڏيندؤ. اوهان کي قدرت انهن خزانن سان آسودو ۽ مالامال ڪيو آهي پر اوهان اهي خزانا پنهنجي اندر ۾ دٻائي رکيا آهن. جڏهن اوهان ان مايا کي ونڊيو ۽ ورهايو نٿا ته انهن جو رد اڀري اچي ٿو ۽ اوهان جي ذهنن تي ڇائنجي وڃي ٿو. آخر اهو ٻوسٽ بڻجي اوهان جي ذهني ڇڪتاڻ ۽ پريشانين جو سبب بڻجي ٿو جيڪا شيءِ ونڊڻ ورهائڻ ۽ ڏيڻ ۾ نٿي اچي سا اوهان لاءِ آخرڪار عذاب بڻجي وڃي ٿي.
    اوهان کي ڏيڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي. اوهان وٽ وقت آهي اوهان وٽ محبت آهي، اوهان وٽ سمجهه ۽ علم آهي، اوهان وٽ رحمدلي آهي، توجهه آهي ۽ اوهان وٽ مراتب آهن. اوهان هنن سڀني جي سخا ڪري سگهو ٿا. اها سخا اوهان جو صدقو بڻجي وڃي ٿي. حضرت محمدﷺ چيو هو ته صدقو هميشه ڏيندا ڪريو توڻي جو اوهان ڪنهن سان مرڪي ملڻ جو صدقو ڪڍو. اها گهٽ ۾ گهٽ سخا آهي. اوهان وٽ وڌ ۾ وڌ سخا ڪرڻ جا اڻ ڳڻيا اسباب ۽ موقعا آهن. اوهان پنهنجي باغ مان سبزي ۽ ميوي جو پنهنجي پاڙيسريءَ کي تحفو ڏيو ته ان لاءِ هي وڏو تحفو آهي. اوهان پاڻ يا پنهنجي پڙهيل پٽ يا نياڻيءَ جي ذريعي پاڙي جي غريب ٻارڙي جي ٽيوشن ڪريو ٿا ته اوهان بي مثال مهربان بڻجو ٿا. اوهان ڪنهن رشتيدار جي فون ذريعي هفتيوار خيرعافيت پڇو ٿا انهيءَ جو ڏاڍو ڀلو تاثر پيدا ٿئي ٿو. اوهان پنهنجي ڊيوٽي ذميواريءَ سان ادا ڪريو ته اها به ٻين جي لاءِ هڪ تحفو آهي. اوهان ڊيوٽيءَ ۾ ماڻهن سان ڀلايون ۽ سولايون ڪيو ٿا ته اها به سخا آهي. اوهان جي وقت ۽ توجهه ڪري ماڻهن کي ڪم جي سولائي ملي ٿي، اوهان جي همدردي ۽ توجهه ڪري اوهان وٽ اسپتال ۾ آيل ماڻهوءَ جي دردن ۾ هلڪائي ٿئي ٿي ته اوهان جو اهو وقت، اها توجهه ۽ اها همدردي به هڪ سخا آهي.

    محبت جي سخا:
    محبت هڪ فطري جذبو آهي، اها قدرت پاران هر ماڻهوءَ ۾ اوتيل آهي. ڪي ماڻهو ان کي دٻي ڇڏيندا آهن ته اهي خود پاڻ سان ناانصافي ڪندا آهن. اوهان پاڻ سان هرگز ناانصافي نه ڪريو. انهيءَ ڪري اوهان جيڪو ڪجهه به ڏيو ته حقيقي محبت سان ڏيو. اوهان جڏهن خدا جي ان اوتيل محبت کي دٻايو ٿا ته پنهنجي لاءِ اڻ ڳڻين محرومين کي ڳنهي وٺو ٿا. اوهان محروم ماڻهوءَ واري زندگي جيئڻ بجاءِ هوند واري ماڻهوءَ جي زندگيءَ جيئو. اوهان جڏهن ڪنهن سان پئسي جي، وقت جي ۽ تعاون جي ڀلائي ڪيو ٿا ته ان جون دعائون اوهان جي وڏي حاصلات بڻجن ٿيون. اوهان دعائن واري اهڙي عظيم حاصلات کي پاڻ کي هرگز محروم نه ڪيو. دنيا جي سڀني مذهبن ۾ سخاوت ۽ ٻين جي مدد کي اهميت حاصل آهي. اسلام چيو آهي ته ماڻهو هڪ ئي آدم مان پيدا ڪيا ويا آهن سڀئي ماڻهو الله ﷻ جو هڪ عيال آهن. خدا پنهنجي عيال سان محبت ۽ سخا کي پسند ڪري ٿو. عيسائيت بنيادي طرح ٽن شين تي زور ڏئي ٿي. عقيدي، اميد ۽ محبت تي. انهن مان محبت کي وڌيڪ اهميت حاصل آهي. ان ڪري عيسائيت ۾ خيرات کي به محبت سڏيو ويندو آهي.
    ٻڌمت ۾ محبت ستن خزانن کان وڌيڪ قيمتي آهي. ان ڪري محبت جي طاقت سان هن دنيا کي بهتر نموني تعمير ڪري سگهجي ٿو. يهوديت ۾ سڀ کان وڏي خيرات محبت آهي. هندو مذهب ۾ محبت ۽ سخاوت جي ذريعي مڪتي حاصل ڪري سگهجي ٿي.
    مطلب ته محبت زندگيءَ جو سڀ کان وڏو آدرش آهي ۽ اها عمل ۾ ايندي آهي قربانين ۽ ايثار سان. جيڪڏهن قرباني ۽ ايثار ناهي ته اوهان محبت کان ڪورا آهيو اوهان جي اولاد سان محبت آهي ته اوهان انهن جي پرورش لاءِ طرح طرح جون قربانيون ڏيو ٿا. جيڪڏهن اوهان والدين آهيو ته اوهان کي خبر آهي ته ٻارن لاءِ قربانين جي ڪيتري ڊگهي فهرست ٺاهي سگهجي ٿي. اوهان ٻار جي تڪليف ڏسي پنهنجي ننڊ ٽاري ڇڏيو ٿا، ان جي سٺي تعليم لاءِ پنهنجو آرام تلف ڪيو ٿا، ان جي سٺي مستقبل لاءِ پنهنجون خواهشون ترڪ ڪيو ٿا. ان جي نتيجي ۾ اوهان دلي اطمينان ماڻيو ٿا. ايئن هر رشتي لاءِ اوهان جڏهن قربانين مان گذرندؤ، تڏهن توهان جي روح کي ۽ توهان جي ضمير کي اطمينان ملندو. انسانيت جو هڪ حصو اوهان جي هنن قربانين جو لهڻيدار آهي. اوهان جا گهر وارا، اوهان جا پاڙيسري اوهان جا هم وطن ۽ انسانذات پنهنجي پنهنجي دائري ۾ ان جي لهڻيدار آهي.
    محبت جي هر ڪنهن کي ضرورت آهي. ان ۾ رنگ، نسل، عقيدي ۽ خطي جو ڪو فرق ڪونهي. جلال الدين روميءَ چيو آهي ته: ”محبت جي هر ڪنهن کي ضرورت آهي. جيئن اوهان کي خود محبت جي ضرورت آهي، ايئن ئي سڀني انسانن کي محبت جي ضرورت آهي.“ ڪيترا ماڻهو تڪليفن جي زندگي گذارن ٿا. اوهان پاڻ جيڪڏهن انهن تڪليفن مان گذرو ته اوهان کي پاڻ اندازو ٿي ويندو ته تڪيلف ڇا ٿيندي آهي. ان ڪري سڀني سان جڏهن به محبت ڪيو ته ايئن ئي غير مشروط محبت ڪيو جيئن اوهان پنهنجي ٻچن سان غير مشروط محبت ڪندا آهيو. اوهان ڪنهن جي مجبوري ۽ مشڪل جو ناجائز فائدو هرگز نه وٺو، اها انسانيت جي توهين آهي. اصل انسانيت آهي ئي اها جو اوهان ڪريل کي غير مشروط مٿي کڻو. محبت فعل آهي يعني ڪرڻ جي شيءِ آهي، مفعول ناهي جو اوهان ان لاءِ شرط گهڙيندا وتو.
    محبت جڏهن فعل بڻجي ٿي، تڏهن ئي اها اوهان جو آدرش بڻجي ٿي. هڪ بامقصد زندگيءَ جو اوهان جي اندر اطمينان پيدا ڪري ٿي. اهو ڪيڏو نه وڏو اطمينان آهي ته اوهان کي صبح شام پنهنجي روين ۽ ڪيل ڪمن جي ذريعي هي يقين حاصل هجي ته اوهان خلقڻهار جي منشا مطابق جي رهيا آهيو. ان جي نتيجي ۾ پالڻهار اوهان کي پنهنجي محبوبيت ۽ رضا عطا ڪندو. هي ماڻهوءَ جي ڪيڏي نه خوش بختي آهي جو هو جڏهن پنهنجي پروردگار جي آڏو سر بسجود ٿئي ته انسانن سان ڪيل ڀلاين جو اڪائونٽ کڻي سربسجو ٿئي هي ماڻهوءَ لاءِ ڪيڏو نه سرور جو سامان آهي جو ماڻهو هميشه انهيءَ احساس سان جيئي ته هو انسانيت جي لاءِ جي رهيو آهي. اهڙي طرح محبت اوهان جي سوچڻ سمجهڻ جي سگهه وڌائي ٿي ۽ ٻين سان رشتن کي مضبوط ڪري ٿي. اوهان جو سڦلائتي زندگيءَ جو اطمينان ۽ پنهنجي خلقڻهار آڏو سرخروئي سان پيشگي جو اطمينان اوهان کي زندگيءَ ۾ جڳاڙ بازين، اٽڪلن ۽ مڪار بازين کان پري رکي ٿو. اوهان جي سوچڻ جو انداز منفي نٿو بڻجي. اوهان پنهنجي ذهن کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکو ٿا، ان کي ڀٽڪڻ کان بچايو ٿا ته ان سان اوهان جي ذهانت ۽ قابليت به سگهاري ٿئي ٿي. مائينڊ سائنسز هينئر هي ڳالهه پڌري ڪري ٻڌائي آهي ته ماڻهوءَ جي زندگيءَ جا وڏا ڪرشما ان جي ذهن جي مثبت ۽ وڏي سوچ سوچڻ جي ڪري ٿين ٿا. جڏهن ماڻهو پنهنجي سوچ کي فطرت جي تقاضائن سان هم آهنگ ڪري ٿو ته ان جي تقدير بدلجڻ جا دروازا کلندا وڃن ٿا.


    فيملي ڪلچر ڪٿي اوهان جي شخصيت کي تباهه ته نه ڪري رهيو آهي؟

    هينئر اهڙو واءُ گُهليو آهي جو پڙهيل ۽ هوند وارن ماڻهن جي اڪثريت رڳو پنهنجي ذات ۽ فيمليءَ لاءِ جيئڻ شروع ڪيو آهي. پئسو ڪمائڻ ۽ پوءِ رڳو پنهنجي ذات ۽ فيمليءَ تي خرچ ڪري ڇڏڻ انهن جي زندگيءَ جو مقصد بڻجي ويو آهي. انهيءَ طريقي کي ئي پنهنجو ماڊل بڻايو ويو آهي ۽ ٻيو ڪو به ماڊل انهن جي آڏو ڪونهي. شخصيت جو هڪ ماڊل هي آهي جو حضرت محمد ﷺ کان هڪ دفعو حضرت علي ؐ پڇيو هو ته سائين اوهان جي شخصيت جي پيروڪاري ڇا آهي؟ ته پاڻ سڳورن فرمايو ته اي علي! * پنهنجي خلقڻهار جي سڃاڻ منهنجو سرمايو آهي. * محبت منهنجو بنياد آهي. * عقلي طريقا منهنجي دين جو سرچشمو آهن. * جستجو منهنجي سواري آهي. * الله ﷻ جي ياد منهنجي سنگت آهي. * خدا تي اعتماد منهنجو خزانو آهي. * علم منهنجو هٿيار آهي. * صبر منهنجو لباس آهي. * خدا جو راضپو منهنجي غنيمت آهي. * عاجزي منهنجو فخر آهي. * زهد منهنجو پيشو آهي. * يقين منهنجي قوت آهي. * سچائيءَ جي واٽ منهنجو سٿ آهي. * خدا جي اطاعت منهنجو سهارو آهي. * حق جي واٽ تي جهد منهنجو اخلاق آهي ۽ نماز منهنجي اکين جو ٺار آهي.
    اوهان سوچيو آهي ته دنيا جي سڀ کان عظيم انسان جي شخصيت جو هي منشور اسان مان ڪيترن ماڻهن جي لاءِ ماڊل بڻيل آهي. هن مان ڪيتريون شيون آهن جيڪي اسان جي زندگيءَ جو وڙ ۽ وکر آهن. حضرت لقمان عليه السلام پنهنجي پٽ کي هي چئي ڏهه نصيحتون ڪيون هيون ته جيستائين اهي خصلتون نه هونديون انسان جو عقل ڪامل نه ٿيندو.
    1) آڪڙ ۽ غرور کان پاڻ بچائيندو هجي.
    2) نيڪ ڪمن ڏانهن لاڙو هجي.
    3) پنهنجي بنيادي ضرورتن تي اڪتفا ڪري.
    4) واڌو مال کي غريبن ۽ مسڪينن تي خرچ ڪري.
    5) دانائيءَ جون ڳالهيون حاصل ڪرڻ ۾ زندگي ڀر نه ٿڪجي.
    6) معاملات ۾ بدمزاجي نه ڪري.
    7) ٻين جي گهٽ احسان کي وڌ سمجهي ۽ پنهنجي وڏي احسان کي گهٽ سمجهي.
    8) سڄي دنيا کي پاڻ کان سٺو سمجهي.
    9) ڪنهن کي پاڻ کان سٺو ڏسي ته خوش ٿئي ۽ سوچي ته جيڪر مان به ان جهڙو ٿيان.
    10) ڪنهن کي خراب حال ۾ ڏسي ته سوچي (انجام الله ﷻ جي هٿ ۾ آهي ڪهڙي خبر ته) هي نجات حاصل ڪري وٺي ۽ آءٌ ايئن ئي مري وڃان.
    حضرت لقمان پٽ کي هي به چيو ته: ”اي منهنجا پٽ! جڏهن اهي صفتون تو ۾ پيدا ٿي وڃن ته سمجهه تنهنجو عقل مڪمل ٿي ويو.“ ڪوئي ٻڌائي ته اسان پنهنجي روزاني زندگي ۾ عقل جي هنن وکرن مان پنهنجي لاءِ ڪيترو حصو سوري وٺندا رهون ٿا.
    عقل ۽ شعور جي دنيا ۾ اهڙا اڻ ڳڻيا ماڊل اوهان جي سامهون آهن. اوهان انهن جي قالب ۾ پاڻ اوتڻ جا ڪيترا طلبگار بڻجو ٿا ۽ ڪيتري حاصلات ڪريو ٿا، اهو سڀ اوهان جي مٿان آڌاريل آهي. اوهان کي اشرف المخلوقات انسانذات بڻايو ويو آهي. اوهان کي دنيا جي ڏاهن ”سماجي ساهوارو“ سڏيو آهي. پوءِ به جي اوهان انسانذات ۽ سماج کان ڪٽجي رڳو فيمليءَ لاءِ جيئڻ شروع ڪندؤ ته ظاهر آهي اوهان جي شخصيت جي اها تعمير نه ٿي سگهندي جيڪا اوهان جو وَڙُ ۽ اوهان کي گهربل آهي. محبت هن دنيا جي سڀ کان طاقتور شيءِ آهي، جڏهن اوهان ٻين سان محبت ڪيو ٿا ته اوهان بنيادي انساني فطرت کي پورو ڪريو ٿا. اوهان جي فطرت اوهان سان لاڳاپيل ماڻهن جو دائرو وسيع ڪيو آهي، اهو فيمليءَ تائين محدود ڪونهي. اوهان جي چوڌاري ماڻهن جو وڏو تعداد آهي جيڪي اوهان جي ان محبت جا لهڻيدار آهن. روين جي ذريعي، سهائتا ۽ همدرديءَ جي لحاظ کان يا تعاون ۽ قربانيءَ جي صورت ۾ اوهان جِي سڄي سماج کي ضرورت آهي. اوهان جي پڙهيل ۽ هوند وارو هجڻ ۾ خود هن سماج جو وڏو هٿ آهي، ان ڪري اوهان سماج ۽ ڌرتيءَ وارن ماڻهن کان ڪٽجي پنهنجي شخصيت کي متوازن ۽ پائيدار بڻائي سگهو، اهو ممڪن ئي ناهي.
    فيملي ڪلچر جو سڀ کان وڏو نقصان هيءُ آهي ته اوهان جي سوچ جو دائرو بيحد محدود ٿي وڃي ٿو. اوهان جو ذهن صرف اوهان جي مادي ضرورتن جي محدود دائري ۾ ڪم ڪري ٿو. اوهان سان جيڪي لاڳاپيل ماڻهو آهن، اوهان جا عزيز، اوهان جا ماتحت، اوهان جا پاڙيسري ۽ اوهان جا هم وطن، اوهان جو انهن سڀني سان تعلق يا ڪمزور پئجي وڃي ٿو يا ختم ٿي وڃي ٿو. اوهان جي ذات جي اوسر جن سماجي لڳ لاڳاپن جي ذريعي ٿيڻي هئي، اوهان جي اندر رحم، سخا، مروت، بردباري، قرباني، ايثار ۽ همت جون وصفون انهن سماجي لڳ لاڳاپن ۽ ماڻهن سان ڀلاين جي نتيجي ۾ سگهاريون ٿيڻيون هيون، اوهان پنهنجي محدود زندگيءَ جي ڪري انهن کي اُسرڻ ۽ نسرڻ ئي نٿا ڏيو. انهن آدرشن جي نتيجي ۾ خوشي، سڪون ۽ سلامتيءَ جي جيڪا اوهان جي ذهنن تي ۽ اوهان جي قلب ۽ روح تي پالوٽ ٿيڻي آهي، توهان ته ان جا موقعا ئي پيدا ٿيڻ نه ٿا ڏيو. حيرت آهي اوهان جي ان محروميءَ تي جيڪا اوهان زوريءَ پنهنجو مقدر بڻايو ٿا.
    انهيءَ جو نقصان اهو ٿئي ٿو جو اوهان ظاهر ۾ مادي لحاظ کان آسودي زندگي گذارڻ لڳو ٿا پر عملي طرح اوهان جنهن فڪري سُڃائي جو شڪار ٿيو ٿا، انهيءَ خساري جو اوهان کي احساس ئي ڪونهي. جڏهن اوهان ان فيملي دائري کان ٻاهر سوچيو ئي نه ٿا، ته نتيجي ۾ اوهان وٽ نه ڪتابن پڙهڻ جو ماحول جڙي ٿو ۽ نه سنجيده خيالن جي ڏي وٺ ٿئي ٿي. نه انساني مسئلن تي ويچاريو وڃي ٿو ۽ نه ماڻهن سان ملڻ ٿئي ٿو ۽ نه وري انهن کان سکڻ ۽ ڪڙهڻ جو استفادو ٿئي ٿو. نه ڀٽائيءَ جي هن جي صدا کي موٽ ملي ٿي ته ”جن ماڻهن جي صحبت ۾ ويهندي تنهنجي دل جو غبار هلڪو ٿئي ۽ ڏکندو ڏور ٿئي، تون انهن وٽ خيما کوڙي ترسي پئه.“ نه اوهان جي اندر عظيم سوچن جو اڀار ٿئي ٿو ۽ نه جهان جي حقيقتن جي سڃاڻ جو شعور بيدار ٿئي ٿو. نه زندگيءَ جي وڏن وڏن مسئلن تي اوهان جي ڪا راءِ جڙي ٿي ۽ نه وري اوهان ۾ وڏن مقصدن لاءِ پاڻ ارپڻ جي هورا کورا ۽ جستجو پيدا ٿئي ٿي. مجلسن ۾ ويٺؤ ته ڊرائنگ رومن جي پردن، پلاٽن جي تعداد ۽ نئين ماڊل جي ڪار کان سواءِ اوهان ڪنهن موضوع تي ڳالهائي نه ٿا سگهو. ماڻهن جون گلائون، ٽوڪون ۽ تنقيدون اوهان جو محبوب مشغلو بڻجي وڃن ٿيون. اوهان کي انهيءَ ڳالهه جو احساس ئي ناهي ته ان سان اوهان ماڻهن جي ڪهڙي خاني ۾ بيهو ٿا. هي اولهه جي عام چوڻي آهي ته خسيس ماڻهو ٻين ماڻهن جي باري ۾ ڳالهائيندا آهن. رواجي ماڻهو شين جي باري ۾ ڳالهائيندا آهن ۽ سٺا ماڻهو افڪار ۽ نظرين تي ڳالهائيندا آهن.
    اوهان ڪير آهيو؟ ڇو تخليق ڪيا ويا آهيو؟ اوهان جي منزل ڇا آهي؟ اهي سوال اوهان جي زندگيءَ ۾ ڪا به اهميت رکندڙ نٿا هجن. اوهان جي چوڌاري ماڻهو ڪهڙن عذابن جي زندگي گذاري رهيا آهن؟ اوهان جو قومي وجود ڪهڙن خطرن جو شڪار آهي؟ اوهان جي سڃاڻ ڪهڙين خطرناڪين جي ور چڙهيل آهي؟ اهڙن سوالن تي سوچڻ کي اوهان ديواني جي سوچ سمجهي ڇڏيو آهي. ان جي نتيجي ۾ ٿئي هيئن ٿو جو ظاهر ۾ ته اوهان سفيد پوش سريلا ماڻهو نظر پيا اچو پر عملي طور تي اوهان هڪڙا خوش پوش حيوان (Well-dressed animal) بڻيل هجو ٿا.
    علامه آءِ آءِ قاضي پنهنجي تقريرن ۾ شيڪسپيئر جي هڪ ڊرامي ۾ هڪ عورت ڪردار جو حوالو ڏيندو هو ته ميڪابٿ (Macbith) نالي هڪ عورت ننڊ ۾ هلندي اچي ٿي، جيڪا سڀ گلاس ۽ گهڙيال ميز تان هٽائي ڇڏي ٿي. هوءَ نٿي ڄاڻي ته هوءَ ڇا پئي ڪري. هوءَ ٺيڪ ٺاڪ هلي پئي ۽ ٺيڪ ڳالهائي پئي پر سڀ ننڊ ۾ ڪري پئي. سو، ميڪابٿ عورت وانگر اوهان به سڄي زندگي ايئن ننڊ ۾ گذاريو پيا. فرق صرف هي آهي ته ميڪابٿ جو ڪردار مختصر آهي ۽ اوهان جو ڪردار ڊگهي عرصي جو آهي. جيڪي به عمل اوهان جي زندگيءَ ۾ آهن انهن ۾ ڪي به اهڙا ناهن جيڪي حد درجي جي عزت وارا هجن ۽ مرڻ کانپوءِ پنهنجي خلقڻهار جي حضور ۾ سروخروئي سان پيش ڪري سگهجن.
    فيملي ڪچلر ۾ جيئڻ جي نتيجي ۾ اوهان پنهنجي زندگيءَ لاءِ ضرورتن ۽ سَڌن جي وچ ۾ ڪو سَنڌو ڪڍڻ جا روادار نٿا رهو. زندگيءَ ۾ ماڻهوءَ جون هزارين سَڌون ۽ خواهشون آهن. ماڻهو خواهشن کي خدا بڻائي ٿا ڇڏين. خواهشن جي ڪڍ ڊوڙن ٿا، خواهشن کي پورو ڪرڻ لاءِ جيئن ٿا ۽ خواهشن کي پورو ڪرڻ لاءِ هر جائز ۽ ناجائز ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا. قرآن مجيد ۾ ٻڌايل آهي ته جيڪي ماڻهو پنهنجي خواهشن کي خدا بڻائي ٿا ڇڏين، اهي پنهنجي لاءِ بيحد بڇڙو انتخاب ٿا ڪن. زندگيءَ ۾ هڪڙيون مڃيل سچايون آهن. اهي سچايون انسانذات جي لاءِ بيحد فائديمند آهن. اوهان جون خواهشون انهن سچاين جي لتاڙ ڪن ٿيون ۽ پوءِ ظاهر آهي ان ۾ ٻي انسانذات جو خسارو ۽ نقصان ٿئي ٿو. اهو هيئن ته اوهان جي خواهش آهي ته اوهان کي نئين ماڊل جي ڪار گهرجي، نئين پروجيڪٽ ۾ هڪڙا عيش عشرت وارا بنگلا مشتهر ٿيا آهن، سو به گهرجي. اوهان هينئر پنهنجو پاڻ کان ايمانداريءَ سان پڇو ته اهي شيون اوهان لاءِ بيحد ضروري آهن؟ خاص ڪري ان حالت ۾ جڏهن اوهان اڳ ۾ ئي پنهنجي ٻچن جي مهانگي فيس واري تعليم جا بار پنهنجي مٿان کنيون ويٺا آهيو. ويتر ٻاهرين ملڪن جي سالياني ٽوئر ۽ هي نئين ماڊل جي گاڏي ۽ نئون گهر به اوهان جي ذهن تي سوار ٿي ويا آهن. اوهان پنهنجو پاڻ کان ٻيو سوال هي به پڇو ته جيڪڏهن مان هي شيون خريد نه ڪيان ته ڇا منهنجو گذارو ٿي ويندو؟ انهن ڳالهين جي باوجود به اوهان پنهنجي خواهش پوري ٿيڻ جي پچر نٿا ڇڏيو ته پوءِ اوهان کي ٻين جي ۽ خود پنهنجي ذات جي وڏين حق تلفين مان گذرڻو پوي ٿو. اوهان کي جيڪي مالي نعمتون ملن ٿيون انهن ۾ توهان جي خدا، محروم ماڻهن ۽ سائلن جو حق رکيو آهي. اوهان جا عزيز قريب، اوهان جي چوڌاري مسڪين ماڻهو، اوهان جا ڌرتيءَ ڄاوا انهن سڀني جو اوهان جي مالن ۾ حق رکيو ويو آهي، اوهان جي خواهشن جي ڊگهي فهرست اها گنجائش ئي نٿي ڇڏي ته انهن محرومن ۽ سائلن سان ڪا ڀلائي ٿي سگهي. نتيجي ۾ اوهان خود ڏيڻ ۽ سخا جي وڏين انساني ڀلاين کان محروم ٿي وڃو ٿا ۽ خود پاڻ سان حق تلفيءَ جو شڪار به ٿيو ٿا. سخا ۽ انساني ڀلاين جي موٽ ۾ اوهان جي شخصيت اندر جيڪو حسن، اطمينان ۽ ترقيءَ جو اُڀار رڪجي وڃي ٿو ان نقصان جو ڪو به ازالو ڪونهي.
    فيملي ڪلچر سان جيئڻ جو هڪ وڏو محرڪ پنهنجي اولاد جو اڻ حدو مستقبل ٺاهڻ جو جنون آهي. اولاد جو مستقبل ٺاهڻ جو جذبو ڪا خراب ڳالهه ڪونهي پر جڏهن اوهان ان کي جنون جي شڪل ڏيو ٿا ته اها رڳو خراب نه پر بيحد بڇڙي ڳالهه آهي. اوهان اولاد جي مستقبل ٺاهڻ لاءِ ان کي محبت ڏيو، وقت ڏيو، تربيت ڏيو ۽ ان کي سٺي تعليم ڏيو، انهن وڙن کان وڌيڪ اوهان جي محبت ۽ سندن مستقبل ٺاهڻ جو الڪو ڇا ٿو ٿي سگهي. اها اوهان جي انهن لاءِ سڀ کان وڏي سيڙپڪاري آهي، پر جڏهن اوهان انهن جي لاءِ بنگلن، فيڪٽرين، شورومن، ڪارين جي ڊگهي فهرست ٺاهي انهن جو مستقبل ٺاهڻ جي ڪوشش ٿا ڪريو ته سچ پچ اوهان پنهنجو ۽ انهن جو مستقبل تباهيءَ جي طرف ڌڪيو ٿا. پنهنجو مستقبل تباهي جي طرف انهيءَ شڪل ۾ جو اوهان جڏهن ان لامحدود بهتر مستقبل جي جنون ۾ اچو ٿا ته ظاهر آهي توهان کي پنهنجي پاڻ سان، چوڌاري ماڻهن سان ۽ سماج جون ڪيتريون ئي حق تليفون ڪرڻيون پون ٿيون.اوهان وٽ ملازمن جو وڏو تعداد آهي، اوهان انهن جون پگهارون سندن ضرورتن پٽاندر نه پر انهن جي مجبوريءَ هيٺ متعين ڪيو ٿا. هڪ ملازم جي 6 ٻارن جي تعليم، سادي گذاري ۽ پيءُ ماءُ جي خدمت لاءِ ان کي ويهن هزارن جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار گهربل آهي، پر اوهان ڏهن ٻارهن هزارن جي پگهار تي ان کي هلايو ٿا. هو هينئر مجبوريءَ هيٺ اوهان وٽ ملازمت ڪري ٿو، پر اوهان جڏهن پنهنجي ڪاروباري ٽارگيٽ جي حاصلات لاءِ هن جي ضرورتن تي لت رکو ٿا ته اوهان وڏي انساني حق تلفيءَ جو شڪار ٿيو ٿا. جڏهن اوهان کي پنهنجي اولاد جو لامحدود مستقبل سنوارڻ جو جنون آهي ته پوءِ اها حق تلفي اوهان جي لاءِ معمولي ڳالهه بڻيل رهي ٿي. اوهان ته انهيءَ کان به وڌيڪ سنگين انساني حق تلفين جو شڪار ان وقت ٿيو ٿا جڏهن اوهان پيداگيرين ۽ بدعنوانين جي وڏي ڦهليل جهان جو حصو بڻجو ٿا. ان وقت پنهنجي اولاد جو مستقبل ٺاهڻ جي لونجهه ۾، اوهان جو پنهنجي خدا سان تعلق ڪمزور ٿي پوي ٿو. اوهان ايمانداريءَ بابت خدا جي حڪمن جي لتاڙ ڪري اهو سڀ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا ته ان صورت ۾ ان جو هن دنيا ۽ آخرت ۾ ڪيتو لوڙڻ جا ذميوار به اوهان پاڻ ئي بڻجو ٿا. اوهان جڏهن تعليم، صحت، انصاف، ۽ انساني سهولتن جي ڪمن ۾ بي اعتدالين ۽ بدعنوانين جو حصو بڻجي اولاد جو مستقبل سنوارڻ جي ڪوشش ڪيو ٿا ته اها اوهان جي خام خيالي آهي ته هاڻي سندن مستقبل ٺهي ويندو. پر حقيقت هي آهي ته هڪ طرف اوهان جي پنهنجي ديانتداريءَ جو ڪم لهي ٿو وڃي ۽ ٻئي طرف هي پڪ سمجهو ته غريبن جي حق تلفين تي جڙيل اوهان جي اولاد جا خوشين وارا محل پائيدار هرگز نٿا بڻجي سگهن. خدا جو هي جهان انڌوڪار تي نٿو هلي. هتي خدا جا قانون جڙيل آهن، انهن قانونن پٽاندڙ هي جهان هلي ٿو. جن ماڻهن به حق حلال جي ڪمائيءَ سان تعليم ۽ تربيت ڏيڻ بجاءِ اهڙين انساني حق تلفين سان پنهنجي اولاد جو مستقبل ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، انهن جي اولاد ان مان سک نه ورتو آهي. سنڌ ۾ ته ڪيترا واقعا آهن جو اهڙن اميرن جي اولاد سورهن سالن جي اڀرندڙ جوانيءَ ۾ لوندڙين تي فائر ڪري پنهنجو انت آڻي ڇڏيو. ڪن پاڻ کي ڏوهن جي ور چاڙهي ڇڏيو ۽ ڪي نشي ۽ بدڪارين جي ور چڙهي ويا ۽ تباهه حاليءَ جي طرف ڌڪجي ويا. مون کي خدا جي انهيءَ مڪافات واري قانون جي گرفت جهنجهوڙي ڇڏيندي آهي جڏهن مان سنڌ جي هڪ مهان دانشور جي زندگيءَ جو هي واقعو ياد ڪندو آهيان ته ان سان تڏهوڪي وزيراعليٰ ڄام صادق جي وڏي عقيدت هوندي هئي ۽ هو ان عقيدت جو فائدو هر مهيني شراب جي گتن جي منظوري واري صورت ۾ حاصل ڪندو هو ۽ پوءِ اهي فائيل 5-8 لکن ۾ سنڌ جي هندو سيٺين کي ملندا هيا. عين انهن ڏينهن ۾ ان جو ڊاڪٽر پٽ سنڌ جي ڪنهن تعليمي اداري ۾ پڙهندي نشي جو ۽ آخر ۾ هيروئن جو عادي بڻيو ۽ آخرڪار اُن نشي ۾ پنهنجو انت آڻي ڇڏيو. جنهن اولاد جي لاءِ اهي دولت جي حاصلات جا جتن پئي ڪيا ويا اها جوانيءَ ۾ جدائيءَ جو اهڙو ڏاگهه ڏئي وئي جو پوين لاءِ زندگي درد ۽ ڪرب بڻجي وئي.


    اوهان جي زندگيءَ ۾ اطمينان ۽ سلامتيءَ جي اڻهوند ڇو آهي؟

    • اوهان الله ﷻ کي الله ڪري مڃو به ٿا.
    • صبح جو اٿي کيس ياد به ڪريو ٿا.
    • نماز پڙهڻ جو موقعو به اوهان کي ملي وڃي ٿو.
    • ان کان ڊڄندا به آهيو ته، متان ڪڏهن ناراض نه ٿي پوي.
    • حج ۽ عمرا به ڪندا آهيو ته جيئن گناهه ڇڻندا رهن.
    افسوس آهي پوءِ به اوهان جي زندگيءَ ۾ اوهان کي اطمينان ۽ سلامتي حاصل ڪونهي. اوهان
    • جيترو به ڪمايو ٿا پورو نٿو پوي.
    • بيماريون ۽ پريشانيون پچر ڪونه ٿيون ڇڏن.
    • ٽوٽ ڦوٽ ۽ تاوان مان جان ڪونه ٿي ڇُٽي.
    • خوف ۽ ڳڻتي هميشه مٿان سوار ٿا رهن.
    • اولاد چئي کان ٻاهر نڪرندي وڃي ٿي.
    • دل جو سڪون ۽ اطمينان ڳولهيو ڪونه ٿو لڀي.
    • ڪا نه ڪا ذلت ۽ خواري منهن ڪڍي بيٺي آهي.
    • زندگي بي مقصد ۽ عذاب سمجهي گهارجي ٿي.
    جيڪڏهن اوهان اطمينان ۽ سلامتيءَ جي اهڙي اڻهوند مان گذرو ٿا ته پوءِ پڪ ڄاڻو ته اوهان جي عقيدن ۽ عملن ۾ هڪ وڏي خرابي پيدا ٿي چڪي آهي. (1) اوهان کي الله ﷻ جي عزت ۽ لحاظ کا محرومي پلئه پئجي چڪي آهي. (2) اوهان زندگيءَ ۾ ناانصافين ۽ باطل ڪمائيءَ جي گردش ۾ گهيرجي چڪا آهيو. (3) اوهان نفس پرستيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي بي مقصد زندگي گذاري رهيا آهيو.

    الله ﷻ جي عزت ۽ لحاظ کان محرومي
    اوهان کي الله ﷻ جي عزت ۽ لحاظ کان محرومي پلئه پئجي وئي آهي ۽ اوهان کي ان جو هوش ئي ناهي رهيو. جڏهن اوهان پنهنجي خلقڻهار، پالڻهار ۽ مددگار حقيقي ذات کان سواءِ ٻين کان مدد، حاجتون ۽ مرادون پڄائڻ جي طلب ڪريو ٿا ته اوهان جي دل ۾ ان وقت پنهنجي خلقڻهار ذات جي عزت ۽ لحاظ موجود ڪونهي. جڏهن پيرن فقيرن کان مدد گهرو ٿا ته ان جي معنيٰ اوهان الله ﷻ جي ذات ۾ نقص ۽ ڪمي سمجهو ٿا. ان جي عطا کي ۽ ان جي پهچ کي اڻپورو سمجهو ٿا. يا هي سمجهو ٿا ته الله ﷻ به دنيا جي ماڻهن وانگر سفارشي ذريعن کانسواءِ ڪنهن تي ڌيان نه ڌريندو آهي، انهن سڀني صورتن ۾ شعوري يا لاشعوري طور تي اوهان وٽ الله ﷻ جي عزت ۽ لحاظ ڪونه ٿو رهي.
    اهڙي طرح جڏهن اوهان پنهنجي پالڻهار ۽ عطا ڪندڙ سخي ذات جي مرضي ۽ ٻڌايل طريقن مطابق امانت سمجهي دولت خرچ نٿا ڪريو ته اوهان ان عطا ڪندڙ ذات جي عزت ۽ لحاظ نٿا ڪريو. اوهان جڏهن پنهنجي مرضيءَ تي دولت کي ڪوڙي ٺاٺ باٺ ۽ اجائي عيش عشرت ۾ کپايو ٿا ته اوهان الله ﷻ جي حضور ۾پيش ٿي ذري ذري جو حساب ڏيڻ جا عملي طرح انڪاري پڻ بڻجو ٿا. جي حساب ڏيڻ جو يقين ۽ خوف هجي ته جيڪر ائين نه ڪيو ها.
    ساڳي طرح جڏهن اوهان ان احڪم الحاڪمين ذات جي ٻڌايل ضابطن مطابق زندگي گذارڻ جا روادار نٿا رهو ته اوهان ان قادر ڪريم جي قانونن جي عزت ۽ لحاظ نٿا ڪريو. اوهان جڏهن پنهنجي مرضيءَ تي خود غرض ۽ ڇڙواڳ زندگي گذاريو ٿا ته اوهان ۾ احڪم الحاڪمين جي ذات جي بي فرماني ۽ سرڪشي پيدا ٿيندي وڃي ٿي.

    ناانصافين ۽ حرام ڪمائيءَ جو گهيرو
    اوهان پنهنجي ڪم، ذميواري ۽ ڊيوٽيءَ جو حق ادا نٿا ڪريو، انهيءَ سان اوهان سماج لاءِ سخت ناانصافي ۽ پنهنجي لاءِ حرام ڪمائيءَ جو طوق ڳچيءَ ۾ وجهو ٿا. اوهان پنهنجي ڪمن ۽ لين دين ۾ بي انصافيءَ کي پنهنجي قابليت ۽ ٻين جي سادڙائپ سمجهو ٿا. حالانڪه سادڙائپ جو شڪار اوهان پاڻ بڻجو ٿا جو اوهان جي شخصيت جي اوسر خدا جي پسنديده هڪ آئيڊيل انسان وانگر نه ٿي رهي آهي. اهو آئيڊيل انسان جيڪو خدا جي صفتن سان رڱيل هجي ۽ ان جي رضا ۽ محبوبيت جو طالبو هجي. اوهان غريب پورهيتن ۽ ملازمن جو معاوضو انهن جي مجبورين پٽاندر مقرر ڪيو ٿا، انهن جي بنيادي ضرورتن کي سامهون رکي معاوضو ادا نٿا ڪريو. پورهيت هر حال ۾ مجبور آهي ته ان اڻپوري معاوضي تي به پورهيو ڪري. اوهان ان صورت ۾ به لنوائي، ليلڙائي، ليٿڙيون پارائي، احسان جتائي پوءِ کيس معاوضو ادا ڪريو ٿا. جيڪي شيون ڪا اهميت نه ٿيون رکن. انهن جي پٺيان صرف انائن ۽ ضديت پوري ڪرڻ خاطر ڪيترين ئي ناانصافين مان گذرو ٿا. اوهان ان ۾ هن ڳالهه جو خيال به نٿا رکو ته ڪنهن جو احترام آدميت مجروح ٿئي ٿو ۽ ڪنهن جي دل جا بَکيا اڊيڙجن ٿا. اهڙن معاملن کي اوهان روزاني ريت بڻائي آهي ۽ ان کي ناانصافي نٿا سمجهو.
    قرآن ۾ وري وري انصاف اختيار ڪرڻ جو حڪم آيل آهي ”ته انصاف جي هلت هلو، اوهان نيڪوڪار بڻبئو.“ (المائده :8 ) جڏهن اوهان الله ﷻ کي ان جي شان مطابق مڃڻ ۾ ناانصافي ڪريو ٿا، ان جي بندن سان ان جي ٻڌايل ضابطن کي ٽوڙي ناانصافي ڪريو ٿا ته اوهان خود پاڻ به ناانصافيءَ جي پاداش جو شڪار ٿيو ٿا. انهيءَ ڪري جو الله ﷻ ڪائنات ۾ جيئن سڀني شين ۾ تاثير ۽ مقرر نتيجا رکيا آهن، تيئن انساني روين ۽ عملن جي تاثير ۽ نتيجا به باقاعدي مقرر ٿيل آهن. اوهان جيترو به خدا ۽ ان جي بندن سان ناانصافي ڪندا ويندؤ، ان جو نتيجو ڀوڳيندا ويندو.

    نفس پرستيءَ جي ڌٻڻ ۾

    اوهان جي زندگيءَ جا سڀ معاملا هن سوچ جي پٺيان هلي رهيا آهن ته اوهان جي ذات کي ڪيترو فائدو حاصل ٿي رهيو آهي. اوهان جي چوڌاري اوهان جي عزيزن، اوهان جي قوم جي افرادن ۽ اوهان جي سماج سان ڇا ٿو وهي واپري، ان سان توهان جو سروڪار ڪونهي. ماڻهن جي جهالت، مظلومي ۽ معاشي بدحالي جي لاءِ توهان وٽ ڪابه عملي سرگرمي ڪونهي. اوهان مان وڌ ۾ وڌ حساس ماڻهو به سماج جي ابتريءَ تي فقط تبصرا ۽ افسوس ظاهر ڪن ٿا پر پنهنجي جان ۽ مال ذريعي جهالت ۽ بدحاليءَ جي خاتمي لاءِ ڪي وڏا انساني ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نٿا ٿين. جيڪي ڪمزور حال ۾ آهن سي به پنهنجي ۽ پاڻ جهڙن ٻين ماڻهن لاءِ ڀلائيءَ جو ڪو اجتماعي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهن.
    مخلوق الله ﷻ جو عيال آهي ۽ فلاحي معاشرو خدا کي گهربل آهي. جيڪڏهن اوهان سماج کان ڪٽجي پنهنجي نفس پرستيءَ ذريعي اطمينان ۽ سلامتي چاهيندا ته اهو خدا جي قانون جي نسورو ابتڙ آهي. نتيجي ۾ اطمينان ۽ سلامتي به ڪونه ملندي.

