ڪتاب جو نالو: ڏيئي ڏنڀ ڏڏن
مصنف: دادا سنڌي
ڇپائيندڙ: لطيف ادبي اڪيڊمي، ميرپور ماٿيلو
ڪيٽيگري: تاريخ، فلسفو ۽ سياست
شايع ٿيڻ جو سال: 1983
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 09 مارچ 2017 ع
پڙهيو ويو: 576 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 203 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڏيئي ڏنڀ ڏڏن“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري محقق، تاريخدان ۽ اديب دادا سنڌيءَ جو لکيل آهي. ھن ڪتاب ۾ دنيا جي اھڙن لُٽيرن جو ذڪر ڪيل آھي، جيڪي ”عالمي لُٽيرا“ مڃيا وڃن ٿا. جن پنھنجي حرص ۽ ھوس جو نشانو دنيا جي ھر سرسبز خطي کي بڻايو. پر سنڌ کي ھنن پنھنجي ”پيءُ جي ملڪيت“ سمجھي کيس ڏُڌو! ھنن ڄؤرن وانگر سنڌڙيءَ جو رت چوسيو- ڪن کي پنھنجي ملڪ مان تڙايو ويو ته ھِت اچي آرام ڪيائون، ڪن کي دنيا جي لالچ ٿي، ته ھتان اچي اُٺ ۽ جھاز ڀريائون، ڪنھن کي ڌيءُ جو ڏاج گھربو ھو ته ھتان اچي اھو فرض پورو ڪيائين، ته ڪنھن کي وري پنھنجي بادشاھت کُٽل نظر آئي سنڌ کي قبضي ۾ آڻي، ان کي وسيع ڪيو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • انتساب
  • سنڌ سلامت پاران :
  • مھاڳ
  • ٻه اکر
  • سڄڻن جا سنيھا
  • سڪندر مقدوني (324 ق- م)
  • محمد شاھ ۽ فيروز شاھ تغلق (1367ع – 1351ع)
  • شاھ بيگ ارغون (1520ع)
  • پورچوگيز (1555ع)
  • نادر شاھه ايراني (1740ع)
  • مدد خان افغان (1780ع)
  • شجاع الملڪ (1833ع)
  • انگريز (1843ع)

  • انتساب

    پنھنجي
    ھي
    پھرين
    تصنيف
    پنھنجي
    ڀاءُ
    قادر بخش سومري
    جي
    نالي
    منسوب
    ڪريان
    ٿو.
    پلئه پايم ڪچ، آڇيندي لَڄ مران.

    - دادا سنڌي


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڏيئي ڏنڀ ڏڏن“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري محقق، تاريخدان ۽ اديب دادا سنڌيءَ جو لکيل آهي.
    ھن ڪتاب ۾ دنيا جي اھڙن لُٽيرن جو ذڪر ڪيل آھي، جيڪي ”عالمي لُٽيرا“ مڃيا وڃن ٿا. جن پنھنجي حرص ۽ ھوس جو نشانو دنيا جي ھر سرسبز خطي کي بڻايو. پر سنڌ کي ھنن پنھنجي ”پيءُ جي ملڪيت“ سمجھي کيس ڏُڌو! ھنن ڄؤرن وانگر سنڌڙيءَ جو رت چوسيو- ڪن کي پنھنجي ملڪ مان تڙايو ويو ته ھِت اچي آرام ڪيائون، ڪن کي دنيا جي لالچ ٿي، ته ھتان اچي اُٺ ۽ جھاز ڀريائون، ڪنھن کي ڌيءُ جو ڏاج گھربو ھو ته ھتان اچي اھو فرض پورو ڪيائين، ته ڪنھن کي وري پنھنجي بادشاھت کُٽل نظر آئي سنڌ کي قبضي ۾ آڻي، ان کي وسيع ڪيو.
    ياد رهي ته هي ڪتاب 1983ع ۾ لطيف ادبي اڪيڊمي، ميرپور ماٿيلو پاران ڇپايو ويو هو. لک ٿورا سائين شاهنواز سومري صاحب جا جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    مھاڳ

    تاريخ شاھد آھي ته، سنڌ پراڻي زماني کان وٺي مظلوم خَطو پئي رھيو آھي. ھن جي زرخيزي، اميري، شاھوڪاري ۽ دولت جي گھڻائيءَ کي ڏسي، دنيا جي ھر غنيم، ظالم ۽ جابر حاڪم حق يا ناحق سنڌ تي پئي ڪاھيو آھي ۽ ھر جائز يا ناجائز طريقي سان سنڌ کي ڦُري ۽ لُٽي تباھ ڪيو آھي. نه صرف ھتان جي مال ملڪيت، پئسو پنجڙ، سون چاندي، ھيرا جواھر، اناج ۽ ميوات سان، پنھنجا خزانا ڀريا، پر وڏو ظلم ۽ پاپ اھو ڪيو جو ھتان جي غريب ۽ مسڪين ماروئڙن جي آزاديءَ جي نعمت کي کَسي، کيس غلاميءَ جو ڳٽُ وجھي، صدين تائين کانئن گگدامن وارو ڪم ورتو. آزادي، جيڪا ڄمڻ سان انسان کي عطا ٿئي ٿي، اھا کَسي کين مظلوم ۽ بيوس بڻايو ويو.
    اتھاس جو ورق ورق ۽ پَنو پَنو گواھ آھي ته، سنڌ جو عوام آزادي پسند آھي، پر جڏھن انھن آمرن مٿن حملا ڪيا، تڏھن سنڌي سوڍن، انھن غنيمن ۽ لُٽيرن سان مھاڏو ڏنو. لڙايون ڪيون، جنگيون جوٽيون ۽ پاڻ ته برابر مُئا، پر دشمن کي به ماري مڃايائون. جيئرا رھيا ته، مُڙس ٿي رھيا ۽ سِرَ تي آئي ته سِر ڏيئي سَرھا ٿيا. ھن ڪتاب ۾ مون دنيا جي اھڙن لُٽيرن جو ذڪر ڪيو آھي، جيڪي ”عالمي لٽيرا“ مڃيا وڃن ٿا. جن پنھنجي حرص ۽ ھوس جو نشانو دنيا جي ھر سرسبز خطي کي بڻايو. پر سنڌ کي ھنن پنھنجي ”پيءُ جي ملڪيت“ سمجھي کيس ڏُڌو! ھنن ڄؤرن وانگر سنڌڙيءَ جو رت چوسيو- ڪن کي پنھنجي ملڪ مان تڙايو ويو ته ھِت اچي آرام ڪيائون، ڪن کي دنيا جي لالچ ٿي، ته ھتان اچي اُٺ ۽ جھاز ڀريائون، ڪنھن کي ڌيءُ جو ڏاج گھربو ھو ته ھتان اچي اھو فرض پورو ڪيائين، ته ڪنھن کي وري پنھنجي بادشاھت کُٽل نظر آئي سنڌ کي قبضي ۾ آڻي، ان کي وسيع ڪيو.
    ھِت ھڪ ڳالھ پڙھندڙن کي ذھن نشين ڪرائڻ فرض ٿو سمجھان ته ڪنھن به ظالم ۽ آمر حاڪم کي طاقت نه ٿئي ھا ۽ نه وري ڪا کيس جرئت ٿئي ھا، جو ھو سنڌ تي ڪاھ ڪري ھا، جيستائين پنھنجا نه مخالف ٿين ھا، پنھنجن جو نه کِير کري، پنھنجو عضوو نه دشمن ٿئي ھا، پنھنجا نه پراوا ٿين ھا- ھر غنيم ۽ لُٽيري سان ھتان جو ڪو نه ڪو فرد ضرور ساڻ رھيو.

    مون پَڪ سڃاتا پنھنجا ھا، ڪي ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾،
    ٿي واٽ ڏسيائون ويرين کي، ويھي وانگيئڙن جي واڙي ۾.
    ۽ ھر دور ۾، ۽ ھر قوم ۾، اھڙا فرد ملندا رھندا آھن. اسان جو اِھو فرض آھي ته اھڙن مينھن وساوڙن ۽ وطن جي ويرين کي نظر ۾ رکي، سندن ڪردار کي پرکيون ۽ انھن جي ڪارگذارين کان نئين نسل کي آگاھ ڪريون. ساڳئي وقت، جن سوڍن ۽ سورمن، دليرن ۽ دولھن، اھڙن پئسي جي پٺو حاڪمن ۽ دولت جي پوڄارين سان جن مقابلا ڪيا، تن جي رنگين ڪارنامن کي ياد ڪري، انھن کي ھيئين سان ھنڊائي، کين نِوڙي سلام ڪري، انھن جي نالن ۽ وقار کي قائم رکون.
    ھن ڪتاب ۾ جيڪي مضمون پيش ڪيا آھن سي سڀ اڳ سنڌ جي مختلف رسالن ۾ ڇپجي چڪا آھن. دوستن انھن مضمونن کي پسند ڪيو آھي ۽ مون کي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرڻ لاءِ زور ڀريو، جيڪو آءٌ ھاڻي خدمت ۾ پيش ڪريان پيو. مان تاريخ جو شاگرد آھيان. سنڌي قوم جو ھڪ مفلس فرد آھيان ۽ ھڪ بنھ ننڍي ڳوٺ جو رھواسي آھيان، جتي نه ڪو عظيم ڪتب خانو آھي نه وري ڪا وڏي لئبرري. ان ڪري، آءٌ ڪوشش ڪري، جيڪو مطالعو ڪيو ۽ ڪتاب پڙھيا، تن جي آڌار تي مون ھي مختصر ڪتاب تاليف ڪيو آھي. ان ڪري آءٌ دوستن کي عرض ڪندس ته ھن ۾ ڪابه کُٽل ڳالھ ھجي يا ڪا غلطي ھجي ته مھرباني ڪري مطلع ڪن.
    ھي ڪتاب آءٌ سنڌ جي نوجوان نسل جي خدمت ۾ پيش ڪريان ٿو، ته ھو پڙھي، پاڻ ۾ سنڌ جي مظلوميت ۽ محروميت جو احساس پئدا ڪن ۽ پنھنجي جنم ڀوميءَ جي تاريخ مان واقف ٿي، ڪجھ ان جي ترقي ۽ اصلاح لاءِ جدوجھد ڪن.

    دادا سنڌي


    ٻه اکر

    ھن اداري جي چيئرمين محترما ڊاڪٽر حميدا کھڙو جيئن ته ھڪ تاريخدان آھي، ھن جو وڌ ۾ وڌ ان ڳالھ تي زور آھي ته تاريخ تي جيترا به دوست لکن اوترو گھٽ آھي. سنڌ جي تاريخ جديد طرز تي لکيل اڌوري آھي.
    اسان فخر سان چئي سگھون ٿا ته ھن صديءَ ۾ نئون نسل سنڌ جي تاريخ تي قلم کڻي وڏي کوجنا ڪري رھيو آھي. اھڙن محنتي نُور نچوڙيندڙن مان ھڪ دادا سنڌي پڻ آھي. ھن جا مضمون رسالن ۾ ڇپجي چڪا آھن ۽ پڙھندڙن ۾ مقبول ويا آھن. تنھن ھوندي به ھن جي مضمونن کي ڪنھن اداري ڪتابي صورت ڪانه ڏني آھي.
    اسان محسوس ڪيو ته ھن جا تاريخي مضمون تاريخ جي شاگردن لاءِ وڏي اھميت رکن ٿا. جنھن ڪري اسان پنھنجي اداري طرفان ڇپرائي رھيا آھيون. اھڙن ٻين دوستن کي اپيل ڪريون ٿا ته جيئن ته تاريخ ھڪ خشڪ مضمون آھي جنھن لاءِ ٻيا ادارا ان ۾ دلچسپي نه به وٺن پر اسان جو دل گھريو موضوع آھي. ان لاءِ اھڙا تاريخي کوجنائي مضمون اسان جي اداري کي ڏياري موڪلين ته اسان ان کي شايع ڪرايون.

    الھه بچايو مرڻاس


    سڄڻن جا سنيھا

    (الف) اوھان جا مضمون ۽ مقالا، رسالن ۽ اخبارن ۾ پڙھندو رھندو آھيان. خوشي ٿيندي آھي ته ھڪ نوجوان دوست، تحقيق ۽ تاريخ جي، اڻانگن پيچرن تان، پنڌ ڪري رھيو آھي. محنت ۽ مطالعو ڪندا رھندا، ته گھڻو ڪجھ ڪري سگھندا.
    جناب ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

    (ب) شال اوھين پنھنجي اعليٰ خيالن، مخلص، امنگن ۽ انھن جي تعميل ۽ تڪميل جي ڌُن ۾، سدا مصروف رھو. ڇو ته ڪوماڻيل دلين لاءِ، زندگيءَ جو آب حيات اھو آھي، ٻيو ڪونھي
    جناب محمد ابراھيم جويو

    (ت) تنھنجا تاريخي مضمون وڻندا آھن.
    جناب ڊاڪٽر تنوير عباسي

    (ث) ٻاھرين لٽيرن تي، اوھان جو ڪتاب بيشڪ لاجواب ثابت ٿيندو، ڇو ته مان اوھان جا اھي مضمون، ڪافي دلچسپيءَ سان پڙھيا آھن. اوھان ۾ بنيادي طرح قومي درد ۽ جذبو آھي، جيڪا ان باري ۾ اھم ڳالھ سمجھي وڃي ٿي.
    جناب نياز ھمايوني

    (ج) اوھان جا مقالا ۽ مضمون پڙھندو آھيان. مضمون دلچسپ ۽ معلومات افزا ھوندا آھن. توھان پنھنجي لکڻ جي مشق جاري رکي ته، اھا به سنڌي ٻولي ۽ ادب جي وڏي خدمت ٿيندي.
    جناب قريشي حامد علي خانائي


    (ح) دراصل سنڌ جي تاريخ جي باري ۾، تفصيلي ۽ معياري معلومات جي، اسان وٽ سخت اڻاٺ آھي ۽ اھڙو تحقيقي مواد، ضرور سنڌين کي، پنھنجي تاريخ کان آگاھ ڪندو. انھيءَ سلسلي کي جاري رکندا ته، مھرباني.
    مرحوم منير احمد ماڻڪ

    (خ) دادا سنڌيءَ جا، تحقيقي مضمون ۽ مقالا پڙھبا رھبا آھن. سنڌ جي تاريخ جي سٺي ڄاڻ اٿن.
    تاج جويو

    (د) تنھنجا مضمون جيڪي تاريخ جي روشنيءَ ۾ لکيل آھن. اھڙا تاريخ تي کوجنائي مضمون چند ماڻھو لکن ٿا ۽ لکي سگھن ٿا. تنھنجا مضمون رڻ ۾ رلندڙ لاءِ افضل راھ آھن. تنھنجا مضمون پڙھي دل کي تسلي ملي ٿي، ته اسان گيدين جي اولاد نه آھيون.

    الهه بچايو مرڻاس


    سڪندر مقدوني (324 ق- م)

    موٽي مڱڻھار، شال نه اچين ڪڏھن
    اٺئي پھر اجل جو، ڪنڊو منجھ ڪپار،
    جھ تو سڀ ڄمار، ھنيا ڇٽ پٽن تي.
    (شاھ رحه)

    اوائلي زماني ۾، سڪندر جو ھي حملو خالص جنوني نوعيت جو ھو.. سنڌواسين جي زندگي زھر ڪئي ويئي. سندن مال ملڪيت لُٽي ويئي. کين بي دريغ تلوار جي منھن مان ڪڍيو ويو. حرص ۽ ھوس سببان، لکين انسانن کي بي درديءَ سان ڪُٺو ويو. سانگلا جي جنگ ۾، ستر ھزار سنڌي قتل ڪيا ويا. ملتان جي جنگ ۾، اڌ لک سنڌين کي ماريو ويو. سامبس جي شڪست بعد، اسي ھزار ماڻھو قتل ڪيا ويا. راجا سامبس ۽ سندس لشڪر جي سپاھين جا لاش وڻن سان لٽڪايا ويا. لسٻيلي جي ڇھن ھزارن رھاڪن کي قتل ڪيو ويو. اروڙ ۾ برھمڻن کي قتل ڪرائي، سندن لاشن کي رستي جي ٻنھي پاسن کان لٽڪائي ڇڏيو، جن کي ڳِجھون پٽي کائڻ لڳيون.


    تاريخ تمدن سنڌ- مولائي شيدائي ص نمبر 99




    مملڪت جي توسيع،دنيا ۽ دولت جو حرص ۽ ھوس اھڙا اوڳڻ آھن جن انسانيت جي مٽي پليد ڪئي آھي. ذاتي مفادن لاءِ، ھو جاھ و جلال جا پُتلا حاڪم، ڪمزورن جي آزادي ناس ڪري، پراون ملڪن تي قبضو ڄمائي، انھن کي ذاتي غرض لاءِ غلام بڻائي، ھيڻن جا حَق کسي، سندن زندھ رھڻ جي آرزو کي دفن ڪري ڇڏيندا آھن. دنيا جي تاريخ ۾، اھڙن متعدد ظالم شھنشاھن، جابر فاتحن ۽ جنگجو حاڪمن جا مثال عام ملندا، جن پنھنجي اقتدار کي قائم رکڻ لاءِ ڪروڙن بي گناھ انسانن جي خون سان بَر ۽ بحر کي لاله زار ڪري ڇڏيو ۽ معصوم عورتن ۽ ٻارن کي، پنھنجي نيزن جي نؤڪن سان، چيري ڦاڙي، پنھنجي وحشي ڪارنامن کي، تقويت پھچائي. اھڙن درندھ صفت، جابر حاڪمن ۽ جنگجو فاتحن مان سڪندر مقدونيءَ جو نالو به ھڪ آھي، جنھن دنيا کي فتح ڪرڻ جا خواب ڏسي 323 ق- م کان 333 ق- م تائين ايران، شام، ھند، سنڌ ۽ مصر کي تلف ۽ تاراج ڪري، لکين انسانن جو خون وھائي، پنھنجو خزانو ڀريو.
    سڪندر جي پيءُ جو نالو فيلقوس ھو ۽ سندس ماءُ جو نالو اولمپياس ھو. ھو 302 ق- م ۾ پئدا ٿيو. جڏھن ڄائو تڏھن سندس ماءُ، ھنجي ذھن ۾، ھي اثر وھارڻ جي ڪوشش ڪئي ته، ھو ھڪ ڏينھن يونان جو حاڪم ٿيندو. (سؤ بڙي آدمي- مولوي عبدالمجيد سالڪ ص 49) کيس والد دنيا جي عظيم فلاسافر، ارسطو وٽ تعليم پرائڻ لاءِ وھاريو ۽ کيس طب سيکارڻ لاءِ چيو، مگر ھن جي والدھ، استاد کي سياست ۽ ملٽري جا راز ۽ اصول سيکارڻ جو حڪم ڪيو. ھڪ دفعي بادشاھ فيلقوس ھن کي قبائلي شورش کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڻ سان وٺي ويو، جتي ھن ڏاڍي بھادري ڏيکاري. ان ڪري ئي والد کيس پنھنجو نائب مقرر ڪيو. شاھي مُھر به، ھن وٽ رھڻ لڳي ۽ بادشاھ جي غير موجودگيءَ ۾، ھو ڪل مختيار ھو. ھو ڍل به وصول ڪري سگھندو ھو. 18 ورھين جي عمر ۾، ھن شيرونيه جي جنگ ۾، ھڪ دستي جي اڳواڻي ڪندي، دشمن کي شڪست ڏيئي فتح حاصل ڪئي. (سڪندر کي مان- سياره ڊائجسٽ مئي 1975ع)
    سڪندر ھوشيار جرنيل، قابل حڪمران ۽ اعليٰ منتظم ھو. گھوڙي سواري ۽ جنگي ھنرن ۾ ماھر ھو. ھن دور ۾، ايرانين جي ڪاھن ڪري، يونان جي رياست ڪمزور ٿي پيئي. يونان ۾ اٿينز، اسپارٽا ۽ ٿيبس ٽي رياستون ٿي پيون. سڪندر جي پيءُ پنھنجي نيم وحشي ۽ تازھ دم مقدوني لشڪر سان، ايرانين کان، انتقام وٺڻ ۽ يونان کي متحد ڪرڻ لاءِ، سانباھا ڪيا ته، اوچتو 337 ق- م ۾ ھڪ شاھي محفل ۾ قتل ٿي ويو. مقدونيا جي جرنيلن ۽ فوجي آفيسرن، سڪندر کي تخت تي وھاريو. ھن پاڻ کي ”سڪندر اعظم“ سڏايو ۽ قوم کي خطاب ڪندي چيو ته: ”ھڪ ڏينھن اوھان کي، ايشيا جي حڪمران قوم بڻجڻو آھي.“ ھن جي مرضي ٿي ته، سندس نالو تاريخ ۾، سُميري قوم ۽ ايران جي مشھور شھنشاھ سائرس وانگر چمڪي. ان ڪري، ھن پھرئين يونان جي ڀرسان، ننڍين ننڍين رياستن کي تابع ڪري، درياءِ- ڊينيوب تائين، حڪومت جون واڳون وڌايون. 323 ق- م ۾ ھن يونان جي فسادن کي مِٽائي، کين اتحاد ۾ آڻي، ايراني شھنشاھت جي ايشيائي مقبوضات تي ڪاھ ڪئي. ايشيائي ڪوچڪ فتح ڪرڻ کان پوءِ، شام جي سرحد تي، اسوس وٽ، دارا ثالث، سندس 45 ھزار لشڪر جو 3 لک فوجن سان مقابلو ڪيو پر شڪست کاڌائين، ھاڻي ھن لاءِ شام، فلسطين ۽ مصر جا در کُلي پيا. ھن صور تي ستن مھينن جي گھيري کانپوءِ، قبضو ڪري بابل، سوسا، اصخار ۽ ايڪبينانا کي فتح ڪري، صدين جا گڏ ڪيل خزانا لُٽي بي شمار قيدين کي، ڀرتي ڪري ڪرمانيا، پارٿيا، ميڊيا، آرمينيا، ھوڪينيا، گيدروشيا، ايريا، آرچوسيا، بئڪٽيرينيا ۽ افغانستان کي قبضي ۾ آندو. ھاڻي ھو، پاڻ کي ايران جو شھنشاھ سڏائڻ لڳو. ھن ھندوستان تي ڪابل ۽ سوات جي رستن کان ڪاھ ڪرڻ جو ارادو ڪيو. (سؤ بڙي آدمي- عبدالمجيد سالڪ ص 49) خصوصاً سنڌ سندس نظر ۾ ھئي.
    ھن ۾ ڪو شڪ نه آھي ته، سڪندر کي سنڌ جي خوشحاليءَ جي پوري خبر ھئي. سڪندر کان ٻه ٽي صديون اڳ سنڌ جو واپار، ايشيا توڙي اولھ جي ڪيترن ملڪن سان ھلندڙ ھو. ان وقت سنڌ مان لوھ، ٽامو، املھ ماڻڪ، سون ۽ مور، سوسا ويندا ھئا. ھن کان 4- 5 صديون اڳ، ايران جي بادشاھ دارا اعظم، سنڌ تي قبضو ڪري ان کي ايراني سلطنت جو حصو بڻايو ھو. ھنن ڏينھن ۾، سنڌ کي ”سون جو گھَر“ سڏيو ويندو ھو. ھن کي سنڌ مان ساليانو ڏھن لَکن پائونڊن جي ڍل، سون جي صورت ۾ ملندي ھئي. جڏھن سڪندر ايڪبتانا، سوسا ۽ بابل تي قبضو ڪيو، تڏھن اتان جا خزانا، ھن سون سان ڀريل ڏٺا ۽ اھو سارو نج سنڌي سون ھو. (سنڌ جو ماضي ۽ تجارتي عروج- گل حسن لغاري سه ماھي مھراڻ 1- 1975ع) اھي ڳالھيون خيال ۾ رکي، سڪندر، اول پنھنجا ايلچي سنڌ موڪليا، جن ۾ ھيروڊوٽس جو نالو قابلِ ذڪر آھي. ھن سنڌ لاءِ ھڪ مفصل رپورٽ پيش ڪئي، جنھن ۾ سنڌ جي خوشحالي ۽ سرسبزيءَ جو ذڪر ڪندي، چئي ٿو ته، ”سنڌ جي ٻي شئي ته پنھنجي جاءِ تي پر، ھتان جي واريءَ ۾ سون موجود آھي، جيڪو سنڌي واريءَ مان ڪڍندا آھن. ان کان پوءِ نيرڪوس سنڌونديءَ جي سروي ڪرڻ آيو. اوني سيڪر ٽيوس کي، جھازن جي رستي سان، سنڌ جا حالات معلوم ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو. ارسطو بيولس ھڪ جاگرافي دان به ھت آيو ۽ سنڌ جي مڪمل سروي ڪري، ھڪ جامع رپورٽ پاڻ سان کڻي ويو. (جنت السنڌ- مولائي شيدائي ص نمبر 42) ھنن سڀني رپورٽن ۾، يوناني ايلچين سنڌ جي معيشيت جو ڪثرت سان ذڪر ڪري، يونانين کي اچرج ۾ وجھي ڇڏيو. انھن لکيو آھي ته سنڌ ھڪ عجيب ۽ غريب ملڪ آھي، جنھن ۾ دلچسپ مخلوق، جانور، قِسمين قِسمين زھري جڙي ٻوٽيون، سون ۽ جواھر بي انت آھن. سنڌ جي مصري بلور وانگر شفاف آھي ۽ چٻاڙڻ ۾، ماکي ۽ انجيرن کان به مٺي آھي. زمين نھايت زرخيز آھي. جوئر ۽ چانورن جي پوک اونھاري ۾، ۽ سياري ۾ جَون جي پوک ٿيندي آھي. ڪمند جي رس مان مکين کان سواءِ ماکي ٺاھي ويندي آھي. ھتان جي ڪپھ پشم کان به نرم آھي. جھنگلي جانورن ۾ ھاٿي، باندر ۽ نانگ آھن. سنڌي سونين ٿالھين ۾، ڀاڄي ۽ چانور وجھي کائين ٿا. سنڌي جنگ جي وقت، ھاٿين کي سون ۽ چانديءَ جي پالڪين سان سينگاريندا آھن. ھِت سوٽي ۽ ريشمي ڪپڙو، عطر، مصالحا، ريشم، خوشبودار شيون، سچا موتي ۽ جواھرات جام آھن. (تمدن سنڌ- مولائي شيدائي- ص نمبر 99) ان دور ۾ گڏيل ھندوستان جو وڏي ۾ وڏو تجارتي بندر ڀنڀور ھو، جنھن کي يوناني مؤرخن باريڪان چيو آھي. ان بندر جو مصر جي شھر، اسڪندريه جي معرفت روسي سلطنت سان واپار ھلندو ھو. تصويرن وارو فلئڪس مان ٺھيل ڪپڙو، زمرد، ياقوت، مرجان، سارجيت، لوبان، شيشو، شيشي جو سامان، سون ۽ چانديءَ جا برتن درآمدي سامان ھو ۽ برآمد ۾ لاجورو، نير، رنگ، ڪپھ، ريشمي ڪپڙو، کَلون، گُگر، کونئر، گِھ ۽ عطر ھو. ان کانسواءِ عنبير، مُشڪ، کاڌي لاءِ ڪي ھندوستاني جانور، جسم کي لڳائڻ جون دوائون، طوطا، ڀولا، شينھن، ھڪ سِڱ وارو دريائي گھوڙو، سِپ، عاج، مصالحا ۽ دوائون، سرڪي جو گاھ، کنڊ ۽ چانور، جوئر، پتل، شيھو، لوھ، ٽامو ۽ قيمتي پٿر روم، ٿٻيٽ، چين وغيره ويندا ھئا. ھن واپار ڪري سنڌ ۽ ھنڌ کي ساليانو 55000000 سيسر ٽن سون ملندو ھو.(محمد حسين پنھور- سه ماھي مھراڻ 1- 1981ع) ھن بندر جي ايڏي ڪمائيءَ جو يوناني مؤرخ پلني دي ايلڊر ذڪر ڪيو آھي. 2301 ق- م ۾، ھڪ يوناني حڪيم ڪٽسياسيد ايران مان موٽندي، مھراڻ جا ڪي تحفا، باندر، نير ۽ سوٽي ڪپڙو پاڻ سان يونان آندا، جنکي ڏسي يونانين کي مشرقي ملڪن کي ڦُرڻ جو شوق ٿيو. خاص ڪري سڪندر ھنن رپورٽن کي پڙھي ۽ سنڌ جي اميريءَ جو ٻڌي، مٿس ڪاھ ڪرڻ جو ارادو ڪيو. ھن کي خبر ھئي ته سنڌي مُئي مارائي سنڌ نه ڏيندا، انڪري ھن پنھنجي عسڪري قوت کي مضبوط ڪيو. سڪندر پنھنجي لشڪر ۾ بلقاني، ٿريس، فنيقي ۽ توراني سپاھي گڏ ڪري ھڪ لک ويھ ھزار پيادا ۽ 15 ھزار گھوڙيسوار تيار ڪري، سنڌ ڏانھن روانو ٿيو.
    انھن ڏينھن ۾، سنڌ آزاد ۽ خودمختيار مُلڪ ھو. ھتان جا مُک قبيلا خودمختيار ھئا. ھِت عوامي جمھوري سرشتو (Welfare State) رائج ھو، ۽ حڪومتي نظام اسپارٽا جي جمھوريت وانگر نمائندگي يا اٿينس جي نظام وانگر سِڌي جمھوريت جي بنيادن تي بيٺل ھو. (ايڇ- ٽي لئمبرڪ- سنڌ- ھڪ عام جائزو) اسپارٽيا جيان، ھِت به بچاءَ وارين فوجن لاءِ گڏيل کاڌي جو رواج ھو ۽ لشڪر لاءِ باقاعدي Riess ٺھيل ھئا. ھت فوجي حڪمت عملي جي اٽڪلن واري نظرئي کي ”ڏوھارين جي حرڪت“ چئبو ھو.
    ان وقت سنڌ ھيٺين صوبائي ۽ خود مختيار حڪومتن ۾ ورھايل ھئي. پھريون صوبو اروڙ ھو، جنھن کي سوگڊي چوندا ھئا، جنھنجو حاڪم موسيڪاموس ھو ۽ ھن جي قوم کي موزيڪائي چئبو ھو. ھو سورج ونسي راجائن مان، راجا بليڪا جي پٽن مان ھو. سندس حڪومت سنڌ سما سڏبي ھئي، جنھنجون حدون رابلستان تائين ھيون. ھنجي حڪومت درياءَ جي کاٻي پاسي ڪناري تي اُچ کان وٺي بھاولپور، رحيم يار خان، سکر، خيرپور ۽ نواب شاھ ضلعن ۾ ھئي. (محمد حسين پنھور- سه ماھي مھراڻ 1- 1981ع) اروڙ، ان وقت تمام شاھوڪار ۽ سرسبز علائقو ھو، جتي ھر قسم جي پيداوار جھجھي انداز ۾ ھوندي ھئي. ھتان جا ماڻھو صحتمند، گھڻو جيئندڙ ۽ سٺن عادتن وارا ھئا. حڪومت رڳو ڏوھن ڏانھن ڌيان ڏيندي ھئي، باقي ٻيا ڏي وٺ جا مسئلا ۽ امن امان جو ذميواريون، عوام جي ھٿ ۾ ھيون. شھر، محلاتن ۽ باغن سان ڀرپور ھو. ماڻھو ڏاڍا بھادر ۽ بي ڊپا ڪاريگر ھئا. (پراچين سنڌ- دوارڪا پرشاد- ص نمبر 103) عوام کي کاڌ خوراڪ ۽ ٻين گھرجن لاءِ خرچ پکو سرڪار پاران ملندو ھو. ھتي سون ۽ چانديءَ جون کاڻيون ھيون. ٻيو صوبو سيوھڻ ھو، جنھن کي سنڊيمن سڏيو ويندو ھو، جتي سمبس قبيلي جا ماڻھو رھندا ھئا. ھتان جو حاڪم سامبوس ھو. ھي صوبو لاڙڪاڻي، دادو ۽ سيوھڻ تائين ڦھليل ھو. ھتان جو عوام آزاد ۽ خود مختيار ھو. ماڻھو آزاديءَ جا ڪوڏيا ھئا ۽ ھر فيصلو عوام گڏجي ڪندو ھو. ٽيون صوبو پاتل ھو، جيڪو لاڙ واري علائقي تي مشتمل ھو. ھتان جو صدر مقام پٽالا (حيدرآباد) ھو ۽ حڪومت سانگھڙ، ميرپور خاص، بدين ۽ حيدرآباد ضلعن تائين ھئي. ھتان جو راجا موئرس يا موريا خاندان مان ھو. سندس نالو موڪريس ھو. ھت سوگدائي قبيلي جو راڄ ھو. ھي صوبو به خود مختيار ھو ۽ ان جو سياسي نظام اسپارٽا جھڙو ھو. حڪومت جو انتظام، سندن وڏن آزمودگار ماڻھن جي ھٿ ۾ ھو. ميدان جنگ ۾، ھنن جي نمائندگي ٻن گھراڻن جا سورما گڏجي ڪندا ھئا. چوٿون صوبو، بيمباڪتا ھو، جيڪو ڪراچي ۽ لسٻيلي تي مشتمل ھو، ھت اورتان نالي، قوم رھندي ھئي. ھن قبيلي جو، حڪومتي نظام به جمھوري ھو. ھن صوبي کي اوريٽاءِ به چئبو ھو. پنجون صوبو سمانگر ھو، جنھن کي اريٽي چئبو ھو. ھت سما ذات رھندي ھئي. ھتان جي حڪومت ٺٽي، سجاول ۽ ڪوھستان وارن علائقن تائين ڦھليل ھئي. ھتان جو راجا سامبس ھو، جيڪو يادونسي راجائن مان ھو. ھنن صوبن کان سواءِ مئلوئي جي حڪومت ھئي، جا شرڪوٽ ۽ ساھيوال کان وٺي ملتان ۽ اُچ تائين ھئي. آڪسيڪئنس جي ڪنڌڪوٽ کان وٺي درياءَ جي ساڄي ھٿ تي جيڪب آباد، شڪارپور، سبي ۽ ڪڇي ضلعن ۾ ھئي. (تاريخ سنڌ- ايڇ- ٽي لئمبرڪ ۽ سماھي مھراڻ 1981ع ۽ روزانه مھراڻ سالگرھ نمبر 1959ع) ھي شھر، صوبا ۽ حڪومتون، جيتوڻيڪ خود مختيار ھئا، مگر مجموئي طور، ھنن سڀني ۾ ھڪ خاص مخفي اثر موجود ھو، جيڪو ڌارين جي مقابلي لاءِ، ماڻھن جي ارادي کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪندو ھو. اھو اثر ھتان جي عوام ۾ فطري ھو. ھو پنھنجي جنم ڀوميءَ کي بچائڻ لاءِ، ان جي دشمن کي ختم ڪرڻ کي پنھنجي جان کان مقدم ۽ برتر سمجھندا ھئا. اھوئي جذبو ۽ اثر ھو، جنھن ھر غنيم کي ھتان تَڙي ڪڍيو.
    سڪندر ڪابل ۽ سوات جي رستن کان ٿي پنجاب ۾ آيو. پنجاب تن ڏينھن ۾، ننڍين آريائي رياستن ۾ ورھايل ھو. اھي راجائون پاڻ ۾ برسر پيڪار ھئا. منجھانئن ڪن، سڪندر جو طرف وٺي، آڻ مڃي. پنجاب جي سڀني ھندو راجائن، جيڪي ڪابل ۽ راوي نديءَ جي وچ ۾ حڪومت ڪندا ھئا، جھڙوڪ: يوروا، ڪامبو جاءِ ڪاٺي، مالي ۽ شيوي، تن کي ياونا فاتح سڪندر اڳيان آڻ مڃڻي پيئي. (تاريخ تمدن سنڌ- مولائي شيدائي ص نمبر 102) اٽڪوٽ ٽـئڪسيلا جي راجا امڀي، لکين روپين جي تحفن سان سندس خدمت ۾ اطاعت جا گل پيش ڪيا. ان کان پوءِ، ھيءُ عظيم ڌاڙيل ملتان ۾ آيو، جو سنڌ جو ئي ھڪ حصو ھو ۽ ان جي گاديءَ جو ھنڌ سنگھارا ھو. جتي راجا ڪورو پورس حڪومت ڪندو ھو. سندس عوام ۽ فوج ۾ سنڌي کترين جو تعداد گھڻو ھو. ان ڪري پورس کي سڪندر جي اطاعت ڪرڻ جي جرئت نه ٿي ۽ ھو ساڻس سامھون ٿيو. ھن جي لشڪر ۾ ھڪ لک 35 ھزار سپاھي ھئا، جن ۾ ديسي سپاھي به گھڻا ھئا ۽ پورس جي فوج ۾ 30 ھزار پيادا، گھوڙيسوار ۽ ھاٿي ھئا. سنڌي کترين پنھنجي تاريخي روايتن ۽ سنڌ جي شان کي بلند رکڻ لاءِ سڪندر جي عظيم لشڪر سان، ھن پھرين ملھ ڪئي، پر راويءَ جي اڀيسار راجائن جي غداريءَ ڪري ھنن کي شڪست ملي. ليڪن تاريخ ۾ ھنن پنھنجو نالو سوڍي ۽ سورمن ۾ لکرايو. يوناني لشڪر کي اھڙا ته ٽوٽا چٻايائون جو، مؤرخن کي چوڻو پيو ته ھو بھادر ۽ دلير ھئا. يوناني مؤرخن سندن بھادريءَ جو نقشو ھن طرح چِٽيو آھي. ”پورس جا ماڻھو به ترارون ۽ ھڪڙي ڍال کڻي وڙھن ٿا. سندن ڪمان ماڻھن جي قد جيڏي ھئي. تير اڇلائڻ مھل ڪمان کي پَٽ تي بيھاري، ھو پنھنجي کاٻي لَت جي زور سان، ڪمان جي تار کي، پوئتي ڇِڪي تير ھڻندا ھئا. سندن تير چار فوٽ ڊگھا ھئا، جيڪي ڪيتري به مضبوط ڍال مان لنگھي پار ٿي ويندا ھئا. پنھنجي کاٻي ھٿ ۾ ھو، چمڙي مان ٺھيل ڊگھي پر سوڙھي ڍال کڻندا ھئا. ٻيا تلوار باز ھئا، جن جون تلوارون ساڍا چار فوٽ ڊگھيون ھيون. ھو ٻنھي ھٿن سان ترار ھڻندا ھئا ته جيئن زورائتو ۽ اثرائتو ڌڪ لڳي. پورس جي پيادي فوج مان، جتي ھڪ ٿي مئو ته سڪندر جي پنجن ماڻھن جو سِر ٿي کنيائين. (ھلال پاڪستان مئگزين- جنوري 1983ع غلام دستگير ڀٽي) سڪندر کي ھِت وڏو مقابلو ڪرڻو پيو. ھن سنڌ کي اَڪ جي ماکي ٿي سمجھيو، پر ھت وِھ جو ڍُڪ ڀرڻو ھو. ھن مجبورن پورس کي راجا تسليم ڪيو. مشھور مؤرخ پليو ٽارچ لکي ٿو ته: ”پورس خلاف وڙھندي، سڪندري فوجون پست ھمت ٿي پيون. کين جڏھن دشمن جي صرف اسي ھزار پيادن ۽ ٻن ھزار سوارن کي، کي شڪست ڏيڻ لاءِ به کين ايڏي موتمار مقابلي کي منھن ڏيڻو پيو ھو، تڏھن سڪندر مجبور ٿي پيو، ويتر جو کيس تِير لڳو، تنھن ته سندس جيئڻ ئي حرام ڪري ڇڏيو. دراصل ھِت کيس شڪست ملي ھئي. جيئن مشھور مؤرخ رابن لين فاڪس لکي ٿو ته، ”ھندوستاني مؤرخن جو خيال آھي ته، پورس سڪندر کي ماري مڃايو ھوندو. ان ڪري سڪندر کيس اعزاز ڏنو ھوندو.“ (ھلال پاڪستان مئگزين- جنوري 1983ع غلام دستگير ڀٽي) بھرحال ملتان جي جنگ ۾ اٽڪل اڌ لک سنڌي شھيد ٿي ويا. (سنڌ جي چار ھزار ساله تاريخ. روزانه مھراڻ سالگره 1959ع)
    ملتان کان پوءِ، سڪندر بھار جي مند ۾ اروڙ ۾ داخل ٿيو. ھن پنھنجو حشر ملتان ۾ سنڌي سوڍن سان وڙھندي ڏٺو ھو، ان ڪري اروڙ ۾ گھڙڻ کان اڳ، پنھنجي لشڪر مان مکيه سپھ سالارن، پھلوانن ۽ قابل جوڌن جي چونڊ ڪري، سڀني کي پاڻ سان ملائي، ھڪ لک کان وڌيڪ يوناني ويڙھاڪ تيار ڪري اروڙ تي حمله آور ٿيو. ھتان جي راجا اول ته آڻ مڃي، ان ڪري يونانين ھت فوجي ڇانوڻي قائم ڪئي ته جيئن ڪا مقامي بغاوت ٿئي ته ان کي چِٿي ڇڏجي. جڏھن سڪندر ڪجھ ماڻھو ڇانوڻيءَ ۾ ڇڏي، سنڌ جي ٻين شھرن کي فتح ڪرڻ لاءِ ويو پٺيان اروڙ جي راجا موسيڪاموس عوامي نمائندن جي گڏجاڻي سڏائي، اھا رِٿ پيش ڪئي ته پرڏيھي پرمارن خلاف جنگ جوٽڻ گھرجي ۽ کين پنھنجي علائقن ۾ ڇانوڻيون يا شھر اڏڻ ۽ مقامي ماڻھن خلاف، سازش ڪرڻ جي کليل ڇوٽ نه ڏجي. نيٺ فيصلو ٿيو ته، يوناني فوجي ڇانوڻي جي پاڙ پٽي وڃي ۽ پوءِ يوناني ڇانوڻيءَ تي حملو ڪيو ويو. يوناني پھريدار ماريا ويا ۽ ڪجھ ماڻھو جان بچائي وڃي سڪندر سان مليا. اھا ڳالھ ٻڌي سڪندر واپس اروڙ موٽي آيو. بس مڙس باھ ٿي آيو. اچڻ سان ڳوٺن ۽ شھرن کي باھيون ڏنائين. موسيڪاموس جي سِسي ڌڙ کان ڌار ڪئي ويئي، اسي ھزار ماڻھن کي قتل ڪيو ويو ۽ سندن عيوضين کي گرفتار ڪري ڦاھي تي چاڙھيو ويو. سڀني برھمڻن جو سِسيون لھرائي انھن کي ڳِجھن جو کاڄ ڪيائون. سنڌ ۾ سوين برھمڻ قتل ٿي ويا. (سنڌ گزيٽيئر ص 85) ان وقت به سنڌي سوڍن نھايت بھادريءَ سان مقابلو ڪيو. يوناني مورخ لکن ٿا ته، مقامي ماڻھو، ھٿيارن ۾ بلڪل کُٽل ھئا پر تنھن ھوندي به زبردست دليريءَ جو مظاھرو ڪندي، پنھنجي وطن لاءِ سِر گھوريندا رھيا. (ھلال پاڪستان مئگزين- جنوري 1983ع غلام دستگير ڀٽيءَ جو مضمون)
    اروڙ کانپوءِ ھو، سنڌو درياءَ جي اولھ طرف، پورٽوگام تي چڙھائي ڪري ويو. ھي شھر لاڙڪاڻي کان، ڏھ ميل پري ھو ۽ منجھس وڏيون وڏيون عمارتون ھيون. ھن شھر کي ڦُري جاين کي تباھ ڪري، سيوھڻ (سنڊيمن) ڏانھن وڌيو. ھتان جي شھر واسين سڪندر سان زبردست مقابلو ڪيو ۽ سندس فوج جو ڳپل حصو ماري وڌو. يونانين جو ھڪ سردار پتولومي، زخمي ٿي پيو. جڏھن سيوھڻ جا سردار گرفتار ٿي، سڪندر واٽ آيا تڏھن ھنن کيس چيو ته: ”اسين ڊيونيس کان وٺي، اڄ تائين خودمختيار رھيا آھيون، ان ڪري جنگ کي اطاعت تي فوقيت ڏيندا آھيون. “ (سنڌ ھڪ تاريخي جائزو- ايڇ ٽي لئمبرڪ) اھو ٻڌي سڪندر آپي کان ٻاھر نڪري ويو. ھن عام ڪوس جو حڪم ڏنو ۽ اک ڇنڀ ۾ ھزارين ماڻھو بي گناھ ڪُسجي ويا. اتان پوءِ ھو پاتال آيو. شھر تي قبضو ڪري، ان کي ويران ڪري ڇڏيائين. ھن مقامي ماڻھن کي تابع ڪرڻ لاءِ پنھنجي فوج جو ڳپل حصو، اتي ڇڏي سمانگر (ٺٽي) روانو ٿيو. ھن جي روانگيءَ کان پوءِ، پٽالا جي ماڻھن يوناني فوج کي شھر مان تڙي ڪڍيو ۽ ھو شھر ٻاھران، آرماڙ ٺاھي رھڻ لڳا. ٺٽي جو حاڪم ساڻس بھادريءَ سان مقابلو ڪندي مارجي ويو، اتان پوءِ ھو ڪراچي آيو. ھن ھتان جي ماڻھن کي شڪست ڏيئي، اپولوفينس کي گورنر مقرر ڪري مڪران آيو. ھتي سنڌي سيدن ساڻس مقابلو ڪري کيس بابل ڏانھن ڀڄڻ تي مجبور ڪيو، جتي ھو 333 ق م ۾ مري ويو. (سڪندر جو رستو- خالد محمود- روزانه ھلال پاڪستان جولاءِ 1972ع)
    اوائلي زماني ۾، سڪندر جو ھي حملو خاص جنوني نوعيت جو ھو. ھن سنڌ ۾ خون جا درياءَ وھايا. سنڌ واسين جي زندگي زھر ڪئي ويئي. سندن مال ملڪيت لُٽي ويئي، کين بي دريغ، تلوار جي منھن مان ڪڍيو ويو. حرص ۽ ھوس سببان لکين انسانن کي بيدرديءَ سان ڪُٺو ويو. سانگلا جي جنگ ۾ ستر ھزار سنڌي قتل ڪيا ويا. ملتان جي جنگ ۾، اڌ لک سنڌين کي ماريو ويو. سامبس جي شڪست بعد اسي ھزار ماڻھو قتل ڪيا ويا. راجا سامبس ۽ سندس لشڪر جي سپاھين جا لاش وڻن سان لٽڪايا ويا. لسٻيلي جي ڇھن ھزارن رھاڪن کي قتل ڪيو ويو. اروڙ ۾ برھمڻن کي قتل ڪرائي، سندن لاشن کي رستي جي ٻنھي پاسن کان لٽڪائي ڇڏيو، جن کي ڳِجھون پٽي کائڻ لڳيون. (تاريخ تمدن سنڌ- مولائي شيدائي ص 99)
    سنڌين کي ھيءَ سزا صرف ان جي ملي ته، ھو لڪير جا فقير نه بڻيا. ھنن چمچاگيري ۽ چاپلوسي نه ڪئي، ھنن ذلت جي زندگيءَ کان عزت جي موت کي بھتر سمجھيو. سڪندر سنڌي راجائن کي مطيع ڪرڻ لاءِ ڏاڍيون لالچون ڏنيون پر سنڌين ان کي ٿُڪ ئي نه ھنئي ۽ سڪندر سان خوب چڪريون کاڌيون. ھو ھت ٽي سال رھيو ۽ ھر وقت سنڌين سان مقابلو ڪندو رھيو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته، ”سڪندر کي سنڌ ۾ گھڻي مخالفت ڏسڻ ۾ آئي. ھو سنڌ مان جتان به گذريو اتان سندس فوج جو سخت مقابلو ٿيندو رھيو. ھن جي سپاھين جي تلوارن ملتان ۾ گھڻي خونريزي ڪئي ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ ڏاڍو ڪوس ڪيو ۽ ان ريت سڪندر جي دل ٺَرڻ لڳي.“ (سنڌ جي تاريخ- روزانه ھلال پاڪستان 2 مارچ 1975ع) مؤرخ لکن ٿا ته ”اوڀر وارن علائقن مان سنڌي ھر وستي ۽ ھر ڳوٺ ۾، پرڏيھي پرمارن سان ويڙھاند ۾ رُڌل ھئا ۽ ڪنھن به وستيءَ جي ماڻھن آڻ نه مڃي.“ (ھلال پاڪستان مئگزين- جنوري 1983ع) سنڌ واسين جنھن جوانمردي ۽ بھادريءَ سان يونانين سان جنگ ڪئي ۽ حب الوطنيءَ جو مظاھرو ڪيو، ان کي خود يوناني مؤرخن به تسليم ڪيو آھي. سڪندري فوج جو ھڪ عالم ھيرو ڊوٽس لکي ٿو ته، ”سنڌي جنگ جا ڪوڏيا ھئا. وٽن تير ڪمان، رَٿ ۽ جنگي ھاٿي ھئا، سيتاني سنڌين کي ڊگھيون ٽوپيون پاتل ھيون. بلوچستاني سنڌين وٽ پتل ۽ فولاد جا ھٿيار ھئا. سندن پوشاڪ چمڙي جي ھئي. سنڌي جاٽ جا محنتي، سادا، ايماندار، بدن جا مضبوط، قد جا ڊگھا ۽ جنگي جوان ھئا. جنگ جي ميدان ۾، ھو لشڪر جي اڳيان ھاٿين جون قطارون کڙيون ڪندا ھئا، جن جي پٺيان پيادا سپاھي، صِفن ۾ بيھندا ھئا. ساڄي ۽ کاٻي کان، سوارن جا دستا راجا جي حڪم لاءِ انتظار ڪندا ھئا، جنھن جي پالڪي لشڪر جي وچ ۾ ھوندي ھئي. سوارن سان رَٿ به ھوندا ھئا. سنڌي جنگ ڪرڻ وقت، مرڻ ۽ مارڻ کان سواءِ، ميدان ھرگز ڪونه ڇڏيندا ھئا. (تاريخ تمدن سنڌ- مولائي شيدائي. ص 101) مشھور مؤرخ ايڇ- ٽي- لئمبرڪ سنڌين جي سورھيائيءَ کي ساراھيندي لکي ٿو ته، ”ھن مغرب جي پھرئين ڌاڙيل سان، سنڌين جون ھي طويل خوني جنگيون ظاھر ڪن ٿيون ته، سنڌين اندر آزاديءَ لاءِ وڏو جوش ھو، جيترو عرصو سڪندر سنڌ ۾ رھيو، سڪون گھڙيءَ لاءِ نه مليس ۽ نيٺ ھو سيپٽمبر325 ق م ۾ روانو ٿي ويو.“ (تاريخ سنڌ- ص 212)
    سڪندر سنڌ تي ھي حملو صرف ان جي دولت کي لُٽڻ، ڦُرڻ ۽ ملڪيت ھٿ ڪرڻ لاءِ ڪيو. کيس سنڌ جي زرعي ۽ معدني پئداوارسان گڏ، ان جي واپاري رستن تي به قبضي ڪرڻ جو ارادو ھو. ايچ ٽي لئمبرڪ لکي ٿو ته، ”سڪندر ڪيترن ملڪن جي آزادي سلب ڪرڻ کان پوءِ، سنڌ جي شاھوڪاري، سرسبزي ۽ ايشيا کنڊ ۾ اُتم ۽ اُپت واري ڌرتي ڄاڻي، سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ اُسھيو. ٻين ڌاڙيلن وانگر ھن به، سنڌي ماڻھن کي مارائي، سندن گھرن ۾ ڪوڏي به نه ڇڏي، جن سندس مقابلو ڪيو، ان ڄڻ مڇريل شينھن کي چيڙايو. ان ڪري ھن سنڌ ۾ اھا ته عظيم ڦُر ڪئي، جيڪا سندس ديوانگي ۽ زرپرستيءَ جي کُليل تصوير آھي. ھِن کي ھتان جيڪي به ھٿ آيو سو يونان موڪليو. چوپايو مال، مور ۽ ڪبوتر به ھتان يونان ويا. ھن سنڌ مان اڻ کٽ خزانا لٽيا. ھن پنھنجي فوج مان ھر ھڪ کي نوازيو. سڪندر سنڌ مان ايترو ته وڏي انداز ۾ سون ھٿ ڪيو، جو پنھنجي ملڪ ۾ سونو سِڪو جاري ڪيائين ۽ ان سِڪي ۾ خالص سون ھو. (سنڌ جو تجارتي عروج- گل حسن لغاري- سه ماھي مھراڻ 1- 1975ع)
    دنيا جي ھن عظيم لٽيري، ھتان جي واپار تي قبضي ڪرڻ لاءِ، فوج سان گڏ، پاڻ سان انجنيئرن ۽ واپارين جي ھڪ جماعت آندي ھئي، جن مھراڻ جي ڪپ تي نوان شھر تعمير ڪيا. پٽالا، ڀنڀور ۽ سون مياڻي جي بندرن تي دِڪا ٺھرايا ته جيئن جھازن کي تجارتي مال لاھڻ ۽ چاڙھڻ ۾، سھوليت ٿئي. انھن ڏينھن ۾ پٽالا ۽ ڀنڀور ۾ وڏيون مارڪيٽون ھيون. ھن کي خبر ھئي ته مھراڻ ھڪ اھم تجارتي شاھراھ آھي، جنھنجي ذريعي دنيا جو مال ايراني نار ۽ ڳاڙھي سمنڊ رستي يونان تائين آسانيءَ سان پھچائي سگھبو. ھن نيل جي ڊيلٽا تي، اسڪندريه جو بندر تعمير ڪرايو، جنھن جي رستي ايشيا آفريڪا ۽ يورپ جو مال اچڻ وڃڻ لڳو ۽ اھڙي طرح يونانين سنڌ مان واپار رستي، ايڏو ته ڪمايو، جو روم ڏانھن ويندڙ قافلن جي ماليت 2000000 پائونڊ ساليانو ھوندي ھئي. (مھراڻ تي جھازراني- مولائي شيدائي روزانه مھراڻ سالگرھ نمبر 1961ع) اھڙي طرح سڪندر سنڌ ۾ تجارتي ھڪ ھٽي قائم ڪري، پنھنجي من ماني ڪري بين القوامي سطح تي، دنيا کي لٽندو رھيو.
    سڪندر معاشي ۽ اقتصادي ڦُرلٽ سان گڏ، سنڌ ۾ علمي ڦُر به ڪئي. ھن سنڌ مان ڪيترائي قيمتي، نادر ۽ چيده ڪتاب ھٿ ڪيا ۽ انھن کي اسڪندريه جي ڪتب خاني ۾ محفوظ ڪيو- علامه جرجي زيدان لکي ٿو ته، ”سنڌ مان ڪيئي ڪتاب يونان پھتا.“ جن مان يونانين استفادو ڪيو. خاص ڪري سنڌ جو طب آيور ويدڪ مشھور آھي، جنھن يونان ۾ مقبوليت حاصل ڪئي. يونانين سنڌ جي وڏن وڏن شھرن کان ٻاھر گھمي ڦري ڪي ساڌو ويڄ ڏٺا، جن کان مريضن دوائون پئي ورتيون. ھڪ يوناني، پنھنجي ترجمان جي وسيلي ھڪ سنڌي ويڄ کان دوائن جي باري ۾ پڇا ڳاڇا ڪئي. جنھن تان ان ساڌو، ڪروڌ ۾ اچي، يونانين کي کُتو جواب ڏيندي چيو ته، ”يونانين کي پنھنجي ھٿيارن تي گھمنڊ آھي. اوھان ايڏا ڪشالا ڪڍي، جنھن نموني ملڪن کي تباھ ڪندا ٿا رھو، سو توھان کي دوائن جي ڪھڙي ساڃھ! اوھان سان ڳالھائڻ اِئين آھي، جيئن صاف پاڻيءَ کي زمين تي ھارڻ.“ (سنڌ جي طبي تاريخ- ج اول نياز ھمايوني) بھرحال سنڌ جو طب سڪندر جي معرفت يونان پھتو ۽ اتان پوءِ عربن وٽ پھتو. ھڪ عالم لکي ٿو ته ”طب يوناني، سنڌي آيور ويدڪ جو سنئون سڌو نقل آھي. سڪندر جڏھن سنڌ تي ڪاھي آيو، ته ڪيئي يوناني عالم به ساڻس گڏ ھئا، جن ھن علم کي، افضل تصور ڪندي، ھتان جي ويدن يا ويڄن وٽان ان کي حاصل ڪيو. اھا به حقيقت آھي ته: شرٽ ۽ اچرڪ سنڌي ويڄن جون تصنيفون، سڪندر واري دور ۾، سنڌ ۾ موجود ھيون، جيڪي يونانين ھٿ ڪيون. (ماھوار الحڪيم سيپٽمبر 1926ع) سڪندر ھتان ڪيتريون ئي ديسي دوائون ۽ جڙي ٻوٽيون ۽ معدني دوائون ڦُري لُٽي يونان موڪليون، جن تي ارسطو جي شاگرد ۽ جانشين ٿيو، فرانس توس ڪيئي مضمون ۽ ڪتاب لکيا. سڪندر ھتان ھزارين سنڌي غلام بڻائي يونان وٺي ويو، جتي کانئن ھنر ۽ طبي معلومات ڪئي ويئي. در اصل يونان، جيڪا علمي، فڪري ۽ تمدني ترقي ڪري دنيا ۾ وقار حاصل ڪيو ان ۾ سنڌ جو ئي حصو آھي. ڇاڪاڻ ته اھو سڄو علمي خزانو ھتان ئي يونان ويو ھو.
    چون ٿا ته سڪندر سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ، سنڌ جي ھڪ علائقي ۾ ويو، اتي ھڪ درويش، دنيا کان بي خبر پنھنجي جھوپڙيءَ ۾ سمھيل ھو. سڪندر ان کي جاڳائڻ لاءِ لت ھڻي چيو ته ”مان ھن شھر کي فتح ڪيو آھي ۽ تون اھڙي طرح بي فڪر سمھيو پيو آھين.“ ان ماڻھوءَ سڪندر طرف ڏٺو ۽ چيو ته، ”شھر فتح ڪرڻ بادشاھن جو ڪم آھي ۽ لت ھڻڻ گڏھ جو ڪم آھي. ڇا ڪو انسان، دنيا ۾ نه رھيو آھي جو ھڪ گڏھ کي بادشاھت ملي ويئي آھي.“
    بھرحال ھي آھي، سڪندر جي حملي جو تفصيلي ذڪر، جنھن سنڌ کي خوب نقصان پھچايو. سندس دولت کي ڦُرڻ، واپاري رستن تي قبضي ڪرڻ، علم، فڪر، فلسفي ۽ حِڪمت کي سنڌين کان کسڻ کان سواءِ، ھتان جي رھاڪن جي، قيمتي جانين سان، جيڪا راند کيڏي، سا سندس وحشانيت ۽ بربريت جي ننگي تصوير آھي. ھي، جاھ و جلال جا بندا حاڪم، حرص ۽ ھوس جا پتلا حاڪم، اقتدار ۽ راڄ بُکيا حاڪم ھوندا آھن. ھنن کي انسانن جي رت وھائڻ مان مزو ايندو آھي. ھو پنھنجي زندگيءَ جو مقصد ۽ متاع حيات به ھن کي سمجھندا آھن. اھڙا حاڪم، انساني معاشري ۽ انسانيت جي مٽي پليد ڪندڙ ھوندا آھن. ھو صرف پنھنجي ذاتي مفاد لاءِ، دنيا ۾ ڳاڙھي رت جا درياءَ وھائي، انسانن کي ڍورن وانگر، غلام بڻائي، پنھنجي انا ۽ خودي ڀر ۾ رکندا آھن. اھڙن ئي حاڪمن لاءِ لطيفؒ چيو آھي ته:
    موٽي مڱڻھار، شال نه اچين ڪڏھن،
    اٺئي پھر اجل جو، ڪنڊو منجھ ڪپار،
    جھ تو سڀ ڄمار، ھنيا ڇٽ پٽن تي.


