ڪتاب جو نالو: گذري وئي برسات
مصنف: منظور ٿهيم
ڇپائيندڙ: روشنائي پبليڪيشن حيدر آباد
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 13 مئي 2016 ع
پڙهيو ويو: 2580 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 547 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب “گذري وئي برسات” خوبصورت ليکڪ منظور ٿهيم جو لکيل ناول آهي. هي ڪتاب روشنائي پبليڪيشن پاران 2014ع ۾ ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آهيون محترم منظور ٿهيم جا جنهن پنهنجي ناول جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپنا
  • مهاڳ : 24 سالن کان منهنجو روح ساڻس ڪيڏو نه وابسطه آهي.!
  • سنڌ هڪ راز آهي جنهن کي محبت کانسواءِ سمجهي نه ٿو سگهجي
  • مها ستوا، سان گفتگو
  • محبت دلين جي درسگاه
  • دوستن جي ملاقات ۽ دلين جي قبوليت
  • وجود جو هڪ حصو،پنهنجي ٻئي حصي کي تلاش ڪري وٺي ٿو
  • ڪئمببل اسٽريٽ، تون سڏڪي ڇو رهين آهين؟
  • اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ٿرڊ ڪلاس نيوز
  • بيقرار روح جي آرزو، خدا! منهنجي رهبري ڪر
  • جُھڙ نيڻان نه لهي
  • لياري
  • هڪ مَئين مُسافر بي وطن
  • اگهم ڪوٽ ۽ ريگل چونڪ جي دل، هڪ ئي وقت ڌڙڪي ٿي
  • قدرت جو شاندار انعام
  • ڪراچي
  • هَنس وتي
  • هري شنڪر جو پٽ سڌارٿ
  • رياست عام ماڻهو لاءِ نه فوجي بجٽ لاءِ هجي ٿي
  • ڪميون رواج
  • صوفي مهتاب تَمراڻي وارو
  • سرمستي ۽ شهادت حياتِ روح آهي
  • خدا جي زمين تي رهڻ لاءِ به قانوني ڪاغذ گهرجي؟
  • ڪاڏي وئي جنت الفردوس
  • سنڌ جي ڌرتي، ماءُ پوءِ آهي
  • ماڻهو ٺاهيو خوشي لاءِ ويو آهي
  • پراڻي بس،نوان زخم
  • جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي
  • دز ۾ ويڙهيل شهر
  • ننڍڙي دل جي وڏي محبت
  • گذري وئي برسات
  • بيگم مراد ۽ نئين پاڪستان جو ويزن
  • سنجيده ٿيڻ به خوفائتي شي آهي
  • خالي پيل رتيڪا جي ڪرسي
  • اهو قسمت جو کيل ته نه هو
  • شهه مريد، نه حاني جو ٿي سگهيو نه انقلاب جو

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (141) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب “گذري وئي برسات” خوبصورت ليکڪ منظور ٿهيم جو لکيل ناول آهي.

    هي ڪتاب روشنائي پبليڪيشن پاران 2014ع ۾ ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آهيون محترم منظور ٿهيم جا جنهن پنهنجي ناول جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    ارپنا

    سنڌ جي انهن گمنام هيروز جي نالي. جن پوءِ پنهنجي ڳوٺن ۾ اسڪول قائم ڪرايا. نياڻين جي تعليم جو بندوبست ڪيو. اسپتال ۽ ڌرم شالا قائم ڪيا ۽ ڪنهن طرح پنهنجي روح جي صداقت سان پنهنجي زمين لاءِ ، ماڻهن جي آزادي ۽ خوشي لاءِ جدوجهد ڪندي پنهنجي حياتي پوري ڪئي يا شهيد ٿيا. جنکي ڪو پارٽي پليٽ فارم به نه هو، نه ڪو معاشي آزادي وارو نظريو. هنن کي ته اها به خبر نه هئي، ته انهن کي ياد به رکيو ويندو يا نه. پر هنن کي يقين هو ته ان رستي ئي روشني اچڻي آهي، توڙي جو هو نه هوندا، پر اُنجي باوجود اُها روشنائي ڪڏهن به نه اُجهامندي.

    منظور ٿهيم


    مهاڳ : 24 سالن کان منهنجو روح ساڻس ڪيڏو نه وابسطه آهي.!

    گذري وئي برسات، ناول جيڪو اوهانجي هٿن ۾ آهي، زندگي جي انيڪ حقيقتن ۽ صداقتن سان سرشار آهي.....
    هي انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن، منظور سان منهنجي پهرين ملاقات 24 سال اڳ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي لان تي ٿي. پهرين ئي ملاقات ۾ مونکي ائين لڳو ته مان کيس ڪيترن ئي جنمن کان واقف آهيان. انتهائي شريف، سڀني جو خيال رکڻ وارو، مهاڏو اٽڪائيندڙ، روح جي مستي سان سرشار، کليل دل ۽ جاڳيل ذهن وارو، هي ڄڻ سنڌ جي مِٽي مان ڦٽي نڪتل ماڻهو آهي. 24 سال زندگي جو عرصو ٿورو ناهي پر ان سموري عرصي دوران اسان هڪ لمحو به هڪٻئي کان اوجهل ناهيون رهيا. زندگي ۾ ڪيڏا ور وڪڙ آهن، پر اسان هميشه سڌي رستي هلندا رهياسين. مان ائين محسوس ڪيان ٿو ته 24 سال گذرڻ جي باوجود، اڄ به منظور سان ڄڻ ان ئي لان تي ويٺو آهيان. شايد ماڻهن جو گهڻو ڪجهه بدلجي ويو هجي، پر اسان لاءِ ڪجهه به ناهي بدليو. بدلاءُ زندگي جي علامت آهي، پر انسان جو انسان ڏانهن بدلاءُ ٻج جي داڻي وانگر هجي ته اهو بدلاءُ زندگي جو روپ وٺي ظاهر ٿئي ٿو. فني مامرن کان هٽي ڪري، مان هتي ناول جي روح تي ضرور لکڻ چاهيندس. ڇو ته ڪُجهه ڪتابن ۾ لکندڙ ۽ پڙهندڙ جي دل ڦٿڪندي محسوس ٿيندي آهي ۽ دل جو ڦٿڪڻ روح جي سجاڳي کانسواءِ ٿي نه ٿو سگهي. ناول پڙهڻ کان پوءِ ڪميونسٽ تحريڪ، ڌرتي، ڌرتي جي ماڻهن، ماڻهن جي روين، رشتن، پيار محبت، جدوجهد، اڻ ٿڪ محنت، تڙپ ۽ رياست کي صحيح طرح سان سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. ناول جا ڪردار هڪٻئي سان ائين اٽيج آهن جو پڙهندڙ ائين گمان ڪري ٿو. ته هي ڪردار هڪٻئي کان الڳ ٿيندا ته زماني جي تيز طوفان ۾ اڏري ويندا. ۽ بلڪل سائره، شهه مريد ۽ حاني سان ائين ٿيو به.
    ناول جا مُک ڪردار سنگهار، اُرميل، فيروز، شهه مريد، ۽ تيرٿ زندگي جي بي ترتيبين کي ترتيب ڏئي ائين سمجهائن ٿا، ڄڻ اسانجي ڀر ۾ ويٺا آهن. بلڪه هي سنڌ جو روح آهن. سنڌ جي مٽي جي خوشبو آهن. هر هڪ ڪردار پنهنجي زندگي جي سمجهيل مقصد خاطر اڳيان وڌي ٿو. زندگي کي ڏکين حالتن ۾ به جيئي ٿو. جيئڻ جو هر جتن ڪري ٿو. مايوس ٿيڻ بجاءِ حق سچ لاءِ وڙهي ٿو ۽ کلندي کلندي قربان به ٿئي ٿو. ڇو ته هو وسيع زندگي کي گذارڻ جا قائل آهن. تنگ زندگي ۾ هو گهٽن محسوس ڪن ٿا.
    دنيا ۾ اٿاهه بيچيني ۽ پريشاني جو سڀ کان مُکيه ڪارڻ انسان جو پنهنجي سامهون صحيح مقصد نه رکڻ آهي. زندگي جو ٺيڪ مقصد معلوم ڪرڻ لاءِ انسان کي پنهنجي شرير روپي گرنٿ (انساني اندروني ڪتاب) کي پڙهڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته سڀ ڪتاب ۽ علم انهي انساني ڪتاب مان نڪتا آهن. انساني وجود سڀني ڪرشمن جو سرموڙ ڪرشمو آهي. جيڪڏهن انسان جي اندروني اک (Third Eye of Wisdom) کُلي پوي، ته هو سچ پچ هري جو مندر (True Temple of God) ٿي پوي.
    اصل راز انسان جي اندر آهي. ڪتابن ۾ صرف انهي راز جو ذڪر آهي. انسان کي علم آهي ۽ هو باخبر آهي پر ڪتابن کي خبر نه آهي ته هُو ڇا آهن. انسان آڳو پيڇو سوچي سگهي ٿو، پر گرنٿ پوٿيون (ڪتاب ڊائريون) نه. عام ڏٺو ٿو وڃي ته سنساري لوڪ ڪرم ڪانڊ (شريعت) کي پرماتما (خدا) کان به وڌيڪ اهميت ڏين ٿا. انهن جي نظر ۾ ڌرم (مذهب) جو مطلب آهي گرنٿن پوٿين (ڪتابن، ڊائرين) تي يقين ڪرڻ, جڏهن ته الله جا ولي، صوفي ۽ پراچين مَها پُرش جا جيون انسان جي اصلي مقصد يعني اندروني اک (Third Eye of wisdom) تي زور ڏيندا رهيا آهن. سو اڄ دنيا هڪ چڱو خاصو جيل خانو بنجي پيو آهي ۽ جيڪي ماڻهو انالحق جي ڳالهه ڪن ٿا ۽ انسان جي اندر جي دنيا کي روشن ڪرڻ جي ڳالهه ڪن ٿا. ڏوهي سمجهيا وڃن ٿا.
    اڄ ڪلهه سماجڪ ۽ معاشي ڌرمن جي ڪمي ڪانهي. ڪمي آهي ته اهڙن انسانن جي جيڪي عالمگير ڌرمن، خاصيتن ۽ ڪردارن جا مالڪ هجن. ڪهڙي شريعت کي ڇڏجي ۽ ڪهڙي کي اپنائجي! ماڻهن جون طبيعتون مختلف ۽ سوچڻ سمجهڻ جا طريقا به مختلف، ۽ هر ڪو پيو سوچي ته منهنجو ئي طريقو ٺيڪ آهي. سنسار (دُنيا) ۾ ويچارن جو ميل ۽ فرق رهندو، سڀني کي هڪ خيال تي آڻڻ مشڪل ٿو لڳي، پر دراصل سڀني انسانن جو پاڻ ۾ روحاني رستو (Divine Link) آهي، جنهن کي دنيا جي ڪا به طاقت ٽوڙي نٿي سگهي. سڀني مشڪلاتن جو هڪڙو ئي حل نظر اچي ٿو ۽ اهو ته روحانيت کي هڪ سائنسي جي روپ ۾ دنيا اڳيان پيش ڪجي. رسمون، رواج ۽ طريقا (شريعت) ڀلي هر ڪنهن جا پنهنجا رهن، پر روحاني سائنس کي هر ڪو عملي روپ ڏيئي ۽ پنهنجي شرير (جسم) جي اندر آتما (روح) کي پرماتما (رب) سان ملائڻ جو تجربو حاصل ڪري. هي تجربو انسان جي ذات کان شروع ٿي، پوري سماج کي اثر ۾ آڻي سگهي ٿو. سرمائيدارانه معاشري انسان جي قدر قيمت مقرر ڪري رکي آهي. ان ڪري به سماج جي هر شيءَ ڄڻ مارڪيٽ جي جنس بنجي وئي آهي.

    ڪتاب پڙهڻ ئي نقطو ناهي. سنت مهاتما (ولي اولياءِ) جنهن نقطي جي ڳالهه ڪن ٿا سو آهي. پريم،
    سڀ ساڌن (طريقا) پريم (پيار) اُتپن (پيدا) ڪرڻ لاءِ ڪجن ٿا. دل ۽ سماج ۾ پريم جي پيدا ٿيڻ سان، رحمتون بارش بنجي اچن ٿيون. جتي پريم نٿو رهي اتان سڀ نعمتون ۽ رحمتون ڪافور ٿيو وڃن. پريم بنان سڀ ڀجن، (حمد وثنا) ۽ بندگي بيڪار بي سوادي رهي ٿي. پريم سنسار جي جان ۽ زندگي جو جوهر آهي. پوترتا (پاڪائي) ۽ سادگي جو سارتت (Essence) آهي. پريم بنا زندگي ويران آهي. پريم آهي آب حيات. جو زندگي کي تازو توانو رکي ٿو. پريم ڪو هَٽ نه آهي. هِن مارگ (رستي) ۾ ته تن من، ڌن ۽ ايمان سڀ پريتم (محبوب) مٿان قربان ڪرڻو پوي ٿو. سَر جو سانگو لاهڻو پوي ٿو.
    اسان ته محبت جي سمنڊ جي هڪ بوند آهيون ۽ انهي سمنڊ سان دشمني ڪري وڙهي رهيا آهيون. ڀلا بوند ڪڏهن سمنڊ سان وڙهي ڪامياب ٿي سگهندي. نه، بلڪل نه. ڪاميابي صرف بوند جو سمنڊ ۾ سمائڻ آهي. جڏهن ته اڄ ڪلهه سڀ ڪجهه غلط ٿي رهيو آهي، بلڪل غلط، هڪڙي ننڍڙي سوچ، ته آئون افضل ۽ ٻيو ادنيٰ ۽ نفرت شروع.
    جيئن جنت ۽ جهنم ٻه عادتون آهن، انسان ۾ ٻئي موجود آهن. جهنم (شيطان) توهان جو پنهنجو ڀٽڪڻ آهي. ۽ جنت به توهانجوئي سڌي رستي تي اچڻ آهي. بلڪل اهڙي طرح سماج به ٻن رخن جو هجي ٿو. معمولي شين لاءِ پاڻ کي ۽ ٻين کي مارڻ يا انهن شين جي پرواه ڪرڻ بنان جاوداني واري زندگي گذارڻ.
    مارڻ، پنڊت، مُلان سرمائيدارن، جاگيردارن ۽ ڦورو ڪلاس جي ٻُڌايل واٽ آهي. جڏهن ته مسرت ڀري زندگي جو سوال انسان جي پنهنجي ذات جي آگاهي سان آهي. پر ڏسو ته درند پرند ۽ چرند وٽ انسان جهڙو عقل ۽ علم ڪونهي پوءِ به انهن جون ضرورتون پوريون ٿي وينديون آهن، پوءِ به اهي جيئندا آهن، نچندا ڪُڏندا ۽ ڳائيندا آهن. پوءِ انسان ڇو ضرورتن جي چڪر ۾ غرق ٿيو وڃي. جنهن کي به جيئڻو آهي ان کي نا مڪمل انتظامن ۾ جيئڻ جو طريقو سکڻو پوندو، ڇو ته انتظام مڪمل ڪرڻ جي چڪر ۾ انسان سڀ ڪجهه وڃائي ويهي ٿو.
    اڄ ڪلهه سائنس جي علم جو بول بالا آهي. اها انسان جي ڪاميابي سمجهي وڃي ٿي، پر ٿورو غور ته ڪيو، توهانجي ڀر ۾ ئي انسان، مڇي جي ڪنڊن جيان ُبک ڪري، ڪريا پيا آهن. هن ناول جي اها ئي خصوصيت آهي، ته هي انسان کي اُن جي قدر قيمت کان واقف ڪري ٿو.

    ڊاڪٽر تيرٿ مالهي

    Tirath70@gmail.com


    سنڌ هڪ راز آهي جنهن کي محبت کانسواءِ سمجهي نه ٿو سگهجي

    مونکي ڪنهن راهب جا لفظ ياد ٿا اچن ته ڀائرو!
    “ انسان جي گناهه کان خوف نه کائو، گناهه جي هوندي به انسان سان محبت ڪريو، ڇاڪاڻ ته اصل دوستي عشق الاهي جو مظهر آهي ۽ لافاني آهي”
    بظاهر ته هي شاندار لفظ آهن. جنهنجو نتيجو به لافاني آهي. پر مون پنهنجي ديس ۾ ماڻهن جي ۽ لفظن جي جنهن طرح تذليل ٿيندي ڏٺي آهي، ان کانپوءِ لفظن تي ته ڄڻ ماڻهو جو ويساه ئي ختم ٿي ويو آهي. سال 1954ع کان اڄ تائين فوجي آمرن ۽ سويلن حڪمرانن، عزيز هم وطنو، پهلي پاڪستان جهڙن ٻين ڪيترن لفظن جي ايتري ته تذليل ڪئي آهي جو ڪنهن به ماڻهو کان انهن لفظن جي اهميت پڇندا ته هنن جون اکيون نفرت مان ڳاڙهيون ٿي وڃن ٿيون. اهي حڪمرانن جا محاورا ۽ لفظ آهن. جن ۾ هاڻ ڪابه جان ڪانهي، احساس کان خالي ۽ کوکلا لفظ آهن، جنهن لاءِ ڪنهن وٽ ڪو تقدس به ڪونهي.
    مون پنهنجي وطن سنڌ جي ڏکارن ماڻهو جو هڪ وڏو ڪلاس جيڪي سنڌ جي خوشحال ۽ پراڻي تهذيب جا وارث آهن، پنهنجي زمين تان بي دخل ٿيندي ڏٺا اٿم. ٻوڏن ۾ مرندي ۽ لاوارث ٿيندي ڏٺا آهن. مذهب جي نالي تي انسان هٿان انسان جو خون ٿيندي ڏٺا اٿم. سرڪار پاران رليف ۽ انڪم سپورٽ پروگرام جي نالي تي بئنڪن جي گارڊن ۽ سپاهين هٿان سنڌ جي اٻوجهه ۽ مسڪين ماڻهن کي ائين لٺيون هڻندي ڏٺو اٿم، ڄڻ ڪي هي انسان نه جانور هجن. هن رياست ڏوهارين، سمگلرن، نسل پرستن، مذهب پرستن، آمرن ۽ فيوڊل کي پاليو نپايو ۽ وري محب وطن، آزادي پسندن جو خون ڪيو. انجي باوجود به ڪو چوي ته گناهن جي هوندي به اهڙن ماڻهن سان پيار ڪيو.
    “اها سڀ لاءِ عجب جي ڳالهه نه هوندي”
    ڪنهن به انسان جي گرد آسودگي ۽ خوشحالي هئڻ جي باوجود به هو مفلسي ۾ رهي ۽ رليف جي نالي تي لٺيون کائي ۽ حقارت واري زندگي گذارڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي، معصوم ٻارن جي خالي هٿن ۾ ڪتاب ڏيڻ بجاءِ فقط پيٽ جي باهه ڏني وڃي ۽ پوري حياتي رڳو ماني لاءِ رڙيون ڪندو رهي، جنهن جي حاصلات لاءِ وري هر قسم جي غلاضت ڀريو ڪم ڪرڻ لاءِ به تيار رهي، عورتن جون دليون موت جي خوف کان هميشه ڀريل رهن ۽ پوري قوم کي ان ڀوائتي حالت ۾ مبتلا ڪيو وڃي ته يقينن اها تشويشناڪ صورتحال آهي. ان حالت ۾ لفظ به پنهنجي قدر وڃائي ويهن ٿا. ليڊر به نظرن کان ڪري پون ٿا. انسانيت جو سچ پچ وڏو الميو هجي ٿو جڏهن انسان جو ويساهه ٽٽي ٿو.
    پاڪستان جي اهڙي تاريخ کانپوءِ ڪهڙو ماڻهو آهي، جيڪو پاڪستان سان پنهنجي والهانه محبت جو اظهار ڪندو. هن ملڪ جو ماڻهو جيڪوغربت جي لڪير کان به غريب تر واري زندگي گذاري پيو ۽ اهڙي مصيبت ۾ ڦاٿل آهي، جتي هي پنهنجي حياتي کي گهليندو رهي ٿو يا وري مرڻ کانپوءِ پنهنجي جان آجي ڪري ٿو. بلڪ هي ماڻهو ته دوکي ۾ رهيا مذهب ۽ نسل جي نالي تي جذباتي پڻي جو شڪار ٿيا ۽ هنن کي نوابن، فيوڊل، ۽ ڪاروباري ماڻهن آزادي جي نالي تي جنت الفردوس جا خواب ڏيکاري اهڙي دوزخ ۾ وڃي اڇليو آهي جيڪا هر طرف کان بند آهي.
    هن ديس جي ماڻهن کي هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ ٻيو فيصلو ڪرڻ گهرجي پاڪستان سان گڏ رهڻ جو نئون سماجي معاهدو ۽ اهو هجي قومن جو حق خود اختياري، ممڪن آهي ته هن ڏکاري ديس جي ماڻهن کي ڪجهه راحت ۽ سڪون حاصل ٿئي. پر مان اها ڳالهه ياد ڏياريندو هلان ڇو ته هي قوم پنهنجي روح جي زخمن کي جلد وسارڻ واري قوم آهي ۽ پيرن، ميرن، وڏيرن تي اعتبار ڪرڻ واري قوم آهي، ڇاڪاڻ ته تاريخ جي رستي آزادي جا موقعا با بار حاصل ناهن ٿيندا، جيئن بنگالين کي تاريخ هڪ موقعو ڏنو، جنهن کي هنن بنگالي نيشنلزم جي نالي تي ضايع ڪيو. ان ڪري خود مختياري جو مطلب سنڌ جي وڏيرن جو راڄ ناهي پر انجو مطلب آهي “سوشلزم”
    هتي مان سوشلزم متعلق اجائي نااميدي جي به ٿوري وضاحت ڪندو هلان . سوشلزم جا خيالات مارڪس پنهنجي ذهن مان تخليق نه سماج کي هلائيندڙ قانون ، طريقه ڪار ۽ سرمائيدارانه پيداوار مان جنم وٺندڙ طبقات ۾ تلاش ڪيا، جنهن جي جي آڌار هن سوشلزم جهڙي شاندار عمارت کڙي ڪئي.
    “سوشلزم سرمائيداري جو نعمل بدل ناهي پر انجي ارتقا جي ئي هڪ شڪل آهي”
    ڪنهن چيو! اهو عجيب ناهي ته سوشلزم جا بنيادي اصول انصاف، مساوات، سماجي انصاف، کي سرمائيدارانه نظام پنهنجا اصول ٺاهي ورتا آهن .
    “ها اهو بلڪل سچ آهي “
    ۽ اهي ملڪ جيئن روس آهي پنهنجن ڪوتاهين ڪري سوشلزم متعلق غلطيون ڪيون ۽ پوئتي رهيا.
    “اهو هڪ طرح سان اڌورو سچ آهي”
    روس پنهنجي انقلاب جي عرصي دوران سوشلزم جي ڇانو هيٺ شاندار ترقي ڪئي. دراصل بحران ته اتان شروع ٿيو ته روسي قيادت انقلاب کانپوءِ هڪ طرف پنهنجي اصول خلاف سختگير ٿيا ته ٻئي طرف سوشلزم کي بند ڳٽڙي وانگر ويڙهي ان جي تخليقي صلاحيت کي متاثر ڪيو. اسٽالن جي بقول ته اها سيڪنڊ ورلڊ وار جي ضرورت هئي، جنهن کي پوءِ پوري دنيا رد ڪيو ۽ ننديو. اسٽالن جي سخت گير روين ڪارڻ سوشلزم جو انسان دوست ۽ جمهوريت دوست چهرو مسخ ٿي ويو .
    “دنيا جون هن وقت به ڪيتريون قومون آزادي جي راه تي آهن “
    بلڪه اهو چئي سگهجي ٿو ته دنيا ۾ سوشلزم جي بنيادي اصول انصاف ۽ برابري عام ۽ آفاقي بنجي ويا آهن، ان اصول کي هٿي يورپ ۾ آمريڪي جارحيت خلاف اهي مظاهرا آهن جيڪي عراق جي حق ۾ امريڪا ۽ برطانيه خلاف نڪتا، دنيا هڪ ڀيرو ٻيهر منظم ٿي رهي آهي ۽ اسان لاءِ به آزمائش آهي ته اسين الله جي زمين تي پکڙيل انسانن کي سوشلزم جهڙي مضبوط عمارت کڙي ڪرڻ ۾ ڪهڙي مدد ڪري سگهو ٿا.
    “هاڻ وري اسان سنڌ جي ماڻهن جي خوشحالي ڏانهن ڏسون ٿا”
    جنهن جي ڪا حد ئي نه هئي، سنڌ جي اُپت تي دنيا جي باقي قومن جو گذر ٿيندو هو، پٽاڻ ته هميشه سنڌ جا بيٺل فصل لٽي کڻي ويندا هئا. راجه ۽ مها راجه ڄورن وانگر سنڌ سان چنبڙيل هئا پر انجي باوجود سنڌ جي زمين ۽ سنڌ جي ماڻهو جي خوشحالي نظر ٿي آئي. سنڌ جي ماڻهو تي هاڻي جيڪا مفلسي آئي آهي ان جي وجهه اسان کي تڏهن سمجهه ۾ ايندي، جڏهن سنڌ جو سفر ڪيون ۽ انهن ماڻهن جو قريب کان مشاهدو ڪيون جن کي محنت ڪندي ورهه ٿي ويا آهن ۽ هر سک کان محروم آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ مون پنهنجي سنڌ جي سفر ۾ ڪيترن ڳالهين سان گڏ اها ڳالهه محسوس ڪئي. جيتوڻيڪ سنڌ جي ماڻهن جي ڳالهين ۽ دليلن ۾ تسلسل نه هو پر سڀ ۾ مشترڪه ڳالهه هي هئي ته
    “رياست يعني حڪومت جو نظام وڏيرن، ذاتين، برادرين ۽ پوليس وٽ آهي”
    “عام ماڻهو جو خدا کانسواءِ ڪو ڌڻي سائين ڪونهي”
    هن احساس پٽاندڙ سنڌ جو ماڻهو شديد ذهني ۽ جسماني اذيت جو شڪار آهي، رڳو غربت ئي هنجو رت نه ٿي پئي، هي ته پنهنجي فرسوده رسمن، روايتي فيوڊل، حقارت آميز روين ۽ پنهنجي زمين تان معاشي، ثقافتي ۽ روحاني طرح بي دخلي جو به شڪار آهي.
    سنڌ جو زرعي نظام سنڌو درياءِ تي آهي، جنهن کي هماليه جي پهاڙن ڪابل ۽ پنجن ندين ذريعي پاڻي ملي ٿو، هن مٿان ڊيم ٻڌا پيا وڃن جنهن سان هن جو وهڪرو سنڌ تائين پهچندي ڌيمو ٿيندو وڃي ٿو. جنهن سان سنڌ جي آبي حيات تباه ٿي رهي آهي. سمنڊ جو، سنڌ ڏانهن اڳتي وڌڻ ڪري زير زمين پاڻي جي سطح وڌڻ ڪري وڏي ماحولياتي تباهي ٿي سگهي ٿي. جنهن سان سنڌ جي ننڍي آبادڪاري، ماهيگري ۽ قڌرتي وسيلا ۽ ٻيلا هر وقت خطري ۾ رهندا. واپار تي وڏين جائنٽ ڪمپنين جو ڪنٽرول آهي ۽ ننڍي ڪاروبار ۾ سنڌي آهي ڪونه، سنڌ جا هنرمند بي روزگار ٿيندا ۽ شهر ۽ ٻهراڙي جو وڏو خال پيدا ٿيندو. هن کان به وڌيڪ تڪليفده حالت اها ٿي سگهي ٿي، ته سنڌ جي آبادي 2035ع تائين ڪٿي وڃي پهچندي جڏهن سنڌو درياءِ کي پاڻي پهچائيندڙ هماليه جو پاڻي به ڊائون اسٽريم تائين پهچي ئي نه سگهي ۽ وچان ئي هضم ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته دنيا هن وقت خطرناڪ گلوبل وارمنگ کي منهن ڏئي رهي آهي جنهن سان زمين جي ماحول ۾ ڪاربن جي سطح تيزي سان وڌڻ ڪري گرمي جو پڌ وڌي رهيو آهي. ماحولياتي ماهر چون ٿا ته گرمي جي ليول ان خطرناڪ حد تائين پهچي سگهي ٿي جو ممڪن آهي ته ايشيا ۾ مَٽي پاڻي جا ذريعه ئي نه رهن يا سخت متاثر ٿين. هي ڳالهه ته مسقبل جي آهي پر حال ۾ ڇا ٿو ٿئي انجو اندازو جنهن کي آهي اهو پريشان آهي ۽ جنهن کي ناهي اهو پاڻ کي تسلي ڏئي چئي ٿو ته
    “مستقبل ڪنهن ڏٺو آهي”
    جڏهن ته مهذب قومون مستقبل تي نظر رکنديون آهن .
    مون پنهنجي هن ناول ۾ ڪيترا ئي غير سلسليوار موضوع کنيا آهن جيڪي پڙهندڙ لاءِ مختلف معنائون ۽ گهرو درد رکندڙ آهن، ناول گذري وئي برسات جا موضوع ڪجهه نوان ته ڪجهه پراڻا آهن، مون لاءِ انهن جي اهميت ان ڪري به آهي ته مونکي ان ۾ پنهنجي سنڌ نظر اچي ٿي، جيڪا سدائين منهنجي ارد گرد رهي آهي. زمين محض رهڻ لاءِ ٽڪرو نه ٿي هجي پر ڪن ماڻهن لاءِ زندگي هجي ٿي. جنهن ڪري به مان ڪڏهن غير جانبدار نه رهي سگهيوآهيان، منهنجو ناول جانبدار آهي، بلڪه دنيا جو هر لفظ جانبدار هجي ٿو. مون پنهنجي ناول ۾ زندگي جي اهڙن ڪردارن کي پاڻ سان ڳالهائيندي ڏٺو آهي جيڪي عام رواجي آهن، جيڪي رستي ويندڙ مسافرن، تاريخي هيروز، بس جي سفر ۾، جوڳين ۽ وقت جي ستايل ڪمزورعورتن جي صورت ۾ مونسان گڏيا ۽ هم ڪلام ٿيا، جيڪي پوءِ مونکي سدائين لاءِ پنهنجي موجودگي جو احساس ڏياريندا رهيا آهن. هنن جي منهنجي دل ۽ دماغ درميان موجود هجڻ ڪري ئي مان ڪجهه لکي سگهيو آهيان.
    مون ڪيترن ماڻهن کي زندگي کان پري ڏٺو. قدرت جي لافاني حسن کان به پري. باوجود انجي جو هو اهڙي حسن ۽ زندگي جي درميان رهندا هئا. هنن سدائين پنهنجي روح کي ڪائنات جي حسن کان سڪايو ۽ پوري حياتي انسانيت سان پيار ڪرڻ جي دعوا ڪرڻ جي باوجود اهو وساري ويٺا ته هنن کي به ڪنهنجي هٿن جو سهارو گهرجي. ۽ اهڙا لمحا گهرجن جيڪي فقط ۽ فقط هن جا ۽ هن لاءِ هجن. هنن ماڪوڙين وانگر لائن ۾ هلندي وساري ڇڏيو ته انسان جيڪو ٺاهيو ئي فقط انهن شاندار لمحن ۽ خوشي لاءِ ويو آهي ۽ اهي قيمتي پل هن لاءِ ڪيڏا اهم ۽ ضروري آهن. انقلاب ۽ پنهنجي ليڊر لاءِ پوري حياتي ارپڻ جي باوجود هنن هڪ لمحي لاءِ به اهو نه سوچيو ته هنن جي به پنهنجي زندگي آهي. هنن جا ٻار آهن هنن جو گهر آهي ۽ هنن جي گرد جيڪي ڪائنات جا رنگ آهن، جنهن جي حسن جي ڪا حد ڪانهي، جيڪا انسان جي روح جي اڏام ۽ صداقت لاءِ ايترو ئي ضروري آهي جيتري انجي جسماني واڌ ويجهه لاءِ خوراڪ، هي ڪنهن به طريقي سان ان سان رجوع ٿيڻ بغير ڪيئن ٿي انقلاب آڻي سگهيا ۽ اهڙي آزادي تي يقين ڪير ڪندو جنهن ۾ انسان اندر کان بيدار ئي نه هجي. روح کان بيداري گهري وصف رکي ٿي. هي اهڙي سجاڳي آهي جيڪا ڪنهن به انسان جي اندر جي اونده کي ختم ڪري ٿي.
    انسان ڪوبه ڪم ڪرڻ ۽ ڪنهن به طرف قدم کڻڻ کان پهرين ان لاءِ ضروري آهي ته پنهنجو من اڇو اجرو رکي. گوتم جي خيال مطابق هو ائين تڏهن ڪري سگهي ٿو جڏهن “ شعلو به ٿي وڃي ته پتنگ به”
    نظريي جي طاقت سان گڏ، انسان جي روحاني طاقت کي به مان ائين سمجهان ٿو، ته هي انسان کي اُجرو ڪري ٿي ۽ انسان هن جي طاقت آڌار آزادي لاءِ اڃان به بهتر ويڙهه وڙهڻ لاءِ تيار ٿي سگهي ٿو. سنسڪرت جي قديم ڪتابن ۾ هڪ حوالو ڏنل آهي ته خاندان جي مفاد لاءِ فرد کي قربان ڪري ڇڏڻ گهرجي، قوم جي مفاد لاءِ خاندان کي، ملڪ جي مفاد لاءِ قوم کي ۽ روح جي خاطر پوري دنيا کي.
    روح جي حقيقت سمجهه ۾ تڏهن ايندي جڏهن اسين جانبدار هجون. اسين پاڻ ڏانهن پنهنجي زمين ۽ ڪائنات ڏانهن جانبدار هجون. اسان جو الميو اهو آهي ته اسان جي جانبداري زندگي جي ننڍڙين ننڍڙين شين لاءِ ته آهي پر وڏن ۽ اعلا مقصدن تي وري اسين غير جانبدار آهيون. ڪمپرومائيز جا شڪار آهيون، Non-controversial آهيون. جيڪا اسانکي هڪ ٻئي کان اوپرو ڪري ٿي، موقعي پرستي لاءِ تيار ڪري ٿي. ظاهر آهي ته انجي نتيجي ۾ ڪو پنهنجي ايمان جي حفاظت ڪري ٿو ته ڪو پنهنجي فرقي جي ته ڪو پنهنجي ملڪيت جي ته ڪو پنهنجي ذات جي. انسان کي ڪيئن هئڻ گهرجي. راحت ۽ خوشي جي ڪهڙي معني هجي ٿي ۽ اها ڪيئن ٿي حاصل ڪري سگهجي. يقينن انهي سوال جو جواب اهڙن ماڻهن وٽ ته نه ٿو ٿي سگهي، جيڪي غير جانبدار ۽ Non-controversial آهن، ڇا ڪاڻ ته روح جي حقيقت جو تعلق طلب سان ناهي هوندو، ارپڻ سان هجي ٿو.
    انسان جي زندگي جو سوال معاشي ئي ناهي پر روحاني به آهي. جنهن کي اسين سدائين نظرانداز ڪندا رهيا آهيون.
    سنڌ جو ماڻهو، ٻنهي طرف کان محروم ٿيندو وڃي ٿو.
    بحيثيت انسان جي اسان ڪو اهڙو ڪم ڄاڻائي سگهون ٿا، جنهن تي اسان فخر ڪري سگهون؟
    سيپٽمبر2010ع جي شام سنڌ جو اتريون پاسو ٻڏو. حڪومت لفظ دهرايا ته ڪچو هميشه ٻڏندو رهندو آهي. 2013ع ۾ سنڌ جو لاڙ ٻڏو، حڪومت هن کي قدرتي آفت چئي پنهنجي جان آجي ڪئي. هن پوري تباهي ۾ عام ماڻهو پنهنجو ڇا وڃايو ان کي اڃان بيان ڪرڻ جي ضرورت آهي. ماڻهو پنهنجي روح کان ٽٽا، ماڻهن پنهنجا گهر وڃايا، ماڻهن جا خواب ٻڏا، ماڻهن جي اکين جو حيا ٽٽو، ماڻهن پنهنجن ناپاڪ نگاهن سان عورتن کي تڪيو، ٻارن جو اسڪول به ويو ته ماءُ جو آغوش به ويو، ڪيترن ئي ڄاول ٻارن جي ارڙي ۽ مليريا ۾ موت ٿي. مون هتي سج جي تيز اس هيٺان گڏ ٿيل اهڙن مرجهايل چهرن کي ڏٺو جن اڃان زندگي کي ڀوڳڻ سکيو ئي نه هو. جيڪي مينهن، ڍڳين ۽ ٻڪرين جي ڀر ۾ ائين ويٺا هئا جو انهن جو پيشاب ۽ ڇيڻن جا ڇنڊا به انهن جي منهن کي ٿي لڳا. هن پوري پسمنظر کي آءُ ان ڪري ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اسين سڀ هاڻ به اهڙي قسم جي زندگي گذاري رهيا آهيون ۽ پنهنجي گرد انهن ماڻهن جي طويل قطار ڏسي رهيا آهيون، جن پوءِ نيچرل ڊيساسٽر جي نالي تي ڪوڙيون سچون رپورٽون ٺاهيون. بيروڪريٽڪ حرفتون ڪيون. سياسي فنڪاريون ڪيون. پنهنجن گاڏين جا ڪرايا چئڻا ڪيا. من گهڙت ڳالهيون ڦهلائي ماڻهن جي حوصلن کي ڪمزور ڪيو ته جيئن انهن جي ڪمزورين مان ڪو فائدو کڻي سگهن. اين جي اوز جي ورڪرن شيڊ جي نالي تي پنهنجا گهر ٺهرايا. حڪومتي ٺيڪيدارن سالن کان اسٽور ٿيل ُسرو لڳل چانور خريد ڪري ماڻهن کي کارايا ۽ ٻيڻا پئسه وصول ڪيا. سياسي ڪارڪن جو جذباتي پڻو امداد مان ملندڙ چانور ۽ گيهه ڪري ماٺو ٿي ويو. ۽ بين الااقوامي امداد جي سياست جي واهيات تقريرن ۾ عام انسان جو آواز دٻجي ويو. مون هڪ ئي وقت انسان جي بي وسي ۽ خود غرضي کي ڏسي پنهنجي اندر ۾ ڪاوڙ ۽ غصي کي محسوس ڪيو ته هي واهيات پڻو جيڪو سنڌ جي عام ماڻهو سان ٿي رهيو آهي. گذريل 63 سالن کان جاري آهي. جنهن ۾ هاڻ تيزي اچي وئي آهي. مونکي هتي اهو واضع ڪرڻ ڏيو ته هڪ ماڻهو جي اڪيلائپ ۽ سڌي طرح انکي زندگي جي ضرورتن ۽ حقن کان محروم رکڻ جي ذميواري ڪنهنجي آهي؟
    آخر هي ملڪ ڪنهنجي لاءِ ٺاهيو ويو آهي؟ جي هي ملڪ عام ماڻهو جي ننڍڙي ٻيڙي کي تارڻ جي به صلاحيت نه ٿو رکي ته پوءِ انجي هئڻ جي به آخر ڪهڙي ضرورت.
    جيتوڻيڪ مون پنهنجي ننڍڙي دل کي اها ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، ته ناول کي طويل سياسي اثرکان بچايان، مون ان لاءِ ڪوشش به ڪئي پر انجي باوجود مان شايد گهڻو ڪامياب نه ٿي سگهيو هجان. مان هتي صرف ايتري گذارش ڪندس ته منهنجن خيالن کي ناول جي ٽيڪنيڪ مٿان قربان نه ڪندا ته توهانجو احسانمند رهندس. هي خيال سنڌ جي اڪثر محروم ماڻهن جا آهن. جيڪي بهرحال منهنجي زندگي ۽ منهنجي لکڻي جو حصو ٿي ويا آهن ۽ باوجود ان ڪوشش جي سنڌ جي ماڻهو جي ان حد تائين رحم جوڳي روئيندر صورت ڏسي شايد مان گهڻو رومانٽڪ به ٿي نه سگهيو هجان. مان جيئن ته اديب گهٽ سياسي ورڪر رهيو آهيان، ان ڪري به منهنجي ناول ۾ انجو عڪس نظر اچي ٿو . پر ساڳي وقت گذري وئي برسات ۾ انسان جا لازوال ۽ لافاني جذبه به آهن ته محبتون ۽ نفرتون به آهن.
    بورجوا ۽ فيوڊل رياستون فوجي بجٽ لاءِ هونديون آهن هن حقيقت کي عام ماڻهو جي زندگي کان ۽ انقلابي تحريڪ کان ٻاهر رکڻ جي معني عوام کي دوکي ۾ رکڻ آهي ۽ ڪو به اديب ۽ سياسي ماڻهو ان کان انڪار ڪرڻ جو ڏوهه نه ٿو ڪري سگهي. ڪو به عوامي اديب ائين نه چاهيندو ته پنهنجي شاعري ۽ لکڻين ۾ ماڻهن کي هميشه غم جي حالت ۾ رکي ۽ انهن حقيقن کان محروم رکي جن کان هي پنهنجي عقل آڌار واقف آهي،
    “عشق ۽ انقلاب کي ممڪن ڪري ڏيکارڻ ئي ته اديب ۽ ادب جي بلندي آهي” بلڪه هي ٻئي زندگي جو ڪنارو آهن، گڏ گڏ رهن ٿا. دنيا جي ٻين شين کان وڌيڪ هنجي طرفداري ائين آهي جيئن مخدوم بلاول جو گهاڻي ۾ پيڙجن ۽ حيرت سان پاڻ کي ڏسڻ. اهڙي ريت ۽ ان رستي بلاول جهڙا لافاني ماڻهو وڃي سگهن ٿا جن ۾ عشق ۽ انقلاب جي جرئت هوندي. اسانجو انتخاب ان کان مختلف رهيو ته ڪو به اديب، شاعر پنهنجن لکڻين ۾ گهڻو وقت زندهه رهي نه سگهندو. هن ئي دور شاه سچل فريد کانپوءِ فيض ۽ جالب کي پيدا ڪيو ته منشي، بخاري، شمشير، نياز ۽ اياز ۽ ٻيا انيڪ ماڻهو به ڏنا آهن. جن ماڻهو جي ڏکن کي ايڊريس ڪيو ۽ دشمنن کان آگاه ڪيو. هي سڀ پنهنجي فڪر ۾ عوامي ۽ جانبدار ماڻهو هئا. هنن ائين ڪري ماڻهن جي دلين ۾ پنهنجي جڳهه ٺاهي، جيڪا دنيا جي ڪنهن به ماڻهو لاءِ وڏو انعام هجي ٿي. سنڌ جي زمين شاندار فصل ۽ شاندار ماڻهو پيدا ڪرڻ ۾ زرخيز آهي. هي سلسلو فطرت جي عين مطابق آهي، پر ڪڏهن اسين جذباتي ٿي چئي رهيا هوندا آهيون ته اهو وقت ڪڏهن ايندو جڏهن سماج جا سمورا ماڻهو پوري آواز سان پڪاري اٿن ته گهڻو ٿيو ۽ همت ڪري پنهنجن وسيلن جا مالڪ ٿيڻ جو اعلان ڪن. منهنجي خيال ۾ انجو نه وقت مقرر آهي نه ڏينهن
    “هي ته اسانجي وابستگي ۽ جانبداري سان ممڪن آهي”
    سنڌ مٿان گذريل ڏهن سالن کان جمهوريت، اسيمبليون، ووٽ جو ڪوهيڙو ڇانيل آهي، هر ماڻهو ان معاملي تي پنهنجي راءِ ڏئي ٿو سرڪاري اديب، سياسي ورڪر، انفارميشن جا ادارا، هر جڳهه تي موجود اين جي اوز جا مئنيجر جيڪي روايتي طرح ماڻهن مٿان اهو تاثر ويهارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته،
    “ جمهوريت ئي سمورن مسئلن جو حل آهي”
    هي ائين ڇو نه ٿا چون ته ماڻهن جون سموريون محروميون ۽ ڀوڳنائون عين ڊيموڪريسي جي فطرت موجب آهن.
    ان متعلق حقيقتن کي بگاڙي ائين پيش ڪيو ويو آهي ته جيئن ماڻهو اهو نه پڇن ته جمهوريت ۾ انهن لاءِ ڇا آهي؟ حالانڪ سنڌي توڙي اردو جي اديبن ۽ دانشورن جون انقلاب ۽ طبقاتي جدوجهد ۽ ڊيموڪريسي لاءِ سنجيده لکڻيون به موجود آهن جيڪي ماڻهن جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهن، پر سياسي تحريڪون شايد اڃان سياسي ميچورٽي کان محروم آهن.
    منهنجو ناول گذري وئي برسات مختلف دور جو سفر آهي جيڪو Fantasy ته بلڪل ڪونهي هن جا ڪردار اسانجي ارد گرد رهن ٿا اسانجي تاريخ ۾ اسانجي حال ۾ به جيڪي پنهنجن حقن ۽ آزادي لاءِ جدوجهد ڪندي نظر ايندا ته ڪٿي فرشتن جهڙا چهرا ڳوڙهن سان تر ٿيل نظر ايندا.
    منهنجي روح کي تسلي هڪ لحاظ کان ضرور آهي ته گذري وئي برسات خالص انسان جي دردن ۽ حوصلن تي مبني ناول آهي. جنهن ۾ اهڙا روزمره جا چڀندڙ واقعا آهن، جيڪي هڪ طرح سان اهو طئي ڪن ٿا ٿه اسانجو سماج ڪيڏانهن پيو وڃي. منهنجي راءِ ۾ اسان پنهنجن لکڻين ۾ تربيت، عام ماڻهو جي راءِ ۽ انجي زندگي جي ڏکويل پاسن کي کڻڻ کانسواءِ ۽ طبقاتي فرق کانسواءِ پنهنجي تهذيب کي ۽ ماڻهن کي ڪيئن ارتقا ڏئي سگهنداسين.
    هي هڪڙي قسم جو محتاط سوال آهي ۽ گهڻن ماڻهن لاءِ کل جهڙو به ته مان اڃان تائين سوشلزم ۽ طبقاتي فرق واري دنيا جي ڳالهه ڪيان پيو. جڏهن ته دنيا سڪڙجي هڪ گلوبل وليج ٿي وئي آهي. دنيا کي طبقن جي فرق ۾ ڏسڻ بجاءِ انکي رفارميٽڪ ۽ ويلفيئر ۾ ڇو نه ڏسڻ گهرجي؟ ماڻهن کي طبقن ۾ ورهائي ڏسڻ مان ڇا حاصل ٿيندو، قومن کي جمهوري آزادي واري راه وٺڻ گهرجي نه ئي معاشي آزادي ۽ انقلاب جي.
    هي سوال درحقيقت غير اهم به ناهن، هنن سوالن جي اهميت آهي ۽ هر روز ڪيترا ماڻهو هنن سوالن تي بحث ڪندي متفق به ٿين ٿا ته اختلاف به ڪن ٿا. پر بهتر ائين ٿيندو ته هنن سوالن کي تاريخ جي پسمنطر ۾ ڏسجي .
    توهان کي ائين نه ٿو لڳي ته ماڻهن جي گهڻائي فاقن کان بچڻ لاءِ محنت ڪري ٿي، ته جيئن پاڻ لاءِ غذا حاصل ڪري سگهي.نتيجن هو پنهنجي محنت جي عيوض تمام وڏي دولت پيدا ڪري ٿو. جنهن سان هڪ مخصوص ڪلاس امير کام امير تر ٿيندو رهي ٿو.
    توهان جيڪڏهن ان ڳالهه سان متفق آهيو ته پوءِ انهن ماڻهن جي شرڪت کانسواءِ آزادي ۽ حق ڪيئن ٿا وٺي سگهجن. جيئن مان خيال ڪيان ٿو ته پنهنجي جدوجهد جو آغاز جيستائين ان اڪثريتي محروم ڪلاس کان شروع نه ٿا ڪيون ته جدوجهد نتيجا خيز نه رهندي جنهن سان پوءِ تحريڪن ۾ شديد مايوسيون پيدا ٿين ٿيون.
    دنيا گلوبلائيز ٿي رهي آهي انجو مطلب ڇا آهي؟
    گلوبلائيزيشن پنهنجي اندر ۾ سامراجيت جو ئي روپ آهي جنهن جو مقصد ڪاروباري آهي، جنهن جو مقصد هائبرڊ ٻج پيدا ڪري زراعت کي پنهنجي زير تسلط رکڻ، اقتصادي ڍانچن کي جائنٽ طاقتور ڪمپنين جي هٿ وڪڻڻ ، پاڻي، بجلي، تيل، ڪوئلو، تعليم، صحت، مواصلات، کي نجي ڪمپينن کي وڪڻي ڏيڻ، هڪ طرف ڊيموڪريسي جي نالي تي فيوڊل، فوج ۽ سرمائيدارنه ڪمپنين کي رعايت ڏيڻ ته ٻئي طرف مذهب جي نالي تي ماڻهن کي تقسيم ڪري انهن جي وسيلن تي قبضي ڪرڻ جو نالو ئي ته گلوبلائيزيشن آهي.
    ان ڪري هڪ ئي وقت ڪيترن محاذن تي وڙهڻ جي ضرورت آهي. هي اسانجي ضرورت به آهي ته وقت جي تقاضا به، پر مان اوهانکي اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته هي ناول هڪ طرح سان هڪڙي اهڙي دور جي عڪاسي به آهي جن جي ڪردارن پنهنجي دور ۾ فقط آزادي ۽ انقلاب لاءِ پاڻ کي وقف ڪيو، جن مان پوءِ ڪيترن شهادت ماڻي ته ڪي سرخرو ٿي نڪتا ته ڪي اڄ به خاموشي سان پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهن. ڪن موقعي پرستي ڪئي ۽ ڇا ڪجهه نه ڪيو جنهن تي ڪجهه به لکڻ کانسواءِ صرف ان ڳالهه کي ويچار ۾ آڻيون ٿا ته اهو مقصد جنهن لاءِ هنن پنهنجي جدوجهد جو آغاز ڪيو پوءِ انجو حاصل ڇا ٿيو؟ ڪاڏي گم ٿي ويا اُهي شاندار ماڻهو جيڪي بلاشبه سڀني کان بلند ۽ عظيم هئا. ڇاڪاڻ ته ڪنهن به انسان ۾ ذات ۽ زمين ڏانهن پاڻ کي ذميوار سمجهڻ جو احساس سڀ کان بلند ۽ عظيم هجي ٿو، جنهن جي هي پرچار ڪندا رهيا، پر جيئن ته هي به عام ماڻهو هئا هنن کان به غلطيون ٿيون، ڇاڪاڻ ته فيوڊل سماج جون خرابيون به ته هڪ ڏينهن ۾ ختم ٿي نه ٿيون سگهن. هاڻ انهن ماڻهن جي غير موجودگي ڪارڻ سياسي تحريڪن تي ملامت ويهي ڪجي ان سان ڪجهه حاصل ته نه ٿيندو.
    ٻئي طرف سنڌ جي ماڻهن لاءِ تشويشناڪ ڳالهه هي آهي ته انهن متعلق منفي رويا پيدا ڪري انهن جي ڪردارڪشي ڪئي ٿي وڃي ته جيئن هڪ جمهوريت پسند هجڻ واري صوبي جا ماڻهو سائيڪالاجيڪل دٻاءُ ۾ رهن ، پر سوال پنهنجي جڳهه تي آهي ته سنڌ جي ماڻهن ڏانهن هي رويا ڇو آهن؟ ان جو اسانکي پنهنجي دل جي گهرائي سان جائزو وٺڻ گهرجي. پنهنجن پيرن سان پاڻ کي لتاڙڻ جو جائزو وٺڻ گهرجي. سنڌ سان پيار جنون ٿي سگهي ٿو پر ان سان وفاداري ان ۾ آهي ته ان جي ڪمزورين کي به ايڊريس ڪجي. سنڌي ماڻهن لاءِ هي تاثر عام ٿيندو وڃي ٿو ته هي سست ۽ ڪاهل قوم آهي، ڪم کان لنوائيندڙ جيڪي تاش جي پتن سان کيڏندي ۽ هوٽلن تي وهندي. چوريون ڪندي ڀتا وٺندي پنهنجو گذر ڪن ٿا. مونکي ذاتي طور تي ڪيترا دفعا اهو به ٻڌڻو پيو آهي ته تون سمجهين ٿو ته هن قوم خلاف ڪو سازش ڪري رهيو آهي. دراصل هن خلاف ڪو به سازش ڪو نه پيو ڪري هي قوم آهي ئي اهڙي. هي قوم ڪڏهن به پاڻ ڏانهن ذميوار ناهي رهي نه جرئتمندانه فيصلا ڪرڻ جي ڪا هن ۾صلاحيت. هي ته پاڻ پنهنجي دشمن آهي. هن خلاف ڪو به سازش نه پيو ڪري، هي پاڻ کي تباه ڪندي پئي وڃي. اتر ۾ عورتن کي ماري واه ۾ ائين ٿا ڦٽو ڪن ڄڻ ُسڪل ڪاٺي هجي. اقليتن لاءِ مصيبت بنيل آهن. هن قوم جا ڪرپٽ سنڌي آفيسر ۽ حڪمران ۽ نسل پرستي کي هوا ڏيندڙ ليڊر، بلڪه هاڻ عام ماڻهو به ائين ٿيندو پيو وڃي، ڇا ڪجهه نه پيو ڪري سنڌي ماڻهو.
    حالانڪ مون سميت منهنجا ڀائر، دوست ۽ استاد مختلف موقعن تي سنڌي علائقن ۾ رهڻ جي وڏي قيمت به ادا ڪندا رهيا آهن. سنڌين هٿان ڦريا ويا آهن، اغوا ڪيا ماريا ويا آهن. عام ماڻهو ته ائين به سوچي ٿو ته سنڌي سماج اخلاقي ۽ سياسي ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي ويو آهي. هتي قانون ڪا معني ڪونه ٿو رکي سنڌي منافق، موقعي پرست ۽ ظالم ٿي ويو آهي، ڪمزور تي چڙهت ڪرڻ وارو ۽ ڏاڍي جي هيٺانهين ڪرڻ وارو آهي.
    هي انسان جون ذاتي ڀوڳنائون ۽ تلخ تجربه آهن ۽ ڪنهن حد تائين درست به آهن. جو انسان جي سوچڻ جو رستو پيٽ کان شروع ٿئي ٿو، پر جي پاڻ ٿوري گهڙي به سوچون ته هي رجحان بحيثيت قوم جي اسانکي ڪيڏانهن وٺي ويندو ۽ ڇا سنڌي قوم ان طرف وڃي پئي؟ جي ائين آهي ته ان جو اسان سڀني کي سنجيدگي سان جائزو وٺڻ گهرجي.
    “يقينن اسان ائين ٿيڻ نه چاهينداسين جيڪو اسان متعلق بيان ڪيو وڃي ٿو”
    پر جي پاڻ راهب جي ڳالهه کي نظر ۾ رکندي سنڌ جي ماڻهن جي ننڍڙن گناهن کي درگذر ڪيون، انهن کي محبت جي نگاه سان ڏسندي انهن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪيون، انهن جي ڪمزورين کان انهن کي واقف ڪيون، ڇاڪاڻ ته اصل دوستي عشق الاهي جو مظهر آهي ۽ لافاني آهي ۽ خدا جو گهر ته انسان جي دل آهي جيڪا يقينن قيمتي آهي.
    “ مان پنهنجي ننڍڙي دل جي صداقت سان چوان ٿو ته ائين ممڪن آهي”
    مان سنڌ ڏانهن ڏسان ٿو، جنهن جي بي عيب اکين ۾ مون هميشه پنهنجن منجهل سوالن کي سلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ حيرت انگيز جواب حاصل ڪيا آهن، اڄ به مونکي شاندار جواب حاصل ٿيو ته .
    “سنڌ هڪ راز آهي جنهن کي محبت کانسواءِ سمجهي نه ٿو سگهجي”
    آخر ۾ هميشه جيان مان پنهنجن دوستن فياض لطيف، ڊاڪٽر تيرٿ، نثار احمد، حيدربخش، احمد سولنگي ۽ رسول بخش سولنگي جو نهايت شڪر گذار آهيان، جيڪي هن پوري مرحلي دوران منهنجا مددگار رهيا. هونءَ به هنن دوستن جون محبتون مون سان هميشه گڏ رهيون آهن.

    حيدرآباد سنڌ 24 آڪٽوبر 2014ع

    منظور ٿهيم manzoorthaheem67@gmail.com


    مها ستوا، سان گفتگو

    ڪراچي،
    ڏينهن. آچر
    سنگهار، صبح سوير جاڳيو. هميشه جيان هن چانهه لاءِ پاڻي گرم رکيو، پنهنجي ڪمري جي دري کولي، روز جيان شهر جي طويل بلند عمارتن کي خاموشي سان پنهنجي جڳهه تي بيٺل ڏسي ٿو ۽ پوءِ نيم روشن آسمان جي عبارت کي پڙهڻ کانسواءِ ڊگها گهرا ساه کڻي ٿو.
    ٻاهر خوشبو سان مهڪيل سرينهه جي وڻ جي ٽارين تي ويٺل پکي ورڊس ورٿ جو ڪو گيت ڳائي رهيا هئا. دري کلڻ جي آواز تي نه اُهي اڏريا ۽ نه وري انهن ٻُولڻ بند ڪيو. هنن ننڍڙن سهڻن پکين جي اڳيان ته هميشه کان ائين ٿئي ٿو. هر صبح دري کُلي ٿي، بنا اجازت هَوائن جا جلوس گهر اندر گهڙي پون ٿا، سنگهار آسمان ڏانهن نهاريندو هنن جو آڌرڀاءُ ڪري ٿو، وڏا گهرا ساه کڻڻ لاءِ ٻه منٽ بيهي ٿو ۽ دري جي ڪانس تي هنن لاءِ اَن ۽ پاڻي جون ڪونڊيون ڀري رکي ٿو.
    جي ڏسجي ته جيئن هر صبح کي پنهنجي عبارت ۽ پنهنجو گيت هجي ٿو، اهڙي طرح هر ماڻهو انفرادي طرح پنهنجي اندر ۾ ويٺل ڪيترن انسانن سان رجوع ٿئي ٿو، پنهنجن مختلف لمحن ۾ انهن سان ڳالهائي ٿو، پنهنجي غم جي شدت کي گَهٽائڻ ۽ پنهنجي روح کي سڪون ڏيڻ لاءِ انهن چهرن کي پنهنجن ڀاڪرن ۾ ڀري ٿو، انهن سان گڏجي سڏڪي ٿو، کلي ٿو ۽ پاڻ کي انهن جي حوالي ڪري انهن جي شاندار گفتگو کي ٻڌڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
    روحاني طرح يا نفسياتي طرح هن حقيقت تي اعتبار ڪرڻو پوندو، ته خاموشي انسان جي اندر کي ٺهراءُ، قابليت، صلاحيت آگهي، راه ۽ روشني ڏئي ٿي. هُن سان گهڻي دير تائين رهندڙ گفتگو کانپوءِ، زندگي جي عبارت وڌيڪ آسان، معنيٰ خيز، اطمينان ۽ مسرت ڀري ٿي وڃي ٿي.
    انسان اُن دوران ڪيترين ئي اهڙين شين کي پنهنجي اندر مان پيدا ٿيندي ۽ پڙهندي ڏسي ٿو. جيڪي سڀ کان وڌيڪ آسان، سمجهڻ جهڙيون ۽ هميشه رهڻ جهڙيون هجن ٿيون. ايستائين جو هڪ موڙ تي هو پاڻ کان پڇي ٿو ته، هي اهو ئي ماڻهو آهي، جيڪو گذريل ڏينهن اَجايون سَجايون ڳالهيون سوچي هٿن مان ٿِي ويو.
    سنگهار هر روز ائين ڪري ٿو. ڪجهه نه ڳالهائڻ جي باوجود هو پاڻ سان گهڻو ڪجهه ڳالهائي وڃي ٿو. هو پنهنجون اکيون هر هر بند ڪري ٿو. قدرت جي وصف تي غور ڪري ٿو. ڄڻ ته گهري سوچ ويچار ۾ هجي.
    در حقيقت هي اتي بيهي سوچي نه ٿو، پر هر سوچ کان پاڻ کي خالي ڪري ٿو. پاڻ کي آزاد ڪري ٿو. ايستائين جو جيڪڏهن ڪير هن کي ڇُهي ته به کيس ڪجهه محسوس نه ٿئي. غير موجودگي واري حالت. جيڪڏهن ڪير پڇيس ته هو ڪهڙي ڳالهه تي سوچي رهيو آهي. ته ڪجهه به ياد نه هوندي ۽ بي خبري جي حالت ۾ هي ائين چوي، ته ڪجهه به نه سوچڻ جي باوجود، خاموشي واري حالت ۾ هن پنهنجي روح کي حيران ڪرڻ جي حد تائين توانو ۽ مسرت ڀريو محسوس ڪيو آهي. ته ماڻهو شايد هن ڏانهن حيرت مان نهاريندي ائين چوي،
    سنگهار اهو ڪهڙو راز آهي؟
    در حقيقت! سنگهار لاءِ اهو راز قدرت جي نظام ۾ پوشيده آهي.
    سرينهه جي وڻ جي خوشبو سان مهڪيل هوا جو جهوٽو ۽ پکين جا پُرسوز آواز پنهنجي فطري رنگن سان رنڱجي ڪنهن عقيدت مند جيان هنجي من اندر گِهڙي اچن ٿا ته ارض قدرت جي دنيا ۾ هي پاڻ کي سڀ کا وڌيڪ خوشنصيب سمجهي ٿو، جنهن کي اهو سڀ ڪجهه ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جو موقعو مليو، سنگهار اُن موقعي جو حصو ٿيڻ لاءِ ته صبح سوير اُٿي ٿو. هِن لاءِ سوير اُٿڻ جو انعام شاندار آهي. هِن کي ائين محسوس ٿيندو آهي ته وقت جيڪوڪيترن تهن ۽ پَرتن ۾ ويڙهيل آهي، هن اڳيان کلنُدو وڃي ٿو يا ڄڻ هو وقت جي پابندي کان آزاد ٿي ويو آهي. هو زمين تي هوندي به پنهنجي موجودگي کان بي خبر ٿي وڃي ٿو. سنگهار اکيون بند ڪري گهرو ساه کڻي ٿو ۽ هميشه جيان هو پنهنجن اکين کي بند ڪري قدرت جي رقص جو حصو ٿي وڃي ٿو.
    اُرميل به جاڳي، هن وال ڪلاڪ ڏانهن ڏٺو ۽ ٻيهر چادر ُمنهن تي وجهي سمهي رهي. پر وري ڪجهه ياد ڪندي چادر ُمنهن تان هٽائي بستري تان اُٿي آرام ڪرسي تي اچي ويٺي.
    اُرميل جي گلابي چهري جي رونق ۽ شادابي اڄ هميشه جيان ساڳي ناهي. اڄ هن جي چهري جو احساس مختلف آهي. سندس نماڻين اکين ۾ حيرت جا ڄڻ انبار گڏ ٿي ويا آهن. هن کي حيرت ان خواب تي آهي، جيڪو ڪجهه ئي گهڙيون اڳ هنجي اکين ۾اوچتو ڪنهن اجنبي جيان آيو ۽ ڪنهن ڏاهي استاد وانگر سندس دماغ ۾ قدرت ۽ انسان متعلق ڪي مضبوط خيال ڏئي ويو. جنهن جو سحر هن مٿان هن وقت تائين طاري آهي.
    انسان، قاعدن ۽ قانونن واري زندگي گهڻي دير تائين گذاري نه ٿو سگهي. فطرت ان کي ائين سمجهائيندي رهي ٿي، جيتوڻيڪ هو مشڪل سان ڪو اسي ورهيه به نه ٿو گذاري جو ڪنهن ُسڪل پَن جيان زمين تي هيٺ اچي ڪري ٿو .
    جي ڏسجي ته ان پوري عرصي دوران هي ڪيترا ڀيرا سماجي قاعدن ۽ قانونن جي ڀڃَڪڙي ڪري ٿو. ابتي رخ ۾ هلندي، ڏٺل، محسوس ٿيندڙ دائرن، مذهب، رنگ، نسل، فرسوده روايتن، رسمن کان پاڻ کي آزاد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ ضرور اهڙين شين کي محسوس ڪري ٿو، جيڪي هن کي نئين طرح سان سوچڻ، سمجهڻ ۽ جيئڻ لاءِ مجبور ڪن ٿيون.
    انسان جي حقيقت ان کان اڳتي ڪجهه به ناهي ته هي ڪائنات جو تمام ننڍڙو حصو آهي. جيڪو هر طرح کان آزاد آهي. هي اها ڳالهه سمجهڻ جي باوجود ته قاعدن قانونن واري زندگي هن کي بزدل، ڪمزور ۽ سمجهوتي باز بنائي ٿي، انجي باوجود هو اهڙي زندگي گذارڻ لاءِ مجبور آهي
    هي ٻين کان مختلف جي زندگي ڪيئن گذاري؟ اهڙن سوالن کان هن پاڻ کي محروم رکي پاڻ لاءِ ڪيتريون حدون ۽ وحشتون مقرر ڪري ڇڏيون آهن، هن پنهن جي روح کي محبت جي احساس کان خالي ڪري، نفرت ۽ هٻڇ سان ڀري ورتو آهي.
    اُرميل، خواب سبب حيران آهي. جيڪو ڪنهن ڏاهي استاد وانگر هن کي ڪجهه اهڙيون شيون ڏيکاري ۽ سمجهائي ويو آهي، جيڪي ڪنهن به انسان جي روح کي جنجهورڻ لاءِ ڪافي آهن، پر ساڳي وقت هوءَ ان سوچ ۾ گهيرجي وئي آهي ته انجي چوڌاري جي دنيا اهڙن ماڻهن جي هجوم سان ڀري پئي آهي، جيڪي هڪٻئي کي مارڻ ۽ ُبڇڙائي واري انداز ۾ هڪٻئي کي تڪليف پهچائڻ ۾ يقين رکن ٿا. جيڪي ڪنهن جو رت وهائيندي به کين ڪا پشيماني ڪانه ٿي ٿئي. جيڪي پنهنجن برتر خيالن، بي معني ڳالهين ۽ ڪمزور ارادن ڪري پنهنجن دلين جا دروازا بند ڪري هڪ ٻئي جي مرڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن.
    سنگهار، چانهه جو ڪپ اُرميل کي هٿ ۾ ڏئي هن جي چهري ڏانهن ڏٺو.
    “توهان رات ڪافي دير تائين پڙهندا رهيا آهيو” سنگهار ڀر ۾ پيل ڪرسي تي ويهندي ارميل کي چيو،
    “رات مون عجيب ۽ حيرت ۾ وجهندڙ خواب ڏٺو” اُرميل، ڪجهه گهڙيون خاموش رهندي، سنگهار کي وراڻي ڏني.
    “خواب اسانجو تعلق ڪنهن ٻي دنيا سان جوڙين ٿا” مون ائين ڪڏهن به ناهي سوچيو، ارميل اتساه مان وراڻيو، پر جيڪا دنيا مون ننڊ ۾ ڏٺي تنهن ته منهنجي سموري جدليات کي ئي تبديل ڪري ڇڏيوآهي، وزيبل ۽ ان وزيبل جي درميان جي سفر کي مون هميشه شعوري ڪوشش سمجهيو آهي، پر هي شعور کان مٿي ڪيئن آهي؟ مونکي ته اها ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه ٿي اچي.؟! ڇاڪاڻ ته خواب ۾ جيڪا حقيقت مون ڏٺي ان ته مونکي مروج جدلياتي سائنس جي اصولن تي هڪ ڀيرو ٻيهر سوچڻ تي مجبور ڪيو آهي، اُرميل چانهه جو سپ ڀريندي نهايت غور ۽ فڪر سان ڳالهائڻ لڳي،
    “خواب اسانجو تعلق ڪنهن ٻي دنيا سان جوڙين ٿا؟” ارميل، حيرت مان ڪنڌ مٿي کڻي سنگهار سان مخاطب ٿي. مان ان سوال کي ڪيئن ٿي رد ڪري سگهان جڏهن ته ڪجهه گهڙيون اڳ ۾ مان ان دنيا جو حصو رهي آهيان. مان ان حقيقت کي مڃڻ لائق سمجهان ٿي ته خوابن جو تعلق انسانن سان پراڻو آهي ۽ هي اسانجو تعلق ڪنهن ٻي دنيا سان جوڙين ٿا”
    “ هي جي ڪنهن ٻي دنيا مان اچن ٿا، ته مان پنهنجي يقين سان چوان ٿي، ته اهڙي دنيا جو وجود آهي، هي محض خواب ناهن، گِهري گفتگو آهي. انهن کي ڪيئن ٿو نظر انداز ڪري سگهجي. هي ته اعتبار ڪرڻ جهڙي ڳالهه آهي. اها گفتگو ڪنهن به شيءِ کان وڌيڪ بي حد پُراسرار ۽ معني خيز آهي.” اُرميل ڪنهن شي کي پنهنجن اکين ۾ ڏسندي ان متعلق ڳالهائيندي رهي.
    “توهان جيڪڏهن جدلي ماديت جي فڪر کي پڙهيو ۽ سمجهيو آهي، ته پوءِ خوابن جي دنيا کي سمجهڻ ۾ ڪا ڏکيائي ته نه ٿيڻ گهرجي.” سنگهار ، اُرميل سان مخاطب ٿيندي وراڻيو.
    “ڄاڻ کان به اڳتي اڻ ڄاڻائي واري ڪيفيت شايد مونجهاري کي جنم ڏئي ٿي” اُرميل چانهن جي ڪپ کي پنهنجن ٻنهي هٿن ۾ پڪڙيندي ڳالهائڻ شروع ڪيو، ائين جيئن ڪو قيدي چار ديواري کان ٻاهر جي دنيا کان اڻ ڄاڻ هجي. خواب شايد ڄاڻ ۽ اڻ ڄاڻائي واري ڪيفيت کي سمجهڻ ۾ مدد ڪندا آهن. جديد ماديت جو فلسفو پاڻي جي سطح تي بيهي انهن شين کي ڏسي ٿو، جيڪي پاڻي جي سطح کان مٿي آهن، پاڻي جي اندر ڪهڙي دنيا آهي انجي ان کي خبر ناهي.”
    “پنهنجي روح ۽ شعور جي محدود حد کي تسلي ڏيڻ لاءِ ته اها ڳالهه صحي آهي. پر جي ڏسجي ته خوابن جي حقيقت، وڌيڪ ُمونجهاري ۾ پوڻ کانسواءِ ڪجهه به ناهي”سنگهار ڪنهن تجربيڪار استاد جيان ڳالهائيندو ويو، خوابن جي ڪا صداقت ڪانهي. هي ته اسانجي بيچين دماغ جي پيداوار آهن، معاشي ناانصافي ۽ غربت ۾ ماڻهو خواب ئي ڏسندا آهن، هنن پويان ڊوڙڻ سان منزل ڏور ٿئي ٿي. ممڪن جي حدن ۾ هلڻو پوندو ۽ گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي سمجهه، شعور ۽ آزادي جي احساس جي آڌار خوشي ۽ اطمنان واري رستي تي هلڻو پوندو. اسانجا خواب اسانکي جيڪو به ڪجهه سمجهائين ۽ ٻڌائين ٿا اهي دراصل اسانجن گذريل واقعن، منظرن ۽ چهرن کي دهرائن ٿا، ان کان اڳتي هنن جي ڪا حقيقت ڪانهي.
    “مان ان ڳالهه کان آگاهه آهيان” اُرميل وراڻيو، خواب اسانجن چهرن ۽ واقعن جا عڪس آهن ۽ انسان کي پنهنجي سمجهه آهر سفر ڪرڻ گهرجي، مان ان ڳالهه سان به متفق آهيان ته، زندگي کي خوابن جي هٿن ۾ نه ٿو ڏئي سگهجي. پر ان کان به اڳتي هي سوال ته زمين اندر ستل ٻج جي حفاظت ڪرڻ وارو ڪير آهي؟
    “هي سوال ته ايڏو ُمنجهيل به ناهي، جو ماڻهن کي سمجهه ۾ نه اچي.”
    “خواب به هر انسان جي اندر ستل آهن، هي جاڳن ٿا جڏهن اسين سمهون ٿا.”
    ٻج جو ننڍڙو داڻو، صبر سان زمين جي آغوش ۾ رهي ٿو. برسات جي انتظار ۾ ۽ هڪ ئي بوند سان قدرت جا لافاني اشارا ڏئي گل ۽ پوءِ رس ڀريي ميوي ۾ بدلجي وڃي ٿو. ڪيڏو طاقتور ۽ مضبوط وڻ ٿي وڃي ٿو. جيڪو پوءِ انسان کي ڇانو به ڏئي ته پيٽ ڀري کائڻ لاءِ به ڏئي ٿو. اُنهيءِ صداقت تي غور ڪرڻ سان، انسان کي شايد پنهنجو مرڪز ۽ مدار سمجهه ۾ اچي وڃي. اسانجو دماغ به ڪنهن ستل ٻج جي ننڍڙي داڻي وانگر آهي. جنهن مٿان پيار جي جڏهن بوند پوي ٿي ته قدرت جا لافاني اشارا ڏئي جاڳي پوي ٿو.” اُرميل، سنگهار سان مخاطب ٿيندي چيو.
    “خواب ننڊ ۾ دهرايل واقعا هوندا آهن. ان کان اڳتي ڪجهه به ناهن.” سنگهار مرڪندي چيو، جي ڏسجي ته خوابن ۾ به طبقاتي فرق هجي ٿو. بي حد غربت ۽ مفلسي واري زندگي گذاريندڙ ماڻهن جا اڌورا خواب، آسوده ۽ ُپر آسائش زندگي گذارڻ وارن کان مختلف هجن ٿا. ڇاڪاڻ ته انهن جا خوابن پيٽ کان شروع ٿين، پيٽ تي ختم ٿين. غربت جي ماريل ماڻهن جا خواب اطاعت، گناهن ۾ ٻڏل ۽ ڇوٽڪاري جي خيال وارا هوندا آهن، جڏهن ته اميرن جا خواب به امير ۽ لذت ڀريا هوندا آهن” سنگهار مذاق ڪندي اُرميل کي چيو.
    “ان ۾ ڪا حيرت جي ڳالهه ناهي، پيٽ ڀريي جا خواب اهڙا ئي هجن ٿا.” اُرميل وراڻي
    “ڪنهن غريب کان پڇندو ته تون خواب ڏسين ٿو ته هي چوندو، جيڪي اکيون گهري ننڊ لاءِ سِڪنديون هجن، انهن جا ڪهڙا خواب. اسين اکيون بند ڪيون ٿا ته ڄڻ گهري اونده ۾ هليا وڃون ٿا” سنگهار جي گفتگو مزاح سان ڀرجي وئي هئي.
    “ها! ائين ته آهي، مختلف شين جو اثر ته اسانجي پوري حياتي تي رهي ٿو. خواب ۽ تصور ماحول مان اُڀرن ٿا. اهي انسان جي تجربن، مشاهدن جي پيداوار آهن. هر اها شيءِ ۽ هر اهو موقعو پنهنجي وضاحت چاهي ٿو جيڪو لمحه به لمحه ماڻهو جي زندگي ۾ اچي ٿو. اسان جا خيال ۽ عقيدا اُن آڌار ئي ته آهن. پر ساڳي وقت اسان فقط پنهنجن قيمتي يادگيرين مان خواب ئي ناهيون ڏسندا پر بي شمار احساسن ۽ جذبن کان به روشناس ٿيون ٿا” اُرميل، پنهنجن خيالن جي وضاحت ڪندي چيو.
    “ها! بلڪل ائين آهي” سنگهار وراڻيو، “جيئن منهنجو صبح ڏاڍو وڻندڙ هوندو آهي. دري کان ٻاهر جي نظارن کي ڏسڻ کانپوءِ، هر دفعي منهنجي حياتي ڄڻ نئون روپ ڌاري ڪنهن ٻار جيان غم جي احساس کان خالي، ڪنهن شاندار خواب جيان لڳي ٿي. خواب منهنجي اکين ۾ پکين، گلن ۽ نيري آسمان جي صورت م داخل ٿين ٿا. مون لاءِ اها ئي حقيقت آهي. (گوتم ٻڌ ) هميشه گلن جو ذڪر ڪندو هو. خواب ۾ به گل ڏسندو هو. هن جي ارد گرد گل هوندا هئا، هُن پنهنجي جواني کان وٺي ٽڙيل، مهڪيل ۽ توانا گل ڏٺا. هُو گلن کان آشنا هو. ان ڪري ئي هُو جڏهن به ڳالهائيندو هو ته گلن جا حوالا ڏيندو هو ۽ چوندو هو، ته قدرت پاران هر طرف ڪيڏي خوشي آهي ۽ سمجهه لاءِ ڪيڏا سبق، ڪيترا رنگ ۽ گل آهن، ڪنهن عمدي ڪتاب جيان”
    “خوابن جي هڪ ٻي حقيقت به آهي” اُرميل سنجيده ٿيندي چيو. اهي عجب راز جيان ماڻهو جي اکين ۾ لهن ٿا. مون لاءِ اهو ڪنهن حيرت کان گهٽ ناهي ته مان اوائلي دور جي هڪ اهڙي طرز جي زندگي جو حصو ٿي وئي آهيان. جيڪا منهنجي وهم گمان ۾ به ناهي.
    هن ڪيفيت ۾ انسان کي پنهنجن عقيدن، نظرين ۽ خيالن تي غور ڪرڻو پوي ٿو. منهنجو مطلب آهي ته اسانجي داخلي دنيا گهري راز جيان آهي. جيئن خوشي ۽ غم جون مختلف ڪيفيتون انسان کي پنهنجي سحر ۾ وٺن ٿيون. بلڪل ان طرح خواب به اُن ٻن ڪيفيتن جو حصو هجن ٿا. هي ڪا وهم پرستي جي به ڳالهه ناهي. جو هر اک خواب ڏسي ٿي. زندگي جو مشاهدو ڪري ٿي ۽ ڌيان ذريعي حيرت ۾ وجهندر منظر ۽ خيال ڏسي ٿي، پر مان پنهنجي ان خواب لاءِ ڇا چوان، جيڪو غم ۽ خوشي کان وڌيڪ سمجهه ڀريو ۽ روح جي صداقت سان ڀرپور آهي.
    “ٺيڪ آهي! پر تون پنهنجو خواب ٻڌائيندي ته پوءِ ئي ان تي ڳالهائي سگهجي ٿو” سنگهار چهري تي مرڪ آڻيندي اُرميل کي چيو.
    اُرميل، خواب جو تفصيل ٻڌائيندي سنگهار کي چوي ٿي،
    “مان پاڻ کي اوائلي دور جي ڪن پراڻين عمارتن جي وچ ۾ ڏسان ٿي. ويڪرا ڪشادا رستا، صاف سٿرا آڳند، انهن درميان مان هلندي وڃان ٿي ته ڄڻ هڪ شهر منهنجي اڳيان کُلندو وڃي ٿو. ديوارن تي شاندار ۽ خوبصورت چٽسالي، مٿان وسيع ويڪرا برج، ٻه تاڪيا ڪاٺ جا دروازا، جن مٿان ويڪري ُمنهن وارا لوهه جا ڪِيل لڳل. انهن جي ڀر ۾ ڏيئي رکڻ لاءِ ديوار منجهه ٺهيل ڏيئا دان، هر گهر ٻاهران نم جا گهاٽا وڻ، جن مان پکين جا آواز نديءِ جي پاڻي جيان پر ُشور آواز ڪندا دل ۾ لهندا ٿي ويا. جهرڪي کان به ننڍڙو پکي بلڪل منهنجي سامهون وڻ جي ٽاري تي اچي ويٺو. هنجي جي ڳلي مان ُسرن جي بارش ٿئي ٿي. هُن ڳايو ٿي ته ڄڻ زمين مان گلاب ٿي ٽڙيا. مون پنهنجي حياتي ۾ اهڙو شاندار آواز ناهي ٻڌو. مون وٽ ان آواز جو ڪو نعمل العبدل ئي ڪونهي، جو مان ان کي ڪنهن ٻئي سان ڀيٺ ڏئي توکي ٻڌايان. شاندار آواز هو. پکي ڳائيندو آسمان ڏانهن اُڏري ٿي ويو. ان ئي جذبي سان آسمان تي ٽڪ هڻي ٻوليندي، زمين ڏانهن ڪرندڙ پٿر جيان سڌو اچي وڻ جي ٽاري تي ويٺو ٿي. هن شاندار منظر کي ڏسڻ کانپوءِ ڪهڙو ماڻهو هوندو، جيڪو قدرت جي هن شاهڪار تخليق تي حيران نه ٿئي. مان پنهنجي دل ۽ دماغ سميت ان منظر ۾ ان قدر گهيرجي ويس جو اک ڇنبڻ کانسواءِ ئي ان پکي کي ڏسندي رهيس. مان اتي اوستائين بيٺي رهيس جيستائين پکي اتي موجود هو. مان اُن خوبصورت لمحي کان تڏهن ٻاهر آيس جڏهن منهنجي نظر بي نام شهر جي خوبصورت عمارتن تي پئي. عمارتون خوبصورت ته هيون پر عجب جي ڳالهه ته مونکي پري پري تائين ڪوبه ماڻهو نظر نه ٿي آيو. ڄڻ ڪي ماڻهو هن شهر کي ٺاهي جوڙي هليا ويا آهن. هنن جي تعميراتي فن مان لڳي ٿو. هي پراچين تهذيب جا مهذب ماڻهو. شاندار صلاحيتن جا مالڪ آهن. مان حيرت ۽ تجسس مان شهر جي تعميراتي فن کي ڏسندي اڳتي وڌندي وڃان ٿي. ڪجهه پنڌ ڪرڻ کانپوءِ هڪ طرف مون ڏٺو ته ڪجهه جانور وحشياڻي نموني هڪٻئي سان وڙهي رهيا آهن. مان انهن کي ُسڃاڻي نه سگهيس ته اهي ڪهڙا جانور آهن، پر اهي جهڙي طريقي سان وڙهي رهيا هئا، انهن جي خوف کان مان اهو رستو ڇڏي اڳتي نڪري ويس. ٻئي رستي جي هڪ موڙ کان هلندي اڳيان مون ڪجهه فاصلي تي سفيد ۽ گهري نارنگي رنگ جي ڪپڙن ۾ملبوس ويٺل ساڌو فقير ڏٺا. جن جا وار ڪلهن تائين وڌيل هئا. جيڪي هوا جي تيز جهوٽي سان اُڏريا ٿي. هنن جون ٻانهون هڪٻئي سان جڙيل هيون ۽ ٽنگون ملائي ائين ويٺا هئا ڄڻ زمين مان ڦٽي نڪتا هجن. مان ان طرف مڙي ويس. هنن کي مون نمسڪار چيو ته هنن مان ئي هڪ جواب ۾ اسلام عليڪم چيو. مون سمجهيو شايد اهي مسلمان فقير آهن. مون وضاحت واري لهجي ۾ هنن کي چيو معاف ڪجو دراصل مون سمجهيو توهان هندو ساڌو فقير آهيو تڏهن مون توهان کي نمسڪار چيو، هُنن چيو اسان سلام جو جواب نمسڪار ۾ ڏيندا آهيون ۽ نمسڪار جو جواب سلام ۾ توهان نمسڪار چيو اسان اسلام عليڪم ۾ وراڻي ڏني، هن شهر جي ماڻهن جو اهو طريقو آهي.”
    “هي ته شاندار طريقو آهي.” مون هنن ڏانهن ڏسندي چيو.
    “هي ڪهڙو شهر آهي” مون هنن کان پڇيو، هُنن مونکي شهر جو نالو ٻڌايو
    هن وطن جو نالو آهي – “سنڌ “
    مان هنن ڏانهن ڏسندي رهيس ۽ هنن سان گڏ زمين تي ويهي رهيس.
    “توهان هي طريقو ڪنهن استاد يا ڪنهن درسگاه کان سکياآهيو؟” مون کانئن پڇيو،
    “قدرت ئي اسانجي رهنما ۽ اسانجي درسگاه آهي.” هنن وراڻيو،
    “قدرت ته خاموشي سان پنهنجو ڪم ڪري ٿي” مون چيو،
    “قدرت ۾ موسيقي آهي، پيار آهي،آگاهي آهي، هتي هرشيءِ پنهنجي قدر قيمت کي سمجهي ٿي، ۽ پنهنجي مدار ۾ رهي ٿي. انسان اسرارن جي تندن سان جڙيل آهي، ڇو ته خدا انسان کي اسرارن جي آڌار رکي ٿو، ته جيئن انسان پنهنجي مدار کي سمجهي سگهي.” هُنن اتساه مان وراڻيو.
    “قدرت اسرارن جو هڪ ٻئي سان جُڙيل سلسلي ۽ توازن جو نالو آهي. هُن پنهنجي گفتگو کي جاري رکندي چيو، جڏهن ته انساني سماج جي گهڻائي اُن سلسلي ۽ توازن جي حق ۾ ناهي”.
    “اها ئي ڳالهه چوڻ لاءِ اسين توسان مخاطب آهيون” انهن مان ڪنهن چيو
    “اسين سڀ اُن حقيقت کان واقف آهيون، پر ڪيترا انسان جيڪي قدرت جي قانون جو حصو ٿيڻ بجاءِ، پنهنجي راحت ۽ طاقت خاطر اُن تي قابض ٿيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ قدرت جي توازن کان ٻاهر ٿيندا وڃن ٿا. زندگي جو توازن ٽٽڻ سان ڪيڏي وڏي تباهي اچي سگهي ٿي، انسان پنهنجي ڌيان ۾ اها ڳالهه نه پيو آڻي!”
    هُنن وڌيڪ چيو، “توکي خبر آهي ته تنهنجي قدمن هيٺان جيڪا زمين آهي، زنده حقيقت آهي ۽ ساهه کڻي ٿي. زمين ڏانهن نهاريندي هن چيو، هي زمين تنهنجي حياتي کي ٺاهي روپ ڏئي ٿي. جيستائين تون آهين تنهنجو روح خوشين سان ڀريندي رهي ٿي. ان جي ساه کڻڻ جو طريقو به بلڪل انسانن وانگر آهي!”
    “ اُها تنهنجي قدمن جي آهٽ کي محسوس ڪري ٿي. اُن جي گفتگو ڌيان سان ُٻڌي سگهجي ٿي. هُن کي ڏسي ۽ محسوس ڪري سگهجي ٿو. هر طرف کان گلن، ٻوٽن، آبشارن دريائن، ندين، هوائن ۽ پکين جي ٻولين ۾. هُن کي به پنهنجو مدار ۽ پنهنجي حقيقت آهي. هيءَ پوري زندگي جاڳندي رهي ٿي ته جيئن توهان سڪون سان گِهري ننڊ سمهي سگهو. هوءَ ائين نه ڪري ته ڪو به جيو زنده نه رهي سگهي .
    پر انسان هن زمين کي ٽڪرن جي صورت ۾ ورهائي پنهنجي طاقت کي ٻيڻي ڪرڻ لاءِ جانور جي حد کان به هيٺ ڪري پيو آهي. پنهنجي بي ضمير روح جي تسڪين لاءِ قتل و غارت ڪري زمين کي هُن رت سان ڀري ڇڏيو آهي. ماضي جي ڀيٽ ۾ جديد دور جو انسان زمين جي وجود لاءِ وڌيڪ خطرناڪ ٿيندو پيو وڃي. انسان جو زمين ڏانهن بي حسي، بي رخي ۽ بي حرمتي وارو رويو اُن کي وقت کان اڳ اوڙاهه ۾ وڃي ڦٽو ڪندي، زمين جون ٻاهون، وڻ وڍي شهرن جا شهر آباد ڪرڻ جيڪي وري روزانو لکين ٽن ڪچرو پيدا ڪري، زمين جي چهري کي مسخ ڪندا تهذيب ۽ ترقي جي نالي تي انسانيت جو بکيو اڊيڙيندا وڃن ٿا. جنگيون، انساني آبادي جي لڏپلاڻ کي پنهنجي ڪاروبار لاءِ لازم سمجهندڙ جديد دور جو انسان، پنهنجي لاءِ پاڻ قبر کوٽڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي .
    انسان محبت سميت، شرمساري جي حد تائين زمين جي باقي حيات کي به پنهنجي لامحدود بک جي نظر ڪرڻ چاهي ٿو.
    “زمين سڀ جو گهر آهي، انسان پنهنجي عقل ۾ اها ڳالهه نه ٿو آڻي”هو ڪجهه ياد ڪندي ۽ ڏک واري ڪيفيت ۾ ڳالهائيندو ٿي ويو.
    انسان، پنهنجي بي حد حرص ۽ لالچ جي نتيجي ۾ باقي حيات جي زندگي ۾ زهر ڀري ڇڏيو آهي. انسان جو پاڳل پن ۽ زمين جي حيات تي غلبو پائڻ جهڙا بدحواسي وارا خيال ۽ زمين کي قبضي ۾ ڪرڻ واريون هن جون ديوانگي سان ڀريل خواهشون. مرڻ تائين پوريون ڪونه ٿينديون. پر انجي باوجود هيءَ زمين انسان کي پنهنجو آغوش ڏئي ٿي. ڪنهن به حساب ۽ فرق کانسواءِ هن کي پنهنجو پلئو آڇي ٿي. هُن کي طويل گِهري ننڊ سمهڻ لاءِ جڳهه ڏئي ٿي.”
    اسانجي مهربان، “زمين جو تهه گرم ٿي رهيو آهي. ان جو ذميوار صرف انسان ئي آهي. ترقي جي نالي تي هُن وڏي تباهي کي پيدا ڪيو آهي. توکي خبر آهي انجا ڪيڏا خطرناڪ نتيجا نڪرندا.”
    “تون ان خيال تي اعتبار ڪرين ٿي ته ڪائنات هڪ تعلق ڪري قائم آهي؟” هو وڏي جوش سان ڳالهائي رهيو هو.
    “ظاهر آهي، هميشهه کان مون ائين سمجهيو آهي، مان ان تعلق تي يقين رکان ٿي.” مون وراڻيو.
    “تنهنجو اهو يقين ڪامل بلاشڪ تنهنجي اندر هڪ نئين انسان کي تخليق ڪرڻ ۾ تنهنجي مدد ڪندو” هن وراڻيو. هي روحاني ترقي تو اندر تبديلي جي جٽادار صلاحيت کي پيدا ڪندي. جنهن کي ڪنهن کان سکڻ جي ضرورت ناهي. هي عمل ۽ اعتبار جو رشتو آهي. جنهن لاءِ تنهنجو ڌيان گهرجي. قدرت ڪٺور تڏهن ٿئي ٿي، جڏهن اسانجو ڌيان ڪنهن ٻئي طرف هجي ٿو، قدرت، ڌيان ۽ آزادي جو نالو آهي.
    جنهن ۾ لامحدود علم پوشيده آهي. جيڪو دلين تي پنهنجو عجيب اثر ڇڏي ٿو. انسان جي معصوم دل هن علم سان منور ٿئي ٿي ۽ پنهنجي زندگي جي سخت ترين مشڪلاتن ۽ تڪليفن جي ڏينهن کي مسڪرائيندي بي حد احترام ۽ آزادي سان پنهنجي منزل حاصل ڪري ٿي. بي صبري ۽ غير سنجيده انساني گهرجون هن دل کي ويراني سان ڀري ڇڏين ٿيون، جيڪو ئي دراصل زوال آهي انسان جو.”
    اسانجي مهربان مهمان! هنن مونسان مخاطب ٿيندي چيو، “زندگي هڪ ٻئي سان جڙيل آهي. تڏهن ئي روان دوان آهي. زندگي ناهموار ۽ ڪيترن ئي ماڻهن لاءِ حقارت آميز هئڻ جي باوجود شاندار آهي. ڪائنات جي صداقت، وحدت ۽ ڪثرت کي اسان زمين تي سمجهي ئي نه ٿا سگهون. ڇاڪاڻ ته ان بابت اسانجي ڄاڻ بلڪل نه هجڻ جي برابر آهي. اسان ته اڻ ڄاڻ ئي هجون ٿا. دانائي ته سمنڊ وانگر آهي. اسان شيطاني تڪبر ۽ دانائي جو روپ ڌاري دراصل تمام وڏي جهالت جو مظاهرو ڪري رهيا آهيون.
    محبت ئي وسيلو آهي. قدرت جي غير معمولي شين کي ڪنهن حد تائين سمجهڻ جو. قدرت جي شين جي حقيقت کان واقف ئي تڏهن ٿي سگهجي ٿو. جڏهن انهن سان محبت سان پيش ايندي. هميشه لاءِ نوڙت ۾ رهندي هُن اڳيان پنهنجو ڪنڌ نوائي هلجي.
    هيءَ ڌرتي اسان سڀ جي درسگاه آهي. هتي محبت جنهن کي ڪا فنا ڪانهي، جيڪا ختم ٿي ويندڙ جسم جي حرڪت کانپوءِ به ازلي ۽ ابدي آهي.
    هن اڳيان سيتا جي اگني پرڪشا ڪا معنيٰ ڪانه ٿي رکي. هيءَ ڪنهن اهڙي تماشي تي يقين ئي نه ٿي ڪري سگهي.
    رام، ته پست ۽ ڪمزور ذهن جو مالڪ هو. هن کي اهو احساس ئي نه هو ته پيار کي آزمائي به سگهجي ٿو يا انجي پرڪشا به ٿي سگهي ٿي. سيتا ته نديءِ جي وهندڙ صاف پاڻي جيان هئي. هو ته سدا لاءِ مٿان کان هيٺاهين طرف وهندڙ آبشار جي ڌارا بنجي وئي هئي. پيار ته يقين جو نالو آهي. هي ائين آهي جيئن اسين خدا جي وجود ڏانهن يقين رکون ٿا. پيار جي ڪيفيت اسانجي عقل ۽ ڏاهپ جي ڪيفيت کان گهڻو مٿي آهي. پيار لاءِ ڪيتريون ئي وضاحتون ۽ اصطلاح ٿي سگهن ٿا پر ان جي ڪا پرڪشا ڪانهي. پيار ڪا اهڙي شيءِ ڪانهي جنهن کي آزمايو وڃي. هي ته سفر جو نالو آهي، ڪنهن به سامان، سيڌي کانسواءِ سفر جو نالو آهي. پيار تي ڀروسي ۽ يقين ڪرڻ وارا ئي هن سفر ۾ سڦل رهن ٿا. پيار هميشه دلين جي ويراني کي شادابي جي طاقت سان منور ڪري ٿو ۽ ڪمزور ماڻهن لاءِ خدا جي هٿ جيان سهارو ڏئي منزل تائين پهچائي ٿو. جيڪو انسان زندگي ڏانهن محبت کانسواءِ ڊوڙي ٿوهڪ موڙ تي ٿڪجي پوي ٿو، هر ماڻهو زندگي ۾ ڊوڙڻ جي معاملي ۾ پاڳل آهي، اهو پاڳل پن انسان کي ڪنهن موڙ تي ٿڪائي وجهي ٿو.
    ائين به آهي ته زندگي ۾ پاڳل پن، اجائي سنجيدگي کان هزار ڀيرا بهتر آهي. جو سنجيدگي زندگي جو ترنم ٻڌڻ کان محروم ڪري ٿي. بلڪه اها ڪوريئڙي جي ڄار وانگر هجي ٿي.”
    “سنجيدگي، ڪوريئڙي جو ڄار ڪيئن آهي؟” مون کانئس پڇيو.
    “انسان کي صاف موسيقي جي رڌم وانگر هئڻ گهرجي.” هُن وراڻيو. “انسان پنهنجي غير ضروري ۽ بي فائدي گهرجن ۽ خواهشن کي پوري ڪرڻ واسطي سنجيده ٿئي ٿو. جنهن سان هو پنهنجي روح جي آزادي ۽ روح جي خوشي کان محروم ٿي وڃي ٿو، بلڪه هيءَ ڪيترن ٻين بيمارين وانگر هڪ قسم جي بيماري آهي، جيڪاانسان جي پوري وجود ۽ حواسن کي پنهنجي گرفت ۾ آڻي ڇڏي ٿي. هن بيماري ۾ انسان پنهنجي ذات ۾ڪوريئڙي وانگر پنهنجي ئي اُڻيل تارن ۾ ان قدر قيد ٿي وڃي ٿو، جو پوءِ نه روئي سگهي ٿو، نه ٽهڪ ڏئي کلي سگهي ٿو، نه رقص ڪري، ڳائي سگهي ٿو، ۽ نه وري حقيقي انداز ۾ پيار ڪري سگهي ٿو. هو پاڻ کي کولڻ، ظاهر ڪرڻ کان محروم رکي ٿو. سنجيدگي توهان ڏانهن ايندڙ ڪا اهڙي شي به ناهي، جيڪا اوچتي توهان مٿان غالب ٿي وڃي. هيءَ بي جا فوقيت ۽ برتري جي حالت ۾ لمحه به لمحه داخل ٿيندي وڃي ٿي.”
    “هن شهر جا ماڻهو ڪيڏانهن ويا؟” مون انهن کان پڇيو،
    “انهن کي شور کائي ويو، هنن ڏک مان وراڻي ڏني، هاڻي هو جانورن جيان وڙهن پيا، تو ڏٺو ڪونه هنن کي.”
    “ڪهڙو شور ؟” مون حيرت مان پڇيو “بيڪار ۽ غير حقيقي شين کي حاصل ڪرڻ جو شور.”
    مون کي هنن جي گفتگو واقعي به دلچسپ لڳي. مون وري هنن کان سوال ڪيو ته، “توهان ان کي شور چئو ٿا يا هي انساني سوچ آهي. جنهن ڪري انسان ائين آهي. جنهن ۾ انساني ترقي جي خواهش به آهي ته هڪٻئي کي حقارت سان لتاڙي اڳتي نڪرڻ جو جنون به آهي.”
    “ويراني ۽ شادابي مان توهانکي ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻي آهي” هنن وراڻيو، جنهن کي توهان انساني ترقي چئو ٿا، دراصل اها انسان جي اڪيلائپ ۽ روح جي ويراني آهي ۽ اهڙي لالچ آهي، جيڪا دنيا جو سموريون راحتون پاڻ لاءِ مخصوص ڪرڻ چاهي ٿي. هي سوچ ۽ سمجهه به ناهي، هي پنهنجو پاڻ کان هڪ قسم جي نفرت ۽ ڌڪار آهي. قدرت جي حسناڪين، نعمتن ۽ راحتن کان پنهنجو پاڻ کي محروم رکي، هن پاڻ لاءِ نفرت ۽ حقارت جي چونڊ ڪئي آهي. انسان ائين ڪري سمجهي ٿو، ته هو اهو سڀ ڪجهه ڪري محفوظ ٿي ويو. پر ان سان هيءَ وڌيڪ غير محفوظ ٿي ويو آهي.”
    “توهان ڪهڙي دور جا انسان آهيو” ؟ مون هنن کان پڇيو،
    “اسان سنڌو جي پراچين دور جا لوڪ آهيون.” هنن وراڻيو،
    “ سنڌو مان توهانجي مراد سنڌو درياءِ آهي” ته هنن وراڻيو، “ها !”
    “توهانجا پير ۽ ٻانهون هڪٻئي سان جڙيل ڇو آهن، توهان ائين ڇو آهيو”؟ مون هُنن کا پڇيو،
    “ائين برابر آهيون” هنن دوستاڻي لهجي ۾ چيو،
    “اسين ائين نه هجون ته پنهنجي مروت، مدار ۽ ڌيان ۾ ڪيئن ٿا رهي سگهون. هي تعلق آهي، جيڪو اسانکي ان لائق بڻائي ٿو، ته اسان پنهنجن ڳوڙهن ۽ پنهنجن ٽهڪن مان پنهنجا رستا ٺاهيون ۽ مشڪل حالتن ۾ به پنهنجي گفتگو جي مٺاس کي برقرار رکون. جيڪڏهن تون وڻ کي ڏسندين ته توکي اسانجو ائين هڪٻئي سان جڙيل هجڻ سمجهه ۾ اچي ويندو. جيڪو ٻج کان هڪ شاندار گل ۽ پوءِ رس ڀريي ميوي تائين جي هڪ تعلق سان جڙيل آهي. ائين اسان جو هر عضوو جسم جي هر ٻئي عضوي سان تعلق ۾ آهي، جنهن ڪري اسان جڙيل آهيون، پر اسين آزاد به آهيون. اسانجي آزادي هوا ۽ روشني جيان آهي، نديءِ جي ڌارا جيان آهي.”
    “توهان ۾ زندگي کي بهتر کان بهتر ڪرڻ جي ڪهڙي جستجو آهي؟” مون کيس پڇيو
    “اسان ان وحدت جو عڪس آهيون، جنهن جي ڪثرت هر طرف کان موجود آهي. هنن مان ڪنهن چيو،
    راڳ، جي روپ ۾ ميگهه، ڇايا، للت، ڀاڳيا شري، آسا وري.
    روشني، جي روپ ۾ سج چنڊ ستارا .
    زندگي، جي روپ ۾ پاڻي، بادل، بارش، وڻن، گلن ۽ پکين ۾.
    انسان، جي روپ ۾ جذبن، احساسن، محبتن، خيالن، غم ۽ خوشي ۾.
    راڳ، روشني، زندگي ۽ انسان هي زندگي جا نغمه آهن. جيڪي زندگي کي مڪمل ڪن ٿا، ته جيئن ڪائنات جو چراغ روشن رهي. جنهن جي جهلڪ ۽ روشني جي بنياد تي اسين پاڻ کي بهتر ۽ درست ڪيون ٿا. هي ائين آهي جيئن درياءِ جو پاڻي لهڻ کانپوءِ زمين سائي چادر اوڍي يا بهار جي ُمند ۾ هر طرف کان گل ٽڙن يا بارش ۾ زمين جا موتي، رنگين پٿر ۽ ڪوڏ ظاهر ٿي پون. هي احساس روح جي گهراين تائين محسوس ڪرڻ جو آهي.”
    “خدا انسان کي عقل ڏنو ته ان سهاري پنهنجن ڪمزورين ۽ خامين کي درست ڪري، ڇو ته قدرت پنهنجي طرف کان گونگي، ٻوڙي ۽ ڪنهن حد تائين بي رحم ۽ غير هموار هجي ٿي. توهان ائين سمجهو ٿا؟”مون کيس پڇيو.
    “قدرت جو هر وجود اسرارن ۾ پوشيده آهي” هُو ڪنهن ڏاهي استاد جيان ڳالهائڻ لڳو، جنهن ۾ شاندار موسيقي جو رڌم ۽ اعليٰ آگاهي آهي. مان توهان کي وڌيڪ آسان ڪري سمجهايان ٿو ته ڪيئن قدرت جي هر پهلو ۾ رواني پوشيده آهي. قدرت جو ننڍڙي کان ننڍڙو جيو پنهنجي متحرڪ خيال کان نه، پر پنهنجي قدرت جي قائدي جو پابند رهي پنهنجو جيون گذاري ٿو. ڇاڪاڻ ته ڪائنات جي حيات ۽ هستي جي اها ئي حقيقت آهي. ُهن قدرت جي قاعدي تي هلندي، شاندار زندگي جي ابتدا ڪئي، ٻار جي دل وانگر تجسس ڀري، ڪنهن به عيب کان پاڪ.
    قدرت جي فياضي جو اندازو ٻج جي هڪ داڻي مان لڳائي سگهجي ٿو. جيڪو هڪ مان هڪ هزار جي تعداد ۾ پيدا ٿئي ٿو. قدرت هر جيو جي خوراڪ جو بندوبست پنهنجي ڪک مان ڪري ٿي، هر جيو جي خوراڪ جو ذريعو زمين آهي، پر مختلف صورتن ۾.
    انسان ئي واحد مخلوق آهي. جيڪو قدرت جي قاعدن جي ڀڃڪڙي ڪندو رهي ٿو. پنهنجي وجود کي هميشهه لاءِ آرام ڏيڻ. طاقت ڏيڻ ۽ راڄ ڪرڻ جي خيال کان انهن شين جو انتخاب ڪري ٿو، جيڪي هن لاءِ وڌيڪ مصيبتون پيدا ڪن ٿيون. فخر ۽ برتري جي خواهش ڪمزور ماڻهن جي نشاني آهي.
    اسين سڀ ڪائنات جي چڪر جا تمام اهم ۽ ننڍڙا حصا آهيون. انسان هميشه فوقيت جو اظهار ڪري ٿو. جيئن هو هميشهه کان ڪندو اچي ٿو. آدم کان جنهن جي سزا هي هن وقت تائين ڀوڳي پيو. اسان کي ڏک آهي ته انسان ڪنهن به سرگرمي لاءِ ڪمزور دليلن جو سهارو وٺي ٿو ۽ غرض کي هميشه محبت کان مٿانهون رکي ٿو. انسان جي هي وڏي ڪمزوري آهي.
    جيڪا دل محبت کان خالي آهي، انجي سرگرمي سطحي ۽ بي معنيٰ هجي ٿي. مان هيءَ ڳالهه وري دهرايان ٿو، ته محبت کان مٿاهين ڪا به شيءِ ڪانهي ڪو به دليل نه.
    قدرت، تعلق چاهي ٿي ۽ انسان لاتعلقي. ڇا انسان وٽ نيڪي جو اهو صِلو آهي؟”
    مان توکي ٻڌايان ٿو،هو ڳالهائيندو ويو، “خدا جي هن دنيا ۾ انسان پنهنجي عقل کان ڪابه نئين شيءِ ڪونه ٿو ڪري. ڪائنات جي موجود شين مان ئي پنهنجي ڪم ۽ مقصد جي شين جي تلاش ڪري انهن کي پنهنجي استعمال ۾ آڻي، پنهنجي مطلب جون شيون حاصل ڪري ٿو ۽ ڪنهن حرفتي جيان ان کي مارڪيٽ جي جنس ۾ تبديل ڪري ٿو. انسان قدرت جي هر شي کي مارڪيٽ جي جنس سمجهي ويٺو آهي، انسان قدرت جي رحم کي پنهنجو عقل سمجهي ويٺو آهي.”
    “اسين قدرت جي نعمتن جي ساراه ڪرڻ بجاءِ ان کان ڄڻ انتقام وٺي رهيا آهيون.” هُن نهايت بي چيني ۽ شڪوه واري انداز ۾ چيو،
    مان توهانکي ٻڌايان ٿو ته، “قدرت اسان کي ڏسي به ٿي، ٻڌي به ٿي ۽ جهولي ڀري ڏئي ۽ کسي به ٿي”
    فقيرن مان هڪ اُٿيو ۽ مونکي چيائين، “مونسان گڏ اچو، هڪ هنڌ مونکي بيهاري زمين مان ڪنهن ٻوٽي جو ٻج کڻي هُن منهنجي هٿ تي رکيو. مون ڏٺو ته ٻج مان سَلو ڦٽي ٿو. ٻج پنهنجي پاڙ هڻڻ لاءِ منهنجي هٿ ۾ سوراخ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. مون کي تڪليف محسوس ٿي ته، مون ٻج کي زمين تي اڇلايو. فقير مونکي ڏسي چيو، ٻج جي اها ڪٺورتا زندگي جي لاءِ آهي، نه ئي توهان کي تڪليف پهچائڻ لاءِ . هن ٻج کي پنهنجي زندگي جي شروعات ۽ پاڙ هڻڻ لاءِ سخت ٿيئڻو پيو، اها هنجي ضرورت به آهي ته فطرت به، جنهن کانسواءِ هن جو وڌڻ ممڪن ڪونهي. پر هن جو اهو رويو زندگي کي پيدا ڪرڻ آهي،هي زندگي جو چڪر آهي، فنا ۾ ئي دراصل بقا هجي ٿي، قدرت جي اها ئي وصف آهي.”
    هُن اڃان ڳالهايو پئي ته مون ڪجهه آواز ٻڌا جن مان ڪجهه ڳالهيون مان سمجهي سگهيس. اهي آواز چئي رهيا هئا، “هن کان پاسيرا ٿي گذرو، هن جي جسم مان مانس جي بدبو اچي ٿي، هنجو جسم قدرت جي نعمتن کان خالي آهي! هي جسم روح ۽ راحت کان خالي آهي، هن کان پاسو ڪري هلو.”
    مون پڇيو هي ڪير آهن؟
    “هي توهانجا وڃايل ارواح آهن” هُن وراڻيو.
    سنگهار، ارميل جي گفتگو مان لطف اندوز ٿي رهيو هو.
    ارميل: ڪجهه گهڙيون خاموش ٿيندي سنگهار کي چيو، “هي واقعي به عجيب خواب هو، جتي زندگي واقعي به حيرت ۾ وجهندڙ هئي، هر ماڻهو پاڻ سان جڙيل، سَتار ۽ کڙتال وڄائي ڳائي نچي رهيو هو. هتي ڪنهن کي ڪا جهل پل ڪانه هئي.”
    “هي شاندار عمارتون ڪنهن جون آهن”؟ مون ڪنهن فقير کان پڇيو، هن وراڻي ڏيندي چيو، “هي شاندار نه پر ويران آهن. هي انسان جي ويراني جون نشانيون آهن. هر هنڌ ڦهليل آهن. هنن ۾ هاڻ ڪا به زندگي ڪانهي. هنن بي تهاشا زمين والاري رکي آهي. تو ڏٺو هوندو حد نظر تائين اهڙا محل آهن. پر زندگي کان خالي آهن. هو ڏس اسانجا ساڌو وڻ جي گهاٽي ڇانو هيٺان ڪيڏي سڪون سان ويٺا آهن.”
    “توهان پنهنجو نالو ٻڌائيندا؟” مون اُن کان پڇيو،
    هن پنهنجو نالو ڪجهه عجيب طرح جو ٻڌايو.
    “مهاستوا “
    مونکي سمجهه ۾نه آيو.
    “انجي معنيٰ ڇا آهي؟” مون اُن کان ُپڇيو،
    “زندگي جو جوهر ، روح” هن وراڻيو،
    ارميل، خاموش ٿي وڃي ٿي.