    الله ﷻ جي مرضي ڇا آهي؟
    الله ﷻ اوهان کي ڌرتيءَ تي خليفو بڻايو آهي ته خلافت يعني سندس فرمانبرداري ۾ انسانن سان سڀني حيثيتن ۾ ڀلايون ۽ انصاف ڪري آزمائش مان پار پئو ۽ حقيقي هميشه واري زندگيءَ جو پاڻ کي اهل ثابت ڪيو. هي ماڻهوءَ جوحقيقي امتحان آهي ته هو الله ﷻ جي ٻڌايل حڪمن هيٺ انسانن جي لاءِ نفع بخشيءَ جي زندگي گذاري ٿو يا پنهنجي زندگيءَ کي پنهنجي مرضيءَ تي خودغرضيءَ سان پنهنجي ذاتي مفادپرستين هيٺ گذاري ٿو. جيڪڏهن زندگي رڳو عياشين ۽ غرضن لاءِ گذري ٿي ۽ ان ۾ انسانن لاءِ نفع بخشي نٿي رهي ته ان ناڪامي ۽ نامراديءَ جو نتيجو عدم اطمينان ۽ عدم سلامتيءَ جي صورت ۾ هن دنيا ۾ ئي شروع ٿي وڃي ٿو.
    ماڻهو جيترو وڌيڪ انسانن لاءِ غيرنفعي بخش هوندو اوترو وڌيڪ نامراد ثابت ٿيندو. اهڙي طرح انساني نفعي بخشيءَ لاءِ جيترو وڌيڪ پاڻ پتوڙيندو، پاڻ کي جيترو وڌيڪ ڪارگر ثابت ڪندو، قدرت کيس پنهنجي نيابت جو انعام عطا ڪندي رهندي. جنهن ڪري سندس زندگيءَ ۾ برڪت ۽ سعادت، صحت ۽ چڱڀلائي، اطمينان ۽ سلامتي بکندي نظر ايندي. ان وقت اوهان الله ﷻ جو شڪر ادا ڪريو ته اوهان جي زندگيءَ ۾ الله ﷻ ۽ ان جي رسول ڪريم ﷺ جي اطاعت اچي وئي آهي.
    هاڻي جيڪڏهن وقتي طرح زندگيءَ ۾ ڪي ڏکيائون منهن ڪڍنديون ته اهي اوهان جي آزمائش لاءِ هونديون ته جيئن انهن مان پار پوڻ جي نتيجي ۾ اوهان جا مراتب بلند ٿيندا وڃن ۽ الله ﷻ جي قربتن جا حقدار بڻبا وڃو. ۽ جڏهن موت جو وقت ايندو ته اهڙن ٻانهن کي دنيا ۾ فرمانبرداريءَ جي عيوض الله ﷻ چوندو ته، ”موٽي هل پنهنجي پروردگار ڏانهن خوش ٿي جو اهو توکان خوش آهي. پوءِ هليو وڃ منهنجي (پيارن) ٻانهن ۾ ۽ هليو وڃ منهنجي (قربتن واري) جنت ۾. (الفجر 8 2 ¸0 3 )

    الله ﷻ وري وري موقعو ڏئي ٿو
    الله ﷻ اسان جو مهربان پالڻهار اسان جي انهن روين ۽ عملن، انهيءَ ويسلائي ۽ اياڻائي، انهيءَ بي خبري ۽ نادانيءَ تي به ٻاجهه جو ارادو رکي ٿو ۽ وري وري اسان کي ميار ڏئي ٿو ته ”اي انسان! توکي ڪهڙي شيءِ ٻاجهاري پالڻهار کان ٺڳي ويسلو بڻائي ڇڏيو آهي.“ (انفطار¸6 ) انسان کي ڪڏهن ٿاٻڙجڻ جي ذريعي، ڪڏهن ڪنهن نقصان ذريعي ۽ ڪڏهن ڪنهن اشاري سان وري وري سنڀلجڻ جو موقعو ملندو رهي ٿو.
    اوهان ٿاٻو کائو ٿا، ڪنهن حادثي مان گذرو ٿا، قدرت اوهان کي سنڀلجڻ جو موقعو ڏئي ٿي. اوهان ا ن وقت ئي ا ن ٿاٻي ۽ حادثي جي اصل محرڪات تي سوچيو.
    جيڪڏهن اوهان اهو ٿاٻو غصي، حسد يا انتقام جي ڪتڙين ۾ ذهني انتشار يا سرڪشيءَ جي ڪري کاڌو آهي ته اوهان جي ٿاٻي ۽ حادثي جو محرڪ غصو، حسد ۽ انتقام جو جذبو آهي، اوهان ان مان جند آجي ڪريو، اوهان آئنده ٿاٻي ۽ حادثي کان بچي ويندؤ. جيڪڏهن اوهان ڪنهن سان ناانصافي ڪئي آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ ڪنهن خساري جو شڪار ٿيا آهيو ته اوهان ناانصافيءَ جي طريقن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪريو، اوهان آئنده اهڙي خساري کان بچي ويندؤ. جيڪڏهن اوهان آزاد خياليءَ جي انتشار ۽ گمراهيءَ جي فتور ۾ ڦاسي حادثو ڪيو آهي ته اوهان بدڪاري ۽ گمراهيءَ جي واٽ ڇڏڻ جو عزم ڪريو، اوهان آئنده اهڙي حادثي کان بچي ويندؤ.
    پر جيڪڏهن اوهان انهيءَ ٿاٻڙجڻ کي، خساري کي يا حادثي کي زندگيءَ جو عام معمول بڻائي ڇڏيندو ته پوءِ اوهان ۾ آهستي آهستي لاابالي ۽ سرڪشي پيدا ٿيندي ويندي. اها سرڪشي اهڙي پوائنٽ آهي، جتي اوهان جو مهربان الله ﷻ اوهان جو خلقڻهار الله ﷻ اوهان جو پالڻهار الله ﷻ اوهان کي ڀُلائي ٿو ۽ جنهن کي ان جو الله ﷻ ڀلائي ڇڏي ته پوءِ اهو انسان ڇورو ڇنو آهي، ان جو ڪو ڌڻي ۽ واهرو ئي ڪونهي. ڪي ماڻهو زندگيءَ ۾ وڏين انساني حق تلفين جي نتيجي ۾ گرفت ۾ اچڻ تي ناانصافين ۽ حرام خورين جو ازالو ڪرڻ بجاءِ ورد وظيفن ۽ تسبيحن ڦيرائڻ يا عمرن وغيره جي ذريعي ان گرفت مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. يا وري مرشدن جي آسري تي پيا انهن طريقن کي انگهائيندا رهندا پر پنهنجي عملي توبه ۽ انهن انساني حق تلفين جي بهتر ازالي جو عمل نه ڪندا ۽ نه وري ان جي ازالي طور ڪي وڏا انساني ڪم ڪري پنهنجي تخليقي مقصد کي سجايو ڪندا ۽ نه وري پنهنجي مالڪ جون محبتون ۽ قربتون پسڻ لاءِ فدائيت ۽ ايثار جا طريقا اختيار ڪندا. الله ﷻ مومنن سان انهن جي جانين ۽ مالن جو سودو ڪري ڇڏيو آهي اهي ماڻهو پنهنجي عملي سرگرمين سان وڏا انساني ڪم ڪري، ان سودي جو حق نه نڀائيندا، رڳو جڳاڙ پيا جاچيندا.

    سلامتيءَ جي واٽ
    هينئر اوهان جي بچاءَ لاءِ ۽ اوهان جي اطمينان ۽ سلامتيءَ واري زندگيءَ کي ماڻڻ جي لاءِ هڪ ئي واٽ آهي ته، اوهان الله ﷻ تي ايمان ۽ ان جي وحدانيت تي يقين کي قرآن جي مطابق سڌو ڪريو. الله ﷻ کي مڃڻ جا سڀ پيري فقيري ۽ وڏن کان ورثي ۾ مليل طريقا ڇڏي توبه تائب ٿيو ۽ جيڪو رستو الله ﷻ جي موڪليل ڪتاب ۾ ٻڌايل آهي ۽ جنهن رستي تي ان جي رسول ﷺ هلي ڏيکاريو آهي، انهيءَ کي اختيار ڪريو.
    قرآن شريف ۾ آهي ته: ”جيڪي مصيبتون توهان کي پهچن ٿيون، سي توهان کي پنهنجي ڪمن جي سببان پهچن ٿيون، اڃا به الله ﷻ کوڙ (اوهان جا غلط ڪم) معاف ڪري ڇڏيندو آهي.“ (شوريٰ: 0 3 )
    اهڙي طرح قرآن ۾ هيءُ به فرمايل آهي ته” هر انسان پنهنجي ڪمائي جي عيوض گروي آهي.“ يا ”جيڪو به برو عمل ڪندو ان کي ان جو بدلو ڏنو ويندو.“ (نساءِ: 3 2 1 ) ان جي وضاحت ۾ پيغمبر ڪريم ﷺ جن فرمايو آهي ته ”ان ۾ ننڍيون ننڍيون تڪليفون به داخل آهن.“ يعني انسان جي ڪئي جي نتيجي ۾ انسان کي جيڪو عذاب ڏنو ويندو آهي. ان ۾ ننڍيون ننڍيون تڪليفون به شامل هونديون. حضرت شاهه ولي الله ؓ انجو مثال هيئن سمجهايو آهي ته هڪ ماڻهوءَ پنهنجو سامان کيسي ۾ رکي وساري ڇڏيو ۽ ان کان پوءِ ان جي ڳولا ۾ جيڪو پريشان ٿئي ٿو ته اها پريشاني به ان انسان جي ڪَئي جي هڪ قسم جي سزا آهي. انهيءَ ڪري (1) زندگيءَ ۾ پنهنجي روين ۽ عملن ۾ جيترو اوهان خدا سان خالص وابستگي رکندؤ، (2) ان جي بندن جي سلسلي ۾ ناانصافين کان بچندؤ ۽ (3) انسانن لاءِ نفعي بخش زندگي گذاريندؤ اوترو اوهان پريشانين کي ڌڪي پٺتي ڪندؤ ۽ اطمينان ۽ سلامتي ماڻيندا ويندؤ.
    ڪجهه ماڻهن کي رواجي حالتن ۾ مصيبتن ۽ تڪليفن سان منهن ڏيڻو پوندو آهي. جيڪڏهن اوهان رواجي حالتن ۾ مصيبت مان گذرو ٿا ته اها مصيبت اوهان جي لاءِ اصلاح جو ڪارڻ آهي ته جيئن اوهان آپي کان ٻاهر نه نڪري وڃو. ماڻهو ۽ دنياداريءَ جي خفتال ۾ هر طرف کان بي نياز ٿي پنهنجي آپي کان ٻاهر نڪري ٿو ته پوءِ حقيقت پسند نٿو رهي. پنهنجي آپي ۾ وٺڻ جو قدرتي نظام اوهان کي اصلي انسان بڻائي ٿو ۽ فطري حالت تي واپس وٺي اچي ٿو. پوءِ اهڙي ماڻهوءَ کي ڪامياب انسان بنجڻ کان ڪوبه روڪي نٿو سگهي.
    جيڪڏهن اوهان ۾ اطمينان ۽ سلامتيءَ جي لاءِ حق جي تلاش ۽ جستجو آهي ته اوهان الله ﷻ جي پاران موڪليل زندگيءَ جي گائيڊ بوڪ قرآن کي ترجمي سان پڙهي وٺو، سيرت جي ڪتابن ۾ پيغمبر ڪريم ﷺ جي حياتي ۽ طريقي کي جاچي ڏسو، اوهان جي لاءِ رهبريءَ، هدايت ۽ سعادت جا دروازا کلندا ويندا.


    ڇا سچ جي ڳولها لاءِ واقعي اوهان سنجيده آهيو؟

    سچ ڇا آهي؟ ظاهر ۾ ته ان ننڍڙي پر حقيقت ۾ هڪ وڏي سوال جو جواب ڳولڻ ممڪن آهي ته اسان مان گهڻن لاءِ ڪا اهميت نه رکندو هجي. ائين به ٿي سگهي ٿو ته اسان ماڻهن لاءِ زندگيءَ جو سڀ کان اهم سوال اهوئي هجي. اهوئي سبب آهي جو سوچيندڙ ۽ ڳولائو ماڻهن کي هن سوال جي جواب ڳولڻ يا حل ڪرڻ جي هورا کورا رهندي پئي آئي آهي. اسان مان ڪيترائي ماڻهو اهڙا به آهن جيڪي سچ جا ساٿاري ۽ سچ جي واٽ جا پانڌيئڙا آهن ۽ سچ جي ساڃاهه کي سگهارو ڪري ان کي ٻين تائين پهچائڻ جي فڪر ۾ هوندا آهن.
    ان سوال جو جواب ڳولڻ ان وقت ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو آهي، جڏهن اسان پنهنجي ذهن ۾ سچ جي باري ۾ اڳ ۾ ئي ڪي معيار مقرر ڪري ڇڏيندا آهيون. تنهنڪري اهو نهايت ضروري آهي ته سڀ کان پهرين غيرجانبدار يا اڻڌريو ٿي نئين سر انهيءَ سوال جو جواب ڳولڻ گهرجي.

    غير جانبداريءَ جا ٽي رُخ
    1. پنهنجن ابن ڏاڏن، ابي امڙ، مٽن مائٽن ۽ آسپاس جي ماحول ۾ جڙيل ذهن کي پاسي تي رکڻ.
    2 . مولوين، مرشدن، ذاڪرن ۽ مذهبي پيشوائن جي صحبت ۾ پيدا ٿيل ڪٽرپڻي کي پاسي تي رکڻ.
    3 . پنهنجي ماحول ۽ معاشري، دوستن ساٿين، روايتي ڪتابن، نام نهاد مفڪرن، اخبارن ۽ ميڊيا جي وسيلي پيدا ٿيل سوچ کي پاسي تي رکڻ.

    آخر غيرجانبداري ڇو؟
    1. ان ڪري جو الله ﷻ انسان کي پيدا ڪري پاڻ به پنهنجي زبردستيءَ سان ڪنهن خاص يا مقرر رستي تي هلڻ جو زور نه رکيو آهي. الله ﷻ چڱائي ۽ مدائيءَ جون ٻه واٽون ۽ انهن تي هلڻ جا نتيجا ٻڌائي انسان کي آزاديءَ سان انهن مان هڪ رستي جي چونڊ جو اختيار ڏئي ڇڏيو آهي.
    2. ڪٽرپڻو ماڻهوءَ جي پنهنجي ذات ۽ شخصيت ۽ سندس مرتبي ۽ حيثيت کي وڃائي ڇڏي ٿو. جيئن ته ڪٽرپڻي سان ماڻهو پنهنجي هر عمل جو اظهار ٻين جي اثر هيٺ ڪري ٿو، تنهنڪري هو آزاديءَ سان يا پنهنجي ارادي ۽ مرضيءَ سان ڪوبه ڪم نه ٿو ڪري سگهي.
    3. ڪٽنب، مٽ مائٽ، دوست سنگتي، مرشد، ماحول ۽ معاشرو ماڻهوءَ جي سوچ ۽ فڪر کي هڪ قالب ۾ وجهندا آهن. اصل ۾ ماڻهو ڪنهن به قالب ۾ فِٽِ ٿيڻ واري مخلوق ڪونهي. حقيقت ۾ انسان پنهنجي سوچ ۽ عمل جي مدد سان ارتقا جي عمل مان لاڳيتو لنگهندڙ هڪ ذات آهي. تنهنڪري انسان جيڪڏهن زوريءَ ڪنهن قالب ۾ فِٽِ ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو ته پوءِ سندس شخصيت ۽ مرتبي جي واڌ ويجهه ڪونه ٿي سگهندي.
    هاڻي جيڪڏهن اوهان غيرجانبدار ۽ ڪٽرپڻي کان آجا آهيو ته پوءِ اوهان پَڪ سان سليم فطرت تي آهيو. سليم فطرت اها آهي جيڪا نج صورت ۾ الله پاڪ اوهان لاءِ ٺاهي آهي. دنيا ۾ سڀ انسان ان سليم فطرت تي پيدا ٿيندا آهن، پر پوءِ کين والدين ۽ معاشرو مختلف مذهبن ۽ مختلف طريقن جو پيروڪار بنائي ڇڏيندا آهن.
    انسان جيئن ته اشرف المخلوقات آهي، تنهنڪري کيس قدرت پاران وجدان، حواس، عقل ۽ وحيءَ جهڙا هدايت جا چار بندوبست ڪري ڏنا ويا آهن. انهن مان پهريان ٻه ذريعا انسانن ۽ ٻين ساهوارن ۾ گڏيل آهن ۽ جڏهن ته پويان ٻه ذريعا انسان کي سندس مٿانهين حيثيت ڪري مهيا ڪيا ويا آهن. تنهنڪري انسان جي خوبي ۽ ڪمال اهو آهي ته هو عقل ۽ وحيءَ جي صورت ۾ ڏنل هدايت کي رهنما بنائي پنهنجي زندگيءَ سفر کي جاري رکي. عقل ۽ وحيءَ جي هدايت کان پوءِ انسان پيءُ ماءُ، مٽن مائٽن، دوستن توڙي مرشدن جي طريقن تي اکيون ٻوٽي هلڻ جو روادار ڪونهي. ٻيا ساهوارا پنهنجي ضرورتن آهر وجدان ۽ حواسن جي هدايت هيٺ اکيون ٻوٽي هلندا رهندا آهن، پر انسان لاءِ عقل ۽ وحيءَ جي هدايت ملڻ کانپوءِ ٻيا دروازا بند ٿي ٿا وڃن.
    غير جانبدار ٿيڻ کانپوءِ ماڻهوءَ جا پنهنجي ذات لاءِ ٽي سوال نهايت اهم آهن:
    1. مان ڪير آهيان؟
    2. ڇو پيدا ڪيو ويو آهيان؟
    3. منهنجي اڳتي منزل يا مقصد ڇا آهي؟
    انهن ٽنهي سوالن جا جواب انسان کي سچ جي دروازي تي پهچائي سگهن ٿا.
    انهن ٽنهي سوالن جا جواب اسانجو ماحول، اسان جا عزيز، دوست ۽ اسان جون مروج روايتون فراهم نٿا ڪري سگهن، بلڪه اسان کي اشرف المخلوقات جي خاصيت بخشيندڙ وجدان، حواس، عقل ۽ وحي گڏجي عطا ڪري سگهن ٿا. اسانجي وجدان کي مفيد ۽ غيرمفيد طبعي ضرورتن جي سڃاڻ جي منڍ کان هدايت عطا ٿيل آهي. جڏهن اسان ٻار هئاسين، تڏهن به باهه جي شعلي کان ڇرڪندا هئاسين ۽ ڌڪ کائڻ کان بچندا هئاسين.اسان جا حواس اسان جي خطري ۽ اطمينان جي تميز رکن ٿا ۽ اسان جو عقل سوچڻ، سمجهڻ ۽ پرکڻ جي معاملن ۾ اسان جو رهنما رهيو آهي. هُن حق ۽ سچ جي لقائن ۽ اصولن کي ڏسڻ ۽ سمجهڻ ۾ اسان جي هميشه مدد ڪئي آهي. انساني فطرت جون جيڪي چڱايون آهن، عقل انهن جي فوري صداقت بابت رهنمائي ڪئي آهي. ۽ جيڪي مدايون آهن، عقل انهن جي به تڪڙي نشاندهي ڪئي آهي. عقل انسان جي تخليق کان وٺي ڪائنات جي هن سڄي نرالي تخليق تي غور ۽ فڪر ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، صالح انسانيت جا معيار پرکي ٿو، صالح ۽ غيرصالح جا فرق نکيڙي نروار ڪري ٿو. پر اهي سڀ ڪم اڪيلي عقل جا ڪونهن. منڍ کان وٺي عقل جي هڪ خارجي رهنمائي ٿيندي آئي آهي.
    جيئن اسان عام زندگيءَ ۾ ڏسون ٿا ته اکيون ڏسڻ جو خوبيءَ سان ڪم تڏهن ڪن ٿيون جڏهن اکين تي ٻاهرين روشنيءَ جو عڪس پوي ٿو. ٻاهرين روشنيءَ جو عڪس نه پوندو ته اوندهه ۾ روشن اکيون به پنهنجو ڪم نه ڪري سگهنديون.
    بلڪل ساڳيءَ طرح انسان جو عقل به ٻاهرين روشنيءَ جي عڪس جو محتاج آهي، اها ٻاهرين روشني ئي عقل جي رهنما آهي. عقل جي پرکيل شيءِ ته اها خوبيءَ واري آهي يا خاميءَ واري ۽ ان جي خطرناڪيءَ جا نتيجا پسمنظر ۾ ڪهڙا آهن يا پيش منظر ۾ڪهڙا ٿي سگهن ٿا، عقل انهيءَ جو ڪامل احاطو نه ٿو ڪري سگهي ڇو ته ان جو طريقه ڪار تجرباتي آهي. ساڳئي وقت بطور انسان جي اسان تڪڙن فائدن يا مفادن جي لاءِ عقل کان تڪڙا فيصلا ڪرائي ڪن شين کي پنهنجي لاءِ فائدي وارو قرار ڏياريون ٿا، ڪن شين جي باري ۾ محبت ۽ اطاعت وارن جذبن جي ڪري عقل کان زوريءَ حمايت جا فيصلا پنهنجي حق ۾ وٺون ٿا ۽ ڪن شين جي باري ۾ حمايت لاءِ ڪنهن لڪل خوف ۽ ڏهڪاءَ کي سامهون رکي پنهنجي عقل جي مٿان فيصلا مڙهيون ٿا، انهيءَ ڪري خود خلقڻهار به عقل کي ڪل حاڪم نه بنايو آهي پر عقل جي رهنمائيءَ لاءِ وحيءَ جي هدايت موڪلي آهي ته جيئن اها هدايت عقل جي سوچڻ کي متناسب ۽ مفيد رکي.
    انسان جي تخليق کان وٺي سندس هدايت جي لاءِ پيغمبرن جو سلسلو قائم رکيو ويو جن وحيءَ جي هدايت سان انساني قافلي کي سندس بهتر حالتن ۾ کڻي هلڻ بابت رهنمائي ڪئي آهي. وحي جي هدايت انسان کي جتي پنهنجي ذات جي ارتقا ۾ به رهنمائي ڪئي آهي، اتي انسانن جي اجتماعي ترقيءَ واسطي هڪ فلاح ڀري معاشري جوڙڻ جا رستا پڻ ٻڌايا آهن.
    انسان جي تخليق کان وٺي جڏهن به انساني سوسائٽيءَ ۾ انساني قدرن جي پائمالي ٿي ۽ اتي ابتري ۽ ظلم، استحصال ۽ حيواني قدرن جو غلبو ٿيو ته هر هڪ قوم ڏانهن پيغمبر آيا، جن ان ظلم، استحصال، شرڪ ۽ ابتريءَ کي ختم ڪرڻ جا جتن ڪيا. اهڙي طرح لکين نبين پنهنجا ڪروڙين پوئلڳ، صالح انسان ۽ سڌارڪ بڻايا جن پڻ انساني قافلي کي اڳتي وٺي هلڻ جي لاءِ وحيءَ جي انهيءَ هدايت جي روشنيءَ ۾ سچ جا اصول ۽ حق جي واٽ انسانن کي ٻڌائي. انسانن کي سچ جي واٽ تي سڏيندڙ اهو انسانن جو هيڏو وڏو تعداد انهيءَ وحيءَ جي هدايت جي روشنيءَ ۾ جڙيو آهي ۽ اهي انسانيت جي اعليٰ آدرشن ۽ اصولن جي هيڏي ساري جوڙ جڪ به ان وحي جي هدايت جي روشنيءَ ۾ ئي ٿي آهي.
    وحيءَ جي هدايت جو آخري محفوظ ۽ ميچوئر ذخيرو قرآن مجيد جي صورت ۾ انسانن وٽ موجود آهي، جنهن جي وحي الاهي هئڻ جي باري ۾ ڪي به ٻه رايا ڪونهن. اهو هينئر دنيا جي سڀني وڏين ٻولين ۾ ترجمو ٿيل آهي ۽ ان کي پڙهي کيس عقل جو رهنما بنائڻ ۾ ڪابه رڪاوٽ ڪونهي.
    انهيءَ ڪري اوهان موجوده فرقيواراڻي ماحول ۾ ڪنهن خاص گروهه جو پوئلڳ بڻجڻ بدران آزاداڻي انداز ۾ حق ۽ سچ جا ڳولائو بڻجي عقل ۽ وحي جي ذريعي جڏهن پنهنجي باري ۾ انهن ٽن سوالن جو جواب ڳولڻ شروع ڪندؤ ته
    1. مان ڪير آهيان؟
    2. ڇو پيدا ڪيو ويو آهيان؟
    3. منهنجي اڳتي منزل ۽ مقصد ڇا آهي؟
    ته اوهان جي لاءِ سچ جي واٽ پڌري ٿي پوندي ۽ اوهان پاڻ سچ جي واٽ جاواٽهڙو ٿيندؤ.
    قرآن مجيد اوهان کي ٻڌائيندو ته:
    • انسان تون اشرف المخلوقات آهين.
    • الله ﷻ جو ڌرتيءَ تي خليفو ۽ نائب آهين.
    • تنهنجي زندگيءَ جو سفر هن جهان ۾ پورو نٿو ٿئي. بلڪ هن جهان ۾ توکي صالح عملي زندگيءَ جي ذريعي آزمائشن مان گذرڻو آهي،
    • تخليقي طرح توکي بشر ڪري پيدا ڪيو ويو آهي.
    • توکي علم، تزڪيي ۽ پنهنجي صالح عملي زندگيءَ جي ذريعي وسيلي بشر کان انسان ڏانهن وڌڻو آهي.
    • انهيءَ سان پاڻ کي ڌرتيءَ تي قدرت جي مثالي مخلوق ثابت ڪرڻو آهي.
    • تون پنهنجي عملن وسيلي انسانن واسطي نفعي بخش بڻجي پاڻ کي مثالي مخلوق ثابت ڪر.
    • تون الله ﷻ جي معرفت حاصل ڪري ان جي نيابت جو حق ادا ڪر.
    • پنهنجا مرتبا بلند ڪر ۽ سرخروئي حاصل ڪر.
    • ته جيئن تون الله ﷻ جي قربت جو حقدار بنجين.
    • ابدي زندگيءَ ۾ ملئه الاعليٰ ۾ الله ﷻ جي قربت ماڻين وٺين.
    • ان ابدي زندگيءَ ۾ الله سائين روزانو توڏي چاهت جي نظر سان نهار ڪري ۽ وري وري توسان محبت جو اظهار ڪري.
    انهيءَ کان سواءِ مذهب ۽ دين ڌرم جي نالي ۾ جيڪو عام طور تي ماڻهوءَ کي ڀنڀلايو ۽ ڀانت ڀانت جي عقيدن ۽ وهمن ۾ ڦاسايو وڃي ٿو، سو مذهبي پيشه وريت ۽ تفرقو آهي، ڪٽر پڻو آهي، ڌرمي قيد آهي، جنونيت آهي. ماڻهن جي سادگي مان فائدو وٺي پنهنجي پيشه وريت جا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ مذهب جي نالي تي هرهڪ ناٽڪ رچايو وڃي ٿو. قرآن مجيد کي ترجمي سان سمجهي پڙهي ڏسندا ته اوهان ڪيترن ماڻهن کي روايتي دينداري ۽ فرقيواريت جي هڪ وڏي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل محسوس ڪندؤ. پر ياد رکو ته اوهان مان جيڪي به ماڻهو متوازن سوچ رکندا، ۽ قرآن جي رهنمائيءَ کي پنهنجو حقيقي هادي مڃيندا ته پڪ سان ان ڌٻڻ مان آسانيءَ سان ٻاهر نڪري ايندا.
    پڪ ڄاڻو ته انساني تاريخ جي هزارين سالن جي سفر ۾ انسان سچ جي اصولن کي هميشه پنهنجي تهذيبي ترقي ۽ الاهي هدايت مان ڦولهيو آهي. قرآن مجيد انسانن کي آخري هدايت جي صورت ۾ ڳنو ويو ۽ هڪ باقائدي انتظام سان ان جي حفاظت جو بندوبست ڪيو ويو. انهيءَ ڪتاب ۾ سچ جي عالمگير اصولن کي نروار ڪري بيان ڪيو ويو آهي. سچ جا سڀ عالمي ۽ آفاقي قدر قرآن مجيد ۾ سمايل آهن. اوهان اڄ ئي ترجمي سان ڍاري ڍاري ان جي هر هڪ آيت تي غور فڪر ڪري پڙهندا وڃو، حق ۽ حقيقت اوهان تي پڌرا ٿيندا ويندا. ان سان اوهان پنهنجي خلقڻهار جون قربتون محسوس ڪندؤ. پنهنجي پالڻهار جون رحمتون محسوس ڪندؤ. انهي ڪري قرآن کي مرشد بڻايو ۽ پنهنجي دل ۽ روح جي دنيا کي فرقيواراڻي ۽ ڪٽرپڻي جي ٻوسٽ مان ڪڍي روشن فڪريءَ جون اهي حقيقتون ۽ بشارتون ماڻيو جيڪي پيغمبرن ۽ سڌارڪن پنهنجي پوئلڳن کي ٻڌائي کين اطمينان جي زندگي ۽ ڪامرانيون عطا ڪيون ۽ ساڳئي اطمينان ۽ ڪامرانين کي اوهان به ماڻي وٺو:
    رباني دعوت سچ کي سمجهڻ، سچ کي اپنائڻ ۽ سچ کي ڦهلائڻ لاءِ روشن فڪر ماڻهن جي سرگرمي آهي. اوهان رباني دعوت جي سرگرمين ۾ شريڪ ٿي توحيد، تعليم ۽ تربيت ذريعي سماجي تبديليءَ جي عمل ۾ شريڪ ٿي سگهو ٿا.


    هن دنيا ۾ ماڻهوءَ جو اصل امتحان آهي ڪهڙو؟

    الله ﷻ جڏهن ڌرتيءَ تي آدم کي پيدا ڪيو ته ملائڪن ۽ جنن کي حڪم ڏنو ته توهان آدم جي اڳيان سجدو ڪريو. ملائڪ الله ﷻ جو حڪم ٻڌندي ئي سجدي ۾ ڪري پيا پر شيطان جيڪو جنن جو سردار هو تنهن سجدو نه ڪيو. الله ﷻ پڇيس ته تو منهنجي چوڻ تي سجدو ڇو نه ڪيو؟ شيطان وراڻيو ته ”مان آدم کان ڀلو آهيان. تو آدم کي مٽيءَ مان ٺاهيو ۽ مون کي باهه مان. “
    شيطان الله ﷻ کي سجدو ڪرڻ لاءِ تيار هو، پر هو پاڻ کي وڌيڪ سمجهي آدم کي سجدي ڪرڻ تي راضي نه ٿيو. ان جو نتيجو هي نڪتو ته هو لعنتي ۽ جهنمي قرار ڏنو ويو.
    زمانو بدليو، ڪردار بدليا پرساڳي ڪار آدم جي اولاد ۾ اڄ به جاري آهي. هڪ طرف فرشتا آهن، جيڪي ماڻهوءَ کي نوڙت ۽ اعتراف جو سبق ڏئي رهيا آهن ۽ ٻئي طرف شيطان آهي جيڪو انسان جي رڳن ۾ ڊوڙي ٿو ۽ ماڻهن کي ورغلائي ٿو ته اهي پاڻ کي ئي معتبر سمجهن ۽ خود پسنديءَ جي شيطاني طريقي جا پيروڪار بڻجن. دنيا ۾ زندگي گذاريندي اسان جو هر گهڙي آدم سان واسطو پوي ٿو. ان جو ڪونه ڪو حق اسان جي مٿان لهڻو هوندو آهي، پوءِ اهو صرف مرڪي ملڻ ئي ڇو نه هجي. خدا جو حڪم هي آهي ته مان پنهنجي مشيت سان انسان کي شرف وارو ڪري خلقيو آهي، ان ڪري هر انسان تعظيم جي لائق آهي. ان کي منهنجي مشيت جو لحاظ رکي پنهنجي حصي جي تعظيم، احترام ۽ حق ادائي بجا آڻيو. ايتري قدر جو ان ۾ ڪا مذهبي نسلي ۽ جنسي تفريق به حائل نٿي ٿي سگهي. هاڻي جيڪي ماڻهو فرشتن جي روش اختيار ڪن ۽ پنهنجي لاءِ الله ﷻ جي ڪيل حڪم جي شناس رکي، ائين ڪري وٺن ته اهي الله ﷻ جا وفادار ٻانها ليکبا. اهي هن دنيا جي آزمائشن مان پارپئي (آخرت ۾) سعادت، سک ۽ سلامتيءَ جو لطف ماڻيندا ۽ الله ﷻ جي وعدو ڪيل ابدي سلامتي ۽ ڪامرانيءَ جا لهڻيدار پڻ بڻبا. پر جيڪي ماڻهو شيطان جي طريقي کي اختيار ڪندا ۽ پنهنجي ڏاڏر خاطر ٻين جي آدميت جي احترام ۽ انهن جي حقن جي ادائگيءَ لاءِ تيار نه ٿيندا ته اهي الله ﷻ جا بي چيا باغي ماڻهو آهن، اهي هن دنيا ۾ به شيطان جي حصي ۾ لعنتي ۽ ڦٽڪاريل رهندا ۽ الله ﷻ جي ان واعدو ڪيل جهنم جي عذاب جا حقدار پڻ بڻبا جتي سدائين سڙندا رهن.
    شيطان جڏهن بي چيو باغي بڻيو ته الله ﷻ ان کي پنهنجي اطاعت واري واٽ جو نااهل قرار ڏنو. تنهن تي شيطان ان وقت ئي الله ﷻ کي چيو هو ته: ”جيئن تون مون کان واٽ کسي، تيئن مان به تنهنجي سڌي واٽ تي ماڻهن جي تاڙ ۾ ويهندس، پوءِ انهن جي اڳيان به ايندس ۽ پٺيان به ايندس، انهن جي ساڄي کان به ايندس ۽ کاٻي کان ايندس. (منهنجي ٿيڙڻ کانپوءِ) تون انهن ۾ اڪثر ماڻهن کي بي شڪرو (نافرمان) ڏسندين. الله ﷻ چيس نڪر هتان بڇڙو ٿي ۽ تڙيل ٿي. ماڻهن مان جيڪي تنهنجا پوئلڳ ٿيا ته مان به توهان سڀني سان دوزخ کي ڀريندس.“ (الاعراف – 16 – 17)
    انسان الله ﷻ جو ٻانهو آهي، ان کي عبديت جو اصل سجدو ته الله ﷻ کي ڪرڻوآهي. پر گڏوگڏ هن دنيا ۾ الله ﷻ انسان کان پنهنجي عبديت جو اظهار پنهنجي حڪمن جي تابعداريءَ جي ذريعي ڪرائڻ جي آزمائش لاءِ پڻ موڪليو آهي. انهيءَ ڪري انسان کي هر قدم تي ٻين انسانن سان پنهنجي سلوڪ ۽ روين جا حڪم به موڪليا اٿس. زندگيءَ جي هر لمحي تي جڏهن وري وري انسان کي ٻين انسانن جي حقن سان واسطو پوي ٿو ته الله ﷻ به وري وري حڪم ڪري ٿو ته تون هتي آدم جي تعظيم ۽ حق ادائيءَ لاءِ هر وقت تيار رهه. اهوئي هن دنيا ۾ انسان جو اصل امتحان آهي.
    الله ﷻ کي ظاهري سجدو ڪرڻ لاءِ ماڻهو آسانيءَ سان تيار ٿي وڃي ٿو، پر جتي کيس ڪنهن انسان جي تعظيم، اعتراف ۽ حق ادائي لاءِ ڪنهن انسان بابت خدائي حڪم جو سوال اڳيان اچي وڃي ٿو ته اتي فوراً منجهس ابليس واري نفسيات جاڳي پوي ٿي ته ”مان انهيءَ کان بهتر آهيان، مان ڇو ان جي سامهون هيٺاهون ٿيان.“ انسان جو اهو احساس شعوري يا غير شعوري طور تي سندس الله ﷻ جو حقيقي فرمانبردار ٻانهو بنجڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي پوي ٿو. هو جنهن الله ﷻ کي نماز ۾ سجدو ڪري رهيو هوندو آهي، انهيءَ ساڳي الله ﷻ جي پڌرن حڪمن جي باوجود ”آدم“ جي اڳيان جهڪڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندو آهي. الله ﷻ جو ساجد ۽ عابد ٻانهو اهوئي آهي جيڪو الله ﷻ جي حڪم کي مڃي پنهنجي لهڻيدار انسان جي سامهون جهڪي پوي. جيڪو شخص الله ﷻ جي سامهون سجدا ڪري ۽ جڏهن ”الله ﷻ جي عيال“ انسانن سان سندس معاملو پوي ته انهن جو حق نه سڃاڻي ۽ آڪڙ ۽ بي انصافيءَ جو طريقو اختيار ڪري ته اهو الله ﷻ جو ساجد به ڪونهي. ڇاڪاڻ ته جتي الله ﷻ ان جي ساجد هئڻ جو امتحان وٺي رهيو هو، اتي هو پنهنجو پاڻ کي ساجد ثابت ڪري نه سگهيو.
    ٻن ماڻهن جي وچ ۾ معاملو ٿي پوي ٿو. انهيءَ معاملي ۾ هڪ حق تي هوندو آهي ۽ ٻيو ناحق تي. جيڪو ماڻهو حق تي آهي اهو ڄڻ ته ٻئي ماڻهو لاءِ وقت جو ”آدم“ آهي. انهن جي وچ ۾ اهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ سان ئي الله ﷻ جو هي حڪم اڳيان اچي وڃي ٿو ته انهي ماڻهو جي اڳيان منهنجي حڪمن جي پورائي خاطر جهڪي پئه. هاڻي جيڪو ماڻهو پنهنجي حريف جي حق کي مڃيندي پاڻ کي جهڪائي ڇڏي ته ان فرشتن جي پيروي ڪئي. ۽ جنهن شخص جي ”مان“ حق جي مڃوتيءَ ۾ رڪاوٽ بڻجي وڃي ۽ انهيءَ ذهن هيٺ لهڻيدار جي اڳيان جهڪڻ کان انڪار ڪري ته منهنجي پوزيشن مضبوط آهي ۽ هي شخص منهنجو ڪجهه به بگاڙي نٿو سگهي ته انهيءَ ابليس جي پيروي ڪئي. هاڻي الله ﷻ جي اڳيان سجدو ڪرڻ سندس عبديت جو اظهار ۽ ڇوٽڪاري جو سبب نٿو بڻجي سگهي. الله ﷻ جي آڏو سجدو صرف انهيءَ شخص جو اعتبار جوڳو آهي جيڪو الله ﷻ جي مشيت ۽ سندس ڏنل حڪمن جي پوئيواريءَ ۾ ان جي هٿن سان ٺاهيل ”آدم“ جي سامهون جهڪڻ تي راضي ٿي وڃي. جيڪو ماڻهو هي چوي ته مان الله ﷻ کي مٿو ٽيڪيندس پر ”آدم“ جي لهڻيداريءَ جو لحاظ نه ڪندس اهو شيطان جو ڀاءُ آهي. ان جي سجدي جي الله ﷻ وٽ ڪابه قيمت ڪونهي. ڇاڪاڻ ته هن ”آدم“ جي لهڻيداريءَ جو انڪار ڪري وڏائي ۽ ڪبر جو مظاهرو ڪيو آهي. جيڪو پنهنجي اندر ۾ وڏائيءَ جي نفسيات جي پروش ڪري، ان جو ڪوبه عمل الله ﷻ قبول ئي نٿو ڪري.
    پهرئين انسان (آدم) جو قصو سڌو سنئون الله ﷻ جي سامهون پيش آيو هو. هاڻي دنيا جي زندگيءَ ۾ هرگهڙي اهو قصو الله ﷻ جي غيب ۾ پيش اچي رهيو آهي. اڄ الله ﷻ اسان جي سامهون پڌرو موجود ڪونهي. اڄ جيڪو الله ﷻ جي جاءِ تي آهي سو الله ﷻ جو ڪتاب ۽ ان جي رسول ﷺ جو طريقو آهي. انهيءَ سان گڏ انسان جو پنهنجو ضمير آهي جيڪوقالو بليٰ جي اقرار سان اندر مان کيس آواز ڏيندو رهي ٿو. روزاني زندگيءَ ۾ جڏهن انسانن سان اسان جو واسطو پوي ٿو ۽ هي تقاضا بڻجي ٿي ته اسان ان جي لهڻيداريءَ جو اعتراف ڪريون، اهو اعتراف ڪنهن کان معذرت ۽ معافي وٺڻ جي صورت ۾ لفظي طور هجي يا ڪنهن کي پنهنجي حق جو مالڪ بنائڻ جي عمل جي صورت ۾، انوقت ڄڻ ته خاموش زبان ۾ الله ﷻ جو حڪم اسان وٽ پهچي وڃي ٿو ته انهيءَ ”آدم“ جو جيڪو به حق تنهنجي مٿان آهي، اهو ادا ڪر. ٻين لفظن ۾ ان جي سامهون جهڪي پئه. جيڪڏهن لفظي اعتراف جو معاملو آهي ته لفظن ۾ ان جي صداقت جو اعتراف ڪر ۽ جيڪڏهن عملي حق جو معاملو آهي ته عملي طور تي پاڻ دستبردار ٿي ان جو حق ادا ڪر. اهڙي موقعي تي جيڪي ماڻهو الله ﷻ جي خاموش آواز تي جيءُ چون ۽ فوراً ان جي تعميل ڪن ته اهي امتحان ۾ پار پئجي ويا. پر جيڪي ماڻهو ”مان ان کان مٿانهون آهيان“، ”مان ان کان بهتر آهيان“ ۽ ”مان وڌيڪ طاقتور آهيان“ جهڙي نفسيات ۾ وڪوڙجي وڃن ۽ ”آدم“ جي اڳيان جهڪڻ کان انڪار ڪري ڇڏين ته اهي امتحان ۾ ناڪام ۽ نامراد ٿيا. پوءِ پهرئين قسم جي ماڻهن لاءِ فرشتن وارو انجام آهي يعني الله ﷻ ۽ سڄي مخلوقات جي محبوبيت ۽ ٻئي قسم جي ماڻهن لاءِ ابليس وارو انجام آهي. يعني الله ﷻ، فرشتن ۽ سڄي مخلوقات جي ڦٽڪار.
    الله ﷻ کي سجدو ڪرڻ لاءِ ماڻهو آسانيءَ سان تيار ٿي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ جو الله ﷻ جي باري ۾ ڪنهن جي اندر ۾ ”مان انهيءَ کان وڏو آهيان“ جي نفسيات نه هوندي آهي. جڏهن ته انسان جي مقابلي ۾ ڀانت ڀانت جون نفسياتي ڳنڍيون ٻڌل هونديون آهن، جيڪي هڪ ماڻهوءَ جو ٻي ماڻهوءَ جي اعتراف ۾ رڪاوٽ بڻيل هونديون آهن. الله ﷻ ڪنهن ماڻهوءَ جو حريف ناهي، جڏهن ته انسان تمام اٻهرائپ ۾ ٻئي ماڻهوءَ کي پنهنجو حريف سمجهي ويهي ٿو ۽ سندس مقابلي ۾ پنهنجي جهڪڻ کي عزت جو سوال بڻائي ويهي ٿو. الله ﷻ جي اڳيان ماڻهوءَ جي نفسيات محتاجيءَ جي نفسيات هوندي آهي. الله ﷻ صرف ڏيڻ وارو آهي، کيس ڪنهن کان وٺڻ جي ڪا ضرورت ڪونهي. پر انسان جومعاملو مختلف آهي. هتي هڪ شخص جڏهن ٻئي شخص جي آڏو جهڪي ٿو ته کيس ڪجهه نه ڪجهه ڏيڻو پوي ٿو. ڪڏهن سٺا لفظ، ڪڏهن ان جي حق تي هئڻ جو اعتراف، ڪڏهن ان جو مالي يا مادي حق ادا ڪرڻ، ڪڏهن اڳلي جي ڏٻري حيثيت جي باوجود ان جي عزت خاطر ان کي درگذر ڪرڻ، ڪڏهن پاڻ کي پوئتي ڪري ان کي اڳتي ڪرڻ، ڪڏهن هڪ شخص جي اتفاقي غلطيءَ مان فائدو وٺڻ جو موقعو هجڻ جي باوجود انصاف جي خاطر چپ رهڻ، ڪڏهن سامهون نظر ايندڙ نفعي کي ڇڏي اصولن خاطر ڪمزور ۽ بي نفعي ماڻهوءَ جو ساٿ ڏيڻ. مطلب ته ماڻهوءَ جي اڳيان جهڪڻ جو جڏهن به مسئلو هوندو آهي ته ان کي ڪجهه نه ڪجهه ڏيڻ جو مسئلو هوندو آهي. جڏهن هو ڪنهن حريف جي عزت ڪندو آهي ته اهو پنهنجي عزت کي خطري ۾ وجهڻ جي قيمت تي ڪندو آهي. اهڙيون ڳالهيون ڪنهن انسان کي الله ﷻ جي مقابلي ۾ ”آدم“ جي اڳيان جهڪڻ کي بيحد مشڪل بڻائي ڇڏينديون آهن. پر اهي ئي ڳالهيون هونديون آهن، جتي انسان جو اصلي امتحان ٿي رهيو هوندو آهي. اهائي اصل قرباني هوندي آهي جيڪا هر هڪ کي پنهنجي الله ﷻ جي رضا لاءِ ڏيڻي آهي. جيڪو انهيءَ قربانيءَ جي لاءِ تيار نه ٿيو، اهو ڪڏهن به الله ﷻ جو محبوب ٻانهو نٿو بڻجي سگهي. پوءِ توڻي هو الله ﷻ جي آڏو بظاهر سجدا ڪندڙ هجي توڻي نه ڪندڙ هجي.
    سڀ کان وڏي حقيقت الله ﷻ رب العالمين آهي. ان ذات کي ماڻي وٺڻ ئي ماڻهوءَ جي سڀ کان وڏي ڪاميابي آهي. موجوده دنيا ۾ ماڻهو پنهنجي مالڪ جون وڌ ۾ وڌ قربتون ”سجدي“ ۾ ئي ماڻي ٿو. پر سجدو ان وقت حقيقي سجدو بڻجي ٿو، جڏهن سجدي کان ٻاهر جي دنيا ۾ ماڻهو نوڙت ۽ جهڪڻ جي زندگي اختيار ڪري چڪو هجي. اهڙو شخص پنهنجي شخصيت جي لحاظ کان انهيءَ لائق بڻجي ويندو آهي جو هو الله ﷻ جي تجليات ۽ مهربانين مان ميڙا چونڊي ڪري سگهي. پوءِ ان جي لاءِ سجدو حقيقي معنى ۾ ملاقات جو هنڌ بڻجي پوندو آهي. ان جي ابتڙ جيڪو ماڻهو سجدي کان ٻاهر جي زندگيءَ ۾ سجدي جي عملي تقاضائن جي ابتڙ خود پسند آڪڙيلو ۽ متڪبر بڻيل هجي، شيطان ان جي حواسن تي سوار ٿي ويندو آهي. نتيجي ۾ ان جو سجدو غفلت ۽ بنا سرور جي هوندو آهي. ان جو سجدو نه کيس الله ﷻ سان ٿو ملائي ۽ نه کيس الله ﷻ جي ويجهو ڪري ٿو.