    محمد شاھ ۽ فيروز شاھ تغلق (1367ع – 1351ع)

    بابرڪت پير پٺو،
    ھڪ مئو ٻيو ٽٽو.

    ”- جيتوڻيڪ ظاھري طرح، فيروز شاھ سنڌ تي قبضو ڪيو، پر ان جو سنڌ تي گھٽ اثر پيو- نيٺ ڄام تماچي ۽ ڄام جي پُٽ، دھليءَ سان سڀ تعلقات ختم ڪري ڇڏيا. فيروز شاھ جون ٻه زبردست ڪاھون، کين ڪمزور ڪري نه سگھيون. نه صرف ايترو پر فيروز شاھ جي فتح به کين لوڏي نه سگھي، ان جو ھڪ سبب 14 صديءَ جي ٻئي اڌ ۾، مرڪز جي ڪمزوري ۽ ٻيو سبب سَمن جي وطن دوستي آھي. سمن ۾ وطن دوستي سان گڏ، اعليٰ انتظامي صلاحيتون موجود ھيون، جنھن سبب ھنن عوام جي دلين تي حڪومت ٿي ڪئي-

    ڊاڪٽر رياض الاسلام
    اسلامڪ ڪلچر






    سنڌ ھميشه دھليءَ جي بادشاھن جي ظلم ۽ ستم جو شڪار ٿيندي پئي رھي آھي. انھن حڪمرانن، ھن امن ۽ سلامتيءَ جي ملڪ تي حملا ڪري ھتان جي مٺڙن مارن ۽ سٻاجھن سانگين جو رت وھائي، شريف حڪمرانن کي مجبور ۽ بيڪس بڻائي، سنڌ کي مرڪز سان ملائي پنھنجي بادشاھت جون حدون به وڌايون ۽ خزانا به ڀريا. ھند جي اھڙن شھنشاھن مان تغلق شھنشاھ به ھڪ ھئا.
    تغلق پيءُ طرفان تاتاري مغل ۽ ماءُ طرفان بلوچ ھئا. سندن ڌنڌو ئي ڌاڙا ھڻڻ ۽ لٽمار ڪرڻ ھو. ھنن جو اصل وطن خاران ھو، جنھن کي مارڪو پولو قرونه سڏيو آھي. ھن خاندان جو جد اعليٰ امير نقودار، چغتائي خان جو ڀائيٽو ھو. سندس خاندان مان، امير طومان خلاف 1383ع ۾ امير تيمور، پنھنجي پٽ ميران شاھ کي روانو ڪيو. ھندوستان ۾ ھن خاندان جي حڪومت جو بنياد وجھندڙ، سلطان غياث الدين ھو. (جنت السنڌ، مولائي شيدائي ص 290) غياث الدين قرونه قبيلي جو ترڪ ھو. سندس ماءُ پنجاب ۾ رھندڙ جاٽ قبيلي مان ھئي. ان ڪري ھو ترڪ ھو ۽ ھندي نسل مان ھو. سندس پيءُ بلبن جي دور ۾ ھندوستان ۾ آيو. غياث الدين ھڪ غريب فرد ھو ۽ پھريائين واپارين وٽ نوڪر بيٺو. اتان پوءِ علاءُالدين جي لشڪر ۾ ھڪ معمولي سپاھيءَ طور ڀرتي ٿيو. (ھسٽري آف مسلم رول ان انڊيا- ايشوري پرشاد 145) ھو ھڪ تجربيڪار ۽ آزمودگار سپاھي ھو، ان ڪري ھوريان ھوريان ترقي ڪري، شاھي اميرن ۾ داخل ٿيو. خلجي حاڪم سندس ايمانداري، بھادري ۽ شرافت کان متاثر ٿي، کيس ڏھ ھزار سوارن سان گڏ ديبالپور جو گورنر مقرر ڪري، ملتان، اُچ ۽ سنڌ جو سارو ملڪ کيس جاگير ۾ ڏنو. ھن ان وقت تاج الدين کي ملتان، خواجه نظير بکر ۽ علي شير کي سيوھڻ مٿان حاڪم مقرر ڪري، سنڌ جي انتظام کي مضبوط ڪيو. غياث الدين منگولن کي 28 دفعا شڪستون ڏيئي ڀڄائي ڪڍيو ۽ کين ھندوستان ۾ قدم رکڻ نه ڏنو، ان ڪري علاءُالدين خوش ٿي کيس ”غازي ملڪ“ جو لقب ڏنو. جڏھن 716ھ ۾ علاءُالدين وفات ڪئي، تڏھن غياث الدين دھليءَ جي تخت تي ويٺو ڇو ته خلجي حاڪم جا پٽ نا اھل ھئا. ھن جو شمار اسلامي تاريخ جي بھترين بادشاھن ۾ ٿئي ٿو. ھو پرھيزگار ۽ صاف دل حاڪم ھو. امير خسرو لکي ٿو ته ”ھن بادشاھ ڪڏھن به اھڙو ڪم نه ڪيو، جيڪو عقل ۽ سمجھ سان لبريز نه ھجي. ائين به شايد ھجي ته، تاج ھيٺان کيس ھڪ سؤ عالمن جا ٽوپ پھريل ھئا. ان ڪري سندس ھر عمل، عقلمندي ۽ سياڻپ سان رپور ھوندو ھو. (تاريخ ھند- مقبول حسين موسوي- حصو ٻيو ص 339).
    غياث الدين کي سندس پٽ جونا خان 727ھ ۾ ھڪ ڪاٺ جي گھر ۾ عمارت ساز احمد بن اياز جي معرفت، ٺڳي ۽ بيدردي سان مارائي گادي تي ويٺو. جونا خان، علاءُالدين خلجي جي ڏينھن ۾، پيءُ سان گڏ، مغلن سان به وڙھيو ھو. کيس خلجي بادشاھ فخرالملڪ جو لقب ڏنو ھو. ھو تخت تي، محمد شاھ تغلق جي لقب سان ويٺو. محمد شاھ عجيب ذھنيت جو مالڪ ھو. ھو تند مزاج، جلد باز، ظالم ۽ حد درجي جو ڪينو ۽ بغض رکندڙ شخص ھو. ضاءُالدين برني لکي ٿو ته، ”ھو تاريخ ۾ حيرت ۾ وجھندڙ حيثيت رکي ٿو. يا ائين چئجي ته، خدا پنھنجي ڪارخاني ۾، ھڪ عجيب چيز محمد بن تغلق جي شڪل ۾ ٺاھي، دنيا جي عجائب گھر ۾ اڇلي ھئي.“ اسٽينلي لين پول لکي ٿو ته، ”محمد بن تغلق جا ارادا بھترين ۽ خيالات ممتاز ۽ افضل ھئا، پر منجھس صبر ۽ تحمل، وقت ۽ حالتن جي مناسبت ۾، قدم کڻڻ جي سمجھ نه ھئي، ان ڪري بلڪل ناڪام ٿيو.“ فرشته لکي ٿو ته ”ھو ديوانو ۽ خوني ھو-“ (تاريخ ھند- مقبول حسين موسوي- حصو ٻيو ص 339) ۽ ھيءَ تاريخي حقيقت به آھي ته، ھن کي انساني رت وھائڻ ۽ ماڻھن کي چيچلائي مارڻ مان مزو ايندو ھو. ھر وقت سندس دروازي تي لاش پيل ھوندا ھئا. ننڍي خواھ وڏي ڏوھ جي ھڪ جھڙي سزا ڏيندو ھو، جنھن ۾ علماءُ ڪرام، شريعت جا صاحب، طريقت جا ڌڻي، صالحين ۽ ولي الله به اچي وڃن ٿا. ديوان خاني ۾ ھر روز سوين ماڻھو، ھٿ ڪڙين ۽ زنجير پيل حاضر ڪيا ويندا ھئا، جن مان ڪن کي قتل ڪيو ويندو ھو، ڪن کي عذاب ڏنا ويندا ھئا، ته ڪن کي وري مارون به ڏنيون وينديون ھيون. محمد شاھ جسماني سزا جا به، عجيب طريقا وجود ۾ آندا. جھڙوڪ: جيئري ماڻھوءَ جي کَل لھرائڻ، منجنيق ۾ وجھي اڏائڻ، ھاٿيءَ جي اڳيان ماڻھوءَ کي ٻڌي اڇلڻ ۽ دُرا ھڻائڻ. ھن شيخ شھاب الدين جھڙي مشائخ کي، زمين تي سنئون ليٽرائي، وات لوھ جي ڪِلين سان کولائي، پائخانو کارائي، قتل ڪيو. حضرت شيخ بھاءُالدين ذڪريا ملتاني جي پوٽي شيخ ھودؒ کي بيدرديءَ سان قتل ڪرايو. (ابن بطوطه جو سفرنامو- سيد بچل شاھ ص 252)
    محمد شاھ تغلق کي ملڪ گيريءَ جي ڏاڍي ھوس ھئي. ان ڪري ھن پنھنجي فوجن کي خوفناڪ حد تائين مضبوط ۽ منظم ڪيو. ھن ملڪ جي سڀني رياستن کي زوريءَ پنھنجي قبضي ۾ آڻڻ شروع ڪيو. اھري طرح ان وقت ٽيويھ صوبا، ھن جي ھٿ ھيٺ ھئا. محمد شاھ جھونن ۽ آزمودگار اميرن سان غلط ۽ بي جا رَوش اختيار ڪئي. ھن انھن کي عھدن تان ھٽائي، نوان ۽ اڻ آزمودگار آفيسر مقرر ڪيا. اھي نوان آفيسر عوام تي پنھنجو اثر وجھي نه سگھيا. ان کان سواءِ سلطان مذھبي عالمن جي به بي عزتي ڪئي. عالمن جي ناراضگي ڪري عوام سندس خلاف ٿي بيٺو. (اي شارٽ ھسٽري آف انڊو پاڪ- ص 156) سندس ظلم، جبر، ڏاڍ ۽ عوام خواھ اميرن سان ھلاڪت آفريني واري رويي کي ڏسي ڪيترائي امير ۽ سياستدان دھليءَ کي ڇڏي، ٻين صوبن ڏانھن ڀڄي ويا ۽ اھڙي طرح اٽڪل 22 بغاوتون ٿيون. انھن باغي اميرن مان، طعني به ھڪ ھو جيڪو سنڌ ۾ ڀڄي آيو، جنھن کي ٺٽي جي حاڪم پناھ ڏني. جڏھن محمد شاھ کي اھا خبر پيئي تڏھن ھو تپي باھ ٿي ويو ۽ سنڌ تي ڪاھ ڪري آيو. ان وقت ھتي سَمن جي حڪومت ھئي ۽ ڄام بابينو سنڌ جو حاڪم ھو، جنھن ھن ملڪ کي، ھر لحاظ کان مضبوط ڪيو. خاص ڪري، جنگي فنون ۽ اسلح گيري ۾، سنڌ جو نالو بلند مقام والاري ٿو. مؤرخن جو خيال آھي ته، ”ان زماني ۾ سنڌي فوجن جي ھاڪ ملڪان ملڪ ھئي. ھنن جي بھادري، جرئت ۽ شجاعت جا مثال ڏنا ويندا ھئا، سنڌي فوجن جي ويڙھ جا طريقا نھايت جديد ۽ خوفناڪ ھئا، گوريلا جنگ ۾ سنڌي فوجن جو ڪوبه ثاني نه ھو. (روزانه ھلال پاڪستان- پيھي منجھ پاتال- يوسف شاھين)
    اھو 751ھ جو زمانو ھو. محمد بن تغلق کي خبر ھئي ته، سنڌين سان ھٿ اٽڪائڻ، ڪو سولو ڪم نه آھي. ان ڪري ھن دھليءَ مان خداوند زادھ، مخدوم زادھ، مشائخ، علماءُ، امير، سوار ۽ پيادل فوج گھرائي. ملتان، ديبالپور، اُچ ۽ سيوھڻ مان ٻيڙيون گھرايون. امير ڪرغن کي خط لکي، مغلن جي 5 ھزار سپاھين کي به پاڻ وٽ گھرايائين. جڏھن ھي فوجي ٽولو سنڌ ۾ پھتو، تڏھن بادشاھ ڪپڙن ۾ ئي نه ٿي ماپيو، ڄڻ ته کيس سنڌ فتح ٿيڻ جو يقين ٿي ويو. ھن فوج ۾ وڏو انعام ورھايو. سندس لشڪر ۾، ٻه لک سپاھي، ھاٿي، گھوڙا ۽ ٻيو ڪيترو ئي فوجي سامان ھو. بادشاھ وڏي رعب تاب سان لشڪر وٺي، ٺٽي کان 14 منزلن تي اچي فوجي شھر آباد ڪيو. جڏھن سنڌين کي ھن چڙھائيءَ جي خبر پيئي تڏھن ھو به، سِر سان ڪفن ٻَڌي، وڏي جوش ۽ جذبي سان بادشاھي لشڪر جي سامھون ٿيا. شھنشاھ ھنن کي، سنڌ واسين جي جوانمردي، ھمت، سورھيائي ۽ دشمن سان وڙھڻ جي جذبي کي ڏسي، کيس دلھول وٺي ويو ۽ ھو پَلو کائيندي، سنڌ جي فتح جي آس دل ۾ رکندي، اڳلي جھان وڃي رسيو.
    محمد شاھ جي وفات کانپوءِ اتي ئي فيروز شاھ کي بادشاھ تسليم ڪري فوج جي ڪمان سندس حوالي ڪئي ويئي، جنھن پنھنجي فوج کي نئين سر منظم ڪري اڳتي وڌايو، پر سنڌي فوج جي، شاھي فوج تي وڏي ھيبت ڇانيل ھئي. خود شھنشاھي مؤرخ ضياءُ الدين برني لکي ٿو ته، ”لشڪر ۾ افراتفري ۽ پريشاني ايڏي ھئي جو سندن ھوش سالم نه ھو. لشڪر جي ماڻھن خود، پنھنجي لشڪر ۾ ئي لٽمار شروع ڪري ڏني ۽ ٺٽي جي مفسدين (درٻاري مؤرخن جو ھي اصل کان دستور رھيو آھي ته ھو مظلوم، محڪوم ۽ پنھنجو بنيادي حق گھرندڙ ننڍي قوم کي سدائين مفسدين، شرير ۽ فتني باز سڏي پنھنجي آقائن کي راضي ڪندا آھن. پر تاريخ سندن وَکا پڌرا ڪري وجھندي آھي) لشڪر تي حملو ڪيو. بادشاھ جي ھيءَ حالت ھئي جو، اڳتي وڌندا ھئا ته ”امدادي مغل ٽولو“ کين ڦُريندو ھو ۽ پوئتان سنڌي حملو ڪندا ھئا. اھا حالت ڏسي، فيروز شاھ جند ڇڏائڻ لاءِ، سيوھڻ جي رستي کان دھلي روانو ٿيو. سيوھڻ ۾ سندس مقابلو سومرن، سمن ۽ جاڙيجن گڏجي ڪيو. ۽ ھو اتان بي سر و ساماني جي حالت ۾، 753ھ ۾ دھليءَ پھتو.“ (تاريخ فيروز شاھي- ص 525)
    محمد شاھ تغلق جي ھن ناڪام حملي مان، ھند جي شھنشاھ جي ذھنيت ۽ سنڌ جي سوڍن جي سورھيائي، بھادري، حب الوطني ۽ فوجي قوت جي پوري پوري خبر پوي ٿي. سڄي ھندوستان جي فوج سان، سنڌ جي ھن ننڍڙي ٽُڪُر صرف ٺٽي (جڏھن ته بکر، ملتان ۽ سيوھڻ جا پرڳڻا اڳيئي دھلي مرڪز جي حوالي ھئا) جي مُٺ ڀر ماڻھن، جنھن بھادريءَ سان ھنن اقتدار جي بکين جو مقابلو ڪيو، تنھن کي ھو عمر ڀر ياد ڪندا رھيا. نِجي محفلن يا سرڪاري ميٽنگس ۾ شھنشاھ ھند کي اُھا پچار ھوندي ھئي ته ڪنھن طرح سنڌ تي حملو ڪري، سنڌ واسين کان حساب وٺي. سندس اھو شوق جُنون جي حد تي پھتل ھو، جنھن جو ھو ھر وقت ذڪر ڪندو رھندو ھو. چوندو ھو ته، ”سلطان محمد تغلق منھنجو مربي ھو، جنھن وفات ڪرڻ کان اڳ، ٺٽي جي ڄام کي سزا ڏيڻ جو پڪو ارادو ڪيو ھو، ان ڪري مان اُن کي ڪڏھن به معاف نه ڪندس.“ جڏھن به ھن جي اڳيان، ٺٽي جو نالو ورتو ويندو ھو ته، ھو نھايت ڏک مان، ڏاڙھيءَ تي ھٿ ڦيري چوندو ھو ته، ”افسوس، صد افسوس ته سلطان محمد جي دل ۾، ھڪ آرزو باقي رھيل ھئي ته ھو ٺٽي کي فتح ڪري نه سگھيو.“ (ماھنامه تحريڪ- رسول بخش پليجو) ھن مان ظاھر آھي ته سنڌ جي ھن ننڍڙي خطي ساري ھند جي حاڪم کي اھا ڪھڙي اک ڏيکاري جنھن سندس ننڊ ڦٽائي ڇڏي ۽ آرام حرام ڪري ڇڏيو؟ ھن جو سُڪون ختم ٿي ويو. کائڻ پيئڻ وسري ويس. اُھو ھو وطن سان محبت، ظالم ۽ حملي ڪندڙ سان نفرت جو جذبو. اھا ھئي جنم ڀوميءَ سان عقيدت، پنھنجي وطن ۽ سانگين سان پيار، جو سنڌ جي فوج ته پنھنجي ماڳ، پر سيوھڻ جي عوام به بادشاھي لشڪر کي ٽوٽا چٻايا. ھڪ دفعي بادشاھ پنھنجي وزير جان جھان کي چيو ته، ”سلطان مرحوم ته وڃي الله کي رسيو پر ٺٽي کي فتح ڪري نه سگھيو. ھاڻي جڏھن الله تعاليٰ مون کي ان جو جانشين بڻايو آھي، ته ان جو بدلو وٺڻ منھنجو فرض آھي.“ (تاريخ فيروز شاھي- بخواھ تاريخ سنڌ- حصو ٻيو- مولانا قدوسي) ھن مان معلوم ٿئي ٿو ته، ھن ھَوس جي بندي حاڪم کي سنڌ فتح ڪرڻ جو ڪيڏو نه اونو ۽ فڪر ھو ۽ ھتان جي محب وطن عوام لاءِ ڪيڏو نه غض، تعصب ۽ ڪروڌ ھوس. سنڌو واسين جي خود مختياري ۽ آزادي کيس ڪنڊو ٿي چُڀندي ھئي.
    فيروز شاھ، غياث الدين تغلق جو ڀائيٽو ھو. سندس پيءُ جو نالو رجب ھو. جيڪو سپھ سالار ھو. غياث الدين تغلق ڀاءُ جي مرڻ کان پوءِ، ھن جي پرورش ڪئي ۽ تربيت ڏني. غياث الدين جي مرڻ کان پوءِ ھن کي، امير حاجب Chief Lord بڻايو ويو. جڏھن ٺٽي ۾ محمد تغلق مري ويو، تڏھن ھو اتي ئي ھند جو بادشاھ ٿيو ۽ سنڌين جي بھادري خواھ جنگي مھارت جو پاڻ مشاھدو ڪيو ھئائين، ھو به محمد تغلق وانگر جنگباز شھنشاھ ھو. ٻارھوئي ھندوستان جي مختلف قومن ۽ علائقن کي، غلام بڻائڻ لاءِ سفر ۾ رھندو ھو. جڏھن بنگال تي حملو ڪيائين ته ھن، ھڪڙي جنگ ۾ ھڪ لک اسي ھزار بنگالي قتل ڪرائي ڇڏيا. شروعاتي ستن سالن مان فقط 13 ڏينھن، پنھنجي تختگاھ ۾ رھيو. ھو وڏو ھوشيار ۽ ذھين ھو، سندس جنگي مھارت ۽ تدبر ڪري چاليھن سالن ۾ ھڪڙي به ڳاڻيٽي جھڙي بغاوت نه ٿي.
    فيروز شاھ کي سنڌ تي ضرور حملو ڪرڻو ھو ۽ سنڌ جي انھن ماڻھن کي سيکت ڏيڻي ھئي، جن کي مرحوم سلطان سزا ڏيڻ ٿي چاھي، ان ڪري 1236ع ۾ ھن ان لاءِ وڏو بندوبست ڪيو. نوي ھزار سوار، چوراسي ھزار پيادا، چار سؤ اسي ھاٿي ۽ پنج ھزار ٻيڙيون تيار ڪرايون. (ھسٽري آف مسلم رول ان انڊيا. ايشوري پرشاد ص 115) ھن دھليءَ ۾ پنھنجي وزير اعظم خان جھان کي پنھنجو قائم مقام بڻائي، محمد تغلق جو پلاند وٺڻ لاءِ ھيڏو سارو لشڪر وٺي، سنڌ ڏانھن روانو ٿيو. واٽ تي بابا فريد شڪر گنج کان دعا گھريائين، دھليءَ ۾ به نه ڇڏيائين ڪو پير ۽ ولي. مطلب ته شھنشاھ ھند، ٺھي سنڀري سنڌ فتح ڪرڻ نڪتو.
    ان وقت ٺٽو آباد ۽ سرسبز شھر ھو، جيڪو درياءَ جي ٻنھي طرفن آباد ھو. ھڪ طرف ڄام انڙ جو ڀاءُ ۽ ٻئي طرف ان جو ڀائيٽو ڄام بابينو حڪومت ڪندا ھئا. ھت ھڪ مضبوط ۽ بھترين قلعو ھو. ھتان جو عوام بھادر ۽ غيور ھو. حب الوطني ۽ وطن جي دفاع جو احساس منجھن ايترو ھو جو سنڌ جا عام ماڻھو به پنھنجي جان ڏيڻ کان پاسو نه ڪندا ھئا. ٺٽي وارن طرفان، ماڻھن جو وڏو ھجوم ھو، انھن مان ھر ھڪ پاڻ انجمن ھو ۽ وقار ۾ پھاڙ مثل ھو. سڀئي بھادر ۽ جنگجو ھئا. سندن قوت ۽ بھادريءَ جو مثال حال جھان ۽ اھل جھان لاءِ مظھر ھو. (تاريخ سنڌ- ج 2- مولانا اعجاز الحق قدوسي- ص 120) خود درٻاري مؤرخ لکي ٿو ته، ”ٺٽو مھراڻ جي ٻنھي ڪَپن تي آباد آھي. منجھس مضبوط قلعو آھي. ھتان جا رھاڪو شان ۽ شوڪت سان گذاريندا آھن. ھو بھادر، انجام جا پڪا، جنگ جا ڪوڏيا ۽ وطن جي محبت ۾ مرد و زن سرشار آھن. (تاريخ فيروز شاھي) ساڳئي طرح عفيف درٻاري مؤرخ لکي ٿو ته، ”سنڌ جا ماڻھو مڙس آھن، سندن مڙسي ۽ مردانگيءَ جي سڄي دنيا کي خبر آھي، سندن فوج ۾ ويھ ھزار دلير سوار ۽ چار لک پيادا ھئا. ھر سوار زور ۽ ظاقت ۾، پنھنجي زماني جو رستم ھو. ھن مان معلوم ٿئي ٿو ته فيروزي لشڪر ۽ امراءَ تي، سنڌين جو رعب طاري ھو. ھو احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا ھئا، سندن دلين ۽ دماغن تي سنڌين جي بھادري ۽ سورھيائيءَ جو ڌاڪو ڄميل ھو. ذھني طرح مفلوج ٿيل ھئا ۽ مقابلي لاءِ دل ھڻي کڻي رھيا ھئا.
    بھرحال سلطان، سنڌ جي سرحد ۾ داخل ٿيندي ئي وڏي احتياط سان فوج کي منظم ڪيو. ھن فوج کي پنجن حصن ۾ ورھائي، ھر ھڪ تي ھڪ برجستو سپھ سالار مقرر ڪيو. لشڪر کي حڪم ڏنو ويو ته، سنڌوءَ جي ڪناري تي جيڪي به ٻيڙيون آھن، سي سڀ قبضي ۾ آنديون وڃن. اھڙي طرح سنڌي مھاڻن کان ھڪ ھزار ٻيڙيون ڦُريون ويون. جڏھن ڄام بابيني ڏٺو ته وري دھليءَ جي ھن حاڪم کي کُٽي کڻي آئي آھي ۽ گھر ويٺي سنڌ تي ھلان ڪري آيو تڏھن ھو لشڪر وٺي، ھن جي سامھون ٿيو. مولانا قدوسي لکي ٿو ته، ”ٺٽي وارن جو لشڪر 20 ھزار بھادر سوارن تي مشتمل ھو، ھر ھڪ قوت، دلاوريءَ ۾ يگانه روزگار ھو ۽ پيادل فوج جو انداز 4 لک ھو. ھن بي پناھ لشڪر ۽ بي پايان قوت سان ٺٽي جا ماڻھو سامھون آيا. (تاريخ سنڌ- حصو پھريون- ص 120) سنڌي لشڪر زبردست مقابلو ڪيو. پٺاڻن، ازبڪن، راجپوتن ۽ ٻين چونڊ ھندوستاني بھادرن کي، سنڌي سوڍن شڪست ڏني. جڏھن فيروز شاھ ڏٺو ته، ھاڻي دال نه ٿي ڳري، تڏھن پنھنجن اميرن ۽ وزيرن سان گجرات وڃڻ جو خيال ظاھر ڪيائين. ھو ته اڳيئي ٿَڪا ويٺا ھئا، جنگ کان به تنگ ھئا. سنڌي لشڪر، سندن جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو ھو. ھنن ته ويٺي بھانو ڳوليو. لشڪر ۾ مايوسيءَ جا آثار ته اڳي ئي پيدا ٿيل ھئا، ويتر جانورن ۾ اچي بيماري پيئي، سو ھمراھ گجرات ڏانھن روانا ٿي ويا.. تاريخ فيروز شاھي وارو لکي ٿو ته ”ڪيتري وقت تائين جنگ جاري رھي. آخر گھڻي ڪوشش کانپوءِ، ضرورت کان مجبور ٿي، سلطان گجرات ھليو ويو. (بحواله تاريخ سنڌ- مولا قدوسي ص 119) مؤرخ لکن ٿا ته، ”ھند جي ھن شھنشاھ کي، پھريون دفعو سنڌين شڪست ڏني، جيڪي ڄام خيرالدين ۽ ڄام جوڻي جي سرڪردگيءَ ھيٺ مضبوط ھئا. فيروز ھاڻي گجرات ڏانھن ويو ته، جيئن ھو پنھنجي قوت ۽ لشڪر کي وڌائي، وري حملو ڪري. (اي شارٽ ھسٽري آف انڊو پاڪ- ص 156)
    بادشاھ ھتان ويو ته سھي پر قدرت کانئس اھڙو ته پاند ورتو جو رستي تي سندس اناج کُٽي ويو ۽ گھوڙن ۾ اچي وبا پيئي. حالت اھا اچي ٿي جو سپاھي ۽ امير مردار گوشت ۽ چمڙو کائڻ لڳا. وڏا وڏا اراڪين سلطنت ۽ فوجي سردار، گھوڙن جي مرڻ ڪري، پيادل ھلڻ لڳا. مٿان وري سنڌي سونھن اچي کين ڪونجي رِڻ ۾ ڇڏيو، جتي جو پاڻي اھڙو ته کارو ھو، جو ان جي چَکڻ سان زبان ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندي ھئي. بادشاھ اھا حالت ڏسي سنڌين کي گھرائي کانئن حقيقت پڇي. سنڌي محبِ وطن سوڍن کيس ٻڌايو ته، ”توھان اسان جا دشمن آھيو ۽ اسان کي غلام بڻائڻ لاءِ، اسان جي وطن تي ڪاھي آيا. ان ڪري اوھان کي اھڙي ھنڌ وٺي آيا آھيون، جتان اوھان مان ڪوبه زندھ بچي واپس نه ويندو. اسان کي پڪ آھي ته، اوھان اسان کي جيئرو ڪونه ڇڏيندا، پر اھا ڪا وڏي ڳالھ نه آھي، ”وطن تان ھيءَ جان گھوري ته به ٿوري.“ اسان جي قرباني ڪري، اسان جي پياري ديس تان ڏرت ٽري ويندو. انشاءَالله اوھان پوري سپاھ سوڌا ھِن رڻ ۾ مري ويندؤ ۽ سنڌ فتح ڪرڻ وارو اوھان جو خواب گھڻو پري آھي.“ بادشاھ اھو ٻڌي سڀني سنڌين کي شھيد ڪرائي ڇڏيو، پر سندس پريشاني وڌي ويئي. برپٽ ۽ بيابان ۾ ڏڪر، وبا ۽ ڀٽڪڻ کان پوءِ، ھن گجرات جو رستو ھٿ ڪيو. پاڻ جيئن گجرات پھتو، تيئن اتان جي حاڪم امير حسين الملڪ تي ڦِٽ ڪري ويو ، چيائينس ته جيڪڏھن تون اسان کي اناج ۽ لشڪر موڪليندو رھين ھا ته، مون کي ھن ذليل شڪست جو منھن ڏسڻو نه پوي ھا.“ (تاريخ فيروز شاھي- بحوالہ تاريخ سنڌ- ج اول- مولانا قدوسي)
    سنڌ تي تغلق حاڪمن جي ھيءَ ٻي ڪاھ ھئي، جنھن ۾ ھند جي عظيم لشڪر کي جيڪا ذليل شڪست نصيب ٿي، تنھن مان معلوم ٿئي ٿو ته ھِن ننڍڙي ٽُڪريءَ جو Army Force ڪيڏو نه مضبوط ھو! دراصل ڪنھن به جنگ جي ڪاميابيءَ جو مدار نه اٿاھ لشڪر تي آھي ۽ نه وري اسلحي جي انبار تي آھي. پر نصرت ۽ ڪامراني لاءِ ھڪ انمول جذبو، ھڪ ولولو ۽ ھڪ تڙپ جو ھجڻ ضروري آھي ۽ اھا تڙپ، اھو ولولو آھي ساڻيھ جي سِڪ، وطن سان محبت، جيڪو اٿاھ لشڪر کي به نِمائي سگھي ٿو ۽ تاريخ جو ورق ورق گواھ آھي ته، ان دور ۾ ھي جذبو سنڌين جي رڳ رڳ ۽ نَس نَس ۾ موجزن ھو. جنم ڀوميءَ جي بقا ۽ سالميت لاءِ، آزادي ۽ خودمختياري لاءِ، ھنن وٽ سِر ۽ ساھ جي ڪابه قيمت ڪانه ھئي. سندن نعرو ھو ته:
    مڃيوسين ته ساھ ھڪڙوئي آھي،
    مڃيوسين ته ان جو مُلھ آھي مھانگو،
    پر ساٿيو، مجاھدو، جانبازو،
    وطن لاءِ ھي سودو آھي سھانگو.
    ھن جنگ ۾ فيروز شاھ سان سنڌ جي لشڪر جنھن جوانمرديءَ سان مقابلو ڪيو، ان لاءِ سندس درٻاري مؤرخ لکي ٿو ته، ”ڄام بابيني؛ فيروز شاھ جو، مڙسيءَ سان مقابلو ڪيو، فيروز شاھ به مقابلو ڪندو رھيو، پر جڏھن ان ڏٺو ته، حالتون ان جي موافق نه آھن، تڏھن ان پنھنجي اراڪين دولت ۽ فوجي سردارن سان سان صلاح ڪندي چيو ته، ”ھن وقت حالتون اسانجي ايتريقدر ته خلاف آھن، جو اسانجي فتح ناممڪن آھي. مناسب اِئين آھي ته، ھن وقت اسان گجرات ھلون ۽ جڏھن حالتون ٺيڪ ٿين، تڏھن موٽي اچي ٺٽي تي ٻيھر حملو ڪري فتح ڪريون. سڀني فيروز شاھ جي ھن راءِ سان اتفاق ڪيو.“ (تاريخ فيروز شاھي- بحوالہ تاريخ سنڌ- ج اول مولانا قدوسي) ھن مان معلوم ٿئي ٿو ته، شھنشاھ ھند، جنھن سنڌ کي فتح ڪرڻ، اَڪ جي ماکي ٿي سمجھي ۽ حلوو کائڻ ٿي تسليم ڪيو، ان کي خبر پئجي ويئي ته، ھت به ڪي شير رھن ٿا. ھت به ڪي مڙس مٿير ۽ سوڍا آھن، جن کَٽي لسي ۽ گھاٽي ماھي کير پيئڻ سان پاڻ ۾ مردانگي ۽ شجاعت جا جوھر پيدا ڪيا آھن. سنڌوءَ جي لڙاٽيل پاڻي ۽ مھراڻ جي موجن به ھنن سورمن ۾ ڪي انگ پئدا ڪيا آھن، جيڪي سِر ڏين ٿا پر سنڌ نٿا ڏين. جيڪي پنھنجو رت وھائڻ پسند ڪن ٿا پر وطن جي آزادي ۽ سالميت تي، آڱر کڙي ڪرڻ نٿا ڏين، جيڪي سنڌڙيءَ جي سونھن ۽ سوڀيا لاءِ، بقاءَ ۽ خودمختياريءَ لاءِ، ويرين جي وجود کي ڪٽاريءَ سان ڪَٽين ٿا.
    شھنشاھ گجرات پھچي، وچن ڪيو ته، جيستائين سنڌ کي فتح نه ڪندس، تيستائين دھلي تختگاھ موٽي نه ويندس. گجرات ۾ ھن مستقل رھائش اختيار ڪئي ۽ نظام الملڪ کي معزول ڪري، ظفر خان کي گجرات جو حاڪم مقرر ڪيو ۽ لشڪر کي ڇھن مھينن جي پگھار مفت ۾ ڏيئي، سندن دلين کي ٿڌو ڪيائين ۽ کين سواري يا ٻئي جوڳي اسباب لاءِ به ڌار پئسا ڏنا. ان کان پوءِ ھن ٺٽي تي ٽِئين حملي ڪرڻ لاءِ، نيون تدبيرون اختيار ڪيون. گجرات جي سالياني آمدني، جيڪا ٻِن ڪروڙن کان به مٿي ھئي، جنگ جي تيارين تي خرچ ڪئي ۽ پنھنجي وزير اعظم خان جھان کي دھلي لکيو ته، ”مان بري ۽ بحري فوج سان وري ٺٽي تي حملي ڪرڻ لاءِ وڃان ٿو، توکي گھرجي ته منھنجي مدد لاءِ، سنڌ جي محاذ تي، وڌ کان وڌ فوج ۽ اسلحو موڪل.“ ان ئي دور ۾ بھرام خان، کيس دولت آباد تي ڪاھ ڪرڻ لاءِ ھِرکايو. سلطان کيس جيڪو جواب ڏنو، ان مان ھن شھنشاھ جي سنڌ فتح ڪرڻ جي ماليخوليا ظاھر ٿئي ٿي ته کيس سنڌ لاءِ ڪيڏو نه حسد، تعصب ۽ غلام بڻائڻ جو جُنون ھو! ھن چيو ته، ”جيستائين مان ٺٽي کي فتح نه ڪري سگھان ۽ ٻيھر ٺٽي نه پھچي ان کي، چڱي طرح نيست ۽ نابود نه ڪريان، ان وقت تائين، مون کي آرام نه ٿو اچي سگھي ۽ نه وري مان ڪنھن ٻئي طرف جو ارادو به ڪري سگھان ٿو. انشاءَالله جڏھن مان ٺٽي کي فتح ڪندس، ان وقت مان دولت آباد جو رخ ڪندس.“ (ماھوار تحريڪ- ڪتاب نمبر 6 رسول بخش پليجو) سلطان کي سنڌ فتح ڪرڻ جو ھي جنون ھو ۽ ھوڏانھن سندس لشڪر جي حالت ھئي جو، جڏھن سپاھين ٻُڌو ته ”وري اسان کي سنڌ موڪليو ٿو وڃي ته ھنن گھرن ڏانھن ڀڄڻ شروع ڪيو. جڏھن ھن موضوع تي سلطان، سردارن سان صلاح ڪئي، تڏھن ھنن کيس چيو ته، لشڪر جي چوڌاري پھرو ڏنو وڃي ۽ ڪنھن کي ڀڄڻ نه ڏجي.“ پر بادشاھ ان کي نه مڃيو ۽ وزير خان کي چوائي موڪليائين ته، ”جيڪي به سپاھي اسان جي لشڪر کي ڇڏي دھلي پھچن، تن کي گھرائي، معمولي دٻ ڪڍي وڃي ۽ ڪا سخت سزا نه ڏجي.“ (تاريخ فرشته- شمس سراج عفيف) تنھن کان پوءِ فيروز شاھ، ھڪ وڏي لشڪر سان ٺٽي روانو ٿيو. واٽ تي بھاءُالدين ذڪريا ملتاني ۽ بابا فريد شڪر گنج جي درگاھن تي به دعائون پنندو ۽ نذر نياز ڏيندو، ھيڏانھن وڌيو.
    ھي اھو زمانو ھو، جڏھن اَن پچي چڪو ھو. لابارن جا ڏينھن ھئا. سنڌ جا رھاڪو، پنھنجي روزاني ڪِرت ۾ مشغول ھئا. کين اھا خبر ڪانه ھئي ته، ڪا ھيءَ آفت اوچتو اچي ڪڙڪندي، ڇوته ھو اصل کان ئي امن جا متلاشي ھئا، نه پاڻ ڪنھن جا دشمن ۽ نه ڪنھن جا مَٺ گھرا، ان ڪري طبيعت جا ھي سادا ماڻھو، ھر ھڪ کي پنھنجو سڄڻ سمجھندا ھئا. پر ھيءَ حقيقت آھي ته ”گھڻو نيڪ بڻجڻ به وڃائي ٿو وقعت“ چالاڪي، ٺڳي ۽ فريب جي سياست کان ھو بنھ پري ھئا. بھرحال جڏھن کين معلوم ٿيو ته، وري ھو مجسمئه حسد ۽ اقتدار جو بکيو حاڪم ڪاھي آيو آھي، تڏھن ھنن فوجي حڪمت عمليءَ کان ڪم وٺندي، جوابي ڪاروائي شروع ڪئي. سنڌين، دشمن جي اڳتي وڌڻ جون راھون بند ڪرڻ لاءِ، درياھ ۽ سمنڊ جي ڪنارن وارا علائقا خالي ڪري، اتي جو فصل ۽ گاھ، ڀيلائي سموري علائقي کي اجاڙي ڇڏيو. دريائي پليون ۽ تَڙ ناس ڪيا. سنڌي فوج درياھ ٽپي الھندي پاسي مورچا بند ٿي ويٺي. سنڌونديءَ جي ڪناري تي 160 ميل ويڪري بچاءَ لائين کڙي ڪئي ويئي. (پيھي منجھ پاتال- يوسف شاھين. روزانه ھلال پاڪستان) ان مان معلوم ٿئي ٿو ته، سنڌي جوڌا ملٽري ۽ جنگ جي سڀني جديد لاڙن ۽ طريقن کان نه صرف واقف ھئا، پر ماھر به ھئا. بادشاھ اھا حالت ڏسي، سنڌو تي بيٺل سڀ ٻيڙيون، پنھنجي طرف ڪري، قلعي تي سخت پھرو بيھاريو. ھن ڏٺو ته سنڌوءَ جي ٻئي طرف وڏي طاقت سان سنڌي لشڪر موجود آھي، ان ڪري سندس فوج درياھ ٽپي نٿي سگھي. ۽ ھيءَ حقيقت آھي ته، سندس فوج، سنڌين کان ايترو ته خوف زده ھئي جو درياھ ٽپڻ جي کيس ھمت نٿي ٿي. بادشاھ عمادالملڪ ۽ ظفر خان کي لشڪر ڏيئي، بکر کان ٽپي سنڌين تي حملي ڪرڻ لاءِ موڪليو. اھو مفاصلو 250 ميلن جو ھو. ھنن ايڏو پنڌ ان ڪري ڪيو جو کين سنڌين کان خطرو ھو ۽ ھو سنڌين جي بھادريءَ کان واقف ھئا. ٻنھي لشڪرن ۾ خونريز جنگ لڳي- (سنڌ ۾ سمن جو اقتدار- ھلال پاڪستان مئگزين سيپٽمبر 1983ع) جنھن ۾ فيروزشاھي لشڪر کي، سنڌين شڪست ڏني. اھا حالت ڏسي مجبوراً فيرزو شاھ پنھنجي ماڻھن کي واپس گھرائڻ لاءِ قاصد موڪليو. اھڙي طرح ھي بھادر جرنيل، ڪجھ ماڻھو مارائي، ڪجھ زخمي ڪرائي، ذلت ۽ خواريءَ سان وري به اڍائي سؤ ميلن جو مفاصلو طئي ڪري، بکر وٽان درياھ ٽپي سلطن سان اچي مليا. اھا حالت ڏسي سلطان ڏاڍو ششدر ٿيو. آخري تاريخ فيروز شاھي جي مصنف جي لفظن ۾:
    ”عمادالملڪ کي، بادشاھ دھلي ڏانھن وڌيڪ لشڪر وٺي اچڻ لاءِ موڪليو ۽ وزير اعظم ڏانھن حڪم موڪليائين ته، جيتري به زياده فوج موڪلي سگھين موڪل.“ عمادالملڪ دھلي پھتو ۽ بدايون، قنوج، سنديچ، اوڌ، جونپور، بھار، ترھٽ، مھويه، ايرج، چنديري ڌار، دوآبه، سامانه، ديبالپور، ملتان، لاھور ۽ ٻين پري پري جي علائقن مان، تجربيڪار سپاھي ۽ بي باڪ سپھ سالار چونڊي، انھن کي نئون اسلحو ڏيئي، سنڌ جي محاذ تي موڪليو. فيروزشاھ، سنڌين جي اناج تي ته اڳيئي قبضو ڪري چڪو ھو، ۽ ويتر وٽس ساري ھندوستان جي فوج اچي پھتي، تڏھن مڙس مچي پيو. پر اڳيان به سنڌي سوڍا ھئا جيڪي جوئر ۽ ٻاجھريءَ جي سُڪن ڍوڍن تي نپجي وڏا ٿيا ھئا، جن وٽ ”تم تیر آزما، ھم جگر آزمائین.“ واري ڪار ھئي. ڄام بابيني، منجھن ھمت، جرئت، استقلال، بھادري، پاڻمرادي ۽ حب الوطني جو ايڏو ته روح ڦوڪيو ھو، جو ھو کلئي ميدان ۾ مانجھين وانگر وڙھڻ لڳا. سنڌي سورھين، ھن سد پرست ۽ پئسي جي پٺو فوج تي مارو ڪري ڏنو. شمس سراج عفيف لکي ٿو ته، ”سلطان فيروز جون اکيون، آسمان ۾ کُتل ھيون ۽ گھڙي گھڙي، غيبي امداد لاءِ پئي ٻاڏايائين.“ پر ھيڏانھن به سنڌي فوج ھئي، جيڪا پنھنجن مورچن ۾، اِئين ڄمي بيٺي رھي، ڄڻ ته ڪي ماڻھو نه ھئا پر جبل جون ڇپون ھيون، جن شاھي فوج جا حملا ناڪام بڻائي ڇڏيا. ٻئي فوجون، پنھنجي پنھنجي جاءِ تي جھڙپون کائينديون رھيون. اِئين ڪيترو ئي وقت گذري ويو. سنڌ ڏڪار جي راڪاس جي چنبي ۾ اچي ويئي. ٻن سونين مھرن ۾، ھڪڙو سير اَن مس ٿي مليو. مال ۽ ماڻھو بُکن وگھي مرڻ لڳا. مگر ايڏي خوراڪ جي تنگي ھوندي به سنڌي فوج دشمن سان منھن ڏيندي آئي. تاريخ فيروز شاھي جو مصنف لکي ٿو ته، ”سنڌين جي جماعت، بي حد قوت ۽ بي پايان بھادريءَ سان، درياھ سنڌ جي ڪناري سان گڏوگڏ، ستر ڪوھن تائين، سوارن ۽ بھادر جوانن تي مشتمل ھئي. اھا نھايت ھوشياري ۽ بھادريءَ سان، ڪوشش ڪري رھي ھئي ته، اتان دشمن جو گذر ناممڪن ٿئي. ملڪ عمادالملڪ ۽ ظفر خان، لشڪر وٺي سنڌين سان مقابلو ڪيو. ٺٽي جا ماڻھو، وڏو لشڪر وٺي پيادل ۽ سوارن سان گڏ، قلعي کان ٻاھر آيا. ٻنھي جي وچ ۾ سخت جنگ لڳي، جيڪا لکي نٿي سگھجي.“ پر شھنشاھي فوج وڙھي وڙھي ٿڪجي پيئي ۽ پٺتي موٽڻ لڳي. فيروز شاھ فوجي حڪمت عمليءَ کان ڪم وٺي، سنئون سڌو حملو ڪرڻ کان نٽايو پئي. انھيءَ ارداي سان ته طويل گھيري ڪري، دشمن جي فوج ازخود پيش پوندي پر ھو ان ۾ ڪامياب نه ٿيو. (برصغير جي مسلمانن جي تاريخ- مترجم ايم ايڇ خواجه ص 314) ۽ ان ناڪامي ۽ شرمساريءَ کي لڪائڻ لاءِ ھاڻي ھن اٽڪل ۽ چالاڪيءَ کان ڪم وٺڻ پئي چاھيو. کيس سنڌ واسين جي رحمدلي، ماٺيڻي طبع ۽ بزرگن لاءِ عزت ۽ احترام ڪرڻ جي اڳيئي خبر ھئي، ان ڪري ھن ڇا ڪيو جو اُچ شريف جي بزرگ مخدوم جھان جھانيان ڏانھن قاصد موڪليائين ته ھو اچي ڄامن کي فيروز سان ٺاھ ڪرڻ لاءِ ستائي. بزم صوفيائي تذڪره ۾ آھي ته، ”فيروز شاھ مخدوم جھانيان جو محقوق ھو“ ۽ ڄامن جي اُن سان نيازمندي ھئي. اھوئي سبب آھي جو فيروز کي، ھن کان وڌيڪ ٻيو موزون ماڻھو نه پئي مليو. مولانا قدوسي صاحب لکي ٿو ته، ”تاريخ فيروز شاھي جي عبارت مان خبر پوي ٿي ته سيد جلال الدين جھانيان جھان گشت کي اُچ مان گھرائڻ ۾ سلطان فيروز جو ھٿ ھو.“ (تاريخ سنڌ- ج اول ص 121) ساڳيو خيال حضرت پير حسام الدين راشدي صاحب ”ٺٽي ۽ ديبل جو تقابلي مطالعو- مضمون ۾ ڏيکاريو آھي- (ڳالھيون ڳوٺ وڻن جون- ص 315) ان کانسواءِ پاڻ ھڪ ٻي جاءِ تي وضاحت سان لکن ٿا ته ”فيروز تغلق، ٺٽي جي قلعي تي قابض ٿي نه سگھيو ته، چراغ دھلوي ۽ جلال بخاري اچي کڻي چاڙھ ڏيئي، سندس تقدس جي واسطي سان، ڄامن کي صلح جا واعدا ڏيئي قلعي کان ٻاھي آڻي، ڌوڪي ۾ قيد ڪري دھلي وٺي ويو ته، (مير معصوم بکري ص 178) ڊاڪٽر رياض الاسلام لکي ٿو ته، ”سنڌ جي والين ڄام جوڻي ۽ ڄام ڀنڀي فيروز شاھ تغلق جي ماتحتي ۽ فرمانبرداري، حضرت مخدوم جھانيان جي حڪم تي ڪئي ھئي ته، (سه ماھي مھراڻ 1975ع سنڌ جو تاريخي جائزو- سرفراز احمد ڀٽي ص 141) ھت ھيءَ ڳالھ ياد رکڻ گھرجي ته، جھانيان جھان فيروز شاھ جو دوست ھو ۽ ڪيترائي ڀيرا وٽس دھليءَ به ويو ھو. جڏھن مخدوم صاحب فيروز شاھ وٽ ٺٽي ۾ پھتو، تڏھن کيس چوڻ لڳو ته، ”ٺٽي ۾ ھڪ صالح ۽ پارسا عورت ھئي، ان جي دعا جي برڪت ڪري، ٺٽو اڄ تائين فتح نه ٿي سگھيو. مان جڏھن به تنھنجي ڪاميابي ۽ فتح لاءِ دعا گھرندو ھوس، تڏھن اھا عورت قبوليل دعا ۾ حائل ٿيندي ھئي. ھاڻي ٽي ڏينھن ٿيندا جو اھا مري ويئي آھي، ان ڪري اميد آھي ته ٺٽو ھاڻي فتح ٿيندو. (تاريخ سنڌ- مولانا قدوسي- ج پھريون ص 404) ھن مان ظاھر آھي ته مخدوم صاحب کي فيروز ئي گھرايو ھو ۽ ھن بزرگ مفاد به فيروزئي جي اڳيان رکي، ڄامن کي صلح لاءِ مجبور ڪيو. محترم رسول بخش پليجو لکي ٿو ته، ”فيروز بادشاھ ئي اُچ مان پير صاحب کي گھرايو ۽ ان جي معرفت صلح جون ڳالھيون ھليون. فيصلو ٿيو ته (الف) جنگ بند ڪئي ويندي- (ب) شاھي فوج، سنڌو درياھ ڪانه ٽپندي ۽ ٻاھران ئي ٻاھران، واپس دھليءَ رواني ٿي ويندي- (ث) سنڌ جو ڄام براديو ۽ ٺٽي جو گورنر ڄام بابينو، شھنشاھ سان گڏجي دھليءَ ويندا ۽ دھلي درٻار ۾ رھندا. سندن پويان سنڌ جي حڪومت ڄام براديو جو پٽ ۽ ڄام بابيني جو ڀاءُ تماچي ھلائيندو. (1) ھيءُ معاھدو ھو، جيڪو مخدوم جھانيان رحه جي موجودگيءَ ۾ سنڌ ۽ ھند جي حڪومتن جي وچ ۾ ٿيو. باقي جيڪا بناوٽي ڳالھ مولانا قدوسي صاحب لکي آھي اھا اسان جي سوڍن سمن جي سورھيائي يا خود حالات جي تاريخي پس منظر جي روشنيءَ ۾، سراسر غلط ۽ واھيات الزام آھي. تاريخ ڪوڙن ڏٽن ۽ قِصن جو نالو نه آھي، ۽ نه وري درٻاري تبلچين جي رحم ڪرم تي آھي. اھا ڳالھ خوشامدي ۽ مجلسي مؤرخن جي ھٿ ٺوڪي آھي، ته جيئن فيروز جي شرمساريءَ کي به لِڪائي سگھجي ۽ دھليءَ جي ماڻھن جي اکين ۾ ڌوڙ وجھن- سنڌ جا اھي ڄام، جن دھليءَ جي سلطانن کي 3 دفعا ٽوٽا چٻايا ۽ ھٿ نه پئي ڏنائون، آخر مجبورن بادشاھ کي مخدوم صاحب جي موجودگيءَ ۾ صلح ڪرڻو پيو. ڄام ھاڻي ڳچيءَ ۾ پَٽڪو وجھي، پنھنجي تلوار کي ڳلي ۾ لٽڪائي مجرمن وانگر سلطان جي پيرن تي ڪري، سندس قدم چُمن ٿا ۽ غلطيءَ جي معافي وٺندي گڙگڙائن ٿا ته- ”شاھ بخشڻ لوئي، بنده شرمنده منم“ (تاريخ سنڌ- جلد اول ص 222) ڇا قدوسي صاحب، تنھنجو عقل ۽ ذھن ھن ڳالھ کي تسليم ڪري ٿو- جيڪڏھن ائين صحيح آھي ته، پوءِ آءٌ چوندس ته سنڌي ڄامن جي اھا بي عزتي، صلح ڪرائيندڙ ڪرائي آھي- مگر تاريخي حقائق ٻڌائين ٿا ته، ائين ٿيو به نه آھي. اسان جي تاريخ سان ھٿ چراند نه ڪئي وڃي. اسان سنڌي نوجوان پنھنجي تاريخ جا پاڻ محافظ آھيون. اسان جا سوڍا ۽ سورما، سما حڪمران اھڙا ذليل نه ھئا. اسان عظيم تاريخي روايتن جا وارث آھيون. اسان تاريخ ۾ اڻ مٽ نشان ڇڏيا آھن. ٺٽي جي مُٺ ڀر مجاھدن، ھندوستان جي شھنشاھ کي جيڪا شڪست ڏني، اھا سنڌين جي دلي قوت، فوجي مھارت، احساس بالاتري ۽ احساس خود شناسي جو زندھ ثبوت آھي. اھوئي سبب آھي جو لوڪ روايتن ۾ اھا چوڻي مشھور ٿي ويئي ته”با برڪت پير پٺو، ھڪ مئو ٻيو ٽُٽو“ ٽُٽي جي معنيٰ آھي ڀڳو- (۽ فيروز برابر ڀڄي ويو-) اسان جا سنڌي حاڪم اھڙا ذليل، بي ھمت، بي غيرت، بي ضمير ۽ بزدل نه ھئا جو دشمن وٽ ڳچيءَ ۾ ڪپڙو وجھي وڃي معافي وٺن. وطن جي سالميت لاءِ، دشمن سان مقابلو ڪرڻ، ڇا ڪو ڏوھ آھي جو معافي وٺجي؟ ھنن درٻاري تبلچين وٽ نه ڪو اصول آھي نه متو آھي ۽ نه وري ڪنھن تاريخي واقعي کي پرکڻ جي ڪا ڪسوٽي آھي- جيئن عفيف لکيو آھي ته، ”ٺٽي ۽ گجرات جي سر زمين فيروز شاھ جي دور ۾ فتح ٿي، جنھن کي سلطان معز الدين محمد سام کان وٺي، ھن وقت تائين، ڪوبه فتح ڪري نه سگھيو. سلطان علاءُالدين خلجي پاڻ سان گڏ، سلطان روم، سلطان حسين جي امدادي لشڪر سان ھت آيو ھو، تاھم فتح نه ڪري سگھيو“- عفيف لکي ٿو ته ”تھتھ چو شاھ رخ نھاده- شاھانش دويده پا فتاده. آورده ھمہ برابر خويش- گنجنيہ بداديش زحد بيش، يعني جڏھن ٺٽي طرف شاھ رُخ ڪيو، تڏھن اتان جا بادشاھ ڪرندا ڊھندا ۽ ڊوڙندا آيا ۽ ھر ھڪ پنھنجن ساٿين کان وڌيڪ خزانو پيش ڪرڻ آيو. (بحوالہ تاريخ سنڌ- جلد اول- مولانا قدوسي صاحب ص 223) حالانڪ ھي سراسر غلط آھي. فيروز سنڌ کي فتح ڪونه ڪيو ۽ نه ڪري سگھيو ۽ نه وري سندس دل جي حسرت به پوري ٿي. ھو وڏي واڪي چوندو ھو ته ”مان سنڌ کي غلام بڻائي، سنڌ کان خوفناڪ انتقام وٺان، سنڌ جي تخت گاھ ٺٽي ۾ ويھي سنڌين جو ڪوس ڪرايان. سندن لَڄون لٽايان ۽ سنڌي مَردن ۽ عورتن کي غلام بڻائي دھلي وٺي وڃان ۽ سڄي سنڌ ۾ خرمستيون ڪريان- (ماھنامه تحريڪ- جناب رسول بخش پليجو.) پر اھو آمر ۽ ڊڪٽيٽر حاڪم، پنھنجي ڀرم کي رکڻ لاءِ مخدوم صاحب جي معرفت صلح ڪرڻ تي مجبور ٿئي ٿو. سندس ھيءَ ڪاھ ناڪام ويئي. مورخ لکن ٿا ته “The condes of the long Compaign, fully brings out, the weakness of Firoz, as military Leader” يعني ٺٽي جي ڊگھي ۽ گھڻي عرصي واري مھم، فيروز شاھ جي ان ڪمزوري جي نشاندھي ڪري ٿي ته ھو، سٺو ملٽري ليڊر نه ھو.“ (اي شارٽ ھسٽري آف انڊو پاڪ- 238) ساڳي طرح ھڪ ٻيو مورخ لکي ٿو ته ”ٺٽي جي اھا مھم فوجي نقطئه نگاھ کان ڪامياب نه ھئي. (بر صغير جي مسلمانن جي تاريخ- مترجم: ايم اڇ خواجه) ھن مان معلوم ٿئي ٿو ته، ھنن درٻاري مورخن بعد ۾ جيڪو لکيو آھي، سو صرف بادشاھ جي چاپلوسي ۽ خوشامد ڪئي آھي ۽ ايندڙ ليکڪن لاءِ غلط روايتون لکيون آھن. پر تاريخ اھڙو سائنٽيفڪ علم آھي، جيڪو ھر غلط ۽ صحيح ڳالھ کي نکيڙي صاف ڪندو آھي.
    تغلق بادشاھ جي ھنن ڪاھن ۽ ڀاڄن مان چڱي طرح معلوم ٿئي ٿو ته، سنڌ جو حڪمران طبقو ۽ عوام ڪيڏو نه بھادر، غيور ۽ محب وطن ھو، ۽ ھن ننڍڙي خطي، کيس اھا اک ڏيکاري جو ھو بانءَ ڪري پوئتي ڀڳو- اھا آھي حب الوطنيءَ جي تقاضا. اھو آھي ساڻيھ سان سِڪ جو تاثير- اھو آھي مھراڻ جي لڙاٽيل پاڻيءَ جو اثر. اھو آھي جنم ڀوميءَ سان محبت جو ڪرشمو، جنھن سنڌ جي عوام ۾ اھو انگ، اھو رنگ، اھو ڍنگ ۽ اھو جذبو پيدا ڪيو جو، کين اٿاھ لشڪر ۽ ھاٿين جا انبوھ به دھلائي نه سگھيا. سنڌ جي حاڪمن، جن کي فيروز شاھ، دھليءَ جي ماڻھن کي ڏيکارڻ لاءِ يرغمال بڻائي وٺي ويو، اھو دھليءَ جي رنگين ۽ دلڪش محفلن، عشرت ڪدن ۽ جيم خانن، بلند ترين ماڙين ۽ عمارتن، قيمتي پوشاڪن ۽ شاھي خزاني جي ماھياني 20 لکن کي ڦٽو ڪري وري اچي سنڌ وسائي ۽ سنڌ جي خودمختاري جو اعلان ڪري، دھليءَ جي فيروز شاھ کي وري به پنھنجو وڏو تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري، سنڌ کي دھليءَ جي مصنوعي ۽ ڏيکاءَ واري تسلط کان آزاد ڪرايو. ڊاڪٽر رياض الاسلام لکي ٿو ته، ”جيتوڻيڪ ظاھري طور فيروز سنڌ تي قبضو ڪيو، پر ان جو سنڌ تي گھٽ اثر ھو. نيٺ ڄام تماچي ۽ ڄام جي پٽ، دھليءَ سان سڀ تعلقات ختم ڪري ڇڏيا. فيروز شاھ جون ٻه زبردست ڪاھون کين ڪمزور نه ڪري سگھيون، نه صرف ايترو، پر فيروز شاھ جي فتح به کين لوڏي نه سگھي. ان جو ھڪ سبب 14 صديءَ جي ٻئي اڌ ۾ مرڪز جي ڪمزوري ۽ ٻيو سبب سَمن جي وطن دوستي آھي. سمن ۾ وطن دوستيءَ سان گڏ، اعليٰ انتظامي صلاحيتون به موجود ھيون، جنھن سبب، ھنن عوام جي دلين تي ٿي حڪومت ڪئي. (سنڌ ۾ سمن جو اقتدار- مترجم ڊاڪٽر نواز علي شوق- ھلال پاڪستان مئگزين- سيپٽمبر 1983ع)
    اھڙي طرح ھنن سوڍن ۽ سورمن حاڪمن، سڄڻ ۽ ساڻيھ سان، ملڪ ۽ قوم سان، حڪومت ۽ عوام سان، پنھنجو ناتو ۽ نينھن قائم ۽ دائم رکيو ۽ پرڏيھ جي پِرت کي ڇڏي، ديس جي سنڀال ڪرڻ، پنھنجي زندگيءَ جو مول ۽ متو مقرر ڪيو. اھڙن ئي ڌرتيءَ جي پياسين ۽ سوڍن لاءِ، مخدوم محمد زمان لنواريءَ واري چيو آھي ته:

    پِرت ڇڏي پرڏيھ جي، ساڻيھ ڪر سنڀال،
    لَکن سندي لال، مڇڻ مفت وڃائين.


    شاھ بيگ ارغون (1520ع)

    برو بگيرد يام بلخا، مون نه پروڙيم مام،
    ٿود ئي ٿو مان خشگان، ڇلي ڇير جي لام،
    اچي پيئي تنھين سام، دراھ دراھ ڪن جي.
    (شاھ لطيفؒ )



    شاھ بيگ ارغون جي حملي کان پوءِ، ملڪ جا سڀيئي قلعا، وسنديءَ وارا واھڻ ۽ بستيون، مال ملڪيتون، مطلب ته سڄو ارڪو ترڪو ڌارين جي قبضي ۾ اچي ويو، جن جي نه ٻولي سمجھ ۾ ٿي آئي ۽ نه سندن اٿڻ وھڻ، چال چلت ۽ رھڻي ڪھڻي مان ھِتان جي ماڻھن کي ڄاڻ سڃاڻ ھئي، ھنن ٻھراڙيءَ جون زمينون، جن تي سنڌ جي غريب عوام جو گذر بسر جو دارو مدار ھو، نانيءَ ويڙھو ٺاھي، پاڻ ۾ ورھائي کنيون. ڪن جي نالي تي جاگيرون ٿيون، ڪن خالصن جي صورتن ۾ ورتيون، ڪِن وظيفن ۽ چراغي جو نالو ڏيئي قبضو ڪيو. ملڪ جي اصل مالڪن کي نظر انداز ڪري، سڀئي اعليٰ عھدا پاڻ ۾ ورھائي ورتائون، گويا سنڌ جي قسمت جون واڳون مڪمل طرح انھن ٻاھرين جي ھٿن ۾ اچي ويون ۽ سنڌين ويٺي قدرت جو تماشو ڏٺو ۽ پنھنجي بدبختيءَ تي روئڻو ٿي رُنو-

    - سيد حسام الدين راشدي
    مير معصوم بکري ص 69


    جن گھراڻن ڏورانھان ۽ ٻاھران اچي، ڏاڍ مڙسي ۽ جبر سان، سنڌ ۾ پيھي، ھت زوري پنھنجي حڪومت قائم ڪري، من مستيون ڪيون، تن مان ارغون گھراڻو سَرِ فھرست آھي، جنھن جو بنياد شاھ بيگ وڌو. شاھ بيگ جو اصل نالو شجاع بيگ ھو. سندس پيءُ جو نالو ذوالنون بيگ بن امير مصري بن فرخ بيگ ھو، جيڪو دنيا جو مشھور ڌاڙيل ۽ رھزن، چنگيز خان جي اولاد مان ھو. سندس شجرو ھن ريت آھي: ارغون خان بن اباقا خان بن ھلاڪو خان، بن تولي خان، بن چنگيز خان. (تحفة الڪرام- مير قانع ٺٽوي ص 205) چنگيز خان کي چار پُٽ ھئا. سندس مرڻ کان پوءِ اوڪتائي جاءِ نشين ٿيو، اڪتائيءَ کان پوءِ سندس پُٽ ڪئيڪ قا آن گاديءَ تي ويٺو، کانئس پوءِ تولي خان جو پُٽ منگوقا آن، گادي نشين ٿيو. منگوءَ جي پٺيان، قوبلاقا آن، چين جي تخت تي ويٺو، جنھن پنھنجي ڀاءُ ھلاڪو کي ايران جو حاڪم مقرر ڪيو. ھلاڪو کان پوءِ ، سندس اولاد ايران تي حڪومت ڪرڻ لڳو ۽ قوبلاقا آن جو اولاد چين تي. ھلاڪو جي اولاد مان، احمد نقودار پھريون مغل حاڪم ھو، جنھن اسلام قبول ڪيو ۽ پاڻ تي محمود نالو رکايو. امير ذوالنون بيگ ارغون، پوئين تيموري شھزادي، ھرات جي والي، سلطان حسين بائقارا جو، اميرالامراءُ ۽ سپھ سالار ھو، جنھن اتر ايران، افغانستان، خراسان ۽ سيستان تي، 25 ورھيه حڪومت ڪئي. 884ھ ۾ امير ذالنون بيگ ارغون سلطان حسين پاران قنڌار، زميد، داور، ساغر تولڪ ۽ فراھ جو والي مقرر ٿيو، جنھن پنھنجي پُٽ شاھ بيگ کي قنڌار ڏنو ۽ ساغر تولڪ پرڳڻن مٿان، عبدالعلي خان کي مقرر ڪيو ۽ غور جو علائقو، امير فخرالدين ۽ امير درويش جي حوالي ڪري، پاڻ داور مٿان حڪومت ڪرڻ لڳو. ھو 913ھ مطابق 1507ع ۾، سلطان حسين پاران، امير محمد خان شيباني، ازبڪ سان وڙھندي مارجي ويو. (جنت السنڌ- مولائي شيدائي- ص 363)
    امير ذوالنون جي وفات کان پوءِ، ارغونن ۽ ترخانن گڏجي، شاھ بيگ کي پنھنجو سردار تسليم ڪيو. ھن ان وقت ئي نقارا وڄائڻ جو حڪم ڪيو ۽ جيڪي امير جي عھدن تي ھئا، ان تي برقرار رکيائين، محمد خان شيباني کي جڏھن اھا خبر پيئي، تڏھن ھن قنڌار کي، فتح ڪرڻ جو ارادو ڪيو، پر شاھ بيگ قاصد موڪلي، پنھنجي اطاعت ۽ فرمانبراريءَ جو اظھار ڪيو ۽ خُطبي خواھ سِڪي تي، سندس نالو لکرائي، خدمت ۾ حاضر ٿيو. ان تي محمد خان مٿس راضي ٿي خراسان ھليو ويو. (تاريخ معصومي- ص 96) ان کانپوءِ شاھ بيگ ڪابل ۽ قنڌار تي مستقل قبضو ڪري، ھرات جي مرڪزي حيثيت ختم ٿيڻ بعد پنھنجي گورنريءَ کي نيم آزاد سلطنت جو رنگ ڏيئي ڇڏيو.
    ھي زمانو وچ ايشيا ۾ وڏي اھميت وارو ھو. ايران اندر، ان وقت ٽي نيون طاقتون، ظھور وٺي رھيون ھيون. شاھ اسماعيل صفوي، محمد خان شيباني ۽ امير تيمور گرگان جي دورمان جو بلند اقبال نوجوان بابر. ھي ٽيئي قوتون، ھڪ ئي وقت، ايران جي سرزمين تي، پنھنجي قيام ۽ بقا لاءِ جدوجھد ڪري رھيون ھيون. شاھ بيگ جيتوڻيڪ خودمختيار ھو، پر منجھس خودمختياري رکڻ جي طاقت نه ھئي. (سيد حسام الدين راشدي- نئين زندگي جون 1956ع ص 6) مٿان بابر پنھنجي اباڻي سلطنت کي ھٿ ڪرڻ لاءِ حملا پئي ڪيا. ھن ٽي گھمرا، پنھنجي پيءُ جي تختگاھ سمرقند کي ھٿ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون، پر ازبڪن کيس شڪست ڏني ھئي. ان ڪري ھن ڪابل تي حملو ڪري قنڌار کي فتح ڪرڻ جو ارادو ڪيو. اھا حالت ڏسي، شاھ بيگ کي ھاڻي پنھنجي اچي لڳي- ھن پنھنجي دوستن سان صلاح ڪئي ته “اسان باھ ۽ پاڻيءَ جھڙين ٻن خودمختيار، سلطنت جي وچ ۾، ڦاسي ويا آھيون. ھڪ طرف شھنشاھ بابر آھي ته ٻئي طرف شاھ اسماعيل صفوي. بابر اسان کي سُک سان وھڻ نه ڏيندو، اسان کي ضرور ويچار ڪرڻ گھرجي. (تاريخ معصومي- ص 109) ان ڪري ھاڻي ھن کي ڪو اھڙو سُکيو زمين جو ٽُڪرو گھربو ھو، جتي پنھنجي مچائي ويھي. اھوئي سبب آھي جو ھن قنڌار خالي ڪري رِندن جي سردار مير چاڪر خان کان شال، پشين، گرم سيل ۽ ميوي جا علائقا فتح ڪيا ۽ سلطان محمد کي سيوي جو حاڪم مقرر ڪري، گجرات ۽ سنڌ فتح ڪرڻ جو ارادو ڪيو، ڊاڪٽر ايشوري پرشاد لکي ٿو ته- ”شاھ بيگ سنڌ تي ان ڪري حملو ڪيو جو، وچ ايشيا ۾ بابر کيس آرام ڪرڻ نه ٿي ڏنو. (مسلم رول ان انڊيا- سنڌ ان سڪسٽينٿ سينچري ص 536)
    سنڌ ۾ اُن وقت سما خاندان جي حڪومت ھئي ۽ ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو، سنڌ جو حاڪم ھو. ھو نھايت نيڪ، ڪردار ۽ گفتار جو سچو، منتظم، جري ۽ خوش اطوار سلطان ھو. جاھ و جلال، شان و شوڪت، تدبر خواھ فھم فراست ۾ سندس شاني ۽ ثاني ٻيو ڪو ڪونه ٿيو. سندس اڌ صديءَ جي حڪمراني، سنڌ لاءِ سچ پچ رحمت ثابت ٿي، ملڪ ۾ امن امان ھو، خير ۽ برڪت جو جواب ڪونه ھو. سنڌ جا ماڻھو سُکيا ستابا ٿيا. سڄو ملڪ ريان کيان ھو، ديانتداري ۽ دنياداري ملڪ ۾ ٻئي گڏوگڏ ھيون. ديني ۽ دنوي علومن جي اشاعت، سنڌ جي چئني ڪُنڊن ۾ انتھائي عروج تي ھئي. مھرسا ۽ خانقاھون آباد، راڄ ۽ رعيت، امير خواھ سپاھي، سڀ آرام ۽ آسائش ۾ ھئا. (مڪلي نامو- سيد حسام الدين راشدي ص 162) اھو سنڌ ۾ قومي جاڳرتا جو دور ھو. سنڌ واسين ۾، قوميت جو احساس ڪر موڙي رھيو ھو. مخدوم بلاول سمو، سنڌين ۾ قومي احساس ۽ روحاني جذبا پئدا ڪري رھيو ھو. ھو سنڌي تھذيب، سياسي اقتدار ۽ اندروني خودمختياري ۽ ترقيءَ جو قائل ھو. سندس خليفا سيد حيدرؒ ۽ مخدوم ساھڙ لنجار ھئا. ھن گروھ تي سنڌ جي نامور سورھيه دريا خان جو گھڻو راضپو ھو. (پيغام لطيف- جي ايم سيد) ھن ئي زماني ۾، شاھ بيگ ارغون سنڌ تي پھريون حملو ڪيو.
    اھو 895ھ (1440ع) جو دور ھو. شاھ بيگ قنڌار کان اچي اڪڙي، چانڊڪي، سنديچہ ۽ ڪوٽ ماڇي جي ڳوٺن تي قبضو ڪري، ڦرلٽ ڪئي. ھن سيوي جو قلعو، بھادر خان کان کسي، ان تي پنھنجي ڀاءُ سلطان محمد کي حاڪم مقرر ڪيو. (جنت السنڌ- ص 364) پر جلد ئي سنڌي سورمن جو لشڪر، دريا خان جي اڳواڻيءَ ھيٺ اچي پھتو، جنھن کيس جلوھ گير جي ڳوٺ وٽ شڪست ڏني. ان سخت لڙائيءَ ۾، شاھ بيگ جو ڀاءُ سلطان محمد مارجي ويو ۽ مغل شڪست کائي قنڌار ڀڄي ويا. دريا خان وري ساڳين ڳوٺن ۾، امن امان قائم ڪيو. ھن ذليل شڪست شاھ بيگ جي چيلھ ڀڃي وڌي ۽ مير معصوم جي لفظن ۾، ” وري کيس طاقت نه ٿي جو سنڌ ڏانھن اکيون کڻي نھاري سگھي.“ (تاريخ معصومي- ص 353)
    892ھ ۾، ھِرات جي حڪومت سنڌ جي ڪنھن حصي تي لشڪر ڪشي ڪئي. ان جو ذڪر ھڪ سرڪاري فرمان ۾ ھن طرح ملي ٿو. ”ھن زماني ۾ واپارين جي ھڪ ٽولي، جنھن جو واپاري سلسلي ۾، سنڌ جي علائقن ۾، (جيڪو اسان جي قلمرو سان مليل آھي) ۾ اچڻ وڃڻ ھو، اچي فرياد ڪئي ته، دشمنان اسلام (سنڌي لشڪر) جي ھڪ جماعت مسافرن تي ڏاڍ ڪندي رھي ٿي. اھو ٻڌي اسان کي ڏاڍو ڏک ٿيو. اسان ھڪ وڏو لشڪر، انھيءَ ملڪ تي حملي ڪرڻ لاءِ موڪليو. جڏھن لشڪر اسلام (شاھ بيگ جو لشڪر) جي انھن ڪفارن (سنڌين) کي خبر پيئي ته انھن وڏي فوج مقابلي لاءِ موڪلي. غدارن ۽ ڪفارن جي انھيءَ فرقي، اسان جي فوج جو خاتمو ڪرڻ گھريو ٿي. چناچه شب خون جو منصوبو سِٽيائون. راتاھي ھڻڻ لاءِ، جيئن ھو نڪتا ۽ ھڪ فرنج تي مس پھتا ته اسان جي فوج کي خبر پئجي ويئي ۽ فوج تيار ٿي مقابلي لاءِ نڪتي. صبح تائين ٻيئي فوجون منھن مقابل ٿيون. اسلامي فوجن انھن بدبختن ھندن (سنڌين) جي لاشن جا ڍير لڳائي ڇڏيا. خدا تعاليٰ جي فضل سان فتح عظيم حاصل ٿي. (مڪلي نامو- ص 177)
    ھن بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته، اھو ارغوني حملو 892ھ ۾ ٿيو ۽ لازماً انھيءَ ۾ شاھ بيگ جو ھٿ ھو، ڇاڪاڻ ته ھو سنڌ تي قبضي ڪرڻ لاءِ آتو ھو. ھن ان وقت بکر ۽ سيوھڻ جا قلعا ھٿ ڪيا. شاھ بيگ مرزا عيسيٰ ترخان کي لشڪر ڏيئي، فکر جي قلعي کي فتح ڪرڻ لاءِ موڪليو، جنھن قاضي قادن صاحب کان قلعو کسي قبضي ۾ ڪيو ۽ فاضل بيگ ڪوڪلتاش کي، بکر مٿان نائب مقرر ڪري پوءِ سيوھڻ فتح ڪيو. سيوھڻ مٿان خواجه بيگ کي حاڪم مقرر ڪري، پاڻ شال ڏانھن موٽي ويو. (جنت السنڌ- ص 363) اھو سندس ٻيو حملو ھو.
    شاھ بيگ ھنن شھرن کي فتح ڪرڻ کان پوءِ، نئين سر قلعا ٺھرايا. انھن کان سواءِ، ننڍا ننڍا قلعا ۽ ڇانوڻيون به ھيون، جن کي مرڪز طرفان خاص امداد ملندي ھئي. مغلن جا اھي لشڪر، سنڌين ۾ خوف ۽ ھراس پيدا ڪرڻ لاءِ ڪاھ ڪرڻ کان اڳ ڳوٺن کي ڦريندا ھئا. (تاريخ تمدن سنڌ- مولائي شيدائي ص 372)
    1508ع ۾، ڄام نندو وفات ڪري ويو، سندس پٽ ڄام فيروز تخت تي ويٺو. جيئن ته ھو ننڍو ھو ان ڪري سندس حڪومت جو سمورو ڪاروبار دريا خان ھلائڻ لڳو. اھا ڳالھ فيروز جي ماءُ کي نه وڻي، ان ڪري ھن دريا خان جي زور کي ٽوڙڻ لاءِ دولت شاھي نور گاھي ۽ ڪيبڪ ارغونن کي پاڻ وٽ گھرائي، کين جاگيرون ۽ خلعتون ڏيئي، ٺٽي ۾ ھڪ خاص جاءِ ۾ رھايو، جنھن کي ”مغل پاڙو“ سڏيو ويندو ھو. انھن جو سردار مير قاسم ڪيبڪي ھو. فيروز، ماءُ ۽ مامي ڪاھو ڏنور جي چوڻ تي، دريا خان کي درٻار مان ڪڍي ڇڏيو ۽ ان جي جاءِ تي مير قاسم ڪيبڪي کي رکيو. (تحفة الڪرام- مير علي شير قانع ص 252)
    ھن ڪاروائيءَ تي غور ڪيو ويندو، ته خبر پوندي ته فيروز جي اھا وڏي سياسي غلطي ھئي. اھي مغل موڪليا ئي شاھ بيگ ارغون جي طرفان ويا ھئا ته، جيئن خفيه طور سموريون حقيقتون، شاھ کي لکي موڪلين ۽ اندروني طور ھن لاءِ ميدان ھموار ڪن. ان کانسواءِ ڪجھ علماءِ ڪرام به شاھ بيگ موڪليا، جيڪي مذھب جي آڙ ۾، ھن لاءِ عام راءِ کي متاثر ڪن. ان عالمن ” چئن يارن جي چونڪڙي“ مشھور آھي، جيڪا تاجرن جي ويس ۾ ٺٽي ۾ پھتي. منجھن ھڪ خاص قسم جو اتحاد ھو. انھن آخر ۾ پاڻ کي ”غوث الثقلين پيران پير دستگير“، جو اولاد سڏائيندي، ظالم ۽ ڦورو، ارغوني حڪومت جي کپائڻ ۽ ھلائڻ ۾، ارغونن جي مذھبي مدد ۽ ساڻن مال غنيمت ۽، اقتدار ۾، ڀاڱي ڀائيواري ڪئي. (شاھ سچل ۽ سامي. محمد ابراھيم جويو ص 41) انھن عالمن ۾ قاضي شڪرالله شيرازي، سيد مبنه، سيد ڪمال ۽ سيد عبدالله اچي وڃن ٿا. ان کان سواءِ محمد احمد جونپوري سنڌ جي عالمن ۾ ٻه گروھ پئدا ڪرڻ ۽ سنڌي عوام ۾ اتحاد ۽ ٻَڌيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ، ھڪ نئون فتنو، ”مھدوي تحريڪ“ کڻي سنڌ ۾ آيو. اھو اصل ۾ شاھ بيگ جو مرشد ھو- سندس چوڻ تي، ھن صاحب قنڌار جي جامع مسجد ۾ ھڪ مدلل تقرير به ڪئي. (سنڌ ۾ مھدوي تحريڪ- قريشي حامد علي خانائي سه ماھي مھراڻ 1، 71 ص 18) ھو سنڌ ۾ شاھ بيگ ارغون طرفان موڪليو ويو ھو، جنھن ھت پنھنجو ھڪ مخصوص گروھ پئدا ڪيو، جنھن جو مُک سنڌي قاضي قادن ٿيو. ھن گروھ سنڌ ۾، پئن اسلامزم ۽ فرقيواريت پئدا ڪري سنڌ جي وحدت کي ٽوڙي، حمله آور دشمن لاءِ جاسوسي ڪئي ۽ ان جو ساٿ ڏنو. جڏھن ھي چند مغل، سنڌ ۾ آيا، تڏھن ھرکجي پيا، کين طمع وٺي ويئي ۽ ھنن چالبازيءَ سان، دريا خان کي قتل ڪرڻ ٿي گھريو. ان بيوفائي ڪرڻ ۾، ھنن کي ذري ماتر به پرواھ ڪانه ھئي- (ظفر الواله بحوالہ مڪلي نامو ص 152) ھو ھيا به ڌاريا. ”ڌريان ئي ڌاريا مِٽ مُئي جا نه ٿيا“ وانگر ھو موقعي جي تاڙ ۾ ھئا ۽ ڳالھ به بڻي آئي، جو فيروز، دريا خان کي ٺٽي مان ئي ڪڍي ڇڏيو ۽ ھو پنھنجي ڳوٺ ڪاھان ۾ وڃي رھيو.اھو ڏسي، مير قاسم ڪيبڪي شاھ بيگ کي سنڌ تي ڪاھ ڪرڻ لاءِ، چوائي موڪليو، پر شاھ بيگ کي اڃا به دريا خان کان خوف ھو، ان ڪري، 921ھ مطابق 1515ع ۾، ھڪ ھزار سوار، سيويءَ کان سنڌ تي موڪليا. ھنن ڪاھان ۽ باغبان جي ديھن ۾ ڦرلٽ ڪئي. مخدوم جعفر بوبڪائي مرزا عيسيٰ کان نقل ڪيو آھي ته ”ھن حملي ۾، شاھ بيگ جي فوج جي ھٿان، جيڪي تباھيون سنڌ ۾ ٿيون، ان مان ھڪ ھيءَ به ھئي ته، ھن حملي ۾، ھڪ ھزار اُٺ ھو اھڙا به ڦري ويا، جيڪي رات جو باغن جي نارن ۾ وھندا ھئا. ٻئي سامان جي نقصان ۽ ملڪ جي آباديءَ جي جيڪا بربادي ٿي، ان جو اندازو خود لڳائي سگھجي ٿو. شاھ بيگ جو ھي ٽولو ھڪ ھفتي تائين ھن علائقي جي چوڌاري، ڦرلٽ ڪري واپس موٽي ويو. ( تاريخ سنڌ- ج 2 اعجازالحق قدوسي ص 20)
    ارغونن جو سنڌ تي ھي ٽيون حملو ھو. ھن ڪاھ کان پوءِ به ڄام، سندس مامي، ماءُ ۽ ٻين درٻارين جي اک نه کلي، ھو غيرن جي خوشامدي چنبي ۾ جڪڙجي چڪا ھئا. مھدي ۽ چئن يارن جي چوڪڙي ۽ مغلن، ھت اھڙو ته ڄار پکيڙيو، جو حڪومت جا سڀيئي پرزا سندن ھم خيال بڻجي پيا. دريا خان، حڪومت مان نڪري چڪو ھو. پر ھن سجاڳ سياستدان ۽ مدبر سپھ سالار، خطري جي گھنٽي کي نظر ۾ رکي، پنھنجي ڳوٺ ۾ سنڌي سوڍن جو لشڪر تيار ڪري، ملٽري ٽريننگ ڏيڻ لڳو، ته جيئن ضرورت جي وقت، دشمن سان مقابلو ڪري سگھجي. اھڙي طرح پسگردائيءَ ۾ دريا خان جو اثر وڌڻ لڳو ۽ سنڌي عوام ھن ڏانھن متوجھ ٿيڻ لڳو. اھا حالت ڏسي، سنڌ جا وڏيرا ۽ زميندار، مغلن جي چوڻ تي فيروز جي ماءُ وٽ ويا ۽ کيس چيائون ته، ”سڄي ملڪ تي قبضو ھن غلام دريا خان جو آھي ۽ ڪوبه فيروز کي نٿو مڃي- اسان دريا خان کي گرفتار به نٿا ڪري سگھون. سندس وڌندڙ اثر رسوخ ۽ اقتدار کي، ختم ڪرڻ جو ھڪ طريقو ھي آھي ته، مغلن ۽ ارغونن کي اسان جي ملڪ تي، قبضو ڪرڻ جي دعوت ڏني وڃي، جيئن ھو، ان جو دماغ درست ڪن. جي ھو ھن ملڪ تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ ملڪ اسان جي حوالي ڪن ته سٺو، نه ته به، ان جي غلامي، ھن زرخريد جي غلامي جي ذلت کان ڪيترا دفعا بھتر آھي“ (تاريخ طاھري- بحوالہ تاريخ سنڌ- ج 2 مولانا قدوسي)
    جناب مولائي شيدائي صاحب لکي ٿو ته ”سنڌ جا وڏيرا، جيڪي دستور موجب ابن الوقت آھن، جيڏانھن اُڀرندڙ سِج ڏسن، اوڏانھن لاڙو ڪن، سي اندروني طور، شاھ بيگ جا طرفدار ٿي بيٺا ۽ شاھ بيگ کي ٺٽي تي قبضي ڪرڻ لاءِ ترغيب ڏيڻ لڳا“ (تاريخ تمدن سنڌ- ص 374) اھڙي طرح سنڌ جو اٽڪل ٽيون حصو، ڌارين کي سنڌ ۾ آڻڻ لاءِ تيار ٿي ويو. آخر 924ھ ۾ مير قانع جي لفظن ۾ ”فيروز جي ماءُ، شاھ بيگ کي پاڻ سنڌ تي حملي ڪرڻ لاءِ لکيو.“ (تحفةالڪرام ص 253) ھن کي ٻيو ڇا گھربو ھو؟ ھو ويٺو ئي انھيءَ تاڙ ۾ ھو. ھاڻي ھو، ڇيرين جامن سان تيار ٿيو، ڇو ته پنھنجي ڪاميابي، ھو اکـئين ڏسي رھيو ھو. جنم ڀوميءَ جا فرزند، خود پنھنجي ماتا جي سينڌ ۾ ڪاتي وجھڻ لاءِ ڪوشان ھئا. ھن سيويءَ جي قلعي تي، ننڍي ڀاءُ کي مقرر ڪري، پاڻ فاضل ڪوڪلتاش سان گڏ، وڏو لشڪر وٺي سنڌ تي ڪاھي آيو. اھو 924ھ مطابق 1520ع جو زمانو ھو. جڏھن دريا خان کي اُھا خبر پيئي تڏھن ھن فيروز کي چيو ته ”تون پاڻ پنھنجن پيرن تي ڪھاڙي ھنئي آھي. اچ، ھاڻي به موقعو آھي ته سڀ گڏجي متحد ٿي، ھن فتني کي پاڙؤن پٽي ڇڏيون، جيڪو شاھ بيگ جي شڪل ۾ ظاھر ٿيو آھي. اھڙي طرح جو ھي ملڪ مغلن جي قبضي ۾ نه اچي. جي اسان گڏجي مقابلو نه ڪيو ته، پوءِ تون پنھنجي ڪيتي تي سخت پريشان ٿيندين.“ پر ھِن عيش عشرت جي بندي حاڪم دريا خان کي ڪوبه جواب نه ڏنو. (تاريخ طاھري ص 58) دريا خان ھڪ لشڪر وٺي، ساموئيءَ جي ميدان تي ارغونن جي سامھون ٿيو. سنڌي وڏي بھادريءَ سان وڙھيا. مولائي شيدائي لکي ٿو ته ”ھن جنگ ۾ سھتن ۽ ھندو سوڍن به مدد ڪئي ۽ سنڌي ھڪٻئي جون چيلھيون ٻَڌي ميدان ۾ آيا.“ (تاريخ تمدن سنڌ ص 374) ارغونن ڏٺو ته جيستائين دريا خان زندھ آھي، انھن جي فتح نه ٿيندي، اُن ڪري وچ ۾ قرآن شريف آڻي، صلح جو ڍونگ رچائي. کيس قتل ڪيو ويو. (تاريخ طاھري ص 59) سندن شھادت ۾ ڪاھو ڏنور ۽ ڪِن سنڌي وڏيرن جو ھٿ ھو. اھڙي طرح ھي سوڍو، ساڻيھ تان سِر صدقو ڪري سرھو ٿيو. فيروز ٻار ٻچا ٺٽي ۾ ڇڏي، پير پٺي ڏانھن ڀڄي ويو ۽ ارغوني لشڪر 11 محرم 924ھ تي ٺٽي ۾ داخل ٿي، عام ڦرلٽ ۽ قتل عام شروع ڪيو. گويا سنڌ جي رھاڪن لاءِ، ٻيو ماتم شروع ٿيو. عالم، فاضل، امير غريب، سڀ مغلن جي لشڪر جي لپيٽ ۾ اچي ويا. فيروز ۽ قاضي قادن جا ٻار ٻچا به قيد ٿي پيا. ٺٽي تي قبضي کان پوءِ به مخدوم بلاول، راڻو رڻمل، سوڍو محمود، مِٺڻ ۽ ٻين سوين سوڍن ۽ سورمن گڏجي، ھڪ لشڪر تيار ڪري، ٽلٽيءَ وٽ ارغونن سان جنگ ڪئي. ھنن بھادرن پنھنجي چيلھن سان پَٽڪا ٻڌي، وڏي سورھيائيءَ سان جنگ ڪندي، پنھنجي جيئري، اکين سان دشمنن کي سنڌ تي حڪومت ڪندي نه ڏٺو.آخر ھي سڀ سوڍا مارجي ويا ۽ سنڌ تمام گھڻي وقت لاءِ ڌارين جي قبضي ۾ اچي ويئي جن، ڪيترن سالن تائين، ڄورن وانگر سندن رت چوسيو.
    تاريخ جو ھي المناڪ باب، سنڌي جي غلاميءَ جو باب آھي، ۽ پورا سوا ٻه سو سال (927ھ کان 1152ھ) تائين، ملڪ ۽ ماڻھو، ڌارين جي غلاميءَ جو ڳٽ، پنھنجي ڳچيءَ مان ڪڍي ڪونه سگھيا. سواءِ ڪنھن گناھ ۽ ڏوھ جي، ھتان جو ھر انسان صدين تائين عذاب ۽ اذيت ۾ مبتلا رھيو ۽ بنا ڪنھن ڪيتي جي مسلسل لوڙَ لوڙيندو رھيو. ظفرالواله جو مصنف لکي ٿو ته: ”سنڌ، سنڌين جي ھٿن مان نڪري ويئي. ھو مغلن جي رعيت بڻجي، شاھ بيگ جي دور کان وٺي جاني بيگ جي دور تائين (1000ھ) نه، پر ان کان پوءِ ڏيڍ صديءَ تائين برابر پيسبا ۽ پيڙھبا رھيا. تاريخ ۾ سنڌ جو ھي دور، غلاميءَ جو بدترين دور آھي. وقت جي مؤرخن، ھن عظيم سانحي کي ”خرابي سنڌ“ سڏي، ابجد جي حساب سان سنڌ جي برباديءَ جي تاريخ ڪڍي. (مڪلي نامو ص نمبر 163. مرتب حسام الدين راشدي) ھن عظيم بدترين دور ۾، ملڪ جا سڀيئي قلعا، وسنديءَ وارا واھڻ ۽ وستيون، مال ملڪيتون، مطلب ته سڄو ارڪو ترڪو، ڌارين جي قبضي ۾ اچي ويو، جن جي نه ٻولي سمجھ ۾ ٿي آئي ۽ سندن اُٿڻ ويھڻ، چال چلت ۽ رھڻي ڪھڻيءَ مان ھتان جي ماڻھن کي ڄاڻ سڃاڻ ھئي. ھنن ٻھراڙيءَ جون زمينون، جن تي سنڌ جي غريب عوام جو گذر بسر جو دارومدار ھو، ناني ويڙھو ٺاھي، پاڻ ۾ ورھائي کنيون. ڪن جي نالي تي جاگيرون ٿيون، ڪِن خالصن جي صورت ۾ ورتيون، ڪن وظيفن ۽ چراغيءَ جو نالو ڏيئي قبضو ڪيو. ملڪ جي اصل مالڪن کي نظر انداز ڪري سڀئي اعليٰ عھدا پاڻ ۾ ورھائي ورتائون. گويا سنڌ جي قسمت جون واڳون، مڪمل طرح انھن ٻاھرين جي ھٿن ۾ اچي ويون ۽ سنڌين ويٺي قدرت جو تماشو ڏٺو ۽ پنھنجي ۽ پنھنجي بدبختيءَ تي روئڻو ٿي رُنو. (مير معصوم بکري- سيد حسام الدين راشدي ص 69)
    ارغونن سنڌ ۾ داخل ٿيڻ شرط، جنھن بربريت ۽ خونريزيءَ جو مظاھرو ڪيو، تنھن سندن اباڻي ورثي ھلاڪو ۽ چنگيز خان کي به مات ڪري ڇڏيو. مير معصوم شاھ بکري لکي ٿو ته: ”11 محرم تي ارغونن جو لشڪر ٺٽي ۾ داخل ٿيو ۽ مغل 20 تاريخ تائين، شھر ۾ لٽمار ڪندا رھيا ۽ اتان جي ماڻھن کي ذليل ڪيائون جنھن مان آيت سڳوري:
    ان الملوڪ اذا دخا وقراة افسدوھا
    (بادشاھ جڏھن ڪنھن شھر ۾ داخل ٿيندا آھن؛ تڏھن اُن کي ويران ڪري ڇڏيندا آھن.) جي وضاحت اکين آڏو اچي ويئي. ھن ٺٽي شھر کي تباھ ۽ تاراج ڪري ذلت جي ڌوڙ، ماڻھن جي منھن ۾ وڌي. جڏھن سندن لشڪر ٽلٽيءَ ۾ داخل ٿيو، تڏھن ٽن ڏينھن تائين، اتان جي رھاڪن کي ھنن پوري طرح برباد ڪيو. باغبان پھچڻ سان، ارغونن ماڇي ذات جي ماڻھن جو قتل عام ڪري، سندن مال ملڪيت کي غارت ڪري، گھر گھاٽ آبرو ۽ مانُ لاھي، ڍور ڍڳا ڦري، سندن قلعن ۽ گھرن کي ڊاھي زمين برابر ڪري ڇڏيو- (تاريخ معصومي ص 124) شاھ بيگ سنڌ ۾ بلوچن جي قوت کي زائل ڪرڻ لاءِ، ھر آباديءَ ۾ ھڪ جماعت مقرر ڪئي، جا وقت جي انتظار ۾ رھي ۽ جڏھن مقرر وقت آيو، تڏھن ھر جماعت پنھنجون تلوارون بار بار اگھندي، ان بدبخت قوم کي ختم ڪري ڇڏيو، ۽ اھڙي طرح اٽڪل ھڪ ئي وقت، بلوچن جي 42 آبادين جا ماڻھو قتل ۽ برباد ٿي ويا. چيو وڃي ٿو ته، صبح کان شام تائين قتل عام جي بازار گرم رھي ۽ تقريباً ويھ ھزار ماڻھو قتل ٿيا. (تاريخ معصومي) تاريخ طاھري ۾ آھي ته ”جيڪي المناڪ تباھيون، ٺٽي وارن تي شاھ بيگ جي لشڪر ھٿان ٿيون، اھي انھن جي خواب خيال ۾ به نه ھيون.“ آغا سليم، سندن ٺٽي ۾ ظلم جي تصوير ھن طرح چِٽي ٿو. ”شاھ بيگ جو فوجون ٺٽي شھر ۾ گھڙي آيون آھن. ھنن شھرن کي لُٽڻ ۽ گھرن کي باھيون ڏيڻ شرو ڪيون آھن. سارو شھر جلي رھيو آھي ۽ بي ھٿيار ۽ معصوم ماڻھن جو ڪوس ٿي رھيو آھي. ٺٽو جلي رھيو آھي. سنڌ سڙي رھي آھي. سنڌ جو ٻنيون ۽ ونيون لُٽجي رھيون آھن. بي گناھن جي دانھن ۽ ڪُوڪُن سان عرش لُڏي رھيو آھي ۽ سنڌ کي بچائڻ وارو ڪو ڪونھي.“ (دريا خان- ڊرامو- ماھوار سھڻي آڪٽوبر 1970ع) باغبان وارن ماڇين کي شاھ بيگ ان ڪري قتل ڪري ڇڏيو، جو ھنن سندس آڻ نه مڃي ۽ سينو ساھي مقابلو ڪيو. (تاريخ مظھر شاھجھاني- مترجم. نياز ھمايوني ص نمبر 13) جڏھن ھن بکر جي قلعي تي قبضو ڪيو، تڏھن سلطان محمود کي حڪم ڪيائين ته ھو اتان جي رھاڪن کي قتل ڪري. ھن بروقت ڌاريجن کي ماري ڇڏيو. ڪن کي بکر جي قلعي تان، ڳوڻين ۾ بند ڪري، اُن برج کان درياءَ ۾ اڇليو، جيڪو ھن وقت تائين ”خوني بُرج“ جي نالي سان مشھور آھي. (ص نمبر 14) ان کانپوءِ بکر جي قلعي مان سادات ڪڍي ڇڏيائين، جيڪي ٻارين ٻچين روئندا رُلندا، روھڙيءَ ۾ وڃي رھيا ۽ پوءِ بکر جي قلعي ۾ پنھنجن اميرن ۽ سپاھين کي رھايائين. سيوھڻ ۾ پھچي، ھن پنھنجي امير کي حڪم ڏنو ته ھو، پنھنجي لاءِ مضبوط حويليون ٺھرائي. ان لاءِ ھن پنھنجي اميرن ۾ زمينون ورھايون. ۽ حڪم ڪيو ته ساري زرعي پيداوار ماڻھن کان کسي سيوھڻ جي قلعي ۾ گڏ ڪئي وڃي. (تاريخ معصومي- ص نمبر 120) سنڌ جو مشھور مؤرخ سيد حسام الدين راشدي لکي ٿو ته: ”ارغونن جي قبضي کانپوءِ، سنڌ ۾ امن ۽ سڪون جو شيرازو ٽٽي پيو. سنڌ مٿان اھا اداس شام مسلط ٿي، جنھن تاريخي آزادي ۽ خودمختياريءَ جي سِج کي صدين تائين اُڀرڻ نه ڏنو. 914ع کان 1000ع تائين پوري صدي سنڌ ۾ قيامت صغريٰ ھئي، جنھن ۾ سنڌ علمي ۽ مادي لحاظ کان بلڪل تباھ ٿي ويئي. سمن حاڪمن جيڪي خوشيون ملڪ کي بخشيون ھيون، اُن کان کسجي ويون. انھن جون بڻايل فلڪ بوس عمارتون، رنگينيون، باھ، خاڪ، دونھين ۽ طوفان ۾ بدلجي ويون. علم ۽ فضل جون رونقون ختم ٿي ويون. روحاني فيض ۽ ارشاد جا اھي درياءَ جن مان عرفان ۽ تصوف جا واھڙ وھندا ھئا، خشڪ ٿي ويا، ۽ اھي خانقاھون جن ۾ معرفت ۾ عظمت الاھيءَ جي تنوار ھوندي ھئي ويران ٿي ويون، ارغوني حاڪمن جي ظلم کي ڏسي ڪيترائي عالم مڪي، مديني، دکن، گجرات ۽ برھانپور لڏي ويا. (برھانپور کي سنڌي اولياءَ- مقدمو ص ب ۽ ج) ساڳـئي طرح ھڪ ٻيو مؤرخ لکي ٿو ته، ”شاھ بيگ سيستان، ٽلٽي، بکر ۽ اروڙ وغيرھ کي، بزور شمشير طابع ڪيو ۽ ھر جاءِ تي قتل ۽ غارت جي بازار گرم ڪئي، امن ۽ سڪون ختم ٿي ويو. (سيد مطيع الله، برھانپور ڪي سنڌي اولياءَ) مولانا اعجازالحق قدوسي شاھ بيگ لاءِ لکي ٿو ته: شاھ بيگ جو سنڌ ۾ دور حڪومت ھڪ سال جو ھو ۽ وڏو ناڪاميءَ جو دور ھو. سنڌ ۾ ان جو اھڙو ڪوبه ڪارنامو نٿو ملي جنھن جو بنياد، سنڌ وارن جي فلاح ۽ بھبود لاءِ ھجي. ھن پنھنجي عھد حڪومت ۾، اھل سنڌ جي غلاميءَ جي زنجيرن کي مضبوط کان مضبوط تر ڪيو ۽ سنڌ وارن کي قتل، غارتگري، سنڌ جي تباھي ۽ برباديءَ جون سوکڙيون ڏنيون. سنڌين ۾، ٻين جي غلاميءَ ۾ اچڻ سان ئي، پنھنجي آزاديءَ جو شعور پيدا ٿيو، پر جيترو به ھي احساس، سنڌين م پيدا ٿيڻ لڳو، اوتروئي رولر مشين وانگر،شاھ بيگ ان کي ڪچليو. دريا خان جھڙو محب وطن ۽ شاندار انسان، جنھن آخري دفعو، پنھنجي قومي حڪومت کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، ٺٽي کان ٻاھر، انھن جي ھٿان وڏي بھادريءَ سان وڙھندي مارجي ويو. سوڍن ۽ سھتن جھڙا حريت پسند قبيلا ٽلٽيءَ جي ميدان ۾ پنھنجي قومي حڪومت جي بحاليءَ لاءِ وڙھيا. پر شاھ جي قتل ۽ غارتگريءَ سڀني کي برباد ڪري ڇڏيو. مخدوم بلاول جھڙي جليل القدر عالم ۽ درويش ھن جي ھٿان، صرف ان ڪري وڏيون مصيبتون سٺيون ۽ ڏنڊ ڀوڳيا، جو ھو قومي تحريڪ کي مدد ڏيئي رھيو ھو. ماڇي ذات جي جذبئه آزاديءَ کي شاھ بغاوت ۽ سرڪشي جو، ان ڪري نالو ڏيئي اھڙي طرح ڪچليو، جو انھن جي گھرن ۽ قلعن کي، پاڙان اکيڙي، زمين سنئون ڪري ڇڏيو. ڌاريجن جي 47 سردارن تي، بغاوت جو الزام مڙھي، انھن کي بکر جي قلعي ۾ گجرن وانگر، ان ڪري ڪپيو ۽ وڍيو، جو اھي ھن جي غلاميءَ جي لعنت کي، پنھنجي مٿان ختم ڪرڻ جي ويچار ۾ ھئا. بلوچن جي 47 ڳوٺن کي ان ڪري ترار جو لقمو بڻايو ويو، جو اھي سندس حڪومت لاءِ خطرو ھئا. مطلب ته ھن جي دورِ حڪومت ۾، سنڌ ۾ امن ۽ سُڪون نظر نٿو اچي ۽ تباھين، قتل ۽ غارتگيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجھ به ڏِسي نٿو سگھجي ۽ سنڌ ۾ ڪو به اھڙو ماڻھو نظر نه ايندو، جيڪو ھن ٻاھرئين اقتدار مان خوش ھجي. (تاريخ سنڌ ج 2 ص 47)
    مطلب ته شاھ بيگ جي حملن ۽ حڪومت، سنڌ کي ناس ڪري ڇڏيو ۽ ھن امن ۽ سلامتيءَ جي ماٿريءَ کي غم ڪده ۽ ناخوش وادي بڻائي ڇڏيو. ھن سٻاجھي سرزمين تي پوءِ ڪيئي ويل وھيا ۽ غريب اٻوجھ عوام سان عقوبتون ٿيون. سنڌ جي آزادي، خوشحالي، فارغ البالي ۽ امن جو دور ختم ٿي ويو. شاھ بيگ جو پٽ شاھ حسن ارغون ڏاچي ھڻي ڏھ ته توڏو ھڻي تيرھن وانگر پيءُ جو مٿلو پڙ سماڻيو. فخري بن اميري لکي ٿو ته، ”شاھ حسن ارغون مغل (چنگيز جي اولاد مان) ھو، ان ڪري فطري طور سندس مزاج ۾ سختي ۽ بي رحمي موجود ھئي. سنڌ تي ڌاڪ ڄمائڻ کانپوءِ، ھن ھتان جي رھاڪن تي ڪابه ڪھل نه ڪئي. بلڪ مثالي انداز ۾، انھن جو رتُ وھايائين ۽ مٿن ظلم ستم ڪيائين. سياسي بنيادن تي، ھن ھر ھنڌ پنھنجا امير ۽ پنھنجي قبيلي جا ماڻھو مسلط ڪيا، جيئن ملڪي ماڻھو ڪنڌ کڻي نه سگھن. ھن (ظالم پيءُ جي ظالم پُٽ) ايتري ته ٻوسٽ پيدا ڪئي، جو ماڻھن جو ساھ مُٺ ۾ اچي ويو. ليڪن جيتري تائين علم ادب ۽ اھل علم ۽ فن جي سرپرستي جو تعلق آھي، ته ھن به اھائي روش قائم رکي جيڪا وچ ايشيا ۾ ٻين مغل حڪمرانن جي رھي چڪي ھئي. يعني ھن جي ھڪ ھٿ ۾ ترارين ھيٺان نڪتل رت ڳاڙيندڙ انساني سِسيون ھيون، ته ٻئي ھٿ ۾ مثنوي مولانا روم جو دفتر ھو. ھيءُ به ھڪ پاسي انساني منڍين جا مُنارا تعمير ڪندو ھو ۽ ٻئي طرف درٻاريون سينگاري، اھل فن جي انبوھ جي پرورش ڪرڻ لڳو. (روضة السلاطين، بحواله سنڌ جي طبي تاريخ ج 2 نياز ھمايوني) اُچ جي جنگ ۾ ته ھن جي حڪم سان اچ جي قلعي ۾ قتل عام ڪيو ويو، خوب ڦرلٽ ڪئي وئي. عمارتن کي ڊاھي، انھنجون سِرون ۽ ڪامون ڪڙيون بکر آنديون ويون. ملتان کي فتح ڪرڻ کانپوءِ، ارغونن ستن سالن کان ستر سالن جي عمر وارن ماڻھن کي قيد ڪيو. ماڻھن سان قيامت جو حادثو پيش آيو. عوام خانقاھن ۾ پناھ ورتي پر اتي به کين قتل ڪيو ويو. ھن قتل ۽ غارتگري ۽ لُٽ مار ۾ بي شمار خزانا ۽ جواھرات، ارغونن کي ھٿ آيا. ڪيتريون ئي عصمت مآب عورتون، جن ڪڏھن غير محرم جو منھن نه ڏٺو ۽ جن جو سايه عصمت، ڌرتي تي نه پيو، قيد ڪيون ويون. (تاريخ معصومي ص نمبر 112) ان کانپوءِ ھمايون سنڌ ۾ اچي، سنڌين سان وڙھيو. ارغون ۽ ترخان امير پاڻ ۾ وڙھي سنڌين کي مارڻ لڳا، پورچوگيزن ٺٽي ۾ اچي سنڌين کي ڦريو، لٽيو ۽ قتل ڪيو. مرزا عيسيٰ جا پٽ تخت ۽ تاج لاءِ ھڪ ٻئي سان وڙھيا، جنھن ۾ سنڌي مُئا. مرزا باقي ٺٽي ۽ پوري سنڌ ۾ جيڪي خونريزيون ۽ ظلم ڪيا، تن کي بيان ڪري نٿو سگھجي. جاني بيگ ۽ خانخانان جي لڙائيءَ کانپوءِ، دھليءَ جي مغلن سنڌ ۾ جيڪا دٻڙ دونس مچائي، اُھي ھن دور جا غضبناڪ مثال آھن، جن سنڌ جي عوام کي مصيبت ۾ وجھي ڇڏيو.
    ھن دور جو ھڪ ھي به دکدائڪ پھلو آھي ته سنڌي جسماني غلاميءَ سان گڏ ذھني غلام به بڻجي ويا. فارسيءَ جو دور شروع ٿيو. سنڌي ٻولي ۽ ادب کي پائمال ڪيو ويو. سنڌي ٻوليءَ جي دفتري ۽ تعليمي حيثيت ختم ڪئي ويئي. شھرن ۽ ڳوٺن وارن مدرسن ۾ قنڌار کان مولوي گھرائي رکيا ويا، جن فارسيءَ ۾ تعليم ڏيڻ شروع ڪئي. ”فارسي گھوڙي چاڙھسي“ جو پھاڪو انھن ڏينھن جي نمائندگي ڪري ٿو. حڪومتن جي قدرداني، نوازش ۽ ادب نوازي ڪري، خود سنڌين کي سنڌي زبان ۾، خط پٽ لکڻ ۾ به عار ٿي لڳو. قلم جي جنبش به پارسيءَ ۾ ھئي ۽ علمي گفتگو ۽ بحث مباحثا به پارسيءَ ۾ ھئا. تاريخ، انشاءَ تفسير، حديث، ديوان، مثنويون ۽ سمورا ڪتاب پارسيءَ ۾ ھئا. (تاريخ تمدن سنڌ. حضرت مولانا شيدائي ص 520) ھيءُ سنڌي ٻوليءَ لاءِ خطرناڪ دور ھو، جنھن ۾ ڪوبه اعليٰ فِڪر فارسيءَ بدران سنڌيءَ ۾ پيش ڪرڻ کي فضول ۽ ناممڪن سمجھيو ويندو ھو. فلسفي ۽ حڪمت جون ڳالھيون فقط فارسيءَ لاءِ مخصوص ھيون. فارسي نه ڄاڻندڙ شخص کي ڪمتر ۽ ڪم فھم مخلوق سمجھيو ويندو ھو. فارسي تي دسترس رکندڙ کي عقل ۽ دانش جو صاحب ۽ اعليٰ مرتبي جو مالڪ سنجھيو ويندو ھو ته (شاھ ۽ ڌاري ٻولي- صاحب خان چنو ملير ڊائجسٽ 1، 1973ع) ھن دور جي تصوير ڀٽ ڌڻي ھن طرح چٽي آھي:
    برو بگيرد بام بلخا، مون نه پروڙيم مام،
    ٿو ڏئي ٿو مان خشگان، ڇلي ڇير جي لام،
    اچي پئي تنھين سام، دراھ دراھ ڪن جي.