    “واقعي به هي خوابن جي دنيا انوکي آهي” پر اها اسانجي دائره عقل کان ٻاهر ڪيئن ممڪن آهي؟ سنگهار، ارميل سان مخاطب ٿيندي چيو، خوابن جي دنيا اسانجي محسوس ڪرڻ، ڏسڻ ۽ ڇُهڻ جي صلاحيت سان جُڙيل آهي، ان حقيقت کي فلسفي جي استاد کانسواءِ ٻيو ڪير ٿو سمجهي سگهي؟”
    رات تو پراچين سنڌ جي تهذيب تي ڪو ڪتاب پڙهيو آهي. جنهن جي اثر ڪري اهو ننڊ ۾ ڪنهن ڪهاڻي وانگر گذري ويو آهي. خواب کي ايڏو سنجيده نه وٽ!” سنگهار ، اُرميل ڏانهن نهاريندي چيو.

    “ هي اسانجي دائره عقل کان ٻاهر جي دنيا آهي” اُرميل اتساه مان وراڻيو، هن خواب مونکي نئين طرح سان سوچڻ تي مجبور ڪيو آهي، مون ڪجهه گهڙيون اڳ خواب ۾جيڪا گفتگو ڪئي آهي، توکي ائين نه ٿو لڳي ته اها ڪا عام رواجي گفتگو ناهي، توکي ان ڳالهه تي اعتبار ڪرڻو پوندو ته انجو تعلق ڪتابن ۾ پڙهي ويندڙ تاريخ ۽ تهذيب سان ناهي پر منهنجي نماڻي دل ۽ دماغ لاءِ شاندار نياپو آهي.
    “ابتدائي زمانن ۾ ممڪن آهي ته ائين سمجهيو ويندو هجي ته هيءَ ڪا ٻي، عقل کان مٿاهين دنيا آهي” سنگهار، اُرميل کان چانهن جو ڪپ وٺندي چيو، پر پوءِ سائنس جي کوجنا ان کي معجزو چوڻ بجاءِ اهڙي حقيقت ڪري سمجهيو، جيڪا انسان جي روزمره جي سرگرمي جي نتيجي ۾ پيدا ٿئي ٿي. توهان فلسفي جا استاد آهيو، توهان ته اها ڳالهه سمجهي سگهو ٿا. ان ۾ ڪنهن ٻي دنيا جو ذڪر مون لاءِ عجيب آهي، ائين ته نه سوچو!”
    “خواب ته لاشعورUnconsciousness جي دنيا آهن. جنهن ۾ ماڻهو جيڪو ڏسي ٿو. اهو ڪنهن طرح شعور Conscious جي دنيا سان جڙيل هجي ٿو. هي ڪا الهامي شيءِ ته ڪانهي.” سنگهار، ارميل ڏانهن ُمسڪرائيندي چيو.
    “بلڪه انسان پنهنجن شروعاتي سالن ۾ ته ڪي خواب ڏسي ئي ڪو نه، جواني جو جوش ان کي پاڻ کانسواءِ ڪنهن ٻئي تي سوچڻ ئي ناهي ڏيندو. هر وقت ڳالهائي ڳالهائي ٿڪجي پوڻ کانپوءِ خواب ۾ ڏسڻ لاءِ هن وٽ ڪجهه رهي ئي ڪونه ٿو. نه شين کي ڌيان سان ڏسڻ. نه ڪنهن جو انتظار ڪرڻ. خوف ۽ خطرن سان کيڏڻ. مذاق ڪرڻ. ٽهڪ ڏئي کلڻ ئي هنجي دنيا هجي ٿي.”
    “خواب ته سماج ۾ موجود روين، جاين، جڳهن، ماڻهن، تهذيبن قصن ۽ ڪهاڻين جي سلسلي جو حصو آهن. ڇاڪاڻ ته اسين ان تعلق ڪري ئي آهيون. اسين جڏهن شين تي سوچون ٿا. انهن جي اسرارن تي غور ڪيون ٿا. پيار ڪيون ٿا نفرت ڪيون ٿا ته آهستي آهستي اسانجو دماغ جاڳڻ شروع ٿئي ٿو. دماغ انهن شين جي تلاش ڪري ٿو. جيڪي ان کي خوشي ۽ راحت ميسر ڪري ڏين. هي خواب پوءِ انساني دماغ جي بند دروازن کي کوليندا داخل ٿيندا وڃن ٿا. هي تبديلي انسان جي پنهنجي وس ۾ نه ٿي هجي، بنا سمجهه جي ٿئي، بنا ڪنهن ارادي، خواب پنهنجن ئي تلخ ۽ وڻندڙ يادگيرين جو اظهار آهن. جيئن درياءَ جو وهڪرو آهي.ڪڏهن ُپرشور ته ڪڏهن خاموش. ڪڏهن اڇُل ڏئي ٻوڙڻ وارو ته ڪڏهن ڪناري لڳائڻ وارو.”
    “پر مونکي ته ائين ڪو نه ٿو لڳي. توهان سمجهو ٿا ته خواب پوڙهائپ جا دورا آهن؟” اُرميل ڪجهه سوچيندي ڳالهائڻ لڳي، خواب ته انسان جي فطرت ۾ سدائين کان شامل آهن . هر اهو دماغ جيڪو سوچي ٿو خواب ڏسي ٿو. ان ۾ ڪنهن عمر جي ته ڪا پابندي ڪانهي. اهي ته هڪ اسرار جيان آهن. هر انسان جي اندر هڪ فلسفي موجود هجي ٿو. پنهنجي پيدائش کان. توهان کي ائين لڳي ٿو ته فوٽ پاٿ جا ٻارڙا ڪي خواب ئي ناهن ڏسندا. جتي هو سمهن ٿا. شهر جي ٻارن کي اسڪول ويندي ڏسن ٿا. شهر جا امير انهن کي آواره ۽ ناجائز سمجهي. پنهنجن گاڏين ۽ ٻارن کان پري ڪن ٿا. هنن ٻارن جا خواب مختصر ئي صحي، پر هنن جون اکيون ته وري به انسانن واريون آهن، فقط غربت جو ئي ته فرق هجي ٿو .”
    “پر! خوابن جي حقيقت ۽ اهميت به ڪهڙي آهي؟” سنگهار، اُرميل جي اکين ۾ نهاريندي چيو، مان اها ڳالهه مڃان به کڻي ته خواب انسان جي فطرت ۾ شامل آهن، ڪهڙو ماڻهو آهي جنهن کي خواب ڏوهه ڪرڻ کان روڪي سگهيا آهن يا خواب هڪ بهترين استاد وانگر انسان جي بڇڙاين ۽ گندين حقارت آميز عادتن کي تبديل ڪرڻ ۾ڪا مدد ڪندا هجن. ائين ٿيو آهي ڇا ته انسان ڪنهن جي دل آزاري ڪري، ڪنهن کي دوکو ڏئي ۽ پوءِ خواب ۾ اچي ان تي ملامت ڪري چوي ته تون جيڪو ڪرين ٿو انجا نتيجا سٺا نه نڪرندا، پاڻ کي سنڀال ڪنهن جي دل آزاري نه ڪر.
    ائين ڪڏهن ٿيو آهي ڇا؟.
    “منهنجو ان باري ۾ ته مشاهدو ڪونهي پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن جي دل آزاري ڪري ٿو، ته ان تي هڪ طرح سان پنهنجي ضمير کان ضرور ملامت ٿيندي هوندي” اُرميل پنهنجي ڳالهه کي يقين سان چوڻ لڳي. ڪجهه وقت تائين مان به ائين سوچيندي هئس جيئن توهان سوچو ٿا. پر پوءِ مون هن سوال کي پنهنجي انداز سان تراشيو. مان هن کي الهامي کان وڌيڪ هڪ اهڙو گهرو راز سمجهان ٿي يا اهڙو اشارو سمجهان ٿي، جنهنجو تعلق انسان جي روز مره زندگي سان ئي هجي ٿو پر مختلف طرح سان، مثلن جيئن زمين آهي. ماڻهو ڪنهن به سبب هن جي فطرتي رنگن کان محروم رهي ٿو ۽ جڏهن سڀئي ماڻهو اهڙي زندگي گذارڻ تي مجبور هجن ته پوءِ ماڻهن جي گهڻائي خواب ڏسڻ کان محروم ٿي وڃي ٿي. سماج انهن کي ڳهي وڃي ٿو. بلڪه اهڙي حالت ۾ ماڻهو هڪٻئي جو رت وهائن ٿا. بيجا زندگي گذاري مَري وڃن ٿا. ٿڪل ۽ روحاني تڪليف ۾ رهن ٿا. ايذاءُ ڏيندڙ ۽ جهڳڙالو بڻجي وڃن ٿا. ستت ئي پوءِ المناڪ حد تائين ڪري پون ٿا ۽ وري هڪڙا ماڻهو اُهي آهن. جيڪي پنهنجي زمين سان واڳيل آهن. هي زمين جي هر ذري، هر پن ۽ پنهنجي ارد گرد جي حيات سان پيار، شفقت ۽ نرمي سان پيش اچن ٿا. هيءَ ڪيفيت مٿين ڪيفيت کان مختلف هجي ٿي. اهڙي ريت خواب انهن ڪيفيتن جي آڌار انسان جي اکين ۾ لهن ٿا. شاندار خواب اهي ئي اکيون ڏسن ٿيون. جيڪي پنهنجي زمين سان واڳيل آهن. انجي فطرتي رنگن کي پنهنجي روح ۽ نگاهن ۾ ڀرين ٿا. خوشي ۽ گرمجوشي سان ڀرجي وڃن ٿا. هيءُ احساس انسان اندر هڪ ٻي دنيا کي جوڙي راس ڪري ٿو. اهڙو جهان جنهن جي موجودگي تي اعتبار ڪرڻو پوندو.
    اهو سڀڪجهه انوکو ۽ حيرت ۾ وجهندڙ هو! مان ڪنهن نفسياتي بيماري ۾ مبتلا ناهيان ۽ نه وري ڪنهن واقعي کان متاثر آهيان ۽ نه وري اهو ڪنهن پاڳلپڻي جو اظهار آهي، هُنن ته قدرت ۽ انسان جي لاڳاپي جي ڳالهه ٿي ڪئي، ۽ لاڳيتو ڏاڍي ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهيا هئا ته انسان کي پنهنجي ملڪيتي جنون کان ٻاهر نڪرڻ گهرجي ۽ زمين کي سڀ جو گهر ڪري سمجهي. ارميل آرام ڪرسي تان اٿڻ جي ڪوشش ڪندي چيو،
    “ ها ! انوکو ضرور آهي، پر هي جديد دنيا آهي، هن دنيا کي هاڻي اڳتي وڃڻو آهي” سنگهار کيس ڏسندي چيو،
    “انسان کي ڪيترو اڳتي وڃڻو آهي؟ تباهي جي حد تائين!” اُرميل بنا ڪنهن سوچ ويچار جي چئي وئي.
    “گهڻي پڙهڻ ۽ وقت تي نه سمهڻ سان اهڙا خواب ته ايندا ......!” سنگهار، ارميل سان مذاق ڪندي چيو،
    “توهان سمجهو ٿا ته هي خواب ننڊ ۾ بيچيني يا اوجاڳي جي ڪري آهي، مان ته ائين نه ٿي سمجهان “ اُرميل، کيس پوئتي ڪنڌ ورائي چيو
    “خواب ۾ ته ڪجهه به ڏسي سگهو ٿا”؟ سنگهار وراڻيو.
    “هي خواب بهرحال اُن حقيقت تان پڙدو کڻي ٿو ته انسان پاڻ لاءِ وڏو شور پيدا ڪيو آهي.” ارميل، سنگهار ڏانهن نهاريندي چيو.
    “ها! زندگي جي حقيقتن جو اڀياس مختلف آهي” سنگهار ڳالهه جاري رکندي چيو، زندگي ته هميشه کان اڳتي وڌندڙ آهي. انساني ترقي ذهني صلاحيت جي ڪري آهي. جنهن کي روڪي نه ٿو سگهجي. ان ۾ تبديل ٿيڻ ۽ اڳتي وڌڻ جي صلاحيت آهي. ان ڪري ئي ته متحرڪ ۽ پريڪٽيڪل آهي.”
    “زمين سان جڙڻ ۽ ان لاءِ عزت ۽ محبت کانسواءِ ترقي بي معنيٰ آهي، ان ۾ پريڪٽيڪل ٿيڻ جي ڪهڙي ضرورت ۽ ڪهڙي معني آهي؟” اُرميل، سنگهار ڏانهن نهاريندي چيو،
    “هي ڳالهه ته انساني صلاحيت جي آهي” سنگهار وراڻيو، ڏسو نه! “جن علائقن ۾ بارش ڪانه ٿي پوي، جيئن ڪاڇي ۽ ٿرپارڪر جا علائقه آهن. هتان جا مقامي ماڻهو ذرخيز علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻ ۽ دربدر ٿيڻ بجاءِ پنهنجي محنت ۽ صلاحيت تي ڀروسو ڪندي زير زمين پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ ٽيڪنالاجي کان مدد وٺن ٿا. اونها کوه کوٽي انهن ۾ مشينون لڳائي پاڻي حاصل ڪن ٿا. پنهنجن غير آباد زمينن کي آباد ڪن ٿا، فصل پوکن ٿا، ميوا ۽ ڀاڄيون پوکن ٿا. وري جن علائقن، جيئن پاڪستان جا شمالي علائقا آهن، جتي گهڻي بارش پئي ٿي، اُتان جا ماڻهو ننڍا ننڍا ڊيم ٺاهي پاڻي کي اسٽور ڪري ان مان زمينون آباد ڪن ٿا ۽ پاڻي کي پنهنجي روزمره جي استعمال ۾ آڻين ٿا. هي انساني صلاحيت آهي، جنهن قدرت جي ذريعن جو استعمال پنهنجي عقل ۽ ڏاهپ جي بنياد تي ڪندي انهن کي پنهنجي حق ۾ استعمال ڪيو. زندگي هن طرح سان اڳتي وڌي ٿي. فلسفي جي استاد آهين، توکي انهي ڳالهه جو احساس هوندو، ته قدرت جو طريقو سادي کان پيچيده طرف هجي ٿو. انساني صلاحيت قدرت جي سادهه ۽ پيچيده شين کي گهڙي ٺاهي صورت ۽ شڪل ڏئي پنهنجي ضرورت ۾ آڻي ٿي. هي انساني صلاحيت معمولي ڳالهه ناهي. هزارين ايڪڙ زمينون هاڻ ان طرح آباد ٿين ٿيون. پر انجو مطلب اهو به ناهي ته انسان قدرت جي خلاف ٿي بيهي رهي. جيئن ايٽم بم ۽ نيٽران بم جي ايجاد. هي صلاحيت قدرت جي قانون ۽ انجي حقيقت جي خلاف آهي، اُن سان وڏي تباهي ٿيندي.”
    “مان عدم مطابقت جي ڳالهه ڪيان ٿي” اُرميل چيو، مونکي ان ڳالهه جو احساس آهي ته انسان جي صلاحيت انسان کي ترقي جي بلندين تائين پهچائي ڇڏيو آهي. ان ئي ڊوڙ دنيا جي ماڻهن جي گهڻائي کي غربت جي دوزخ ۾ به اُڇلي ڇڏيو آهي ۽ باقي ڪي چند، انسانن جي پورهيي جو بي حد استحصال ڪري آسوده ترين به آهن. جن مائرن جا ٻار خوراڪ جي ڪمي سبب مَرن ٿا، اتي ٽيڪنالاجي جي ترقي کي ڪهڙو نالو ڏجي. هن کي چئبو آهي پريڪٽيڪل ٿيڻ.”
    “عدم مطابقت مان مراد طبقاتي سماج آهي، ته پوءِ ته اها ڳالهه صحي آهي. سنگهار وراڻيو، پر ان جو مطلب قدرت تي انحصار ڪرڻ آهي ته پوءِ اسان کي انساني ترقي جي تاريخ جو اڀياس ڪرڻو پوندو. انسان عدم مطابقت ڪري ئي اڄ حيات آهي نه ته گهڻو اڳ مري کپي وڃي ها”
    مثلن، “اڳوڻو قديم سماج ايڏو سادو ڪونه هو، جيترو تو خواب ۾ ڏٺو آهي. خونريز جنگين ۾ هزارن جي تعداد ۾ ٻارن جو يتيم ٿيڻ. عورتن کي غلام ڪري انهن جي عصمت دري کي حق سمجهڻ. تخت ۽ تاج جي لالچ ۾ ڀاءُ جي هٿان ڀاءُ جو خون، ڇاڪاڻ ته رشتن جي ڀيٺ ۾ تخت تاج اهم هو. بيمارين ۾ هزارين ماڻهن جو هڪدم مَري وڃڻ. ڏڪار ۽ قدرتي آفتن ۾ وڏي پئماني جي تباهي. هٿرادو خدائن کي راضي رکڻ لاءِ انسانن کي قربان ڪرڻ. نياڻن کي جيئري دفن ڪرڻ. پنهنجي مرد جي موت تي عورت جو ستي ٿيڻ ۽ پاڻ کي جيئري جلائڻ. اهو هو اڳوڻو پراچين دور، يقينن انسان جي هٿن جي لالچ مان بي انتها مشڪلاتون پيدا ٿيون آهن، ته انهن ئي هٿن انساني حيات کي ڪيترن ئي بيمارين، موت مار وائرس ۽ جهنگلي جانورن جو شڪار ٿيڻ ۽ انساني موت مار فرسوده روايتن ۽ رسمن کان بچائڻ لاءِ لازوال ڪارناما به سَر انجام ڏنا آهن. قدرت انسان جي درميان هڪ ممڪن حد تائين دائرو مقرر ڪري ٿي. اُن دائري کان ٻاهر وڃڻ سان يقينن انسان پاڻ لاءِ مسئلا پيدا ڪري ٿو.”
    “مان به ته ڪجهه ان نوعيت جي ڳالهه ڪيان پئي. اُرميل ٽوٿ برش ڪندي وراڻيو، دراصل دولت جي حد مقرر نه هجڻ سبب انسان ۾ پئسي جمع ڪرڻ جي حوس گهٽ نه ٿي ٿئي، جيڪو انتهائي ڪميڻو ۽ ذليل احساس آهي. هي حد انسان کي مقرر ڪرڻي آهي ته ان کي پهرين ان حوس مان نڪرڻو پوندو.”
    “هي انسان خود سان شايد ائين ڪڏهن به نه ڪري سگهي، سنگهار پنهنجن چيل جملن کي دهرائڻ بجاءِ رياست جي قانونن تي ڳالهائڻ لڳو، اهو ممڪن تڏهن ٿيندو جڏهن سماج ۾ انقلاب اچن. جڏهن انسان جو رويو سماج ڏانهن ۽ پاڻ ڏانهن تخليقي، تعميري ۽ تنقيدي هجي، اها ئي واحد ۽ گهري حقيقت آهي”
    “ پر هن خواب مونکي مختلف طرح سان سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي” اُرميل نهايت اتساه مان چيو،
    “هي خواب آهي، جديد روايتن جي تقاضا ڪجهه ٻي آهي” سنگهار بحث ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته، قدرت سان هم آهنگ ٿيڻ سان گڏوگڏ سائنسي، طبعي، فلڪي ۽ زرعي علم به لازمي آهي، ان کانسواءِ انساني ترقي ممڪن ڪونهي. انسان کي محض قدرت جي آڌار ڪونه ٿو ڇڏي سگهجي. انسان ۾ ئي اها خوبي آهي، ته پاڻ کي محفوظ کان محفوظ تر بنائڻ لاءِ روڊ رستا گهر تعمير ڪري، بيمارين کان بچاءَ لاءِ علم پڙهي، پراچين دور جون ڪيتريون تهذيبون ۽ ٻوليون ختم ٿي ويون. دنيا اهڙن مثالن سان ڀري پئي آهي. انسان انهن سڀني کان مختلف آهي. توهان زندگي کي هڪ رخ کان نه ڏسو زندگي جو ٻيو رخ به آهي، جيڪو انسان کي مجبور ڪري ٿو ته پنهنجن ڪمزورين کي ختم ڪندو اڳتي وڌي. انسان کي اڃان گهڻو اڳتي وڃڻو آهي.”
    “مونکي توهان سمجهڻ جي ڪوشش نه پيا ڪيو” اُرميل ڪرسي تي ويهندي چيو، مان چوان ٿي جديد اقدار، روايتون ۽ ترقي جا رجهان اُهي سڀ شيون يقينن انساني ترقي ۾ اهم آهن. پر انهن جي قدرت سان مطابقت ۽ هڪجهڙائي به ته هئڻ گهرجي نه . هتي انساني رشتا غربت ۽ آسودگي جي وچ ۾ڪچليا پيا آهن. هي ڪهڙا جديد قدر آهن ....؟ هي ته وحشي پڻو آهي. ترقي جي نالي ۾ توهان ان ڳالهه جي اجازت ڏيندو ڇا ته قدرت جي وسيلن کي پنهنجي نه ختم ٿيندڙ بک مٿان قربان ڪجي. مان ته گهٽ ۾ گهٽ اهڙي ترقي جي بڻ بڻياد کي ختم ڪرڻ چاهيندس. هي سرمائيدارانه ترقي جا رجحان آهن. جيڪي انساني ترقي جي شڪل کي بگاڙين ٿا. ترقي جي نالي ۾ دراصل هي وڏي تباهي آهي “
    “يقينن هي سرمائيدارنه اقدار آهن” سنگهار وراڻيو، پر تنهنجو خواب هنن اقدارن جي ته خلاف بيهي ٿو. سرمائيداري جي مخالفت هڪ روايت طور نه ڪرڻ گهرجي. هي نظام هڪ طرح سان ماضي جي باقي نظامن کان وڌيڪ ترقي يافته نظام آهي. اسان وٽ هن نظام خلاف هڪ رد عمل آهي. جنهن تي اسان واضع به ناهيون. پاڪستان جي معاشري اندر پيداوري رشتن جي نوعيت ڪهڙي آهي۽ موجوده نظام ڪهڙي تبديلي جي تقاظا ڪري ٿو، اهو غير واضع هجڻ ڪري به اسانجون تحريڪون سياسي ۽ نظرياتي ڄاڻ کان محروم آهن. نتيجن سياسي تحريڪون پنهنجن ڪمزورين جي نشاندهي ڪرڻ کانسواءِ روايتي طريقا اختيار ڪن ٿيون. هن وقت سنڌ جون سموريون تحريڪون ان ڪيفيت جو شڪار آهن. يقينن دنيا هن وقت سرمائيداري جي دور مان گذري رهي آهي، جنهن جا مثبت ۽ منفي پهلو به آهن. پاڪستان جو الميو ته مختلف آهي. هتي اوائلي جاگيرداري جي ڪابه گنجائش نه هجڻ جي باوجود فوجي حڪومتون پنهنجي سرمايي جي حفاظت واسطي ان ۾ ساه وجهنديون رهيو آهن.”
    “ماڻهن جي مشڪلاتن آڌار ڪنهن به سماج جو آساني سان جائزو وٺي سگهجي ٿو، ته هڪ اوزار ۽ مشين جي ڀيٽ ۾ انسان جي قدر ۽ قيمت ڪهڙي آهي؟ اُرميل پنهنجي دليل کي وڌيڪ پختو ڪرڻ لاءِ ڳالهه کي جاري رکيو، ريتن، رسمن جي ڀيٽ ۾ انسان جي حيثيت ڪهڙي آهي؟ پورهيت جيڪو خدا جو دوست آهي، زندگي کان ان قدر بيزار ۽ بي وس ڇو آهي؟ نه هن کي جيون ۾ ڪو سک حاصل آهي نه وري انجي پورهيي جي قبوليت آهي. هي اهڙا سوال آهن جن جي آڌار تي ڪنهن به سماج جي جوڙ جڪ ۽ طبقاتي بيهڪ جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. پر ان کان به وڌيڪ اهم سوال اهو آهي ته هڪ فرض جنهن کي اسين پوري ريت ادا ڪري نه سگهيا آهيون.اهو آهي پنهنجي ذات جي خود داري، قوم جي آزادي ۽ قدرت سان محبت ۽ عاجزي وارو رويو. حقيقت ۾ اهي قدر دنيا جي ٻين شين کان وڌيڪ محبوب هئڻ گهرجن. هي سوال هڪ نقطي سميت پوري ڪائنات سان جڙيل آهي. اهي سوال ئي ته سنڌ جي بقا جو ضامن آهن.”
    “سماج متعلق توهانجي آبزرويشن ڪهڙي آهي”؟ سنگهار ارميل کان پڇيو.
    “منهنجو خيال آهي ته سنڌي سماج گهڻ رخن مسئلن جو شڪار آهي” اُرميل جواب ۾ ڳالهائڻ لڳي، هتي پيداواري رشتا اوائلي هجڻ جي باوجود قائم آهن. بلڪ شريڪ اقتدار آهن. جن سماج جي سمورن ادارن کي پنهنجي ماتحت ڪري ڇڏيو آهي. فيوڊل جتي به آهي ان ادارا تباه ڪيا آهن. جنهن سان ڪيترن خرابين منهن ڪڍيو آهي. عورتن جي وڏي آبادي کي شعوري طرح جاهل، ڪمزور ۽ غلام رکڻ جو مقصد سنڌ جي هڪ وڏي آبادي کي فيصلي ڪرڻ جي صلاحيت کان محروم ڪرڻ آهي، ته جيئن جاگيردارانه سماج قائم رهي. عورت جڏهن پنهنجي گهر ۽ ٻار جا فيصلا درست نموني ڪري سگهي ٿي، ته پوءِ ان کي ملڪ جي ترقي وارن فيصلن ۾ به شريڪ ڪرڻ گهرجي.
    سنڌ جو ٻيو وڏو مسئلو انساني آبادي آهي. ماڻهن جو بي انتها وڌڻ ۽ غير هموار ترقي جي ڪري اسانجون ٻهراڙيون تباهه ٿيون آهن. اندروني سنڌ مان جيڪي وڏيرا چونڊجي اچن ٿا. انهن جو مقامي ترقي ۾ ڪو ڪردار نه هجڻ ڪري ماڻهن جا زمين سان پيداواري، ثقافتي ۽ جذباتي رشتا ٽٽا آهن. زندگي جي بنيادي سهولتن کان محروم ڳوٺن جا ماڻهو شهرن ڏانهن لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهن، جنهن ڪري به سنڌي سماج هڪ قسم جي ثقافتي بحران جو شڪار آهي.
    پاڪستان “دولاشاه جي چُوهن” وانگر ٿي ويو آهي. جنهن جي دماغ ۽ جسم وچ ۾ ڪو توازن ڪونهي. جسم، دماغ کان ڏهوڻ تي وڌيل آهي.” ارميل ائين چئي خاموش ٿي وڃي ٿي .
    سنگهار! ارميل ڏانهن نهاريو، اُن جي خاموشي ۾ جوش هو ۽ ظرافت سان ڀريل نقطه نظر هو.
    “منهنجي راءِ توهان کان مختلف آهي” سنگهار، ارميل سان مخاطب ٿيندي چيو، مان ائين سمجهان ٿو، ته اجارهه دار سرمائيداري، دنيا جي قومن کي مفاد پرست،لالچي ۽ خود غرض ڪري ڇڏيو آهي. هنن اڳيان انهن جا معاشي مفاد ئي اولين حيثيت رکن ٿا. جيڪا ڳالهه انسانيت لاءِ ڪنهن شرم کان گهٽ ڪانهي. پئسي کي گڏ ڪيو ۽ انجي لاءِ مرو. هي آهي اڄوڪي دنيا. ان بنياد تي پوري دنيا ۾ سياست ٿئي ٿي. اتحاد ٺهن ٿا. جي 8، آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ ان نيچ ڪم سان لڳل آهن. ان بنياد تي پاڪستان جي پيداواري رشتن ۽ سياسي بحران جو جائزو وٺڻ گهرجي. هتي ملان جي تبليغ به ان پسمنظر ۾آهي ته بئنڪن جو سرمايو ۽ پاڪ سرزمين جي فوج ۽ ملڪ جا دولت مند حڪمران ان مقصد سان آهن. عوام لاءِ ته غربت واري زندگي کي ڀوڳڻ ۽ دولت پيدا ڪري خاموشي سان مَري وڃڻ آهي.
    حقيقت هيءَ آهي ته پاڪستان، فوجي سرمايي جي صورت ۾ ۽ گهڻ قومي ڪمپنين فنانشل سرمايي جي صورت ۾ جنهن جي حفاظت لاءِ فيوڊل چوڪيدار ٿيو بيٺو آهي. جهڙن مسئلن ۾ گهريل هجڻ ڪري بحران ۾ آهي. خدا جي مخلوق ته ڍور ڍڳن وانگر هڪلي پئي وڃي. ڪڏهن فوج جي پويان ته ڪڏهن نام نهاد سويلن، بئنڪر، واپاري، فيوڊل جي پويان، هرڪو مٿن راڄ ڪندو کيسا ڀريندو وڃي ٿو .”
    “اها ته تنهنجي پارٽي لائن آهي !” ارميل، سنگهار ڏانهن نهاري مسڪرائيندي چيو،
    “اها غور طلب ڳالهه آهي” سنگهار وراڻيو، پر هي جيڪو اُءُ چوان پيو. اهو منهنجو ذاتي نقطه نگاهه آهي. موجوده پاڪستان جي جيڪا معاشي شڪل آهي، ان جي بنياد تي ملڪ جي سياسي صورت جڙي ٿي، هي رجحان ئي هاڻ پاڪستان جي سڃاڻپ ۽ بحران جو سبب آهي”
    “پاڪستان ته ڪٿي پوئتي رهجي ويو؟ اُرميل هٿ مٿي ڪندي وراڻيو، هي ته پهرين مارشلا کانپوءِ زمين دوز ٿي ويو، حڪمران ته هنجا هڏا به چٻاڙي ويا!”
    “پاڪستان اڃان باقي آهي” سنگهار وراڻيو، هن ملڪ کي رهڻو آهي. هن ملڪ جي خوشقسمتي آهي جو اُن ۾ پراڻي تهذيب واريون قومون آباد آهن. جيڪي هڪ ٻئي سان اختلاف هئڻ جي باوجود گڏ رهن پيون. انهن مان اڪثر جا ڏک درد هڪ جهڙا آهن. هنن جا اختلاف ته رياست جي ڪوڙ ۽ فريب ڪري آهن. جيڪا چور ۽ قاتلن تي مشتمل آهي. هن ملڪ جي زمين زرخيز ۽ آبهوا شاندار آهي.”
    “توهان ان جي شڪل و صورت جي متعلق ڪا حتمي راءِ قائم نه ٿا ڪري سگهو” اُرميل، سنگهار ڏانهن نهاريندي چيو، هتي ماڻهو رڙي رهيا آهن، زندگي جي بنيادي ضرورتن لاءِ. هتي زندگي کي گذارڻ لاءِ ڪجهه به ناهي بچيو. انسان سڪايل ٻار جيان سڏڪي رهيو آهي. هن لاءِ نه اسڪول آهن، نه اسپتالون، نه پيئڻ لاءِ صاف پاڻي، مان پنهنجي تهذيب کي نام نهاد جهادين هٿان تباهه ٿيندي ڏسي رهي آهيان. فوج جي ڪا تهذيب ناهي ٿيندي. هنن جو ڪم تهذيبن کي تباهه ڪرڻ آهي، جيئن پاڪستان ۾ ٿئي پيو. پاڪستان جي اها ئي صورت آهي ۽ اهڙي ئي رهندي، دنيا جي مارڪيٽ لاءِ سستو ليبر پيدا ڪرڻ. بيرڪريسي، فوج ۽ پوءِ فيوڊل لاءِ دولت پيدا ڪرڻ کان اڳتي هي ملڪ ڪجهه به ناهي.”
    “توهانجو پنهنجو نقطه نگاهه آهي. جيڪو يقينن اهم آهي” سنگهار ڪرسي تان اٿيندي چيو، پر اوهان کي اهو به ڌيان ۾ رکڻ گهرجي، ته رياست ڪا مستقل قائم رهڻ واري شي ناهي. انساني آزادي ۽ خوشحالي جو سوال رياستن جي ڪردار کي تبديل ڪري ٿو. بلڪه ذهني ترقي ۽ انقلاب جو سوال انساني سماج کي ڪيترن سالن تائين قائم رهڻ ۾ مدد ڪري ٿو. سنڌ بهرحال پنهنجي موجوده افلاس ۽ مصيبت واري حالت کان ٻاهر نڪري ايندي. سنڌ جو ماڻهو ان لاءِ پاڻ کي تيار ڪري رهيو آهي. هي قائم رهڻ واري قوم آهي.”
    “تهذيبون ختم ٿين ٿيون، پوري دنيا ان مثال سان ڀري پئي آهي” اُرميل ڳالهائيندي چيو، مان توهان کي انجو مثال ڏيان ٿي. يونان کي زوال آيو. ڇاڪاڻ ته يوناني ائين سمجهندا هئا ته انساني غلامي قدرتي سلسلو آهي ۽ وري يوناني فلسفي موجب موسيقي، رقص، فلسفو ۽ شاعري تلوار کان به تيز ڌار ٿئي، هنن ديومالائي قصه گهڙي پنهنجي نظام کي هلائڻ لاءِ مقامي هارين مٿان ڳرا ٽيڪس لاڳو ڪيا. ماڻهن جي پيٽ جي بک فلسفي ۽ خيالي ُپلائن سان ختم ڪرڻ ڪيئن ممڪن آهي!
    جڏهن ونڊال قوم جي لشڪر روم تي حملو ڪيو، ته هن کوکلي شهر کي فتح ڪرڻ ۾ هنن کي ڪا مشڪل ئي ڪانه ٿي. 170ڪتابن جي خالق ارسطو، جنهن پوءِ پوري حياتي جلاوطني ۾ گذاري، سڪندر اعظم جي آمرانه انداز جي مذمت ڪئي، ته هُن سندس ئي ڀاڻج جو سِر جسم کان ڌار ڪري موڪليو. محض اهو ڏيکارڻ لاءِ ته ڏاهپ جي ڀيٽ ۾ تلوار جي ڌار تيز هجي ٿي.
    بابلي ۽ سميري تهذيبون پنهنجي ئي نسل پرستي ۽ طاقت جو بک بڻجي ويون. سنسڪرت قديم ٻولين مان هڪ آهي، جنهن کي زنده زبان جي حيثيت حاصل هئي. ويد ۽ مهاڀارت جهڙا شاندار تمثيلي ڪتاب اُن ئي ٻولي ۾ لکيا ويا. ڪاليداس جهڙي نامور شاعر جو تعلق هن ئي ٻولي سان هجڻ جي باوجود سنسڪرت ڳالهائن وارا هاڻ چند ماڻهو ئي آهن. اُهي شاندار تهذيبون هيون، جيڪي ختم ٿيون. اسان وٽ آزادي جي سوال کي روح جي بيداري کان نه ٿو ڏٺو وڃي. اورنگزيب عالمگير جي پوٽي معز الدين پنهنجن ڀائرن جا سِر وڍي قلعي ٻاهران نيزن تي ٽنگرائي ڇڏيا. پر جڏهن راجه اشوڪ بيدار ٿيو ته هِن شاندار تهذيب کڙي ڪري ڏيکاري. تهذيبون تباهه ٿين ٿيون، ڇاڪاڻ ته انسان اڳتي وڌڻ جا بي پناهه رستا ٺاهيا آهن، ته جيئن انسانن جي هڪ وڏي حلقي کي غلام رکي سگهي ۽ انهن غلامن جي پورهيي مان نيون تهذيبو ن (ايمپاير) وجود ۾ آڻي. اُها انسان جي ڪمزوري آهي، ته پاڻ کي زنده رکڻ لاءِ ٻي زنده شيءِ جو خون ڪري. تهذيبون ائين ئي ڪنديون رهيو آهن. سنڌ جي شاندار تهذيب سان به ائين ٿي سگهي ٿو. هندوستان جي پارليامينٽ جو ريزوليشن. ٽيگور جي گيت لاءِ نه پر سنڌ جي تهذيب لاءِ هو، پر انجي باوجود توکي محسوس نه ٿو ٿئي، ته سنڌ جي تهذيب سخت خطري ۾ آهي. سنسڪرت جي ٻولي جا هي شاندار لفظ آهن ته، خاندان جي مفاد لاءِ فرد کي قربان ڪرڻ گهرجي، قوم جي مفاد لاءِ خاندان کي، ملڪ جي مفاد لاءِ قوم کي ۽ روح خاطر پوري دنيا کي.
    روح جي آسودگي وڏي معني ٿي رکي. قومن کي روحاني طرح ختم ڪرڻ سان قومون خود به خود مري وڃن ٿيون. قوم جو روح انهن جا سياسي، علمي، ادبي ادارا هجن ٿا. جيڪي سماج اندر هر تبديلي جو بنياد هجن ٿا.
    توهان کي ائين محسوس نه ٿو ٿئي ته سنڌ جي سياسي ۽ سماجي تحريڪن ۾ فلسفي ۽ انقلاب جي سوالن کي سمجهڻ ۽ ڳالهائڻ جي روايت گهٽجي وئي آهي. فلسفي ۽ دليل جي جڳهه تي هٿيار اچي ويا آهن. انجو مطلب اهو ناهي ته ڳالهائڻ لاءِ موضوع ختم ٿي ويا آهن. پر ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته رياست جا قانون، حڪمران ۽ عوام دشمن ادارا، سنڌ جي تحريڪ اندر فلسفي ۽ انقلاب جي روايت کي ختم ڪرڻ جي سازش ڪري رهيا آهن. سنڌ جي سياسي، سماجي ڪلچر ۾ انقلاب لاءِ سوچڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيت ختم ٿي رهي آهي. سنڌ ته هن وقت تائين به پنهنجي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ کان به محروم آهي. اهو سڀ ڪجهه تهذيبن جي سماجي، سياسي، معياري قدرن جي ترقي ۽ انقلاب لاءِ رستا بند ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڇا آهي؟ هي رجحان تهذيبن جي تخليقي صلاحيت کي ختم ڪري ان کي تاريخ جي اونداهين ۾ گم ڪرڻ جي ڪوشش نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟ “
    “تاريخ ۽ فلسفي جي موضوعن تي ڪم ڪرڻ ان کي عوامي موضوع بنائڻ جي ذميواري ته ادارن جي آهي. پر هتي اهو ڪم عام ماڻهو يا سياسي ورڪر ڪري ٿو.” سنگهار وراڻيو، ان سان ماڻهن جي سوچ ۾ بنيادي تبديلي وارو سال ڌنڌلو ئي رهي ٿو، سنڌ هن وقت تائين به ڪٽنبي نظام تي انحثار ڪري ٿي، ڪٽنبي نظام ۾ ته کُلي ڳالهائڻ وڌيڪ مشڪل هجي ٿو .
    “يونيورسٽيون به روايتي طريقن جون قائل آهن” اُرميل ڳالهائڻ لڳي، حقيقت هيءَ آهي، ته جيڪو سماجي ۽ سياسي فلسفو مان ڪلاس ۾ پڙهايان ٿي، درحقيقت ڪنهن ڳٺڙي جيان بند آهي. جنهن جو ماڻهن جي زندگي سان ڪو تعلق ئي ڪونهي. جيڪو پيٿاگورس کان شروع ٿئي ٿو ۽ افلاطون تي ختم ٿئي ٿو. پر ان کانپوءِ جي فلسفي ۾ جيڪو انقلاب آيو، ان تي اسان وٽ ڪو ڪم ڪونه ٿو ٿئي. سرمائيداري ۽ سوشلزم جهڙن آفاقي موضوعن تي ڪو تحقيقي ڪم ڪونهي. نه ان تي ريسرچ پيپر آهن ۽ نه ئي اهڙي ڪا روايت.”
    “اها حقيقت آهي ته درسگاهن ۾ ان سطح جو ڪم نه هئڻ برابر آهي.” سنگهار وراڻيو،
    “حقيقت ۾ يونيورسٽي ۽ ان کان ٻاهر سياسي، سماجي ادارا ۽ پورهيتن جون انجمن نوجوانن جي سکڻ جا ادارا آهن” اُرميل وراڻيو، هي درسگاهون توانائي جو ذريعو آهن. انقلابي ليڊر شپ پيدا ٿيڻ جو اُهي رستو آهن. اُهي ئي روحاني بيداري ۽ آزادي جي راهه آهن، فلسفي جي صداقت، آزمائش ۽ قابليت جو اندازو ان ئي رستي ممڪن آهي. فلسفي کي ڪورسن جي ڪتابن تائين محدود رکڻ ان کي ڳٽڙي ۾ بند ڪرڻ برابر آهي. زندگي جي حقيقت کي سمجهڻ لاءِ انهن ماڻهن جي درميان اچڻو پوندو، جيڪي پنهنجي بنيادي حقن کان محروم آهن. الميو اهو آهي ته، اسان مان ڪنهن کي به، انهن ادارن جي ۽ ان رجحان جي ڪا پرواهه ڪانهي، بلڪه موجوده وقت ۾ ته هر ماڻهو پنهنجو اعلي مقام حاصل ڪرڻ جي اهڙي ڊوڙ ۾ آهي. جو ان موضوع تي ڳالهائڻ پنهنجو نقصان سمجهي ٿو. اسان هڪ لمحي لاءِ به پوئتي نظر ڪري انهن کي ڏسڻ لاءِ تيار ناهيون، جيڪي اسانجي زندگي ۾ هر طرح سان شامل آهن. اسان پنهنجي فرض کي ڪيڏو محدود ڪري ڇڏيو آهي. اسان هر ڪم جو معاوضو مقرر ڪري ڇڏيو آهي، بغير معاوضي جي ته اسين ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون.
    مون پنهنجي ليڪچررشپ واري پوري عرصي ۾، هميشه ان ڳالهه کي محسوس ڪيو آهي، ته فلسفي جي سوال کي سماج جي محروم طبقن کان علحده ڪري ڪڏهن به سمجهي نه ٿو سگهجي، پر ان لاءِ عملن مان ڪجهه نه ڪري سگهي آهيان. ماڻهن جي ڏکن سکن ۾ ڀائيوار ٿيڻ چاهيان ٿي، پر ان لاءِ منهنجو ادارو منهنجي ڪابه مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.”
    “اهو ڪم تون پنهنجي همت ۽ پنهنجي سياسي شعور سان به ڪري سگهين ٿي.” سنگهار، اُرميل ڏانهن نهاريندي چيو،
    “تنهنجو هي خيال شاندار آهي.” مطمئن دل مان ارميل وراڻي ڏني. پر توکي خبر آهي ته، “مون پاڻ هن سوال تي ڪيترا ڀيرا سوچيو آهي. مان توکي پنهنجي زندگي جو هڪ واقعو ٻڌايان ٿي، جنهن پوءِ منهنجي زندگي کي تبديل ڪري ڇڏيو. مون فلسفي جهڙي خشڪ سبجيڪٽ جي چونڊ جو فيصلو ان واقعي کانپوءِ ڪيو، ته جيئن مان ڄاڻي سگهان ته، هيءَ جيڪا اسانجي چوڌاري غربت آهي، اسانجي گناهن جي سزا آهي يا انجو بنياد رياست جي طبقاتي فرق ۾ آهي؟
    “مان جڏهن ٻار هئس اسانجي پاڙي ۾ هڪ واقعو ٿيو” اُرميل واقعو ٻڌائي ٿي، ڪنهن غريب گهر جو ٻار غذائي ڪمي سبب فوت ٿي ويو. سڀني کي حيراني ٿي ته ٻار کي ڪيتري غذا کپي، هن جي خوراڪ اڌ گلاس کير. پر پوءِ خبر پئي ته دراصل ٻار جو موت ماءُ جي ٿڃ نه ملڻ جي ڪري ٿيو. غربت سبب ماءُ ۾ ٿڃ نه پئي ٺهي ۽ هي غريب، پائوڊر وارو کير خريد ڪري نه پئي سگهيا.
    ُبک جي تڪليف ۽ Malnutrition ڪري ٻار جو موت ٿيو، اهو واقعو مون لاءِ ڪنهن اذيت کان گهٽ نه هو. جنهن پوءِ منهنجي زندگي ئي تبديل ڪري ڇڏي.
    مون ان واقعي کي ايترو سنجيده ورتو، جو ان ڏک ۽ افسوس ۾ پورو ڏينهن ماني نه کاڌي. ماني نه کائڻ ڪري بک جي احساس ته ويتر منهنجون اکيون کولي ڇڏيون، ته ُبک ڪيڏي بي رحم هجي ٿي، اُها ڪيڏي نه ظالم آهي، جيڪا انسان جي سمورن حواسن کي ٽوڙي ڀڃين ڀورا ڪري ٿي ڇڏي. مون کي پنهنجي آسودگي کان نفرت ٿيڻ لڳي، مان ڄڻ پاڻ کان نفرت ڪرڻ لڳس. مان ڪنهن حد تائين ائين محسوس ڪرڻ لڳس، ته معصوم ٻارڙي جي موت جي ذميوار مان آهيان. مون ان جي حصي جي خوراڪ کاڌي، مان انجي حصي جو جيون جيان پئي. هن واقعي مون کي بيحد روحاني تڪليف پهچائي. جڏهن مان يونيورسٽي ۾ داخل ٿيس ۽ استاد ٿيڻ تائين به هن واقعي جو اثر منهنجي دل ۽ دماغ تي رهيو. ان سوال جي تهه تائين پهچڻ لاءِ ته انساني سماج ۾ هنن واقعن جي ڪهڙي اهميت آهي ۽ هنن جو ڪارڻ ڇا آهي؟ جهڙن سوالن جي تلاش لاءِ مون فلسفي کي بطور سبجيڪٽ کنيو. هن سبجيڪٽ ذريعي مان زندگي جي حقيقتن جي سامهون اچي بيٺس. مون محسوس ڪيو ته غربت دراصل انسان جي اندر ڪيترن ئي ڪمزورين کي جنم ڏئي ٿي. هي ظالم ۽ طبقاتي رياستون ان ُبک کي قائم رکڻ جو ذريعو آهن. هنن رياستن کي ختم ٿيڻ گهرجي، پر ان کان به وڌيڪ آزادي جي خيال کي مون خوراڪ جي حاصلات تائين محدود نه سمجهيو. مون اها ڳالهه به سمجهي، ته زندگي جو حاصل صرف خوراڪ لاءِ زنده رهڻ ناهي ۽ نه وري پنهنجي ذات جي ضرورتن جو قيدي ٿيڻ ۾ آهي، پر پنهنجي روح ۽ ضمير جي آسودگي، سچائي وارو اعليٰ گڻ، خود داري ۽ پيار جهڙو لافاني احساس به آهي، جنهن کانسواءِ زندگي بي رونق ۽ بيڪار آهي.”
    “اهو مقصد ته سياسي انقلابي پارٽي کي جوائن ڪرڻ سان ئي حاصل ٿي سگهي ٿو، پر توهان ته ائين نه ٿا ڪيو؟” سنگهار، اُرميل ڏانهن نهاريندي چيو
    “سياست ۾ مون لاءِ ڪڏهن به انسپائريشن ناهي رهي” اُرميل وراڻيو، مون زندگي کي پنهنجي مرضي سان تراشڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
    “انسپائريشن کان وڌيڪ ته نظرين جي اهميت جو سوال آهي.” سنگهار ڳالهايو
    ارميل، “مون لاءِ نظريه سدائين اهميت وارا رهيا آهن. هڪ استاد جي ناتي انهن کي ڪيئن ٿي غير اهم سمجهي سگهان. باقي پارٽي سياست مون لاءِ ڪڏهن اتساه ڏيندڙ ناهي رهي. هتي نظرين جي محض ڳالهه آهي. گروپ آهن، پارٽي ته ڪٿي به ڪانهي. نظرياتي ميچورٽي جي شڪل ته مونکي ڪٿي به نظر نه ٿي اچي.”
    “توهان ائين ڪيئن ٿا چئي سگهو” سنگهار، ارميل جي اکين ۾ نهاريندي چيو،”توهان ڪڏهن پارٽي جا سرگرم ميمبر ته ناهيو رهيا.” سنگهار ارميل سان پارٽي سياست تي بحث ڪرڻ چاهي ٿو.
    “ٺيڪ آهي، پر توهانجي ناتي مون اُن کي ويجهڙائي کان ته ڏٺو آهي” اُرميل ڪرسي تي ويهندي چيو، پارٽي جي اختلافن ۽ انجي نتيجي ۾ ٺهندڙ گروپن ۾، مون توهان کي سدائين غمگين ڏٺو آهي. ان سبب ڪري ئي توهان پنهنجي چوگرد وڏو هلڪو ٺاهي نه سگهيا. توهان پنهنجي مايوسي ۽ اميد سهاري سفر ڪيو ٿا، بلڪه مايوس ڪندڙ حالتن ۾ وڌيڪ رهو ٿا. هيءَ حالت هڪ طرح سان ماڻهو جي زندگي جو حصو به ٿي وڃي ٿي. جيڪا پوءِ انسان جي شخصيت تي خراب اثر وجهي ٿي. توهان پنهنجي اندر تقسيم ۽ غير متوازن زندگي گذارڻ تي مجبور ٿيا آهيو. مونکي ان ڳالهه تي به پريشاني آهي. ته اهڙي نراسائي واري حالت ۾ انسان جي پنهنجي حياتي ۾ به دلچسپي ختم ٿي وڃي ٿي. جيڪا ان کي ڪو انتها وارو قدم کڻڻ تي به مجبور ڪري ٿي. عام طور جڏهن انسان خوابن جي دنيا مان نڪري حقيقي زندگي سان منهن مقابل ٿئي ٿو ۽ لاحاصل جي ڏک ۾ گهيرجي وڃي ٿو ته، پوءِ اڪثر ائين ٿيندو آهي ته، ماڻهو کي پنهنجو وجود اجايو ۽ بي معني محسوس ٿيندو آهي. پارٽي اندر اها ڪيفيت هاڻ مونکي عام نظر اچي ٿي، جن ماڻهن پوري حياتي پارٽي ۽ انقلاب واري فرض لاءِ پنهنجن سکن کي تياڳو، انهن ماڻهن جا خواب ٽٽل شيشي جيان ٿي ويا. ان ماڻهو مٿان ڇا ٿي گذري، جيڪو اندر کان ٽٽي پوي ٿو. هڪ ايماندار ورڪر ڪيئن ٿو ٽٽي. انجي خبر مونکان وڌيڪ توهانکي هوندي.”
    “مونکي ٻڌايو، هڙي ماڻهو جي ڪيفيت ڪهڙي هوندي؟” سنگهار، ڪجهه به نه ڳالهايو.
    “مونکي معاف ڪجو” اُرميل جوش مان ڳالهايو، مان توهانجو حصو آهيان، توهان جي تڪليفن کي محسوس ڪيان ٿي. مان شايد جذباتي ٿي وئي آهيان، پر مونکي اهو ڏسي شديد ڏک ٿئي ٿو، ته هر اهو ماڻهو جيڪو ڪنهن نه ڪنهن طرح سان پارٽي جي رشتي سان جڙيل آهي. گذريل ڪجهه سالن کان ڪيئن نه پنهنجي اندر ٽٽو آهي ۽ ڪيترن ڪيئن نه موقعي پرستي ڪئي آهي. افغان انقلاب کانپوءِ ته ڪيترا موقعي پرست، بيگم مراد، لالاآفريدي ۽ سبحان واحد، جهڙا ماڻهو ان آسري پارٽي ۾ شامل ٿيا، ته اهو انقلاب افغانستان رستي پاڪستان ۾ به داخل ٿيڻ وارو آهي. ڪا اهم ذميواري حاصل ڪرڻ لاءِ هنن پنهنجو رنگ ۽ چهرو تبديل ڪيو.
    پوءِ ڪاڏي ويا اهي ماڻهو؟ توهانجي ليڊرشپ جنهن پنهنجي مخلص ورڪرس کي عام رواجي نعرا هڻڻ وارو روبوٽ ٿي سمجهيو ۽ وري بي انتها مخلص ورڪر، جنهن پنهنجي ليڊرشپ کي ڪڏهن پنهنجي عقل جي ترازيءَ ۾ تورڻ سکيو ئي ڪونه......! انهن ليڊرن ڇا ڪيو؟
    شهيدن جي لاشن کي ڪڍي ٻاهر اڇلايو.
    ايتري تائين جو، چند رعايتن عيوض انهن کي نيلام ڪيو. اها آهي توهانجي پارٽي. ته پوءِ مون وٽ اُن جي اهميت هڪ پائي جيتري به ناهي.”
    اُرميل جي ڳالهائڻ جو انداز ائين هو، جيئن ڪنهن دوست هُن سان دوکو ڪيو هجي. هوءَ ڏکاري ۽ جوش ۾ هئي. هن وري ڳالهائڻ شروع ڪيو. مان هتي ان ايماندار ورڪر جي ڳالهه ڪيان ٿي. جيڪو پنهنجي روح سان پنهنجي من جي سچائي سان پنهنجو ڪم ڪري ٿو. جنهن لاءِ اختلاف ڪنهن حادثي کان گهٽ ڪونهن. جنهن کي پنهنجي محنت جي بي معنيٰ هجڻ تي ڏک ٿئي ٿو. تو جهڙا ٻيا به اهڙا سوين ڪارڪن آهن. جيڪي پنهنجي زندگي ڏيڻ جي باوجود هاڻ هرمن هيس جي سڌارٿ وانگر دنيا تياڳي ويٺا آهن. انهن جي خوابن جو ڇا ٿيو جن پنهنجون جوانيون جيلن ۾ گذاريون. موت سان وڙهندي ڪي شهيد ٿيا، ته ڪي سرخرو ٿي آزاد ٿيا ۽ جڏهن آزاد ٿيا، ته انهن جي پارٽي جنهن سان هنن جو عشق هو، جنهن مٿان هي پروانن جيان فدا ٿيندا هئا، پوءِ ڇا ٿيو انهن، سرفروشن جو؟ انهن جي ٻارن اڻپوري تعليم ڇڏي، ڏهاڙي تي وڃي پورهيو ڪيو. اهي غريب ورڪر دم ۽ سلهه جي بيماري ۾ بي يارو مددگار اسپتالن جي جنرل وارڊن جي گندن بسترن تي چُڙي چُڙي مري ويا. ڪيترن سرڪار جو سهارو ورتو ته ڪيترا نام نهاد، اين جي اوز جا پيڊ ورڪر ٿي ويا. ارميل غصي ۽ غم جي ڪيفيت ۾ ڳالهائيندي وئي.
    سنگهار، خاموشي سان ارميل کي ُٻڌي رهيو هو. ارميل جي مسلسل سوالن واري سلسلي تي سنگهار جا چپ دل جي بار کي هلڪي ڪرڻ لاءِ ته کليا پئي، پر جواب ۽ لفظن کان خالي هئا.
    اُرميل ڪجهه سوچيندي وري ڳالهائڻ شروع ڪيو، “حقيقت اها آهي، جنهن تي اسان ڪڏهن غور ئي ناهي ڪيو. ته انسان جيڪو صدين کان هتي رهندو پيو اچي تنهن کي عام رواجي خيال کان نه ٿو سمجهي سگهجي. انسان ڪپڙي جي تهه وانگر هجي ٿو، سمنڊ جي لهر وانگر، هوا جي جهوٽي جيان، هر تهه ۽ سمنڊ جي هر لهر جو احساس هڪٻئي کان مختلف ٿئي ٿو. هنِن جو ائين هجڻ ئي حقيقت آهي. هي ائين آهي جو توهان ٽرين تي سفر ڪيو ٿا، ته هر اسٽيشن جي ماڻهن جو ڪلچر، ڳالهائڻ جو انداز مختلف هجي ٿو، اها ئي صداقت آهي ته پوءِ ان احساس کي اسان پنهنجي اندر ڇو نه سمائي سگهيا آهيون. هتي اهڙي ڪنهن به هم آهنگي کي ته مون ڪڏهن به محسوس ناهي ڪيو. منهنجي خيال موجب اسان صرف انقلاب جي مٽيريل ايپروچ کي فالو ڪيو. انسان جي روحاني تربيت اسان کان رهجي وئي. انقلاب جو مٽيريل سوال ختم ٿيو. ته اسان اهڙا ٽٽاسين ڄڻ هئاسين ئي ڪونه. روحاني تربيت مان منهنجي مراد درگاهون ۽ چلا ڪڍڻ ناهي. اُن مان منهنجي مراد، انسان جي پنهنجي اندر جي صورت کي نمايان ڪرڻ آهي. پنهنجي ڪردار ۾ پنهنجي قول ۾.
    مان هن صداقت کي اوهان آڏو بيان ڪيان ٿي ته، جيڪو ماڻهو لاحد آهي ۽ وقت جي رفتار کان اڳي ۽ آزاد آهي ۽ پاڻ کي ابدي ۽ لافاني سمجهڻ بجاءِ محبت جي ڪنهن ڪارڻ سان جڙيل آهي. پنهنجي دل کي ٻين لاءِ نرم ڪري ٿو. سهارو ڏئي ٿو. سچ ڳالهائي ٿو. جنهنجي قول ۽ فعل ۾ فرق نٿو هجي ۽ انسان جي دائمي مسرت لاءِ پاڻ کي جهڪائي ٿو. حقيقت ۾ اهو ئي سڀني ۾ انوکو ۽ محبت لائق هجي ٿو ۽ اهو ئي ان احساس کي ڇهڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ ڪنهن شيءِ کي تبديل ڪرڻ جي همت به.”
    “محبت دلين جي درسگاه هجي ٿي. اُرميل ڳالهائيندي وڃي ٿي، هيءُ اهڙو علم آهي جو سِکڻ سان به حاصل نه ٿو ٿئي. هِن ڪجهه سوچينديءِ غور ڪندي سنگهار کي چيو، “جيئڻ جي ڪيفيت کي سِکي سگهجي ٿو پر مرڻ کي نه ٿو سِکي سگهجي، محبت کي نه ٿو سِکي سگهجي پر، نفرت کي سِکي سگهجي ٿو.
    مان هيءَ ڳالهه پنهنجي يقين سان چوان ٿي، ته هزارين قدم روزانو زمين مٿان هلندي پنهنجو سفر ختم ڪن ٿا، هر زندگي پنهنجي مدار ۾ رهندي سفر ڪري ٿي، ته ڪي وري پنهنجي لالچ جو شڪار ٿي، موت مَرن ٿا. وقت کان به اڳ پنهنجي مقرر سمي ۽ پنهنجي مدار کان به اڳ جن تي ڪو ماتم ڪرڻ وارو به ڪونهي. پر هيءَ ڪيڏي نه متاثر ڪندڙ حقيقت آهي، ته جيڪو ماڻهو پنهنجي مٽيءَ سان جڙيل آهي ۽ پنهنجو اهو وعدو پورو ڪري ٿو ۽ زمين مٿان عاجزي سان هلندي، هُن کي پنهنجو سنگيت ڏيندو، انسان ذات کي خوشي ميسر ڪري ڏيڻ لاءِ پاڻ کي پابند ڪندو. ڪمزورن جو سهارو ٿيندو، زمين جي باقي حيات، پکين، جانورن سان هميشه شفقت ۽ پيار سان پيش ايندو ته زمين به ان لاءِ پنهنجي چادر ڪشادي ڪري ٿي. ان کي زنده جاويد ڪري ٿي. ان جو چهرو چُمي ٿي ۽ان جا خيال چڱي طرح ياد رکيا ويندا.
    اهي زندگيءَ جا ابتدائي اصول آهن. جنهن ڪري ئي انسان هن زمين تي باقي مخلوق کان مختلف آهي. جن ماڻهن ان اصول کي اپنايو، حقيقت ۾ اهي ئي وقت کان اڳي آهن. تڏهن ته هر منظر ۽ هر خيال ۾ آهن. هميشهه کان ائين ٿيو آهي. ڪو به ماڻهو جڏهن پنهنجي طبعي موت مَري ٿو، ته زمين جي مٽيءَ ان کان ُپڇي ٿي، ته تو پنهجو واعدو پورو ڪيو. پنهنجي حياتي ۾ هِن مٽي کي اهڙو ڪو گيت، سنگيت ڏنو ۽ هن لاءِ ڪا مسرت واري گهڙي جيڪا انساني قدمن کي اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڪري ۽ هي مٽي توکي آغوش ۾ وٺڻ کان اڳ تو تي فخر ڪري سگهي.
    انسان جو ڊنل روح پنهنجي حصي جا ٻه ٽي قابل تحسين ڪم به شايد ڳڻائي نه سگهي. هي ته اهو آهي، جيڪو فخر ۽ غرور سان زمين مٿان پيرن کي ڇنڊي هلي ٿو. زمين کي ورهائي وڏي خلق کي لڏڻ تي مجبور ڪري ٿو. زمين جي ٿوري ٽُڪري لاءِ ڪنهن جو خون ڪري ٿو. اُن مٿان ٿڪون اڇلي ٿو. هن ڪڏهن به پنهنجي دل کي ان لاءِ نرم نه ڪيو ۽ نه وري ڪي احترام جا ٻه لفظ چيا. هي ڄور وانگر ته ان سان چنبڙيل آهي، پر ڪنهن به احساس کان خالي آهي. هن کي ته ان ڳالهه جو به احساس ڪونهي، ته هن جي پڄاڻي ڪيئن به ٿئي، پر وري به هن کي آغوش ته مٽيءَ جو ملڻو آهي. هي انسان ڪيڏو نه خوشقسمت آهي، جو سندس لاش کي بدبو کان بچائڻ لاءِ وري به مٽيءَ ئي پنهنجو پلئو آڇي ٿي.
    مون پنهنجيءَ مٽي کي هميشه پاڻ کان اتم رکيو آهي. اُرميل سرهائي سان چوي ٿي، بلڪهه اُن جي ڀيٽ ۾ مان ڪجهه به ناهيان. ڇاڪاڻ ته هڪ مٽِي، ٻي مٽيءَ سان محبت واري رشتي ۾ ٻَڌل آهي. اها حقيقت آهي، ته مٽيءَ کي محبت سان ڇهندي، ڪائنات جا سمورا رنگ توهان جي اندر سموئجي وڃن ٿا. اُها ڪيڏي نه وڏو نعمت آهي، جيڪا هر ڪنهن کي نصيب ناهي ٿيندي. دنيا کي درحقيقت وقت جي حدن کان آزاد ڪجهه اهڙن ماڻهن پنهنجو ترنم، پنهنجو خون ۽ پنهنجي جسم جو ماس ڏنو آهي. اهڙن گمنام ماڻهن ۾ اهي سياسي ۽ انقلابي ڪارڪن به آهن، جن پنهنجي هستي کي مٽائي، بغير ڪنهن معاوضي بغير ذاتي خواهشن جي بغير ڪنهن پارٽي سياست جي ڪنهن به خوف کان، آزادي لاءِ ۽ پنهنجي مٽيءَ لاءِ موت جي منهن ۾ هليا ويا. مان به شايد انهن مان آهيان.”
    اُرميل ڳالهائيندي ڳالهائيندي ڪجهه گهڙين لاءِ آرام ڪرسي تي پنهنجون اکيون بند ڪري پنهنجي اندر کي ان احساس سان تر ڪري ٿي، جيڪو هن وقت هڪ اسرار جي صورت ۾ هن وٽ آيو آهي.
    اُرميل، ڪرسي تان اُٿي ڪچن ڏانهن وڃي ٿي.
    سنگهار ڪرسي تي خاموش ويٺو آهي، هُن جي اکين ۾ غم جا بادل لهي آيا آهن. هُن اُرميل سان پارٽي سياست جي اهميت تي ڳالهائڻ پئي چاهيو، پر نه ڳالهائي سگهيو.
    ڪمري ۾ خاموشي ڇانئجي وڃي ٿي.
    سنگهار، اُرميل کي اڄ شام فيروز جي اچڻ جو ُٻڌائي ٿو.
    فيرز سان نذير جا ٻه دوست به ايندا، پارٽي جي ڪم سان آيل آهن.
    سنگهار: پنهنجي ٻڏل دل سان اُرميل کي چيو.
    “نذير جي اچڻ جو پروگرام به آهي ڇا”؟ اُرميل سنگهار کان معلوم ڪيو.
    “هن جو پروگرام ڪونهي” سنگهار وراڻيو.


    محبت دلين جي درسگاه

    سنگهار ۽ اُرميل سچ پچ هڪ ٻئي لاءِ ئي ٺاهيا ويا آهن. اُرميل جڏهن ڪنهن ڳالهه تي غور ڪندي ۽ ٽِڪ ٻَڌي ڪنهن ڏانهن نهاريندي ۽ ڳالهائيندي آهي، ته هُن جي گلابي چهري مان معصوميت خود به خود ظاهر ٿي پوندي آهي. هن جي چهري جا پورا پنا وصف ئي هِن جي چهري جو حُسن آهن. هُنجي نماڻين اکين ۾ حيرت جي حد تائين عجيب جوش ڀريل آهي. هوءَ پنهنجي اکين مان فلسفي جي استاد گهٽ، مهربان ماءُ وڌيڪ لڳندي آهي ۽ پنهنجي رهڻي ڪهڻي ۽ ڳالهين ۾ ته پڪي ورڪنگ ڪلاس جي فالور لڳي ٿي. هن کي ايترو فڪر پنهنجي ڪپڙي لٽي ۽ هار سنگار جو نه هوندو آهي، جيترو فڪر هن کي پنهنجي عزيز شاگردن، پاڙيوارن، پنهنجن دوستن جو آهي. هر غم ۽ خوشي ۾ ساڻن شامل رهڻ پنهنجو فرض سمجهي ٿي. هوءَ پنهنجي سڀاءُ ۾ڪليسا جي راهبا به آهي، ته فڪر ۾ڪميونسٽ به. هوءَ سفر ۾ ڪمزور عورتن کي سهارو ڏئي ۽ انهن کي پنهنجي گهر پهچائڻ ۾ مدد ڪري ٿي. پنهنجي کيسي ۾ ٻارن لاءِ ٽافيون ۽ چاڪليٽ رکي ٿي. بلڪه ڪڏهن ته سياري جي ُمند ۾ راه ويندڙ فقيراڻي کي پنهنجو سوئيٽر لاهي پارائي به ڇڏيندي آهي. هي سنڌ ڌرتي جي مِٽي، انمول مٽيءِ آهي. جنهن جو خلوص ۽ پيار، ڪڪرن وانگر هر ذات، هر مذهب جي ماڻهن مٿان رحمت ٿي وسي ٿو ۽ ان مٽي مان ڳوهيل آهي اُرميل جو وجود.
    اُرميل ۽ سنگهار هي ٻئي زال مڙس ڄڻ ته سنڌ جي ڊيزرٽ ٿر جي عشقيه داستان ڍول، مارو جي لازوال ڪردارن جيان آهن. جنهن ۾ ُسهڻي سَٻاجهڙي مارو خواب ۾پنهنجو وهانو خوبصورت نوجوان ڍول سان ٿيندي ڏسي ٿي. اها حقيقت پني تي لکي ڍولا ڏانهن روانو ڪري ٿي. ڍولا پنهنجي ڍاٽڻ اُٺ تي چڙهي مارو وٽ اچي ٿو. هن کي پنهنجي اُٺ تي کڻي وڃي ٿو. ائين ئي ارميل ۽ سنگهار جي زندگي جي ڪهاڻي به آهي.
    ڪراچي يونيورسٽي جي فلاسافي ڊپارٽمينٽ کي جوائن ڪندي ارميل کي مهينو به نه ٿيو هو، جو سنگهار خوبصورت ڍول جي روپ ۾هُن اڳيان اچي بيٺوهو، سنگهار آخري سال جو شاگرد هو ۽ ارميل فلاسافي شعبي جي نئين ليڪچرر.
    سنگهار جو آخري سال هو. فلاسافي ڊپارٽمينٽ جي سيمينار هال ۾ هنجو فائنل سيمينار هو، هال شاگردن ۽ استادن سان ڀرجي ويو هو، يونيورسٽي جي هر ماڻهو هن سيمينار کي اٽينڊ ڪرڻ ۽ اُن مان سَکڻ پئي چاهيو. ڇاڪاڻ ته سنگهار يونيورسٽي جو پروگريسو سياسي ورڪر هئڻ ڪري، هن جا موضوع سدائين سياسي ۽ فلسفيانه رهيا هئا. شاگردن اهڙن موضوعن مَان هميشه سِکيو آهي. هن جي سيمينار جو موضوع به مارڪسزم جي سياسي معاشيات هو. اُن ڪري هر ماڻهو لاءِ سکڻ جو موقعو هو.
    سنگهار ڳالهائڻ شروع ڪيو. پهرين ته هن فلسفي جي اهميت تي ڳالهايو. ان کانپوءِ مارڪسزم جي ٽن بنيادي محرڪن، جنهن ۾ فلسفه ماديت، مارڪسزم جي سياسي معاشيات، سوشلزم ۽ طبقاتي جدوجهد جي نظريي تي دليل ڏنا.
    سنگهار. مارڪسزم جي سياسي اهميت تي ڳالهايو. جنهن ۾ هُن چيو ته،
    “طبقاتي سماج ۾ سرمائيدار، جاگيردار ۽ مذهبي سياسي پارٽيون پورهيتن جي سماجي حالت، غربت کي سماجي نابرابري ۽ طبقاتي فرق ۾ ڏسڻ بدران اميرن ۽ غريبن جي وچ جي تقسيم کي قدرتي ڄاڻائڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون. انهن ماڻهن بقول اها ورهاست ازل کان آهي. هي ان ورهاست کي سماج جو طبقاتي فرق نه، پر اهڙي حقيقت سمجهن ٿا، جيڪا خود طئي ڪري ٿي، ته غريب کي غريب رهڻو آهي ۽ امير کي امير. هي ان فرق کي جاگيرداري ۽ سرمائيداري نظام سان منسلڪ ريتن رسمن ۽ مذهبن کي ذميوار سمجهڻ لاءِ تيار ناهن.
    طبقاتي رياست جون پنهنجون سماجي ۽ سياسي برايون هونديون آهن، جيڪي انقلاب ذريعي ئي حل ٿي سگهن ٿيون. پورهيتن لاءِ محنت ڪرڻ ۽ اَن اُپائڻ کي قدرت جو فيصلو چئي، دراصل هنِن پورهيتن جي طبقاتي تحريڪ کي سياسي تحريڪ ۾ تبديل ڪرڻ واري عمل کي روڪي رکيو آهي.”
    سنگهار: پنهنجي ڳالهه هيگل جي نظريي کان شروع ڪئي، ته هيگل چواڻي “تصور يا خيال، جيڪي انسان جي ذهن ۾ وقت به وقت پيدا ۽ تبديل ٿيندا رهيا آهن، شين ۾ تبديلن جي ڪري آهن. انجي ابتڙ مارڪس چيو، شيون ئي هيون جن اسان کي تصور ۽ خيال ڏنا. تصور، تبديل ٿين ٿيا، ڇاڪاڻ ته شيون تبديل ٿين ٿيون. اسين ڪچن ۽ ڪکاون گهرن ۾ رهندا هئاسين، اڄ اسين پڪن، جديد طرز جي تعميراتي ۽ شاندار گهرن ۾ رهون ٿا. اهو ان ڪري ناهي، ته اسان وٽ اڳواٽ عاليشان گهر جو تصور هو، پر ڇا ڪاڻ ته اسان جي رهڻي ڪهڻي جا انداز، وسيلا ۽ معلومات جا ذريعا بدليا آهن. ان تسلسل آڌار ڏسنداسين ته، سرمائيداري ماضي جي باقي نظامن کان وڌيڪ متحرڪ ۽ تبديل ٿيندڙ اڳتي وڌندڙ آهي. اها ان ڪري وڌيڪ ترقي يافته ۽ آزاد آهي، جو انسان پنهنجي محنت ۽ صلاحيت کي وڪڻڻ لاءِ آزاد آهي، پر سرمائيدارنه ترقي جو وڏو مسئلو دولت کي چند هٿن تائين محدود ڪري ايمپاير سامراجيت جو روپ اختيار ڪرڻ آهي. جيڪا پوءِ دنيا کي مختلف نوعيت جي سياسي، سماجي مسئلن ۾ مبتلا ڪري ڇڏي ٿي.”
    “ڪنهن به نطريي جي افاديت، سماج کي فرسوده نظام مان نجات ڏيارڻ ئي ناهي، پر ان کي قائم رکڻ به آهي” سنگهار وڌيڪ دليل ڏيندي چيو، دنيا ۾ استحصالي قوتن جي ڀيٽ ۾ طبقاتي شعور جي تعليم وڌي رهي آهي. دنيا جون قومون متحد ٿي رهيون آهن.
    اهو احساس حقيقت ۾ نئين طاقت کي جنم ڏيندو.”
    سنگهار جي سيمينار جي تعريف هر ڪنهن ٿي ڪئي. هن ئي سيمينار ۾ ارميل ۽ سنگهار هڪ ٻئي کي ڏٺو ۽ هڪ ٻئي سان ڳالهايو، سنگهار جي سيمينار کي ُٻڌڻ کانپوءِ اُرميل کي اهو اطمينان ۽ دلي سڪون حاصل ٿيو ته، سنگهار فلسفي جي عام رواجي ۽ روايتي ڳالهين کان هٽي ڪري ان جي بنيادي تضادن ۽ سوالن کي بحث هيٺ آندو. حقيقت ۾ ضرورت به ان ڳالهه جي آهي، ته فلسفي جي سوال کي بند ڪمرن مان ڪڍي، ساه کڻڻ لاءِ ٻاهر آندو وڃي. ته جيئن قدرت ۽ عام ماڻهو ان ۾ پنهنجا رنگ ڀري سگهي، جيڪي ئي دراصل ان جا صحي حقدار آهن.
    يونان جو سقراط چوندو هو ته، “ انسان ئي هر شيءِ جو پيمانو آهي” ان ۾ ئي صلاحيت آهي، ته پنهنجي ۽ سماج جي ڪٿ ڪري سگهي. سقراط انسان کي پنهنجي بحث جو موضوع بنايو. سنگهار به پنهنجي سيمينار ۾ ان تسلسل کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي. جيڪا ڪوشش هِن کان اڳ اٿينس جي ڏاهي سقراط ۽ جرمني جي عالم مارڪس ڪئي. سنگهار ۽ ارميل جون ملاقاتون ٿينديون رهيون ۽ وقت به وقت هو مختلف اشوز تي ڳالهائيندا رهيا. هنن جي من ۾ هڪٻئي لاءَ عزت ۽ احترام وڌڻ لڳو ۽ هڪ موڙ تي سنگهار، اُرميل کي شادي لاءِ پرپوز ڪيو. اُرميل جي فيملي جيئن ته ُپراڻي خيالن جي روايتي فيملي هئي، ان ڪري ارميل کي مشڪل پئي لڳو، ته هُن جا والدين هِن رشتي کي آساني سان قبول ڪندا ڇو ته سنگهار هنن جي ذات جونه هو، پر انجي باوجود هُن همت ڪري پنهنجي امان بابا سان سنگهار سان رشتي جو ذڪر ڪيو.
    پر ارميل جي والدين انڪار ڪيو .
    “اسان تنهنجي خوشي جي ڪري توکي پڙهايو، پر انجو مطلب اهو ناهي ته روايتن جي ڪا اهميت ڪانهي.” اُرميل جي والد انڪار ڪندي چيو، ائين ٿيندو آهي، جڏهن به ٻن عزيز ۽ پيار ڪندڙ ماڻهن کي هڪٻئي کان پري ڪرڻ يا ڇنڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته ان سان ٻنهي جي وچ ۾ وڌيڪ شدت سان پيار وڌندو آهي. اُرميل جي سنگهار جو حصو ٿي وڃڻ چاهي ٿي ته ڪابه طاقت هنن درميان ٽڪي نه سگهندي، هي ته پڙهي لکي آهي ۽ اهڙن ٻارن جا والدين ته خوش نصيب هجن ٿا جيڪي پنهنجن والدين جي خوشي جو خيال رکن ٿا. عزت ۽ احترام ڪن ٿا، والدين کي به اهڙن ٻارن جي پسند جو خيال ڪرڻ گهرجي. ارميل پاڻ سان همڪلام ٿئي ٿي.
    هِن دل جي گهرائي مان ان ڳالهه کي محسوس ڪيو ته محبت ئي ته اها شيءِ آهي، جيڪا انسان کي ڪنهن به خوف ۽ بي وسي کان بچائي ٿي. اهو اجايو خيال آهي ته محبت وڻندڙ لفظ جي عبارت آهي، جنهن جو ٻيو نالو ديوانگي آهي. پر مونکي ان ڳالهه جو يقين آهي، ته محبت انسان کي سمورين ڪمزورين ۽ بازاري طريقن کان بچائي وٺي ٿي ۽ وري جڏهن ٻن انسانن جي مسرتن جي ڳالهه هجي ته وڌيڪ راه روشن ٿي وڃي ٿي. جيڪا سڀ کان افضل ۽ مقدس آهي. ارميل سوچيو،
    ڇا ٿي پيو جو سنگهار هم ذات ناهي. اسان هڪٻئي کي محسوس ڪيو هڪٻئي کي سمجهيو آهي. هڪٻئي سان پيار ڪيو آهي.هڪٻئي جي عزت ڪرڻ ۽ هڪٻئي سان اتفاق ڪرڻ ئي دراصل رشتن جو نالو آهي.
    ارميل، پنهنجي بابا کي واضع طرح سان چيو ته هوءَ هڪ پڙهي لکي ڇوڪري آهي، هن کي پنهنجي زندگي متعلق فيصلي ڪرڻ جو اختيار آهي ۽ اهو اختيار هن کي سماج ۽ پنهنجو مذهب به ڏئي ٿو. هن معاملي ۾سچ پچ ارميل وڏي لڙائي لڙي ان دوران سنگهار سال لاءِ لنڊن هليو ويو، انجي باوجود هي ٻئي هڪ ٻئي سان رابطي ۾ رهيا. ارميل کي پنهنجي خاندان مان ڪيترا رشتا آيا پر هو انڪار ڪندي رهي. هوءَ جيئن ته يونيورسٽي جي استاد هئي، ان ڪري به هن جا والدين هن تي ڪا زور زبردستي نه ٿي ڪري سگهيا. سال کانپوءِ سنگهار به لنڊن کان واپس ٿيو. ارميل جي والدين به نوعيت کي سمجهندي، ارميل جي خوشي خاطر هِن رشتي لاءِ راضي ٿيا.
    اُرميل ۽ سنگهار جي شادي ٿي وئي،
    “سچ چيو اٿن ته عشق کي ڪا شڪست ناهي”
    خدا به انهن ماڻهن جو مددگار ٿئي ٿو، جن جو انتخاب صحي ۽ صداقت وارو هجي ٿو. محبت، آفاقي احساس ۽ حسين سچائي آهي.خدا هميشه پيار ڪرڻ وارن جي دلين ۾ ئي ته رهي ٿو .
    هِن مقدس پيار ڪري جيڪي ماڻهو ماريا وڃن ٿا يا ڪنهن به طرح محبت جي نتيجي ۾ هڪٻئي کان ڌار ڪيا وڃن ٿا. اهي به هميشه خدا جي هٿن ۽ خدا جي ڇپر ڇانو ۾ رهندا. سدائين لاءِ زنده رهندا. انهن ماڻهن جي هٿن کي چمڻ وارن جي طويل قطار هوندي ۽ اهي بي رحم انسان. جن جي فرسوده رسمن، ذاتي انائن، سختگير ۽ سنگين روين ڪارڻ محبت ڪندڙ دلين کي زخم ڏنا. محبت جو تماشو ڪيو. بيڪار ۽ نفرت آميز رويا رکي گوليون هنيون. بي ڪفن دفنايا ويا. اُهي معافي لائق نه، پر نفرت لائق هوندا ۽ ڌڪاريا ويندا. بلڪه محبت اڳيان گوڏن ڀر جُهڪي هِنن جي قدمن کي چمندا.
    سنگهار ۽ ارميل به محبت جا ٻه اهڙا انوکا ڪردار آهن. جن مٿان خدا جي خاص رحمت ۽ مهرباني آهي. دنيا جي نفرت ۽ لالچ کان پري ۽ آزاد. لامحدو خيالن ۽ پنهنجي دل جي رستي تي هلندڙ. هي جوڙو هميشه خوش خوش پکين جيان اُڏامندي، سير ڪندي، زندگي گذاري ٿو.
    اوائلي ويدن ۾ ڄاڻايل آهي، ته انسان جي پنهنجي دل جي شادابي ۽ دل جي صداقت سان سوچي، ته پوري دنيا رونق ۽ خوشين سان سرشار ۽ بهشت ٿي وڃي. هي زال مڙس عقل ۽ روحاني پختگي جي آڌار زندگي کي سوچڻ، سمجهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. هي نه صرف دنيا جي وجود کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، پر انجي اهميت، آزادي ۽ انسان جي خامين ۽ خوبين جو نظرياتي جائزو وٺن ٿا. انسان جي شخصي صفات، ارادن، خيالن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري نتيجن تي پهچڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. حقيقت ۾ دنيا قائم آهي، اهڙن پيار ڪندڙ جوڙن سبب جن پنهنجي بي لوث محبت کي هڪ خاص تعلق سان جوڙي رکيو آهي. اهو تعلق آهي هڪٻئي جي خيالن جي عزت ڪرڻ، هڪٻئي کي اهميت ڏيڻ، هڪٻئي کي خاص سمجهڻ ، سهارو ٿيڻ، ڏکن کي سکن ۾ تبديل ڪري ڪنهن به حالت ۾ خوش رهڻ، دل ۽ دماغ کي دنيا جي رنج و غم کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪرڻ.
    هي ڪيڏي نه شاندار روايت ۽ ڪيڏي نه شاندار آزادي آهي. جنهن ۾ ماڻهو کِلڻ ۽ نچڻ لاءِ ڪنهنجو پابند نه هجي. ڪيڏي مهل به چاهي کِلي روئي ۽ نچي سگهي. هي آزادي ان تعلق جي ڪري آهي، جيڪا هنن زال مڙس جي وچ ۾ قائم آهي. جنهن کي ڪيئي صديون گذرڻ جي باوجود به اسانجون حماقتون ختم ڪري ناهن سگهيون.