    شيطان جا ساٿي طبقا اوهان جي چوڌاري موجود آهن

    الله ﷻ جي پاران ڏنل نيڪاليءَ کان پوءِ شيطان انسانن کي ٿيڙڻ جو جيڪو پهه پچايو هو، ان وقت کان ئي ان ڪم کي لڳي ويو. پنهنجي ڪم کي سرانجام ڏيڻ جي لاءِ هُن ٻه طريقا اختيار ڪيا. هڪ ته هن وسوسن ۽ جمالياتي فريب ڪاريءَ جي ذريعي انسانن کي گمراهه ڪرڻ شروع ڪيو، ان ۾ هن انسا ن کي قدرت جي پاران ڏنل نيڪي ۽ بديءَ جي راهه تي هلڻ جي خوداختياري حق جو فائدو وٺي انسان کي بديءَ جي واٽ تي هلڻ لاءِ سندس نفس اماره کي هرکايو.
    نفس اماره هي آهي ته خواهشن، لونجهه ۽ جذبات جي ڊوڙ ۾ انسان جا پنهنجا غلط فيصلا کيس غلط رستا اختيار ڪرڻ لاءِ اڀاريندا آهن ۽ شيطان موقعو ڏسي وجهه وٺي کيس وسوسن، هرکائڻ ۽ جمالياتي فريب ڪاريءَ سان انهن غلط فيصلن تي هلڻ جي ترغيب ۽ هُشي ڏيندو رهندو آهي. ان جي ٻي حالت نفس لوامه آهي، هي انساني شخصيت جي اها ڪيفيت آهي جنهن ۾ منجهس نيڪي ۽ بديءَ جي ڇڪتاڻ بيدار ٿي پوندي آهي، پهريائين انسان هڪ غلط فيصلو ڪري ويهندو آهي، جڏهن کيس انهيءَ جو احساس ٿيندو آهي ته هو پنهنجي ڪئي تي نادم ٿيندو آهي ۽ هو شيطان ۽ ان جي وسوسي ۽ ان جي ساٿين جي هُشيءَ ڏانهن متوجه ٿيڻ تي پاڻ کي ملامت ڪندو آهي ۽ آئنده واسطي انهن جي مقابلي لاءِ تيار ٿي بيهندو آهي. اهو ندامت جو احساس به انسان جي خوبي آهي. حيوان انهيءَ احساس ۽ جذبي کان محروم هوندا آهن. جڏهن نيڪي ۽ بديءَ جي انهيءَ ڇڪتاڻ ۾ نيڪيءَ جي قوت بديءَ جي مٿان حاوي ٿي وڃي ته کيس انهيءَ ڇڪتاڻ کان نجات ملي پوندي آهي. قرآن حڪيم انهيءَ کي نفس مطمئنه جو نالو ڏنو آهي. موجود دور ۾ انهيءَ کي متوازن شخصيت (Balanced personality) چئجي ٿو. انهيءَ جي ڪري متوازن شخصيت يا نفس مطمئنه واري ماڻهوءَ کي ڪوبه اندروني وسوسو يا باطل قوتن جو ٻاهريون وسوسو، يا نظر نه ايندڙ شيطان جي جمالياتي فريب ڪاري (شين کي خوبصورت ۽ فائدي وارو ڪري ڏيکارڻ) يا نظر ايندڙ شيطاني قوتن جي لالچ ۽ مفاد يا خوف، انهن مان ڪوبه اثر غالب پئجي نه سگهندو آهي. انهيءَ ڪري جو ان کي پنهنجي خالق جي ڏسيل هدايت مطابق هي پڪو يقين هوندو آهي ته سندس ڪم ۽ جذبا سندس خالق جي تخليقي مقصدن جي مطابق سرانجام ٿي رهيا آهن. اها الله ﷻ جي رضا ۽ حڪمن تي هلڻ واري زندگي آهي. اهڙي مطمئن نفس جي هي زندگي به اطمينان واري گذرندي آهي ۽ ابدي زندگيءَ ۾ سڏي ڪري ان کي چيو ويندو : اي مطمئن نفس وارا ماڻهو، موٽي هل پنهنجي رب ڏانهن. خوش ٿي جو اهو توکان راضي آهي. پوءِ هليو وڃ منهنجي ٻانهن ۾ ۽ گهڙي پؤ منهنجي جنت ۾ (الفجر 28-30)
    شيطان انسان کي گمراهه ڪرڻ جو ٻيو طريقو حزب الشيطان يعني پنهنجي شيطاني جماعت کان ڪم وٺڻ جو اختيار ڪندو آهي. جيڪي ان وانگر ئي الله ﷻ جا بي چيا باغي بڻيل هوندا آهن. قرآن حڪيم انهن جو ڏس هن طرح سان ڏنو آهي:

    اِسْتَحْوَذَ عَلَیۡہِمُ الشَّیۡطٰنُ فَاَنۡسٰہُمْ ذِكْرَ اللہِ ؕ اُولٰٓئِکَ حِزْبُ الشَّیۡطٰنِ ؕ اَلَاۤ اِنَّ حِزْبَ الشَّیۡطٰنِ ہُمُ الْخٰسِرُوۡنَ ﴿۱۹﴾ (المجادله 19)

    ترجمو: ”شيطان (۽ ان جون سرڪش ۽ خود غرض قوتون) انهن جي مٿان مسلط ٿي ويون آهن، جنهن ڪري انهن الله ﷻ جي اطاعت ۽ ان جي رشتي کي وساري ڇڏيو آهي. اِهي حزب الشيطان (يعني شيطان جي جماعت) آهن. پڪ ڄاڻو ته شيطان جي جماعت وارن جي لاءِ آخرڪار نقصان ۽ خسارو ئي آهي.“
    انهن شيطاني قوتن جي پاران انسان کي گهيري وٺڻ جو طريقئه واردات به قرآن هن طرح ٻڌايو آهي:

    اِتَّخَذُوۡۤا اَیۡمَانَہُمْ جُنَّۃً فَصَدُّوۡا عَنۡ سَبِیۡلِ اللہِ فَلَہُمْ عَذَابٌ مُّہِیۡنٌ ﴿۱۶﴾
    (المجادله 16)
    ”انهن پنهنجي (فريب ڪاريءَ جي ڪوڙي ڍونگ ۽) قسمن کي ڍال بڻائي ڇڏيو آهي جنهن جي آڙ ۾ اهي ماڻهن کي الله ﷻ جي واٽ کان روڪين ٿا، انهيءَ ڪري مٿن ذلت وارو عذاب لازم ٿي ويو آهي.“

    شيطاني جماعت جا ماڻهو، ماڻهن کي الله ﷻ جي واٽ تي هلڻ کان روڪڻ لاءِ ڪهڙا ڪهڙا طريقا اختيار ڪن ٿا ان جو سڄو تفصيل به ماڻهن کي خبردار ڪرڻ لاءِ قرآن ۾ بيان ڪيل آهي. اهي شيطاني قوتون جدا جدا افرادي حيثيت ۾ به اهو ڪم سرانجام ڏين ٿيون ۽ ادارن جي منظم شڪل ۾ به اهو ڪم سرانجام ڏين ٿيون. اهي چار ادارا آهن:

    (1) فرعوني ادارو
    (2) هاماني ادارو
    (3) قاروني ادارو
    (4) آذري ادارو

    (1) فرعوني ادارو:
    هي ادارو آمريت ۽ سرڪشيءَ جي علامت آهي ۽ پاڻ کي حاصل اقتداري ۽ رياستي سگهه جي بنياد تي عوام کي غلامانه حيثيت ۾ رکڻ جو روادار هوندو آهي. الله ﷻ جي حاڪميت ۽ قانونن کي نه مڃيندو آهي، ان ڪري رعيت کي انهن قانونن تي عمل ڪرڻ جو موقعو ئي نه ڏيندو آهي. ويتر پنهنجا آمراڻا حڪم نافذ ڪري ماڻهن کي اطاعت لاءِ مجبور ڪندو آهي. ڪڏهن بظاهر مسلمان جي روپ ۾ قسم کائي ماڻهن کي هي تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ۾ لڳو رهندو آهي ته هو دين جو محافظ آهي. ماڻهن ۽ ملت جو سڄڻ آهي ۽ حقن جو محافظ آهي، انهيءَ لاءِ ڪوڙ بدوڙ جا ماڻهن کي ڪيترائي ٺڳيءَ جا ٺاهه ڏيکارڻ ۾ ڪامياب به ٿي ويندو آهي پر جيئن ته هو :

    (1) صلواة: اهڙو فطري معاشرو جنهن ۾ خدا جي بندن کي پنهنجي عبديت اظهارڻ جا موقعا ملن.
    (2) انفاق: دولت جي اهڙي تقسيم جنهن سان ماڻهن جو بنيادي ضرورتون پوريون ٿين.
    (3) معروف: اعليٰ انساني قدرن جي حڪمراني
    (4) منڪر: انسانيت ڪش ڪمن جي حوصله شڪني وارو.

    سماجي انصاف تي ٻڌل نظام جو قيام، پنهنجي استڪبار ۽ آمرانه غرضن ۾ رڪاوٽ سمجهندو آهي انهيءَ ڪري ظلم ۽ ٺڳيءَ تي آمريت جا چنبا مضبوط ڪري رکندو آهي. انهن چنبن مضبوط ڪرڻ ۾ ٻيون ٽي قوتون هاماني، قاروني ۽ آذري جماعتون سندس سهڪاري رهنديون آهن. ان جي نتيجي ۾ هڪ طرف عوام جي اڪثريت پنهنجي انساني حقن کان محروم رهجي ويندي آهي ته ٻئي طرف وري اها اڪثريت الله ﷻ جي حڪمن مطابق پنهنجي زندگي بسر ڪرڻ جي لائق نه رهندي آهي. انسان کي معاشي طورتي بدحال ڪري فقر ۽ فاقي سان ڪفر جي ڌٻڻ ۾ ڌڪيو ويندو آهي ۽ هر طرف کان سودي نظام جو گهيراءُ هوندو آهي.

    (2) هاماني ادارو:

    انهيءَ کي فرعون ۽ آمريتون پنهنجي تائيد، مدد ۽ خدمت لاءِ قائم ڪندو آهي، اهو ڪم موجوده دور ۾ حاڪمن جون دلال پارٽيون ۽ ايجنسيون ڪنديون آهن. انهيءَ اداري جي ذميدارين ۾ فرعوني حڪم قبول ڪرائڻ ۽ انهن تي عملدرآمد ڪرائڻ هوندو آهي. فرعوني حڪومت کي مضبوط بنائڻ خاطر رعيت کي بنيادي انساني حقن کان غافل ۽ محروم رکڻ خاطر تدبيرون ڪرڻ ۽ حڪمت عمليون جوڙڻ ۽ پروپئگنڊه جي ذريعي آمريت ۽ استڪبار کي ٽيڪو ڏيڻ، رباني سماجوادي نظام جي امڪانن کي ختم ڪرڻ ان جي سرگرمين ۾ شامل هوندو آهي. هن اداري جو سڀ کان وڏو ڪرشمو هي هوندو آهي ته اهو چئني شيطاني ادارن جي وچ ۾ خفيه رابطه ڪاري ڪندو آهي. ۽ انهن جي گڏيل سهڪار سان عوام جي ڀلائيءَ جا سگهارا قومي ادارا وجود ۾ اچڻ ئي نه ڏيندو آهي. جيڪڏهن ماڻهن ۾ اهڙي آرزو پيدا ٿي پوي ته ان صورت ۾ هو خطرناڪ منصوبا جوڙي اهڙين خواهشن جا ترا لڳائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. خلق خدا الله ﷻ جي واٽ تي هلي پوي ۽ رباني سماجوادي معاشرو وجود ۾ آڻي سڀني انسانن کي برابريءَ جي بنياد تي وسيلن ۽ بنيادي حقن جو موقعو فراهم ڪري، هاماني ادارو اهڙن سڀني امڪانن کي ختم ڪرڻ جون رٿابنديون ڪندو آهي.

    (3) قاروني ادارو:

    هي جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جو گروهه هوندو آهي، جيڪو هاماني اداري وانگر فرعوني حڪومت جو پاليل ۽ ان کي ٽيڪ ڏيندڙ هوندو آهي. پنهنجي چوڌاري ماڻهن کي محتاج ۽ غلام بڻائي رکڻ هن گروه جي ابليسي خصوصيت آهي. هن گروهه وارا ماڻهن جو استحصال ڪرڻ ۽ حق ڦٻائڻ جا ماهر هوندا آهن ۽ پنهنجي جاگيرن ۽ ماتحتيءَ ۾ رهندڙ هارين ۽ پورهيتن جي ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جي بندوبست کان لنوائيندا آهن ته جيئن انهن ۾ ڪڏهن به تبديليءَ جو اُڀار ۽ سرگرمي پيدا نه ٿئي. نتيجي ۾ انهن جو جوان ٿي وڃڻ جي باوجود وڏو تعداد قرآن جي ٻڌايل زندگيءَ جي جمالياتي قدرن، معرفت ۽ حقيقت، علم ۽ ڏاهپ جي شعور ۽ برڪتن کان محروم رهجي ويندو آهي. ايستائين جو انهن کي پنهنجي انساني حقن جو شعور به نه رهندو آهي جو انهن جي حاصلات لاءِ کڻي جهد ۽ جاکوڙ ڪري سگهن. سندن ذهنيت غلاماڻي بڻجي پوندي آهي ۽ ان زندگيءَ تي قائم رهڻ جا عادي بڻجي پوندا آهن. دل جي دنيا جو شعور انهن وٽ نه رهندو آهي جو مذهبي پيشه ورن جي مٿان ايمان ۽ تقديس جو عقيدو رکڻ جي ڪري سندن دلين کي تالا لڳي ويندا آهن ۽ ذهنن جي مٿان پردا پئجي ويندا آهن. انصاف پسندي ۽ حق پرستي جي ديد، ذوق ۽ چاهت منجهائن ختم ٿي ويندي آهي. انهيءَ ڪري جيئن چڱي ۽ بڇڙي حالت، صورت ۽ رويي ۾ به فرق نه ڪري سگهندا آهن، تيئن گهڻو ڪري حق پرستيءَ جي مخالفت ۾ اُڀا ۽ اڳرا نظر پيا ايندا، شرڪ جي بڇڙاين ۽ گمراهيءَ جي گهيرائن جي ڪري حق ۽ باطل ۽ سچ ۽ ڪوڙ ۾ فرق ڪرڻ کان محروم هوندا آهن.
    قاروني طبقو جيئن ته پئسي تي پئسو ڪمائڻ جو روادار هوندو آهي، انهيءَ ڪري هارين، پورهيتن ۽ ڪمزورن جي لهڻي ليکي جو استحصال ڪري، انهن جي ڪمائيءَ تي عيش عشرت جي زندگي گذاريندو آهي. انهن استحصالي طريقن کي لڳاتار جاري رکڻ جي لاءِ ضروري هوندو آهي ته هو فرعوني ۽ هاماني ڪلاس جو ساٿ ڏئي رباني سماجوادي نظام قائم ٿيڻ نه ڏين. سماجوادي نظام انسانن جي آزادين، اجتماعي ڪفالت ۽ منصفاڻي نظام جي تقاضا ڪندو آهي، انهيءَ ڪري ننهن چوٽيءَ جو زور لائي هو اهڙي نظام جي سڀني امڪانن کي رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ اهڙين ڪوششن ۾ چوٿون ابليسي ساٿي ”آذري ادارو“ سندن بيحد مددگار بڻبو آهي.


    (4) آذري ادارو:

    مذهبي پيشوائيت جي صورت ۾ هي ادارو ماڻهن جي لاءِ وڏي تقديس جي صورت اختيار ڪري وٺندو آهي. دنيا جي ٿورڙي نفعي جي لاءِ هي گروهه الله ﷻ جي آيتن کي وڪرو ڪندو آهي. تان ته هر صورت ۾ انهن جي مسند ارشاد ۽ ڪوڙي فضيلت قائم رهي. هن گروهه جي باني آذر نمرود جي ڪوڙي خدائيءَ کي ٽيڪو ڏيڻ جي لاءِ شرڪ جي طريقن کي ”وسيلي“، ”شفا“ ۽ ”مقرب“ جي نالي کي استعمال ڪيو ۽ پوءِ يهودين جي احبار ۽ رهبان ۽ مسلمانن جي مشائخن ۽ ڌنڌوڙي مُلن مولوين انهيءَ کي اپنايو.
    آذري پيشوائيت جا ٻه وڏا حربا رهيا آهن. (1) فن تاويل بالباطل يعني ڪوڙين تاويلن جي ذريعي حلال کي حرام ۽ حرام کي حلال بنائڻ (2) فن تسميھ بالباطل يعني تقديس جي لباس ۽ نالن واريون مذهبي رسمون وجود ۾ آڻي ماڻهن کي حق، جدوجهد ۽ مزاحمت جي واٽ کان اوجهل رکڻ. انهن ٻنهي طاغوتي طريقن کي ابليس پنهنجي وسوسن ۽ فريب ڪاريءَ سان ماڻهن کي دل لڀائيندڙ ڪري ڏيکاريندو آهي ۽ ويچارا سادڙا ماڻهو شيطان جي وڪڙ ۾ اچي ايمان، تقويٰ ۽ توحيد جي اطمينان ۽ سلامتيءَ واري زندگيءَ کان محروم رهجي ويندا آهن. منجهائن حق جو ساٿ ڏيڻ، ظلم جي خلاف مزاحمت جي رستي تي هلڻ ۽ غلامين جي خاتمي لاءِ وڙهڻ جي امنگ ئي ختم ٿي ويندي آهي. شيطان جون جادوئي ترڪيبون اهڙن ماڻهن کي توحيد ۽ آزاديءَ جي هيڏي ساري مايا کان محرومي ۽ ابدي زيان جي طرف سوچڻ جو موقعو ئي نه ڏينديون آهن ۽ نه ڪو کين احساس جاڳندو آهي، نه کين آخرت ۾ الله ﷻ جي سامهون سرخروئي سان پيش ٿيڻ جو فڪر هوندو آهي، نه الله ﷻ جي قربتن ۽ رضا ماڻڻ جو اشتياق هوندو آهي ۽ نه وري الله ﷻ جي موڪليل هدايت ۽ نبي ڪريم ﷺ جي طريقي تي هلي انهيءَ جي جماعت ۾ ڳڻجڻ جي امنگ هوندي اٿن. پنهنجي مسلسل نادانين جي ڪري اهي ماڻهو پيرن، فقيرن جي درگاهن ۽ قبرن تي ڀٽڪي انهن کي الله ﷻ وانگر پنهنجو مددگار ۽ مالڪ بڻائي الله ﷻ جا گستاخ ۽ بي ادب بڻجي ويندا آهن ته نتيجي ۾ الله ﷻ پاڪ جي بي پرواهه ذات به انهن جي مٿان پنهنجي رحمت جو هٿ مٿي کڻي وٺندي آهي. پوءِ شيطان وڏي آزاديءَ سان انهن جي ڳچيءَ تي مسلط ٿي ويندو آهي، جيڪو کين ڪڏهن به سنڀلجڻ جو موقعو ئي نه ڏيندو آهي ۽ اها انسان جي وڏي ۾ وڏي بدقسمتي هوندي آهي. پوءِ محروميون، اڻهوند، ذهني عذاب، چٽيون پريشانيون، خوف، ڳڻتيون، ڀانت ڀانت جون بيماريون زندگيءَ جو روڳ بڻجي وينديون آهن. نه شخصي زندگيءَ ۾ اطمينان ۽ سلامتي حاصل هوندو آهي ۽ نه کين اجتماعي زندگيءَ ۾ عدل ۽ سلامتيءَ جو نظام مهيا ٿي سگهندو آهي. هن عارضي زندگيءَ کان پوءِ جي اصلي ۽ ابدي زندگيءَ ۾ الله ﷻ پنهنجي عدل ۽ انصاف جي قانون سان عقيدن ۽ عملن جي جيڪو ذري ذري جو حساب وٺي ان جو بدلو ڏيندو ان جو تفصيل ته وري سڄي قرآن ۾ جابجا موجود آهي. پڪ ڄاڻجي ته الله ﷻ پنهنجي ڪيل ڳالهين تان ڪڏهن به ڦرڻ وارو ڪونهي.
    اهي چارئي ادارا حزب الشيطان (شيطاني جماعتون) آهن. اهي پنهنجي هر روپ ۽ رنگ ۾ الله ﷻ، ان جي موڪليل هدايت ۽ ان جي ٻانهن جا دشمن آهن، قرآن حڪيم جيئن ته نور (روشني) ۽ هدايت آهي ۽ ڳولائن کي انهن جي منزل مقصود ۽ صراط مستقيم ڏيکاري ٿو ۽ انهن لاءِ ڀروسي جو وڏو سهارو به آهي، انهيءَ ڪري شيطان ۽ سندس چار گروهه عام ماڻهن کي قرآن حڪيم کان پري رکڻ جا جتن ڪندا رهندا آهن.
    جابر ۽ آمر حڪمرانن کي پڪ هوندي آهي ته قرآن جو توحيدي تصور سڀني انساني غلامين جو خاتمو آڻي هڪ الله ﷻ جي عبديت ۾ آڻڻ جو پيغام آهي ۽ الله ﷻ کي چنبڙي پوڻ جي مضبوط رسي آهي، انهيءَ ڪري انسان انهيءَ حقيقت جي رازن کان اڻواقف هجن. هاماني ادارن ۽ ايجنسين کي يقين هوندو آهي ته قرآن رباني سماجوادي نظام ۽ انساني آزادين سان گڏ اجتماعي ڪفالت ۽ منصفاڻي نظام جو شعور عطا ڪندو، انهيءَ ڪري مستڪبرن جي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته مستضعفين (غريب پورهيت ۽ ڪمزور طبقن) جي ڳچيءَ ۾ غلاميءَ جي طوق کي اڃا به سوڙهو ڪيو وڃي. اهڙي طرح مختلف حربن جي ذريعي انسانيت کي اهڙي شعور جي سرچشمي فڪر ۽ ان مقصد لاءِ ڪم ڪندڙ جماعتن کان ڪٽي رکجي. قاروني ادارو سرمائي پرستيءَ جي نظام جي تحفظ لاءِ آذري طبقي کي مراعات ڏئي کيس دين جي حقيقي پيغام کي لڪائڻ ۽ خلق کي قرآن جي تدبر کان پري رکندو. ان جي عملي الاهيات ۽ ان جي سماجي شعور کان غافل رکندو ۽ ”دنيا باطل آهي“ جا فلسفا گهڙي حسنة في الدنيا جي فڪر بجاءِ دنيا کي ڪافرن جي فلاح ۽ سلامتيءَ جي جاءِ قرار ڏيندو ۽ مسلمانن کي درپيش صورتحال الله ﷻ جي مشيت قرار ڏئي ان تي صابر ۽ شاڪر رهڻ جي تلقين ڪندو رهندو آهي. هن دنيا جي ذلتن، بک ۽ بدحاليءَ کي آخرت جي آجپي سان تعبير ڪندو آهي.
    قرآن حڪيم جي سورت مجادله ۾ حزب الشيطان يعني شيطان جي انهن ساٿاري طبقن جي ڪرتوتن ۽ انهن جي انجام جو وچور هن طرح ڏنو ويو آهي:
    ”(اي رسول) ڇا تو انهن (منافقن) ڏي نه ڏٺو جن اهڙي قوم سان دوستي رکي جن تي (خدائي نظام جي مخالفت ۽ سرڪشيءَ جي ڪري) الله ﷻ ڪاوڙيو آهي. اهي نه ئي حقيقت ۾ اوهان مان آهن ۽ نه کليو کلايو انهن مان آهن. اهي ڄاڻي ٻجهي (اوهان جي پوئلڳ هئڻ جو) ڪوڙ تي قسم کڻن ٿا. الله ﷻ انهن لاءِ سخت عذاب تيار ڪري رکيو آهي ڇو ته انهن جا ڪم بڇڙا آهن. انهن پنهنجن قسمن کي ڍال بڻايو آهي، پوءِ (ان ڍال يعني مسلمانيءَ جي آڙ ۾) ماڻهن کي الله ﷻ جي رستي (۽ ان جي قانونن) تي هلڻ کان روڪين ٿا، سو انهن لاءِ ذلت ڀريو عذاب آهي. سندن مال ۽ اولاد (جنهن جي گهمنڊ تي آهن) الله ﷻ جي (مڪافات وارن قانونن جي) اڳيان کين ڪجهه به ڪم نه ايندا. اهي باهه وارا آهن، ان ۾ پيا رهندا. جنهن ڏينهن الله ﷻ انهن سڀني کي (جيئرو ڪري) اٿاريندو، پوءِ اهي سندس اڳيان (مسلمانيءَ جو) قسم کڻندا، جيئن اوهان جي اڳيان کڻن ٿا ۽ سمجهن ٿا ته (سندن انهن قسمن سان ڀرم رهجي ويندو تنهن ڪري) ڪنهن چڱيءَ حالت ۾ آهن، پڪ سان اهي پهرين درجي جا ڪوڙا آهن. شيطان ۽ ان جون سرڪش ۽ فساد پسند قوتون) انهن جي مٿان غالب ٿي ويون آهن جنهن ڪري انهن الله ﷻ جي اطاعت ۽ ان جي اطاعت جي رشتي کي وساري ڇڏيو آهي. اهي حزب الشيطان (يعني شيطان جي جماعت) آهن. پڪ ڄاڻو ته شيطان جي جماعت وارن جي لاءِ آخرڪار نقصان ۽ خسارو ئي آهي. جيڪي الله ﷻ ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪن ٿا سي نيٺ تمام خوار ماڻهن مان ٿيندا. الله ﷻ جو لکيل فيصلو (قانون) آهي ته مان ۽ منهنجا رسول (حق ۽ باطل جي ڪشمڪش دوران) ضرور (باطل قوتن تي) غالب ٿيندا. بيشڪ، الله ﷻ هر قسم جي قوتن جو مالڪ ۽ زبردست آهي. (المجادله 14 کان 21)
    قرآن حڪيم شيطاني طبقن جي اصليت، منافقي، طريقئه واردات، مڪارين ۽ انجام کي بلڪل وائکو ڪري ٻڌايو آهي. انهيءَ ڪري الله ﷻ جي ساٿاري جماعت يعني حزب الله جا ماڻهو جيئن هڪ طرف پاڻ کي شيطاني وسوسن ۽ فريب ڪارين کان بچائين تيئن پاڻ کي منظم ڪري الله جي مشيت ۽ حڪمن جي سربلندي لاءِ شيطاني طبقن سان مزاحمت ۾ رهن.*


    ڇا اوهان کي الله تي ايمان جو عملي صورتون معلوم آهن؟

    الله جو تصور هميشه انسان جي روحاني ۽ اخلاقي زندگيءَ جو محور رهيو آهي. اهو اعتقاد انسان جي فطرت يا خلقت ۾ ئي شامل آهي ته هو ڪنهن برتر هستيءَ کي مڃي. قرآن مجيد ۾ ٻڌايل آهي ته حضرت آدم ؑ کي پيدا ڪرڻ کانپوءِ الله ﷻ سڀني روحن کي ڪٺو ڪري پنهنجي پالڻهاريءَ جي تصديق ڪرائي. سڀني روحن جواب ۾ وراڻيو ته هائو سائين، تون اسان جو پالڻهار آهين. تڏهن کان انساني روح ۾ اها لڇ پڇ ۽ جستجو رهندي آئي آهي ته هو ڪائنات جي پالڻهار هستيءَ جو مڃيندڙ هجي.
    منڍ کان وٺي مذهبن ان مقصد لاءِ انسانن جي رهنمائي ڪئي آهي پر وقت گذرڻ سان گڏ انهن طريقن ۾ ايتريون ته گهٽ وڌايون اچي ويون آهن جو اشرف المخلوقات انسان جي لاءِ اهو الله ﷻ کي وحدانيت سان مڃڻ جو عقيدو اڪثر هنڌن تي مثالي ۽ سڦل نه رهيو آهي. نتيجي ۾ سماجي توڻي مذهبي زندگيءَ ۾ انسانن جي لاءِ انهن جا اجتماعي توڻي نفسي مسئلا ڳنڀير بڻبا پيا وڃن.
    الله ﷻ کي مڃڻ جي لاءِ اهي ئي صورتون قابل قبول ٿي سگهن ٿيون جيڪي پاڻ الله ﷻ پنهنجي هدايت جي آخري ايڊيشن ۽ انسانيت جي لاءِ رهبر ڪتاب قرآن مجيد ۾ ٻڌايون آهن. اهي نه صرف اٽل ۽ ٺوس ۽ اڻمٽ آهن بلڪه انهن صورتن کي پنهنجي اصلي شڪل ۾ مڃڻ جي نتيجي ۾ انسانيت کي انفرادي توڻي اجتماعي زندگي ۾ مثالي چڱايون، فلاح ۽ آجپو نصيب ٿيو آهي. ليڪن بدقسمتيءَ جي ڳالهه هيءَ آهي ته جيئن اسلام کان اڳ جي مذهبي پيشه ور ماڻهن پنهنجي پيشه وريت جي مفادن لاءِ مذهبي پوئلڳن کي پنهنجي خواهشن جي پويان هلائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اها ساڳي ڪار مسلمانن جي پيشه ور مذهبي اڳواڻن به پئي اختيار ڪئي آهي. ليڪن قرآن مجيد جي متن جي الله ﷻ جي پاران حفاظت جي ذمي جي نتيجي ۾ اهي پيشه ور ماڻهو ٻين مذهبن وانگر قرآن جي متن ۾ ته هٿ چراند نه ڪري سگهيا آهن پر انهن پنهنجو هٿ گهڙيل ڳالهيون مذهب جي تشريح جي سري هيٺ ان جو متن بنائڻ جون ڪوششون ڪيون آهن ۽ ان مقصد جي لاءِ قرآن جي مطالب ۽ تشريحن ۾ گهوٻيون هڻڻ کان به وسان ڪونه گهٽايو آهي. دين حق جي اصل روح کان محروميءَ جي نتيجي ۾ هڪ طرف انسانيت کي نفسي ۽ ذاتي زندگيءَ ۾ خدا جي ويجهڙائي ۽ رحمت کان محروميءَ جي ڪيترن المين ۽ عذابن مان گذرڻو پيو آهي، ٻي طرف کوکلي ۽ رسمي مذهبيت ۽ پنهنجي حق تي هئڻ جي نالي تي فرقيواريت، فسادن ۽ باهمي جنگين جي نتيجي ۾ اجتماعي طور تي انسانيت کي جن خسارن ۽ ڀوڳنائن مان گذرڻو پيو آهي ان جو تفصيل بيان کان ٻاهر آهي.
    اسان رڳو پنهنجي چوڌاري موجود ماڻهن جو جائزو وٺون ته انهن مان ڪيترن ماڻهن جي دعويٰ آهي ته اهي الله ﷻ جا مڃيندڙ آهن پر ڏٺو وڃي ته پنهنجي خلقڻهار جي اعتراف ۽ مڃتا جي باوجود انهن جي زندگين ۾ اهو قرار، اطمينان ۽ اها سلامتي ڪونهي جيڪا الله ﷻ کي حقيقي طور تي مڃڻ جي نتيجي ۾ ٻانهي کي لازمي طرح حاصل ٿيندي آهي. اهڙي طرح انسانن جا مختلف گروهه ۽ قومون پنهنجي اجتماعي مسئلن ۾ فوز ۽ فلاح جي انهن حاصلات کان محروم آهن، جن جو مومنن سان حقيقي اطاعت جي صورت ۾ وعدو ڪيل آهي.

    ٻڌ سڌ تي الله ﷻ کي مڃڻ:
    اسان کي پئدا ڪندڙ نهايت سليم ۽ مڃيندڙ فطرت تي پيدا ڪيو آهي. ليڪن بدقسمتي هي آهي ته اسان جنهن به ماحول ۾ پلئون ۽ پرورش وٺئون ٿا، اتي زندگيءَ جي جسماني اوسر وانگر پنهنجي ايماني مسئلي کي به ورثي ۾ وٺڻ تي اڪتفا ڪري ويهون ٿا. ذهني بلوغت تي پهچڻ جي باوجود پنهنجي تخليقي مقصدن جي حقيقت تي ڪڏهن به غور ويچار نٿا ڪريون ۽ نه وري پنهنجي خلقڻهار ۽ ذري ذري تي مهربانين ۽ فياضين جا ڀال ۽ ڀلايون ڪندڙ پنهنجي رب جي معرفت ۽ سڃاڻ جو اهو رستو اختيار ڪرڻ جي جستجو ۽ تلاش ڪريون ٿا جيڪو رستو ان خلقڻهار پنهنجي ڪتاب ۾ پاڻ ٻڌايو آهي. اسان پنهنجي عارضي سُک واري مستقبل کي سنوارڻ لاءِ ڏينهن رات تلاش، جستجو ۽ جهد جا رستا اختيار ڪيون ٿا پر الله ﷻ جي باري ۾ اهڙي چاهت تلاش ۽ جستجوءَ جو فڪر ئي نٿا ڪريون جيڪو اسان کي پنهنجي رضا جي نتيجي ۾ دائمي نعمتن جو مستقبل عطا ڪندو.
    الله ﷻ کي مڃڻ جو مسئلو ايڏو سادو ۽ غير اهم به ڪونهي جو ان تي صرف ٻڌ سڌ ۽ ورثي ۾ مليل معلومات جي حد تائين بس ڪجي. نه وري اهو رڳو ملان ۽ مولويءَ جو مسئلو آهي ته اهوئي اهڙي تلاش ۽ حاصلات جو ذميوار آهي. هي ڳالهه نهايت آسانيءَ سان سمجهه ۾ ايندڙ آهي ته الله ﷻ انسان ذات جو خلقڻهار ۽ انهن جو پالڻهار آهي، انهيءَ ڪري هُن پنهنجي تخليق ۽ ان جي اوسر ۽ ارتقا جا به ڪي قانون ۽ ضابطا مقرر ڪيا آهن، جن کي ڄاڻڻ کان سواءِ انسان ذات جو هي ايڏو پيچيده سسٽم خوبيءَ سان هلي ڪونه سگهندو ، انهيءَ ڪري ذميدار ماڻهو جيڪو واقعي ماڻهپي سان جيئڻ جي نيت رکي ٿو، تنهن کي پنهنجي خالق ۽ رب جي ٻڌايل ضابطن کي ڄاڻڻ سندس سليم فطرت جي تقاضا آهي. جڏهن الله ﷻ جا ٻڌايل اهي قانون ۽ ضابطا انسان پنهنجي ۽ ڪائنات جي تخليقي پسمنظر ۾ پڙهندو ته هو پنهنجي شعور جي گهراين سان هن نتيجي تي پهچندو ته بيشڪ، هي سڀ ڪجهه ائين اجايو تخليق نه ٿيو آهي. بلڪ ڪائنات جي پيچيده ۽ وشال نظام کان وٺي انسان جي لطيف ۽ نرالي تخليق تائين سڀ الله ﷻ هڪ رٿا ۽ حڪمت جي هيٺ تخليق ڪيو آهي. اها رٿا ۽ حڪمت هيءَ آهي ته ڌرتيءَ جي مٿان انسان الله ﷻ جي خليفي جو ڪردار ادا ڪري. انسان کي بشر ڪري پيدا ڪيو وڃي ٿو. بشر کان انسان جي منزل تائين پهچڻ جو سفر انسان کي سر ڪرڻو آهي. اهو تڏهن ممڪن آهي ته هو الله ﷻ جي حقيقي سڃاڻ حاصل ڪري، ان جي صفتن کي ڄاڻي ۽ انهن صفتن پٽاندر سندس عبديت جو حق ادا ڪري.

    قرآن جو ٻڌايل ايمان باالله
    ايمان بالله جي سڀ کان مٿاهين منزل هي آهي ته ماڻهو هي مڃي ته هن زمين ۽ آسمان ۾ جيڪڏهن حقيقي وجود آهي ته انهيءَ ڪائنات جي خلقيندڙ جو آهي. جيڪو ڪجهه آهي سڀ انهيءَ جو فيض آهي ۽ جيڪو ڪجهه ٿئي ٿو ان جو اصل سبب به اهو ئي آهي. ڪائنات جو سڄو نظام ان خلقيندڙ جي مقرر ڪيل قانونن هيٺ هلندڙ آهي ۽ انهن قانونن تي سندس مڪمل ڪنٽرول آهي. ڪائنات جي شاهڪار مخلوق انسان جي لاءِ به ساڳي طرح قانون مرتب آهن ۽ انسان جيڪو به ڌرتيءَ مٿان عمل ڪري ٿو ان جا نتيجا به انهن قانونن پٽاندر متعين آهن. هي ڪڏهن به نٿو ٿي سگهي ته انسان عمل ته هڪ قسم جو ڪري ۽ نتيجو وري ٻئي قسم جو ماڻي سگهي. انسان لاءِ انهن قانونن جو سرچشمو وحي جي هدايت آهي. ان روءِ انسان سان لاڳاپيل پالڻهاريءَ جا سڀ قانون، زندگيءَ جا سڀ قانون ۽ ضابطا ۽ انسان جي فطرت ۾ سمايل عبادت ۽ نوڙت جا سڀ حق صرف ۽ صرف الله ﷻ جي لاءِ آهن. انهيءَ ڪري الله ﷻ جي ربوبيت يعني پالڻهاريءَ جي قانونن ۾، الله ﷻ جي حاڪميت يعني زندگيءَ جي سڀني ضابطن ۽ طور طريقن ۾ ۽ الله ﷻ جي الوهيت يعني عبادت جي سڀني عملن ۽ حصن ۾ انسان جيترو ڪاملتا سان الله ﷻ جي موڪليل وحي جي پٽاندر عمل رکندو اوترو ئي وڌيڪ اطمينان، سلامتي ۽ فلاح سان زندگيءَ جي سڦلتا حاصل ڪري سگهندو.
    قرآن مجيد الله ﷻ تي ايمان جا ٽي مرڪزي نڪتا چٽا ڪيا آهن. انسانن مان ڪي به فرد يا جماعتون انهن ٽن مرڪزي نڪتن پٽاندر پنهنجي زندگيءَ جي قافلي کي هلائيندا ته اهي الله ﷻ جي حفاظت، سڻائي ۽ ڪاميابيءَ واري دائري ۾ اچي ويندا. پر جيڪڏهن ڪي به فرد ۽ جماعتون انهيءَ دائري کان پاڻ کي آزاد سمجهي زندگيءَ گذارڻ جي ڪوشش ڪندا ته پوءِ انهن کي خساري ۽ گرفت مان بچائڻ وارو ٻيو ڪوبه نه رهندو.
    وَلٰکِنۡ کَذَّبُوۡا فَاَخَذۡنٰہُمۡ بِمَا کَانُوۡا یَکۡسِبُوۡنَ ﴿۹۶﴾ (الاعراف 6 9 )
    ”۽ هنن اسان جي هدايت کي ڪوڙو ڀانيو ته اسان کين سندن عملن جي سزا ۾ پڪڙي ورتو.“
    الله ﷻ کي مڃڻ جي انهن ٽنهي مرڪزي نڪتن جو تفصيل قرآن مجيد هن ريت ٻڌايو آهي.

    الله ﷻ جي ربوبيت ۾ اطاعت
    قرآن مجيد پالڻهاريءَ جي قانونن ۾ ٺوس اصول هيٺين ريت ٻڌائي ڇڏيا آهن:
    اَلۡحَمۡدُ لِلّٰہِ رَبِّ الۡعٰلَمِیۡنَ ۙ﴿۱﴾ (الفاتحه-1 )
    ”جهانن ۾ (حقيقي) پالڻهاري ڪندڙ جي لاءِ سڀ تعريفون آهن.“
    لِلّٰہِ مَا فِی السَّمٰوٰتِ وَ مَا فِی الۡاَرۡضِ ؕ (البقره- 4 8 2 )
    ”جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو الله جي ئي ملڪيت آهي.“
    اِنَّ اللّٰہَ اشۡتَرٰی مِنَ الۡمُؤۡمِنِیۡنَ اَنۡفُسَہُمۡ وَ اَمۡوَالَہُمۡ بِاَنَّ لَہُمُ الۡجَنَّۃَ ؕ
    (توبه- 1 1 1 )
    ” الله پنهنجي مڃيندڙن سان انهن جي جانين ۽ مالن جو سودو چڪائي ڇڏيو آهي ته انهن لاءِ بدلو جنت آهي.“
    وَ مَا مِنۡ دَآبَّۃٍ فِی الۡاَرۡضِ اِلَّا عَلَی اللّٰہِ رِزۡقُہَا
    ”زمين تي هلڻ وارو ڪوبه ساهوارو ڪونهي، جنهن جي روزيءَ جو انتظام الله ﷻ تي نه هجي.“
    و فی اموالکم حق للسائل والمحروم
    ”اوهان جي مالن ۾ سائلن ۽ محروم ماڻهن جو حق به رکيو ويو آهي.“
    وَ یَسۡـَٔلُوۡنَکَ مَاذَا یُنۡفِقُوۡنَ ۬ؕ قُلِ الۡعَفۡوَ ؕ (البقره- 9 1 2 )
    ”اي پيغمبر توکان پڇن ٿا ته ڇا خرچ ڪريون، کين وراڻ ته (پنهنجي بنيادي ضرورتن کان) واڌارو سڀ ڏئي ڇڏيو.“
    قرآن جا ٻڌايل هي اصول الله ﷻ جي ربوبيت واري نظام جي ڀرپور ترجماني ڪن ٿا. جيئن الله ﷻ جي پالڻهاريءَ واري صفت ”رب“ سان سڄو قرآن جا بجا ٻهڪيل آهي، تيئن انفاق، زڪوات، صدقات ۽ ٻي جي سنوائي ڪرڻ سان سڄو قرآن ڀريو پيو آهي. انهن آيتن جي روءِ سان اصل مالڪ الله ﷻ جي ذات آهي ۽ انسان جي حيثيت صرف هڪ امين جي آهي. امين جي حيثيت ۾ هر هڪ مومن جي مٿان فرض آهي ته مال انسانن جي نفع بخشيءَ لاءِ تصرف ۾ آڻي. پنهنجي ڪفالت هيٺ آيل، پنهنجي هٿ هيٺ آيل ۽ پنهنجي چوڌاري محروم ۽ سائل ماڻهن تائين رسائي. اهڙي طرح اهو مال ۽ ملڪيت انساني نفع بخشيءَ جي اجتماعي ڪوششن ۾ خرچ ڪري ۽ اهڙي نظام جي قيام لاءِ پنهنجي جان ۽ مال وقف رکي. هاڻي مال جي متعلق الله ﷻ جي ٻڌايل پالڻهاريءَ جي انهيءَ قانون تي هلڻ سان ئي الله ﷻ کي رب ڪري مڃڻ ۾ سچائي آهي ۽ اطاعت آهي. باقي جيڪڏهن ماڻهو قارون بڻجي خزاني کي ڀريندو وڃي ۽ مال ميڙڻ، ملڪيتون وڌائڻ جي چڪر ۾ پنهنجي قريبن ۽ مسڪينن تي خرچ ڪرڻ، سماج ۾ سڌاري ۽ تبديلي لاءِ ڪوششون وٺڻ ۽ الله ﷻ جي معرفت ماڻهن تائين رسائڻ جهڙن ڪمن کان بي رغبتي آهي يا ماڻهو ان کي رسمي ۽ معمولي حيثيت ۾ادا ڪري آڱر ڪٽائي شهيدن ۾ شمار ٿئي ٿو ته پوءِ ان قسم جو مڃڻ يا ته انڪار جي برابر آهي يا وري منافقت سان ڀريل آهي.
    قرآن انسان ۾ ايمان ۽ احسان جي مٿاهين منزل پيدا ڪرڻ گهري ٿو ۽ ايمان وارن کان پوري جو پوري وابستگيءَ ادخلو في المسلم کافة جي تقاضا ڪري ٿو، ان جي اڳيان مال جي ڪهڙي حيثيت آهي. جڏهن الله ﷻ مومنن سان انهن جي جانين ۽ مالن جو سودو ڪري ڇڏيو آهي ته جان جي قرباني ۽ مال جي قرباني يعني جان ۽ مال تريءَ تي رکڻ کانسواءِ ايمان ڪامل ڪونه رهندو ۽ جڏهن ائين نه رهندو ته پوءِ آخرت ۾ جنت واري زندگيءَ ۾ به اهڙن ماڻهن جو ڪو حصو نه رهندو ڇو ته جنت جو اهو سودو ان جي بدلي ۾ ئي ته ٿيل آهي.
    هاڻي ماڻهو هڪ طرف رسمي طرح ديندار بڻجي، نماز، عمره ۽ حج ڪري پاڻ کي مومن سمجهندو وتي ۽ ٻي طرف خدائي ضابطن هيٺ پنهنجي مٿان لاڳو ٿيندڙ سماجي ذميوارين کان منهن موڙيندو وتي ته ان لاءِ به تنبيهه ڪيل آهي.
    اهڙن ماڻهن کي آخرت ۾ سندن نمازون ۽ حج به بچائي نه سگهندا. جو قرآن مجيد ۾ الله ﷻ صاف فرمايو آهي ته سرمايه پرست ماڻهو حقيقت ۾ آخرت جي حساب ڪتاب جي عمل کي مڃيندڙ ئي نه هوندا آهن:
    اَرَءَیۡتَ الَّذِیۡ یُکَذِّبُ بِالدِّیۡنِ ؕ﴿۱﴾ فَذٰلِکَ الَّذِیۡ یَدُعُّ الۡیَتِیۡمَ ۙ﴿۲﴾ وَ لَا یَحُضُّ عَلٰی طَعَامِ الۡمِسۡکِیۡنِ ؕ﴿۳﴾ فَوَیۡلٌ لِّلۡمُصَلِّیۡنَ ۙ﴿۴﴾ الَّذِیۡنَ ہُمۡ عَنۡ صَلَاتِہِمۡ سَاہُوۡنَ ۙ﴿۵﴾
    (ماعون¸1 ¸5 )
    (اي پيغمبر) تو ان شخص کي ڏٺو جيڪو حساب ڪتاب واري ڏينهن جي تڪذيب ڪري ٿو جو حالت هي اٿس ته يتيمن کي لوڌي ٿو يعني انهن جي پرگهور نٿو لهي ۽ مسڪينن جي کاڌي کارائڻ جي ترغيب نه ٿوڏي (يعني اها ڳالهه ئي نه ٿو چوي ۽ انه اهڙي نظام جي لاءِ ڪوشش ٿو ڪري). پوءِ اهڙين نمازين جي لاءِ جهنم جي ويل وادي آهي. جيڪي (نماز پڙهندي به) نماز (جي حقيقت) کان ويسلا آهن جيڪي ان جو ڏيکاءُ ڪن ٿا ۽ معمولي شيون به اڌاريون نه ٿا ڏين.
    اهڙي طرح حج جو روح به حضرت ابراهيم عليه السلام جي دين حنيف ۾ پوري جو پورو داخل ٿيڻ جو عهد اقرار آهي. ان روءِ حضرت ابراهيم عليه السلام جي پوئواريءَ ۾ پنهنجون نمازون، پنهنجو مال، پنهنجي حياتي ۽ پنهنجي مماتي الله ﷻ جي ٻڌايل ضابطن مطابق گذارڻ جو اسپرٽ پيدا ڪرڻ آهي جنهن جو بيان سورت انعام آيت 163-164 ۾ ٿيل آهي. قرآن مجيد ابراهيمي اسپرٽ کي ڇڏي سون، ملڪيتن ۽ انيڪ سيڙپڪارين جي صورت ۾ مال ميڙيندڙن جي لاءِ صاف لفظن ۾ پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي ۽ پڪ سان ڄاڻڻ گهرجي ته الله ﷻ پنهنجا فيصلا بدلائيندو ناهي.
    اجهو هي الله ﷻ جا فيصلا پڙهو:
    وَ الَّذِیۡنَ یَکۡنِزُوۡنَ الذَّہَبَ وَ الۡفِضَّۃَ وَ لَا یُنۡفِقُوۡنَہَا فِیۡ سَبِیۡلِ اللّٰہِ ۙ
    فَبَشِّرۡہُمۡ بِعَذَابٍ اَلِیۡمٍ ﴿ۙ۳۴﴾ (توبه: 4 3 )
    ”جيڪو سون ۽ چانديءَ جو خزانو گڏ ڪندا آهن ۽ اهو الله ﷻ جي واٽ ۾ يعني ان جي ڏسيل طريقي تي خرچ نه ڪندا آهن، تن کي ڏکوئيندڙ عذاب جي خبر ڏي.“
    یَّوۡمَ یُحۡمٰی عَلَیۡہَا فِیۡ نَارِ جَہَنَّمَ فَتُکۡوٰی بِہَا جِبَاہُہُمۡ وَ جُنُوۡبُہُمۡ وَ ظُہُوۡرُہُمۡ ؕ ہٰذَا مَا کَنَزۡتُمۡ لِاَنۡفُسِکُمۡ فَذُوۡقُوۡا مَا کُنۡتُمۡ تَکۡنِزُوۡنَ ﴿۳۵﴾ (توبه: 5 3 )
    جنهن ڏينهن سندن مال دوزخ جي باهه ۾ تپائبو (جڏهن تپندو ته) پوءِ ان سان سندس پيشانيون ۽ سندن پاسيريون ۽ سندن پٺيون ڏنڀيون. کين چيو ويندو ته هيءُ اهو خزانو آهي جيڪو پاڻ لاءِ گڏ ڪيو هيوَ، ان جو مزو چکو.
    کَلَّا ؕ اِنَّہَا لَظٰی ﴿ۙ۱۵﴾ نَزَّاعَۃً لِّلشَّوٰی ﴿ۚۖ۱۶﴾ تَدۡعُوۡا مَنۡ اَدۡبَرَ وَ تَوَلّٰی ﴿ۙ۱۷﴾ وَ جَمَعَ فَاَوۡعٰی ﴿۱۸﴾ (المعارج¸15 - 18)
    هر گز نه، بيشڪ اها شعلي واري باهه آهي. منهنجي کل کي ڇڪيندڙ آهي. ان کي سڏي ٿي جنهن ( الله ﷻ جي واٽ کي) پٺي ڏني ۽ منهن موڙيو. جنهن مال گڏ ڪيو ۽ سانڀي رکندو ويو.
    هيءَ مال جي محبت ۽ ان کي ٻن مان چار ۽ چئن مان اٺ ڪرڻ جي لونجهه اهڙي بڇڙائي آهي جو الله ﷻ کي انسان جي تخليقي جوهر جي خبر هئي، انهيءَ ڪري ڌرتيءَ تي انسان کي پنهنجي خلافت ۽ اطاعت جي آزمائش لاءِ موڪلڻ کان اڳ ۾ ئي روحن کان پنهنجي ربوبيت جو اعتراف ڪرايو هو. تان ته جڏهن آزمائش لاءِ ٻن رستن جي چونڊ ۾ انسان مال جي محبت ۾ انڌو ٿي پوي ته هُن جو روح ۽ ضمير ربوبيت جي اقرار واري عهد سان بيقرار هجي ۽ الله ﷻ جي فرمانبرداريءَ ۽ رضا جي رستي تي هلڻ لاءِ هميشه لڇ پڇ ۾ هجي. پر جيڪڏهن ان جي باوجود به انسان غفلت ۽ اياڻائي جو شڪار ٿي، پاڻ کي مليل آزاد ارادي جي چونڊ جو موقعو وٺي پنهنجي روح واري حصي کان هٽي پاڻ تي ابليس جي حصي جو غلبو قائم ڪري ٿو وٺي ته پوءِ پنهنجي ناعاقبت انديشيءَ ذريعي ٻنهي جهانن ۾ تباهيءَ جي بنيادن کي پاڻ پڪو ڪندو وڃي ٿو.
    پر جيڪي ماڻهو الله ﷻ جي ربوبيت واري حقيقت مڃين ٿا ۽ پاڻ کي امين جي حيثيت ۾ سپرد ۽ عطا ٿيل نعمتن کي حقدارن تائين رسائڻ جي ديوانگي رکن ٿا ته پوءِ آخرت ۾ جنت جو پڪو سودو ته آهي ئي پر هن دنيا ۾ به انهن کي ڪو خوف، ڊپ ڊاءُ، ڪو انديشو ۽ ڳڻتي، ڪا پٽ کوهه ۽ ٽوٽ ڦوٽ پلئه ڪونه پوندي. نتيجي ۾ پڪ سان هو ذهني عذابن، ڊپريشن، پريشانين، غير متوازن بلڊپريشر ۽ اجائي خوف ۽ دهشت کان به بچيل هوندا ۽ ان جي ڪري پيدا ٿيندڙ روڳن ۽ حادثن کان به امان ۾ رهندا. جيڪڏهن حقيقي فرمانبرداريءَ جي باوجود انهن کي ڪن تڪليفن ۽ اهنجاين مان گذرڻ جي نوبت آئي ته اها به سندن مرتبا وڌائڻ جي لاءِ آزمائش جي طور تي هوندي. ۽ ايمان وارا ثابت قدمي ۽ استقامت، صبر و رضا سان انهن تڪليفن مان پار پوندا. نه صرف ايترو ته الله ﷻ جو واعدو آهي ته انهن کي فرمانبرداريءَ جي واٽ تي هلڻ جي نتيجي ۾ اسان جو ساٿ ۽ قرب نصيب ٿئي ٿو.
    وَ الَّذِیۡنَ جَاہَدُوۡا فِیۡنَا لَنَہۡدِیَنَّہُمۡ سُبُلَنَا ؕ وَ اِنَّ اللّٰہَ لَمَعَ الۡمُحۡسِنِیۡنَ ﴿٪۶۹﴾
    (العنڪبوت: 9 6 )
    ”جيڪي اسان جي رستي ۾ جهد ۽ جاکوڙ جاري رکن اسان تن لاءِ رستا بڻائيندا ويندا آهيون ۽ ۽ الله ﷻ ڀلايون ڀال ڪندڙن جي هميشه ساٿ ۾ رهندو آهي.“
    • الله ﷻ سائين محسنن يعني ڀلايون ڀال ڪندڙن سان جيڪو مهربانيءَ جو رشتو رکيو آهي سو سڄي قرآن ۾ ڀريو پيو آهي.
    • ڀلايون ڀال ڪندڙن کي وڌائيندا ئي رهنداسون. (بقره¸ 8 5 )
    • ڀلايون ۽ ڀال ڪندا رهو، پڪ ڄاڻو ته الله ﷻ ڀلايون ڪندڙن سان سڪ جو رستو رکندو آهي.(البقره¸ 5 9 1 )
    • جيڪي ڏک ۾ توڙي سک ۾ الله ڪارڻ خرچ ڪندا آهن. ڪاوڙ پِي ويندا آهن ۽ ماڻهن جا قصور معاف ڪندڙ آهن، الله ﷻ اهڙن ڀلايون ڪندڙن کي دوست رکندو آهي.
    • (آل عمران¸ 4 3 1 )
    • پڪ ڄاڻو ته الله ﷻ جي رحمت ڀلايون ڀال ڪندڙن جي ويجهو ويجهو هوندي آهي. (اعراف¸ 6 5 )
    • الله ﷻ ڀلايون ڀال ڪندڙن جو اجورو ضايع وڃڻ نه ڏيندو آهي. (التوبه¸ 0 2 1 )
    جيڪي ماڻهو الله ﷻ جي قربتن ۽ ساٿ ماڻڻ ۽ ان جي اطاعت جي رستي تي هلڻ ۽ ان جي لحاظ ۽ محبت جي نتيجي ۾ خرچ ڪن ٿا ته انهن جي مٿان عنايتن جا دروازا کلن ٿا ۽ جيڪو ماڻهو جيترو وڌيڪ الله ﷻ جي بندن لاءِ پنهنجي مٿان ذميداريون کڻي ٿو، اهو اوترو ئي وڌيڪ خدا وٽ مهربانين ۽ عطائن جو مستحق بڻجي ٿو. فرمايو ويو آهي:
    وَ مَنۡ یَّتَّقِ اللّٰہَ یَجۡعَلۡ لَّہٗ مَخۡرَجًا ۙ﴿۲﴾ وَّ یَرۡزُقۡہُ مِنۡ حَیۡثُ لَا یَحۡتَسِبُ ؕ
    (الطلاق:3 )
    ”جيڪي ماڻهو الله ﷻ جي اطاعت ان جي چاهت، ان جو لحاظ ۽ ان جو خوف رکندا آهن تن جي لاءِ واٽون ڪڍي کين اتان رزق جي پالوٽ ڪندو آهي جتان گمان ئي نه هوندو اٿن.“