    دنيا ۽ دولت جي ڦرلٽ، زمين ۽ ملڪيت جو قبضو، ظلم ۽ بربريت جي گرم بازاري، سنڌي علم ۽ ادب جي تباھيءَ سان گڏ، ارغونن ۽ ترخانن، سنڌ جي اعليٰ اخلاق، ديندار، نيڪ، شريف ۽ بلند ڪردار معاشري جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي. سنڌ جي عالمن صوفين بزرگن ۽ نيڪ سيرت ۽ پرھيزگار انسانن سنڌي عوام جي جيڪا اخلاقي تربيت ڪئي ھئي، اُھا ساري دنيا ۾ مڃيل ۽ مڃايل ھئي پر ارغون ۽ ترخان حڪمران، جيڪي اخلاقي پستيءَ، ڪِنين عادتن ۽ بدڪرداريءَ جا مجسما ھئا، جن جون قبيح عادتون انسانيت تي بدنما داغ آھن، تِن سنڌ ۾ اچي انھن مڪروھ ۽ حيواني شيوي کي نه صرف شروع ڪيو. پر ھنن انھن کي فروغ به ڏنو. اھڙي طرح ھي عظيم اسلامي معاشرو روڳي، نِست، ڪمزور ۽ ھيڻو بڻجي ويو. اھڙن حڪمرانن ۽ اميرن جون ھي حرڪتون ڏسي، سنڌي عوام ”ٿُوٿُو“ ڪرڻ لڳو ۽ ھوريان ھوريان ھِتان جو نسل ”جھڙو راجا تھڙي پرجا“ وانگر انھن جي پوئلڳي ڪرڻ لڳو. انھن عادتن جو مختصر ذڪر ھِت ڪريان ٿو: مرزا شاھ حسن ارغون شراب جو شوقين ھو ۽ ايترو ته شراب پيئندو ھو، جو ھر وقت نشي ۾ چور رھندو ھو ۽ انھيءَ حالت ۾ ھن ڪيترائي برا ڪم ڪيا. (تاريخ سنڌ ج 3 مولانا قدوسي ص 103) مرزا جاني بيگ جيڪو مرزا محمد پاينده بيگ ترخان جو پٽ ھو، سو حد درجي جو ظالم ۽ رنگين مزاج ھو. ھن 1585ع ۾ تخت تي وھڻ شرط، ڪيترن ئي غريبن تي مرزا باقيءَ جي قتل جو الزام ھڻي، بي گناھن کي سخت سزائون ڏنيون. دريائي مھاڻن کي تَڏن ۾ ويڙھي جيئري ئي ساڙائي ڇڏيو. مارقدم قوم جي ماڻھن کي ڪَرٽ سان چيرائي، ٻه ٽُڪر ڪري انھن جو قيمو ڪري گھٽين ۾ اڇلارايو. ھندن کي سنگسار ڪرايو. ملڪ احمد کي بازار ۾ وھاري سِر کان پيرن تائين، سندس کَل لھرائي، پوءِ سندن بدن جا ٽڪرا ڪرائي ڪتن جي سامھون اڇلايا. (تاريخ سنڌ ج 3 مولانا قدوسي ص 103) سندس اخلاق حد درجي جو ڪريل ھو ۽ ھو اھڙين برين ۽ خراب عادتن جو مرتڪب ھو، جن جو سنڌ ۾ پنھنجي نوعيت جي لحاظ کان پھريون ۽ اڻ لڀ مثال ھيون. مثلاً ھو ظاھر ظھور عياشي ڪندو ھو ۽ حسين ڇوڪرن کي، بھترين رنگين ڪپڙا پھرائي، عورتن جي جاءِ تي پنھنجي محلات ۾ رکيائين. ھن اھڙن اھڙن شريف گھراڻن جي ڇوڪرن کي خراب ڪيو جن جو نالو وٺڻ به ادب جي خلاف آھي. ماڻھو سندس ھنن عادتن کي ڏسي توبھ ڪندا ھئا ۽ ڏندن ۾ آڱريون وجھي عجب ۾ پئجي ويندا ھئا. (تاريخ طاھري بحوالہ معصوم شاھ بکري. سيد حسام الدين مرحوم) مرزا غازي بيگ ترخان جيڪو جاني بيگ جو پٽ ھو، پيءَ کان ٻه رتيون وڌيڪ ھو.

    ھو انتھائي نا اھل ۽ عياش ھو. ھو ھر رات يارھن سالن جي، باڪره ڪنواري ڇوڪريءَ سان، ھمبستري ڪندو ھو. ھڪ رات ان کي استعمال ڪرڻ کان پوءِ وري اُن جو منھن به ڪونه ڏسندو ھو. ھِن ملڪ جي مختلف حصن ۾ دلال ڇڏي ڏنا ھئا، جيڪي ھر رات کيس يارھن سالن جي ڇوڪري آڻي ڏيندا ھئا. شيخ فريد بکريءَ لکيو آھي ته ”جڏھن غازي بيگ قنڌار جو گورنر ٿي ويو، تڏھن سندس ماءُ ٺٽي مان ٻارھن سؤ خوبصورت اھڙيون ڪنواريون ڇوڪريون وٺي ويئي، جن جي عمر ٻارھن سالن کان گھٽ ھئي. اھي ڇوڪريون ھن قنڌار ۾ پنھنجي پٽ کي عياشيءَ لاءِ تحفي طور ڏنيون“ (سر ۾ سانجھيءَ وير- عبدالواحد آريسر ص نمبر 14) ھي ھو ماڻس جو اخلاق!

    مطلب ته ارغونن ۽ ترخانن، شاھ بيگ جي اچڻ کانپوءِ سنڌڙيءَ کي ھر طرح ڦري لُٽي، تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو. اُھا سنڌ جيڪا اڳ امن ۽ سلامتي، خوشحالي ۽ فارغ البالي، بلند ڪردار ۽ اعليٰ اخلاق، نيڪ سيرت ۽ نيڪ خصلت جو ساري دنيا ۾ واحد مثال ھئي، اُھا سنڌ ھاڻي قحط ۽ ڏُڪر، ظلم ۽ بربريت، عيش عشرت ۽ بي حيائيءَ جو اڏو بڻجي چڪي ھئي. سنڌ جي ھر گھٽي ۽ چوڪ ۾ مئخانا ھئا، جتي شراب، شباب ۽ رباب جو شغل چالو ھو. ارغونن ۽ ترخانن جي ڪيل ويڌن جو ذڪر اسان جي ڀِٽ ڌڻيءَ ڪجھ بيتن ۾ پڻ ڪيو آھي جن مان ھڪ ھيءُ آھي:

    ”برو بيگرد“ جي، ٿا ڏين پارسيون پاڻ ۾،
    مون لوڏان ئي لکيا، ته ھاڃون ڪندا ھي،
    ماريندا مون کي، پنھون نيندا پاڻ سين.




    پورچوگيز (1555ع)

    دَنگي وچِ درياهَ، ڪي ٻُڏي ڪي اُپِڙي،
    ھُو ج واڍي واڻيا، سي سونھڻَ سڀ سَڙيا،
    مُعلم ماڳِ نه اڳئين، فرنگي منجھ ڦِريا،
    ملاحَ! تُنھنجي مَڪُڙي، اَچي چور چڙھيا،
    جتي ڍِينگ ڍَريا، تِتي تاري تنھنجي!
    (شاھ لطيف رح)




    ھنن غضب جي جوش ۾ اچي، اٺن ھزارن کان به مٿي ماڻھن کي ماري ڇڏيو، ويھن لکن پائونڊن کان به زياده قيمت جو مال باھ جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ انھيءَ غنيمت جي سامان مان جھاز ڀريا، جيڪو وچ ايشيا جي نھايت قيمتي خزانن مان ھو-------
    جنرل ھيگ
    (دي انڊس ڊيلٽا ڪنٽري)




    جن ٻاھرين قومن سنڌ کي ڦريو ۽ لٽيو تن مان پوچوگيز قوم جو نالو سر فھرست آھي. ھن انگريز جھڙي مڪار ۽ ڌاڙيل قوم کان، ڪي صديون اڳ، ٺٽي تي چڙھائي ڪري، سنڌ جي ھن تھذيب ۽ تمدن جي مرڪز کي ڦري ۽ ساڙي ناس ڪري ڇڏيو.
    پوچوگيزن جو وطن پورچوگال ھو، ھي پھريون ملڪ ھو، جنھن بحري پيش قدميءَ جي ابتدا ڪئي. سندس ملڪي حالت، ان لاءِ مناسب ۽ موزون ھئي. ھن ملڪ ۾ ھڪ مضبوط قومي حڪومت ھئي. وٽس لزبن جو ھڪ بھترين بندرگاھ ھو. ھن ملڪ جو بادشاھ جان ۽ پٽ شھزادو ھينري ٻيئي بحري پيش قدمي جا زبردست حامي ھئا. ھنن جبرالٽر جي ڳچي سمنڊ جي ٻئي پاسي ڪيوٽا جي بندر تي 1415ع ۾ قبضو ڪيو. انکانپوءِ پورچوگيزن اولھ آفريڪا جي ڪناري جاچ پڙتال شروع ڪئي.
    1496ع ۾، بارٽولوموڊياز نالي، سندن ھڪ جھازران ڪيپ آف گڊ ھوپ کان ٽپي اڳتي وڌي ويو. ھنن پنھنجي کوجنا جاري رکي. آخر 22 مئي 1498ع ۾ سندن ھڪ ٻيو ڪپتان واسڪو ڊيگاما ڪيپ آف گڊ ھوپ کان ٽپي، ھندي وڏي سمنڊ ۾ داخل ٿيو ته اتي کيس ھڪ عرب سياح احمد بن ماجد ملي ويو، جنھن جي مدد سان ھو ھندوستان جي الھندي ڪناري جي ڪئليڪٽ بندر تي پھتو. ھتان جي راجا ”زمورين“ سندس آدرڀاءُ ڪيو ۽ کيس پنھنجي ملڪ ۾، واپار ڪرڻ جو حق ڏنو. ان وقت ڪئليڪٽ عربن جي تجارت جو مرڪز ھو. ڊيگاما راجا سان ڳالھ ٻولھ ڪري، واپس پرتگال وڃي دولت جي گھڻائيءَ جو ذڪر ڪيو. بادشاھ اھا پچار ٻڌي، تيرھن جھازن جو ٻيڙو، فوجي جرنيل ڪاربل جي سرڪردگي ۾ روانو ڪيو. جھازن تي ٻارھن سؤ سپاھي به ھئا، جن تي اٺن پادرين جو حڪم ھلندڙ ھو. سپاھين کي چوڻ ھو ته، جيڪو به پادرين جي آجيان نه ڪري ۽ سندن آڻ نه مڃي تنھن کي قتل ڪيو وڃي. ھي ٻيڙو 13 سيپٽمبر 1500ع ۾ ڪئليڪٽ پھتو ۽ ڊيگاما پنھنجي ساٿين سان سڌو راجا زمورين وٽ آيو. ھن سندس وڏي آجيان ڪئي ۽ کين ھڪ تجارتي ڪوٺي قائم ڪرڻ جي اجازت به ڏني. پر ھنن درندن کي ته لُٽمار ڪرڻي ھئي. ڪاربل اول مسلمانن جي تجارتي جھازن کي ڦريو، پوءِ باھ ڏني ۽ آخر ۾ ساري شھر ڪئليڪٽ تي گولا باري ڪئي. ڪئليڪٽ جي راجا کي ڦري، محل کي باھ ڏيئي ساڙي ڇڏيائون. (تحريڪ شيخ الھند- مولانا محمد ميان- مقدمو صفحو نمبر 63) 1506ع ۾ ھنن گوا تي به قبضو ڪيو. اھڙي طرح ھڪ صديءَ جي اندر پورچوگيزن ڪوڙيال بندر، منگلور، ڪوچين، سيلون، آرمز، ڊيو، گوا سالسيٽ، بسين، بمبئي، چٽگانگ، ھوگلي ۽ نانگ پتڻ ۾ واپاري ڪوٺيون قائم ڪيون. البو قرق، گوا جو ٻيو گورنر ھو جنھن سوماترا ۽ سيام تائين پنھنجي واپار کي وڌايو. ھنن پنھنجو سمورو ڌيان، مصالحي جي واپار ڏانھن ڪيو. ھنن ھوريان ھوريان، سمنڊ جي رستي تان، عرب واپارين کي ھڪالي ڪڍيو ۽ ايراني نار کان، مصالحي وارن ٻيٽن تائين پنھنجون وڏيون وڏيون واپاري ڪوٺيون قائم ڪيون. سندن سڄي واپار تي سڌو سنئون بادشاھ جو قبضو ھوندو ھو ۽ واپار شاھي عملدارن جي معرفت ھلندو ھو. اھڙي طرح ان جو سارو نفعو به بادشاھ جي حوالي ٿيندو ھو.
    اڳ مشرقي دنيا جون قيمتي شيون، خشڪيءَ رستي شام ۽ مصر جي رستي کان وينس ۽ جينيوا جي واپاري جھازن جي معرفت يورپ جي ملڪن تائين پھچنديون ھيون. گويا ايراني نار ۽ ھندي وڏي سمنڊ جي واپار تي، عرب جھاز رانن جو قبضو ھو، پورچوگيزن جي اچڻ ڪري، سمورا سمنڊ جا رستا موزئمبڪ، عدن ۽ ايراني نار سميت فرنگي سفاڪن جي وَر چڙھي ويا ۽ اُن تي سندن ھڪ ھٽي قائم ٿي پيئي. ھندن جي وڌندڙ اقتدار کي روڪڻ لاءِ گجرات، بيجاپور ۽ مصر جي بادشاھن گڏجي، ساڻن بحري لڙائي ڪئي پر ھنن شڪست کاڌي. ايران جي شھنشاھ شاھ اسماعيل صفوي کي ته ايترو منجھايائون جو ھن مجبور ٿي آڻ مڃي، سندن اقتدار کي تسليم ڪيو. آفريڪا کان وٺي جزائرالمشرق باب المنذب ۽ ايراني نار تائين جيڪي به تجارتي بندر ھئا تن تي پورچوگيزن زوريءَ قبضو ڪيو. 943ھ ۾ سندن دغا سان بھادر شاھ شھيد ٿي ويو ۽ اھڙي طرح گجرات جي بندر تي ھنن جو قبضو ٿي ويو، جيڪو سنڌ جي بلڪل ويجھو ھو. (جنت السنڌ- مرحوم مولائي شيدائي ص 404)
    پورچوگيز ھڪ صديءَ لاءِ، وڏي سمنڊ جا مالڪ رھيا ۽ مشرق سان سندن واپار جي ھڪ ھٽي ھئي. ھنن ايراني ترڪ واپارين کي، ھندي وڏي سمنڊ مان ھڪالي ڪڍيو ۽ ٻين يورپي قومن جي مداخلت کان سامونڊي رستي کي خبرداريءَ سان محفوظ رکيو. ھنن جڏھن واپار مان ڪافي ناڻو ھٿ ڪيو، تڏھن سندن لوڀ وڌي ويو ۽ کڻي ڦرلٽ تي سندرو ٻڌئون. ھو سمنڊن تي ڦرلٽ ڪري، ھندوستانين ۽ عربن کي نقصان پھچائيندا ھئا.
    پورچوگيزن اڪبر اعظم جي ڏينھن ۾ حج تي ويندڙ قافلئه حجاز کي ڦرڻ شروع ڪيو. ان ڪري ان وقت جي عالمن صبر نه ڪرڻ جي فتوا ڏني. جھانگير جي والده، جنھن سامونڊي جھاز تي، مڪي وڃي رھي ھئي اھو جھاز ھنن ئي رھزنن ڦريو ھو. ھنن ئي شاھجھان جي ڏينھن ۾ مسلمانن جي واپاري جھازن کي ڦريو ۽ سامونڊي ڪناري وارن شھرن ۾ ڦرلٽ ڪري، مقامي واپارين تي غير واجبي ڍل مڙھي ۽ ٻارن خواھ عورتن کي، زوريءَ کڻي، پرانھن ملڪن ۾ وڪڻڻ لڳا، گوادر ۽ پسنيءَ جي بندرن کي ساڙي ڇڏيائون، سندن تبليغي جماعتون مسلمانن کي زوريءَ عيسائي ڪرڻ لڳيون. ھنن جي دماغ ۾ ايڏي ته ھوا ڀرجي ويئي جو، راڻي ممتاز محل جي ٻانھيءَ سان به ھٿين پيا. ان کانسواءِ ھو سياسي معاملن ۾ به ھٿ چراند ڪرڻ لڳا. مغلن جي مقابلي ۾ پورچوگيزن اراڪان جي راجا کي مدد ڪئي. اھا حالت ڏسي، شاھجھان 1632ع ۾، قاسم جان کي، سندن مقابلي لاءِ موڪليو جنھن کين شڪست ڏيئي، ڪن کي قتل ڪيو ۽ ڪن کي قيد ڪيو. ڪيترن ئي پورچوگيزن کي ھوگليءَ مان تڙيو ويو ۽ سندن قلعن خواھ ڪارخانن کي باھ ڏيئي ناس ڪري زمين دوز ڪيو ويو. (تاريخ پاڪستان- مترجم محمد ابراھيم جويو ص 244) اورنگزيب سندن غلط ۽ بيجا حرڪتن ڪري کين چٽگانگ ۽ ڏکڻ بنگال مان ھڪالي ڪڍيو. حمل جيھاند ڪلمتي مشھور اميرالبحر، گوادر ۽ پسنيءَ جي ٻن جنگين ۾ کين شڪست ڏيئي سندن زور کي ٽوڙي وڌو. ان وچ ۾ ڊچ ۽ انگريز قومون به ھِت پھچي چڪيون ھيون، جن سندن ھڪ ھٽيءَ کي ختم ڪرڻ شروع ڪيو. ھنن جي اڀرندي وارن ملڪن ۾، واپار کي ڌڪ لڳو ۽ اھڙي طرح انگريزن کانئن سڀ، واپاري مرڪز ڦري ورتا.
    پورچوگيز تمام رھزن، خوني ۽ ڌاڙيل قوم ھئي، جيڪا لُٽمار، قتل ۽ غارتگري کانسواءِ ٻيو ڪجھ به نه ڄاڻندي ھئي. اھوئي سبب آھي جو اسانجي تاريخ ۾ کيس فرنگي يا ڦلنگي سڏيو ويو آھي، جنھنجي معنيٰ آھي دريائي چور. سمنڊن تي ڦرلٽ ڪرڻ کانسواءِ ھو شھرن ۽ بندرن کي ڦريندا ھئا، ۽ عام ماڻھن کي قتل ڪندا ھئا. ھڪ سياح فريزر لکي ٿو ته ”مان ڪئليڪٽ ۾ صبح سوير، ان جاءِ تي پھتس جتي پورچوگيز پادرين جي دارالقضا ھئي، جنھن کي مقتل گاھ چئجي ته وڌيڪ موزون آھي. بازار جي وچ ۾، ھڪ وڏي انجڻ، سوليءَ وانگر بيھاريل ھئي، جنھن تي چرخي لڳل ھئي. انجڻ تائين پھچڻ لاءِ ڏاڪڻ ھئي. جنھنکي سزا ڏني ويندي ھئي، ان کي ڏاڪڻ تي چاڙھي، ڪرين جي وسيلي مٿي کڻي وڃڻ کانپوءِ اتان ان کي ھيٺ اڇليندا ھئا جنھن جي ڌڪ سان، سندس ھڏا چڪناچور ٿي ويندا ھئا. ان کانسواءِ، جنھن ماڻھوءَ کي پادري باھ ۾ ساڙڻ جو حڪم ڏيندا ھئا، ان کي ھڪ مخصوص لباس پارائي، جلادن جي حوالي ڪيو ويندو ھو جيڪي کين زندھ باھ ۾ ساڙيندا ھئا. بازار ۾ سوئر جي گوشت کانسواءِ ٻيو گوشت وڪرو ڪرڻ ممنوع ھو. ھندن ۽ مسلمانن، ٻنھي سان سورو ناحق ھو. (تاريخ جنوبي ھند- ص 329) پروفيسر باري لکي ٿوته : ”پوچوگيز پنھنجي ظلم ۽ ستم ڪري سمنڊ جا چنگيزي ھئا. ڪئليڪٽ جي رھاڪن تي ظلم ڪرڻ کانسواءِ حاجين جي جھازن کي ڦريندا ھئا ۽ زائرين کي قتل ڪندا ھئا. گجرات جو بادشاھ، سامونڊي جنگين ۾ کين شڪست ڏيئي نه سگھيو. پورچوگيزن، ھندوستان ۾ وڏا ظلم ڪيا. لاوارث ٻارن کي زوريءَ عيسائي بڻايو، ان ڪري ڪئليڪٽ ھڪ عيسائي شھر بڻجي ويو. ھندوستاني ساحلي علائقن ۾، ھنن قيامت برپا ڪري ڏني. (البو قرق اتي ڪئليڪٽ ۾) باھ جون رانديون کيڏيون. (ڪمپني کي حڪومت ص 23)
    پورچوگيز تجارتي جھازن کي ڦرڻ ھڪ واپار ۽ کيڏ سمجھندا ھئا. جڏھن ھو انڊونيشيا جي شھر مَلڪا ۾ داخل ٿيا، تڏھن ٽن ڏينھن تائين قتل ۽ غارت ڪري شھر کي تباھ ڪري ڇڏيو ۽ جيڪو مال متاع کين ھٿ آيو سو به کڻي ويا (تحريڪ شيخ الھند مقدمو ص 64) پورچوگيز ھڪ بدڪار، بداخلاق ۽ بد پيشه قوم ھئي، ڀيرومل مھرچند آڏاواڻي لکي ٿو ته ”ھو ڏکڻ ھندوستان ۾، پرڏيھي ڇوڪريون پرڻيا ۽ اھڙا ڪم ڪيائون جو ”بادفرنگ“ بيماريءَ جو لفظ نڪتو، جنھنجي معنيٰ آھي يورپ جي ھوا. ھنن ھتان جي ڇوڪرين سان زوري ڪئي، انھن مان جيڪي پٽ ڄاوا سي پورچوگيزن وانگر ٽوپلا پائڻ لڳا، تنھنڪري ٽوپس سڏجڻ ۾ آيا. (سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ص 118) خود ھن قوم جو ھڪ مؤرخ ”السفو ڊي سوزا“ پنھنجي قوم جي سفاڪين، ظلمن ۽ درندگي بابت لکي ٿو ته ”پورچوگيزن ھندوستان جي ڪناري تي، ھڪ ھٿ ۾ ترار ۽ ٻئي ھٿ ۾ صليب کڻي قدم رکيو، مشرق ۾ تمام گھڻو سون ڏسي، ھنن صليب کي پاسي رکي پنھنجا کيسا سون سان ڀرڻ لڳا، انسانن کي ڦرڻ، شھرن کي لُٽڻ ۽ ساڙڻ ۾ بنھ درندا ٿي پيا، ليڪن دولت ايتريقدر اڪيچار ھئي، جو ترار ڦِٽي ڪري سون ۽ چاندي ميڙڻ لڳا. آخر اھڙي حرص ۽ ھوس واريون ٻيون مغربي قومون مٿن غالب پئجي ويون. (جنت السنڌ- مولائي شيدائي ص 62)
    جيتريقدر پورچوگيزن جو، سنڌ سان لاڳاپي جو سوال آھي ته ھنن جو پھريون نمائندو ھڪ پورچوگيزي سياح باربوسا ھو، جنھن ھرمز ٻيٽ کان گجرات تائين، سامونڊي مسافري ڪري سنڌ بابت معلومات حاصل ڪئي. ان کان پوءِ پورچوگيز واري صورت ۾، سنڌ جي مشغول ترين بندرگاھ، لھري ۾ آيا. اھو سنڌ م ارغونن ۽ ھند ۾ مغلن جو شروعاتي دور ھو. ھن زماني ۾ پورچوگيزن جو لھري بندر تي پورو ڪنٽرول ھو ۽ عيسائيت جي تبليغ لاءِ لھري ۾ ھڪ ديول به تيار ڪرائي ھئائون، جنھن جي ديوارن تي تثليت جون تصويرون به نڪتل ھيون. سنڌ جو واپار، جيڪو ايراني نار ۽ گجرات سان ھلندو ھو، سو پورچوگيزن جي ھٿ ۾ ھو. (تاريخ تمدن سنڌ- مولائي شيدائي ص 462) عيسائيت کي سنڌ ۾ ڦھلائڻ لاءِ سندن مبلغن ڊسليس ڪارملا سٽس، آگستين، فادرليو، ڊوويڪس ۽ ريڊ مسٽين ھڪٻئي جي پٺيان آيا. بکر ۽ لھري سندن خاص مرڪز ھئا. (سنڌ ۾ عيسائيت جي تبليغ ۽ سنڌي علم و ادب ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ. ٽماھي مھراڻ 4، 1981ع) سنڌ ۾، ھو تجارت ۽ مذھب سان گڏ سياست ۾ به حصي وٺڻ جا خواھشمند ھئا، پر ٺٽي ۾ کين قدم رکڻ جي اجازت نه ھئي. 963ھ جو زمانو ھو، سنڌ جو حاڪم عيسيٰ ترخان ھو گاديءَ جو ھنڌ ٺٽو ھو. مرزا جي تخت نشيني جي پوري ھڪ سال کان پوءِ، ارغون اميرن، پنھنجي سازش سان مرزا عيسيٰ کي سلطان محمود بکري جي خلاف اُڀاريو. ياد رھي ته ان وقت، سنڌ جي حڪومت ٻن حصن ۾ ورھايل ھئي. ھيٺين سنڌ تي مرزا عيسيٰ ترخان حڪومت ڪندو ھو ۽ مٿين سنڌ تي سلطان محمد راڄ ھلائيندو ھو. مرزا، ارغون اميرن جي چنبي ۾ اچي، سلطان محمود تي، ھڪ وڏي فوج وٺي چڙھائي ڪري ويو ۽ بکر پھچي، قلعي جو گھيرو ڪيو. سلطان محمود اھا حالت ڏسي، قلعي بند ٿي ويھي رھيو. اٽڪل 15 ڏينھن مرزا عيسيٰ ان قلعي کي گھيرو ڪيو ويٺو رھيو. ان وچ ۾، ٺٽي کي حاڪم کان خالي ڏسي، پورچوگيزن سنڌ تي ڪاھيو. مؤرخ سنڌ مولائي شيدائي صاحب جو چوڻ آھي ته، ”مرزا جي جيئري، سندس ٻن پُٽن مرزا محمد باقي ۽ مرزا صالح جي وچ ۾ تڪرار ٿي پيو. مرزا باقي پھريائين گجرات ڏانھن ڀڄي ويو ۽ پوءِ بکر جي حاڪم سلطان محمود ڪوڪلتاش وٽ وڃي پناھ ورتائين. مرزا عيسيٰ جي مرضي ھئي ته ھو سلطان محمود سان روبرو ملاقات ڪري، مرزا باقي کي پنھنجو ولي عھد بڻائي. ان ڪري ھو سلطان محمود سان گڏجڻ ۽ معاھدي ڪرڻ لاءِ بکر ھليو ويو ۽ پٺيان پورچوگيزن ٺٽي تي حملو ڪيو. (جنت السنڌ ص 406) تحفة الڪرام ۾ آھي ته سنڌ جي حڪومت، مرزا عيسيٰ ۽ سلطان محمود جي وچ ۾ تقسيم ٿي چڪي ھئي. مرزا، محمود باقي کي ولي عھد بڻايو. بکر ان ڪري روانو ٿيو ته سلطان محمود کان مرزا باقي لاءِ وفاداريءَ جو حلف وٺي. (مير قانع ٺٽوي ص 172) ڪن مورخن ۽ اڪثر مضمون نويسن جو چوڻ آھي ته ”مرزا عيسيٰ خود، محمود بکريءَ سان جنگ ڪرڻ لاءِ. پورچوگيزن کي مدد لاءِ گھرايو ھو. پر ھو اڳ روانو ٿي ويو ۽ ھنن ڪاوڙ ۾ اچي. ٺٽي کي ڦري باھ ڏني.“ (بيلاز نامو ص 112 ۽ مختلف رسالن ۾ مضمون لکندڙ احباب)
    پر اھو غلط ۽ بي بنياد بھتان آھي. تاريخ من گھڙت ڳالھ يا ڪوڙي ڏند ڪٿا نه آھي. ابن خلدون جو چوڻ آھي ته تاريخ صرف واقعات ۽ حادثات جو نالو نه آھي، پر تاريخ انھيءَ پس منظر جو نالو آھي، جنھن ۾ معاشرتي ۽ معاشي ڪشمڪش جي ڪري، اجتمائي طور تحريڪون اُٿن ٿيون، جنھن ۾ قومن جي ڪمال ۽ زوال جا اسباب ۽ عوامل لاشعوري طور بيان ٿين ٿا. تاريخ لکڻ وقت، ان پس منظر کي ڳولڻ گھرجي، جنھن مان واقعو رونما ٿيو ھجي. (تاريخ جو فلسفو- مترجم سيد اسدالله شاھ ص 12)
    ھاڻي جيڪڏھن، واقعات جي ڪڙين کي ملائبو ۽ پس منظر تي نظر وجھبي ته معلوم ٿيندو ته اھا ساري کيڏ، ارغون اميرن جي ھئي. ھنن کي پنھنجو مفاد عزيز ھو. کين پنھنجو ڀِڀُ ڀرڻو ھو. ھو ھر وقت ذاتي مفاد لاءِ ڪوشش ڪندا ھئا. جيئري لاءِ ٻڪري ڪھڻ وٽن ٿورڙي ڳالھ ھئي. کين سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ ڪوبه احساس يا درد ڪونه ھو، ھو قنڌاري ھئا، ڪابلي ھئا، ڌُريان ئي ڌاريا ھئا. جڏھن شاھ بيمار ٿي پيو، تڏھن ارغون اميرن، پنھنجو مفاد مرزا عيسيٰ ۾ ڏٺو، حالانڪ ھو ترخان گھراڻي مان ھو. اميرن بغاوت ڪري کيس پنھنجو امير چونڊيو. شاھ حسن ان وقت بيماريءَ جي حالت ۾، سلطان محمود وٽ بکر ۾ رھيل ھو. ارغون اميرن، مرزا عيسيٰ کي اھڙيون ته پڙٻيون ٻُڌايون، جو ھمراھ، محمود بکريءَ سان جنگ ڪرڻ لاءِ، ساپاھ جي ڳوٺ ۾ آيو، پر محمود بکريءَ قرآن شريف تي، ھن سان ٺاھ ڪيو ته، شاھ حسن جي مرڻ کاءِ پوءِ سنڌ جي ھيٺين حصي تي عيسيٰ ترخان ۽ مٿئين حصي تي محمود حڪومت ڪندو. پھرين جي گادي بکر ۽ پوئين جي گادي ٺٽو ٿيندي. (مير معصوم بکري- سيد حسام الدين راشدي ص 55) جڏھن شاھ حسن وفات ڪئي، تڏھن مرزا عيسيٰ گادي تي ويٺو. ھو تمام قابل ۽ مدبر ھو. ھن ارغون اميرن کي، پاڻ سان ملائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ کين زبردست لوازمات ڏنا. مرحوم آغا بدر عالم لکي ٿو ته ”مرزا جي اُن حڪمت عمليءَ سان، مخالفت جي باھ ٺري ته ويئي مگر وِسامي نه سگھي. ارغون برابر سندس مخالفت جي فڪر ۾ لڳا رھيا. (مرزا عيسيٰ ترخان، ماھنامه نئين زندگي- جون 1957ع ص 24) ارغون اميرن مان ڪن جي مخالفت جو سبب ھي ھو ته عيسيٰ ترخان گھراڻي مان ھو، ان ڪري ھو کيس نه سھندا ھئا ۽ ٻيو ته ھو ھوشيار، ذھين ۽ زيرڪ سياستدان ھو. ارغون اميرن پھرئين سندس ان ڪري حمايت ڪئي ھئي جو ھو سندن ”ماسٽرس وائيس“- ٿي رھندو، پر جڏھن ھنن ڏٺو ته ھو سندن غلط ۽ بيجا راين تي ڪَن نٿو ڏئي، تڏھن ھو سندس مخالف ٿي بيٺا. ارغون اميرن سندس تخت تي ويھڻ شرط اجايا ۽ غلط مطالبا شروع ڪيا. ڪيبڪ، فرخ تيمور ۽ ٻيا امير، گھوڙن تي چڙھي سندس حرمسراءِ ۾ اچي کانئس خزاني جي گھر ڪندا ھئا. (تاريخ طاھري ص 215) جڏھن مرزا سندن جھوليون ڀرڻ کان انڪار ڪيو، تڏھن ھن سندن پُٽن مرزا محمد باقي ۽ مرزا صالح کي پاڻ ۾ ويڙھايو، مگر اھو مسئلو، مرزا عيسيٰ پنھنجي فھم ۽ فراست سان حل ڪيو. جڏھن مرزا باقي کي مرزا عيسيٰ سيوھڻ ۾ رھايو، تڏھن ارغون اميرن بادشاھ کي ڇڏي ساڻس بيوفائي ڪئي. ايتري قدر جو مٿس خوني حملو به ڪيو، جنھن ڪري مرزا عيسيٰ جا ڪيترا ماڻھو مري به ويا. ارغون اميرن کي ھاڻي اھو اچي دليل دل ۾ گدڙ ويٺو ته عيسيٰ ترخان، حڪومت پنھنجي پٽ مرزا باقي کي ڏيڻ ٿو گھري ان ڪري ھنن عيسيٰ ترخان کي ختم ڪرڻ پئي چاھيو. (تاريخ سنڌ- ج اول- مولانا اعجازالحق قدوسي ص 217) جڏھن سندن اھا اسڪيم به ناڪام ويئي، تڏھن ھنن تعصبانه ھوا ڏيئي، اپر سنڌ ۽ لوئر سنڌ جي حاڪمن کي ويڙھائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مرزا عيسيٰ ۽ سلطان محمود کي پاڻ ۾ اٽڪائي وڌو، لشڪر وٺي اتر سنڌ تي ڪاھي آيو- تاريخ طاھري وارو لکي ٿو ته ”مرزا عيسيٰ ان ڪري سلطان محمود سان ملڻ ويو، ته ھو مملڪت جون سرحدون، چڱي طرح متعين ڪرائي، جيئن سندس مرڻ کان پوءِ جھڳڙو نه ٿئي ۽ درٻيلي جي علائقي کي بکر کان ڌار ڪري، سيوھڻ سان ملائي منھنجي پٽ کي ڏي.“ (تاريخ سنڌ- ج اول- مولانا اعجازالحق قدوسي ص 217) پر اڳيان محمودي لشڪر ڏسي ان ڳالھ کي ملتوي ڪيائين، ويتر سلطان محمود بکري، وڙھڻ کان نٽائي، صلح لاءِ ڪوشش ڪئي ۽ مرزا عيسيٰ به آماده ٿيو. ارغون اميرن ڏٺو ته صلح جي حالت ۾، مرزا وري به مضبوط ۽ مستحڪم ٿي ويندو ۽ سندن من مانيون ۽ الوليون اڌڪيون رھجي وينديون، ان ڪري ھنن ئي پورچوگيزن کي ٺٽي ڦُرڻ جي دعوت ڏني. پورچوگيزن کي، سنڌ سان تجارتي ناتن کي مستحڪم ڪرڻو ھو ۽ ارغون اميرن، کين اُن جي ضمانت به ڏني. ان ڪري ئي گورنر، بسين شھر مان ھڪ فوجي ٽولو موڪليو. ھي ٽولو پيڊروبالٽيزولن جي اڳواڻي ھيٺ ست ھزار سپاھين ۽ 28 جھازن سان سنڌ کي ڦُرڻ لاءِ، لھري بندر پھتو. بندر جي قلعي وارن سوڍن ۽ سورمن، ھنن سان نھايت بھادري سان مقابلو ڪيو، مگر ظالمن بارود ۽ بندوقن سان کين ختم ڪري، قلعن کي اُڏائي ڇڏيو. ان کان پوءِ ھو ٺٽي پھتا، جتي ارغون اميرن سندن آجيان ڪئي. ھنن به گاديءَ جي ھنڌ کي بادشاھ کان خالي ڏٺو.
    اھو جمعي مبارڪ جو سڳورو ڏينھن ھو. سنڌڙيءَ جا نيڪ ۽ نمازي بندا، جن جي دلين ۾ ھميشہ ڌارين لاءِ به محبت رھي آھي، پنھنجي پروردگار جي درٻار ۾ سر بسجود ھئا، ته ھيڏانھن انھن تي ھي زحمت جو ڳڙو وسڻ لڳو. مير علي شير قانع لکي ٿو ته، ”جمعي جي ڏينھن، نماز جو وقت ھو ته، ھو شھر ۾ داخل ٿيا ۽ بي دريغ لُٽ، ڦُر ۽ قتل غارت شروع ڪري ڏنائون. بازار امير بيگ ۽ جامع فرخ ۾، گنج شھيدان لڳي ويا. اُھي ٻيئي جايون خاص طرح خونريزيءَ جون آماجگاھ بڻيون. ليڪن متفرقه طور سڄي شھر ۾ خون خرابو ڪيائون. ويندي وقت شھر ۾، بارود وڇائي باھ ڏيئي ڇڏيائون.“ (تحفة الڪرام ص 172) ھيگ جو بيان آھي ته، ”ھنن غضب جي جوش ۾ اچي، اَٺن ھزارن کان به مٿي ماڻھن کي ماري ڇڏيو. ويھن لکن پائونڊن کان زيادھ قيمت جو مال، باھ جي نذر ڪري ڇڏيو ۽ انھيءَ غنيمت جي سامان مان، جھاز ڀريا، جيڪو ايشيا جي نھايت قيمتي خزانن مان ھو.“ (دي انڊس ڊيلٽا ڪنٽري بحواله تاريخ سنڌ- عھد ڪلھوڙا ص 561) ڊاڪٽر ڇڊلاڻيءَ جو چوڻ آھي ته : ٻن لَکن پائونڊن کان به وڌيڪ ملھ جي مال ملڪيت کي باھيون ڏيئي، تباھ ڪري ڇڏيائون. ايترو مال کڻي ويا جو ايشيا ۾ شايد ئي ڪنھن قوم کي ھٿ آيو ھجي.“ (سنڌ جي اقتصادي تاريخ ص 212) حضرت مولائي شيدائي لکي ٿو ته: ”جمعي جو ڏينھن ھو. مسلمان جامع مسجد چرڪس ۾ نماز ادا ڪري رھيا ھئا ته، فرنگين شھر ۾ لُٽمار مچائي 8 ھزار بي گناھ شھري قتل ڪري، ويھن لکن پائونڊن جي ملڪيت لُٽي، پوءِ شھر کي باھ ڏيئي، تباھ ڪري ڇڏيو. اُن وقت ٺٽي جي آبادي 3 لک ھئي. (تاريخ تمدن سنڌ- مولائي شيدائي ص 377) سنڌ گزيٽيئر ۾ آھي ته ”پورچوگيزن پنھنجي حملي ۾ ٻن لکن جو سون تباھ ڪيو ۽ ايترو ڦري کنيو به. اھڙي ويڌن اڳ ايشيا ۾ ڪڏھن به نه ٿي.“ ھڪ فرانسيسي ليکڪ، ھنن لٽيرن جي ٺٽي ۾ ڦُر جي تصوير، ھيئن چِٽي ٿو: ”شروع ۾ پورچوگيزن جي اميرالبحر کي حملي ڪرڻ ۾ ھٻڪ پئي ٿي. پوءِ ھن سڀ کان اول ھڪ مسجد تي پنھنجو قبضو ڄمايو ۽ ماڻھن کي ناقابلِ تصور بيدرديءَ سان لُٽيو، بي زبان جانورن کي به نه ڇڏيو ويو. ٺٽي کان واپسيءَ وقت ھنن درياءَ جي ٻنھي ڪنارن جي آبادين تي حملا ڪري ھر ڳوٺ کي تباھ ڪيو. (تاريخ سنڌ عھد ڪلھوڙا، مولانا غلام رسول مھر ص 513) تحفہ الطاھرين جي مصنف جو چوڻ آھي ته ”جامع مير فرخ ارغون ۾ پھچي ھنن قتل عام شروع ڪيو ۽ اندازو آھي ته ھنن ٻن ھزارن کان به مٿي اوليائن کي قتل ڪيو، تاريخ طاھريءَ وارو لکي ٿو ته ” پورچوگيزن اٺ ھزار شھرين کي قتل ڪيو ۽ اٽڪل ٻن ملين چاندي جي، قيمت جو سامان ساڙي ڇڏيو ۽ ڪيترو ئي سامان، ٻيڙين تي کڻي روانا ٿي ويا. ھو ھتي ھفتو ڦُريندا رھيا.“ پير حسام الدين راشدي لکي ٿو ته: ”پورچوگيزن منجھند جو ٺٽي تي حملو ڪيو ۽ سڄي شھر کي باھ ڏنائون. دڪان، گھر ۽ بازاريون لُٽيائون ۽ اٽڪل اٺ سو مسلمانن کي، مسجدن ۾، نماز پڙھندي شھيد ڪيائون.“ (ڳالھيون ڳوٺ وڻن جون ص 240)
    مطلب ته پورچوگيزن، سنڌ جي ھن قديم ۽ تاريخي شھر کي، اھڙي ته بي درديءَ سان لُٽي تباھ ڪيو ۽ ايتري قدر قتل عام جي بازار گرم ڪئي جو سنڌ جي تاريخ ۾ ان جو ٻيو مثال نٿو ملي. انھيءَ ھنگامي ۾ اٽڪل اَٺ ھزار ماڻھو قتل ٿي ويا ۽ اھي به سڀيئي مسجدن ۾ نماز پڙھندي، ڪيترو ئي سامان باھ جي نظر ٿي ويو. ظالمن ان تي به اڪتفا نه ڪئي، پر ساري شھر کي باھ ڏيئي، ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيو، خود پاڻ اعتراف ڪن ٿا ته، ”ٺٽي مان کين، جيتري دولت ھٿ لڳي. ايتري ساري ايشيا مان کين نه ملي، بکين لُٽيرن ٻيو سامان ته کنيو، پر جاين جون ڪشيءَ جون سِرون به پَٽي کڻي ويا، بُک جي به ڪا حد ٿيندي آھي!
    ھي آھي انھن ڌاڙيلن جو درندگيءَ ۽ وحشانيت جي قلمي تصوير، جن سنڌڙيءَ کي ختم ڪرڻ پئي چاھيو. ھي ننڍي کنڊ جي تاريخ ۾، پھريون مثال آھي، جو سنڌ جي پاڪ زمين تي يورپي، قومن ناپاڪ قدم رکي، سندس سُھاڳ لُٽيو. اھو واقعو 1555ع جو آھي، اسان سان فرنگين جو ھي، قھري ۽ درد انگيز واقعو، ان زماني ۾ پيش آيو، جڏھن مرڪز ۾، سُورين ۽ مغلن جي وچ ۾، تقدير جي فيصلي جي آخري جنگ لڳي چڪي ھئي. مغل ھندوستان مان، ھڪ دفعو نڪري وڃڻ کانپوءِ ٻيھر قدم ڄمائڻ جي ڪوشش ۾ ھئا ۽ شير شاھ سوري جي عارضي قائم ڪيل سلطنت جو نقشو مٽجي رھيو ھو. ان ڪري بر صغير جي مسلم حڪومت، خود پاڻ ۾ گھرو لڙاين ۾ رڌل ھئي ۽ ڌاريون قومون، ڦرلٽ ڪري، جاوا ڪري رھيون ھيون. مرزا عيسيٰ ترخان، بکر ۾ اچي سلطان محمود سان صلح ڪري، واپس ٺٽي پھتو. پر دشمن کي اميرن اڳ ئي خبر ٻڌائي ڇڏي ۽ ھو فرار ٿي ويو. مرزا ڀڳل ٽُٽل جاين کي درست ڪرايو. شھر پناھ، نئين سر ٺھرائي، ان کانسواءِ، سمنڊ کان، جيڪا ڪشادي نار، لھري بندر ايندي ھئي اُن جا ٻيئي پاسا پٿرن سان لٽرائي، ان کي ايترو سوڙھو ڪرايائين جيئن جھاز اچي نه سگھي. سمنڊ ۽ بندر جي وچ ۾، پھري لاءِ ھڪ ننڍو قلعو ٺھرايائين، جنھن کي شاھ بندر سڏيو ويو. (تحفتہ الڪرام ج 3 مير قانع ٺٽوي ص 67)
    ٺٽي ۾ فرنگين جو ھي ڌاڙو، سندن بربريت ۽ وحشانيت جي زندھ تصوير آھي. غريب سنڌي، ارغون اميرن جي ذاتي مفاد، خود غرضي ۽ لالچ جي ڪري، ڦُرجي ۽ مارجي چڪا ھئا، شھر ۽ ڳوٺ، سڙي رَک ٿي چڪا ھئا. جانور ۽ پکي به سندن وحشانيت جي ظلم کان بچي نه سگھيا. ٺٽو جيڪو علم ۽ عرفان، ادب ۽ ڪلچر، تھذيب ۽ تمدن، خوشحالي ۽ آسودگي جي رنگين تصوير ھو، سو صرف رَک ۽ خاڪ، مِٽي ۽ ڪوئلن جو ڍير بڻجي چڪو ھو. ھر طرف روڄ ۽ راڙو، آھ و فغان جو آواز ھو. ٺٽي جو ٺَٺ، سنڌڙيءَ جو سينگار، بر صغير جي سونھن ۽ دنيا جي راڻي سنڌ، لُٽجي ۽ ڦرجي چڪي ھئي. ظالم ۽ جابر پورچوگيز سندس اميري ۽ شاھوڪاري ڦُري کيس ڏُھاڳ ڏيئي ويا. آغا بدر عالم مرحوم لکي ٿو ته: ”پورچوگيزن ھٿان، ٺٽي جي تباھي صرف ٺٽي جي بربادي نه ھئي، پر اھا سنڌ جي ان عظيم الشان تھذيب ۽ تمدن جو نقصان ھو، جو ان گھواري ۾ ڦليو ڦوليو ۽ پروان چڙھيو. (مرزا عيسيٰ ترخان- نئين زندگي جون 1970ع)