    دوستن جي ملاقات ۽ دلين جي قبوليت

    سنگهار، فليٽ جي بالڪني مان شهر کي ڏسي ٿو. فضا ۾ دونهين جي بدبوءِ آهي. روڊ تي گاڏين جي طويل قطار فضا ۾ دونهين جي هڪ ليئر ٺاهي ڇڏي آهي. موٽر سائيڪل ۽ رڪشائن جي سيلنڊرن مان دونهون ڪنهن فيڪٽري جي چمني جيان ٿي نڪتو.گرمي ۽ دونهين کان بيزار ماڻهن جا چهرا نپوڙيل ڪاغذ جيان ٿي لڳا.
    بلند عمارتن ۽ پلازائن کي ڏسي ڪوبه ماڻهو اندازو ڪري سگهي ٿو، ته ڪراچي پاڪستان جو جديد شهر ۽ اُڀرندڙ سرمائيداري جو مرڪز آهي. حقيقت ۾ هِن شهر کي بالڪني مان بيهي، ائين ئي ڏسي سگهجي ٿو. هن شهر جي سرمائيدارانه ترقي جي خبر ته مِني ٽيڪسين ۾ سفر ڪرڻ کانپوءِ پوي ٿي يا وري اسپتال جي ڪنهن جنرل وارڊ جي بوسيده بستري تي دم ڏيندي يا وري شهر جي گندن نالن جي ڀر ۾ رهندڙ جيوڙن نما وائرل انفيڪٽيڊ انسانن جي زندگي کي ڏسي يا وري گن پوائنٽ تي ڪنهن معصوم شهري جو موبائل يا سفر جو واحد سهارو موٽر سائيڪل ڦريندي، جيڪو پوءِ ديوانن جيان پنهنجي گهر ڏانهن ڊوڙي ٿو، پنهنجن ٻارن کي اهو ُٻڌائڻ لاءِ ته هو پنهنجو موبائل يا موٽر سائيڪل وڃائڻ باوجود زنده آهي.
    حقيقت اها آهي، ته هو اندر ۾ مري ويو هوندو آهي.
    سنگهار شهر تان نظر هٽائي، آسمان کي ڏسي ٿو. وسيع ۽ ويڪري آسمان ۾گهٻرايل پکي بسن، ٽرڪن ۽ رڪشائن جي شور ۽ گوڙ سبب ڪافي دير تائين آسمان ۾ اڏامندا رهن ٿا. هي شهر جي زمين تي عرصي کان ناهن لٿا، هنن کي زمين جي شڪل صورت گاڏين، رڪشائن ۽ ٽيڪسين جي صورت ۾ نظر اچي ٿي. هتي هنن جي آکيري لاءِ ڪو وڻ ڪونهي. هنن کي سيمنٽ جي ديوارن ۽ لوهي گرلن ۾پنهنجا آکيرا ٺاهڻا پون ٿا. هنن جي پرجُوش ۽ سحر انگيز آواز کي ٻڌڻ وارو ڪو ڪونهي. تڏهن ئي ته شهر جي ماڻهن جون دليون پٿر جيان سخت ٿي ويون آهن. هنن ماڻهن جا چهرا به عجيب ٿي ويا آهن. بلڪل مشيني، هنن ماڻهن وٽ زندگي جي نواڻ پنهنجي اندر ڪا معنيٰ ڪانه ٿي رکي. هنن کي زندگي گهلي گذارڻي پوي ٿي. شهر ته زندگي سان ڀرپور ۽ نوجوانن لاءِ کليل تلاءَ جيان هوندا آهن. جتي هي تري ۽ تڙڳي سگهن. پر هاڻ ته هي شهر ڪنهن شڪار گاهه جيان آهي. جتي هر روز انسانن جو شڪار ٿئي ٿو.
    سنگهار: شهر جي آلوده گلين ڏانهن ڏسندي پنهنجو پاڻ سان ڳالهائي ٿو.
    “در در تي ڦهليل گندگي مان لڳي ٿو، انسان کي بيڪار شين کي جمع ڪرڻ جي عادت ٿي وئي آهي.”
    سنگهار، هڪ دفعو وري ان ڳالهه تي سوچي ٿو، ته هر ماڻهو وٽ زندگي کي ڏسڻ، پرکڻ ۽ محسوس ڪرڻ جو الڳ الڳ زاويو آهي. ان مختلف رخن ڪري ئي زندگي مختلف معنائون رکي ٿي. ارميل پنهنجي گفتگو ۾ زندگي کي پنهنجن هٿن سان تراشڻ جي ڳالهه ڪري ٿي ۽ مون لاءِ زندگي متحرڪ عمل جو نالو آهي. ارميل انسانن لاءِ بهشت جا دروازا کولڻ چاهي ٿي. اهو هڪ طرح سان ته شاندار خيال آهي. پر اهو معيار اهڙي سماج ۾ ڪيئن ٿو مقرر ڪري سگهجي، جنهن ۾ هر طرف کان دوزخ جا در کليل هجن.
    اُرميل جيئن سوچي ٿي انجو ته انکي پورو حق آهي، ڪنارا موجن ڪري زنده رهن ٿا، هي تعلق آهي. قدرت ان طرح پنهنجو ڪم ڪري ٿي. “قدرت” تراشڻ، هڪٻئي لاءِ جيئڻ ۽ فنا ٿي وڃڻ جهڙن اسرارن تي مشتمل آهي.
    صحي مسرت به ته اها آهي، جيڪا انسان پاڻ تراشي. جنهن ۾ هو پاڻ کي ڏسي. ان ۾ پنهنجو اولڙو پسي. ڪنهن به ماڻهوءَ کي ترغيب ڏئي ۽ سمجهائي ڪنهن ڳالهه تي آماده ته ڪري سگهجي ٿو، پر انجي باوجود انجي اندر جي ڪمي کي ڪو به ختم ڪري نه ٿو سگهي. اها ته ڪنهنجي وس جي ڳالهه به ناهي. هي خال ته روح جي صداقت سان پورو ٿي سگهي ٿو.
    ڪراچي شهر هاڻ ٻن سمنڊن جو شهر آهي. سنگهار پاڻ سان ڳالهائيندي چيو. هڪ گهري نيري پاڻي جو، جنهن جون موجون ۽ مستيون ڪناري تائين محدود آهن. ٻيو سمنڊ ميرن، گدلن، گيريجن، هوٽلن، روڊ ۽ رستن تي ڪم ڪندڙ اجنبي ماڻهن جو جيڪي ڪراچي سان ائين چُهٽيل آهن جيئن غربت سان ُبک چُهٽيل هجي ٿي. اُها اڪثريت هاڻ ڪراچي جي سڃاڻپ ٿيندي پئي وڃي. جيڪي وڙهن ٿا. مَرن ٿا ۽ مشيني انداز سان وڌن ٿا. هي دنيا جو عجيب شهر آهي، جتي امير ماڻهن جي عياشين جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ناجائز ٻارن کي پينگهن جي شناخت ڏني وڃي ٿي ۽ انهن عياش اميرزادن مٿان ائين پردو رکي ٿي، ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ڪونهي. هن شهر جي درگاهن ۽ هوٽلن تي هڪ جيتري رش هجي ٿي. درگاهن جا ماڻهو غربت جا ماريل هجن ٿا ته هوٽلن تي امير ماڻهو پنهنجي ملڪيت جي شاندار نمائش ڪن ٿا. وڏا وڏا لفظ ورجائيندي دلچسپ گفتگو ڪن ٿا. شام جو غريبن جا ٻار لغڙ اڏائيندي ۽ انهن پويان ڊوڙندي مَرن ٿا. انجي باوجود چئوڻ جي حساب سان وڌن ٿا. غربت جي رونق ته ٻار ڄڻڻ ۾ آهي. هي هر روز ائين تيزي سان وڌن ٿا ۽ شهر جي گٽرن، پهاڙن، مٿان گهر اڏيندا وڃن ٿا. پاڪستان جا جهادي يقينن هن آبادي آسري پنهنجو سبز پرچم پوري دنيا مٿان ڦڙڪائڻ جا خواهشمند آهن.
    سنگهار شهر مٿان نظر هٽائي ٿڪل مسافر جيان، ڪرسي تي آهلجي پوي ٿو ۽ سندس دل ۾ جيئن پوءِ تيئن اندروني جوش ماٺو ٿيندو وڃي ٿو .
    شام جا پنج ٿي رهيا آهن.اُرميل، گهر جي ڪم ڪار مان فارغ ٿي سنگهار جي ڀر ۾ اچي ويهي ٿي.
    “فيروز توهانجي ڀر ۾ هي ڪير آهن؟” ارميل جي اوچتي سوال تي ڪجهه گهڙين لاءِ خاموشي ڇانئجي وئي، پر پوءِ هن خود ئي ڳالهايو. “هنن کي ڏسي مونکي پنهنجا ڀائر ياد اچي ويا، بلڪل هنن جهڙو قد ڪاٺ ۽ چهري تي ساڳي فرشتن جهڙي مسڪراهٽ.”
    فيروز، چهري تي هلڪي مسڪراهٽ آڻيندي، دوستن ڏانهن اشارو ڪندي، هنن جو تعارف ڪرائي ٿو. “تيرٿ پارڪر ۽ هِن جي ڀر ۾ آهي شهه مريد. تيرٿ جو تعلق نئون ڪوٽ سان آهي. شهه مريد جو تعلق روهي چولستان پنجاب سان آهي.
    هي ٻئي ڪامريڊ نذير جا دوست آهن.”
    فيروز، ارميل ۽ سنگهار جو تعارف به ڪرايو ۽ دوستن کي ٻڌايو ته هي ٻئي زال مڙس ڪراچي يونيورسٽي جا استاد آهن.
    “ڪيئن آهن نئين ڪوٽ جا ماڻهو؟ سنگهار، تيرٿ کان نئين ڪوٽ جو پڇيو،
    تيرٿ، ٿورو سوچيندي پنهنجو جائزو ورتو، ته هو پهرين ملاقات ۾ پنهنجن دوستن سامهون مال چاريندڙ، پاڻي لاءِ ڪوهين ڏور ويندڙ عورتن، خوراڪ جي ڪمي ۾ مَرندڙ انگ اگهاڙن ٻارن جي دکن جي شروعات ڪٿان ڪري. هن لاءِ واقعي به اها ڏاڍي ڏکي گهڙي هئي. تيرٿ انهن چهرن کي ياد ڪرڻ لڳو، جيڪي هن اڳيان آيا ۽ گم ٿي ويا. جن ٻارن کي پوءِ هن پنهنجن مائرن جي جهولين ۾ اُرڙي، ڪالرا، پيچش ۽ مليريا جهڙن بيمارين ۾ مرندي ڏٺو. هن همت ٻَڌي ڳالهائڻ شروع ڪيو.
    “سنگهار مون سوچيو پئي ته توهان کي پنهنجي ڏکاري ديس جا مسئلا ڪٿان کان ٻڌائڻ شروع ڪيان. مان ڏسان پيو ته نئين ڪوٽ ۾ قديم انسان جي نسبت جديد دور جو انسان وڌيڪ گدلو ۽ انتهائي هيٺئين درجي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. -نئين ڪوٽ جا ماڻهو دنيا جي ترقي کي حيرت سان ٽيليويزن تي ڏسي خوش ٿين ٿا. جڏهن هيءَ وقتي خوشي هنن جي من کي ڪا مسرت ڏيڻ کانسواءِ گذري وڃي ٿي ۽ سڄي ڏينهن جي سخت محنت کانپوءِ هنن جا پير هلي هلي ٿڪجي پون ٿا. تڏهن هي دنيا جي ترقي تي ملامت ڪرڻ کانسواءِ بستري تي پئجي سمهي رهن ٿا. ترقي جي شڪل صورت ڪيئن آهي ۽ اها ڪنهن لاءِ آهي، هُنن کي ڪا خبر ناهي. ڪچن بوسيده گهرن ۾ رهندي هي وساري ويٺا آهن ته هو به ڪي انسان آهن. نوجوان پورو ڏينهن آسمان مان لهندڙ ڪنهن غيبي مدد جي انتظار ۾ آهن. هاري پورو ڏينهن محنت ڪرڻ جي باوجود پنهجي چتا جيتريون ڪاٺيون به جمع نٿو ڪري سگهي، هُن کي اسپتال ۾ نه دوا ملي ٿي نه گهر ۾ سڪون جي ننڊ، هُن کي ڌرم جي واپارين دوزخ جو خوف ڏياري سندس باقي ساه به مٽ ۾ ڪري ڇڏيو آهي. حڪمران ساڳيا آهن، ته مسئلا به ساڳيا آهن. انسان جو انڌيرو به ساڳيو آهي. هاڻي ته هنن کي اونده ۾ رهڻ جي عادت ٿي وئي آهي. روشني کان هنن کي خوف ٿئي ٿو.
    سال ۾ جيترا ٻار اسانجي ضلعي ۾، خوراڪ جي ڪمي ۽ جسم مان پاڻي نڪري وڃڻ ڪري مَرن ٿا، دنيا جي ڪنهن به غريب ملڪ کان وڌيڪ آهن .
    حڪمران سياسي پارٽي جي چونڊيل نمائندن وٽ ايترو وقت ئي ڪونهي جو انهن مسئلن تي ويچارين، اُهي ته هڪ قسم جا ٽولا آهن. وڏيرن جي روپ ۾، جيڪي اقتدار جي گرد ڦرندا رهن ٿا. جيڪي پنهنجي شان، نالي ناموس خاطر اليڪشن ۾ حصو وٺن ٿا، ووٽ خريد ڪن ٿا.”
    “ماڻهن ۾ ان ڳالهه جو احساس آهي ته هي نظام تبديل ٿيڻ گهرجي؟” سنگهار تيرٿ کان سوال ڪيو،
    “بلڪل آهي” تيرٿ وراڻيو، “اهي ائين آهن، جيئن ڪو ماڻهو ڏيکاءُ جي حد تائين ڪنهن لاءِ فڪرمند هجي. انهن کي ان ڳالهه جي خبر آهي، ته هيءُ جيڪو ٿئي پيو،نه ٿيڻ گهرجي. اُهي جڏهن اسپتالن جا ڌڪا کائي موٽن ٿا ته پاڻ ئي چون ٿاته انهن سان انسانن وارو برتاءُ ٿيڻ گهرجي. پر پوءِ جدوجهد جي سفر کي اڻانگو ڏسي پاڻ ئي چون ٿا، کَڏ ۾ پوي اهو سڀ.
    پر انهن کي احساس ڪونهي ته انجا نتيجا ڪيڏا خطرناڪ ٿي سگهن ٿا.تيرٿ اتساه مان ڳالهائيندو ويو، ذلت، جي خبر هئڻ باوجود انسان کي آخر ان مان ڪهڙو مَزو اچي ٿو. مَان هنن جي حالت کي ڏسي سوچيندو آهيان ته بنا ڪنهن سبب جي هي ماڻهو پنهنجي زندگي ائين ڇو برباد ڪري رهيا آهن. هنن کي اُن ڳالهه تي يقين ڪڏهن ايندو، ته عزت واري زندگي جو مقام سڀ کان بلند آهي.”
    “جمهوري ۽ قومي پارٽيون ڇا پيون ڪن؟” سنگهار پڇيو،
    “انهن کان ُپڇندا، ته چوندا اسين پنهنجي سياسي پروگرام سان اڳتي وڌي رهيا آهيون” تيرٿ وراڻيو، پر حقيقت ۾ اُهي اُتي ئي بيٺل آهن. سياسي تحريڪون فيوڊلس جي ڀيٽ ۾ هاڻ ڪمزور آهن. سياسي تحريڪن جي جڳهه، مدرسن ۽ جهادي تنظيمون ولاري آهي. دراصل اهو خال ئي آهي، جنهن کي هي جهادي تنظيمون ڀرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن. سنڌ جي قومي تحريڪ وٽ هيٺئين ۽ وچولي طبقي لاءِ ڪو سياسي ۽ معاشي پروگرام نه هئڻ ڪري، هڪ طرف اهو خال فيوڊل پارٽيون ڀرن ٿيون ته ٻئي طرف مذهب جي نالي تي مذهبي ۽ ديني جماعتون اها ڪوشش ڪري رهيون آهن.”
    “سنڌين جي اهڙي ڪهڙي ڪمزوري آهي جنهن جو هي فائدو وٺي رهيا آهن”؟ فيروز، تيرٿ کان پڇيو.
    “سنڌي معاشري جي هن وقت وڏي ڪمزوري انجو زرعي ۽ سياسي نظام آهي. تيرٿ، نهايت جذبات سان گفتگو ڪندي چيو، جيڪو بيروڪريسي ۽ نام نهاد فيوڊل حڪمرانن جي ور چڙهي ويو آهي. هارپو، واحد هنر هو جيڪو سنڌي ماڻهن کي آيو ٿي. ڇاڪاڻ ته سنڌ جو ماڻهو زراعت جي پيشي سان وابسته آهي. جيڪو پوءِ آهستي آهستي زمين کان ڇڄندو ويو. ان جا به سبب آهن. زرعي فصلن تي اپت جي ڀيٽ ۾ خرچ جو وڌڻ ۽ قيمت جو نه ملڻ، زمينن ۾ ڪلر جو اچڻ، پاڻي کان محروم پڇڙي جون زمينون، ۽ حڪومت جي ترجيهات ۾ زرعي شعبي جو نه هجڻ، هي رڳو انتظامي نااهلي جو سوال ناهي پر فيوڊل نظام جون اهي خرابيون آهن. جنهن کان سنڌي سماج متاثر ٿي رهيو آهي. زراعت ۾ سرمائيداري جي برتري وڌندي پئي وڃي. زرعي مشنري جي ذريعي ڏهن ماڻهن جو ڪم هڪ مشين ڪري ٿي. هارپي وارو روايتي طريقو ختم ٿيندو وڃي پيو. هارين جو وڏو تعداد نقد سرمايي ۽ ٺيڪيداري سسٽم ۾ تبديل ٿيندو پيو وڃي. زراعت ۾ ننڍي پئماني وارو زرعي پيداوار ڪندڙ طبقو ختم ٿيندو پيو وڃي. جنهن سان بيروزگارن جي فوج پيدا ٿئي پئي. زمين مان بيدخل ٿيندڙ سنڌي هاري وٽ نه ڪاروبار جو هنر آهي ۽ نه وري هن وٽ شهري معيار تي پوري لهڻ لاءِ سيڙپ ڪرڻ لاءِ ڪا پاڇي ۽ پلاننگ. حڪمرانن کي ماڻهن جي اهڙي بد تر حالت جي ڪا پرواه ڪانهي. سرمائيداري انساني پورهيي مان ٺهندڙ شين ۽ سامان سان مارڪيٽون ته ڀري ڇڏيون آهن، پر خريد ڪرڻ جي صلاحيت سواءِ مخصوص ڪلاس جي، باقي ڪنهن وٽ ڪانهي. ٻئي طرف عام ماڻهوءَ جي ذهني پستي جي حالت اها آهي، ته مان جڏهن انهن کي متحد ٿي هنن مسئلن ۽ هن رياست سان مقابلي لاءِ چوان ٿو، ته هو هڪٻئي کي ڏسن ٿا، منهنجي پيدل هلڻ، منهنجن ڪپڙن کي ڏسن ٿا ۽ ممڪن آهي منهنجي ڳالهه کي دوستانه مشورو به سمجهندا هجن، پر پوءِ به شايد منهنجي ڳالهه کي مذاق سمجهي دل ئي دل ۾ کِلندا اُٿي وڃن ٿا. ۽ شايد سوچيندا هوندا، ته ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي.!
    هميشه جيان، انسان اوستائين پاڻ کي ڪمزور ۽ ڊنل سمجهي ٿو، جيستائين هو اڪيلو آهي، پر جڏهن متحد ٿئي ٿو، ته وڏي طاقت هجي ٿو.
    مان توهان اڳيان هڪ راءِ رکان ٿو. جنهن تي مونکي ڪامل يقين آهي.هن حقيقت جو تعلق سنڌ جي ماڻهن سان آهي. جيڪو سنڌ جو روح آهي. توهان اختلاف ڪري سگهو ٿا. پنهنجي راءِ ڏئي سگهو ٿا، پر منهنجي خيال کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. جنهن کان سنڌ جي ماڻهن جي گهڻائي نه صرف متاثر آهي. پر ان سحر ۾ورتل آهي. هِن خيال کي هڪ طرح ماڻهن تائين پهچڻ جو ذريعو ٺاهي سگهجي ٿو. سنڌ جي ڪيترن ماڻهن سان ملڻ کانپوءِ مان ان ڳالهه کي شدت سان محسوس ڪيو آهي، ته سنڌ جي ماڻهن جو مزاج سياسي تاريخ جي نسبت تصوف جي تاريخ کان وڌيڪ متاثر رهيو آهي. هن سرزمين تي منصور حلاج جي تحريڪ پنهنجون پاڙون پختيون ڪيون آهن.
    بغداد جي منصور حلاج کي 922 ۾ ڦاسي ڏئي شهيد ڪيو ويو. حقيقت هيءَ آهي، ته شاه عنايت جي تحريڪ (جيڪو کيڙي سو کائي) کان وٺي شاه لطيف، درازن واري سچل سرمست جي شاعري، اقبال جو جاويد نامو، ۽ بهاوالدين ذڪريا ملتاني جو سهروردي سلسلي جو مرڪز ، تصوف جي تحريڪ ئي آهي، جنهن جو مهندار منصور حلاج ئي هو. جيڪو چوندو هو I am creative truth “
    دوستو، “مون لاءِ تصوف جي اهميت هڪ انقلابي تحريڪ جيان آهي.” تيرٿ اُتساه مان چيو،
    “ سنڌ جو تصوف مزاحمت، جاوداني ۽ وجد سان ڀرپور آهي، جيڪو ئي اُنجو اتساهيندڙ ۽ گهري حقيقت رکندڙ پاسو آهي. جيڪو پوءِ بلاول ۽ شاه عنايت جي روپ ۾ منتقل ٿيو. مان ائين سمجهان ٿو، ته سنڌ جو تصوف ۽ سنڌ جي شاعري سان وڏو الميو اهو ٿيو ته انجي مذاهمت واري تحريڪ کي ختم ڪري نام نهاد رعايتي يافته گادي نشينن واري ڪلچر کي پروان چڙهايو ويو آهي. جن پوءِ هن تحريڪ جو مزاحمتي روح ختم ڪري، درگاهن کي دعائون پنڻ ۽ چندن گڏ ڪرڻ جو ذريعو بڻائي ڇڏيو. الست بربڪم، انا احمد بلا ميم، مان جوئي آهيان سو ئي آهيان ۽ پڙهيو ٿا پڙهين، ڪڙهين ڪين قلوب ۾ جا آواز ختم ٿي ويا. حالانڪ شاه لطيف، سچل ۽ شاه عنايت جون درگاهون علم ۽ سکيا جا ادارا هجڻ گهرجن. پر بدقسمتي سان اهي نشي واپرائڻ جو مرڪز بڻجي ويا آهن. هتي مان پنهنجي مٿين ڳالهه کي ورجائيندي ائين چوندس ته هڪ اهڙي تحريڪ جي ضرورت آهي، جيڪا تصوف کي پنهنجي اصلي روح ۾ آڻڻ لاءِ ڪوشش ڪري، جنهن کي اسين هميشه غير اهم ڪري سمجهيو آهي. تصوف هن ڌرتي جو روح آهي. جنهن جي شاندار تاريخ آهي. جنهن کي ضرورت آهي اهڙن ماڻهن جي جيڪي جُيڪو کيڙي سو کائي جو اعلان بنان ڪنهن هٻڪ جي ڪن” تيرٿ پنهنجي ڳالهه ختم ڪئي.
    “توهان ائين سمجهو ٿا، ته تصوف موجوده سائنسي ترقي واري دور ۾ پنهنجو وجود قائم رکي سگهندو. سنگهار، تيرٿ کان معلوم ڪيو، موجوده دنيا جي تقاضا ته مختلف آهي. اسانجي جنريشن ته سرمائيدارانه دور جي سائنسي ۽ ٽيڪنالاجي واري دنيا ۾ رهي ٿي. هن اڳيان دنيا ته ڪمپيوٽر جي ڪلڪ جي فاصلي تي آهي. هِن جنريشن ته ٽيڪنالاجي واري ترقي لاءِ نه صرف پاڻ کي تيار ڪيو آهي، پر ان لاءِ پاڻ کي شاندار طريقي سان تبديل به ڪيو آهي. ان کي هڪ سو سال کان به وڌيڪ پراڻي تصوف واري ڪلچر ۽ تحريڪ ڏانهن واپس ڪيئن ٿو ڪري سگهجي؟ تصوف فرد جي دائري ۾ رهندي، اُن کي داخلي دنيا تائين محدود رهڻ جي تلقين ڪري ٿو. جڏهن ته سماج سائنسي ۽ سماجي ترقي ۾ انقلاب چاهي ٿو. انهن ٻنهي جو هم آهنگ ٿيڻ ڪيئن ممڪن آهي؟”
    “حقيقت هيءَ آهي ته، تصوف هنڌوستاني سماج ۾ فڪر ۽ فلسفه جي صورت ۾ آيو. تيرٿ، سنگهار سان مخاطب ٿيندي چيو، هي واقعي به انسان جي داخلي ترقي جو قائل هو ۽ آهي. تصوف جا پوئلڳ ائين سمجهن ٿا ته انسان جي داخلي ۽ روحاني ترقي سان گڏوگڏ، تصوف ٻين شين جي ڀيٽ ۾ انسان اندر غيرمعمولي صلاحيت ۽ طاقت پيدا ڪري ٿو. صوفي انجو اظهار پنهنجي جسم کان وڌيڪ پنهنجي خيال، پنهنجي سچائي، پنهنجي فعل ۽ وقت جي حاڪمن کان انڪار ڪري ڪندا رهيا آهن. هُنن پنهنجي لاءِ تڪليفده رستي جي چونڊ ڪئي. ڇاڪاڻ، ته خدا کي ماڻهو جي روپ ۾ ڏسڻ جا قائل هئا. هنن ماڻهن سان محبت جو درس ڏنو ۽ ان آڌار زندگي گذاري. جنهن پوءِ ماڻهن جي هڪ تمام وڏي حلقي کي متاثر ڪيو. هنن بهشت کي ساڙڻ جي ڳالهه ٿي ڪئي. هُنن چيو ته بهشت ڪنهن شائسته ماڻهوجي جاءِ ٿي نه ٿي سگهي. انسان پنهنجي من کان ڏسي ته خدا هر طرف کان موجود آهي. انسان جي روپ ۾ به، صاف سهڻي گفتار ۾ به.
    اهو ته هڪ لحاظ سان شاندار خيال آهي. تصوف جي ان پيغام کي ماڻهن جي گهڻائي نه صرف قبول ڪيو، پر ان فڪر کي پڻ ڦهلايو. تصوف جي فڪر کان عام ماڻهو جي متاثر ٿيڻ جا ڪيترا ئي سبب هئا.
    هڪ ته تصوف، فرد جي آزادي تي يقين ٿي رکيو. انجي عظمت ۽ سچائي تي زور ٿي ڏنو.ٻيو اُن چيو ٿي، ته انسان، ڪائنات جو محور آهي ۽ انجو درجو سڀ کان اول آهي. انسان، خدا جي تخليق جو ڪامل ۽ برحق نمونو آهي. خدا پاران ماڻهو لاءِ ائين چوڻ ته مان نه زمين جو آهيان، نه آسمان جو، مان ته انسان جي دل جو آهيان. ان ۾ ئي سمايل آهيان، ان کان به اڳتي حضرت علي جو انسان لاءِ ائين چوڻ ته “تون سمجهين ٿو ته هڪ ننڍڙو وجود آهين،حالانڪ تنهنجي اندر سڀ کان وڏو عالم موجود آهي، بلڪل اهڙي طرح وحدت الوجود جو فڪر انقلابي تحريڪ جي صورت اختيار ڪري ويو، انهن ماڻهن لاءِ جيڪي ڪمزور ۽ ڌتاريل هئا.
    وحدت الوجود جي فڪر، نه صرف حڪمران طبقي جي مفادن کي ضرب لڳائي، پر رياست جي معنيٰ تبديل ڪرڻ ۾ انهن ماڻهن جي مدد ڪئي. جيڪي رياست خلاف هٿيار بند جدوجهد ڪري رهيا هئا. بلڪه تصوف جا حامي، صوفي خود به ان تڪليف مان گذريا. ڪي گهاڻي ۾ پيڙيا ويا، ته ڪي ڦاهي تي چاڙهيا ويا ته ڪنهن جي جسم کي جلايو ويو. هي خاص ماڻهو هئا. جن پورهيو ڪري حلال روزي ڪمائڻ تي نه رڳو زور ڏنو ٿي پر پاڻ به پورهيو ڪري روزي ڪمائي.
    تصوف جي شاندار خصوصيت فطرت جي مناظر تي غور فڪر ڪرڻ. انهن جي اسرارن کي تلاش ڪرڻ. انهن ڏانهن محبت ۽ نهٺائي سان نهارڻ. انهن کي پنهنجي زندگي سان هم آهنگ ڪرڻ. ماڻهوءَ کي خدا جي شاندار تخليق سمجهڻ. ان سان محبت ۽ عشق ڪرڻ. انجي آزادي ۽ احترام ۾ پاڻ کي به قربان ڪرڻ. انسان کي نفرت، لالچ ، رنگ، نسل، مذهبي مت ڀيد کان پري رکڻ. اهي ئي ڳالهيون هيون جيڪي ماڻهن جي دلين ۾ گهر ڪري ويون. بلڪه هن وقت تائين ماڻهن جي دلين کي گرمائن ٿيون.
    انسان ڪجهه مسئلا خود پنهنجي لاءِ پاڻ پيدا ڪيا آهن. لاتعداد خواهشن ۽ حسرتن ۾ مبتلا ٿي، هن پاڻ لاءِ مسئلا پيدا ڪيا آهن ۽ وري ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو ائين سمجهندو آهي، ته هن جيڪو چاهيو آهي، اهو ته هن وٽ آهي. ڪڏهن ته اهو به اتفاق ٿيندو آهي، ته جيڪي شيون هن کي بيحد آسودگي جو احساس ڏيارين ٿيون. اهي ئي هن جي تنهائي جو سبب بڻجن ٿيون.
    تصوف جي تحريڪ هڪ ممڪن حد تائين، انسانن جي خواهشن کي قابو ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، بلڪل ڪنهن انقلابي جيان، هن جهڙو به ان کان مختلف به.
    دوستو! مان فڪري طور ڪميونسٽ آهيان ۽ روحاني طور تصوف جو قائل به. منهنجو تصوف، سوشلزم کان مختلف ناهي. منهنجي اڳيان دنيا کي تياڳڻ جو مطلب، دنيا کان منهن موڙڻ ناهي. پر اُن ڏانهن رويو تبديل ڪرڻ آهي. ان کي پنهنجي طرح سان تراشڻ آهي. ان ۾ موجود خرابين جو حصو ٿيڻ بجاءِ ان کان انڪار ڪرڻ آهي. ڪوبه انسان پنهنجي گرد موجود دنيا کان انڪار نه ٿو ڪري سگهي. ان کي تياڳي نه ٿو سگهي. دنيا هڪ حقيقت آهي. جنهن کان انڪار ڪري ئي نه ٿو سگهجي. تصوف، دنيا کي تبديل ڪرڻ کان اڳ، انسان جي تبديلي جي ڳالهه ڪري ٿو. دل جي دنيا کي روشن ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. اها تبديلي ڪنهن به سفر ڏانهن پهريون قدم آهي.
    تصوف، موجوده ترقي ۽ جنريش اڳيان رڪاوٽ نه ٿو بڻجي. پر اُن تصوري دنيا ۽ خواهشن جي ڀر مار کان انسان کي بچائڻ چاهي ٿو. جيڪي هن پنهنجي گرد قائم ڪري رکيون آهن. حرص، لالچ ۽ بي حسي تي ٻڌل دنيا. جيڪا هُن پنهنجي گرد تخليق ڪري ڇڏي آهي. جنهن هنجي وجود ۽ خيالن کي قيد ڪري ڇڏيو آهي. جنهن سان هن جو ڪردار منفي، ظالمانه ٿيندو پيو وڃي. ڪو به ماڻهو دنيا کي اوستائين تبديل نه ٿو ڪري سگهي، جيستائين پاڻ کي اُن قيد مان آزاد نه ٿو ڪري.
    دوستو! مان جنهن مٽيءَ جو ڳوهيل آهيان، ان مٽيءَ جو روح تصوف آهي، ته مان ان کان مختلف ڪيئن ٿو ٿي سگهان. منهنجي ته اها ئي حقيقت آهي.”
    “تيرٿ جي ويچارن کي ُٻڌي مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. سنگهار، خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيو، پر ساڳي وقت، تيرٿ جي راءِ مان ڪيترا ئي سوال پيدا ٿين ٿا. تصوف جو سماجي ۽ سياسي تبديلي ڏانهن رويو ڪيئن آهي ۽ مستقبل ۾ انجي ڪهڙي اهميت آهي؟ جهڙن سوالن تي اسين اڳتي هلي ڳالهائينداسين.اسان هڪٻئي کي وڌيڪ بهتر سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
    سنگهار: شهه مريد، کي به روهي جا حال ٻڌائڻ جي گذارش ڪئي.
    دوستو! “مان تيرٿ جهڙو سٺو ته نه ٿو ڳالهائي سگهان. شهه مريد، تيرٿ ڏانهن نهاريندي چيو، پر نئين ڪوٽ جهڙي ساڳي حالت روهي چولستان جي به آهي. روهي جا دک به ساڳيا آهن. دراصل هي عوامي ۽ چونڊيل حڪومتون، قديم جاگيردارانه سماج جو تسلسل آهن. هنن جو روپ هر هنڌ ساڳيو آهي.
    جمهوريت ته هتي ماڻهن جي انقلاب کي ٿپڪي هڻي سمهاري ٿي. ته جيئن ماڻهو جاگيردارن، سرمائيدارن ۽ فوجي حڪمرانن کان ُپڇي نه سگهن، ته جمهوريت وٽ هنن کي ڏيڻ لاءِ ڇا آهي؟ جمهوريت ماڻهن کي ڪجهه به نه ٿي ڏئي. هتي جمهوريت جو مطلب جاگيردارن، سردارن، سرمائيدارن ۽ فوجن جي حڪومت آهي. ڪيترا ئي اڻ پڙهيل ۽ بغض ورتل ماڻهو ائين سمجهن ٿا. ته ملڪ کي فرقن ۽ نسلن ذريعي بچائي سگهجي ٿو. اهو خيال ته ماڻهن ۾ نيڪي پيدا ڪرڻ بجاءِ شيطانيت کي جنم ڏئي رهيو آهي. هڪ فرقي وارو ماڻهو ٻئي فرقي واري ماڻهوءَ کي ماري، پاڻ لاءِ جنت جا در کلندي ڏسي ٿو، اهو احساس ماڻهوءَ اندر ڪهڙي بيداري پيدا ڪندو. نسل پرستي به اهڙي ئي خطرناڪ شيءِ آهي، جيڪا شروع ۾ ته انتهائي متاثر ڪندڙ ۽ ڀرپور جوش پيدا ڪري ٿي، پر پوءِ اهو ساڳيو ڪم ڪري ٿي، جيئن فرقا ڪن ٿا، يعني انقلاب لاءَ ماڻهن کي ٿپڪي هڻي سمهارڻ.”
    “مون سنڌ جي ڪافي نوجوانن ۾ پنجابين خلاف وڏي نفرت ۽ مخالفت ڏٺي آهي. شهه مريد تو ڪڏهن ان ڳالهه کي محسوس ڪيو آهي؟” فيروز، شهه مريد کان معلوم ڪيو.
    “ها دوست منهنجو روح ان وقت سخت تڪليف محسوس ڪندو آهي” شهه مريد دل جي بيقراري مان وراڻيو، جڏهن ڪو ماڻهو پنجابي پورهيت کان نفرت جو اظهار ڪري ٿو. پر اهو ساڳيو ماڻهو انقلاب لاءِ طبقاتي ويڙه وڙهڻ کان لاچار آهي. ان جي ذهن ۾ هڪ ئي ڳالهه ڀري وئي آهي. درحقيقت هيءَ احساس درست به آهي. جنهن جو ذميوار هي فرسوده نظام آهي. جيڪو بلڪل ائين چاهي ٿو، جيئن اڄ اسان عام ماڻهو مذهبن، فرقن ۽ نسلن آڌار هڪٻئي سان ڪري رهيا آهيون. پاڪستان کي ووٽ مون نه ڪيو آهي.
    جن پا ڪستان کي ووٽ ڪيو. اهو ڪلاس پاڪستان کان اڳ به جاگيردار ۽ خوشحال هو ته هاڻ به خوشحال ۽ صاحب جائيداد آهي. پورهيو ڪندڙ لاءِ ته حالتون اڳ به ساڳيون هيون، ته هاڻ به ساڳيون آهن. جڏهن پاڪستان ٺهيو پئي، ڪنهن نه سوچيو، ته هي ملڪ ڪنهن لاءِ ٺاهيو ٿيو وڃي.پر هر ڪنهن اسلام ۽ ايمان جي ڳالهه ٿي ڪئي. اُن شور ۾ عام ماڻهو اها ڳالهه ئي نه سمجهي سگهيو ته دراصل اسلام ۽ ايمان جهڙن نالن جي آڌار نواب، فيوڊل ۽ سردار پاڪستان ۾پنهنجون زمينون ۽ ملڪيتون محفوظ ڪرڻ ٿا چاهن. جنهن لاءِ هنن لکين ماڻهن کي دربدر ڪيو ۽ هزارين بي وجهه موت مئا. عورتن سان جيڪو ٿيو، تنهن جو ته ڪو حساب ئي ڪونهي. مان ته هن پاڪستان کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهيان. جيئن بابا هن کي نه قبوليو ۽ آخري دم تائين ان کان انڪار ڪندو رهيو. جيتوڻيڪ مان هن ملڪ ۾ رهان ٿو. مونکي ان ڳالهه جو به يقين آهي، ته اهو فيصلو جلد ٿيندو، ته هي ملڪ نوابن جو نه پر پورهيتن جو آهي.
    دوستو، مون کي تڏهن حيرت ٿيندي آهي، جڏهن پنجاب جي مخالفت ڪرڻ وارا پنجاب جي حڪمران ڪلاس سان گڏ ويهن ٿا. انهن سان اتحاد ڪن ٿا. بلڪه انهن سان رشتيداري به ڪن ٿا ۽ پنجابي پورهيت کي گهٽ وڌ ڳالهائن ٿا. هنن دوستن کي تاريخ پڙهڻ گهرجي ته دنيا جي تاريخ طبقاتي تاريخ آهي. ۽ طبقن جي جدوجهد ارتقا جي عمل کي متحرڪ ڪري ٿي. سياسي آزادي، طبقاتي تحريڪ کانسواءِ ڪيئن ممڪن آهي؟ دنيا ۾ اهڙو ڪو به مثال ڪونهي، جو فيوڊل طبقي يا سرمائيدار طبقي سخت ويڙهه ۽ مزاحمت بغير ماڻهن کي پنهنجا بنيادي حق ۽ آزادي واري نعمت ڏني هجي. مان هڪ سياسي ڪارڪن هئڻ جي ناتي، ان حقيقت کي سمجهان ٿو ۽ ان کي بيان ڪرڻ ۾ مونکي ڪا به شرمندگي ڪونه ٿي ٿئي، ته پنجابين ۽ پٺاڻن ۾ هڪ مراعتي يافته طبقو پيدا ٿيو آهي. جنهنجو مفاد موجوده پاڪستان سان جُڙيل آهي. هيءُ طبقو ڪنهن به انقلابي سياسي تحريڪ کي اُڀرڻ نه ڏيندو. پاڪستان جي فوج هنن جي پويان بيٺل آهي. جڏهن ته سنڌ ۽ بلوچستان جا ماڻهو هِن وقت تائين به جاگيردارن ۽ سردارن جي پويان لڳل آهن. جن هُنن کي جهالت جي اونداهين ۾ وڃي اڇُليو آهي. اڃان تائين اسان ان اونده ۾ ئي پيل آهيون. محنت ڪش هاريءِ مزدورن جو پاڪستان 47 کانپوءِ ختم ٿي ويو. هي پاڪستان منهنجو ملڪ ناهي. هن کي انگريزن ٺاهيو آهي ۽ اهي ئي هلائن پيا. مان ته اوهان مان آهيان، منهنجي ۽ توهانجي قوم پاڪستان کان به اڳ جي آهي. اسانکي پنهنجي طاقت تي ڀروسو ڪرڻو پوندو. اسانجون محروميون ساڳيون آهن. اسانجي شاعريءَ ۾ ماڻهن جو درد ساڳيو آهي، فڪر ساڳيو آهي. فضول ڳالهين تي اختلاف ڪرڻ بجاءِ هن رياست خلاف منطم ٿيون. جيڪا اسان سڀني جي دشمن آهي. جنهن جا حڪمران توهان ۽ اسان مان ناهن.”
    “روهي جا ماڻهو ته فلسفي گهٽ شاعر وڌيڪ هوندا آهن پر تو ته پوري ڌيان سان فلسفي جي بنيادن تي ڳالهايو” فيروز، شهه مريد ڏانهن مسڪرائيندي چيو،
    “ها ائين آهي” تيرٿ، شهه مريد ڏانهن اشارو ڪندي چيو، هن يار ۾ ٻئي خوبيون آهن. اسانجو هي دوست هڪ خاموش شاعر به آهي. ڪالهه جڏهن اسان ٻئي ڪراچي ڏانهن نڪتاسين ته پوري سفر ۾ خاموش رهيو ۽ هينئر ته هن شاعراڻي انداز ۾ زبردست گفتگو ڪئي آهي.
    سڀئي دوست کِليا، شهه مريد وري به خاموش هو. اڄ پهرين ملاقات ۾ سڀئي گهرا دوست ٿي ويا هئا، هِنن هڪٻئي تي سٺو تاثر ڇڏيو ۽ هڪٻئي جي خيالن سَان چڱي حد تائين متفق به ٿيا.


    وجود جو هڪ حصو،پنهنجي ٻئي حصي کي تلاش ڪري وٺي ٿو

    ڪراچي يونيورسٽي به ماءُ وانگر آهي. جيئن زمين ماءُ ٿئي ٿي. دنيا جون سڀئي درسگاهون ائين هونديون آهن شفيق، مهربان، پيار ڪندڙ، سمجهائيندڙ ۽ سيکاريندڙ، پنجن سالن جي ننڍڙي عرصي ۾ زندگي جي سمورن حقيقتن، گمنامين، حيرانين، طرح طرح جي ماڻهن ۽ ذاتين سان واقفيت ڪرائي، دنيا کي نئين طرح سان ڏسڻ جو موقعو ڏين ٿيون. شور مچائيندڙ، خود غرض، مهربان ۽ ڏک ڀري دنيا ۾ رهڻ ۽ ان سان جهيڙڻ جو اتساه ۽ اهو سڀ ڪجهه سيکارڻ جي ڪوشس ڪن ٿيون، جيڪو عام طور ماڻهو ڪٿي به سِکي نه ٿو سَگهي. هيءَ هڪ سادي حقيقت آهي، ته يونيورسٽي ماڻهوءَ جي زندگي ۾ ائين شامل رهي ٿي، ڄڻ هر اها شيءِ جيڪا انسان کي پنهنجي راهه هلائي ٿي، هن جي ئي هٿن جي ڏنل آهي. جنهنجو هي ڪو اجورو به نه وٺي. مان هتي انسانن جي وچ ۾آيل سمورن لڪيرن ۽ ديوارن کي ڊهندي ڏٺو آهي ته ساڳي وقت شرمساري جهڙيون ڳالهيون ٿيندي به ڏٺيون آهن.
    هڪ صدي اڳ جڏهن ديوتائن جو علم ماڻهن جي اُڃ اُجُهائي نه سگهيو ته ماڻهن درسگاهن ڏانهن رخ ڪيو، ته جيئن هو وڌيڪ ڄاڻي سگهن، ته ڪائنات ۽ زمين جي علم ۾ اهي ڪهڙيون شيون پوشيده آهن، جيڪي معلوم ڪرڻ کان رهجي ويون آهن.
    هتي هنن تاريخ پڙهي. فلسفو پڙهيو. سياست، ٻولي ۽ ادب کي پڙهيو ۽ ان جي گهرائي کان واقف ٿيا.
    فلاسافي شعبي جي شاگردن سنڌ جي تاريخ کي پڙهندي، اهو سمجهيو، ته سنڌ جي قديم تاريخي عهد ۾ سنڌ مٿان جيڪي آفتون آيون، عربن، مغلن، تاتارين، ڪلهوڙن ۽ انگريزن جي روپ ۾، انهن خلاف ڪا تاريخي مزاحمت نه ڪرڻ جا ٻه سبب هئا، هڪ ته سنڌين جو “تارڪ الدنيا” وارو مزاج، جيئن ته سنڌ خوشحال هئڻ ڪري سنڌي لوڪ کي ڪڏهن ضرورت ئي محسوس نه ٿي، ته ڪنهن ٻي سرزمين تي هلان ڪري ان تي قبضو ڪن، هنن جي پنهنجي زمين هنن کي ايترو ڪجهه ڏئي رهي هئي، جو هنن ان ڳالهه جي ڪڏهن ضرورت ئي محسوس نه ڪئي ۽ ٻيو سبب ته هي جنگجو به نه هئا. خوشحالي جي اها ئي ته ڪمزوري هجي ٿي. ته اتان جون قومون جنگجوئن جي ڀيٽ ۾ صلح پسند هونديون آهن. هن خيال تي گهڻو ڳالهايو ويو، ته پراچين دور جون اُهي قومون جيڪي مهذب هيون، جن وڙهڻ، حملوڪرڻ ۽ قتل ڪرڻ جي ڀيٺ ۾ ٻولي، ادب، موسيقي، رقص، سفر، آرٽ، ۽ فن تعميرات ۾ ترقي ڪئي پوءِ اُهي ڪاڏي گم ٿي ويون. هنن جي معاشي تباهي پويان ڪهڙا محرڪ ۽ ڪهڙيون قوتون هيون. انهن جي معاشي وسيلن، زمينن ۽ گهرن تي قبضي ڪرڻ وارين قومن پوءِ انهن سان ڇا ڪيو ۽ اڄ به ايڪويهين صدي ۾ انهن قومن جي سياسي، سماجي بيهڪ ڪهڙي آهي؟ هاڻوڪيون درسگاهون شايد ان سوال جو جواب ڏئي سگهن.!
    ڪراچي يونيورسٽي جو فلاسافي ڊپارٽمينٽ، جتي زندگي ساوڻ جي بارش به آهي، ته طويل واري جو صحرا به. هتي ڪنهن جي به تابعداري کان سواءِ پوري حياتي علم حاصل ڪرڻ لاءِ وقف ڪري سگهجي ٿي. اٿينس جو سقراط چوندو هو ته،
    “فلسفي جي علم کانسواءِ بني نوع انسان جي ڏکن ۽ تڪليفن جو خاتمو نه ٿو ڪري سگهجي”
    بلڪل ساڳي طرح هتي به اهو معلوم ڪيو ويندو آهي، ته تهذيبن ۽ قومن جو عروج ۽ زوال انهن جي اقتصادي تاريخ ۾ تلاش ڪرڻ گهرجي يا انهن جي جسماني ۽ ذهني ڪمزورين ۾ ۽ اهڙا ئي سوين سوال فلاسافي ڊپارٽمينٽ جي شاگردن کي پنهنجي سحر ۾ آڻين ٿا. بهرحال درسگاهون واقعي به عظيم هجن ٿيون. انهن کان رخصت ٿيڻ مهل، انسان جي اندر هڪ عجيب خوف ۽ هلڪي اداسي جو احساس ضرور ٿئي ٿو. اهڙي اداسي جيئن ڪو اولاد پنهنجي امڙ کان موڪلائي جنگ جي ميدان ۾ ويندو آهي. يونيورسٽي ڇڏڻ کانپوءِ ماڻهوءَ کي واقعي به جنگ جي ميدان ۾ ئي ته وڃڻو هوندو آهي. هي فرسوده سماج، هڪ قسم جو ميدان جنگ ئي ته آهي. هن جي مقدس در کان ٻاهر ويندي سچ پچ ُمڙي ُمڙي ڏسڻو ئي پوندو آهي.
    فلاسافي ڊپارٽمينٽ، جنهن جي سيمينار روم ۾دوستن جي وچ ۾ گفتگو جاري هئي. منصور پرجُوش انداز ۾ سياسي گفتگو ڪري رهيو هو. سنگهار ۽ ارميل هِن جي ڀر ۾ ويٺل آهن. تيرٿ، شهه مريد ۽ فيروز جي داخل ٿيڻ تي، هِن پنهنجي گفتگو کي ڪجهه گهڙي لاءِ روڪيو.
    “اسان توهانجو ئي انتظار پيا ڪيون” منصور هنن ڏانهن ڏسندي چيو.
    اُڪير سان سڀني هِنن سان هٿ ملايو. منصور گفتگو وري شروع ڪرڻ کان اڳ چيو، هتي ڪافي نوان دوست آيل آهن جن جي زندگي جا انوکا تجربا ۽ حقيقي زندگي جون عجيب اسٽوريز آهن، جيڪي سچ پچ ُٻڌڻ جهڙيون آهن. توهان يقينن ُٻڌڻ چاهيندا، سڀني دوستن چيو، بلڪل بلڪل .
    منصور، پنهنجن ڪامريڊ ساٿين جو تعارف شروع ڪيو .
    سنگهار جنهن کي اسين سڀ سَڃاڻون، اسانجو مهربان دوست ۽ ميڊم ارميل جو پيارو جيون ساٿي. هن جو تعلق به پڙهائڻ سان آهي. هن پنهنجي جيون کي اعليٰ مقصد جي حاصلات لاءِ وقف ڪيو آهي. سياسي تحريڪن ۾ هن جو ڪردار رهنما وارو آهي. استادن جي ايسوسيئيشن سان لاڳاپيل پارٽي ڪامريڊ ۽ محبتي انسان آهي.
    ميڊم اُرميل جنهنجي آفيس ۾ ويٺا آهيون. هن هميشه ائين چاهيو آهي، ته پارٽي ۽ فلسفو ماڻهن سان گڏ گڏ سفر ڪن. هن جي اها ڪوشش آهي ته فلسفي کي عام ماڻهو لاءِ سادو ۽ سمجهه ۾ اچڻ جهڙو ڪجي. اهو فلسفو ڪهڙي ڪم جو جنهن ۾ماڻهوءَ کي پنهنجي دکن ۽ سکن جي جهلڪ ئي نظر نه اچي. هن جي بقول، “فلسفي جي اعليٰ وصف، محنت جي قدر ۽ قيمت ئي معلوم ڪرڻ ڪونهي، پر ان آڌار فلسفي کي ڪمزورن ۽ محنت ڪش طبقي جو هٿيار به ٺاهڻ آهي، فلسفي جو سادو اصول حقيقت ۽ سچائي جي تهه تائين پهچڻ سان گڏ صحيح عمل ۽ صحيح آگاهي جو نالو به آهي.” ارميل، فلسفي ۾ سياسي انقلاب جي ڳالهه ماڻهو کي تراشڻ سان منسلڪ ڪري ٿي.
    روشيا، ارميل جي ڊپارٽمينٽ ۾ پڙهندڙ آخري سال جي شاگرد، نهايت ذهين همت ۽ جرئت واري. ڪجهه ڏينهن اڳ بنياد پرستي جو سياسي روپ جي عنوان سان هن جو شاندار ليڪچر اسان سڀني ٻڌو هو. ان کانپوءِ عورتن جي آزادي ۽ ٻين انيڪ اشوز تي هن جا آرٽيڪل نهايت شاندار آهن. هن جي خيال ۾ عورت جي محرومي انجي پنهنجي ذات جي ڪري ڪونهي. پر فرسوده روايتن، رسمن ۽ سماجن ڪري آهي. هتي رام جي ڀيٽ ۾ سيتا کي اگني پرڪشا مان گذرڻو پوي ٿو. صدين جون رسمون جيڪي مردن پنهنجن مفادن لاءِ جوڙيون، عورت کي هميشه ان مٿان قربان ڪيو ويو آهي. روشيا جي بقول، “خود پسند عرب، نياڻين کي جيئري دفن ڪري دراصل پنهنجي سڃاڻپ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. عرب جي محمد هنن کي نئين طرح سان زندگي گذارڻ جو رستو ڏنو.” روشيا جو اسانجي درميان هجڻ ۽ هنجي راءِ اسان لاءِ سڀ کان قيمتي آهي.
    سامهون ويٺل شهه مريد هي روهي چولستان جو ماٺيڻو شاعر پنهنجي زندگي جو وڏو حصو سفر ۾ گذاري ٿو، ان ڪارڻ ئي هن جي طبيعت ۾خاموشي ۽ رومانس رچيل آهي. هن وٽ نه لفظن جي ڪمي آهي، نه ئي خيالن جي. هي پنهنجي ديس جي غمن ۽ ڏکن کي شاعري ذريعي بيان ڪري ٿو. بلڪه ان کي هن پنهنجو هٿيار ٺاهيو آهي. سڌي ڳالهه چوڻ ۽ سمجهڻ وارو هي دوست ڪامياب ۽ ناڪام زندگي تي، نه ڪڏهن خوش ٿيو آهي، نه ڪڏهن رنج. هر حال ۾ خوش رهڻ ۽ ڪڏهن ڪڏهن اندر ۾ سڏڪا ڀري روئڻ ۾، خوش رهڻ وارو، هي ماڻهو، ان ڪارڻ ئي ته اسانجو دوست ۽ ڪامريڊ آهي .
    شهه مريد، جي ڀر ۾ ويٺل تيرٿ پارڪر، هي عام رواجي انسان، اوچتو سڀ لاءِ خاص ٿي ويو. هن جي زندگي ۾ تبديلي ائين آئي، جنهن جو هن کي به اندازو نه هو. پارٽي جوائن ڪرڻ کان اڳ هن انسانن جي آزادي کي ناممڪن ٿي سمجهيو. هن جي نزديڪ انسان سدا کان قيد آهي. مذهب جي نالي ۾ نسلن، قومن ۽ طبقن جي نالي ۾، هنجو آزادي ۽ انقلاب مٿان وشواس نذير جي ملاقات کانپوءِ ٿيو. هنجو ڄڻ ٻيو جنم ٿيو. هن کي ڄڻ رستو ملي ويو ۽ پوءِ هن دير تائين سمهڻ ڇڏي ڏنو ۽ مسلسل ڪيترن ئي راتين تائين جاڳڻ جي پاڻ ۾ عادت وڌي. هاڻ هن جو غريب ۽ مالوند، پورهيت، ڪمزور ۽ وساريل ماڻهن سان اٿڻ ويهڻ آهي. هي دنيا جي نظرين تي نوجوانن سان بحث ڪري ٿو. هن جي زندگي ۾، خوشگوار تبديلي تي هر ڪوئي حيران آهي. جڏهن ته هن جا والدين هن جي اوچتي سرگرم پارٽي ورڪر ٿيڻ ڪري اهو سمجهڻ کان قاصر آهن، ته هي ائيڻ ڪيئن ٿي ويو. حالانڪ تيرٿ مونکان عمر ۾ ننڍو هئڻ جي باوجود، هن جون ڳالهيون گهڻيون گهريون، چُڀندڙ ۽ انقلابي آهن. تيرٿ، آزادي جي لڙائي ۾ هاڻ سڀ کان اول بيٺل آهي. هميشه مسڪرائيندڙ ۽ خوش شڪل تيرٿ کي، پنهنجي سهڻي صورت تي ناز هو ۽ شايد هاڻ به آهي. هي جڏهن شهر نئون ڪوٽ جي سير لاءَ نڪرندو آهي، ته هر شهري ساڻس ڳالهائڻ چاهيندا آهن.اُتان جا ماڻهو سچ پچ هنجو قدر ڪندا آهن. هن جي هلڻ سان پوري فضا مهڪي پوندي آهي ۽ هر شيءِ ڄڻ ته زنده ٿي پوندي آهي. ڪامريڊ نذير جي صحبت هن سهڻي مورت کي نئين طرح سان گهڙڻ، ٺاهڻ شروع ڪيو. تيرٿ جي ذهني صلاحيت جو ڪو مثال ڪونهي. هارين جي حقن جي تحريڪ هجي يا نوجوانن جي ڪا انجمن، هي هر تحريڪ ۾ شامل آهي. هن کان مون هميشه سِکيو آهي، هن وٽ ڌرم جي شاندار تشريح آهي. هن جو خيال آهي ته، “ذات حقيقي جي ڪا صورت ڪانهي” هي دراصل ادراڪ، بصيرت ۽ آگاهي جو نالو آهي. اهڙي مصور جو نالو آهي، جنهنجي برش جا شاندار رنگ هر طرف ڪائنات ۾ پکڙيل آهن. هن جي رنگن جي ڪا حد ڪانهي. انسان ان جي حد مقرر ڪري، هن کي پنهنجن فرسوده خيالن ۾ قيد ڪرڻ چاهي ٿو. پر اهو ممڪن ناهي.
    تيرٿ ائين به چوي ٿو ته، “خدا جي ڪنهن به تخليق، هوا، پاڻي، زمين، سج جي روشني ۽ چنڊ جي چانڊوڪي ۾ ڪٿي ڪا به تقسيم ڪانهي، ائين ناهي ته آسمان جي بارش هندو مذهب جي ُپرش مٿان الڳ رنگ ۽ رفتار سان پوي ٿي، ته مسلمان ُمومن مٿان الڳ رنگ ۽ رفتار سان.” تيرٿ جا اوچا ويچار هن جي ڏاهپ، انسان دوستي جا اعليٰ مثال آهن .
    فيروز بهزاد، ابن ڏاڏن جي فرسوده رسمن خلاف بغاوت ڪرڻ کانپوءِ ڳوٺ ڇڏي شهر جو رخ ڪيو، تڏهن هن سان گڏ ڪو به ڪونه هو. هي پنهنجن دوستن، مائٽن ۽ ڳوٺ کي پوئتي ڇڏي آيو آهي. ڪراچي جي روڊن تي بي مقصد گهمندي ڦرندي هن جي روح کي هڪ ئي تلاش هئي، هڪ ئي سوال هو ته زندگي جي شور مان ۽ هن خوفناڪ انساني هجوم مان، هي پاڻ لاءَ ڪيئن جڳهه ٺاهي. شهر جي آواره ۽ رولاڪ زندگي ۾، هن کي صرف اَجهي ۽ ماني ڳڀي جي تلاش رهي. هن بي يارو مددگار کي پورو پورو ڏينهن بي حد تڪليف وارو سمنڊ جهاڳڻو پوندو هو. سخت محنت ڪرڻ کانپوءَ به زندگي هن کي بي سواد محسوس ٿيندي هئي. شهر جي لامحدود شور، ماڻهن جي روين، هن جي احساس کي جنجوڙي ڇڏيو هو. هي ناخوش هو، بي چين هو ۽ ُبکايل هو. اهڙي حالت ۾ ماڻهو ڪجهه به ڪري سگهي ٿو. هن جنهن سياسي پارٽي کي جوائن ڪيو، تنهن هن کي پسٽل هٿ ۾ ڏئي، پنهنجي ئي پارٽي جي ليڊر جو خون ڪرڻ جو حڪم ڏنو. هن لاءِ ائين ڪرڻ مشڪل هو. هن ڳوٺ ان ڪري نه ڇڏيو هو ته، ڏوهاري ٿي وڃي. هن جي طبيعت ۾ بغاوت آهي، پر ڏوهه ڪرڻ شامل ناهي. انسان جي وجود ۾ هڪ وقت شرافت رهڻي آهي يا وري وحشت. هڪ ئي وقت ٻئي شيون ناهن رهڻيون. انهن مان وري ٻه رستا نڪرن ٿا. هڪ رستو بزدلي ڏي وڃي ٿو ۽ ٻيو بهادري ڏي. فطرت جيئن ته هن کي بهادر ٺاهيو آهي. هن پاڻ کي اجازت نه ڏني، ته هي ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ جو خون ڪري، جنهن هن جو ڪو ڏوه ئي ناهي ڪيو. هن پنهنجو پاڻ کي ڏوهن جي دنيا ۾ وڃائڻ نه ٿي چاهيو. اوچتو فيروز جي زندگي ۾ هڪ خوشگوار لمحو آيو، کنگهه ۾ ورتل هڪ پوڙهو امام علي هن جي سامهون اچي بيٺو. دل ۽ دماغ کي روشن ڪندڙ هن جي ڳالهين هن جي حياتي کي نئون روپ ڏئي ڇڏيو. هن صحافت جوائن ڪئي. اڄ هيءُ شهر جي مقامي اخبار جو صحافي ۽ ماهوار پروگريسو رسالي پرچم جو ايديٽر آهي.
    ارميل، جي پاسي ۾ ويٺل خاتون آرٽسٽ ڪامريڊ سائره پروين. هن جي هٿن ۾ رنگن جي بهار آهي. هي انسان ۽ قدرت ۾ توازن پيدا ڪرڻ لاءِ رنگن ذريعي ان جو اظهار ڪري ٿي. هن جو منتخب موضوع انسان ۽ قدرت جي حقيقي حُسن کي رنگن ذريعي بيان ڪرڻ آهي.
    منصور سڀني جو تعارف ڪرائڻ کانپوءِ گهڙي کن لاءِ خاموش ٿي وڃي ٿو. هي بي حد مسرت ۽ صاف گوئي جي احساس ۾ گهيرجي ويو آهي.
    “منصور، تو ته اسان سڀني جو شاندار طريقي سان تعارف ڪرايو، فيروز، منصور ڏانهن ڏسندي وراڻيو، “گهڻيون ڳالهيون ته اسانکي به ياد نه هيون. بي پناه محبت ۽ عزت لاءِ اسان سڀئي تنهنجا بي حد شڪرگذار آهيون. تو لاءِ اسانجي من ۾ عزت ۽ محبت هميشه ترو تازه رهندي.
    منصور ڳالهائيندي چيو ته دوستو، هتي اسين گڏ ٿيا آهيون، ته اليڪشن جي مرحلي کانپوءِ جمهوري ادارن جي تشڪيل سان، سياسي تحريڪن کي پاڻ منظم ٿيڻ ۽ ڪنهن طرح پنهنجو جائزو وٺڻ جو موقعو ملي رهيو آهي، انجي اهميت کي ڏسندي پاڻ کي ڪجهه اهم فيصلا ڪرڻا آهن.منصور ميٽنگ جي مقصد تي ڳالهائڻ کانپوءِ سنگهار ڳالهائيندي چيو ته،
    هي دور عالمي سطح تي تبديلين ۽ قومي آزادي ۽ سامراج مخالف تحريڪن جو دور آهي، منصور پنهنجو موقف رکيو، هن ئي دور ۾ سياسي تحريڪن جا سوال تبديل ٿيندي به نظر اچن ٿا، پاڪستان جي ملٽري شراڪت اقتدار تي مجبور ٿي آهي، جنهن جو بنيادي سبب، دنيا ۾ سرمايه دارانه نظام خلاف سخت مظاهمت آهي. ته ساڳي وقت ٽيڪنالاجي، دنيا کي هڪ گلوبل وليج جي صورت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. جنگ هاڻ آمدني جو ذريعو ناهي ۽ نه وري اُن آڌار گهڻي دير تائين، قومن کي غلام رکي سگهجي ٿو. دنيا ۾ فوجي حڪومتن جو دور ختم ٿيڻ جي باوجود، پاڪستان ۾ فوجي آمريت جا امڪان هر وقت رهن ٿا. جنهن جو بنيادي سبب ڪمزور سياسي تحريڪون آهن. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي، ته سياسي ۽ انقلابي تحريڪن کي منظم ٿيڻ جو جيترو وقت ملي ٿو، ان کي استعمال ڪندي عوام تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.”
    تيرٿ، پنهنجي راءِ رکڻ جي اجازت گهري. هُن چيو دوستو! “يقينن اسان کي جمهوري ادارن لاءِ احترام آهي. باوجود انجي جو اسين سمجهون ٿا، ته موجوده اسيمبليون نه ئي زرعي اصلاحات لاءِ ڪم ڪنديون، نه ئي عوام کي تعليم ۽ صحت جون سهولتون ڏيڻ لاءِ ڪو قانون ٺاهينديون. هن ۾ حڪومت ڪرڻ جي سگهه ته آهي، پر مسئلن کي حل ڪرڻ جي صلاحيت ۽ طاقت ڪانهي. بلڪه هڪ طرح سان هن اندر ڪنهن زماني جي ريڊيڪلزم ختم ٿي وئي آهي. هنن جو هاڻ جمهوريت ئي معاشي پروگرام آهي. جيڪو ئي دراصل عوام سان دوکو آهي. اسان کي هن نام نهاد اسيمبلي جي حمايت بجاءِ ان تي مثبت تنقيد وارو رستو وٺڻ گهرجي ۽ نظرياتي طرح قومي آزادي جي تحريڪن سان گڏ بيهڻ گهرجي. سنڌ جي هاري ۽ عوام جو مسئلو، اسيمبلي ناهي. فيوڊل نظام، ۽ فوجي سرمايي جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ غربت آهي. هي اسيمبلي ميمبر، ته اسيمبلي اندر هڪٻئي سان رڳو چرچا ڀوڳ ڪن ٿا ۽ شام جو جوا کيڏن ٿا، شراب پيئن ٿا ۽ مجرا ڪرائن ٿا. هنن اسيمبلين جي ان کان وڌيڪ ڪا به اهميت ڪانهي.”
    “تيرٿ جو پنهنجو نقطه نظر آهي، جيڪو درست به آهي ته اهم به. فيروز، تيرٿ جي ڳالهه سان سهمت ٿيندي چيو، پر ساڳي وقت ووٽ جو پراسز به جاري رهڻ اهم آهي. هي سوال ملڪ ۾ ڊگهي آمريت کانپوءِ اهميت اختيار ڪري ويو آهي.”
    “هي ٻئي نقطه نظر يقينن اهم آهن” اُرميل ڳالهايو، حقيقت ۾ جمهوري سوال قومي آزادي جي تحريڪن جو ئي هڪ حصو آهي. پر مسئلو هي به آهي، ته قومي تحريڪون جمهوري سوال لاءِ گنجائش پيدا نه ٿيون ڪن. ان ڪري قومپرست تحريڪون فيوڊل مٿان کُلي تنقيد ڪرڻ کان پاڻ کي بچائي رهيون آهن. جڏهن ته ٻئي طرف ڪميونسٽ تحريڪ، قومپرست تحريڪ سان جمهوريت مخالف رويي ۽ رجحان ڪارڻ گڏ هلڻ لاءِ تيار ناهي. هي ٻئي رجحان بحث طلب آهن ته ڪميونسٽن ۽ قومپرستن وٽ ان متعلق ڪا واضع حڪمت عملي ڇو ناهي ۽ ڪهڙيون شيون ان ۾ رڪاوٽ بنيل آهن، جڏهن ته هنن ٻنهي سياسي تحريڪن کي گڏ هلڻ گهرجي.
    “هر اها تحريڪ، جيڪا سامراج ۽ ان جي اتحادين کي ڪمزور ڪري ان ۾ شامل رهڻ گهرجي” سنگهار جو رايو هو، هي ٻئي رجحان سياسي رجحان آهن. جنهن پويان ڪلاس ڪانشسنيس جو معاملو آهي. قوم پرست تحريڪ کي طئي ڪرڻ گهرجي ته انجا طبقاتي مفاد ڪهڙي طبقي سان آهن. وڏيرو قوم پرست ته ٿي سگهي ٿو، انقلابي ڪڏهن به نه. بهرحال هي ٻئي رجحان آهن جن تي کُلئي دل سان ڳالهائڻ جي ضرورت آهي.
    اڳئين هفتي جي ميٽنگ ۾ ان تي تفصيلي ڊرافٽ لکڻ جي ذميواري منصور جي حوالي ڪري، ميٽنگ ختم ڪئي وئي. دوست پنهنجا پنهنجا ڪانٽيڪٽ نمبر ڏئي، پنهنجن ڪمن ڪارن ۾ مصروف ٿي وڃڻ لاءِ اُٿن ٿا.
    سائره، تيرٿ جي ڀر ۾ اچي هن کي ُٻڌائي ٿي ته، هن جا وڏڙا به دراصل نئون ڪوٽ جا آهن. بابا ٻُڌائيندو آهي، ته 65 واري جنگ ۾ هندوستان جي فوج، پاڪستان جي بارڊر ڪراس ڪري، چيلهار تائين اچي وئي. انجي اوسي پاسي جي ماڻهن مائيگريٽ ڪرڻ شروع ڪيو، اسان به ڪراچي آياسين.منهنجو جنم هتي ڪراچي ۾ ٿيو. بابا جي بقول ڪراچي جو معاشرو ترڪي، ايران، مصر، جهڙو ئي ايڊوانس ۽ مغربيت پسند هو. سياسي نظام پراڻي جاگيردارنه نظام تي بيٺل هئڻ جي باوجود تبديل ٿي رهيو هو. سنڌي موسيقي، آرٽ، ثقافت جا ادارا معاشرتي ترقي تي ڪم ڪري رهيا هئا. هنن جو معاشري جي ڀلائي ۽ ترقي ۾ شاندار ڪردار هو. فرقه پرستي نسلي متڀيد جو اڃان ڪو تصور ڪونه هو. سوشلزم جي صدا هر طرف کان اچي رهي هئي. ايشيا ۾ جاگيرداري ۽ يورپ ۾ سرمائيداري خوف ۾ وڪوڙجي وئي هئي ۽ پوءِ ڏسندي ڏسندي هڪٻئي جي پويان خوفناڪ واقعه ٿيندا ويا. فوجي راڄ قومن جي آزادي مٿان مسلط ٿيا. رُڪ اسٽيشن تي هندن جي رام اوتار ڀڳت ڪنور رام جو خون ٿيو. منزل گاه جو واقعو ٿيو. ڪميونسٽ پارٽي تي پابندي وڌي وئي. ڀٽو کي ڦاسي تي چاڙهيو ويو. مذهبي انتها پسند تنظيمن جي مالي معاونت ڪئي وئي. آرٽ، سائنس ۽ ثقافتي ادارن کي غير اسلامي قرار ڏئي بند ڪيو ويو. خوني واقعا ڪرائي، ڪراچي کي نسلي بنياد تي ورهائڻ لاءِ تنظيمون جڙي ويون.
    مان توهان کي ٻڌايان تي ته فاشٽ ۽ آمرانه رياستون ڪيئن نه قومن جي سڄاڻپ ۽ قومن جو هڪٻئي ڏانهن برادارنه ۽ ثقافتي روين ۽ رشتن کي تباه ڪن ٿيون.
    طلعت، منهنجي ٻالڪپڻ جي دوست ۽ منهنجي پاڙيسري اردو اسپيڪنگ آهي. هنجي شادي هالا جي سنڌي نوجوان سان ٿيل آهي. هن کي ٻه ٻار آهن، سنڌي ڳالهائن ٿا. هنن کي سنڌي ڳالهائڻ وارن جو ماحول مليو. هنن جا ٻار سنڌي ثقافت ۽ تهذيب جو اڻ ٽٽ حصو ٿي ويا آهن. هن جا ٻار جڏهن ڳوٺ کان ٿي اچن ٿا، ته عجيب راحت محسوس ڪن ٿا. هي ميون سان ڀريل باغ ڏسن ٿا، قسمين قسمين پکين جون ٻوليون ُٻڌن ٿا. مال چَرندي ۽ ڇيلن کي ڊوڙندي ڏسن ٿا، تلائن ۾ وهنجن ٿا. جوار جي ماني تي مکڻ ۽ ماکي جو ليپو ڏئي کائن ٿا ته هنن کي هي ٽيسٽ سڀ کان مختلف ۽ وڻندڙ لڳي ٿو. هي منظر هنن جي زندگيءَ مٿان عجيب سحر طاري ڪري ڇڏن ٿا. هر سال پنهنجي ماءُ سان اسرار ڪندي چون ٿا ته ڳوٺ هلون. اها انسان جي خصوصيت ٿئي ٿي، ته هو پاڻ کي قدرت سان هم آهنگ ڪري، انجو حصو ٿئي، هنجو ائين ڪرڻ قدرتي آهي. هي زندگي جا قيمتي پل آهن، جيڪي انسان جي معصوميت کي تازو ڪن ٿا. هيءَ جيڪا ماڻهن ۾ ويراني ۽ نسلي متڀيد آهي، قدرت کان پري وڃڻ ۽ لاتعداد خواهشن جي قريب رهڻ ڪري آهي. جنهن انسان کي، پنهنجي اندر کان ڀوري ڇڏيو آهي.
    شهر بانو ڪراچي يونيورسٽي جي بهترين سنڌي ۽ اردو شاعره آهي. هن جي شاعريءَ جا ڏک سک پنهنجي وجود ۾شاندار گهرائي رکن ٿا. هر ماڻهو هنجي شاعريءَ کي پڙهي مسرتن سان ڀرجي وڃي ٿو. هي انقلابي ۽ رومانٽڪ روحن جي شاعره آهي. هن کي اردو ڳالهائيندڙن جي حلقي ۾ انتهائي عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. مطلب ته فيملي ۽ خيالن جي هم آهنگيءَ جا نتيجا شاندار هجن ٿا. جنهن جو پوءِ خاتمو ٿي ويو ۽ ڏسندي ڏسندي سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويو.
    تيرٿ، سائره جي گفتگو کي ڌيان سان ُٻڌي رهيو هو.
    “توهان سمجهو ٿا ته سنڌ هڪ ڀيرو ٻيهر Integration واري مرحلي مان گذرندي”؟ تيرٿ، پنهنجي ڌيمي انداز سان ڳالهايو،
    “يقينن ائين ٿيندو. سائره دل جي جوش مان جواب ڏنو، جيستائين سنڌي ۽ اردو اسپيڪنگ رشتيداري ۽ اتحاد جي ڳالهه آهي، ته اهو يقينن ٿيئڻو آهي. ڇاڪاڻ ته هيءَ زمين محبت جي مٺاس سان ڀريل آهي. محبت ۽ خيال هتي شاندار معنائون رکن ٿا. محبت انسان کي هميشه قريب رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿي.
    مهاجر، سنڌي، ۽ پوءِ ذات، مذهب. هي خيال جڏهن انسان جي دل مٿان قبضو ڪري وٺن ٿا، ته انسان انتقام ۽ حاسداڻي غصي ۾ ڀرجي وڃي ٿو. جيئن ته پاڪستان جي جنم کان وٺي هن وقت تائين هنن روين کي پاليو ۽ نپايو ويو آهي، جنهن سان ماڻهو جي نيڪي ۽ دانائي وارا مقصد سخت متاثر ٿيا آهن. جيستائين هن ديس جون قومون پنهنجي اندر ۾ هڪٻئي لاءِ محبت جي گنجائش پيدا ڪندي ۽ آزادي جي خيال کي روان دوان ڪندي، ان ۾ پنهنجي لازوال محبت ڀريندي، پنهنجي طبقي جي ويڙه وڙهندي، پاڪستان کي ان خيال کان آزاد نه ٿيون ڪرائن، اوستائين هي ملڪ اونڌي منهن پيل هوندو. نسلن ۽ قومن وچ ۾ هم آهنگي جو ڪم، سياسي، معاشي آزادي تي يقين رکندڙ پارٽيون ڪري سگهن ٿيون. جيئن ڪميونسٽ تحريڪ آهي. هن جو ڪو نعمل بدل ڪونهي. هي تحريڪ ئي قومن ۽ نسلن وچ ۾ هم آهنگي وارا رجحان پيدا ڪري سگهي ٿي. پاڪستان ۾ هن تحريڪ جو مسئلو انٽليڪچوئل سائيڪي جو آهي، هن کان ٻاهر هيءَ نڪري نه سگهيا آهن. جنهن ڪارڻ هر ڀيري هن ۾ گروپ ٺهن ٿا.”
    “توهان انٽليڪچوئل سائيڪي جي ڳالهه ڪئي، اُن مان ڪيئن نڪرجي؟” تيرٿ سوال ڪيو.
    “هي ماڻهو بي حد عظيم ۽ شاندار آهن، جن آزادي خاطر پنهنجو سک، آرام تياڳيو. پر هر انسان تياڳڻ ۽ حاصل ڪرڻ ۾ فرق ڪندو آهي” سائره ڪجهه گهڙين جي خاموشي کانپوءِ مختصر جواب ڏنو، تياڳڻ کانپوءِ ڪهڙي شيءِ حاصل ڪجي هنن ۾ ان ادراڪ جي سدائين ڪمي رهي آهي. ڪجهه شيون اسان جي مزاج جو حصو ٿي وڃن ٿيون، جيڪي پوءِ هميشه رهن ٿيون. اسان پنهنجا مزاج ان طرح ٺاهي ڇڏيا آهن، پنهنجي ذهنن ۾ مفروضا ٺاهي، انهن پويان ڊوڙندا رهياسين، اها اسان جي ڪمزوري آهي. توهان سان ملي خوشي ٿي. ڪنهن ٻئي ڀيري هن موضوع تي وڌيڪ گفتگو ٿيندي. ائين چئي، سائره، تيرٿ کان موڪلايو.