    الله ﷻ جي قانونن ۾ اطاعت
    قرآن اسان کي ٻڌائي ٿو ته هن سڄي ڪائنات تي الله ﷻ جو اقتدار ۽ اختيار آهي، ليڪن الله ﷻ پنهنجي اقتدار ۽ اختيار کي پنهنجي بڻايل قانونن موجب استعمال ڪندو آهي. انهن قانونن ۾ ڪڏهن به تبديلي نه ٿيندي آهي. اهڙا قانون ۽ ضابطا انساني زندگيءَ جي لاءِ به جڙيل آهن، انسانن جا عمل الله ﷻ جي انهن جڙيل قانونن جي مطابق متعين نتيجا پيدا ڪندا آهن. هر انسان کي آزمائش مان گذارڻ خاطر انهيءَ جو اختيار ڏنل آهي ته جيڪو عمل وڻيس سو ڪري، پر جنهن قسم جو عمل هوندو انهيءَ قسم جو نتيجو پلئه پوندس ڇو ته اهي نتيجا الله ﷻ جي متعين ڪيل قانونن جي مطابق مرتب ٿيندا آهن.
    قرآن اسان کي هيءُ به ٻڌائي ٿو ته الله ﷻ جا قانون ان جي صفتن سان لاڳاپيل آهن. قرآن انهن صفتن جو واضح تعارف ڪرايو آهي. انسانن کي تخليق ڪرڻ وقت انهن ۾ پنهنجو روح ڦوڪي الله ﷻ انسان ذات جون بنيادي صفتون به پنهنجي صفتن جو عڪس بڻايون آهن، پر انهن ۾ فرق هي آهي ته الله ﷻ جون صفتون لامحدود، لامحيط ۽ اڻ کٽ آهن، پر انسان ذات جون صفتون محدود ۽ سميٽيل شڪل ۾ آهن. انهن صفتن جي اوسر ۽ نشونما تڏهن ٿي سگهي ٿي جڏهن انسان الله ﷻ جي پاران قرآن ۾ ٻڌايل صفتن کي معيار بڻائي پنهنجي سامهون رکي. اهو ئي انسان ۽ الله ﷻ جي درميان بنيادي تعلق آهي ۽ ان تعلق کي نباهڻ ئي خدائي قانونن جي اطاعت آهي. انهن صفتن اپنائڻ سان ئي انساني ذات پنهنجي اوسر ۽ ڪماليت جي طرف وڌي ٿي ۽ انهن جي اتباع سان ئي انساني ذات جي تقاضن جي تسڪين ٿئي ٿي.
    ان مان هي به ظاهر ٿئي ٿو ته جڏهن اسان الله ﷻ جي صفتن جو ذڪر ڪريون ٿا ته ڄڻ اهو (سميٽيل ۽ محدود شڪل ۾) خود اسان جي ذات جي صفتن جو ذڪر به هوندو آهي. انهيءَ ڪري قرآن شريف ۾ چيو ويو آهي :
    لَقَدۡ اَنۡزَلۡنَاۤ اِلَیۡکُمۡ کِتٰبًا فِیۡہِ ذِکۡرُکُمۡ ؕ اَفَلَا تَعۡقِلُوۡنَ ﴿٪۱۰﴾ (الانبياء: 0 1 )
    تحقيق اسان توهان ڏانهن هڪ ڪتاب نازل ڪيو جنهن ۾ توهان جو ذڪر آهي. (ذڪر جي معنيٰ عظمت ۽ شرف به آهي ۽ تذڪرو به آهي)
    جيئن جيئن انساني ذات جي اوسر ٿيندي وڃي ٿي تيئن تيئن هو الله ﷻ جي تخليقي پروگرام ۾ شريڪ ٿيندو ويندو آهي. اهڙي طرح الله ﷻ ۽ بندي جو تعلق رفاقت جو ٿي ويندو آهي. الله ﷻ ۽ انسان جو هي تعلق قرآن کان علاوه ٻئي هنڌ ڪٿي به نه ملندو. مشرق جي اهل مذاهب وٽ خدا سان انسان جو تعلق ايترو ئي آهي جو انسان خدا جي پوڄا ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته کيس اهو خدا جو حڪم آهي انڪري انسان کي اهو چاهيندي ۽ نه چاهيندي به مڃڻو آهي ۽ جيڪڏهن ڪو ان حڪم کي نه مڃي ته خدا ناراض ٿي ويندو آهي. ان کي راضي رکڻ جي لاءِ سندس حضور ۾ نذر نياز پيش ڪرڻ يا سندس ڪنهن ”پهتل“ جي ذريعي ان تائين سفارش پهچائڻ ضروري آهي. جڏهن هو انهيءَ طريقي تي راضي ٿي ويندو آهي ته انسان جون مرادون پوريون ٿي وينديون آهن. پر جي ناراض رهندو آهي ته انسان مصيبت ۾ ڦاسي پوندو آهي.
    ٻئي پاسي وري مغرب وارن وٽ خدا جو تعلق رڳو خارجي ڪائنات سان آهي، جنهن ۾ ان جا قانون (قوانين فطرت جي شڪل ۾) ڪارفرما آهن. انسان جو ڪم هي آهي ته انهن قانونن جو مطالعو ڪري ۽ انهن جي مطابق فطرت جي قوتن کي مسخر ڪري پنهنجي ڪم آڻي. باقي رهي انساني دنيا، سو انسانن کي پنهنجا معاملا پنهنجي عقل ۽ فهم جي روشنيءَ ۾ طئه ڪرڻا آهن. انهن جي لاءِ ڪي به اڻمٽ اصول ۽ قانون ڪونهن.
    الله ﷻ سان تعلق جو هڪ ٻيو تصور انهن ماڻهن جو آهي جيڪي روحانيت کي مڃيندڙ سڏجن ٿا. انهن جو چوڻ آهي ته سندن الله ﷻ سان سڌو سنئون تعلق هوندو آهي. اهي الله ﷻ سان ڳالهيون ڪندا آهن، ان سان ملاقاتون ڪندا آهن، ماڻهن جون دعائون کانئس منظور ڪرائيندا آهن ۽ الله ﷻ کين غيب جون ڳالهيون ٻڌائي ڇڏيندو آهي وغيره وغيره. الله ﷻ سان انهن مڙني قسم جي تعلقات جو تصور به قرآني تعليم جي خلاف آهي. الله ﷻ انسانن کي جيڪي ڪجهه ٻڌايو هو سو پنهنجي ڪتاب قرآن مجيد ۾ آخري ڀيرو مڪمل طور تي ٻڌائي ڇڏيو. هاڻي الله ﷻ سان انسانن جي تعلق جو ذريعو صرف انهيءَ ڪتاب جي پيروي آهي.
    قرآن سڄي دنيا جي انسانن کان هن ڳالهه جو مطالبو ڪري ٿو ته هو انهيءَ الله ﷻ تي ايمان آڻين، جنهن جو تصور خود قرآن پيش ڪيو آهي. هر شخص، هرقبيلو ۽ هر قوم ڪنهن نه ڪنهن رنگ ۾ خدا جي قائل آهي. ليڪن قرآن چوي ٿو ته توهان جو اهڙي طرح مڃڻ، حقيقت ۾ خدا کي مڃڻ ڪونهي. اهو ته ان خدا کي مڃڻ آهي جيڪو توهان يا توهان جهڙن ٻين ماڻهن پنهنجي ذهنن ۾ گهَڙي ورتو آهي. جيڪو ماڻهو خدا جو ته قائل هجي پر ان جي صفتن جي صحيح تصور کان ڪورو هجي ته انهيءَ جو خدا کي مڃڻ، حقيقي خدا کي مڃڻ جي انڪار وانگيان آهي.
    جيڪو ماڻهو الله ﷻ جي صفتن جو صحيح تصور سامهون نٿو رکي، سو لازمي طرح الله ﷻ جي تصرفات ۾ شرڪ ڪرڻ وارو بڻجي پوي ٿو. نتيجو هي ٿو نڪري جو سندس خدا کي مڃڻ ڪنهن ڪم جو نٿو رهي. مڪي جي مشرڪن کي ڏسو، اهي به ته الله ﷻ کي مڃيندڙ هئا ڪعبي جي حفاظت الله ﷻ جو گهر ڄاڻي ڪندڙ هئا. پاڻ کي ابراهيمي دين جا پيروڪار سمجهندڙ هئا.
    ان جي باوجود هڪ پيغمبر جي هدايت جي ضرورت انهيءَ ڪري پيش آئي ته اهي الله ﷻ جي تصرفات ۾ پنهنجي سردارن کي به شريڪ سمجهندا هئا ۽ پنهنجي پيرن ۽ ديوتائن کي به. رزق ڪنهن هڪ ديوتا جي ذمي هو ته مينُهن ڪنهن ٻئي ديوتا جي ذمي هو. بيماري ۽ صحت ڪنهن هڪ فرشتي جي حوالي هئي ته اولاد ڪنهن ٻئي پير جي هٿ وس ۾ هئي. عزت ۽ ذلت جا ڪارڻ ڪنهن هڪ سردار وٽ سوگها هئا ته وري زندگيءَ جا رهنما قانون ٻئي سردار جي فرمانبرداريءَ ۾ هئا. اهڙي طرح هو طرحين طرحين خدائن جي چنبي ۾ ڦاسي ذهني طور تي ڪيترين ئي غلامين ۾ جڪڙجي پيا هئا، جنهن ڪري منجهانئن هي صلاحيت ختم ٿي چڪي هئي جو هو ڌرتيءَ جي مٿان انسان جي آزادي ۽ فلاح جو ڪو معاشرو تشڪيل ڏئي سگهن. توڻي جو انهن ۾ ڪيتريون شخصي خوبيون به موجود هيون پر انساني وحدت ۽ زندگيءَ جي اعليٰ مقصديت جي باري ۾ هنن جون خوبيون مورڳو مسخ ٿي دنڌلائجي چڪيون هيون ۽ غلاماڻي ماحول ۽ اثرن ۾ هو الله ﷻ جي ڪبريائي ۽ توحيد جي تصورن کان محروم ۽ منڪر رهجي ويا هئا. ربوبيت ۽ پالڻهاري واري واٽ کان ڪوهين پري هئا، اهڙي طرح الله ﷻ جي نج عبديت پٽاندر زندگي گذارڻ کان پاڻ کي آجو ڪري چڪا هئا. انڪري الله ﷻ پيغمبر ﷺ جي ذريعي قرآن مجيد جا ٺوس ضابطا ۽ قانون ڏئي نه صرف سندن زندگيءَ کي مقصديت ۽ عظمت ۽ ڪامراني عطا ڪئي بلڪه پوري دنيا جي سڀني غلام قومن جي لاءِ آجپي جو آسرو ۽ عالمگير هدايت جو ذريعو بڻايو.

    انسان جي سياسي زندگي
    الله ﷻ جا ٻڌايل ضابطا ۽ قانون صرف انسان جي انفرادي زندگيءَ لاءِ ناهن، بلڪه انهن جو دائرو اجتماعي زندگيءَ جي سڀني شعبن تائين محيط آهي. اجتماعي زندگيءَ جا حڪم ان وقت وڏي نتيجي کي ظهور ۾ آڻي سگهن ٿا جڏهن معاشري ۾ سياسي تنظيم جي ذريعي حاڪميت جي قوت حاصل ٿي وڃي. اهڙي حاڪميت جيڪا الله ﷻ جي مخلوق کي سماجي انصاف ۽ سماجواد فلاحي معاشرو يقيني بڻائي ڏئي. حاڪميت جي اهائي قوت آهي، جيڪا الله ﷻ جي صفتن جي صورت ۾ انسان کي نيابت جي طور تي عطا ٿي آهي. انهيءَ ڪري انسان جي سياسي زندگي دين جي دائري ۾ شامل آهي. ان کي انهن حدن کان ٻاهر نٿو رکي سگهجي. جيڪڏهن ٻاهر رکيو ويندو ته الله ﷻ جي صفت حاڪميت تي ايمان رکڻ جي دعويٰ بي معنيٰ رهجي ويندي.
    سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهه هي آهي ته الله ﷻ جي جنهن صفت جو سڀ کان وڌيڪ قرآن ۾ تذڪرو ٿيو آهي، اها ان جي ربوبيت واري صفت آهي. انسان هن دنيا ۾ الله ﷻ جي نيابت ۾ ربوبيت جون جيتريون ذميواريون پنهنجي انفرادي زندگيءَ ۾ نباهي سگهي ٿو، ان کان وڌيڪ ذميوارين جو تعلق سندس اجتماعي زندگيءَ سان آهي. يعني ربوبيت عامه يا سماجوادي نظام (فلاحي معاشرو) جي قيام لاءِ ڪوشش ۽ جاکوڙ ڪرڻ. انهيءَ ربوبيت عامه جو قيام ۽ نفاذ سياسي طاقت جي حصول سان تعلق رکي ٿو. انڪري جو الله ﷻ جي سڀني ٻانهن جي پرورش جون سڀ بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ رياست جي ذميواري هوندو آهي. جيستائين اهڙي رياست قائم نه ٿي آهي تيستائين پنهنجي پوري وس سان هڪ فرد جي حيثيت ۾ يا پنهنجي ساٿ جي سٿ ذريعي ادارن جي قيام سان انسانن جي لاءِ پالڻهاريءَ جي وسيلن ۾ سهڪاري ٿيڻ، معاشي سڌاري ۽ فلاح جون ڪوششون وٺڻ ۽ سماجوادي نظام جي جهد ۾ عملي طرح شريڪ ٿيڻ الله ﷻ جي مڃيندڙن جي بنيادي ذميواري آهي.

    الله ﷻ جي الوهيت ۾ اطاعت
    قرآن هن ڳالهه تي زور ڏئي ٿو ته هر طرح جي عبادت ۽ نوڙت جي مستحق صرف الله ﷻ جي ذات آهي. پوءِ جيڪڏهن توهان ٻانهپ واري نوڙت، نياز ۽ پڪار سان ڪنهن ٻيءَ هستيءَ آڏو مٿو جهڪايو ته توحيد الاهي جو عقيدو باقي نه رهيو. قرآن چوي ٿو ته ”اها ذات ئي آهي جيڪا انسانن جي سڏ کي ٻڌي ٿي ۽ انهن جي دعائن کي قبول ڪري ٿي.“ پوءِ جيڪڏهن توهان پنهنجي دعائن ۽ خواهشن جي طلب ۾ ڪنهن ٻيءَ هستيءَ کي ان جو شريڪ بڻايو ته ڄڻ اوهان ان کي خدا جي خدائيءَ ۾ شريڪ بڻايو ۽ توهان جو توحيد وارو عقيدو لڙهي ناس ٿي ويو.
    اهو سبب آهي ته مسلمانن کي پنهنجي پروردگار جي حضور ۾ روزانو پنجن وقتن جي نماز واري حاضريءَ ۾ڪيترائي ڀيرا وري وري کانئن هي اقرار ڪرايو ويندو آهي ته:
    اِیَّاکَ نَعۡبُدُ وَ اِیَّاکَ نَسۡتَعِیۡنُ ؕ﴿۴﴾
    اسين رڳو تنهنجي ئي عبادت ڪريون ٿا ۽ اڪيلو توکان ئي مدد گهرون ٿا.
    اهڙي طرح مسلمانن کي ڪلمي جي اقرار ذريعي سڀ کان پهريون جيڪو انڪار ڪرايو ويو آهي. اهو انڪار غير جي عبديت، ٻانهپ ۽ غلاميءَ جي سڀني قسمن کان جان خلاصي ڪرائڻ جو انڪار آهي. لا الــٰھ جي انڪار ۾ پنهنجي وهمن جي انڪار کان وٺي ٻانهپ ۽ غلاميءَ جي سڀني شڪلين جي انڪار جو اعلان ۽ بغاوت آهي ۽ جڏهن اهڙي طرح ذهن صاف ٿي وڃي ته پوءِ ان تي هڪ نئين عمارت اڏي وڃي. يعني هن ڳالهه جو اقرار ته صرف هڪ ئي الله ﷻ جي قوت آهي جنهن جي آڏو سيس نوائي وڃي، جنهن جي اطاعت ڪئي وڃي.
    دين اسلام هن مسئلي ۾ ايترو چٽو ۽ واضح فڪر ڏنو آهي ۽ عبديت ۽ ٻانهپ جا حق رڳو الله ﷻ جي ذات جي لاءِ انهيءَ حد تائين خاص ڪيا آهن جو پيغمبر ﷺ جي طريقي جي اطاعت لاءِ حڪم ڪيو ويو ته ان جي شخصيت جي حوالي سان به پهريائين هي ايمان ۽ عقيدو پختو ڪرايو ويو ته پيغمبر اسلام هڪ بشر ۽ الله ﷻ جو ٻانهو آهي ۽ سڀ کان پهريائين ان جي عبديت جو ايمان آڻيو ۽ پوءِ ان جي رسول هئڻ جو.
    اَشْھَدُ اَنْ لَّا اِلٰھَ اِلَّا اللّٰھُ وَاَشْھَدُ اَنَّ مُحَمَّدََ عَبْدُہُ وَ رَسُولُہُ۔
    انهيءَ اقرار ۾جهڙي طرح خدا جي توحيد جو اعتراف ڪيو ويو آهي ٺيڪ ساڳي طرح پيغمبر اسلام جي ٻانهپ ۽ رسالت جو به اعتراف آهي. غور ڪرڻ گهرجي ته ائين ڇو ڪيو ويو؟ صرف انهيءَ لاءِ ته اهڙي ڪنهن ڳالهه جو موقعو يا گنجائش نه رهي ته ٻانهپ جي جڳهه تي معبود ۽ رسالت جي جڳهه تي اوتار جو خيال پيدا ٿئي. انڪري اها ڳالهه تسليم ٿيل آهي ته ڪوبه شخص تيستائين اسلام جي دائري ۾ داخل ٿي نٿو سگهي جيستائين هو خدا جي توحيد وانگر پيغمبر اسلام جي ٻانهپ جو اقرار نه ڪري.
    انسان معبود ان کي بڻائيندو آهي جنهن جي متعلق سمجهندو آهي ته کيس ڪجهه اختيار ۽ طاقت حاصل آهي. قرآن انهيءَ تصور کي ئي جڙئون پٽي ڦٽي ڪيو آهي ته الله ﷻ کانسواءِ ڪنهن ٻئي کي به اساسي طرح ڪو اختيار ۽ اقتدار حاصل آهي.* تنهن ڪري جڏهن اساسي طرح الله ﷻ کانسواءِ ڪنهن کي ڪو اختيار ۽ اقتدار ئي حاصل ناهي ته پوءِ ان کي پهتل، حاجت روا ۽ معبود ڪيئن ٿو بڻائي سگهجي.
    قُلۡ اَرَءَیۡتُمۡ اِنۡ اَخَذَ اللّٰہُ سَمۡعَکُمۡ وَ اَبۡصَارَکُمۡ وَ خَتَمَ عَلٰی قُلُوۡبِکُمۡ مَّنۡ اِلٰہٌ غَیۡرُ اللّٰہِ یَاۡتِیۡکُمۡ بِہٖ ؕ اُنۡظُرۡ کَیۡفَ نُصَرِّفُ الۡاٰیٰتِ ثُمَّ ہُمۡ یَصۡدِفُوۡنَ ﴿۴۶﴾ (انعام: 46)
    (اي پيغمبر! کين) چئو ته ڏسو، جيڪڏهن الله اوهان جا ڪن ۽ اوهان جون اکيون کسي وٺي ۽ اوهان جي دلين تي مهر هڻي ته انهيءَ الله کانسواءِ ڪير ٻيو خدا اوهان کي اهي ڏيندو؟ ڏس ته ڪهڙا دليل بيان ڪريون ٿا، وري به اهي حقيقت کان منهن موڙن ٿا.
    قرآن مجيد ۾ عبادت جو تصور صرف انسان جو الله ﷻ جي سامهون سيس نوائڻ تائين محدود نه رکيو ويو آهي بلڪه پنهنجي زندگيءَ جي سڀني شعبن ۾ الله ﷻ جي فرمانبرداري ۽ اطاعت سندس عبادت جي لازمي تقاضا آهي. نماز پنهنجي جاءِ تي فرض ۽ اهم آهي پر الله ﷻ کي هي هرگز گهربل ناهي ته هڪ شخص زندگيءَ جي معاملن کي مرضي ۽ مفادن هيٺ گذاريندو وتي ۽ ڪجهه مخصوص وقتن تي عبادتگاهه ۾ اچي سجدا ڪري پنهنجي ٻانهپ جو حق جتائي. انهيءَ ڪري هي ڳالهه چٽي طرح طئه آهي ته جيڪو شخص زندگيءَ جي معاملن ۾ الله ﷻ جي ٻڌايل ضابطن جي انحرافي ۽ ڪوتاهي ڪري ٿو ته ان صورت ۾ به هو توحيد في العبادت جو ائين ئي انڪاري بڻجي وڃي ٿو، جيئن ڪو ماڻهو غير الله ﷻ جي سامهون سجدي ڪرڻ سان منڪر ۽ مشرڪ بڻجي وڃي ٿو.
    اهڙي طرح قرآن جي روءِ سان سماجي ناانصافين ۽ غلاميءَ جي طريقن تي مشتمل نظام جي خلاف جهد ڪرڻ يا ان جي لاءِ اجتماعي طور تي ٿيندڙ جهد ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ به انسان جي اطاعتي ۽ عبادتي زندگيءَ جو حصو آهي.
    قرآن مجيد ۾ گذريل قومن جي ڪيترن ئي واقعن ۾ نبين جي اهڙي منصب ۽ جهد جو واضح تفصيل آيل آهي. جيئن حضرت موسيٰ ؑ بني اسرائيل جي اصلاح ڪرڻ گهري ته انهن جي آزاديءَ جو مطالبو فرعون جي سامهون کڻي ويو ۽ فرعون کي چيائين ته:
    فَاَرۡسِلۡ مَعِیَ بَنِیۡۤ اِسۡرَآءِیۡلَ ﴿۱۰۵﴾ؕ (الاعراف: 105) يعني بني اسرائيل کي مون سان گڏ (هلڻ لاءِ) ڇڏ.
    فرعون چيو ته مون کانسواءِ ڪوبه الــٰھ ڪونهي هي منهنجا ٻڌا ٻانها آهن، ائين ڪيئن ٿيندو؟!
    قَالَ لَئِنِ اتَّخَذۡتَ اِلٰـہًا غَیۡرِیۡ لَاَجۡعَلَنَّکَ مِنَ الۡمَسۡجُوۡنِیۡنَ ﴿۲۹﴾ (الشعراء:29)
    ”هن چيو ته جيڪڏهن تون مون کان سواءِ ٻئي کي الــٰھ تسليم ڪيو ته (ياد رک) پڪ سان توکي جيل موڪلي ڇڏيندس.“
    فرعون حضرت موسيٰ کي چيو ته مون کانسواءِ ڪو الــٰھ ناهي، هتان الــٰھ جي معني واضح ٿي وڃي ٿي. حضرت موسيٰ جي دعوت هي هئي ته بني اسرائيل کي فرعون جي محڪوميءَ مان ڪڍي آزاديءَ جي فضا ۾ آندو وڃي، جتي هو الله ﷻ جي حڪمن کي بجا آڻين. فرعون جي دعويٰ هيءَ هئي ته اطاعت ۽ فرمانبرداري سندس ئي ٿي سگهي ٿي. انهيءَ ڪري بني اسرائيل کي اجازت نٿي ڏئي سگهجي ته هو ڪنهن ٻئي جي قانونن جي پابندي ڪن.
    هتان هي ڳالهه به واضح ٿي وڃي ٿي ته ڇڙواڳ اقتدار ۽ سرڪشي سان طاقتور فردن يا قومن جو الله ﷻ جي ٻانهن مان ڪمزور فردن يا قومن تي غلبو قائم ٿي وڃي ته اهو به الله ﷻ جي اقتدار ۾ شرڪ بنجي وڃي ٿو. ان وقت الله ﷻ جي مشيت انهن فردن ۽ قومن جي آزادي گهرندي آهي، تان ته انهن کي اهڙو آزاد ۽ منصفاڻو معاشرو ميسر ٿي سگهي. جتي هو هڪ طرف آزاديءَ سان الله ﷻ جي حڪمن تي عمل ڪري سگهن، ۽ ان آزاد ۽ منصفاڻي معاشري کي الله ﷻ جي معرفت رسائڻ جو بنياد بڻائي سگهن ۽ ٻئي طرف اتي عدل جي قيام سان پنهنجي ذات کي اوسر ۽ ترقي ڏئي سگهن.

    الله ﷻ کي حقيقي طرح نه مڃڻ جو نتيجو
    الله ﷻ کي مڃڻ ائين نه هوندو ته پوءِ ماڻهو ان جي ٻانهپ ۾ داخل ٿي نه سگهندو. ان جي رحتمن جو مستحق بڻجي نه سگهندو. ان جي حفاظت جي دائري ۾ اچي نه سگهندو ۽ ان جي قربتن جا لطف ماڻي نه سگهندو. اهڙي طرح هو شرڪ ۽ عذابن جي گهيري مان به نڪري نه سگهندو. هو الله ﷻ جي ربوبيت يعني پالڻهاريءَ واري اطاعت کي نه اپنائيندو ته مختلف قسمن جون آفتون گهيري وٺندس. بي برڪتي ۽ لونجهه مسلط ٿي ويندس.
    لَئِنۡ شَکَرۡتُمۡ لَاَ زِیۡدَنَّکُمۡ وَ لَئِنۡ کَفَرۡتُمۡ اِنَّ عَذَابِیۡ لَشَدِیۡدٌ ﴿۷﴾ (ابراهيم-7 )
    شڪر سان ضرور وڌائيندوسانوَ پر منڪر بڻبوئ ته پوءِ پڪ سان منهنجي گرفت ڏاڍي سخت اٿوَ.
    اهڙي طرح پالڻهاريءَ واري اطاعت کان گسائيندڙ ماڻهو هڪ مصيبت مان جان ڇڏائيندو ته ٻي منهن ڪڍي بيهي رهندي ۽ سلسلو ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺندو. ماڻهو الله ﷻ جي ضابطن ۽ صفتن کي اختيار نه ڪندو ته ذلتون پچر ئي نه ڇڏيندس ۽ پنهنجو شرف ۽ پنهنجي تخليق جو مقصد وڃائي ويهندو. هو الله ﷻ جي ٻانهپ ۾ ڪمزور ويندو ته مخلوق پرستي ديرو ڄمائيندس. هو نفس جو غلام بڻجي ويندو ته شيطان جي مريدي پلئه پئجي ويندس. پاڻ جهڙن انسانن جي غلاميءَ جو طوق ڳچيءَ ۾ پوندس ۽ پاڻ کان ڪمتر مخلوق جي اڳيان نرڙ گسائيندو وتندو. قبرن ۽ اوتارن ڀوپن ۽ ڀوتارن، ڪنڊين ۽ پٿرن، جنن ۽ ديوتائن کي پوڄيندو وتندو. پنهنجي هٿ ۽ دماغ سان عقيدت جا بت گهڙيندو وتندو. ڪڏهن ڪنهن پير جي آستان تي ۽ ڪڏهن ڪنهن نالي جي مرشد جي درگاهه تي. اهڙي طرح پنهنجي قسمت جون واڳون انهن عقيدت جي بتن حوالي ڪندو. اهڙي ماڻهوءَ جي دنيا ته هڙ وئي پر آخرت جي نعمتن جا دروازا به بند ٿي ويندس.
    اِنَّ اللّٰہَ لَا یَغۡفِرُ اَنۡ یُّشۡرَکَ بِہٖ وَ یَغۡفِرُ مَا دُوۡنَ ذٰلِکَ لِمَنۡ یَّشَآءُ ۚ وَ مَنۡ یُّشۡرِکۡ بِاللّٰہِ فَقَدِ افۡتَرٰۤی اِثۡمًا عَظِیۡمًا ﴿۴۸﴾ (نساء: 48)
    بيشڪ الله ﷻ هي ڏوهه نه بخشيندو جو ڪنهن کي به ساڻس شريڪ ڪيو وڃي ۽ ان کانسواءِ جنهن کي وڻيس تنهن کي بخشيندو.
    قرآن جنهن طريقي سان الله ﷻ جي مڃڻ جو تعارف ڪرايو آهي، اهو تعارف ورائي ورائي پنهنجي اندر سمايو اٿس. ماڻهوءَ جي لاءِ اها وڏي سعادت جي ڳالهه آهي ته هو قرآن مجيد جو ترجمو پڙهي الله ﷻ جي اطاعت ۽ ان جي نتيجي ۾سندس مهربانين جو ادراڪ ۽ سعادت حاصل ڪري.
    قرآن مجيد پنهنجي مڃڻ جي لاءِ دين اسلام کي پنهنجو مڪمل ضابطه حيات قرار ڏنو آهي ۽ اسلام جي دائري ۾ اچڻ جو پهريون مرتبو اعتقاد ۽ عمل جو آهي. يعني جنهن اسلامي عقيدن جو اقرار ڪيو ۽ زندگيءَ ۾ ان جي عملن کي اختيار ڪيو اهو ان جي دائري ۾ اچي ويو. ليڪن رڳو دائري ۾ اچي وڃڻ سان اهو لازم نٿو ٿئي ته ڪمال ۽ يقين جون منزلون به حاصل ٿي وڃن، بلڪه ان لاءِ ضروري آهي ته ماڻهو پاڻ الله ﷻ جي صفتن جو مظهر بڻجي وڃي ۽ اجتماعي زندگيءَ جي بنيادي اصول ”عدل جي قيام“ جو هڪ متحرڪ پرزو بڻجي وڃي. عدل سان جيئي، عدل جو ساٿ ڏئي، عدل جي لاءِ جاکوڙي ۽ عدل جي لاءِ ٿيندڙ جاکوڙ جو سرگرم ساٿي ثابت ٿئي.
    اِعۡدِلُوۡا ۟ ہُوَ اَقۡرَبُ لِلتَّقۡوٰی ۫ وَ اتَّقُوا اللّٰہَ ؕ (المائده: 8 )
    عدل جي واٽ تي هجو اهو تقويٰ جي قريب تر (۽ لازم ۽ ملزوم) آهي
    اهڙي طرح عدل سان گڏ احسان جي منزل ماڻڻ جو حڪم آهي. عدل جي اها زندگي ايمان جي منزل آهي پر احسان جي منزل فدائيت ۽ ايثار جي اهڙي منزل آهي جنهن ۾ ”مان“ آهي ئي ڪونه، رڳو ”تون ئي تون“ آهي. احسان جي اها منزل رڳو سکڻ ۽ فڪري قياسن ذريعي حاصل نٿي ٿي سگهي. احسان جي منزل پاڻ ارپڻ، ايثار ۽ فدائيت جي ديوانگي آهي، جيڪو اتي رسي ويو ته اهو صرف هي ٻڌائيندو ته مون وانگر ٿي وڃ، جيڪي ڪجهه نظر اچي ٿو سو تون به پسي وٺ.

    خير امت جي ذميواري
    اسان مسلمانن جي مٿان الله ﷻ جي معرفت حاصل ڪرڻ کانپوءِ باقي ماڻهن کي ان معرفت جي شعور کان بهره ور ڪرڻ جي ذميواري پڻ سونپيل آهي. ڇاڪاڻ جو هدايت جي لاءِ پيغمبرن ۽ وحي موڪلڻ جو سلسلو ختم ڪيو ويو ته پوءِ ان هدايت کي اڳتي وڌائڻ جو ڪم هن امت جي ماڻهن تي پيو. انهيءَ ذميوايءَ جي ڪري هن امت کي خير امت جو اعزاز پڻ عطا ٿيو.
    خير امت جي انهيءَ منصب جي ادائگيءَ لاءِ زندگيءَ جي سڀني ڏسائن ۽ رخن ۾ ان جا طريقا، مراتب ۽ ڪيفيتون قرآن مجيد ۾ ورائي ورائي ٻڌايون ويون آهن.
    الله ﷻ جي ياد، ان جو ذڪر، ان جي پچار ۽ ان جي پرچار جا رنگ جابجا ڦهليل آهن ۽ اهو به ٻڌايل آهي ته انهن رنگن سان اوهان ڪيئن رڱجي سگهو ٿا. اهڙي طرح چڱاين طرف سڏڻ کان وٺي مداين کان روڪڻ تائين پنهنجي عملي ڪردار نڀائڻ جون سوين صورتون سيکاريل آهن. وري الله ﷻ جي طرفان ڌرتيءَ تي اصلاح جي اجتماعي ڪمن کي ڇڏي، پنهنجي مرضي ۽انفراديت اختيار ڪرڻ تي خبردار ڪرڻ، تنبيهون،ميارون ۽ بري انجام جي ڪڙن نتيجن ۽ انهن جي گذريل مثالن سان به قرآن ڀريو پيو آهي. انهيءَ ڪري هڪ ذميوار مومن جي زندگي آهي ئي ان لاءِ ته هو انسان ۽ انسانيت جي لاءِ جيئي. اخرجت للناس جو اهوئي مطلب آهي. انسانن جي لاءِ ڀلائي، فلاح ۽ نجات جي هر امڪاني عمل ۾ انهن جو مددگار ٿئي. اهڙي طرح فلاح ۽ نجات جي ٻنهي جهانن واري سعادت ۽ نعمت کان سرفرازيءَ جا جتن ڪري ته اهو وڏو ڪمال آهي.


    جي توحيد ۽ شرڪ کي نٿا ڄاڻو ته پوءِ مسلماني ڪهڙي ڪم جي آ؟!!

    قرآن مجيد ۾ توحيد جا ٽي پهلو بيان ڪيا ويا آهن:
    • توحيد في الربوبيت
    • توحيد في الصفات
    • توحيد في العبادت
    قُلۡ اَعُوۡذُ بِرَبِّ النَّاسِ ۙ﴿۱﴾ مَلِکِ النَّاسِ ۙ﴿۲﴾ اِلٰہِ النَّاسِ ۙ﴿۳﴾
    (الناس- 1 کان 3 )
    • اي پيغمبر چئو ته، مان انسانن جي (اڪيلي) پالڻهار جي پناهه ۾ اچان ٿو.
    (توحيد في الربوبيت)
    • انسانن جي (اڪيلي) حاڪم جي پناهه ۾ اچان ٿو.
    (توحيد في الصفات)
    • انسانن جي (اڪيلي) معبود جي پناهه ۾ اچان ٿو.
    (توحيد في العبادت)
    هنن آيتن جو مفهوم هيءُ آهي ته:
    • انسانن جي اڪيلي پالڻهار جي پالڻهاريءَ وارن قانونن تي هلڻ سان انسان سڀني تنگين ۽ آزارن کان سندس حفاظت واري دائري ۾ اچي وڃي ٿو.
    • انسانن جي اڪيلي حاڪم ۽ تصرفات جي مالڪ جا حڪم مڃڻ ۽ ان جي ٻڌايل ضابطن تي هلڻ سان انسان سڀني غلامين ۽ ڏاڍاين کان سندس حفاظت واري دائري ۾ اچي وڃي ٿو.
    • انسانن جي خلقڻهار ۽ سنڀاليندڙ اڪيلي معبود کي ئي عبادت جا سڀ حق حاصل آهن. ان جي عبادت ڪرڻ سان انسان هن دنيا ۾ توڻي آخرت ۾ سڀني آفتن ۽ اهنجاين کان ان جي حفاظت واري دائري ۾ اچي ٿو.
    هيءُ پيغمبر انسانيتﷺ جي ذريعي الله ﷻ جي مڃيندڙن کي قرآن جي هدايت جو آخري پيغام آهي، جيڪو سڄي قرآن جو ڄڻ ته تت آهي. قرآن جي ٻين سڀني قانونن وانگر هنن ضابطن ۾ به ڪا رعايت ڪونهي. جيڪو به ربوبيت جو رستو ڇڏيندو، اهو مالڪ جي محبوبيت ڏانهن وڌي ڪونه سگهندو ۽ تنگيون ۽ آزار سندس پچر ڪونه ڇڏيندا. جيڪو به الله ﷻ جي ٻڌايل ضابطن تي عمل کان لنوائيندو ته نه ان جي ذات ۽ مرتبن جي ارتقا ٿيندي، نه الله ﷻ وٽ سندس ڪا چڱائي قبوليت جو سبب بڻبي ۽ نه وري خارجي زندگيءَ جون ڪشادگيون سندس حصي ۾ اچي سگهنديون. جيڪو به عبادت جي حق کي ان لاءِ خاص نه ڪندو ته اهو پنهنجي تخليقي مقصد کي وڃائي ويهندو ۽ ٻنهي جهانن جي سعادتن کان محروم رهندو.