    نادر شاھه ايراني (1740ع)

    سوين آيا سنڌ ۾ ، نوان نادر شاھ،
    ڪانھي ڪا تاريخ ۾، ويڙھ سوا ٻي واھ،
    متان سوچيو ساھ، متان موٽو ماڳ تان.
    (شيخ اياز)



    - سنڌ تي نادر جي حملي، ظالم ۽ ڏاڍ جي بي انت بحر ۾ ھڪ خوفناڪ سيلاب جي حيثيت ورتي، جنھن اوچتو سنڌ جي سرزمين کي، پنھنجي جولانيءَ جو نشانو بڻايو ۽ ساري ملڪ جو انتظامي سرشتو ٽُڪر ٽُڪر ڪري وڌو. ھزارين ماڻھو گھر ٻار ۽ اجھا ڇڏي، دربدر خاڪ بسر رُلندا رھيا. سندن ميڙي چونڊي، سڀ لُٽجي ويئي. جتي نادر شاھ جو پير پھتو، بستيون ۽ فصل ويران ٿي ويا. ملڪ جي عام وسيلن کي سخت نقصان پھتو. ڪلھوڙن، ٻين پيڙھين جي حڪمرانيءَ ۾، آئي ويل جي ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ، جيڪي ڪجھ پاڇي ڪيو ھو، اھو سڀ نادر ميڙي سھيڙي پاڻ سان کڻي ويو. انھيءَ کانسواءِ، سالياني خراج جو، ڳاٽي ٽوڙ پٿر به، سنڌ جي ڳلي ۾ ٻڌي ويو. ملڪي وحدت به قائم رھڻ نه ڏنائين ۽ ان کي ٽُڪرن ۾ ورھائي ڇڏيائين-

    مولانا غلام رسول مھر
    تاريخ سنڌ- عھد ڪلھوڙا ج 2 ص 410


    نادر شاھ افشار ايرانيءَ جو نالو ڪنھن کان ڳُجھو نه ھوندو ھو. ھو چنگيز ۽ تيمور کانپوءِ، ايشيا جو ٽيون نمبر فاتح ٿي گذريو آھي. تاريخ ۾ ھنن کي ”ايشيا جو نيپولين“ چيو وڃي ٿو. ايشيا مائنر کان دھليءَ تائين ڪوبه ھن جي ترار جي وار کان بچي نه سگھيو. ھن به نيپولين وانگر، عظيم الشان حڪومت قائم ڪئي. ھن دنيا جي سوين قومن کي، پنھنجي تابع ڪيو ۽ گاديءَ جي ھنڌ ۾، ھيڏانھن ھوڏانھن جو مال ڦُري، دولت جا انبار گڏ ڪيا. ھن نيپولين وانگر، انسانن کان پنھنجي پوڄا ڪرائي. خون جا درياءَ وھايا ۽ ھر دل جي اميدن ۽ تمنائن جو راڪاس بڻجي ويو، جن آسن کي ھن ھڪ ئي چپيٽ سان خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. ھن جو موت به نيپولين کان ڪنھن به طرح گھٽ نه ٿيو. ھڪ سينٽ ھيلنا ۾ قيديءَ جي صورت ۾ مُئو ته ٻيو وري خنجر جو نشانو بڻيو.

    تاريخ جي ھن ظالم ترين شخص جو اصلي نالو نادر قلي ھو. سندس پيءُ امام قلي افشار ھو، جيڪو اصل غريب ۽ مسڪين خاندان جو فرزند ھو. نادر پنھنجي زندگيءَ جي اوائلي حصي ۾، رڍن ۽ ٻڪرين جون کَلون وڪڻي گذران ڪندو ھو. نادر 17 ورھين جي ڄمار ۾، پنھنجي پيءُ سميت، ازبڪن ھٿان گرفتار ٿي قيد ٿي پيو. ڪجھ وقت کانپوءِ، اھو اتان ڀڄي، بابل بيگ نالي ھڪ امير وٽ نوڪر بيٺو. (جنت السنڌ- مولائي شيدائي ص 312) ھو تمام ھوشيار، چالاڪ، ٺَڳ، حرفتي ۽ رھزن ھو. ھن پنھنجي محسن کي قتل ڪري، سندس نياڻيءَ کي کڻي ويو. ان کانپوءِ ڌاڙيلن جي ھڪ وڏي ٽولي ٺاھي، ان جي سرداري ڪرڻ لڳو. ھن سڄي سڄي ملڪ ۾ وڏا وڏا ڌاڙا ھنيا، ايتريقدر جو سڄي ايران ۾ ٿرٿلو مچي ويو. ڪجھ وقت کانپوءِ، جڏھن ھو ڪافي بدنام ٿيو، تڏھن شھزادي طھماسپ جي فوج ۾ شامل ٿيو. جيئن ته ھو شمشير زني ۽ اڳواڻي ڪرڻ ۾ ماھر ھو، ان ڪري جلد ئي فوج ۾ معتبر حيثيت حاصل ڪري ورتي. ھاڻي ھو حڪومت جو اھم فرد ٿي پيو ۽ ملڪي انتظام ۾، ھن جو خاص ھٿ رھيو. ھن لشڪر کي مضبوط ۽ منظم ڪيو ۽ پاڻ ان جو سالار بڻجي ويو.

    1730ع ۾ ميرويس قنڌار ۾، افغانن جي آزاد حڪومت جو ڍانچو تيار ڪيو ۽ ايران سان ڪشمڪش جاري رکي. ميرويس جي فرزند، محمود ايران تي حملو ڪري اصفھان کي فتح ڪيو ۽ ان وقت جي حاڪم شاھ حسين صفويءَ کي ماري ڇڏيو. ھن جي پٽ طھماسپ مرزا، پاڻ کي بچائي ورتو ۽ اصفھان مان نڪري وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ان کانپوءِ ھن ھڪ فوج تيار ڪئي جنھن ۾ نادر کي به شامل ڪيو ويو. نادر پنھنجي حڪمت عملي ۽ بھادرانه صلاحيتن سان، 1735ع ۾ افغانن کي شڪست ڏيئي، پنھنجي ملڪ کي آزاد ڪرايو. ھن ئي اتر ۽ اولھ طرف کان، ترڪن جي حملن کي روڪيو. طھماسپ ھن جي اورچائي، قابليت ۽ پاڻ ڏانھن سچائيءَ کي ڏسي، پنھنجو خاص وزير مقرر ڪيو ۽ ھو مدارالمھام جي حيثيت ۾ حڪومت ھلائڻ لڳو. 1736ع ۾ جڏھن طھماسپ وفات ڪئي، تڏھن ھڪ لک ايراني سردارن ۽ اميرن جي فرمائش تي ھو، ”شاھ“ جو لقب اختيار ڪري تخت تي ويٺو.

    نادرشاھ رڳو سپاھي نه ھو، رڳو وحشي ڪَٽڪ جو اڳواڻ نه ھو پر تلوار ھلائڻ ۾ زبردست مھارت رکڻ سان گڏ رياستي معاملن ۽ پرڏيھي ڳالھين کي مات ڏيڻ ۾ به خاص ماھر ھو. ھن تخت تي ويھڻ شرط، ڪئپسين سمنڊ، ايراني نار وٽ ڪيترائي جنگي جھاز تيار ڪرايا. انھن جنگي جھازن جي مدد سان، عربن وٽان بحرين کي وري ھٿ ڪيو ۽ عمان کي به فتح ڪيائين. ھن ترڪن کان جارجيا ۽ آرمينيا ۽ روسين کان ڪئپسين سمنڊ جي آسپاس وارا علائقا به فتح ڪيا. 1737ع ۾ ھن قنڌار تي قبضو ڪري غزني ۽ ڪابل کي به فتح ڪيو. اھڙي طرح ٿورڙي عرصي ۾ ھو عظيم الشان سلطنت جو مالڪ بڻجي ويو. ھاڻي سندس مطلب دولت جا انبار گڏ ڪرڻ ھو. ان وقت برصغير ۾، مغلن جي حڪومت جو ڏيئو ٽِمڪي رھيو ھو. اورنگزيب وفات ڪري چڪو ھو. پويان مغل شھزادا، تخت ھٿ ڪرڻ لاءِ ست دفعا گھرو لڙائين جي قيد ۾ ڦاسي چڪا ھئا. منجھن اتحاد ۽ ايڪو بنھ ڪونه ھو ۽ ڪابه مستحڪم حڪومت قائم ڪري نه سگھيا. ھِن زماني ۾ نادر، پنجاب جي مغل صوبيدار کي شڪست ڏيئي ڀڄائي ڪڍيو، ۽ پنجاب تي قبضو ڪيو. اتي ئي ھڪ خوشامدي مغل سردار سعادت خان کيس مليو، جنھن دھليءَ جي زر ۽ جواھر جا قصا ٻڌائي، دولت جي لالچ ڏيئي دھلي وٺي آيو ۽ ھن نادر، سواءِ ڪنھن ڏوھ ۽ پاپ جي، شھرين جي ڦرلٽ ڪئي ۽ قتل عام جو حُڪم ڏنو. م‍ؤرخ لکن ٿا ته، ”صبح کان وٺي، ٻن پھرن تائين دھلي جي بازارين ۽ گھٽين ۾ لاشن جا ڍير لڳي ويا ۽ رت جون نديون وھي ھليون. قتلام ۾ ٻار ٻُڍي، مرد عورت، ڏوھي ۽ بي ڏوھي جي ڪابه تميز ڪانه ھئي. ست ھزار قزلباش ۽ ويھ ھزار دھلي جا شھر واسي قتل ٿي ويا. ڪيترن ئي ڏينھن تائين، ھنن جا لاش گھِٽين ۾ سڙندا رھيا. پوءِ ڪجھ مُردا، جمنا نديءَ ۾ ۽ ڪجھ ھندو مسلم، گڏي ساڙيا ويا- (تاريخ سنڌ- عھد ڪلھوڙا- حصو 2 مولانا غلام رسول مھر ص 375) ھڪ عالم لکي ٿو ته: ”ڪجھ ڪلاڪن ۾ يعني صبح کان منجھند تائين، دھلي مُردن سان ڀرجي ويئي، مقتولين جو تعداد 8 ھزارن کان ڏيڍ لک تائين چيو وڃي ٿو. 22 ڪروڙ روڪ، نوي ڪروڙن جا جواھرات ۽ طائوسي تخت وغيره شاھي محلات مان ڦريا- (تحريڪ شيخ الھند- محمد ميان رحه مقدمو ص 86) ھن، شاھي خزاني جي ڦُر ڪرڻ سان گڏ، دھليءَ جي اميرن کي ڦري اٽڪل اسي ڪروڙن جو مال ھٿ ڪيو. ھن ۾ 15 ڪروڙ روپيا نقد ۽ سٺ ڪروڙ ماليت جو سون، چاندي، ھيرا جواھرات ۽ اشرفيون اچي وڃن ٿيون. ٽي سو ھاٿي، ڏھ ھزار گھوڙا ۽ اسي اُٺ پاڻ سان نيائين. ان کانسواءِ ڪوھنور ھيرو، طائوسي تخت ۽ ٻيون به ڪيتريون ئي قيمتي شيون حاصل ڪيائين. نادر کي دھلي جي ڦرلٽ مان جيڪو سامان مليو، ان جو ڳپل حصو پنھنجي فوج ۾ ورھايائين. گھٽ ۾ گھٽ حيثيت رکندڙ سپاھيءَ کي 18 مھينن جي پگھار اڳواٽ ملي، جنھن مان 6 مھينن جي پگھار انعام طور ڏني ويئي. فوج جي معمولي ملازم کي به سٺ سٺ روپيا پگھار ۽ سؤ سؤ روپيا انعام مليو.

    نادر شاھ، دھليءَ تي ڪاھ وقت، محمد شاھ کان مھراڻ جي الھندي وارا ڪنارا، ٺٽي سميت کسي پنھنجي قبضي ۾ رکيا. ان کان اڳ، جڏھن ھو ڪابل ۾ ھو، تڏھن سنڌ جي حاڪم ميان نور محمد ڪلھوڙي کي ڪابل ۾ ملڻ لاءِ حڪم ڪيو ھو. پر جيئن ته سنڌ اُن وقت دھليءَ جي ماتحت ھئي ۽ ميان صاحب، ھندوستان جي درٻار سان وابسته ھو، ان ڪري ھن وٽ وڃي نه سگھيو ۽ ھاڻي جيئن ته نادر، محمد شاھ کان، ھي سارو علائقو وٺي چڪو ھو، جيڪو زرخيز ۽ دولت سان پُر ھئڻ ڪري، نادر کي ھانءَ ۾ چُڀي ويو ھو ۽ ھو ھاڻي سنڌ جو مختيار اعليٰ به بڻجي چڪو ھو، ان ڪري پراڻو پاند وٺڻ لاءِ، ھن ملڪ تي ڪاھ ڪرڻ جو ارادو ڪيو. ويتر ميان جي حاسدن، نادر جي خوشامدين، دولت جي پوڄارين، اقتدار جي بُکين ۽ وطن جي ويرين ھن کي خوب ڀڙڪايو. ڪن روايتن ۾ اچي ٿو ته: ”نادر قنڌار جي فتح کانپوءِ، بولان جي رستي، ھندوستان اچڻ ٿي چاھيو ته ميان نور محمد مقابلي لاءِ تيار ٿيو. انھيءَ ڪري نادر بولان وارو رستو ڇڏي، غزني، ڪابل ۽ خيبر وارو رستو اختيار ڪيو. پر جيتريقدر تاريخي حقائق جو تعلق آھي ته اِئين نه ھو. ڇوته ميان ان وقت دھلي جي درٻار سان منسلڪ ھو، ان ڪري ان جي اجازت کانسواءِ، اھا ڪاروائي نه ڪري ھا ۽ ٻيو ته ھن، ھروڀرو به، نادر جھڙي ظالم ۽ جابر حڪمران سان مھاڏو ڪرڻ نه ٿي گھريو. اصل ڳالھ ھيءَ آھي ته نادر کي سنڌ جي دولت ھٿ ڪرڻي ھئي ۽ ان کي ٽُڪرن ۾ ورھائي پنھنجي اميرن ۽ چمچن کي راضي ڪرڻو ھو. ان ڪري ھن نوڙيءَ کي نانگ بڻائي، سنڌ تي وحشيانه حملو ڪري، چنگيزي چال کيڏي.
    نادر شاھ 27 نومبر 1739ع تي ڪابل مان نڪتو ۽ 25 ڊسمبر 1739ع تي ديري غازي خان پھتو. اتي دائود پوٽن جي رئيس، امير صادق محمد خان ساڻس ملاقات ڪئي ۽ پنھنجي مڪمل مدد جو يقين ڏياريو. نادر اتان پنھنجي فوج ٻيڙين رستي اماڻي ۽ پاڻ ڪجھ فوج وٺي لاڙڪاڻي روانو ٿيو. ھي لشڪر 1 فيبروري 1740ع تي لاڙڪاڻي پھتو. ديري غازي خان مان رواني ٿيڻ وقت، ھن لاھور ۽ ملتان جي ناظم ذڪريا خان کي لکيو ته، ”سنڌ مان ڀڄي آيل ڪنھن کي به پناھ نه ڏني وڃي. جيڪڏھن شاھي فوجون، ڀڄندڙن جو پيڇو ڪندي، درياءُ پار ڪن ته اھو خيال نه ڪيو وڃي ته ھندوستاني سرحدن ۾ مداخلت ڪئي ويئي آھي.“ (تاريخ سنڌ- عھد ڪلھوڙا ج 2 ص 377) نادر شاھ اھڙي طرح وڏي ڪروفر سان سنڌ تي ڪاھي آيو. ميان نور محمد ڏٺو ته ھن سان مقابلو ڪري، ھروڀرو ھزارين انسانن جو رت وھايان سو لاچار پنھنجو مال متاع ساڻ ڪري، عمرڪوٽ ڏانھن روانو ٿيو. ان وقت عمرڪوٽ کان وڌيڪ، پناھ لاءِ ٻي مناسب جڳھ ڪين ھئي، ڇاڪاڻ ته عمرڪوٽ ٻن پَٽن جي وچ ۾ ھو ۽ ٻئي طرف کان پاڻي ھوس. نادري لشڪر اھڙي ريگستاني علائقي ۾ اچي نٿي سگھيو. ميان کاڌي پيتي جو سڀ سامان لڪائي ڇڏيو ۽ ڪارندن کي حُڪم ڏنائين ته، جيترو سامان جلايو وڃي، اوترو جلايو. (بيان واقع انگريزي ترجمو ص 17) حملي آور کي ناڪام بڻائڻ لاءِ، ھيءَ عمدي ترڪيب ھئي، پر افسوس جو ھِت به کير کريا، وطن جا ويري ۽ سنڌ جا دشمن پھچي ويا، جن کيس ڪيترن کي جاين تي لِڪل اناج جي سُڌ ڏني. ان کانسواءِ جَون ۽ ڪڻڪن جا فصل، ايڏا ته وڏا ٿي چڪا ھئا جو نادري گھوڙا گاھ طور ان کي استعمال ڪري پئي سگھيا. اھڙي طرح ميان جيءَ جي ھيءَ دفاعي اسڪيم ناڪام ٿي ويئي ۽ دشمن کي رسد ملي ويئي.

    جڏھن نادر شاھ لاڙڪاڻي پھتو تڏھن کيس خبر پيئي ته ميان صاحب ريگستاني علائقن ڏانھن روانو ٿي ويو آھي، تڏھن سخت ڪاوڙيو ۽ ڪجھ لشڪر وٺي اوڏانھن روانو ٿيو. نوشھري کان ٿي، جڏھن شھدادپور پھتو، تڏھن وري به وطن جا دشمن ۽ پاڻ وڻائڻ وارا ملي ويس، جن کيس رستو ٻڌايو. شھدادپور کان ٿي عمرڪوٽ پھتو. وچ ۾ سھيرين ۽ ماڇي سنڌي سوڍن ساڻس جنگ ڪئي. پر نادر جي ھزارن واري فوج کي 9 سَون جو دستو ڇا ٿو ڪري سگھي. تاھم به ھنن سورھين جي سچائي، دليري ۽ حب الوطني جي جذبي کي ساراھڻ کانسواءِ رھي نٿو سگھجي. جنم ڀوميءَ سان محبت جو ھڪ ثبوت ھي به آھي. بھرحال، نادر عين ان وقت عمرڪوٽ پھتو، جڏھن ميان صاحب، پنھنجو خزانو، زمين دوز ڪري، پاڻ وري مارواڙ وڃڻ وارو ھو. ان کان اڳ پنھنجو عيال اوڏانھن روانو ڪري چڪو ھو. نادر شاھ اتي پھچندي ئي چئني طرفن کان گھيرو ڪيو. اھو 16 فيبروري 1740ع آچر جو ڏينھن ھيو. ميان ھاڻي قابو ھو. نه وٽس لشڪر ئي ھيو ۽ نه ڪا راھ ئي ھيس. لاچار مشڪي گھوڙي تي چڙھي، شاھ بھارو، ڄام نندو، مير چاڪر، مير بھرام، مير صاھو ۽ شيخ غلام محمد کي ساڻ ڪري، صلح لاءِ نڪتو. نادر سان ھن شرط تي صلح ٿيو ته کيس، سندس خاندان ۽ رعيت مان ڪنھن جي به جان ۽ عزت کي نقصان نه رسايو وڃي. نادر اھو شرط بنا ڪنھن ھٻڪ جي منظور ڪيو. ماثرالامراءُ جو بيان آھي ته، ”ميان جڏھن نادر سان مليو، تڏھن اُن پڇيس ته ڀڳو ڇو ھئين؟“ ميان جواب ڏنو ته، ”اسين ابن ڏاڏن کان، ھندوستان جي بادشاھ جا نوڪر ھئاسين، جيڪڏھن اوھان سان موافقت پئدا ڪجي ھا، ته اوھان کي اسان تي اعتماد نه رھي ھا.“ اھا ڳالھ معقول ھئي، ان ڪري نادر جھٽ قبول ڪئي.

    نادر شاھ جو سنڌ تي چڙھائيءَ جو خاص مقصد، دولت ھٿ ڪرڻ ھو. ان ڪري ھن ميان کان پڇيو ته، ”تو وٽ ھڪ بي بھا لعل آھي.“ ميان جواب ڏنو ته ھڪ نه پر ٻه آھن. نادر حڪم ڪيو ته جلد پيش ڪر. ميان ھڪ ڪڻڪ جو ڇڄ ۽ ھڪ چاڏي گِھ جي گھرائي، سندس اڳيان رکي عرض ڪيو ته، ”قبلا اسان سنڌڙيءَ جي رھاڪن لاءِ لعل به ھي آھي ته گوھر به ھي آھي، ھنن ٻن کان افضل شيءِ، اسان وٽ ٻي ڪابه نه آھي.“ رابرٽ ليچ لکي ٿو ته، نادر ميان کان پڇيو ته ”تو وٽ سون جو ڀريل کوھ آھي“ ميان جواب ڏنو ته، ”ھڪ نه، پر اھڙا ست کوھ آھن.“ نادر چيو ته: جلدي ٻُڌاءِ، ميان انھن جون ڪنجيون سندس آڏو پيش ڪيون ته انھن ستن کوھن مان، ميان جي مراد، سنڌ جي ستن انتظامي حلقن جي ھئي. (تاريخ بلوچستان- جلد پھريون ص 839) ان کانپوءِ خراج ۽ نذراني جو وارو آيو. لوڪ ھارٽ جو چوڻ آھي ته، ”ميان صاحب کان جيڪي سون ۽ جواھر ورتا ويا، اھي ھڪ ڪروڙ کان به وڌيڪ ھئا. ڏھ لک روپيا سالياني خراج کان سواءِ انجام ورتو ويو ته، نادر جي خدمت ۾، ٻه ھزار سوار، ميان جي ھڪ فرزند جي سرڪردگيءَ ۾، مستقل رھندا.“ (لوڪ ھارٽ. بحوالہ تاريخ سنڌ عھد ڪلھوڙا ص 61) گولڊ سمٿ جو لکڻ آھي ته، ”ھڪ لک ويھ ھزار پائونڊ ساليانو خراج مقرر ٿيو ۽ ھڪ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ ناڻو، ميان کان ڦريو- (شڪارپور بابت تاريخي ياداشت ص 18) انند رام مخلص بدائع وقائع ۾، ھڪ ڪروڙ روپين سان گڏ، ھڪ قيمتي ھيري جو به ذڪر ڪيو آھي، جيڪو ميان کان نادر کسيو. بھرحال، ميان وٽ، جيڪي به ھڙ ۾ ھو، کيس ڏيئي، پنھنجي ۽ سنڌ جي جند ڇڏائي.
    اتان نادر ڦري لاڙڪاڻي آيو، جتي ھن ميان صاحب کي قيمتي پوشاڪ پھرائي، بيگلر بيگي ۽ شاھ قلي جا خطاب ڏنا. ميان پنھنجو وڏو پٽ، محمد مرادياب، نادر سان روانو ڪيو. ان کانسواءِ غلام شاھ ۽ عطر خان کي به ايران موڪليائين ته جيئن ٽيئي ڀائر گڏ رھن. نادر جي قتل تائين، ھي سنڌ جا سپوت، قنڌاري درٻار ۾ ضامن ٿي رھيا ۽ اھڙي طرح ھنن نادر جا ناپاڪ قدم وري سنڌ ۾ رکڻ نه ڏنا.
    نادر شاھ، سنڌ جي وحدت کي ٽوڙي ٽي حصا ڪيا. ھڪ حصو (سبي ۽ ڪاچو) عبدالله خان بروھي جي پٽ محبت خان بروھي، قلات جي واليءَ کي ڏنائين. ٻيو حصو شڪارپور، صادق محمد خان کي ڏنائين، جنھن کيس ديري غازي خان وڃي، ميان ۽ سنڌ خلاف ھر ممڪن مدد ڪئي ھئي. ان کانسواءِ لاڙڪاڻي جو پرڳڻو سيوستان جو ضلعو ۽ ڪاڇي جو علائقو، ڇپر شھر تائين دائود پوٽن کي مليو. (مرات دولت عباسيه ص 137) باقي ڪجھ ٽڪرا ميان نور محمد کي ڏنائين ”مھان ڪشاي نادري“ ۾ آھي ته ”ٺٽو ۽ سنڌ جا ٻيا حصا، ميان نور محمد کي ڏنا ويا. سنڌ جو ھڪ حصو، جو بلوچستان سان لاڳو ھو، محبت خان، قلات جي واليءَ جي حوالي ٿيو. شڪارپور ۽ سنڌ جي مٿئين حصي جا ڪجھ ڳوٺ، دائود پوٽن جي حوالي ڪيا ويا.“

    نادر جو ھي حملو، سنڌ جي تاريخ جو ھڪ سياھ باب آھي. سنڌ ۾ وحشتناڪ منظر جو ڪارڻ آھي. ھن سنڌ جو الھ تلھ چَٽ ڪري ڇڏيو. سون ورني سنڌ، اجڙي تباھ ٿي ويئي. خزاني لُٽڻ سان گڏ، ھن سنڌ جي مرڪزيت ۽ وحدت کي ٽوڙي، ٽُڪرن ۾ ورھائي سياسي مونجھارو پيدا ڪيو. ميان نور محمد کي، جڏھن ٺٽي جي نظامت ملي ھئي، تڏھن ھن ڪوشش ڪري، جدا جدا ٿي ويل ٽُڪرن کي ملائي، ھڪ ڪري سندس پوزيشن مضبوط ڪئي ھئي. ساري سنڌ ھڪ حاڪم جي انتظام ھيٺ اچي چڪي ھئي ۽ ميان سنڌ کي معاشي ۽ سياسي طرح استحڪام بخشڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. اھڙي طرح سنڌي عوام به متحد ۽ متفق ٿي عسڪري خواھ اقتصادي طرح وطن جي خوشحاليءَ لاءِ وڌ کان وڌ پاڻ پتوڙڻ لڳو. پر نادري حملي سنڌ کي وري اجاڙ ۽ ويران ڪري ڇڏيو. حاڪم ۽ رعيت جو سالن جو پورھيو، چند ڪلاڪن ۾ فنا ٿي ويو. سنڌ دھليءَ جي تسلط مان نڪري، قنڌار جي قبضي ۾ اچي ويئي، جن ڍل ۽ ڏن جي صورت ۾، ھن سرسبز واديءَ کي سُڃو ۽ ويران ڪري ڇڏيو.
    مشھور مورخ مولانا غلام رسول مھر، سنڌ تي نادري حملي لاءِ رقم طراز آھي ته، ”نادر جو حملو، ظلم ۽ ڏاڍ جي، بي انت بحر ۾ ھڪ خوفناڪ سيلاب جي حيثيت ورتي، جنھن اوچتو سنڌ جي سر زمين کي، پنھنجي جولانيءَ جو نشانو بڻايو ۽ ساري ملڪ جو، انتظامي سرشتو ٽُڪر ٽُڪر ڪري وڌو. ھزارين ماڻھو گھر ٻار ۽ اجھا ڇڏي، دربدر خاڪ بسر رلندا رھيا. سندن ميڙي چونڊي، سڀ لُٽجي ويئي. جتي جتي نادر جو پير پھتو، وستيون ۽ فصل ويران ٿي ويا. ملڪ جي عام وسيلن کي سخت نقصان پھتو. ڪلھوڙن ٻين پيڙھين جي حڪمرانيءَ ۾ آئي ويل جي ضرورت کي، پورو ڪرڻ لاءِ، جيڪي ڪجھ پاڇي ڪيو ھو، اھو سڀ نادر ميڙي سھيڙي پاڻ سان کڻي ويو، انھيءَ کانسواءِ سالياني خراج جو ڳاٽي ٽوڙ پٿر به سنڌ جي ڳلي ۾ ٻَڌي ويو. ملڪي وحدت به قائم رھڻ نه ڏنائين ۽ ان کي به ٽُڪرن ۾ ورھائي ڇڏيائين.“ (تاريخ سنڌ- ڪلھوڙا دور ج 2 ص 410) ساڳئي طرح مورخِ سنڌ سيد حسام الدين راشدي لکي ٿو ته: ”ٻارھين صدي ھجري، سنڌ لاءِ سڀاڳي به ھئي ۽ نڀاڳي به. سڀاڳي ھِن لاءِ ته مغلن جي ڏيڍ سو ورھين واري غلاميءَ کان سنڌ کي نجات ملي، جنھن جي پيڙا، سنڌين جو ست ۽ رت سُڪائي ڇڏيو ھو. نڀاڳي ھِن ڪري جو، غيرن جي بالادستي، سنڌي ذھن، فڪر، معاشري ۽ معيشيت ۾ جيڪي ناسور پيدا ڪيا ۽ نقصان رسايا، تن جي چيٽ ٿيڻ اڃا، مس شروع ٿي ته مٿان اچي، نادر شاھ جو ڪُوپ ڪڙڪيو، جنھن آزاديءَ جي اڏاوت جون، سڀيئي چوڙون ھڪ دفعو وري ڌوڏي ڇڏيون. ڪلھوڙن جي صاحبيءَ جو اھو وڏي ۾ وڏو الميو آھي، جيڪو ميان نور محمد جي دور ۾ ٿيو ۽ جنھن ميان صاحب جي سڀني عزائمن کي ختم ۽ سندس ھمت جي سڀني بلندين کي پست ڪري ڇڏيو.“ (مقدمو- منشور الوصيت و دستور الحڪومت ص 11)

    نادر سنڌڙيءَ ۾ جتي پھتو اتي اوندھ ڪار ڦھلجي ويئي. سندس لشڪر بيٺل فصل ويران ڪري ڇڏيا. سنڌي ويچارا پريشان ٿي، گھر ٻار ساڻ ڪري، سِر بچائڻ لاءِ ريگستان منھن ڪري ويا. نادر جو سنڌ ۾ پير ڪنھن انسان جو ڪونه ھو، پر اُن درندي ۽ لُٽيري جو ھو، جيڪو صرف چيرڻ، ڦاڙڻ، لُٽڻ ۽ ڦُرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجھ نه ڄاڻندو ھو. ان ڪري ئي عظيم الدين ٺٽوي چيو ته: ”اي خدا، سڀ کان مٿان تو ھن رڍن جي ڌڻ کي، بگھڙ جي حوالي ڪيئن ڪيو آھي-“ نامئه نغز جو مصنف لکي ٿو ته ”نادر جي فوج، جتي جتي پھتي اتي لٽ مار جي بازار گرم ٿي ويئي. ايراني فوج ملڪ کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو. جنھن به طرف آبادي ٿي نظر آين، ان کي ويران ڪرڻ کانسواءِ، دم نه ٿي پَٽيائون، ڪي ماڻھو مارجي ويا ۽ ڪجھ گرفتار ٿيا. (نامئه نغز ص 4)
    نادر جي ڦرلٽ ۽ غارتگري فقط مال ۽ اسباب تائين محدود ڪين ھئي پر ھو قيمتي ڪتاب ۽ اڻلڀ نسخا به پاڻ سان گڏ کڻي ويو. ميان نور محمد، پنھنجي وصيت نامي ۾ لکيو آھي ته ”اسان وٽ سھروردي خاندان ۽ تصوف جي باني خاندانن جا شجرا ۽ رسالا موجود ھئا، ليڪن جڏھن ظالم نادر، سنڌ تي چڙھائي ڪئي، تڏھن اسان جو سارو ڪتب خانو ۽ سڀ رسالا ويندا رھيا. (منشور الوصيت ص 15) نادر جو سنڌ تي حملو، بغداد ۾ چنگيزي ڪاھ جي ٻي تصوير آھي. ظالم نادر نه صرف خزانن ۽ گھرن کي ٻھاري ڏني، پر جنھن کان جيڪي ٿي آيس، سو ٿي ڦريائين. سندس وڃڻ کانپوءِ، سنڌڙيءَ ۾ صرف، قتل ۽ غارت جو ماتم، خونريزي ۽ لُٽمار جا قصا، آھون ۽ دانھون، روڄ ۽ راڙو. مولانا اعجازالحق قدوسي لکي ٿو ته، ”نادر شاھ جي حملي سان، سنڌ تي تمام ناگوار اثر پيو. سندس لٽ مار سان ملڪ جو خزانو خالي ٿي ويو. ملڪ جي وحدت پاره پاره ٿي ويئي. شر پسند عناصر، جيڪي دٻيل ھئا، انھن نئين سِر ڪنڌ کنيو ۽ ملڪ تي ويھن لکن روپين جو ساليانو خراج پيو.“ (تاريخ سنڌ ڀاڳو ٻيو ص 481)

    ھن انساني خون جي اڃايل شخص، سنڌ ۾ اھڙي تباھي آندي جو ڪيتري عرصي تائين، ملڪي امن ۽ امان جو شيرازو بگڙي ويو. ميان نور محمد، جيڪو تعميري ڪم ڪيو، تنھن کي ھن حملي برباد ڪري ڇڏيو. قنڌار جي حڪومت، سال بسال ملڪي پيداوار جو وڏو حصو خراج طور وٺندي ھئي ۽ ان سان گڏ ٻين به ڪيترين کي فرمائشن جي پورائيءَ لاءِ حڪم ڪندي ھئي. ھي دور سنڌ لاءِ، زبردست معاشي ۽ سياسي تباھيءَ جو دور ھو. مسٽر ھيگ، سنڌ جي ھن مصيبت واري دور جو صحيح اندازو لڳايو آھي. ھو لکي ٿو ته، ”مغرب جي ھڪ وڏي سلطنت سان، سنڌ جي نھايت زرخيز علائقي جو الحاق ۽ مٿان تمام ڳري خراج جو مڙھجڻ، ھن بدحال ملڪ تي وڏي مصيبت ثابت ٿيو، جنھن جي تقدير زماني جا رنگ برنگي تماشا ڏسي چڪي ھئي. دھليءَ جي حڪومت سان، ڊگھي مدت جي تعلق مان اھو فائدو ھو، جو مرڪز وارن لاءِ، سنڌ پھچڻ سولو ڪونه ھو. ان ڪري نه ڪي شھنشاھي دٻاءُ پئجي ٿي سگھيو نه زيادھ دولت جي، وقت به وقت وصولي ٿي سگھي ٿي. ليڪن ھينئر ھڪ نئين ملڪ جي قبضي ۾ ھو ۽ ان جي ھٿ ۾ بولان لڪ ھو، جنھن ڪري سنڌ کان پئسا طلب ڪرڻ سولا ٿي پيا ھئا. (دي انڊس ڊيلٽا ڪنٽري ص 117)
    مطلب ته نادر شاھ جو سنڌ تي ھي حملو ھڪ معاشي ڌاڙو ۽ سياسي قبضو ھو. ھن سنڌ کي اقتصادي طرح خوب ڏُڌو ۽ سندس آزاديءَ جي نعمت کي تلف ڪري، ھن جي ڳچيءَ ۾ غلاميءَ جو ڳٽ وجھي، ڪابل ۽ قنڌار جي مطيع ڪري، سالن تائين کيس غلام بڻايو. ان غلاميءَ مان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ صوبائي خودمختياري ماڻڻ لاءِ، سنڌ واسي ايرانين سان تاريخ جي ھر دور ۾ خوب وڙھندا رھيا ۽ آخر سنڌ قنڌار جي تسلط کان آزاد ٿي.
    نادر شاھ جي ھن حملي، سنڌ واسين جي روز مره جي زندگيءَ تي وڏو اثر وڌو. ھِتان جي عوامي زندگي به متاٿر ٿي، لوڪ ادب ۽ لوڪ روايتون به سندس وحشي ڪارنامن کان بچي نه سگھيون. ”نادر ته پٺيان ڪونه اٿيئي؟“ نادر به نادر آ، پر قادر به قادر آ- نادري حُڪم- نادري موچڙو.“ اھي ۽ اھڙيون ٻيون عام چوڻيون اڄ تائين سنڌ ۾ مشھور آھن ۽ انھيءَ دھشت انگيز دور ڏانھن حافظي جا ورق ورائين ٿيون، جنھن سنڌ کي ذھني اذيت پھچائي. آزاديءَ جون سچيون خوشيون خاڪ ۾ ملائي ڇڏيون.
    ھن دور ۾ به اسان جي ادب ۾، نادر جي ھن ظلم ۽ جبر بابت اشارو ملي ٿو، جنھن مطابق اسان کي ھر دور جي نادرن سان منھن ڏيڻ لاءِ تيار رھڻ گھرجي.