    ڪئمببل اسٽريٽ، تون سڏڪي ڇو رهين آهين؟

    سائره، ڪئمببل اسٽريٽ جي پراڻي عمارت ۾ رهائش پذير آهي. جنهن ۾ ڪاٺ جون ڏاڪڻيون مٿي تائين وڃن ٿيون. هنجو فليٽ روڊ جي سامهو آهي. روڊ ڏي کلندڙ دري سامهون ڪشاده بالڪني آهي. جنهن تي لوهي پٽين جون ڊزائن ٺهيل آهن، انهن مٿان ڪاٺ ۽ لوه جوشيڊ پڻ ٺهيل آهي، جنهن تي چڪور جي ڊزائن تي ڪٽنگ ٿيل آهي، جن کي پري کان ڏسڻ سان ائين محسوس ٿيندو ته ڪو ماڻهو پراڻي دور جي ٻن گهوڙن واري رتهه تي چڙهيو بيٺو آهي، جيڪي عام طور قديم دور جا راجه جنگ وقت چڙهڻ لاءِ استعمال ڪندا هئا. سائره هتي پنهنجي فيملي سان رهي ٿي. هن جو والد ديوان ٽيڪسٽائل فيڪٽري جو رٽائرڊ ملازم آهي ۽ پارٽي جو پراڻو ورڪر آهي. سائره کي ٻه ڀائر آهن، جيڪي ڪنهن غير سرڪاري اداري ۾ ملازم آهن. لوور مڊل ڪلاس جي هِن فيملي جو هاڻي نئون ڪوٽ ۾ ڪجهه به ڪونهي. هي ڪراچي 65 کانپوءِ آيا، ان ڪري به هنن ۾ اڃان تائين انساني قدر موجود آهن. مذهبي انتها پسندي کان محفوظ آهن، پر هنن لاءِ الميو اهو آهي ته سنڌي هئڻ جي باوجود ڪراچي ۾ هر وقت ڊنل رهن ٿا. ڇو ته ڪراچي ۾ هاڻي انسان جو نسل ۽ مذهب ڏٺو وڃي ٿو.
    سائره، تيرٿ کي اڄ پنهنجي فيملي سان مِلائڻ جي دعوت ڏني. هُن جو والد بي حد شريف صفت انسان آهي. جنهن پنهنجي زندگي ٻن شهرن جي وچ ۾ رهي گذاري. ٻنهي شهرن لاءِ هن وٽ بي پناه عزت ۽ محبت آهي. هو پنهنجي ماضي ۽ پنهنجي شهر نئون ڪوٽ کي ڪڏهن جو وساري ڇڏي ها، پر هو جلدي ئي سوشلزم جو قائل ٿي ويو ۽ زمين جي هر ذري، هر ماڻهو، هر شهر سان پيار ڪرڻ لڳو. جنهن مان هن کي عجيب حرارت ۽ قلبي سڪون ملندو هو. هو تيرٿ سان ائين ڀاڪر پائي مليو، ڄڻ هو سندن ئي فيملي جو فرد هو. سائره جي والد ڪافي دير تائين تيرٿ کي پنهنجي پوئتي ڇڏيل شهر نئين ڪوٽ جا پراڻا واقعا ۽ قصا ٻڌائيندو رهيو ۽ خوشيءَ جي مليل جليل ڪيفيت ۾، هَن پاڻ کي ڄڻ وساري ڇڏيو. هو ڪافي دير تائين هڪٻئي سان ڳالهائيندا رهيا. سائره جي والد تيرٿ کي ٻڌايو ته 1965ع ۾ انڊيا جي فوج پاڪستان جو بارڊر ڪراس ڪري چيلهار تائين پهتي، ته ماڻهن جي وڏي تعداد هندو توڙي مسلمان، باراني علائقن ڏانهن لڏ پلاڻ ڪري ويا، انهن مان ڪي ماڻهو ميرپورخاص ۾ ترسيا ته ڪي حيدرآباد ۽ ڪراچي هليا ويا. دراصل ايڏي وڏي پئماني تي ماڻهن جي لڏپلاڻ جو سبب هو، ته عام ماڻهو ٻنهي ملڪن جي فوج هٿان مارجي رهيو هو. انڊيا وارن عام ماڻهوءَ کي مسلمان ۽ پاڪستاني فوج جو مخبر سمجهي ٿي ماريو، ته پاڪستان جي فوج سوڍن ۽ هندن کي انڊيا جي فوج جو مخبر سمجهي ٿي قتل ڪيو. ٻنهي مذهبن جو عام ماڻهو سخت خوف ۾ ورتل هو. مونکي اڃان تائين اهو واقعو ياد آهي جڏهن چيلهار جي علائقي جا تقريبن 10 کان 15 ماڻهو، ميرپورخاص کان چيلهار پنهنجو ڇڏيل سامان کڻڻ لاءِ ويا، ته انڊيا جي فوج هٿان مارياويا. ان ماري ماري ۾ مان به پنهنجن ٻارن کي وٺي ڪراچي آيس. سائره جو جنم هتي ڪراچي ۾ ٿيو. هتي منهنجو مسيح دوست ۽ هن جي گهر واري بنارس جي ٻن ڪمرن واري گهر ۾ رهندا هئا. جنهن مان هڪ ڪمرو هنن اسانجي حوالي ڪري ڇڏيو. هنن کي ڪو اولاد ڪو نه هو. هنجو نالو فرنند مسيح هو. هو ديوان ٽيڪسٽائل مل جو ملازم هو، جتي پوءِ هنجي ڪوشش سان مونکي به نوڪري ملي.
    هنن سان رهي ڪري مون سِکيو ته جاوداني جو تعلق انسان جي اندورني صداقت ۽ روح جي پاڪائي سان هجي ٿو. انسان تعصب ۽ اڻڄاڻائي ۾ جيڪو به ڪم ڪري ٿو، ان ۾ انجي روح جو ڪو دخل ناهي هوندو. هو صرف پنهنجي پيٽ جي عيوض سڀ ڪجهه ڪرڻ تي مجبور ٿئي ٿو. ڪو به ماڻهو انهيءَ طرح جي زندگي گذارڻ نه چاهيندو، پر جيئن ته ان وٽ ٻيو ڪو رستو نه ٿو رهي، ته پوءِ پنهنجي سمجهه آهر هن کي جو وڻي ٿو سو ڪري گذري ٿو. هتي ئي مون پارٽي سياست ڪئي. مان پنهنجي طبقي جي ماڻهن مان ٻه ڳالهيون سِکيون. پهرين ته ڪامريڊ گهر جي ڀاتين جيان هوندا آهن. انهن جون محبتون ۽ تڪليفون ورهايل ناهن هونديون ۽ ٻيو ته پنهنجي طبقي سان وفاداري. جيڪا خصوصيت باقي پارٽين ۽ ماڻهن جي نسبت پارٽي ڪامريڊن ۾ مون وڌيڪ ڏٺي. مان محسوس ڪيان ٿو، پوءِ اهو منهنجو ذاتي خيال به ٿي سگهي ٿو، ته وفاداري واري خصوصيت هاڻي جي ڪامريڊ دوستن جي نسبت پراڻي، پارٽي ڪامريڊس ۾ وڌيڪ هئي. مونکي ياد آهي، لانڊهي جي علائقي ۾ مزدورن جي ميٽنگ هئي. تڏهن منهنجي سامهون سهڻي شبيهه وارو نوجوان ويٺو هو، جنهن پنهنجوتعارف سيد عرفان علي جي نالي سان ڪرايو. مونکي پوءِ خبر پئي، ته اهو سيد عرفان علي دراصل ڪامريڊ حسن ناصر هو. حسن ناصر سان پوءِ منهنجون ملاقاتون ٿينديون رهيون. هن ماڻهو جي صحبت ۽ شاندار مثالي زندگي منهنجي تربيت ۽ ٽريڊ يونين سياست تي وڏو اثر ڇڏيو. هو عملي انسان هو. جنهن پنهنجي فيوڊل گهراڻي کي ڇڏي، مزدور طبقي جي سياست سان پاڻ کي جوڙيو ۽ ان ئي وفاداري عيوض شهادت ماڻي. هو وفادار به هو، ته پنهنجي مقصد ۾ واضع ۽ چٽو به هو.
    تيرٿ، سائره جي والد جي چهري جي افسردگي کي محسوس ڪيو ۽ موضوع کي تبديل ڪرڻ خاطر کانئس پڇيو، “سنڌ ۾ ٽريڊ يونين سياست کي هاڻي ڇا ٿي ويو آهي ڪٿي نطر ئي نه ٿي اچي؟”
    هو ڪجهه گهڙين لاءِ خاموش ٿي ويو ۽ پوءِ ڳالهائڻ شروع ڪيائين،
    “ٽريڊ يونين سياست واحد، ڪميونسٽ پارٽي ڪندي هئي” هُن اتساه مان وراڻيو، پر جڏهن ان کي قانون جي خلاف قرار ڏئي، پابندي ڪيو ويو ته انجو پهريون جهٽڪو مزدور تحريڪ کي لڳو. پنڊي سازش ڪيس به ان سلسلي جي ڪڙي هئي. اها سازش ته دراصل ڪراچي ۾، تيزي سان اُڀرندڙ مزدور تحريڪ کي ڪُچلڻ لاءِ تيار ٿي هئي. حسن ناصر جي شهادت جو سبب ڪراچي اندر مزدور تحريڪ جو سگهارو ٿيڻ هو. ٽريڊ يونين سياست جا مرڪز هن ملڪ ۾ هون به ٿورا هئا، ڇو ته بنيادي طور هيءُ ملڪ زرعي پيداوار وارو ملڪ آهي. هتي وڏي انڊسٽري سواءِ ڪجهه فيڪٽرين جي ٻي ته آهي ڪانه. ان وقت ٻيڙي مزدور يونين ۾ پارٽي ڪم ڪيو، ته هڪ چڱو خاصو گروپ اُڀري آيو، پر بنيادي ڳالهه ته ٽريد يونين سياست جو دائرو مختصر هو. ٻيو ته پاڪستان جي وجود کانپوءِ ملڪ اندر مذهبي نيشنلزم کي وڌايو ويو، ڇو ته ان پويان رياست جا مفاد هئا. انڊيا دشمني ۾ هنن کي ائين ڪرڻو ٿي پيو، ته جيئن ملڪ اندر فوج جي حڪمراني جو جواز مستقل رهي. جنهن ڪري هر طرف مذهبن، نسلن ۽ قومن جي سياست ٿيڻ لڳي. پر انجي باوجود ضرور ڪي خاميون آهن، جنهن ڪارڻ هيءَ تحريڪ اڳتي وڌي نه سگهي. توهان نوجوان آهيو، ان خال کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪندو ته شايد ڀرجي وڃي.”
    “اچو بابا هاڻي ماني کائو، ماني تيار آهي” سائره کين چيو.
    سائره جي والد ماني کائڻ لاءِ اٿڻ کان پهرين تيرٿ کي چيو، “گهڙي کن جي گفتگو ۾ مون پنهنجي اندر بي انتها راحت ۽ خوشي محسوس ڪئي آهي. اهو شايد ان ڪري به جو اسانجو تعلق هڪ ئي مٽيءِ ۽ هڪ ئي شهر سان آهي. منهنجي خيال ۾ دل کي راحت پهچائڻ جو تعلق انسان جي پنهنجي سڀاءُ ۽ پنهنجي مقصد سان وفاداري ۾ به هجي ٿو. مون ماڻهن کي ويجهڙائي کان ڏٺو آهي. ڪيترن ماڻهن کي مون ان نعمت کان محروم ڏٺو. جن ۾ پارٽي جا ڪامريڊ به شامل آهن. پر جن ماڻهن ۾ اها ڳالهه موجود آهي، اڄ به زندگي جي ڪچن پڪن رستن جا مسافر آهن.”
    سائره جي والد جي اکين ۾ ڳوڙها چمڪڻ لڳا. تيرٿ هن جو هٿ پڪڙيو ۽ هو ٻئي آهستي آهستي ماني جي ٽيبل ڏانهن اُٿي آيا.
    هنن گڏجي ماني کاڌي ۽ ڪجهه گهڙين لاءِ سائره ۽ تيرٿ واڪ ڪرڻ لاءِ فليٽ کان هيٺ لهي آيا.
    سائره کيس ٻڌايو، ته هن بلڊنگ جي فليٽس ۾ رهندڙ فيمليز جون به عجيب دردناڪ اسٽوريز آهن. اسانجي ڀر واري فليٽ ۾ پارسي زال مڙس رهن ٿا. هنن جا وڏا مالابار کان هتي واپار ڪرڻ آيا ۽ پوءِ هتان جا ٿي ويا. هنن کي ٻه ٻار آهن سندن ڌي شادي ڪري لنڊن هلي وئي ۽ پٽ ٻه سال اڳ دهشتگردن جي فائرنگ ۾ مارجي ويو هن کي پويان پٽ جو اولاد آهي، جنهن پيءُ جي ڇڏيل ڪاروبار کي جاري رکڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ناڪام ٿيو. هُن معصوم کي مارڪيٽ ۾ رهندڙ چالاڪ ۽ مڪار ماڻهن جي ڪهڙي خبر. هنجي دوڪان جو مال ختم ٿيندو ويو. نئين سامان لاءِ هن وٽ پئسا نه هئا. نتيجن هُن جيڪو ڪمايو ختم ٿي ويو. هاڻي هو انتهائي اڪيلا ٿي ويا آهن. لنڊن مان سندن ڌي ڪجهه پئسا موڪلي ٿي. هنن جي خاموش گهر ۾ ڪڏهن ته رونق هئي، هاڻي بلڪل اداسي ڇانيل آهي. هڪ ماڻهو جي وڃڻ سان ڪيڏو نه فرق پوي ٿو. انسان کي زندگي جي بي رخي ۽ ڪٽورتا کي ڪيڏو برداشت ڪرڻو پوي ٿو.
    ان کان مٿئين فليٽ ۾ سانگهڙ جي سنڌي زميندار فيملي رهي ٿي. جنهن ۾ هنجي زال قزبانو ۽ چار ڌيئرون شامل آهن. زميندار جون ٻه شاديون ٿيل آهن. قزبانو هن جي پهرين گهر واري آهي. هن سان ملڻ کانپوءِ ائين محسوس ٿيندو، ته دنيا جي هيءَ محروم ترين عورت آهي. جنهن ُپٽ نه ڄڻي وڏو جرم ڪيو آهي. هِن کي مڙس فليٽ ڪرايي تي وٺي ڏنو آهي، پاڻ ٻي شادي ڪري ڳوٺ رهي ٿو. قزبانو هر وقت ان جرم جي احساس ۾ رهي ٿي، ته هن کي پٽ جو اولاد نه ٿيڻ ڪري هن جي مڙس ٻي شادي ڪئي آهي. هڪ عورت ائين سوچي ٿي، جيڪا پاڻ عورت ۽ نياڻين جي ماءُ آهي. مزي جي ڳالهه ته هن جي مڙس کي ٻي گهر واري مان به ٻه نياڻيون ئي آهن. هو هتي مهيني ۾ هڪ دفعو ايندو آهي، هنن کي اڻپورو خرچ ڏئي هليو ويندو آهي، سندس وڏي ڌيءَ ڪاليج ۾ پڙهڻ چاهي ٿي پر پيءُ جي اڻپوري خرچ ڏيڻ ڪري، هن کي پڙهائي جاري رکڻ ۾ ڏکائي ٿئي ٿي.سندن پيءُ کي ٻارن جي ڪائي پرواه ڪانهي. نياڻيون هن لاءِ ڄڻ انسان ئي ناهن. ُپٽ جي خواهش هُن کي جهالت ۽ ڪٺورتا جي اوڙاه ۾اڇلي ڇڏيو آهي.
    انجي ڀر ۾ اُتر سنڌ کان آيل هڪ هندو ڊاڪٽر جي فيملي آهي.هُن جو پٽ انيل، جنهن جي به هڪ دردناڪ اسٽوري آهي. هُنجي ماءُ کان هڪ ڏينهن انيل جي هٿ تي گهري زخم جو پڇيو، ته سچ پچ هو گهڻي دير تائين روئندي رهي. انيل پنهنجي ٻالڪپڻ ۾ پنهنجي هٿ تي پڪي مس سان اوم نالو لکرايو، جيئن عام طور ٻارن ۾ شوق ٿيندا آهن. هن به ائين شوق ڪيو. هن کي ڪهڙي خبر ته اهو شوق هُن لاءِ عذاب ٿي ويندو. هر اڻ واقف ماڻهو هن کي هٿ ڏئي، ته هن جي هٿ تي اوم اڪريل ڏسي، هن کي چوي تون هندو آهين؟ هر ڏينهن هن جو اهو تعارف هن جي روح کي تڪليف پهچائي رهيو هو. هو هاڻي ڇا ٿي ڪري سگهيو. پڪي مس سان لکيل نالو ڊهي به نه پيو. حالانڪ هن ڪافي دفعا برش سان گسائي مِٽائڻ جي ڪوشش به ڪئي، پر نالو نه مٽِيو.
    انيل جو والد شهر جي اسپتال ۾ ڊاڪٽر هو. ان وٽ هڪ دوائن جي ڪمپني جو ميڊيڪل ريپ اچي کيس هن کي مجبور ڪندو هو ته هو مريضن کي سندس ڪمپني جون دوائون لکي ڏي، پر ڊاڪٽر هنجي جعلي دوائون کپائڻ کان انڪار ڪيو. جنهن تي هن ڊاڪٽر کي نتيجا ڀوڳڻ جي ڌمڪي ڏني. اُن ميڊيڪل ريپ ڪميڻائپ جي حد ڪري ڇڏي. هن ڊاڪٽر جي پٽ انيل تي الزام هنيو، ته انيل پنهنجي اوم لکيل هٿ سان قرآن شريف کي ڇُهيو آهي، ان طرح هن قرآن پاڪ جي بي حرمتي ڪئي آهي.ميڊيڪل ريپ ڪجهه ماڻهو وٺي وڃي پوليس وٽ پهتو. پوليس، ڊاڪٽر ۽ سندس پٽ انيل کي ٿاڻي تي وٺي وئي، جتي ٻنهي کان تفصيل معلوم ڪيا ۽ ميڊيڪل ريپ کان پڇيو، ته تو انيل کي قرآن کي ڇُهندي ڪٿي ڏٺو. هو مختلف ڳالهيون ڪري رهيو هو. هر چئي ته مسجد ۾، هر چوي ته مسجد کان ٻاهر. پنهنجي ڳالهه کي ڪوڙو ڏسندي، هُن پوليس آفيسر کي ڌمڪي ڏني ته تون هنن کي سزا ڏين ٿو، ته ٺيڪ آهي، نه ته پوءِ اسان پاڻ ٿا فيصلو ڪيون. پوليس آفيسر خوفزده ٿي ويو. ڇو ته هي نازڪ معاملو هو. پوليس وارن کانئس پڇيو، ته تون ڪهڙو ٿو فيصلو چاهين؟ هن چيو، ته جنهن هٿ سان انيل قرآن کي ڇُهيو، جنهن تي اوم لکيل آهي، ان جو اهو هٿ وڍيو. اها ڪا معمولي ڳالهه نه هئي. انيل جي والد يقينن پاڻ کي بيوس ۽ مجبور محسوس ڪيو. ڊاڪٽر هُن کي ٻانهون ٻڌيون. هُن جي پيرن تي ڪِري هُن کان معافي وٺڻ لڳو. ڊاڪٽر پنهنجي پٽ لاءِ ان ماڻهو اڳيان بي وس هو، جيڪو هِن کي بوگس ڪمپني جون غير معياري دوائون لکڻ تي مجبور ڪندو هو. هيءَ انتها هئي. بابا چوندو آهي ته، انسان تعصب ۽ اڻڄاڻائي ۾ جيڪو ڪم ڪري ٿو، ان ۾ انجي روح جو ڪو دخل ناهي هوندو. هو صرف پنهنجي پيٽ جي ڪري سڀ ڪجهه ڪرڻ تي مجبور هوندو آهي. پر هي رڳو پيٽ جو معاملو ته نه هو. هيءَ ته ڪميڻائپ هئي. هيءَ ته حد درجي جي ناانصافي آهي. جيڪا اهو ماڻهو ڪري رهيو هو، جنهن وٽ انسانيت نالي جي ڪا شيءِ ڪانهي. هيءُ ته ڪنهنجو خون ڪرڻ جي برابر آهي. انيل جو هٿ وڍڻ معنيٰ انجو خون ڪرڻ. محض ان ڪري ته ڊاڪٽر هنجي ڪمپني جون دوائون نه لکيون. پوليس هن معاملي کي تڪڙو اُڪلائڻ پئي چاهيو. هنن کي خبر هئي، ته ڳالهه وڌي ته انجا خراب نتيجا نڪرندا. آخر وڃي اهو فيصلو ٿيو، ته انيل پنهنجي هٿ تان اوم لفظ مِٽائي. اهو لفظ ته برش رڳڙڻ سان به نه مِٽيو هو. هنن ان نشان کي بليڊ جا جهير ڏئي مِٽايو. انيل تڪليف مان دانهون ڪندو رهيو. ظالمن، اڪريل لفظ اوم کي ڇلي، ڪٽي نازڪ هٿ کي رتو رت ڪري ڇڏيو، ڊاڪٽر ٻئي ڏينهن پنهنجو شهر ڇڏي، ڪراچي اچي رهيو. اڳئين مهيني هنن جو انڊيا شفٽ ٿيڻ جو ارادو آهي.
    سائره غمزده چهري سان ڳالهائيندي خاموش ٿي وئي.
    تيرٿ، سائره ڏانهن ڏٺو، جيڪا ڪنهن گهري فڪر ۾ پنڌ ڪندي ڪجهه چوڻ لاءِ سوچي رهي هئي. “هي ماڻهو جيڪي اسان سان گڏ فليٽ ۾ رهن ٿا، انهن جون ڪهاڻيون هڪ طرح سان اهو طئي ڪن ٿيون، ته اسانجو سماج ڪيڏانهن پيو وڃي!” سائره دکي دل سان تيرٿ کي چيو، تيرٿ توکي ائين ڪونه ٿو لڳي ته، “سياستدانن سان گڏو عام ماڻهو به هاڻي مڪار ۽ دوکي باز ٿيندو پيو وڃي. هنن لاءِ ووٽ وڪڻڻ ۽ ڪنهن معصوم جي هٿ جي کل لاهڻ معمول جي ڳالهه آهي.”
    “ائين ته آهي. هن دنيا جا بنياد ناانصافي تي ٻڌل آهن” تيرٿ واراڻيو، هتي انسان کي اجازت آهي ته، جيئن جنهن کي وڻي تيئن ڪري. هتي طاقت جو بنياد دولت آهي. پر حيرت تڏهن ٿئي ٿي، جڏهن انسان ڌين ۽ ڌرم کي پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪري ٿو. انسان جون اهي ڪمزوريون اڳتي هلي انسان کي ذهني طرح وڌيڪ ڪمزور ڪنديون. هي ملڪ ماڻهن جو هجوم ٿيندو پيو وڃي. جنهن ۾ انسان جي نيڪي وڃائجي وئي آهي. شهر جا روڊ رستا ته هاڻي پري پري تائين ڦهلجي ويا آهن. تعليم ۽ تدريس جا ذريعا به گهڻو ڦهليا آهن. مندر، ڪليسائون ۽ مسجدون به ماڻهن سان ڀريل آهن. پر انجي باوجود انسان هڪٻئي کي حقارت سان ڏسي ٿو. وڏي مڪاري سان پنهنجي بيهودگي جو اظهار ڪري ٿو. هاڻي ماڻهو به ائين ڪن ٿا جيئن حڪمران ڪن ٿا.”
    “اها هڪ قسم جي بيماري به آهي” سائره وراڻيو، اسان هر روز بيمار ٿيندا پيا وڃون. پنهنجي روح کان مري رهيا آهيون. اسانجا ضمير سطحي ٿي ويا آهن. روز مرڻ ۽ روز جيئڻ کانپوءِ انسان اندر روح جي سچائي مري وڃي ٿي. تون جي انسان جي چهرن کي پڙهڻ جو هنر ڄاڻين ٿو، ته تون محسوس ڪندو هوندين، ته ڄڻ انهن چهرن ۾ شيطان گهر ڪري ويو آهي. مونکي ڪالهه ڳوٺ جي هڪ اهڙي عورت ملي جنهن چيو ته منهنجي مڙس پنهنجي ڌيءَ عيوض ۾ ڏئي پنهنجي شادي ڪئي آهي، اها ته شرم ۽ ذلت جي ڳالهه آهي. هي ته زوال آهي. ڪيئن به هجي، مان پنهنجي اندر ۾ ڇرڪي پوان ٿي. منهنجو انسان مٿان ويساه ڪمزور ٿيندو وڃي ٿو.
    پڙهيل ماڻهو وري ڇا ٿا ڪن. موقعي پرست، جن جي پيٽ جو ته ڪو ترو ئي ڪونهي. وڏيرن جا نوڪر. پراڻي انگريزن جي نظام ۾ خوش رهڻ وارا ڪرپٽ سي ايس پي آفيسر، پئسي کائڻ جي مشين.” سائره جي لهجي ۾ تلخي اچي وئي هئي.
    “اهو ئي ته آهي پاڪستان جو موجوده ڍانچو” تيرٿ وراڻيو. “هتي انسان جي ذات جو هڪ بحران اهو به آهي، ته هو سماج جي طئي شده لڪير کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي. تيرٿ ڳالهه کي ڄڻ ختم ڪرڻ واري انداز ۾ چيو. ماڻهو ظلم کي خدائي عذاب سمجهي ويٺو آهي. ان کان اڳتي سوچڻ لاءِ تيار ڪونهي. مان جيئن آهيان، جهڙو آهيان منهنجي زندگي آهي. ان کي پنهنجي سمجهه ۽ سوچ سان گذاريان. اهو احساس تمام گهٽ ماڻهن ۾ آهي. ٻين جون عادتون ۽ رايا اپنائڻ اسانجي عادت ٿي وئي آهي. اسين ماڻهن کي اختيار ڏيندا آهيون، ته هو انهن تي ڳالهائن. ماڻهو جي ذاتي زندگي هر ماڻهو لاءِ اهم هجي ٿي، پر هتي هر ماڻهو ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ تي ڳالهائڻ پنهنجو حق سمجهي ٿو. ائين ڪرڻ کانپوءِ به هو ايستائين مطمئن ڪونه ٿو ٿئي، جيستائين ان ڳالهه کي سوشلائيز نه ٿو ڪري. خرابي دراصل سوشلائيز ٿيڻ کانپوءِ خطرناڪ ٿي وڃي ٿي، جيڪا سڀ کان خراب ڳالهه آهي.
    مون کي ڪيئن هئڻ گهرجي، اهو منهنجي زندگيءَ جو ذاتي معاملو آهي. مونکي پنهنجي زندگي پنهنجي مرضي سان جيئڻ گهرجي. انهي احساس کي وڌڻ گهرجي. ائين نه ٿيو ته وڏي تباهي ايندي.”
    تيرٿ ۽ سائره ڳالهائيندا ڳالهائيندا گهر کان گهڻو اڳتي نڪري آيا هئا. شام جا هلڪا پاڇا رستن مٿان وري آيا هئا. دڪانن جا بلب روشن ٿيندا پئي ويا، ماڻهن جي چهل پهل اڃان به ساڳي هئي، فٽ پاٿ تي ڪجهه فقير خاموش ويٺل آهن، هو شايد پوري ڏينهن جي ٿڪاوٽ لاهي رهيا آهن. ڪجهه نوجوان تيز تيز قدم کڻندا پئي ويا. هو شايد پنهنجي والدين جي هدايت تي عمل ڪري رهيا هوندا، ته پنهنجو ڪم ختم ڪري جلدي جلدي گهر اچو. جنهن ڪري به هاڻ نوجوانن ۾ اجائي ۽ بي معني جي تيزي اچي وئي هئي، هي اهي ساڳيا روڊ رستا آهن، جتي نوجوانن جا گروپ رات جو دير تائين دڪانن جي ڏاڪڻن ۽ صندل تي ويهي چرچا ڀوڳ ڪندا هئا. پنهنجي مستقبل ۽ پنهنجي خوابن تي ڳالهائيندا هئا. پر جڏهن کان سياسي حالات تبديل ٿيا آهن، هنن فٽ پاٿن خواب ڏسڻ ڇڏي ڏنا آهن. وقت جي بي رحمي ڪري هي فوٽ پاٿ به هاڻي نوجوانن جي ٽهڪن کان محروم آهن. هاڻي ڪوبه نوجوان هتي ويهي پنهنجا خواب شيئر ڪونه ٿو ڪري ۽ نه وري گهر کان ٻاهر نڪري ٿو. هنن جي چهرن جي مسڪراهٽ سندن ئي خوف ۾ دٻجي وئي آهي. هن ئي شهر ۾ هڪ ٻيو ڪلاس به آهي، جيڪو ڊفينس ،ڪلفٽن ۽ بحريه ۾ رهي ٿو. ملڪ جي آسوده سوسائٽي، رٽائرڊ فوجي، بيروڪريٽ سرمائيدارن جو ڪلاس جن جي شاندار تجربن ۽ صلاحيت سبب هي ملڪ هلي ٿو. هيءُ ڪلاس، ملڪ جي اقتصادي پاليسي جوڙي ٿو ۽ اها ئي پاليسي آهي جيڪا وڏين بائونڊريز اندر ٺهي ٿي ۽ اتي ئي خرچ ٿئي ٿي. هنن جي پنهنجي دنيا آهي. جنهن ۾ نيڪي به رشوت عيوض ملي ٿي. هنن جي روز مرهه جا موضوع، ڪپڙن جا اسٽائيل، فيشن، گهر جي ماڊرن ڊيڪوريشن، نئين ماڊل جي ڪار، ، دعوتن ۽ پارٽين ۾ هڪ ٻئي جي زالن جي تعريف ۽ تعلقات وغيره آهن.
    .


    اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ٿرڊ ڪلاس نيوز

    ڪراچي
    سومر صبح جا ست
    منصور، سنگهار کي فون ڪري ٻڌايو ته شهر ۾ سخت فائرنگ ٿئي پئي، ڪنهن سياسي جماعت جي ڪارڪنن کي ماريو ويو آهي، گاڏين ۽ دوڪانن کي ساڙن پيا، روڊ رستا ويران آهن. جيستائين حالات بهتر ٿين ڪيئمپس نه وڃجو.
    اُرميل، ٽيليويزن تي واقعي جا ڪلپ ڏسڻ ويهي ٿي. جنهن کي هڪ نيوز چينل بار بار دهرائي رهيو هو.
    “هيڏانهن ته اچو، هي ته ڏسو. ارميل ڪجهه ياد ڪندي سنگهار کي سڏيو. هي ماڻهو اهو ته ناهي، جنهن دادا حيدر جي فليٽ تي قبضو ڪيو هو. توکي ياد ناهي گلشن اقبال وارو فليٽ
    سنگهار، ان ماڻهوءَ جي چهري کي غور سان ڏٺو، سوچڻ لڳو ۽ حيراني مان وراڻيائين، “هي ته اهو ساڳيو ماڻهو آهي. مان هن جي چهري کي ڪيئن ٿو وساري سگهان. هن ئي ته اسان کان پئسا ورتاهئا. هن ڪرمنل کي هي سياسي هيرو ڪري ٿا پيش ڪن.شرم ڪونه ٿو اچين.”
    دادا حيدر جي سڃاڻپ مزدور سياسي ورڪر جي آهي، هي صاف دل ۽ صاف نظر رکندڙ ماڻهو پنهنجي زندگي ائين گذاري ڄڻ ڪا شي ڳولي رهيو هجي، هي انجي لاءِ غمگين ٿيڻ بجاءَ جوش ۾ ڀرجي ويندو هو، هو پنهنجي ارد گرد جي دنيا ۾ زندگي ، آزادي ۽ برابري کي تلاش ڪندو هو، قد جو پورو پنو، مضبوط جسم، پيدل هلڻ کي ترجيح ڏيندڙ، هلڻ مهل اکين ۽ ڪنڌ کي زمين ڏانهن نوائي هلڻ جو عادي. هن پنهنجي حياتي جا ڪجهه اهڙا معمول ٺاهيا ۽ پاڻ لاءِ ڪجهه اصول ۽ حدون مقرر ڪيون آهن. جنهن سهاري هن پنهنجي زندگي گذاري ۽ اهڙي شاندار زندگي گذاري آهي، جو هر مذهب وارو ماڻهو هن کي پنهنجي گهر جو ڀاتي سمجهي ٿو. هي ڪميونسٽ ته نه آهي پر ٻين کي راحت ۽ سچي پچي خوشيءَ ۾ ڏسي خوش ٿيڻ وارو ماڻهو آهي ۽ پنهنجي ننڍڙي خوشيءَ ۾ ٻين کي ڀاڳي ڀائيوار ڪرڻ وارو ماڻهو آهي. انڊيا ۾ جڏهن بابري مسجد جي واقعي کانپوءِ پوري پاڪستان جي جنوني ماڻهن، هندن جي عبادتگاهن تي حملا ڪيا هئا، تڏهن دادا حيدر گرومندر جي علائقي ۾ رهندو هو ۽ هتي به ڪن ماڻهن مذهب جي آڙ ۾ لٽ مار ڪرڻ پئي چاهي، دادا حيدر اهو ماڻهو هو، جنهن نه رڳو هندن جي حفاظت ڪئي، پر ايڏي ڪشاده دلي ڏيکاري، جو انهن مان ڪن کي ته پنهنجي گهر ۾ به رهايو. هن واقعي کان بنهه پوءِ دادا پنهنجي رٽائرمينٽ جي پئسن مان ننڍرو فليٽ خريد ڪيو، ته جيئن باقي زندگي ڪرايي جي گهر ۾ رهڻ کان بچي. ان ظالم شخص، جنهن کي هيءَ نام نهاد ميڊيا سياسي ڪارڪن ٿي سڏي. دادا حيدر جهڙي فرشته صفت انسان جي فليٽ تي قبضو ڪيو ۽ فليٽ آجي ڪرائڻ جا پئسا گهريا. دادا حيدر ذاتي طور تي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي. هن جو راڄ ته گرومندر ۾ آهي. گلشن اقبال ۾ ته هن جو ڪوبه نه هو. هن ڪجهه سياسي ماڻهن کي چيو، پوليس سان ڳالهايو، هرڪنهن ٿي چيو پئسا ڏئي پنهنجي جان آجي ڪيو. جيتري ڀڄ ڍڪ ڪندو وڌيڪ مشڪل ۾ پوندُو. هي پوري گينگ آهي، جنهن جو ڪم ئي اهو آهي، دادا حيدر مجبور ٿي ڪجهه پئسا ڏنا.
    “هن نام نهاد سياسي ورڪر 5 لک روپيه گهريا هئا” ارميل توکي خبر آهي، آخر منٿن کان پوءِ ٻن لکن ۾ راضي ٿيو هو. مونکي ته هنن ٽي وي چينلس تي حيرت ٿئي ٿي. ڏوهاري ماڻهو لاءِ هي هٿن مان پيا وڃن. مٿان وري هن کي سياسي هيرو ڪري ٿا پيش ڪن.هي ته ڀتي خوري جي چڪر ۾ پنهنجي ئي ڪنهن طاقتورگينگ هٿان ماريو ويو هوندو. جنهن کي وري وڏي سياسي گروپ جي يا سگهاري ايجنسي جي حمايت حاصل هوندي.” سڀني رپورٽرن کي اها خبر آهي. پر انجي باجود هو ايڏي وڏي صحافتي بيماني پيا ڪن ۽ ساڳيو ڪوڙ بار بار ٿا دهرائن ۽ سڀني چينلس جو ڪوڙ تي سندرو ٻڌل آهي. سنگهار ڪرسي تان اٿي ڳالهائڻ لاءِ فون کنيو.
    “ڪنهن سان ٿا ڳالهايو؟” اُرميل سنگهار کان پڇيو،
    “اظهر سان” مونکي سمجهه ۾ نه ٿو اچي، ته آخر هنن ماڻهن کي ڇا ٿي ويو آهي. هڪ ڏوهاري لاءِ ڳلا ڦاڙي رڙيو ڪري رهيا آهن. ۽ ٻئي طرف هر روز جيڪي ماڻهو پنهنجن پيارن جي تلاش لاءِ پريس ڪلب ٻاهران ڏينهن جا ڏينهن بک هڙتال تي ويهن ٿا، جن جي ڀائرن ۽ پيئرن کي ايجنسين جي ماڻهن کڻي گم ڪري ڇڏيو آهي. انهن جي بريڪنگ نيوز ته ٺهيو، پوري خبر ئي نه ٿا ڏين. مان اظهر سان احتجاج ته ڪيان، ته هيءُ صحافتي دوکو آهي. ماڻهن کي صحي خبر ڏيو، جيڪو انهن جو حق آهي.
    “منهنجي خيال ۾ هن سان ڳالهائڻ جو فائدو ڪونهي. هي هنن جي اداري جي پاليسي هوندي. ان معاملي ۾ اظهر به ڇا ٿو ڪري سگهي” ارميل، سنگهار کي چيو،
    هي ته پنهنجن ماڻهن سان دشمني آهي، هي ته ڪرائيم کي پروموٽ ڪرڻ جي برابر آهي.سنگهار وراڻيو
    “ اڄ مان هڪ ڏوهاري ماڻهوءَ جي ڪري يونيورسٽي اٽينڊ ڪري نه سگهندس” سنگهار خفا ٿيندي چيو، پر انهن جو ڇا ٿيندو، جيڪي ڏهاڙي ڪمائن ٿا. رڪشي وارا، گاڏن ۽ ريڙهي وارن جو اڄ ڏينهن ڪيئن گذرندو؟ پورو شهر هڪ ڏوهاري ماڻهوءَ جي ڪري پيرالائيز ٿي ويو آهي. ۽ مٿان وري هنن ڀاڙيتو چينلس وارن جون بريڪنگ نيوز. ماڻهن کي هي ته پنهنجن آڱِرين تي ويٺا نچائن. بلڪه هاڻي ته هر ادارو ماڻهن جي ڪڍ لڳل آهي. هر ماڻهوءَ کي آزادي آهي، ته جيئن وڻي تيئن ڪري.
    “خبر کي بار بار دهرائڻ جو ٽرينڊ به دراصل ان نفسيات جو حصو آهي جنهن سان سماج اندر خبر هر هنڌ ڦهلجي ۽ انجا اثر سماج جو ماڻهو محسوس ڪري ته جيئن سماج ۾ هڪ قسم جي خوف واري فضا برقرار رهي” اُرميل تبصرو ڪيو.
    “سماج کي ان خوف جي ئي ته ضرورت آهي، اهو خوف ئي ته هنن جي مارڪيٽ آهي” سنگهار چيو،
    “اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ترقي سان ماڻهو باخبر ٿيڻ گهرجي پر انجا ٻٽا معيار ان کي هڪ مافيا جو روپ ڏئي رهيا آهن. اُرميل ميڊيا جو جائزو وٺندي چيو،
    “ها! ائين آهي. جي ڏسجي ته سماج هن وقت ٻٽي نفسياتي اُلجهن جو شڪار آهي. سنگهار وراڻيو، هڪ طرف هر وقت پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي خوف ڏيندڙ خبرن جي درميان ماڻهو رهي ٿو ۽ سياست کي گند بلا سمجهي ٿو ته ٻئي طرف مافيائون آهن، جن جو قبضو آهي سڀني ادارن مٿان ۽ وري ڪرائي تي ورتل انهن جا گماشتا رٽائرڊ فوجي جنرلس ۽ بوگس تجزيائيڪار.....”
    “توهان ڏٺو هوندو، ته ميڊيا ڪنهن به خبر کي سماجي ، سياسي نتيجن جي روح کان نه کڻندي” سنگهار وضاحت ڪئي، ان جي مارڪيٽ ڪرڻ لاءِ ان ۾ خوف جو عنصر پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي، ته جيئن خوف سوشلائيز ٿئي. ماڻهوءَ جون نظرون هر وقت ٽيليوزن ۾ اَٽڪيل هجن. هي به هڪ قسم جو اِشو آهي. توهان ڏٺو هوندو، ته مختلف چينلس جا ڄاڙي باز اينڪر پرسن، سمورن چينلس تي ساڳيا ئي ماڻهو رٽائرڊ فوجين ، بيروڪريٽن ۽ نام نهاد سياستدانن ۽ مولوين کي روزانو گهرائي عجيب فرسوده بحث ڪرائيندا. بلڪل سڀني جو هڪ جهڙو لهجو ۽ هڪجهڙي راءِ، جيڪي صاحب سياسي موضوعن تي فرسوده دليل ڏئي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته ملڪ ۾ ڪرائسز جون ذميوار سياسي پارٽيون ئي آهن ۽ دنيا جهان جو گند سياسي پارٽين مٿان اڇلائيندا. وري عورتن جا پروگرام ڏسي حيرت ٿيندي. ته هي اهو ملڪ آهي، جنهنجي عورت دنيا جي سڀ کان مظلوم ۽ رياستي عذاب ۾ گهريل آهي، جنهن کي مارڻ قتل ڪرڻ ڪو جرم ڪونهي، جنهن لاءِ ڪا سزا به ڪانهي. هن ئي ملڪ ۾ عورت کي ڏنڊ چٽي جي عيوض ڏنو وڃي ٿو. هتي عورت سان ڇا نه ٿو ٿئي، پر هي چينل رڌ پڇاءُ جي ڪمن ۾، هار سينگار جي ڪمن ۾ يا وري ماڊلنگ ۾ پيش ڪري تاثر ڏيندا، ته اسين ڪيڏا ايڊوانس ٿي ويا آهيون. هنن جي نظر ۾ عورت جي سڃاڻپ اها آهي، جيڪا هنن مقرر ڪئي آهي. هنن جي نظر ۾ ته جيئن سماج ۾ عورتن جا ڪي مسئلا ئي ڪونهن. هر گهر جي عورت جو مسئلو ڄڻ هار سنگار ۽ فيشن آهي يا وري لذيذ کاڌا تيار ڪرڻ ۽ فلمن جون اسٽوريز ٻڌڻ .
    “هنن جا صبح وارا پروگرام ته مونکي زهر لڳندا آهن” ارميل چيو، عجيب تفريح جي نالي ۾ عورت کي انگيج رکڻ ۽ دماغ ۾ هڪ اهڙي غير حقيقي دنيا کي ٺاهڻ جنهن سان سنڌ جي عورتن جي اڪثر آبادي جو ڪو تعلق ئي ڪونهي. ٻين ڳالهين کي کڻي ڇڏيو، هنن کي ان ڳالهه تي ڳالهائڻ جو به وقت ڪونهي ته، سرن جي بٺن ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت عورتن ۽ ٻارن جا ڪهڙا مسئلا آهن. سنڌ جي وڏيري وٽ نسل در نسل رهندڙ هارين جي ٻارن ۽ عورتن جي زندگي، جانور کان به بدتر ڇو آهي؟ جمهوريت وٽ ماڻهن کي ڏيڻ لاءِ ڇا آهي؟ غريب ملڪ جي فوج ايڏي امير ڇو آهي؟ هي ته قاتل ۽ ڏوهارين کي هيرو بنائڻ وارا آهن.”
    “ مسلسل فوجي راڄ ڪري، جمهوري ۽ سياسي تحريڪن سان گڏوگڏ پريس ۽ پبليڪيشن جا ادارا به سخت متاثر ٿيا آهن،فوجي حڪومتن انهن کي پنهنجي زير اثر رکڻ جي ڪوشش ڪئي. باوجود انجي جو ميڊيا پاڻ کي هن وقت رفائن ڪيو آهي، پر انجو اثر هاڻ تائين به آهي.” سنگهار وراڻيو،
    “ ميڊيا جو ن ڪي معاشرتي ذميواريون به آهن يا نه؟ اُرميل سوال جي انداز ۾ چيو
    “بلڪل آهن” سنگهار وراڻيو، هنن کي سچ ڳالهائڻو پوندو، اهو به نهايت واضع طور، مان اوهان کي پنهنجي تجربي مان ٻڌايان ٿو. ميڊيا ڪنهن به خبر جو تعين مواد جي بجاءِ شخصيت جي حوالي سان ڪري ٿي ۽ ان شخص جي بيان آڌار پوءِ مسلسل بحث ۽ تبصرا ٿين ٿا ۽ ڪيترن ڏينهن تائين اهو شخص چينلس جي زينت بنيل رهي ٿو، ميڊيا تي هن دکي ديس جي عام ماڻهوءَ جي جهلڪ ته ڪٿي به نظر نه ٿي اچي.هنن کي سچ ڳالهائڻو پوندو.


    بيقرار روح جي آرزو، خدا! منهنجي رهبري ڪر

    سائره پنهنجي آرٽس فيڪلٽي جي ڪاريڊور ۾ تيرٿ جي اچڻ جو انتظار ڪري رهي آهي. ڇو ته هن کي پنهنجي تصويرن جي نمائش لاءِ تيرٿ سان مشورو ڪرڻو آهي. تيرٿ کي ايندو ڏسندي ئي رڙ ڪري چوي ٿي، “خدا جو شڪر آهي، جو تون آئين مون ڪافي دير کان تنهنجو انتظار پئي ڪيو، ته جيئن توسان مشورو ڪري سگهان. منهنجو ڊپارٽمينٽ منهنجن پينٽنگس جي نمائش آرٽ گيلري اسلام آباد ۾ ڪرائڻ چاهي ٿو، مان چاهيان ٿي ته نمائش ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ ٿئي. توهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟” سائره هڪ ساهي ۾ پنهنجي ڳالهه مڪمل ڪئي.
    “منهنجي راءِ آهي ته اسلام آباد ۾ ٿئي” تيرٿ، سائره کي مشورو ڏيندي چيو. “هتي توکي سڀ سڃاڻين. هتان کان ٻاهر تو لاءِ نئون تجربو هوندو. تون پنهنجو آرٽ سنڌ کان ٻاهر به پهچائي سگهندينءَ، ان کان پوءِ پروفيشنلزم جي تقاضا آهي ته تون پاڻ لاءِ نوان ڪانٽيڪٽ پيدا ڪر. نون ادارن ۽ نئين دنيا سان پاڻ کي روشناس ڪر، تون پنهنجي ڊپارٽمينٽ کي اسلام آباد لاءِ چئي ڇڏ.”
    تڏهن ئي ته مون تنهنجو انتظار پئي ڪيو. تو ته هڪدم مسئلو ئي حل ڪري ڇڏيو.سائره چيو، “مان ٻن ڏينهن کان ٻڏتر ۾ هئس ته ڇا ڪيان. اسلام آباد وڃڻ لاءِ دل نه ٿي چاهيو. ڪراچي ۾ ته اڳ ئي منهنجن تصويرن جون نمائش ٿي چڪيون آهن. بهرحال توهان منهنجو مسئلو حل ڪري ڇڏيو.”
    “اسلام آباد کان واپسي تي لوڪ ورثه وارن کان پٽهاني خان جون آڊيو ڪيسٽون وٺيون اچجو” تيرٿ، سائره ڏانهن ڏسندي چيو.
    “ها! بلڪل، سائره، تيرٿ کي چيو،
    “ تيرٿ ۽ سائره ڪافي دير تائين ڪاريڊور ۾ بيٺا رهيا. هنن هاڻ اسلام آباد جي سفر ۽ ضروري سامان لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ هڪٻئي جي اکين جي چمڪ کي محسوس ڪيو. هنن هڪٻئي کان موڪلايو ۽ ڪوريڊور کان ٻاهر نڪري آيا.
    سائره تيرٿ جي راءِ سان سهمت ٿيندي، پنهنجن تصويرن جي نمائش واسطي ٻن مهيني لاءِ اسلام آباد هلي وئي، تيرٿ ڄڻ اڪيلو ٿي ويو، هن پاڻ کي عجيب ڪشمڪش ۾ محسوس ڪيو. هن کي پهريون ڀيرو ائين محسوس ٿيو، ته سائره هن جي زندگي جو ڄڻ لازم جز بنجي وئي آهي. هنجي موجودگي ۽ رفاقت جو احساس هن لاءِ پنهنجو پاڻ ۾ مڪمل ٿيڻ جو احساس هو، تيرٿ، زندگي جي مدهم روشني ۾ پنهنجو پاڻ کي محبت جي روشني ۾ منور ٿيندي محسوس ڪيو هو.
    تيرٿ پاڻ سان هم ڪلام ٿيندي چيو، محبت کي سوچڻ جو، محسوس ڪرڻ جو ۽ بيان ڪرڻ جو پنهنجو هڪ انداز آهي. جيڪو بدلجندڙ حالات، سماجي روين، نسلن ۽ مذهبن کان مختلف ۽ مٿاهون آهي. تيرٿ جي اندر خيال آبشار جي ڌار وانگر لهن ٿا ڪنهن عجيب اسرار جيان.
    هو پاڻ سان ڳالهائيندو وڃي ٿو...... سائره منهنجي خواهش ناهي، ڇو ته خواهشن جي آڌار رشتا نهايت بلند تعلق ۽ روح جي وسعت کان محروم رهن ٿا. هتي ڪنهن کي چاهڻ جو معاملو ڪونهي ۽ نه وري ڪنهن کي حاصل ڪرڻ جي ڳالهه آهي. محبت ته قبوليت آهي.اها ته ڪنهن جي روح ۾ سمائڻ جي صداقت هجي ٿي. بلند جذبا، جيڪي پوءِ فقط رسيلي گفتگو ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا. ائين ڪرڻ سان انسان کي سچ پچ دلي سڪون ملي ٿو. ڪيترن ئي ماڻهن جي عزت ڪندي ۽ ڪنهن هڪ کي چاهيندي، اوهان محسوس ڪندا، ته توهان دلي طور ڪيڏا نرم ٿيندا وڃو ٿا. پيار، انسان جي اُجهامندڙ روح کي تازگي ڏئي ٿو. توهان پنهنجو پاڻ کي طلب ۽ طمع جي فطرت کان الڳ ڪري ڏسندو ته محبت جي ذريعي هر شيءِ ممڪن آهي. تيرٿ بي خودي ۾ ڳالهائيندو رهيو. هو واقعي به خوشي محسوس ڪري رهيو هو. هن جي چهري جو حُسن وڌيڪ نکرجي پيو هو. هن پاڻ کي بلڪل ٻي طرح محسوس ڪيو. هو پنهنجي ڪردار کان ۽ خيالن کان بلند ٿي ويو هو.
    ها! بلڪل ائين جيئن ُسهڻي چناب ۾ گهڙڻ کان اڳ ميهار ۾ سمائجي ويندي هئي.
    ُسهڻي، جي سامهون درياءَ، درياءَ نه هو صرف ميهار هو. جنهن ڪري هُن جا خدشا ۽ خوف ختم ٿي ويندا هئا. درياءِ ته هن جي ۽ ميهار جي وچ ۾ هڪ لڪير جي برابر هو.
    تيرٿ پاڻ سان ڳالهائيندو رهيو. پر پوءِ هڪ عجيب جَهٽڪي سان جاڳي پيو.
    هن پاڻ کي سنڀاليو. پنهنجي ُٻڏندڙ دل سان پاڻ مخاطب ٿئي ٿو.
    “ائين ڪيئن ممڪن آهي؟ سائره ۽ منهنجي وچ ۾ مذهب جو فرق آهي. اهو فرق هتي ايڏو طويل آهي جنهن لاءِ اسانجا ڏهه جنم به ناڪافي آهن. هتي انسان، روح جي جذبات کان وڌيڪ سماجي ريتن جو پابند آهي. جنهن ۾ هنجي پنهنجي ڪا معنيٰ ڪانهي. هن جي پنهنجي ڪا راءِ ڪانهي. قدرت جي هر تخليق، هر وجود جو ميلاپ ٿي سگهي ٿو. سمنڊ ملي سگهن ٿا. آسمان جا پکي ملي سگهن ٿا. سج جي روشني هند ۽ سنڌ جي زمين سان ملي سگهي ٿي. مصوري، آرٽ ۽ ڪلچر خيال سڀ جو سڀ ملي سگهن ٿا. زندگي جا ويچار ملي سگهن ٿا. باک ڦٽيءَ ماڪ، گلن سان ملي سگهي ٿي. پر اهو ماڻهو ئي آهي، جنهن کي خودڪشي جي اجازت ته آهي پر پيار ڪرڻ واري سان گڏجڻ جي اجازت ڪانهي.
    پر مان اهڙي سماج جي پرواهه ڇو ڪيان. تيرٿ پاڻ کي جواب ڏيندي پاڻ کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هن تسلي ۾ هن جو پنهنجو گهرو درد پوشيده هو، جيڪو چاهيندي به ختم ٿيڻ جوڳو ناهي.
    خدا، جنهن مقصد لاءِ انسان کي تخليق ڪيو آهي. ان کي سرانجام ڏيڻ لاءِ مونکي ڪنهن به دٻاءُ جو شڪار ڇو ٿيڻ گهرجي؟ تيرٿ بيچيني ۽ گهري درد مان پاڻ سان ڳالهائي ٿو، اها مصلحت انسان کي تباهه ڪري ڇڏيندي. انسان جي روح جي ميلاپ اڳيان ڪنهن به شيءِ جي ڪا حيثيت ڪانهي. محبت سڀ کان افضل آهي.”
    تيرٿ، مسلسل پنهنجي ڏڪندڙ دل سان پاڻ سان ڳالهائي ٿو. هڪ شخص جڏهن محبت ڪري ٿو ۽ پنهنجي دل کي ان سان سرشار ڪري ٿو، ته انجو مطلب آهي ته انسان هن دنيا ۾ ڪجهه گهڙيون وڌيڪ جيئڻ چاهي ٿو. مان زندگي جون ڪجهه گهڙيون جيئڻ چاهيان ٿو.
    منهنجا خدا، منهنجي رهبري ڪر.
    منهنجي دل مان جو نڪتو آهي، ان تي مان مضبوطي سان قائم آهيان. انجو کڻي ڪهڙو به نتيجو نڪري، مان محبت جي رستي وڃڻ چاهيندس.
    مذهب، محبت جو مقابلو نه ٿو ڪري سگهي.
    منهنجا خدا، منهنجي ننڍڙي دل جي رهبري ڪر.
    تون ئي، دلين جا راز ڄاڻين ٿو.
    تيرٿ، ڪرسي تان اٿي ٻاهر گهر جي آڳند تي اچي ٿو. آسمان گِهرن ناسي بادلن سان ڍڪيل آهي. هوا جي ٿڌي هير ۽ بي نيازي هَن جي من ۾ داخل ٿي وڃي ٿي۽ هو پاڻ سان وڌيڪ ڳالهائي نه ٿو سگهي.


    جُھڙ نيڻان نه لهي

    اڄ صبح کان بارش شروع ٿي، جيڪا منجهند تائين جاري آهي. تيرٿ کي بارش هميشه جيان پنهنجي ٻالڪپڻ جي يادن ڏانهن کڻي وڃي ٿي. ٻالڪپڻ وارا خوبصورت پل، بارش ۾ ڀڄڻ، دوستن سان پاڻي جي دُٻن مان ڇپڪا هڻي هلڻ، زيتون جي باغ ڏانهن رخ ڪرڻ، وڻن جي ٽارين مان ٻوليندڙ پکين کي تلاش ڪرڻ، انهن کي ڏسڻ جي جستجو ۾ انهن پويا ڊوڙڻ ۽ آخر ۾ ُڀڳڙن سان پيٽ ڀري گهر ڏانهن موٽڻ. انهن ڏينهن جو ڪو ملهه ڪونهي، نه ئي وري اهي قيمتي لمحا وسارڻ جهڙا آهن. اُهي ماڻهوءَ جي زندگي جا قيمتي پل آهن. تبديل ٿيندڙ دور جا اُهي پل سڀ کان حسين ۽ سڀ کان وڌيڪ دلڪش آهن. حقيقت ۾ ٻالڪپڻ جا ڏينهن رحمت ڀريا هجن ٿا. ٻارن جو ڪو ديس ڪو ويس ناهي هوندو. ڪو مذهب، ڪو نسل ناهي هوندو. هو ته رڳو خوشيءَ کي حاصل ڪري ڄاڻن. نچي، ڳائي پنهنجن پيرن جي تال تي هلي، ڊوڙي، بارش جي بوندن ۾ ڀڄي، خوش ٿيندا قدرت سان پنهنجي خوشيءَ جو اظهار ڪندا، خدا جي هئڻ جو احساس ڏياريندا رهندا آهن. ننڍڙن ٻارن ۽ خدا جي وچ ۾ هم ڪلامي اها ئي ته هجي ٿي
    اڄ به بارش جي پهرين بوند تيرٿ جي چهري تي پئي، ته هن جون اکيون ڀرجي آيون. هن کي پنهنجو ديس بي حد ياد آيو، پنهنجي شهر جي زمين تي هلڻ جو احساس ئي مختلف آهي. هر آهٽ هر قدم جو مطلب هجي ٿو. خوشي سان ڀريل هن ڪيفيت ۾ نه ڪوئي معمولي آهي نه ڪو خاص صرف قبوليت آهي. گهرو اونهو پيار آهي، خاموش گفتگو آهي.
    تيرٿ، لاءِ پنهنجي وطن کان پري ڪراچي جهڙي ُپر شور شهر ۾ رهڻ ڪنهن آزمائش کان گهٽ ڪونهي. هو پنهنجي وطن جي مٽيءِ مان ڳوهيل انسان پنهنجي جسم ۽ روح درميان سفر ڪري ٿو. بلڪ هو انهن ٻنهي کان اڳتي نڪري ويو آهي تمام گهڻو اڳتي. زندگي جي خاص عمر ۾ هر انسان کي پنهنجي حصي جي اونده سڏيندي آهي، جنهن کي زندگي جو انت چئجي. پر جيئن ته ڪجهه ماڻهو پنهنجي حياتي ۾ ئي پنهنجو رشتو محبت سان جوڙي انت کان مٿاهان ٿي ويندا آهن. پاڻ کي لازوال ڪري ڇڏيندا آهن. زندگي ۽ موت کان به اڳتي، گهڻو اڳتي.
    تيرٿ پنهنجي ديس جي يادن ۾ ئي گم هو، جو ٻاهر دروازي تي بيل وڳي. هن لاءِ سائره جو خط آهي.
    ڊيئر تيرٿ!
    مسلسل ٻه ڏينهن مصروف رهڻ کانپوءِ اڄ تو ڏانهن خط لکڻ ويٺس. اڳئين هفتي کان تصويرن جي نمائش شروع ٿي ويندي. ڪالهه مون پنهنجن تصويرن جو جائزو ورتو. مون وٽ 20 کن آئل پينٽگس ۽ باقي واٽر ڪلر پينٽنگس آهن. جيڪي ايگزيبيشن جي اسٽينڊر جون چئي سگهجن ٿيون. ڪالهه لوڪ ورثي جي اڱڻ تي اسلام آباد جي انٽليڪچويل سان گفتگو ٿي. هنن جو خيال هو ته چار فوجي بغاوتن جي باوجود سياسي پارٽين سياسي تبديلي لاءِ ڪو خاص ڪردار ادا نه ڪيو آهي. جنهن سبب فوج کي اقتدار تي قبضي جو جواز ملندو رهي ٿو. منهنجو موقف هنن کان مختلف هو. منهنجو خيال هو، ته 1950ع کان ئي ملٽري جو سياست ۾ هڪ مستقل ڪردار شروع ٿيو. ڪراچي سان تعلق رکندڙ خواجه ناظم الدين کي وزارت اعظمي تان هٽائڻ پويان ملٽري جو هٿ هو، جو هُن فوجي بجٽ گهٽائڻ جو ارادو ڪيو هو. ان کانپوءِ جي فوجي بغاوتن ۾ 1954ع ۾ اسيمبلي ٽوڙڻ 1955ع ۾ ون يونٽ جو قيام کانپوءِ مسلسل فوجي آمريتن جو سلسلو. نام نهاد راولپنڊي سازش ڪيس. جنهن ۾ هنن ڪيترن اديبن ۽ شاعرن کي قيد ڪيو. حسن ناصر کي شهيد ڪري ملڪ ۾ شب خون جو بازار گرم ڪيو ويو. هن پوري عرصي دوران سياستدانن کي ڪرپٽ ڪري سياسي طور تباهه ڪيو ويو، اسان جيڪڏهن هنن واقعن کي ويهي ڳڻيون ته حيرت ٿيندي. ته هن ملڪ جي ملٽري، اقتدار جي ُبک ۽ پنهنجي سرمايي جي ڦهلاءُ واسطي ڇا ڪجهه ناهي ڪيو.
    مونکي اسلام آباد ۾ ويٺل سڀني ماڻهن جي ايپروچ جو تجربو ڪونهي، پر جيڪا ڳالهه سڀ ۾ ڪامن آهي، اها هي ته پاڪستان جي رياست ڏانهن جيئن سنڌي ۽ بلوچ سوچي ٿو، ائين پنجاب جو ماڻهو نه ٿو سوچي. ظاهر آهي ته هُنن جا معاشي مفاد انهن سان جُڙيل آهن. هنن جي خوشحالي جو سبب ملٽري ۽ رياست کي هلائڻ واري ڌر ڪري به آهن. ان معاشي مفاد ڪري پنجاب ۾ سياسي تحريڪن جي بجاءِ هڪ طرح جي موقعي پرستي وڌي آهي ته ٻئي طرف پنجاب جي معاشري ۾ مذهب کي وڌڻ جو موقعو ملي رهيو آهي، يقينن هي اهو ئي سوچيندا. جيڪو هِنن جي اردگرد آهي.
    هتان جو ايلٽ ڪلاس آرٽ ۽ ڪلچر سان پيار ڪري ٿو. هتي سليڪٽو ماڻهو آباد آهن. بلڪه هتي رولنگ ڪلاس آباد آهي. جنهن وٽ تعليم باقي سڀني کان پهرين پهتي. هنن جي آسودگي جي ڪا حد ڪانهي. هتي اچڻ جو فائدو اهو ٿيو آهي ته اڃان به بنيادي سوال معلوم ٿي سگهندا، جن جو تعلق آرٽ، ادب ۽ پنجاب جو باقي قومن ڏانهن رويي سان آهي. ڪنهن به شيءَ جو جائزو جذبات کان وڌيڪ علمي بنيادن تي ڪرڻ سان درست حقيقتون معلوم ڪري سگهجن ٿيون. پنجاب جي سلسلي ۾ منهنجي اها ڪوشش آهي، ته هتي رهي معلوم ڪري سگهان ته پنجاب ۾، انقلابي تحريڪن جون پاڙون ڪمزور ڇو آهن؟
    لوڪ ورثي مان مون توهان لاءِ فوڪ ميوزڪ جا ڪجهه مقامي راڳين جا ڪيسٽس خريد ڪيا آهن. يقينن توهان کي پسند ايندا. توهانجي ڪمي محسوس ٿئي ٿي. ساٿين جي ياد اچي ٿي. ٻه مهينا آهن، گذري ويندا. مان توهان ڏانهن خط لکندي رهندس.
    تيستائين موڪلاڻي..
    سائره، اسلام آباد.


    لياري

    تيرٿ ۽ فيروز پارٽي ميٽنگ جي سلسلي ۾ لياري آيل آهن. لياري ڪراچي جي قديم باشندن جو غريب ترين علائقو آهي. ان ڪري ئي هنن ماڻهن ۾ مزاحمت ۽ ڏوهن جهڙا ننڍا ننڍا ڪم عام آهن. بلڪه سياسي پارٽين به هنن کي سياسي اسپيس ڏيڻ بجاءِ مليٽنٽ، جهڳڙالو ۽ گينگ وار جي صورت ۾ استعمال پئي ڪيو آهي. لياري جا ماڻهو اهو سڀ هوندي به جمهوريت پسند آهن. نسل پرست ناهن، نه وري مذهب جي نالي تي ماڻهن جا ڳلا ڪپن ٿا. هن علائقي مان هميشه جمهوري تحريڪن کي وڏي سپورٽ ملندي رهي آهي. هي ماڻهو محنت ذريعي روزي ڪمائڻ جا عادي آهن. ڀتا خوري جهڙا ڏوه ته هنن ۾ گهڻو دير سان داخل ٿيا. اهي ڪم هنن کان پهرين ٻين جماعتن شروع ڪيا. ظاهر آهي جنهن علائقي ۾ ترقي جي رفتار سڀ کان گهٽ، روزگار جي ليول نه هئڻ جي برابر هجي، اُتي ڏوهن جو وڌڻ فطري آهي، بلڪه هاڻي لياري کي ڏوهن جي نرسري ٺاهيو ويو آهي، جتي مختلف گروپ، ڀتن ۽ قبضن تي وڙهندا، هڪٻئي کي ماريندا رهن ٿا. لياري، ملير، گڏاپ، شرافي ڳوٺ ۽ صفوران ڳوٺ، سنڌ ۽ جمهوري تحريڪ جا ڳَڙهه آهن. هتان جمهوري ۽ انقلابي تحريڪن جي جلسن جلوسن کي افرادي قوت ملندي آهي. نچڻ، ڳائڻ راند روند هنن جي دل جي دڙڪن ۽ زندگي آهي. ڊهول جي آواز تي لياري جي ماڻهن ۾ بجلي ڊوڙي هلندي آهي. زندگي سان ڀرپور لياري جو ماڻهو، جنهن کي پوءِ بارود جي ڊير مٿان بيهاري باه لڳائي وئي. لياري کي تباه ڪيو ويو. لياري، جيڪا ڪراچي جو دماغ هئي، جتي جا نوجوان جنون جي حد تائين پڙهائي ۽ ڪتابن سان پيار ڪندا هئا. جتي ننڍيون وڏيون 70 لائبرريون هر وقت علم ادب جي خدمت لاءِ کُليل رهنديون هيون. اُهي سموريون هڪ هڪ ٿي بند ٿينديون ويون ۽ انهن جي جڳهه تي کُليا جوا خانا، رمي سينٽر. سرحدن تي ويٺل رينجرس کي گهرائي، ڪراچي ۽ باقي شهرن ۾ مقرر ڪري کين تباهي جو ڪم سونپيو ويو، جن اچي سنڌ جي تاريخي عمارتن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽي جي هاسٽلن تي قبضو ڪيو. لياري به هنن جي حوالي ڪئي وئي.
    ماما غني بلوچ پارٽي ورڪر، جنهن کي لياري جي ماڻهن قابليت ۽ شرافت جي بنياد تي لوڪل باڊي جي اليڪشن ۾ کٽرايو. هن پنهنجي زندگي جو انتهائي تڪليف ۽ خوف ۾ مبتلا ڪندڙ دور ڏٺو. هِن ئي دور ۾ هن تي ٽي قاتلانه حملا ٿيا. هڪ حملي ۾ ته هو سخت زخمي به ٿيو. هن حملي پويان سندس بقول ايجنسيون هيون، جيڪي لياري اندر ڪنهن به مثبت تبديلي جي حق ۾ نه آهن. هن ٻڌايو. ته رشيد بلوچ هنجو دوست آهي، انتهائي محبوب ۽ يارويس ماڻهو. هن جا چار پٽ عمارت سازي جي ڪمن جا ماهر سمجهيا ٿي ويا. لياري ۾ هنن جون جوڙيل خوبصورت عمارتون اڄ به مشهور آهن. هن ڪم مان هنن پيسو به ڪمايو ته ڪيترا ئي نيڪي جا ڪم به ڪيا. بيوه عورتن جي نياڻن کي ڏاج ڏيڻ، انهن جي شادي جو خرچ ڀرڻ، غريب شاگردن جون فيسون ڏيڻ. عام ماڻهن کي ڪم وٺي ڏيڻ کان وٺي پاڙي جي ٻين سماجي ۽ سياسي ڪمن ۾ بهرو وٺڻ ڄڻ هنن جي فرض ۾ شامل هو. رشيد جو ننڍو پٽ، جنهن سان هن جو حد کان وڌيڪ پيار هو، جنهن کي رشيد ڪڏهن ڪڏهن پنهنجن هٿن سان ماني کارائيندو هو. هنجي ان پياري پٽ سميت ٽن پٽن جو خون ڪيو ويو. لياري جي هن عمر رسيده شخص کي ڄڻ دوزخ جي باه مان گذرڻو پيو. هن پنهنجن هٿن سان پنهجن پٽن کي دفنايو. هن جا هٿ ڏڪي رهيا هئا. زندگي ۾ پهريون ڀيرو هو رڙيون ڪري رُنو. تنهن کانپوءِ لياري ۾ مار ڌاڙ جي ڄڻ بازار کُلي. وڏا وڏا هٿيار ڪٿان اچڻ لڳا، ڪنهن کي ڪا خبر نه آهي. هتي جو غريب بلوچ جنهن سدائين کيل، مستي پورهيي ۾ زندگي گذاري، تنهن جي هٿن ۾ هٿيار اچي ويا. اچانڪ ڌماڪا ٿيڻ ۽ ماڻهو مرڻ لڳا. لياري هن زمين تي ڄڻ ننڍڙو دوزخ بڻجي پئي.
    اسين ماما غني بلوچ کي ماما ڪري سڏيندا آهيون.
    “ماما! توهان هتي ڪڏهن کان رهو ٿا؟”تيرٿ کانئس هڪ ڀيري پڇيو هو.
    “هميشه کان ڪامريڊ!” هن جواب ڏيندي چيو هو،
    “مونکي خبر ناهي ته منهنجا وڏڙا ڪٿان آيا” هن پنهنجي بلوچڪي انداز ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو، ڪي چون، آفريڪا مان اسين هتي غلام ٿي آياسين. ڪي چون عرب رياستن ۾ جڏهن بک ستايو، ته سنڌ جي ساحلن تي مڇي مارڻ جو ڪم ڪيو ۽ پوءِ اتي ئي آباد ٿي وياسين. مان پنهنجي حسب نسب کان محروم ان ڪري به آهيان ڇو ته اسان سان هميشه غلامن وارو وهنوار رکيو ويو. لياري انجو مثال آهي. هتي اسڪول ناهن، پر جوا گهر ،شراب خانا هر قسم جو نشو پتو انجو استعمال ۽ انجو ڪاروبار جام ملندو، جنهنجو هر مهيني جو ڀتو لکن ۾ آهي، جيڪو باقائدگي سان پوليس وصول ڪري ٿي. جنهن ۾ هاڻ رينجرس به شامل ٿي وئي آهي. جنهن جو طريقه ڪار پوليس کان مختلف ۽ وحشياڻو آهي. رياستي ادارن کي هيروئن ،چرس ،آفيم ۽ اسلحي جي ڪاروبار لاءِ ماڻهو هتان گهرجن ٿا. ان ڪري به هن علائقي کي هنن ترقي کان محروم رکيو آهي.
    هنن جو شڪليون ڪاريون آهن، ڇا ان ڪري حڪمران هنن کان نفرت ڪن ٿا؟ ائين ناهي، هي دراصل جمهوريت پسند آهن. ان ڪري حڪمران هنن کان نفرت ڪن ٿا. هنن سنڌ جي پاڻي جي عبادت ڪئي آهي ڇو جو اهو پاڻي ئي هنن جو گذر سفر آهي. هنن جي زندگي آهي.
    لياري جي ماڻهو ڪڏهن سوچيو آهي ته هتي هنن جا ٻار رهن ٿا. انهن جي بهتر مستقبل لاءِ حالتون بهتر ڪجن؟ تيرٿ ماما کان سوال ڪيو.
    ماما غني جون اکيون ڀرجي آيون. پر پوءِ سنڀالي ڳالهائڻ لڳو، “لياري هميشه حڪمرانن لاءِ ريڊ زون رهي آهي. اسانجو ڪامريڊ سائينداد بلوچ نوجوانن جي انجمن جو صدر هو. لياري ڄڻ هن جي ماءُ هئي. هن لياري جي فلاح ۽ ترقي واسطي پنهنجو ُسک ۽ آرام اُن مٿان قربان ڪري ڇڏيو هو. ايجنسين وارا هن کي کڻي ويا، جڏهن ته لياري جا بدنام ڏوهاري آزادي سان گهميا پئي. انهن کي ڪا روڪ ٽوڪ ڪانه هئي. يعني مان توهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو، ته لياري جو پڙهيو لکيو ماڻهو، لياري لاءِ ڪيئن سوچي رهيو هو ۽ پوءِ ان کي منظر تان هٽائڻ لاءِ ايجنسيون ڪيئن سرگرم هيون.”
    “ايم آر ڊي جي تحريڪ ڪراچي ۾ لياري کان شروع ٿي ۽ لياري ۾ ختم ٿي. ماما غني ڳالهه جاري رکندي چيو، مرحوم غوث بخش بزنجي گرفتاري لياري مان ڏني. هن پنهنجي جدوجهد جي ابتدا هتان ڪئي. پ پ پ کي جانثار هٿان مليا، جيڪي بينظير جي پويان پاڳلن جيان ڊوڙندا هئا. پ پ پ کي سوڀ هميشه لياري جي تڪ مان ملي، دراصل لياري سياسي ماڻهن جو گهر هئي. هتي ئي سياسي ۽ انقلابي ماڻهن کي پناه ملندي هئي. ايجنسيز، نام نهاد ميڊيا ۽ ظالم حڪومتي ادارا چون ٿا ته، لياري ۾ ڏوهاري رهن ٿا. مان چوان ٿو ته لياري ته غريب علائقوآهي، جتي ڏوه ۽ سزا وري به آهي. پر جيترا سفيد پوش ڏوهاري ڪلفٽن ۽ ڊفينس ۾ رهن ٿا، انهن جي ڏوهن جو ته ڪو ڪاٿو ئي ڪونهي.
    اُتي ڏوهارين کي تحفظ حاصل آهي. ان جي ڀيٽ ۾ لياري وارا هڪ پرسن به ڏوهه ڪو نه ٿا ڪن. پر جيئن ته رولنگ ڪلاس انهن علائقن ۾ رهي ٿو، ان ڪري اهوآپريشن ۽ هر سزا کان ماورا آهي. لياري جيئن ته غريب آهي انهي ڪري سزا جي حقدار آهي. لياري ڪڏهن به مافيائن جو ڳڙهه ناهي رهي. ان کي هٿ وٺي تباهه ڪيو ويو.نوجوانن لاءِ روزگار ڪونهي. صنعتون ڪونهن، ته پوءِ آخر ماڻهو ڏوهه ڪري به پاڻ کي زنده رکندا، اهو.


    هڪ مَئين مُسافر بي وطن

    ڪراچي جو ماڻهو اڄ پورو ڏينهن شهر جي مني بسن ۾ دٻيل ۽ ٽنگيل رهيو. شهر جا ڪجهه علائقا فساد ڪري بند آهن. ٽريفڪ گهٽ هئڻ ڪري پورو لوڊ مني بسن تي اچي پيو آهي. شهر جا ڪجهه علائقا اڄ پورو ڏينهن سڙندا رهيا. نوجوان ۽ پڪي عمر جا نقاب پوش روڊن تي اچي ٽائرن، بسن ۽ دوڪانن کي ساڙي ڀوتن جيان گم ٿي پئي ويا. شهر ۾ هميشه سڀ ڪجهه اوچتو ٿيندو آهي. هر طرف مصلح دهشت گرد هوندا آهن، جن کي ڄڻ اُها اجازت هوندي آهي ته، شهر سان جيئن وڻين تيئن ڪن. ماڻهن کي مارين، دوڪانن کي لٽين، بسن کي جلائين يا جان بچائي ڀڄندڙ ڪنهن مسافر کي گوليون هڻي مارين. اهو سڀ ڪرڻ جي انهن کي اجازت آهي. شديد خوف ۾ ورتل عام ماڻهو روڊ تي هلندي ڪنهن اوچتي گولي جي خوف کان ڏهه ڏهه اکيون ڪري هلي ٿو، جڏهن ته شهر جي مالدار ماڻهن لاءِ روز جيان دهرايل هي هڪ واقعو ئي هجي ٿو. پر ڪراچي ۾ واقعا اوچتا ناهن ٿيندا. هتي هر ڪهاڻي جو پسمنظر آهي، سرڪاري ۽ غير سرڪاري ايجنسيز آهن جن جون الڳ الڳ ذميواريون آهن. ڪراچي ۾ دراصل سرمائي ۽ انجي ڦهلاءُ تي جهيڙو آهي. ٻيا به ڪيترا جهيڙا آهن، هر ايجنسيز جي الڳ الڳ اسائنمينٽ آهي.
    شهر جي فضا ڄاڻي واڻي آلوده ۽ بدبودار ڪئي وئي آهي. اڄ هڪ واقعي ڪري هر طرف ماڻهن جي چيخ پڪار، هوڪرن ۽ ايمبولنس جي سائرن جا آواز آهن. بم جي ڦاٽڻ ۽ ماڻهن جي مرڻ کانپوءِ پوري شهر مٿان آفت ڪڙڪي پئي، دنگا، فساد لٽ، مار جلاءُ گهيراءُ شهر جي ڳلين مان ڄڻ ڦٽي نڪتا. شهر جو آسمان هلڪي ناسي دوهين ڪري ڪارو ٿي ويو. شهر جي ويراني کي ڏسي ائين پئي لڳو، ڄڻ ڪو فاتح لشڪر، لٽ مار ڪري سڀ ڪجهه ساڙي تباه ڪري ويو آهي.
    رات جا 10 ٿي رهيا آهن. چنڊ جي روشني جي باوجود شهر ڄڻ شديد اونده ۾ ٻڏل آهي. بي چين ڪندڙ خاموشي هر طرف ڦهليل آهي. انسان جا گهرا ڪارا پاڇا شهر جي ديوارن، بند ڳلين، رستن کي خوف مان ڏسي رهيا آهن. شهر ويراني جي تصوير بڻيل آهي. هر طرف خوف۽ حيراني جا منظر آهن. فضا ۾ ٽائرن جي سڙڻ جي بدبو آهي. باه ۾ سڙيل دڪانن، مسافر گاڏين ۽ ماڻهن جي سڙي ويندڙ خوابن مان ڄڻ اڄان به دونهون نڪري رهيو آهي.
    خدا هن غريب ۽ پسمانده ملڪ جي مخلوق کي هميشه اهڙي حالت ۾ ڏٺو آهي. هڪٻئي کي پٿر هڻندي، هڪٻئي جو خون ڪندي، هڪٻئي کي ساڙيندي ماريندي.
    اڄ ڪلهه هي ملڪ مذهب ۽ نسل جي نالي ۾انسانن جو خون ڪرڻ ۾ رڌل آهي.
    مها ڀارت ۾ لکيل آهي ته، “انسان خطرناڪ حد تائين لالچي ۽ تشدت پسند آهي” ذاتي ملڪيت، لالچ ۽ حوس هن جي روح کي ڳڙڪائيندي پئي وڃي. هو جنهن ملڪيت لاءِ پاڻ ۾ وڙهي ٿو، سا ته رهجي وڃڻي آهي. هي انسان ڪيڏو بي صبر ۽ لالچي آهي، ظلم ڄڻ انسان جي فطرت ۾ شامل آهي.
    پر جي ڏسجي ته هنن شبدن جي معنيٰ هتي بدلجي وڃي ٿي. هتي ته اهڙا بي شمار ماڻهو آهن. جن کي پنهنجي موت جي خبر ئي ناهي، ته هي ڪنهن جي گولي سان ۽ ڇاڪاڻ ماريا ويا. يا وري گهڻن کي اها خبر ناهي، ته هو حادثاتي موت مرندا يا بم جي ڦاٽڻ سان مرندا. اغوا ڪري ماريا ويندا. ڪنهن موت مار وائرس ۽ مليريا ۾ مرندا يا ان خوف ۾ مرندا، جيڪو هر وقت هنن جو پيڇو ڪندو رهي ٿو. هي سڀئي ماڻهو، ملڪيت جي جهيڙي يا پنهنجي ذاتي بغض ۾ ته نه مئا، هنن جي موت کي ڪهڙو درجو ڏجي. هي شهيد به ناهن. هنن کي ڪو گارڊ آف آنر ڏيڻ وارو به ڪونهي ۽ نه وري ايڪويهن توپن جي سلامي هنن لاءِ آهي. ته پوءِ هي شايد اهي عام شهري آهن، جن کي هي ملڪ اڃان تائين ڪا شناخت ناهي ڏئي سگهيو. هنن جا ٻار وڏا ٿي، هن ملڪ جو نالو روشن ڪندا.
    گوتم جا ُٻڌ ساٿي، ڪيڏا سادا هئا. جيڪي چون پيا ته، سٺو يا خراب عمل پنهنجا نتيجا خود پيدا ڪري ٿو. خراب عمل، خراب نتيجا پيدا ڪري ٿو ۽ سٺو عمل سٺا نتيجا. پر ان سماج جو ڇا ٿيندو، جنهن ۾ سٺي عمل جي گنجائش ختم ٿيندي پئي وڃي!
    سنگهار ۽ شهه مريد پوري رات تيرٿ ۽ فيروز جي انتظار ۾ويهي گذاري. هي ٻئي دوست پارٽي جي ڪم سانگي لياري ويل آهن. هر طرف مرڻ مارڻ وارو ماحول آهي. هنن جي غير موجودگي سڀني کي پريشان ڪري ڇڏيو هو، پر پوءِ ماما غني سان ڳالهه ٻولهه ٿيڻ کانپوءِ سڀني ۾ ڄڻ ساه پيو.
    شهه مريد، خبر ناهي ڇو ڪراچي ۾ فسادن ڪري وڌيڪ اداس ٿي ويندو آهي. تيرٿ ۽ فيروز جي حوالي سان سنگهار کان وڌيڪ هِي پريشان هو ۽ بار بار هنن جو پڇندو رهيو. شايد هو وڌيڪ سوچي ٿو. هتي ٻهراڙي کان جيڪو به نوجوان اچي ٿو، انجي ڪيفيت شهه مريد جهڙي آهي. مقامي ماڻهوءَ کي هتي نارمل ۽ ايب نارمل زندگي جي عادت پئجي وئي آهي، پر شهه مريد شايد اڃان تائين مشڪل حالتن ۾ رهڻ ۽ انهن کي منهن ڏيڻ ناهي سکي سگهيو. شهه مريد دراصل عام ماڻهن کان مختلف ۽ پنهنجي دنيا ۾ رهڻ وارو ماڻهو آهي، بلڪه ڪڏهن ڪڏهن ائين محسوس ٿيندو آهي، ته شهه مريد حالتن جي ڪري پريشان، نه، بلڪه پنهنجي سڃاڻپ ڪري پريشان ۽ خوفزده آهي.
    شهه مريد، پنجابي نسل، جو سرائڪي ٻولي ڳالهائڻ وارو فطرتن خاموش ۽ سانوري رنگ وارو ماڻهو آهي. ننڍن صوبن ۾ هن نسل جي ماڻهن لاءِ وڏي نفرت آهي.
    جنهن جو ذڪر، شهه مريد خود به پنهنجي بيچين روح سان ڪندو رهي ٿو. هن کي ان ڳالهه جي ڪا خوشي ڪانهي، ته هي پنجابي آهي. پر ڏک ان ڳالهه جو آهي، ته ماڻهو هن کي بابا فريد ۽ بلي شاه جي حوالي سان ڇو نه ٿا سڃاڻين. هن کي رولنگ ڪلاس جي حوالي سان ڇو ٿو سڃاتو وڃي. هو پنهنجي سڃاڻپ کان بيزار آهي.
    شهه مريد ته پنهنجي دنيا ۾ مگن رهڻ وارو ماڻهو آهي. هو ڪڏهن به حالتن جي حساب سان ناهي هليو. هن وٽ ڪنهن لاءِ ڪا نفرت نه هجڻ جي باوجود هو پاڻ ان جو شڪار آهي. هيءَ پيڙا هن کي اندر ئي اندر کائي رهي آهي. هن ڪڏهن به ڪنهن کي حرف به ناهي چيو، حقارت جي نظرن ڪارڻ هو هر ماڻهوءَ جي ڳالهه قبول ڪري وٺندو آهي. محض پنهنجي اندر جي خوف ۽ انجي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ڪمزوري ڪارڻ هو ائين ڪري ٿو. هو هن وقت جي ٿورو به بهادر آهي، ته پارٽي جي حوصلي ۽ انجي تربيت سبب ڪري آهي.
    ڪالهه فسادن کان ڪجهه گهڙيون اڳ هو سنگهار وٽ پهچي ويو هو. پر جيڪڏهن هو هنن هنگامن ۾ڦاسي وڃي ها، ته شايد پاڻ کي سنڀالي نه سگهي ها. نسلي فسادن ۾ انسان جي آدرش کان وڌيڪ نسل ڏٺو وڃي ٿو. سنڌي، مهاجر فسادن ۾ ائين ئي سڀ ٿيو. بلڪه پوري دنيا ۾ ائين ئي ٿئي ٿو.
    شهه مريد ان ڏينهن واقعي به اداس هو. هن سنگهار کي چيو، “منهنجو ساه ٿو منجهي. خوفائتا آواز پنجابي پنجابي چئي، منهنجو پيڇو ڪن ٿا.۽ ڄڻ ته اوچتو هنن جا هٿ منهنجي ڳلي مٿان ڇُري ڦيري، مونکي ڪنهن سڙڪ مٿان ڦٽو ڪري ڇڏين ٿا. مونکي محسوس ٿئي ٿو ته، ڄڻ منهنجو قتل ٿي ويو آهي.”
    سنگهار، “مان ڄڻ مرده شخص آهيان. مونکي ڪراچي جي ڪنهن روڊ تان کڻي ڪنهن نديءَ ڪناري دفن ڪري اچ. منهنجي بي نام لاش کي، نه پنهنجي ديس جي مٽي نصيب ٿي، نه ڪفن. مون سمجهيو هو ته هيءَ زمين منهنجي ماءُ ۽ هيءَ پوري دنيا منهنجو وطن آهي، پر اهو ڄڻ ته اسانجي آدرش تائين محدودآهي. حقيقت ۾ ائين ناهي.”
    هي ڳالهائيندو ويو، سنگهار چاهيو ٿي، ته هو ڳالهائي ۽ پنهنجي اندر جي غم کي هلڪو ڪري.
    “هتي منهنجو ڪو مقام ڪونهي. منهنجي خوابن کي منهنجي نسل سان ڏٺو ٿو وڃي. انسان مِٽيءَ جي بي جان مورتين کي ٺاهي ته پوڄي ٿو، پر منهنجي ڳالهه ُٻڌڻ لاءِ ڪو تيار ناهي، مان هنن ماڻهن ۾ ڇو رهان. مان زنده رهان ڇو ته مان انسان آهيان، پر مان ته ائين نه ٿو سمجهان، مونکي ته اهو حق ئي نه ٿو ڏنو وڃي. مان فرشتو ناهيان، جو هر تڪليف کي برداشت ڪري سگهان. نه مان عيسي آهيان. جنهن کي صليب تي چاڙهيائون ته به هن لفظ نه ڳالهايو. هن کي تڪليف پنهنجي جسم ۾ لڳل ڪلين ڪري نه، ماڻهن جي خاموشي ۽ روح جي ڪمزوري مان ٿي پهتي. عيسي، کي خدا جو پٽ سمجهندڙ ماڻهن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ ڇو نه ٿي آئي. ته هي انسان آهي. سوچيندڙ، سمجهندڙ، محبت ڪندڙ ۽ نجات جو رستو ڏيکاريندڙ.”
    شهه مريد، محبت ۽ رنج واري ڪيفيت مان فقط ايترو چئي سگهيو ته، “مان پنهنجي زمين تي بيٺل اهڙو شخص آهيان، جنهن جي پيرن هيٺان مٽي به انجي ناهي.”
    شهه مريد ديوار کي ٺيڪ ڏئي ڪجهه گهڙيون خاموش ٿي ويو ۽ پوءِ غير متوقع طور تي انتهائي درد ۽ ڏکاري آواز سان ڳائڻ شروع ڪري ٿو.

    دلڙي لُٽي سهڻي يار سڄڻ
    ڪَدي ُموڙ ُ ُمهار تي آ وطن

    روهي دي ڪنڊي ٽالڙيان
    ميڏا ڏکن ڪنان ديان والڙيان

    اسان راتان ڏکان وچ چا گذاريان
    روهي چا بڻاليائي ديس وطن

    دلڙي لٽي سهڻي يار سڄڻ
    وَسدي هاسي وِسدي ناسي
    سهڻي يار دي آسي پاسي

    جو دم گذري نال خوشي دي
    ساڪون نکڙن ياد نه هاسي

    سڻندي هاسي مٺڙيان ڳالهين
    ساڪون يار سڻيندا هاسي

    خــوش دل مــيڏي ڀــلڙي گــلـڙي
    مينون روندي ڳل نال لا وي ميان
    جهڙي ماهي نال ملاسي
    روهي چا بڻاليائي ديس وطن

    دلڙي لٽي سهڻي يار سڄڻ
    روهي دي عجب بهار دسي
    جتي مئين نماڻين دا يار وسي

    اُٿي عاشق لک وي هزارتسين
    هڪ مَئين ُمسافر بِي وطن

    دلڙي لٽي سهڻي يار سڄڻ


    شهه مريد ڪلام ختم ڪري سڏڪن ۾ پئجي وڃي ٿو. هنجي روح کي ڪا ڳالهه بار بار ستائي رهي آهي. هن پنهنجو ُمنهن ڳوڙهن سان تر ڪري ڇڏيو. هو پنهنجو منهن ٻانهن ۾لڪائي پنهنجي دل کي خدا اڳيان انصاف لاءِ پيش ڪري ٿو ڇڏي.
    سنگهار، هنجي ڀر ۾ اچي ويٺو. هنجي ڪلهن تي هٿ رکي، هن کي ڪامريڊ چئي مخاطب ٿيو.
    سنگهار، هن سان انتهائي پيار ۽ پنهنجائپ سان ڳالهائڻ شروع ڪيو.
    شهه مريد منهنجا دوست! “ زندگي پنهنجي طرف کان ڪجهه به طئي نه ٿي ڪري، اسان کي پاڻ پنهنجي لاءِ طئي ڪرڻو آهي. اسان کي ڪيئن هجڻ گهرجي، انجو فيصلو اسان کي ڪرڻو آهي. اسان کي پنهنجي سڃاڻپ ڪرائڻ جي ضرورت ڪانهي. تون پنهنجي اندر جي انهي ڪمزوري کي ڪڍي ڦٽو ڪر. تون ۽ مان هوا جي مخالف رخ ۾ هلڻ وارا آهيون. اسان تڪليفن مان پنهنجا رستا ٺاهيندا آهيون. اها اسان لاءِ نارمل صورتحال ناهي. هي تنهنجي سامهون جيڪو شهر آهي، تنهنجي آدرشن آڏو واري جو ڍير آهي جنهن کي توکي نئين سر تعمير ڪرڻو آهي. ان لاءِ ڪيڏو حوصلو ۽ صبر گهرجي توکي انجو احساس ۽ ادراڪ هئڻ گهرجي. تون سڀ کان الڳ ۽ مختلف آهين. توکي پاڻ ۾ ان ڳالهه جو احساس پيدا ڪرڻو آهي، ته تون اڪيلو ناهين. اسين پهرين ڪامريڊ، آهيون پوءِ ڪجهه ٻيو.”
    سنگهار، شهه مريد کي محبت سان ڏسندو رهيو. شهه مريد جو ڪنڌ اڃان پنهنجن ٻاهن ۾هو ۽ هو سڏڪي رهيو هو. پر پوءِ هن ڪنڌ مٿي کنيو اکيون کوليون سنگهار کي ڀاڪر پائي روئيندو رهيو. سنگهار هن جي ڀر ۾ اوستائين ويهي رهي ٿو جيستائين هن جي من جو غبار هلڪو ٿئي ٿو.
    شام ٿي چڪي آهي. رستن تي ٽريفڪ جو شور وڌي ويو آهي. شهر پنهنجن ماڻهن جو ٻليڌان ڏئي، سانت ۾ اچي ويو آهي. ڪيترن گهرن ۾ ماتم هئڻ باوجود انسان وري جيئڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو آهي. انسان ۾ واقعي به پنهنجو سڀڪجهه وڃائڻ باوجود، هن ۾ وري جيئڻ جي صلاحيت آهي. هن جي حصي ۾ اڃان ڪيترا ڏک، واقعا ۽ حادثا لکيل آهن، هن کي انجي ڪا خبر ڪانهي. هن تماشي کي جاري رکڻ واري پوشيده طاقت کي شايد اڃان اهو جاري رکڻو آهي.
    خدا، به انسان جي احمقانه حرڪتن کي صبر سان ڏسي رهيو آهي. هو جي چاهي، ته انهن سڀني ماڻهن ۾ خوف ڀري سگهي ٿو، جيڪي ماڻهن جو خون ڪري رهيا آهن. سرن جي ڀٺن تي ڪم ڪندڙ عورتن ۽ ٻارن مٿان باه وسائيندڙ سج کي ڇانوري ڪرڻ جو حڪم ڏئي، ته دير ئي نه ٿئي. مزدور جي قدر زائد تي امير ٿيندڙ سرمائيدار ۽ هاري جي محنت سان لنڊن ۾ پڙهندڙ زميندار جي ٻار کي ڏسي خدا کي هاري جي ٻارن تي يقينن رحم ايندو هوندو، جي چاهي ته گهڙي ۾ سڀ ڪجهه برابر ٿي وڃي. خوراڪ جي ڪمي ۾ مرندڙ هزارين مائرن جا ٻار پنهنجن حياتين جو در بند ٿيندي ڏسن ٿا. خدا جي چاهي ته پوري حياتي انهن لاءِ زندگي جا در کولي سگهي ٿو. پر شايد، خدا، انسان جي همت ڏسڻ چاهي ٿو. هُو مٿي ويهي حڪم ڏيڻ بجاءِ انسان ۾ جيئڻ لاءِ پنهنجي اعليٰ بلندي ۽ انقلاب ڏسڻ چاهي ٿو. انسان ته خدا جي ڪامل تخليق آهي، هن کي هو ڪمزور ڪيئن ٿو ڏسي سگهي...!


    اگهم ڪوٽ ۽ ريگل چونڪ جي دل، هڪ ئي وقت ڌڙڪي ٿي

    اگهم ڪوٽ.ڪامريڊ نذير جو شهر، ڪراچي کان ٽي سو ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي آهي. هتان جي مِٽيءَ ۽ ماڻهو هميشه زرخيز رهيا آهن. دلين کي دڙڪائيندڙ نذير جا آدرش، مختلف رنگ نسل جي ماڻهن لاءِ تازي هوا جي جهوٽي جيان رهيا آهن. هن وٽ پتنگن وانگر ماڻهو اچي مڙندا آهن، جڏهن هو سماج، انقلاب، ادب، زندگي ۽ موت تي ڳالهائڻ شروع ڪندو آهي، زندگي ۾ رنگ ڀريندڙ، همت ۽ جرئت رکندڙ هي ماڻهو، ڳوٺ ڳوٺ سفر ڪندو، ماڻهن جا مونجهارا ۽ مايوسيون ختم ڪندو، ذهنن ۾ انقلاب آڻيندو ۽ غم زده ماڻهن کي آٿت ڏيندو، موٽي پنهنجي شهر اگهم ڪوٽ اچي ساهه پٽيندو آهي. باوجود انجي ته هن جي گرد، ظالم وڏيرن ۽ انهن جي ڪارندن جو راڄ قائم آهي، تڏهن به هن پنهنجون اکيون انهن جي خوف کان ڪڏهن به بند نه ڪيون آهن، اگهم ڪوٽ جو علائقو هڪ وسيع زمينداري وارو علائقو آهي، جتي جي جاگيردارن انگريز سرڪار کان وفاداري جي عيوض، وسيع و عريض زمينون انعام ۾ حاصل ڪيون. جنهن جي طاقت تي هي اڄ تائين اسيمبلين جا ميمبر چونڊجن ٿا. وزارتون وٺن ٿا. پنهنجن ٻارن کي اهم سرڪاري عهدن تي کڻائن ٿا. زمين هنن لاءِ وڏي طاقت آهي. پاڻ کي مسلسل ان طاقت ۾ رکڻ لاءِ هر اهو ڪم ڪن ٿا، جيڪو ڪنهن غدار کي ڪرڻ گهرجي، ڪامريڊ نذير هميشه زندگي جي جنگ ۾ ڀرپور حصي وٺڻ وارو انسان آهي، جنهن ماڻهن جي آزادي ۽ خوشحالي جي جھدوجهد ۾ لاءِ تمام گهڻا ڏک ڏٺا آهن. ڪافي دفعا مقامي انتظاميه ۽ جاگيردارن جي ذلت آميز روين جي باوجود، هن جي اکين ۾ سياسي ۽ معاشي آزادي جا خواب تر و تازه رهيا آهن.
    زندگي هن لاءِ باهه مان رستو ٺاهڻ جيان آهي. خاموش رهڻ کان وڌيڪ هن لاءِ انسانيت جي اجتمائي شعور، آزادي لاءِ ويڙه ڪرڻ اهم آهي. هو وقت جي ظالم حڪمرانن خلاف اٿي بيٺو آهي، هڪ طويل ۽ صبر آميز ويڙه وڙهڻ لاءِ.
    نذير کي ڪجهه ڏينهن اڳ اگهم ڪوٽ مان گرفتار ڪيو ويو آهي. مقامي ماڻهو هن جي گرفتاري خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن. نذير دراصل مقامي سطح تي ٿيندڙ سيمينار جيڪو قدرتي وسيلن جي استعمال متعلق هو. اُتي هَن پنهنجي تقرير ۾ چيو هو ته، “قومن جي معاشي ۽ سماجي ترقي لاءِ قدرتي وسيلن جي استعمال جو حق صرف مقامي ماڻهن کي آهي. جنهن جي آمدني جو ڏهه سيڪڙو تعليم ۽ صحت تي خرچ ٿيڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو هو ته، اگهم ڪوٽ جا ماڻهوءِ، هن وقت تائين زندگي جي بنيادي ضرورتن کان محروم آهن. هتي نه زرعي فصلن لاءِ پاڻي آهي، نه ماڻهن جي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي، تعليم، صحت، روڊ رستا، ٽرانسپورٽ بلڪه مقامي ماڻهو زندگي جي هر سماجي ضرورت کان محروم آهن. پئسو جيڪو مقامي قدرتي وسيلن مان حاصل ٿئي ٿو، عوام جو آهي. عوام جي بنيادي ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ خرچ ٿيڻ گهرجي.” نذير، فوجي ادارن کي اگهم ڪوٽ جي قدرتي وسيلن تي قابض ٿيڻ کان پري رهڻ جو چتاءُ ڏنو، جيڪي مقامي سطح تي اڄ به مختلف گيس ۽ آئل ڪمپنين ۾ حصيدار آهن. دراصل اها ڳالهه ئي هن جي گرفتاري جو ڪارڻ بڻي. اهڙي ڳالهه ته ڪو انقلابي ئي ڪري سگهي ٿو.
    نذير جي گرفتاري جي خبر ملڻ سان فيروز ۽ تيرٿ کي عجيب فڪر ورائي ويو. هنن کي ان ڳالهه جو خوف هو، ته ملڪ جون بدنام زمانه ايجنسيون، نذير کي تشدد ڪري ماري نه ڇڏين. هن ملڪ ۾ سياسي ماڻهن جو ان طرح خون ڪرڻ عام ڳالهه آهي. فيروز، تيرٿ ، سنگهار ۽ شهه مريد, هنن فوري طور اگهم ڪوٽ وڃڻ جو فيصلو ڪيو، پنهنجي دوست جي زندگي خاطر، ان جي آزادي خاطر.
    سنگهار يونيورسٽي کان ٻن مهينن جي موڪل ڪئي.
    منصور، ارميل ۽ روشيا. ڪراچي ۾ رهي ڪري نذير جي آزادي لاءِ جلوس ۽ بک هڙتال لاءِ پروگرام ٺاهڻ لڳا.
    تيرٿ جي راءِ کي سامهون رکندي، دوستن اگهم ڪوٽ وڃڻ لاءِ پراڻي شاهراه کان سفر ڪرڻ کي مناسب سمجهيو. جتي سنڌو دريا جا پراڻا وهڪرا خاموشي سان آرامي آهن. هن گس کي اگهم ڪوٽ جي پراڻي گذر گاه به چون ٿا. هن رستي کان شاه بندر، ڀنڀور، ساڪرو ، ٺٽو، ميرانپور، خان جو ٽنڊو ۽ ڪيترا ئي ننڍا وڏا ڳوٺ آهن. هن رستي سان اڄ به مالوند سفر ڪن ٿا ۽ جتان اُٺن جا قا فلا ۽ پراڻيون، ليويز جيپون۽ فورڊ جون منهن ٻاهر نڪتل بسون پڻ هلن ٿيون.
    “هي سفر ڪجهه دوستن لاءِ نئون ۽ انوکو ضرور هوندو” تيرٿ چيو، پر مون هن رستي بابا سان سفر ڪيو آهي، مون لاءِ هي سفر نئون ڪونهي .اسان لاءِ هي رستو سفر لاءِ مناسب آهي.
    سڀني دوست تيرٿ سان سهمت ٿيندي صبح سوير نڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
    ڪراچي جي اها پوري رات هنن پنهجي دوست نذير جي زندگي جي باري ۾ سوچيندي ۽ ان کي ياد ڪندي گذاري. نذير جو چهرو بار بار هنن جي اکين اڳيان ٿي آيو. جنهن جي زندگي صداقت ۽ جستجو جو نمونو ۽ سڀني لاءَ روشني جي مثل آهي، هو آرام ڪرڻ لاءِ ٺهيو ئي نه هو. هو پيدا ئي صداقت جي بلندي ۽ حق جي صدا لاءِ آهي. جنهن جي زندگي پاڻ کان وڌيڪ ٻين لاءِ قيمتي، معني خيز ۽ شفقت ڀريل آهي.
    “حقيقت ۾ اسان دوست جنهن رشتي ۾ پرويل آهيون، انجو سرو نذير وٽ آهي” سنگهار، نذير کي ياد ڪندي چيو، اسان پنهنجي ارد گرد جي دنيا کان انتهائي غير محفوظ ۽ خوفزده هئاسين. نذير پنهنجي اعليٰ ويچارن، خوابن ۽ آدرشن سان اسانکي نئين دنيا ڏيکاري، اسانکي مضبوط انسان بنايو. اسانجي اندر جو خوف اسان مان ختم ڪيو. اسانجو ان ڳالهه تي ويساه پختو ٿيندو ويو، ته زندگي پنهنجي معنيٰ ۾ رشتن جي بلندي، اعليٰ هستي ۽ انقلاب جو نالو آهي.”
    “سنگهار جي ڳالهه صحي آهي دوستو! تيرٿ وراڻيو، مان به انهن خوش نصيب ماڻهن مان آهيان، جنهن کي نذير جي رفاقت حاصل رهي. مون هن کي انتهائي ويجهڙائيءَ کان ڏٺو، هو ڪو به جملو بي احتياطي مان استعمال نه ڪندو آهي. هن جو مقصد ڪنهن جي دل آزاري ڪرڻ، نه بلڪه روح کي جنجهوڙڻ، ان مان نفرت ۽ عداوت کي ختم ڪرڻ هوندو آهي. هنجي دوستي ۽ دشمني جا پئمانه عام رواجي ۽ ذاتي ته بلڪل به نه آهن. هو مضبوط ارادن جو مالڪ آهي. پاڻ هڪدم انهن جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آهي، جن کي ٻيا ڌڪاريندا ۽ لتاڙيندا آهن.”
    “مون دنيا ۾ اهڙا ماڻهو به ڏٺا آهن، جيڪي دوستي جي نالي ۾ مصيبت پيدا ڪرڻ ۾ خوش ٿيندا آهن” شهه مريد چيو، اهو به نه چوندا آهن ته يار معاف ڪجانءِ. زندگي جي هر موڙ تي، نذير کي مون پاڻ لاءِ اهڙو دوست ڏٺو، جنهن وٽ هميشه وفاداري، نيڪ نيتي ۽ وشال محبت آهي.”
    ارميل، روشيا ۽ منصور، سياسي، سماجي ۽ يونيورسٽي جي مختلف مڪتبه فڪر جي سياسي ۽ سماجي ورڪرن سان گڏجي نذير جي آزادي لاءِ پهريون مظاهرو ريگل چوڪ تي ڪيو، جنهن ۾ هنن نذير جي آزادي لاءِ نعرا هنيا. نذير جي آزادي واري مظاهري ۾ بيگم مراد جي شخصيت سڀ لاءِ متاثر ڪندڙ آهي. جنهن کي هلڪي آسماني رنگ جي ساڙهي پيل آهي ۽ مظاهري جي بلڪل وچ ۾ بيٺي ڪارڪنن سان ڳالهائي رهي. آهي، بيگم مراد جو پنهنجو حلقا احباب آهي، پنهنجي ماضي قريب جي ڏينهن ۾ هنجي حلقي ۾ رٽائرڊ فوجين کان وٺي شهر جي شاعرن ۽ اديبن، واپارين ۽ بيروڪريٽن سان اٿڻ ويهڻ هو. هوءَ پاڻ به پڙهي لکي ۽ پروگريسو عورت آهي. افغانستان جي ثور انقلاب کانپوءِ ته هن کي هڪ منٽ لاءِ به فرصت نه هوندي هئي. ڪائونسليٽ جون ميٽنگ، ڊيليگيشن سان تبادله خيال. هوءَ مصروف خاتون پنهنجو گهڻو وقت ميٽنگ ۾ گذارڻ لڳي، پر پوءِ جڏهن آمريڪين جي مدد سان افغانستان ۾ جهادين هٿان نجيب الله کي اقوامتحده جي آفيس مان ڪڍي رسو ٻڌي شهر جي چونڪ تي ڪرين سان رسو ٻڌي ڦاسي ڏني وئي ته ملڪ جا قومي ليڊر اسلام جي فتح جا نعره هڻڻ لڳا ۽ سمورا پارٽي ورڪر زير زمين هليا ويا. جنرل ضيا، ذولفقار علي ڀٽو کي گرفتار ڪري ملڪ ۾ شب خون جي ابتدا ڪئي. هن موڙ تي بيگم مراد کي به جھٽڪو لڳو. هن جا سمورا ڪانٽيڪٽ ۽ امپرلزم خلاف سلوگن به ختم ٿي ويا. هن ڪجهه عرصي کانپوءِ اين جي اوز کي جوائن ڪيو، جنهن ذريعي پوءِ هن پاڻ کي متحرڪ ڪيو. هاڻ هوءَ عورتن جي حقن متعلق ڪم ڪندڙ اين جي او جي ايڪٽو ورڪر آهي. ان پليٽ فارم تان هوءَ هاڻ ٽيليويزن ٽاڪ شوز ۾ شريڪ ٿئي ٿي. هن جي تنظيم عورتن کي ننڍا قرض ڏئي پيرن تي بيهارڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. غربت جون ستايل عورتون، هنجي ايجنڊا جو حصو آهن، جن کي هوءَ ڪڪڙ پالڻ ۽ ٻڪريون پالڻ لاءِ ننڍا ننڍا قرض ڏئي ٿي. هن جي شاندار آفيس ڪلفٽن ۾ آهي ۽ هوءَ هر وقت ڪنهن امير ڊونر ايجنسي جي تلاش ۾ رهي ٿي.