    توحيد في الربوبيت ڇا آهي؟
    جڏهن ماڻهو الله ﷻ جي ربوبيت ۾ توحيد جو اقرار ڪري ٿو ته هو پوري شعور، سمجهه ۽ دل جي گهراين سان انهيءَ اڪيلي پالڻهار جي پالڻهاريءَ وارن قانونن کي پنهنجي زندگيءَ ۾ اختيار ڪري ٿو. الله ﷻ جا پالڻهاريءَ وارا ڪجهه قانون هن ريت آهن:
    1. هو جهانن جو پالڻهار آهي ۽ سندس پالڻهاري سڀني لاءِ عام آهي.
    2. زمين تي اهڙو ڪوبه ساهوارو ناهي جنهن لاءِ الله ﷻ رزق جو بندوبست نه ڪيو هجي.
    3. رب ڪل شيءِ¸ هر شيءِ جو خالق به اهو ئي آهي ۽ هر شيءِ جو پالڻهار ۽ مالڪ به اهو ئي آهي.
    4. رزق جا سڀ وسيلا سندس جا ئي عطا ڪيل آهن، ايتري تائين جو زمين ۾ اوڀڙ جي صلاحيت به اهوئي رکي ٿو (ام نحن الزارعون) ۽ انهن کي پاڻي رسائڻ وارو به اهو ئي آهي (ام نحن الشاربون).
    الله ﷻ جي پالڻهاريءَ وارن هنن قانونن تي هلڻ جي معنيٰ هيءُ آهي ته:
    1. جيئن الله ﷻ جي پالڻهاري عام آهي تيئن سندس مڃيندڙن کي نيابت جو فرض نڀائيندي ربوبيت عامه جي قائم ڪرڻ يعني سماجي انصاف وارو نظام قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ آهي، ته جيئن سڀني ماڻهن کي رزق جي برابر موقعن ۽ وسيلن مان حاصلات ٿيندي رهي.
    2. اهڙو سماجي انصاف وارو معاشرو قائم ڪرڻ لاءِ جيئن اجتماعي ڪوششن جو ساٿاري بنجڻو آهي، تيئن انفرادي طور تي نظام ربوبيت جي تڪميل لاءِ پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻو آهي.
    I. الف: ماڻهو پاڻ پنهنجي بنيادي ضرورتن کان وڌيڪ جيڪو مال آهي، سو الله ﷻ جي رستي ۾ خرچ ڪري پنهنجي ان عمل سان ان جو اظهار ڪري.
    II. ب: اهڙي مقصد لاءِ ٿيندڙ اجتماعي ڪوششن ۾ شريڪ بڻجي.
    III. ج: پنهنجي نگرانيءَ ۾ شامل سڀني ماڻهن جي پرورش جي ذميواري احسن طريقي سان سر انجام ڏي.
    3. جيئن ته هر شيءِ جو خالق، پرورش ڪندڙ ۽ اصل مالڪ اهوئي آهي، انهيءَ ڪري انسان جي حيثيت صرف امين واري آهي. انسان کي صرف اها امانت پنهنجي پنهنجي حقدارن تائين پهچائڻي آهي. ماڻهوءَ کي پنهنجي ابي امان، پنهنجي اولاد، پنهنجي مائٽن، پنهنجي ماتحتن ۽ پنهنجي چوڌاري سائلن ۽ محروم ماڻهن، مسڪينن ۽ ضرورتمندن، مطلب ته سڀني جو پنهنجو پنهنجو حصو حڪمن ۽ ضابطن جي صورت ۾ ٻڌايل آهي ۽ ماڻهوءَ کي انهن جي پابندي ڪرڻي آهي.
    جيڪڏهن ماڻهو توحيد في الربوبيت جي انهن تقاضائن ۽ لوازمات تي پورو نٿو هلي ۽ الله ﷻ جي عطا ڪيل رزق کي رڳو پنهنجي عقل جو ڪمال ٿو سمجهي يا پنهنجي وڏن جي جاگير سمجهي ان کي اجائي طريقي سان اڏائيندو وتي ٿو ۽ رڳو پنهنجي آرام واري زندگيءَ ۽ اولاد جي مستقبل ٺاهڻ جي چڪر ۾ خرچيندو رهي ٿو ته پوءِ هو توحيد جي قرآني تصور جو عملي منڪر آهي ۽ ان جو الله ﷻ کي مڃڻ منافقت ۽ ٺڳيءَ وارو مڃڻ آهي.

    توحيد في الصفات ڇا آهي؟
    قرآن اسان کي ٻڌائي ٿو ته:
    1. الله ﷻ جي هستي جامع ڪمالات آهي. سڄي ڪائنات تي الله ﷻ جي حاڪميت آهي. هو پنهنجي اقتدار ۽ اختيار کي پنهنجي جوڙيل قانونن پٽاندڙ استعمال ڪري ٿو. اهي قانون ٺوس آهن ۽ انهن ۾ ڪڏهن به تبديلي نٿي اچي. ڪائنات جي گونا گونيءَ ۾ سيارن ۽ ڪهڪشائن جي نظام کان وٺي اسان واري شمسي نظام تائين سڀ شيون، سيارا ۽ گرهه، الله ﷻ جي مقرر ڪيل ٽاڻن ۽ پدن تي هلي ان جي قانونن جي پاسداري ڪري رهيا آهن ۽ انهيءَ نظام ۾ ڪنهن کي ذري برابر تبديليءَ جو اختيار ناهي. ان جو نتيجو هيءُ آهي ته، ڪروڙين سال گذري وڃڻ جي باوجود ڪائناتي نظام ۾ ڪابه گڙ ٻڙ ۽ فساد رونما نه ٿيو آهي. ڪائناتي قانونن وانگر ساڳيا ضابطا خود انسانن جي انفرادي ۽ اجتماعي زندگيءَ کي فساد ۽ تباهيءَ کان بچائڻ لاءِ خالق طرفان مقرر ۽ لاڳو ڪيا ويا آهن. انهن قانونن ۽ ضابطن جي پابندي انسانن جي انفرادي ۽ اجتماعي زندگيءَ کي اهڙي ئي ترتيب ۽ ڪامرانيءَ سان هلائيندي جيئن هي ڪائنات جو نظام ڪروڙين سالن کان خوبيءَ سان هلي رهيو آهي. انسانن جي لاءِ انفرادي ۽ اجتماعي زندگيءَ واسطي ضابطن جو بنياد خدا جو عدل وارو نظام آهي، جنهن جو لازمي نتيجو هيءُ آهي ته هر هڪ ماڻهوءَ کي پنهنجو ليکو لهڻو ملڻ گهرجي. ان جو هڪ مطلب هي آهي ته انسان جو هر عمل هڪ متعين نتيجو پيدا ڪري ٿو ۽ ان ۾ ڪنهن کي ڇوٽ ڪانهي. هر انسان کي هي اختيار حاصل آهي ته هو جيڪو عمل ڪرڻ چاهي سو آزاد ارادي جي چونڊ سان ڪري سگهي ٿو پر هو جيڪو به عمل ڪندو کيس ان جو موافق نتيجو پلئه پوندو. ائين هر گز ناهي ته انسان عمل ته هڪ قسم جو ڪري پر نتيجو کيس ٻئي قسم جو ملي. عمل جنهن قسم جو ئي هوندو، ان قسم جو نتيجو ملندو. اهي نتيجا الله ﷻ جي مقرر ڪيل قانونن مطابق مرتب ٿين ٿا. اهڙيءَ طرح انسانن جي اجتماعي ڪمن جا به ساڳي طرح نتيجا مقرر ٿيل آهن.
    2. انسان الله ﷻ جو خليفو يا نائب آهي ۽ ان حيثيت ۾ الله ﷻ جي صفتن کي اختيار ڪرڻ جو پابند آهي. انسانذات جون بنيادي صفتون هڪ محدود ۽ سميٽيل صورت ۾ خود ذات خداوندي جو عڪس ۽ اولڙو آهن. انهيءَ ڪري انساني صفتن جي نشونما تڏهن ٿي سگهي ٿي ۽ هو ڪماليت ڏانهن تڏهن وڌي سگهي ٿو جڏهن انسان الله ﷻ جي انهن صفتن کي معيار بڻائي سامهون رکي. اهو الله ﷻ ۽ انسان جو بنيادي تعلق آهي. جيئن جيئن انسان جي ذات جي انهن صفتن جي ذريعي نشونما ٿيندي ويندي تيئن تيئن هو الله ﷻ جي تخليقي ۽ تربيتي پروگرام ۾ شريڪ ٿيندو ويندو. اهڙيءَ طرح الله ﷻ ۽ ٻانهي جو تعلق حب وارو بڻجي ويندو.
    الله ﷻ تي ايمان ان شخص جو تسليم ڪيو ويندو جيڪو ان خدا جو قائل هجي، جنهن جون صفتون قرآن مجيد بيان ڪيون آهن. الله ﷻ جي انهن صفتن کي صحيح تناسب سان اپنائڻ توحيدي عقيدي جي لازمي تقاضا آهي.
    الله ﷻ جون هڪڙيون صفتون اهڙيون آهن جيڪي اُن لاءِ خاص آهن. جيئن هوالاول، هوالآخر (اول به اهو ۽ آخر به اهو). الله ﷻ جي اهڙين صفتن لاءِ حڪم آهي ته انهن کي الله ﷻ جي لاءِ خاص مڃيو وڃي. انهيءَ جو اقرار هن ريت آهي ته ٻانهو الله ﷻ جي حضور ۾ هميشه نوڙت ۽ نياز مندي اختيار ڪري ۽ سندس عظمت ۽ ڪبريائيءَ جي مڃتا ۽ تسبيح ۾ عاجزي ۽ نماڻائيءَ سان پيش ٿيندو رهي.
    ٻيون صفتون اهڙيون آهن، جن لاءِ حڪم آهي ته ٻانهو پاڻ انهن صفتن جو پيڪر ۽ شيدائي بڻجي. جيئن الله ﷻ الرحمان الرحيم آهي ته ٻانهو پاڻ انهن صفتن جو پيڪر بڻجي خلق خدا سان همدردي ۽ خيرخواهي ڪري، دوست ۽ دشمنن لاءِ ٻاجهه جو رويو رکي، پنهنجي سيني ۾ دردمندي رکي ۽ بي ڪسن سان مهربانيون ڪري. اهڙيءَ طرح الله الرزاق آهي ته ٻانهو ان صفت کي اطاعت لاءِ هيئن شمار ڪري جو بکين کي کاڌو کارائي ۽ مسڪينن جي سار سنڀال لهي. اهڙيءَ طرح مسڪينن ۽ محرومن جي بحالڪاريءَ سان الله ﷻ جي خلافت جو حق ادا ڪرڻ جي سعادت ماڻي. الله ﷻ جي ذات الواسع آهي ته ٻانهو الله ﷻ جي ان صفت کي هيئن اپنائي جو ان جي ٻانهن تي پنهنجي فياضي ۽ مرتبي جون وسعتون کولي ڇڏي ۽ ائين الله ﷻ جي خلافت جو حق ادا ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري. اهڙيءَ طرح ٻين صفتن جي صورتحال آهي، جن ۾ انهن صفتن جو عملي جلوو پاڻ ۾ پيدا ڪرڻ انسان لاءِ توحيد جي عقيدي جي لازمي تقاضا آهي.
    الله ﷻ جي انهن صفتن جو حقيقي پوئلڳ ۽ متوالو بنجڻ لاءِ سماج ۾ جتي پنهنجي انفرادي ڪوشش جي ضرورت آهي، اتي ان کان وڌيڪ اجتماعي ڪوششن ۾ شريڪ ٿيڻ سان حقيقي مقصد حاصل ڪري سگهجي ٿو. ڇو ته، خلق خدا سان همدردي ۽ خيرخواهي، بيڪسن سان مهربانيون، مسڪينن ۽ محرومن جي بحالڪاري ۽ اهڙيون ٻيون ٻانهپ جون ذميواريون ظالماڻي نظام جي تبديليءَ ۽ عدل ۽ انصاف واري اجتماعي نظام قائم ڪرڻ سان وڌيڪ تعلق رکن ٿيون. انهيءَ ڪري معاشري مان ظلم ۽ زيادتيءَ جي پاڙ پٽڻ لاءِ ٿيندڙ انقلابي ڪوششن ۽ سماجي تبديليءَ جي تحريڪن ۾ پنهنجي عملي شرڪت ۽ ڪوشش، انسان جي خلافت واري منصب کي سنڀالڻ لاءِ بنيادي گُهرجن ۾ شامل آهن. اهو توحيد جو حقيقي روح آهي. پيغمبر اسلام ﷺ پنهنجي ساٿي صحابين سان گڏجي توحيد جي انهيءَ روح کي انسانيت تائين پهچايو، جنهن جي نتيجي ۾ هو اسلام کي انسانيت جو آفاقي دين بڻائڻ لاءِ سوڀائتو ٿيا.
    مختصر لفظن ۾ توحيد في الصفات هي آهي ته:
    1. الله ﷻ جيئن هن ڪائنات جو خالق آهي تيئن اِن جو هلائيندڙ ۽ احڪم الحاڪمين به آهي ۽ هن پنهنجي سڄي تخليق لاءِ ضابطا جوڙي ڇڏيا آهن.
    2. الله ﷻ انسان کي اشرف المخلوقات جي حيثيت ۾ پنهنجو نائب بڻائي کيس پنهنجي صفتن جي ذريعي سندس ذات جي ترقيءَ جو پابند بڻايو آهي.
    انهيءَ ڪري توحيد في الصفات جي تقاضا آهي ته:
    1. انسان الله ﷻ جي جوڙيل ضابطن جو پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي زندگيءَ جي سڀني مسئلن ۾ پابند رهي ۽ ان جي حڪمن جي بجا آوري ڪري.
    2. الله ﷻ جي صفتن جو پاڻ ۾ رنگ پيدا ڪري ۽ انهن صفتن سان خدا جي مخلوق جي لاءِ ڌرتيءَ تي پاڻ کي ڪارگر ثابت ڪري ۽ اهڙيءَ طرح الله ﷻ جي قربت حاصل ڪري وٺي.
    3.
    توحيد في العبادت :
    الله ﷻ توحيد جي اعتقاد لاءِ ڪلمي طيب جا لفظ ٻڌايا آهن: لاالھ الا الله هن ڪلمي جا ٻه حصا آهن، هڪ سلبي، يعني هن ڳالهه جو يقين ۽ ان حقيقت جي مڃتا ته دنيا ۾ ڪابه اهڙي هستي ڪانهي جنهن اڳيان سيس نوايو وڃي، جنهن جي اطاعت اختيار ڪئي وڃي، جنهن کي آقا تسليم ڪيو وڃي ۽ جنهن کي پنهنجو حاجت روا سمجهيو وڃي.
    اهڙيءَ طرح هي انڪار ۽ بغاوت پنهنجي نفساني خواهشن کان به آهي جيڪي ماڻهوءَ کي پنهنجي مرتبي کان ڪيرائي اسفل بڻائي ڇڏين ٿيون. هي انڪار ۽ بغاوت ان ڪافراڻي نظام ۽ سماج کان به آهي جيڪو خدا جي مخلوق کي پنهنجي جبري غلاميءَ ۾ آڻي ٿو. ان خوف جو به انڪار آهي، جيڪو فردن ۽ قومن جي مٿان مڙهيو وڃي ٿو ۽ جنهن سان کين نيستو ڪيو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح ظلم ۽ انصافي جي هر علامت جو به انڪار آهي. مطلب ته، هي انڪار سڀني انسان دشمن طاقتن، ڪوڙن ۽ سرڪشيءَ سان مڙهيل خدائن، فرعونن ۽ طاقتور سرڪشن جي خلاف بغاوت جي نويد آهي ۽ جڏهن اهڙي طرح ذهن صاف ٿي وڃي ته پوءِ ان تي هڪ نئين عمارت اڏڻ سولي ٿي پوندي.
    ڪلمي جو ٻيو حصو ايجابي پهلو آهي، يعني سڀني قوتن جي انڪار کان پوءِ هن ڳالهه جو اقرار ته صرف هڪ ئي قوت اهڙي آهي، جنهن جي اطاعت ڪرڻ ضروري آهي، جنهن جي سامهون سيس نوايو وڃي، يعني الله ﷻ جيڪو هن ڪائنات جو خلقڻهار آهي ۽ پنهنجي تخليق جي سڀني ضرورتن ۽ نفعي نقصان کي ڄاڻي ٿو. جيڪو انهن ضرورتن مطابق توري تڪي نهايت عدل سان قانون جوڙي ٿو. جيڪو اشرف المخلوقات جي عزت نفس جو محافظ آهي ۽ پنهنجي موڪليل ڪتابن ۽ پيغمبرن جي ذريعي انسان کي ان جي عزت نفس جي پائمالين مان ڪڍڻ سندس منشا ۽ مشيت آهي. اهو ئي آهي، جنهن جو فيصلو ۽ حڪم حرف آخر جي حيثيت رکي ٿو. هو پنهنجي سلطنت جي ذري ذري تي صرف پنهنجي حڪمن جي بجا آوري چاهي ٿو ۽ سندس حڪمن تي هلڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه رستو نه آهي. هو هر ڪنهن جي خبرگيري رکي ٿو ۽ سندس حڪمن کي ٽاري نه ٿو سگهجي سندس چيل هر لفظ حڪم جي حيثيت رکي ٿو ۽ ان جي اختيار کي ڪو چئلينج نه ٿو ڪري سگهي. اهو پنهنجي اقتدار ۾ يڪتا آهي. سڀ ان جي آڏو جهڪندڙ آهن ۽ هو ڪنهن جي آڏو نٿو جهڪي. الــٰھ جون هي معنائون صرف ۽ صرف الله ﷻ جي ذات ۾ ئي لڀن ٿيون. ڪوبه ماڻهو، ڪوبه فرشتو، جِن يا ڪا ٻي مخلوق اهڙين صفتن جي مالڪ ڪانهي.
    انهيءَ ڪري سڀ محتاجيون، سڀ نيازمنديون، سڀ عبادتون، سڀ گهرجون، سڀ وابستگيون ان ذات جي لاءِ ئي آهن. عبادت به صرف انهيءَ جي لاءِ آهي، ٻانهپ به صرف انهيءَ لاءِ آهي. رضا به انهيءَ جي گهرجي ۽ ڀروسو به انهيءَ ذات تي هجي.
    هن سڄي ڪائنات ۾ حڪم ۽ حڪومت الله ﷻ جي آهي. هاڻي ڌرتيءَ تي جيڪڏهن ڪو شخص يا ڪا جماعت الله ﷻ جي انهيءَ حڪم جي ابتڙ الله ﷻ جي ٻانهن کي پنهنجو غلام بڻائي، انهن جي وسيلن تي قابض بڻجي، انهن جي آزاد راءِ کي دٻائي طاقت جي زور تي پنهنجو ڏاڍ قائم رکي ته اهو عمل الله ﷻ جي اختيار ۽ مالڪيءَ جي حق ۾ شرڪ بڻجي وڃي ٿو. ان وقت الله ﷻ جي مشيت انهن غلام فردن ۽ غلام قومن جي آزادي گهرندي آهي، تان ته انهن کي اهڙو آزاد ۽ منصفاڻو معاشرو ميسر ٿئي، جتي هو ڪنهن جبر ۽ ڏاڍ کان سواءِ الله ﷻ جي حڪمن تي عمل ڪري سگهن. اهڙيءَ طرح پيداوار جي انهن ذريعن تان طاقت جي زور تي ظالمن ۽ غاصبن جو ڪيل قبضو ختم ٿي وڃي، جيڪي ذريعا الله ﷻ پنهنجي ٻانهن لاءِ هڪجهڙن موقعن سان لاڀ حاصل ڪرڻ واسطي پيدا ڪيا آهن ته جيئن هر فرد پنهنجي جسماني ۽ گهريلو ضرورتن کي پورو ڪري اطمينان حاصل ڪري سگهي.
    اهو ئي سبب هو جو حضرت موسيٰ عليه السلام بني اسرائيل جي آزاديءَ جو مطالبو فرعون جي سامهون رکيو. فارسل معي بني اسرائيل(بني اسرائيل کي مون سان گڏ ڇڏ). فرعون چيو ته،”مون کان سواءِ ڪوبه رب ۽ حاڪم ڪونهي.“ پوءِ حضرت موسيٰ عليه السلام بني اسرائيل کي فرعون جي غلاميءَ مان ڪڍي آزاديءَ جي فضا ۾آڻڻ جو ڪم شروع ڪيو ته، جيئن اهي آزاديءَ واري ماحول ۾ آسانيءَ سان حقيقي خدا جي احڪامن جي اطاعت ڪري سگهن.
    سڀني نبين جي تعليم ۽ جدوجهد ۾ انهن قومن جي غاصبن ۽ ڏاڍن سان مزاحمت ۽ ويڙهه جابجا نظر اچي ٿي ۽ خود پيغمبر ڪريمﷺ به پنهنجي نبوت واري دور جي طاقتور ۽ ظالم سردارن سان مسلسل ويڙهه ۽ جهاد ڪري انهن جي ڏاڍ جو خاتمو آندو. ان کانپوءِ ان دور جي ٻن وڏين غاصب طاقتن قيصر ۽ ڪسريٰ (روم ۽ ايران جي بادشاهت) جي خاتمي کي به پيغمبر اسلامﷺ پنهنجي مقصد مان ڄاڻايو. پاڻ اتي عربن جي پهرين اسلامي سلطنت جو بنياد وجهي نه صرف قيصر ۽ ڪسريٰ جي عالمي سامراجي نظام ۾ ڏار وڌائون پر انهن عالمي سامراجن جي علائقائي ڀاڙيتو عرب سردارن ۽ داداگيرن جي تسلط کي به ختم ڪيائون بعد ۾ سندس خليفن انهن غاصب طاقتن جي خاتمي جو ڪم مڪمل ڪيو.
    مختصر لفظن ۾ توحيد في العبادت کي انسان جو عملي طرح مڃڻ هن ريت آهي ته:
    1. جيئن ته خلقڻهار ۽ پالڻهار هستي الله ﷻ جي ذات آهي، انهيءَ ڪري اسان جي سڀني شڪرانن، سجدن ۽ عبادتن جي مستحق اها ئي ذات آهي، انهيءَ کان سواءِ ڪوبه اهڙو ڪونهي جنهن کي ان ذات جي صفات ۾ شريڪ ڪيو وڃي.
    2. اسان جو جيئڻ مرڻ، اسان جون نمازون ۽ اسان جو قربانيون سڀ الله ﷻ جي لاءِ آهن ۽ اسان کي جيڪو ڪجهه وحيءَ جي ذريعي ٻڌايو اٿائين، اسين هر حال ۾ انهيءَ تعليم کي پنهنجي لاءِ ضابطو مڃون.
    3. جيڪي فرد يا قوتون طاقت ۽ ڏاڍ جي زور تي قومن کي غلام بڻائي انهن جي وسيلن مان ناجائز فائدا حاصل ڪن ته انهن سان مزاحمت ۽ ويڙهه لاءِ پيغمبري طريقي جي هر حال ۾ پوئواري ڪجي ۽ جيڪي ماڻهو يا جماعتون اهو ڪم نباهين ٿا، تن جو ڀرپور ساٿ ڏجي.
    توحيد جي انهن مٿانهن درجن جي نفي ڪندڙ طور طريقا شرڪ جي زمري ۾ اچن ٿا. انهن مان ڪجهه طور طريقا ته اسان جي اڳيان ظاهر شڪل ۾ خطرناڪ آهن ۽ ڪن جو طريقئهِ واردات لڪل يا ڳجهو آهي. قرآن مجيد شرڪ جي انهن سڀني ظاهر ۽ لڪل طريقن کي سندن پوري خطرناڪيءَ سميت پڌرو ڪري سامهون آندو آهي.

    فرقي بندي شرڪ آهي
    هڪ الله ﷻ تي ايمان آڻڻ سان ماڻهو دنيا جي سڀني باطل خدائن جي غلاميءَ مان آزاد ٿي وڃي ٿو، هڪڙي ذات جي محڪوم ٿيڻ سان سڄي ڪائنات جو حاڪم بڻجي وڃي ٿو. هو ان هڪ دروازي تي جهڪي ٿو ته سڄي دنيا سندس در جي سلامي ٿئي ٿي. هيءُ اُن جو ٿي وڃي ٿو ته سڄو جهان سندس ٿي وڃي ٿو.
    جڏهن انساني جماعت اها حقيقت مڃي ٿي ته سندس خدا هڪ آهي ته ان جو لازمي نتيجو آهي ته اها انساني جماعت به وحدت سان هڪ بڻجي. واحد خدا کي مڃيندڙ جماعت گروهن ۾ ورهايل نه هئڻ گهرجي. جيڪڏهن ٻن خدائن جو مڃڻ شرڪ آهي ته ان جماعت جو ٻن ٽڪرن ۾ ورهائجڻ به شرڪ جوئي قسم آهي، پر اها ته شرڪ جي بدترين صورت آهي جو اها جماعت سوين فرقن ۾ ورهايل هجي. قرآن ۾ به ائين فرمايل آهي:
    ”(ڏسو، ايمان جي دعويٰ جي باوجود) توهان مشرڪن مان نه ٿجو، جن پنهنجي دين ۾ فرقا پيدا ڪري ڇڏيا يا پاڻ به هڪ فرقو بڻجي ويا ۽ (حالت اِها وڃي بيٺي جو) هر فرقو پنهنجي مسلڪ (جي سچائيءَ) تي اڙجي ۽ ٽڏجي بيٺو.“ (الروم 31 ، 32)
    تنهن ڪري اها ڳالهه طئي آهي ته مسلمانن جو فرقن ۽ گروهن ۾ ورهائجڻ عملي شرڪ آهي ۽ اڪيلي الله ﷻ تي ايمان رکندڙن جو اعليٰ انساني اصولن جي عالمگير مقصدن لاءِ هڪ ئي وحدت تي قائم رهڻ توحيد جي عقيدي جو عملي ثبوت آهي.
    مسلمانن جي اها وحدت هن ڳالهه سان ٻڌل آهي ته هڪ ئي قانون جي اطاعت ڪري ۽ سڀني جي زندگيءَ جو نصب العين يعني جيئڻ مرڻ هڪ ئي مقصد لاءِ هجي. اهو مقصد آهي انسانيت جي لاءِ فلاح ڀريو نظام قائم ڪرڻ. اهو مقصد جيئن جيئن حاصلات جي طرف وڌندو ويندو تيئن تيئن ان جو دائرو وسيع ٿيندو ويندو ۽ انساني وحدت جو مقصد حاصل ٿي ويندو. اها اهڙي وحدت هوندي جنهن ۾ نه فرد فردن جا غلام هوندا ۽ نه قومون قومن جون غلام هونديون. تنهن ڪري توحيد جو آخري نتيجو اهڙي انساني وحدت آهي، جنهن جو عملي ذريعو اهڙي نظام جو قيام آهي، جنهن ۾ خدائي قانونن جي اطاعت هجي ۽ انسانن جو پاڻ جهڙن انسانن جي هٿان استحصال ۽ غلامي هرگز نه هجي.

    علماءَ ۽ مشائخ کي خدا ڪري وٺڻ:
    قرآن مجيد شرڪ جون جيڪي ڪرڀائتيون صورتون پڌريون ڪري منظر تي آنديون آهن، انهن ۾هڪ صورت مولوين ۽ پيرن کي خدا ڪري وٺڻ به آهي. اها ريت ۽ روش سڀ کان پهرين يهودين اختيار ڪئي. هُنن خدا جي موڪليل ڪتاب توريت جي ضابطن کي جڏهن پنهنجي خواهشن جي تڪميل ۽ مفادن جي پوري ڪرڻ واري عمل ۾ رڪاوٽ ڀانيو ته پوءِ پنهنجي احبار ۽ رهبان يعني مولوين ۽ مشائخن جي قدم بوسي ڪري، کين نذرانا ڏئي، مريد ۽ متوسل بڻجي پنهنجي لاءِ هٿرادو رعايتن ۽ دينداري جي من پسند جعلي رستن جو در کولرائي ڇڏيو. کين چيو ويندو هو ته، ”بابا ! نيت صاف مراد حاصل!“ يعني عملي زندگيءَ ۾ پنهنجي مفادن جي حاصلات ۽ غرضن جي پورائي لاءِ رڳو نيت صاف رکجو ۽ پنهنجو مقصد حاصل ڪري وٺجو، ان ۾ خدا جي مقرر ڪيل ضابطن تي پابند رهڻ جي هروڀرو لوڙ ڪانهي. يا وري انهن مولوين ۽ مشائخن خدا جي ضابطن تي پابند رهڻ جي پرچار ڇڏي ماڻهن کي نجات جي لاءِ وظيفن ۽ حاضرين کي يا پنهنجي هٿ ٺوڪين رسمن ۽ عملن کي ڪافي قرار ڏئي ڇڏيو. تان جو معتقدن ۽ مريدن جو اهو عقيدو قائم ٿي ويو ته ”سائين جن به پهتل ٻانها آهن، سي اسان لاءِ گهٽ ڪونه گهرندا.“ اهڙيءَ طرح عملي زندگيءَ ۾ ”سائين جن“ سان لاڳاپيل رسمن ۽ عملن کي ئي اهميت رهي ۽ ٻنهي جهانن جون ڀلايون ۽ نجات انهن جي حوالي ٿي وئي.
    قرآن مجيد پنهنجي مڃيندڙن کي خبردار ڪيو ته :” الله کان سواءِ انهن پنهنجي عالمن ۽ مشائخن کي رب ڪري ورتو ۽ مريم جي پٽ مسيح کي به (رب ڪري ورتو) هوڏانهن کين هيءُ حڪم ڪيو ويو هو ته هڪ الله جي بندگي ڪن، جنهن کان سواءِ ٻيو ڪوبه ڀرجهلو ۽ معبود نه آهي ۽ الله انهن کان پاڪ آهي جن کي (سندس) شريڪ بنائين ٿا. (توبه:٣١)
    جيئن يهودين حضرت عزير کي الله ﷻ جو پٽ ڪري ورتو ۽ علماءَ ۽ مشائخ کي دستگير ڪري سمجهيو، تيئن يهودين جي انهيءَ روش کي عيسائين ۽ مسلمانن به جاري رکيو. ڇو ته الله ﷻ جي توحيد تي پختگي ۽ ان جي ٻڌايل ضابطن جي پابنديءَ لاءِ وڏي قرباني گهربل هئي ۽ جيئن ته پنهنجي غرضن ۽ مفادن تان هٿ کڻڻ سولو ڪونه هو، انهيءَ ڪري ماڻهن انهيءَ جي واٽ اها ڪڍي ورتي ته الله ﷻ کي مڃڻ جي دعويٰ به پوري ٿئي ۽ ان جي مقرب سڏجندڙ شخصيتن کي پنهنجو مولا، وسيلو ۽ دستگير بڻائي دنياداريءَ جا سڀئي مزا به حاصل ڪجن.
    جيئن يهودين جي مٿان اهڙين ترڪتالين جي ڪري ذلت ۽ خواري ٿاڦي وئي تيئن جيڪو به الله ﷻ کي اڌورو مڃڻ جي اهڙي ترڪتالي ۽ اٽڪل بازي ڪندو ته ذلتون ۽ خواريون نه هن دُنيا ۾ سندس پچر ڇڏينديون ۽ نه آخرت ۾ کيس نجات ملي سگهندي. ڇو ته قرآن جا ٻڌايل فيصلا اٽل آهن، انهن ۾ ڪابه رعايت ڪنهن کي ملڻي ئي ناهي.

    خواهشن کي خدا بنائيندڙ ماڻهو:
    ” ڇا تو ان ماڻهوءَ جي حال تي غور ڪيو آهي، جنهن پنهنجي خواهشن کي پنهنجو معبود بڻايو آهي. (نتيجي ۾) ان کي سمجهه هوندي به الله ﷻ (پنهنجي قانونن پٽاندڙ) کيس گمراهه ڪيو ۽ سندس ڪنن ۽ سندس دل تي مهر هنيائين ۽ سندس اکين تي اکيا چاڙهيائين. پوءِ ڪير ان کي الله ﷻ کان پوءِ هدايت ڪري سگهي ٿو. ڇا توهان پوءِ به نصيحت حاصل نه ڪندؤ!؟“ (الجاثيه: 33)
    قرآن مجيد شرڪ جي هيءَ غيرمحسوس شڪل ٻڌائي پنهنجي مڃيندڙن لاءِ هن طريقي سان مشرڪ بڻجڻ جي واٽ به بند ڪئي آهي. پنهنجي خواهشن کي خدا بنائي وٺڻ جو مسئلو ايڏو نفيس آهي جو اڪثر حالتن ۾ خود اهو مذهبي رنگ اختيار ڪري وٺندو آهي.
    ماڻهو پنهنجي خواهشن جي پوئواريءَ ۾ ڀانت ڀانت جي طريقن سان پنهنجي ديندار هئڻ جا جتن ڪندو آهي. اهڙيءَ طرح ماڻهن جا گروهه ٻين گروهن جي مٿان پنهنجا غرض ۽ خواهشون مڙهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ايتري تائين جو ماڻهوءَ جو قلب خود بتخانو بڻجي ويندو آهي. ماڻهو اهڙين حاصلاتن جي ڪڍ طواف ڪرڻ شروع ڪندو آهي، جن لاءِ خدا جي ٻڌايل ضابطن ۾ چٽي منع ڪيل هوندي آهي. ماڻهوءَ جون سڌون ان هنڌ تي وڃي پڄنديون آهن جو ان جي لاءِ جائز ۽ ناجائز جي ڪابه سرحد باقي نه رهندي آهي. اهڙيءَ طرح ماڻهن جا گروهه ۽ قومون به پنهنجي انهن خواهشن جي تڪميل ۾انسانيت جا سڀ ليڪا لتاڙي وينديون آهن.
    شرڪ جي هيءَ اهڙي خوفناڪ صورت آهي جو ماڻهو علم ۽ سمجهه هوندي به پنهنجي مٿان انڌ جو پردو چاڙهي ڇڏيندو آهي ۽ دلين تي مهر لڳي ويندي آهي. قرآن مجيد ۾ هيءُ چٽو بيان آهي ته خدا جي قانونن هيٺ هدايت ۽ رهنمائي انهن جي لاءِ هوندي آهي جيڪي ان جي لاءِ تڙپ ۽ جستجو رکندا هجن ۽ جيڪي پنهنجي خواهشن ۽ مرضيءَ کي پاسيرو رکي زندگيءَ کي خدا جي ضابطن تي پابند رهڻ جو اٽل ارادو رکندا هجن. جيڪي خدا جي انهيءَ هدايت بخشيندڙ قانون کان ٻاهر رهجي وڃن ٿا، انهن جي ڪنن تي مهرون ۽ اکين تي پردا پئجي وڃن ٿا. انهن جون دليون زنگجي وڃن ٿيون ۽ اصلاح جا رستا بند ٿي وڃن ٿا. پوءِ انهن جي لاءِ هلاڪتن جون کاهيون آهن، جن ۾ ٿاٻڙجي ڪرڻ سندن مقدر بڻجي وڃي ٿو. خدا جي انهيءَ قانون جو ٺوس هئڻ ثابت ڪري ٿو ته وحيءَ جي هدايت جي روشنيءَ ۾ پنهنجو پاڻ کي مڪمل طرح خدا جي حوالي ڪرڻ کان سواءِ بچاءَ جي ٻي واٽ ڪانهي ۽ نصيحت حاصل ڪرڻ وارن لاءِ انهيءَ ۾ پڌري حقيقت آهي.

    خدا جي ٻڌايل ضابطن کان لنوائڻ جو شرڪ :
    قرآن مجيد ۾ عبادت جي تصور لاءِ رڳو انسان جو الله ﷻ جي سامهون سيس نوائڻ ڪافي ڪونهي، پر پنهنجي زندگيءَ جي سڀني شعبن ۾ الله ﷻ جي فرمانبرداري، سندس ٻانهپ جي لازمي تقاضا آهي. انهيءَ ڪري جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي زندگيءَ جي سموري وهنوار ۾ الله ﷻ جي حڪمن کي پُٺي ڏي ٿو يا اٽڪلن سٽڪلن سان ڪنڌ ڪڍائي ۽ لنوائي ٿوته اهو شخص به توحيد ۾ شرڪ جو اهڙو ئي مرتڪب آهي، جهڙيءَ طرح ڪو ماڻهو غير الله جي اڳيان سيس نوائڻ جي ڪري شرڪ جو مرتڪب ٿئي ٿو.
    توحيد جو تفصيلي دستاويز قرآن مجيد جي صورت ۾ سموري انسان ذات آڏو آهي. اهو قيامت تائين حفاظت ڪيل ڪتاب آهي، جنهن ۾ڪنهن به شخص کي، ڪنهن به پير ۽ مولويءَ کي ۽ ڪنهن به فرقي کي تبديليءَ جي ڪا طاقت ڪونهي. قرآن پاڻ چيو آهي ته”، هيءُ پيغام نصيحت جي ڳولائن لاءِ آسان ڪري لاٿو ويو آهي.“ انهيءَ ڪري ترجمي سان انهيءَ جي هدايت ۽ نصيحت حاصل ڪرڻ جي جستجو ڪئي وڃي ته هدايت پري ڪونهي.
    ان جي ابتڙ جيڪڏهن ماڻهو پنهنجي سهولت جي شين ۾، عبادتن، نفلن ۽ وظيفن ۾ ته الله ﷻ جي هدايتن کي مڃي پنهنجي نفس کي مطمئن ڪري، پر جتي سندس مفادن ۽ غرضن کي مهٽ رسندي هجي اتي قرآن جي هدايتن ۽ نصيحتن کان منهن موڙي ڇڏي ته اها مشرڪاڻي هلت آهي ۽ ان ماڻهوءَ جو ايمان الله ﷻ وٽ قابل قبول ڪونهي.
    هيءُ توحيد بابت قرآن مجيد جي تعليم جو خلاصو آهي. جيڪو ماڻهو ترجمي سان سڌو سنئون قرآن مجيد مان هدايت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، ان جي مٿان توحيد جون اهي سڀ حقيقتون پڌريون ٿينديون وينديون، پر ان لاءِ شرط اهو آهي ته قرآن مجيد متقين جي لاءِ هدايت آهي. يعني جن ماڻهن ۾ ماڻهپو ۽ انسانيت هجي ۽ اهي انسانيت لاءِ جيئڻ گهرندا هجن ۽ جن ماڻهن کي اها شيءِ حاصل ناهي، انهن لاءِ قرآن جو پنهنجو حڪم آهي ته اهي انڌا آهن، جيڪي نبين جي هدايت ۽ قومن جي عروج ۽ زوال وارن نتيجن جي هيڏي ڊگهي تسلسل کي نٿا ڏسن، اهي ٻوڙا آهن، جيڪي صدين کان حق ۽ هدايت جي گونجندڙ آوازن کي پنهنجي قلب تائين پهچڻ نٿا ڏين، جيڪي پنهنجي دور جي سڌارڪن جون ڪُوڪون ڪونه ٿا ڪنائين ۽ اهي گونگا آهن ۽ جيڪي سعادتن جي حاصلات جي جستجوءَ کان پاڻ به محروم آهن ۽ ٻين تائين به اها حاصلات پهچائي سگهن. انهن ۾ آڪڙ ۽ گستاخي آهي، جنهن ڪري الله ﷻ انهن جي دلين تي مهر هڻي ڇڏي آهي. انهن ۾ هدايت جي واٽ وٺڻ جي امنگ ئي پيدا نٿي ٿئي. انهن ۾ حق جي ڳولا جي سرگرداني ۽ تلاش ئي ڪونهي، انهيءَ ڪري هدايت کان محروم ڪيل آهن. انهن ڳالهين جي ڪري هو هتي به الله ﷻ جي غضب هيٺ آهن ۽ آخرت واري زندگيءَ ۾ به الله ﷻ جي غضب کان بچي ڪونه سگهندا.
    ٻئي طرف اهي ماڻهو آهن جيڪي اَبن ڏاڏن جي طريقن تي ڳنڍ ڏيئي نٿا بيهن، پر انهن جي دلين ۾ هدايت ۽ سنئين واٽ تي هلڻ جي هميشه چڻنگ دکيل رهي ٿي. اهي حق جي ڳولا، سرگرداني ۽ تلاش ۾ آهن. منجهن ماڻهپو ۽ انسانيت موجود آهي ۽ اهي غرضن ۽ مفادن جا غلام ناهن پر سموري انسانيت جي ڇوٽڪاري جي فڪرمندي رکندا آهن ۽ انسانيت لاءِ جيئڻ گهرن ٿا. اهي پاڻ کي پنهنجي نفس جي خواهشن جو غلام بڻائي نٿا رکن، پاڻ کي عقل ڪُل نٿا سمجهن ۽ وحيءَ جي هدايت کي اصل رهنما مڃين ٿا. انهن جي دلين ۾ خدا جو خوف ۽ الله ﷻ وٽ حاضر ٿي پنهنجي سڀني عملن جو حساب ڪتاب ڏيڻ جو يقين موجود آهي. انهيءَ ڪري هو پاڻ کي هميشه خدا ڏانهن جوابده ۽ ذميوار سمجهندڙ آهن. پوءِ الله ﷻ سندن لاءِ هدايت جا دروازا کولي ڇڏي ٿو. سندن ٻانهپ جي ذميواريءَ جو احساس، کين خدا جون قربتون نصيب ڪرائي ٿو ۽ پوءِ کانئن انسانيت جا وڏي کان وڏا ڪم سرانجام ٿيندا وڃن ٿا. رضي الله عنهم و رضواعنه. الله ﷻ انهن کان راضي ٿيو ۽ اُهي الله ﷻ کان راضي ٿيا.