    سوين آيا سنڌ ۾، نوان نادر شاھ،
    ڪانھي ڪا تاريخ ۾، ويڙھ سوا ٻي واھ،
    متان سوچيو ساھ، متان موٽو ماڳ تان.
    ”اياز“


    مدد خان افغان (1780ع)

    مار مدد ڪون دور ڪرو،
    ڇوڙ وڃي يھودي يزيد ميان.
    (حضرت مراد فقير رح)



    - سنڌ ۾ ڪھڙو فتنو پيدا ٿيو، ڪھڙي بلا نازل ٿي، معلوم ٿئي ٿو ته ڪا قيامت آئي آھي. اُھا سنڌ، جا امن امان جي جاءِ ھئي. آءٌ توکي ڇا ٻڌايان ته اُن جو ڪھڙو، برو حال ڪيو ويو آھي. ھر عزت واري جي آبرو لُٽي ويئي آھي، مال ۽ دولت وارا، محتاج ۽ فقير ٿي چڪا آھن. ماءُ ڌيءُ کان وڇڙي چڪي آھي ۽ پُٽ پيءُ کان جدا ٿي ويو آھي. سر بدن کان الڳ ڪيا ويا آھن، ته بدن سر کان ڌار. دولت مند اَٽي جي لَپ لاءِ، سرگردان آھن. عصمت جي گوشي جي، ھر عصمت ماب ۽ پرده نشين خواتين، سادات خاندان جون پارسا عورتون، بي پرده ٿي چڪيون آھن. انھن جي ڪيتري نه بي قدري ٿي آھي-
    عبدالملڪ
    ڳالھيون ڳوٺ وڻن جون




    جن ٻاھرين سردارن ۽ اميرن، سنڌ کي سواءِ ڪنھن ڏوھ ۽ پاپ جي ڦريو ۽ لُٽيو آھي، تن ۾ مدد خان جو نالو مکيه آھي. جنھن ھِن امن ۽ سلامتي جي واديءَ تي حملو ڪري، سندس غريب ۽ مسڪين ماروئڙن جي پورھئي جي پونجي لُٽي، پنھنجا گھر ڀريا ۽ ھيڏانھن پورھيت سنڌي عوام، ٽُڪر ڳڀي ۽ پاڻيءَ چڪي لاءِ تڙڦندي رھيو. ھن سنڌ ۾ جيڪا ڦرلٽ ڪئي ۽ افراتفري مچائي، ان جو نظير ۽ مثال ملڻ مشڪل آھي.
    مدد خان جو اصل نالو، دلاور خان ھو، جنھن جو تعلق اسحاق زئي قبيلي سان ھو. جڏھن احمد شاھ ابدالي 1772ع ۾ وفات ڪئي، تڏھن تخت نشيني جي سلسلي ۾، قبائلي جھڳڙو شروع ٿيو. تن ڏينھن ۾، دلاور خان، ابداليءَ جي درٻار ۾، ھڪ معمولي ملازم ھو. ابداليءَ جي وفات وقت، وليعھد تيمور ھرات ۾ ھو. ان ڪري ڪجھ درٻاري اميرن، شاھ ولي خان وزير اعظم جي مدد سان، ابداليءَ جي ٻئي پٽ، شھزادي سليمان کي قنڌار جي تخت تي ويھاريو. اھا حالت ڏسي دلاور خان کي پنھنجو مستقبل چمڪندو نظر آيو ۽ ھن دور انديشي کان ڪم وٺندي، تيمور جو پاسو ورتو ۽ ان جي لشڪر ۾ شامل ٿي، سليمان ۽ شاھ ولي سان جنگ ڪئي، جنھن ۾ شاھ ولي ۽ سندس ٻه پُٽ پارجي ويا. اھڙي طرح تيمور، ساڳئي سال تخت تي ويٺو. ھن حڪومت سنڀالڻ شرط، دلاور خان کي مدد خان جو لقب ڏيئي، پنھنجو خاص مشير مقرر ڪيو. مدد خان جيئن ته فطري طرح ويڙھاڪ ۽ فوجي مھارت رکندڙ ھو، ان ڪري سندس مرضيءَ موجب تيمور کيس فوج جو ڪمانڊر انچيف مقرر ڪيو. مدد خان، ھر جنگ ۾ شريڪ ٿيو ۽ تيموري سلطنت جي حدن وڌائڻ ۾، سندس چڱو ھٿ ھو.
    اھو 1780ع جو زمانو ھو. سنڌ ۾ ٽالپرن ۽ ڪلھوڙن جي پاڻ ۾ لٺ لڳل ھئي. غدارِ سنڌ ميان عبدالنبي ڪلھوڙي، مير بجار کي دوکي سان مارائي ڇڏيو، پر کيس وَيل مھل وري ھٿ نه آئي ۽ ھو مقصد جو موتي ھٿ ڪري نه سگھيو. ھن کي کسجي ويل تخت جو وڏو ڏُک ھو. ان ڪري ئي، ھن جوڌپور جي راجا رنجيت سنگھ کي، عمر ڪوٽ، مير بجار جي قتل ڪرڻ تي ڏيڻو ڪيو. ميان عبدالنبي لاءِ سندس والدھ به مير بجار کي چيو ھو ته، ”عبدالنبي منھنجو پُٽ آھي، آءٌ سندس عادتن کان واقف آھيان، ھو منھنجو به گھر تباھ ڪندو ۽ توکي به منجھانئس ڪا چڱائي نه رسندي.“ (جنت السنڌ- مولائي شيدائي ص نمبر 554) ۽ آخر ان عبدالنبيءَ مير بجار کي ٺڳيءَ سان مارائي ڇڏيو. پر مير بجار جو فرزند، مير عبدالله چُپ ڪرڻ وارو ڪونه ھو. ھو ٽالپرن جو مُک ٿيو ۽ صادق علي، ميان الله بخش ڪلھوڙي کي گاديءَ تي وھاريو. اھو حال ڏسي، عبدالنبي قلات جي والي محمد نصير کي، سنڌ تي چاڙھي آيو. لاڙڪاڻي جي ويجھو، سنڌ جي سورھئي، ميان عبدالله ساڻس جنگ ڪئي ۽ کيس شڪست ڏيئي ڀڄائي ڪڍيو. جڏھن عبدالنبيءَ ڏٺو ته ھِت پڄڻ جي ڀيڻي ڪانھي ۽ پاڻي سر کان تار ٿي ويو آھي تڏھن تيمور شاھ، واليءَ قنڌار ڏانھن ڀڳو ته، ھن کان لشڪر وٺي، پنھنجو وير پاريان. تيمور کي ٻيو ڇا گھربو ھو؟ ھو ته ويٺو ئي بھانا لھندو ھو. ھن کي پرائي ماس ۾ ڪاتي وجھڻ ۾ ڪھڙو حرج؟ ويتر سنڌ ته متاري ڍڳي ھئي، جتي پنجئي گيھ ۾ ھيون. ھن ويرم ئي ڪانه ڪئي. پنھنجي وفادار ۽ خاص پاليل سردار مدد خان ڏانھن چورائي موڪليائين ته وارو ڪر، سنڌ وڃي ميان جي واھر ڪر.ھمراھ کي تخت وٺي ڏي. مدد ھن کان اڳ ۾ ئي دائود پوٽن جي مُلڪ، بھاولپور ۾ 40 ھزار افغان لشڪر سان گڏ ھڪيو تڪيو حاضر ھو.
    تاريخ بلوچستان ۾ آھي ته ”مير زرڪ جي شھادت کان پوءِ تيمور شاھ جو حڪم، مير محمد نصير خان جي نالي صادر ٿيو ته سردار مدد خان اسحاق زئي کي، ميان عبدالنبي جي مدد لاءِ مقرر ڪيو ويو آھي. اھو پاڻ سان لشڪر وٺي ايندو ۽ اوھان جي لاءِ به حڪم آھي ته، بروھين ۽ بلوچن جو لشڪر سردار موصوف سان گڏي، سنڌ ڏانھن روانو ڪريو، ته جيئن ٽالپر قوم کي پامال ڪيو وڃي، جا ميان صاحب جي دشمن آھي. اھڙيءَ ريت ملڪ کي سندن ھٿن مان قبضو ڇڏائي، ڪلھوڙي صاحب جي حوالي ڪيو وڃي.“
    بھرحال مدد خان ۽ مير محمد نصير جا ماڻھو 40 ھزار لشڪر سان ديري اسماعيل خان جي رستي کان، سنڌ ۾ قھر جي صورت ۾ داخل ٿيا. عبدالنبي کيس ڪجھ نذرانو ڏنو ۽ سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ تمام وڏي رقم ڏيڻ جو وعدو ڪيو. پاڻ به بروھين ۽ نومڙين جو لشڪر وٺي، مدد خان سان اچي گڏيو. پر افسوس جو عبدالنبيءَ کي پنھنجي نيت لوڙڻي پيئي. ڌريان ئي ڌاريا، مِٽ مُئيءَ جا نه ٿيا. مدد پھچڻ شرط حڪم ڪيو ته ”منھنجي فوج کي پگھار ڪانه ملي آھي، سو اڌ رقم جو ڏي ته، ان کي ڏيئي راضي ڪجي.“ ميان اھو ٻڌي تپرس ۾ پئجي ويو. سوچڻ لڳو ته ”پيم پٺاڻن سين، ٻولي جي نه ٻجھن.“ آخر ھٻڪي ھٻڪي چوڻ لڳو ته، ”قبله منھنجو سمورو خزانو قلعي ۾ پوريل آھي، اتي پھچي ڪوڏي ڪوڏي جو حساب ڏيندس.“ پر سائين اڳيان به ته افغاني سردار ھو. گھاٽ گھاٽ جو پاڻي پيتو ھئائين. سُڪ تي مٿو ھن به ڪونه آندو ھو. ملڪ ڦُريا ھئائين. سياڻو ۽ زمان گشت ماڻھو ھو. ھن سمجھيو ته عبدالنبي اھو صرف ڏَٽو ھڻي، کيس گاديءَ جي ھنڌ تي، وٺي وڃڻ ٿو چاھي. ان ڪري لت ڏيئي کڻي ميان جي خاص ماڻھن، بلاول ليکي، تاج سامٽئي ۽ ٻڍي دربان کي ھٿڪڙيون ھڻي، قيد ڪري، مٿانئن زور رکيو ته ”عبدالنبيءَ جو خزانو ٻُڌاءِ ته ڪٿي رکيل آھي.“ مگر ھن نه سليو. ان ڪري پٺاڻ سردار کي ويتر خار لڳي، سمجھيائين ته عبدالنبي ڪوڙا وعدا ۽ بھانا ڪري ٿو. انھيءَ تي بس ھمراھ آپي کان ٻاھر نڪري ويو. ملڪ ۾ ٻاڪر ڪُٽو وجھي ڏنائين. لُٽمار ۽ غارتگريءَ جي بازار گرم ٿي ويئي. بيٺل فصل تباھ ڪري ڇڏيائين ڄڻ ماڪڙ گھمي ويئي. جنھن ھنڌان ٿي لنگھيو ملڪ پٽا ڏيئي ٿي ويو. صفا رَئي ڪري ڇڏيائين. ڳوٺن جا ڳوٺ ۽ شھرن جا شھر ڦُرجي ويران ۽ برباد ٿي ويا. سون ۽ روپا ته پنھنجي جاءِ تي پر مدد، سنڌين جو ھڪ دانگيءَ ٽُڪر به نه ڇڏيو. فتحنامي جي مصنف، سندس سنڌ ۾ ھن پھرين خونريزي ۽ ظلم جو نقشو ھِن طرح چٽيو آھي:
    ”ھو سڀني بيڪسن کي ڏکوئيندڙ، ڪمزورن کي ماريندڙ، ناتوانن جا دشمن ۽ ضعيفن جا قاتل ھئا. ھنن کي الله جو خوف ڪين ھو. افغاني لشڪر پاڳلن وانگر ماڻھن کي بي ڏوھ ماريندا ۽ ظلم ڪندا رھيا. ھو جتان به ويا ٿي، ڳوٺن جا ڳوٺ ويران ڪندا ويا. ھو تمام موذي، نالائق ۽ ڪميڻا ھئا. سڀيئي رڇن ۽ زھريلن نانگن وانگر ڏنگيندا رھيا. ھو ضعيفن سان وڙھڻ لاءِ بجليءَ وانگر تيز ھئا. ڪٿي مقابلي جي صورت ٿي ته، تکي بجليءَ وانگر، تيزيءَ سان ڀڄي ويندا ھئا. ھو محبت واري سلوڪ کان خالي ھئا ۽ ڇِتي مرون وانگر، ماڻھن تي بي سبب حملا ٿي ڪيائون. ھو لٽمار ۾ اھڙا ته دست دراز ھئا جو پراڻي ڦاٽل ڳوڻ به نه ٿي ڇڏيائون. (فتح نامو ص 152)
    ھيءَ مدد خان جي پھرين ڦُر ھئي، جنھن لاءِ کيس عبدالنبيءَ پاڻ چيو ھو ته، ”في الحال اوھان جو لشڪر سنڌ جي شھرن ۽ ڳوٺن ۾ ڦُرلٽ ڪري کيس گھڻو ئي خزانو ملندو.“ (فريئر نامو ص 52) ان ڪري ئي ھن دٻڙ دونس شروع ڪئي. ھن ڦُر وقت شھرن ۽ ڳوٺن کي باھيون ڏنيون. غريب سنڌين جو، جن جون دليون ميڻ کان به نرم آھن، الھ تلھ چٽ ڪيو ويو. ھي ھڪ اھڙي ته ڪُمھلي ۽ بي علاج آفت ھئي، جيڪا خود پنھنجو ڄائو، مادر وطن تي وٺي آيو. پنھنجي وڍئي جو نڪو ويڄ نڪو طبيب!
    سڀ سنڌي گڏجي، مير عبدالله وٽ ويا ۽ کين چيائون ته، ”ھِن غئبات سان منھن ڏجي، وڙھي جنم ڀومي جي عزت ۽ آبرو بچائجي.“ عبدالله خان سنڌ جو اھو سورمو آھي، جنھن ھن افغان آفت سان منھن ڏيڻ لاءِ ڪمر ڪشي، ھو ھڪ وڏو لشڪر وٺي مدد خان سان جنگ ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو.
    مدد خان ڏٺو ته ھاڻي سِر ٿو وڃي. وٺڻ ته پنھنجي جاءِ تي، ھاڻي ته ڏيڻو ٿو پوي. سو ھن اٽڪل رٿي. سياڻو ته ائين ئي ھو. مير صاحب کي چورائي موڪليائين ته، ”اوھين وڏا بھادر ۽ عقلمند آھيو. عبدالنبي اوھان تي جيڪي ظلم ڪيا آھن، اھي سڀ مون کي معلوم آھن. ھن جي دل، ڪنھن ڏانھن به صاف نه آھي. جيڪي ماڻھو، ھن جا مشير آھن، اھي به سڀ ڪوڙا، الزام تراش ۽ فتني باز آھن. نه انھن ۾ ڪا مردانگي آھي ۽ نه وري ڪي عقلمند ئي آھن. اھوئي سبب آھي جو مون انھن کي زمجير پارايا آھن. اوھين پنھنجي گھرن ڏانھن وڃو، مان ھنن سان خدا آباد وڃڻ گھران ٿو. انھيءَ ڪري جو ھو چون ٿا ته اتي اسان جو خزانو پوريل آھي. جيڪڏھن اھو ملي ويو ته بھتر نه ته ٻي صورت ۾ ھي ماڻھو بادشاھ سلامت جي نظر ۾ ڪوڙا ثابت ٿيندا. مان اوھان جي دوستيءَ جو خواھشمند آھيان. “ (تاريخ سنڌ- ج 2 مرزا قليچ بيگ ص نمبر 185)
    ھي خوشامندي ۽ ھيٺاھينءَ وارا لفظ ٻُڌي مير ڏاڍو خوش ٿيو ۽ سندس ايلچين کي انعام اڪرام ڏيئي مدد کي چوائي موڪليائين ته ”اوھان جي مرضيءَ موجب، اسين عمرڪوٽ وڃون ٿا. اوھين سواءِ ڪنھن ڦرلٽ جي، سِڌو خدا آباد ھليا وڃو.“ مير ته سِڌا سنوان ماڻھو، پنھنجي وعدي موجب ھليا ويا ۽ ھيءُ پٺاڻ، جنھن جي دل ۾ ڊوھ ھو، سو ڪٿي ٿو انجام پاڙي؟ ڏسو ته ڪيئن ٿو ڀنڀور کي باھ ڏئي ۽ مُلڪ کي ٿو ڀيلي؟
    مدد خان اتان ٿي، دلجاءِ ڪري، سڌو خدا آباد آيو، جتي عبدالنبيءَ تي زور رکيائين ته، ”ڏوڪڙ پيدا ڪر.“ پر چوندا آھن ته، ”جيڪو ڪُنيءَ ۾ ھوندو، پاٽِ ۾ به سو پوندو.“ ھو ته اڳيئي سُڃو تڙخ ھو، ڪٿان آڻي خزانو، جو مدد جو ڀِڀ ڀري ۽ افغاني فوج جا انگل پورا ڪري. وري به آزار ويچاري رعيت لاءِ. مدد نفيءَ ۾ جواب ٻڌي، باھ ٿي ويو. لشڪر کي وري ڦرلٽ جو حڪم ڏنائين. ساڳي مھي ولوڙ شروع ٿي ويئي. فوج ڦرلٽ ۽ غارتگريءَ ۾ ھڪ ٻئي کان وڌيڪ زور وٺڻ لڳي. ملڪ کي ڦري ناس ڪري ڇڏيائون. فريئر نامي وارو لکي ٿو ته، ”الله کان نه ڊڄندڙ مدد خان پئسن ميڙڻ لاءِ، ھر ڳوٺ، ھر شھر ۽ ھر گھٽيءَ تي ماڻھو ڇڏيا. اھي ظالم جتي پھتا، جيڪا به چيز ھٿ لڳن، ڦري کڻي آيا. انھيءَ سلسلي ۾ تمام گھڻا گھر تباھ ٿي ويا. رعيت جا ڪيترائي گھر بي چراغ بڻجي ويا.“ (فريئر نامو ص نمبر 63)
    ان وقت جي مشھور شاعر، عظيم الدين ٺٽوي، ھن دلگداز واقعي جو نقشو ھن طرح چٽيو آھي ته ”سنڌ ۾ اھڙي خوفناڪ حالت پئدا ٿي ويئي جو، قيامت جو ڪوڪرو ياد اچي ٿو. اھي ظالم ھر ھنڌ غريبن کي پڪڙيندا ۽ قتل ڪندا ٿي رھيا. انھن ظالمن انصاف جي طرف کان، اکيون بند ڪري ڇڏيون ۽ بتيون کڻي گھرن جا گھر ويران ڪري ڇڏيائون. انھن ھڪ ھڪ پئسي لاءِ، ماڻھن کي ٻه ٻه سئو زخم رسايا. اسان جي ملڪ ۾ ڪوبه، مالدار نه رھيو. تباھي پکيڙيندڙ فوج، اھڙي وسيع پئماني ۾، لُٽ مار ۽ خونريزي ڪئي، جو انسان ۽ حيوان جو امتياز مٽجي ويو. نه ڪنھن جي بدن تي ڪپڙو رھيو ۽ نه وري ڪنھن جي مٿي تي پَٽڪو. ماڻھن جون جُتيون ته لھرايائون، پر گھرن مان پراڻيون ڳوڻيون به ميڙي کڻي ويا.“ (فتحنامو ص نمبر 164- 165)
    مير عبدالله کي جڏھن عمرڪوٽ ۾ ھن تباھ ڪاري ۽ سفاڪانه ڪارگذارين جي خبر پيئي، تڏھن کيس ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ اڳوڻي صلح تي پڇتاءُ ڪري، ھڪ وڏو لشڪر وٺي، مدد جي ڪڍ پيو. مدد ڏٺو ته ھاڻي ٿو ممڻ مچي ۽ سِر ٿو وڃي، ويتر جو مير جو نياپو مليس ته ھاٿي کي ڏند ڏيکارڻ جا ھڪڙا ۽ کائڻ جا ٻيا- ڇا تنھنجو قول ۽ فعل. اھا ڳالھ ٺھي ته ڪانه ٿي! تڏھن چوائي موڪليائين ته مان رعيت سان ظلم نه ڪريان ھا پر عبدالنبيءَ مون کي جنھن سون روپي جو دلبو ڏنو ھو، ان کان جواب ڏنائين. فوج لاءِ به کاڌ خوراڪ جو. انتظام نه ڪيائين ان ڪري مجبورن، ان جي پورت لاءِ، مون کي ڦرلٽ ڪرڻي پيئي. مون اوھان جي لاءِ بادشاھ سلامت کي، سفارش ڪئي آھي، جيڪڏھن اوھان سالياني ڍل ڏيڻ جو وعدو ڪريو ته، مان واپس ھليو ٿو وڃان. اھو ٻڌي فتح خان پنھنجا ماڻھو واپس وٺي عمرڪوٽ ھليو ويو. مگر عبدالله خان، سندس ڳالھ تي ذري برابر به يقين نه ڪيو ۽ ساڻس مقابلي ڪرڻ لاءِ پنھنجو لشڪر دين ڳڙھ ۾ آندو. مدد خان ڇا ڪيو جو عمرڪوٽ ۾ فتح خان کي دم دلاسا ڏيئي، پاڻ سان کنيو ۽ روھڙيءَ ۾ کڻي 5 سپاھين جي نظرداريءَ ھيٺ ھٿيڪو ڪري، کانئس پنج لک روپيا وٺڻا ڪيائين. رات جو فتح خان، ڪن نمڪ حلالن جي ڪوشش سان ھن جي قيد مان آزاد ٿي، عبدالله خان سان وڃي مليو. ھاڻي ھي لشڪر مڙڻ وارو ڪين ھو، مدد خان کي جو فتح خان جي خلاف ٿيڻ جي خبر پيئي، تڏھن ڪاوڙ ۾ اچي، سپاھين جون سريون ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيون. ھن کي پنھنجي شڪست صاف نظر ٿي آئي، ان ڪري، روھڙيءَ مان منزل کڻي اٻاوڙي آيو. مير عبدالله به سندس پٺ ڪانه ڇڏي ۽ کيس سنڌ مان ڀڄائڻ لاءِ، سندس پويان لڳي آيو. آخر ٻي واھ نه ڏسي، مدد خان دولت پور وٽان سنڌو درياھ ٽپي، قنڌار ڏانھن ڀڄي ويو.
    سنڌ ۾، مدد خان جي ھي ڦر، پنھنجي نوعيت ۽ اھميت جي لحاظ کان، خوني ۽ دردناڪ ڦر آھي. ھن شخص جھڙي طرح سنڌ ۽ سنڌين کي ڦريو ۽ لٽيو، سو قابل افسوس آھي. مڃجي کڻي ته عبدالنبي ھنن کي وڏي رقم ڏيڻ جو دلاسو ڏيئي سنڌ ۾ وٺي آيو، پر اھو به تڏھن، جڏھن ھو کيس تخت وٺي ڏئي ھا. مگر ڇا انھيءَ وعدي وفائيءَ جي ذميداري سنڌ جي غريب، اٻوجھ ۽ پورھيت عوام تي پوي ٿي جن جا جھُڳا جھڻ ڪيا ويا، کين ڦريو ۽ لٽيو ويو، ماريو ۽ ساڙيو ويو.
    مدد خان، سنڌ ۾ جيڪا ڦر ڪئي، سا مورخن جي لفظن ۾ ٻڌو:
    مائونٽ اسٽوئرٽ الفنسٽن لکي ٿو ته ”مدد خان سڄي ملڪ کي باھ ۽ تلوار سان ويران ڪري ڇڏيو. ھن جي ھيءَ لٽمار ايتري قدر ته شديد ۽ بي پناھ ھئي، جو ھن مھم کانپوءِ، خوفناڪ ڏُڪار شروع ٿي ويو. بيان ڪيو وڃي ٿو ته، سنڌ کي، ھن واقعي مان، جيڪو نقصان پھتو آھي، تنھن جي تلافي اڃا تائين (1890ع) نه ٿي سگھي آھي.“ (سلطنت ڪابل- بحوالہ تاريخ سنڌ- عھد ڪلھوڙا مولانا مھر)
    جنرل ھيگ لکي ٿو ته، ”مدد جيڪو اڄ تائين، سنڌ ۾ برائيءَ سان مشھور آھي، پنھنجي فوجن کي، ھن وفادار صوبي ۾، من مانين ڪرڻ لاءِ، بلڪل آزاد ڇڏي ڏنو. ھو اتر کان ڏکڻ تائين ويو. جتان جتان لنگھيو، ڳوٺن ۽ شھرن کي لٽيائين، ساڙيائين ۽ بنا ڪنھن قياس جي ماڻھن کي قتل ڪرايائين. ايستائين جو آخرڪار وحشي پٺاڻ به، خونريزي ۽ برباديءَ مان ڍائجي ويا. مدد خان جي تباھي ڪري، سنڌ ۾ خوفناڪ ڏڪار پئجي ويو. مٿان وري وبا جي منحوس بيماري اچي پيئي ۽ بدنصيب عوام کي، جن مصيبتن سان واسطو پيو، ان جو ڪوبه مثال، سنڌ جي گذريل تاريخ ۾ موجود نه ھو. ظاھرآھي ته عوام کي انھن جھڳڙن ۽ ڇڪتاڻ سان ڪوبه تعلق ۽ دلچسپي ڪانه ھئي، جا لڙائي ڪندڙ سردارن جي وچ ۾ حڪمرانيءَ جي حرص جي سلسلي ۾ ٿي رھي ھئي.“ (دي انڊس ڊيلٽا ڪنٽري- بحوالہ تاريخ سنڌ- عھد ڪلھوڙا)
    سر رچرڊ برٽن لکي ٿو ته: ”مدد خان، جنھن کي ماڻھو حقارت کان صرف مدد ڪوٺيندا آھن، تنھن ڏاڍا ظلم ڪيا. ھن وڻ وڍائي ۽ شھر ڊھرائي ڇڏيا. گوني نديءَ وارو سرسبز علائقو، ھن ويران ڪري ڇڏيو. ڪيترائي ماڻھو قيد ڪري وٺي ويو ۽ ڪيترن کي عذاب ڏيئي کانئن خزانا ھٿ ڪيائين. انھن ڪارنامن ڪري کيس سنڌي ڀَٽ ۽ چارڻ، بيتن ۾ پِٽيندا آھن ته ھو سپاھي نه پر ڦورو ھو.“ (سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ رھندڙ قومون- ص نمبر 210)
    مسٽر آڏواڻي لکي ٿو ته: ”مدد خان جي لُٽمار ۽ خونريزي، مدت تائين سنڌين کي ياد رھي. ھن جو نالو ٻڌي، چورن تي زردي ڇانئجي ويندي ھئي ۽ بدن ڏڪي ويندو ھو.“ (سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي) مدد خان جي ڦرلٽ، خونريزي ۽ تباھ ڪاريءَ تي ميان عبدالملڪ، جيڪو ان دور جو ھندوستان جو وزير ھو، فارسي زبان ۾ ھڪ مرثيو لکيو ته، ”سنڌ ۾ ڪھڙو فتنو پيدا ٿيو، ڪھڙي بلا نازل ٿي، معلوم ٿئي ٿو ته ڪا قيامت آئي آھي. اھا سنڌ، جا امن امان جي جاءِ ھئي. آءٌ توکي ڇا ٻڌايان، ته ان جو ڪھڙو برو حال ڪيو ويو آھي، ھر عزت واري جي آبرو لٽي ويئي آھي، مال ۽ دولت وارا محتاج ۽ فقير ٿي چڪا آھن. ماءُ ڌيءُ کان وڇڙي چڪي آھي ۽ پُٽ پيءُ کان جدا ٿي ويو آھي. سِر بدن کان الڳ ڪيا ويا آھن ته بدن سر کان ڌار. دولتمند اٽي لپ لاءِ سرگردان آھن. عصمت جي گوشي جي، ھر عصمت مآب ۽ پردہ نشين خواتين، سادات خاندان جون پارسا عورتون بيپرده ٿي چڪيون آھن، انھن جي ڪيتري نه بيقدري ٿي آھي.“ (بحوالہ تاريخ سنڌ- ج 2، مولانا غلام رسول مھر- ص 756)
    فردوس العارفين وارو لکي ٿو ته: مدد خان تمام گھڻي سختي ڪئي. سنڌ لاءِ، اھو تمام وڏو حادثو ھو. ايترو جو ماڻھو، ماڻھو ٿي کاڌو. مان پاڻ اھڙي جاءِ تي سِر بچائڻ لاءِ لڪل ھوس، جو ڇھ مھينا سواءِ ڪنھن کاڌي جي گذاريم. (حديفة الاولياءَ- سيد حسام الدين راشدي- مھاڳ ص 55) اھڙي طرح صبح البسطين وارو لکي ٿو ته ..... انھي سال مدد خان خراساني ھڪ وڏي لشڪر سان سنڌ ۾ اچي، ھن ملڪ کي لٽيو. خراسانين، ھتان جي رعيت کي، ھر قسم جي لُٽ ۽ ڦر ڪري، کين تنگ ڪيائون ۽ پوءِ موٽي ويا. ھن واقعي کي مدد جي ڀڳي چون ٿا. (ساڳيو)
    سنڌ جو مشھور ليکڪ ابن حيات پنھور لکي ٿو ته: ”مدد خان نالي، ھڪ ظالم ۽ ڌاڙيل، سنڌ جي سرسبز گلشن کي اجاڙي، ڀيلي، پاڙان پٽي ناس ڪري ڇڏيو. بُک ۽ جسماني اوگھڙ جي اھڙي ته دل ڏڪائيندڙ فضا پيدا ٿي ويئي، جو جنھن به گھر ۾، پنج ڀاتي موجود ھئا ته منجھانئن، ڪنھن ھڪ خوش نصيب کي، گھران ڀڄي جان جي ٻن اڳڙين بچائڻ جو مشڪل سان موقعو مليو. گھرن جا گھر ننگا ٿي ويا. ٻار، ڳڀي لاءِ ڪيھون ڪرڻ لڳا. پيئرن ۽ ڀائرن جون نگاھون ماءُ ۽ ڀيڻ ڏانھن، نھارڻ کان شرم وچان جھڪيل ھيون ۽ انساني تھذيب، پنھنجي ھن بي بسيءَ تي، ڳوڙھا ڳاڙيندي ۽ افغان حڪمرانن جي، مسلم برادري واري جذبي ۽ شناس تي ماتم ڪندي رھي.“ (ماھنانه روح رھاڻ- ڪلھوڙا دور آڪٽوبر 1967ع)
    ھي آھي ھن دلگداز ۽ دلخراش، غم انگيز ۽ المناڪ واقعي جي قلمي تصوير. مدد خان جي ڪاھ، سنڌ کي وڏو نقصان پھچايو. سنڌ جا ڪيترائي علم و ادب جا مرڪز، تھذيب ۽ تمدن جا گھوارا شھر صفا تباھ ٿي ويا. جوڻ ۽ فتح باغ جا وسندڙ ٻه شھر، جيڪي لاڙ ۾، ميون جي پيداوار ڪري مشھور ھئا، ھن قيامت صغريٰ ۾ ناس ٿي ويا. اگھم ڪوٽ جھڙو تاريخي شھر ۽ علمي مرڪز ھن تباھ ڪري ڇڏيو، جيڪو اڄ قبرن جو اڏو ۽ مقبرن جي نشانن جو ڍير آھي.
    مدد خان جي ھن ڪاھ، سنڌ جي سرسبزي، شادابي، خوشحالي ۽ فارغ البالي کي گھڻو نقصان رسايو. ھِت اھڙو ڏڪار پيو، جو ان کان اڳ يا پوءِ، اھڙي منحوس قحط منھن ڪڍيو جو سنڌجھڙي زرخيز ملڪ ۾، جتي اناج جي سدائين گھڻائي ھوندي ھئي، اتي ھڪ رپئي جو ڏيڍ سير اٽو ملڻ لڳو. ان قحط ۾ ھزارين ماڻھو بُک وگھي مري ويا ۽ بقول عبدالملڪ ”ھيھات ڪه سنڌ ڪربلا شد.“ (افسوس سنڌ ڪربلا بڻجي ويئي) وارو مثال ٿي پيئي ۽ ھر طرف بُک ۽ اوگھڙ جو راڪاس ڦيريون پائڻ لڳو. ھي سنڌ ملڪ سان ويڌن تاريخي ۽ سماجي انصاف جي لحاظ کان نسورو ناحق ۽ ظلم ھو، ڇو ته سنڌ قانوني طرح افغان حڪومت جي ڏن ڀرو ھئي ۽ سنڌ جا حاڪم سواءِ ڪنھن چون چران ۽ گوٿ ناٿ جي، مقرر ڍل ھر سال پياريندا رھندا ھئا. اھڙي طرح اندروني ريت ھو آزاد ۽ خودمختيار ھئا. پر ڇا ڪجي، انھن ظالمن کي، جيڪي ھر ڳالھ کي لڪشمي ديوي جي پاڇي ۾ ويھي، سوچيندا آھن ۽ پوءِ انھيءَ ديويءَ جي اشاري تي، لکين بي گناھ انسانن کي ايذائڻ ۾ سندن آن جو ڀرم رھندو آھي ۽ رت جو ريج ڏسي، سندن جيءُ خوش ٿيندو آھي ۽ ضمير مطمئن ٿيندو آھي. مدد افغان به سنڌ ۾ ڪجھ اھڙي قسم جي ڦرلٽ ڪئي، جو دھليءَ ۾ نادر ۽ بغداد ۾ ھلاڪو خان وارا به کيس سلام ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا.
    مدد خان جي ھن حملي، سنڌ کي اقتصادي ۽ عالمي نقصان پھچائڻ کانسواءِ ھتان جي عوام تي سماجي ۽ معاشرتي طرح به وڏو اثر وڌو. سنڌ واسين کي ذھني ۽ نفسياتي طرح ايذاءُ پھتو. سنڌ جي سورمن، اڪابرن، عالمن ۽ قومي درد رکندڙ شاعرن، ھتان جي ماڻھن ۾ جيڪو احساس بالاتري، احساس خودشناسي ۽ پاڻ تي ڀاڙڻ جو جذبو پيدا ڪيو ھو، سو ذري گھٽ ختم ٿي ويو. مدد خان جي ظلم ۽ بربريت، سنڌين تي ذھني ۽ نفسياتي اثر وڌو ھو. ھو ھر ڌارئي ۽ ھر ٻاھرئين کي خراب نظر سان ڏسڻ لڳا ۽ ھر اوپري ماڻھوءَ ۽ ھر پرديسيءَ ۾، ھنن کي مدد خان نظر اچڻ لڳو ۽ مدد خان ھت تشدد، فساد، ڌاڙيل ۽ ڦر جي علامت بڻجي ويو. فريئر نامي وارو لکي ٿو ته: مدد خان ھِت ايترو ته ظلم ڪيو جو اڄ جنھن کي ظلم ڪندي ڏسندا آھن ته ان جو نالو مدد خان رکندا آھن ۽ جڏھن به ڪو وڏي آواز دانھون ڪندو آھي، يا تڪڙو تڪڙو ڪيڏانھن ويندو آھي يا، ڪنھن ڪم لاءِ، جلدي گھرائيندو آھي، ته ٻيا چوندا آھن ”ته ڇا آھي؟ مدد ته ڪونه آيو آھي؟“ سندس انھيءَ ڦرلٽ جو سنڌ واسين جي روز مرھ جي زندگيءَ تي به وڏو اثر پيو. ادب جيئن ته زندگيءَ جي تصوير آھي، ان ڪري عوامي ادب ۾، مدد خان بابت ڪافي اشارا ملن ٿا. سر رچرڊ برٽن لکي ٿو ته ”مدد جي انھن ظالمانه ڪارنامن ڪري، کيس سنڌ جا ڀَٽ، ۽ چارڻ، بيتن ۾ پِٽيندا آھن ته ھو سپاھي نه پر ڦورو ھو.“ سنڌي ٻوليءَ ۾، مدد بابت ڪيترائي پھاڪا ۽ چوڻيون اڄ تائين ان دور جون يادگار آھن. مثال: گھوڙا ڙي گھوڙا، گھل ڙي گھل، مدد جي ڀڳي، مدد ته پٺيان ڪونه اٿيئي ۽ مدد ٿو اچيئي. اھي چوڻيون سنڌ واسين جي ذھني ۽ نفسياتي الجھنن کي نمايان ڪن ٿيون ۽ ڏيکارين ٿيون ته انھن جي روزاني زندگيءَ تي، اُن جو ڪيڏو نه اثر پيو.
    مدد خان جي ھنن ڦُرن سنڌ جي بزرگن، عالمن ۽ صوفي درويشن کي به ڪافي متاثر ڪيو. انھن انسانن ھميشہ انسان دوستي، بين الاقوامي ڀائيچاري، ھر ھڪ ۾ پِرين پَسڻ ۽ محبت جو درس پئي ڏنو، پر جڏھن مدد خان جي وحشانيت، حيوانيت، انسان دشمني ۽ لوڀ ۽ لالچ کي ڏٺو، تڏھن ھنن به مدد خان خلاف ڳالھائڻ شروع ڪيو. مراد فقير، ڪنڊڙي وارو جو صوفي بزرگن مان ھڪ ٿي گّذريو آھي، تنھن پنھنجي ھڪ بيت ۾، مدد کي پِٽيندي سنڌي عوام کي، ساڻس مقابلي ڪرڻ ۽ سنڌ مان ھڪالڻ لاءِ تلقين ڪئي آھي ۽ اھڙي طرح اسان کي ٻڌايو آھي ته صوفي مست به، وطن سان محبت ۽ ساڻيھ سان سِڪ رکندا آھن ۽ وقت اچڻ تي، ملڪ ۽ قوم تان ساھ گھورڻ ۾ پنھنجي عظمت سمجھندا آھن. ان بيت ۾ مراد فقير مدد کي يھودي سڏي پنھنجي ڪروڌ ۽ ڪاوڙ جو اظھار ڪيو آھي ۽ ”ادب“ ۾ تاريخي واقعي کي به جاءِ ڏيئي ادب ۽ تاريخ جو پاڻ ۾ تعلق بيان ڪيو آھي. مراد فقير چئي ٿو ته:

    مار مدد کون دور ڪرو،
    ڇوڙ وڃي يھودي يزيد ميان.

    (ڪنڊڙي وارن جو ڪلام- لطف الله بدوي)


    شجاع الملڪ (1833ع)

    شجاع! ويھ مَ سنڌ، اوڏا اڏي نجھرا،
    ھتي راوت رند، وتن قلعي ڪوڏئا.
    (خليفو نبي بخش رحه)


    شجاع الملڪ جا ظلم حد کان وڌي ويا. رعيت مان، جنھن وٽ گھڻي دولت ٻڌندو ھو، ان کان زوريءَ کسي وٺندو ھو. عياشي ۽ بدڪاري ۾ ايترو ته وڌي ويو، جو انھن ٻنھي عيبن جو ذڪر ڪندي منشي عطا محمد لکي ٿو ته: ”جتي به کيس ڪنواري بالغ ڇوڪريءَ جي خبر پوندي ھيس ته زوري ان کي پاڻ وٽ کڻي ايندو ھو ۽ جتي به گھڻي دولت ڪنھن وٽ ڏسندو ھو ته پرواني وانگر اتي پھچي، زوري لُٽي ۽ ڦري ويندو ھو.“ خان الڪوزئي جي مرڻ کان پوءِ ان جي ساري ملڪيت تي قبضو ڪيائين ۽ ضائفائن کي بيڪار بندوقون ڪلھن تي رکي اُس ۾ بيھاريائين. سندس عياشيءَ جو ھي عالم ھو جو جمع خان فوفلزئي جون عورتون سندس خوف کان اُٺن تي چڙھي شڪارپور کان ڀڄي نڪتيون، ته سندس نوڪر نيڪو خان کي انھن جي پٺيان موڪليائين ته ڏسي ته ڪھڙي عورت ڪنواري بالغ ھمبستري لائق آھي. ھو ويو ۽ بيگمان جي وٽ عورتن کي وڃي پھتو. آخر جمع خان جي ڌيءُ، جنھنجو مڱڻو ۽ نڪاح ٿي چڪو ھو، کي زوريءَ کڻي شڪارپور آيو. شاھ ھن سان زوري نڪاح ڪيو.
    مولانا اعجازالحق قدوسي
    تاريخ سنڌ- جلد 2، ص نمبر 630.