    قدرت جو شاندار انعام

    صبح جا چار ٿيا آهن، فضا ۾ هلڪي هلڪي ٿڌ آهي. رڪشا جي آواز مان لڳي ٿو، ڪو مسافر ڪاڏي وڃڻ لاءِ نڪتو آهي. ڇو ته طويل مسافت ڪندڙ مسافر هميشه صبح سوير سفر ڪندا آهن. سنگهار، تيرٿ، فيروز ۽ شهه مريد پنهنجو ضروري سامان کنيو ۽ جيپ کي اسٽارٽ ڪيو. شهر جي پراڻي گذرگاه ڪچي آبادي کان پنهنجي سفر جو آغاز ڪيو، جتان ناريل ۽کجين جي وڻن جون قطارون پري تائين پکڙيل آهن.ان کان علاوه پري پري تائين پٿريلي، وارياسي ۽ لٽاسي زمين جو ميدان آهي. پرسڪون ڍنڍون آهن، خاموش نديون ۽ سنڌو درياءِ جا پراڻا وهڪرا آهن، جيڪي اڄ به مقامي ماڻهن لاءِ گهرو راز آهن، ته اهي ڪيڏانهن الوپ ٿي ويا. اڃان جڏهن شهر جون سڙڪون ڏامر نه ٿيون هيون، ان کان به گهڻو اڳ مسافر هن رستي سفر ڪندا هئا، پراڻن ماڻهن کي ته اڄ به هي ئي گس ياد آهن. هزارين سالن جي پراڻي تهذيب هن ڪناري خاموش آهي. هتان بادل وسي پوءِ اڳتي وڃن ٿا. هتي ماڻهو ۽ ميوو هڪ دم بالغ ڪو نه ٿئي، بلڪه پنهنجي پنهنجي سمي جو انتظار ڪري ٿو. عورتون ميگهه ۽ سارنگ ڳائيندي پنهنجن هٿن جي مينديءَ جو رنگ گهرو ٿيندي ڏسن ٿيون، ته جوش ۾ ڀرجي وڃن ٿيون. هنن جي نصيب ۾ جو لکيل آهي، ان جو آڌرڀاءُ بي پناهه پيار سان ڪن ٿيون. نفاست مان گلن سان گڏ پنهنجي حصي جا ڪنڊا به چونڊين ٿيون، هزارين سالن کان پنهنجن پيارن جي ياد ۾ جيڪي دور ديس ويل آهن، تن لاءِ اکين جا خواب اُڻنديون رهن ٿيو. هنن جي خالي ٻانهن کي انتظار آهي، انهن جي اچڻ جو. اهي پنهجن چپن تي مسڪراهٽ ۽ اکين ۾ انتظار جا لڙڪ گڏ گڏ رکن ٿيون.
    راجه اشوڪ جي دور کان جڏهن هاڪڙو هتان وهندو هو، ته هن جي اڳيان هر ڪوئي سر نوائي هلندو هو. ماڻهو چون ٿا، ته هاڪڙو جتان گذرندو هو زمين اتان ساه کڻندي هئي. زندگي جي مسرتن ۽ خوشين سان ڀرپور هن جو مٺو پاڻي ماڻهوءَ جي رڳ رڳ ۾ موسيقي ۽ شاعري رچيندو هو. جڏهن مهاڻا درياءِ جي لهرن تي پنهنجون ٻيڙيون ڇڪي ڪناري آڻيندا هئا، ته هنن جي انتظار ۾ بيٺل هنن جون ونيون هنن لاءِ پيار ڀريا گيت ڳائنديون هيون. هتي زندگي جو ۽ پنهنجن محبوبن جو آڌرڀاءُ ائين ٿيندو هو. ائين ڪرڻ سان هنن جي روح کي راحت ملندي هئي. هتي درياءِ کي ڳايو ۽ پوڄيو ويندو هو، هِندن، اڏيرولال جي صورت ۾ هن کي پوڄيو، ته مسلمانن خواجه خضر جي نالي سان، هن سان پيار ڪيو .
    تيرٿ، دوستن کي ٻڌايو ته، “اگهم ڪوٽ واري رستي هُن پهريون سفر پنهنجي بابا سان 10 سالن جي عمر ۾ ڪيو. هي رستو شاندار ماڻهن جي سفر ڪٿا ۽ تاريخي واقعن سان ڀريو پيو آهي. انهن ماڻهن جون اسٽوريز جيڪي مونکي پنهنجي بابا ٻڌايون، اڄ به مون کي ياد آهن، جن ڌرتي لاءِ پنهنجو جيون دان ڪيو. جن لاءِ جيون لمحي ڀر جي ڇايا، نه پر ڳوڙهو گهرو اڀياس هو. جنهن کي سمجهڻ لاءِ هنن صبر آميز تپسيا ڪئي. تپسيا دراصل گيان حاصل ڪرڻ جو رستو آهي. گيان، جيڪو ڏاهپ جو ٻيو نالو آهي. بابا هميشه هجومن کان پري سفر لاءِ انوکن رستن جي چونڊ ڪندو هو. بابا جڏهن هنن رستن تي هلندي، ندين، پهاڙن، پکين، وڻن ۽ گلن جي درميان پهچندو هو، ته مٿانئس کيس هڪ قسم جو وجد طاري ٿي ويندو هو. بابا چوندو هو زندگي ڪيڏي حسين آهي. هر طرف کان اُن کي ڏسي سگهجي ٿو ، پر خاموش منظر ۾اها گهونگهٽ کانسواءِ سامهون اچي ٿي. مان هنجي لافاني حسن کي ڏسڻ لاءِ ته هتي اچان ٿو.
    قدرت جي آواز کي سمجهڻ لاءِ پوري ريت محبت ۽ احترام گهرجي.بابا چوندو هو، قدرت اڳيان انسان جي عظمت ان ۾ آهي، ته زمين جيڪا اسانجي قدمن هيٺان وڇايل آهي ۽ پورو آسمان حد نظر تائين اسان مٿان بيٺل آهي،انهن اڳيان پنهنجو ڪنڌ نوائي بيهڻ سان ئي انجا اسرار سمجهي سگهجن ٿا. بابا کي پنهنجي روح جي آزادي سڀ کان وڌيڪ عزيز هئي.
    جڏهن بابا سان مان گڏ هوندو هئس، ته مونکي غصو ايندو هو، ته بابا هتي ويرانن ۾ مونکي ڇا ڏيکارڻ آيو آهي. هتي بابا ڇا تلاش ڪرڻ آيو آهي. نديءَ ڪناري مونکي پنهنجي ڀر ۾ ويهاري چوندو هو، سڀ ڪجهه وساري هتي ويهي رهه. هتي تون پاڻ لاءِ راه به آهين، ته روشني به. ڪجهه گهڙيون ويهي نديءَ کي ڏسندو رهه، پوءِ ئي توکي پنهنجي قدر قيمت جي خبر پوندي. مونکي ته خير ان وقت ڪا ڳالهه محسوس ڪانه ٿي، پر پوءِ مون اها ڳالهه سمجهي، ته اهو سڀ بصيرت حاصل ڪرڻ جو اعليٰ ترين طريقو آهي. بابا مونکي نديءَ ڪناري ويهاري پاڻ اڪيلو ئي پيدل ڪنهن رستي نڪري ويندو هو. مونکي اڪيلائپ مان ڪو خوف نه ٿيندو هو. نديءَ ڄڻ مونسان ڳالهائندي هئي. ان جي ڪناري مان واري جا گهر ٺاهيان ته هوءَ انهن کي ڊاهي. مان خاموش ٿي ويهان ته هوءَ شور ڪري ڳالهائي پيرن کي ڇهي، هوءَ ته ڄڻ مونسان کيڏندي هئي. ان وقت اها نديءَ ئي هئي، جنهن منهنجي اڪيلائپ کي محسوس ڪندي، مونکي پنهنجي سوز ۽ ساز ۾ورتو. ان ڏينهن کان هيستائين قدرت آڏو مان ٻارن واريون حرڪتون ڪرڻ جي باوجود اهو نه سمجهي سگهيو آهيان، ته نديءَ مونسان ڇا ڳالهائي رهي هئي. مان جيڪي واري جا گهر ٺاهيندو هوس هي اهي ڊاهي مونکي ڇا سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. اهو احساس شايد مان تڏهن حاصل ڪري سگهان. جڏهن، قدرت جي آواز، زمين، آسمان، درياءَ ۽ نديءَ، وڻن ۽ پکين جي آواز کي سمجهڻ جي لائق ٿي سگهان. اهو لمحو ئي دراصل قدرت پاران مون لاءِ وڏو انعام هوندو.
    بابا واقعي به انوکو انسان هو. خدا سان همڪلام ٿيڻ وارو. هن رستي مونکي زندگي جا انيڪ تجربا حاصل ٿيا. بابا ان وقت مختلف ماڳ، مڪان ۽ ماڻهن جي متعلق جيڪي ڪجهه ٻڌايو ۽ ڏيکاريو اهو شاندار آهي. جنهن کي مان اڄ تائين وساري ناهيان سگهيو. هونئن به جڏهن ماڻهوءَ مٿان دنيا جهان جي واقعن، حادثن ۽ غمن جون ڪيفيتون، حاوي ٿي وڃن، تڏهن ماضيءَ جي رستن، جاين کي ياد رکڻ ۽ انهن ڏانهن سفر ڪرڻ سان روح هلڪو ٿئي ٿو.”
    مان هن وقت 30 هن سالن کان به وڌيڪ عمر جو آهيان. بابا مونکي مسرت سان رهڻ ۽ جيئڻ سيکاريو. نذير مونکي زندگي جي معنيٰ ۽ مفهوم سيکاريو. هن سيکاريو ته آزادي فرد جي هجي يا قوم جي سڀ کان عظيم ۽ سڀ لاءِ اهم آهي.


    ڪراچي

    تيرٿ پوٽهار جيپ ڊرائيو ڪري رهيو آهي، هن کي رستن جي ڄاڻ آهي. سامان ۾ هنن چانورو بسڪٽ، ضروري ٽيبليٽس ۽ پاڻي جون بوتلون کنيون آهن.شهر مان نڪرندي هنن ڏٺو ته سڙيل بسن مان اڃان تائين هلڪو هلڪو دونهون نڪري رهيو آهي. روڊ مٿان هر طرف پٿر، سرون، سڙيل ٽائر، وڻن جون ٽاريون ۽ ٽٽل سائن بورڊ ڪنهن جنگ جو منظر پيش ڪري رهيا هئا. هو حيرت مان شهر کي پوئتي ڇڏيندا اڳتي وڌندا پئي ويا. سنگهار گهڙي ۾ وقت ڏٺو صبح جا پنج ٿي رهيا هئا. زمين مٿان سج جي روشني ڌيمي رفتار سان وڌي پئي. هو هلڪي اونداهي مان گذرندا، ويران رستن جو پاسو ڏيندي ناريل ۽ کجين واري ڪچي رستي ڏانهن مڙندي شهر مان نڪري آيا. گاڏي اندر خاموشي هئي ۽ هوا ۾ هلڪي هلڪي ٿڌ.
    شهه مريد، پوئتي ڇڏيل ڪراچي ڏانهن هڪ نظر وڌي ۽ گاڏي اندر خاموشي کي ٽوڙڻ لاءِ دوستن کان پڇيو، “جديد ڪراچي جي تعمير ڪرڻ وارا ڪهڙا ماڻهو آهن”؟
    “صورت مان آيل مالدار پارسي ۽ ڪاٺياواڙ مان آيل ميمڻ” سنگهار جواب ڏنو.
    “ڪراچي ميمڻن جي آهي.ُمنهڙي وارا مهاڻا چون ٿا ڪراچي اسانجي آهي” فيروز مسڪرائيندي چيو .
    “شاه لطيف ُسر گهاتو به ته، انهن تي لکيو. ان حساب سان ته مهاڻا ڪراچي جا آڳاٽا باشنده آهن” شهه مريد چيو.
    “اسين جديد ڪراچي جي ڳالهه پيا ڪيون” سنگهار مسڪرائيندي وراڻيو.
    چڱو، “مونکي پنهنجي ڳالهه پوري ڪرڻ ڏيو، پوءِ توهان ڀلي تبصرا ڪجو.” سنگهار وڌيڪ ڳالهائيندي چيو، “پارسين جي دور ۾ شهر اندر ويڪرا ڪشاده رستا، پارڪ، اسپتالون، ويم گهر ۽ انساني ڀلائي جا ادارا قائم ٿيا. هي ئي اهو دور هو، جڏهن هن شهر جي پهرين انگريزي اخبار هارون فيملي شايع ڪئي. هي شهر ادبي انجمن فنڪارن، آرٽ ۽ ٿيٽر سان گڏوگڏ ترقي پسند سياسي تحريڪن جو ڳڙه هو. هتي مزدور تحريڪون، ٻهراڙي جي هاري تحريڪن کي اتساهه ڏينديون هيون. ريلوي مزدور يونين ان وقت ملڪ جي مضبوط يونين هئي. پارسي سماج وادي جمشيد نسروانجي مهتا جي ميئرشپ وارو دور، سياسي ۽ علمي تحريڪن جي حوالي سان شاندار دور هو. فيبروري 1917ع ۾ جڏهن مسٽر شپور جي سڪلات والا جيڪو هڪ مشهور پارسي ڪميونسٽ ۽ برطانيه جي هائوس آف ڪامنز جو ميمبر هو، برطانيه کان ڪراچي آيو، ته انجي مَانَ ۾ ڪراچي ميونسپالٽي هڪ آجياڻو ڏنو. انهيءَ تي ڊيلي گزيٽ ڏاڍو گوڙ ڪيو ۽ مخالفت ۾ ڪالم لکيا، ته ڪراچي ميونسپالٽي ۾ ڪميونسٽ ويٺل آهن. جيڪي ملڪ اندر سيڪيولر نظام جا حامي آهن. بهرحال، اخبار حڪومت ۽ ڪميونسٽ مخالف ڌرين کي ڀڙڪائڻ ۾ ڪين گهٽايو، پر مزي جي ڳالهه ته اخبار جي غلط پرپگنڊا جي باوجود عوام ان آجياڻي ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي. مطلب ورهاڱي کان اڳ جي سنڌ انتظامي طور مضبوط، خوشحال، آزاد ۽ سيڪيولر خيالن، جي هئي. ورهاڱي کانپوءِ جي سنڌ جي ڄڻ ڪايا پلٽ ٿي وئي. سڌي بيٺل سنڌ ڄڻ اُبتي ٿي وئي. 1937ع ۾ سنڌ جي پهرين اسيمبلي ۾، جيڪي سياسي پارٽيون کٽي آيون، انهن مان ڪجهه جا نالا ته مونکي ياد آهن، سنڌ يونائٽيڊ پارٽي، سنڌ مسلم پارٽي، سنڌ آزاد پارٽي، سنڌ هندو پارٽي ۽ ڪانگريس، ڪانگريس کان علاه سموريون پارٽيون مقامي، علاقائي ۽ وڏيرن جون جوڙايل هيون. سنڌ يونائٽيڊ سر شاهنواز ڀٽي ٺاهي. سنڌ مسلم پارٽي تي سر غلام حسين هدايت الله جي ڇاپ هئي. سنڌ هندو سڀا تي مکي گوبند رام جو قبضو هو. پر ان وقت سنڌ ۾ ٻه ماڻهو اهڙا هئا، جن سنڌ کي هڪ سوچ ڏني آزادي ۽ خوشحالي جو رستو ڏنو. انهن مان هڪ هو، شهيد الله بخش سومرو ۽ ٻيو هو پارسي جمشيد مهتا. جنهن ڳوٺ ڳوٺ وڃي ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪئي. هو هيو ته ڪراچي جو پر هن اليڪشن دادو مان کٽي. هن تي ماڻهن جو اعتبار هو. هن چونڊيل اسيمبلي جي ميمبر جي حيثيت ۾، جيڪا پهرين تقرير ڪئي جنهن ۾ هن هڪ شاندار تجويز رکي، ته اسيمبلي جي چونڊيل ميمبر کي پنهنجو الائونس نه وٺڻ گهرجي. هو چوندو هو، ته ماڻهن جنهن اميدوار تي ڀروسو ڪري، ان کي چونڊيو آهي. اهو پاڻ به خدمت جي دعوا ڪري ٿو ته پوءِ هو خدمت جو معاضو ڇو وٺي. هنجي اها رٿ ناڪام ٿي، بلڪه بدنظمي به ٿي. مهتا کي گهٽ وڌ ڳالهايو ويو.
    عوام جي خدمت جي نالي تي سياست ڪرڻ وارا الائونسز، پلاٽن ۽ پرمٽن لاءِ وڙهڻ ۽ سياست ڪرڻ لڳا ۽ هاڻي تائين وڙهي رهيا آهن. جڏهن ته ٻئي طرف شهيد الله بخش سومرو ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جو سخت مخالف هو. هن دور انديش انسان ان وقت به پنهنجن ساٿين ۽ جي ايم سيد سميت سڀني کي اها ڳالهه سمجهائڻ ٿي چاهي، ته ورهاڱو نه عوام جي حق ۾ آهي، نه سنڌ جي حق ۾. پاڪستان ته مسلم ليگ جي نوابن، جاگيردارن ۽ انگريزن جي مفادن لاءِ ٺاهيو پيو وڃي. مذهب جي نالي تي سياست نه ڪيو، ان سان وڏي تباهي ٿيندي. عام ماڻهوءَ جو مسئلو مذهب ناهي انهن جو مسئلو پنهنجي زمين تي آزادي، عزت سان رهڻ آهي. هُنجي ڳالهه کي سمجهڻ جي بجاءِ سکر ۾ مسجد منزل گاه جو واقعو ڪرايو ويو، جنهن تي پوءِ آءِ آءِ قاضي صاحب سيد ڏانهن خط لکي ناراضگي جو اظهار به ڪيو هو. دراصل الله بخش سومري جي حڪومت ڊاهڻ ۽ هن کي ڪانگريس ۾ هجڻ جي سزا ڏيڻ خاطر اهو واقعو ڪرايو ويو، پر انجي باوجود هي شخص پنهنجي اصول تي قائم رهيو ۽ چيائين ته مسجد حڪومت جي پراپرٽي آهي اها اُن وٽ ئي رهندي. جنهن کانپوءِ کي شڪارپور جي نيو فوجداري چونڪ وٽ گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو. اُن واقعي کانپوءِ سنڌ جو ڄڻ روح مري ويو. نسل پرستي ۽ مذهب پرستي سنڌ ۾ پلانٽ ڪئي وئي. نسل پرست تنظيمن جون نرسريون آباد ٿي ويون.”
    “ان کانپوءِ به اليڪشن ٿينديون رهيون پر سنڌ جو مقدر نه جاڳيو” فيروز، سنگهار کان پڇيو.
    “پوءِ مسلسل ائين ٿيندو رهيو، جمهوريت جي نالي تي اليڪشن هاءِ جيڪ ٿينديون رهيون. فوج هر دفعي ٽيڪ اور ڪري ملڪ جي باقي رهيل قدر و قيمت ختم ڪري ڇڏي” سنگهار وراڻيو.
    شهيد الله بخش جي ڳالهه درست هئي. “ته پاڪستان نوابن ۽ جاگيردارن لاءِ ٺاهيو پيو وڃي”
    “نوابن جي ڳالهه تي مونکي تو واري ُمنڊي پئي ياد اچي” سنگهار، فيروز ڏانهن نهاريندي هن کان پڇيو، دوستن کي ته ٻڌاءِ ته تون بهاولپور جو نواب ڪيئن ٿين ؟!
    “اهو ڪيئن ٿيو ؟” تيرٿ حيرت مان فيروز کان معلوم ڪيو
    “اهو مزيدار واقعو آهي” فيروز، ڳالهائڻ شروع ڪيو.
    “مونکي ڪنهن وقت ُمنڊين پائڻ جو شوق هوندو هو. فيروز مسڪرائيندي واقعو ٻڌائڻ لڳو، ان وقت مونکي پنهنجي هڪ دوست زمرد جڙيل منڊي ڏني، جا مون پائي رکي هئي. ُمنڊي هئي به شاندار. آڱر ۾ پيل هوندي هئي، ته ائين لڳندو هو، ڄڻ منهنجي آڱر ئي ناهي. شام جو وقت هو، امپريس مارڪيٽ ڀرسان چانهه پيئڻ لاءِ ويٺو هوس، ته ڪو ماڻهو منهنجي ڀرسان اچي ويٺو، هن منهنجي هٿ ۾ زمرد جڙيل ُسهڻي ُمنڊي ڏٺي، ته هن سمجهو ته مان بهاولپور جو ڪو نواب آهيان ۽ ڪراچي گهمڻ آيو آهيان.”
    هن منهنجي پاسي ۾ وهِندي چيو، “نواب صاحب توهانجو رات قيام ڪٿي آهي”؟
    “تون ڇو پيو پڇين”؟ مون کيس پڇيو.
    مان سمجهي ويس ڇا ٿيڻ وارو آهي، مون به مزي خاطر ڳالهه کي پئي ڇيڙيو، “توهان مونکي ڏٺل ٿا لڳو.” هن مون ڏانهن ڏسندي چيو،
    “ڪٿي ڏٺواٿئي” مون کيس چيو.
    “شايد ڪراچي جي ڪجهه نوابن جي محفل ۾.”هن مسڪرائيندي چيو.
    “تو اتي ڇا پئي ڪيو؟” مون نوابن واري کوکلي لهجي ۾ هن کان پڇيو.
    “مان ته انهن جي خدمت ۾ هئس سرڪار” هن ڏاڍي معصوميت مان وراڻيو.
    تون ڇا ڪندو آهين؟ مون ٿوري روعب واري انداز ۾ هن کان پڇيو.
    ؟نواب ته ايترا سوال ناهن ڪندا سرڪار.” هن حجت ڀريئي لهجي ۾ چيو.
    “دوست! هڪڙي ڳالهه چوانءِ ناراض ته نه ٿيندين.” مون هن کي چيو.
    “نه سرڪار، ائين ڇو ٿا چئو،” هن چيو.
    “تو مونکي نواب ڪيئن سمجهو ؟” اهڙي سوال تي هن مون ڏانهن نهاريندي چهري تي عجيب مسڪراهٽ آڻيندي چيو.
    “سرڪار، هيءَ منڊي ته توهان کي نوابن واري پيل آهي. منهنجو اندازو غلط نه ٿو ٿي سگهي. توهان نواب آهيو نه،” هي هڪ ساهي ۾ ائين چئي ويو جو مونکي به گمان ٿيڻ لڳو ته واقعي به مان نواب آهيان ڇا؟
    ايتري ڳالهائڻ کانپوءِ مون هن لاءِ چانهه گهرائي، هن چانهه پيتي،
    مون ُمنڊي لاهي هن کي هٿ ۾ ڏني. هن چيو، سرڪار هي ڇاٿا ڪيو؟
    مون چيو. “يار مان ڪو نواب ناهيان، مان ته تو جهڙو انسان آهيان.تنهنجي ڳالهه به ڪنهن حد تائين درست آهي.پاڪستان ۾ ڄڻ هاڻي هر ماڻهو نواب آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان ٺهيو ئي نوابن لاءِ آهي.” هو بت بڻيو منهنجي ڳالهه ٻڌي رهيو هو.
    “تون ۽ مان جيڪڏهن ائين نوابن جي قدم بوسي ۾ رهنداسين ته سندن نوابي ته قائم رهندي نه....! هي منڊي توکي سٺي لڳي ٿي، ته تون پائي ڇڏ.”
    هو اهڙو خاموش ٿي ويو جهڙو بت، هن ڪجهه به چوڻ کانسواءِ مون ڏانهن ڏٺو ۽ وري منڊي کي ڏٺائين. پوءِ منڊي سامهون ٽيبل تي رکي، هوٽل مان تڪڙو تڪڙو نڪري ويو.
    مان اڪثر اتي چانهه پيئڻ ويندو آهيان، پر هي همراه وري نظر نه آيو.
    مون هن کي ڳولڻ ٿي چاهيو، ته جيئن سمجهايانس ته منهنجو مطلب هنجي دل آزاري ڪرڻ نه هو، پر هو ڪو شريف ماڻهو هو.
    گاڏي ۾ ٽهڪ پئجي ويا. ڪافي دير تائين دوست کلندا رهيا.
    بهرحال ڪراچي رونڪ وارو شهر هو. فيروز چيو، “شام ٿيندي ئي ڄڻ نوجوان جادو جي نگري مان ٻاهر نڪري ايندا هئا. گهڻو ڪري پيدل شهر جي ٿيٽر هائوس سئنيمائن، هوٽلن ۽ ڪشاده پارڪن ڏانهن انتظار ۾ بيٺل محبوبائن ڏانهن آسمان جي پکين وانگر اڏامي پهچندا هئا، روڊ تي ڄڻ آسمان جا تارا لهي ايندا هئا.”
    فيروز ڳالهائيندو ڪراچي کي ياد ڪندو ويو. “ڪراچي انتهائي صاف سٿري هئي ڪو خوف ڪا لالچ ڪانه هئي. انسان پهرين دوست ۽ ڀائر هئا پوءِ ڪجهه ٻيو. ڪراچي جي دنيا بي حد دلڪش ۽ شاندار هئي. هن وقت جي سرمائيدارانه معاشري جي بي حسي اڃان اُن کان پري هئي، جنهن هاڻي ڪراچي کي تباه ڪري ڇڏيو آهي، عورت جو تقدس هو. زمين ۽ انسان لاءِ عزت هئي. تعليم کي علم سمجهيو ويندو هو.
    پاڪستان کي مذهبي رياست ڊڪليئر ڪري هنن انساني ارتقا جا سمورا رستا بند ڪري ڇڏيا. ڀٽي جهڙي سياسي ماڻهو به ائين ڪيو. هو سياسي مصلحت تحت ائين ڪري رهيو هو، حالانڪ ان ڳالهه جي ان کي به خبر هئي، ته ڪا به رياست مسلم ۽ غير مسلم ناهي ٿيندي. پاڪسان کي سني اڪثريت واري اسلامي رياست ڊڪليئر ڪرڻ سان ڇا ٿيو؟ فرقا پيدا ٿيا. مذهب ماڻهن جو پيشو بڻيو، تقسيم در تقسيم ماڻهن جا ايمان ٿيا. جنهن پوءِ انسان کي ذهني، روحاني، معاشي، اخلاقي ۽ سياسي طرح ڪمزور ڪري ڇڏيو.”
    “يعني ايشور جي تعليم جي برعڪس انسان مذهبن ۽ فرقن ۾ تقسيم ٿي ويو.” تيرٿ پڇيو.
    “بلڪل ائين ٿيو” فيروز وراڻيو. پر هن وقت ماحول ٻيو آهي. حضرت انسان کي معلوم ٿيندو پيو وڃي ته رياستون ڪهڙي به روپ ۾ هجن، ناهن پوءِ اهي اسلامي هجن يا غير اسلامي. انهن کي، ته حاڪم طبقو، محروم طبقن خلاف هٿيار طور استعمال ڪري ٿو.”
    “ڪجهه مورخن جو خيال آهي، ته مذهب جو نظريو بطور مضبوط عملداري، اخلاقيات ۽ سياست جهڙن پيچيدهه مسئلن جو حل ڏئي ٿو” تيرٿ، چيو.
    “منهنجي علم مطابق مذهبي رياستون، حاڪمانه رويا، ذاتي ملڪيت جو مفاد، انسانن وچ ۾ طبقن جي سوال کي ختم ڪرڻ جي حق ۾ ناهن هونديون. اهو سياسي انقلاب کانسواءِ ممڪن ناهي” فيروز جواب ۾ چيو.
    حقيقت ۾ هر انسان جو شروعاتي دور هڪ حد تائين پهرين قدرت تي ان کانپوءِ مذهب تي ۽ پوءِ پنهنجي عقل، سمجهه، خيال، سماجي ماحول ۽ پنهنجي اوزارن تي انحصار ڪري ٿو. مثلن، ٻولي جو استعمال انسان پنهنجي رابطي لاءِ ۽ اوزارن جي ترقي لاءِ جوڙي ۽ ڳالهائي، جنهن کي پوءِ هن فن، ادب ۾ جدت ۽ معاشي آزادي لاءِ پنهنجي اظهار جو ذريعو بنايو، شاعري ڪئي، افسانه لکيا ، لحاظه فڪري ۽ معاشي ترقي جون خوبيون جيڪي اسانکي پنهنجي سماج اندر تلاش ڪرڻيون آهن، اهي انساني عقل جي رستي تلاش ڪرڻيون پونديون. جنهن لاءِ انقلاب گهرجي ٿو.”
    “اها ڳالهه ڪنهن حد تائين صحيح آهي، ته انساني صلاحيت کي ڪنهن نظام جي ضرورت رهي ٿي، ته جيئن انسان اندر پوشيده حيواني روين، عادتن کي دٻائي ان اندر نئين انسان کي جنم ڏئي سگهجي. انسان، تاريخ ۾ ترقي جا شاندار مثال قائم ڪيا آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اوزارن انسان کي نوان عضوا ڏنا. هٿوڙي، ڏاٽي ۽ ڦيٿي انساني ارتقا کي نئون رخ ڏنو. پر موجوده حالات ته انساني ارتقا آڏو رڪاوٽ بڻيل آهن. موجوده انسان مذهب، ڌرم۽ نسل جي نالي تي هڪ ٻئي جو خون وهائڻ لاءِ تيار بيٺو آهي.” شهه مريد، سنگهار سان مخاطب ٿيندي کيس چيو .
    “ورهاڱي کان اڳ هندوستان سان لاڳاپيل تهذيبن جو دارو مدار سياسي تحريڪن، فن، ادب ۽ ثقافت تي هو. سنگهار وراڻيو،
    ٽيگور هندوستان جي ادب کي موسيقي فن، آرٽ سان مالا مال ڪيو. سوامي ويڪانند يورپ، ايشيا ۾ ويدانيت جي فلسفي جو پرچار ڪيو. مولانا ابوالڪلام آزاد ڪانگريس جي رهنمائي ڪندي هندستان مٿان انگريزن جي تسلط جي خاتمي جي خلاف آزادي جي ويڙه وڙهي. ڀڳت سنگهه انقلابي اسپرٽ سان نوجوانن لاءِ اتساه بڻيو، مطلب ته اهو سڀ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان به اڳ ٿيو. پاڪستان جيئن ته انگريزن جي مرضي سان ٺهيو، ان ڪري هتي سياسي تحريڪون ختم ڪيون ويون.”
    “پاڪستان، انگريزن جي پيداوار آهي، مان ته اها ڳالهه شروع کان چوندو پيو اچان.” شهه مريد وراڻيو.
    “ها، جڏهن تون هڪڙي قميص ۾ گهمندو هئين!” تيرٿ مذاق ڪندي شهه مريد کي چيو.
    “اهو مان نه ٻڌائيندس.” هن جي جواب تي دوست کلندا رهيا.
    “شهه مريد جي ڳالهه درست آهي، ڏسو نه دوستو” سنگهار وراڻيو. آخر مسلم ليگ جي ٺهڻ جي ضرورت ڪهڙي هئي، جڏهن مسلمان به ڪانگريس جا عهديدار هئا. هندو توڙي مسلمان هولي، ديوالي ۽ عيدون گڏ ڪندا هئا، ته پوءِ آخر ڪنهن لاءِ ٿي هندوستان، پاڪستان ٺهيو. هير مسلمان به ڳائيندو هو، ته هندو به. رام ۽ رحيم ڏانهن وڃڻ جو رستو مختلف ئي صحي، پر ان ۾ سڀ لاءِ چڱائي جو درس هو. مغلن تائين به اهي روايتون قائم هيون. ايسٽ انڊيا ڪمپني جيئن هندستان ۾ داخل ٿي، ته اُن اچڻ سان پوري معيشتي نظام تي ڪنٽرول ڪري ورتو. جيئن ته ان وقت هندو، معاشي طور تي آسودي پڙهيي لکيئي مڊل ڪلاس سان وابسته هو، ان ڪري انگريزن سان هڪدم ويجهو ٿي ويو. انگريزن، هندن کي نه صرف نوازيو، پر هندستان ۾ هندن جي صورت ۾ بورجوا ڪلاس پيدا ڪيو، جنهن پوءِ هندستان جي سياست ۽ واپار ۾ اهم مقام ماڻيو. جڏهن ته مسلمانن جي اڪثريت جاگيرداري جهڙي فرسوده نظام ۾ رهڻ، چڱائي سمجهي. حالانڪ هندو مڊل ڪلاس ۽ مسلمان فيوڊل ٻنهي جو مفاد هو، ته عام ماڻهو سياسي، معاشي طور تي غلام ئي رهي. ٻنهي کي هندستان جي پسمانده عوام جو ڪو فڪر نه هو. ڏسندي ڏسندي ڪانگريس مان مسلم ليگ جو وجود ٿيو. هر جڳهه محمد علي جناح جا چرچا ٿيڻ لڳا. هندستان جي فضائن ۾ هاڻي مڪمل طور تي هندو مسلم فرق جي ڳالهه ٿيڻ لڳي. ماڻهن جو خون سرخ مان سفيد ٿيندو ويو. هندوستان پاڻ لاءِ آزادي جي چونڊ ڪرڻ بجاءِ دوزخ جي باه جي چونڊ ڪري ورتي. فرنگين، هندو مسلم فرق کي هوا ڏني، مسجد ۾ ُسوئر ڪهُي اڇُلي وڃڻ ۽ مندر ۾ ڳئون ڪهي اڇلي وڃڻ جا واقعا ٿيا. دنيا جي شاندار تهذيب سرسوتي، سنڌو، جمنا ۽ راوي جي ڪنارن خون ريزي ٿيڻ لڳي. ماڻهن جي اکين ۾ وحشت جاڳي پئي. اسٽيشن تي مسافرن جي لاشن سان ڀريل گاڏيون ٿي پهتيون. هندوستان ۾ انسانيت نالي جي ڪابه شيءِ نه رهي ۽ مٿي خدا اهو سڀ ڏسندو رهيو .”
    دوستو،حقيقت هي آهي ته، “اسين سڀ پنهنجن پنهنجن عقيدن جا ڪمزور انسان آهيون. ان ڪري ئي نسلن، مذهبن ۾ ورهايل آهيون. صرف انسان ئي نه، پر رياستون به ائين هجن ٿيون. اسانجو تعليمي نصاب به ائين هجي ٿو.”
    سنگهار، ڳالهائيندي ڪجهه لمحن لاءِ خاموش ٿي وڃي ٿو .
    شهه مريد، پنهنجي سوال جي جواب بابت مطمئن نه هو. هن وري پڇيو، “دنيا ڪنهن حد تائين ان ڳالهه سان سهمت آهي، ته دنيا جا سمورا مذهب هڪٻئي جو تسلسل ۽ هڪ ئي خيال جو حصو آهن. پر ساڳي وقت سڀ ان جنون ۾ به ورتل آهن، ته انجو ڌرم ئي حق تي آهي، جنهنجو فيصلو به هو پاڻ ئي ڪري ٿو. انسان ان ڊوڙ ۾ اعليٰ خواب ڏسڻ ڇڏي ڏنا آهن. دنيا کي بدلائڻ جا ويچار سندس من ۾ دفن ٿي ويا آهن. انسان جون جيڪي صلاحيتون انسانذات جي تعمير ۽ ترقي لاءِ ڪتب اچڻ گهرجن اُهي فرقن درميان الجهي ويون آهن. بلڪه فرقا سموري دنيا جي ماڻهن کي تابع ڪرڻ جي خيال کان مسلح ٿيندا پيا وڃن. انسان جي فطرت ۾ نيڪي جي نسبت جرم جو پلڙو ڀاري ٿيندو پيو وڃي، ته پوءِ آخر خدائي مقصد ڪيئن حاصل ٿيندا؟”
    “ماڻهن جي سمجهڻ جي صلاحيت ته هميشه سادي رهي آهي” منهنجا پيارا رفيق! سنگهار پنهنجي دل جي جذبات مان شهه مريد سان ڳالهايو. اڍائي هزار سالن کان انسان اهو ئي ته ڪري رهيو آهي. صدين کان انهن ريتن رسمن ۽ مذهبن جو عام ماڻهن جي ذهنن تي قبضو رهيو آهي. اها ڪا عام رواجي ڳالهه ناهي، ته ماڻهو هڪدم توهانجي ڳالهه کي قبول ڪن پوءِ کڻي اها ڪيتري به درست ۽ حقيقي هجي.
    هندستان جا ساڌو ۽ سنٿ پوري حياتي، زندگيءَ کي گناه ۽ غليظ سمجهي، ان کان پري ڀَڄندا رهيا. صحيح عقيدو، صحيح رستو، خدا جو تصور، محبت، غم خوشي، موت، زندگي، نجات وغيره، اهي سڀ سوال انسان کي هميشه پاڻ ڏانهن متوجهه ڪندا رهيا آهن. انهن سوالن جي گِهرائي ۾ وڃڻ لاءِ ماڻهن وٽ پنهنجا پنهنجا ذاتي ۽ مذهبي طور طريقا آهن. پر انجي باوجود، به انسان جي بي چيني ۾ ڪا ڪمي نه آئي آهي. اهڙي حالت ۾ الله جي نبين ماڻهن جي اندر جي بي چيني کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. الله جي رسول محمد صلعم اڳيان زندگي جي انهن پيچيده سوالن کان وڌيڪ اهم سوال اهو هو، ته ڪفر جا بت ڪيئن ڪيرائجن؟ هُن سوين ميل سفر ڪري، پٿر لڳڻ جي باوجود انسانن جي ستل ضمير، سمجهه، عقل کي جاڳايو. خود پسند عربن کي تلوار جي ڌار مان گذاريو. هن پنهنجي اعليٰ عمل ۽ پنهنجي فڪر تي ڄمي بيهڻ کانپوءِ ائين ڪري ڏيکاريو. يورپ ۾ ڪليسا، عقل جي ڳالهه ڪرڻ وارن کي جيئري ساڙڻ شروع ڪيو. تنهن کانپوءِ يورپ ۾ نشاتثانه جو دور آيو. هندستان ۾ مختلف مذهبن مان صوفي فڪر جي تحريڪن جنم ورتو. منصور،شمس،بلاول کي ساڙيو، ماريو ۽ جلايو ويو.
    مها ڀارت ۾ ڪرشن، ارجن کي چوي ٿو، “هزارها سالن کان ديوتا، ماڻهن جي ذهنن تي راڄ ڪن پيا. هنن ماڻهن جي ذهنن کي اڳتي سوچڻ کان روڪي ڇڏيو آهي”
    گوتم چيو، “نجات ۽ مکتي ڪٿي ناهي، ان کي پنهنجي اندر ۾ تلاش ڪريو.” توهانجي ارد گرد جو ڪجهه آهي، ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو، ان کي پيار سان ڏسو. ان کي پنهنجو حصو سمجهو. ان سان وفا جي عيوض آگاهي ۽ بيداري جهڙي افضل شيءِ حاصل ٿيندي، اهو ئي نجات جورستو آهي.
    18 صدي ۾ مارڪس، فطرت ۾ مادو ۽ تاريخ ۾ عقل انساني جي ڳالهه ڪري چيو، ته انساني فطرت، کي ترقي جي شاهراه تي آڻڻ لاءِ انسان جو خارجي دنيا سان رابطي ۾ اچڻ لازمي آهي. قدرت ۽ فطرت، انسان کي زنده رهڻ لاءِ ان ڪري مجبور ڪري ٿي، ته جيئن هو پنهنجن صلاحيتن کي ڪتب آڻي، اوزارن جي صلاحيت ۾ اضافو ڪري پاڻ کي محفوظ ڪري. ائين نه ڪرڻ سان ان جي زندگي لاءِ خطرا وڌي وڃن ٿا.
    حيرت آهي بساون لال ماڌو اها ڳالهه 7 هزار سال اڳ چئي. بساون دهريو هو. انجي نزديڪ تخليق ۽ ارتقا، مادي جي فطرت آهي. گوئٽي به دهريو هو، جنهن چيو.
    زندگي،
    تند و تيز طوفان ۾
    هڪ لهر، جا اڀري ٿي، گم ٿي وڃڻ لاءِ
    هڪ خود آزاد وجود ،يعني پيدائش ۽ موت
    لامحدود سمنڊ
    جهومندڙ، وهندڙ، لامحدود سمنڊ.
    زندگي جي رواني،
    وقت جي چپن تي خوشنما گيت.
    منهنجا هٿ زندگي اُڻن ٿا.
    خدا پهري وٺي ٿو.”
    بساون لال ماڌو، چوندو هو ته، “روح ۽ مادو ازل کان گڏ آهن، جدا هي ڪڏهن ڪو نه هئا، مادي جي حقيقت تحرڪ آهي، تحرڪ ڪري ان ۾ تبديلي آهي. هن پوري دنيا جي چڪر جو نالو مادو ئي ته آهي. جيڪو پنهنجي نقطه آغاز کان اختتام تائين پنهنجون صورتون تبديل ڪري ٿو ۽ هر وقت تحرڪ ۾ آهي. ٻج جو گل ۾ تبديل ٿيڻ مادي جي حقيقت ۽ تبديل ٿيندڙ صورت آهي. روح، جنهن کي هو علم چئي ٿو، اهو ڪائنات ۾ موجود آهي ۽ انسان جو وجود ۽ انجي ُمڪتي تڏهن ٿئي ٿي، جڏهن هو پاڻ کي مادي کان الڳ ڪري ٿو.”
    هنن پيچيده ڳالهين تي شهه مريد جي دل دڙڪڻ لڳي ٿي ۽ هو بيزاري ۽ بيچيني مان چوي ٿو، “انسان زندگي جي تلخ تجربن مان گذرڻ جي باوجود سِکي ڪجهه به ناهي سگهيو؟ “
    “انسان ته تمام گهڻو سکيو آهي” سنگهار جواب ڏنو، “انسانن جي اڪثريت فرقن ۽ نسلي مت ڀيد کان آزاد آهي. دنيا جا ماڻهو هڪٻئي لاءِ احترام رکن ٿا.
    گاڏي ۾ لمحي لاءِ خاموشي ڇانئجي وڃي ٿي.
    تيرٿ جا گهاٽا ڪارا وار هوا ۾ اڏري سندس چهري تي پون ٿا، جنهن سان هن جي چهري جو حسن وڌيڪ نکري پوي ٿو.
    ڪيترو پنڌ ڪري آيا آهيون.” سنگهار تيرٿ کان پڇي ٿو،
    “تقريبن 80 ڪلوميٽر.” تيرٿ، واڻيو
    شهه مريد، حيرت ۽ اُتساه مان پوئتي ڏٺو، پويان هلڪي هلڪي ڌوڙ ڇڏي، گاڏي هوا سان ڳالهيون ڪندي، اڳتي وڌندي پئي وئي.
    گهرو نيرو آسمان گاڏي جي شيشي مان ائين پئي نظر آيو، جيئن گاڏي ان طرف ئي سفر ڪندي هجي. سج جي روشني، زمين جي ماحول کي گرمائي رهي هئي، هلڪي تپش ڪري گاڏي جو اندريون حصو هلڪي اُٻس پيدا ڪري رهيو هو.
    تيرٿ، کي رکي رکي نذير جو خيال اچي رهيو هو.
    تيرٿ، دل ئي دل ۾ ان خوف کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، جيڪو نذير متعلق هن جي من ۾ پيدا ٿيو پئي. هو پاڻ سان ڳالهائي رهيو هو، “هتي زندگي گذارڻ جي هر ماڻهوءَ کي قيمت ادا ڪرڻي پوي ٿي. اسين ته انجي بدلي ڪجهه به نه ٿا چاهيون. اسين جيڪو چاهيون ٿا، اهو سِرَ جي سوڌي کانسواءِ ممڪن ڪونهي”
    “هو سامهون ڪنهن جو پراڻو قلعي نما محل آهي؟ فيروز، رڙ ڪري چيو،
    تيرٿ، بريڪ هڻي گاڏي بيهاري.


    هَنس وتي

    هي محل 3 هزار سال پراڻو، راڻي هنس وتي جو آهي. تيرٿ قلعي نما محل ڏانهن ڏسندي چيو، بابا چوندو هو، “هوءَ سامهون واري دري ۾هنس وتي ويٺي آهي. جنهن کي ماڻهو مسڪرائيندي ڏسن ٿا. هوءَ سدائين اتي اُن دريءَ ۾ ويٺي آهي. هوءَ پنهنجي وطن ۽ ماڻهن کي ڏسي مسڪرائي ٿي ۽ پرسوزگيت ڳائي ٿي.”
    اهو سڀ ائين آهي، جيئن هوا کي ڏسي نه سگهجي پر محسوس ڪري سگهجي.
    هنس وتي هتان جي ماڻهن جي دلين ۾ ۽ انهن جي حواسن ۾ هوا جي جهوٽي جيان رهي ٿي. انفرادي طرح سڄي انسانيت ان مثال سان ڀري پئي آهي، ته ڪجهه ماڻهو غم زده ۽ مصيبت جي ماريل ماڻهن لاءِ راهه نجات بڻجي وڃن ٿا.
    ائين به ٿيندو آهي ته عام زندگي گذاريندڙ معمولي ماڻهو جيڪي منتخب رستن تي هلڻ بجاءِ پنهنجن رستي تي هلڻ پسند ڪندا آهن. مضبوط ۽ طاقتور انسانن جي وچ ۾ رهندي، ڪمزور ۽ هٿين خالي هئڻ جي باوجود اوچتو ئي اوچتو غير معمولي، انصاف پسند ۽ ناقابل فراموش حد تائين رهنما بڻجي ويندا آهن.
    هنس وتي جي ڪٿا به ڪجهه اهڙي آهي. هنس وتي ڀڳوانن جي جوڙيل ليلا پويان ڊوڙڻ بجاءِ زندگي گذارڻ لاءِ پنهنجي الڳ رستي جي چونڊ ڪئي. هن کي ڀڳوان، رشي، ڀڪشو، يا داسي بڻجڻ کان وڌيڪ، عام انسان ٿي رهڻ پسند هو. جيڪو سڪون آرام سان کِلي ٽهڪ ڏئي سگهي. مرضي سان روئي سگهي. ڳائي ۽نچي سگهي. تلاءَ ۾ وهنجي ۽ تڙڳي سگهي. هوائن سان ڳالهيون ڪري سگهي. سکين سان انبن ۽ زيتون جي باغ جي ٽارين تي جهولي سگهي. هجوم کان پري پنهنجي بهار ۾ خوش رهي.
    هنس وتي اوده پور ڀاڳوت ندي ڪناري جنم ورتو. تيرٿ پنهنجي بابا پاران ٻڌايل قصي جو تفصيل دوستن کي ٻڌائڻ شروع ڪري ٿو، جنهنجي ڪناري عملتاس، گل موهر، سرنهن ۽ نم جا وڻ پهاڙن وانگر اُڀا بيٺل هوندا هئا. جتي هر وقت فطرت، دنيا کي پنهنجا رنگ آڇيندي، نه کُٽي ٿيءَ نه ٿڪجي ٿي. هنس وتي جو اصل نالو نرملا ديوي هو. پر پوءِ هنجي محبوب راجه پيار مان هن کي هنس وتي سڏڻ لڳو.
    ڀڳوت نديءَ ڪناري جيرامداس جو واعظ ٻڌڻ کانپوءِ هن خودڪشي جو فيصلو ڪيو. هن اهو طئي ڪيو، ته هوءِ هن ذليل ۽ ظالم دنيا ۾ نه رهندي. جيرامداس چيو، “عورت مجسما شر آهي. عورت ئي سمورين براين جي جڙ آهي. ان جي طبيعت ۾ لامحدود بک ڀريل آهي. جيڪا ڪپڙن، سون جواهرن کان متاثر ٿي پاڻ کي وڪڻڻ لاءَ به تيار ٿي وڃي ٿي. جيئن ته شهرن جا شهر هن جي ڪُک مان جنم وٺن ٿا، انهي ڪري عورت ئي دنيا ۾ شر جي ذميوار آهي. هن تي ڪڏهن به اعتبار نٿو ڪري سگهجي. هن سان محبت نٿي ڪري سگهجي ڇو ته هن جي جسم ۾ بگهڙ جي دل آهي.”
    هنس وتي پنهنجي مٿي تان رئو هٽايو ۽ تڪڙي تڪڙي واعظ مان اُٿي هلي وئي. هنجو پاڇو هن سان گڏ هنجي پويان پويان هلندو ويو. هنجي اٿڻ هلڻ جو آواز سڀني ٻڌو.
    هنس وتي، رام دلاري جي باغ طرف مڙي وئي. جتي چوڏهين جو چنڊ باغ جي بلڪل مٿان چڙهي آيو هو. جنهن جي روشني پوري باغ مٿان پنهنجو طلسم طاري ڪري ڇڏيو هو. هنس وتي انب جي وڻ هيٺان ويهي رهي. هنجي ويهڻ سان پنن جي آواز ڪري وڻ جي ٽارين تي ويٺل پکي جاڳي پيا. هڪ عجيب هلچل کانپوءِ وري خاموشي ڇانئجي وئي، جيرامداس جا لفظ هنجي نازڪ جسم تي چهبڪ جيان وسي رهيا هئا.
    “نهايت فضول ۽ بي معني لفظ”
    هن پنهنجي اردگرد ڏٺو ڪوبه ڪو نه هو. پوءِ هي آواز ڪٿان آيو؟
    هنس وتي، ان آواز کي غور سان ُٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي. هن غور ڪيو! اهو آواز ته هنجي من مان نڪتو هو. هنس وتي گهرو ساهه کنيو. جيرام جي نفرت آميز لفظن ۾ گم ٿي ويل هنس وتي کي تلاش ڪيو ۽ پاڻ کي ان حقيقت کان آگاه ڪيو، ته “سڄي دنيا جي تهذيبن، مدرسن ۽ ڪليسائن جي حيثيت ڪهڙي هجي ها، جيڪڏهن عورت نه هجي ها. خدا ته اڪيلو رهجي وڃي ها، جيڪڏهن عورت کي زمين تي نه آڻي ها. قدرت وٽ ته عورت لاءِ بيشمار احترام آهي. هنجو رتبو ته جنت کان به مٿي آهي.” عورت لاءِ مجسما شر جهڙا ذليل جملا. جيرامداس جي اندر جي ويراني ۽ منجهس عورت لاءِ بي پناه نفرت ڪري آهن. هنس وتي سوچيندي ۽ پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندي رهي. هنس وتيءَ کي توڙي جو سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته هنجي من ۽ دماغ ۾ اهي ويچار ڪيئن پيدا ٿي رهيا هئا، انجي باوجود هوءَ پاڻ سان ڳالهائيندي رهي.
    “جيئن وڻ جون ٽاريون اُن وڻ جو حصو آهن. جنم جنم کان اُهي هُن سان گڏ آهن. ائين هنس وتي به پاڻ کي ڪائنات جي وڻ جي ٽاري سمجهي ٿي. هُن ڀانيو ته، هن کانسواءِ ڪائنات اڌوري آهي، جئين ٽاريءَ کانسواءِ وڻ اڌورو هجي ٿو. شهرن جا شهر جي عورت جي ڪک مان جنم وٺن ٿا، ته اهو لازوال ۽ مقدس ڪم به ته ڀڳوان جي مرضي سان ٿئي ٿو. ڀڳوان، انسان کي جسم جي صورت ۾ آڻڻ لاءِ عورت جي ڪک جي چونڊ ڪئي آهي، ته ان حساب سان ته پوءِ عورت جو مقام سڀ کان افضل ٿيو. ڀڳوان کي هن جهان ۾ باقي رهڻو آهي، ته اُن کي عورت جي ڇايا جو سهارو وٺڻو پوندو. ۽ هي جيرامداس راجائن جو گماشتو. پورهيتن جي دان تي پلجڻ وارو. جيڪو هميشه عورتن جو ئي ويري آهي. سو پاڻ به ته ڪنهن عورت جو ڄائو آهي يا هو ڪنهن سوئر جي پيٽ مان نڪتو آهي! خدا کيس غرق ڪري، عورت جيڪا پراڪرتي جي ماءُ آهي، ان کي هي مجسما شَر چوي ٿو...!”
    هنس وتي سڪون سان اُٿي ٿي. جيرامداس کي ڦيهه ڪڍڻ لاءِ لٺ ڳولي ٿي. هن کي هاڻي ان ذريعي ئي سڪون ملندو. برداشت هزارين ڀوڳنائن ۽ ڪمزورين کي جنم ڏئي ٿو. هوءَ فرشتو به ناهي، جو سڀ ڪجهه ڏسڻ ۽ ُٻڌڻ کانپوءِ به خاموش رهي. هوءَ عورت آهي ته ڇا ٿيو؟ ڪير هن کي ويهي لُٻي ته، هوءَ ڪيئن ٿي برداشت ڪري سگهي.
    هنس وتي، لٺ سان جيئرامداس کي چڱي ڦيهه ڪڍي ٿي. هن جون رڙيون سڀ ٻڌن ٿا. هر ڌڪ کانپوءِ هنس وتي، هن کي چوي ٿي. چوندين ته عورت مجسما شِر آهي. چوندي ائين.....
    هن جرئت تي هنس وتي کي سڀ ڏسندا رهيا. خاص طور تي عورتون ته تمام گهڻيون سرهيون ٿيون.
    هنس وتي، جيرامداس کي لٺ سان ڪٽڻ کانپوءِ اطمنان سان ٻاهر نڪري آئي. ڪائنات جا سمورا رنگ هن جي وشال من ۾ لهندا ويا. هزارين ميل پري آسمان تي بيٺل چنڊ هن مٿان پنهنجي سفيد روشنيءَ جي بارش ڪرڻ لڳو.
    هنس وتي جي سامهون، ڌرم، رنگ، نسل، مذهب ۽ فرقن ۾ ورهايل پنهنجو شهر ۽ وشال دنيا آهي. ماڻهن جو هجوم آهي، جن جو ڌرمي عقيدو پڪو ۽ انسان مٿان ويساه انتهائي ڪمزور آهي. بتن ۽ مورتين کي ٺاهي پوڃي هنن وساري ڇڏيو آهي، ته جڳت ۾ پراڪرتي ۽ اُن سان وابسطه انساني رشتا سڀ کان بلند هجن ٿا. انسان کي جاڳائڻ لاءِ زندگي جي ان حقيقت ۽ معنيٰ کي سمجهڻو پوندو.
    جهنم ۽ بهشت انسان جا رويا آهن، دک وڌائڻ سان وڌن ٿا.
    هنس وتي ملحد ٿي وئي هئي. هن مذهب جي ويچارن کي پنهنجي معني ڏئي ماڻهن جي ذهنن اندر صدين جي اونداهين کي روشني ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو هو. هن جي اعليٰ ويچارن ۽ شاندار شبدن جا قصا ُٻڌي موهر بيل سنڌو جي راجا شنڪر پيتامبر جو هن سان چاه ٿي ويو هو.
    هنس وتي جي ها ڪرڻ کانپوءِ ٻنهي جو وهانو ٿيو .
    هنس وتي راجا شنڪر جي راڻي هئڻ باوجود، پاڻ کي ڪڏهن به راڻي نه سمجهيو. هنجي راجا هنجي اعليٰ ويچارن ۽ سڀاءُ ڪري ئي، هن مٿان پنهنجي پيار جو نالو هنس وتي رکيو. هوءَ ته هئي به هنس جهڙي. زمان و مڪان کان آزاد ۽ بهار جي جهونڪي جيان موهيندڙ. هنس وتي هر تهوار تي هيٺئين ذات جي هندو جاتين جي عورتن لاءِ اعليٰ بوجهن جو بندوبست ڪندي هئي. هنن سان گڏ ويهي پاڻ به کائيندي هئي. هنجا پڪا پختا شبد، هنجي اعليٰ ڪردار ڪارڻ، هن جو شهر موهر بيل سنڌو وقت جي هڪ عظيم درسگاه بڻجي ويو. علم، ادب ۽ مذهبي رواداري جو مثال ٿي پيو .
    هر طرف کان جوڪ در جوڪ ماڻهو اچڻ لڳا. اڇن ۽ ڳاڙهن گلن سان هنس وتي جي آءَ ڀڳت ٿيڻ لڳي. هر اک هنجي اعليٰ شبدن ڪارڻ نم هئي.
    هنس وتي، وقت جي محروم ۽ ستايل عورتن جي زندگي ۾ جوت بڻجي آئي. هن ڪارڻ ائين صدين جون بوسيده روايتون ۽ رسمون عورتن جي زندگيءَ مان ختم ٿيڻ لڳيون.
    پرپوءِ اوچتو، راجا شنڪر جي خلاف سندس ئي ڀاءُ سروپ، جيڪو ڪٽر مذهبي خيالن جو ماڻهو هو، بغاوت تي لهي آيو. رامپور جي راجا اسون، جتي سروپ سفير مقرر هو، سان گڏجي هن اوده پور مٿان وڏي حملي جي تياري ڪئي.
    سروپ، راجا اسون وٽ هلي ويو ۽ کيس چيائين. “مونکان هڪ عورت جي حڪمراني برداشت نٿي ٿئي. اسانجون تلوارون اسانجي عقيدي جون محافظ آهن، اوده پور جيڪو ايودهيا جو اوتار آهي، ڀڳوت ندي جيڪا گنگا جل جو عڪس آهي ۽ اوده پور جي گادي، جنم جنم کان شيو مهراج جي مها روپ جي علا مت آهي. اُهي محض اسانجون ڪيفتيون ئي ناهن پر اسانجو ڌرم، اسانجي زندگي آهي. راجا شنڪر اکيون بند ڪري ڇڏيون آهن ۽ هن اوده پور، هنس وتيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. هنس وتيءَ، ڌرم جي قانونن کي پوئتي رکي ُپرش ۽ استري جي حيثيت برابر ڪري، ڌرمي ويچارن کي ٺڪرائي مها اوده پور واري اسانجي خواب کي ڀَڃي ڀوراڪري ڇڏيو آهي.”
    دراصل سروپ جيڪا ڪهاڻي گهڙي هئي، انجو ٻيو پاسو اهو هيو، ته اوده پور هنس وتي جي انسان دوست سڀاءُ ڪري، علم ۽ عقل جو ۽ انساني اعليٰ خوبين جو مرڪز ٿيندو پئي ويو. غريب کي باعزت زندگي گذارڻ جو موقعو ملي رهيو هو. برهمڻ کي اجازت نه هئي، ته ڪنهن گهٽ ذات واري ماڻهوءَ جي تذليل ڪري. عورت ذات انڌهيرن کان ٻاهر اچي رهي هئي. فصل سٺا ٿي رهيا هئا. ميون مان رس ٽمي رهيو هو. گلن سان ڀريل ميدان نچي جهومي ڳائي رهيا هئا. پکي پنهنجن ُسهڻن ُسرن سان نيري گهري آسمان ڏانهن اڏرندا ٿي ويا ۽ چوندا ٿي ويا، ته او! ُڀومي تنهنجي اندر، ٻاهر ڇا ڪجهه ناهي. تون اسان سميت سڀني جي زندگي کي خوشين سان مالامال ڪري ڇڏيو آهي. هن دولت کي کپائڻ ڪنهن جي وس ۾ ناهي.
    سروپ کي اهو خوف کائي رهيو هو، ته هنس وتي اوده پور جو جيڪو نقشو چٽي رهي آهي، ان ۾ هن جي ته ڪا به گنجائش ڪانهي.
    هن راجا اسون کي لالچ ڏني ۽ چيو ته “منهنجي مدد ڪر، پوءِ تون جيئن چاهيندين تيئن ڪندس.”
    راجه اسون مهل ۽ موقعو ڏسي، سروپ کي چيو اوده پور تي ڪاهڻ جا ٻه شرط آهن، جي قبول ڪرين، ته مان فوج ڪاهڻ لاءِ تيارآهيان. سروپ کي اندازو نه هو، ته هو کانئس ڇا گهرڻ وارو آهي؟ “ لگان جو اڌ ۽ سندس ڌي چمپا جو سڱ.” اسون چيو.
    سروپ جي من ۾ ڄڻ ڀالو کپي ويو. سروپ جو چهرو ڳاڙهو ٿي ويو. هن جي روح ۾ زندگي جي جوت ڄڻ هڪ ئي ڦوڪ سان وسامجي وئي. سروپ غصي ۾ اٿيو، گهوڙي تي سوار ٿيندي، اسون کي ڀريل آواز ۾ چيائين .
    “لشڪر کي ڪاهه جو حڪم ڏي.” سروپ رستي ۾ روئيندو رهيو. پر انجي باوجود اُهي ڳوڙها هن جي من جي مير کي ڌوئي نه سگهيا.
    راجه شنڪر، صبح سوير ننڊ مان جاڳيو. هن پوري رات انتهائي بيچيني ۾ گذاري. هن جي من کي ڪو ڏک ۽ خوف کائي رهيو هو. هن پنهنجو پاڻ کي ڄڻ صحرا جي ريت ۾ ڦاٿل محسوس ڪيو. ان ڪيفيت ۾ هن جا قدم به ڄڻ ڳورا ڳورا ٿي ويا هئا. سمجهه ۽ روح جي غير متوازن تعلق ڪري، انسان کي هڪ قسم جي بيچيني ورائي وڃي ٿي. سج جا ڪرڻا آهستي آهستي زمين تي روشن چادر وڇائي رهيا هئا. ڀڳوت ندي جا ڪنارا ڌهنڌ جي ڪري اڃان ڌهنڌلا آهن. راجا شنڪر پيتامبر زندگي کي هميشه پاڻي جي رواني وانگر سمجهيو. راجا هن حقيقت کان واقف هو، ته زندگي هڪ تعلق جو نالو آهي. جنهن جي ٽٽڻ سان زندگي هڪ نظر نه ايندڙ بي چيني سان گهيرجي وڃي ٿي.
    هنس وتي، راجا جي بيچيني کي محسوس ڪندي کانئس پڇيو.
    “ڪا ڳالهه ستائي رهي آهي....؟”
    “دنيا کي ٺاهڻ کان اڳ ڀڳوان به ته ضرور بيچين ٿيو هوندو، مشڪل ۾ رهيو هوندو؟” راجا ، هنس وتي کان سوال ڪيو.
    “سج کي روشن ڪرڻ، پهاڙن کي زمين تي بيهارڻ، سمنڊ کي زمين جو حصو ڏيڻ، زمين مان فصل اپائڻ، پکين ۾ ساه وجهڻ ۽ بادلن مان بارش وسائڻ، هي سڀ ڪم ايشور لاءِ وڌيڪ آسان هوندا. سڀ کان ڏکيو ۽ تڪليفده ڪم هن لاءِ انسان کي روپ ڏئي زمين تي آڻڻ هوندو” هنس وتي اتساه مان وراڻيو.
    “انسان ۾، هُن پنهنجا گڻ به ته شامل ڪيا هوندا ؟” راجا شنڪر، سوال ڪيو
    “يقينن” هنس وتي وراڻيو
    “جي انسان ۾ ڀڳوان جا گڻ شامل آهن، ته پوءِ اهي گڻ ڪٿي آهن؟ راجا شنڪر، بي چيني مان هنس وتي کان پڇيو، خدائي گڻ، جنهن مان محسوس ڪري سگهجي ته انسان جو هي گڻ خدائي ۽ سڀ کان اعليٰ ۽ سڀ کان افضل آهي، اهو گڻ ڪٿي آهي؟ جيڪو انکي انساني خوبين جي بلندي تائين پهچائي.
    هي اسانجو احساس آهي يا واقعي به ايشور، انسان جي روپ ۾ موجود ئي ناهي.مان ته نه، ايشور ٿي سگهيو آهيان، نه وري انسان. مان ته ڏسان ٿو، انسان جا بدلجندڙ روپ، خدائي گڻن کان خالي.” راجا شنڪر ڪرب ۽ پيڙا مان ڳالهائي رهيو هو.
    هنس وتي، ڌيرج سان پنهنجي راجا کي چيو، “مان ته ايشور کي هر روپ ۾ ڏسان ٿي. انسان جا بدلجندر روپ ته، انسان جي لالچ ڪري آهن. ايشور ته ان ڪشمڪش کان آزاد آهي. هن جون اکيون کليل آهن. انسان پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون آهن. مون هميشه ڪائنات جي پوري چڪر ۽ علم جي رواني ۾، هُن کي ڏٺو آهي. نگار عالم جي روپ ۾ ايشور ئي ته ڳائي رهيو هوندو آهي. مون هن کي مزدور عورت جي روپ ۾ ڏٺو آهي. ڪائنات جا سمورا رنگ، ان عورت جي هٿن ۾ هئڻ جي باوجود هنجي پيرن ۾ جتي ناهي، مونکي ته ايشور ويشائن جي روپ ۾ فقيرن، درويشن ۽ راجائن جي روپ ۾به نظر آيو آهي. ايشور جا، هي روپ ئي ته آهن جن ڪارڻ، زندگي تلخ هجڻ جي باوجود بامعني آهي.”
    هنس وتي، راجا شنڪر کي چيو، “اچو هتي ويهو. بلڪل هتي، جتان نديءَ جي وهڻ جو ُپر شور آواز اچي ٿو. هن ڏانهن نهارڻ سان اسان کي شايد پنهنجون ڪمزوريون سمجهه ۾ اچي وڃن.! توهان کي اهو گيت ياد آهي، جنهن ۾ نديءَ جو انسان سان تعلق سمجهايل آهي.”
    مان اوهان کي ياد ڏياريان ٿي ،هنس وتي چيو.
    هُن پنهنجا ڳوڙها اُگهيا،
    خشڪ ٿي ويل چپن تي پنهنجي زبان ڦيري
    مِٽي ٿي ويل ڪپڙن کي ڇنڊڻ کانسواءِ اُٿي بيٺو
    گرڌاري لعل، احتياط سان قدم کڻندو ٻاهر اچي ٿو
    خواهشن جي حد کان لاحد، ڪنهن قدر شانت
    گرڌاري لعل ٻاهر اچي ٿو.
    سوين رستا هن جي آمد تي هن جا قدم چمن ٿا
    زندگي جا رستا، هن جي انتظار ۾ صدين کان جاڳي رهيا آهن
    حسن ۽ ويراڳ جي هن چوواٽي تي
    گرڌاري لعل ،گم سم بيٺوآهي
    جنمن کان حاصل لا حاصل جو بنواس ڪاٽي
    اڄ جڏهن دنيا تياڳڻ کانپوءِ، دنيا ۾ پناه وٺڻ واپس آيو آهي
    ته زندگي جون مسرتون
    وقت جي قدمن ۾ ڇيرن جي ڇمڪار تي محو رقص آهن .
    هن کي سمجهه نه آيو، ته زندگي جي ڪهڙي رستي وڃي
    ڪنهن طرف سفر ڪري، زندگي جا رستا ڪي سڌا ته ڪي ٽيڙا
    ڪير ڄاڻي پيار۽ نفرت، سمجهه ناسمجهه، موت جو بي رحم آواز
    حياتي جي لذت، ويراني ۽ شادابي جو رستو ڪٿان گذري ٿو.
    گرڌاري لعل ،حيران بيٺو رهيو
    تڏهن هن جي من مان آواز آيو
    شهر بيقران جا لعل، ڪنهن به رستي جي چونڊ کان اڳ
    ڀڳوت نديءَ ، کي پنهنجو دک ُٻڌاءِ
    گرڌاري لعل ڄڻ ننڊ مان جاڳي پيو
    ڄڻ هن کي رستو ملي ويو
    هن پنهنجا ڳوڙها اگهيا
    خشڪ ٿي ويل چپن تي پنهنجي زبان ڦيري
    مِٽي ٿي ويل ڪپڙن سميت اٿي بيٺو
    ڀڳوت نديءَ جي رستي.

    هنس وتي ڪجهه لمحن لاءِ خاموش ٿي وڃي ٿي.
    راجه شنڪر، سامهون ڀڳوت ندي ڏانهن ڏسندو رهيو ۽ ائين محسوس ڪري رهيو هو، ڄڻ صحرا جي ريت مان ٻاهر نڪري پڪي زمين تي اچي ويو هجي. هن جي من کي ڄڻ لازوال شانتي ملي وئي. هن جي من جي گهٻراهٽ ختم ٿي وئي. سڪون ۽ ذات مظهرجا آواز هن جي من ۾ گونجڻ لڳا.
    راجا کي هنس وتي جي ويچارن تي فخر ٿيڻ لڳو. مان ڪيڏو خوشقسمت آهيان، هي پاڻ سان مخاطب ٿيو.
    راجه شنڪر آرام گاه مان نڪري درٻار ۾ آيو. جتي کيس خبر ڏني وئي ته سندس ڀاءِ سروپ راجا اسون سان گڏجي اوده پور تي چڙهائي لاءِ تيار ٿيو آهي. اهو به ٻڌايو ويو، ته سروپ، حملي جي بدلي ۾ اسون کي ڇا ڏيڻ تي راضي ٿيو آهي.
    “راجا شنڪر جي سيني اندر ڄڻ ڀالو گهڙي ويو”
    درٻار ۾ خاموشي ڇائنجي وئي. راجه شنڪر جو چهرو سرخ ۽ دل تيز تيز دڙڪڻ لڳي.
    راجا شنڪر ڏک ڀريي آواز سان خاموشي کي چيريندي اُٿي بيٺو. وزير خاص سان مخاطب ٿيندي چيائين، “سروپ کي نياپو پهچايو، ته هو اوده پور اچي، هي شهر اسانجو گڏيل شهر آهي. هن جي مِٽيءَ کي رت نه، اسانجو پيار گهرجي. مان سندس هر مشڪل کي ختم ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.”
    راجه اسون ڏانهن نياپو موڪليو ويو ته هو ٻن ڀائرن جي وچ ۾ نه اچي، هنن جي اندروني معاملن کان پري رهي. پر ائين ٿي نه سگهيو سروپ ۽ اسون اوده پور کي فتح ڪرڻ جو طئي ڪري ورتو هو.
    هنس وتي اوده پور جو دفاع ڪرڻ لاءِ راجا شنڪر سان گڏ بيٺي رهي. هنس وتي جهانسي جي راڻي جيان عورتن جي رضاڪار فوج جوڙي. جيڪا اوده پور جي حفاظت لاءِ تيار ٿي بيٺي، ماڻهن جو سمنڊ اوده پور جي حفاظت لاءِ تيار ٿي بيٺو. هنن لاءِ اوده پور محض زمين جو ٽڪرو نه هو پر اوده پور آزادي جي علامت هو، ماڻهن جي جذبات ۽ جنون هو. اوده پور سرسوتي ۽ڀڳوت ندي جي ڌارا آهي، گيت آهي. جنهن مٿان هو سڀ قربان ٿيڻ لاءِ تيار هئا. هنن طئي ڪري ورتو هو ته هنن کي واپس اوده پور جي زمين تي اچڻو آهي يا وري ختم ٿي مري وڄڻو آهي. آزادي جي قيمت ڇا ٿئي ٿي،اها کين خبر هئي. هڪ سر نه، بلڪه سوين سر قربان ڪرڻ لاءِ هو تيار هئا.
    ڀڳوت ندي ڪناري جنگ جي صدا بلند ٿي.
    اوده پور جو انگ انگ جاڳي پيو.
    محبت ۽ نفرت جو اٿاه سمنڊ راجا اسون مٿان ڪڙڪي پيو.
    راجا شنڪر جي فتح ٿي. اسون ماريو ويو. سروپ قيدي بڻيو.
    فتح جي باوجود، هڪ اداس لهر سڀ مٿان ڇائنجي وئي.
    هنس وتي، دشمن جي تير لڳڻ ڪري سخت گهائل ٿي پئي.
    فتح کان چوٿين ڏينهن، هنس وتي جو ديهانت ٿي ويو.
    راجا شنڪر مٿان ڄڻ باهه ڪري.
    شام ٿي، شمشان گهاٽ جا رستا ماڻهن سان ڀرجي ويا. جامن، ليمن، انبن جي وڻن تان ڀڳوان اهو نظارو ڏسندو رهيو. چئني پاسي ڪيڏي گهري اداسي هئي.
    راجا شنڪر لاءِ اها تڪليفده گهڙي هئي. هن پنهنجو پيار وڃايو. هن کي ڪجهه به سمجهه نه ٿي آيو، ته هو ڇا ڪري. وزيرن، مشيرن کيس تسلي ڏيندي چيو ته جيئن ڪائنات جي تخليق ۽ انجي ٺهڻ جو ڪارڻ آهي، تيئن هنس وتي جي قرباني جو به ڪارڻ آهي، اهو ڪارڻ پرجا جي آزادي، برابري ۽ خوشحالي آهي. هنس وتي جي قرباني ۽ سندس ويچار هميشه اوده پور جي فضائن مٿان گونجندا رهندا.
    چون ٿا، راجا شنڪر پنهنجي محبوبه هنس وتيءَ جو مڙهه هن قلعي نما محل ۾ رکرايو.
    بلڪل انهي دري وٽ، اڄ تائين ماڻهن کي ائين محسوس ٿيندو آهي، ته ڄڻ هوءَ بيٺي آهي ۽ ان مان نهاري رهي آهي، ڀڳوت ندي جي پرشور لهرن ڏانهن، آزاد اوده پور ڏانهن ۽ ماڻهن جي مسڪرائيندڙ چهرن ڏانهن.تيرٿ تفصيل سان قصو ٻڌائي پورو ڪيو.
    شاه مريد ۽ فيروز ويراني ۾ بيٺل ان قلعي ڏانهن ڏسڻ لڳا، جنهن جو شان هنس وتي جي ڪري اڄ به قائم آهي.
    “هي خالي، پر شاندار محل، ان ۾ ويٺل هنس وتي، سچ پچ هوا جي تازي ۽ معتر جهوٽي جيان، اسان کي به ڄڻ پاڻ سان کڻي وئي آهي. اسانجي يادن جو حصو ٿي وئي آهي.” شهه مريد چيو.
    سنگهار ۽ تيرٿ هنس وتي جي جرئت، همت ۽ اعليٰ ويچارن جي احترام ۾ محل جي چوکٽ تي ڪجهه، وارياسي ٻوٽن جا گل ۽ وڻن جا خشڪ پتا رکيا. جن جي مهڪ سنگهار ۽ تيرٿ جي خيالن ۾ وڏي عرصي تائين تازي رهي.
    چئني دوستن سفر وري شروع ڪيو. شهه مريد گاڏي جي دري مان محل ڏانهن ڏٺو، هن جي نظر محل جي دريءَ ڏانهن کڄي وئي ۽ هن محسوس ڪيو، ته هنس وتي دري وٽ بيهي هنن ڏانهن نهاري مسڪرائي رهي هئي. سندس چپن تي اهو گيت جيڪو هُن پنهنجي راجه کي ٻڌايو هو.
    “شهر بيقران جا لعل، ڪنهن به رستي جي چونڊ کان اڳ
    ڀڳوت نديءَ کي، پنهنجو ڏک ٻڌاءِ.....”
    گاڏي ۾ ڪجهه گهڙيون خاموشي ڇانيل رهي. سڀ دوست هنس وتي، جي لازوال زندگي جي سحر ۾ ورتل هئا.
    “عورت کي پراپرٽي سمجهڻ جي خيال سان انجي ذات جي ڪيڏي تذليل ٿئي ٿي” فيروز ، خاموشيءَ کي ٽوڙيندي چيو، عورت مرد جي غلام ٿي رهي، انجي خدمتگذار ٿي رهي، ان لاءَ ٻار پروڊيوز ڪري، ۽ انهن کي وڏو به ڪري ڏئي، ان سوچ جي بنياد تي، دنيا ۾ اڄ به ڪيترين رياستن اندر عورت تي جسماني تشدد ڪرڻ جون وحشي رسمون موجود آهن. ته جئين عورت اندر شيطاني قوتن کي قابو ۾ رکي سگهجي.”
    “ها! اها ڳالهه درست آهي.” تيرٿ، چيو، اڄ به نيپال کان انڊيا تائين اهڙيون رسمون موجود آهن. دراصل ڳالهه اها آهي، ته ديوتائن جي فوج جو ماڻهن جي دل ۽ دماغ تي راڄ آهي. هر طرف کان خوف ۽ موت جا پاڇا آهن، انسانن کي جهالت وڻ ويڙهي وانگر ويڙهي وئي آهي، جنهن مان نڪرڻ محال آهي. ساڌو، پنڊتن، انسان اڳيان بي رنگي دنيا کڙي ڪري رکي آهي، عورت کي هڪ ڳجهارت وانگر پيش ڪيو ٿو وڃي.ان کي سمجهڻ بدران، وجود گناه ڪري پيش ڪيو وڃي ٿو.
    ۽ وري پنڊت، انسان کي قدرت جي سمورن رنگن ۽ حسانڪين کان ائين چئي محروم ڪن ٿا ته چنڊ جون راتيون، اونهاري جون برساتون، بادلن جون قطارون، جهومندڙ ڳائيندڙ آبشار، هميشه لاءِ سحر ۾ رکندڙ سمنڊ ڪنارا، انبن، ليمن جو کٽو مٽو رس، موتئي جي گلن جي مهڪ ۽ عورت جو پيار هڪ قسم جو گناه آهي. سندس چواڻي، فطرت جا اهي رنگ، انسان ۾ سمجهه ۽ بي چيني جي باه ڀڙڪائن ٿا. جيڪا ڳالهه ُپرش کي ڀڳوان کان پري ڪري ٿي.”
    “اها سموري بي وقوفي جي ڳالهه آهي” قدرت جو، ڪهڙن نه بي رنگ ۽ احمق ماڻهن سان واسطو پيوآهي، شهه مريد چيو.
    “دراصل، راجائن، پنڊتن، ۽ برهمڻن لاءِ اهو سڀ جائز آهي. منع صرف عام ماڻهوءَ لاءِ آهي، ته هو قدرت جي انهن حسناڪين کان پري رهي ۽ زندگي جي حقيقتن کان محروم رهي.” سنگهار چيو.
    “انهن پنڊتن ۽ برهمڻن لاءِ وري ڪا هنس وتي پيدا ٿئي، جيڪا لٺ کڻي هنن کي ڪُٺي” شهه مريد چيو.
    “عورت کي پراپرٽي سمجهڻ يا مارڪيٽ جي جنس سمجهڻ سان انساني رشتا بي معني ٿي وڃن ٿا، سرمائيداري، عورت جي اهميت جو تعين به ڪري ٿي ته ان کي ان کان محروم به ڪري ٿي، سنگهار وراڻيو
    “عورت احساس به آهي ته سمجهه به آهي، هي ڪائنات جي ماءُ به آهي ته انسان کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ واري سمجهه به آهي، انسان ماءُ کان ئي ڳالهائڻ سکي ٿو، روحاني احساس کان روشناس ٿئي ٿو،
    شادي ڪرڻ کانپوءِ هوءَ نئين حياتيءَ جي هڪ ٻئي حصي ۾ قدم رکي ٿي، ٻار پيدا ڪرڻ ۽ زندگي کي نئين روپ ۾ آڻڻ جو فرض نڀائي ٿي. هڪ فيملي جي صورت ۾ دنيا اندر داخل ٿئي ٿي. عورت اهو سمورو فرض پنهنجي محبت ۽ روحاني آسودگي لاءِ ڪري ٿي. جيڪا هنجي ٻارن جي تربيت ۽ سٺو انسان ٿي دنيا ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ضروري آهي. پر جيئن ته هوءَ ماءُ جي بجاءِ جنس ٿيندي پئي وڃي، ان ڪري ان جا نتيجا پوري سماج کي هڪ ڏينهن ڀوڳڻا پوندا.
    هنس وتي اهڙي ئي بي رحم سماج جو مقابلو ڪيو. جيرامداس جو عورت ڏانهن رويو ۽ الزامن جي بوڇاڙ ان جي اندر جي انسان جي ڪري نه پر اندر ۾ ويٺل مرد جي ڪري هو.
    “هنس وتي اهو سڀ ڪيئن ڪري سگهي؟” فيروز، پڇيو.
    “هنس وتي ٻن سببن ڪري ائين ڪري سگهي” تيرٿ وراڻيو، جي ائين نه ٿئي ها، ته برهمڻ ۽ راجا هن کي زنده جلائي ڇڏن ها. اول ته هنجي مڙس راجا شنڪر پيتامبر جو هن سان پيار هو، جنهن ڪري هن ۾ همت ۽ جرئت پيدا ٿي، ۽ ٻيو وڏو سبب جيڪو سڀ کان وڌيڪ اهم آهي، اهو هو ته هنجي ذات ۾ فيصلي ڪرڻ جي صلاحيت ۽ جرئت جيڪا هن ۾ اڳ ئي موجود هئي. لٺ کڻي جيرامداس کي ُڪٽڻ لاءِ همت ۽ فيصلي جي صلاحيت ٿي گهرجي. جيرامداس جهڙا ڪردار جيڪي اسانجي ارد گرد موجود آهن ته هنس وتيون به موجود آهن پر جرعت انسان کي مختلف بنائي ٿي.
    هنس وتي، زندگيءَ جي تلخين مان گذري. هن عورتن سان ائين ٿيندي ڏٺو. هن پنهنجي آگاهي جو ذريعو قدرت ۽ ماڻهو کي ٺاهيو. هن جي اعليٰ درسگاه هنجي زمين، پرشور نديءَ ۽ هنجي پنهنجي پرجا هئي.
    اوده پور هنجو پنهنجو وطن هو، جنهن جي رستن پهاڙن ندين ۽ باغن سان هن کي نهايت پيار هو. ڀڳوت ندي جا سرسبز ڪنارا هميشه هنجي اکين ۾ گهنگهور گهٽائين جيان تر و تازه هئا. اُن ئي نديءِ ڪناري ئي هن زندگي جو آواز ٻڌو ۽ ان ئي آگاهي ۽ علم سهاري، هن پنهنجي شهر جي نئين سري سان تعمير ڪئي. هنس وتي عام عورت هئي، پر اعليٰ ويچارن ڪري ماڻهن جي نظر ۾ خاص ٿي وئي. انجي باوجود هڪ احساس هميشه سندس دماغ کي چڪرائي ڇڏيندو هو ته هوءَ عورت آهي. عورت جي وفاداري جي ڪائي قدر قيمت ڪانهي، عورت جي زندگيءَ جو اهو ڪمزور پهلو هن جي اندر ۾ هميشه دکندو رهندو هو. جيئن اسين غم کي پنهنجي دل مان ناهيون ڪڍي سگهندا، تيئن هنس وتي به، ان درد کي پنهنجي دل مان نه ڪڍي سگهي هئي. ڪمزور عورت هئڻ جو احساس بهرحال هڪ روڳ ۽ بيماري جيان هنکي لڳل هو، پر انجي باوجود هن پنهنجي اکين ۾ ان خوف کي ڪڏهن به ظاهر ٿيڻ نه ڏنو.
    هن پنهنجو پاڻ ۽ ٻين ماڻهن کي محبت جي نظرن سان ڏٺو ۽ انهن جي محبت کي سگهه بڻايو.پنهنجي طاقت ٺاهيو، اهو ئي سبب هو، جو هر خوف سندس من مان ختم ٿي ويو هو.
    هنس وتي. جي پيار ۽ احترام ۾ اوده پور جا ماڻهو هي گيت ڳائيندا هئا.
    غم نه ڪر منهنجا عزيز
    هن راڻي پنهنجو ڪجهه به ناهي وڃايو،
    صرف اکيون بند ڪيون آهن
    ڪرب جي رات، تنهائي جو خوف
    خاموشي جي رواني هن اڳيان، واري جي ذرن جيان اڏري وڃن ٿا
    خوف نه ڪر، منهنجا عزيز
    هي راڻي پاشاڪ بنجي، اوده پور جي تن بدن جو سنگار ٿيندي
    غلط ارادا، پنهنجي موت پاڻ مرن ٿا
    اکين ۾ نمي، دلين ۾ پيار
    منتظر رهن ٿا، انهن لاءِ جيڪي زمين سان پيار ڪن ٿا
    هنس وتي ورندي،
    آزاد، اوده پور، جي نشيلي جهرڻن، ندين جو سنگيت ٻڌڻ لاءِ
    غم نه ڪر منهنجا رفيق
    خوف نه ڪر منهنجا عزيز.”


    هري شنڪر جو پٽ سڌارٿ

    اگهم ڪوٽ ڏانهن سفر جاري آهي. کليل ميدان هئڻ ڪري هر شيءِ صاف سٿري نظر ٿي آئي. هو ڄڻ زمين جي اُبتي رخ کان سفر ڪري رهيا هئا. زمين کي پوئتي ڇڏيندا اڳتي وڌندا ٿي ويا، ايتريقدر جو زمين جو هلڪو ناسي رنگ ۽ آسمان جا فطري رنگ هنن جي ڀر مان ائين گذريا ٿي جو انهن کي هٿ وڌائي ڇهي سگهجي پيو.
    تيرٿ، پنهنجي اڳيان طويل پکڙيل زمين ڏانهن ڏسندي چيو، هي پورو علائقو مختلف ندين جو عظيم سنگم هو. هتي ڀڳوت ندي ۽ ريڻ نديءَ رقص ڪنديون گذرنديون هيون، هي نديون زندگي جو راڳ ڳائيندي، زمين کي سيراب ڪندي، هر طرف گل و گلزار ڪندي، ڪڏهن نه ٿڪيون. شمال جا جابلو ماڻهو سنڌو درياءَ، کي اباسين چون، جنهن جي معني آهي دريائن جو ابو، سنڌو درياءَ هماليه جي پهاڙن کان ٿيندو تخت بائي کان گذرندو، مست هاٿيءَ جيان پهاڙن کان جڏهن سنڌ جي ڌرتي تي پهچي ٿو، ته گهري سڪون ۽ ماٺ ۾ اچي وڃي ٿو. هو سنڌ جي سرزمين جي هر ڪُنڊ مان وهي ۽ ان کي ڇهي هلڻ جو عشق ڪري ٿو. درياءَ جو سنڌ جي زمين سان عشق آهي. تيرٿ ڳنڀرتا سان چيو.
    ان ڪري ئي هن پنهنجون ٻاهون هر طرف ڦهلائي ڇڏيون آهن، ته جيئن سنڌ جي زمين جي انگ انگ کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري سگهي. هن جو پيار، ڪمزور کي طاقت ۽ هيڻن کي سهارو ڏئي ٿو. انهيءَ ڪري ئي کيس ديوتا جو مقام حاصل آهي. هن لاءِ مشهور آهي ته هن جو پاڻي جنت مان اچي ٿو ۽ آسماني پريون هنجي پاڻي مان سنان ڪن ٿيون.
    آسماني پريون هِن مان سنان ڪن ٿيون يا نه، پر اڃان به ائين چئجي ته سنڌو درياءِ سمجهه ۽ ڏاهپ جو درسگاه آهي. هن جي ڪنارن کي ڇهڻ سان، انسان ۾ راڳ رنگ، ڪلا ۽ رقص جون ڪيفيتون پيدا ٿين ٿيون. هنجي اڳيان سڀ جُهڪي وڃن ٿا. هن جي پڪار، من جي جهروڪن ۾ جهاتي پائيندي حيرت ۾ وجهي ڇڏي ٿي. جنهنجي جي تلاش ۾ پوءِ انسان زمين تي هلندي اوچاين ڏانهن سفر ڪري ٿو ۽ خدائي ڳالهيون ڪري ٿو.
    تيرٿ ڳائڻ شروع ڪري ٿو ۽ سڀ حيرت ۽ راحت جي سرور ۾ گم ٿي وڃن ٿا.
    درياءَ، جي بي حساب موجن ۾
    جنون آهي جيئڻ ۽ مرڻ جو .
    بي حساب موجون،
    جن جو ڪو انت ڪونهي، ڪو خاتمو ڪونهي.
    بقا جو جوش ۽ حيات تسلسل جو گيت
    من ۾ پيهي وڃي ٿو.
    جاڳي پون ٿا، درياءَ جا طلسماتي ڪنارا
    جن کي هن پنهنجي ميرانجهڙي پاڻي سان
    پنهنجن پرشور گيتن سان قيد، ڪري ڇڏيو آهي.
    هوا ۾ جوش آهي.
    هوش وڃايل موج، ڪناري جي چپن کي چمي ٿي ته،
    قدرت پنهنجي سخاوت سان، هنن جي قدمن ۾ اچي پوي ٿي.
    ڇرڪ ڀري اُٿندڙ خواب، هڪ دم پنهنجا نشان مٽائي موٽڻ چاهن ٿا.
    پَر واريءَ جي ذرن، انهن جي خوابن کي جڪڙي، بي وس ڪري ڇڏيو آهي.
    خوابن جون نازڪ ٻانهون، ديوانن جيان موج کي سڏن ٿيون.
    خوابن جي هستي، مستي کي مٽائڻ لاءِ واريءَ جي ذرن،
    پنهنجا هٿ قابو جهلي ورتا آهن.
    موج، پنهنجي سمنڊ سان ملڻ کان اڳ، ويراني جي ريت ۾ خاموش ٿي وڃي ٿي.
    جيڪا موج، ماڻهوءَ جي من کي شادابي ڏانهن موڙي.
    اڄ ويراني جي ريت ۾ خاموش آهي.
    انساني نظرن کان اوجهل ٿيندڙ، مسرت.
    جنهن لاءِ هو وڙهيو هو تلوارن سان.
    اڄ پنهنجي ئي تلوار سان وڍيل آهي
    مون کا پڇو منهنجا دوستو ! ڪيترن زمانن کان
    پنهنجي من جي شادابي ۽ موج کان محروم
    پنهنجن ئي ريت جي ذرن هٿان وڃايل آهيان
    مان انسان.....!