    سنڌ صدين کان وحدانيت جو گهوارو رهي آهي

    جيڪڏهن هڪ ئي لفظ ۾ پڇجي ته سنڌ جو روح ڇا آهي ته اهو لفظ ”وحدانيت پرستي“ جو آهي. اهوئي سبب آهي جو سنڌ صدين کان وحدانيت جو گهوارو رهي آهي. سنڌ جي قديم ترين معلوم تاريخ ٽي هزار کان پنج هزار قبل مسيح واري آهي جنهن ۾ موئن جو دڙو، مهر ڳڙهه، آمري، هڙاپا ۽ ٻيا آثار موجود آهن. انهن سڀني آثارن جي هيستائين ٿيل تحقيق ۾ انهن جي تمدن ۽ ڪلچر تي سندن وحدانيت واري دين جو وڏو اثر آهي. اهو وحدانيت جو فڪر ئي هو، جنهن انهن ماڻهن ۾ جي ذهنن کي اوج ڏياريو هو ۽ کين انهيءَ لائق بڻايو هو ته اهي نه صرف پنهنجي ڌرتي مٿان اهڙي شاهڪار تهذيب وجود ۾ آڻي سگهن پر ڌرتيءَ جي مٿان آباد ٻين انسانن لاءِ ان تهذيبي ترقيءَ ۾ مددگار پڻ بڻجن ان ڪري اسان کي ان وقت جي آباد ٻين انساني تهذيبن سمير، عڪاد ازٽيڪ ۽ انڪا ۾ سنڌين جي هنرمندي ۽ سهڪار جا چٽا نشان ملن ٿا. وحدانيت پرستيءَ جو عقيدو توحيد يعني هڪ خدا کي مڃڻ جي تعليم ڏئي ٿو ۽ سج چند پرستي، جبل وڻ باهه، هوا، جانورن ۽ اڪابر پرستيءَ کان روڪي ٿو. اهڙي طرح وحدانيت جو عقيدو انساني عظمت ۽ شرف کي واضح ڪري ماڻهوءَ کي سڄي ڪائنات جي مٿان برتريءَ جي نويد ٻڌائي ٿو ۽ شرڪ کان ان ڪري روڪي ٿو ته ان جي نتيجي ۾ انسان پاڻ کان گهٽ درجي جي شين جي پوڄا ڪري پنهنجي عظمت ۽ شرف کي نظرانداز ڪري ٿو. جڏهن ماڻهو پنهنجي رتبي کان پاڻ کي هيٺ کڻي اچي ٿو ته پوءِ پاڻ جهڙن يا پاڻ کان گهٽ ماڻهن/شين جون ذلتون قبول ڪرڻ هن لاءِ آسان ڳالهه ٿي پوي ٿي. پوءِ پاڻ جهڙن ماڻهن جي اڳيان مٿو ٽيڪي ٿو. پنهنجي مفادن ۽ خواهشن کي خدا بڻائي ٿو ۽ هڪ پينو ۽ هوس گير انسان جي حيثيت ۾ زندگي جيئڻ تي هري وڃي ٿو.
    جن مذهبن ۾ به توحيد پرستيءَ جي پرچار ڪئي آهي انسانذات جي فلاح ۽ انهن جو اتحاد انهن جي تعليم جو محور ۽ مرڪز رهيو آهي. انسان مختلف قومن، قبيلن، ذاتين ۽ برادرين ۾ ورهايل آهي ۽ پنهنجي ضرورتن ۽ خواهشن جي پورائي لاءِ پاڻ ۾ فساد ۽ جنگ ۾ مبتلا رهندو آيو آهي ان ڪري مذهبن جا پيغمبر ان فساد ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ خدا جي وحي جي تعليم ڏئي ٻڌائن ٿا ته خلق سڄي الله ﷻ جو عيال آهي ۽ دنيا جا سڀ ماڻهو انساني برابريءَ ۾ شريڪ آهن. حضرت آدم کان وٺي حضرت ابراهيم، حضرت موسيٰ ۽ حضرت عيسيٰ تائين ساڳي تعليم انسانيت کي ڏني وئي. حضرت موسيٰ عليه السلام چيو ته الله ﷻ جي وحدانيت بني اسرائيل جو وطيرو آهي ۽ ان ۾ سندن ڪاميابي آهي. حضرت عيسيٰ عليه السلام چيو ته اوهان کي جيڪا ڳالهه اڳ ۾ پيغمبرن سيکاري آهي سا مان ورجائڻ آيو آهيان. اوهان جا اخلاق به ان وحدانيت جي تعليم پٽاندڙ هجڻ گهرجن. شري ڪرشن چيو هو ته ايشور سموري ڪائنات جو پيدا ڪرڻ وارو آهي جنهن جو نه ڪو آغاز آهي نه ڪو انجام. ان عقيدي کي اپنائڻ وارو ماڻهو ئي بدي ۽ گناهه کان محفوظ رهي سگهي ٿو ۽ خوف ۽ پريشانيءَ کان بچي سگهي ٿو. ايشور نه صرف سڄي ڪائنات کان پر انسانن جي روح کان به مٿانهون آهي. گوتم ٻڌ چيو هو ته ڪائنات جون سڀ شيون بي حقيقت آهن، جيڪڏهن اهي حقيقت هجن ها ته فنا نه ٿين ها. هُن چيو ته گناهن کان نجات صرف توبهه ۽ ڪفاري سان ممڪن نه آهي، پر انسان جيڪڏهن پنهنجي زندگي بدلائي ڇڏي ته پنهنجو دامن بچائي سگهي ٿو. مهاوير چيو هو ته هن دنيا ۾ ڪنهن به ساهواري کي تڪليف نه ڏني وڃي. جهڙي طرح انسان جو پنهنجو وجود محترم ۽ عزيز هوندو آهي، ٻين کي اهڙي طرح سمجهڻ گهرجي. سچائيءَ کي هميشه پنهنجو شعار بڻايو ۽ ٻين جي شين کي ناجائز طريقي سان حاصل نه ڪيو. پاڪدامنيءَ جي زندگي ۽ حواسن تي ڪنٽرول رکو ته جيئن گمراهي کان بچي وڃو.
    وحدانيت واري فڪر جي اها عظيم تعليم ۽ ان جون اهي عظيم خوبيون ئي هيون جنهن ڪري پوئلڳن جو هڪ وڏو تعداد انهن رهبرن جي رهنمائي مان اتساهه حاصل ڪندو رهيو ۽ انهن پنهنجي پنهنجي وقت ۾ لکين انسانن جا صالح جٿا پيدا ڪيا جن انساني قافلي کي اڳتي وٺي هلڻ ۾ وڏيون سهنجايون پيدا ڪيون.
    وقت گذرڻ سان گڏ جڏهن انهن پاڪباز شخصيتن جي رحلت ٿي ته پونيئرن پنهنجي رستي کي فرقو بڻائي ان جي تقديس ۽ پنهنجي رهنما جي شخصيت پرستيءَ جو دائرو ڪڍي ٻي انسانيت کي ان ڀلائيءَ واري دائري مان ڪڍي پئي ڇڏيو. پوءِ جڏهن مسخ ٿيل تعليم ۽ مذهبيت اڳيان ايندي وئي ۽ حقيقت ڌنڌلائبي وئي ته خدا وري پيغمبر ۽ سڌارڪ موڪلڻ جو بندوبست پئي ڪيو ۽ آخري پيغمبر حضرت محمد ﷺ اچي انسانيت کي ٻڌايو ته مان پوين سڀني پيغمبرن ۽ انهن جي ٻڌايل انساني سچاين جي تصديق ڪرڻ وارو آهيان ۽ سڀ کان وڏي سچائي الله ﷻ جي هيڪڙائي يعني وحدانيت جو عقيدو آهي. ان عقيدي پٽاندر سڀ ماڻهو الله ﷻ جو عيال آهن ۽ انسانيت جي حقن ۾ سڀ ماڻهو برابر آهن. الله ﷻ ماڻهن جا حق ۽ فرائض انساني فطرت پٽاندر جوڙي پنهنجي ڪتاب ۾ ٻڌائي ڇڏيا آهن ۽ جيڪو ماڻهو الله ﷻ جي ٻڌايل ضابطن جي زندگي گذاريندو سو نجات وارو ٿيندو. جيئن اوهان جو رب هڪ آهي، جيئن اوهان جو پيءُ (آدم) هڪ آهي تيئن سچائيءَ جي واٽ به هڪ ئي آهي ۽ اها آهي ماڻهوءَ جي سڌريل عملي زندگي. ان سان ئي اوهان کي چڱايون ۽ مدايون ملڻيون آهن. عربيءَ کي عجميءَ تي ۽ ڳاڙهي کي ڪاري تي ڪا فضيلت ڪونهي. اوهان مان ڀلو ماڻهو اهو آهي جيڪو ڀلي ڪردار ۽ تقويٰ وارو هجي.
    آدم ذات جڏهن کان زرعي سماج ۾ داخل ٿي آهي تڏهن کان ان جي هدايت جو بندوبست به ٿيو آهي. هدايت جو هڪ بندوبست انسان جي سرشت ۾ رکيو ويو جو ان کي شين جو علم عطا ڪيو ويو ۽ ان حاصل علم جي بنياد تي آدم ذات جو هن ڌرتيءَ تي پهريون مذهب وحدانيت جو رهيو آهي. هن نقطئه نظر تي محققن جو اختلاف رهيو آهي ته انسان گمراهيءَ مان هدايت ڏانهن وريو آهي. علم انسانيات ۽ آرڪيالاجيءَ جي اڪثر مفڪرن جو هن ڳالهه تي اتفاق آهي ته ماڻهو ابتدا ۾ هڪ خدا کي مڃيندڙ هو. ڪيرن آرم اسٽرانگ پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ”خدا جي تاريخ“ ۾ لکيو آهي ته: ”سڀ کان پهريائين انسانذات هڪ خدا کي تخليق ڪيو جيڪو سڀني شين جو پيدا ڪندڙ ۽ زمين آسمان جو حاڪم هو. ان وقت ڪو به عبادتگاهه، بت ۽ مقدس رسم نه هئي. پوءِ جيئن جيئن انسان پنهنجي متعلق خوف جو شڪار ٿيندو ويو ته هن ان خوف کان بچڻ لاءِ مختلف خدا تراشڻ شروع ڪيا. ايتري قدر جو پوءِ سج، چنڊ، پاڻي، جانورن ۽ پنهنجي هٿ جي ٺاهيل شين کي به پوڄڻ لڳو ته جيئن هو سڪون حاصل ڪري سک سان رهي سگهي.“
    ساڳي ڳالهه برصغير جي تمام وڏي ڏاهي عالم مولانا ابوالڪلام آزاد هنن لفظن ۾ بيان ڪئي آهي ته: ”هن ڳالهه ۾ ڪو به شبو ڪونهي نيل، دجله ۽ فرات جي وادين ۾ جڏهن انسان سڀ کان پهريائين پنهنجي خدا کي پڪاريو ته اهو ڪيترين ئي هستين ۾ ورهايل نه هو پر هڪ ئي اڻ ڏٺل هستي ۾ نروار ٿيل هو. ڪالدي، سميري ۽ عڪادي گروهه جن انساني نسلن جا وارث ٿيا هئا اهي سج ۽ چنڊ جا پوڄاري نه هئا پر هڪ ئي اهڙي لازوال هستيءَ جا مڃيندڙ هئا جنهن سج ۽ چنڊ جي روشنيءَ کي پيدا ڪيو آهي.
    مولانا آزاد وڌيڪ لکي ٿو ته ”موئن جي دڙي جي کوٽائيءَ کان پوءِ ته محققن لاءِ هيءَ ڳالهه طئه ڪرڻ بيحد آسان ٿي وئي ته هن قديم ترين انساني بستيءَ جي رهاڪن جو مذهب صنم پرستيءَ وارو نه پر وحدانيت وارو هو. اهي پنهنجي اڪيلي خدا کي ”اون“ جي نالي سان پڪاريندا هئا. اها اهڙي هستي هئي جيڪا سڀني تي ڇانيل هئي ۽ طاقت جون باقي هستيون ان جي مقرر ڪيل قانونن هيٺ ڪم ڪندڙ هيون. انهيءَ اڪيلي خدا جي صفت ويدوڪن هئي معنيٰ جنهن هستيءَ جون اکيون ڪڏهن به ننداکيون نه ٿين جنهن کي قرآن ”لاتاخذه سنة ولا نوم“ چيو آهي. هن پنهنجي موقف جي تائيد ۾ وائنا يونيورسٽيءَ جي پروفيسر ڊبليو شمٽ جي ڪتاب ”دي اوريجن اينڊ گروٿ آف رليجن“ جي حوالي سان لکيو آهي ته ”هاڻي اها ڳالهه واضح ٿي چڪي آهي ته انسان جي ابتدائي عمراني ۽ تمدني زندگيءَ ۾ سڀ کان وڏي مايا ان جو توحيد يعني هڪ خدا وارو عقيدو آهي ۽ انوقت انسان جو عقيدو جيڪو سندس زندگيءَ مان گهڙجي نڪتو سو توحيدي دين هو. اها ڳالهه تحقيقن مان ايترو واضح ٿي چڪي آهي جو تاريخ تي سرسري نظر وجهڻ سان به معلوم ٿي ويندي.“
    هڪڙا محقق هن راءِ جا آهن ته موئن جو شهر دنيا جو پهريون پڪ سرو ۽ انجنيئرڊ شهر آهي ۽ ساڳي زماني ۾ هڙاپا ۽ ڌامراها پڻ اهڙين سرن سان جڙيا آهن. انهيءَ ڪري ڀائنجي ٿو ته هتي نوح عليه السلام جي باقيات انهن شهرن جي اڏوات ڪئي آهي، جيڪي بنيادي طور تي توحيد پرست ۽ عبادت گذار هئا. آثار قديمه جي ماهر محترم اوميل به تسليم ڪيو آهي ته ”سنڌ تهذيب جي سڄي پکيڙ جي اندر ڪٿي به مندر جي تعمير نظر نٿي اچي.“ پرڏيهي محققن مان سنڌ جي مذهب تي جن ماڻهن تحقيق ڪئي آهي، انهن مان آئرن مورا به آهي جنهن لکيو ته ”سنڌو تهذيب جي وڏن شهرن مان ڪنهن به مندر جي تعمير جا اهڃاڻ ڪو نه مليا آهن ۽ نه وري معاشرت ۾ ڪنهن به قسم جي پوڄا پاٽ جون علامتون ڏسڻ ۾ آيون آهن.“
    موئن جي دڙي ۾ موجود اسٽوپا جي لاءِ آثار قديمه جا اڪثر ماهر انهيءَ تي متفق آهن ته اها مٿاهين هنڌ تي ٺهيل عبادتگاهه آهي، جتي اتان جا ماڻهو عبادت لاءِ ايندا هئا. ان جي پاسي ۾ پاڻيءَ جي وڏي حوض وهنجي يا پاڻ ڌوئي پوئي عبادت لاءِ ايندا هئا. اهڙي ڳالهه ابن نديم به ڪئي آهي ۽ ان جي تائيد مائيڪل جينسن هنن لفظن ۾ ڪئي آهي: ”ان ۾ ڪنهن به شڪ شبهي جي ڳالهه ناهي ته گريٽ باٿ جي تهه تي اهڙيون پڪيون شاهديون آهن جو هرڪو ڏسندڙ اهو فرض ڪري وٺندو ته هيءَ ڪا مذهبي جاءِ آهي.“ ڪي ماڻهو ڌڪي تي اسٽوپا کي گوتم ٻڌ جي عبادت سان جوڙين ٿا. پر ڳالهه هيءَ آهي ته موئن جي دڙي وارو اسٽوپا گهٽ ۾ گهٽ 3 هزار سال قبل مسيح جي آهي. جڏهن ته سڌارت گوتم ٻڌ 450 سال قبل مسيح سان تعلق رکي ٿو. تنهن ڪري ان کي ٻڌ ڌرم جو اسٽوپا چوڻ حقيقت کان پري آهي.
    اسٽوپا واري ان عبادت گاهه ۾ ذات خداوندي جي عبادت ٿيندي هئي ۽ ان تائين رسائي ۽ خوشنودي حاصل ڪرڻ مراقبو ٿيندو هو، انهيءَ ڳالهه کي ڪيرن آرم اسٽرانگ به پنهنجي ڪتاب ”دي گريڊ ٽرانسفارميشن“ ۾ وضاحت سان لکيو آهي. هوءَ لکي ٿي ته ”مراقبو سنڌي مذهب وارو منڊل آهي، هڪ اهڙو منظم استوار زندگيءَ جو تخليل آهي جنهن جو مرڪز ذات خداوندي آهي.“
    اسان جي دور جو ليکڪ اياز ڀاڳت سنڌ جي قديم تاريخ تي ٻه وڏا جلد پڌرا ڪري چڪو آهي ان پنهنجي تحقيق جلد پهرين ڀاڱي 2 ۾ موئن جي دڙي جي تهذيب ۽ انهن ماڻهن جي مذهب بابت گهڻن ئي حوالن سان اهو مواد مهيا ڪيو آهي ته موئن جي دڙي جا ماڻهو توحيد پرست هئا. هُن هي به لکيو آهي ته ”منڊل يا مراقبو سنڌ سلطنت جي مرڪزي شهر مهين کان شروع ٿيو، جيڪو بعد ۾ ٻين قومن پنهنجن پنهنجن مذهبن ۾ مختلف طريقن سان رائج ڪيو. مهين واري عبادت گاهه ۾ چئني طرفن کان تعمير ٿيل ڪمرا ان جو ثبوت آهي ته اتي توحيد پرست عبادت گذار، ٽولن جي صورت يا انفرادي طور مراقبو ڪندا هئا، جنهن جي تصديق مهين جي شهر مان مليل شو ديوتا واري مهر مان ٿئي ٿي. جنهن ۾ هو مراقبي واري حالت ۾ ويٺل آهي. هن جا ان ۾ ٽي منهن آهن، هو هڪ چوڪيءَ تي مراقبي واري حالت ۾ آهي جنهن ۾ هن جا ٻئي سٿر ۽ مرامڙي، گوڏا اونڌاکڙيون وري پاڻ ۾ مليل ۽ پيرن جا آڱوٺا ٻاهر هيٺ نڪتل. سندس ڪرائي ۾ ڏونري تائين اٺ ننڍيون ۽ ٽي وڏيون چوڙيون پاتل آهن.“
    بهرحال هيءَ ڳالهه طئه آهي ته سنڌ حضرت نوح ۽ حضرت ابراهيم واري دين تي هجي، يا سڌارٿ گوتم ٻڌ، مهاوير، شري ڪرشن يا حضرت محمد ﷺ جي دين تي، هر مذهب ۾ وحدانيت جو عقيدو هتان جي ماڻهن جو سڀ کان وڏو آدرش رهيو آهي. ايستائين جو هندو مذهب واري سنڌ به جيڪا البيرونيءَ ڏٺي سا هُن ڪتاب الهند ۾ هنن لفظن۾ بيان ڪئي ته: ”هندو مذهب جو عقيدو آهي ته خدااڪيلو آهي، خدا هڪڙو آهي ۽ غيرفاني آهي. نه هن جو ڪو آغاز آهي نه انجام. هو خودمختيار، قادر مطلق ۽ حڪيم مطلق آهي. هو پنهنجي سلطاني ۾ لاثاني آهي. نه هو ڪنهن سان مشابه آهي ۽ نه وري ڪا ٻي شيءِ ان سان مشابه آهي.“ البيروني 6 سئو سال پهريائين جيڪا سنڌ ڏٺي اها مٿي بيان ڪيل سنڌ هئي.


    ڇا اوهان کي پنهنجي ٽن تخليقي خاصيتن جو ادراڪ آهي؟

    ٽي خاصيتون آهن، جيڪي انسان کي تخليقي طرح ٻين مخلوقات کان مٿاهون ۽ امتياز وارو بڻائين ٿيون.

    خود آگاهي:
    انسان جي پهرين تخليقي خوبي خود آگاهي آهي. خود پنهنجي ذات جو شعور، هن ڪائنات جي پروڙ ۽ پنهنجي ۽ ڪائنات جي وچ ۾ واسطن بابت آگاهي. انهن ٽنهي شين جي آگاهي انسان کي الله ﷻ جي معرفت جو شعور عطا ڪري ٿي، جيئن جيئن انسان پنهنجي ۽ ڪائنات جي وچ ۾ واسطن جو وڌيڪ شعور حاصل ڪندو ويندو تيئن تيئن مٿس الله ﷻ جي معرفت جون حقيقتون کلنديون وينديون. الله ﷻ جي ذات اڻ کٽ ۽ لامتناهي آهي انهيءَ ڪري انسان جو اهو تلاش جو سفر هميشه جاري رهندو ۽ ان جي معرفت جو آخري نڪتو ڪڏهن به اچي نه سگهندو.

    آزاد چونڊ جو اختيار:
    باقي جيڪي به مخلوقات آهن انهن کي پنهنجي لاءِ آزاد راءِ سان چونڊ جو اختيار ڪونهي. سڀ مخلوقات پنهنجي تخليقي نهج تي پابند آهي ته اهو ڪري جيڪو فطرت ان جي مٿان مسلط ڪيو آهي. ايستائين جو ملائڪ به پنهنجي سپرد ڪيل ڊيوٽين جا پابند آهن ۽ آزادانه راءِ جي انتخاب جو حق انهن کي به ڪونهي. اهڙي طرح نباتات ۽ جمادات جو حال به ساڳيو آهي ۽ حيوانات به اهوئي ڪري سگهندا آهن جيڪو جبلتي طرح انهن کي سيکاريل هوندو آهي. ليڪن انسان جو معاملو ان کان يڪسر مختلف آهي جو ان کي نيڪي ۽ بديءَ جي ٻن رستن مان چونڊ جو مڪمل اختيار حاصل آهي. ”وَھَدَینٰھُ الْنَّجِدَیْنِ“ اسان ٻن رستن جي واٽ ان کي پڌري ڪري ڏني. ”اِمَّا شَاکِراً وَّاِمَّا کَفُوْراً“ وڻيس ته فرمانبرداريءَ جي واٽ وٺي يا وڻيس ته انڪار ۽ نافرمانيءَ جي واٽ تي هلي. انهن ٻنهي رستن تي هلڻ جي نفعي نقصان ۽ نتيجي جي خبر انسان کي ڏني وئي آهي، پر انتخاب جو مڪمل حق کيس ئي حاصل آهي. هاڻي جڏهن قدرت پاڻ ئي انسان کي آزاد راءِ جي چونڊ جو حق ڏنو آهي ته پوءِ مسلڪن ۽ مرشدن کي ڪهڙي طاقت آهي جو اهي ماڻهوءَ کي پنهنجي سوچ جو غلام بنائي رکن. اهڙي طرح انسان جيڪڏهن پاڻ به وحي جي هدايت جو رستو ڇڏي، پنهنجي مٿان مسلڪي رايا يا مرشدن، ابن ڏاڏن جا ورثي ۾ مليل طريقا مسلط ڪري ڇڏيندو ته هو پنهنجي تخليق جو امتيازي شان وڃائي ويهندو ۽ نتيجي ۾ پنهنجو اعليٰ تخليقي مقصد به حاصل ڪري نه سگهندو.

    تخليق جي صلاحيت:
    ٻيون مخلوقات شين کي، تصورات کي ۽ افڪار کي خوبيءَ سان وجود ۾ آڻي نٿيون سگهن، انسان کي جيئن ته ”عَلَّمَ آدَمَ الْاَسْمَاءَ کُلَّھَا“ سڀني شين جا نالا سيکاريا ويا آهن، انهيءَ ڪري تخليق جي صلاحيت سندس امتيازي خوبي بڻجي پئي آهي. هو هن ڪائنات ۾ خالق جي قدرت ۽ تخليق جو مظهر آهي. هاڻي تعليم يافته ۽ باشعور انسان سڏبو ئي اهو جيڪو انسان نئين شيءِ دريافت ڪري سگهي. بظاهر ”اڻهوند“ جي حالتن کي” هوند“ جو واقعو بڻائي ڏيکاري.
    هن خصوصيت جو تعلق زندگيءَ جي هر ميدان سان آهي. اهو علم جو ميدان هجي توڻي تجارت جو، سماجي معاملن جي ڳالهه هجي توڻي قومي معاملن جي، مطلب ته زندگيءَ جي هر شعبي ۾ اُهوئي شخص وڏي ترقي حاصل ڪري سگهندو، جيڪو انهيءَ انساني صلاحيت جو ثبوت ڏئي سگهي.
    شين ۽ معاملن جو بنيادي شعور انسان جي تخليقي سرشت ۾ داخل آهي. هاڻي انهيءَ بنيادي شعور جي بنياد تي انسان جيئن پنهنجي تمدني زندگيءَ ۾ شين کي وجود ۾ آڻي ٿو تيئن معاملن ۾ به کيس اعليٰ معرفت جي دريافت تائين پهچڻو آهي. کيس ناموافق حالتن ۾ موافق پهلو دريافت ڪرڻا آهن. هن کي دشمنن جي ڀيڙ ۾ پنهنجي دوستن جو پتو لڳائڻو آهي ۽ ناڪاميءَ جي طوفانن ۾ ڪاميابيءَ جو سفر طئه ڪرڻو آهي.
    جيڪي ماڻهو انهيءَ تخليقي صلاحيت جو ثبوت ڏين اهي ئي صحيح معنيٰ ۾ انسان سڏائڻ جا مستحق آهن ۽ جيڪي ماڻهو انهيءَ تخليقي صلاحيت جو ثبوت نه ڏئي سگهن اهي توڻي جو ظاهر ۾ انساني لباس پهريل هجن، پر حقيقت جي اعتبار سان حيوانن ۾ ڳڻيا ويندا.
    اهي ٽي ئي صفتون ۽ خاصيتون آهن جيڪي انسانيت کي ماپڻ جو پيمانو آهن، جنهن شخص ۾ جيڏي خود آگاهي هوندي جنهن حدتائين چونڊ جي صلاحيت هوندي ۽ جنهن حدتائين تخليقي صلاحيت جو مالڪ هوندو، ان حدتائين پنهنجو پاڻ کي مثالي انسان بڻائي سگهي ٿو.


    وڏي ڪتاب جي وڏي حاصلات کان محرومي ڇو؟

    قرآن مجيد، انسانن لاءِ آسماني هدايت ۽ رهنمائي جو آخري ۽ هميشه رهڻ وارو دستور آهي. جيئن ته هي اڳين سمورن ڪتابن جي تعليم جو تتمو ۽ خلاصو آهي، تنهن ڪري هن جي حفاظت جو ذمو به الله ﷻ پاڻ کنيو:
    إِنَّا نَحْنُ نَزَّلْنَا الذِّكْرَ وَإِنَّا لَهُ لَحَافِظُونَ (الحجر:٩)
    هن ڪتاب ۾ سمورين قومن لاءِ رهنما بنجڻ ۽ هر وقت هدايت جي سرچشمي بڻجڻ جي صلاحيت موجود آهي. (دنيا جي ڪهڙي به قوم ڪهڙي به وقت ۾ هن تي قانون سازي ڪري، پنهنجي سماج جي جوڙ جڪ ڪندي ته بي شڪ اها ضرور ڪاميابي ۽ ڪامراني حاصل ڪندي). قرآن مجيد انساني قومن جي آزادي، عزت، عظمت، خوشحالي ۽ امن ۽ سلامتي جا جيڪي اعلى اصول ٻڌايا آهن، اهي پوري انسانذات جي ترقي، تعمير ۽ نجات ۽ سعادت جا ضامن ثابت ٿيا آهن.
    تاريخ تي نظر وجھڻ کانپوءِ هيءَ دعوى پڪي پختي يقين سان ڪري سگھجي ٿي ته انسانذات جي ترقي ۽ تعمير لاءِ قرآن جيڪي اصول ۽ قانون سيکاريا آهن، اهڙا قانون انسانذات کي ڪنهن ٻئي قوم يا خطي مان حاصل نه ٿي سگھيا آهن.
    زندگي جي مڙني شعبن جي باري ۾ قرآن جي ٻڌايل بنيادي ۽ اصولي قاعدن تي جڏهن به قومن پنهنجا تفصيلي قانون (By laws) مرتب ڪري انهن تي عملي تشڪيل ڪئي، انهن قومن عروج جي بلندين کي حاصل ڪيو ۽ سندن سماج لڳاتار اخلاقي ۽ تمدني ترقي ڪندا رهيا. تاريخ جي اهڃاڻن جي اڀياس مان معلوم ٿيندو ته جيستائين قرآن جي اصولن جي جيتري پوئواري ڪئي وئي، ان مطابق انسانذات جي ترقي ۽ خوشحالي به قائم رهندي رهي.
    قرآن مجيد جي هن تعليم کي سڀ کان اڳ ۾ رسول ﷺ جن کان، جن عظيم انسانن حاصل ڪيو ۽ ان تي عمل ڪيو، انهن جي زندگيءَ ۾ انقلاب اچي ويو. نه رڳو اهي پاڻ بدلجي ويا پر انهن هر شيءِ جو نقشو تبديل ڪري ڇڏيو. پنهنجو ماحول تبديل ڪيو، پنهنجي چوڌاري رهندڙ انسانن کي تبديل ڪيو ۽ پوءِ ان انقلاب جي خوشبو سڄي دنيا ۾ پکيڙي، دنيا کي ان مان فائدي حاصل ڪرڻ جو اهل بنايو.
    هي قرآن جي تعليم جو ئي رنگ هيو جو هڪ نئون فڪر، نئون نظام، نئون سماج ۽ نئون ڪلچر ڏسندي ئي ڏسندي دنيا جي سڀ کان وڏي قوت ۽ طاقت بڻجي ويو.
    پر هتي سوال هي آهي ته اهي ڪهڙا عملي محرڪ ۽ سبب هئا جن جي ڪري هڪ ننڍڙي جماعت ٿورڙي ئي وقت ۾ دنيا جو ايڏو عظيم الشان انقلاب پيدا ڪيو ۽ الله ﷻ جي مشيت (دين جي تڪميل ۽ ان جي غلبي) کي پورو ڪري ڏيکاريو؟
    اصل مسئلو هي آهي ته ان وقت مسلمانن وٽ قرآن ڪنهن هڪ گروھ يا ٽولي جي ڪتاب جي حيثيت سان نه هيو. پر اهو ڪتاب پوري انسانذات جي ڀلائي ۽ رهنمائي جي حيثيت ۾ هيو. (هدي للناس) ۽ قرآن واري جماعت به ڪا گروهي جماعت نه هئي، بلڪ پوري انسانيت جي فلاح ۽ ڀلائي لاءِ هڪ انقلابي جماعت هئي، جنهن کي پنهنجي منصب: اخرجت للناس جو پورو پورو شعور ۽ درڪ هيو. تنهن ڪري ان جماعت جو مقصد هڪ گروھ کي فائدو پهچائڻ نه هيو بلڪ پوري انسانذات جي ڀلائي سندس فڪر جو بنيادي جز هئي. سندس هر عمل، هر حرڪت، هر ڪوشش ۽ جدوجهد جي اٿندڙ هر وک ان مقصد لاءِ هئي.
    ان جماعت جي دعوت، سندس معاشي پروگرام ۽ تمدني فياضي ۽ عطا جا دروازا سڀني لاءِ کليل هئا. اهوئي سبب آهي جو اهي جتي به ويا، تاريخ تي پنهنجا نقش ڇڏيندا ويا.
    پر جڏهن کان قرآن مجيد مسلمانن ۾ هڪ گروهي ڪتاب جي صورت اختيار ڪئي آهي، ان جي تعليم، ان جي قانون ۽ ان جي حڪمت ۽ هدايت کي جيڪا عالمگير آهي، ٽولن ۽ گروهن جي خانن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي ته مسلمانن جي اها فڪري ۽ عملي خصوصيت ۽ انقلابي صلاحيت ئي ختم ٿي وئي آهي جنهن جي ذريعي انهن رڻ پٽ ۽ صحرا، سمنڊ ۽ دريا ۽ جھنگ جھر مان گذري عظيم الشان معرڪا سر ڪيا ۽ هاڻي قرآن هڪ گروھ جو ڪتاب آهي جو هر هڪ ٽولو ان کي گروهي مفادن لاءِ دليلن جو ذريعو بنايو ويٺو آهي.
    تاريخ جي هن چوڏهن سو سالن جي سفر ۾ اسان ڏسون ٿا ته اڄ جي دور ۾ قرآن مجيد جا هر سال لکن جي تعداد ۾ نسخا ڇپجن ٿا. گھرن، منبرن ۽ مسجدن ۾ ان جي تلاوت به وڏي پيماني تي ڪئي وڃي ٿي، ان جي مطلبن ۽ معنائن کي ڄاڻڻ لاءِ تفسير جا وڏا ذخيرا موجود آهن، ان جي تعليم ٻڌائڻ لاءِ جلسن ۽ تقريرن جو نه کٽندڙ سلسلو هلندو پيو اچي، پر جيڪڏهن ڪا شيءِ نه آهي ته اها آهي اها توانائي ، روشني ۽ عملي گرمي جيڪا قرآن جي پڙهندڙن جي زندگيءَ ۾ جذبو ۽ تبديلي پيدا ڪندي آهي.
    قرآن جي هوندي، مسلمانن جي ذلت ۽ رسوائي سمجھه کان ٻاهر ڳالهه آهي !
    ان جو بنيادي سبب هي آهي ته قرآن جا لفظ اسان جي زبانن تي آهن پر ان جي حڪمت ۽ فلاسافي کان اسان جا ذهن ڪورا آهن. لفظن جون معنائون ته ڄاڻون ٿا پر پنهنجي دعوت ۽ عمل سان انهن جو پاڻ نمونو نٿا بڻجون. ان کي مقدس ۽ پاڪ سمجھي پنهنجن ذاتي ضرورتن لاءِ استعمال ته ڪيون ٿا پر ان جي سماجي شعور (Social Understanding) جو اسان کي پتوئي نه آهي.
    جيڪڏهن قرآن جي باري ۾ عام طور شعور آهي ته رڳو ايترو ته ان ۾ گذريل قومن ۽ جماعتن جا ڪجھه قصا ٻڌايا ويا آهن ۽ بس. اسان جو سڀ کان وڏو مسئلو هي آهي ته اسان قرآن جي خدائي منشور ۽ دستور جي حيثيت ۽ عظمت کان اڻ واقف آهيون ۽ ٻيو ته وري اسان جي سمجھڻ ۽ فائدي حاصل ڪرڻ جومعيار به هيٺانهون آهي. هڪ ته مسلڪن جي ڄار ۾ ڦاٿل هئڻ ڪري قرآن ڏانهن اسان جو رويو به اهڙي ئي نوعيت جو آهي، ٻيو ته جيترو قرآن ۾ غور ۽ فڪر ۽ عقل ۽ تدبر لاءِ چيو ويو آهي اوترو ئي وري اسان ۾ جموديت آهي. قرآن جي سمجھڻ ۾ اسان پنهنجن عقلن کي استعمال نٿا ڪيون ۽ جيڪڏهن سمجھڻ جي ڪوشش ڪيون به ٿا ته وري اها عارضي مصلحتن ۽ ماحول جي قيد کان آزاد نه آهي.
    حقيقت ۾ قرآن جي تعليم کي سمجھڻ جي باري ۾ اسان جو رويو ڪائنات جي مالڪ جي تخليقي مشيت (Creation Plant of God) جي مجموعي تقاضائن سان مطابقت نٿو رکي. خدا جي تخليقي مشيت ته انسان کي ”خليفه“ جي منصب سان نوازڻ آهي پر اسان ان تناظر ۾ قرآن ۾ غور ۽ فڪر ئي نٿا ڪريون.
    اسلام جي باري ۾ اسان جو رويو، ان کي هڪ مڪمل زندگيءَ جو نظام ۽ دستور سمجھڻ وارو نه آهي، پر ڪجھه عبادتن ۾ محدود ڪري ٻڌمت، عيسائي مت ۽ هندومت وانگر هڪ مت وارو آهي. ۽ شايد قرآن وارو رستو قرباني ۽ ايثار وارو آهي، تڪليفن ۽ مشقتن وارو آهي، تنهن ڪري اسان جي بزدلي جو به قرآن جي سمجھڻ تي اثر نظر اچي ٿو. اسان اسلام جي حڪمت ۽ فلسفي کان اڻ واقف هوندي رڳو ڪجھه عبادتون ادا ڪري پاڻ کي ديندار سمجھون ٿا، پر افسوس ته هي آهي جو انهن عبادتن جي به حقيقي روح ۽ خدا کي مطلوب بندگيءَ جي شعور کان به وانجھيل آهيون. قرآن مجيد حق ۽ باطل کي چٽو ڪري ڇڏيو آهي. ان کانپوءِ پنهنجو مقصد حق جو غلبو ۽ باطل جو مٽجڻ بيان ڪري ٿو: لِيُحِقَّ الْحَقَّ وَيُبْطِلَ الْبَاطِلَ ط تنهن ڪري قرآن جي مڃيندڙن کي حق ۽ باطل جو شعور هئڻ گھرجي. پنهنجي دور جي مغضوب عليهم ۽ ضالين سان مقابلي جي هر وقت تانگھه ۽ تڙپ رهي. جيڪڏهن اها ذميواري سندن شعور ۾ نه آهي ته پوءِ اهي ڪيئن پنهنجي پالڻهار جي تخليقي مشيت (خليفه) جي منصب جي ادائگي ڪري سگھن ٿا انساني تاريخ جي هنن ويهن هزار سالن جي سفر ۾ ابتدا کان وٺي انبياء سڳورا (عليهم الصلوٰت والسلام) ۽ سندن پوئلڳ (Followers) وقت جي طاغوتي، فرعوني ۽ قاروني صفت جهڙن سان، عوام (Masses) جي آزادي (Freedom) ۽ معاشي ۽ معاشرتي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجھد ڪندا رهيا. غلامي جي سڀني زنجيرن خلاف بغاوت ڪري انهن کي ختم ڪيو. وڏيون تڪليفون سهي ۽ قربانيون ڏئي ڪري انسانذات کي آزادي جي نعمت ڏني. آخر ۾ قرآن جي حاملين انسانيت کي ترقي ۽ عوام الناس (Masses) کي سماجي حق ۽ انصاف ڏئي ڪري هڪ يادگار خلافت جو تاريخ ۾ مثال قائم ڪري ڏيکاريو. اها خلافت حقيقت ۾ قرآن جي ٻڌايل اصولن ۽ ان جي تعليم جو نتيجو هئي. اڄ اسان جيڪڏهن ان نعمت کان محروم آهيون ته اهو اسان جي ڪوتاهين جو نتيجو آهي.
    جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته مسلمانن کي اهو وڃايل منصب وري حاصل ٿئي، ته پوءِ اسان کي قرآن جي انقلابي پروگرام ۽ ان جي سماجي شعور(Social Understanding) کي سمجھڻو پوندو. اسان کي اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته اڄ به قرآن چوڏهن سو سال اڳ وانگي اسان جي هدايت جو منبع ۽ سرچشمو آهي، پر رڳو اسان جو رويو ان لاءِ اهو هجي جنهن لاءِ اهو آيو آهي.
    قرآن جا ٻڌايل اصول آفاقي ۽ دائمي آهن ۽ انسان جي فطرت به ساڳي آهي. ان ۾ ڪا تبديلي ممڪن ئي نه آهي. نيڪي ۽ بدي، ظالم ۽ مظلوم، مستڪبر ۽ مستضعف، مجبور ۽ طاغوت، منڪر ۽ مشڪور اڄ به ساڳيا آهن. رڳو شڪل ۽ صورت بدليل آهي. جيڪڏهن اسان اڄ به خدا کي گھربل بندگيءَ واري زندگي گذارڻ جو عزم ڪيو ته اهي ڪردار اسان کي پنهنجي چوڌاري ضرور نظر ايندا.
    قرآن جو ته بنيادي مقصد ئي هي آهي ته نيڪي ۽ بدي ۾ فرق کي چٽو ڪري. ظالم کي سزا ڏئي، مظلوم کي انصاف ڏياري، مستڪبرين کي پنهنجو انجام ڏيکاري ۽ مستضعفين کي سندن وڃايل تخت، مجبور کي آزادي ڏئي ۽ طاغوت کي ختم ڪري. منڪرين جي پڪڙ ڪري ۽ مومنن تي نعمت جي تڪميل. توهان تيستائين قرآن جي حڪمت ۽ ان جي روح کي سمجھي نٿا سگھو جيستائين توهان جي عملي زندگي قرآن جي مطلوب بندي واري نه هجي. توهان انهيءَ دعوت جي ڪم جو آغاز ڪيو، قرآن جي تعليم توهان لاءِ رهنمائي جي روشني فراهم ڪندي هلندي. توهان جي اڳيان اهي ئي تجربا ايندا ويندا جيڪي پهرئين دور ۾ قرآن جي مڃيندڙن کي پيش آيا. پر جيڪڏهن توهان جي ڪا عملي ڪارڪردگي آهي ئي ڪونه، توهان ڪو سماج جي ڀلائيءَ جو ڪم ڪيو ئي نٿا، ته پوءِ توهان پنهنجو ڳانڍاپو قرآن سان ڪيئن جوڙيندا. توهان جي ميز تي رکيل قرآن جي تلاوت ۽ ان جي تعليم توهان جي علم (Knowledge) ۾ اضافو ته ڪندي، پر توهان جي شخصيت جي تعمير (Development) خدا جي آئيڊيل انسان واري نه ٿيندي. قرآن مجيد ڪو محض فڪري ۽ نظرياتي ڪتاب نه آهي، بلڪ ان جي تعليم عملي (Practical) آهي. ان جا احڪام، سندس اخلاقي فلسفو، معاشي نظريو، عمراني اصول ۽ قانون تيستائين سمجھه ۾ نه ايندا جيستائين انهن مطابق عملي زندگي (Practical Life) اختيار نه ڪئي وڃي.
    مطلب ته اهو فرد قرآن کي سمجھي نه سگھندو، جنهن پنهنجي فردي ۽ جماعتي زندگيءَ جي سڀني شعبن ۾ قرآن کان پاڻ کي پاسيرو ڪري ڇڏيو آهي ۽ نه ئي وري اها قوم ڪڏهن ترقي ڪري سگھندي جنهن جا اجتماعي ادارا قرآن جي اخلاقي تعليم کان خالي آهن.


    عبادتون اسان کي ڇا ٿيون ڏين؟

    الله ﷻ جيڪا به مخلوق پيدا ڪئي، ان کي سوڌي سنواري خلقيو، ان جو پورو پورو اندازو مقرر ڪيو ۽ ان جي هدايت ۽ سڌاري جو بندوبست ڪيو. (سورة الاعليٰ 1-2)
    انسانن کي اشرف المخلوقات طور هڪ جوابده ۽ ذميدار مخلوق ڪري بڻايو ويو ته ان جي لاءِ هدايت جي انتظام ۾ وجدان ۽ حواسن سان گڏ اڃان به ٻه وڌيڪ بندوبست ڪري ڏنا ويا، هڪ عقل جي هدايت جو ۽ ٻيو وحي جي هدايت جو. وحي جي هدايت جو تعلق انسان جي داخلي ۽ خارجي زندگيءَ سان هو، جنهن ۾ عقيدن، سوچن، خيالن ۽ خواهشن جي رهنمائي به هئي، ته وري مادي ۽ جسماني قوتن کي اعتدال ۽ عدل تي هلائڻ جي تربيت به هئي. وحي جي تعليم ۾ عقيدن، سوچن ۽ فڪر جي لاءِ رهنما اصول ٻڌايا ويا ۽ انهن اصولن تي هلڻ جي مشق ۽ عملي تربيت عبادتن جي نظام سان ڪئي وئي. انهيءَ وحي جي تعليم ذريعي انسان اشرف المخلوقات کي سنواريو به ويو ۽ ان جو پورو پورو اندازو مقرر ڪيو ويو. سڀني پيغمبرن وحي ذريعي حاصل ڪيل توحيد جي فڪر ۽ امن ۽ سلامتي اصولن جي هڪ باضابطه نظام يعني دين اسلام جي ذريعي انسانن جي رهنمائي ڪئي ۽ عبادتن جي تربيتي نظام ۾ پاڻ به شريڪ ٿي پنهنجي پوئلڳن لاءِ شاندار عملي مثال قائم ڪيا. پيغمبرن جي ٻڌايل ان عبادتن واري نظام جا ٽي حصا آهن، (1) فرائض (2) اخلاق (3) معاملات. پهريون حصو (يعني فرائض) انسانن جي روح کي پاڪ ڪري ٿو ۽ نيڪيءَ کي ڪامياب بنائڻ جي لاءِ ماڻهن کي اتساهه عطا ڪري ٿو. ٻيو حصو (يعني اخلاق) انسان ۾ ذاتي ڪردار کي درست ڪري ٿو ۽ اصولن جو بنياد عطا ڪري ٿو. ٽيون حصو (يعني معاملات) هي سيکاري ٿو ته انسانن جا تعلقات ٻين انسانن سان ڪيئن هجن. عبادتن جي ٽنهي حصن جي پنهنجي پنهنجي اهميت آهي ۽ ٽئي هڪ نظام هيٺ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن.

    فرائض جي اهميت:
    عبادت جا فرائض پنج آهن. (1) ڪلمھ شهادت (2) نماز (3) زڪوات (4) روزو (5) حج. اهي پنج ئي فرض انسان جي ماڻهپي کي ڪامل ٿيڻ جي طرف مددگار بڻبا آهن ۽ ان جي شخصيت کي ترقيءَ طرف وٺي مجموعي طور تي هيٺيان پنج نتيجا پيدا ڪندا آهن.
    (1) خلوص ۽ خدا رخي زندگي: انهيءَ مان محسوس ٿيندو آهي ته انسان جي زندگي پنهنجي خلقڻهار الله ﷻ جي اثر کان متاثر ٿي رهي آهي. هو خود رخي زندگيءَ جي بجاءِ خدا رخي زندگي جي واٽ جو پانڌيئڙو بڻيو آهي.
    (2) قلب جو اطمينان: انهيءَ سان ماڻهو زندگيءَ جي فڪرات ۽ پريشانين کان آجو ٿيندو آهي. خلقڻهار جي ٻڌايل هڪ ضابطي واري زندگي گذارڻ جي ڪري نه صرف زندگيءَ جو اطمينان حاصل هوندو اٿس، پر موت ۽ موت کان پوءِ جي فڪرات کان به نجات ملي پوندي اٿس.
    (3) عدالت: ماڻهوءَ جي متوازن شخصيت عدل ۽ انصاف جي طريقن تي ڪاربند ٿيندي آهي ۽ هو پنهنجي جذبات ۽ خواهشن تي پوري سگهه حاصل ڪري وٺندو آهي. جيئن هو پنهنجي ذات ۽ خاندان سان به انصاف ڪندو آهي. تيئن پنهنجي مٽن مائٽن، يتيمن ۽ مسڪينن ۽ پنهنجي چوڌاري ضرورتمندن ۽ سموري انسانيت سان به انصاف جي هلت هلندو آهي.
    (4) ڪامل محبت: هو خلق خدا کي الله ﷻ جو عيال ڀانئڻ لڳندو آهي، ان ڪري خلق ڏانهن هن جو رويو مصالحت، همدردي، مساوات وارو هوندو آهي ۽ منجهس غيرمشروط ۽ بي غرضيءَ سان خدمت جي جذبن جو اُڀار ٿيندو آهي.
    (5) ڪامل اجتماعيت: هو پاڻ کي ڪل جو جز سمجهندو آهي، انهيءَ ڪري انساني وقار ۽ آجپي جي بحاليءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندو آهي ۽ پوئتي پيل طبقن جي بحال ڪاري لاءِ عملي ڪوششون وٺندو آهي. کيس علم، مرتبي ۽ مال جي صورت ۾ جيڪي نعمتون مليل هونديون آهن انهن کي قدرت جي پاران حوالي ڪيل امانت جي ذميواريءَ طور ورهائي حقدارن تائين حق پڄائيندو آهي.
    ڪلمي شهادت جي ذريعي انسان حلف کڻندو آهي ته هو هاڻي پنهنجي مرضي، خواهشن ۽ غرضن هيٺ زندگي نه گذاريندو بلڪ پنهنجي چوڌاري بادشاهن سردارن، مرشدن ۽ مذهبي پيشه ورن جي سڀني انساني غلامين کان پاڻ کي آجو ڪري هڪ الله ﷻ جي ٻانهپ اختيار ڪندو. صرف ان جي ئي حڪمن تي هلندو ۽ ان جي لاءِ حضرت محمد ﷺ جي نموني کي کي رهبر ۽ مشعل بڻائيندو.
    نماز پنهنجي پاڙيسڙين سان گڏجي پڙهڻ جو مطلب آهي ته مومن جي زندگي هاڻي سندس ذات جي چوڌاري نه ڦرندي، پر هو اجتماعيت ۽ اشتراڪيت سان زندگي گهاريندو. سندس اٿڻ ويهڻ، سجدا ۽ رڪوع خلق سان گڏ هوندا. انساني وجود جي اندر زندگيءَ جو جيڪي سگهون ۽ قابليتون آهن انهن کي هڪ ٻئي جي مدد ۾ ڪم آڻيندو. نماز جي ذريعي هو الله ﷻ سان رابطه ڪاري (Communication) ڪندو. هو روزانو وري وري پنهنجي ذميدارانه زندگيءَ يعني اخلاق ۽ انسانيت جي ڪمن ۽ حسن معاملات جي رپورٽ پيش ڪندو ۽ ان جي موٽ ۾ استقامت ۽ استعانت جو ويساهه حاصل ڪندو رهندو. ان جي نتيجي هڪ مثالي انسان منظر تي ايندو آهي جيڪو پنهنجي علائقي ۽ شهر ۾ رباني سماجوادي انسان جي سڃاڻ حاصل ڪندو.
    جيئن نماز انساني وجود جي اندروني سگهن ۽ قابليتن جي هڪ ٻئي جي مدد ۾ ڪم اچڻ جو عزم ۽ اظهار آهي تيئن زڪواة وري انساني وجود جي ٻاهرين وسيلن ۽ ذريعن جي هڪ ٻئي جي مدد ۾ ڪم اچڻ جو خدائي بندوبست آهي. انسانن کي الله ﷻ جي خليفي واري ڪردار جي حق ادائيءَ واسطي معاشي اشتراڪيت لاءِ انفاق جون ڪيتريون ئي صورتون قرآن حڪيم ۾ ورائي ورائي ٻڌايو ويون آهن.
    روزو الله ﷻ جي لاءِ آهي ۽ خلق خدا جيڪا الله ﷻ جو عيال آهي، انهن جي وچ ۾ معاشرتي اشتراڪيت جو خدائي بندوبست آهي. اهڙي طرح خودغرضي، خودرخي ۽ مفاد پرستيءَ جي جذبن کان آجو ٿي خدا رتي زندگي گذارڻ جي ڀرپور مشق آهي سڀئي انسان ڳالهه ٻولهه، سوچ ۽ ويچار ۽ کائڻ پيئڻ جي شخصي طور طريقن ۾ ذاتي عادتن جا غلام نه بڻجن بلڪ انهن کي سندن سوچن ۽ خواهشن تي ڪنٽرول هجي. پورو مهينو مسلسل اها مشق ڪري پنهنجي وجود جي اهڙي نگراني ڪئي وڃي جو ان جو ڪوبه حصو خدائي حڪمن جي نافرماني نه ڪري سگهي. روزي سان نفسي سڌن ۽ خواهشن تي ضابطي ۽ خود حوالگيءَ جي جذبي ۽ خوداعتماديءَ جي ڪري اطمينان ۽ محبت جي احساس سان زندگي جيئڻ جو ملڪو پيدا ٿيندو آهي.
    حج تعمير انسانيت جي آخري منزل آهي، جيڪو مٿين چئني عبادتن جي اثر کي منظم شڪل ڏئي انسان کي ابراهيمي ملت جو فرد بڻائي توحيد جي سربلندي ۽ ڦهلاءَ جي لاءِ تيار ڪندو آهي. حج هڪ جهڙي لباس، هڪ ئي گهرجي حاضري ۽ لبيڪ جي صدا سان ماڻهو جي اندر خدا جي لاءِ جيئڻ ۽ خدا لاءِ مرڻ جي ديوانگي پيدا ڪندو آهي. ان کان پوءِ ماڻهوءَ عالمي برادريءَ جو حصو بڻجي توحيد جي اعليٰ مقصدن يعني غلاميءَ جي خاتمي ۽ انساني آزادين ۽ اهڙي اشتراڪيت واري معاشري لاءِ جيئندو آهي جتي صرف هڪ الله ﷻ جي حاڪميت هجي. ان جي قيام لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيندو آهي.