    سنڌ سونھاريءَ کي، پيرن فقيرن جي نگري چيو وڃي ٿو. ھيءَ درويشن ۽ صوفين جو مسڪن رھي آھي. انھن بزرگن جي صوفيانه ڪلام ھتان جي رھاڪن کي سادو، سٻاجھو، سلڇڻو ۽ سھڻو، نيڪ ۽ نرم طبع بڻايو آھي. ھنن جي مَن ۾ انساني محبت جو مھراڻ سدائين موجزن رھيو آھي. ھنن وٽ پنھنجن ۽ پراون جو ڪوبه سَنڌو نه آھي. ھو ڌارين کي به پنھنجو سمجھي، دلين ۾ جايون ڏيندا رھيا. اھي ئي خوبيون ۽ خصلتون، ھنن کي ورثي ۾ مليون. جيتوڻيڪ تاريخ شاھد آھي ته انھن پراون سدائين گڏ رھي، سنڌ کي ڦُرڻ جا گھاٽ گھڙيا. پر ھتان جي رھاڪن انھن ھٿان تڪليفون سھندي، وري به ساڳين مصيبت زدن جي مدد ڪرڻ انساني فرض سمجھيو. شاھ شجاع الملڪ به اھڙن خانه بدوش، بي گھر ۽ سُورن جو ستايل فرد ھو، جنھن کي سنڌ جي ميرن گھر ۾ جاءِ ڏني ۽ سندس سُورن کي ونڊيو. پر اُن ئي کين ڏنگيو ۽ وَس آھر، سنڌ کي ڏُھاڳ ڏيڻ ۾ ڪين گھٽايو.
    نادر شاھ ايراني، جڏھن دھليءَ تي ڪاھ ڪئي تڏھن سنڌ ۽ ٻيا مھراڻ جي الھندي ڪپ وارا علائقا لکائي ورتا. جڏھن ھو 1740ع ۾ سنڌ تي حملو ڪري آيو، تڏھن سنڌ جو ھڪ حصو قلات جي والي محبت خان جي حوالي ڪيو ۽ شڪارپور جو حصو دائودپوٽن کي ڏنو. جڏھن ھن وفات ڪئي تڏھن احمد شاھ ابدالي تخت تي ويٺو. ھن سنڌ تي ڪاھ ڪري، 1775ع ۾ شڪارپور جي شھر کي ڦُري، ڌار ڪري پنھنجي پاٿاري بڻايو. ان کان پوءِ ھن شھر جي وسيلي، افغان ھر سال پنھنجن پالتو غنڊن ھٿان سنڌ کي ڦُريندا رھيا. اھڙن حڪمرانن مان شجاع الملڪ به ھڪ آھي.
    شجاع، احمد شاھ ابداليءَ جو پوٽو ھو. سندس شُجرو ھيءُ آھي: احمد شاھ ابداليءَ مان تيمور شاھ- تيمور شاھ کي ڇھ پُٽ- عباس، فيروز، شجاع، شاھ محمود، زمان شاھ ۽ ھمايون. شجاع زمان شاھ جو سڳو ڀاءُ ھو. جڏھن تيمور شاھ وفات ڪئي، تڏھن سندس عمر 13 سال ھئي. ان کانپوءِ زمان شاھ سندس سنڀال ڪندو ھو. ھر سفر ھو ڀاءُ سان گڏ ھوندو ھو ۽ سندس تنبو ان کان انچ به پري نه ھوندو ھو. جڏن تيمور شاھ 1204ھ ۾ وفات ڪئي، تڏھن ھن جي موت کي مخفي رکيو ويو. جڏھن سڀ شھزادا گڏ ٿيا، تڏھن کين سندن والد جي موت جو ٻڌائي، اميرن ۽ سردارن، زمان شاھ کي تخت تي ويھاريو، جيڪو شاھي حڪم موجب اڳ ۾ ئي وليعھد مقرر ٿي چڪو ھو. عين ان وقت تيمور شاھ جي ھڪ فرزند عباس، زمان شاھ جي مخالفت تي اٿي بيٺو. پر اميرن موقعي تي ئي ھن کي گرفتار ڪري، زمان شاھ کي پڪي طرح تخت تي ويھاريو. ھن بادشاھ ٿيڻ شرط، سڀني ڀائرن کي بالاحصار جي قلعي ۾ قيد ڪري رکيو. ٽن سالن کان پوءِ اوچتو حالتن ڦيرو کاڌو. 1799ع ۾ پگھار نه ملڻ ڪري، قزلباش سپاھين بغاوت ڪئي ۽ شھزادي محمود جو پاسو ورتو. ان کانسواءِ، عين ان وقت زمان شاھ پنھنجي سپھ سالار ۽ وزير پايندھ خان بارڪزئي کان بدگمان ٿي پيو ۽ کيس مارائي ڇڏيائين. اھا حالت ڏسي پايندھ خان جو پٽ فتح خان، شاھ محمود سان وڃي مليو. خيبر جي دڙي وٽ زمان شاھ ۽ شاھ محمود جو زبردست مقابلو ٿيو، جنھن ۾ محمود کي ڪاميابي حاصل ٿي ۽ زمان شاھ قيد ٿي پيو. محمود شاھ پنھنجي سڳي ڀاءُ، ھمايون جي قصاص ۾ زمان شاھ جون اکيون ڪڍرائي، کيس بالا حصار جي قلعي ۾ قيد تنھا ڪري رکيو.
    جنھن وقت ھيءَ جنگ لڳي ۽ زمان شاھ جيل ۾ پيو، تنھن وقت شجاع پشاور ۾ ھو. ھيءَ ڳالھ ٻڌي کيس ڏک ٿيو ۽ ڀاءُ جو بدلي وٺڻ لاءِ پڪو ارادو ڪيائين. اتي زمان شاھ جو سپھ سالار شير محمد باميزئي به اچي پھتو. ھن شجاع کي بادشاھ بڻائڻ لاءِ خيبر جي افغانن باميزئي ۽ ٻين قبيلن کي پاڻ ۾ ملائي، تخت تي ويھاريو. حافظ شير محمد جي مدد سان، ھن جلال آباد جي ويجھو، محمود جي لشڪر سان جنگ ڪئي، پر ھارايائين. اھا حالت ڏسي، محمود ھڪ وڏو لشڪر وٺي، ڪابل جي ٻاھران، شجاع سان مقابلو ڪيو، پر ھو شڪست کائي قنڌار ڀڄي ويو. شجاع ڪابل ۾، فاتحانه انداز ۾ داخل ٿيو ۽ شير محمد کي محمود جي ڪڍ موڪليائين، جنھن کيس قنڌار ۾ گرفتار ڪري شجاع وٽ پيش ڪيو. ھن زمان شاھ کي قيد مان ڪڍي، اتي محمود کي رکي، پاڻ باقاعدي 1803ع ۾ تخت نشين ٿيو. سڀني افغانن ھن کي پنھنجو بادشاھ، يڪراءِ تسليم ڪري، ساڻس مڪمل تعاون ڪيو. حافظ شير محمد کي، نمڪ حلاليءَ جي صلي ۾، وزير اعظم مقرر ڪري، مختيارالدوله جو لقب ڏنو ۽ زمان شاھ جي رفيقن کي وڏا وڏا عھدا ڏيئي، پاڻ کي مضبوط ڪيائين. (دولت درانيه- رحيم بخش ميمڻ ص نمبر 6)
    جڏھن افغانستان ۾، سياسي اڻبڻت زور وٺي وئي ۽ ڪابل ۾ حالتون ٺيڪ ڪين ھيون، تڏھن سنڌ جي ميرن ڍل ڏيڻ بند ڪري ڇڏي. شڪارپور، جيئن ته ڪابل سلطنت سان ڳنڍيل ھو، ان ڪري اتي گورنر به ڪابل سرڪار مقرر ڪندي ھئي ۽ ھر وقت اتي، 17 سون جو دستو ۽ 143 توبون، تيار رھنديون ھيون.
    ڪابل ۾ انتظام درست ڪري، شجاع غزني ۽ قنڌار کي فتح ڪيو. ان کانپوءِ، ھن سنڌ ڏانھن رخ رکيو. اھو 1221ھ جو زمانو ھو. سنڌ ۾ ميرن جي حڪومت ھئي ۽ مير غلام علي خان ٽالپر تخت تي ويٺل ھو. شجاع جو سنڌ ۾ اچڻ جو، مقصد صرف دولت ھٿ ڪرڻ ھو، ڇو ته وٽس لشڪر کي پگھار ڏيڻ لاءِ پئسو ڪونه ھو. (جنت السنڌ- مولائي شيدائي رح ص 168)
    افغانستان جو سمورو خزانو، گھرو لڙاين ڪري ختم ٿي چڪو ھو. منشي عطا محمد لکي ٿو ته: ”شجاع 1221ھ ۾ وڏي شان شوڪت سان، شڪارپور ۾ وارد ٿيو ۽ شاھي باغ ۾ اچي لٿو. سندس مقصد ھو ته، سنڌ جي ميرن کان رھيل ڍل اڳاڙجي. (تاريخ تازه نويٰ ھارڪ ص نمبر 18) ھن شڪارپور ۾ پھچڻ شرط، محمود جي مقرر ڪيل ھندو گورنر سکوسنگھ کي لاھي، نواب مدد خان پوپلزئي کي نئون گورنر مقرر ڪيو ۽ ساري انتظام جو نئين سر جائزو ورتو. مير حاڪم کي جڏھن شجاع جي اچڻ جي خبر پيئي ته، ساڻس مقابلي ڪرڻ لاءِ، پاڻ لشڪر وٺي، لاڙڪاڻي جي قلعي تي توبون چاڙھيون. ايتري ۾ سھراب خان به فوجون وٺي اچي ساڻس مليو. شجاع بلوچي لشڪر جي صف آرائي ڏسي، پنھنجي وزير اعليٰ، شير محمد جي معرفت صلح جون ڳالھيون ڪرڻ شروع ڪيون. حافظ شير محمد جڏھن مير کي، ڍل ڏيڻ لاءِ چيو تڏھن ھن جواب ڏنو ته: ”اُھا ڪُڪڙ ئي مري ويئي. جيڪا سونا آنا ڏيندي ھئي. اھي ڍَلن ڏيڻ وارا به مري ويا ته وٺڻ وارا به گذاري ويا. آئون تابعداري جي ڍل نه ڀريندس، باقي جيڪڏھن جنگ ڪرڻي ھُجيوَ، ته تيار آھيان.“ (سنڌ جو شاھنامو- مير حسن علي خان ٽالپر- ص 85) سنڌ جي حاڪم مير غلام علي جو ھي جواب بي باڪي، بھادري، جرئت ۽ سنڌي سورھيائپ جو زندھ مثال آھي. شجاع کي، ھن تي مَٺيان ته ڏاڍي لڳي پر ڪري ته آخر ڪري ڇا؟ سندس لشڪر خانه جنگي ۾ اڳيئي ختم ٿي چڪو ھو ۽ باقي جيڪو بچيل ھو، سو به ٿڪل، ھيڻو ۽ لاچار ھو. ان ڪري ھن سوچيو ته، اجائي آڪڙ ۽ ڏاڍائپ ڪرڻ مان ڪجھ نه ورندو، ان ڪري ھيٺاھين وٺي، مٺ ۽ محبت سان ڳالھيون شروع ڪيون. آخر گھڻي ڳالھ ٻولھ کانپوءِ، شجاع ميرن کان سترھن لک روپيا وصول ڪيا. شيرازيءَ جو چوڻ آھي ته، ”خراج ٽيھن لکن تائين پھتو، پر ميرن کيس ويھ لک روپيا ڏنا.“ ان کانسواءِ کيس ڪيترائي دستي تحفا ڏيئي روانو ڪيائون. (بحوالہ تاريخ سنڌ- مولانا قدوسي ج 2- ص نمبر 209)
    شاھ شجاع الملڪ جو، سنڌ تي ھي پھريون حملو ھو، جيڪو صرف دولت ۽ پئسي ھٿ ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو. مير غلام علي جھڙو، کيس جواب ڏنو ھو، تھڙو عمل ڪري ھا ته جيڪر ھن غنيم کي ڀڄائي ڪڍي ھا ۽ پئسن ڏيڻ کان بچي وڃي ھا، ڇاڪاڻ ته شجاع جو لشڪر وڙھڻ لائق ڪين ھو، پر ميرن سندس خوشامد ۽ چاپلوسيءَ وارين ڳالھين ۾ اچي، کيس سنڌين جي رتُ سَت جي ڪمائي ڏيئي ڇڏي. مرزا قليچ بيگ لکي ٿو ته ”شجاع وڏي لشڪر سان، سڌ تي چڙھي آيو. پرڳڻي جا ماڻھو، ايترا ته ھراس ۾ ڀرجي ويا، جو ڪيترن شھرن ۽ ڳوٺن جا ماڻھو، ٿر جي طرف ڀڄي ويا. شجاع جا حافظ شير محمد کي، معاملي کي دوستانه طرح طئه ڪرڻ لاءِ موڪليو. ٺاھ موجب ميرن ڏھ لک بروقت ادا ڪيا ۽ آئيندي پنج لک ساليانو خراج ادا ڪرڻ جو انجام ڪيو.“ (تاريخ سنڌ- انگريزي ص نمبر 209)
    شجاع جي ھِن پھرين ڪاھ، سنڌ ۾ افراتفري مچائي. سندس لشڪر بيٺل فصل کي تباھ ڪري ڇڏيو ۽ جيڪو اَن ڪڻو ھو، سو به ميڙي سيڙي کڻي ويو. ان ڪري سنڌ ۾ ڪافي ڏُڪر پيو. ڏُڪار جا ستايل، سنڌ ۾ ٽن چئن روپين تي، پنھنجا ٻار وڪڻڻ لڳا. ان زماني ۾، في رپئي ڇھ سير جوئر ۽ ٻاجھري وڪامجڻ لڳي. (جنت السنڌ- مولائي شيدائي ص نمبر 618) اھڙي طرح شجاع جي ھن ڪاھ سنڌ جي عوام کي ڏاڍو متاثر ڪيو. جيتوڻيڪ ميرن ڍَل ڏيئي، سندس مطالبو پورو ڪيو، پر ھِن انسان دشمن کي. شايد سنڌ واسين کي ستائڻ مان مزو ٿي آيو.
    سنڌ مان ھي ڦرلٽ جو مال اڳاڙي، ھو ديري غازي خان رستي، ڪابل ويو ۽ اتي نھايت سڪون ۽ آرام سان حڪومت ھلائڻ لڳو. سنڌ جي مال مان ھن پنھنجو گھر به ٺاھيو ۽ فوجين کي به ورسايو. ھر ھڪ سپاھيءَ کي انعام اڪرام سان نوازي، سندن دل خوش ڪري، افغانستان ۾ اطمينان سان زندگي گذارڻ لڳو. جڏھن کيس خزانو به گھڻو مليو ۽ لشڪر به راضي ٿيو، تڏھن ھن، پنھنجي مملڪت کي وڌائڻ شروع ڪيو. ان لاءِ ھن 1125ھ مطابق 1810ع ۾، پنھنجي وزير اعظم شير محمد کي ڪشمير تي چاڙھي موڪليو، جيڪو ان وقت محمود شاھ جي طرفدار عبدالله الڪوزئي جي ھٿ ۾ ھو ۽ شجاع صاحب پاڻ وري، ڪجھ مال ھٿ ڪرڻ لاءِ سنڌ ڏانھن روانو ٿيو، ته جيئن ڏوڪڙ ھٿ ڪري، ڪشمير ۾ وڙھندڙ فوج جي رسد جو انتظام ڪري سگھي. ھو ساڳئي سال پشاور کان ٿيندو، سنڌ ۾ آيو ۽ شڪارپور ۾ اچي لٿو. ميرن سندس ٻيھر خاطر تواضح ۽ فرمانبرداري ڪئي ۽ ڍل جا اٽڪل ويھ لک روپيا ۽ ان کانسواءِ بيش بھا ۽ قيمتي تحفا؛ سندس خدمت ۾ پيش ڪيا، ۽ ميرن جو خاص مشير، نواب ولي محمد خان لغاري خراج جي ادا ڪرڻ تائين بطور يرغمال ديري غازي خان تائين شجاع سان گڏ ويو ۽ بعد ۾ واپس موٽي آيو. (تاريخ تازھ نوائي معارڪ ص نمبر 19) جتان شجاع الملڪ پشاور روانو ٿي ويو. اتي کيس خبر پيئي ته شير محمد، ڪشمير فتح ڪري ڪابل پھتو آھي، ۽ شير محمد کي پتو پيو ته اتان جي ھڪ وڏي عالم مير واعظ کي شجاع قتل ڪرايو آھي، ان ڪري شير محمد، زمان شاھ جي پٽ، قيصر کي ساڻ ڪري، شجاع خلاف محاذ کڙو ڪيو. ھو وڏو لشڪر وٺي ڪابل کان پشاور آيو، جتي شجاع ۽ ان جي وچ ۾ وڏي جنگ لڳي، جنھن ۾ شير محمد خان کي شڪست ڏيئي کيس قتل ڪري ڇڏيائين. ايتري ۾ وزير فتح خان، محمود شاھ کي ٻيھر تخت تي وھاريو. جڏھن شجاع کي اھا خبر پيئي، تڏھن لشڪر وٺي اوڏانھن روانو ٿيو. جلال آباد وٽ، ٻنھي لشڪرن ھڪ ٻئي سان جنگ ڪئي، جنھن ۾ شجاع کي شڪست ملي ۽ سندس وزير اڪرم خان ۽ غفور خان فوفلزئي مري ويا، ان ڪري ھو بچائڻ لاءِ ٻار ٻچا وٺي، لاھور ۾ پنجاب جي راجا رنجيت سنگھ وٽ پناھ ورتي، جنھن ڪوھنور ھيري کي ھٿ ڪرڻ لاءِ، کيس قيد ڪيو، پر ڪن وفادار نوڪرن جي مدد سان سرنگھ رستي اتان نڪري، ڪوھستان جي واٽ وٺي لڌياني پھتو، جتي ٻارن سميت انگريزي فوج وٽ پناھ ورتائين.
    لڌياني ۾ شجاع ٻه چار سئو، ھندوستاني ڀاڙي جا ٽٽو، ڀرتي ڪري کين ھڪڙي، انگريز عملدار ڪپتان ڪئمپيل کان فوجي تعليم ڏياري، بھاولپور کان شڪاپور آيو. ھتي رھندڙ افغانن مان ٿورا ڀرتي ڪري، ڪجھ ميرن کان فوج وٺي، درھ بولان ٽپي، ٽيھ ھزارن جي لشڪر سان شال پھتو. ڪجھ وقت، واپاري قافلي کي لُٽي مال گڏ ڪرڻ کان پوءِ، ھو قنڌار تي ڪاھي ويو، مگر ھن ۾ وڙھڻ جي ته ھمت ئي ڪانه ھئي. سردار به کيس ڇڏي ويا، ھرات مان به مدد ڪانه مليس، ان ڪري، سردار محمد عظيم خان کان شڪست کائي، ناڪام ٿي واپس حيدرآباد آيو ۽ ٽن ڏينھن کانپوءِ ھٿ ٺوڪيندو لڌياني، انگريزن وٽ پھتو. (جنت السنڌ- مولائي شيدائي ص نمبر 661) انگريزن جي مرضي ھئي ته ھو کيس افغانستان جي سياست ۾ آلئه ڪار بڻائين، ان ڪري ھنن، ھن جي وڏي آجيان ڪئي ۽ کيس ماھيانو وظيفو مقرر ڪري ڏنو.
    1234ھ جو سَن ھلي رھيو ھو. سنڌ جو حاڪم مير غلام علي خان فوت ٿي ويو ۽ سندس ننڍو ڀاءُ ڪرم علي تخت تي ويٺو. شجاع ان وقت لڌياني ۾ ھو، جتان افغانستان جي اندروني حالتن جو جائزو وٺي رھيو ھو. افغانستان تي بارڪزئين جي حڪومت ھئي، مگر شاھ سدوزئي خاندان مان ھئڻ ڪري، پاڻ کي تخت ۽ تاج جو حقيقي وارث سمجھندو ھو. ھن جي دل ۾، افغانستان تي حڪومت ڪرڻ جو جذبو جاڳيو، پر ان لاءِ لشڪر ۽ پئسو ڪٿان اچي؟ ايسٽ انڊيا ڪمپني، پاڻ مالي ڏولائن ۾ ھئي، ان ڪري دلگير ٿيو. کيس بادشاھي کسجڻ ۽ تخت ڦرجڻ جو ڏاڍو ارمان ھو ۽ ڏينھن ۽ رات ھن کي اھا وائي ھئي ته، ڪنھن طرح افغانستان جو حاڪم ضرور ٿيان. (جنت السنڌ- مولائي شيدائي ص نمبر 661)
    ان وقت انگريزي جنرل لارڊ آڪلنڊ، کيس دلداري ڏني ۽ سمجھايس ته شجاع گھٻراءِ نه، ميرن کان مقرر ٿيل ڏَن جي گھـُر ڪر، ڇو ته ھو افغانستان جو حقيقي حاڪم آھي، ۽ ٻيو نه ته، نالي ۾ ته سنڌ ضرور، افغان سلطنت جي تابعدار ھئي، جنھن ڪري مقرر ڏن وٺڻ جو حق کيس ئي ھو. ان کان سواءِ شجاع جي مدد لاءِ انگريزي لشڪر کي به سنڌ مان افغانستان پھچائڻ جو بندوبست به سنڌ کي ڪرڻو ھو. (چيتن ماڙيواله جو ھڪ مضمون- سه ماھي مھراڻ 1- 1968ع) انگريزن جي انھن ڏَٽن ڏيڻ تي، ھمراھ ٻانھون کُنجي سنڌ طرف وڌيو ۽ ميرن کي پناھ ڏيڻ لاءِ عرض ڪيائين. شڪارپور جي سالياني آمدني جو جائزو ورتائين ته ڏٺائين ته ھن جو گذارو ان مان نه ٿيندو، ان ڪري ٻيڙين تي چڙھي حيدرآباد ويو. ميرن کي چيائين ته: ٻيلي ڏتڙيل آھيان، خانه بدوش آھيان، پنھنجن جو ستايل آھيان، تخت کسجي ويو آھي، نه پئسو آھي نه سپاھ آھي. ڪا واھر ڪريو، مالي ۽ جاني قرباني ڪيو ته اوھان جا ٿورا عمر ڀر لاھي نه سگھندس. آخر ميرن سان معاھدو ڪيائين، جنھن جا 3 شرط ھئا: (1) بادشاھ جو دشمن اسان جو دشمن (2) بادشاھ جي نيڪي، بدي ۽ ناموس ساڳيو اسان جو آھي ۽ (3) بادشاھ جي امداد ڪرڻ ۾ وس آھر ڪوشان رھنداسون. معاھدي سان گڏ ميرن 25 ھزار روپيا نقد ۽ ٻيا ڪيترائي قيمتي تحفا کيس ڏنا. ان کان سواءِ بادشاھ جي خرچ لاءِ ديھ گوسڙجي، ڪرن ۽ ڳڙھي ياسين جو علائقو ۽ روپاھ تعلقي جي اُپت جي ٽين پتي به بادشاھ جي حوالي ڪري کيس روانو ڪيو. (ھفتيوار آزاد- شجاع شڪارپور ۾- 10 جنوري 1966ع)
    اھو ٺھراءُ حيدرآباد جي ميرن، مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان شجاع سان ڪيو ۽ ھنن حاڪمن خيرپور رياست جي ميرن کي لکي موڪليو ته: جيڪي نيون ديھون ھاڻي شڪارپور سان لاڳو ڪيون ويون آھن، تن جي سالياني پيداوار شجاع کي موڪلي وڃي. حيدرآباد مان ٿي شجاع خيرپور آيو. ان وقت خيرپور ۾ مير رستم خان ۽ مير سھراب خان راڄ ڪندا ھئا. شجاع ھنن ميرن سان به اھڙو صلح ڪرڻ پئي چاھيو. پر ھنن نٽائي ڇڏيو. مير سھراب خان ته، حيدرآباد جي ميرن جي عقل ۽ سمجھ تي ارمان ڪندي چيو ته: بادشاھن جي معاملن کي ھلائڻ ڏاڍو ڏکيو آھي. حيدرآباد جا مير ھن معاھدي کي پورو ڪري نه سگھندا ۽ اھڙي طرح ھو ھروڀرو، پنھنجو پاڻ کي بدنام ڪندا ۽ عھد شڪنيءَ جي عذاب ۾ مبتلا ٿيندا. (تاريخ تازه نوائي معارڪ ص نمبر 107)
    آخر شجاع خيرپور کان ٿي شڪارپور پھتو. اچڻ سان ئي شڪارپور جي ساري آمدني تي قبضو ڪيائين. ھِتان ھُتان جا رولو، ڦورو، چور ۽ ڌاڙيل ٽولا گھرائي پاڻ وٽ گڏ ڪرڻ لڳو ۽ خراسان جي حصول لاءِ جنگي تياريون شروع ڪري ڏنائين. ھفتي ۾ ھڪ دفعو ھن جون فوجون، ھزاري دروازي کان ٻاھر جنگي مشقون ڪنديون ھيون. انھن مشقن جي توبن جو آواز جڏھن ميرن جي ڪَنن تي پھچندو ھو، تڏھن چوندا ھئا ته ”ھيءَ بلا اسان کي ڪيئن واٽ ويندي ڳچي پئجي ويئي ۽ اسان ڪيئن ھن بلا مان جند ڇڏايون.“ شجاع جو رويو ھاڻي تمام سخت ٿي ويو. ھن ڦرلٽ تي اچي چوتو ٻڌو. رعيت مان، جنھن وٽ گھڻي دولت ٻڌندو ھو، ان کان زوريءَ کسي وٺندو ھو. شڪارپور جي واڻين لاءِ ته، ويل ٻاري ڏنائين ۽ کانئن رنجيت سنگھ واري بدلي وٺڻ لاءِ کڻي جيل وڌائين. آخر ھنن لکين روپيا ڏيئي، پاڻ کي آزاد ڪرايو. عيش و عشرت ۽ بدڪاريءَ ۾ حد کان وڌي ويو. شل نه ڪا حسين ڇوڪري ڏِسي، پوءِ اھا مسلمان ھجي يا ھندو، جلد وٽن ڏياري موڪلي. ان دور ۾ ئي ھن ڄيٺمل نالي ھڪ ھندو امير جي ڀيڻ سان شادي ڪري، ان جي ساري ملڪيت تي قبضو ڪيائين.
    منشي عطا محمد شڪارپوري لکي ٿو ته: ”جتي به کيس ڪنواري بالغ ڇوڪريءَ جي خبر پوندي ھئي ته زوريءَ ان کي پاڻ وٽ کڻائي وٺندو ھو ۽ جتي به گھڻي دولت، ڪنھن وٽ ڏسندو ھو ته پرواني وانگر اتي پھچي زوري لُٽي ۽ ڦري کڻي ايندو ھو.“ (تاريخ تازه نوائي معارڪ- بحواله تاريخ سنڌ- ج 2 مولانا قدوسي)
    خان الڪوزئي جي مرڻ کانپوءِ، جڏھن کيس ان جي مال ملڪيت جي خبر پيئي، تڏھن ان جي سڄي ملڪيت تي قبضو ڪيائين ۽ سندس عورتن کي جيل ۾ وڌائين. انھن ضائفن کي اھڙي ته سخت سزا ڏيندو ھو جو بيڪار بندوقون سندن ڪلھن تي رکائي، کين اُس ۾ بيھاريندو ھو. سندس عياشيءَ جو ھي مقام ھو، جو جمع خان فوفلزئي جون عورتون سندس خوف کان اُٺن تي چڙھي، شڪارپور کان نڪري ويون. جڏھن اھي بيگمانجي وٽ پھتيون ته شجاع کي خبر پيئي. ھن بروقت پنھنجي نوڪر نيڪو خان کي موڪليو، ته ڏسي ته انھن مان ڪھڙي عورت ڪنواري بالغ ھمبستريءَ لائق آھي. ھو ويو ته عورتن ڌاڙ گھوڙا مچائي ڏني. آخر جمع خان جي ڌيءُ، جنھنجو مڱڻو ۽ نڪاح ٿي چڪو ھو، کي زوريءَ کڻي شڪارپور آيو. شاھ ھن سان زوريءَ نڪاح ڪيو. (تاريخ سنڌ- ج 2 مولانا قدوسي، ص 620) جڏھن ماڻھن اھي ظلم ڏٺا، تڏھن ڪي ته شڪارپور ڇڏي ويا ۽ ڪن ميرن کي ھن کان جند ڇڏائڻ لاءِ عرض ڪيو. آخر سنڌ جي حڪومت، افغانستان جي حاڪم سردار محمد عظيم خان کي چوائي موڪليو ته ”اوھان ھِت اچي شجاع کي سنڌ مان تڙي ڪڍو.“ شجاع، عظيم خان جي آمد جو ٻُڌي ڇرڪي ويو ۽ شڪارپور به ڇڏي ڏنائين ۽ درازن ۾ اچي رھيو. سندس حالت رحم جوڳي ھئي. وٽس پئسو به ڪونه ھو، جو پنھنجي فوج کي پگھار ڏيئي سگھي. ان ڪري مجبورن جيسلمير کان ٿي نھايت خراب حالت ۾ لڌياني پھتو. ۽ ھيڏانھن سردار عظيم خان، وري شجاع کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ ميرن کان معاوضو ۽ ڍل طلب ڪرڻ لڳو، جيڪو ٻارنھن لک ھو. ان کانسواءِ بيش بھا تحفا، جن ۾ ميرخاني بندوقون، جوھردار ۽ مرصع تلوارون ۽ قيمتي ڪپڙا به عظيم خان ورتا، جن جي مجموعي قيمت ٻارنھن لک ھئي. ان سان گڏ لشڪر جو خرچ ۽ پگھارون به ادا ڪرڻ جو واعدو ورتو. (تاريخ سنڌ- ج 2، مولانا قدوسي- ص نمبر 630) اھڙي طرح سنڌ مان شجاع کي ڀڄائڻ تي به 24 لک روپيا خرچ ڪيو، جيڪو سنڌ جي پورھيت عوام جي ھڏن مان نڪتو. ان کانپوءِ، ميرن شڪارپور مان، افغانستان جي گورنر کي ھڪالي سيد ڪاظم شاھ کي گورنر مقرر ڪيو، جيڪو اھلِ علم جو قدردان، شريف نواز ۽ نھايت فياض ھو. ھن شڪارپور جي واڳ سنڀالڻ سان ئي، اتان جو نظامت حڪومت نھايت خوش اسلوبيءَ سان ھلايو. ھر ڪو رھنما راضي ھو ۽ شجاع جي ظلمن کي وساري ويٺو.
    شجاع جي ڏاٺ ھِري، سو سنڌ کي ڪٿي ٿي ڇڏيائين. لڌياني ۾ ته انگريز کيس سُڪل ڍوڍو به مس ڏيندا ھئا. سنڌ جون ست رڇيون ۽ اعليٰ طعام ياد ڪري سندس وات پاڻي پاڻي ٿي ويندو ھو. ان ڪري 1148ھ مطابق 1732ع ۾، لاڙڪاڻي سنڌ ۾ آيو ۽ اتان ٿي حيدرآباد پھتو. ميرن کي چيائين ته ”لڌياني ۾ منھنجي دال نه ڳري، بکر جو قلعو ڏيو ته ٻارن کي حفاظت ۾ رھائي سگھان ۽ شڪارپور جو علائقو ڏيو ته پيٽ قوت ڪريان.“
    عطا محمد شڪارپوري لکي ٿو ته ”ان وقت، ميرن ۽ شاھ جي وچ ۾، فيصلو ٿيو ته مير چاليھن ڏينھن ۾ شاھ کي چاليھ ھزار ڏيندا ۽ شاھ ايترا ئي ڏينھن ھت رھي، پنھنجي منزل مقصود ڏانھن ھليو ويندو. (تاريخ تازھ نويٰ معارڪ ص نمبر 257) آخر ٺھراءُ ڪري، شجاع ٻيھر شڪارپور ۾ آيو. شڪارپور جا ماڻھو لکي دروازي وٽ ھن درندي کي ڏسڻ آيا. شجاع جي اميرن، ماڻھن کي ڏسي پنھنجا گھوڙا ڀڄائڻ شروع ڪيا. جيئن ئي انھن ڦوٽ ۾ گھوڙا ڊوڙايا، تيئن انھن مان ڪن جا پٽڪا زمين تي ڪري پيا ۽ ڪي پاڻ به زمين تي ڊٺا. ماڻھن ھن سٺو سوڻ نه سمجھيو.
    شجاع شڪارپور ۾ اچي آڪڙجي ويٺو. گرمي ۽ لُکن جو بھانو کيس ملي ويو. جنگي سامان گڏ ڪرڻ ۽ فوجي مشقون شروع ڪري ڏنائين. ميرن جا امير جيڪي ھن انتظار ۾ ويٺا ھئا ته شجاع کي الوداع چئي پوءِ واپس وڃون، سي انتظار ڪري ٿڪجي پيا، پر شجاع ته ھِت بالم بڻجي ويھي رھيو، ۽ مير مراد علي خان کي چوائي موڪليائين ته ”ٽي سئو اُٺ باربرداريءَ لاءِ ۽ ڪجھ نقد پئسااماڻيو ته، آءٌ خراسان وڃان.“ مير صاحب کيس چوائي موڪليو ته ”اھڙا اُٺ جيڪي خراسان تائين سامان کڻي وڃن، سنڌ ۾ نه آھن. جيڪڏھن اوھان سامان کي بيل گاڏين ۾ وجھي کڻي وڃو ته ان جو بندوبست ڪجي.“ پر شجاع ان کي قبول نه ڪيو ۽ ايتري ۾ مير مراد علي گذاري ويو. شجاع اھو ٻڌي تعزيت لاءِ مير ڪاظم شاھ ۽ قاضي محمد حسين کي موڪليو ۽ کين چيائين ته ”اُٺ ۽ پئسا جلدي موڪليو.“ ان دور ۾، شجاع شڪارپور ۾ سختي ڪرڻ شروع ڪري ڏني. ھو پاڻ کي شڪارپور جو مالڪ سمجھڻ لڳو. ھن ميرن طرفان مقرر ڪيل ناظم کي معطل ڪري، بھادر خان کوکر کي ناظم مقرر ڪيو. سارو انتظام پنھنجي ھٿن ۾ رکي، ميرن طرفان مقرر ڪيل، سڀ آفيسر معزول ڪري ڇڏيائين. (ھسٽاريڪل ميمريز آف شڪارپور- ص نمبر 36) ميرن سندس آمرانه رويي کي ڏسي فيصلو ڪيو ته، ھن کي سنڌ مان تڙيو وڃي. شاھ کي جڏھن خبر پئي تڏھن باھ ٿي ويو. ٽانڊي ڪاڻ آيل، ھاڻي بورچي بڻجي ويو. ميرن جي ٽُڪرن تي پليل غلام ھاڻي سائين سڏائڻ لڳو. ان نانگ جنھن کي ھنن پاڻ پاليو. کين ڏنگڻ لڳو. ميرن کي بي پرواھيءَ سان چوائي موڪليائين ته ”ڪن ضروري حالتن ھيٺ، شڪارپور ۾ رھڻ ضروري ٿو سمجھان ۽ خراسان وڃڻ جو ارادو ترڪ ڪيو اٿم. جيئن ئي حالتون سڌريون ته ھليو ويندس.“
    اھو جواب ٻڌي، ميرن ۾ وڏو تاءُ پيدا ٿيو ۽ شجاع سان جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا. مير ڪرم علي خان حيدرآباد مان، سھراب خان ۽ رستم خان خيرپور مان وڏيون فوجون تيار ڪري آيا. شجاع سمندر خان جي قيادت ھيٺ، 18 توبون ۽ ٽيھ ھزار لشڪر ساڻ ڪري، سکر کان ٿورو پري، لال واھ جي ڀرسان اچي خيمه زن ٿيو. ميرن جو لشڪر به سيد غلام مصطفيٰ شاھ جي سرڪرگيءَ ھيٺ سکر اچي پھتو. شجاع جي لشڪر اوچتو، سنڌي لشڪر تي، توبن رستي گوله باري شروع ڪئي. ميرن جي فوج انتھائي مردانگيءَ سان مقابلو ڪيو ۽ جان کان ھٿ ڌوئي، آدم شاھ جي ٽَڪريءَ طرف وڌي. غلام مرتضيٰ شاھ، دشمن سان وڙھندي شھيد ٿي ويو. جھان خان مري، پنھنجن رفيقن جا پلئه ھڪ ٻئي سان ٻڌي ۽ دشمن جي سوين ماڻھن کي ماري فوت ٿي ويو.
    ڪاظم شاھ ۽ ٻيا ڪيترائي سنڌي سوڍا ھن جنگ ۾ شھيد ٿي ويا. سنڌ جي تاريخ ۾ ھن کي کرڙي جي جنگ سڏجي ٿو، جنھنجو ذڪر خليفي نبي بخش ڪيو آھي، جنھن ۾ ھن انھن سوڍن جي بھادري، شجاعت ۽ دليريءَ جو نقشو چٽيو آھي، جن غنيمن سان جنگ ڪري، سنڌڙيءَ کي سِرن جا نذرانا پيش ڪيا. ھن جنگ ۾ سنڌ جا سورھيه جنھن نموني سان کرڙيءَ جي ميدان ۾ وڙھيا، سو اسانجي تاريخ جو اھم باب آھي. افسوس آھي جو ھڪ درٻاري مورخ ”تاريخ تازھ نوائي معارڪ“ ۾ لکي ٿو ته- ميرن جو ھيءُ لشڪر، جنھن ڪڏھن به ٻاھرين سان جنگ نه ڪئي ھئي، انھن جي شمشير زنيءَ جو ھي عالم ھو ته، انھن پنھنجن تلوارن کي ڪتي، ٻلي، ڪڪڙ ۽ ٻڪريءَ جي جھڳڙن ۾ وڃايو ھو. ھو پنھنجي غلط شجاعت ۽ بھادريءَ جي نشي ۾ مست ۽ سرشار ھئا. ساڳيو صاحب اڳتي لکي ٿو ته ”بلوچن جي عجيب بيوقوفي جو ميدان جنگ ۾ گھوڙن تان لھي، پيادا ٿي، تلوار ھٿ ۾ ۽ چَپ وات ۾ ڪري، نعرا ھڻندا ڊوڙندا بي تماشا ٽڪري ڏانھن رخ رکيائون ۽ چوٽيءَ تي رسڻ کان اڳ مخالف جي تير تفنگ جو نشان بڻجي، پنھنجون زندگيون پئي ضايع ڪيائون.“ (تاريخ تازھ نوائي معارڪ)
    ھي صاحب منشي عطا محمد ترين افغان ھو ۽ سندس ھمدرديون شجاع سان وابسته ھيون ۽ ھونءَ به درٻاري مورخ، حقيقت کي غلط روپ ڏيندا آھن. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته ”ظاھر آھي ته ويچارو افغان مولف ۽ منشي، وطن جي حب جي بي پناھ جذبي ۽ سنڌ جي سورھين جي قومي غيرت ۽ مردانگيءَ جو پورو اندازو ڪري نه سگھيو آھي. دنيا ۾ اھڙي سورھيائي جا ڪي ٿورا مثال ٿا ملن. سنڌ جا پھلوان ٿورا ھئا، مگر ان ھوندي به، حياتين بچائڻ جي ڪَٿ ئي ڪانه ڪيائون ۽ مرد ٿي، منھن ڏيئي موت سان مقابلو ڪيائون.“ (خليفي صاحب جو رسالو- سمجھاڻي ۽ اشارا ص نمبر 278)
    ھن جنگ ۾ سنڌين جي ھر فرد روايت موجب، پنھنجي جنم ڀومي سان محبت ھجڻ جو ثبوت ڏيندي، ميدان ڪارزار ۾، مردانگيءَ جا جوھر ڏيکاريا. انھن سوڍن ۾ مکيه غلام مرتضيٰ شاھ ھو، جنھن لاءِ منشي صاحب لکي ٿو ته ”شاھ بھادر ۽ شجاع انسان ھو، جنھن شجاع جا ڪجھ ماڻھو ماري پاڻ به مري ويو.“ ان کانسواءِ ٻين بھادرن لاءِ لکي ٿو ته ”عاليجاھ سيد ڪاظم شاھ، عالم خان مري ۽ شجاعت نشان جھان خان مري جھڙا دلير ۽ بھادر مڙس ھن جنگ ۾ ائين مرڻ جا ڪين ھئا، پر تقدير ائين ھئي.“ (تاريخ تازھ نوائي معارڪ) ملا محمد عالم پنھور خيرپوري، انھن سوڍن جي شجاعت جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ”خونخوار جنگ لڳي، جنھن ۾ جڏھن سيد ڪاظم علي شاھ صفون چيري ڇڏيون ته دشمن کانئس ڀڄي پري کان مٿس بندوقون ڇوڙيون ۽ کيس شھيد ڪيو. ان بعد سندس چاچو سيد ابوالحسن، تلوار کڻي، ميدان ۾ ڪُڏي پيو ۽ بھادريءَ سان وڙھندي شھيد ٿيو. ابراھيم خان صفون چيري چوٽ ڪري، توب ھڻندڙ تي حملو ڪري وڃي ڪن کي ماريو. جھان خان پرواني مثل ميدان ۾ ٽپي پيو. جھڙو سندس پيءُ جنگ جو جھونجھار ھو، تھڙو جھان خان ٿيو، جو سورھيائيءَ سان سِر ڏيئي سَرھو ٿيو. ساڻس گڏ سندس رفيق ۽ خاصخيلين جو سردار ھاشم شھيد ٿيو. پھلوان بھادر پڻ بھادريءَ سان وڙھندي ماريو ويو. وزير مشير ۽ امير ڪبير دريا خان نظاماڻي درياءَ جي موجن وانگر پلٽ ڪئي ۽ پنھنجن رفيقن سان گڏ سِر گھوري ميدان جنگ ۾ گھڙي پيو ۽ سيف الدين جي نيزي لڳڻ سان مانائتو ٿيو. پر آفرين ھجي غلام مرتضيٰ کي، جو پنھنجي پوري اٽالي سميت ميدان ۾ شھيد ٿيو. غلام مرتضيٰ جي مارجڻ تي، باقي لشڪر بي دليو ٿي پوئتي ھٽيو. جي مقابلو جاري رکن ھا ته فتح سندن ٿئي ھا.“ (شاھنامهءِ عالم يعني وقائع جنگ کرڙي- بحواله خليفي صاحب جو رسالو، ص 278)
    بھرحال ھن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي مَردن شجاعت جا خوب جوھر ڏيکاريا. مَرد ته پنھنجي جاءِ تي، پر عورتن به پنھنجي نَڪ کي مَر نه لاتي. خليفو نبي بخش سنڌي زال جي دليريءَ جو نقش چِٽيندي چئي ٿو ته:
    ”جي تو ڀڄي آئين، تان تون ڪانڌ مَ ڪُڇ،
    ويھ ڪوڙائي ڪوڏ سين، مادر جھولي مُڇ،
    جا ڏاڙھي پکيءَ پُڇ، سان کونڌ ته کاڏي اُجري.“
    مطلب ته ھنن سنڌي سوڍن عظيم قربانيون ڏيندي شجاع سان مقابلو ڪيو، پر ڪجھ پنھنجن جي غداري، ڪجھ اميرن ۽ سپھ سالارن جو شھيد ٿيڻ ۽ ڪجھ قيادت جي فقدان ڪري ڪاميابي حاصل نه ٿي سگھي. شجاع جي لشڪر جي سپاھين جيڪي خراساني روھيلا ۽ ھندوستاني ھئا، انھن بلوچ مقتولن جي سون ۽ چانديءَ کي ڏسي خوب ڦريو ۽ لُٽيو. اھي جڏھن ڪنھن سنڌي بلوچ کي ماريندا ھئا، ته بي رحميءَ سان ان جو سِر وڍي، سندس لاش زمين تي اڇليندا ھئا. منشي عطا محمد لکي ٿو ته ”شجاع الملڪ جي سپاھين، بلوچن جي رت سان کيڏڻ سان گڏوگڏ لٽمار ڪري، ان جي مال ۽ دولت سان خوب ھٿ رڱيا. ھو ٽالپوري زربفت ۽ ڪيمخواب جون ٽوپيون، مٿن تي ڏنگيون رکي ۽ ڪاشان جون چادرون ۽ لاڙ جون رنگين لوئيون پنھنجي ڪلھن تي رکي ۽ طلائي نقرئي مرصع تلوارون پنھنجين چيلھن ۾ لٽڪائي دف وڄائي وڄائي بلوچن تي چٿرون ڪرڻ لڳا.“ (تاریخ تازہ نوائے معارک- بحوالہ تاریخ سندھ- ج 2، ص 648)
    اھڙي طرح شجاع الملڪ جي لشڪر ڦرلٽ جو ايترو ته مال گڏ ڪيو جو سمندر خان مال غنيمت سان ٽُٻ ٿيل ھاٿي، بادشاھ جي آڏو پيش ڪري انعام حاصل ڪيو.
    شجاع ھن جنگ ۾، ڪيترن ئي سورمن کي مارڻ کان پوءِ به، نه ٺريو، ڇوته سندس مطلب ھو دولت ھٿ ڪرڻ، پر ھِت ته سنڌين کيس سِرن جا نذرانا پيش ڪيا. ان ڪري ھن مير حڪمرانن تي دٻاءُ وجھڻ شروع ڪيو ته، جيئن انھن کان ڪجھ ڪڍائي سگھي. آخر مير حاڪمن کان، بار کڻڻ لاءِ، پنج سؤ اُٺ ۽ چار لک روپيا نقد خرچ لاءِ ۽ ھڪ لک روپيا خراج جا اڳاڙي، خير سان ھتان قنڌار روانو ٿيو. قنڌار ۾ کيس قسمت ساٿ نه ڏنو. سنڌ سان ھن جيڪي ظلم ڪيو، ان جو بدلو قنڌار ۾ ڏنائين، جتي ڪافي لشڪر مارائي، خزانو ڦرائي لڌيانه ويو. اتي انگريزن سان ملي ڀڳت ڪري، کين سنڌ وٺي آيو، جن جي مدد سان بکر ۽ جيڪب آباد جي قلعي تي قبضو ڪيو ويو ۽ شڪارپور تي قبضو ڪري ٽامس پوسٽن کي اتان جو ڪليڪٽر مقرر ڪيو ويو. اھو 1839ع جو زمانو ھو ۽ ان کان چند سال پوءِ، انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو. اھڙي طرح شجاع، ھنن غير مسلمانن يارن سان پنھنجي ياري کي نڀايو.
    ھي آھي شجاع جي سنڌ ۾ ٺڳي، دولاب، فريب، اٽڪل، بربريت ۽ وحشانيت سان دولت ھٿ ڪرڻ جي سياست جي قلمي تصوير. شاھ پئسي جو پُٽ، انگريزن ۽ رنجيت سنگھ جو پٺو ھو. ھن ھر وقت، سنڌ تي قبضو ڪري دولت ڦرڻ ۽ قنڌار تي بادشاھي ڪرڻ لاءِ پئي سوچيو. ھو سنڌ جي ميرن کي ٻڌائيندو ھو ته ”مان اوھان جو دوست آھيان. منھنجي موجودگيءَ ۾ ڪوبه سنڌ ڏانھن ميري اک کڻي نھاري نه سگھندو ۽ سنڌ ڏينھون ڏينھن ترقي ڪندي. مون کي خبر نٿي پوي جو اوھان منھنجي ان مخلص راين تي اعتبار ڇونه ٿا ڪريو.“ ۽ ھن مھمان دوست، جيڪي سنڌ کي عذاب ڏنا، اھي تاريخ ۾ ھميشہ ياد رھندا. ھن حڪمرانن کي ڦرڻ لُٽڻ سان گڏ، عوام جي به نه ڇڏي ڪا ڪاري ڪوڏي. سڀ ميڙي چونڊي قنڌار کڻي ويو. خليفي محمود، المحبوبية المحموديه ۾ لکيو آھي ته ”انھن ڏينھن ۾ شجاع الملڪ سنڌ تي دھشت ۽ خوف مان لشڪر ڪشي ڪئي. ماڻھن ۾ وڏو تفرقو نظر پئي آيو. ٽالپر حاڪمن ان جي مقابلي لاءِ لشڪر آندو. ٿورڙي مال وٺڻ ۽ خراج کان پوءِ موٽي آيو. (حديفته الاولياءَ، مقدمو- سيد حسام الدين راشدي ص نمبر 55) ساڳـئي طرح فردوس العارفين جو مولف لکي ٿو ته ”شاھ شجاع سنڌ ۾ آيو. ماڻھو وطن ۽ جايون ڇڏي ڀڳا. حضرت خواجه محمد زمان ثاني به جھاني رسم سان ٻه منزلون لنواري شريف کان ٻاھر ويو ھو. مقام شريف ۾، جيڪي سامان پيل ھو سو لٽجي ويو ۽ روضي منور جون شيون، جيئن ته آئينه ۽ قنديل به کڄي ويون. (حديفته الاولياءَ، مقدمو- سيد حسام الدين راشدي ص نمبر 55)
    ھن مان معلوم ٿيو ته شجاع سنڌ ۾ عام ڦرلٽ به ڪئي. کرڙيءَ جي جنگ ۾ ڪيترن ئي سپھ سالارن ۽ امير شھيدن جا ڪپڙا به لاٿا ويا، جن ۾ سيد غلام مرتضيٰ جو قيمتي لباس به ھو. شڪارپور جي ھندن کان پوئين دفعي ٽيھ ھزار نقد ۽ ٻيو سامان ڦريو ويو. ان کان وڌيڪ شاھ، سنڌين جي رت سان جيڪا راند ڪئي، سا خطرناڪ آھي. کيس، سنڌ جو ايڏو احسان فراموش نه ٿيڻ گھربو ھو. جنھن جيجل کيس جيءَ ۾ جايون ڏنيون ۽ جھوليءَ ۾ امان ڏني. جنھن ديس کيس، مصيبت ۽ ڏک ۾ آٿت ڏني، ان کي پنھنجو ڪيو، پناھ ڏنس، اجھو ڏنس، ان ۾ ھن طرح رت جا درياءَ وھائڻ جو، کرڙي کائي رت، ڀت نه وجھي وات ۾. ۽ ان مادر وطن جي ماروئڙن جو خون چوسڻ نه گھربو ھو. انھن دوستن مير حاڪمن سان، دوستيءَ جي آڙ ۾، دشمني نه ڪرڻ گھربي ھئي. پر انسان پنھنجي لالچ ۽ خودپرستي جي انڌي جنون ۾، الائي ڇا ڇا نٿو ڪري؟ شجاع به سنڌ ۾ اھو ڪجھ ڪيو، جيڪو ھڪ ڌاريو حاڪم ۽ پڪو دشمن پئسي، ناڻي ۽ غلامن ھٿ ڪرڻ لاءِ ڪندو آھي. حالانڪ ھن سان دوستيءَ جو معاھدو ھو. پر سچ آھي ته جڏھن ڪوبه پئسي جي پٺيان لڳندو آھي تڏھن منجھانئس ماڻھپو ۽ انسانيت ختم ٿي ويندي آھي. اھڙن حاڪمن جو ضمير مري ويندو آھي. ھنن مان انساني اوصاف ختم ٿي ويندا آھن. دنوي لوڀ ۽ لالچ، جاھ و جلال، کين معصوم انسانن جي، رت وھائڻ تي مجبور ڪندا آھن.
    شجاع جي اُن ظلمي ڪاروائي، تشدد ۽ آمرانه ھلت چلت کي سنڌ جي عوامي زندگيءَ ۾ نفرت ۽ ڌِڪار جي صورت ۾ ڏٺو ويو. شڪارپور جو عوام کيس اصل پسند نه ڪندو ھو. جڏھن آخري دفعو ھو شڪارپور ۾ آيو، ته ماڻھن سندس شڪل ڏسڻ به پسند نه ڪئي ۽ شھر جي ٻئي دروازي کان نڪري ويا. ھو اسان وٽ ”فساد جي جڙ“ ۽ ”ظلم جو ابو“ سڏيو وڃي ٿو. مرحوم لطف الله بدوي رح لکي ٿو ته ”شاھ شجاع کي، سنڌ جو عوام، شاھ سجاول جي نالي سان سڏيندو آھي. جڏھن ڪو، ڪنھن کي ڏي ڇنڊ ڦوڪ سان ڏسندو آھي ته چوندو آھي ته 'ڄڻ سجاول اچي ويو آھي'. اُتر سنڌ ۾ ھي نالو، ھڪ ڦورو ۽ لُٽيري جي حيثيت ۾ مشھور آھي.“ (شجاع الملڪ- سه ماھي مھراڻ- 1/1980- ص نمبر 188) شاھ شجاع جيئن ته قنڌار جو ھو، ان ڪري اسان جي ”لوڪ ادب“ ۾ به ھڪ بيت ملي ٿو، جنھن مان سنڌي عوام جي زمين جي، انھيءَ ٽُڪري لاءِ نفرت جو اظھار ملي ٿو، جنھن اھڙن انسانن کي جنم ڏنو، جن سدائين سندن جنم ڀومي کي ڏھاڳ ڏنو:-
    جڏھن ڪڏھن سنڌڙي، توکي قنڌارون جوکو،
    سائين ڪري سوکو، وري سُک سري ۾.
    اسان جي ادب ۾ به، شجاع الملڪ جي ڪاھ، ڦرلٽ ۽ تشدد بابت ڪافي مواد ملي ٿو. خاص طرح ته خليفي نبي بخش رحه ته ڪيڏارو چيو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته ”سنڌ جي محبت ۽ وطنين جي جذبي، کيس (خليفي صاحب کي) کرڙيءَ واري واقعي ڏانھن متوجه ڪيو ۽ اھي دلير مرد جي افغانن جي حمله آورفوج سان، آخري دم تائين وڙھندي شھيد ٿيا، تن جي ناموس ۽ سنڌ جي سرفرازي خاطر، سُر ڪيڏارو جوڙيائين. ھن سُر جي شروعات ئي، حمله آور شجاع کي تنبيھ ۽ سنڌ جي باشندن جي سرفرازي ۽ بلنديءَ جي تصديق سان ٿئي ٿي:
    شجاع! سنڌ مَ ويھ، اوڏا اڏي نجھرا،
    ھيءُ تنين جو ڏيھ، حامي حيدر جن جو.
    شجاع! ويھ مَ سنڌ، اوڏا اڏي نجھرا،
    ھتي راوت رند، وتن قلعي ڪوڏيا-
    (خليفي صاحب جو رسالو- مھاڳ- ص نمبر 44)
    آخوند محمد عالم به ھڪ مثنوي لکي ٿو، جنھن ۾ شجاع جي ظلم جو ذڪر ڪيو ويو آھي. ان کانسواءِ آندل فقير ماڇي به بيتن جي صورت ۾ ھڪ ڪتاب جوڙيو آھي، جنھن ۾ شجاع جي ظلم جو ھن طرح احوال لکي ٿو:
    چڙھيو ڪٽڪ ساڻ قنڌار مئون، رکي دور ڌيان،
    اچي لوڙيا لشڪر سان ڪندو، ويو ڪنبي ڪوھستان،
    تنھن ظلمي زمستان مئون، ڪيو تابئون تابستان،
    تڏھن سنڌ ۾ سخت سريس ٿي ويو، دھلي جڳ جھان،
    جھاڳيو بر بئبان، اچي ظلمي زيادتيون ڪيون-
    (وکريل موتي- جناب عطا محمد حامي، ص نمبر 74)
    مطلب ته شجاع الملڪ جي ھنن ڪاھن، سنڌ جي تاريخ ۽ ادب ۾ اڻ مٽ نشان ڇڏيا آھن، جنھن مان اسان کي ھن غنيم ۽ ڦورو حاڪم جي بربريت ۽ حيوانيت سان گڏ، سنڌ جي لائق فرزندن جي انھن قربانين جو به ڀلي ڀت پتو پوي ٿو، جن سنڌ جي مٽيءَ جي لڄ لاءِ، سِرن جا سودا ڪيا ۽ انھن ئي غريب ۽ پورھيت سوڍن، شجاع کي سنڌ مان تڙي ڪڍيو، جن لاءِ خليفي صاحب چيو ته:

    پرھ جھليندا پَس، عام طوق امير جا،
    ڌڙ ڌرتين گڏيا، لوٿون لُڇن لس،
    حُورون پائي ھَس، اچي ويٺيون اوڏڙو.