    تيرٿ جو آواز ڳرو ڳرو ٿي وڃي ٿو ۽ ماحول مٿان عجيب گهري اداسي
    ڇانئجي وڃي ٿي.
    ڏور اُٺن جي ڪافلي مان ڪنهن جو سڏ اچي ٿو.
    تيرٿ گاڏي کي بيهاري سڏ کي ڌيان سان ُٻڌڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
    ڪجهه سمجهه ۾ نه اچڻ ڪري هو گاڏي مان لهي اوٺن کي پاڻ ڏانهن سڏي ٿو.
    تيرٿ چئني پاسي نهاريو، پري پري تائين ويراني ڇانيل آهي. گذريل هفتي جي بارش ڪري زمين ڪجهه سخت ٿي وئي هئي، وارياسي ٻوڙن جو رنگ اڃان هلڪو سائو هو. زمين ۾ اڃان ريج هئڻ ڪري ڪٿي ڪٿي ڪنهن وڻ تي ڪي گل ٽڙيل هئا. اٺن جي چڙن جا آواز ويجهو ٿيندا پئي ويا. ٽي اُٺ قطار ۾ پئي آيا، جن کي ٻه ماڻهو هڪلي رهيا هئا. اڳئين ماڻهو جنهن وٽ، اٺن جون مَهارون هيون، وڏي عمر جو لڳو ٿي. باقي هڪ وچولي عمر جو لڳو ٿي، جيڪو اٺ تي ويٺل هو.
    اٺ تي ويٺل همراه جي حالت مان لڳي رهيو هو، ته هن سان ڪو مسئلو آهي. جو هن جي اُٺ جي مهار هنجي هٿ ۾ڪانه هئي، ۽ ڪنڌ به هيٺاهين طرف لڙيل هوس، ويجهو ايندي ئي وڏي عمر جي ماڻهوءَ سلام ڪيو ۽ تيرٿ کان ڪجهه قدم پوئتي ٿي بيٺو.
    سائين! “منهنجي ڇوڪري کي ڪالهه کان تپ آهي، هاڻي ته هلي به نه ٿو سگهي. تلسي جي خشڪ پتن جو به واس ڏنو اٿمانس، پر فرق ڪونهي. هو پنهنجي ڀاءُ سڌارٿ کي ياد ڪري اوچتو رڙيون ڪري ٿو. مونکان هن جي حالت ڏٺي نه ٿي ٿئي. مون کي هن جو ڏک کائي ويو آهي. مون توهان کي ايندو ڏٺو ته سمجهيم توهان مان متان ڪو ڊاڪٽر هجي. شهر اڃان گهڻو پري آهي ۽ هن جي حالت خراب ٿيندي پئي وڃي.”
    پوڙهي جي چهري مان بيوسي ۽ ڪرب جي ڪيفيت ظاهر هئي. هن جي زبان تي سوين لفظ چوڻ لاءِ آيا پئي وري ٻڏي ٿي ويا.
    “توهانجو نالو ڇاآهي”؟ تيرٿ پوڙهي کان پڇيو.
    “هري شنڪر. هي منهنجو پٽ ڪاليداس آهي. اسين ڏور رام نگرکان هليا آهيون ۽ وڃڻو آهي امر ڪوٽ، هڪ شهر کان ٻئي شهر اسان پنهنجو ڪاروبار اُٺن ذريعي ڪندا آهيون. هن ڀيري اسان ڪنهن ڪاروبار جي سلسلي ۾ رام ننگر ڪو نه ويا هئاسين، اسان ته سڌارٿ جي ارٿي کڻڻ ويا هئاسين، پر قسمت ڏسو اسان کي ته ان جي خاڪ به نه ملي. رام نگر کان موٽندي ڪاليداس کي سخت بخار ٿي پيو. هيءَ ڀاءُ جي ڏک ۾ ورتل آهي ۽ مسلسل ڀاءُ کي ياد ڪري روئيندو رهي ٿو. هري شنڪر گهڙيءَ لاءِ خاموش ٿي ويو.”
    تيرٿ ، ڪاليداس جي ويجهو وڃي کيس هٿ پڪڙي ٿو.
    هنجو جسم ته ٻَري رهيو آهي. ڪاليداس کي ته سخت بخار آهي.
    تيرٿ ۽ فيروز، ڪاليداس کي سهارو ڏئي هيٺ لاٿو. زمين تي چادر وڇائي ڪاليداس کي سمهاريائين ۽ پاڻ سان گڏ جيڪي ضروري دوائيون کنيو هُيائون،اُهي هڪدم کيس کارايائونس. هن کي ڪجهه گهڙيون اکيون بند ڪري آرام جو چئي، تيرٿ هري شنڪر سان ڳالهائڻ لڳو. توهان اُلڪو نه ڪيو، ڪاليداس کي دوا پئاري آهي، ٺيڪ ٿي ويندو. هري جي اکين مان هلڪي خوشي ظاهر ٿي، پر غم جي ڪيفيت ان کان ڏهوڻ تي وڌيڪ هئي. چارئي دوست هري سان گڏ پٽ تي ويهي رهيا.
    رام نگر، امرڪوٽ کان ڪيترو پري آهي؟ شهه مريد هري کان پڇيو.
    “هڪ ڏينهن جي پنڌ تي. رام نگر، وارو پورو رستو واري، دڙ ۽ پٿريلو آهي. شهر ڏانهن سفر لاءِ ڪچو رستو به آهي، ته پڪو به، ريل جي اسٽيشن به آهي. ندين جو وهڪرو هِن طرف آهي، هُن پاسي درياءِ جو ڪنارو آهي. هاڻي ته آبادي به گهڻي ٿي وئي آهي. ڳوٺ به جام ٿي ويا آهن. رام نگر طرف ويندڙ ڪچا رستا سڀ هڪ جهڙا آهن. سونهان ماڻهو پنهنجي ڄاڻ جي بنياد تي رستي جي چونڊ ڪري سفر ڪن ٿا. هتي سفر درياءَ جي لهر جيان آهي، نظر کان اوجهل به ظاهر به، مسافرن لاءِ رات جو سفر غير محفوظ آهي. هتي سج ماڻهو کي آٿٿ ڪو نه ڏئي. بلڪ سفر جو حساب وٺي. هتي صدين کان ائين ٿيندو پيو اچي.”
    ڪاليداس ڪهڙو ڪم ڪندو آهي؟ شهه مريد، هري کان پڇيو.
    “مونسان گڏ اُٺن تي سفر ڪري. اسين ٻج، مثاله، اُٺن تي کڻي هڪ شهر کان ٻئي شهر وڪڻڻ لاءِ ويندا آهيون. هن پنهنجو ٻالڪپڻ هن ڪم ۾ گذاري ڇڏيو. هن جو ڀاءُ سڌارٿ به هن سان گڏ ڪم ڪندو هو. دنيا کي تياڳڻ کان اڳ، هو به هنن ڏکين رستن ۾ اسان سان گڏ هوندو هو.”
    سڌارٿ، کي ڇا ٿيو هو؟ تيرٿ هري کان سوال ڪيو.
    هري ڪجهه گهڙيون ائين گم ٿي ويو، ڄڻ جسم ۾ ساه نه هجيس.
    هري، هٻڪي هٻڪي ڳالهائڻ شروع ڪيو.
    “منهنجا ٻئي ڇوڪرا، سڌارٿ ۽ ڪاليداس جڏهن جوان ٿيا، ته مون سمجهيو هاڻي مان شانتي سان جيِ ۽ مَري سگهندس. مون هنن کي زندگي جا سمورا روپ ڏيکاريا. خوشي ۽ غم ۾ رهڻ سيکاريو. هنن کي سيکاريو، ته عظمت ۽ بلندي طاقت ذريعي حاصل نه ٿيندي آهي. پر همت، جرئت ۽ سمجهه جي ذريعي حاصل ٿيندي آهي. هنن خود به زندگي جي تلخين کي قريب کان ڏٺو. اسان سک کي به قريب سان ڏٺو آهي ته ڏکن کي به جهيلو آهي.اسان کي ٻنهي جو مشاهدو آهي. اسان ان مشاهدي کان سکيا آهيون ته، اسان مسڪينن وٽ زندگي جي شادابي رڪجي رڪجي اچي ٿي. سڌارٿ وڏو ۽ سمجهه دار هجڻ ڪري هن زندگي کي نئين طرح سان ڏٺو. هن هر طرف نئين ۽ دک ڀري دنيا ڏٺي. هڪ ڀيري سڌارٿ شهر کان موٽيو، ته شديد غم ۽ ڏک ۾ گهيريل هو. منهنجي سامهون اچي بيٺو ۽ چوڻ لڳو، بابا! اڄ مون پنهنجي اکين اڳيان مصيبت زده ۽ ڪمزور شخص کي تڙپندي، مرندي ڏٺو. مون هن کي بچائڻ لاءِ رڙيون ڪيون، هن کي سهارو ڏنو، پر پوءِ هن منهنجي هٿن ۾ دم ڏنو. مونکي ائين لڳو، منهنجن هٿن ۾ ڪو جسم نه پر، هڏن جو ڍانچو هجي، جنهن جي جسم تي نه ماس هو نه ڪپڙو.....!”
    سڌارٿ مونکان نماڻائي مان سوال ڪيو. ته بابا هن دنيا ۾ ائين ڇو آهي؟
    “مون وٽ اُن جو ڪو جواب ڪونه هو” هري ڏک مان وراڻيو.
    ان ڏينهن کانپوءِ هو گم سم رهڻ لڳو. مون هنجي خاموشيءَ کي محسوس ڪيو. هن جي ڪم ۾ عدم دلچسپي وڌندي وئي. رات جو گهڻي دير تائين جاڳندو رهندو هو. هڪ ڏينهن سڌارت کان مون پڇيو، “تنهنجو ڪنهن به ڪم ۾ ڪو ڌيان ڪونهي، توکي ڪا تڪليف آهي؟” هن مونکي چيو، “بابا مان پنهنجي اندر ۾ بي چين آهيان. هڪ آواز مون کي بيچين ڪري ۽ مون کان پڇي ٿو.
    سڌارت تون ڇو آهين، تنهنجو ڪارج ڇا هي؟
    ڇا هي ڏک سدا رهڻا آهن؟ مصيبت زده ماڻهوءَ جو درد ڪهڙو آهي؟
    بابا مونکي اجازت ڏيو، مان ڄاڻڻ چاهيان ٿو ته مان ڪير آهيان، منهنجي حقيقت ڪهڙي آهي؟”
    مان حيرت مان انهن آوازن کي ُٻڌان ٿو، مان ان راز کي ڄاڻڻ چاهيان ٿو.
    بابا مونکي اجازت ڏيو ته مان هن دنيا کي نئين طرح سان ڏسان،
    مان پاڻ کي تلاش ڪيان.
    “تنهنجو من مالبرداري واري ڪم کان بيزار ٿي ويو آهي.” مون کيس پڇيو.
    “بابا واقعي به هاڻ منهنجو ڪنهن به ڪم ۾ دل نه ٿو لڳي.”
    “سڌارٿ جي دل ۾ جيئن پوءِ تيئن هڪ اندروني خاموشي شامل ٿيندي وئي. ڪو خيال هو جيڪو هن کي ستائي رهيو هو. هڪ پتا جو من ڀلا ڪيئن چاهيندو ته هو پنهنجي اولاد کي اڪيلو هن بي رحم دنيا ۾ ڇڏي. هجومن جي دنيا ۾ اچڻ لاءِ جهيڙڻ جو هنر ته لازمي آهي. ان کانسواءِ جيئڻ محال ۽ مشڪل آهي، اهو هنر ته مون هنن کي اڃان سيکاريو ئي نه هو. مون دنيا ڏٺي آهي، هتي بي رحمي جي ڪا حد ڪانهي. هتي سچائي، غيرت ۽ حيا شرم جي ڪا گنجائش ڪانهي. مان پنهنجن تجربن جي بنياد تي هنن کي اها ڳالهه سمجهائيندو رهندو آهيان. پر سڌارٿ گهر کي تياڳي، پنهنجي لاءِ نئين رستي جي تلاش ۾ نڪرڻ لاءِ اتاولو هو. گهر تياڳڻ جو مطلب اهو ٿيو ته توهانجي ارد گرد جيڪو ڪجهه آهي. بي معني آهي. سڌارٿ کي ان ڳالهه سان ڪا دلچسپي نه هئي، ته هن جو هڪ ڀاءِ ڪاليداس ۽ ننڍي ڀيڻ به آهي. هڪ رات جسم سان چادر ويڙهي نڪري ويو. مونکي خبر هئي ته هنجي من جي بيچيني هن کي آزاد ڏسڻ چاهي ٿي. هن جنهن رستي جي چونڊ ڪئي انتهائي ڪٺن آهي، هن پاڻ انجي چونڊ ڪئي. هي ڪا راند نه هئي.
    مون پاڻ کي مطمئن ڪرڻ لاءَ، پاڻ کي تسلي ڏيندي چيو، ڪهڙو حرج آهي دنيا کي نئين طرح سان ڏسڻ ۾، نوجوان آهي، دنيا کي ڏسي ۽ گهمي وٺي. اهو تجربو ممڪن آهي، هن جي زندگي ۾ هن لاءِ ڪا خوشي ۽ سمجهه آڻي ۽ جيڪو دک هن کي پريشان ڪري رهيو آهي، ان مان کيس نجات ملي. ان رات پورنم جو چنڊ پورو روشن هو. سڌارٿ اڪيلو ويٺو ڪجهه سوچي رهيو هو. منهنجي اٿڻ جو کڙڪو ُٻڌي سرڪي اچي منهنجي پيرن ۾ ويٺو، هن ڳالهائڻ شروع ڪيو، سچ پڇو، ته مان حيرت ۽ فخر سان هُن کي ٻڌندو رهيس.”
    هو پنهنجي مخصوص پيار ڀريي لهجي ۽ دل جي صداقت سان ڳالهائيندو ويو، “بابا سائين! مون پنهنجي مختصر حياتي ۾، اهو سکيو آهي، ته انسان دوزخ جي باهه کان خوف کائي جيترو ان کان پري رهڻ لاءِ جتن ڪري ٿو، سچ پچ زمين تي هو ايترو ان کي نزديڪ ٿيندو وڃي ٿو، ۽ وري جنت جهڙي انعام لاءِ به هو ائين ڪري ٿو. جنت جي تمنا محض روح جي تسلي واسطي آهي. مان اهڙي ماڻهوءَ کي ڇا چوان. جيڪو جنت ۾ داخل ٿيڻ لاءِ بکون ڪاٽي ٿو. پاڻ کي ڪشٽ ڏئي ٿو. محض جنت جي آرام ۽ سڪون لاءِ، اهو انسان جو ڪيڏو نه ڪمزور، خود غرض ۽ لالچ سان ڀريل خيال آهي. بلڪه اهو ذلت ڀريو خيال آهي، جنهن لاءِ هُن حقير رستا ٺاهيا آهن. قدرت پاران زندگي جو هڪ حصو، جيڪو انسان کي جيئڻ لاءِ هتي زمين تي مليو آهي، ان کي آزادي سان، بيداري سان، پيار ۽ محبت سان گذارڻ شايد هُن کي ڏکيو لڳي ٿو.
    بابا سائين! توهان ڏٺو هوندو، ته نديءَ هميشه کان پنهنجن ڪنارن کان ئي وهي ٿي. آزاد پنڇي هر صبح پنهنجي آزادي جو جشن ملهائن ٿا. گل هميشه بهار جو انتظار ڪن ٿا. منهنجو مطلب آهي قدرت، صبر ۽ ٺهراءُ سان اڳتي وڌي ٿي. انسان ۾ ڪمي اها آهي، ته هُن ۾ اها شيءِ ڪانهي. اسانجو هي وجود پنهنجي داخلي سمجهه سبب ڪونهي. هُنجي موجودگي، هن جي رواني، جسم، سڀ نفساني سرگرميون، احساسات، جو ڪجهه آهي هڪ تعلق ڪارڻ آهي.
    ماڻهو جيڪڏهن ايشور جي سهاري ۽ آسري آهي ته پوءَ انجو مطلب اهو آهي، ته انسان جون خاميون ۽ انجا گناهه انجي اختيار ۾ ناهن. هو پنهنجي اختيار ۾ ڪونهي، ته پوءِ هو زندگيءَ جي سوالن کي ڪيئن سوچي ۽ سمجهي سگهي ٿو؟
    ان ڪري پهرين ته انسان کي اقرار ڪرڻو پوندو، ته هو هڪ زندگي آهي. مڪمل آزاد، بااختيار، سوز ۽ سلوڪ وارو. جيڪو باقي زندگين جي تعلق ڪري آهي. هاري اَن اُپائي ٿو، اسين سڀ کائون ٿا. پورهيت ڪپڙو اُڻي ٿو، اسين پهريون ٿا، درسگاهون هن کي علم ذريعي گهڙي ٺاهي انسان بڻائن ٿيون، ۽ محبت واريون دليون هن جي خيالن ۾ شاعريءَ جو رس ڀرين ٿيون. هو پنهنجي سمجهه سبب سڀ ڪجهه ڪونهي. هن کي پنهنجي پيرين هلڻو پوندو، پنهنجي آگاهي سهاري، مڪمل آزادي، يعني هن جو پنهنجو اندر خالي ٿيڻ کانپوءِ . هن جي زندگي جو اهم سفر شروع ٿئي ٿو. جيستائين انسان جو پنهنجو اندر خالي نه ٿو ٿئي، تيستائين هن لاءِ آگاهي ناممڪن ٿي هجي. انسان کي آزاد ٿيئڻو پوندو، تڏهن ئي هن کي پنهنجون خاميون ۽ خوبيون نظر اينديون. خدا هيءِ دنيا چڱائي واسطي جوڙي آهي، جنهن جو اسان وٽ قدر هئڻ گهرجي. فقط اهو ئي رستو آهي. جيڪو لڙڪن مان ٿيندو، گهري ۽ پيار ڀري مسڪراهٽ ڏانهن وڃي ٿو.”
    سڌارٿ ڳالهائيندو ويو، مان کيس ڪنهن چيلي وانگر هن کي غور سان ٻڌي رهيو هئس. هن ڪجهه دير کانپوءِ وري ڳالهايو، “بابا سائين! قدرت جا قانون پيچيده آهن پر مشڪل ناهن. انسان، جنهن ُمشڪل کي منهن ڏئي رهيو آهي،انجو سبب قدرت ڪانهي پر هنجي پنهنجي لالچ ۽ طاقت جي ڪري آهي. انساني زندگيءَ جي هن پهلوءَ کي ضرورت آهي، اهڙن ماڻهن جي جيڪي انسان جي ان ڪمزوري کي ختم ڪن.
    بابا سائين! مان سفر ڪرڻ چاهيان ٿو، ته جيئن ماڻهن کي ٻڌائي سگهان، ته ڌرم، نسل ۽ رنگ کان اڳتي به حياتي آهي ۽ حل ڪرڻ لاءِ انيڪ سوال آهن. جيڪي هڪ ٻئي سان هم آهنگ ۽ جُڙيل آهن. مان پنهنجي من کي هر قسم جي ارادن ۽ خواهشن کان خالي ڪري دنيا ۾ داخل ٿيڻ ٿو چاهيان ۽ پنهنجون راهون پاڻ تلاش ڪرڻ چاهيان ٿو.”
    سڌارٿ ڳالهائيندي ڳالهائيندي خاموش ٿي وڃي ٿو. منهنجون اکيون هن جي ڳالهين ڪري نم ٿي وڃن ٿيون. مونکي بحث ڪرڻ نه ايندو آهي، پر پنهنجي سمجهه آهر مون ڄاتو ٿي، ته سڌارٿ ابدي سچائي بيان ڪري رهيو هو. هن کي هاڻي روڪي نٿو سگهجي. سڌارٿ زندگي جي جيڪا صورت منهنجي من ۾ چٽي، ان کانپوءَ هن متعلق منهنجا سمورا شڪ، گمان ۽ وهم ختم ٿي ويا.
    سڌارٿ اها پورنم واري پوري رات جاڳندو رهيو. صبح جو گهر ۾عجيب خاموشي ڇانيل هئي، هو موجود ڪونه هو.
    “سڌارٿ ڪاڏي ويو؟” شهه مريد هري کان پڇيو .
    “پوري سال کانپوءِ هن جو ڏس رام نگر شهر ۾ مليو. ان ڏينهن آسمان تي ڌنڌ ڇانيل هو. منهنجي چهري تي عجيب اداسي هئي. مونکي سڌارت جي ياد شدت سان اچي رهي هئي. مون ڪافي ڀيرا هن کي خواب ۾ ڏٺو. هن جي گلابي چهري جي مسڪراهٽ کي ڏسي منهنجا سمورا رنج غائب ٿي ويا هئا.
    مان ڪڏهن سوچيندو آهيان. “سڌارٿ هن زمين تي منهنجي لاءِ نه هو. هو ته خدا جي لاتعداد اسرارن مان هڪ هو. زمين تي هنجو مختصر قيام ڪنهن رتبي حاصل ڪرڻ لاءِ نه هو. هن سرمستي واري زندگي گذاري. قدرت سان هم ڪلام ٿيو. ان کان آگاهي حاصل ڪئي. ان کي راڳ جي صورت ۾ ڳايو ۽ خاموشي ذريعي سمجهيو.
    سڌارٿ، راڳ ۽ آواز جو به ڄاڻو هو. هنجي آواز ۾درد هو. هن سفر دوران رياضي، منطق، ۽ اخلاقيات جو علم به حاصل ڪيو. سڌارٿ عبادت ڪنهن مندر يا مسجد ۾ نه ڪندو هو. هو نديءِ ۾ وهنجڻ کانپوءِ جنگل جي خاموش حصي جي ڪنهن گهاٽي وڻ هيٺان اکيون ٻوٽي ويهندو هو. هن جي عبادت ۾ڌيان هو. اڏام هئي ۽ زندگي هئي. هو نهايت فرمانبردار ۽ محبت ڪندڙ هو. ٿورو کائيندڙ، ٿورو ڳالهائيندڙ، عورتن جي عزت ڪندڙ، عيش و عشرت کان پري رهندڙ ايستائين جو ڪمزور جي حق ۾هو طاقتور سان اَٽڪي به پوندو هو. هن جي مزاج ۾ بغاوت هئي. هن هميشه سماج کان بغات ڪئي.
    رام نگر سنڌو درياءَ جي مٿئين وهڪري جي ڪناري آباد شهر آهي. هن شهر مٿان ديوتائن جي خاص مهرباني آهي. هتي سارين جو شاندار فصل ٿئي ٿو. ان جي خوشبو فضائن کي مَهڪائي ڇڏي ٿي. هن شهر جا ماڻهو شاعري ڪن. پڪا گهر اڏين. واپار ڪن ۽ ڳالهه ڳالهه تي هڪٻئي کي مارڻ لاءِ به تيار رهن ٿا. مونکي رام نگر جي ڪنهن ماڻهو ٻڌايو ته هڪ شام، سڌارٿ ڪن ڌرمي ويچارن بابت شهر جي ماڻهن سان اندر اوريو. جنهن ۾ هن ماڻهن سان ڌرم، سياست، ادب جي پراڻن ۽ نئين نظرين تي پڻ تفصيلي ڳالهايو. سڌارٿ ُپرسڪون لهجي ۾ کين چيو، ته ڌرم جو احساس رياست اندر موجود طاقتور طبقي کي سهارو ڏئي ٿو. هنن جا مفاد گڏجي وڃن ٿا، جڏهن ماڻهن جي آزادي ۽ خوشحالي جي ڳالهه ٿئي ٿي. مذهب دراصل زندگي گذارڻ جو علم آهي. انڌو عقيدو ناهي. مذهب جي سوال کان وڌيڪ آزادي جو سوال اهم آهي. جنهن کي مذهب جي نالي تي دٻايو ويو آهي. مذهب، بي حساب ذاتي ملڪيت رکڻ جو حق ڏئي، عوام کان حڪمراني جو حق کسي ٿو. زمين جي طاقت جي آڌار تي بي رحم مالدار، نسل در نسل حڪمران ٿين ٿا. تهذيبن جي ترقي لاءِ هاڻي علم جا در کولڻا پوندا. مولوين ۽ پنڊتن، خدا کي علم جي خلاف بيهاريو آهي. خدا ته هر وقت اسانجي اردگرد علم جي صورت ۾، پاڪ صاف شبدن جي صورت ۾، پورهيت جي هنر ۽ اعليٰ عمل ۾ موجود آهي. مزدور جا هٿ ئي ته خدا جي شاعري آهن. هاريءَ جو اوجاڳو ئي ته خدا جو حُسن آهي. خدا کي ان سياسي نظام ۾به ڏسي سگهجي ٿو، جنهن ۾ طبقا ختم ڪري زمين کي سڀ جي ملڪيت قرار ڏنو وڃي ٿو. خدا کي ڏسڻ لاءِ ته صرف احساس گهرجي.”
    ان شام شهر جي امير زادن ۽ فرقي پرستن گڏجي سڌارٿ کي دهريو ۽ ملحد قرار ڏنو. مذهب ۽ روايتن جي انڪاري جي فتويٰ ڏئي ُملن ۽ ُمفتين هُن کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ جو طئي ڪيو. هنن هڪ هجوم جي صورت ۾سڌارٿ کي پهرين پٿر هنيا. پوءِ هنن تشدد ڪري شهر جي چوراهي تي هُن جي جسم کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. اهو ڪيڏو نه ظلم آهي. زنده انسان کي ساڙڻ ڪا معمولي ڳالهه ته ڪانهي. انسان ته پنهنجي جسم تي ننڍڙي خراش به برداش ناهي ڪري سگهندو، هُنن منهنجي پٽ کي جئيري باهه ۾ جلائي ڇڏيو.
    سڌارٿ ڪيڏو نه تڙپيو هوندو. رام جڏهن، سيتا جي اگني پرڪشا جو اعلان ڪيو هو، ته رام نگر مٿان گهري ڌنڌ ڇانئجي وئي هئي، ۽ هاڻ به رام نگر مٿان ٽي ڏينهن گهيري ڌنڌ ڇانيل رهي، ائين جيئن ڪو شهر گُهپ اوندهه ۾ ٻڏي ويو هجي. هري، جي ڏک جو اندازو هن جي نيڻن مان وهندڙ لڙڪن مان لڳائي سگهجي پيو. لڙڪ هن جي قابو ۾ نه هئا. هري وري ڳالهائڻ شروع ڪيو، “مون سڌارٿ کي سمجهايو هو ته ماڻهو انڌا آهن. مرده روح آهن. انڌهياري راتين جي پوڄا ڪرڻ وارا آهن. هو پرکن کان غلام رهيا آهن. اهي تنهنجي آواز کي نه سمجهي سگهندا نه ٻڌي سگهندا. هنن وٽ سمجهه کان وڌيڪ مايا جي اهميت آهي. هي علم کي تماشو سمجهن ٿا.” هري، جي اندر کي ڪا شيءَ ڄڻ سخت تڪليف پهچائي رهي هئي. هن پنهنجو پٽ وڃايو هو. جنهن سان هن جي تمام وڏي محبت هئي.
    سنگهار، آهستي اٿيو هري جي ڪلهي تي هٿ رکندي چيائين، “هر شخص سڌارٿ نه ٿو ٿي سگهي، هو خاص هو سڀ ۾ خاص. هن جو جنم وري لازم ٿيئڻو آهي، ڇو ته دنيا ۾ اڃان ڏک ۽ ظلم موجود آهي.”
    ڪاليداس اڃان ستو پيو هو، هن کي ننڊ اچي وئي هئي.
    هري، شديد ڏک ۾ پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون هيون.
    “هر وڏو آدرش ۽ هر وڏو انسان ائين ماريو ويندو آهي.” سنگهار، هري کي آٿٿ ڏيندي چوي ٿو. “اسين تو لاءِ اجنبي ضرور آهيون، پر دنيا ۾ ڪجهه رشتا روح جا هوندا آهن. جيڪي ئي لازوال هجن ٿا. سڌارٿ جي ڏک توکي ضرور ڪمزور ۽ بي حد ڏکارو ڪيو آهي. اسين به سڌارٿ جي واقعي ڪري سخت تڪليف ۽ ڏک ۾ گهيريل آهيون. ان ڏک ۽ ڪاوڙ جي باوجود اسانکي تنهائي ۽ اڪيلائپ مان پاڻ کي ٻاهر ڪڍڻو آهي. ڇاڪاڻ ته ڏک ذهني اخلاقي ڪمزورين کي به جنم ڏئي ٿو. آزادي ماڻهن ۾رهي ڪري ئي حاصل ڪري سگهجي ٿي. سڌارٿ جي زندگيءَ جو به اهو ئي مقصد ۽ اهو ئي خواب هو.”
    ڪاليداس جاڳي پوي ٿو.
    ڪيئن آهي طبيعت.....؟ تيرٿ، ڪاليداس کان ُپڇي ٿو.
    “مونکي ڪجهه گهڙين لاءِ گهري ننڊ اچي وئي” ڪاليداس وراڻيو. ڪيترن ڏينهن کانپوءِ مان اڄ سمهي سگهيو آهيان ۽ بخار به گهٽيو آهي. مان اُٿي هلڻ چاهيان ٿو.” ڪاليداس اُٿي بيهي ٿو تيرٿ ۽ سهارو ڏيس ٿو. تيرٿ، ڪاليداس سان پنهنجو ۽ پنهنجي دوستن جو تعارف ڪرائي ٿو.
    تيرٿ کان ُپڇي ٿو، “توهان ڪيڏاهن ٿا وڃو”؟ ڪاليداس، تيرٿ کان ُپڇي ٿو،
    “اسين پنهنجي دوست نذير جي شهر اگهم ڪوٽ پيا وڃون، جنهن کي بغاوت جي ڏوه ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي” تيرث وراڻيو
    “بغاوت ڪو ايڏو وڏو جرم آهي ڇا”؟ ڪاليداس سوال ڪيو
    منهنجا دوست! “اهو جرم نه، پر عشق آهي. بي انتها محبت جو نالو، بغاوت آهي. جيڪي ماڻهو جيءَ جان سان پنهنجي زمين سان پيار ڪندا آهن اُهي باغي هوندا آهن. هنن وٽ ڌرتي جي حفاظت جو اُتم مقصد هجي ٿو. پنهنجي جان کان به وڌيڪ، باغي، موت سان وڙهندي نه ٿڪجن ٿا، نه جهڪن ٿا. بلڪه موت هنن اڳيان حقير ۽ معمولي هجي ٿو.”
    “نذير ڪنهن جي خلاف بغاوت ڪئي آهي؟” ڪاليداس سوال ڪيو
    تيرٿ، “طاقت ۽ استحصال خلاف. جنهن کي بدبخت حڪمران هميشه جاري رکڻ چاهن ٿا. نذير جو خيال آهي، ته سنڌ جي ترقي ۽ آزادي آڏو موجوده طبقاتي نظام وڏي رڪاوٽ آهي. سنڌ پنهنجي سڀيتا ۾ سدا آزاد ۽ خوشحال رهي آهي. انگريزن جي اچڻ کانپوءِ سنڌ جي زمين انعام ۾ جاگيردارن جي حوالي ڪئي وئي، جن وڏي پئماني تي ڦرلٽ ڪري سنڌ مٿان پنهنجي سياسي ، معاشي ۽ انتظامي جڪڙ مضبوط ڪئي. جڏهن ته محنت ڪش هاري، پورهيت پورو پورو ڏينهن محنت ڪرڻ جي باوجود زندگيءَ جي بنيادي ضرورتن کان محروم آهي. دنيا ۾ سياسي انقلابي پروگرام ۽ نظريه اچڻ کان اڳ استحصال جي سمورين شڪلين کي خدائي فيصلو چئي، حڪمران، پنڊت ۽ مولوي ماڻهن کي خاموش رهڻ جو چوندا هئا. غربت کي ماڻهوءَ جو مقدر سمجهي ماڻهن کي مرڻ تي مجبور ڪيو ويندو هو. نذير استحصال جي انهن سمورن طريقن ۽ طاقتن خلاف بغاوت ڪئي. هن ماڻهن کي سياسي آزادي جو پروگرام ڏنو. اُن آڌار ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر سفر ڪيو. هن عوام کي سجاڳ ڪيو ۽ جاڳايو ته زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ جو ڪجهه به آهي، اهو توهانجو آهي. جنهن تي غاصب حڪمرانن قبضو ڪيو آهي. اٿو ۽ خدا جي زمين تي برابري وارو نظام قائم ڪيو.”
    تيرٿ ڪجهه گهڙين لاءِ خاموش ٿي وڃي ٿو.
    خوبصورت نيرڳي پکين جو قافلو ٽيڙي قطار ۾ هُنن جي مٿان سريلا آواز ڪندو گذري وڃي ٿو. پري ڪي بادل وسڻ جا ويس پيا ڪن. رکي رکي ٿڌي هوا جو جهوٽو اگهم ڪوٽ کان پئي آيو. پري کان جهنگلي تترن جي ٻولڻ جا آواز ٻڌڻ ۾پئي آيا، جن جي صدائن ۾ ساوڻ جي اچڻ جي خوشي به هئي ته سوڪهڙي جو درد به هو. جهنگلي ٻوڙن جي اوٽ مان ُمور جا ٽهوڪا ٿي ُٻريا. هُن محسوس ڪيو ٿي ته اسين گول دائري ۾ ويٺا هُن ڏانهن ڏسي رهيا آهيون. هن جا رنگين پَر اُس ۾ چمڪي رهيا هئا. هنجي پَرن جي چمڪ پوري فضا کي مسرور ڪري ڇڏيو هو.
    ڪاليداس جي من ۾ انيڪ سوال هئا. جن تي هو تيرٿ سان بحث ڪرڻ کانئس سِکڻ ۽ سمجهڻ چاهي پيو. هو پنهنجي ڀاءُ سڌارٿ جو روپ هنن ۾ ڏسي رهيوهو. هُن کي تيرٿ جي روپ ۾ ڄڻ ته آٿٿ ڏيندڙ، پيار ڪندڙ ۽ سمجهائيندڙ سڌارٿ مليو هو. هُن پنهنجي ڀاءُ سڌارٿ جي غير موجودگي ۾ پاڻ کي شديد اڪيلو ۽ خوفزده ٿي ڀانيو. هنن دوستن، هُن کي جيئڻ جو اتساه ڏنو. زندگي کي نئين طرح سان ڏسڻ جي روشني ڏني. هن جي من ۾آيو، ته هو تيرٿ ۽ سندس دوستن کان زمين جي علم، مذهب ۽ سماج جي باري ۾ سوال ڪري ۽ ڪنهن نتيجي تي پهچڻ جي ڪوشش ڪري. پنهنجي ڀاءُ جي واقعي کانپوءِ هن کي موجوده سماج کان سخت نفرت ٿي وئي هئي. هن شاعري ڪري پنهنجي من کي بهلائڻ گهريو ٿي. پر سڌارٿ جي شهادت کانپوءِ هن کي ڄڻ سڀ ڪجهه فضول ۽ بي معني لڳو ٿي. هن کي بارش جون بوندون جسم ۾ تيرن جيان لڳيون ٿي. قدرت جا رنگ، بي رنگ لڳا ٿي. خدا جي دنيا ۾ ڪيڏو ظلم۽ ڪيڏي نفرت آهي. اُهي سوال، هُن کي دنيا تياڳڻ ۽ خودڪشي ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري رهيا هئا، هنن دوستن جي ملاقات هن لاءِ زندگي جي ابدي روشني بڻجي آئي هئي، جيڪا وهندڙ نديءَ جيان پرشور، تروتازه ۽ مهڪندڙ هوا جي جهونڪي جيان هئي.
    ڪاليداس، تيرٿ کان اهي سمورا سوال ڪري ٿو، جيڪي هُن جي من ۾ اُٿل ُپٿل پيدا ڪري رهيا هئا. تيرٿ، ڪاليداس ڏانهن مسڪرائي ڏسندي چيو، منهنجا دوست! “هنن سمورن سوالن کان اڳ اسين نظريي جي اهميت تي ڳالهايون، ته جيئن توکي بنيادي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وڃي.”
    “خيال، نظريا ۽ عقيده انسان جي دماغ اندر، نه ڪڏهن خود پيدا ٿين ٿا، نه وري آسمان مان لهن ٿا. تيرٿ، ڳالهائڻ شروع ڪري ٿو. دراصل اسانجي اردگرد جي حالات زندگي، جنهن ۾ قدرت جو نظام، جيئن زمين، درياءَ، سمنڊ، هارپو، جانورن جي پالنا ۽ موسمن جي تبديلي ۽ اُهي اوزار جن کي پوءِ انسان ايجاد ڪيو. انهن جي سهاري ۽ انهن جي استعمال سان انسان سماج اندر هڪ قسم جي تبديلي کي ڏسندي محسوس ڪيو. ان ڪيفيت، جنهن پوءِ نظرين کي جنم ڏنو. عام طور چيو ويندو آهي، ته شاعر لکي ٿو. ائين ڪرڻ لاءِ هو جذبي ۽ پنهنجن احساسن کان مجبور هوندوآهي، پر هن خيال کان ٿورو اڳتي شاعر هڪ وجود به آهي، گهڙيل ٺهيل هڪ جسم، جيڪو سماج ۾ رهي ٿو، جنهن کي کائڻ لاءِ اَن ۽ پائڻ لاءِ ڪپڙو کپي ٿو. زندگيءَ کي جيڪڏهن ان پسمنظر ۾ ڏسون ۽ شاعر کي اهي بنيادي شيون ميسر نه هجن ته ڇا ٿيندو؟ يقينن شاعر لاءِ زندگي بوجهه ۽ هڪ عذاب بڻجي ويندي.
    اهڙي حالت ۾ ڏسجي، ته شاعر جي شاعريءَ واسطي مکيه جزو آهي، انجي ارد گرد جي دنيا. هيءَ زمين، انجي آزادي ۽ انهن جو هڪٻئي سان تعلق، جيڪو هن کي پاڻ متعلق پنهنجي جسماني واڌ ويجهه لاءِ خوراڪ، ڪپڙو، گهر ۽ سندس شاعريءَ متعلق خيال ڏئي ٿو. انسان جي محرومي، غربت، ظلمت، جيڪا رياست قائم ڪري ٿي، ان متعلق شاعر کي سوچڻ جي صلاحيت به ان دنيا مان ملي ٿي، جنهن ۾ هو خود رهي ٿو. ان حوالي سان انسان اول متاثر ٿئي ٿو پنهنجي ارد گرد واري زندگيءَ کان، اهڙي سماج کان، جيڪو پنهنجي اوچ نيچ ڪارڻ ماڻهن جي گهڻائي کي زندگي جي مسرتن کان محروم ڪري ٿو. اهڙي ريت پوءِ انسانن جي هڪ گهڻائي، طبقاتي نظام خلاف مزاحمت لاءِ تيار ٿي وڃي ٿي. جنهن کي وري نظريا معنيٰ خيز بڻائن ٿا.”
    “انساني سماج ڇا آهي”؟ ڪاليداس ڪجهه سوچيندي تيرٿ کان پڇيو،
    تيرٿ، وراڻيو، “سماج، دراصل مختلف طبقن ۽ انهن جي وچ ۾ باهمي تعلق جو نالو آهي. هي رشتا ۽ طبقا انسان جي مجموعي زندگي مان پيدا ٿيندا، ٺهندا ۽ ڊهندا آهن. مثلن، خيال کي پيش ڪرڻ جو تعلق فلسفينا آهي ۽ مذهب جو تعلق عقيدي سان. اُهي عڪس آهن، جن مان انسان جي تعمير ٿئي ٿي. انهن خيالن ۽ نظرين جي مدد سان انسان پنهنجي معاشريءَ ۽ سماج کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، انجو علم حاصل ڪري ٿو ۽ ان کي عمل ۾ آڻي ٿو، شاعري ڪري ٿو، پنهنجا ويچار فلسفي جي صورت ۾ پيش ڪري ٿو ۽ انهن نظرين آڌار رياستون به وجود ۾ اچن ٿيون. هاڻي جهڙي شڪل ۽ صورت طبقن جي هوندي، اهڙي ئي قسم جا خيالات ۽ عقيده هوندا. سماج جي رهڻي ڪهڻي به انهن طبقن جي آڌار هجي ٿي. قديم قبائلي سماج جا عقيده ۽ غلامانه دور جا نظريه، جاگيردارانه سماج جا نظريه، جديد سرمائيدارانه دور جا نظريه ۽ اشتراڪي نظام جا تصور. ماڻهن جي مختلف حالات زندگيءَ ۽ پنهنجي طبقاتي بيهڪ ڪري مختلف آهن. جڏهن سماج ۾ تبديلي رونما ٿئي ٿي ته تڏهن، ماڻهن جي حالات زندگي ۾ تبديل رونما ٿئي ٿي. جيئن ڏاٽي هٿوڙي ڦيٿي جي ايجاد دنيا ۾، نون اوزارن جي سگهه ۽ صلاحيت پيدا ڪئي. جنهن سان سرمائيداري کي عروج مليو، سرمائيداري کي عروج ملڻ سان انسان ۾ سياسي سماجي ثقافتي ۽ ذهني ترقي ٿي، انسان قديم غلامانه جاگيردارانه سماج مان آزاد ٿي سگهيو، جنهن سان سماج اندر نوان طبقا وجود ۾ آيا.”
    تيرٿ ڪجهه گهڙين لاءِ خاموش ٿي وڃي ٿو. هن وري ڳالهائڻ شروع ڪيو، “تاريخ ۾ اوزارن جي تبديل ٿيڻ سان، جيڪي سماج قائم ٿيا، تن ۾ اهم ڪردار ته پورهيتن جو هو. جن سماج کي اوزارن جي استعمال سان نئين شڪل ڏني. ان سان صاف ظاهر آهي، ته سماج ۾ تبديلي جي اهم ترين قوت به محنت ڪش طبقو آهي، جنهن جي پيداوار، هنر، تجربي ۽ نئين اوزارن جي ايجاد ۽ استعمال ڪرڻ جي صلاحيت سبب، سماج اندر تبديليون رونما ٿيون ۽ انسان جو مرحليوار بلندي طرف ارتقا ٿي. ان ڪري اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي، ته تاريخي ارتقا حقيقت ۾ فوجي جنرلن، جاگيردارن، نوابن، بادشاهن ۽ سرمائيدارن جي ڪري نه، بلڪه محنت ڪش انسانن جي اجتماعي محنت ۽ صلاحيت جو نتيجو آهي.
    ڇا اهو خيال درست آهي ته هڪ پورهيت پوري حياتي، پورهيت ئي رهي ۽ هڪ سرمائيدار پوري حياتي سرمائيدار ۽ دولت مند ٿي رهي ۽ پوري حياتي پورهيت جي محنت تي امير کان امير تر ٿيندو وڃي! جيئن مسيح يا اسلامي اصلاح پسند چون ٿا، ته دراصل ملڪيت ۽ رياست خدا جو انعام آهي، ته آخر اهو انعام بغير محنت جي ان طبقي کي ڪيئن حاصل ٿيو؟ جڏهن ته دين اسلام ۾ ته پورهيت کي خدا پنهنجو دوست سمجهي ٿو. دراصل هتي مفادن جو معاملو اچي وڃي ٿو. ملڪيت جو مفاد دراصل رياست کي جنم ڏئي ٿو. طبقاتي رياستون ئي ملڪيت ۽ طبقن جي فرق کي متعن ڪن ٿيون. معلوم ٿئي ٿو، ته ان رياست ۾ پورهيت وٽ ڪابه ملڪيت ڪانهي ۽ جو آهي ان تي ان جو ڪواختيار ڪونهي. سرمائيدار وٽ ملڪيت آهي، جنهن کي هي وڌائي ٻيڻي ڪري ٿو. جنهن جي حفاظت لاءِ هن فوج ۽ هٿيار گڏ ڪيا آهن. زمين ازل کان خدا جي ملڪيت آهي ته پوءِ پيداوار جي وسيلن، ڪارخانن، صنعتن ۽ زميني وسيلي جا مالڪ چند ماڻهو ڇو آهن؟
    انصاف جي تقاضا اها آهي، ته جيئن زمين ۽ انجا وسيلا ڪنهنجي ملڪيت ناهن، خدا جا آهن، ته انهن تي حق به ڪنهن فيوڊل ۽ سرمائيدار جو ٿي نٿو سگهي، اهي سڀ اجتمائي ملڪيت ٿيڻ کپن”
    “اهو ڪيئن ممڪن آهي”؟ ڪاليداس معصوميت مان پڇيو.
    هڪ لمحي پوري ماحول مٿان خاموشي ڇائنجي وئي. تيرٿ پنهنجي راءِ رکڻ کانسواءِ ڪاليداس کي چيو، “هن سوال جا هر ماڻهو وٽ پنهنجا جواب آهن،. مان تو ۾ ڪنهن به جوش ۽ جذبي کي پيدا ڪرڻ کانسواءِ چوان ٿو، ته تون پاڻ کان انهن سوالن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر. مان جيڪو چوان اهو تون ڇو ڪرين. پر جيڪو تون پاڻ سمجهي ڪندين ته اهو ئي درست هوندو. جڏهن تو پنهنجو تعلق پنهنجي زمين سان جوڙيو، ته تڏهن زندگي جو پورو نقشو توکي سمجهه ۾ اچي ويندو.
    انجي باوجود ڪجهه ڳالهيون توکي ُٻڌائڻ ضروري آهن. گذريل ڏهن سالن کان مون هر ماڻهوءَ کان اهو سوال ٻڌو آهي، ته توهان جيڪو چئو پيا، اهو ڪيئن ممڪن آهي؟ ڪڏهن ته مان خود حيران ٿي پاڻ کان ُپڇندو آهيان ته اهو ڪيئن ممڪن آهي؟ پر پوءِ مان پنهنجي يقين جي آڌار تي چوندو آهيان، ته اهو ممڪن آهي. اسانجي رويي ۽ سچي دل جي شرڪت سان.
    دنيا ڪيترن ئي تاريخي واقعن ۽ مثالن سان ڀري پئي آهي. اُن لاءِ ڪو وقت مقرر ڪونهي. مون کي فرانس جو انقلاب ياد آهي، ان کانپوءِ روس جو بالشويڪ انقلاب. اهي اعتبار ڪرڻ جهڙا تاريخي واقعا آهن، جيڪي عوام جي سچي دل جي شرڪت سان ممڪن ٿي سگهيا. انقلاب ته دراصل فرسوده نظام کان نجات جو نالو آهي، جنهن کان هن وقت اسين سڀ متاثر آهيون.”
    منهنجا دوست ڪاليداس! “تون ڪو عام ماڻهو ناهين. اسان مان هر ماڻهو خاص آهي. هر ماڻهو جا هٿ زندگي جي زمين تي گل به پوکين ٿا ته ڪنڊا به، تو پنهنجا هٿ کولي ڪڏهن غور سان ڏٺا آهن. تو انهن جي اهميت تي ڪڏهن غور ڪيو آهي. اهو عجيب ناهي، ته انهن هٿن، مندر جي مورتين کي گهڙي ٺاهي ماڻهن جي پوڄڻ لاءِ سجائي رکيو آهي. ماڻهو انهن مورتين ۾ پنهنجو نصيب تلاش ڪن ٿا. انهن مورتين کان پنهنجي جيون جي سفَلتا پنن ٿا. پر ان ماڻهن انهن پورهيت هٿن کي ڪڏهن به ناهي چميو، جن هن مٽيءَ کي پوڄڻ لائق بڻايو آهي. تنهنجا هٿ ته پوڄڻ لائق آهن. پر ائين ڪو نه ٿو ٿئي. هي سماج جهالت ۾ رهڻ جو عادي آهي. ان مان هنن هن کي ڪڍڻ لاءِ ڀڳوان بجاءِ انسان کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.”
    تيرٿ جي ڳالهين ڪري سمورن دوستن مٿان عجيب خاموشي طاري ٿي وئي هئي.
    ڪاليداس، حيرت مان سڀني کي ڏسي رهيو هو. هن پنهنجن هٿن کي غور سان ڏٺو. هن کي پنهنجن هٿن ۾ معمولي زخمن جا نشان نظر آيا. ان حقيقت کي ڄاڻيندي، ته هن جا هٿ زندگي اُڻين ٿا هنجون اکيون ڀرجي آيون، هن رڙيون ڪري روئڻ چاهيو پئي، ته جيئن وقت جي ڏکن جي بار کي حلقو ڪري سگهي. پر هو ائين ڪري نه سگهيو. هُن واري واري سان تيرٿ، شهه مريد، سنگهار ۽ فيروز جا هٿ چميا هُن پنهنجي بابا جا به هٿ چميا. هن کي ائين محسوس ٿيو، ائين ڄڻ هو خدا کي چمي رهيو هجي.
    فيروز، ڪاليداس جي ڀر ۾ اچي ويهي ٿو .
    “پنهنجي متعلق ڪجهه ٻڌاءِ” فيروز، ڪاليداس سان مخاطب ٿيندي چوي ٿو،
    فيروز کي محسوس ٿيو ته ڏکن جو هي ستايل نوجوان پاڻ کي ڪافي تنها محسوس ڪري رهيو هو. وقت جي تلخين هن کي بي جان پٿر ٺاهي ڇڏيو هو. فيروز جي ڪوشش هئي ته هو ڪجهه ڳالهائي.
    “مان سادو سودو انسان آهيان، ڪاليداس، هلڪي آواز ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو. جيڪو ورهايل آهي پنهنجي روح ۽ پنهنجي خيالن ۾. مان پاڻ کي ائين تلاش ڪندو رهان ٿو، جيئن صحرا ۾ اُڃايل هرڻ پاڻيءَ جي تلاش ڪري. هڪ ڀيري سخت بارش ٿي رهي هئي. مان زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ان بارش ۾ پورو هڪ ڪلاڪ بيٺو رهيس. جيترو وقت بيٺو رهيس، دنيا کان بي نياز ٿي بيٺس. بي نيازي ۾ ڪيڏي راحت هئي! مان ان جي تشريع ڪيئن ڪيان. مان ڪو ايڏو پڙهيو لکيو ناهيان، پر مان ايترو چئي سگهان ٿو ته. منهنجو من جيئن پوءِ تيئن غمن جي غبار کان هلڪو ٿيندو ۽ هر شيءَ کان خالي ٿيندو ويو. ان ڪيفيت ۾ مان سالن تائين بارش هيٺان بيهڻ ٿي چاهيو.
    جڏهن کان مان هن دنيا جي گهڻ چڪر جو حصو ٿيو آهيان، ان بارش لاءِ سِڪان ٿو. مون سوچيو، بي نيازي ۾ ڪيڏي راحت آهي، پر اڄ جڏهن توهان سان ملي توهان کي ڏٺو ۽ ٻڌو آهي، ته بي نيازي مان نڪري آيو آهيان. وقت جي باه ۾ جيڪو جسم جلي، سڙي رهيو هو. ان تي اڄ ڄڻ سمجهه، ڌيان ۽ عشق جي بارش پئي آهي.
    زندگي جا مون گذاري پئي، مون وٽ انجي ڪا معنيٰ ڪانه هئي، مونکي خبر نه هئي، ته منهنجي دنيا ڪهڙي آهي. مان ته زمين تي پيش جي تڏي وڇائي، گهري ننڍ ڪرڻ ۽ صبح جو سوير اُٿي پنهنجا اُٺ ڪاهي، پکين جون ٻوليون ُٻڌندو، زندگي جا رقص ڏسندو، هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پنهنجو وکر وڪڻي، واپس اچي پنهنجي ڀاءُ سڌارٿ کي پوري ڏينهن جا قصا ُٻڌائي، هنجي سمجهه ۽ عقل جو ڳالهيون ُٻڌي ُسمهي رهندو هئس. مان اڄ به هر روز ائين ڪندو آهيان، پر هاڻي مان اڪيلو آهيان. منهنجي گهر جو ڏيئو، جنهنجي روشني منهنجي زندگي هئي، وسامَي ويو آهي. مان ۽ سڌارٿ چانڊوڪين راتين ۾ ڀٽ تي وڃي پوري رات چنڊ ۽ ڌرتيءَ جي حسن کي ڏسندا رهندا هئاسين. سڌارٿ پنهنجي ُسندر مٺي آواز سان ميگهه ۽ پورنم ڳائيندو هو. هاڻي نه مون چنڊ کي ڪنڌ ورائي ڏٺو آهي ۽ نه ڪو ڏيئو آهي، جيڪو منهنجي من جي اونده کي روشن ڪري. مان سخت اونده ۽ خوف ۾ مبتلا ٿي ويو هوس، اڄ وري ڄڻ مان روشنائي ۾ اچي ويو آهيان. توهان مونکي پنهنجي خيالن جي روشنيءَ سان منور ڪيو. اُن حسين دنيا کان واقف ڪيو آهي، جنهن ۾ انسان جو قدر ۽ آزادي آهي. منهنجي گذارش آهي، ته هن سفر ۾ مون کي به پاڻ سان شامل ڪيو. مان توهانجو حصو ٿيڻ ٿو چاهيان.”
    ڪاليداس، خاموش ٿي وڃي ٿو. هن پنهنجي متعلق جيڪو ،ٻڌايو تنهن کانپوءِ ڄڻ سڀئي دوست هڪٻئي ڏانهن ڏسندا رهيا.
    “يقينن اڄ کان تون اسان لاءِ اهم آهين.” سنگهار، ڪاليداس سان مخاطب ٿيندي چيو، توکي هاڻي گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي. جيستائين منهنجو خيال آهي، ته تون پنهنجي بابا سان گڏ واپس پنهنجي شهر وڃ . تنهنجو اهو ئي محور ۽ مرڪز آهي. توکي اتان شروعات ڪرڻ گهرجي. پنهنجي گهر کان جنهن سان تنهنجو ڪامل رشتو آهي. جيڪي تنهنجي چهري، تنهنجي سڀاءُ ۽ تنهنجي روح کان واقف آهي. تنهنجي اندر جي طوفان جو اسان کي احساس آهي، پر ان طوفان جو ڪنارو تنهنجو شهر آهي، جتي ئي توکي ماڻهن جي تعليم ۽ تربيت ڪرڻي آهي. توکي هاڻي کان ئي پنهنجي اندر ضبط، توازن ۽ سڪون پيدا ڪري. ماڻهن سان گڏ انقلاب لاءِ ڪم ڪرڻو آهي. ها، ائين ضرور ٿي سگهي ٿو، ته تون هاڻي پنهنجي بابا سان واپس وڃ ۽ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ اگهم ڪوٽ اَچ، ته جيئن نذير سان به ملي سگهين ۽ اُتي ئي ڪي وڌيڪ فيصلا ڪري سگهون.”
    مان ائين ڪندس، منهنجا مهربان محسنو!” ڪاليداس اداس پر ُپراعتماد لهجي ۾ چيو،
    سڀئي دوست اُٿي بيهن ٿا. دوستن هري شنڪر ۽ ڪاليداس سان ڀاڪر پائي انهن کان موڪلايو، سڀني جون اکيون هن منظر تي ڀنل هيون. “اسين وري جلد ملنداسين” سنگهار، ڪاليداس ڏانهن ُمنهن ڪري چيو.
    “ها، بلڪل جلدي” ڪاليداس جوش مان جواب ڏنو.
    ڪاليداس، پنهنجي بابا هري شنڪر کي اُٺ تي ويهڻ جو چئي، مَهار پنهنجي هٿ ۾ جهلي. سنگهار ۽ سندس ڪامريڊ اڳتي سفر شروع ڪن ٿا. ڪاليداس گهڙي کن لاءِ پنهنجون اکيون بند ڪري سمورين ڳالهين ۽ پنهنجن محسنن کي پنهنجي دل ۽ دماغ ۾ محفوظ ڪري وٺي ٿو.
    گاڏيءَ ۾ ڪجهه گهڙين لاءِ خاموشي ڇائنجي وڃي ٿي،
    سنگهار، ولي محمد جي ڪافي جهونگارڻ شروع ڪري ٿو.

    جُوڙي قلب بات رباعي، انسان ۾ سمايو
    ڏسي ذات کي صفت ۾، مَلڪن ٿي سِر نوايو
    آدم جو ويس پائي، آيو پاڻ کي لڪائي
    مچ عشق جو مچائي، خود عشق بڻجي آيو
    اصلئون اصل حقاني، يار تون لامقاني
    منجهه رمز من تراني، ڏس تو رڪن جلايو
    ولي محمد سنڀارج، ساٿي نه تون وسارج
    پنهنجو پاڻ ۾ نهارج، صورت سان پيچ پايو .


    رياست عام ماڻهو لاءِ نه فوجي بجٽ لاءِ هجي ٿي

    سنگهار، جي اکين ۾ لڙڪ ۽ گاڏيءَ ۾ خاموشي ڇانيل آهي. پري کان ائين ٿو لڳي، آسمان ۽ زمين ڄڻ پاڻ ۾ ملي ويا آهن. خاموش ۽ نيازمندي سان بيٺل وڻ زمين مٿان جهڪي بيٺل آهن. گاڏي پوئتي پنهنجا پيچرا ڇڏيندي، اڳتي وڌندي وڃي ٿي. سڌارت واري واقعي کين سخت تڪليف پهچائي هئي. هو گهري درد ۾ ويڙهيل هئا. پاڻ تي ضبط ڪرڻ باوجود هو پوري سفر ۾ پنهنجو پاڻ سان اندر ئي اندر ڪاوڙ ۽ ڏک ڀريل گفتگو ڪندا رهيا.
    سنگهار، تيرٿ کي چيو، “ڪاليداس سان پاڻ وري ڪڏهن ملي به سگهنداسين الائي نه!”
    “اهو موقعو ضرور ايندو.” تيرٿ وراڻيو
    “سڌارٿ جو واقعو ڪيڏو درد ناڪ آهي” شهه مريد دوستن سان ڳالهائيندي چيو. مونکي پنهنجي امڙ چوندي آهي، ُپٽ مريد، نهايت نيڪ ۽ روشن دماغ وارن ماڻهن جو موت ناهي ٿيندو، انهن جا روح اسانجي رهنمائي ڪندا آهن.
    پر هي ته ظلم آهي، هي حڪومتون، هڪ عام شهريءِ جي حفاظت ڪرڻ لائق به ناهن، ته پوءِ هنن جي هجڻ جي ڪهڙي ضرورت؟”
    “رياستن کي ته ختم ٿيڻ گهرجي، رياستون آهن ئي فوجي بجٽ لاءِ .”
    “رياستن کي ته، هڪ نه هڪ ڏينهن ختم ٿيڻو آهي. فيروز وراڻيو. اُهي ٻن انسانن جي وچ ۾ کڄيل ديوار جيان آهن. هندو رياست ۽ مسلمان رياست جي نالي ۾ حڪمرانن عوام جو رت پيءُ ڇڏيو آهي. رياست اوائلي اشتراڪي دور ۾ ته هئي به ڪانه، هيءَ ته چوڏهين يا سورهين صدي جي پيداوار آهي.”
    “دراصل سموري جهڳڙي جي جڙ رياست ۽ ملڪيت آهي. حالانڪ رياست جو ڪو طبقاتي ڪردار به ڪونهي، اها محض نظم۽ ضبط رکڻ جو بي اثر هٿيار هجي ٿي. هن جو خاتمو اڻ ٽر آهي. هر ماڻهوءَ کي برابريءَ جا حق ملڻ کانپوءِ رياست خود به خود ختم ٿي ويندي آهي.”
    “پر انسان انجي باوجود به مطمئن نه ٿيندو” شهه مريد وراڻيو، رڙيون پيو ڪندو ته هو خوش ناهي. کيس اڃان وڌيڪ دولت گهرجي. ان بنياد تي پاڻ ۾ پيو وڙهندو، ڏسجان فيروز ائين ٿيندو....!”
    “رياست جو وجود طبقن جي وجود سان آهي. فيروز، شهه مريد، سان مخاطب ٿيندي چيو، هي ماڻهن جي اعلا شعور ۽ انسانن جي هڪ ٻئي سان اعليٰ سلوڪ واري رشتي ۾ اچڻ کانپوءِ ختم ٿيڻ شروع ٿيندي. ڇاڪاڻ ته رياست طبقاتي سماج جي پيداوار هجي ٿي. طبقن جي ختم ٿيڻ سان اُن جو وجود به ختم ٿيڻ شروع ٿئي ٿو. دراصل رياست دولت پيدا ڪرڻ جي مشين آهي. ان ڪري هر ماڻهو ائين سوچي ٿو. پر اشتراڪي نظام کي ماڻهو ٻن حالتن ۾ قبول ڪري ٿو. پهرين ته، اهو نظام دولت جي تقسيم کي منصفانه بڻائي ٿو، ٻيو ته، انسان جي روح کي مڪمل آزادي ڏئي ٿو.”
    “روح جي آزادي جو ڪهڙو مطلب آهي؟ شهه مريد سوال ڪيو.
    “انسان پنهنجي پوري حياتي، ملڪيت ۽ دولت جمع ڪرڻ ۾ گذاري ٿو” فيروز وراڻيو، هي احساس انسان جي اندر کي گهري اونداهيءَ ۾ مبتلا ڪري ٿو ڇڏي، حالانڪ هن احساس کان نفرت ڪرڻ جي باوجود هو ائين ڪرڻ لاءِ مجبور هوندو آهي. هن کي رياست ائين ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري ٿي. هو پنهنجي دولت جي حصي لاءِ وڙهندو، خوار ٿيندو رهي ٿو. روز جي تذليل، هن جي اندر کي ڪمزور ، لالچي ۽ خود غرض بڻائي ٿي ڇڏي. انجو نتيجو اهو ٿو نڪري، ته مرده روح هر طرف نظر اچن ٿا.”
    “ڪمزور ۽ لالچي انسان کي انقلاب جي ڪهڙي ضرورت؟” شهه مريد سوال ڪيو.
    “انقلاب جي ضرورت هر وقت رهي ٿي” فيروز وراڻيو، ڇو ته اهو ڪنهن جي خواهش سان ناهي ايندو. انقلاب تبديل ٿيندڙ حالتن ۽ ماڻهن جي شعوري سطح جي بلنديءَ جو نالو آهي.
    رياست جو ٻيو خطرناڪ پهلو اهو آهي، ته اجاره دار سرمائيداري جي صورت ۾ وڏيون ڪارپوريشن جنم وٺن ٿيون.سنگهار پنهنجي ڳالهه ڪئي، جيڪي پوءِ ترقي پذير قومن کي قرضن ۾ جڪڙي انهن جي وسيلن تي قبضو ڪري وٺن ٿيون.”
    “جيئن هي سوزوڪي ڪمپنيءِ جي جيپ جنهن تي اسان سفر ڪري رهيا آهيون، شهه مريد وراڻيو، پاڪستان جي موٽر مارڪيٽ تي اُن جي اجاره داري آهي.”
    “زبردست مثال آهي يار.” تيرٿ، کلندي شهه مريد سان مذاق ڪندي چيو،
    “شهه مريد رڳو شاعر ئي ناهي، ان کي هر ڳالهه جي خبر آهي” فيروز وراڻيو.
    يار ! اها خبر مونکي ته، شهر ۾ اچڻ کانپوءِ پئي هئي” شهه مريد وراڻيو.
    سڀئي دوست شهه مريد جي جواب تي کِليا. شهه مريد وري به خاموش ويٺو رهيو.
    “مونکي توهان سمجهايو ته اجاره دار سرمائيداري کان نجات ڪيئن ٿي حاصل ڪري سگهجي؟ شهه مريد، سنگهار سان مخاطب ٿيندي پڇيو، انجي موجوده شڪل ته ماڻهن لاءِ وڌيڪ ايڊوانس، سسٽميٽڪ ۽ ٽيڪنالاجيڪل آهي. هن پاڻ کي سوشلزم جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ايڊوانس ڪيو آهي؟
    “سرمائيداري، جي ترقي سميت، سماج جا مختلف طبقا ۽ پيداوري اوزار به ترقي ڪن ٿا، سنگهار ڳالهائيندي چيو، اها سرمائيداري جي ضرورت هجي ٿي. سائنس، ٽيڪنالاجي انقلاب STR) ( جي باوجود دنيا ۾ معاشي، سياسي، ثقافتي ۽نظرياتي جدوجهد جو شڪلون ختم ناهن ٿيون. اسين سڀ عراق، افغانستان ۾ امريڪي فوج کي ڀوڳي رهيا آهيون. آمريڪا اڄ به پنهنجي بچٽ جو وڏو حصو دفاع تي خرچ ڪري ٿو. ٽيڪنالاجي انقلاب هڪ طرح سان دنيا جي ماڻهن کي پاڻ ۾ ڳنڍي ڇڏيو آهي ته. گهڻائي کي بيروزگار به ڪيو آهي، يورپ ان کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي.
    دنيا گلوبلائيز ٿي رهي آهي. انجو مقصد، ان کان اڳتي ڪجهه به ناهي، ته زمين اندر جيڪي قدرتي وسيلا آهن. تيل، ڌاتو، ڪوئلو، فولاد، لوهه، اُهي سڀ، شيل ۽ هلبرٽن ڪمپنين جي قبضي ۾اچي وڃن. گلوبل اڪانامي ته قومن جي آزادي ۽ خوشحالي کي معاشي ضرب هڻڻ جي برابر هجي ٿي.”
    “سنڌ جي قومي آزادي واري تحريڪ جو رستو به سوشلزم طرف وڃي ٿو؟ شهه مريد سوال ڪيو
    “ان متعلق لينن جي راءِ ڪهڙي آهي توکي ٻڌايان ٿو” سنگهار، شهه مريد سان مخاطب ٿيندي چيو، جنهن چيو. دنيا جي قومن جو رستوسوشلزم ڏانهن آهي،جيڪو ناگزير آهي، پر هر قوم جو طريقو قطعي طور تي هڪ جهڙو نه هوندو. ڪا قوم جمهوريت جي ڪنهن شڪل ۾. ڪا پرولتاري آمريت جي شڪل ۾ ته ڪا وري قومي آزادي جي ڪنهن شڪل ۾، مختلف نوعيت اختيار ڪندي، سوشلزم تائين پهچي ٿي، نه صرف ايترو پر، اهي قومون، زندگيءَ جي مختلف پهلوئن سياسي سماجي ترقي ۽ پيداوار ۾ تبديلي جي مختلف سطحن تي خود پنهنجي طرفان ڪجهه نه ڪجهه اضافو ڪنديون رهنديون.”
    “خدا ڪري ته ائين ٿئي” شهه مريد چيو.


    ڪميون رواج

    سنگهار اڃان ڳالهائي رهيو هو، جو بارڊر سڪيورٽي فورس جي گاڏي هنن جي سامهون اچي بيٺي. سپاهي هٿ جو اشارو ڪندي هنن کي بيهڻ جو چيو، تيرٿ سپاهي جي بلڪل سامهون جيپ کي بريڪ هنئي. سپاهي پهرين ته هنن سڀني جو جائزو ورتو ۽ پوءَ پنجابي لهجي ۾ چيو .
    ڪير آهيو، ڪاڏي ٿا وڃو، پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ ڏيکاريو؟
    ان کان اڳ جو تيرٿ جواب ڏئي، فيروز پنهنجو ڪارڊ ڏيکاريو.
    “اسين صحافي آهيون، اگهم ڪوٽ ٿا وڃون.”
    سپاهي، ڪارڊ کي اڳيان پويان ڪري ڏٺو. هڪ هڪ ڪري سڀني تي نظر وڌي.
    هو فيروز جو ڪارڊ کڻي، گاڏي ۾ ويٺل ميجر وٽ ويو، هن کي ڪارڊ ڏنائين، هن سان ڪجهه گفتگو ڪيائين.
    ميجر،گاڏي مان لهي هنن ڏانهن وڌي آيو. هي ڪو 45 سالن جو فوجي لڳو ٿي. هنجي ڏاڙهي ۽ مڇن کي اهڙو گهرو ڪارو خضاب ٿيل هو، جنهن جا نشان هن جي مٿي ۽ چهري جي ڳلن تي به لڳل هئا. هن خضاب برش سان نه، پر ڄڻ هٿن سان ڪيو هو. مڇون ڪينچي سان ڪٽيل هئڻ باوجود سڌائي ۾ نه هئس. اچڻ سان هن سڀني کي گاڏي کان هيٺ لهڻ جو چيو.
    سنگهار، تيرٿ ڏانهن ڏٺو ۽ خاموشي سان گاڏي کان ٻاهر لهي آيا.
    سپاهي، گاڏي جي تلاشي ورتي، سڀني شين کي کولي، جانچي ڏٺو.
    فيروز جو ڪارڊ اڃان ميجر جي هٿ ۾ هو .
    گاڏي جي تلاشي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ، ميجر سڌو فيروز وٽ آيو.
    فيروز سان مخاطب ٿيندي، چيو، ڪيڏانهن ٿا وڃو؟
    “ اگهم ڪوٽ” فيروز وراڻيو،”
    “توهان پنهنجو اين آءِ سي ڪارڊ ڏيو” آفيسر بي رخائي مان چيو.
    هي ڪارڊ ڪافي ناهي؟ فيروز وراڻيو.
    “اسان کي انٽري ڪرڻي آهي، توهانجو اين،آءِ، سي گهرجي”
    فيروز پنهنجو اين، آءِ، سي ڏنو ، سڀني پنهنجا ڪارڊ ڏنا.
    “انٽري ته بارڊر تي ٿيندي آهي؟ فيروز، آفيسر کان پڇيو،
    “ها ائين آهي” ميجر وراڻيو، پر هاڻ هن علائقي جي، هر ايندڙ ويندڙ ماڻهو جي انٽري ٿئي ٿي.
    انجو ڪو خاص سبب؟ فيروز ميجر کان معلوم ڪيو.
    ميجر، سنجيده ٿيندي، فيروز ڏانهن ڏٺو. جنهن جي چهري تي اهڙا گهنج نمودار ٿيا، جيڪي عام طور تي ڪنهن وڏيري يا سردار جي ڳالهائڻ وقت، نفرت ۽ ڪاوڙ مان اڀرندا آهن. گهرا ۽ نفرت آميز.
    ميجر، بي چيني مان وراڻيو، بلڪه هن جي ڳالهائڻ مان ائين محسوس ٿيو ته هي اها ڳالهه چوڻ لاءِ واجهائي رهيو هو، جنهن کي چوڻ کانپوءِ، هُن کي راحت ملڻي هئي. هُن چيو، “اهڙو ماڻهو جيئرو ڇو آهي،جيڪو پاڪ سرزمين تي دهرين وارو نظام قائم ڪرڻ جي جرئت ڪري ٿو”
    فيروز ، ميجر جي ڳالهه سمجهي نه سگهيو.
    سپاهي، سڀني کي اين، آءِ، سي ڪارڊ واپس ڪيا.
    سپاهي هنن کي چيو توهان وڃين سگهو ٿا.
    فيروز ، پنهنجو ڪارڊ وٺڻ لاءِ ميجر ڏانهن ويو، هنجي تلخ لهجي کانپوءِ هنجي نرڙ جا گهنج وڌيڪ اڀا ٿي ويا هئا.
    فيروز، اُن جي ڀر ۾ بيهي هن کان ڪارڊ ورتو، ٻه قدم اڳتي وڃين، هن ڪنڌ ورائي فوجي آفيسر کان پڇيو. توهان ڪنهن جي ٿا ڳالهه ڪيو؟ فوجي آفيسر، بي رخي مان پهرين پنهنجن اکين ۾ نفرت کي ڀريو. مٿي آسمان ڏانهن نظر وڌي، ڄڻ ڪنهن طوفان کي ايندو ڏسي رهيو هجي. هنجي چهري جو رنگ خضاب جي رنگ سان ملي هڪ جهڙو ٿي ويو هو.فيروز هنجي جواب جو انتظار ڪري رهيو هو.اُن کان وڌيڪ ڪجهه به ڳالهائڻ نه ٿيو، هُن صرف ايترو چيو.”صوفي مهتاب، کو تو هم ديکهه لينگي” تيرٿ، گاڏي اسٽارٽ ڪئي، چئني دوستن جو سفر وري شروع ٿئي ٿو.


    صوفي مهتاب تَمراڻي وارو

    گاڏي ۾ ڪجهه گهڙين جي خاموشي کانپوءِ، فيروز دوستن کي چيو،
    “ميجر، صوفي مهتاب جو نالو ورتو.”
    “ڪا اهڙي ڳالهه ضرور ٿي آهي، جنهن ڪري ميجر جي منهن مان نفرت ٽمي پئي ۽ ان ڳالهه جو تعلق صوفي مهتاب سان آهي.” فيروز وراڻيو.
    ميجر ڄاڻين واڻين اسان سان ائين ڳالهايو، هن جو مقصد اسان کي خبردار ڪرڻ هو ته جيئن اسين صوفي مهتاب کان پري رهون. هن پنهنجي بزدلي جو اظهار ڪيو. هن جي چهري جو خوف نمايان هو. حالانڪ ڪو به فوجي ڪابه ڳالهه سويلن سان شيئر ناهي ڪندو. پر هن صوفي جو نالو کڻي اسان کي ڄڻ ان کان پري رهڻ جو چتاءُ ڏنو”
    ميجر ، “دهرين واري نظام جي به ڳالهه ڪئي” سنگهار چيو.
    “اها ڳالهه جيڪا هن زور ڏئي چئي ته، اهڙو ماڻهو جيئرو ڇو آهي. جنهن جو مطلب صاف هو ته صوفي مهتاب ڪا اهڙي پيش قدمي ڪئي آهي، جيڪا هن نظام خلاف آهي. صوفي کي مان تڏهن کان سڄاڻان جڏهن هن پر چم لاءِ پنهنجا شاندار مضمون موڪليا، هنجي لکڻين ۾ سادگي ۽ ماڻهن تي اعتبار آهي. هن جي شخصيت درويشن جهڙي ۽ خيالن ۾ پڪو پورهيت راڄ جو حامي. هي واحد ماڻهو آهي جنهن پنهنجي ڳوٺ تمراڻي ۾ سوشلسٽ طرز جي “ڪميون رواج” تي ڪم ڪيو. جيڪو موجوده دور جو وڏو مثال آهي. هن سان منهنجي آخري ملاقات سال اڳ هارين جي ڪنهن جلسي ۾ ٿي.”
    “ اسان کي معلوم ڪرڻ گهرجي، ته حقيقت ڇا آهي ؟ فيروز دوستن کي چيو ،
    صوفي مهتاب هڪ وفادار ۽ هميشه انصاف لاءِ وڙهندڙ شخص آهي. جنهن پنهنجي پوري حياتي ان مقصد مٿان قربان ڪئي. منهنجي راءِ آهي ته پاڻ صوفي مهتاب سان ملندا هلون.
    صوفي مهتاب جو ڳوٺ تمراڻي هتان کان ڪيترو پري آهي؟ فيروز، تيرٿ کان معلوم ڪيو.
    “هتان کان 40، 50 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي آهي” تيرٿ وراڻيو.
    “صوفي مهتاب پنهنجي ڳوٺ ۾ “ڪميون رواج” جا بنياد رکيا آهن ته، يقينن هي ڪا معمولي ڳالهه ناهي. سنگهار ڳالهائيندي چيو، هي وڏي بلند حوصلي جي ڳالهه آهي. صوفي مهتاب جي ڳوٺ تمراڻي هلڻ لاءِ سنگهار شهه مريد ۽ تيرٿ کان به راءِ معلوم ڪئي. ٻنهي دوستن جي به ساڳي راءِ آهي ته صوفي مهتاب جي ڳوٺ هلجي .
    سڀني جي دل ۾ هڪ قسم جي خوشي اڀري.
    سندن روح ۾ هڪ عجيب جوش هو.
    تيرٿ، گاڏي کي تمراڻي طرف موڙيو.
    سڀني جي چهري تي تمراڻي وڃڻ ڪري رونق اچي وئي هئي.
    فيروز لاءِ هي لمحو ته بيحد قيمتي آهي، هي پنهنجي عزيز دوست، سان ملڻ وڃي رهيو آهي. جنهن لاءِ هن وٽ بي پناه محبت ۽ عزت آهي.
    “تمراڻي” اگهم ڪوٺ کان ڏکڻ طرف 40 ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي. زندگي سان ڀرپور هن ڳوٺ جي دامن ۾ سنڌو جا پراڻا وهڪرا خشڪ ٿي ويل پيچرن جيان خاموش ستل آهن. سرنهن جي پيلي گلن جا فصل پري پري تائين مورن جي پنکن جيان جهومندا رهن ٿا. زمين مٿان هر طرف نم، ٻٻر، ۽ ٽالهي جا وڻ بيٺل آهن، شهر جي ارد گرد ننڍيون ننڍيون ڍنڍون جن جي شفاف لهرن تي دنيا جهان جا خانه بدوش پکي آڙي، نيرڳي، ڊگوش، ۽ سفيد ٻگهه پکين جون قطارون ولر ڪري لهن ٿا. هتي هنن جي گيتن کي هر ڪو ٻڌڻ وارو آهي. هتي هنن کي زندگي جا عڪس ڏسڻ لاءِ ملن ٿا. سفيد تيز سج جي روشني ۾ جرڪندڙ ڍنڍ جو پاڻي ڄڻ آواز ڏئي هنن کي سڏيندو هجي.
    “اسان کي صوفي مهتاب جي باري ۾ ڪجهه ٻڌاءِ” سنگهار، فيروز کي چيو،
    “پهرين مان هن کي عام صوفي مسلڪ جو سادو، سٻاجهو انسان سمجهندو هوس” فيروز ٻڌائڻ لڳو، خدا جي معرفت تي يقين رکندڙ، انسانيت سان پيار ڪندڙ.
    پر پوءِ هن جي اندر هڪ ٻيو انسان به مون ڏٺو. آزادي پسند، ويڙهاڪ، قدرت جي فطري رنگن سان مهڪيل. جنهن پنهجي دل ۾ مجبور، محڪوم ۽ ڌتاريل ماڻهن جي درد کي محسوس ڪيو. جنهن لاءِ هن پنهنجو سڀ ڪجهه وساري، زندگي جون سموريون آسائشون ختم ڪري ڇڏيون.
    جلدي ئي هن ماڻهن جي پيڙا کي ڄاڻي ورتو، ته ملڪ جا حڪمران جاگيردار، سردار هارين کي ڪا اهميت ئي نه ٿا ڏين. انهن جي سموري پيداوار جا مالڪ ٿي، ائين ٿا ڏيک ڏين ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ناهي .
    صوفي مهتاب هارين جي حقن لاءِ شانائتي ويڙه وڙهڻ جي ابتدا ڪئي ۽ ڪيترن ئي هارين کي پنهنجي ڳوٺ جي زمين تي آباد ڪري، “ڪميون رواج” جي ابتدا ڪئي.”
    دوستو! “هَن ۾ يقينن ڪا خاص ڳالهه آهي، هو پنهنجي ذات ۾ ڪجهه ائين آهي جو ماڻهو هن ڏانهن، هنجي ڳوٺ ڏانهن ڇڪيا آيا ٿي، هندو توڙي مسلمان هن جي ظاهري ڏيک ويک کان هٽي ڪري، هنجي من جي سڀاءُ، هنجي، جرعت، ستايل ۽ ڪمزور ماڻهن لاءِ عزت ۽ پيار ڏسي هن جي گرد پروانن جيان جمع ٿيندا ويا، منهنجي خيال ۾ دنيا ۾ ڪي اهڙا ماڻهو به هجن ٿا جيڪي پاڻ لاءِ ته اجنبي هوندا آهن پر ٻين ڪيترن ماڻهن لاءِ آٿت ۽ دنيا جي تاريڪين ۾ روشني ڏيکارڻ وارا هوندا آهن، “هنن مان ئي ۽ هنن جو”
    “ڪميون رواج” جنهن جي ابتدا هن پنهنجي ڳوٺ کان ڪئي. هن وقت ڪهڙي مرحلي ۾ آهي ان جي خبر ته هاڻ تمراڻي پهچڻ کانپوءِ ئي پوندي .
    تمراڻي ڳوٺ، طرف ويندڙ ڪچي رستي جي ٻنهي پاسن کان نم جا وڏا وڏا وڻ بيٺل آهن. وڻن ڪري زمين جو حسن نکرجي ويو آهي. زندگي جا هي رنگ تمراڻي جي ماڻهن جي عظيم داستان ٻڌائي رهيا آهن. هي ساوا نيرا پيلا فصل دراصل سنڌ جي ان سڀيتا جو اهڄاڻ آهن، جيڪا صدين کان هن زمين تي قائم آهي.
    جڏهن باقي دنيا جي تهذيبن جا ماڻهو ساڳي دور ۾ اڄان غارن ۽ جهنگلن ۾ رهندا هئا ته سنڌ جي ماڻهن وٽ شهري رٿا بندي جو فن هو، زمين کيڙي ان اپائيندا هئا، پڪن گهرن ۾ رهندا هئا، بنا ڪنهن تفريق، فرقي ۽ طبقي جي هڪ جمهوري اوائلي اشتراڪي نظام هيٺ گڏ رهندا هئا، زندگي جو پورو حساب ڪتاب رکندا هئا.
    “ سنڌ” دنيا جي بلند ترين ترقي آفته تهذيب آهي، ماڻهو وڌيڪ سک ۽ آرام سان رهڻ جا عادي آهن، هي زندگي مان لطف اندوز ٿيڻ ۽ ان مان خوشي حاصل ڪرڻ ڳائڻ وڄائڻ جا عادي آهن، هي جڏهن چون ٿا ته محبت ڪريو ته انجي معني وڙهو نه، هي تهذيب آسودي ۽ خوشحال آهي، هن تهذيب وٽ جهڳڙڻ لاءِ وقت ڪونهي ۽ محبت لاءِ تمام گهڻو وقت آهي.
    پاڪستان، هن آسودي تهذيب جو سڀ ڪجهه تباه ڪري ڇڏيو، جنهن جي ڪا تهذيب ڪانهي.
    تيرٿ گاڏي جي رفتار گهٽائي ڇڏي. سامهون صوفي مهتاب جو ڳوٺ آهي.
    سنڌو ڪناري پراچين سنڌ جي را ڄ ڌاني موهن جي راجه پروهت پنهنجي شهر جي تعمير وقت جن بنيادي ڳالهين جو خيال رکيو هو، ان ۾ اناج جي حفاظت واسطي گدام، پڪين سرن جا هوادار گهر، غسل جا اجتمائي تلاءُ، پاڻي جي نيڪاس لاءِ پڪيون ناليون، تازي پاڻي جو انتظام، رهائش جو معيار سڀ لاءِ هڪجهڙو، هنر مند لاءِ عزت ۽ ڏاهي لاءِ مان، زمين ماءُ جي رتبي برابر، موسيقي هنن جي زندگي ۽ راڳ هنن لاءِ ڀڳوان، ڳائڻ، نچڻ ۽ هڪٻئي جو احترام ڪرڻ، برابري جي بنياد تي سڀني کي هڪ جيترا حق ڏيڻ، هن جي فرض ۾ شامل هو. موهن، جي ادب، فن ۽ تجارتي اقصادي علم جو ذڪر قديم ويدن ۾ موجود آهي. هي طلسماتي شهر جنهن کي ڏاهي پروهت راجه سنڌو ڪناري انتهائي دانشمندي سان آباد ڪيو. تقريبن هزار سال تائين امن، سلامتي، سنگيت، انساني برابري جي بنياد تي قائم رهيو. هن شهر جي ايڏي وڏي عرصي تائين قائم رهڻ پٺيان سماج جو معاشي اقتصادي برابري تي ٻڌل نظام هو. جنهن۾ عام ماڻهو ۽ حڪمرانن جي وچ ۾ ڪو خاص طبقاتي فرق نه هو.
    فيرز ۽ ساٿي جيئن هن ڳوٺ ۾ داخل ٿيا ته هن ڳوٺ جي بناوٽ سنڌ جي پراچين ڳوٺن وانگر ئي هئي.
    ٻه تاڪيا ويڪرا ڪشاده دروازا جن تي اڪريل چٽسالي، ڪچين ڀتين تي بهه ۽ گاري جو ليپو، سهڻيون ۽ سدائي ۾ ٺهيل اوڏڪيون ڀتيون، ماڻهو جي قد کان ڊگها گهرن کي ورايل لوڙها، جن تي سڪائڻ لاءِ رکيل ُٽڪ واريون رليون. ليپيل ڪشاده آڳنڌ، ڪاٺ جي ڪلن تي ٻڌل ٻاڪرو ۽ ماهيو مال ۽ رکي رکي انهن جي چڙن جاآواز. ڀر ۾ ويٺل ٻار جو اوچتو ٻاهر ڊُڪڻ ۽ ان پويان ماءُ جا سڏ. گهر مٿان ڇانورو ڪري بيٺل نم ۽ سرنهن جا گهاٽا وڻ جن تي ڪانو، ڪٻر، طاطا، جهرڪين سميت ڪبوتر کن پل لاءِ آيا ٿي وري فضائن ۾ گم ٿي ويا ٿي. ڪچا ڪشاده رستا جن مٿان ڏاند گاڏين جي ڦيٿن جا نشان ڪنهن ڪاغذ تي لڪيرن جيان لڳا ٿي. پري کان ڌوڙ اڏائيندڙ ٻارن جون ٽوليون بي خبري جي جنون ۾ ڊوڙيون پائيندا هڪ گهر کان ٻئي گهر وڃي رهيا هئا. گول چهرن، چمڪندڙ ڪارين اکين، جاڙن ڀرن، ويڪرن ڇاتين وارا سنڌي نوجوان. ڳوٺ آيل اجنبين کي حيرت سان ڏسڻ لاءِ بيهي رهيا هئا. هنن جي چهرن مان اعتبار ۽ پختو يقين ٿي نظر آيو، آهي ۽ هر طرف عجيب رونق ڦهليل هئي. جيڪا عام طور ايماندار ماڻهن جي چهرن تي هوندي آهي.
    اهڙا ماڻهو جن پنهنجن هٿن سان زمين تي وڻ لڳايا، فصل پوکيا، پاڻي کي پنهنجي ٻڪ ۾ ڀري چميو، پيتو، چهري کي لڳايو، آسمان جي پکين کي عزت ڏني، زمين ڏانهن موٽي وڃڻ جي خيال کان ان جي هستي، مان ۽ مرتبي اڳيان سر نوايو.
    “ اهڙا ماڻهو خاص هجن ٿا”
    تيرٿ، ڪنهن نوجوان کان صوفي مهتاب جي رهائشگاه جو معلوم ڪري ٿو.
    “سائين هو هن طرف اوڀر کان سڌو، ڪاٺ جو وڏو در نظر ايندو در تي ماڻهو هٿيارن سان بيٺل هوندا، انهن مان ڪنهن کان به صوفي جو پڇندو توهان کي ٻڌائيندو يا وري سائين سان ملائيندو.”
    تيرٿ، گاڏي کي رستي جي پاسي بيهاري، پاڻ سڀ پيدل روانا ٿيا.
    اوڀر طرف مڙندي هنن کي ڪاٺ جو وڏو در نظر آيو، جتي پهريدار ننڍين ننڍين ٽولين ۾ نظر آيا، جن جي هٿن ۾ ڪهاڙيون، لٺيون ۽ بندوڪون هيون.
    فيروز ۽ ساٿين محسوس ڪيو ته تمراڻي ۾ نارمل صورتحال ناهي.
    “اسين صوفي مهتاب سان ملڻ آيا آهيون” فيروز، پهريدارن مان ڪنهن هڪ نوجوان سان پنهنجو ۽ پنهنجي دوستن جو تعارف ڪرائيندي چيو
    “سائين ڀلي ڪري آيا، منهنجو نالو احمد آهي اچو اندر اچو” نوجوان، هنن سان انتهائي نوڙت سان مخاطب ٿيندي چيو.
    احمد دروازو کوليو، هي چانئٽ ٽپي اندر ٿيا، اندر بيٺل همراهه هنن ڏانهن وڌي آيو، احمد هن کي ٻڌايو ته صوفي جا مهمان آهن، سائين سان ملڻ چاهن ٿا، هي همراه هنن سان نهايت اڪير سان مليو.
    “نوجوانن جي هٿن ۾ هٿيار آهن، ڪجهه ٿيو آهي ڇا؟” فيروز، احمد کان پڇيو،
    سائين هي تياري آهي، ڏکي وقت لاءِ .” احمد چيو،
    فيروز ۽ ساٿي، احمد سان گڏ ڪشاده آڳند ٽپي گاري سان ليپيل ٻن ڪشاده ڪمرن واري گهر ۾ داخل ٿيا، جنهن جي هڪ ڪمري ۾ ڪيترا ئي ماڻهو ويٺل هئا. هي جيئن اندر داخل ٿيا ته سامهون سفيد ڊگهو پهراڻ ڍڪيل، ڪلهن تائين ڊگها هلڪا ڪارا لڙڪيل وار، هلڪيون مڇون، هلڪي ڏاڙهي، ڊگهو قد ۽ سهڻي شبيهه واري ماڻهو ڏانهن اشارو ڪندي احمد چيو، سائين هو آهي صوفي مهتاب.
    سائين، اچو احمد چيو، هي دوست ماڻهن کي ڪراس ڪندا احمد جي پويان پويان صوفي مهتاب جي ڀر ۾ وڃي بيٺا، احمد هنن جو تعارف ڪرائيندي صوفي مهتاب کي چيو سائين هي ساٿي اوهان سان ملڻ آيا آهن. صوفي مهتاب ڪند ورائي هنن چئني دوستن ڏانهن ڏٺو. هنجي نظر فيروز تي اچي بيهي رهي. هنجي چهري تي غير معمولي تازگي اڀري آئي. هن پنهنجون ٻاهون فيروز ڏانهن وڌائيندي چيو، “منهنجا عزيز مون پنهنجي روح کان توکي ياد ٿي ڪيو. هن گهڙي لاءِ مان خدا جو شڪر گذار آهيان، جنهن توکي منهنجي سامهون اچي بيهاريو آهي.” صوفي مهتاب چميون ڏيندو فيروز کي ڀاڪر پائي اچي مليو. صوفي سڀني دوستن سان ڀاڪر پائي مليو.
    گهڙي کن لاءِ خاموشي ڇائنجي وئي.
    خير خيريت معلوم ڪرڻ کانپوءِ صوفي مهتاب،
    فيروز جوتعارف پنهنجن ويٺل ساٿين سان ڪرايو.
    فيروز به پنهنجن ساٿين جو تعارف ڪرايو ۽ پنهنجي سفر جو مقصد بيان ڪيو.
    “بارڊر سڪيورٽي فورس جي ڳالهين کانپوءِ اسين فيصلو ڪيو ته توهان سان ملندا اڳتي وڃون” فيروز ڳالهائڻ جي ابتدا ڪندي چيو، ڇاڪاڻ ته فورس جي ميجر جي ڳالهين مان اسان اهو اندازو لڳايو ته تمراڻي ۾ ڪجهه ٿي رهيو آهي.”
    “ڇا! هتي ڪجهه مختلف ٿي رهيو آهي؟” فيروز، صوفي مهتاب ڏانهن نهاريندي معلوم ڪرڻ واري انداز سان پڇيو،

    “ها! منهنجا دوست، هتي مختلف ٿي رهيو آهي” صوفي مهتاب فيروز سان مخاطب ٿيندي چيو.