    سڀئي شريعتون اخلاق کي ترقي ڏيارڻ لاءِ هيون

    سٺو ڳالهائڻ، سچ ڳالهائڻ، ٻئي جا عيب ڍڪڻ، ٻئي سان ڀلائي ڪرڻ، ٻئي کي پنهنجو حق ڏيڻ اهي سڀ سٺا اخلاق آهن. اسلام انسان ۾ سٺا اخلاق پيدا ڪري ٿو. خراب ڳالهيون ڪرڻ، ڪوڙ ڳالهائڻ، گلا ڪرڻ، ٻئي کي نقصان پهچائڻ، چغلي ڪرڻ، ڪنهن جو حق کائڻ، اهي سڀ بداخلاقيون آهن. اسلام انهن بداخلاقين کان روڪي ٿو.
    قرآن مجيد ٻڌايو آهي ته سڀني انسانن کي انهن جي خلقڻهار الله ﷻ وڏي احترام وارو ڪري پيدا ڪيو آهي، انهيءَ ڪري سڀئي ماڻهو اهو احترام لهڻن ٿا.
    وَ لَقَدۡ کَرَّمۡنَا بَنِیۡۤ اٰدَمَ (سورت بني اسرائيل- 70)
    اسان آدم جي اولاد کي هڪ جيترو عزت لائق پيدا ڪيو آهي.
    انسان جي انهيءَ احترام کي پڌرو ڪرائڻ لاءِ الله ﷻ ملائڪن ۽ ٻي مخلوق کان انسان کي تعظيم جو سجدو ڪرايو. الله ﷻ چاهيو ته هتي غائب ۾ جيڪو انسان کي احترام ۽ عظمت جو سجدو ٿيو آهي، اهو ڌرتيءَ تي حاضر ۾ انسان کي ثابت ڪرڻو آهي. احترام جي ذريعي ۽ حقن جي ادائگيءَ جي ذريعي انسان کي ثابت ڪرڻو آهي ته هو خدا جو فرمانبردار آهي، شيطان وانگر انڪار ڪندڙ ناهي ۽ ملائڪن وانگر چيو مڃيندڙ آهي. انهيءَ ڪري انسان جو احترام ماڻهوءَ جو پهريون بنيادي اخلاق آهي
    حضرت شاه ولي الله فرمايو آهي ته چار اخلاق ماڻهوءَ جي ماڻهپي کي سگهارو ڪندا ۽ ان کي سرفراز ۽ ڪامياب بڻائيندا انسان جي فطري صلاحيتن کي اجاگر ڪندا ۽ ان جي ذهني ۽ عملي صلاحيتن جو سهارو بڻبا، انهيءَ ڪري ماڻهوءَ کي جيڪڏهن سماج ۾ ڪي به موثر ڪاميابيون حاصل ڪرڻيون آهن ته انهن بنيادي چئن اخلاقن کي هٿئون وڃڻ نه ڏئي. اهي انسانيت جا بنيادي اخلاق هي آهن.
    هڪ طهارت: يعني ماڻهوءَ ۾ پاڪيزگي هجي جسماني به ۽ ذهني به.
    ٻيو نوڙت: يعني ماڻهوءَ ۾ آڪڙ نه هجي پر عاجزي ۽ نوڙت هجي.
    ٽيون سخاوت: يعني ماڻهوءَ وٽ جيتري به هوند آهي، اها الله ﷻ جي مخلوق انسانن سان ورهائي کائي.
    چوٿون عدالت: يعني ماڻهو توازن، انصاف ۽ عدل جي زندگي گذاري.
    قرآن حڪيم مومنن جون اخلاقي خوبين جو ٻين هنڌن تي به ورائي ورائي تذڪرو ڪيو آهي، ان مان ڪجهه آيتون هيٺين ريت آهن:
    ”مومن اهي آهن جيڪي الله ﷻ کان ڊڄن ٿا ۽ پاڻ ۾ معاملا درست رکن ٿا. الله ﷻ جي ڪا ڳالهه نڪري ته انهن جون دليون ڏڪي وڃن ٿيون. الله ﷻ جو ڪلام ٻڌايو وڃي ته انهن جو ايمان ۽ يقين اڃان به وڌي ويندو آهي. اهي هرحال ۾ الله ﷻ تي ڀروسو رکندڙ هوندا آهن، نماز پڙهندا آهن ۽ جيڪي خدا انهن کي ڏنو آهي، انهيءَ مان خدا جي راهه ۾ خرچ ڪندا آهن. اهي ئي سچا مومن آهن.“ (سورت انفال: 1-4)
    ”بيشڪ ايمان وارا ڪامياب ٿيا. (انهن جون خاصيتون هي آهن جو) اهي پنهنجون نمازون نماڻائي ۽ خود حوالگيءَ جي جذبي سان پڙهندا آهن اجاين ۽ بيهوده ڳالهين کان پاسيرا هوندا آهن. زڪوات ادا ڪرڻ ۾ سرگرم هوندا آهن. پنهنجي پاڪدامنيءَ کان ڪڏهن به غافل نه هوندا آهن. امانتن موٽائڻ ۽ واعدن نڀائڻ جو کين هميشه اونو هوندو آهي ۽ نمازن جي حفاظت ۾ به ڪوتاهي نه ڪندا آهن. (مومنون: 1-10)
    ”الله جا پيارا ٻانها اهي آهن جيڪي زمين تي دٻيل پيرن يعني نماڻائيءَ سان هلندا آهن. جڏهن جاهل، آڪڙيل ۽ بي ادب ماڻهو انهن سان ڳالهائيندا آهن ته انهن سان نرم ڳالهائي روانا ٿي ويندا آهن.... اهي جڏهن خرچ ڪندا آهن ته اجايو اسراف نه ڪندا آهن ۽ نه وري ضروري خرچن تي بخيلي ڪندا آهن. اهي ڪنهن بي گناهه جو خون نه وهائيندا آهن، جنهن کان الله انهن کي منع ڪري ڇڏيو آهي. بدڪارين کان پري رهندا آهن ۽ ڪوڙن ڪمن ۾ شامل نه ٿيندا آهن، ڪنهن اجائي ڳالهه وٽان گذرندا آهن ته اتان سنجيدگي ۽ وقار سان لنگهي ويندا آهن.“ (فرقان: 63-74)
    ”اهي (ايمان وارا) پنهنجي پالڻهار تي ڀروسو رکندا آهن. وڏن گناهن ۽ بي حيائيءَ جي ڪمن کان پري رهندا آهن. جڏهن غصو ايندو اٿن ته معاف ڪري ڇڏيندا آهن. خدا جيڪو ڪجهه کين عطا ڪيو آهي، ان مان خرچ ڪندا آهن. جڏهن انهن تي ڪا زيادتي ٿيندي آهي ته (اوترو ئي) بدلو وٺندا آهن. برائي جو بدلو اوتري ئي برائي آهي. پر جيڪو معاف ڪري ته اها وڏي نيڪيءَ جي ڳالهه آهي جنهن تي الله پاران ثواب آهي. الله ظالمن کي پسند نٿو ڪري. جيڪڏهن ڪو پنهنجي مظلوميت جي ڪري بدلو وٺي ته ان تي ڪا ملامت ڪونهي. ملامت ته انهن تي آهي جيڪي پاڻ اڳرائي ڪري ظلم ڪن ٿا ۽ زمين ۾ ناحق فساد ڦهلائن ٿا. انهن جي لاءِ دردناڪ عذاب آهي. جيڪو ظلم سهي وڃي ۽ معاف ڪري ڇڏي ته اها وڏي وڙائي جي ڪمن مان آهي.“ (شوريٰ: 36-43)
    اخلاقي تعليم بابت قرآن حڪيم جا ڪجهه وڌيڪ هيٺ نوٽ ڪجن ٿا:
    • الله ﷻ اوهان کي ٻين سان احسان ۽ عدل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ٿو.
    • ماڻهن سان اڍنگو ورتاءُ نه ڪيو (سورت لقمان – 18)
    • جڏهن توهان واعدو ڪري ان کي پورو ڪرڻ جي ذميواري کنئي هجي ته هميشه ان کي نڀايو. (سورت بني اسرائيل- 34)
    • پنهنجي ڪيل معاهدن ۽ وهنوار کي نڀايو. (سورت مائده- 1)
    • الله اوهان کي حڪم ٿو ڏئي ته جنهن جي امانت هجيوَ ته کيس واپس موٽائي ڏيو. (سورت نساء-58)
    • هڪ ٻئي جا مال ناجائز طريقي سان نه کائو. (سورت بقره: 188)
    • اي ايمان وارؤ! پنهنجي گهر کان علاوه جيڪڏهن ڪنهن ٻئي وٽ هلي وڃيو ته اجازت وٺڻ بنا اندر داخل نه ٿيو ۽ (جي اجازت ملي وڃي ته) اندر وڃي گهروارن کي سلام ڪيو. (سورت نور-27)
    • هڪ ٻئي جي گلا نه ڪريو. ڇا توهان مان ڪير اهو چاهيندو ته پنهنجي مئل ڀاءُ جو گوشت کائي؟ ان عمل کي اوهين سڀ سخت ناپسند ڪندؤ، ته پوءِ پر پٺ ڪنهن جي گلا ڇو ٿا ڪريو. (سورت نساء-12)
    • هڪ ٻئي تي ٺٺوليون ۽ چٿرون نه ڪيو. (سورت نساء-11)
    • (مومنن جو شان اهو آهي جو) هو ڪاوڙ کي ٽاري ڇڏيندا آهن ۽ ماڻهن کي معاف ڪري ڇڏيندا آهن. (سورت آل عمران -34)
    • ۽ والدين سان سهڻو سلو ڪيو.... پاڙيسرين سان به، پوءِ اهي مٽ مائٽ هجن يا ڌاريا هجن. (سورت نساء-36)
    • ضرورتمندن کي حقير سمجهي ڇڙٻون نه ڏيو. (سورت ضحيٰ-10)
    • مومن ئي مومنن جا دوست ٿي سگهن ٿا. اهي غير مومنن سان سنگت نه رکندا آهن. (آل عمران-28)
    • پاڻ بابت ڪڏهن به ايئن نه سمجهي ڇڏيو ته مون ۾ جيتري قدر سڌاري جي ضرورت هئي اها مڪمل ٿي وئي. (سورت نجم- 32)
    • خدائي بهتر ڄاڻي ٿو ته اوهين سندس قانون تي ڪيتري قدر عمل ڪريو ٿا. (۽ اڃان ڪيتري کوٽ رهيل آهي)
    (سورت نجم-32)
    • انسان کي مال (دولت) واقعي پيارو هوندو آهي، ان جي باوجود رشتيدارن جي مالي مدد ضرور ڪرڻ گهرجي. (سورت بقره-177)
    • هي (غير مسلم) الله کي ڇڏي جن ڳالهين جي پوڄا ڪندا آهن، اوهين انهن کي گار نه ڏيو. متان هي ماڻهو ضد ۽ جهالت جي ڪري الله کي گهٽ وڌنه ڳالهائين. (سورت انعام-108)
    • دين جي معاملي ۾ ڪابه زبردستي ناهي، ان ڪري جو گمراهي ۽ هدايت واضح ٿي چڪيون آهن. (سورت بقره-256)
    قرآن حڪيم چيو آهي اِعْدِلُوْا ھُوَ اَقْرَبُ لِلتَقْوْیٰ ته وڏي ۾ وڏي تقويٰ اها آهي ته ماڻهو عدل ۽ توازن واري زندگي گذاري.
    قرآن ٻڌايو آهي ته: وَ اِنَّکَ لَعَلٰی خُلُقٍ عَظِیۡمٍ (سورت قلم- 4) ”(اي پيغمبر) تون ڀلن اخلاقن وارو پيدا ٿيو آهين.“ معنيٰ ته خلق عظيم الله ﷻ کي بيحد پسند آهي ۽ الله ﷻ پنهنجي ٻانهن ۾ ان جو رواج پسند ڪري ٿو. انهيءَ ڪري فرمايو اٿائين ته اوهان جيڪڏهن مون سان محبت ڪيو ٿا ته پوءِ رسول جي خلق عظيم واري طريقي تي هلو.
    پيغمبر اسلام جن فرمايو ته مان سٺن اخلاقن جي تڪميل ڪرڻ جي لاءِ موڪليو ويو آهيان. جڏهن پيغمبر ئي چئي ٿو ته ڀلن اخلاق کي رواج ۾ آڻڻ ۽ انهن اخلاقن کي مٿاهين درجي تي پهچائڻ منهنجو مقصد آهي ته پوءِ اسان مسلمانن کي پنهنجي پيغمبر جي ان مقصد کي پوري ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏڻ گهرجي. جيڪي انساني چڱايون ۽ فضيلتون آهن سي اختيار ڪرڻ گهرجن ۽ جيڪي به بدفضيلتون ۽ بداخلاقيون آهن تن کان ڪوهين پري رهڻ گهرجي.
    رسول الله ﷺ جن جيڪا اخلاقي تعليم ڏني آهي انهيءَ مان ڪجهه ڳالهيون هتي بيان ڪجن ٿيون.
    پاڻ فرمايائون:
    (1) توهان مان سڀني کان بهتر ماڻهو اهو آهي جنهن جا اخلاق سڀني کان بهتر هجن.
    (2) ڪامل ايمان انهيءَ مومن جو آهي جيڪو اخلاق ۾ سڀني کان بهتر هجي.
    (3) قيامت ڏينهن عملن جي تارازيءَ ۾ سهڻن اخلاقن کان وڌيڪ ڳري ڪا شيءِ نه هوندي.
    (4) ماڻهن مان الله ﷻ کي سڀ کان وڌيڪ پيارو اهو آهي جنهن جا اخلاق بهتر هجن.
    (5) آخرت جي زندگيءَ ۾ منهنجي لاءِ سڀني کان پسنديده شخص اهو هوندو جنهن جا اخلاق ڀلا هجن ۽ اهو ئي مون کي سڀني کان ويجهو هوندو.
    (6) ڪنهن سوال ڪيو ته يارسول الله ﷺ مومنن ۾ سڀ کان فضيلت وارو ڪير آهي؟ فرمايائون احسنهم خلقا يعني جيڪو وڌيڪ خوش اخلاق هجي.
    (7) انسان پنهنجن سٺن اخلاقن جي ذريعي اهو درجو حاصل ڪري سگهي ٿو، جيڪو مسلسل روزا رکڻ ۽ راتين جو مسلسل عبادتون ڪرڻ سان حاصل ٿيندو آهي.
    (8) مسلمان اهو آهي جنهن جي هٿ ۽ زبان کان ٻيا مسلمان محفوظ هجن.
    (9) ڪوبه شخص ان وقت تائين مسلمان نٿو ٿي سگهي جيستائين پنهنجي مومن ڀاءُ لاءِ به اهو پسند ڪري جيڪو پنهنجي لاءِ پسند ڪري ٿو.
    (10) مسلمان کي گار ڏيڻ فسق آهي ۽ ان سان جهڳڙو ڪرڻ ڪفر آهي.
    (11) جنهن ماڻهوءَ ۾ چار ڳالهيون هجن اهو منافق آهي: (1) امانت رکي وڃيس ته خيانت ڪري. (2) ڳالهه ڪري ته ڪوڙ ڳالهائي (3) واعدو ڪري ته ان کي پورو نه ڪري. (4) جهڳڙو ڪري ته ناحق جي طرف سري وڃي.
    (12) خدا جو قسم اهو ايمان وارو نه ٿي سگهيو آهي جنهن جو پاڙيسري ان جي ايذائن کان محفوظ ناهي.
    (13) جيڪو الله ﷻ ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان رکي ٿو، ان کي گهرجي ته فضيلت جو ڳالهائي يا وري چپ رهي.
    (14) ڪنهن مسلمان لاءِ جائز ناهي ته پنهنجي ڀاءُ سان ٽن ڏينهن کان وڌيڪ قطع تعلق رکي.
    (15) بهادري انهيءَ ۾ ناهي ته ڪنهن کي ملهه مارجي، پر بهادر اهو آهي جيڪو غصي جي وقت پنهنجو پاڻ کي قابو رکي.
    (16) سچ جو پاسو وٺندا ڪريو، پاڻ ۾ محبتون وڌايو ۽ ماڻهن کي الله ﷻ جي طرفان خوشخبريون ٻڌايون، رڳو عبادتون توهان کي جنت ۾ ڪونه وٺي وينديون.
    (17) خبردار بدگمانيءَ کي پنهنجو وطيرو نه بڻائجو، بدگماني نسورو ڪوڙ آهي. بي بنياد ڳالهين تي ڪن نه لڳايو ۽ ٻين جا عيب نه تلاش ڪريو ۽ نه پاڻ ۾ هڪ ٻئي ڏانهن بغض رکو.
    (18) قيدين کي آزادي ڏياريو، بکايلن کي کارايو ۽ بيمارن جي عيادت ڪريو.
    (19) ماڻهن لاءِ آسانيون پيدا ڪريو، انهن کي تنگي ۽ سختيءَ ۾ نه وجهو.
    (20) توهان مان ڪو به موت جي خواهش نه ڪري يعني موت گهري نه وٺي نيڪوڪار ماڻهو انهيءِ لاءِ اها خواهش نه ڪري ته جيئن هو وڌيڪ نيڪ ڪم ڪري وٺي ۽ خطاڪار ماڻهو انهيءَ لاءِ اها خواهش نه ڪري ته جيئن هو خطائن جون معافيون وٺي انهن جو ازالو ڪري سگهي.
    حضرت علي ؐ رسول ڪريم ﷺ جو سوٽ هو ۽ حضرت ابوبڪرصديق ؐ وانگر اڪثر وقت رسول ﷺ سان گڏ گذاريندو هو. ان جو چوڻ آهي ته پاڻ سڳورا ﷺ وڏي سيني ۽ ظرف وارا هئا جو ننڍين ننڍين ڳالهين کي ليکي ۾ ئي نه آڻيندا هئا. ڏاڍو نرميءَ سان او ابا او ٻچا ڪري ڳالهائيندا هئا ۽ ننڍي وڏي هر ڪنهن تي مهربان هئا. سخت مزاج ۽ تنگدل ته هرگز نه هئا. ڪڏهن به سندس زبان مان ڪو ڳورو يا اڻوڻندڙ لفظ نه نڪتو. ڪڏهن به ڪنهن جي عيب کي ٻڌائيندي کين ڪو نه ڏٺو ويو. ڪا ڳالهه نه وڻندي هين ته ان کان منهن موڙي ڇڏيندا هئا، ان تي ڪو تبصرو يا ٽوڪبازي پسند نه فرمائيندا هئا. ٽي ڳالهيون ته جهڙوڪر رسول ڪريم ﷺ پاڻ کان ڪوهين پري ڪري ڇڏيون هيون. هڪ بحث مباحثو ڪرڻ، ٻيو ضرورت کان وڌيڪ ڳالهائڻ ۽ ٽيون هي ته جيڪا ڳالهه اجائي هجي ۽ بنا مطلب جي هجي تنهن ۾ پوندا ئي نه هئا. ٻين ماڻهن سان واسطي پوڻ ۾ ٽن ڳالهين کان پري ڀڄندا هئا. هڪ هي ته ڪنهن کي به گهٽ وڌ يا برو نه چوندا هئا. ٻيو هي ته ڪنهن جو عيب ڪڍي هِن هُن کي ٻڌائڻ هرگز نه هو ۽ ٽيون هي ته ڪنهن جي ڳالهه جي پٺيان پئي ان جي پڇا ۽ پيڇو نه ڪندا هئا. پاڻ سڳورا اهي ئي ڳالهيون ڪندا هئا جن ۾ ڪا فائدي واري ڳالهه ۽ ڪنهن جو ڀلو هجي ۽ ان ڳالهه مان ڪو مفيد نتيجو نڪري.
    پاڻ سڳورا ﷺ ڪا ڳالهه ڪندا هئا ته صحابه ڪرام اهڙي طرح ڪنڌ جهڪائي خاموشيءَ سان اها ڳالهه ٻڌندا هئا جو لڳندو ته ڄڻ پکي اچي انهن جي مٿي تي ويهي رهيا آهن. جڏهن پاڻ سڳورا ماٺ ڪري وٺندا هئا ته پوءِ صحابه پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري وٺندا هئا. جيڪڏهن ڪو ٻيو ڳالهائيندو هو ته سندس چپ ٿيڻ کان پوءِ ساڻس ڳالهائيندا هئا. ماڻهو جن ڳالهين تي کلندا ۽ ٽهڪ ڏيندا هئا، پاڻ سڳورا اهڙين ڳالهين تي صرف مُرڪندا هئا. ڪو اوپرو ماڻهو اچي وڏي واڪي يا اتبو سبتو ڳالهائيندو هو ته پاڻ تحمل ڪندا هيا. ٻين جي واتان پنهنجي تعريف ٻڌڻ هرگز پسند نه فرمائيندا هئا. پر جيڪڏهن ڪو پاڻ سڳورن جي احسان جو شڪريو بجا آڻيندو هو ته اهو قبول فرمائيندا هئا. جيستائين ڳالهائڻ وارو پاڻ چپ نه ڪندو هو، پاڻ سڳورا ان جي ڳالهه کي ڪٽيندا نه هيا. بيحد سخي ۽ ڏيڻ وارا هيا. حق سچ چوڻ وارا، نرم طبع ۽ بيحد خوش صحبت هوندا هيا. جيڪڏهن پاڻ سڳورن کي ڪو هڪ دفعو ڏسي وٺندو هو ته هميشه سندن سڀاءُ کي ڳائيندو وتندو هو ۽ چوندو هو ته مان پاڻ سڳورن جهڙو کانئن اڳ يا کانئن پوءِ نه ڏٺو آهي.
    بيبي عائشه صديقه ؒ پاڻ سڳورن جي گهرواري هئي. هن رسول الله ﷺ کي گهڻو ويجهڙائي کان ڏٺو. هن پنهنجي پيءُ حضرت ابوبڪر صديق ؐ جي ذريعي هجرت کان اڳ به پاڻ سڳورن جي زندگي جي اهم واقعن کي ڏٺو هو ۽ مديني جي زندگيءَ ۾ به هوءَ پاڻ سڳورن سان شادي ڪري مومنن جي ماءُ بڻجي چڪي هئي. رسول الله ﷺ جي زندگيءَ جو آخري هفتو هن بيبي سانئڻ جي حجري ۾ گذريو هو جنهن وقت پاڻ سڳورن ﷺ جو روح پرواز ٿيو ته انوقت به هن بيبي سانئڻ جي سهاري ليٽيل هئا. هن بيبي سانئڻ جي حجري کي الله ﷻ پاڻ سڳورن جي جسم مبارڪ جو آخري آرامگاه بڻايو. پاڻ سڳورن کي ويجهڙائي کان جيترو هن بيبي ڏٺو، اهڙا موقعا ڪنهن ٻئي جي حصي ۾ نه آيا. پاڻ سڳورن جي باري ۾ بيبي سانئڻ جا ارشادات پڙهڻ جهڙا آهن. فرمائي ٿي ته:
    (1) رسول الله ﷺ جن پنهنجي ذات جي لاءِ ڪڏهن به ڪنهن کي سزا نه ڏني ۽ نه ڪڏهن بدلو ورتو. ها ايئن هو ته پاڻ سڳورا ﷺ الله ﷻ جي ٻڌايل حدن جي لتاڙ ڪندڙن تي الله ڪارڻ سزا ڏيندا هيا.
    (2) پاڻ سڳورن جي عادت هئي ته برائيءَ جي بدلي ۾ ڪڏهن به برائي کان ڪم نه ورتائون. ڪساين پڪاين تي هميشه درگذر ڪندا هيا ۽ معاف فرمائي ڇڏيندا هيا.
    (3) رسول الله ﷺ ڪڏهن به اهڙي طرح نه کليا جو پاڻ سڳورن ﷺ جو تارون نظر آيو هجي. پاڻ رڳو مسڪرائي ڇڏيندا هيا.
    (4) پاڻ سڳورن ڪڏهن به ڪنهن تي لعنت نه ڪئي ۽ نه ڪڏهن پنهنجي خدمتگذار کي يا ڪنهن جانور کي پنهنجي هٿن سان ماريو.
    (5) پاڻ سڳورن ﷺ جن ڪڏهن به ڪنهن جي سوال کي واپس نه ڪيو، سواءِ ان جي ته اهو سوال ناجائز هجي.
    (6) گهر ۾ تشريف فرما ٿيندا هيا ته مسڪرائيندا ايندا هيا. ڳالهيون اهڙي طرح ڍاري ڍاري ڪندا هيا جو جيڪڏهن ڪو ياد رکڻ چاهي ته آرام سان ياد ڪري ڇڏي.
    (7) هڪ بدوي آيو ۽ چيائين ته سائين مان ڏٺو آهي ته توهان ٻارن کي کڻي چميون ڏيو ٿا، اسان ته چميون نه ڏيندا آهيون. کيس فرمايائون ته الله ﷻ جيڪڏهن تنهنجي دل مان رحم ڪڍي ڇڏيو آهي ته ان تي مان ڇا ٿو ڪري سگهان.
    (8) رسول الله ﷺ جي گهروارن ڪڏهن به ٻه ويلا ساندهه ماني ڪري ڪونه کاڌي. جيڪڏهن هڪ ويلو مانيءَ جو هوندو هو ته ٻيو ويلو کارڪون کائي وقت ڪڍيو ويندو هو. (ڇو ته جيڪو حاصل هوندو هو اهو ٻين اڻهوند وارن ۽ سوالين کي ڏنو ويندو هو.)
    حضرت انس ؐ هميشه خدمت ۾ حاضر رهندو هو. اهو فرمائي ٿو ته مان ڏهه سال رسول الله ﷺ جي خدمت ۾ گذاريا. انهيءَ سڄي عرصي ۾ پاڻ سڳورن ﷺ ڪڏهن به مون کي ناپسند لفظ نه چيا. ڪڏهن به هي نه چيائون ته ”فلاڻو ڪم تو ڇو ڪيو؟“ ۽ نه وري ڪڏهن هي فرمايائون ته ”فلاڻو ڪم تو ڇو نه ڪيو؟“

    _____

    سيرت النبي جلد 6 ص 20-22
    سيرت ابن هشام ص 361
    صحيح بخاري ڪتاب الايمان
    صحيح بخاري ڪتاب الايمان
    سيرت النبي جلد اول ص 288-289 بحواله (شمائل ترمذي)
    سيرت النبي جلد اول حصو ٻيو ص 287
    سيرت النبي جلد اول حصو ٻيو ص 287
    حوالو ساڳيو
    حوالو مسلم ۽ ابودائود
    بخاري ڪتاب الادب
    حوالو ساڳيو
    بخاري ڪتاب الدقاق
    بخاري ڪتاب الادب


    ڪاميابي ۽ ڪامرانيءَ جا خدائي قانون

    مايوسي ڪفر آهي
    ”الله جي رحمت کان نا اميد نه ٿيو، الله جي رحمت کان نا اميد فقط اهي ماڻهو ٿين ٿا جيڪي ڪافر آهن“ (يوسف: ٨٧)
    انصاف، سچائي ۽ نيڪيءَ جي واٽ تي هلندا رهو، مايوس نه ٿيو. انصاف، سچائيءَ ۽ نيڪيءَ جي واٽ تي هلڻ جي ڪري وقتي طرح اوهان کي بظاهر پنهنجو خسارو ٿيندي نظر ايندو، پر اهو عارضي آهي. اوهان کي الله ﷻ دائمي برڪت ۽ سلامتي جا دروازا کولي ڏيندو.

    نصيحت ياب ٿيڻ جو خدائي قانون
    ”۽ نصيحت ته فقط اهي ئي وٺن ٿا جيڪي خدا ڏي رجوع ٿين ٿا(۽ ان جي ڏيکاريل واٽ تي هلن ٿا.)“ (المؤمن:١٣)
    جن ماڻهن جو ماڻهپو زندهه آهي، اهي انسانيت جي قدرن ۽ اخلاقن سان جيئڻ گھرندا آهن. اهي الله ﷻ جي پاران موڪليل انسانيت جو آخري منشور ۽ هدايت قرآن کي مڃين ٿا ۽ ان جي ٻڌايل حڪمن تي هلن ٿا.
    جيڪو رحمان کان ڪٽيو سو شيطان حوالي ٿيو
    ”۽ جيڪو به رحمان جي ذڪر کان (يعني قرآن مجيد تي عمل ڪرڻ کان)
    منهن موڙي ٿو، تنهن جي لاءِ اسان هڪڙو شيطان مقرر ڪري ٿا ڇڏيون،
    جو سندس سنگتي ۽ ساٿي ٿئي ٿو.“ (زخرف:٣٦)
    جنهن ماڻهوءَ کي زندگيءَ جي نصب العين ۽ مقصد جي ڪا خبر ڪونهي ۽ ان کي اهو شعور ئي ڪونهي ته منهنجي منزل ڇا آهي، اهو انسانيت جي آخري منشور قرآن کان به ڪٽيل آهي. پوءِ اهو رڳو مطلب، مفادن ۽ ڇڙواڳيءَ جي زندگي سان جيئي ٿو. شيطان کي به اهائي ڳالهه سوٽ ڪندي آهي، سو کيس مطلب، مفادن ۽ ڇڙواڳيءَ جي ان دنيا ۾ ريجھائي رکي ٿو.

    مصيبتن سبب نا شڪري
    ”(اي انسانو) جيڪڏهن توهان خدا جي نعمتن جي قدر ڪيو ۽ مٿس ايمان رکو
    ته خدا کي توهان کي عذاب ڏئي ڇا ڪرڻو آهي، الله ته (انسانن جي نيڪ عملن جو) قدر ڪندڙ ۽ (هنن جي حالت جو) علم رکندڙ آهي.“ (النساءِ:١٤٧)
    الله ﷻ ڪائنات جو خلقڻهار آهي، خود انسان جي نرالي تخليق ان جو شاهڪار آهي جو ان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيو اٿس. اهو سڀ ڪجھه الله ﷻ انسان کي عذاب ڏيڻ لاءِ نه ڪيو آهي. الله ﷻ جيئن شين جا اثر مقرر ڪيا آهن، بلڪل تيئن ئي عملن جا نتيجا به مقرر ڪري ڇڏيا آهن. وري پنهنجي هدايت موڪلي ٻن واٽن، نيڪي ۽ بدي جا رستا ۽ نتيجا کولي کولي ٻڌائي ڇڏيا اٿائين. هاڻي انهن رستن مان انتخاب جو حق به انسان کي خود حاصل آهي، تنهن ڪري انهيءَ جي نتيجن جو ذميدار به پاڻ ئي آهي. انهيءَ ڪري ماڻهو جيڪڏهن سوچي ٿو ته مان فلاڻي جماعت ۾ هجڻ ڪري ڇٽي ويندس يا ڦلاڻي جي مدد ۾ هئڻ ڪري رب جون مهربانيون ماڻي وٺندس ته مڪي جي انهن ڪافرن جهڙو خيال آهي، جيڪي ڪنهن مخصوص بت جي آڏو قرباني ڪري پاڻ کي گناهن کان آجو سمجهندا هئا.

    ظلم ۽ زيادتي ڪندڙن جي بدنصيبي
    ”۽ الله ﷻ ظلم زيادتي ڪندڙن کي پسند نٿو ڪري.“
    (آل عمران: ٥٧)
    انڪار جي واٽ وٺندڙن کي الله ﷻ قرآن ۾ ظلم ۽ زيادتي جي واٽ وٺندڙ ليکيو آهي. انهن جو ظلم هي آهي ته خلقڻهار ۽ مهربان الله ﷻ جي ذات کان ويسلا آهن ۽ زيادتي انهن جي پنهنجي ذات مٿان آهي، جو هو پاڻ کي ان جي رحمت ۽ مهربانين کان محروم رکن ٿا.

    نافرماني الله ﷻ جي گرفت ۾ آڻي ٿي
    ”سو جيڪڏهن توهان فرمانبرداري ڪندؤ ته پوءِ الله ﷻ اوهان کي سٺو اجر ڏيندو. پر جيڪڏهن توهان منهن موڙيندؤ جيئن اڳي منهن موڙيو هو، ته پوءِ الله ﷻ اوهان کي دردناڪ عذاب واري سخت سزا ڏيندو.“ (الفتح:١٦)
    خدائي ضابطن جي پابندي ڪرڻ جو نتيجو انسان کي ڪاميابي ۽ ڪامرانيءَ جي صورت ۾ حاصل ٿئي ٿو. جيڪو انهن ضابطن کان منهن موڙي ٿو ته ان جي زوال جو آغاز ٿي وڃي ٿو. جيڪڏهن فرد آهي ته پنهنجو حسن، لقاءُ ۽ ڪامراني وڃائي ٿو ۽ جيڪڏهن اجتماع آهي ته فلاح جي بجاءِ انارڪي ۽ ترقيءَ جي بجاءِ تنزلي ان جو مقدر بڻجي وڃي ٿي.

    مومنن جو شيوو
    ”مومن مردن کي چئو ته هو پنهنجون اکيون (پراين عورتن جي سامهون اچڻ وقت)
    هيٺ ڪري ڇڏين ۽ پنهنجي شرمگاهن جي حفاظت ڪن،
    اها ڳالهه هنن جي لاءِ پاڪائي واري آهي.“ (النور: ٣٠)
    جيڪو دين تي هلي ٿو ته الله ﷻ ان جي لاءِ پنهنجي هدايتن ذريعي دين تي هلڻ آسان ٿو ڪري ڇڏي. روزاني زندگيءَ ۾ ڪٿي ڪا پرائي عورت ٽڪرائجي وڃي ته هڪدم پنهنجي اکين کي هيٺ ڪرڻ سان اوهان خيالن جي انتشار جي ڀونچال کان بچي ويندا ۽ اهي خيال ئي هوندا آهن، جيڪي راس ٿيڻ کان پوءِ ماڻهوءَ جي سندرتا ۽ عظمت ۽ خدا سان ان جي محبت جا دشمن بڻجي پوندا آهن. ان ڪري اها نوبت ئي اچڻ نه ڏجي.

    الله ﷻ جي رنگ ۾ رنگجڻ
    ”۽ جيئن الله ﷻ توتي احسان ڪيو آهي، تيئن تون به (ماڻهن تي ) احسان ڪر.“ (القصص:٧٧)
    الله ﷻ جو هونئن ته انسانن جي مٿان اڻ ڳڻيون مهربانيون آهن، پر انهن ۾ علم، مرتبي ۽ مال جون مهربانيون، انسان لاءِ پنهنجي شخصيت جي اصل ارتقا جو ذريعو آهن. اصل ارتقا آهي الله ﷻ جي محبوبيت حاصل ٿيڻ. انسان جيئن جيئن پنهنجي علم، مرتبي ۽ مال جي ذريعي انسانن سان ڀلايون ڪندو ويندو، تيئن تيئن الله ﷻ جي محبوبيت کيس حاصل ٿيندي ويندي.

    برائيءَ کي ڀلائيءَ سان منهن ڏيڻ جو نتيجو
    ”تون (بديءَ ۽ برائيءَ کي) انهيءَ طريقي سان دفع ڪر جو بهترين طريقو هجي، پوءِ نتيجو هي ٿيندو، جو جنهن (بري) شخص ۽ تنهنجي وچ ۾ بي اتفاقي ۽ دشمني هئي، سو اهڙو ته ٿي پوندو جو ڄڻ ته هو تنهنجو گهرو ۽ گھاٽو دوست آهي.“ (حٰم سجده:٣٤)
    جيڪو شخص خدا ڏي سڏيندڙ هجي، ان کي لازمي طرح هڪ ته عملي زندگي هجي ۽ ٻيو ته هو فرقن کان آجو هجي. صرف سلامتيءَ جي دين جي دعوت ڏئي ۽ ان واٽ تي هلندي جيڪڏهن ان کي رڪاوٽون پيش اچن ۽ مدائي منهن ڪڍي بيهي ته هو انهيءَ کي بهتر طريقي سان دَفع ڪري، انهيءَ طريقي سان کيس بهتر نتيجا حاصل ٿي سگھندا. اهو رويو هر انسان لاءِ عام زندگيءَ ۾ ساڳي طرح ڪارگر ۽ مصيبتن کان بچڻ وارو آهي.

    مڪمل ايمان جون علامتون
    ”۽ (مومن اهي آهن) جيڪي پنهنجي امانتن ۽ عهدن (۽ واعدن) پاڙڻ ۾ بلڪل ايماندار رهن ٿا. (مومنون:٨)
    جن مومنن کي ڪامراني ۽ فلاح حاصل ڪرڻ جو پروانو مليل آهي، انهن جي اطاعت نماڻائي واري آهي. اهي اجاين واهيات ڳالهين کان منهن ڦيرائي ٿا ڇڏين. جيڪي ڏيڻ جي واٽ تي اڳرا آهن، پنهنجي ستر سنڀالڻ ۾ پختا آهن ۽ سندن پنجين امتيازي خاصيت اها آهي جو پنهنجي امانتن ۽ واعدن کي ڪڏهن به پاسيرو نٿا رکن ۽ انهن جي پوري ڪرڻ ۾ بلڪل سچا رهن ٿا.
    حق ۽ انصاف کي هرگز نه ڇڏيو
    ”۽ جڏهن ڪابه ڳالهه چئو ته حق ۽ انصاف جي چئو. توڻي جو معاملو پنهنجن ماڻهن سان تعلق رکندڙ هجي (۽ انصاف سندن خلاف وڃي)“ (الانعام:١٥٢)
    انسان پنهنجي رشتيدارن جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌل هئڻ ڪري عام طور تي زندگيءَ ۾ انصاف جي واٽ تي ترڪي پوندو آهي. الله ﷻ پنهنجي فرمانبردار ٻانهن کي باوقار شخصيت ۽ عظمتن ۽ سندرتا سان زندگيءَ ۾ جيئڻ ۽ آخرت ۾ سندس حضور ۾ پيش ٿيڻ جا رستا ٻڌائي ٿو. ناحق تي پنهنجن جي طرفداريءَ سان انهن مائٽن کي وقتي طور ته فائدو رسي ويندو، پر طرفدار جي پنهنجي شخصيت جو ايمان، وقار ۽ سندرتا تباهه ٿي ويندي ۽ خدا جي حضور ۾ سخت خواري جي حالت ۾ پيش ٿيندو.


    قرآني مشن جي تڪميل

    قرآن مطابق زندگي گذارڻ واري مقصد جو هڪ ضروري ۽ اهم حصو هيءُ آهي ته آسپاس جي ماڻهن تائين اُن جو پيغام پهچايو. الله جي رسول ﷺ تي جيئن ئي پهرين وحي نازل ٿي ته پاڻ سڳورن ﷺ ان کي ٻين ماڻهن تائين پهچائڻ جي ذميداري محسوس ڪري ورتي. ٻِي وحي ”قُم فانذر“ جو حڪم کنيو آئي. ٻيو ته ڪيترن ئي هنڌن تي رسول ﷺ جن تي اهو واضح ڪيو ويو ته قرآن کي پهچائڻ، ان کي ٻڌائڻ ۽ ان جي تشريح ڪرڻ توهان جو اولين فرض ۽ توهان جي زندگيءَ جو مشن آهي. (الانعام: 19، الفرقان: 1، الانعام: 105، المائده 67، الاعراف: 157)
    پاڻ سڳورن ﷺ جي پيروڪار ۽ الله ﷻ جي ڪتاب جي حامل هئڻ جي حيثيت سان ساڳيو ئي مشن هاڻ اسانجي ذميداري آهي. اسان وٽ قرآن جي موجودگيءَ جي تقاضا آهي ته اسين ان کي پهرين پاڻ سمجهون ۽ پوءِ ٻين تائين پهچايون. قرآن ٻُڌڻ جو مطلب هيءُ آهي ته اهو ٻين کي به ٻڌايون. اهو اسانکي سڄي انسانيت تي پڌرو ڪرڻ گهرجي. ٻڌائڻ گهرجي ۽ لڪائي رکڻ نه کپي.
    ”اهل ڪتاب کي اهو وعدو به ياد ڏياريو جيڪو الله ﷻ کانئن ورتو هو ته توهانکي ڪتاب جي تعليمات ماڻهن تائين پهچائڻي پوندي. اها ڳجهي نه رکندؤ. پر هُنن ڪتاب کي ڇڏي ڏنو ۽ معمولي قيمت تي ان کي وڪڻي ڇڏيو آهي، ڪيڏو ڪڌو ڪاروبار آهي جيڪو ڪري رهيا آهن.“ (آل عمران: 187)
    جيڪڏهن توهان جي دل ۽ هٿن ۾ ڪا ڏياٽي آهي ته ان جي روشني ڦهلجڻ گهرجي. جيڪڏهن توهانجي اندر ۾ ڪو ڀنڀٽ ڀڙڪي رهيو آهي ته ان جو سوجهرو ٻاهر نڪري ٻين تائين پهچڻ گهرجي... جيڪي ماڻهو عارضي دنياوي مقصدن ۽ فوري فائدن کي ترجيح ڏيندي ائين نٿا ڪن، اهي حقيقت ۾ پنهنجو ڀڀ باهه سان ڀري رهيا آهن.
    ”سچ اهو آهي ته جيڪي ماڻهو الله ﷻ جي نازل ڪيل حڪمن کي معمولي فائدن تي قربان ڪن ٿا اهي هڪ وڏي تباهيءَ جو پاڻ پنهنجي هٿن سان انتظام ڪري رهيا آهن. قيامت جي ڏينهن الله ﷻ ساڻن ڪونه ڳالهائيندو، نه وري کين پاڪ ڪندو. اهي الله ﷻ جي لعنت جا حقدار هوندا. (البقره - 174)
    ” جيڪي ماڻهو اسانجي نازل ڪيل تعليمات کي لڪائين ٿا، ان جي باوجود ته اسان سڀني انسانن جي رهنمائيءَ جي لاءِ اهي پنهنجي ڪتاب ۾ بيان ڪري چڪا آهيون، پڪ ڄاڻو ته الله ﷻ پڻ مٿن لعنت وجهي ٿو ۽ سمورا لعنت وجهڻ وارا به مٿن لعنت وجهن ٿا.“ (البقره: 159)
    ”البته جيڪي اها روش ڇڏي ڏين ۽ پنهنجي طرز عمل ۾ سڌارو آڻين ۽ جيڪو ڪجهه لڪائيندا هئا، ان کي پڌري پٽ بيان ڪن ته کين معاف ڪري ڇڏيندس.“ (البقره - 160)
    ” پر جيڪڏهن اهي اُن ئي حالت ۾ مري ويا ته مٿن سڀ جو سڀ لعنت وجهندا. جن ماڻهن ڪفر جو رويو اختيار ڪيو ۽ ڪفر جي حالت ۾ ئي مري ويا ته انهن تي الله، فرشتن ۽ سمورن انسانن جي لعنت هجي.“ (البقره: 161)
    ”باقي رهيا اهي ماڻهو جيڪي الله ﷻ جي عهد ۽ پنهنجن قسمن کي معمولي قيمت تي وڪڻيو ڇڏين ته انهن جو آخرت ۾ ڪوبه حصو ڪونهي. الله ﷻ قيامت جي ڏينهن ساڻن ڪونه ڳالهائيندو، نه انهن ڏانهن ڏسندو، نه کين پاڪ ڪندو.“ (آل عمران: 77)
    هاڻي پنهنجو پاڻ کي ڏسو، اڄوڪن مسلمانن کي ڏسو! هِن حقيقت جي باوجود ته ڏينهن رات لکين ماڻهو قرآن جي تلاوت ڪن ٿا پر ان سان ڪوبه فرق ڪونه ٿو پوي. ماڻهن جا حال اهي ئي ساڳيا! صورتحال ۾ ڪو فرق ڇو نٿو اچي؟ ان ڪري جو، يا ته اسين اِن کي پڙهون ٿا پر سمجهون نٿا. جيڪڏهن سمجهون به ٿا ته اِن کي تسليم نٿا ڪريون. جيڪڏهن زبان سان مڃون ٿا ته پوءِ ان تي عمل نٿا ڪريون يا جيڪڏهن عمل ڪريون ٿا ته صرف اُن جي ڪجهه حصي تي عمل ڪريون ٿا ۽ ٻئي حصي کي وري رد ڪريون ٿا. يا جڏهن اسين ان کي پڙهڻ يا ان جي ڪنهن حصي تي عمل ڪرڻ ۾ مصروف هوندا آهيون ته ساڳئي وقت اسين ان کي لڪائڻ ۽ اُن جي روشني ٻي دنيا تائين نه پهچائڻ جو بدترين ڏوهه ڪري رهيا هوندا آهيون:
    ”منجهانئن ڪي اڻ پڙهيل آهن جيڪي الله ﷻ جي ڪتاب کي صرف پنهنجين خواهشن جو مجموعو سمجهن ٿا ۽ فقط پنهنجي وهم و گمان تي هلندا پيا وڃن. پوءِ هلاڪت ۽ تباهي آهي انهن ماڻهن جي لاءِ جيڪي هٿ ٺوڪي شريعت ٺاهين ٿا. پوءِ ماڻهن کي چون ٿا ته اها الله ﷻ وٽان آئي آهي ته جيئن ان جي ذريعي معمولي قيمت حاصل ڪري سگهن. (البقره: 78: 79)
    ”پوءِ ڇا اوهان ڪتاب جي هڪ حصي تي ايمان آڻيو ٿا ۽ ٻئي حصي کان انڪار ڪريو ٿا؟ پوءِ اوهان مان جيڪي ماڻهو ائين ڪن انهن جي سزا اِن کانسواءِ ڇا آهي ته دنيا جي زندگيءَ ۾ ذليل ۽ خوار ٿيندا رهن ۽ آخرت ۾ پڻ شديد عذاب ڏانهن سڏيا وڃن.“ (البقره: 85)
    اسانجي ذهنن ۾ تر جيترو به شڪ نه هئڻ گهرجي ته جيستائين اسين قرآن جا گواه هئڻ جي سڀ کان اهم ذميداري ادا نٿا ڪريون جيڪا اُن جو حامل هجڻ ۽ ان کي پڙهڻ جي ڪري اسان تي عائد ٿئي ٿي، تيستائين اسين قرآن جو حق هرگز ادا نٿا ڪري سگهون. بي عزتيون، ذلتون، ڌڪا ٿاٻا ۽ جيڪا اڻهوند اسانجي حصي ۾ آئي آهي اها صرف قرآن ۽ ان جي سونپيل مشن ڏانهن اسانجي روين جي ڪري آئي آهي.
    الله ﷻ قرآن سان ڪن قوتن کي زوال ته ڪن کي وري عروج عطا ڪندو آهي. ”ڪاش اهي تورات، انجيل ۽ ٻين ڪتابن تي (سچائيءَ سان) قائم هجن ها جيڪي سندن رب جي طرفان ڏانهن اُماڻيا ويا هئا ته ضرور انهن لاءِ مٿان رزق وسي ها ۽ هيٺان (زمين مان) نعمتون ملن ها.“ (المائده: 66)
    اسين قرآن جي باري ۾ ڪيترو به اعلى علمي معيار حاصل ڪري وٺون، ان جي مڪمل ۽ حقيقي معنى سمجهڻ ۽ دريافت ڪرڻ ۾ اوستائين ڪامياب نٿا ٿي سگهون جيستائين اسين قرآن جي عملي اطاعت نٿا ڪريون.
    رسول الله ﷺ جن پنهنجي صحابه ڪرام کي فرمايو: ”توهان ۾ اهڙا ماڻهو به هوندا جڏهن توهان پنهنجين نمازن جي سندن نمازن سان، پنهنجن روزن جي سندن روزن سان، پنهنجن نيڪ عملن جي سندن نيڪ عملن سان ڀيٽ ڪندؤ ته اوهان کي پنهنجا اعمال صفا اُڇاترا محسوس ٿيندا. اهي قرآن پڙهندا هوندا پر اهو سندن نڙيءَ کان هيٺ نه لهندو.“ (بخاري)


    پيغمبر اسلام جي نبوت جا ٻه درجا

    امام شاهه ولي الله وٽ نبي اڪرم ﷺ جون ٻه حيثيتون آهن، هڪ ته پاڻ سڳورا ﷺ عرب جا قومي نبي آهن، انهيءَ درجي ۾ پاڻ سڳورن ﷺ جو مقصد قريش ۽ ان جي چوڌاري رهندڙ عرب قبيلن جي اختلافن ۽ عادتن جي اصلاح ڪرڻ ۽ انهن ۾ قانون الاهي جاري ڪرڻ هو.
    نبوت جو ٻيو درجو هي هو ته پاڻ سڳورا ﷺ ملت ابراهيمي تي دنيا جي سڀني قومن کي هڪ فڪر تي جمع ڪندا. بين الاقوامي دعوت ڏيڻ وارو امام پنهنجو ڪم بين الاقوامي دعوت کان شروع نه ڪندو، بلڪ سڀ کان پهريائين پنهنجي قوم جي صالح عنصرن کي جمع ڪري قومي انقلاب برپا ڪندو ۽ پوءِ انهيءَ قومي انقلاب جا مرڪزي ماڻهون انقلاب کي ٻين قومن تائين رسائيندا. اهو ڪم درجي به درجي ٿيندو. پاڻ سڳورن ﷺ پهريائين انقلاب کي حجاز مقدس ۾ ڦهلايو ۽ پوءِ ان جماعت ساڳي پروگرام تي ان انقلاب کي عالمي وسعت ڏني.