    انگريز (1843ع)

    اولھ سج نه اُلھي، متا ٿئي اوير،
    ميڙي ويندءِ ”مغربي“ تاريڪي ۾ تير،
    ڇڏي ويندءِ ڇپرين، ڍونڍن سندا ڍير،
    مدد ڏين ٿا مام ۾، سا ٿيڪي مٿير،
    وجھ اٿئي، وِجھ پاڻ ۾، ھيڪڙائي جي ھير،
    ناسودي ناخير، نپٽ پوءِ نابود ڪر.
    (سچل سرمست رحه)

    آخرڪار مسٽر فيلن، ڪرنل پئٽل، ميجر ريڊر ۽ ٻين ڪيترن آفيسرن، گھوڙي سوارن، پيادل فوج جي ٻن پلٽڻين سان قلعي ۾ داخل ٿيا ۽ سموري ملڪيت، جھڙوڪ سون، چاندي، ترارون، توبون، چاقو، خنجر، ڍالون، جواھر ۽ ٻي ھر اھا شيءِ، جنھنجو قلعي سان واسطو ھو، ڦَري ورتيون. قيمتي ڪپڙو، قرآن شريف ۽ ٻيا ڪتاب، گھوڙا، اُٺ، خچر، سون ۽ چانديءَ جا سنج ۽ ھر اھا شيءِ، جنھن جي قيمت ھڪ سُئيءَ کان وڌيڪ نه ھئي، ڦري ورتي. لُٽمار ايڏي ته مڪمل ھئي، جو ڪيترائي قيمتي پٿر، سپاھين جي واسڪوٽن مان ڪري ٿي پيا ۽ ھو اھي بازارن ۾ وڪڻڻ لڳا. انگريزن ساندھ ست ڏينھن، ڦرلٽ جاري رکي، ھو اسان جون کٽون ۽ بسترا به کڻي ويا ۽ سمھڻ لاءِ اسان کي خالي، ميدان ڏيئي ويا. مون کان منھنجا ڪتاب به کسي ورتائون. مرزا خسرو بيگ کي، اسان کان ڌار ڪري، ايڏي ته مار ڏنائون جو ھو بيھوش ٿي ويو. جڏھن کيس ھوش آيو، تڏھن کيس ٻن ڪلاڪن تائين ٻَڌل رکيو ويو.
    (مير نصير خان)
    (روزانه مھراڻ سالگرھ نمبر 1961ع)


    انگريز ھندوستان ۾، واپاريءَ جو ويس پھري داخل ٿيا. ھنن برطانيا ۾، ھندوستان سان واپار لاءِ ھڪ تجارتي ڪاميٽي ”ايسٽ انڊيا ڪمپني“ نالي سان ٺاھي. سن 1600ع ۾ انگلستان جي سرڪار کي منظوريءَ لاءِ درخواست ڏني، جنھن ۾ ڪمپني ھڪ ٺھراءَ جو نقل به حڪومت کي پيش ڪيو، جنھن ۾ ھو ته ”ڪنھن به ذميواري جي ڪم تي ڪنھن ايماندار کي نه رکيو وڃي، ڇو جو ڪٿي، ائين نه ٿئي جو شريفن کي نوڪر رکڻ جي ڪري، ڪمپني جا ماڻھو (حصيدار) شڪ ۾ پئجي نه وڃن ۽ پنھنجي رقم واپس ڪرڻ جي گھُر ڪن. (روشن مستقبل ص نمبر 52) اھڙي طرح ھو مختصر تجارتي جماعت جي، صورت ۾ 31 ڊسمبر 1602ع ۾، ملڪئه برطانيه، راڻي ايلزبيٿ جي ھڪ فرمان موجب، ھندوستان ۾ قدم رکيو. ان مختصر جماعت ۾ 217 ميمبر ھئا ۽ ڪمپنيءَ جي ڏھ لک روپيا مُوڙي ھئي. ھن جو ڪاروبار ھڪ گورنر ۽ 24 چونڊيل ڊائريڪٽرن جي ھٿ ۾ ھو، جي سڀيئي پختـئه ڪار غنڊا ھئا. اھڙن ماڻھن ۾ لارڊ ڪلائيو ۽ وارن ھيسٽنگز جھڙا، ڌاڙيل ۽ رھزن به ھئا. راڻيءَ کين، ايسٽ انڊيز ۾ ھڪ چارٽر موجب واپار ڪرڻ جو پروانو ڏنو. ڪمپني 1612ع ۾ ھندوستان جي حاڪمن کان اجازت حاصل ڪري، احمد آباد سورت ۽ بمبئي ۾، پنھنجا تجارتي مرڪز ۽ ڪارخانا قائم ڪيا. مدراس ۾، سينٽ جارج جي نالي سان، قلعو ٺھرايو ۽ ڪارخانو قائم ڪيو. 1662ع ۾، بمبئيءَ جو بندر به کين ملي ويو. 1715ع ۾ ھئملٽن، فرخ سيد بادشاھ کان ڪلڪتي ۾ ھڪ قلعو ٺھرائڻ ۽ گورا پلٽڻ رکڻ جي اجازت وٺڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. جيئن ته ھو ٻين يورپي قومن مان وڌيڪ حرفتي ۽ چالاڪ ھئا، ان ڪري 1612ع ۾ پورچوگيزن جي ٻيڙي کي سورت وٽ شڪست ڏيئي سمنڊ جا مالڪ بڻجي ويا.
    اھڙي طرح ساري ھندوستان جي واپار تي، سندن قبضو ٿي ويو ۽ سندن ڏينھون ڏينھن ڌنڌو وڌڻ لڳو. 1615ع ۾ ٻن جھازن جو محصول 14 ھزار پائونڊ ڏنائون. ھڪ ھڪ جھاز تي، سندن ھڪ لک چاليھ ھزار پائونڊن جو ھندوستاني مال ھوندو ھو. برنيئر لکي ٿو ته: ”فرنگي واپارين جا جھاز ھر سال، سامان سان ڀرجي، ملايا ۽ اوڀر آفريڪا ڏانھن ويندا ھئا ۽ وڏي تعداد ۾ قيمتي جواھرات کڻي موٽندا ھئا. سورت، گوا، ڪاليڪٽ، سولي پٽم، چٽگانگ، ھگلي ۽ سونار گائون ٻاھرين واپارين لاءِ مشھور ھئا.
    سوٽي ڪپڙو، ڪارا مرچ، نير، آفيم، ريشم ۽ لاک ٻاھرين ملڪن ڏانھن موڪليا ويندا ھئا. سون، قيمتي جواھرات، ڪچو ريشم، گھوڙا ۽ چينيءَ جو سامان، انگريزن جي معرفت ھتي ايندو ھو. (روشن مستقبل، ص نمبر 45)
    انگريزن ھندوستان ۾ قدم رکڻ سان ئي، سنڌ جھڙي سرسبز، خوشحال ۽ آسودي ملڪ کي تاڙي ورتو. ان ڪري ھند، سنڌ سان تجارتي ناتو رکڻ ٿي چاھيو. آڪٽوبر 1613ع ۾ سندن ھڪ واپاري نمائندو نڪولس وٿنگٽن، احمدآباد کان ميرپور بٺوري ۾، نير جي خريداري لاءِ آيو ۽ رپورٽ تيار ڪري کڻي ويو. ساڳئي سال ۾ ڪرسٽو فرنيو بورٽ جي سربراھيءَ ھيٺ، انگريزن جو ھڪ وفد، سنڌ ۾، واپاري فائدي جي جائزي وٺڻ لاءِ، لھري بندر ۾ آيو. مغلن جي نائب سندس آجيان ڪئي، ھن رپورٽ تيار ڪري مٿي موڪلي، جنھن ۾ ھن سنڌ ۾ واپار ڪرڻ جي ھدايت ڪئي. 1615ع ۾ انگريز ڪمپني ٻيھر سر ٽامس رو کي سنڌ ۾ موڪليو. ھن به پنھنجي رپورٽ ۾، سنڌ ۾ واپار ڪرڻ تي زور ڏنو. 26 اپريل 1630ع ۾ ڪمپنيءَ ھڪ ديسي دلال کي، واپاري واءُ سواءُ لھڻ لاءِ سنڌ موڪليو، جيڪو ڪپڙي جون ٻه ڳٺڙيون ۽ نير کڻي سورت ويو. 1635ع ۾، ڪمپنيءَ جو ھڪ جھاز لاھري بندر تي پھتو، جنھن پنج ڏينھن ھت رھي، ڪپڙي، نير ۽ آفيم جو واپار ڪيو. 1635ع ۾، ڪمپنيءَ جو ھڪ تجارتي وفد، سنڌ ۾ وليم فريملين، جان سيلر ۽ رچرڊ موئلي سان گڏجي آيو، جنھن سنڌ ۾ واپاري ڪوٺي کولي. سندن ھيڊ آفيس ٺٽي ۾، ۽ شاخون نصرپور ۽ سيوھڻ ۾ ھيون. ھيءُ مغلن جو دورِ حڪومت ھو. 1647ع ۾ ڪمپنيءَ جا ٻه نمائندا، ھينري گاري ۽ گلبرٽ ھيئرسن، ٺٽي ۾ اچي، پنھنجي تجارت جو بنياد مضبوط ڪرڻ لڳا.
    انھن ڏينھن ۾، سنڌ جا شھر واپار ڪري برک ھئا. ديسي شين کانسواءِ، بازارين ۾ ڪابل، قنڌار، تبريز، اصفھان، ڪشمير، لاھور ۽ ملتان جون شيون به وڪامنديون ھيون. انگريز بندر تي لھڻ شرط، غريب ۽ اٻوجھ عوام کي ٺڳڻ لاءِ، انھن ۾ نقد پئسا ورھائيندا ھئا. سنڌ جون شيون سستيون ۽ ساديون ھونديون ھيون، پر ڪمپنيءَ جون آندل ولايتي شيون مھانگيون ۽ ڪاريگريءَ جي نئين نموني موجب ھتان جي رھاڪن لاءِ عجيب ھيون. مثلاً: گرم ڪپڙو، نباتون، چيني ۽ شيشي جو سامان، آرسيون، واچون، گھڙيال، وڍ ٽڪ جا اوزار ۽ بارود جا ھٿيار. سندن واپاري پاليسي سنڌ کي ڦُرڻ ھئي، ان ڪري ھو غريب سنڌي ڪورين کي، اڳواٽ پئسا ڏيئي زيربار ڪري، سندن تيار ڪيل سمورو ڪپڙو، زوريءَ سستي اگھ تي کڻي ويندا ھئا، حالانڪه اھو تيار ڪيل ڪپڙو، ولايت ۾ سٺ سيڪڙو منافعي سان وڪامندو ھو. اھڙيءَ طرح ھو سنڌي ڪاريگرن تي، ظلم ڪري پنھنجي گودڙي ڀرڻ لڳا. 1662ع ۾ ھنن سنڌ ۾ واپار جي ڪوٺي بند ڪئي. ان عرضي ۾ ھنن 250، 400 ڳٺڙيون ڪپڙي، سُٽ ۽ ڇيٽن جون بمبئي ۽ سورت روانيون ڪيون. 1635ع ۾، 6 ھزار ٿان، 1656ع ۾ ويھ ھزار ۽ 1668ع ۾ ڇھ ھزار ٿان ڪپڙي جا خريد ڪيا. (تاريخ تمدن سنڌ- مولائي شيدائي، ص نمبر 212) ان زماني ۾ سنڌ جي ڪپڙي جي ولايت ۾ وڏي مقبوليت ھئي. انگريز ايجنٽ لکي ٿو ته، ”سوٽي ڪپڙي جي ٻين سڀني ڪوٺين کان سنڌ جي ڪوٺي وڌيڪ اطمينان جوڳي ۽ جاري رکڻ جھڙي ھئي. ان کي سڄي مشرق ۾ تيار ٿيندڙ مال جو ”گل“ سمجھيو ويندو ھو ۽ ٻئي ھر ڪپڙي تي کيس ترجيح ڏني ويندي ھئي. (سنڌ جي اقتصادي تاريخ- مترجم: سراج، ص نمبر 125)
    22 سيپٽمبر 1758ع ۾، سنڌ جي حاڪم غلام شاھ ڪلھوڙي کان، انگريزن ٻيھر، ٺٽي ۾ واپاري ڪوٺي کولڻ جي اجازت گھري. سنڌ جي حڪومت طرفان کين نه صرف ڪوٺي قائم ڪرڻ جي اجازت ملي، پر قلمي شوري جو به کين ٺيڪو مليو. ان کانسواءِ ھنن رعايتن وٺڻ ۾ به ڪامياب ٿي ويا. (سنڌ جي تاريخ- عھد ڪلھوڙا، ص نمبر 54) کانئن صرف ڏيڍ سيڪڙو محصول وٺڻ. (سنڌ جي تاريخ- عھد ڪلھوڙا، ص نمبر 54) ھو جھازن لاءِ سامان بنا محصول جي خريد ڪن. (سنڌ جي تاريخ- عھد ڪلھوڙا، ص نمبر 54) کين جاين ٺاھڻ جي به اجازت ملي. (سنڌ جي تاريخ- عھد ڪلھوڙا، ص نمبر 54) اھا ڪوٺي 1775ع تائين قائم رھي ۽ پوءِ سياسي حالتن جي بدتر ٿيڻ ڪري، ھنن ڪوٺي بند ڪئي. ھن مختصر عرصي ۾ انگريزن ھتان تمام گھڻو ڪمايو. 1764ع ۾ ھنن 38،526 روپين جو مال بمبئيءَ کان ھت آندو ۽ 1254 ڳوڻيون قلمي شوري جون، جن جي قيمت 15884 روپيا ھئي، بمبئي موڪليون. ڪمپني سراسري طرح ڏھ ھزاز مڻ قلمي شورو، سال ۾ خريد ڪيو. غلام شاھ ڪلھوڙو کانئن ھر سال 45 ھزارن جو اوني ۽ ريشمي ڪپڙو خريد ڪندو ھو. ميان نور محمد کي انگريزن 16 بندوقون 33 ھزار و سؤ ۽ نوي روپين ۾، ۽ ڏھ توبون 63 ھزار 8 سؤ 52 روپين ۽ ٽن آنن ۾ وڪرو ڪيون. 1762ع ۾ ڪمپنيءَ کان سنڌ حڪومت 45،417 روپين جو مال خريد ڪيو. 1764ع ۾ ڪمپني بمبئي بندر کان شاھ بندر تي 15،884 روپين جو مال آندو ۽ نيڪال ڪيو. (سنڌ جي تاريخ- عھد ڪلھوڙا ج 2 مولانا غلام رسول مھر ص نمبر 58) اھڙي طرح اڳ ۾ 1697ع کان 1702ع تائين 8 لکن پائونڊن جو مال سنڌ مان ٻاھر روانو ڪيو، جنھن ۾ سنڌ جي ڪپڙي کانسواءِ چوپايو مال، کلون ۽ زرعي جنسون به ڪثرت سان ھيون.
    ٽيون دفعو انگريزن کي 1798ع ۾، بمبئيءَ جي گورنر، لارڊ ويلزلي جي سفارش سان، مير فتح علي خان ڪراچيءَ ۾ واپاري ڪوٺي کولڻ جي اجازت ڏني. ناٿن ڪرو، انگريزي ايجنٽ، ڪراچيءَ ۾ عمارت ٺھرائي، وڏي پئماني تي تجارت شروع ڪئي. ھو ساليانو چئن لکن روپين جو مال نيڪال ڪرڻ لڳا، جنھن ۾ چين جي کنڊ، ملبار جا ڪارا مرچ ۽ ٻيون صنعتي شيون، چيني ۽ شيشي جا برتن، لوھ ۽ ٽين جو سامان وغيره ھيون. مير حاڪم کانئن ھڪ لک ٿان گرم ڪپڙو خريد ڪيو.
    سنڌ ۾ انگريزن جي واپار ڪري، مقامي شين کي ڪاپاري ڌڪ لڳو، ڪاريگر بيروزگار ٿيڻ لڳا. واپار ۾ بد ديانتي وڌي ويئي. ان ڪري واپاري طبقي جا سيٺ ۽ ھنرمند حڪومت جا در کڙڪائڻ لڳا. اھو ڏسي مير فتح علي خان ناٿن ڪرو کي 15 ڏينھن اندر، سنڌ مان نڪري وڃڻ جو حڪم ڪيو. ان اوچتي قدم کڻڻ ڪري، ڪمپنيءَ کي 1،09،659 روپين جو نقصان پيو. (جنت السنڌ- مولائي شيدائي ص نمبر 308)
    انگريزن پنھنجي واپار مان، معلوم ڪيو ته سنڌ زرخيز ۽ خوشحال آھي، ان ڪري ھن تي قبضو ڪري، چڱي طرح کيس ڦُرجي ۽ لُٽجي. دراصل ھو آيا به، سنڌ کي ڦُرڻ ھئا، پوءِ اھو واپار جي صورت ۾ ھجي يا سياسي طرح ھجي. سنڌ ۾ جيڪو به ايلچي پئي آيو، تنھن پنھنجي ھر رپورٽ ۾ ھتان جي دولت جو ذڪر ڪيو آھي. 1613ع ۾ ڪرسٽوفرنيو بورٽ سنڌ ۾ آيو، ھن لکيو ته: ”مغل سلطنت ۾، سنڌ، شاھوڪار ۾ شاھوڪار صوبو آھي.“ 1615ع ۾ سر ٽامس رو لکي ٿو ته: ”سنڌ جي آبھوا، صحت بخش آھي. سنڌ جو نير ۽ ٻيون قيمتي شيون، انگلنڊ لاءِ ڪارآمد ثابت ٿينديون.“ ھڪ انگريز سياح ٿيوناٽ لکيو ته: ”سنڌ ملڪ عاليشان تجارت جو مرڪز آھي. خاص ڪري، ٺٽي شھر ۾، تمام گھڻو واپار ھلي ٿو. ھتان، ھندوستان جا واپاري، مقامي ماڻھن جو ٺھيل، عجيب و غريب شيون خريد ڪن ٿا. ھتان جا ماڻھو، سڀني قسمن جي ھنرن جا بي انتھا ماھر آھن.“ 1809ع ۾، ھينري ايلس، ڪائونسل کي جيڪا رپورٽ پيش ڪئي، تنھن ۾ لکي ٿو ته: ”سنڌ جي سالياني اُپت، اڳ 80 لک روپيا ھئي، جيڪا ھاڻي گھٽجي 42 لک 78 ھزار روپيا ٿي آھي. ڪراچي بندر جي آمدني، ھڪ لک 30 ھزار روپيا آھي. ٺٽي جي سٺ ھزار ۽ حيدرآباد جي سٺ ھزار آمدني آھي. ھت چمڙي جو ڪم سٺو ٿئي ٿو. سنڌ مان چانور، گھوڙا، نِير، مڃٺ، چمڙو، گيھ، لوبان، کستوري، ۽ زعفران ٻاھر وڃن ٿا. سنڌ ھڪ آباد ملڪ آھي، مٿس قبضو ڪري، جي سڌارا ڪبا ته، بھترين آمدني ٿيندي.“ بمبئيءَ جي گورنر کي، لارڊ ويلزلي لکيو ته: ”سنڌ جا ٽالپر حڪمران، ڪابل جي ماتحت ٿي رھڻ کان بيزار آھن. سنڌ ۾ واپار جي ڪوٺي وجھڻ سان، انگريز آسانيءَ سان، افغانين، ايرانين، روسين ۽ فرينچن جي ڪارگذارين کي معلوم ڪري سگھندا.“ 1828ع ۾ جيمس برنس، برطانيا سرڪار کي لکيو ته ”سنڌ بي حساب دولت سان ڀرپور ھڪ نھايت زرخيز علائقو آھي، جنھن تي جاھلن جو راڄ آھي، ان ملڪ جي وڌيڪ جاچ پڙتال ڪرڻ ۽ ان ۾ پير کوڙڻ نھايت ڪارآمد ٿيندو. “ اليگزينڊر برنس لکيو ته: ميرن وٽ بي قاعدي فوج آھي ۽ حيدرآباد جي قلعي ۾، ميرن وٽ ويھ ڪروڙ روپيا آھن.“ انگريزن جي ذھن تي سنڌ جي دولت جو ڀوت، ڪيتري قدر سوار ھو، ان لاءِ سندن قوم جو ھڪ فرد، چارلس ڊيڪي لکي ٿو ته: ”انگريز فوجي بالا عملدار، جڏھن کاڌي جي ميز تي ويھن ٿا، تڏھن اھا گفتگو ڪن ٿا ته: ”فلاڻو نواب يا راجا، مالدار آھي. خاص ڪري ٽالپرن لاءِ چون ٿا ته، وٽن سون ۽ چانديءَ کانسواءِ ڪيترائي جواھرات آھن. سندن چوڻ آھي ته، سنڌ جا بندر اتر ھندوستان ڏانھن، مال پھچائڻ لاءِ مفيد آھن. (جنت السنڌ- مولائي شيدائي ص نمبر 51) خود سر چارلس نيپيئر جو چوڻ آھي ته: ”صدين جي تعليم ۽ تربيت انگريزن جي رھزن فطرت کي بدلائي نه سگھي. ھندوستان ۾ جڏھن به ڪو انگريز، ڪنھن دولتمند ماڻھوءَ يا ڪا عاليشان عمارت کي ڏسي ٿو ته، بي ساخته چئي ٿو ته ڪھڙو نه سٺو شڪار آھي مارڻ لاءِ، ڪھڙو نه سھڻو محل آھي ساڙڻ لاءِ؟ (بحوالہ روزانه مساوات لاھور)
    مذڪوره بالا بيانن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ تي انگريزن جو قبضو سياسي لحاظ کان ڌاڙو ھو. ان وقت سنڌ جي معاشي حالت تي نظر ڪبي ته معلوم ٿيندو ته ھنن جو حريص نگاھون، ان دولت ۽ جواھرات تي ھيون، جيڪي مير حڪمرانن جي گھرن ۾ موجود ھئا. اھوئي سبب آھي جو انگريز ھر وقت ميرن، سان معاھدا ٽوڙيندا رھيا. ھو پنھنجي مفاد لاءِ ھڪ ٺھراءُ ڪري وري ڪجھ وقت کان پوءِ ان کي منسوخ ڪندا ھئا. ان ڪري ئي مير نور محمد خان اول، انگريزن جي ايلچي ايسٽوڪ کي چيو ته، ”فرنگين جي وعدي تي، جيڪو اعتبار ڪري تنھن تي لعنت ھجي. اوھان سھولتن ۽ ضرورتن مطابق تبديل ٿيندا رھندا آھيو. ڇا دوستن ۽ محسنن سان، اوھان وٽ اھڙي سلوڪ ڪرڻ جو دستور آھي. (جنت السنڌ- مولائي شيدائي ص نمبر 515) پر تاريخ شاھد آھي ته انگريز نه دوست ھئا نه سڄڻ ھئا ۽ نه وري گھڻگھرا ھئا. ھنن کي ته سنڌ جو ناڻو گھربو ھو، سنڌ جو پئسو گھربو ھو. ھنن کي ته ھر لحاظ کان ميرن ۽ سنڌي عوام کي ڦرڻو ھو، دوستي ۽ ٺھراءُ ته سندن صرف ڏيکاءُ ۽ ڍونگ ھو. ان ڪري، ھنن پنھنجي ھڪ لاڏلي جرنيل، سر چارلس نيپئر کي ڏھ ھزار فوج ڏيئي، سنڌ تي چاڙھي موڪليو، جنھن اچڻ سان سڀني عھدنامن کي ڦاڙي چيري، رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ اڇلائي ڇڏيو. ھن وڏي واڪي اعلان ڪيو ته ”سنڌ تي قبضي ڪرڻ جو اسان کي ڪو حق نه آھي، پر ان ھوندي به اسين قبضو ضرور ڪنداسين ۽ سچ پچ ته، اسان جو اھو قدم، تمام فائديمند، ڪارائتي ڪميڻپ ۽ بدمعاشي جو ثبوت ٿيندي. (لٽيرا حاڪم- خان صاحب عبدالله چنا ماھوار روح رھاڻ جولاءِ 1969ع) اھڙي طرح ھن 17 فيبروري 1843ع تي، مياڻيءَ جي ميدان ۾ ميرن جي لشڪر سان مقابلو ڪري، سنڌ تي تسلط ڄمايو، پنھنجي سابقه روايت وانگر، سنڌ جي رھاڪن، مُرڪندي وطن تان جان نثار ڪئي. ھو ايڏي ته بھادري ۽ سورھيائي سان وڙھيا، جو دشمن انگريز آفيسر پوسٽنس لکي ٿو ته ”ھو اِئين وڙھيا، جيئن ڪو ماڻھو، پنھنجي اھڙي شيءِ لاءِ وڙھندو آھي جا کيس زندگيءَ کان وڌيڪ عزيز ھجي.“ خود سر چارلس نيپئر لکي ٿو ته ”بلوچ جوڌا، پھرين پنھنجي پستولن ۽ ٽونٽي دار بندوقن سان وڙھيا، پر پوءِ بندوقن ۽ سنگينن جي مقابلي ۾، وڏي دليريءَ ۽ ھوشياريءَ سان ترارون ھلائڻ شروع ڪيائون. (جنت السنڌ- مولائي شيدائي ص نمبر 515) ھن جنگ ۾، سنڌ جي باشندن، انگريزن خلاف، پنھنجي آزادي جي بقاءَ، وطن جي سالميت ۽ ڌرتيءَ سان محبت جو جيڪو عظيم مظاھرو ڪيو، انجو مثال قومن جي آزاديءَ جي تاريخ ۾ ھڪ انفراديت جو حامل آھي. انگريزي فوجن ميدان جنگ ۾ جيڪو مال اسباب بلوچن ڇڏيو ھو سو، کنيو ۽ توبخاني کان سواءِ تنبو به ڦريا ۽ ٻين کي باھ لڳائي ڇڏي.
    ھن جنگ کانپوءِ نيپئر سڀني ميرن کي، گرفتار ڪري، ريزيڊنسي جي ڀر ۾، ھڪڙي جاءِ ۾ نظربند ڪري، مٿن پھرو بيھاري، ٻن پلٽڻين کي ساڻ ڪري، حيدرآباد جي قلعي ۾ داخل ٿي، اھا عظيم ڦرلٽ ڪئي، جا دنيا جي تاريخ ۾ ياد رھندي ۽ انگريز قوم جي انسان دوستي، حيوانيت، درندگي، وحشانيت، مطلب پرستي ۽ زرپرستيءَ جو ثبوت ڏيندي. ان ڦر جو تفصيل مورخن جي لفظن ۾ پيش ڪريان ٿو ته جيئن سنڌ وارن کي ”دوست“ لفظ جي خبر پئجي سگھي.
    انگريزي سياسي ايجنٽ ايس- ٽي وڪ لکي ٿو ته ”نيپئر اول، مير ڪرم علي خان جي، زنانه خاني ۾ داخل ٿيو ۽ مرزا خسرو بيگ سان، بدسلوڪي سان پيش آيو ۽ ان کان سڀ قيمتي شيون ڦريائين، مير ڪرم علي خان جي زنانه خاني مان، ھن اٽڪل 15 لکن جي قيمت جو سامان ڦريو. مير صاحب جي عورتن اھا حالت ڏسي، کيس چوائي موڪليو ته، ھو کين پالڪي گھرائي ڏي ته ھو، ڪپڙن جا ٽي جوڙا کڻي نڪري وڃن، پر صاحب انڪار ڪيو ۽ منشي علي اڪبر سان گڏ، زنانه خاني ۾ زوريءَ داخل ٿيو، اتي جيڪي به زيور، سون ۽ چاندي جا ٿانو، نقد ۽ ڪپڙا ھئا، سي سڀ ڦريا ۽ عورتن جي ھٿن ۽ ڪَنن مان زيور به لاٿا. بدنصيب مائيون، شرم، حيا ۽ خوف کان شھر مان نڪري، حيدرآباد کان 5 ميل پري ڀڄي ويون. ان کانپوءِ ھي لٽيرا مير نور محمد جي گھر ويا ۽ اتي به اھڙي طرح ڌاڙو ھنيائون. اھي عورتون گھرن مان نڪري کٿڙ ھليون ويون. ان کانپوءِ، ھي ڦورو مير صوبدار خان ۽ مير محمد خان جي گھرن ۾ داخل ٿيا. عورتون ويچاريون پنڌ پيادو نڪري ويون. ظالمن سندن زيور لاھي ورتا. مير فتح علي خان کان زوريءَ ڪپڙن جا ٻه وڳا ڦريائون. مير صوبدار خان جي گھر جي ھڪڙي عورت جا ڀڄڻ وقت ڪجھ پئسا ڪري پيا. جھٽ پٽ، انکي گرفتار ڪري، سندس پئسا ڦريا ويا. ان کانپوءِ ھر ھڪ عورت کي جدا وٺي، انھن جي ھٿن، پيرن، نَڪ ۽ ڪَنن مان زيور لاٿا ويا. ھاڻي عام ماڻھوءَ کي قلعي ۾ وڃڻ جي سخت منع ھئي. مير نور محمد ۽ مير نصير خان جون عورتون، ٻن ڏينھن کان اڃايل ھيون. مير حسن علي خان ۽ مير عباس علي خان، جيڪي قلعي ۾ نظربند ھئا. ھڪ ماڻھو کي پاڻيءَ لاءِ موڪليو، پر جواب مليو ته، نيپئر صاحب جو حڪم آھي ته ”ھر ھڪ پاڻي پيئڻ لاءِ ڪمانڊر جي بنگلي تي پاڻ اچي.“
    آخرڪار نون ماڻھن لاءِ ھڪ مَشڪ موڪلي ويئي. ان ٿوري پاڻيءَ مان، ھڪ ماڻھو جي نڙي به آلي ٿي نه سگھي. ڪجھ ڏينھن کانپوءِ، نيپئر ان جاءِ تي آيو، جتي بيگمون پناھگير ھيون. سپاھين ڪھاڙين سان دروازا ڀڳا ۽ سندن زوريءَ زيور لاٿا. ھڪ عورت، جنھن کي ريشمي شلوار ھئي، ڀڄڻ چاھيو، انکي گرفتار ڪري، سندس ڪپڙا لاٿا ويا. ميان نور محمد خان جي بيوھ گھر واري، ھڪ نوڪرياڻيءَ کي ڪجھ ڪپڙا ڏنا ته، وڪڻي ڪجھ کائڻ لاءِ وٺي اچي، نيپئر جي ڇاڙتي محمد حسن کيس ماريو ۽ ڪپڙا به کسي ورتا. ان کانپوءِ ٻن عورتن کي، در تي بيھاريو ويو، جيڪي ھر ٻاھر ويندڙ عورت کان تلاشي وٺڻ لڳيون. مطلب ته ميرن وٽ جيڪي به شيون ھيون سي سڀ ڦريون ويون. (عبرت ڪدھ- مترجم ضامن ڪنتوري ص نمبر 55- 354)
    مير نصير خان، پنھنجي تباھڪاريءَ جو حال بيان ڪندي لکي ٿو ته ”آخرڪار مسٽر فيلن، ڪرنل پئٽل، ميجر ريڊر ۽ ٻين ڪيترن آفيسرن، گھوڙي سوارن، پيادل فوج جي ٻن پلٽڻين سان قلعي ۾ داخل ٿيا ۽ سموري ملڪيت ، جھڙوڪ: سون، چاندي، ترارون، توبون، چاقو، خنجر، ڍالون، جواھر ۽ ٻي ھر اھا شيءِ، جنھنجو قلعي سان واسطو ھو، ڦري ورتيون. قيمتي ڪپڙو، قرآن شريف ۽ ٻيا ڪتاب، گھوڙا، اُٺ، خچر، سون ۽ چاندي جا سنج ۽ ھر اھا شيءِ، جنھن جي قيمت سئو کان وڌيڪ نه ھئي، ڦري ورتي. لُٽمار ايڏي ته مڪمل ھئي جو ڪيترائي قيمتي پٿر سپاھين جي واسڪوٽن مان ڪري ٿي پيا ۽ ھو اھي بازارن ۾ وڪڻڻ لڳا. انگريزن ساندھ ست ڏينھن، ڦرلٽ جاري رکي. ھو اسانجون کٽون ۽ بسترا به کڻي ويا ۽ سمھڻ لاءِ، اسانکي خالي ميدان ڏيئي ويا. مون کان منھنجا ڪتاب به کسي ورتائون. مرزا خسرو بيگ کي، اسان کان جدا ڪري، ايڏي ته مار ڏنائون، جو ھو بيھوش ٿي ويو. جڏھن کيس ھوش آيو، تڏھن ٻن ڪلاڪن تائين ٻَڌل رکيو ويو. (انگريزن جو سنڌ تي قبضو- حنيف صديقي- روزانه مھراڻ سالگرھ نمبر 1960)
    ”تاريخ تازھ نوائي معارڪ“ ۾ آيو ته انگريزن سنڌ جا سڀ خزانا، اوني ۽ نفيس ڪپڙا، بيش بھا ھٿيار، مرصع تلوارون، رومي، خراساني ۽ ميرخاني بندوقون، جواھردار خنجر ۽ ڇريون، ولايتي گھوڙا ۽ اُٺ ۽ بھترين چوپايو مال، زنانه مرصع طلائي زيور، جن جي قيمت لکين روپيا ھئي ۽ ٻه ڪروڙ ٽيھ لک روپيا نقد جيڪي حيدرآباد جي ميرن جي تھ خاني ۾ ھئا، ساري سامان تي قبضو ڪيو. ان کانسواءِ ميرن جي ڪن نوڪرن کي، انگريزن سئو سئو روپيا ڏيئي لِڪل خزاني لاءِ پڇيو ۽ اھو سارو خزانو کوٽي پنھنجي قبضي ۾ آندو. (673 بحواله تاريخ سنڌ ج 2 مولانا قدوسي ص نمبر 607)
    ٽالپر حڪمرانن جي عورتن، ھڪ خط ملڪئه وڪٽوريا جي نالي لکيو، ان ۾ انگريز حاڪم نيپئر جي ظلم ۽ ڦُر جي تصوير ھن طرح چِٽي آھي. ”ٻن سالن جو عرصو گذريو ته، نيپئر حيدرآباد سنڌ ۾، فوج ۽ توبخانو آندو، ۽ اسان جي گھر مان زر، نقد، جواھرات ۽ زيور مطلب ته سڀ قيمتي شيون ڦُري کڻي ويو. ان سان گڏ ھو، اسان جي گھرن ۾ زوري گھڙي، اسان جا سڀ زيور ڦُري ويو ۽ اسان جي لاءِ ڪجھ به نه ڇڏيائين. ٻه سال ٿيندا جو، ھنن اسان کي، اسانجن گھرن ۽ وطن کان جدا ڪيو ۽ اسان کي جھوپڙين ۾، فقيرن وانگر، رھڻ تي مجبور ڪيو ۽ اسان کي گذران لاءِ، ايترو ڏنو جو ھڪ ڏينھن کائڻ لاءِ به ڪافي نه ھو. خدا ئي، اُن مصيبت کي ڄاڻي ٿو، جيڪا اسان کي کاڌي ۽ ڪپڙي جي طرف کان آھي. مڙسن ۽ ٻارن کان جدائيءَ ڪري، زندگي وبال آھي. اسان کي ھر روز ھڪ نئين تڪليف سھڻي پوي ٿي. (عبرت ڪدھ سنڌ- مترجم ضامن ڪنتوري ص 337)
    انگريزن سنڌ تي قبضي ڪرڻ کانپوءِ مير نصير خان، مير فتح علي خان، مير محمد علي خان، مير حسن علي خان ۽ مير عباس علي خان سان گڏ مرزا خسرو بيگ، محمد بچل متعلوي، ديوان ميٺارام ۽ آخوند حبيب الله کي گرفتار ڪري، قيدي بڻائي بمبئي موڪليو. اتي سنڌ جي ھنن حاڪمن کي جيڪي تڪليفون ڏنيون ويون، تن جو ذڪر ڪندي، مير نصير خان لکي ٿو ته ”جھڙا ظلم، اسان تي ٿيا، تھڙا نه ڪنھن ڏٺا نه ٻُڌا. اسان کي گھڙي گھڙي، پئي ستايائون. اسان جن نوڪرن کي، ھٿڪڙيون وجھي، مٿن طرح طرح جا ظلم ڪيا ويا. اسان جي عورتن جي جسمن تان ڪپڙا لاھي کين اگھاڙو ڪيو ويو. تاج ۽ تخت کسيو ويو. مال ملڪيت، زر ۽ جواھر لُٽيا ويا. وطن ڇڏائي، غريب الوطن بڻايو ويو. اسانجا ارڙھن ڪروڙ روپيا نقد ضبط ڪيا ويا. اسان کان ملڪ کسي، اسان جي بي آبروئي ڪئي ويئي. مون کي اھا خبر ڪانه ھئي ته ڪو دوستيءَ جي آڙ ۾، مون تي اھڙا ظلم ڪيا ويندا. اسان کي جيڪا ماھوار، پينشن ملي ٿي، ان مان پورت ڪانه ٿي ٿئي. (مياڻيءَ جي جنگ کانپوءِ- مرزا سڪندر علي بيگ، ماھنامه نئين زندگي فيبروري 1962ع- ص نمبر 28) اخبار ٽائيمس انھن جلاوطن مير حاڪمن جي تصوير، ھن طرح چٽي آھي، ”مير جئين ته، حڪومت جا قيدي آھن، تنھن ڪري انھن کي الڳ الڳ رکيو پيو وڃي. اھي بيحد مايوس ۽ دلشڪن چيا پيا وڃن. ڏک جي ھن گھڙيءَ ۾، ھو ڪابه دانھن نٿا ڪن ۽ نه ڪي وڙھن ٿا. انھن کي ڪابه شيءِ خوش ڪري نٿي سگھي.“
    ھي آھي، سنڌ ۾ انگريزن جي ظلمن ۽ لُٽمار جو داستان. زر ۽ جواھرات کانسواءِ، اٽڪل ڏھن لکن پائونڊن جيترو خزانو فرنگين کي قلعي جي ڦُر مان ھٿ لڳو. صرف نيپئر کي ستر ھزار پائونڊ حصي ۾ مليا، ان کانسواءِ فوج جي ھر سپاھي ۽ آفيسر کي به، انعام ڏنا ويا. انھن انگن اکرن مان تمام ٿورا ھيٺ ڏجن ٿا، جن مان خبر پوي ٿي ته ڪيترن سورھين ھتان جي ”حلال مال“ مان جاوا ڪيا.

    22 :::: نمبر رجمنٽ مان:::: 649 سپاھي ۽ آفيسر
    9 نمبر گھوڙي سوار مان 492 =
    بمبئي واري پھرين ۽ ٻي بٽالين مان 225 =
    گوله انداز توبخاني مان 151 =
    پھرين نمبر برگيڊ مان 668 =
    بمبئيءَ واري فوج جي 12 نمبر مان 739 =
    بمبئيءَ واري فوج جي 21 نمبر مان 005 =
    بمبئيءَ واري فوج جي 25 نمبر مان 803 =
    سنڌ ھارس مان 253 =
    جنرل اسٽاف مان 013 =
    نيپئرس مائنرس مان 062 =
    وارنٽ آفيسرس مان 004 =
    پوءِ پيش ٿيل درخواستن تي 105
    ڪل انعام يافته 4731 (مياڻي جي جنگ، محمد دائود بلوچ، ماھنامه زندگي- فيبروري 1969ع)

    ھن ڦُرلٽ جي قصي مان معلوم ٿئي ٿو ته دنيا جي ھيءَ ”مھذب“ ۽ ”منصف“ قوم ڪيڏي نه وحشي ۽ درنده ھئي. نيپئر جي لفظن ۾ صدين جي تعليم ۽ تربيت، ھنن جي رھزن فطرت کي بدلي نه سگھي. خود سندن اڳواڻ نيپئر کي سندن ڀاءُ ”شيطان“ سڏيو آھي. دنيا ۽ دولت کي، ھٿ ڪرڻ سان گڏ، ھن ذليل قوم، ھِتان جي عوام ۽ حاڪمن کي جيڪو ذھني ۽ نفسياتي عذاب ڏنو، اھو ڪڏھن به وساري نٿو سگھجي. ھڪ انگريز مورخ ”ڪمپني جي حڪومت“ ۾ لکي ٿو ته ”سنڌ لاءِ برطانوي حڪمت عملي، ھڪ آزاد ملڪ کي غلام بڻائڻ لاءِ، سازشن جو فرضي داستان بڻائي، صرف ھڪ فوجي آفيسر جي ٿورين خواھشن جي پورائي لاءِ لکين انسانن کي، ڳڀي کان محروم ڪرڻ ھو. حيدرآباد جي شاھي محلن کي، جنھن بي دردي ۽ بي رحميءَ سان ڦُريو ويو، ان جو مثال، چنگيزي ڪارنامن جي، ياد تازي ڪرائي ٿي. شاھي حرم کان جواھرات جو ڦُرڻ ته ھڪ لازمي امر ھو، پر صرف ڪپڙن لاءِ، عورتن کي اگھاڙو ڪرڻ، انساني ذلت جي انتھا ھئي.“ ساڳئي طرح ھڪ ٻيو انگريز مورخ S.T.Vick لکي ٿو ته ”اي انگلنڊ جا رھاڪو، پنھنجي زندگيءَ جي صدقي، ان قوم جو خيال به ڪريو، جيڪا پنھنجي آزادي بچائڻ لاءِ، تلوار ھيٺان شھيد ٿي. اي انگلنڊ جون عورتون! ھڪ دفعو انھن مائرن، ڀينرن، نياڻين ۽ شھزادين جو تصور ڪريو، جن جا زيور زوريءَ ڦُريا ويا ھجن ۽ کين گھرن مان تڙيو ويو ھجي ۽ ان طرح کين شھر نيڪالي ڏني ويئي ھجي ته جيئن بي گھر، بي سرو سامان، خطرناڪ جبلن ۽ جھنگل ۾ موت جو انتظار ڪن.“ (عبرت ڪدھ سنڌ- ضامن ڪنتوري)
    ھيءَ ته ھئي سنڌ فتح ڪرڻ وقت انگريزن جي ظلم ۽ ڦُر جي ڪھاڻي، جيڪا صرف اتي ختم نه ٿي ٿئي. پر تاريخ ٻڌائي ٿي ته ھن عادل قوم، جڏھن ھِت حڪومت قائم ڪئي تڏھن به ھن ملڪ جي مال کي ”قاعدي ۽ قانون“ جي صورت ۾ به ڦُريندي رھي. ھن جيڪي حڪمران، آفيسر ۽ ملازم رکيا ۽ انھن کي جيڪي پگھارون ڏنيون، تن ۾ به ”عادلانه ڦُر“ واري پاليسيءَ کي قائم رکيو. ان وقت سنڌ ۾ وڏا وڏا عھدا گورنر، ڪمشنر، ڪليڪٽر ۽ ڊيپوٽي ڪليڪٽر ھئا، جن جون پگھارون آسمان سان ڳالھيون ڪنديون ھيون. گشت جا خرچ پکا ان کان علاوه ھئا.
    ان وقت اناج جي مَڻن جو اگھ يا گيھ جي سير جي قيمت روپين ۾ نه، پر آنن ۾ ھوندي ھئي، ڪڪڙ جي قيمت ھڪ ٽَڪو ھئي. ان حساب سان، ان وقت جي رپئي ۽ ھِن وقت جي رپئي ۾ وڏو فرق آھي. ھاڻي انگريز آفيسرن جي پگھارن جا نُرخ ڏسو. گورنر جي پگھار 8 ھزار روپيا، ڪمشنر ساڍا پنج ھزار روپيا، ڪليڪٽر 1200 روپيا ۽ ڊيپوٽي ڪليڪٽر 700 روپين کان به مٿي (لٽيرا حاڪم- خانصاحب عبدالله چنا- ماھوار روح رھاڻ جولاءِ 1966ع) ۽ وري ديسي زيردستن جي پگھار ڏسو: ڪاردار 35 روپيا، منشي 15 روپيا، سپاھي 5 روپيا، ۽ پٽيوالو 3 روپيا. ھنن پگھارن رستي به برٽش حڪومت جي پاليسي سنڌ کي ڦُرڻ ۽ لُٽڻ ھئي ۽ صاف ظاھر آھي ته اھي انگريز آفيسر جيڪي ٻارھوئي گشت ۽ شڪار تي ھوندا ھئا، سندن کاڌ خوراڪ به وڏيرن جي معرفت سنڌي پورھيتن جي ھَڏن مان نڪرندي ھئي، بيگمون به ”صاحب لوڪن“ سان سدائين گڏ ھونديون ھيون، ته ھي ھزارين روپيا اھي ”ٽوپلي وارا“ ڪيڏانھن ڪندا ھئا. تاريخ شاھد آھي ته اھو سنڌ واسين جي ست ۽ رَت وارو چوسيل ناڻو، برطانيه جي ڪارخانن ۽ لنڊن جي روڊن تي خرچ ٿيو. انگلنڊ، پرائي پئسي تي، ترقي ڪري، صنعتي ملڪ ٿي ويو ۽ ھِن ديس کي ڄڻ ته ماڪڙ کائي ويئي.
    خود، انگريز به تسليم ڪن ٿا ته سندن جبر، تشدد ۽ ظلم ڪرڻ جو مقصد ھِتان جي دولت لُٽڻ ھو ۽ اھڙيءَ طرح پنھنجي ملڪ کي معراج تي پھچائڻو ھو، ان ڪري ئي ايسٽ انڊيا ڪمپني، برطانيه جا بھترين غنڊا ۽ سماج دشمن عناصر، ھِت اچي گڏ ڪيا، جن پئسي ڦُرڻ سان گڏ ٻيون جيڪي بداخلاقي ۽ سماجي برايون ۽ بڇڙايون پيدا ڪيون، اھي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ آھن. ھندوستان جي ھر صوبي ۽ ھر علائقي ۾ ھن قوم دنيا، دولت ۽ پئسي کي ھٿ ڪرڻ لاءِ، ھِتان جي ماڻھن کي ڪيڏو نه عذاب ڏنو. سر چارلس نيپئر، ضمير جو آواز ٻڌندي لکي ٿو ته ”ھندوستان کي فتح ڪرڻ جو خاص مقصد صرف دولت ھئي.“ چيو وڃي ٿو ته سٺ ورھين جي مدت ۾، ڏھن ڪروڙ پائونڊن کان به وڌيڪ رقم ھندوستان کان پيڙھي حاصل ڪئي ويئي آھي. انھيءَ رقم جو ھڪ ھڪ شلنگ، اتي جي بي گناھ ماڻھن جي خُون مان ڪڍي، انھيءَ کي اُ گھي سُگھي، خونين جي کيسي ۾ وڌو ويو آھي، پر انھن پئسن کي کڻي ڪھڙي به طرح ڌوئي ڌٻولي صاف ڪريو، انھن تان لعنت جو ٽِڪو ڪڏھن به نه لھندو. (مياڻيءَ جي جنگ جو سياسي ۽ تاريخي پس منظر، مراد علي مرزا، ماھوار نئين 'زندگي' مارچ 1968ع)
    انگريزن جي ھنن وحشي ڪارنامن ۽ سنڌ ۾ ڦُرلٽ ڪرڻ طرف اشارو، اسانجي عوامي شاعر ”سچل سرمست“ به ڪيو آھي، جنھن اسان کي اڳي ئي آگاھ ڪندي چيو ھو ته:

    اولھ سِج نه اُلھي، متان ٿئي اَوير،
    ميڙي ويندءِ 'مغربي' تاريڪيءَ ۾ تير،
    ڇڏي ويندءِ ڇپرين، ڍونڍن سندا ڍير،
    مدد ڏين ٿا مام ۾، ساٿيڪي مٿير،
    وجھ اَٿئي، وجھ پاڻ ۾، ھيڪڙائيءَ جي ھير،
    ناسوري ناخير، نپٽ پوءِ نابود ڪر.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 467
    ڪتابن جو مشاهدو: 397303
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 160522
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