    “هنن اسان جي جيئڻ جا سمورا رستا بند ڪري رکيا آهن” صوفي مهتاب وراڻيو، ڪافي صبر ڪيو ته شايد موجوده حڪمران قدرت جي فطري ۽ انساني تقاضائن کي سمجهن، انسانن لاءِ پنهنجي دل اندر رحم آڻين. انهن کي انسان سمجهندي انهن جي حقن جو خيال ڪن. پر مون ڏٺو ته هو پورهيت، هارين ۽ سادن ماڻهن کي لٽڻ کانپوءِ صرف زنده رهڻ جيترو موقعو ڏئي رهيا آهن. فقط ان لاءِ ته جيئن وڌيڪ دولت، اناج پيدا ڪندا رهن.”
    “مون پنهنجو پاڻ کي ان مقصد لاءِ تيار ڪيو”
    “ پنهنجي زمين تي ڪميون رواج جو بنياد رکيو”
    “منهنجو ماڻهن تي يقين هو،”
    “مون پنهنجو سڀ ڪجهه انهن اڳيان پيش ڪري ڇڏيو”
    “ٻن انسان جي وچ ۾ ملڪيت لڪير پيدا ڪري ٿي مون اها ڊاهي”
    “ماڻهن منهنجي روح جي سچائي کي قبول ڪيو”
    اها ڪا منهنجي ڪرامت ڪانهي، اعتبار هو.”
    “مون صرف انهن جي پيڙا کي سمجهي مرحم رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.”
    اسان پنهنجي پيداوار “ڪميون ڀانڊاري” ۾ جمع ڪيون ٿا. ان مان ڳوٺ جي سمورن خاندانن جي ضرورت پوري ٿئي ٿي. جيڪو اناج بچي ٿو وڪڻي باقي ضرورتون پوريون ڪريون ٿا. اسانجي زرعي پيداوار ۾ هر ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي.
    اسين هتي پنهنجي مرضي واري زندگي گذاري رهيا آهيون. انسان کي زنده رهڻ لاءِ رڳو ان ۽ پاڻي ئي ته نه گهرجي. “عزت ۽ محبت جي ڪا قيمت نه ٿي هجي” انسان جي روح کي جيڪو گهرجي هتي عزت سان ملي ٿو ته پوءِ هو ماڻهو، ڪميون رواج کي پنهنجي پوري طاقت سان قائم رکڻ چاهن ٿا. ايتري قدر جو جيڪڏهن “ڪميون رواج” کي قائم رکڻ لاءِ پنهنجي زندگي جي قرباني ڏيڻي پوي ته شايد ان کان به نه ڪيٻائن. اسان سڀ لاءِ “ڪميون رواج” جو اعلا مقصد اسان مان هر ماڻهو جي زندگي کان ڏهوڻ تي وڌيڪ اهم آهي. اسان آزادي جو جيڪو رستو ڳولي ڪڍيو، اهو بلڪل سادو ۽ مقامي حقيقتن جي آڌار قائم آهي.
    هن علائقي جا حڪمران، جاگيردار، انهن جا گماشتا، اسانجي خلاف سازشون ڪري رهيا آهن ۽ وفاقي سرڪار سان ملي اسان تي چڙهائي ڪري مارڻ، ختم ڪرڻ جو سوچي رهيا آهن.
    انهن جو جيڪڏهن اهو ئي ارادو آهي ته پوءِ اسين به پوئتي هٽڻ وارا ناهيون، اسان پاڻ کي ڏکي آزمائش لاءِ تيار ڪري رهيا آهيون.
    “ اسان لافاني زندگي جا قائل ٿي ويا آهيون” ائين جيئن زمين، آسمان، پاڻي، لافاني آهن، هي اسانکي دهريو چئي ماڻهن کي اسانجي خلاف ڀڙڪائن ٿا. انجي باوجود ڪميون رواج طرف ماڻهو کچيا اچن ٿا. “ڪميون رواج” دهريت جو سوال ناهي، پر سڀني ڳالهين کان مٿي هي آزادي، انصاف ۽ برابري جو سوال آهي.
    “هي خدا جي جاوداني ۽ لافاني سچائي جو سوال آهي”
    صوفي مهتاب، پنهنجن ساٿين، سان مخاطب ٿيڻ لاءِ اٿي بيٺو،
    “هي شخص تيز اس ۾ هوا جي ٿڌي جهونڪي جيان آهي، صوفي مهتاب فيروز ڏانهن نهاريندي چيو، هن وٽ زندگي کي ڀرپور جيئڻ جو ڏان آهي، مان هن سان جڏهن پهريون ڀيرو مليو هوس ته هن ۾ مون پنهنجو عڪس ڏٺو. هن کي پنهنجو پاڻ تي ڀروسو ۽ يقين آهي. پرچم جي آفيس ۾ هي رڳو صحافي ناهي پر سوز سلوڪ وارو بهادر ۽ جرعت مند انسان به آهي. جيڪو پنهنجي روح جي خواهشن جي ابتڙ بلڪه انهن کي ترڪ ڪرڻ وارو ۽ مڪمل آزادي تي يقين رکڻ وارو آهي. حقيقت هي آهي ته، هر طرح جي غلامي بدبودار هجي ٿي. آزادي تازي هوا وانگر ٿئي ٿي بيحد مسرت ڀري. جيڪي ماڻهو پنهنجي اردگرد جي زندگي سان پيار ڪندا آهن انهن وٽ غير جو وهم خوف ۽ موت بي معني ٿي وڃي ٿو.
    توهان سڀني ريڻ نديءِ جي وهڪري کي ڏٺو هوندو. جنهنجي گهرائي ۾ موسيقي به آهي اُتم رقص به آهي. توهان پاڻي جي سطح کي ڪڏهن به هموار سڌو نه ڏٺو هوندو. بلڪل ائين ئي ڪوبه ماڻهو هڪ جيتري سڌي زندگي نٿو گذاري سگهي. زندگي ۾تحرڪ آهي ان ۾ پاڻي جون لهرون آهن. لاها چاڙها آهن. دراصل اها ئي زندگي آهي. هر لهر جي پنهنجي سڃاڻپ آهي. اسين سڀ خدا جي درياءِ، نديءِ ۽ سمنڊ جون مختلف شڪلون ۽ لهرون آهيون. هر لهر کي خود جيئڻ جو حق آهي ۽آزادي سان وري ان ئي لافاني پاڻي جو حصو ٿي وڃڻ آهي.
    مان هر لهر جي وجود کي حقيقت سمجهان ٿو، جو هر لهر جو وجود سمنڊ لاءِ تحرڪ آهي، جيڪا زندگي آهي سمنڊ جي. انساني زندگي جو مثال به ائين آهي، هر ماڻهو پوءِ کڻي انجو تعلق ڪهڙي به ڌرم، ذات پات سان آهي پر انجو وجود سمنڊ جي لهر جيان حقيقت آهي. ان حقيقت کي مڃڻ جي ضرورت آهي ته هر موج جو سمنڊ هڪ آهي.
    اسين مِٽي جا ٺهيل آهيون ته ان کي هڪ خاص شڪل ڏيڻ پٺيان به ته عقل ۽ محنت ڪار فرما آهي. صوفي مهتاب اتساه مان چيو. الله وٺ هي ٻئي شيون آزاد آهن،
    زمين تي هي ٻئي شيون قيد آهن.
    اسين خدا جي زمين تي عقل ۽ محنت جي آزادي جي ڳالهه به دراصل الله جي قانون تحت ڪيون ٿا. اسين عقل جي آڌار موسمن جو حساب رکي فصل پوکيون ٿا. محنت آڌار زمين کيڙي ان ۾ ٻج ڇٽيون ٿا، ته پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته انسان جي عقل ۽ محنت جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ رزق جو مالڪ ڪو ٻيو فرد واحد ٿئي.
    بيگاڻي جا زميندار، حمل، واسع، شبير، نورمحمد اسان جا دشمن محض ان ڪري ٿيا آهن، ته جيڪڏهن خدا جي زمين تي خدا جو قانون نافظ ٿيو ته پوءِ هنن کي ڪير کارائيندو. هنن جي ڌن دولت ۽ بي جا ڌٻدٻي وارا خيال ته پنهنجي موت مري ويندا.”
    منهنجا ساٿيو، “خدا جي هن ڪائنات ۾ انسان، خدا جي انتهائي عظيم مخلوق ۽ تخليق آهي، جنهن جا حق به مقرر ٿيل آهن ته ڪوبه ڪنهنجو حق نه کائي. هر ماڻهو ٻئي ماڻهو جي جذبن جو، آزادي جو، ڌرم جو ۽ ذات پات جو احترام ڪري. هر ماڻهو کي پنهنجي صلاحيت جي استعمال جي آزادي آهي.
    پر هتي ته انسان پنهنجي طاقت کي ٻيڻي ڪرڻ لاءِ شرمناڪ حد تائين ڪري پيو آهي. زمين تي ڪوبه طاقتور ٿي نه ٿو سگهي. اسان زمين جا ڪمزور جيو آهيون. زمين تي اسين مسافر آهيون. مسافرن جي ڪابه ملڪيت دولت نه ٿي هجي.
    ڏيئي ۾ جيترو تيل هجي ٿو اوستائين ٻري ٿو.”
    صوفي مهتاب ڪجهه گهڙي لاءِ خاموش ٿي وڃي ٿو.
    هو پنهنجي شائسته گفتگو طرف موٽي آيو، هن فيروز ۽ دوستن جي هتي اچڻ کي پنهنجي تحريڪ لاءِ انتهائي قيمتي موقعو چيو، هنن کي تمراڻي اچڻ تي ڀليڪار چيو .
    صوفي مهتاب، فيروز کي ڳالهائڻ جي گذارش ڪئي.
    فيروز، صوفي مهتاب کي ڌيان ڏئي ٻڌڻ کانپوءِ جوش ۾ ڀرجي ويو هو.
    “صوفي مهتاب جو شڪر گذار آهيان، جنهن مون بابت پنهنجا محبت ڀريا خيال، توهان آڏو پيش ڪيا. فيروز، ڳالهائيندي چيو، هي منهنجي زندگي جا قيمتي لمحا آهن. مان پوري فخر سان پنهنجي دل ۾ صوفي مهتاب لاءِ به ايتري عزت محبت رکان ٿو. ڪنهن به تحريڪ جي قدر قيمت ۽ انجي مقام جو تعين ان جي مقصد، فڪري رجحان ۽ صحيح عمل سان لڳائبو آهي. ان بنياد تي هن تحريڪ ۾ اهي سڀ بنيادي شيون موجود آهن، جنهن سبب هن تحريڪ ۾ عوام جو وڏو تعداد شريڪ ٿي رهيو آهي.”
    فيروز پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي چيو، “صوفي مهتاب جي جدوجهد جو مقصد اسانکي ان ڳالهه جو احساس ڏياري ٿو ته عوام ئي تاريخ جا خالق آهي ۽ انسان ئي پيمانو آهي سمورين شين جو، اها ئي هڪ مڃيل حقيقت ۽ سچائي آهي.”
    سچائي ڇاآهي؟ گوتم چيو، “شعلو ٿي وڃڻ، وري هن چيو پتنگ ٿي وڃڻ”
    سچائي جي حقيقت دراصل اها ئي آهي جيڪا گوتم بيان ڪئي. پر جديد دور جو علم ان کي اهڙي معروضي حقيقت چوي ٿو، جيڪو بدلجندڙ حالتن ۽ ضرورتن جي نتيجي ۾ ظاهر ٿئي. جيڪو پوءِ انسان کي زندگي جي ڪيترن ئي حقيقتن کان واقف ڪري ٿو. گليلو چيو، “زمين گول آهي ۽ حرڪت ۾ آهي”
    “ ڪائنات جو مرڪز زمين نه پر سج آهي” ته هن کي سڀ مارڻ لاءِ تيار ٿي ويا ته تون ديوتائن جي خلاف ڳالهائين ٿو، پر پوءِ وقت ثابت ڪيو ته گليلو صحي هو، اسانجي ارگرد جيڪو علم آهي ان جي نسبت اسانجي آگاهي انتهائي مختصر هجي ٿي . اسان ته ان مان ريت جي ذري برابر جيتري به آگاهي حاصل ڪري نه سگهيا آهيون.
    گوتم ٻڌ کان ڪنهن پڇيو،
    توهان مري رهيا آهيو؟
    گوتم پنهنجن جهڪيل نظرن کي مٿي کڻي چيو.
    “گذريل چاليهه سالن کان مون هڪ لمحي لاءِ به ائين محسوس ناهي ڪيو ته مان زنده آهيان، جنهن ڏينهن مون بصيرت، ادراڪ سان جيئڻ سکيو، “ ان ڏينهن مان مري ويس”
    “جڏهن مون سمجهيو ته مونکي ڇا ڪرڻ گهرجي، تڏهن کان مان مري ويس.
    پاڻ کي مارڻ کانسواءِ مان ڪجهه به نه ٿي ڪري سگهيس”
    جنهن ڏينهن کان گوتم پاڻ لاءِ بصيرت، آگاهي ۽ اعلا ادراڪ واري رستي جي چونڊ ڪئي، ان ڏينهن کان خوف ۽ موت کان بي نياز ٿي ويو.
    “هتي هنجي مري وڃڻ جو مطلب زندگي ۽ موت کان ماورا ٿي وڃڻ آهي. جيڪي ماڻهو پنهنجي حياتي کي فطرت جي حُسن سان جوڙي وٺندا آهن، سچائي لاءِ شعلو ٿي ويندا آهن، پنهنجي راهه خود سان تلاش ڪندا آهن.”
    تمراڻي اچي اسين ائين محسوس ڪيو آهي ته،
    “ اسين موت کان بي نياز ٿي ويا آهيون.
    هتي هر ماڻهو کي جيئڻ جو فن اچي ويو آهي.”
    فيروز وڌيڪ چيو ته، “قدرت پاران اڻ گهڙيل صورت ۾ ملندڙ شين کي انسان پنهنجي عمل سان گهڙيو سنواريو. زمين کي سڌو ڪري، کيڙي ان مان فصل کنيا، ڪپهه مان ڪپڙو اُڻيو، مال پاليو، پاڻي کي آبادي لائق بڻائڻ لاءِ واه کوٽيا، بند ٻڌا، پنهنجي زرعي اوزارن جي علم ۾ ترقي ڪئي، شاعري ڪئي ۽ زندگي کي رقص جي صورت ۾ ڏٺو، اهڙي ئي سماج ۾ هڪ ٻيو طبقو يا گروه به موجود هوندو آهي جنهن کي مفت خوري جي عادت پئجي وڃي ٿي. جيڪو ڦرلٽ ڪري دولت جمع ڪري ٿو. اهي وقت جا حڪمران مير، پير ۽ زميندار آهن. هو مذهب جي تشريح به پنهنجي مرضي جي ڏئي رهيا آهن. هو پگهاردار مولوين کي رعايتون ڏئي پنهنجي مرضي جا واعظ ڪرائن ٿا.
    پراڻن ڌرم شاسترن ۾آهي ته زمين ۽ انسانن مٿان طويل عرصي تائين بيشمار خدائن جو راڄ هو. هارين پورهيتن کي ڪائنات جي علم ۽ بصيرت کان محروم رکي انهن کي هميشه غربت، ذلت ۽ تڪليفده گناهن جي خوف ۾ مبتلا رکيو. ته جيئن انسان آزادي سان ڪو معني خيز عمل نه ڪري سگهي. آزادي سان سوچي نه سگهي.
    خوف. پوءِ کڻي اهو دوزخ جو ئي هجي، انسان اندر ڪيترن ئي ڪمزورين کي جنم ڏئي ٿو. جيڪو پوءِ سدائين لاءِ رهي ٿو. اهو اسانجي اندر جو خوف ئي آهي جيڪو زميندار اڳيان اسان کي فرمانبردار رهڻ لاءِ مجبور ڪري ٿو. پوري حياتي ان لاءِ پورهيو ڪري، پاڻ کي بک ڏئي ٿو. حڪمرانن جي فضول خرچن لاءِ ٽيڪس ڏئي ٿو ۽ هر سهولت کان محروم رهي ٿو. انسان جي اندر جي خوف کي ختم ڪرڻ آسان ڪونهي. ڪنهن به تحريڪ جي ڪاميابي لاءِ خوف کان ٻاهر نڪرڻ لازمي آهي.”
    هتي اسين دوست ڳالهائڻ کان وڌيڪ سکڻ آيا آهيون. مان مختصر هڪ ڳالهه ڪري اجازت وٺندس ته، “جيئن انسان غذا، لباس، گهر ۽ ٻين ضرورتون کانسواءِ زنده رهي نٿو سگهي. هي اهي شيون آهن جنهن لاءِ پورهيو ڪرڻو پوي ٿو. پنهنجي محنت ۽ صلاحيت تي ڀاڙڻو پوي ٿو،
    محنت، دراصل سماجي ۽ انسان جي هڪ قدرتي ضرورت آهي. ان ضرورت آڌار هي مٿين شين جو انتظام ڪري ٿو. حقيقي طور تي ڏسجي ته اهو اصول سڀني تي لاڳو ٿيڻ کپي. ته خدا جي زمين تي هر ماڻهو محنت ڪري پنهجي غذا، لباس ۽ گهر جو انتظام ڪري. يا پنهنجي هنر جي بنياد تي ڪجهه ڪري. اهڙي صورتحال ۾ ته سچ پچ ڪوبه غريب نه رهندو. پر ائين ٿئي ڪونه ٿو. پورهيت سڀني شين کي پيدا ڪرڻ جي باوجود به محروم آهي. پيداوار جا ٻيا مالڪ ٿي وڃڻ ڪري هاري ۽ سندس اولاد جي حصي ۾ غربت اچي ٿي. حڪمران جيڪي روز به روز طاقتور ٿيندا وڃن ٿا. دراصل توهان ۽ اسانجي محنت ڪرڻ جي ڪري آهن. پر پوءِ تاريخ هميشه پنهنجو ڪم ڪندي رهندي آهي. اهڙي اونده واري دور مان ڪي قلندر ۽ رسول پيدا ٿين ٿا. صوفي مهتاب تاريڪ راهن ۾ چڻنگ پيدا ڪئي آهي، جيڪا ڪڏهن به نه وسامڻ گهرجي. هنجو توهان مٿان ويساه آهي. هي خود توهان مان آهي. هن جي بصيرت عشق کان شروع ٿئي ٿي، هي شهرت لاءِ نه عشق لاءِ وڙهي رهيو آهي. آزادي جو احساس هنجي وجود کي مڪمل ڪري ٿو “
    گوتم ُٻڌ کان ڪنهن پڇيو ته نرواڻ جو مطلب ڇا آهي ؟
    “شعلي جو جنم، پاڻ جلائي روشني پيدا ڪرڻ” هن چيو
    جيڪا اندر جي بصيرت ۽ سچائي کانسواءِ ممڪن ناهي.”
    فيروز، پنهنجي ڳالهه ختم ڪئي، هن سڀني کي سلام ڪيو
    دوستن سان گڏ ويهي رهيو.


    سرمستي ۽ شهادت حياتِ روح آهي

    رات جا اَٺ ٿي رهيا آهن. سنگهار ۽ ساٿي ٻاهر آڳند ۾ پيل کٽن تي ويٺا آهن. ڪجهه ئي دير ۾ صوفين جي اعليٰ ڪائونسل جو اجلاس ٿيڻ وارو آهي. هنن کي به خاص طور شريڪ ٿيڻ جو پيغام مليو آهي.
    تارن ڀريو آسمان تمراڻي مٿان جشن جو سمان پيدا ڪيو رهيو آهي. چئوطرف آسمان تي ڄڻ موتي ڇٽيل آهن. فيروز ڪافي عرصي کانپوءِ اهڙي آسمان کي ڏسي رهيو آهي. پري کان رکي رکي مورن جي ٽهوڪن تي شهه مريد اُٿي ويٺو. هن کي پنهنجو وطن ٿي ياد آيو. ُمورن جي ٽهوڪار بلڪل اهڙي ئي هئي، جهڙي روهي جي ُمورن جي. هي به ڄڻ هنجو وطن آهي. اهو احساس هن جي وجود ۾ خوشيءَ جي لهر ڊوڙائي ٿو ڇڏي. “ڪيڏو سڪون آهي هتي” شهه مريد پاڻ سان ڳالهايو.
    “مونکي هڪ سوال پريشان ڪري رهيو آهي” تيرٿ، دوستن ڏانهن ڏسندي چيو” هي مختلف علائقن جا ستايل هاري، جيڪي پناه لاءِ تمراڻي اچي رهيا آهن. سرڪاري مشنري جو مقابلو ڪري سگهندا؟ هي پنهنجو آزاد وجود ۽ ڪميون رواج کي قائم رکي سگهندا؟”
    “هنن کي ان ڳالهه جي پرواه ناهي” سنگهار، جوش مان چيو، حقيقت ۾ اهو پوءِ جو سوال آهي. زندگي، انسان مان، ڪنهن جي ڪيئن چونڊ ڪري ٿي، اهو ته اسان هتي ڏسي رهيا آهيون. وقت صوفي مهتاب جي چونڊ ڪئي آهي. مان اُن ۾ عظمت جي بلنديءَ ڏسي رهيو آهيان.
    نتيجن جي پرواه ڪرڻ بنا ڪجهه قدم کڻڻ لازمي هوندا آهن. نتيجن جو احساس ڪڏهن ڪڏهن خوف کي به جنم ڏيندو آهي. هي صوفي ان خوف کان آزاد ٿي منزل طرف وڌڻ چاهن ٿا. هنن جي بصيرت ۾ آزادي جو سوال آهي. نظام يا بقا ته پوءِ جو سوال آهي. هنن جيڪا تذليل واري زندگي گذاري آهي، ان مان نڪرڻ جو سوال آهي. هنن کي هتي جيڪا آزادي، برابري، مان ۽ عزت ملي آهي، ان لاءِ هو جيءَ جان سان وڙهندا. ان جي حفاظت ڪندا. هتي احمد ۽ رام هڪ گلاس ۾ پاڻي پيئن ٿا. اهو احساس هنن جي ڪيترين ئي حياتين کي قربان ڪرڻ کان به وڌيڪ ۽ اُتم آهي. محبت ۾ وڏي طاقت هجي ٿي.” سنگهار، اڃان ڳالهائي رهيو هو ته هنن کي گڏجاڻي لاءِ سڏ ٿيو.
    صوفي مهتاب، ڪائونسل جي ميمبرن جو هنن سان تعارف ڪرايو.
    رستم، تازن ٿيندڙ واقعن کان سنگت کي آگاه ڪيو ۽ ٻڌايو ته مقامي وڏيرن جو وفد گورنر سان مليو آهي. انهن تمراڻي ۾ جمع ٿيل هارين متعلق گورنر کي آگاهه ڪيو. تمراڻي ڪميون رواج کي بغاوت جو اعلان چئي، اُنهن تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ گورنر کان مدد گهري آهي. گورنر وفاقي سرڪار کان اجازت ملڻ تائين زميندارن کي صبر جو چيو آهي. زميندارن جو اسرار هو ته جلدي مسئلو حل ڪيو. ائين نه ٿئي ته بغاوت پوري سنڌ ۾ ڦهلجي وڃي.
    رستم، اُتر سنڌ مان هارين جي اچڻ جا تفصيل ڏنا.
    فقير اتم چند، ڪميون ڀنڊاري ۾ جمع اناج جو ذڪر ڪيو.
    محب، هٿيارن جي تعداد ۽ تياري جو ذڪر ڪيو.
    شنڪر ڪولهي، زمين ۽ اپت جا انگ اکر ڏنا.
    احمد، نوجوانن جي تربيت جو ذڪر ڪيو.
    صوفي مهتاب، سمورا تفصيل ٻڌڻ کانپوءِ واري واري سان سڀني کي هدايتون ڏنيون.
    “جيڪي ماڻهو ٻين شهرن کان تمراڻي اچي رهيا آهن. انهن مان هر ماڻهو پنهنجي هنر ۽ صلاحيت آهر ڪم ڪري ۽ هر ماڻهو ٻئي جي مدد ڪري” رستم، کي هدايت ڏيندي صوفي مهتاب چيو، رستم کي ڪجهه ٻيون به هدايتون ڏنيون.
    سمورا معاملا اُڪلائڻ کانپوءِ صوفي مهتاب، فيروز ۽ سندس ساٿين سان مخاطب ٿيو.
    دوستو، “دنيا تبديل ٿي رهي آهي. سنڌ جي ماڻهن کي هاڻي عام رواجي ڳالهين ۾ وڌيڪ نه ٿو منجهائي سگهجي. سنڌ جو عوام هاڻي گهڻو وقت ان غربت، جهالت واري حالت ۾ نٿو رهي سگهي. اسلام آباد جي شهنشاهن کي عوام جي پورهئي مان شاندار زندگي گذارڻ جو ڪو حق ڪونهي. اقتدار جي حوس هنن کي حقير، خود غرض ۽ ظالم بڻائي ڇڏيو آهي. هنن اسانجي هزارين ماڻهن جو خون وهايو، پٽ فيڊر، نيلي بارڪي (اوڪاڙه ملٽري فارم) ملتان، پنو عاقل، کان تمراڻي تائين هنن منهنجي وطن جي هزارين هارين جو خون ڪيو. هارين کي پنهنجي زمين تان بيدخل ڪيو. انهن کان ڳرا ٽيڪس وصول ڪيا.
    هنن جي تشدد ۽ بربريت جا نشان اسانجي ماڻهن جي جسمن تي اڃان تازا آهن. اسان کان ڪجهه به ناهي وسريو. هنن وٽ تربيت آفته فوج آهي. پوليس آهي.اسان کان ٻيڻ تي منظم آهن. زميندار هڪٻئي کي طاقت ۽ سهارو ڏين ٿا. انجي باوجود ڪمزور آهن. هي اهڙا سوداگر آهن جن کي پنهنجي مال جي فڪر آهي.
    عزت سان جيئڻ ۽ مرڻ وارو سوال اسان کي ٻيڻي طاقت ڏئي ٿو .”
    صوفي مهتاب ڳالهائيندي کن پل لاءِ خاموش ٿي وڃي ٿو.
    ماحول مٿان گهري خاموشي ڇائنجي وڃي ٿي.
    “توهان هن مقصد ۾ اسان سان شامل ٿيو” صوفي مهتاب، فيروز ۽ سندس ساٿين کي مخاطب ٿيندي چيو، اسانجي نوجوانن جي تربيت ڪيو. هنن ۾ صبر ڪرڻ جي صلاحيت ۽ منظم تحريڪ لاءِ تيار ڪيو، توهان ائين ڪري سگهو ٿا. توهان ۾ مان اها صلاحيت ڏسان ٿو. اميد آهي ته توهان مونکي مايوس نه ڪندا. هيءَ جنگ آهي اُن جا ڪهڙا به نتيجانڪري سگهن ٿا. پر نوجوانن ۾ توهانجي تربيت، انقلاب لاءِ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي”
    ٻئي ڏينهن، چارئي دوست ان ڳالهه تي غور ڪرڻ ويٺا، ته ڪميون تحريڪ لاءِ هو پنهنجون صلاحيتون ڪيئن استعمال ڪن ۽ صوفي مهتاب هنن مان جيڪا اميد ڪئي آهي ان کي ڪيئن پورو ڪن.
    “اسان کي صوفي مهتاب جو ساٿ ڏيڻ گهرجي” فيروز، راءِ ڏيندي دوستن کي چيو، هن تحريڪ ۾ انقلابي اسپرٽ پيدا ڪرڻ لاءِ ڄمي بيهڻ گهرجي ۽ ماڻهن کي تيار ڪرڻ گهرجي.”
    “پر اسين ته ٻئي مقصد لاءِ نڪتل آهيون” تيرٿ وراڻيو، اسان کي اگهم ڪوٽ پهچڻو آهي.
    “مونکي ٻڌايو!؟ شهه مريد وراڻيو، توهان مان ڪو اهڙو آهي، جيڪو گوريلا ويڙه لاءِ ماڻهن کي تيار ڪري. اسين سڀ يا ته صحافي آهيون يا فلسفو پڙهائڻ وارا ، اهو ته ايڊونچر ٿيندو.
    “اهو ڪم ته سڀ ڪن پيا. اسين انهن کان مختلف پنهنجن آدرشن ڪري آهيون، فيروز وراڻيو،اسان پاسدار آهيون پنهنجن نظرين جا. هتي ئي اسانجي پرک ٿيڻي آهي. هيءَ ئي ته آزمائش جو مقام آهي. هتي اسين سکنداسين به ۽ سيکارينداسين به.”
    “شهه مريد جي ڳالهه به درست آهي” سنگهار وراڻيو، پر هڪ ٻي ڳالهه کي به سامهون رکو. هن تحريڪ مٿان حاوي عنصر صوفيت ۽ عقيدت جو آهي. هن درميان اسين پنهنجي جاءِ ٺاهي سگهنداسين؟
    “بلڪل ائين آهي! فيروز وراڻيو، هي هاري جنهن مقصد لاءِ وڙهي رهيا آهن. انجو پرچار به ته اسين ڪندا رهون ٿا. هيءَ آزادي جي جنگ آهي. هي محاذ رڳو صوفين جو ناهي اسانجو به آهي. اسان ۽ هنن ۾ طريقه ڪار جو فرق ٿي سگهي ٿو پر فڪر جو ناهي. تحريڪن ۾ سڀ رجحان گڏ هلي سگهن ٿا. هن تحريڪ کي طبقاتي ۽ سياسي تحريڪ جو رنگ ڏيڻ ۾ اسانکي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
    “فيروز جي ڳالهه درست آهي” تيرٿ وراڻيو، تاريخ جي رستي تي فتح ۽ شڪست گڏ گڏ هلن ٿيون. جنهن ڪري ئي دنيا ڪنهن نه ڪنهن طرح اڳتي وڌي ٿي.
    ڪميون رواج جي تحريڪ سنڌ جي تاريخ جو اهم موڙ ثابت ٿي سگهي ٿي. سنڌي ماڻهن پهريون ڀيرو قبيلن، ذاتين ۽ مذهبن کان مٿڀرو ٿي سوچيو آهي. هنن ۾ پهريون ڀيرو هڪ قوم جو احساس پيدا ٿيو آهي. ان موقعي تي عملي جدوجهد لاءِ اسان کي به موقعو ملي رهيو آهي، پر ساڳي وقت پنهنجي عزيز ڪامريڊ نذير کي وقت جي رحم ڪرم تي نٿا ڇڏي سگهون. منهجي راءِ آهي ته، اسان مان ٻه دوست هتي ترسن ۽ ٻه دوست اگهم ڪوٽ روانا ٿين.”
    سڀئي دوست تيرٿ جي راءِ سان سهمت ٿيا. فيصلو ٿيو، ته فيروز ۽ تيرٿ تمراڻي ۾ رهندا. سنگهار ۽ شهه مريد اگهم ڪوٽ روانا ٿيندا.
    فيروز ۽ تيرٿ، تمراڻي ۾ آگاهي جي نالي سان تربيت گاه قائم ڪئي. جنهن ۾ هُنن تمراڻي جي نوجوانن جي ذهني، جسماني ۽ جنگي تعليم ۽ تربيت جو انتظام ڪيو، هُنن عورتن جي تعليم جو به بندوبست ڪيو، جنهن جي ذميواري هڪ مقامي عورت حليمان جي سپرد ڪئي وئي. تيرٿ ۽ فيروز تمراڻي جي اعليٰ ڪائونسل جا مستقل ميمبر چونڊيا ويا. ٻئي طرف گورنر ۽ زميندارن، صوفي مهتاب جي وڌندڙ اثر کان سخت پريشان هئا. هنن پنهنجي ماڻهوءَ ذريعي صوفي مهتاب ڏانهن نياپو موڪليو ته پنهنجون سرگرميون بند ڪيو، هٿيار ڦٽا ڪيو ۽ سمورن پناه ورتل هارين کي واپس ڪيو، ائين نه ڪرڻ سان حڪومت پنهنجي رَٽ بحال ڪرڻ لاءِ آپريشن ڪندي.
    فيروز ۽ تيرٿ ٻن مهينن کان به وڌيڪ هتي آهن. وقت ڪيڏو تيزي سان گذري ويو، هنن کي ان ڳالهه جو احساس ئي نه رهيو. هنن ان دوران ڪيئي اهم ڪم ڪيا هنن تمراڻي کي هڪ نظام ۾ جوڙي ورتو. مختلف ادارا جوڙيا آبپاشي جو ادارو، شفاخانه، ماليات، تجارتي گدام، دفاع ۽ رٿابندي، اسڪول ۽ سياسي ۽ خارجي معاملن جا ادارا قائم ڪيا. فيروز ۽ تيرٿ هتي پنهنجي زندگيءَ جا مصروف ترين ڏينهن گذاريا. سج جي تيز چڀندڙ اُس هجي يا تيز برسات هنن جو جسم اهو سڀ ڏسڻ جو عادي ٿي ويو هو، بلڪه هنن شعوري طور تڪليف جي چونڊ ڪئي، هنن کي تڪليف مان راحت حاصل ٿي رهي هئي. هنن شعلو ٿي وڃڻ سکي ورتو هو.
    هي ڄاڻين واڻين ڪشٽ کڻندا هئا، ته جيئن سخت حالتن ۾ به پاڻ کي توازن ۾ رکي سگهن.
    ٻاهر ڪنهن در جي ڪُنڍي کڙڪائي. احمد جي هٿ ۾ لفافو هو. تيرٿ کي ڏيندي چيائين، سائين توهان لاءِ آهي. ارميل جو خط هو. تيرٿ، فيروز کي به سڏ ڪيو. هنن جي خوشي جي ڪا حد نه هئي. هنن جلدي جلدي خط کوليو ۽ پڙهڻ ويٺا. ارميل، سنگهار ۽ شهه مريد جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته اگهم ڪوٽ پهچڻ کانپوءِ اُهي مسلسل تڪليف ۽ برداشت مان گذري رهيا آهن. نذير اڃان قيد ۾ آهي، اگهم ڪوٽ ۾ هر ڏينهن نذير جي شهادت جا افواهه گردش ڪن ٿا. ڪنهن کي ڪا خبر ناهي ته ڇا ٿيندو. اسان پريس ڪلب ٻاهران بک هڙتال تي ويٺل آهيون. شهه مريد، شهرين سان گڏ، اگهم ڪوٽ پريس ڪلب ٻاهران بک هڙتال تي ويٺل آهي. هن سائره لاءِ لکيوته اسلام آباد ۾ هنجي ڪامياب تصويرن جي نمائش ٿي. سائره نمائش کانپوءِ به 15 ڏينهن اسلام آباد ۾ترسي. هنجو اسلام آباد جي ڪنهن بيروڪريٽ سان افيئر ٿيو. گذريل هفتي هوءَ شادي ڪري اسلام آباد شفٽ ٿي وئي آهي.
    تيرٿ، انتهائي اطمنان ۽ گهري سڪون سان ڪجهه گهڙين لاءِ پنهنجون اکيون بند ڪيون. ائين ڪرڻ هن لاءِ ضروري هو، نه ته پوءِ شايد هو رڙيون ڪري روئي ها.
    تيرٿ، ناممڪن تي پنهنجي اندر ۾ روئي رهيو هو. هن کي خبر هئي ته سائره ۽ هن جو ميلاپ ناممڪن هو. انجي باوجود هو حيرت ۽ ڏک مان سائره جي فيصلي سان سهمت نه هو. هو زندگيءَ جي وڏي حقيقت کان واقف هوندي، به ان کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هو .
    هو اطمنان سان اُٿيو. ٻاهر اس جي تيز ڪرڻن کي پنهنجن پيرن هيٺان لتاڙيندو پنهنجو پاڻ کي گهليندو، ٻاهر نم جي وڻ سان پنهنجو مٿو ٽيڪي ويهي رهي ٿو. منجهندتائين هي ان حالت ۾ هو. ڌرم هٿان هڪ ٻيو خون ٿيو.
    هن کي ائين محسوس ٿيو. هيءَ دنيا، هن جي جڳهه ناهي. هو ڪنهن کي چاهڻ ۽ پيار ڪرڻ لاءِ ناهي ٺهيو. هن لاءِ قدرت جو الڳ فيصلو آهي. هن کي ائين لڳو، هنجو صبر ٽٽي رهيو آهي، پر پوءِ هڪ عجيب جهٽڪي سان هن پاڻ کي سنڀاليو.پاڻ سان مخاطب ٿيو، پاڻ کي ان طرح ڏک واري حالت ۾ رکڻ لاءِ هي مناسب موقعو ناهي.
    تيرٿ، پنهنجي روح جي بيچيني کي قابو ۾ رکڻ لاءِ اُٿڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اُٿي نه سگهيو. هو وري به انسان هو ۽ غم جي شدت اڳيان پنهنجن ڳوڙهن کي روڪي نه سگهيو. هن جو چهرو ڳوڙهن جي پاڻي سان تر ٿي ويو.
    هي پنهنجي غم کي دل اندر دٻائڻ کان لاچار هو. ڪافي دير هي ان حالت ۾ رهڻ کانپوءِ، نم جي گهري ٿڌي ڇانو، هن کي پنهنجن ٻانهن ۾ ڪيڏي مهل کڻي وئي، هن کي انجي ُسڌ ئي نه رهي، هن کي ڪا گهڙي ننڍ اچي وئي.
    ڪنهن مهل احمد اچي هن جي ڪلهي تي هٿ رکيو، هن کي جاڳايو.
    استاد سائين، ڪائونسل جي ضروري گڏجاڻي لاءِ توهان کي گهرايو اٿن.
    رستم، ڪائونسل کي آگاهي ڏني ته گورنر ۽ زميندارن، تمراڻي جي ڪميون رواج کي ڪچلڻ لاءِ فورس جمع ڪرڻ شروع ڪئي آهي. فورس ۾ زميندارن جا هٿيار بند ماڻهو به شامل آهن. هي ڪيڏي مهل به تمراڻي تي هلان ڪري سگهن ٿا. غور ۽ فڪر کانپوءِ صوفين جي اعليٰ ڪائونسل فيصلو ڪيو، ته شهر جي چوڌاري خندق کوٽي ان ۾ پاڻي ڇڏيو وڃي ته جيئن دشمن جون گاڏيون ۽ موٽرون شهر ۾ داخل ٿي نه سگهن.
    صوفي مهتاب چيو، “جيئن ته اسين تعداد ۾ ٿورا آهيون، ان ڪري سامهون ٿي وڙهڻ بجاءِ گوريلا ڪاروايون ڪري دشمن جي طاقت کي ڪمزور ڪنداسين.”
    فيروز ۽ تيرٿ لڳاتار نوجوانن جي جنگي تربيت تي ڌيان ڏئي رهيا آهن. هي نوجوانن کي جيڪي بنيادي ڳالهيون سمجهائي ۽ سيکاري رهيا آهن انهن ۾.
    پنهنجي تعداد کي پوشيده رکڻ .
    دشمن جي تعداد تي نظر رکڻ .
    ڪمزور پاسي تي ضرب لڳائڻ .
    رات جي آخري ۽ ٿڌي سمي حملو ڪرڻ .
    حملي کان اڳ باه ڏئي افراتفري پيدا ڪرڻ .
    صبر ۽ تحمل سان پنهنجو ڪم ڪري اچڻ .
    واپسي جو رستو تبديل ڪري اچڻ .
    تيزي سان حملو ڪري واپس ٿيڻ .
    مارڻ جي بجاءِ زخمي ڪرڻ .
    ٽولين ۾ حملو ڪرڻ، هر ٽولي ۾ پنج جوانن جو هجڻ .
    طئي ٿيل سمي ۾ واپس ٿيڻ.

    تمراڻي جي ماڻهن جو جوش ڏسڻ وٽان آهي. هنن کي هن سمي جو ئي انتظار هو. هنن هن ڏينهن جي تياري ڪري ورتي آهي. هنن کي ان ڳالهه جو احساس آهي ته زندگي جيڪا هاڻي هي جي رهيا آهن انجو زبردست پهلو آهي شعلو ٿي وڃڻ يا پتنگ جيان جَلي وڃڻ آهي. دنيا ۾ ڪمزور ترين سمجهيا ويندڙ هاري ناري ۽ پورهيت کي پنهنجي طاقتور هجڻ جو موقعو ملي رهيو آهي. انتهائي بي رحمي وارو ورتاءُ ڪرڻ وارن جاگيردارن کي هي هڪ لمحي لاءِ به وساري ناهن سگهيا. وقت اچي ويو آهي ته هو پنهنجا حساب برابر ڪن.
    سرڪار پنهنجي نام نهاد رَٽ قائم ڪرڻ لاءِ ۽ زميندار پنهنجي بقا لاءِ تمراڻي جي ميدان تي اچي ڪٺا ٿيا آهن. ته جيئن ڪميون رواج جو خاتمو ڪري سگهن. شهر جي گرد پاڻي هجڻ ڪري هي پنهنجون موٽرون ڳوٺ کان ٻاهر بيهارڻ تي مجبور هئا. انقلابي نوجوانن پنهنجي تربيت جي آڌار ڪاروايون شروع ڪري ڏنيون. رات جي آخري لمحن ۾ تيزي سان حملا ڪري حفاظت سان واپس پنهنجي مرڪز پهچي ٿي ويا.
    پورو هفتو اها ويڙه هلي. زميندارن جي گماشتن ۽ سرڪار جي پيٽو فورس کي همت نه ٿي ته پاڻي ڪراس ڪري تمراڻي تي حملو ڪن. ان پوري عرصي دوران سون جي تعداد ۾ سرڪاري سپاهي ۽ زميندارن جا هٿيار بند زخمي ٿيا ته ڪيترا مارجي ويا. هي ڄڻ ماڻهن سان نه بهوتن سان مقابلو ڪري رهيا هئا.مرڪزي سرڪار سخت مشڪل ۽ دٻاءُ ۾ هئي. ميڊيا به اُن اشو کي کنيو آهي. حڪومتي ڪارندن، زميندارن کي چيو، تمراڻي کي فتح ڪرڻ جي جنون ۾ اسين پورو ملڪ ته نه ٿا وڃائي سگهون، صوفي مهتاب سان ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ڳالهيون ڪري ڪو رستو ڪڍو.
    تڏهن زميندارن هڪ سازش رٿي.
    ُملي شهداد کي قرآن پاڪ ڏئي صلح جو نياپو موڪليائون. ُملي شهداد جي هڪ هٿ ۾ سفيد جهنڊو هو ته ٻئي هٿ ۾ قرآن. هي صوفي مهتاب جي سامهون اچي بيٺو ۽ ڳالهائيندو ويو.
    “مون تي اعتبار ڪر.”
    “مان تو وٽ لنگهي آيو آهيان.”
    “جيڪڏهن توکي هن قرآن تي اعتبار آهي ته جنگ بند ڪر .”
    “اسين صلح چاهيون ٿا.”
    “زميندار، نورمحمد سخت زخمي آهي. هلي نه ٿو سگهي، هتي هو ضرور اچي ها.”
    “تون اعتبار ڪر ۽ اسان سان هلي صُلح جا اصول طئي ڪر.”
    صوفي مهتاب اعليٰ ڪائونسل کي طلب ڪيو.
    اعليٰ انقلابي ڪائونسل ۾ ان ڳالهه تي بحث ٿيو ته،
    صلح ڪيئن ڪجي ۽ انجا اصول ڪهڙا طئي ڪجن.
    صوفي مهتاب صلح جي حمايت ڪئي ۽ صلح ۾ اڳڀرائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ، صوفي مهتاب امن لاءِ ڪو به موقعو وڃائڻ نه ٿي چاهيو.
    جڏهن ته تيرٿ ۽ فيروز جو موقف هو ته حڪمرانن جنگ اسان مٿان مسلط ڪئي آهي. صُلح لاءِ اسانکي نه بلڪه سرڪار کي پيش قدمي ڪرڻ گهرجي. تمراڻي اچي فيصلي جا اصول طئي ڪري. امن جي پهرين مرحلي ۾ تمراڻي جي گرد جمع فورس هٽائي وڃي. زميندارن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ تمراڻي جي زمين هارين وٽ رهڻ جو اعلان ڪيو وڃي.
    فيروز، پنهنجي موقف تي قائم رهندي وڌيڪ دليل ڏنا، ته حڪمران جنگ هارائي رهيا آهن. ان موقعي تي اسان کي هنن خلاف سخت فيصلا ڪرڻ گهرجن. وڌ کان وڌ مقصد حاصل ڪرڻ گهرجن. جو باقي سنڌ جو تحريڪون به اسان ڏانهن ڏسي رهيون آهن. هي تحريڪ آزادي جي تحريڪ آهي. جيڪا رهنما آهي باقي تحريڪن جي.
    فيروز هڪ ٻئي نقطي تي به ڳالهايو، “اسان ُملي شهداد جهڙي بدنام ۽ ڪوڙي ماڻهو تي ڪيئن ٿا اعتبار ڪري سگهون. جنهن ڪجهه ڏينهن اڳ ئي ڪميون رواج کي دهرين جو نظام چئي ان خلاف فتوا جاري ڪرائي. هو سڀ اسان سان دوکو ڪرڻ چاهن ٿا.”
    صوفي مهتاب، لاءِ واقعي به هي ڏکيو فيصلو هو. تڏهن هن آسمان ڏانهن نهاريو ۽ هميشه جيان اکيون ٻوٽي کن پل لاءِ خاموش ٿي ويو. هن جي وجود ۾ هڪ قسم جي هلچل هئي. هن جي اڳيان تمراڻي جو شهر آهي. جنهن کي هن پنهنجي ڪردار جي قوت ۽ صداقت سان ٺاهيو هو. جنهن لاءِ هن پنهنجن اکين کي ڪڏهن ننڍ نه ڏني. هن اکيون کوليون هن جي آواز ۾ يقين هو. هن مخاطب ٿيندي چيو هن لاءِ اهو ئي لکجي چڪو آهي. هن لاءِ اها سمت طئي ٿي چڪي آهي. هن کي صلح لاءِ وڃڻو آهي.
    تيرٿ ۽ فيروز مٿان گهري اداسي ڇانئجي وئي. هنن کي جنهن ڳالهه جو خوف هو ائين ٿيو .
    صوفي مهتاب کي ڳالهين جي بحاني سان گهرائي، گرفتار ڪري پوءِ شهيد ڪيو ويو.
    هن سان گڏ احمد ۽ٻين انقلابي نوجوانن کي به شهيد ڪيو ويو.
    ڪائونسل فيصلو ڪيو ته عورتون محفوظ رستي نڪري وڃن.
    ۽ مرد ڄمي مقابلي ڪندا.
    تيرٿ ۽ فيروز، خندق ڪناري پهچي ڀنل اکين سان هڪ عجيب حسرت ۽ بي چيني سان چئني طرف ڏٺو. سامهون خندق جو پاڻي اڃان بيٺو هو. ٿڪل اکين سان هنن پنهنجو چهرو پاڻي ۾ ڏٺو. پنهنجن چهرن جي عجيب خاموشي ۽ ڳاڙهيون ٿي ويل اکين ۾ هنن کي گهري اداسي نظر آئي. هنن پاڻي کي ُٻڪن ۾ ڀري پنهنجا چهرا ڌوتا،گيت جيڪو سڀني گڏجي ڳايو هو، ختم ٿي ويو. جنهن جي صدا هميشه لاءِ رهندي. هو پنهنجي ُمحسن جي جُدائي تي سڏڪا ڀري روئڻ لڳا. هنن جا چهرا لڙڪن ۾ ُٻڏل هئا. هنن جا ٻئي هٿ اڃان پنهنجن چهرن تي هئا، هو مسلسل روئي رهيا هئا. هنن جو غم گهرو هو.
    هنن پنهنجا ڳوڙها اُگهيا. هنن کي ان ڳالهه جو احساس هو، ته هڪ انقلابي کي سرعام روئڻ نه گهرجي. هنن پنهنجي طاقت کي جمع ڪيو. هر ماڻهو جي چهري تي خاموشي ڇانيل هئڻ جي باوجود هنن کي معلوم هو ته، زندگي ۾ ُمسرتن جو حاصل هڪ خواب آهي اصل ڳالهه آزادي آهي.
    زميندارن جي فورس ۽ مرڪزي سرڪار جي فورس گڏجي
    تمراڻي تي حملو ڪيو .
    تيرٿ، فيروز، ۽ ٻيا سوين ساٿي
    همت ۽ جرعت سان وڙهيا ۽ سندن ڪيئي ساٿي شهيد ٿي ويا.
    آخري وقت تي رستم، تيرٿ ۽ فيروز کي زندهه ۽ محفوظ رستي مان ٻاهر ڪڍي آيو. ان خيال سان ته هي جنگ جاري آهي.
    هاڻي ڪنهن ٻئي روپ ۾ وڙهي ويندي.


    خدا جي زمين تي رهڻ لاءِ به قانوني ڪاغذ گهرجي؟

    تيرٿ، فيروز ۽ رستم، قيصر ڍنڍ کان ٿيندا ڪنهن اڻڄاتل شهر جي ويجهو اچي پهتا. طويل سفر ڪري هنن جو جسم ڏکي رهيو هو. هنن کي ڪنهن سهاري جي ضرورت هئي. هنن کي ڪجهه سمجهه ۾نه پئي آيو ته هو ڇا ڪن. ڪنهن ڏانهن وڃن. هو ٿڪجي ٽُٽي هڪ هنڌ ليٽي پون ٿا. ان دوران جوڳي فقيرن جي هڪ ٽولي اُتان گذري، فقيرن جو هنن کي بي حال ٿيندي ڏٺو، ته هنن کي سهارو ڏئي پنهنجي جُهڳي ۾ وٺي آيا. هنن کي ماني کارائي، لسي پياري ۽ آرام لاءِ بسترو وڇائي ڏنو. هو ڪيڏي مهل ُستا ۽ ڪيڏي مهل اُٿيا، وقت جي هنن کي ڪا خبر ئي نه پئي.
    فيروز جي صبح سوير اک کلي، ڏسي ته ڪو فقير گيان ۾ مصروف آهي.
    فيروز، خاموشي سان هن جي ڀر ۾ ويهي رهيو، فقير جون اکيون بند آهن.
    هو ڀجن جي طرح جو ڪو گيت ُسر ۾ ڳائي رهيو هو. هن جا چيل ڪجهه لفظ فيروز کي سمجهه ۾آيا.
    فقير چوندو پئي ويو.
    ڀومي منگلم.
    اڌڪ منگلم.
    وايو منگلم .
    گگن منگلم .
    سوريه منگلم .
    چندر منگلم .
    جگت منگلم .
    جيو منگلم .
    مانو منگلم .
    آتما منگلم .
    سروو منگلم .
    سروو منگلم ڀوتو ڀوتو .

    ڪجهه گهڙين جيِ خاموشي کانپوءِ فقير پنهنجون اکيون کوليون.
    فيروز کي پنهنجي ڀر ۾ ويٺل ڏسي پڇيائين،
    توهان مسافر آهيو، پري کان آيا آهيو؟
    صبح مون خيال ڪيو ته توهان کان اچي ڪجهه ُپڇان. پر توهان گهري ننڊ ۾ هئا. ڪالهه توهان کي هٿن جي سهاري وٺي آيا هئاسين، توهان تمام گهڻو ٿڪل هئا.
    ڪهڙو نه مٺو آواز آهي توهانجو، ڇا پئي ڳايو؟ فيروز ، فقير کان پڇيو.
    “مون آسمان ۽ زمين جي خالق کان دعا پئي گهري ته اسانجي ُڀومي ماتر، مانو کي مسرتن، خوشين سان ڀري ڇڏ، پوري جڳت کي به، انسان جي آتما کي به،
    جيڪا هن دنيا ۾ خوشين ۽ مسرتن لاءِ واجهائي رهي آهي.”
    توهان ڪيڏانهن ويندا ؟ فقير، فيروز کان پڇيو.
    اگهم ڪوٽ، فيروز وراڻيو.
    “توهان اگهم ڪوٽ جا آهيو” فقير بي اختيار خوشي مان چيو، “ پوءِ ته منهنجا هم وطن ٿيا، ٻه سال اڳ اسين اگهم ڪوٽ کان هتي لڏي آيا آهيون. هتي ته اسان بي وطن مسافر جيان رهون ٿا.”
    “توهان ائين ڇو ٿا چئو، هي به توهانجو وطن آهي.” فيروز فقير کي چيو.
    فقير، “ نه، منهنجو وطن ته اگهم ڪوٽ آهي. اگهم ڪوٽ ۾ مان پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائڻ جي باوجود به هن شهر کي ياد ڪيان ٿو.”
    توهان پنهنجو ڇا وڃايو؟ فيروز هن کان پڇيو.
    فقير ٿڌو ساه کنيو، هن گذريل ڏينهن کي ياد ڪندي.
    هڪ گهري درد کي محسوس ڪيو ۽ پنهنجن اکين کي زمين ڏانهن نوائي چيو.
    “اگهم ڪوٽ ۾اسانجي ننڍڙي بستي هئي. اڪثر جڏهن برسات پوندي هئي، اسان پنهنجي پوري يقين سان، پنهنجون اکيون ٻوٽي خدا کان پراٿنا ڪندا هئاسين ته،
    خدا اسان ۾ همت ڪانهي جو اسين پنهنجي ننڍڙي بستي کي ٻڏندي ڏسون.
    اسان تي ديا ڪر، بارش کي رڪڻ جو حڪم ڏي.
    بارش رڪجي ويندي هئي”
    “مان پنهنجي يقين سان اها ڳالهه ڪيان ٿو ته ڀروسي ۾ وڏي طاقت آهي. پر جڏهن اسانجي بستي تي انسان جي نظر پئي ته هن ظلمت ۽دهشت جو مظاهرو ڪيو. هڪ ڏينهن مقامي وڏيري جيڪو چونڊيل پارٽي جو ميمبر آهي. اسانکي جهڳيون خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. چيائين ته هتي وڏا دوڪان ٺهندا. اسان ڪمزور ماڻهو هٿ ٻڌا، پيرين پياسين، ته، سائين اسان سالن کان هتي رهندا پيا اچون اسان ڪاڏي وينداسين، اسان کي زمين نه گهرجي، ڪنهن ٻئي هنڌ ئي رهڻ لاءِ ٽڪرو ڏيو. پر هن نه مڃيو، چوي مان ان سان ٻڌل ناهيان، سڀاڻي تائين هتي نه هجو، نڪري وڃو.”
    اسان عدالت وٽ دانهيون، صحافين وٽ وياسين، پر هر ڪنهن کان اهو جواب مليو ته، توهان کي هتي رهڻ لاءِ ڪا قانوني ثابتي ڪانهي.
    “ هاڻ خدا جي زمين تي رهڻ لاءِ به قانوني ڪاغذ گهرجي؟”
    “اسان ويٺا رهياسين ٻئي ڏينهن زميندارن جي ماڻهن اسانجي نينگري اغوا ڪئي. اسانجا نوجوان روڊ بلاڪ ڪري ويهي رهيا، چون ڇوڪري واپس ڪري ڏوهارين کي سزا ڏيو يا اسان کي به ماريو. پوليس آئي لٺيون هڻي سڀني کي کڻي وئي.
    اسان انتهائي ڪمزور ۽ اڪيلا ٿي وياسين. ٻي رات دير سان منهنجي اک کلي، ته ڪجهه ماڻهن کي مون جهوپڙين کي باه ڏيندي ڏٺو. مون گهڻيون رڙيون ڪيون، پر سڀ جوان ته جيل ۾ هئا. اسان پنهنجو ڪجهه به بچائي نه سگهياسين. پوري بستي منهنجي اکين اڳيان سڙندي رهي. ٻئي ڏينهن پوليس اسانجي جوانن ۽ زميندار جي ماڻهن ڇوڪريءَ کي ان شرط تي آزاد ڪيو ته خاموشي سان شهر ڇڏي ويندو. “ڇوڪري جيت مار دوا پي پنهنجي هتيا ڪري ڇڏي”
    “ دنيا ۾ وڏو ظلم آهي”
    “هي دنيا ڪمزور ماڻهن ۽ جاتين لاءِ رسي جو ڦندو آهي”
    “اسان در در ڦِرندا رهياسين، پني ڪڏهن ڪجهه نه کاڌو، هاڻ پنڻ تي مجبور هئاسين. هي ٻني جتي هينئر اسين رهون ٿا، زميندار پير سيد وهاب سائين جي آهي. هتي اسين مزدوري ڪري پنهنجو پيٽ گذر ڪيون ٿا. عورتون زميندار جي ٻني تي ڪم ڪن، ڦٽي چونڊين، گُڏ ڪڍين ۽ پير سائين جي گهر جي ڌانو ٻهاري ڪن، زميندار سان سال جو حساب ڪري قرض پکا لٿي، حساب برابر ٿي وڃي ٿو.”
    اسان کي ته حساب ڪرڻ ڪونه اچي، پر اهو اطمنان آهي ته پير لڏائيندو ڪونه، چوي ٿو بابا توهان دل لڳائي ڪم ڪندو ته مان به اوهان کي تڪليف نه ڏيندس.
    جوڳي فقير رڪندي ڳالهايو پئي، “اسان مان هر ماڻهو کي خدا ڏانهن وڃڻو آهي. پر ڪجهه ماڻهو ڄڻ سدائين لاءِ هتي رهڻ جو خيال رکن ٿا. اُهي ماڻهو ئي ظالم ۽ خود غرض ٿيندا آهن.”
    هڪ لمحي مون پاڻ پنهنجي هتيا جو فيصلو ڪيو. پر پوءِ ڌرم وچ ۾ اچي ويو، ته هتيا ڪرڻ وارو نرڳ ۾ ويندو، هاڻ ته منهنجي عمر نرڳ ۾ وڃڻ جي ڪانهي.
    تيرٿ ۽ رستم به هاڻ هن محفل ۾ شريڪ ٿي ويا.
    جوڳي فقير وري ڳالهائڻ لڳو، “پر پوءِ مون کي زنده رهڻ جو رستو ملي ويو،
    مون پاڻ کي وقت جي گرفت کان آزاد ڪري ورتو. ان ڪشمڪش کان پاڻ کي آزاد ڪري ورتو جيڪا بار بار منهنجي من کي اداس، بي چين ۽ ملول ڪري پئي، مون خواهش ڪرڻ ۽ مسرتن واري زندگي تياڳي ڇڏي.”
    مون پنهنجي من کي تسلي ڏيندي چيو، “مسرت ۽ خوشي ڪٿي آهي ئي ڪانه ته ان جي لاءِ پريشان، ملول ڇو ٿئجي.”
    “توهان هاڻي به هن دنيا ۾ رهو پيا” تيرٿ، جوڳي فقير کي چيو، ان مان تياڳ جو مطلب ڇا آهي؟ دنيا کي تياڳڻ جو مطلب دنيا کي ظالمن جي حوالي ڪرڻ آهي ڇا؟
    “زندگي جي اهميت به ڪهڙي آهي، جوڳي فقير وراڻيو، جنهن کي نه جِي سگهجي نه ُمسرت سان گذاري سگهجي. جنهن شيءِ جي حاصلات ممڪن ناهي، ان لاءِ من کي اداس ڇو ڪجي. نراسائي مان ڇا حاصل، ان کان بهتر، ان کي تياڳڻ آهي. پهاڙن مان ڪرندڙ پاڻي جي ڪا اهميت آهي. پاڻي جي اهميت ته سڌي زمين ۽ فصل واري زمين لاءِ آهي، مان پهاڙن مان ڪرندڙ پاڻي جي آچار آهيان. منهنجي يا منهنجي ٻارن جي مقدر ۾ سڌي زمين جو پاڻي ناهي.”
    “جيئن مون ڏٺو آهي، ته قدرت، فطرت جي سهاري مسرت کي جنم ڏئي ٿي، انسان لالچ سهاري ان کي تباه ڪري ٿو. جوڳي فقير ڳالهائڻ لڳو، مان پنهنجون اکيون ٻوٽي جڏهن فڪر ڪيان ٿو، تڏهن مان محسوس ڪندو آهيان ته مان ڪٿي به ناهيان. منهنجو ڪو به نشان ڪونهي. گَهٽ گَهٽ ۾ ربَ جون نشانيون آهن. پر وري جڏهن اکيون کوليان ٿو، ڏسان ٿو، پاڻ کان پڇان ٿو ته.
    رَب جون نشانيون آهن ڪٿي؟ انسان نشانيون مٽائيندو وڃي ٿو، رب پيدا ڪندو وڃي ٿو. مونکي خبر ناهي ته اهو چڪر ڪيستائين هلندو.
    پر هاڻي اهو گهڻي دير هلڻو ناهي.”
    “ڇا ٿيڻ وارو آهي!؟ تيرٿ، فقير جي ڳالهين کي ٻڌندي کيس پڇيو،
    “مان اها حقيقت ڄاڻان ٿو ته جنهن شيءَ کي فنا آهي، انجي حاصل لاءِ پنهنجو چين ڇو داءُ تي لڳائجي” جوڳي فقير وراڻيو، بي جان شين لاءِ اسين مري به رهيا آهيون ماري به رهيا آهيون. بي معني زندگي جي شروعات اِتان ٿئي ٿي. هي ظلمت جي دنيا آهي. هتي طاقتور اهو آهي، جنهن جي پيري مريدي آهي. زمين آهي. مال متاءُ آهي ۽ ذات آهي. مون مسرتن جي حاصلات لاءِ ڌيرج رفتار سان زندگي گذاري.
    فطرت کي مون پاڻ لاءِ رب جي عنايت سمجهي ان اڳيان پنهنجو سر نوايو.
    فقير ڪبير جو شعر ٻڌائي ٿو.
    گَهٽ گَهٽ ميڏا سائيان، سوني سيج نه کوئي
    ٻلهاري تس گَهٽ که، جس گَهٽ، پرگَهٽ هوئه
    مان فطرت جي هر منظر کي ڏسي مسرت سان ڀرجي ويندو آهيان ۽ ٻلهاري پيو ٿيندو آهيان، جڏهن قدرت جي ڪنهن منظر کي ڏسي بي اختيار چئي ڏيندو آهيان.
    “ميڏا سائيان، چادر هٽائي خود پرگَهٽ ٿيو آهي، مان ته ڪيڏو خوش نصيب آهيان.
    موجوده نسل، اهو سڀ ڪجهه وساري ڇڏيو آهي.
    انجي رفتار ۾ بي انتها تيزي اچي وئي آهي. اُهي منهنجو مذاق اڏائين ٿا.منهنجي ائين هجڻ تي کلن ٿا ۽ ڏوهارين جهڙو ٿيڻ چاهن ٿا ۽ وري هڪ ٻئي کان خوف کائي. پنهنجي روح جي حفاظت بجاءِ، پنهنجي ملڪيت، شان و شوڪت جو بچاءُ ڪرڻ لاءِ. ُڦرن ۽ لُڪائن ٿا. اهو سڀ ڪيستائين.”
    جوڳي فقير هنن کي ڄڻ زندگي جي هڪ هڪ لفظ جي معنيٰ سمجهائي رهيو هو.
    “خالق جي پر اسرار طاقت، هڪ ڏينهن سڀ ڪجهه ختم ڪري ڇڏيندي،” هن چيو.
    تيرٿ، جهڳي کان ٻاهر نهاريو، ڪچي اڳند تي مٽي جو ليپو اهڙي سدائي ۾ ڏنل هو ڄڻ پڪو فرش ٻڌل هجي. خوراڪ جي ڪمي جا ماريل ڪمزور اڌ اگهاڙا جوڳين جا ٻار حيرت مان ڏسي رهيا هئا ته هي اجنبي هتي ڇا پيا ڪن.
    “توهان منهنجي وطن جا آهيو” جوڳي فقير هنن کي اڪير مان چيو، توهان هتي جيترو به وقت رهڻ چاهيو رهو، هي شهر ڪمزور ۽ دکي ماڻهن جو سهارو آهي، هتي جي ماڻهن ۾ قرب آهي، جوش آهي، ۽ جستجو آهي ۽ عشق جي رس سان ڀريل شاعر آهن، زرخيز زمين آهي، ڀريا فصل آهن. هتي توهان گهمو، شهر کي ڏسو، ماڻهن سان ملو.”
    هي ڪهڙو شهر آهي؟ تيرٿ جوڳي کان پڇيو.
    “خان جو ٽنڊو” جوڳي فقير شهر جو نالو ٻڌائيندي چيو.
    ٻاهر ڏينهن چڙهي آيو هو.
    تيرٿ، فيروز، رستم جهڳي مان نڪري شهر جو رخ ڪيو .
    “خان جو ٽنڊو پريس ڪلب”
    هنن سنڌي ۾ لکيل شهر جو نالو پڙهيو.
    اندر صحافين ۽ عام ماڻهن جي رش هئي.
    فيروز صحافين سان پنهنجو تعارف ڪرايو ته تقريبن سمورا صحافي سندن واقف نڪتا.
    هن صحافين کان تمراڻي ڪميون رواج جا تفصيل معلوم ڪرڻ چاهيا ته وڌيڪ اُن شهر سان ڇا ٿيو؟
    “تمراڻي ڪميون رواج، تي حملي جي رپورٽنگ لاءِ ويندڙ سڀني صحافين کي رستي ۾ روڪيو ويو” هڪ صحافي تفصيل ٻڌائيندي چيو، شهر ڏانهن ويندڙ سمورا رستا بند ڪيا ويا هئا. صرف ايتري معلومات ملي سگهي ته صوفي مهتاب کي دوکي سان شهيد ڪرڻ کانپوءِ سرڪاري ۽ غير سرڪاري فورس هٿان تمراڻي ڪميون رواج جي ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو ته ڪيترن کي گرفتار ڪري، پوري شهر کي بلڊوز ڪيو ويو.


    ڪاڏي وئي جنت الفردوس

    گوتم ُٻڌ هڪ ڀيري پنهنجي هڪ چيلي کي چيوهو. هر لمحو پنهنجي گذريل لمحي کان مختلف هجي ٿو. هر لمحي جي پنهنجي تقاضا ۽ پنهنجي حقيقت هجي ٿي. تون هن لمحي آهين، پر پهرين لمحي ۾ نه هئين ۽ هن لمحي ۾ تون اڳئين کان مختلف آهين.
    فيروز، صوفي مهتاب جي غير موجودگي تي سوچي ٿو. هو ته هر لمحي کي معنيٰ ڏيڻ وارو شخص هو. تحريڪن ۾ فرد جي ڪيڏي اهميت ٿئي ٿي.
    خدا جا فيصلا هڪ راز جيان آهن. هن چيو.
    شهيد صوفي مهتاب پاڻ کي خدا جي حوالي ڪيو. هن پنهنجي سِر کان وڌيڪ خدا جي ڪلام کي مان ڏنو. هن اهو نه ڏٺو، ته خدا جو ڪتاب ڪهڙي ماڻهوءَ جي هٿ ۾ آهي. هن لاءِ اهو اهم به نه هو. هن وٽ پاڪ، صاف يقين هو. قرآن جي اچڻ کانپوءِ هن وٽ امن لاءِ پيش قدمي نه ڪرڻ جو ڪو ُعذر نه هو. هن کي وڃڻو هو، اهو ئي هن لاءِ طئي ٿي چڪو هو. مونکي ياد آهي جڏهن مون آخري ڀيرو صوفي مهتاب جي گهرين روشن اکين ۾ نهاريو هو. ته هن جي اکين ۾مون عجيب مستي ڏٺي. منصور حلاج جي اکين جهڙي،. جيڪو موت کي “محبوب” چئي مخاطب ٿيندو هو.
    شهيد صوفي مون ڏانهن نهاري مونکي چيو هو، “فيروز توکي ڇا ٿي ويو آهي؟ پنهنجي من کي قابو ۾ رک، يقين ۽ ڀروسي کي پنهنجي اندر محفوظ رک. ملول نه ٿي، اهڙي حالت ۾ سر ڏيڻ به ته خدا سان احتجاج ڪرڻ جي برابر آهي.”
    “دنيا جا سمورا اهڙا انسان جيڪي فقط پنهنجي آدرش لاءِ ماريا وڃن ٿا. دراصل اهي هڪ قسم جو احتجاج ڪري رهيا هوندا آهن. پنهنجي خدا سان”
    احتجاج جو هي طريقو عجيب آهي. جنهن ۾ نهٺائي ۽ ادب ڀريو، انڪار آهي. خدا جي اهڙي دنيا ۾ رهڻ کي کان انڪار. اهڙي دنيا جنهن جي چوڌاري غم، افلاس، ظلمت ۽ رنجيدگي ٿي هجي. اهڙي دنيا کان بهتر آهي، ته اسين پنهنجي مرڪز ۽ مدار ڏانهن واپس وڃون. مخدوم بلاول پاڻ لاءِ خود فيصلو ڏنو، ته هن کي گهاڻي ۾ پيڙهيو. اهو به هيٺان کان، ته جيئن هو پنهنجن هڏن جي ٽڙڪڻ جو آواز ٻڌي سگهي. اهو به ته پنهنجي رب سان هڪ احتجاج جو طريقو هو. پنهنجي مقصد ڏانهن تنها وڃڻ ۽ پنهنجو سِر ڏئي چوڻ ته “مونکي تنهنجي اهڙي دنيا نه ٿي گهرجي”
    شهيد صوفي وقت ۽ جذبات کان اڳتي بيٺل شخص هو. جيتوڻيڪ اسين اهڙي احتجاج جي طريقي کي عقيدي جي سر بلندي سمجهون ٿا، پر اهو طريقو پنهنجي روح ۾ باغيانه، انقلابي ۽ هڪ طرح سان لازوال آهي.
    پريس ڪلب جي مختصر ڪمري ۾ فيروز، تيرٿ ، رستم ، ۽ مقامي صحافي ويٺل آهن ۽ نذير جي معاملي تي ڳالهائي رهيا آهن. هنن مان ڪجهه صحافي دوستن جو رايو هو ته جمهوري سرڪار تي دٻاءُ وجهڻ گهرجي، ته جيئن نذير جو ڪيس عدالت ۾ هلي سگهي.
    “سرڪار ان معاملي ۾ ڪا به مدد نه ڪندي” فيروز وراڻيو، سرڪار کي نذير جي آزادي کان وڌيڪ پنهنجي حڪومت جو فڪر آهي.”
    ان دوران ڪجهه نوان دوست به ان ڪچهري ۾ شامل ٿين ٿا.
    “تمراڻي ڪميون رواج جي طور طريقي مان صوفي مهتاب کي شهرت کانسواءِ ڇا حاصل ٿيو؟ فيروز کان ڪنهن صحافي سوال ڪيو، منظم رياست خلاف تحريڪون ائين ته ناهن هلنديون. ڪميون رواج کي صوفي مهتاب جي ايڊونچر کان وڌيڪ ٻيو ڇاٿو چئي سگهجي؟”
    “تمراڻي ڪميون تحريڪ جو بيشڪ پنهنجو طور طريقو هو. فيروز، جواب ڏيندي چيو، رياست جي حفاظت ڪرڻ وارن داغدار ماڻهن خلاف هي ڪو مشيني طريقو نه هو. هي خالص ڀروسي ۽ يقين تي ٻڌل تحريڪ هئي. ڀروسي ۾ وڏي طاقت هجي ٿي. ڀروسو دل ۾ پنهنجو پاڻ انقلاب ۽ تحريڪن لاءِ خيال اُڻي ٿو.”
    “پاڪستان ٺهڻ جي پويان قومن جي آزادي وارو مقصد هو ڇا؟ فيروز، کام ڪنهن ٻئي صحافي سوال ڪيو،
    “منهنجي خيال مطابق نه هو.” فيروز چيو، “هي پاڪستان اهڙو الحاق آهي جيڪو جاگيردارن، نوابن، سردارن ۽ انگريزن جي مرضي سان ٿيو. هن کي هاڻي بچائڻو آهي ته قومن کي پنهنجن وسيلن ۽ حقن سميت خود اختياري جو حق ڏيڻو پوندو. پاڪستان پنهنجي جنم کان ڪرائسز جو شڪار آهي. انجا سبب به پاڪستان جي بنياد ۾ ڳولڻا پوندا.”
    حڪمران چون ٿا، ته جمهوريت ۾خود مختياري جو حق موجود آهي، صوبن جون پنهنجون اسيمبليون آهن؟ ڪنهن نوجوان سوال ڪيو.
    “جڏهن پاڪستان ۾ رهندڙ قومون پنهنجن وسيلن جون خود مالڪ ٿيڻ جو سوال ڪن ٿيون ته هي رياست ۽ انجا دفاعي ادارا انهن کي ڪچلڻ لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃڻ لاءِ تيار آهن” فيروز جواب ۾ ڳالهايو، جنهن جو مثال ڪميون رواج ۽ نذير جي گرفتاري آهي.
    “ سنڌ جي قديم ۽ شاندار تهذيب لاءَ هن وقت تمام گهڻا چئلنج آهن. مقابلي واري رفتار ۾ سنڌ جو قديم باشندو پوئتي رهجي ويو آهي، توهانجو ڪهڙو خيال آهي؟” صحافي سوال ڪيو ،
    “سنڌ جو قديم باشندو واقعي به مشڪل ۾ آهي” فيروز وراڻيو، انجو بنيادي سبب ته هن جي پوري زندگي هڪ خاص هنر “هارپي” سان لاڳاپيل رهي آهي. هنن ننڍا ننڍا ڪاروبار به ڪيا، سنڌي هندو جي مائيگريٽ ڪري وڃڻ کانپوءِ ته سنڌين ۾ ڪاروباري ڪلاس ئي ختم ٿي ويو. جنهن کي ٻين قومن اچي ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هي سنڌي قوم جو ڪمزور پهلو آهي. غير هموار ترقي ۽ فوجي حڪومتن جي نتيجي ۾ جيڪو ڪلاس پيدا ٿيو آهي. ان کي ڪا پرواهه ئي ڪانهي ته انهي هنرمند ڪلاس جو ڇا ٿيندو. جيڪو سنڌ ۾ وڏي اڪثريت رکي ٿو.”
    پاڪستان، مسلمانن جي اقتصادي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويوهو، ان تاثر کي توهين ڪيئن ٿا ڏسو؟ هڪ صحافي سوال ڪيو.
    “ممڪن آهي ڪجهه ماڻهن جو اهو خيال هجي” فيروز وراڻيو، پر حقيقت ۾ پاڪستان مسلمانن جي اقتصادي صورت بهتر ڪرڻ بجاءِ انهن کي اقتصادي، ذهني ،جسماني ۽ روحاني غربت ۾ وڃي اڇليو آهي اسيمبليون ته رياست جي جبر کي وائيٽ واش ڪرڻ لاءِ آهن”
    پاڪسان ٺهيو، ماڻهن سمجهيو هاڻي سڪون ۽ آرام جو وقت آهي، عزت سان رهڻ لاءِ زمين آهي ۽ ڪشادو آسمان آهي. هن پاڪستان لاءِ ماڻهن جيڪي تڪليفون ڏٺيون اهي هاڻي سک ۽ شانتي ۾ تبديل ٿي وينديون. هي مسلمانن جو هي آزاد وطن آهي. جنهن جي زمين زرخيز ۽ فصل شاندار آهن. هن ديس جي پيداوار ۽ خوشحالي انهن لاءِ ڪافي آهي. درياءَ آهن سمنڊ آهي ۽ چار موسمون آهن جيڪي هن ملڪ لاءِ نعمت آهن. هي ملڪ ته جنت فردوس آهي.
    ڪير ٻڌائي ڪاڏي وئي جنت الفردوس؟
    هي خواب، ته اکين ۾ اچڻ کان پهرين ئي ختم ٿي ويا. هي پاڪستان ته هڪ دکي دل جو درمان به ٿي نه سگهيو. هي ملڪ ته ظالمن جو ديس نڪتو، جن پاڪستان جي زمين تي قبضو ڪري، حفاظت لاءِ فوج بيهاري آهي. جيڪا هم وطن ماڻهن مٿان گوليون هلائڻ وقت نه دکي آهي نه شرمسار. هنن پنهنجي ئي ملڪ جي مسلمان بنگالين جو قتل عام ڪيو. هنن سنڌ جي شاندار تهذيب ۾ جهاد کي پلانٽ ڪيو. 55 سالن کانپوءِ به پياري پاڪستان ۾ نه اسڪول آهن، نه اسپتالون. نه پيئڻ جو صاف پاڻي آهي نه آزادي جو ڪو احساس. نه علمي ادارا آهن نه علمي ماڻهن کي جيئڻ جو حق.
    مان ائين سمجهان ٿو، هي پاڪستان انگريزن جو ٺهيل جاگيردارن لاءِ تحفو اهي، جيڪو هنن کي انگريزن جي طرفداري جي عيوض مليو. هن ملڪ مان، عوام کي ڪجهه به ناهي ملڻو.”
    سياسي پارٽين به ته هن ملڪ ۾ ڪي خاص سٺيون روايتون قائم ناهن ڪيون. تيرٿ کان ڪنهن صحافي سوال ڪيو، ڪميونسٽ پارٽي به ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ اسلامي رياست خالص هندو ۽ خالص مسلمان واري اثر کان محفوظ رهي نه سگهي. اها لڙائي جي ميدان ۾ لهڻ کان اڳ روس ۽ چين واري تڪرار ۾ ورهائجي وئي. هاڻي ته هن جي ڪا ضرورت به ڪانهي. ان باري ۾ توهانجي ڪهڙي راءِ آهي، هڪ دوست جي سوال تي تيرٿ افسردگي جي ڪيفيت ۾ گفتگو شروع ڪئي.
    “واري جي دڙن، تيز ۽ گرم هوائن وارونئون ڪوٽ منهنجو شهر آهي. تيرٿ پنهنجي وڻندڙ ۽ دک ڀري آواز ۾ گفتگو شروع ڪئي. جتي زندگي ڏاڍي تلخ آهي. هتي برسات جو انتظار ورهين تائين ٿيندو آهي. هتي جي ماڻهن جي چهرن جا رنگ پيلا ۽ جسم غذا جي ڪمي سبب ڪمزور آهن. هتي موت لاءِ دروزا کليل آهن. هتي گل صرف روهيڙي جو آهي ۽ فصل صرف ٻاجهر جو. هتي پاڻي لاءِ ميلن جو پنڌ ڪرڻو پوي ٿو. جيترا پاڻي جا کوه گهرا آهن، ان کان گهرا ماڻهن جي اکين جا خواب آهن. هتي اسڪول ۽ اسپتالون قديم کنڊرن جو ڏيک ڏين ٿيون. زندگي هتي خالي خوابن سان ڀري پئي آهي. عورتون ته ويچاريون خالي گهڙي جيان آهن. رنگ برنگي چنرين ۾ ويڙهيل، بي رنگ، ڪمزور ٿري عورتن جي چهرن جا سوين گهنج ڏسي به مان ڪڏهن پريشان نه ٿيس، پر پوءِ منهجي دنيا ئي بدلجي وئي. صاحب بصيرت ڪامريڊ نذير جي صحبت منهجي اندر نئين انسان کي جاڳايو. تنهن کانپوءِ ئي مون پاڻ ڏانهن ڏسڻ ڇڏي ڏنو. هي ماڻهو منهنجي دماغ مٿان طوفان جيان گذري ويو. منهنجي خوشقسمتي آهي جو اڄ مان جيڪا جنگ وڙهي رهيو آهيان ۽ جا زندگي گذاري رهيو آهيان، ان انسان ۽ انجي فڪر جو نتيجو آهي.
    هڪ ڀيري نذير مونکي چيو، انسان جو چهرو ڪتاب جي ورق جيان هجي ٿو. پيغمبرن جا چهرا به ڪيڏا سڪون ۽ ٻاجهه ڀريا هوندا آهن. جيڪي ماڻهو انسان جي چهري کي پڙهڻ جي صلاحيت رکن ٿا. انهن جي نظر وري ڪنهن ٻئي طرف نٿي ُمڙي. هن مونکي چيو، تيرٿ جڏهن کان مون سنڌ جي چهري ڏانهن نهاريو آهي، اُن کي پڙهيو آهي، منهنجي نظر ڪنهن ٻئي طرف ُمڙي ئي نه ٿي.
    مان نذير جهڙي ماڻهو انجي نظريي ۽ فڪر کي ڪيئن بي معني چوان، جنهن منهنجي زندگيءَ کي اوندهه مان ڪڍي روشنائيءَ ۾ آڻي بيهاريو. جنهن منهنجي دل ۾ نيڪي جي مشعل کي روشن ڪيو.
    فرد، نظريو ۽ پارٽي، ائين ناهي ته بغير ڪنهن سبب جي پيدا ٿين ٿا. علم لاعلمي مان ظهور پذير ٿئي ٿو. دماغ کان تنگ ۽ دل کان بند ڳلين ۾ رهندڙ انسان کي آزادي جو ڪهڙو احساس. ان نتيجي ۾ ممڪن هو ته مان ڪوڙو، فريبي، چور، قاتل يا پڪو انتهاپسند بنجي وڃان ها، جيڪڏهن نذير منهنجي زندگي ۾ داخل نه ٿئي ها.
    پارٽي جو ڪردار انقلابي پليٽفارم وارو هوندو آهي. هن معاملي ۾ اسانجي قسمت ڪا سٺي ڪانهي، هندستان جي ورهاڳي هر قسم جي بيماري لاءِ درکولي ڇڏيا. جنهن مان پارٽي به متاثر ٿي. هنجي جسم مان هڪ پاسي جي توانائي ويندي رهي. سماجي ۽ سياسي سوجهه بوجهه رکندڙ سنڌي هندو کي سنڌ مان نڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو ته هن مٿان ٻيو حملو چين ۽ ماسڪو رجحان جي صورت ۾ ظاهر ٿيو. 1971ع جي اليڪشن ۾ عوامي ليگ اڪثريت ۾ اچڻ کانپوءِ چائنا سرڪار، پاڪستان جي ڪميونسٽن ڏانهن بنگلاديش جي اشو تي هڪ پمفليٽ ليٽر جي صورت ۾ موڪليو. جنهن ۾ يحي خان جهڙي فوجي آمر جي حمايت ڪرڻ جي لائن ڏنل هئي. هن تي ڪميونسٽ پارٽي خاموشي اختيار ڪئي. جنهن بنياد تي پارٽي ۾ ٻه گروپ ٿي ويا. جنهن مان هڪ گروپ بنگلاديش سانحي جي سخت مذمت ۽ مخالفت ۾ جلوس به ڪڍيا. پارٽي صرف داخلي تضاد ڪري ئي تقسيم نه ٿي، پر خارجي بحران ڪري به تقسيم ٿي. مان مڃان ٿو ته اها ڪا سٺي روايت ڪانهي.
    يار! ڪافي سنجيده گفتگو ٿي وئي آهي، چانهه پئجي.”
    سارنگ، گفتگو کي ختم ڪرڻ واري انداز سان چيو.
    ٻاهر هلڪي هلڪي بارش ٿي رهي هئي. فضا مٽيءَ جي ڌيمي ۽ وڻندڙ خوشبو ڪري مهڪي پئي هئي. هلڪي ٿڌي هوا ڪري ماحول ۾ يادن جا سوين ۽ هزارين گل ٽڙي پيا هئا. وڻن جي پتن مان ٽيپو ٽيپو ٿي ٽمندڙ بارش جو پاڻي زمين تي هلڪو آواز ٿي پيدا ڪيو. پکين ۾ عجيب چرپر اچي وئي هئي. هي آسمان ڏانهن اڏري وري تيزي سان زمين ڏانهن پيا اچن. هو ڄڻ آسمان ۽ زمين ٻنهي تي پنهنجن ننڍڙن پرن سان زندگيءَ جا نقش چٽن پيا. هو وڻن جي ٽارين تي رقص ڪن ۽ ٻولين ٿا ۽ لافاني جيون جا گيت ڳائن ٿا. فيروز هنن جي آزادي، هنن جي ادائن کي ڏسي عجيب سحر ۾ وڪوڙجي وڃي ٿو.
    ُسهڻا سائين ڇا پيو سوچين؟ تيرٿ، فيروز کان پڇيو
    “دنيا کي جي هنن معصوم پکين جي نظر سان ڏسجي ته پوءِ دنيا ڪيڏي نه پرسڪون ۽ ڪيڏي نه شاندار آهي.” فيروز، اطمنان سان تيرٿ کي چيو،
    “جي ها ائين ته آهي” تيرٿ وراڻيو،
    پاڻ کي سڀاڻي اگهم ڪوٽ لاءِ روانو ٿيڻ گهرجي، تيرٿ، فيروزکي چيو.
    “جي ها منهنجو به اهو ئي خيال آهي” فيروز وراڻيو.


    سنڌ جي ڌرتي، ماءُ پوءِ آهي

    هو سڀاڻي روانگي، متعلق ڳالهائي رهيا هئا. ته اوچتو هنن کي ڪلب ٻاهران نعرن جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا. ڪجهه نوجوان، آئل ڪمپني خلاف نعرا هڻي رهيا هئا. هنن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ هئا. جن تي لکيل هو،
    ڪمپني ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيو.
    ڌارين جي آبادڪاري بند ڪيو.
    سنڌ جو تيل سنڌ جي ملڪيت آهي.
    “عجيب ڳالهه ته، ايڏي وڏي اشو تي مظاهري ۾ چند ماڻهو شامل آهن، مان اڄ تائين اها ڳالهه سمجهي نه سگهيو آهيان، ته سياسي ۽ سماجي تنظيمون، هن اهم اشو تي خاموش ڇو آهن؟” سارنگ ڳالهائيندي چيو،
    “توکي ته خبر هوندي، صحافين کان ڪهڙي شي پوشيده آهي” فيروز، سارنگ ڏانهن نهاريندي چيو.
    “يار! هن معاملي تي مون جڏهن به سياسي ۽ سماجي ڌرين سان ڳالهائڻ چاهيو آهي لنوائي وڃن ٿا” سارنگ وراڻيو.
    “هن اشو تي تو ڪڏهن اسٽوري ڪئي آهي؟” فيروز سارنگ کان پڇيو
    “گهڻو وقت اڳ! پرگهڻو ڪجهه معلوم ٿي نه سگهيو هو” سارنگ وراڻيو، هن معاملي تي مون جڏهن به سياسي ۽ سماجي ڌرين سان ڳالهائڻ چاهيو آهي، اُهي لنوائي وڃن ٿا.”
    “تو وٽ ان متعلق ڪي انگ اکر آهن ته سنڌ ريزر وائر مان روزانو ڪيترو آئل، گيس، نڪري ٿو ۽ انجي انٽرنيشنل مارڪيٽ ۾ ڪيتري قيمت آهي ۽ مقامي سطح تي انهن پاران ويلفيئر جي ليول ڪيتري آهي؟ فيروز سارنگ کان معلوم ڪرڻ ٿي چاهيو.
    “نه! مون ان پسمنظر ۾ اسٽوري ڪڏهن ناهي ڪئي” سارنگ بي چيني ۽ معصوميت سان انڪار ڪندي چيو،
    “يار! پوءِ تون ڪهڙو صحافي آهين؟ فيروز سارنگ سان مخاطب ٿيندي چيو، پريس ڪلب کان ڪجهه ٻاهر به نڪر. هي ئي ته سنڌ جا مسئلا آهن. هي به ته هڪ ڪارڻ آهي سنڌين جي غربت جو. اها ڳالهه توهان ئي ته ماڻهن کي سمجهائي سگهندو ته سنڌ جي زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ جو ڪجهه آهي سنڌين جو آهي. اها ئي ته اقتصاديات آهي. جنهن کي اسين سمجهڻ جي ڪوشش ئي نه ٿا ڪيون ۽ نه ئي وري ان متعلق سنجيدهه آهيون”
    “هاڻي هينئن ڪر!؟ اڄ چَار بجه آئل ڪمپني جي مئنيجر سان ميٽنگ ڪري اسٽوري ڪيون ٿا.فيروز مشورو ڏيندي چيو.
    شام جا ساڍا چار ٿيا آهن. آئل ڪمپني جي مئنيجر تفصيل پئي ٻڌايا.
    گذريل سال سنڌ جو آئل روينيو 7 ارب 74 ڪروڙ20 لک 90 هزار ڊالر رهيو. هن سال ممڪن آهي ته اهو 8 ارب ڊالر کان به وڌيڪ ٿئي. جڏهن ته گيس جي روزانه آمدني 2 ارب 84 ڪروڙ11 لک 40 هزار ڊالر آهي.اَهي انگ اکر اسانجي ڪمپني جي ويب سائيٽ تي به رکيل آهن.
    “توهان پنهنجي آئل فيلڊ جو روينيو ٻڌايو، هاڻ اهو ٻڌايو ته خرچ ڇا آهي؟” سارنگ مئنيجر کان سوال ڪيو.
    “دراصل ڪو به ادارو پنهنجا خرچ ناهي ٻڌائيندو، اهو سيڪريسي جو معاملو آهي، مئنيجر وراڻيو.
    “ڏسو!؟ اسان صحافي آهيون. اسانکي معلومات لاءِ ڪجهه شيون ته توهانکي ڏيڻ گهرجن” سارنگ سوال ڪيو.
    “هي ڪمپني جي پاليسي جو حصو آهي، مان توسان شيئر نه ٿو ڪري سگهان” مئنيجر وراڻيو.
    “ويلفيئر تي ڪيترو خرچ ڪيوٿا ؟ سارنگ ٻيو سوال ڪيو.
    “ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت کي گيس رائلٽي جي مد ۾ الڳ پئسه ڏيندا آهيون. ڊي سي کي الڳ. ان کان علاوه غير سرڪاري تنظيمن NGOs کي ويلفيئر جي مد ۾ الڳ پئسا ڏيندا آهيون” مئنيجر وراڻيو
    “ڊي سي کي ڪهڙي اڪائونٽ ۾ پيسا ڏيو ٿا. سارنگ سوال ڪيو.
    “پرسنل اڪائونٽ ۾” مئنيجر وراڻيو.
    “اين جي اوز کي ڪيترا پئسه ڏيو ٿا ۽ ڪيترن کي ڏيو ٿا.” سارنگ سوال ڪيو.
    “تقريبن 10 کان 12 تنظيمن کي پروجيڪٽ جي صورت ۾ پئسا ڏيون ٿا. امائونٽ مان نه ٿو ٻڌائي سگهان” ،مئنيجر وراڻيو
    “اهي پروجيڪٽ ڪهڙي نوعيت جا آهن؟” سارنگ سوال ڪيو،
    “اهي صفائي، پاڻي جي نيڪاس، صحت ۽ تعليم جي نوعيت جا هوندا آهن” مئنيجر وراڻيو.
    “تعليم۽ صحت جي حوالي سان ڪو اهڙو مثالي ڪم جو اوهان ڪرايو هجي؟سارنگ سوال ڪيو،
    “پريشان ٿيندي. في الحال ته اهڙو ڪو به ڪم ڪونهي” مئنيجر وراڻيو.
    “انوائرمينٽ پروٽيڪشن لاءِ ڪي انتظام ڪيا آهن؟” سارنگ پڇيو
    “ڪجهه ڪيا آهن” مئنيجر
    “ڪهڙا ٻڌايو؟” سارنگ پڇيو.
    “في الحال ڪونه ٿو ٻڌائي سگهان” مئنيجر پريشان ٿيندي ٻڌايو
    “هن علائقي ۾ توهان کي ڪيترو عرصو ٿي ويو آهي؟” سارنگ سوال ڪيو.
    “40 سال کان به وڌيڪ جو عرصو” مئنيجر وراڻيو.
    “40 سال، روزانه 2 ارب ڊالرس سان ملٽي پلاءِ ڪيون ته ڪيتري آمدني ٿيندي” سارنگ سوال ڪيو.
    “حساب توهان پاڻ لڳايو” مئنجر وراڻيو
    “توهان وٽ ليبر ۽ آفيسر ڪيڊر، ڪيترا مقامي آهن ۽ ڪيترا غير مقامي؟ سارنگ سوال ڪيو.
    “سائين ڇڏيو هنن سوالن کي، اچو ريفريشمينٽ ڪيو، توهان لاءِ گرم گرم چڪن پيٽيز جو انتظام ڪيو آهي.” مئنيجر اوچتو اٿيندي چيو
    “پهرين مونکي پنهنجي سوال جو جواب ڏي” سارنگ وراڻيو
    “هن سوال جو مون وٽ ڪوبه جواب ڪونهي، هي سوال توهان پنهنجي چونڊيل نمائندي کان پڇو” مئنيجر وراڻي ڏني.
    “ڪمپني جو رليشن آفيسر ته تون آهين” سارنگ سوال ڪيو
    “توهانجو مطلب آهي، ته ڪمپني جي سيڪريسي توهان سان شيئر ڪيان” مئنيجر وراڻيو.
    “توکي خبر هئڻ گهرجي ته هي ڪمپني سنڌ جي زمين تي بيٺي آهي. سنڌين جو حق آهي ته پنهنجي ڌرتي تي ٿيندڙ هر تبديلي، ترقي جي ڄاڻ رکن” سارنگ وراڻيو.
    “تون جن ماڻهن جي ڳالهه ڪرين پيو، انهن کي ته ان ڳالهه جي ڪا پرواهه ئي ڪانهي. ها! البته سياسي ماڻهن کان ويندي سماجي ماڻهن تائين سڀ نه صرف ڄاڻ رکن ٿا پر حصو به وٺن ٿا” مئنيجر جو عجيب جواب هو.
    “تون اها ڳالهه ڪري پاڻ کي سوالن کان بچائڻ ٿو چاهين؟” سارنگ جي لهجي ۾ ٿوري تلخي اچي وئي.
    “ڪمپني سال اڳ هن علائقي ۾ اسپتال جوڙائڻ جو منصوبو ٺاهيو هو. مان توهان کي حقيقت ٻڌايان ٿو، مئنيجر واقعو ٻڌائڻ لڳو. موجوده اسيمبلي ميمبر جي ڀاءُ اسپتال جي مخالفت ڪندي چيو ڪا ضرورت ڪانهي، اهي پئسه مون کي ڏيو.
    “توهان هن کي پئسا ڏئي ڇڏيا؟” سارنگ سوال ڪيو.
    “ها! بلڪل جو انهن جي ڪانسٽيونسي آهي، اسان انهن جي سپورٽ کانسواءِ ڪو ڪم نه ٿا ڪري سگهون.” مئنيجر وراڻيو.
    “انهن سان گڏجي ٻيو ڇا ٿا ڪيو؟” سارنگ سوال ڪيو،
    “اهو ته توهان انهن کان پڇيو” مئنيجر وراڻيو
    “ڳالهه ته توهان شروع ڪئي آهي” مئنيجر ۽ سارنگ جي ڳالهائڻ ۾ هاڻ تلخي ۽ بيزاري به شامل ٿي وئي.
    “توهان ڪافي وقت ورتو آهي، ٻيا صحافي ته هتي پيٽيز کائڻ ايندا آهن.
    مئنيجر بيل وڃائي، پٽيوالي کي فنانس مئنيجر کان لفافو کڻي اچڻ جو چوي ٿو. مئنيجر سارنگ ڏانهن لفافو وڌائيندي چيو ڪمپني طرفان هي توهان لاءِ .
    سارنگ ڪاوڙ ۾ اُٿي بيٺو، هن لفافو وٺي مئنيجر جي منهن ۾ وهائي ڪڍيو. اسان ته هتي معلومات ۽ انگ اکر وٺڻ آيا هئاسين، پر توهان ته هتي پنهنجو راڄ قائم ڪيو ويٺا آهيو. اسين ٻئي صحافي آهيون، ڪو ويڪائو مال ناهيون. اسانجي ذات ۾ اڃان حيا شرم آهي. توهان ڇا ٿا سمجهوته توهان کي جيئن وڻندو تيئن ڪندا. تنهنجي هن حرڪت اسان کي سخت تڪليف پهچائي آهي.
    تون چوين ٿو، ته سياسي ماڻهن کان ويندي صحافين، NGOs جي ڪارڪنن تائين سڀني کي توهان جيب خرچ ڏيو ٿا ۽ اين جي او جي نالي تي پڙهي لکئي ڪلاس کي ان ڪم پويان لڳائي ڇڏيو آهي. مان لعنت وجهان ٿو تنهنجي ان سوچ تي ۽ تنهنجي ان عمل تي. توهان ماڻهن کي لولي پاپ ڏئي سنڌ کي تباه ڪرڻ ٿا چاهيو. ننڍين ننڍين ڳالهين ۽ لالچ تي توهان ماڻهن جي دل بهلائي دراصل عظيم گناه ڪيو ٿا.
    سارنگ جي تيز تيز ڳالهائڻ تي مئنيجر خوفزده ٿي ويو.
    توکي اسانجي سوالن جا جواب ڏيڻا پوندا، سارنگ سخت لهجي ۾ مئنيجر سان مخاطب ٿيندي چيو، تنهنجي ڪمپني جي سيڪريسي وڃي پوي ڌوڙ ۾، اسان کي خبر ته پوي ته توهان ڇا پيا ڪيو. اسان معلوم ڪري رهنداسين، ته توهان ڪهڙا ڪهڙا گناهه ڪيو ٿا. توهان ڀڄي نه ٿا سگهو. آفيس ۾ سخت سنجيده ماحول پيدا ٿي ويو.
    “توهان وڄو ٿا يا گهرايان گارڊن کي” مئنيجر خوفزده ٿيندي چيو.
    رات جا 10 ٿي رهيا هئا. پوري ڏينهن جي واقعن کانپوءِ فيروز کي ائين لڳو ڄڻ هو واري ۾ ڦاٿل آهي. هن کي لڳو ٿي هن سميت سڀ ماڻهو سوڙهين اونداهين گفائن ۾ قيد آهن. انهن کي ڪا خبر ناهي، ته ڪيئن نڪرجي ۽ ڇا ڪجي؟ ڪنهن کي ڪا ڳڻتي به ڪونهي. هر ماڻهو موت، کي نعمت سمجهي انجي آمد جي انتظار ۾ آهي. ڏکي گهڙي جو ڪو وقت ته مقرر ڪونهي، پر انجي ابتدا ٿي چڪي آهي. اسان پنهنجي زمين کي پنهنجن پيرن هيٺان کسڪندي ڏسي رهيا آهيون.
    تيز بلب ٻرڻ جي باوجود فيروز جي من جي گهري اونداهي هن کي اڪيلو ڪندي اونداهين ۾ ڌڪيندي پئي وئي.
    تيرٿ، هن جي ڀر ۾ اچي ويٺو، تڏهن به هن کي انجي اچڻ جو احساس نه رهيو.
    ڪهڙي فڪر ۾ آهين، انٽرويو ڪرڻ ويا هئو ڇا ٿيو؟ تيرٿ، فيروز جي ڪلهن تي هٿ رکي چيو،
    فيروز، پنهنجي دل جي غبار مان ٻاهر اچي، تيرٿ ڏانهن نهاري ٿو.
    خبر اٿئي، “آئل ڪمپني وارا ڇاٿا چون؟” فيروز ڳالهائڻ لڳي ٿو.
    “پوري سسٽم کي ڪرپٽ ڪري ڇڏيو اٿن.
    ننڍا وڏا پاڪٽ پيدا ڪري، هڪ چين ٺاهي ڇڏي اٿن.
    هنن کي عام ماڻهن جي پرواه ڪانهي، هو لانتي مئنيجر چيو ٿي، عام ماڻهو کي ڇڏيو، توهان پنهنجي ڳالهه ڪريو.
    اهو سمجهي پيو ته اسان به وٽس جيب خرچ لاءِ آيا آهيون.”
    مان ان فڪر ۾ آهيان ته، هي ملٽي نيشن ادارا ۽ ڪمپنيون، سنڌي سماج کي نه صرف معاشي طور لٽن پيا، پر سنڌي ماڻهن جي سياسي، اخلاقي سگهه کي به ڪرپٽ ڪري تباهه ڪري رهيا آهن. اسان ته ٻيڻي تباهي جو شڪار ٿي رهيا آهيون، جنهن لاءَ ڪنهن وٽ ڪو پڇتاءُ ۽ ڪا شرمساري به ڪانهي.