    حضرت موسيٰ جو مثال
    حضرت نبي اڪرم ﷺ جي شاندار بين الاقوامي ڪاميابي انهيءَ (قومي ۽ بين الاقوامي) طبعي ۽ فطري اصول جي پابندي ڪري هئي. ساڳيو اصول انهيءَ کان پهريون به اپنائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. حضرت موسيٰ عليه السلام فرعون جي ٿاڦيل خدائي دعويٰ ۽ استحصالي غلاماڻي نظام جي خاتمي لاءِ انهيءَ تبديليءَ جو آغاز پنهنجي قوم کان ڪيو. ڇاڪاڻ ته الله ﷻ حضرت موسيٰ عليه السلام کي دعوت حنيفيءَ جو ذمو سونپيو (جيڪا بين الاقوامي دعوت آهي) ته ان مقصد لاءِ سڀ کان پهريائين حضرت موسيٰ عليه السلام ۽ سندس ساٿي ڀاءُ حضرت هارون عليه السلام کي حڪم ڏنو ته اهي فرعون وٽ وڃي بني اسرائيل جي آزاديءَ جو مطالبو رکن:
    فَاۡتِیٰہُ فَقُوۡلَاۤ اِنَّا رَسُوۡلَا رَبِّکَ فَاَرْسِلْ مَعَنَا بَنِیۡۤ اِسْرَآءِیۡلَ ۬ۙ وَ لَا تُعَذِّبْہُمْ ؕ قَدْ جِئْنٰکَ بِاٰیَۃٍ مِّنۡ رَّبِّکَ ؕ وَالسَّلٰمُ عَلٰی مَنِ اتَّبَعَ الْہُدٰی ﴿۴۷﴾ (طٰہٰ: ٤٧)
    يعني ”ٻئي فرعون وٽ وڃو، کيس چؤ ته اسان تنهنجي پروردگار جا موڪليل آهيون. تنهن ڪري بني اسرائيل کي اسان سان گڏ (مصر مان نڪري وڃڻ جي) موڪل ڏي ۽ هنن تي سختيون نه ڪر، اسان تنهنجي پروردگار جي نشاني کڻي تو وٽ آيا آهيون. سلامتي هجي انهيءَ تي جيڪو سڌي واٽ وٺي.“
    پوءِ خدا جا ٻئي پيغمبر فرعوٽ وٽ وڃن ٿا ۽ حضرت موسيٰ عليه السلام گفتگوءَ جي نمائندگي ڪندي چوي ٿو:
    حَقِیۡقٌ عَلٰۤی اَنۡ لَّاۤ اَقُوۡلَ عَلَی اللہِ اِلَّا الْحَقَّ ؕ قَدْ جِئْتُكُمۡ بِبَیِّنَۃٍ مِّنۡ رَّبِّكُمْ فَاَرْسِلْ مَعِیَ بَنِیۡۤ اِسْرَآءِیۡلَ ﴿۱۰۵﴾ؕ
    تحقيق مان تنهنجي رب جي طرفان روشن دليل کڻي اوهان ڏي آيو آهيان. پوءِ (منهجي ڳالهه مڃيو ۽) بني اسرائيل کي مون سان وڃڻ ڏيو (ته مان کين مصر مان ڪڍي پنهنجي اڳوڻي وطن ڪنعان ڏي وٺي وڃان.( اعراف ١٠٥)
    انقلاب جو هي اصول آهي ته پهريائين ان جي ڏنل فڪر تي هڪ جانثار قوم تيار ٿئي جيڪا پنهنجي قومي انقلاب کي مضبوط ڪري ۽ پوءِ وري فڪر کي دنيا جي ٻين قومن تائين پهچائي. جهڙي طرح حضرت موسيٰ ؑ بين الاقوامي دعوت جي پيغمبر هئڻ جي باوجود پهريائين پنهنجي قومي بني اسرائيل جي آزادي لاءِ فرعون کي واضح مطالبو ڪيو. بلڪل ساڳي طرح قرآن چيو آهي ته اي پيغمبر! اسان توکي ائين ئي رسول ڪري موڪليو آهي جيئن حضرت موسيٰ ؑ کي فرعون ڏانهن رسول ڪري موڪليوسون. حضرت نبي اڪرم ﷺجن به پهريائين قريشن ۽ عربن ۾ بين الاقوامي ڪم کي قومي رنگ ذريعي ڦهلائڻ شروع ڪيو. انهن ظلمن کان پاڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪو هو انسانيت تي ڪري رهيا هئا ۽ انهن کي الله ﷻ جي معرفت جو اهو سبق ياد ڏياريو جيڪو هو وساري چڪا هئا.
    قرآن چوي ٿو ته ”پوءِ جڏهن فرعون انهيءَ پيغمبر جو چيو نه مڃيو ته اسان انهيءَ کي دردناڪ عذاب ۾ وڪوڙي ڇڏيوسي.“ حقيقت هي آهي ته فرعون جي ملوڪيت بني اسرائيل ۽ سڀني مصرين جو استحصال ڪري رهي هئي. هن کين غلامي جي انتهائي ذلت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو. کانئن ايتري محنت ۽ مشقت ورتي ويندي هئي جو کين ڏاندن ۽ گڏهن وانگر سڀني گهريلو ڪمن لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو. اهرام مصر جهڙين بلند عمارتن جي تعمير ۾ لکين مڻ پٿر جون ڇپون سڀ انهن غلام مصرين جي هٿن سان ڍويون، گهڙيون ۽ جُڙيون.
    جڏهن حڪمران طبقو پنهنجي قوم کي ايئن ذليل ڪري ته پوءِ ان جي باقي زندهه رهڻ جو جواز ڇا آهي؟ جڏهن هو پنهنجي قوم کي ئي ماڻهو نٿا سمجهن ته پوءِ بني اسرائيل جي انهن وٽ ڇا قيمت ٿي سگهي پئي؟ اهو ئي سبب آهي آهي جو فرعون بني اسرائيل کي ڇڏڻ کان انڪار ڪيو ۽ حضرت موسيٰ عليه السلام بني اسرائيل کي آزادي جي پروگرام تي منظم ڪيو ۽ کين مصر مان ڪڍيو. پوءِ الله ﷻ به بني اسرائيل جي خاص مدد فرمائي ۽ سندن دشمنن کي انهن جي اکين آڏو برباد ڪيو.

    ڇهين صدي عيسويءَ جا فرعون ڪسريٰ ۽ قيصر:
    اهڙي طرح ڇهين صدي عيسويءَ جي فرعونن ايران جي ڪسريٰ ۽ روم جي قيصر لاءِ هڪ نبي اعظم ﷺ آيو، جنهن کين دعوت ڏني ته اهي اسلام جو قانون قرآن حڪيم قبول ڪري ان کي رواج ۾ آڻين. جيڪڏهن هو ان قانون کي رائج نه ڪندا ته اهي هارين تي جيڪي ظلم ڪري رهيا آهن، ان جي نتيجن جا پاڻ ذميوار ٿيندا. ان فڪر تي پيغمبر ﷺ جن مسلمانن کي منظم ڪيو، جن ٿوري وقت جي اندر ٻنهي وڏين انسانيت دشمن شهنشاهيتن کي نابود ڪري ڇڏيو ۽ اسلام کي هڪ غالب فڪر جي طور تي دنيا ۾ ڦهلائي ڇڏيو.


    برو هو ڀنڀور آرياڻيءَ اجاريو

    حضرت محمد ﷺ جڏهن وڏي تبديليءَ جو سوچيو ته سڀ کان پهريائين پنهنجي شخصيت کي ان ايندڙ تبديليءَ جو مثالي نمونو بڻايو. چاليهن سالن تائين مڪي ۾ گذاريل جوانيءَ واري زندگيءَ لاءِ اتان جي هر عرب کان اهو ٻڌو ويندوهو ته محمد بن عبدالله انهيءَ شان سان جوان ٿيو جو پنهنجي قوم ۾ سڀني کان وڌيڪ بااخلاق، پاڙيسرين جي خبر لهڻ وارو، حَليم ۽ بردبار، صادق ۽ امين، جهڳڙي ۽ اٻهرائيءَ کان پري رهڻ وارو هو. جوانيءَ جي عمر کي پهتو ته مڪي ۾ ايندڙ مسافرن جي سار سنڀال، مسڪينن جي مدد ۽ مظلومن جي دادرسيءَ کي پنهنجو شعار بڻائي ڇڏيائين. پنهنجي ٻن دوستن ابوبڪر صديق ۽ حڪيم بن حزام سان گڏجي سماجي ڀلائيءَ جي مشنري ڪمن ۾ هميشه جنبيل رهيو. پنهنجي وڏڙن جي تجارتي مشغلي ۾ شريڪ ٿيو ته اتي به صادق ۽ امين جي سڃاڻ حاصل ڪائين.
    تجارت مان جيڪو به نفعو ڪمائيندو هو سو محروم ماڻهن جي ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ خرچي ڇڏيندو هو. مڪي جي تاجر عورت خديجه سان سندس شادي ٿي ته پنهنجي موڙيءَ سان گڏ ان جي موڙي به مشنري سرگرمين، ۾ خرچي ڇڏيائين. ڪوبه سوالي وٽانئس خالي نه موٽندو هو ۽ ان جي نتيجي ۾ حالت اها وڃي بيهندي هئي جو سندس گهر جي چلهه ۾ ٽي ٽي ڏينهن باهه ڪونه ٻرندي هئي.
    هاڻي حضرت محمد اهو ڪردار ۽ اها شخصيت کڻي مڪي جي پهاڙيءَ تي اچي بيهي رهيو ۽ ماڻهن کي سڏي چيائين ته منهنجي چاليهه ساله ڪردار جي روشنيءَ ۾ ٻڌايو ته جيڪڏهن مان اوهان کي ايندڙ خطري کان آگاهه ڪريان ته مون تي اعتبار ڪندؤ. ان تي سڀني ماڻهن هڪ ئي آواز ۾ چيو ته تنهنجي شخصيت جي باري ۾ ڪي به ٻه رايا ڪونهن. تون سچار ۽ امين آهين. تون پنهنجي ڳالهه ڪر. حضرت محمد ﷺ ان وقت ڪنهن به معجزي جي حيرانگيءَ ذريعي پنهنجي سچائيءَ جو اعتبار قائم ڪرائڻ بجاءِ پنهنجي ڪردار جي مضبوطيءَ ذريعي هڪ وڏي انساني سماجي تبديليءَ جو آغاز ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته هو جنهن نئين انساني دور کي جنم ڏئي رهيو هو اهو دور علم، عقل ۽ استدلال جو دور هو اتي معجزن ۽ ڪرامتن سان ڪم هلڻو ئي ڪونه هو.
    اهڙي طرح سان هن آئيندي جي سڄي انسانيت کي پيغام ڏئي ڇڏيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي به تبديليءَ جي ڪم ۾ هٿ وجهڻو آهي ته اهو سڀ کان پهريائين پنهنجي ڪردار کي اڳيان پيش ڪري ۽ جيڪڏهن ڪردار ۽ شخصيت جي تياري ڪرڻ ڪنهن لاءِ مشڪل ڪم آهي ته پوءِ اهو هروڀرو دل پشوري نه ڪري ۽ تبديلي ۽ انقلاب جي ڪم کان ڀڄي وڃي.
    حضرت محمدﷺ کان سندس خدا جي پاران سپرد ڪيل پيغمبراڻي ذميدارين جي متعلق جڏهن ماڻهو معجزن جي صداقت گهرندا هئا تڏهن به هو کين چوندو هو ته پيارؤ! مان توهان جي وچ ۾ هڪ پوري عمر گذاري آهي. اوهان پنهنجي حافظي تي زور ڏيو ان زندگيءَ جي هرهڪ گهڙي ۽ واقعي مان ڪو اهڙو لمحو آهي، جنهن سان اوهان منهنجي سچائيءَ تي شبهو ڪري سگهو. هي چيلينج پوري قوم کي ڏنائون ۽ ان جي ترديد ۾ ڪنهن هڪ لفظ به نه ڪڇيو، ڪنهن به ماڻهوءَ جي آئيني صفت هئڻ جي انهيءَ کان وڌيڪ شاهدي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي جو دشمنن جي هجوم ۾ پنهنجي گذاريل زندگيءَ کي ثبوت طور پيش ڪيو وڃي ۽ ان جي سامهون سڀني جون اکيون هيٺ جهڪي وڃن.
    پر هاءِ بدقسمتي ڏسو ته دنيا جي ايڏي وڏي عملي انسان جي پوئلڳن مان ڪيترن ئي ماڻهن هن جي عملي ڪردار کي پنهنجو نمونو بنائڻ بجاءِ وضع قطع جي ڪجهه طريقن کي پنهنجي اتباع جو دليل بڻائي ورتو. دنيا جي ان عظيم انسان جي شخصيت جي عظمت کي سندس روين ۽ جهد، سندس عظيم پيغام ۽ طريقن ۽ مٿير مڙس تي بيهڻ جي نمونن بجاءِ ساڻس منسوب معجزن ۾ تلاشڻ شروع ڪيو. انسانن ۽ سماج ۾ سڄڻائپ ۽ تبديليءَ جي ڪمن ۾ جنبي وڃڻ جي بجاءِ پنهنجي سمورين عقيدتن ۽ نسبتن کي سال جي هڪ مخصوص ڏينهن تي روشنيون ڪري روڊن تي جلوس ڪڍڻ ۾ صرف ڪري ڇڏيو. انهن پوئلڳن حضرت محمد ﷺ جي توحيد واري پيغام جي اصل نوعيت جاچڻ جي تڪليف ئي نه ورتي ته ڪيئن توحيد جو اهو پيغام انسانن کي سڀني غلامين مان نجات ڏئي هڪ الله ﷻ جي بندگيءَ ۾ آڻڻ جي هڪ وڏي صداقت هو. توڙي جو قرآن ۾ کين ٻڌايو ويو هو ته اسان حضرت محمد ﷺ کي انساني غلامين جي خاتمي لاءِ ائين ئي موڪليو آهي جيئن حضرت موسيٰ کي فرعون ڏانهن انساني غلامين جي خاتمي لاءِ موڪليو هيوسون. (المزمل-15) انساني آزادين جو اهو پروگرام ئي ته هو جنهن تي مڪي جا اهي سڀ حاڪم سردار چڙي پيا هئا، جن پنهنجي پنهنجي دائري ۾ حاڪماڻي الوهيت جا اختيار ورهائي رکي ڇڏيا هئا. انهن مڪي جي حاڪم سردارن ۽ دولتمندن کي انهيءَ ڳالهه تي ارهائي ڪونه هئي ته الله ﷻ جي پاران نبي ڇو آيو آهي؟ نبيءَ جو اچڻ ته انهن لاءِ سعادت ۽ معتبريءَ جي ڳالهه هئي جو حضرت ابراهيم جي اولاد مان هئڻ ناتي نبيءَ جو اچڻ وري نئين سر کين دنيا جو امام بڻائيندڙ خوشخبري هئي. پر ان جي باوجود هنن حضرت محمد ﷺ جو تيرهن سالن تائين جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو. مڪي جي بازارن ۾ کيس لوفرن کان تنگ ڪرايو، پٿر هڻايا، گند اڇلرايو، طائف جي واديءَ ۾ رتو ڇاڻ ڪرايو، سو سڀ انهيءَ ڪري ته حضرت محمد جي پاران توحيد جي دعوت هنن جي حاڪماڻي سرداري نظام جي غلاميءَ ۾ ڦاٿل انسانن واسطي آزاديءَ جو پيغام هو. سڀني الاهن جو انڪار هو ۽ اهي سردار ۽ دولتمند الاهه جي معنيٰ ۽ مطلب کان آگاهه هئا ته اها موجود مدي خارج نظام جي خاتمي ۽ ان جي جاءِ تي برابري، احترام آدميت ۽ غريب طبقن کي مٿي کڻي اچڻ جي ڳالهه آهي. انهيءَ ڪري انهيءَ جو چٿي ڇڏڻ بيحد ضروري آهي. مڪي جا حاڪم سردار واضح لفظن ۾ چوندا هئا ته نبي اچي ڀلي اچي پر اها ڪهڙي اوندهه آهي ته جبرئيل کي خدا جو پيغام آڻڻ لاءِ صرف اهو ماڻهو سجهي پيو جيڪو يتيم آهي، هيٺين ڪلاس سان اٿي ويهي ٿو ۽ انهن جي لاءِ جيئي مري ٿو. جتي ڪٿي غريبن سان ٻٽ بيٺو آهي. ڏسو ته بازار ۽ ميلن ۾ به نظر ٿو اچي. نبي اسان سردار ڪلاس جي ماڻهن مان ٿيڻ گهرجي. وري جڏهن ڏٺئون ته هي ماڻهو صفا پنهنجي ڳالهه تان نٿو لهي ته پوءِ کيس پيشڪش ڪيائون ته توکي ٺاهوڪي مائي به ڪڍي ٿا ڏيون، دولت جا انبار به ڏيون ٿا ۽ حاڪماڻي سرداريءَ جي پڳ به ٻڌايون ٿا، تون رڳو اسان جي ڪلاس ۾ شامل ٿي وڃ. اهڙو پيغام سندس چاچي جي هٿان به موڪلرايائون پر ان تي حضرت محمد ﷺ جيڪو جواب ڏنو سو به عظمت ۽ استقلال جي دنيا ۾ انهن اصلي لفظن ۾ اڄ ڏينهن سوڌو محفوظ رهندو آيو آهي. وراڻيائون: ”چاچا هي مڪي وارا جيڪڏهن منهنجي ساڄي هٿ تي ٽهڪندڙ سج آڻي رکن ۽ کاٻي هٿ تي ٻرندڙ چنڊ آڻي رکن ته به مان محمد پنهنجي پروگرام تان تر جيترو به پوئتي نه هٽندس.“
    حضرت محمد ﷺجيڪو خدائي پيغام ڏنو ان ۾ صاف صاف چيل هو ته ڪبريائي، تقديس ۽ شڪر صرف الله ﷻ جي ذات جي لاءِ آهي باقي ڌرتيءَ تي سڀ ان جا ٻانها آهيون. الله ﷻ پنهنجي ٻانهپ مڃرائڻ جي امتحان لاءِ هتي موڪليو آهي. سرڪش طاقتورن جو خدائي تسلط ان امتحان ۾ رڪاوٽ آهي. انهيءَ ڪري ڌرتيءَ مٿان ڪمزورن جي غلبي ۽ عدل انصاف جو قيام الله ﷻ جي مشيت آهي. (القصص_ 5) ۽ مستڪبرن يعني سرڪش سردارن ۽ دولتمندن جي نظام جو خاتمو به ساڳي طرح الله ﷻ مشيت ۽ تقاضا آهي.
    حضرت محمد ﷺ الله ﷻ جي ان مشيت کي مڪمل ڪرڻ لاءِ نه صرف عرب جزيري مان سردارن جي حاڪماڻي نظام جو خاتمو ڪيو پر ان نظام جي اصل محافظ سپر طاقتن قيصر ۽ ڪسريٰ جي سرڪش ۽ سرمائيداراڻين سلطنتن جي خاتمي جو ٽاسڪ پنهنجي پولٽ بيورو خليفن کي ڏنو. ان سان گڏ توحيد جي عظيم فڪر تي هڪ نئين نظام جي تشڪيل ڏني جنهن ۾ سڀ انسان هڪ جهڙن حقن جا مالڪ هئا.
    دنيا جي تمام مشڪل ڪمن مان هڪ ڪم هيءُ آهي جو ٽڙيل پکڙيل انساني دلين کي الفتن جي هڪ رشتي ۾ پوئي وٺجي. اهو ڪم ان وقت ويتر ناممڪن ٿي پوندو آهي جڏهن معاملو اهڙن ماڻهن جي وچ ۾ هجي جيڪي صدين کان هڪ ٻئي سان جنگيون جوٽيندا آيا هجن ۽ انهن جي نفسياتي قالبن ۾ پنهنجائپ ۽ ويجهڙائپ جو ڪوبه ڍنگ باقي نه رهيو هجي. حضرت محمد بلڪل اهڙن ماڻهن جي وچ ۾ پيدا ٿيو. ڏسندي ئي ڏسندي هن جي محنتن سان مڪي ۽ مديني ۾ ماڻهن جو هڪ اهڙو گروهه پيدا ٿي پيو جيڪي ڄڻ ته هڪ نئين قسم جي مخلوق هئا. حضرت محمد ﷺ هڪ دفعو مڪي ۾ جڏهن ڏٺو ته سندس تحريڪ جا ڪجهه ماڻهو انتهائي هيڻي حال ۾ آهن ته هن هوند وارن کي انهن اڻهوند وارن سان ڀائپي ڪرائي انهن جو مال ورهائي ورتو. کيس خدا جي پاران مال جي باري ۾ هي صاف حڪم پهچي چڪو هو ته ”الله مومنن سان انهن جي جانين ۽ مالن جو سودو ڪري ڇڏيو آهي.“ (التوبة_ 111) انهيءَ حڪم تي ان جا ساٿي پاڻ کي مال جو مالڪ نه پر امين سمجهڻ لڳا هئا. تنهنڪري ضرورت پٽاندر انهن کي مال برابر ورهائي کڻڻ ۾ ڪابه هٻڪ محسوس نه ٿي هئي. اهڙي ڀائپي وري ٻئي موقعي تي حضرت محمد مديني پهچڻ کان پوءِ پنهنجي پوئلڳن جي وچ ۾ ڪرائي، جڏهن مڪي مان عذابن کاڌل هيڻن حالن وارا صحابي مهاجر بڻجي مديني پهتا ته اتان جي هوند وارن انصارن انهن اڻهوند وارن مهاجرن کي ڀاءُ بڻائي پنهنجي مالن جو اڌو اڌ کين حوالي ڪيو هو. ايستائين جو هڪ انصاريءَ وٽ ٻه گهر واريون هيون ته هو ڀاءُ بڻايل صحابيءَ لاءِ هڪ گهرواريءَ کي طلاق ڏيڻ تي به تيار ٿي ويو هو.
    حضرت محمد ﷺ جي آندل پيغام ۽ پروگرام جي عظمت سان گڏ سندس شخصيت جا اهي عملي پهلو هئا جنهن ڪري نه صرف سندس دور ۾ ماڻهن پنهنجي پاران ان تي پتنگن وانگر پهه ٿيڻ جي ديوانگي ڏيکاري، پر اڄ ڏينهن سوڌو فڪر ۽ دانش جي صاحبن کي حضرت محمد ﷺ جي انهيءَ اثرانگيزيءَ تي اچرج آهي.
    مائيڪل ايڇ هارٽ جڏهن دنيا جي هڪ سؤ وڏن ماڻهن جي درجي بندي ڪئي ته هن وڏي اطمينان سان حضرت محمد جو نالو ان درجي بنديءَ ۾ سڀ کان پهرين نمبر تي رکيو. هُن لکيو ته، ”مان اهڙن هڪ سؤ ماڻهن جي فهرست ٺاهي، جن دنيا تي سڀ کان وڌيڪ اثر وڌو آهي. پر منهنجي اڳيان هي سوال ڪر کڻي بيهي رهيو ته انهن مان ڪنهن کي اول نمبر تي رکان. انهيءَ لاءِ مون ڪي اصول ٺاهيا جن جو تفصيلي ذڪر اڳتي هلي ايندو. انهن اصولن جي روشنيءَ ۾ مون محمد ﷺ کي ان فهرست جي منڍ ۾ رکيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته ڪي ماڻهو منهنجي چونڊ تي حيران ٿين ۽ ڪي ان تي اعتراض به ڪن. پر تاريخ ۾ مون کي اهائي هستي نظر آئي آهي جيڪا مذهبي توڙي دنياوي معاملن ۾ حد کان وڌيڪ ڪامياب ٿي ۽ مون کي جنهن جو ٻيو ڪو به مَٽ نه مليو.“
    هن پوئين جملي کي مائيڪل ايڇ هارٽ انگريزيءَ جي هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي:

    “He was the only man in history who was supremely successful on both the religious and secular levels. (The 100, p33)

    انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته حضرت محمد جي اختيار ڪيل انساني آزادين ۽ سماجوادي طريقن سان گڏ مذهبي روداري (Secular Levels) پڻ هُن جي ڪاميابين جو وڏو ڪارڻ بڻي. ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي پيغام لاءِ واضح لفظن ۾ چيو ته ”مون کي جيڪو دين ڏنو ويو آهي اهو حضرت نوح کي به ڏنو ويو هو ۽ جنهن تي هلڻ لاءِ حضرت ابراهيم، حضرت موسيٰ ۽ حضرت عيسيٰ عليه السلام کي حڪم ڏنو ويو. انهن سڀني جي تعليم اهائي هئي ته الله ﷻ جو هڪ ئي دين قائم رکو ۽ انهيءَ ڳالهه ۾ ٽولا ٽولا نه ٿجو. (شوريٰ_ 13)
    هن واضح لفظن ۾ اعلان ڪيو ته انساني فطرت جي طبعي تقاضا ۽ سچائي ۽ نيڪيءَ جا تصور انسانيت جو گڏيل ورثو آهن. انهيءَ گڏيل ورثي مٿان ڪنهن به ڇاپ قبوليت جوڳي ڪونهي. ”جيڪي ماڻهو انساني سچاين جو انڪار ڪن ٿا، ائين به ڪونهي ته سڀ هڪ ئي طرح جا هجن. انهن اهل ڪتاب مان اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي اصل دين تي قائم آهن، اهي رات جو اٿي ڪري الله ﷻ جي ڪلام جي تلاوت ڪن ٿا ۽ سندن مٿا ان الله ﷻ جي سامهون جهڪيل هجن ٿا ۽ اهي الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان رکن ٿا، ماڻهن کي نيڪيءَ جي واٽ ڏسين ٿا ۽ مداين کان روڪين ٿا ۽ بنا شڪ جي اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي نيڪ انسانن مان آهن ۽ ياد رکو ته اهي ماڻهو جيڪا به نيڪي ڪن ٿا، ائين هرگز نه ٿيندو ته انهن جو قدر نه ڪيو وڃي. الله ڄاڻي ٿو ته ڪهڙي گروهه ۾ ڪهڙو پرهيزگار آهي.“ (ال عمران. 113-115)
    حضرت محمد پنهنجي خدا جي پاران انساني سچاين ۽ نيڪوڪاريءَ جو اهو معيار پيش ڪيو ته اها ڪنهن به گروهه ۾ قيد ٿيل ناهي. اهي سچايون انسانيت کي نج صورت ۾ دين جي نالي سان پنهنجي خدا کان مليون هيون. پر مذهبي پوئلڳن پنهنجن غرضن ۽ مفادن خاطر انهن جي مٿان پردا وجهي ڇڏيا. آءٌ اهي پردا هٽائي سچائيءَ جي غلبي جي ڪم کي مڪمل ڪرڻ آيو آهيان. انهيءَ ڪري پيغمبر هميشه سڀني مذهبن جي ماڻهن کي چوندو رهيو ته اچو دنيا جي سڀ کان وڏي سچائي الله جي هيڪڙائي جي باري ۾ توهان وٽ ۽ جيڪو اسان وٽ مشترڪ آهي، انهيءَ سچائيءَ تي انسانيت جي قافلي کي اڳتي وٺي هلون. (آل عمران_ 64)
    حضرت محمد جڏهن ڏٺو ته مڪي جا حاڪم سردار طبقا انسانن کي هر قسم جي غلامين مان ڇوٽڪارو ڏياري هڪ الله ﷻ جي عبديت ۾ آڻڻ واري توحيد جي پيغام کي پنهنجي طبقاتي مفادن جي خلاف سمجهن ٿا ۽ تيرهن سالن جي مسلسل ڪوششن جي نتيجي ۾ جيترا به ماڻهو سندس ان پروگرام سان سلهاڙيا آهن تن کي سخت اذيتون ڏين ٿا ۽ آخرڪار سندس حياتيءَ جي پويان پئجي ويا آهن ته مڪي کان مديني اچي پهرين اسلامي رياست جو قيام عمل ۾ آندو. حيرت جي ڳالهه آهي ته حضرت محمد ﷺ ان رياست لاءِ مديني جي رهاڪن، مڪي جي آيل مهاجرن ۽ مديني ۽ آسپاس جي يهودي قبيلن سان جيڪو سماجي معاهدو ڪيو جنهن کي ”ميثاق مدينه“ سڏيو وڃي ٿو ان جا بنياد قومي، سماجوادي ۽ مذهبي رواداريءَ تي مشتمل هئا. ميثاق مدينه جون 52 شقون ۽ ڪن تاريخن مطابق 54 شقون هيون جن ۾ ٽي هيٺيون بنيادي شقون هيون ۽ باقي ان جو تفصيل آهن.

    1_ مديني جا هوند وارا مسلمان پنهنجي اڻهوند وارن ڀائرن جي افلاس ۽ قرض کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار رهندا.
    2_ يهودين مان جيڪو رياستي معاهدي جو پابند هوندو، ان کي امداد ۽ مساوات جا هڪ جهڙا حق حاصل هوندا. انهن سان ڪابه زيادتي نه ٿيندي ۽ نه انهن جي خلاف ڪنهن جي مدد ڪئي ويندي.
    3_ يهودي ۽ مسلمان ۽ جيڪي هن معاهدي ۾ بعد ۾ شريڪ ٿيندا سي سڀ هڪ گڏيل ملت (سياسي وحدت) شمار ٿيندا ۽ يثرب جي ڌرتيءَ جو گڏيل دفاع ڪندا.

    هن معاهدي جي مٿين ٽن نڪتن تي غور سان ويچاريو. انسان صدين جي جنگاڻ ۽ صلح ۽ سلامتيءَ جي هزارين تجربن مان گذرڻ کان پوءِ به انهن ٽنهي نڪتن جي چوڌاري ڦرندو رهيو آهي ته گڏيل قوميت، سماجواديت ۽ مذهبي رواداريءَ کان سواءِ انساني قافلي کي اڳتي وٺي هلڻ محال آهي. ليڪن مديني جي ان درويش رهبر انسانيت کي بين الاقواميت ۾ داخل ٿيڻ واري مرحلي تي ئي انساني سوسائٽيءَ کي ڪاميابي ۽ سلامتيءَ سان هلائڻ جي گُرن کان آگاهه ڪري ڇڏيو هو.
    مائيڪل ايڇ هارٽ انساني تاريخ جي موثر شخصيتن ۾ حضرت محمد کي پهرين نمبر تي رکڻ جا جيڪي سبب ٻڌايا انهن ۾ خاص هي هئا ته ”حضرت محمد ﷺ جي عملي شخصيت مختلف قبيلن ۾ ورهايل لڳاتار ويڙهيون ڪندڙ قبيلن کي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو کين متحد ڪيو ۽ کين هڪ سچي خدا تي ايمان رکڻ سيکاريو. انهيءَ ايمان سببان انهن ۾ اهڙو ته جوش ۽ ولولو پيدا ٿيو جنهن اڳيان وقت جون وڏيون وڏيون سلطنتون به بيهي نه سگهيون.“ هڪ صديءَ کان به گهٽ عرصي ۾ انهن عرب بدوين انسانن جي مٿان مسلط سرڪش قيصر ۽ ڪسرائي طاقتورن جي اقتدار کي ڊاهي انساني آزادين واري توحيدي سماج اڏڻ جي پيغمبر اسلام جي واعدي تحت هڪ اهڙي سلطنت حاصل ڪري ورتي هئي جيڪا هندستان جي سرحدن کان وٺي انٽلانٽڪ وڏي سمنڊ تائين پکڙيل هئي. ان جهڙي وسيع سلطنت دنيا اڳي ڪڏهن به نه ڏٺي هئي، ۽ نه وري فتح ٿيل علائقن جي ايڏن ماڻهن هن کان اڳ پنهنجو مذهب مٽايو هو.
    مائيڪل سوال ٿو اٿاري ته ”آخر انساني تاريخ تي پيل حضرت محمد ﷺ جي اثر جو ڪاٿو ڪيئن ڪجي؟ ڇڙو اسلام پنهنجي مڃيندڙن تي وڏو اثر نٿو رکي. ٻيا مذهب به پنهنجي مڃيندڙن تي اثر رکن ٿا. دنيا ۾ عيسائين جو انگ ته مسلمانن کان ٿلهي ليکي ٻيڻو آهي. پوءِ هن ڪتاب (The 100) ۾ محمد ﷺ کي عيسيٰ عه کان مٿاهون درجو ملڻ تي، ٿي سگهي ٿو ته پهريائين ڪجهه عجيب لڳي. ليڪن مون وٽ انهيءَ برتريءَ جا ٻه مکيه سبب آهن.هڪ ته عيسائيت جي بنيادي تعليم کي ڇڏي باقي سڄي تعليم جو نئون عهدنامو حضرت عيسيٰ جو نه پر سينٽ پال جو لکيل آهي ۽ اهو ئي عيسائيت جو مکيه پکيڙيندڙ ۽ مذهب جي ڏنل خدائي علم جو مکيه اڏيندڙ آهي. عيسيٰ جي ڀيٽ ۾ حضرت محمد پاڻ نه فقط اسلام جو عقيدو ڏنو پر انهيءَ مذهب جا شريعتي ۽ اخلاقي اصول (قرآن ۽ سنت جي ذريعي) پڻ سندس ئي ڏنل آهن.“ مائيڪل ايڇ هارٽ جي انهيءَ توجهه ڏياريل نڪتي تي ويچارجي ته حضرت محمد ﷺ جنهن نئين دور کي جنم ڏنو انهيءَ دور ۾ انساني آزادين (توحيد) کان وٺي اعليٰ انساني قدرن (شريعت جو اخلاقي نظام) تائين ڪوبه اهڙو نڪتو نه ملندو جيڪو حضرت محمد ﷺ قرآن ۽ سنت جي ذريعي پنهنجي پوئلڳن کي منتقل نه ڪيو هجي. انسانيت کي موڪليل سڀني اڳين پيغمبرن ۽ ڪتابن جي تصديق سان اهي ئي اعليٰ انساني قدر جڏهن خدائي حڪم سان انسانيت ڏانهن منتقل ٿيا ته انهن ڪٿي ديني تابعداريءَ ۾ انسانيت اندر پنهنجي نفاذ ڏيکاريو ۽ ڪٿي قوانين فطرت جي نالي سان وسيع انسانيت جي سلامتي، فلاح ۽ ڪامرانيءَ جو سرچشمو بڻيا.
    مائيڪل ايڇ هارٽ ٻيو سبب ٻڌائي ٿو ته ”عيسيٰ فقط ديني رهبر هو پر محمد نه فقط ديني پر دنيائي اڳواڻ پڻ هو. حقيقت ۾ ته عربن جيڪي به فتحون ماڻيون تن جي پويان محمد ﷺ جي شخصيت ئي ڪم ڪيو. انهيءَ حساب سان ڏسجي ته محمد ﷺ جهڙو اثرائتو سياسي اڳواڻ اسان کي انساني تاريخ جي ڪنهن به زماني ۾ نه ملندو. ٻين اهم تاريخي واقعن جي باري ۾ چئي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن انهيءَ زماني ۾ فلاڻو سياسي اڳواڻ رهبري ڪرڻ لاءِ پيدا نه به ٿئي ها ته به اهي واقعا ضرور ٿين ها. ڇو ته انهن جو ٿيڻ اڻٽر ٿي چڪو هو. مثال طور سائمن بوليور کڻي پيدا نه به ٿئي ها ته به ڏکڻ آمريڪا جو بيٺڪون اسپين کان آزادي وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ها. پر عرب فتحن جي باري ۾ ائين چئي نٿو سگهجي.“
    حضرت محمد ﷺ جي شخصي سڀاءَ ۽ عظمت تي سڄي دنيا جي انسانن کي حيرت آهي ته مڪي ۾ سخت اهنجن ۽ عذابن کي سهڻ وارو شخص جڏهن مڪي ۾ فاتح جي طور تي داخل ٿيو ته سڀني مڪي وارن کي گهرائي چيائين ته اڄوڪي ڏينهن ڪنهن تي به ڪا ميار ڪونهي. هُن ان وقت سڄي انسانيت کي هي پيغام ڏنو اوهان جو عزتون، اوهان جون جانيون، اوهان جا مال هڪ ٻئي تي ائين ئي حرام آهن جيئن منهنجي سامهون هن ڪعبي شريف جي حرمت آهي. هنن لفظن ۾ صاف پيغام هو ته جنهن شخص ڪنهن انسان جي عزت ۾ هٿ وڌو، ان ڄڻ ته ڪعبي جي عظمت کي پامال ڪيو. جنهن شخص ڪنهن جي ناحق جان ورتي، تنهن ڄڻ ڪعبي کي ڊاهي ورتو ۽ جنهن ناحق ڪنهن جو مال ڦٻايو تنهن ڄڻ ڪعبي جي بي حرمتي ڪئي.
    شخصي سڀاءَ جون ڪهڙيون ڳالهيون ڳڻي ڳڻجن. پاڻ خاتم النبيين ۽ خيرالبشر هئا پر جيڪڏهن ڪو شخص پاڻ سڳورن کي گذريل نبين کان وڏو ڪري پيش ڪندو هو ته ان کي سختيءَ سان منع ڪندا هئا. هڪ صحابي ۽ هڪ يهوديءَ ۾ جهڳڙو ٿي پيو. صحابيءَ غصي ۾ قسم کڻي چيو ته ”ان خدا جو قسم جنهن محمد ﷺ کي سڄي دنيا کان افضل بڻايو آهي.“ يهوديءَ به قسم کنيو ته ”انهيءَ خدا جو قسم جنهن موسيٰ کي سڄي دنيا تي ترجيح ڏني آهي.“ صحابيءَ انهيءَ تي غصي ۾ اچي يهوديءَ کي ڳٽي تي چماٽ وهائي ڪڍي. يهودي سڌو پاڻ سڳورن ﷺ وٽ هلي آيو ۽ شڪايت ڪيائين. حضرت محمد ان صحابيءَ کي تنبيهه ڪئي ۽ صحابين کي مخاطب ٿي چيو ته مونکي موسيٰ عليه السلام جي مٿان ترجيح نه ڏيندا ڪريو.“
    هُن انساني سماج کي بدلائڻ لاءِ جن ماڻهن جي وچ ۾ گذاريو پئي، ڪڏهن به پاڻ کي مٿاهون رکڻ جي ڪوشش نه ڪئي. هڪ ڀيري سفر ۾ کاڌي پچائڻ جي نوبت اچي وئي ته سندس ساٿي کاڌي جي تيارين ۾ لڳي ويا، حضرت محمد به اٿيو ۽ باهه مچائڻ لاءِ ڪاٺيون ميڙڻ لڳو. ساٿين چيو سائين اسان هيترا سارا ڪافي آهيون، اوهان ويهي رهو. فرمايائون ”مونکي پنهنجي ساٿين جي وچ ۾ امتياز سان رهڻ پسند ڪونهي، منهنجو خدا به انهيءَ ڳالهه کي پسند نٿو ڪري.“
    مديني جي حڪمران جي طور تي دارالخلافه مسجد نبويءَ ۾ تڏي تي ويهي درويشيءَ جي ڪمال صفت سان حڪمراني هلائن پيا. اصحاب عشره مبشر سندن ڪابينه به هئي ۽ اها ئي سندن پولٽ بيورو به هئي ۽ مجلس شوريٰ به. جلال، عظمت ۽ اعتماد ايترو هو جو ان وقت جي ٻن سپر پاورز کي خط لکيا ته انسانيت لاءِ سلامتيءَ جي واٽ جا راهي بڻجو، اوهان کي به سلامتي ملي ويندي. کين ڪابه مسند، ويهاڻا ۽ ڏيکاءُ ڪونه هو. پنهنجي ڪامريڊ صحابين سان حلقو بڻائي ائين ويهندا هئا جو پرڏيهي سفير خليفة المسلمين جي حيثيت ۾ ساڻن مسجد نبويءَ ۾ ملاقات لاءِ ايندا هئا ته ويٺل ماڻهن کان مخاطب ٿي پڇندا هئا ته اوهان مان محمد ڪير آهي، جنهن کي سفارت ڪاريءَ جا ڪاغذ ڏيون.
    بقول ٿامس ڪارلائل ”هي ڪهڙو بادشاهه آهي، جيڪو پورهيت به آهي ۽ پورهيت انسانن جو مرڪز، محور ۽ مقناطيس به! ٽيويهن سالن جي نبوت واري دور ۾ عربن جهڙي مٿي ڦريل قوم، رات ڏينهن سندس اک جي اشاري جي منتظر رهي پئي. جنگجو، مهم جو، ڀڙڪيلا، جهيڙيڪار ماڻهو جيترو هن هستيءَ کي ويجهو هئا، اوترائي اڃا وڌيڪ ويجهو ٿيندا پئي ويا، وري ايترا ئي عقيدتمند ۽ پتنگن وانگر ٻلهار ٿيندا پئي رهيا، ڪا ته مڻيا هئي ان هستيءَ ۾.“ (هيرو ۽ هيرو ورشپ)
    جَوَن جي ماني، ڪتل، ستو ۽ پاڻيءَ تي گذر بسر ڪرڻ واري هيءَ عظيم هستي مديني جي تاجدار هئي. اهڙي تاجدار هستي، جنهن جي قدمن تان دنيا جا هڙئي تاج ۽ تخت قربان، زمين جو نه پر دلين جو بادشاهه، انسانن جي محبتن ۽ عقيدتن جي انتهائن جو حڪمران، اهو عظيم انسان پنهنجي ٽٽل جتيءَ کي ٽوپا به پاڻ ٿو ڏئي. هو ان سادگي ۽ درويشيءَ کي پنهنجو اعزاز ٿو سمجهي. ان تي فخر ٿو ڪري. ان درويشيءَ ۾ جيڪو نڪتو لڪل آهي، اهو ان پيغمبر اعظم ﷺ کي مڃيندڙ اڄ سوڌو ڪونه ٿا سمجهن!
    ٿامس ڪارلائل پنهنجي ”هيرو ۽ هيرو ورشپ“ واري مشهور ليڪچر ۾ چيو هو ته ”هر ڏينهن هر گهڙي سندن مقدس شخصيت مان نيڪين، خوبين، خاصيتن ۽ پاڪاين جا ڪرڻا ڦٽن ٿا. شايد ان ڪري جو پاڻ ﷺ پنهنجي وجود جو ورق صاف رکندڙ هئا. عيسائيت جي مشهور تعليم اها آهي ته هڪڙي ڳٽي ته چماٽ کائي وري ٻيو ڳل پيش ڪريو. پر محمد ﷺ جي بارگاهه ۾ اوهان کي اهڙي ناممڪن تعليم ۽ فلسفو ڪونه ملندو. هتي ته ڳالهه ئي ٻي آهي. توهان بدلو وٺي سگهو ٿا، پر برابر ۽ انصاف جي دائري جي اندر. پر پوءِ به جيڪڏهن معاف ڪري ڇڏيو ته توهان جي عظمت آهي.“


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 493
    ڪتابن جو مشاهدو: 469390
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 188206
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