    ماڻهو ٺاهيو خوشي لاءِ ويو آهي

    سارنگ، ڪافي دير کان خاموش آهي.
    ديوار سان ٺيڪ ڏيو، ائين ويٺو آهي، ڄڻ ديوار جو حصو هجي.
    هنجي ذهن ۾ ڪهڙيون ڳالهيون هيون، جنهن ڪري هو ملول هو، انهيءَ جي ته خبر ناهي، پر ان قدر گهري فڪر مان لڳي پيو، ته ڪا ڳالهه آهي، جيڪا سارنگ جي دل تي بار ٿي بيٺي آهي.
    “دوست ڪهڙي فڪر ۾ آهين؟ مونکي ٻڌائيندين.” فيروز، سارنگ جي ڀر ۾ ويهي کيس پڇي ٿو.
    فيروز، سارنگ کي هٿ لاتو، ته هنجو جسم ڪافي گرم هو.
    سارنگ توکي ته بخار آهي.
    فيروز، هن کي سهارو ڏئي اُٿارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پر سارنگ اُٿڻ بجاءِ فيرز کي چيو، “منهنجي ڀرسان ويهه، مان بخار ڪري پريشان ناهيان.
    مون ڏانهن ڏس منهنجا دوست! توکي لڳي ٿو، ته مان موت کان ڊڄان ٿو. يا ڪنهن به طرح منهنجي چهري تي اهڙي نوعيت جي ڪا ڪيفيت توکي محسوس ٿئي ٿي.”
    “منهنجو روح اهڙي محبت جي لائق آهي، جنهن کي منهنجا هٿ ڪنهن به تڪليف کان بچائي نه سگهن” سارنگ فيروز جي اکين ڏانهن نهاريندي چيو
    “يار! هاڻي شاعراڻيون ڳالهيون ڇڏ،ُٻڌاءِ ته ڳالهه ڇا آهي؟” فيروز، سارنگ سان مخاطب ٿيندي پڇيو،
    “مونکي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي، ته مان ڇا ڪيان، توهان مونکي ڪا راه ڪڍي ڏيو.” سارنگ، زرينا جو خط فيروز حوالي ڪندي چيو،
    فيروز خط دوستن اڳيان پڙهڻ شروع ڪري ٿو.
    ڊيئر سارنگ!
    يونيورسٽي جي زندگي جا اهم ۽ قيمتي ڏينهن مونکان اڄ تائين ناهن وسريا. مان انهن ڏينهن کي اڄ به ياد ڪري اداس ٿي وڃان ٿي. يونيورسٽي جي لان تي گرمين ۾ گهاٽي سائي وڻ هيٺان ماڻيل ٿڌي هوا جو جهوٽو، اڄ به منهنجي آسپاس رهي ٿو. توهان سان زندگي جي مختلف موضوعن تي بحث ڪري، هڪ خوشي جو احساس ٿيندو هو. بي تڪلف، انتهائي معني خيز ۽ اَتساه سان ڀريل زندگي جا اُهي ڏينهن هئا. چاندي جيان چمڪندڙ تيز اُس ۾ وڻن هيٺان روڊ جا ڪنارا ڏئي هلڻ يا وري تيز ٿڌي بارش ۾ هاسٽل جي سيڙهين تي ويهي قدرت جي سحر ۾ وڪوڙجي وڃڻ، جا پل مان اڄ به ياد رکان ٿي، ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ ڪالهه ڪالهوڪي ڳالهه آهي. قدرت جا منظر انسان جي زندگي ۾ ڪيڏا شامل آهن. ڪوشش ڪرڻ جي باوجود مان ڪجهه به وساري نه سگهي آهيان.
    هي خط لکڻ کان اڳ، ڪافي دير تائين مان خاموش ويٺي پنهنجي حياتي تي سوچيو. خاموشي جا پهر ڪيڏا تڪليفده ۽ گفتگو سان ڀريل هجن ٿا. انجو اندازو مونکي پنهنجي ڪيفيت کي ڏسي ڪري ٿيو.
    مان مسلسل اُن درد کي ڀوڳي رهي آهيان. جيڪو منهنجي اکين ۾ سميٽجي ائين اچي ويو آهي، جو منهنجون اکيون ڪنهن به خوشي کي ڄڻ قبول ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهن. مان خوف ۾ رهان ٿي. ۽ اميد جي هلڪي روشنائي کي به ڄڻ پنهنجو دشمن سمجهان ٿي. اهڙي ريت واري زندگيءَ، ڪو انسان ته نه ٿوگذاري سگهي.
    منهنجي زندگي جا ڏينهن شايد ڳڻجي چڪا آهن.
    منهنجي دل راحت ڪاڻ سِڪي ٿي.
    منهنجي ڪيفيت به رامائڻ جي رام ونگر آهي. جيڪو سيتا کي آزاد ڪرائڻ لاءِ لڇمڻ سان گڏ، تيز بارش ۾ اونداهو ٻيلو پار ڪيو هو. تيز بارش ۽ اونداهي جي ڪري هڪ قدم به اڳتي کڻي نه ٿي سگهيو، هو کنوڻ جي تجلي تي پنهنجا قدم کڻي رهيو هو. کنوڻ ختم ٿيڻ سان وري بيهي ٿي رهيو. وري کنوڻ جو چمڪو ٿيو ٿي، ته هنن قدم کنيا پئي. پوري رات هنن ائين سفر ڪيو. تڏهن رام، لڇمڻ کي چيو هو، زندگي به هن اونداهي ٻيلي وانگر آهي. جنهن ۾ انسان جي نيڪي، هن کنوڻ جيان چمڪي ٿي. اسانجي من کي روشن ڪري ٿي. جنهن مان اسان پنهنجا رستا ٺاهيون ٿا.
    هتي مونسان ته اڃان به انوکو معاملو آهي. منهنجي من جي روشني مونکي اڃان ڪو رستو نه پئي ڏيکاري. چئني طرف خوف جا پاڇا آهن. هن خوف ۾ ته مان ساه به نه ٿي کڻي سگهان. هر طرف خوف جو سلسلو ۽ عملداري آهي.
    جڏهن مون توهان سان پنهنجي رشتي جو ذڪر امان سان ڪيو، ته هوءَ هڪدم خاموش ٿي وئي. امان جي خاموشيءَ مان سخت خوف محسوس پئي ٿيو. مون سدائين خاموشيءَ مان بصيرت حاصل ڪئي آهي. پر هن خاموشيءَ مان خوف جو احساس ٿئي پيو. يونيورسٽي ۾ پڙهندي هيس، ته اوچ نيچ، ذات پات، قبيلي تي منهنجو ڪو ويساهه نه هو. پر بابا چوي ٿو اسين قبيلي کان ٻاهر رشتو ناهيون ڪندا.
    قبيلو ئي سڀ ڪجهه آهي.
    پوءِ هتي منهنجي تهذيب، منهنجو مذهب، منهنجي اخلاقيات، ڪيڏانهن وئي؟
    هونءَ به ڌي جي معاملي ۾ هي سڀ شيون اڳيان اچيو وڃن.
    هاڻي مان پنهنجي لاءِ ڪي ٻيا اصول ڪٿان آڻيان.
    جيڪي منهنجي حقن جو تحفظ ڪن.
    بابا لاءِ منهنجي وفاداري، منهنجو انسان هجڻ ڪا معني ڪو نه ٿو رکي.
    هو ته منهنجي باري ۾ قبيلي مذهب ۽ ڪلاس کان سوچي ٿو.
    پر هاڻ ته ان کان به خوفناڪ مسئلو منهنجي سامهون اچي بيٺو آهي. جنهن منهجي وجود کي جنجهوڙي ڇڏيو آهي. مان ڄڻ وجود نه، ڪا جنس هجان، جنهن کي ڏئي بدلي ۾ ٻي شيءَ وٺي ڇڏبي. منهنجي شادي بدلي ۾ ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. منهنجا ڀائر به ان ظالم تسلسل کي خانداني روايت جو روح سمجهن ٿا. اها ته هڪ قسم جي جهالت آهي. جنهن ۾ اسين سڀ جلي سڙي رهيا آهيون ۽ ان کان به وڌيڪ هن باه کي پاڻ لاءِگلشن سمجهي ويٺا آهيون. مونکي دوستو وسڪي جي هي ڳالهه ياد اچي ٿي ته، “ ماڻهو ٺاهيو خوشيءَ لاءِ ويو آهي. جو ماڻهو قدرت طرفان مڪمل طرح خوش آهي. ان کي حق آهي خوش رهڻ جو. اها خوشي ڪنهن هڪ انسان جو انعام ڪونهي، هي خوشي ته خدا جي رضا کي زمين تي پوري ڪرڻ واسطي آهي. سڀئي نيڪ انسان سڀئي ولي ۽ سڀئي شهيد ان ڪارڻ ئي ته زندگي ۽ قدرت مان خوش هئا”
    مان مختلف قسم جي ڪيفيت ۾ گهيريل آهيان. منهنجي خوشي هتي ڪا معنيٰ نه ٿي رکي. هتي قدرت جا اصول اڻ وڻندڙ ٿي ويا آهن. هتي فرسوده روايتن جو مَان آهي. جيڪي اسانجي روح اسانجي آزادي جا دشمن آهن. پورو سماج ان ظلمت تي بيٺل آهي. مان فرار ٿي به ڪاڏي ويندس. مونکي خبر آهي ته مَاري ويندس. منهنجي قبر جو به ڪو نام ۽ نشان نه هوندو. مان پنهنجي ايمان سهاري ۽ پنهنجي مضبوط خيالن جي آڌار تي هي لڙائي نه ٿي کٽي سگهان. جو مان مَردن جي هن وسيع ملڪ ۾ اڪيلي ۽ خوفزده آهيان. ان ڪيفيت ۾ مان پنهنجون اکيون بند ڪري فڪر ڪيان ٿي ۽ پاڻ کان پڇان ٿي، ته اهڙي جرئت منهنجي اندر ڪيئن ۽ ڪٿان اچي. مان خدا ڏي ۽ توهان ڏي نهاريان ٿي. مان سڪون سان جيئڻ ۽ سڪون سان مرڻ چاهيان ٿي.
    تنهنجي پنهنجي زرينا .
    سڀئي دوست پنهنجي پنهنجي جڳهه تي خاموش ويٺا آهن.
    “توکي وڃين زرينا جي والد سان ڳالهائڻ گهرجي.” تيرٿ، سارنگ سان مخاطب ٿيندي چيو،
    “هي سنڌي معاشرو آهي، رستم وراڻيو، هتان جا ماڻهوءَ ذات، فرقو ۽ قبائليت ۾ رهڻ جا عادي آهن. سارنگ جو ائين ڪرڻ فيوڊل قدرن ۽ فرسوده روايتن جي خلاف هوندو. انجا نتيجا خطرناڪ ٿي سگهن ٿا. ان کان علاوه ڪنهن ٻئي پهلو تي به سوچڻ گهرجي .”
    “پر يار! نالي ناموس، نام نهاد عزت، شهرت ۽ فيوڊل باقيات مٿان زرينا کي قربان ٿيڻ لاءِ به ته نه ٿو ڇڏي سگهجي” تيرٿ چوڻ لڳو، بلڪه اسان سڀني کي سارنگ سان هلڻ گهرجي. رستم توکي ياد آهي، هڪ دفعي شهيد صوفي مهتاب پاڻ کي چيو هو، ته “خدا جي هن ڪائنات ۾ انسان خدا جي انتهائي عظيم تخليق آهي جنهن جا حق به مقرر ٿيل آهن. زرينا جو حق آهي، ته پنهنجي زندگي پنهنجي مرضي سان گذاري ۽ ان کانپوءِ زرينا جهڙي حساس ڇوڪري کي هنن ماڻهن جي رحم ڪرم تي نه ٿو ڇڏي سگهجي.”
    “پر اهي ماڻهو، سندس والدين آهن” رستم وراڻيو، اسان ٻنهي جي رضا کانسواءِ ڪجهه به نه ٿا ڪري سگهون. پر جي زرينا همت ڪري ٿي، ته پوءِ پاڻ کي به پوئتي هٽڻ نه گهرجي .”
    “تنهنجي هن باري ۾ ڪهڙي راءِ آهي؟ فيروز سارنگ کان معلوم ڪيو.
    “مونکي ڪا ڳالهه سمجهه ۾نه ٿي اچي” سارنگ ڏک جي مليل جليل ڪيفيت ۾ وراڻيو.
    “زرينه سنڌ جي نئين نسل جي نمائنده سوچ آهي” تيرٿ چيو. هي خاموش نه رهندي. هنجي اعصابي تڪليف کي اسين سڀ محسوس ڪيون ٿا. هي موقعو آهي هن سان گڏ بيهڻ جو ۽ اُن کي فيوڊل جي وحشت کان بچائڻ جو. اسين زرينا کي وڃائي نه ٿا سگهون. مان وري به سارنگ کي چوندس ته هي پاڻ وڃي زرينا جي والد سان ملي. سارنگ صحافي آهي ڪو عام ماڻهو ڪونهي. زرينا جو پيءَ، جي سارنگ کي نقصان به پهچائڻ چاهيندو، ته ان متعلق ڏهه دفعا سوچيندو. هي رڳو زرينا جو ئي مسئلو ڪونهي، هي سارنگ ۽ اسان سڀني جي آدرش ۽ انساني زندگي جو مسئلو به آهي. هي اسان جي ڪامريڊ دوست جو مسئلو آهي. هن سوال سان هن جي حياتي جُڙيل آهي.”
    “مان تيرٿ جي موقف سان سهمت ناهيان” رستم وراڻيو، تيرٿ کي چوندس ته رڳو جذبات سان نه سوچي. هتي سوچ ۽ ڪلاس جو فرق آهي. اسان جنهن ڪلاس ۽ فڪر ۾ رهي ڪري سوچي رهيا آهيون، ان کان اسان جو سماج ۽ فيوڊل معاشرو تمام گهڻو پوئتي بيٺل آهي. زرينا جا والدين جي فيصلو ڪري چڪا آهن، ته پوءِ هو ائين ئي ڪندا. سارنگ نه انهن جي ذات مان آهي نه قبيلي مان ۽ نه انهن جي ڪلاس مان. سارنگ جو زرينا جي والد وٽ وڃڻ مسئلي کي اڃان پيچيده ڪرڻ آهي. سارنگ جي سڃاڻپ هڪ صحافي واري آهي. جنهن جي رڳو اسان پڙهيل لکيل ماڻهن وٽ اهميت آهي. زرينا جي والد وٽ انجي ڪا اهميت ڪانهي. هو هڪ روايتي وڏيرو آهي ۽ ان کانپوءِ اسان کي خبر آهي ته اهڙي ڪنهن به ڏکي وقت ۾ سارنگ جي صحافي برادري هن ڳالهه تي هن سان ڪيترو گڏ بيهندي.
    هي ته هن جو ذاتي معاملو آهي، چئي سڀ صحافي خاموش ٿي ويندا. بلڪه زرينا جي والد جي ڌُر ٿي ويندا. هن صورتحال کان پوءِ ته سارنگ کي منظر تان هٽائڻ به آسان ٿي ويندو. هتي صحافين جا پنهنجا پنهنجا پاڪٽ آهن. سنڌي صحافت اڃان ان سطح ته ناهي پهتي، جو پنهنجي ڪارڪن لاءِ بيهي رهي يا انهن جا ڪيس هر ليول تي کڻي. اخباري مالڪن جي ڪارڪن سان ڪا دلچسپي ڪانهي. هنن جي اخبار ته اشتهارن تي هلي ٿي. باقي ڪارڪن هڪ ويو ته ٻيو ايندو. منهنجي راءِ آهي ته زرينا ڪورٽ ۾ پيش ٿئي ۽ ان فيصلي کي چيئلنج ڪري.”
    “زبردست! ڪورٽ ۾ فيصلي کي چيلنج ڪري ۽ پوري حياتي فيصلي جو انتظار ڪري” تيرٿ وراڻيو، نه فيصلو ٿئي نه هن جي جان ڇٽي. يار هي ڪورٽون به ته هن فرسوده سسٽم جو حصو آهن. هي ڪي آسمان تي ته قائم ناهن. منهنجي نظر ۾ عدالت ۽ انصاف ٻه الڳ الڳ شيون آهن. ملڪ ۾ عدالتون انصاف واسطي قائم ئي ناهن. مان ان تي هزارين دليل ڏئي سگهان ٿو. هتي اهي عدالتون رياست جي جبري روپ کي قائم رکڻ واسطي آهن. هنن جي ان روپ ڪري ئي، ته هي طبقاتي نظام، جهالت، بربريت، لٽ مار، استحصال قائم آهي. هتي عدالت آهي ئي ان واسطي ته عدل نه هجي. هي موجوده جبري رياست جون نمائنده آهن. اُهي سماج ۾ ڇڪتاڻ جون عادي آهن. جيڪا هنن لاءِ مفيد ۽ نتيجا خيز آهي. عدليه دراصل عام ماڻهوءَ کي پابند ٿي ڪري ته هن طبقاتي ۽ جابر رياست ۾ وفادار ٿي رهو. هنن مان انصاف جي تقاضا خيال کانسواءِ ڪجهه به ناهي. هن نظام ۾ انساني حق عدالت جي ذريعي حاصل ٿيڻا ئي ناهن. زرينا کي بچائڻو آهي ته زرينا جي والد سان سڌو ڳالهائڻو پوندو. ان کي چتاءُ ڪجي ته هنجو فيصلو درست ناهي. زرينا جي راءِ به ان ۾ شامل ڪئي وڃي. منهنجي نظر ۾ ان کانسواءِ زرينا کي بچائڻ جو ٻيو ڪو رستو ڪونهي.”
    سموري بحث ۾هڪ سخت تلخي شامل ٿي وئي .
    سارنگ، نماڻين ۽ ٿڪل نيڻن سان سڀني کي اهڙي طرح ڏٺو، جيئن چوندو هجي، ته هي بحث وڌيڪ جاري رهيو ته هي بيهوش ٿي ڪري پوندو. هو اڳ ڪڏهن به اهڙي حالت مان نه گذريو هو .
    سارنگ جو چهرو ڪومائجي ويو هو، فيروز، غور سان سارنگ کي ڏٺو.
    بي وسي سان گڏ هڪ اميد جي ڪيفيت هنجي چهري تي موجود هئي .
    “هي حقيقت آهي ته زرينا سخت مشڪل ۾ آهي” فيروز وراڻيو، هو پنهنجي بلند ۽ اعلا خيالن ڪري به ائين آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ جيڪا ڳالهه هن کي ستائي رهي آهي، اها پنهنجي والدين جي فرسوده سوچ، جنهن باعث هي ڪو فيصلو به نه ٿي ڪري سگهي.”
    مان زرينا جي اعليٰ ۽ عمده جذبن جو اندازو هن خط مان ڪري رهيو آهيان.
    “هنجي من ۾ سارنگ لاءِ بي انتها محبت آهي. اها محبت هنجو سهارو به آهي. اهڙي حالت ۾ ڪو به اُٻهرو فيصلو ڪنهن حادثي کي به جنم ڏئي سگهي ٿو.”
    فيروز، اٿيو، سارنگ جي ڪلهي تي هٿ رکي کيس چيو، اٻاڻڪو نه ٿي! سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. سوچڻ جي مهلت ڏي. رات به ڪافي ٿي وئي آهي. ننڊ به اکين کي سڏي پئي. سڀاڻي ان معاملي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
    سڀ دوست اُٿيا، ويا هليا پنهنجن پنهنجن بسترن ڏانهن.
    صبح جو فيروز، سارنگ جي اچڻ کان پهرين تيرٿ ۽ رستم کي اُٿاريو. ۽ کين چيو، “معاملو ته واقعي به پيچيده آهي. وري به مون جيڪو سوچيو آهي، توهان سان شيئر ڪيان ٿو، ته پاڻ وري به ان تي ڳالهائي سگهون ۽ ڪنهن نتيجي تي پهچي سگهون. فيروز چيو.
    “منهنجي خيال ۾ سارنگ، زرينا کي جواب ۾خط لکي.” فيروز چيو، جنهن ۾ هن کي پنهنجي والد جي فيصلي خلاف کيس همت ڪري بيهڻ لاءِ چوي. “زرينا، هي لڙائي، گهر جي دائري ۾ رهي ڪري لڙي. زرينا کي هيءَ لڙائي سارنگ سان شادي لاءِ نه پر في الحال پنهنجي حق لاءِ وڙهڻ گهرجي. ۽ گهر جي ڀاتين کي پاڻ سان کڻي. انهن کان الڳ رهي ڪري لڙڻ مان اهو رسڪ وڌيڪ آهي، ته زرينا مارجي نه وڃي. ان ويڙهه جا پنهنجا نتيجا نڪرندا، جنهن کي وقت درست ڪرڻ ۾ زرينا جي مدد ڪندو. زرينا جي صلاحيت جو به هن ۾ وڏو ڪردار هوندو. هي زرينا لاءِ آزمائش هوندي، ته ناموافق حالتن کي پنهنجي حق ۾ ڪيئن ٿي ڪري. ظاهر آهي، ته هن ڪم لاءِ حوصلو ۽ همت گهرجي. جي زرينا اهڙي همت ڪري ٿي، ته پاڻ پريس کي موبلائيز ڪندي، زرينا جي ڪيس کي هاءِ پرفائل ڪرڻ ۾ سارنگ جي مدد ڪنداسين .”
    جي زرينه ايئن نه ڪري سگهي ته پوءِ ڇا ڪجي؟ رستم سواليه نظرن سان فيروز کان پڇيو. “سارنگ کي پوءِ خاموش ٿي وڃڻ گهرجي.” فيروز چيو.
    “يار ! اهو ته سمجهوتو آهي.” تيرٿ وراڻيو.
    “مان ته فيروز سان اتفاق ڪيان ٿو.” رستم وراڻيو
    “تو ته ڪڏهن عشق ڪيو ڪونهي، ائين ته چوندين.” تيرٿ وراڻيو
    “انسان کي پنهنجي مرضي جي زندگي گذارڻ ڇو نه ٿي ڏني وڃي؟” اهوانسان ته خوشقسمت آهي، جنهن سان ڪو محبت ڪري ٿو. اهو فيصلو سارنگ ۽ زرينه کي تسلي ڏئي نه سگهندو. هي ٻئي گڏ رهڻ چاهن ٿا، ته پوءِ ڪنهن جي به پرواه ڇو ڪن. ڪنهنجي به خوف ۾ مبتلا ٿيڻ ڪمزوري آهي. جيڪا هزارين ٻين ڪمزورين کي جنم ڏئي ٿي. هي ڪهڙي زندگي آهي، جو ماڻهو سڄي حياتي پيار لاءِ سِڪندو رهي.”
    “پر جيئن اسين چاهيون ٿا، ان ۾ ته وڏو رسڪ آهي” فيروز وراڻيو.
    “اهو رسڪ کڻڻو پوندو” تيرٿ وراڻيو.
    “مان سارنگ يا ڪنهن به ساٿي کي وڃائي، اهڙو رسڪ کڻڻ نه ٿو چاهيان، اسان اڳ ئي تمراڻي ۾ تمام وڏو نقصان کڻي چڪا آهيون” فيروز، تيرٿ کي تلخ لهجي ۽ سمجهائڻ واري انداز ۾ چوڻ لڳو.
    “منهنجي راءِ کي منهنجي ڪمزوري نه سمجهڻ گهرجي. مون ان بابت گهڻو غور ڪيو آهي. هتي محبت جو ڪوقدر ڪونهي. ان سماج ۾ رهندي محبت کي حاصل ڪرڻ ڏکيو آهي. هتي توهانجي اهڙي عمل کي ڪوبه بهتر نه سمجهندو جيڪو مروج روايتن جي خلاف هجي. توهان کي ڪٿان ڪابه مدد نه ملندي.
    جيڪا شي سماج ۾ موجود ئي ڪانهي ان کي تون ڪيئن ٿو حاصل ڪري سگهين. جي تون سمجهين ٿو سارنگ، زرينا کي ڀڄائي وڃين نڪاهه ڪري، ته تون سمجهين ٿو ته سارنگ ائين ڪري سک سان رهي سگهندو. هو حد کان وڌيڪ تڪليف ۾ اچي ويندو، يا تون سمجهين ٿو ته ڪورٽ ميرج ڪرڻ کانپوءِ به هي محفوظ رهندا؟ ۽ وري ڇا پريس هنن جي حمايت ۾ هنن جي پويان بيهي رهندي؟ جي ائين ٿي به وڃي ته انجي باوجود به هي فيوڊل سماج هنن کي زنده رهڻ نه ڏيندو. جو هنن فيوڊل ڪلاس کي چيلنج ڪري اهو قدم کنيو. اسين ان ڪلاس کي تڏهن چيلنج ڪري سگهون ٿا جڏهن اسان خود انهن جي طاقت برابر هجون. ٻي صورت ۾ ماريا وينداسين مان ان قسم جي ايڊونچر جي اجازت نه ڏيندس. بلڪه ڪوبه صالح دماغ انجي اجازت نه ڏيندو.
    “پر مان هميشه اهڙي حياتي گذارڻ کي ترجيح نه ڏيندس” تيرٿ وراڻيو، هر سنڌي عورت اهو رسڪ نه کڻندي ته آزاد ڪيئن ٿيندي.”
    “منهنجي خيال ۾ جذبات سان سماج تبديل ناهن ٿيندا” رستم وراڻيو، سنڌ اندر اهڙا ڪيترا ئي مثال موجود آهن. ڪيترن نوجوان جوڙن اهو سمجهي وڃي شادي ڪئي ته انهن جي زندگي آهي. پيار ڪرڻ ۽ شادي ڪرڻ ۾ هو آزاد آهن. پر پوءِ هڪڙو به اهڙو جوڙو ٻڌاءِ جنهن اها همت ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي زندگي آرام سان گذاري هجي.
    اهي سڀ ماريا ويا. اسين ملامت ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهيون ڪري سگهندا. فيوڊل سماج سان بيهي وڙهڻ جي ضرورت آهي. پنهنجن ذاتي خواهش لاءِ مصيبت ۾ پئجي وڃڻ سان مسئلو حل ناهي ٿيڻو. سارنگ کي اڳتي اڃان گهڻو ۽ بنيادي ڪم ڪرڻو آهي.”
    “هن معاملي ۾ مان سماج سان ٻڌل ناهيان” تيرٿ وراڻيو، سارنگ جي زندگي آهي ان کي گذارڻ جو اُن کي پورو پورو حق آهي.”
    “پر هو پنهنجي زندگي لاءِ اهڙو فيصلو ڇو ڪري جنهن سان هي پاڻ ۽ هن سان وابسطه ٻيا رشتا ڪنهن عذاب ۾ وڃين پون.” فيروز وراڻيو.
    “سارنگ جي خط کانپوءِ صورتحال واضع ٿي ويندي. زرينا همت ڪري ٿي ته پوئتي اسين به نه هٽنداسين. رستم، ڳالهه کي ختم ڪرڻ واري انداز ۾ چيو.
    سارنگ، زرينا ڏانهن خط لکيو، جنهنجو مختصر متن هيئن هو .
    ڊيئر زرينه،
    تنهنجو خط پڙهڻ کانپوءِ منهنجي دل تنهنجي خيالن سان معطر ٿي وئي. يونيورسٽي ڇڏڻ کانپوءِ عام طور ماڻهوءَ جي زندگي جون ترجيحات تبديل ٿي وڃن ٿيون پر تنهنجا اعليٰ ويچار اڄ به قائم آهن.
    سنڌ جي عورت ۾ ان قسم جي خيالات ۽ احساسات جي هجڻ مان محسوس ٿئي ٿو، ته سنڌ تبديل ٿي رهي آهي. توهان خط لکي چڱو ڪيو، ان سان اسان هڪٻئي جي خيالن کان واقف ٿي سگهنداسين ۽ پنهنجن ڪمزورين ۽ خامين کي به درست ڪري سگهنداسين. يونيورسٽي ۾ اسين جن موضوعن تي ڳالهائيندا هئاسين، هن وقت اسين سچ پچ ان تجربي مان گذري رهيا آهيون. توهان جن مسئلن جو ذڪر ڪيو آهي، مجموئي طور تي سنڌ جي عورت ان مان گذري رهي آهي، نه صرف عورت پورو سماج ان اذيت مان گذري رهيو آهي، دراصل فيوڊل ڪلاس جي بقا آهي ئي ان ۾ ته هو مذهب جي، قبيلن جي، رسمن ۽ رواجن جي آڙ ۾ پنهنجا ڪم ڪري پاڻ کي قائم رکي.
    يونيورسٽي ۾اسان جڏهن فلسفي جي تاريخ پڙهي رهيا هئاسين ته جاگيرداري واري دور کي سڀ کان وڌيڪ ظالم ۽ ڪٺور محسوس ڪيوهو. ائين آهي به جاگيرداري پنهنجي آخري پساهن تائين ائين رهڻ چاهيندي آهي. ان ڪري پهرين ته فرسوده رسمن جي خاتمي لاءِ هر طرف کان پهل ڪرڻ گهرجي. ان کانپوءِ توهان انهن خوشنصيب عورتن مان هڪ آهيو، جنهن وٽ تعليم آهي علم آهي ۽ جرعت به آهي. ان ڪري به هي ذميواري توهان تي عائد ٿئي ٿي ته توهان نياڻن جي تعليم، انهن جي آزادي انهن جي سياسي سماجي حيثيت مڃرائڻ لاءِ جدوجهد ڪيو. هتي عورت معاشي طور ڪمزور آهي ۽ انهن ۾ علم نه هئڻ جي برابر آهي. سنڌ جي عورت ان ڪري به غلام آهي. عورت جڏهن اقتصادي طور تي مضبوط ٿي وئي ۽ پنهنجن پيرن تي بيهڻ سکي ورتو ۽ دنيا کي علم جي ذريعي ڏسڻ لڳي ته دنيا جي ڪابه طاقت ان کي غلام نه رکي سگهندي. ۽ نه وري ڪو ماڻهو هن مٿان پنهنجي مرضي جا فيصلا مڙهي سگهي ٿو.
    اسان ٻنهي جو رشتو لوه قلم ۾ محفوظ آهي. ڪابه طاقت ان کي ڇني نه ٿي سگهي، پر جيڪا ڳالهه بدلي ۾ توهان کي پرڻائڻ جو سوال آهي تنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪرڻ گهرجي. ان معاملي ۾ مان توسان گڏ بيٺل رهندس. ان سلسلي ۾ توهان جيڪو به قدم کڻندو مونکي قبول آهي. جيڪا ڳالهه غلط آهي ان کي غلط چوڻ جي جرئت پيدا ڪرڻي پوندي. مان توهان کي اهڙو مشورو به نه ڏيندس جيڪو اسانجي وقار ۽ اسانجي آدرش خلاف هجي. مان ان لڙائي جي حق ۾ آهيان جيڪا صبر ۽ تحمل سان وڙهي وڃي. مان چاهيندس ته توهان پنهنجن مايوسين مان ٻاهر نڪري اچو. توهان پنهنجي روح کي پنهنجي جسم کي انهن تڪليفن لاءِتيار ڪيو. جيڪي ان مرحلي دوران درپيش آهن. مان هتي جيڪا بنيادي ڳالهه اوهانکي چوندس اها آهي ته انسان جون ذاتي خواهشون پنهنجي اندر ڪا وڏي معني ڪونه ٿيون رکن. اسان جڏهن اهڙي زندگي اندر جهاتي پائينداسين ته پاڻ کي معمولي ڀائينداسين. خواهشون توهان جي احساس شعور کي گرفت ۾ آڻي توهانجي وجود توهانجي زندگي کي بيسود ۽ بي معني بڻائي ٿيون ڇڏين. تڏهن ته انسان مايوس ٿئي ٿو ان ۾ هڪ خالي پن جو احساس وڌندو رهي ٿو. ڪنهن شي يا ڪنهن جنس لاءِ جيئڻ يا ان لاءِ خواهش ڪرڻ اهو سڀ معمولي زندگي کانسواءِ ڪجهه به ناهي. هي دنيا انتهائي خوبصورت آهي، جنهن کي ڪجهه انسانن جهنم ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڪا ڪثر ناهي ڇڏي. انهن کي روڪڻ جي ضرورت آهي. انسان جنهن مقام تي آهي ان تائين ان کي پهچڻ لاءِ ان کي ڪيترن قربانين ۽ انقلابن مان گذرڻو پيو آهي. اڄ ان جي حفاظت ۽ وڌيڪ آزادي لاءِ جدوجهد ڪرڻ جو وقت آهي. اسان سميت ڪيترا ئي انسان محبت جهڙي نعمت کان اڄ به محروم آهن. ان نعمت لاءِ انساني آزادي ۽ خوشحالي لاءِ جدوجهد ڪرڻ، حقيقت ۾ نيڪي کي ڦهلائڻ جي برابر آهي. هي نيڪي تاحيات رهڻي آهي.
    مان چاهيان ٿو ته توهان پنهنجي اردگرد واري زندگي کي ڏسو. محسوس ڪيو، محفوظ ڪيو ۽ فڪر ڪيو. توهان ڏسندو ته توهان جي روح ۾ نئين دنيا کلندي ويندي. توهانکي پنهنجي اندر جي ۽ ٻاهر جي دنيا سان هڪ تعلق قائم ڪرڻو آهي. جيڪو علم سان بصيرت سان خوداري سان ۽ پڪي، پختي ۽ سچي عمل سان ممڪن آهي. پاڻ کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪر. جذبات کي پنهنجي مٿان حاوي ٿيڻ نه ڏي. ڏکين حالتن کان گهٻرائجي نه وڃ. پنهنجي گهر جي ڀاتين کي پاڻ سان گڏ کڻي هل. صداقت اڳيان ڪو به بند ٽڪي نه سگهندو. توهان پنهنجي خوشي ۽ آزادي لاءِ جيڪو به فيصلو ڪندو، وقت ان کي درست ثابت ڪندو. جو به ڪيو پنهنجي فرض ۽ مقصد کي سامهون رکي ڪجو. مان صرف ايترو چوندس توهان هي ويڙهه پنهنجي دائري اندر رهي ڪري وڙهو، مان توهان سان شادي ڪرڻ جو ڪوبه اهڙو طريقو جنهن ۾ تون ۽ مان، فرار ٿي، شادي ڪرڻ واري خيال کي هڪ معمولي بغاوت ته سمجهان ٿو، پر هي سوال مجموئي طور زندگي جي دائري مان نڪري وڃڻ جي برابر آهي. اسان کي ڀڄڻ نه گهرجي، پنهنجي پنهنجي جڳهه تي رهي فرسوده روايتن خلاف وڙهڻ گهرجي. بلڪه هن خيال ۾ به ته هڪ ٻئي لاءِ بي لوث محبت پوشيد آهي.
    توهانجو پنهنجو.
    سارنگ.
    رستم کي سمجهائي، سارنگ سان گڏ رهڻ جي ذميواري ڏئي.
    تيرٿ ۽ فيروز اگهم ڪوٽ روانا ٿين ٿا.


    پراڻي بس،نوان زخم

    اندر مِٽي سان ڀريل پراڻي ماڊل جي بس، عورتن، ٻارن، پوڙهن، ڇيلن، مکين ۽ ماڻهن جي پگهر جي بدبوءَ سان ڀري پئي آهي. اندر مِٽي مان محسوس ٿي رهيو آهي، ته بس تازو تازو ڪچن رستن جو پنڌ ڪري آئي آهي. سيٽ جي اندر ڪاٺ جا تختا ٽٽل، ڦٽل، فوم۽ پلاسٽڪ ڪَور کان ظاهر آهن. سامهون وارين سيٽن تي مائرون پنهنجن ڪمزور خوراڪ جي ماريل معصوم ٻارن کي ٿڃ پيارڻ ۾ مصروف آهن. جسماني ڪمزوري ڪري ٻارن ۾ دٻيل دٻيل روئڻ ۽ چيخن جو آواز، ڪمزور ماءُ جي دل کي بي حد بي چين ڪيو ٿي. جسم جي سوڪهڙي واري بيماري، شهر جي رولو ڪُتن جيان هنن معصومن جو ماس پئي ٿي پٽي.
    گاڏي اندر کان ائين آهي، ڄڻ انسان بيحد گندي ڍير مٿان ويٺو آهي. ماءُ جي دل ٻار جي تڪليف تي يقينن روئي رهي هوندي. ٻار جي تڪليف ماءُ لاءِ ته ٻيڻي تڪليف هجي ٿي.
    “ هي ته جهنم آهي”
    “ ظالمن جي ديس ۾ ائين ئي ٿئي ٿو”
    “ انسان کي زمين تي رهڻ جي قيمت ته ادا ڪرڻي آهي”
    “ هي غربت ناهي قدرت جو ڏمر آهي”
    “حڪمران هنن تڪليفن کان بالاتر ڇو آهن؟”
    “ اسانکي پنهنجن گناهن جي سزا ٿي ملي”
    “پر ٻار جو گناه سان ڪهڙو واسطو”
    “هن ته اڄان دنيا ئي ناهي ڏٺي، هن کي ڪهڙي ڏوهه جي سزا ٿي ملي”
    “ڪفر ٿو ڳالهائين”
    فيروز، کي لڳو ته بس ۾ اهڙا ئي سوال گردش ڪري رهيا هوندا. نوجوانن ۽ پوڙهن جا سوال، خاموش چهرن جا سوال.
    جيستائين بس بيٺي رهي، مکين جا ولر ٻارن جي ڪمزور چهرن مٿان ويٺا رهيا. عورتن ۽ مردن جا زندگي کان بيزار چهرا ۽ ڪمزور جسم بت بڻيا سيٽن تي ويٺل آهن، شهر جا فقير اڳئين در مان چڙهي ُسر ۾ پنڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. سيٽن تي ويٺل غريب شهري ۽ فقير جي جسم ۽ ڪپڙن وچ ۾ معمولي فرق هو. ڏڪار هڪ ئي وقت سڀني جي جسم مان آرپار ٿي ويو هو. پاسي واري سيٽ تي ڪنهن نوجوان جي ٻانهن جي زخم تي ميرو ڪپڙو ويڙهيل هو، جنهن کي هن پٽي واري خيال کان ويڙهي رکيو آهي. جنهن مٿان مکيون وقفي وقفي سان ويٺيون ٿي. گاڏي جي پوئين سيٽ تي وڏي عمر جو دم ورتل پوڙهو کنگهي رهيو هو. مسلسل کنگهندي هنجو چهرو پيلو ٿي ويو هو. سندس ڀر ۾ ويٺل، شايد هنجو پٽ پوڙهي جي پٽي ٽپي رهيو هو. ڪنهن هن جي پٽ کي چيو، پوڙهي کي اسپتال وٺي وڃ، هتي ڇا ويٺو ڪرين؟ ورندي ۾ هن ڳالهايو ڪنهن ٻڌو نه ٻڌو پر هن جي جملي جي ڪڙاڻ سڀ کي محسوس ٿي، “مان هاڻي اسپتال مان موٽيو آهيان، وري ڇا وڃين ڪيان، دوا لاءِ سوين ماڻهن کي دربدر ٿيندي، ٻارن کي مَرندي ڏسي بابا چيو منهنجو هتي ساه ٿو ُمنجهي مان جيئن آهيان صحي آهيان مونکي ڳوٺ وٺي هل، مان هتي دربدري جي موت مرڻ نه ٿو چاهيان، منهنجي آتما کي چين هاڻي مٽي سان ملڻ کانپوءِ ملندو.نوجوان غم جي مليل جليل ڪيفيت ۾ وراڻي ڏني.
    اسان کان اڳئين سيٽ تي، پراڻي چنري ويڙهيل عورت رکي رکي دانهون ڪري روئي رهي هئي. هن جي روئڻ ۽ ڳالهائڻ ڪري سڀ ماڻهو هن ڏانهن متوجهه ٿي پئي ويا. ڪنهن هن جي مرد کان پڇيو مائي ڇو ٿي روئي، ته هن انتهائي ڪرب ۽ تڪليف مان وراڻيو، مون اڪيلي پٽ کي حيدرآباد، سيٺن جي گهر ۾ ڪم لاءِ موڪليو آهي، تنهن تي هي رڙيون ڪري چئي رهي آهي، رام توکي معاف نه ڪندو تو منهنجي اڪيلي معصوم پٽ کي شهر موڪلي منهنجي زندگي کي ويران ڪري ڇڏيو. تون ڪهڙو پيءُ آهين، جو هن سان محبت ڪرڻ جي بجاءِ ڌارين وٽ وڪڻي آيو آهي.
    “صحي ته چوي ٿي” بس اندر ويٺل ڪنهن ماڻهو تبصرو ڪندي چيو.
    “صحي ته چوي ٿي، پر مونکي خبر آهي ته بک کي ختم ڪرڻ جي قيمت اسان کي ڪيئن ٿي ادا ڪرڻي پوي، پيٽ جي بک ڏاڍي ظالم ٿئي ٿي. هو دانهون ۽ رڙيون ڪري پنهنجو من هلڪو ڪري ٿي. مان پنهنجي اندر ته جهڙو ڪر مري ويو آهيان. هن جون اکيون ڀرجي آيون. هو اڃان ڳالهائي رهيو هو، جو اسانجي ڀر ۾ ويٺل نوجوان رڙ ڪئي. ڪٿي آهي ڊرائيور گاڏي کي اڃان ڪيترو ڀريندو. هنجي آواز تي سڀني هن سان ُسر ملائيندي چيو، هنن کي ته مسافرن جي پرواه ئي ڪانهي. گوڙ تي ڊرائيور به سيٽ تي اچي ويٺو، اچڻ سان ٽيپ تي انڊين گانن جي ڪيسٽ لڳائي ڪو فلمي گانو سڀني جي مٿي ۾ وهائي ڪڍيائين. هاڻ سڀ بي ُسري گاني ۾ محو ٿي ويا. هن گهڙيءَ مان مسافر ائين راحت حاصل ڪري رهيا هئا، ڄڻ هيءَ مختصر خوشي به هنن لاءِ ڪنهن غنيمت کان گهٽ ڪانهي. خاموش زمين مٿان شور مچائيندي، زندگي جي ڏکن، غمن، آسن، نراسن سان ڀرپور، هن بس آخر چُرڻ شروع ڪيو. بس کان ٻاهر ڪچي رستي جي ٻنهي پاسي پاڻيءَ جي ننڍن تلائن ۾ ٻار تڙڳي رهيا هئا.
    تيرٿ، ڀر ۾ ويٺل نوجوان کان نالو پڇيو .
    “منهنجو نالو، بنسي لعل آهي.”
    “پڙهيل آهين.” تيرٿ هن کان پڇيو.
    “پنج درجه سنڌي.”
    “وڌيڪ نه پڙهين.” تيرٿ هن کان پچيو .
    “بابي، چيو تنهنجي پڙهائي جو خرچ نٿو ڀري سگهان.” بنسي وراڻيو.
    “هاڻي ڇا ٿو ڪرين؟” تيرٿ کيس پڇيو.
    “ٺَڪرن جي ٻني تي هارپو ڪندو آهيان” بنسي وراڻيو. خان جي ٽنڊي ۾ هنن جو ڪوٽ آهي، ڪڏهن ڪڏهن هتي رهن. ڪالهه مان هنن سان هتي آيو آهيان. اڄ وري ڳوڙهيار وڃان پيو جيڪو هنن جو ڳوٺ آهي.”
    “ڪيتري عرصي کان ٺَڪرن وٽ ڪم ڪرين پيو؟” تيرٿ هن کان پڇيو
    “ڏهه سال ٿي ويا هوندا.” بنسي وراڻيو.
    “ان عرصي دوران ڪنهن ٻئي هنڌ ڪم ڪرڻ يا شهر ڏانهن وڃڻ جو خيال دل ۾ آيو؟” تيرٿ پڇيو
    “ها! ڪيترا ئي ڀيرا” بنسي وراڻيو، پهريون ڀيرو تڏهن خيال آيو جڏهن ننڍي ٺَڪر ڪنهن ڳالهه تان ڪمند جي ڇَڙي سان ماريو هو. منهنجو جسم ُسڃي ويو هو، وڏا ڪارا داغ ٿي ويا هئا. مون بابا کي چيو مان هتي ڪم نه ڪندس. بابا چيو ڇورا مالڪ آهن، هنن جو سهارو آهي، ٻني به هنن جي کائڻ جو ان به هنن جو. منهنجو ضد هو ته مان هاڻ ٺَڪرن وٽ ڪم نه ڪندس. منهنجي ضد تي بابا خاموش ٿي ويو. ٻئي ڏينهن وڏي ٺَڪر کي خبر پئي، بابا کي گهرائي چيائين ته تنهنجي ڇُوري جو دماغ خراب ٿي ويو آهي. هاڻي جو هاڻي پنهنجو حساب صاف ڪري نڪر هتان. منشي کي گهريائين. منشي اسان ڏانهن وڏو حساب ڪڍيو. ٺَڪر بابا کي چيو ته توڏانهن جيڪو حساب نڪتو آهي، هينئر جو هينئر ڏي نه ته وجهريائين ٿو ڪاٺَ ۾. بابا جو ساه نڪري ويو. هيڏا سارا پئسا ڪٿان آڻي. بابا ٺَڪر جي پيرن تي ڪري پيو، چوي مالڪ رحم ڪر. مون ڇورو تنهنجي حوالي ڪيو. ماريوس يا جيئاريوس مان ڪنڌ کڻي نه پڇندس. ٺَڪر خاموش ٿي ويو. بابا جي حالت ڏسي مون وري ٻني تي ڪم شروع ڪيو.
    ٻيو دفعو مون ٺَڪر کي بلڪل سَڌو چيو، ته جيڪو ڪرڻو هجئي ڪر،
    تون ماريندي ته مار، مان بيٺو آهيان.”
    اهو ڪيئن ٿيو، اها همت تو ۾ ڪيئن آئي، ڇا ٿيو هو؟” تيرٿ هن کان پڇيو.
    “شيوو ڀڳوان جو ميلو هو” بنسي ڳالهائڻ شروع ڪيو، هر طرف کان ميلي جا ياتري جوڪ در جوڪ ميلي ۾ اچي رهيا هئا. ڪي درشن ڪري موٽي ٿي ويا ته ڪن رات گذارڻ لاءِ پڙاءُ ٿي ڪيو. چارئي طرف رونق لڳي پئي هئي. هر مَاڻهو پنهنجي دل جي مراد شيوو کان گهري رهيو هو. هن جي ڪَرپا سان هر ڪو خوش هو. پورنم جو چنڊ آسمان تي روشن هو. هن جي چانڊوڪي ۾ هر شي جَرڪي پئي. دنيا جا رنگ ڄڻ زمين تي لهي آيا هئا، زمين، ياترين جي قدمن جي آهٽ سان جهومي پئي هئي.
    شيوو جي ٽين ۽ آخري تاريخ اهڙو واقعو ٿيو. جنهن پوري سنسار کي ڄڻ سنسان ڪري ڇڏيو. دولت رام جي اڪيلي نياڻي جمنا، شيوو ڀڳوان جي درشن لاءِ شام جو دير سان گهران نڪري پئي. سال اڳ جمنا جو پَتا نمونيا جي تَپ ۾ ديهانت ڪري ويو هو. هي اڪيلي پنهنجي چاچا سان رهندي هئي. چاچا هن جو رشتو شهر ۾ رهندڙ ڪنهن عزيز سان ڪيو هو. ويجهڙ ٻنهي جي شادي به ٿيڻي هئي.
    جمنا، شيوو جي درشن لاءِ چاچا جو انتظار ڪيو پر هن کي ڪٿي دير ٿي وئي ۽ شيوو جي ميلي جو آخري ڏينهن هو. جمنا ريڻ ندي جو ڪنارو ڏيندي وڏا وڏا قدم کڻندي شيو مندر ڏانهن اڪيلي ئي نڪري پئي.
    هو ان آسري تي نڪري پئي ته شيوو آهي نه ان جي رڪشا ڪرڻ وارو. تڏهن نشي ۾ ُڌت ننڍو ٺَڪر پنهنجن دوستن سان اتان گذريو. ننڍي ٺَڪر جي نظر جيئن اڪيلي جمنا تي پئي ته هن جو اڳ جهلي بيهي رهيو. هن جي ڳالهائڻ ۾ وحشت هئي. ذليل نفس پرست ڪريل، بداخلاق ٺَڪر ضابطي کان ٻاهر ٿيندو ويو. نشي جي حالت ۾ هي انسان مان وحشي ٿي بيٺو. هو ذليل وحشي ته اڳ ۾ ئي هو، مٿان جو شراب پيتائين ته انجي اندر جي وحشت ٻاهر نڪري آئي. هن جمنا جو هٿ پڪڙيو. جمنا هن کي شيوو جا واسطا ڏنا، هن کي منٿون ڪيون، پر ٺڪر نه مڙيو. اُن وحشي جمنا سان بلاتڪار ڪيو. دولت رام جي مَري وڃڻ کانپوءِ جمنا اڌ ته مَري وئي هئي، هاڻ ُپوري مَري وئي.
    هن پنهنجي جسم کي ريڻ ندي ۾ اڇلائي خودڪشي ڪري ڇڏي، جمنا جو چاچو اهو پورو ڏينهن جمنا کي ڳوليندو رهيو. هو رڙيون ڪندو، هر ڪنهن کان جمنا جو پڇندو رهيو. هو سوچي ٿڪي پيو، ته آخر جمنا وئي ته ڪاڏي وئي. هن کي زمين ڳهي وئي آسمان کائي ويو. ٻئي ڏينهن جمنا جو لاش نديءَ جي لهاندي ڪناري کان مليو. ماڻهو چون پيا ته انجي جسم تي گهرا زخم هئا. پر هنجو چهرو ُپرسڪون هو. ائين جيئن ڪو انسان گهري ننڍ ۾ستل هجي. جمنا جي لاش ملڻ کانپوءِ پورو شهر سوڳ ۾ هو. لاش، ٿاڻي جي دروازي تي آڻي رکيائون. داروغي کي چيائون، اسين اوستائين چَتا کي آگ نه ڏينداسين، جيستائين ڏوهاري سامهون نه ٿو آڻين. پورو جو پورو شهر ڇا هندو ڇا مسلمان. سياري جي پوري رات ٿاڻي جي ٻاهران ويٺو رهيو. جمنا جي لاش جي خبر ملڻ کانپوءِ ننڍي ٺَڪر تي خوف طاري ٿي ويو. هن پنهنجي پتا کي سڀ ڪجهه ُٻڌائي ڇڏيو. وڏي ٺَڪر بابا کي گهرايو ۽ کيس چيائين ته بنسي کي چئو، ته خون پنهنجي سرِ تي کڻي. مان عيوض ۾، هڪ سو ايڪڙ زمين لکي ڏيان ٿو ۽ ڪيس جي پيروي لاءِ به خرچ ڏيندس. بابا چيو بنسي سان توهان پاڻ ڳالهايو. وڏي ٺَڪر مونکي گهرايو، هن جي حالت خراب هئي. سندس چهري مان بي وسي ظاهر هئي. هن جمنا جو خون کڻڻ جو چيو ۽ عيوض ۾ زمين جي ڳالهه ڪئي.
    مون صاف انڪار ڪيو.”
    “تون مونکي جواب ٿو ڏين” هُن مونکي چيو،
    “تون پنهنجي پٽ کي پيش ڇو نه ٿو ڪرين.” مون کيس وراڻي ڏني، هن خون ڪيو آهي.
    “تون مونکي ٿو سمجهائين، مان توکي ماري ڇڏيندس.” هن مونکي ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪيون
    “ڪجهه به ڪرين، مارين ته مار مان بيٺو آهيان” مون کيس وراڻي ڏني.
    ٺَڪر بنڊ وانگر ڦهڪو ڪري وڃي ڪريو.
    هاڻي وڏو ٺَڪر اڌ رنگ جي مرض ۾ کٽ تي بيوس ٿيو پيو آهي.
    ننڍو ٺَڪر جمنا جي خون ۾ جيل اندر آهي، هن کي چريائپ جا دورا پون ٿا.
    جيل ۾ رڙيون ڪندو ديوارن سان مٿو هڻندو رهي ٿو. هن کان موت به نفرت ڪري ٿي.
    تيرٿ ۽ بنسي ڪجهه گهڙين لاءِ خاموش ٿي ويا.
    تيرٿ بس جي دري کان ٻاهر ڏسي ٿو، گاڏي جي ڦيٿن جي ڦهليل هلڪي ڌهنڌ ۾ هو ڄڻ جمنا کي ڏسي رهيو آهي. هن جي دل روئڻ ٿي چاهيو، پر هو ائين ڪري نه سگهيو. هو به ڄڻ هاڻي روايتي انسان ٿي ويو آهي. روئڻ لاءِ به هن کي اڪيلائي ٿي گهرجي.
    تيرٿ جيڪر عام انسان هجي ها ته هي هتان سڀ ڪجهه ڇڏي هليو وڃي ها. هتي زندگي کي جيئڻ وڏو عذاب آهي، دل تي نقش ٿي وڃڻ وارا خيال ۽ ماڻهو، ڄڻ ته ناپيد ٿيندا پيا وڃن، اداس چهرا ڄڻ پنهنجن پنهنجن قبرن جو انتظار ڪري رهيا آهن. سورهيائپ ۽ مضبوطي سان هٿيار پڪڙڻ جي روايت ختم ڪري غدارن جي تعريف ۾ ُسر سان گيت ڳائڻ جي روايت عام ٿيندي پئي وڃي. تيرٿ اکيون بند ڪري پنهنجي چهري کي پنهنجن ٻنهي هٿن سان ڍڪي سوچي ٿو. هي هنجو ملڪ آهي هنجو پنهنجو ڏکاريل ديس.
    بس ڪچي رستي تي هلندي بيهي رهي ٿي. ڪجهه مسافر لهن ٿا گاڏي کان ٻاهر اوچتو ڪنهن عورت جو رڙيون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون. ڪا عورت آهي جيڪا گاڏي جي دروازي جي هٿيي کي مضبوطي سان پڪڙي بيٺي آهي. ۽ ڪو مرد ڪپڙن ۽ وارن مان ڇڪي هَن کي هيٺ لاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن پنهنجي هٿ سان دروازي جي هينڊل کي ائين پڪڙي رکيو آهي، ڄڻ اها بس ئي هن جي زندگي کي بچائي سگهندي. هن جي چهري تي ايڏو خوف ڇانيل هو، جنهن جو اندازو سڀني مسافرن کي ٿيو پئي. پر ڪنهن کي همت نه ٿي ته ان مرد کان ُپڇي ته تون آخر مائي کي وارن مان پڪڙي ڇو پيو لاهين؟ عورت مسلسل رڙيون ڪندي پاڻ کي بس جي اندر ڌڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي ۽ مرد بي دردي سان ان کي ڇڪي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. مرد جي هر سٽ کانپوءِ عورت جا هٿ هينڊل ۾ وڌيڪ مضبوط ٿي پئي ويا. مائيءَ جي سِر تان چنري کسڪي وڃين هيٺ ڪري، هنجي جسم تي هاڻي وڃي پراڻو چولو رهيو هو، جنهن تي به سوين چتيون لڳل هيون، جيڪو به سٽن کانپوءِ ٻاهن کان ڦاٽي پيو. تڏهن به ماڻهو خاموش ويٺا رهيا، بلڪه ڪنهن ته ائين به چيو، ته مائي کي اڇلايو ٻاهر اسانکي اڳ ئي دير ٿي وئي آهي. مائي جو هٿ هو جو ويتر مضبوط ٿيندو ويو. مرد سهڪي رهيو هو. سهڪندي هن مائي کي پٽي تي ڌڪ هڻي ڪرائي وڌو ته به عورت بس جي هينڊل مان هٿ نه ڪڍيا. هاڻ ته مائي به رڙيون ڪري چئي رهي هئي ته مون کي هن ظالم وحشي کان بچايو. خدا جي واسطي مون کي بچايو. هاڻ ته ڪنڊيڪٽر به مائي کي بد شد چئي رهيو هو .”
    فيروز ۽ تيرٿ اٿي بيهي رهيا.
    “صاحب توهان وچ ۾ نه اچو، هي هنن جو ذاتي معاملو آهي.” ڪنڊيڪٽر، فيروز ۽ تيرٿ کي ڏسندي چيو
    “هي سڀ جيڪو ٿئي پيو، پنهنجي گهر ۾ ڪن ها ته ٺيڪ هو، پر هتي هي ظلم اسان کان برداشت نه ٿو ٿئي، هي هاڻ ذاتي مسئلو ناهي، هي هاڻ انسان جو مسئلو آهي” فيروز ڪنڊيڪٽر کي وراڻيو.
    “مائي مان هٿ ڪڍ” تيرٿ، رڙ ڪري مرد کي چيو، “
    “توهان ڪير ٿيندا آهيو، اسانجي معاملي ۾ ڳالهائڻ وارا” مرد سهڪندي تيرٿ کي وراڻيو،
    گاڏي ۾ ويٺل ماڻهن پڙهي لکي تيرٿ جي اکين جي تيزي ڏٺي ته سمجهي ويا ته معاملو سنگين ٿيڻ وارو آهي.
    بنسي، پهريون ماڻهو هو جو اٿي بيٺو. “صاحب صحي ته چئي ٿو، مائي مان هٿ ڪڍ ان کي وڃڻ ڏي تنهنجي هوندي ته توڏانهن موٽي ايندي.”
    بنسي سان ُسر ملائيندي ٻين به چيو ته مائي مان هٿ ڪڍ، سياڻو ٿي، مائي تي هٿ کڻڻ چڱي ڳالهه ڪانهي، ماڻهن جا تيور تبديل ٿيندي ڏسي، هن مائي مان هٿ ڪڍيا. مائي مٿي چڙهي بس ۾ اچي ويٺي. هن سان گڏ هڪ ٻي جوان عورت به گڏ هئي. ٻئي هڪ سيٽ ته وهندي پنهنجو پلئو ٺيڪ ڪرڻ لڳيون.
    مائي، تيرٿ ۽ فيروز ڏانهن احسانمند نظرن سان ڏٺو.
    تيرٿ، مائي جي ُسرت ۾ اچڻ تائين خاموش رهيو. مائي اڃان تائين سهڪي رهي هئي. هن جي ڀر ۾ ويٺل شايد هَن جي ڌيءَ هن جي وارن ڪپڙن کي درست ڪرڻ ۾ هنجي مدد ڪئي. تڏهن اوچتو هنجي اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا. هن کي رکي رکي ڪا ڳالهه دل ۾ چُڀي ٿي وئي. هن جي ڪمزور ۽ فاقازده جسم ۾ رڙين ڪرڻ جي هاڻ طاقت نه رهي هئي. هن گاڏي جو دروازو ڪراس ڪري ڄڻ صدين جو پند ڪيو هو. هو واقعي به بيحد ٿڪجي پئي هئي. هو پاڻ کي يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي ته هو دوزخ پوئتي ڇڏي آئي آهي. ان طوفان مان نڪري آئي آهي، جنهن هنجي وجود هن جي روح کي تار تار ڪري ڇڏيو هو. اڳتي اڃان ڪي طوفان آهن انهن کان بيخبر هن مائي آخر پنهنجون اکيون مليون، ڳوڙها اگهيا ۽ سيٽ تي درست ٿي ويٺي.
    “هي ڪير هو؟” فيروز، مائي کان پڇيو
    “هي ظالم منهنجو مڙس هو” ان کان اڳ جو فيروز ٻيو سوال ڪري مائي چيو، “توهان مون لاءِ ڀڳوان سمي آهيو” توهان مونکي بچائي مون تي وڏو احسان ڪيو آهي. توهانجي آواز تي منهنجي همت وڌي، نه ته هتي ته ڪي انسان ئي ناهن ويٺا. مان توهانکي ضرور ٻڌائيندس ته هي سڀ ڪجهه ڪيئن ۽ ڇو ٿيو. ۽ توهان به سڀ ُٻڌو، هن بس ۾ ويٺل ٻين ماڻهن ڏي منهن ڪري چيو. خدا نه ڪري جو هي درد ڪنهن ماءُ جي حصي ۾ اچي. هتي مائرن ۽ ڌيئرن وارا ويٺا آهن، هن پوئتي منهن ڪري سڀني سان خطاب ڪرڻ جي انداز ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو.”
    منهنجي شادي کي اڃان ٽي، چار سال مس گذريا هوندا، جو منهنجو مڙس رئيسن جي ٻني تي ڪم ڪندي، نانگ جي ڏنگڻ ڪري فوت ٿي ويو. مان پنهنجي ڌيءَ سان اڪيلي ٿي ويس، مون پنهنجي ڌيءَ لاءِ سڀ ڪجهه وساري ڇڏيو. مون پنهنجي دل کي هزارين ڏک ڏئي، پنهنجي نياڻيءَ لاءِ ُسک پيدا ڪيا. پورهيو ڪيو، ڪپڙا سبيا، پنهنجي ۽ پنهنجي نياڻي جي لَٽي ڪپڙي جو انتظام ڪيو. مان پنهنجي ڀائرن جي گهر ۾ رهڻ جي باوجود انهن تي ڪڏهن بار نه ٿيس، بلڪه انهن جي مدد ڪندي رهيس. ان دوران هنن کي به پنهنجا ٻار ٿيا. پنج ڇهه سالن کانپوءِ هنن مونکي چيو، ته رشتو آهي، تنهنجي ٻي شادي ڪرايون ٿا، مون چيو منهنجي ڌيءَ هاڻي جوان ٿيڻ تي آهي، مونکي ته پنهنجي ڌيءَ جو فڪر آهي. بهرحال ڀائرن جو ضد هو، ته شادي ڪري ڇڏ. هي جيڪو توهان ڏٺو ظالم، وحشي منهنجو ٻيو مڙس آهي.
    هو منهنجي ڀائرن جي واسطي وارو هو. پئسي وارو ۽ جوان هو، پر هن کي دم جي بيماري هئي. ڪو به هن کي پنهنجي نياڻي ڏيڻ لاءِ تيار نه هو. هن رئيسن جي مدد سان رشتو گهريو ۽ منهجن ڀائرن کي پئسه به ڏيڻا ڪيا. منهنجن ڀائرن پئسي جي عيوض منهنجي رشتي لاءِ ها ڪري ڇڏي. مان به قسمت جو فيصلو سمجهي ماٺ ٿي ويس. دراصل مان پنهنجي ڌيءَ خاطر ائين ڪيو، ته هن کي پيءُ جو سهارو ملي ويندو ُمڙس جي مَرڻ کانپوءِ هي ئي ته منهنجي دنيا هئي. مان شادي ڪري هتي آيس پنهنجي مڙس وٽ، جيڪو هي توهان هينئر ڏٺو. هن جي مون، دل سان خدمت ڪئي.هن کي دم جي بيماري گهٽجي وئي. هڪ ڀيري مون ڏٺو، ته هو منهنجي ڌيءَ سان نامناسب حرڪتون ڪري رهيو هو. هن کي پنهنجي ڀر ۾ ويهارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. تڏهن به مون سمجهيو، اهو پتا جو پيار آهي. پر هڪ رات منهنجي ڌيءَ سڏڪا ڀري هنجي حرڪتن جي دانهن ڏني. مون کي ڄڻ ڪاري ضرب لڳي. مان ته هن دنيا جي بدقسمت عورت آهيان، جنهن کي خدمت عيوض اهو صَلو مليو.
    اُن کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ظلم هوندو. هي دنيا ته جهنم کان به بدتر آهي . صبح جو مان هن جي مٿان وڃي بيٺس. حقير، وحشي، خدا تنهنجو حشر خراب ڪري، تون پنهنجي نياڻيءَ سان ٿو ائين ڪرين. هُن مونکي ڌڪ هنيا ۽ چيو، ته مان توکي ماريندس. منجهند ڌاري هنجي غير موجودگي ۾ مان ڌيءَ کي وٺي ڀائرن ڏانهن وڄڻ لاءِ بس تي چڙهڻ لڳس، ته هن اچي ٻانهن مان جهليو. هاڻي مونکي ٻڌايو هن گهر کان ته مرڻ بهتر آهي. مان ڪمزور آهيان. مون خدا کان هميشه ايترو گهريو آهي جيتري منهنجي حيثيت. پر هاڻي ته منهنجو سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو. هن دنيا ۾ خدا ڪٿي به ڪونهي. جي آهي ته پوءِ هن کان اهو سڀ ڪيئن ٿو برداشت ٿئي. هن چڪرکي پڄاڻي تي ڇو نه ٿو پهچائي. خدا مون تي رحم ڪري .
    بس ۾ خاموشي ڇائنجي وڃي ٿي.
    “اسان اڻڄاڻائي ۾ ڪيڏي وڏي زيادتي ڪري رهيا هئاسين” اسان سمجهو ته هي روز جيان زال مڙس جي وچ ۾ ٿيندڙ واقعو آهي. پر هي ته وحشي پڻو آهي.”
    “تو هن مائي جي ڳالهه ُٻڌي؟” فيروز، ڪنڊيڪٽر کي چيو،
    “تون ئي ته چئين پيو ته توهان هنن جي وچ ۾ نه اچو.” شرمساري کان بس ۾ ويٺل ماڻهو بت بڻجي ويا هئا.
    عورت ڏانهن اسانجو اهڙو رويو ۽ اهڙن موقعن تي خاموشي مان ظاهر آهي ته اسان مان هر ماڻهو اهو ڏوه ڪري رهيو آهي. يا اڻ سڌي طرح ان وحشي پڻي ۾ شامل آهي، هتي الميو هي آهي ته عورت سان اهڙي قسم جي وهنوار کي ڪو ڏوه يا جرم نه ٿو سمجهيو وڃي. هر ماڻهو ان ڏوه ۾ شريڪ آهي ۽ ان کي پنهنجو حق ٿو سمجهي. اهو حق انهن کي ڪنهن ڏنو آهي؟ اسانکي دنيا جا باقي سڀ خوف آهن، دوزخ جو خوف آهي، پر اهو خوف ڪونهي ته هڪ انسان شديد مشڪل ۽ تشدت جي زد ۾ آهي. انجي ڪا مدد ڪجي.
    توهان کان خدا نه پڇندو، ته توهان ان موقعي تي خاموش ڇو هئا؟
    خاموش رهڻ جو گناهه، خدا جي نظر ۾سڀ کان وڌيڪ ڀاري هجي ٿو.
    توهان ته عربن جي ظالم دور کان به اڳتي نڪري ويا. هو ته نياڻين کي جيئري پوريندا هئا. توهان ته نياڻي کي نه مرڻ ٿا ڏيو نه جيئڻ. شهر ۾ وري اسان ُمهذب انسانن جو ڊرامو ڪيون ٿا ۽ پنهنجي ڳوٺ ۾ وري عورت کي جانور سمجهندي جهالت جون حدون پار ڪري وڃون ٿا. اسان نالائق، ائين سمجهون ٿا، ته هڪ ڳوٺاڻي عورت وٽ شهري عورتن جي ڀيٽ ۾ ڪي جذبا ئي ڪونهن. هنن جي گفتگو جهالت سان ڀريل هجي ٿي. هنن جي مقدر ۾ ذلت لکيل آهي. اسان ڪيڏي زيادتي ڪري رهيا آهيون، هڪ اهڙي عورت سان جيڪا پنهنجي مرد کي پنهنجو ٻيو خدا سمجهي، ان جي ڏينهن رات سيوا ڪري، ان لاءِ پورهيو ڪري، جيڪا پنهنجن ڀاتين تي ساه ڏئي، انهن جي حصي جا ڪم پاڻ ڪري، گهر جا سمورا ڪم ڪرڻ کانپوءِ مال متاءُ جو به سنڀال ڪري، ان جي باوجود اُن جي وفاداري تي شڪ ڪيو وڃي. هي ته جهالت آهي. اسان انجو ان کي معمولي صلو به نه ٿا ڏيون. هڪ طرف خدا کي مڃون ٿا ۽ ٻئي طرف انجي خوبصورت تخليق لاءِ گهر ۽ زمين تنگ ڪري ڇڏي آهي. خدا توهان کي معاف نه ڪندو.
    بس ۾ خاموشي ڇانئجي وڃي ٿي، ڪيترن ئي عورتن جي اکين ۾ لُڙڪ چمڪيا پئي. مردن جي جسم مان ڄڻ ساهه ڇڏائي ويو هو. انهن جون نظرون پنهنجي ئي ضمير جي بار کان جُهڪي ويون هيون. هنن کان ڄڻ سفر وسري ويوهو. هو پنهنجي اندر جي گم ٿيل انسان کي تلاش ڪري رهيا هئا. هنن جي چهرن جي خاموشي کي ڏسي چئي سگهجي ٿو، ته هنن جي ُسن ٿي ويل اندر کي ڪڏهن ڪنهن سجاڳ ڪرڻ جي ڪوشش ئي ڪو نه ڪئي آهي.


    جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي

    بس سڌي رستي کان ُمڙندي پٿرن ۽ واريءَ جي دڙي ڀرسان اچي بيٺي. هڪ پڪي عمر جو ماڻهو فيروز جي ڀر ۾ اچي بيٺو.
    سائين، منهنجو نالو حبيب آهي، هي منهنجو ڳوٺ آهي. توهانجي ويچارن کي ُٻڌڻ لاءَ اسانجي دل گهري ٿي. ڪڏهن ڪڏهن آسمان مان بادل وسيو پون، پر هنن ويچارن لاءِ، هي دکي ديس سالن کان ترسيل آهي. منهنجي خواهش ۽ وينتي آهي، ته هتان ڀيرو ڏيندا پوءِ اڳتي وڃو. سڀاڻي هن ئي بس ۾ روانا ٿجو، تيرٿ ۽ فيروز هن کي ٻانهون ٻڌي اجازت وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن نه مڃيو، هو ٻئي هن سان گڏ هنجي ڳوٺ هلڻ لاءِ بس مان لهي آيا.
    رستي تي هلندي تيرٿ حبيب کان ڳوٺ جو نالو پڇيو،
    “سائين، ڳوٺ جو نالو ڀٽ ڪامل آهي. ڪامل منهنجي ڏاڏا جو نالو هو. هتي ڳوٺن جا نالا ڳوٺ جي چڱي مڙس يا وري ڪنهن نشاني آڌار رکيا ويندا آهن. منهنجو ڏاڏو هن تر جو واحد ميٽرڪ پاس استاد هو. هن پنهنجي ڳوٺ ۾ اسڪول کولرائڻ لاءِ ٺاڪرن ۽ سيدن سان وڏيون چوٽون کاڌيون. جيستائين هو حيات هو، اسڪول به هليو. هن جي شهادت کانپوءِ عمارت بيٺي آهي، استاد ڪونهي. ڪيترا ڀيرا مون آفيسرن کي اسڪول هلائڻ جي درخواست ڏني. ٿيو ڪجهه به نه، منهنجا چار ٻار آهن، ٻه ته ميٽرڪ تائين شهر واري اسڪول ۾ پڙهيا، انهن کي وڌيڪ پڙهائڻ جو خيال هو پر گذريل سال جي ڏڪار ۾ جيڪو پئسو ڏوڪڙ هو ختم ٿي ويو. ٻارن کي اڳتي پڙهائڻ وارو ارادو ختم ٿي ويو. ڪجهه مال آهي زمين جو ٽڪر آهي. مالڪ جي مهرباني آهي محتاجي ڪانهي وقت گذري پيو.”
    فيروز، حبيب کي ڌيان سان ڏٺو. هن جي چهري تي وقت جا نشان جُهريون ظاهر هيون. گول چهري تي سادگي، اکين ۾ نهٺائي، سِر تي سفيد پٽڪو، پنهنجي خيال ۾ ڳالهائيندي اڳتي ڏسندي رستي کان پورا پنا قدم کڻندو هلندو پئي ويو. اسان به هن سان گڏگڏ پئي هلياسين ٻه گهر ڇڏي ننڍڙي بائونڊري وال کي ڏنل ڪاٺ جي پٽين جو ٺهيل دروازو هو جيڪو کولي پاڻ اندر ٿيو. ۽ چيائين اچو سائين هتي ويهو. چونئري نما گهر اندر چار کٽون پيل هيون. انهن مان ٻن تي اسين ويٺاسين. پاڻ سامهون واري کٽ تي ويهي، فيروز ڏانهن منهن ڪندي حبيب چيو، “توهان جڏهن ڳالهايو پئي ته بلڪل منهنجي ڏاڏا ڪامل فقير جهڙا پيا لڳو. اهو لهجو. اُهي ويچار. تڏهن ته مون توهانکي هتي اچڻ جي وينتي ڪئي. ماڻهو چوندا آهن ته وقت ۽ ماڻهو ڪونه ٿو موٽي، پر اڄ مون ڏٺو وقت ۽ ماڻهو بروبر موٽي ٿو. ڏاڏا مونکي چوندو هو اسان جيڪو ڳالهايون ٿا اسانجي اندر جو آواز آهي اندر جيترو صاف ڳالهائڻ اوترو سٺو ۽ مَٺو، توهان به پنهنجي صاف من سان پئي ڳالهايو . اسانجو هيءَ ڳوٺ پاڪستان کان به اڳ جو آهي. ملڪ ۾ حڪومتون آيون ويون اسان ۽ اسانجا هي ڪچا گهر تڏهن کان ائين آهن. توهان آرام سان ويهو، مان چانهه پاڻي جو بندوبست ڪري اچان.”
    “هتي ڪيڏي خاموشي آهي” تيرٿ اردگرد جو جائزو وٺندي چيو.
    “هي خاموشي هاڻي ته هنن جي زندگي جو حصو ٿي وئي آهي” فيروز وراڻيو. هنن جي هيءَ ننڍڙي دنيا ئي هنن لاءِ سڀ ڪجهه آهي. حبيب پنهنجي همت جي آڌار تي سمجهي ٿو ته وقت آساني سان گذري ويندو، پر دراصل مستقبل ۾ ڏاڍو شور آهي، هي ان شور ۾ شل بيهي سگهن.”
    ٻه ٻار ڪوپ هٿ ۾ کنيو اندر آيا. سائين هي منهنجا ٻار آهن. حبيب هنن جو تعارف ڪرائي ٿو. هي وڏو پٽ ان کانپوءَ نياڻيون آهن ۽ آخر ۾ هي جليل. اسان چانهه پيئندي حبيب جي وڏي پٽ کي پنهنجي ڀرسان ويهڻ جو چيو.
    “شهر ۽ پنهنجي ڳوٺ ٻنهي مان ڪٿي رهڻ پسند ڪندين؟ جليل کان تيرٿ پڇيو،
    “شهر ۾ وڏي خلق رهي ٿي. مونکي پنهنجو ڳوٺ وڻي ٿو” جليل جو جواب واقعي به شاندار هو، “
    “ڪيترو پڙهيو آهين ؟” تيرٿ، هن کان پڇيو
    “ميٽرڪ، ختم ڪئي ته ڏڪار ُمنهن ڪڍيو، پئسي جو جهل نه هو جو وڌيڪ پڙهي سگهان” جليل جواب ۾ چيو
    “هاڻي ڇا ٿو ڪرين؟” تيرٿ کيس پڇيو.
    “صبح جو پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهائيندو آهيان، شام جو ٻني جو ڪم ڪندو آهيان”
    “ اسڪول ۾ نوڪري آهي” فيروز هن کان پڇيو،
    “نه، بنا معاوضي پڙهائيندو آهيان” جليل وراڻيو.
    “تنهنجا ٻار ته ڏاڍا فضيلت وارا آهن” تيرٿ حيرت مان خوش ٿيندي، حبيب کي چيو .
    حبيب، ڪجهه گهڙين لاءِ خاموش ٿي ويو.
    “ڳوٺ ايندي تو پنهنجي ڏاڏا جو ذڪر پئي ڪيو.” تيرٿ، حبيب کان پڇيو،
    تنهنجو ڏاڏا ڪيئن شهيد ٿيو؟
    “اسانجو ماضي پوري جو پورو غربت جو ريگستان آهي” حبيب غمگين لهجي ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو. مون پاڻ ان مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مون بابا سان هتي ڏڪار ڏٺو، لڏپلاڻ ڏٺي، وري هن ئي ڳوٺ کي آباد ٿيندي ڏٺو. منهنجو ڏاڏا بي چين روح هو. پنهنجي دور جي هستي. ماڻهن کان مختلف. هميشه غريب ۽ پورهيتن جو حمايتي. تلسي ۽ ڪبير جو ڪلام کيس ياد هو. هن ڪڏهن به سيدن ۽ ٺَاڪرن جي پرواه نه ڪئي. هن به چاهيو ٿي ته هنجي ڳوٺ ۾ اسڪول، اسپتال، پاڻي، بجلي ۽ رستن جون سهولتون هجن، جنهن لاءِ هن ڪوشش به جام ڪئي. هڪ ڀيري ڊي او جي آفيس ۾ گهڙي ويو ۽ سامهون وڃي بيٺس، چيائينس مان پنهنجي ڳوٺ جي زمين اسڪول لاءِ ڏيان ٿو، مونکي اسڪول ٺاهي ڏي. ڳوٺ جون نياڻيون پڙهيون ته ڳوٺ جي قسمت بدلجي ويندي. اهو اسڪول ڏاڏا جي زمين تي ٺهيو، ڪيترا ٻار ان مان پڙهي نڪتا، پر رڳو مسئلو اسڪول کولڻ جو نه هو غربت اسانجي پاڇي جيان اسان سان گڏ گڏ رهي ٿي، ڳوٺ ۾ اسڪول قائم ٿيندي ڏسي سيد نواز علي شاه ڏاڏا کي گهرائي چيو. اسانجي مرضي بنان ٿو اسڪول ٺهرائين. ڏاڏا چيو توهان کي مون چيو هو ته اسانجي ڳوٺ کي اسڪول ڏيو. توهان جواب ڏنو ته “ڇُورا پڙهيا ته سلام ئي نه ڪندا”
    توهان کي اجائي خوف هو ته اسڪول کلڻ سان ماڻهو توهان کي سلام نه ڪندا.
    توهان چاهيو ٿا ته ماڻهو توهان کي سلام ڪن ته پوءِ توهان پاڻ کي ان لائق بنايو، جو ماڻهو توهان کي رُڪي رُڪي عزت ۽ محبت سان سلام ڪن، پر جي توهان ماڻهن کي انسان ئي نه سمجهندا ته ڪنهن کي پئي آهي جو توهان کي سلام ڪري، پر جي ڪجهه ماڻهو توهان کي سلام ڪن ٿا ته اهي ان خوف کان ته متان سيد سلام نه ڪرڻ تي نقصان نه پهچائي، سو بار لاهڻ لاءِ ٿاسلام ڪن.
    سيد نواز علي کي اها ڳالهه ڏکي لڳي. پر جيئن ته ڏاڏا جي تر ۾ وڏي عزت هئي، ان ڪري سيد ته خاموش ٿي ويا، پر پوءِ ڏاڏا لاءِ ُمشڪلاتون پيدا ڪيائون.
    جيئن ته نيڪ ماڻهن کي هميشه غيبي مدد حاصل هوندي آهي. هميشه روشنائي جا پاڇا انهن جي اردگرد رهن ٿا، جيڪي هر قدم رهنمائي ۽ مدد ڪندا رهن ٿا. ڏاڏا جي به ائين قدرتي مدد ٿيندي رهي. گذريل لوڪل باڊيز جي اليڪشن ۾ سيدن ڏاڏا جي خلاف ُملي رمضان کي کڙو ڪيو، جنهن جي واعظ ۾ هميشه سيدن لاءِ تعريف ۽ باقي ماڻهن لاءِ دوزخ جي باهه هوندي آهي. هن جون اکيون، منهن، جسم، هٿ سمورا جا سمورا انسانن لاءِ نفرت جي باهه آهن. ڏاڏا ُملي رمضان کي اڪثريت سان هارايو. سيدن کي خارون وڏيون هيون پر ڪري ڪجهه به نه سگهيا. ڏاڏا هتي عام ماڻهن جي خوشحالي لاءِ ڪيترا ئي ڪم ڪيا. هتي جي ماڻهو جو گذر سفر مال متاع تي آهي، جانور بيمار ٿئي ته شهر وڃڻو پوندو آهي، رستي ۾ جانور مري به ويندا آهن، اهو اسان ماڻهن لاءِ وڏو نقصان آهي. ڏاڏا جي ڪوشش سان جانورن لاءِ اسپتال کُلي، نه ته اڳ ۾ شهر وڃڻو پوندو هو. ماڻهن جي اسپتال ته اڳ ۾ ئي هئي پر ڊاڪٽر موجود نه هوندا هئا. ڏاڏا هن تر جي ڊاڪٽرن کي ڀرتي ڪرايو. پر حڪومت پاران سهولتون نه ملڻ ڪري ۽ سيدن جي رويي ڪري ڪوبه ڊاڪٽر گهڻي وقت لاءِ رهي نه سگهيو. هاڻي هفتي ۾ هڪ ڊاڪٽر، خان جي ٽنڊي مان اچي ٿو، نه ته ڪرايا ڀاڙا ڪري مريضن کي شهر وڃڻو پوي ٿو. ڏاڏا لاءِ سڀ کان ڏکيو وقت ضياءَ جي مارشلا وارو زمانو هو. هي دور اسان ماڻهن جي تذليل وارو دور هو. هر ماڻهو تي نظر رکي پئي وئي. ُٻڍن، ٻارن ۽ عورتن تائين سڀني کي بسن مان لاهي تلاشي ورتي ويندي هئي. نوجوانن کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ اُڀو بيهاري ڇڏيندا هئا. انهن جو بي عزتيون ڪرڻ، انهن کان سامان کڻائڻ، بيگر وٺڻ ، گاڏيون دهرائڻ ۽ غير مسلم ته هنن لاءِ انسان ئي نه هو. غير مسلم نوجوانن تي تشدد ڪرڻ عورتن جا روا ڇڪي انهن جو منهن ڏسڻ، روزانه جو معمول هو. هتي رهڻ لاءِ هاڻ گنجائش نه رهي هئي، ڪيترن ماڻهن هتان لڏڻ شروع ڪيو، شايد مان هجان ها ته هتان لڏي وڃان ها، پر ڏاڏا همت سان بيٺو رهيو. هو چوندو هو ته هتي فوجي ڇانوڻي ٺهڻ جي پلاننگ ٿي رهي آهي. هتان کان ننگر تائين ڇور وارو سڄو پاسو فوجي پنهنجي قبضي ۾ آڻڻ چاهن ٿا. هنن جو اسان ماڻهن سان بيحد نفرت آميز رويو ڄاڻي واڻي آهي، ته جيئن ماڻهو خوف مان هتان لڏي وڃن ۽ هي پورو علائقو هنن جي قبضي ۾ اچي وڃي، ڪنهن به مزاهمت ۽ اعتراض کانسواءِ. ڏاڏا تر جي سڀني ذاتين جي چڱن مڙسن کي گُهرايو. هنن کي سمجهايو ته همت سان ويٺا رهو. پنهنجا گهر ۽ زمينون نه ڇڏيو. انجي باوجود ڪيترا ماڻهو لڏپلاڻ ڪري ويا.
    مان سوچيندو آهيان ته “دنيا ۾ فوج نه هجي ته ڪيڏو سک هجي.”
    ڏاڏا، بابا کي چوندو هو، “ته اسانجي ُسکي ستابي سنڌ جيڪا ٻين لکين ماڻهن کي نپائي کارائي ٿي، سڀني جي اکين ۾ ڪَنڊو ٿي پئي آهي. پاڪستان جا حڪمران ۽ ايجنسيز، جمهوريت پسند ۽ صوفياڻي رنگ ۾ رنڱيل سنڌو تهذيب کي فتح ڪرڻ چاهن ٿا. اسانجي جمهوريت، ڏاهپ، اسانجو تصوف، هنن جي برداشت کان ٻاهر ٿيندو پيو وڃي. هنن جي نظر مستقبل جي سنڌ تي آهي. هو اسانجي قدرتي وسيلن، زمين، پاڻي، درياءَ، سمنڊ ۽ بندرن تي قبضو ڪرڻ چاهن ٿا. هو سنڌ کي معاشي طرح سان ڪمزور ڪرڻ چاهن ٿا. تڏهن ئي پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي سگهندا. هاڻ ته ڏاڏا جي هي ڳالهه درست ثابت ٿي رهي آهي.”
    “سنڌ جي رستي کان انڊيا ويندڙ هي واحد بارڊر آهي” حبيب جائزو پيش ڪندي چيو، جيڪو وڏي عرصي کان بند آهي، سنڌ جي ماڻهو کي انڊيا وڃڻ لاءِ هتان کان کوکرا پار جو رستو سڀ کان ويجهو ۽ سڀ کان سستو آهي. هتان هنجو ڪامياب ڪاروبار ٿي سگهي ٿو. هتان ماڻهو پنهنجن خاندان جي ماڻهن سان ميل ملاقات ڪري سگهن ٿا. ثقافتي ٽوئر ڪري سگهن ٿا. توهان کي خبر آهي، ته هتي جيڪو مال مويشي، ُسون سپاري سمگلنگ ٿئي ٿو، اهو قانوني طرح سان ٿئي ته وڏي خوشحالي اچي سگهي ٿي. پر عام ماڻهو کي اجازت ڪانهي. کهوکرا پار جي ريل ته هلي ٿي پر نه هجڻ جي برابر. ته عام ماڻهو پاڻ منڊين جي تلاش ۾ نڪرندا، پنهنجو مال متاع هٿ جو هنر وڪڻي پنهنجن پيرن تي بيهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. پر ايجنسيون ائين ڪيئن چاهينديون.
    جڏهن ته، پنجاب کان واگها بارڊر جي ذريعي ته ڪاروبار ٿي رهيو آهي، شاعر، فنڪار، اديب ۽ سياسي ماڻهو اچن وڃن پيا.
    تيرٿ، حبيب ڏانهن نهاريو، هو جوش سان ۽ دور انديش ٿي ڳالهائي رهيو هو. هن پنهنجي گفتگو جي سلسلي کي جاري رکندي چيو، “زندگي ۾ مسلسل ڊوڙ انسان کي ٿڪائي وجهي ٿي، پر هي ڪيڏي نه تعجب جي ڳالهه آهي ته ڏاڏا جي چهري ۾ مون نه ڪڏهن بيزاري نه ٿڪاوٽ ڏٺي. هن وٽ رينجرس جو ميجر ۽ سول ڊريس ۾ ڪجهه ايجنسيز جا ماڻهو آيا. هن کي چيائون، تون اسانجي خلاف ٿو ڳالهائين. توکي اسانجي طاقت جي خبر ناهي. هنن ڏاڏا کي ڌڪا ڏنا، گهٽ وڌ ڳالهايو پوءِ هليا ويا. ڏاڏا اُٿيو ۽ ٻاهر نڪري ويو شام جو خبر پئي ڏاڏا ايجنسيز ۽ ان ميجر مٿان ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ٿاڻي تي ويوهو، پر پوليس ميجر خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو. ڏاڏا ٿاڻي تان اُٿي پريس ڪلب ويو. انهيءَ ميجر ۽ ايجنسيز وارن خلاف سخت پريس ڪانفرنس ڪري آيو .”
    پريس ڪانفرنس جي ڇپجڻ جي هڪ هفتي کانپوءِ رات جو بابا ۽ مان ڏاڏا وٽ ويٺا هئاسين، ڏاڏا ڳالهايو ويٺي، هنجي گفتگو ۾ خيالن جي بلندي ۽ پاڪيزگي هئي. هن مون کان پڇيو، ته اسڪول ڪيئن پيو هلي. مون ڏاڏا کي ٻڌايو ته هاڻي مان به ٻارن کي پڙهائيندو آهيان.
    ڏاڏا خوش ٿيو، هن مونکي چيو ته ٻارن کي دنيا جو علم به سيکاريندو ڪر. مطلب ته ٻار کي خبر هئڻ گهرجي، ته ٻولي ڇا هوندي آهي؟ انجي اهميت ڪهڙي آهي. زمين رڳو اَن پيدا ڪرڻ لاءِ ڪانهي، اُن جو تعلق انسان جي روح سان هجي ٿو. انسان ڇا آهي انجا فرض ڪهڙا آهن؟ زندگي جي معني ڇا آهي؟ ان ڏانهن اسانجو رويو ڪيئن هئڻ گهرجي؟ مون چيو ڏاڏا هفتي ۾ هڪ دفعو انهن موضوعن تي ٻارن سان توهان به گفتگو ڪيو، هن چيو، ابتدا تون ڪر پوءِ مان ايندس. اسان جي هر رات هڪٻئي سان ان موضوع تي اڪثر خوشگوار، علمي ۽ وڻندڙ گفتگو ٿيندي هئي. ڏاڏا جي مونسان خاص محبت هئي، شايد هي مونکي ان عظيم مقصد لاءِ تيار ڪري رهيو هو. جنهنجو سڌو تعلق پنهنجي زمين پنهنجي تهذيب ۽ پنهنجي آزادي ۽ عزت سان هوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن هو غير معمولي خيالن سان ڀرپور گفتگو ڪندو هو. ڳالهائيندو ويندو هو ۽ وچ ۾ تلسي ، ڪبير ۽ شاه لطيف جا شعر به چوندو ويندو هو. چوڏهين جي تاريخ هئي. چنڊ جي چانڊوڪي ۾ آسمان ۽ زمين ٻئي مهڪيا پئي. ُمورن جا آواز ڏور تائين ُٻريا پئي. چانڊوڪي ۾ بي چين روح ئي جاڳندا آهن. هي مور به ته هن ريگستان جا بيچين روح آهن. ڪير به نه ٿو ڄاڻي ته چنڊ جي چانڊوڪي ۾ پکي بيچيني مان رڙيون ڇو ڪندا آهن. ۽ 29 واري گهري انداهي ۾ خاموش ڇو هو ٿي ويندا آهن. شايد اونداهي، خوف ۽ موت جي علامت آهي ۽ روشني، زندگي جو نالو آهي. بابا جي اٿي وڃڻ کانپوءِ به ڏاڏا ۽ مان ڪافي دير تائين ويٺا رهياسين. جو اوچتو ڪا گاڏي آئي، جنهن جي مٿان سرچ لائيٽ لڳل هيون. انهن جي تيز روشني سبب اسان کي ڪجهه به نظر نه پئي آيو. انهن مان ٽي همراه لٿا، ڏاڏا کي ٻانهن مان گهليندا گاڏي ۾ کنيو هليا ويا. منهنجن رڙين تي ڏاڏا چيو، گهر جو خيال رکجان. سڀاڻي ٽنڊي ساٿين ڏانهن وڃجان. ڏاڏا کي وڌيڪ ڳالهائڻ جو موقعو نه مليو، بابا به اٿي آيو پر گاڏي تيزي سان نڪري وئي. پريس ڪانفرنس مظاهرن جي باوجود هفتي تائين ڪا خبر نه پئي ته ڏاڏا ڪٿي آهي. ڏاڏا جي گهر واري کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو هو. پاڙي جي عورتن جي وسوسن ۽ خدشن ويتر هنجي پريشاني ۾ اضافو ڪري ڇڏيو هو. هفتي کانپوءِ اسانجي گهر اهڙو واقعو ٿيو، جنهن اسان سڀني کي جنجهوڙي ڇڏيو. ڳوٺ جي عورتن، ڏاڏا جي گهر واري کي چيو، ته ڏاڏا ڪامل هاڻ ڪونه موٽندو، جو فوجين جنهن کي به کنيو آهي اهو سلامت گهر ناهي موٽيو. هن ڳالهه جو ڏاڏا جي گهر واري تي ايترو اثر ٿيو جو کوهه ۾ وڃين ٽپو ڏنائين. هي اسانجي تر جو پهريون خودڪشي جو واقعو هو، جنهن اسانجي پوري خاندان کي گهري ڏک ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو .
    حبيب جوش ۽ ڏک ۾ ڳالهائيندي خاموش ٿي ويو. هن کي گهرو ڏک هو، جنهن هن جي دل کي نپوڙي ڇڏيو هو. هن جو من ڳوڙهن سان ڀرجي ويو. هن سان فيروز جي ٿورو به ڳالهائي ها ته هو روئي ڏئي ها. هُن مشڪل سان پنهنجن سڏڪن کي روڪي رکيو هو. هنجو ڏاڏا جيڪو هن کي انتهائي عزيز هو، جنهن کي هو هڪ لمحي لاءِ به وساري ناهي سگهيو، هن کان ڦريو ويو هو.
    رات ڪافي گذري چڪي هئي. هنن جي ننڊ اڏامي وئي هئي.
    فيروز، حبيب جي ڪلهن تي هٿ رکيو.
    اها ڏاڍي طويل ۽ ڏکاري رات هئي.
    حبيب پاڻ کي سنڀاليندي هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهائڻ شروع ڪيو، ڏاڏا جي دوستن هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس ڪيو، مظاهرا ڪيا، انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪئي. اسانجو خيال هو ته هن کانپوءِ ڏاڏا کي پيش ڪيو ويندو. پر انجي بلڪل ابتڙ ٿيو. ڇهه مهينن کانپوءِ ڳوٺ جي ٻاهران ويراني ۾ ڏاڏا جو لاش مليو. ڳوٺاڻا گڏ ٿي ويا، لاش کڻي پوليس وٽ آيا، قانوني اختيارن ڪيس وٺڻ کان انڪار ڪيو. فوجي راڄ هئڻ ڪري هرڪو خوف ۾ هو.
    هر ماڻهوءَ جي اک آلي هئي. هزارين ڪلهن ڏاڏا جي خاموش وجود کي سهارو ڏئي زمين حوالي ڪيو، دوست ڳوڙها ڳاڙيندا رهيا. جن ڏاڏا کي شهيد ڪيو. انهن تي هر طرف کان ملامت ٿي رهي هئي .
    “اسان کي ڏاڏا جي قبر تي وٺي هل” فيروز، صبح جو حبيب کي چيو،
    حبيب، ڳوٺ جي ٻاهرين پاسي کان، خاموش رستي کان هلندي، ڪافي مفاصلو طئي ڪرڻ کانپوءِ پڪي سَرن سان جُڙيل قبر مٿان اچي بيٺو. حبيب پنهنجي ڏاڏا جي قبر ڏانهن اشارو ڪيو. سڀ خاموشي سان بيهي هن شخص جي شاندار ۽ عظيم زندگي جو خاڪو پنهنجي ڌيان ۾ چٽڻ لڳا.
    هي بهادر شخص، ڄڻ اسان هنن سان ڳالهائي رهيو آهي ۽ چوندو هجي .
    توهان کي جيڪڏهن عزت سان جيئڻو آهي ته پوءِ توهان کي زماني جي مقرر ٿيل طريقن، اصولن ۽ رستن جي ابتڙ سفر ڪرڻو پوندو. اهو احساس توهان کي پنهنجي اردگرد نه ملندو. اُن لاءَ توهان کي پنهنجي زندگي نئين طريقي سان ترتيب ڏيڻي پوندي. جيڪي طاقتون هن وقت سنڌ جي روح کي درهم برهم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهن. اهي چاهن ٿيون، ته توهان کي اهڙي حالت ۾ اُڇلي ڦٽو ڪجي، جو توهان جي اندر ۾ زندگي جو صَلو وري نه ُڦٽي.
    توهان بيڪار ۽ فقيري جو شڪار ٿي وڃو.
    توهان کي اهڙي آگاهي، بصيرت ۽ جرئت جي ضرورت آهي، جيڪا توهان کي ان حالت مان ڪڍي اچي. توهان کي اهڙي جرئت ڪرڻي پوندي. توهان کي ٿوري وقت ۾ گهڻا ڪم ڪرڻا آهن. ايمانداري ۽ روح جي صداقت سان .
    ڪافي دير تائين ڏاڏا سان هم ڪلام ٿيڻ کانپوءِ سڀئي واپس وريا.
    بس جي اچڻ جو وقت ويجهو ٿي رهيو هو. حبيب نيرن ڪرائي. تيرٿ، ۽ فيروز جي دل نه پئي چاهيو ته حبيب کان موڪلائن. هنن چاهيو پئي ته، ٻه ڏينهن رهي هن جي غم کي هلڪو ڪن. هنجي خالي دنيا ۾ زندگي جا ڪجهه رنگ ڀرين. پر هو پاڻ به همت وارو انسان هو. هن آزادي جي اهميت کي سمجهيو ٿي. کيس علم لاءَ اُتساه هو ۽ ڏاڏا جي تريبت ۾ هن کي جيڪا جرئت ملي هئي، اها هن بي رحم دنيا ۾ هن لاءِ روشني وانگر هئي.
    هنن ڳوٺ تي هڪ نظر وڌي. حبيب جي ٻارڙن جي نرڙ کي چميو. هن کان موڪلائي اگهم ڪوٽ واري بس ۾ روانا ٿيا.
    “سنڌ جا هي گمنام هيروز دنيا جي نظرن کان ته اوجهل آهن” فيروز، تيرٿ کي چيو، پر جي ڏسجي ته هنن جي قرباني ۽ هنن جو لازوال ڪم دنيا کي تبديل ڪرڻ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. هنن ڪڏهن به ائين نه سوچيو، هوندو ته هنن کي انجو ڪو اُجرو ملندو يا هنن مٿان يادگار اَڏيا ويندا. هي سرفروش محض پنهنجي اندر جي گهرائي ۽ خودي جي بنياد تي وقت جي ظلمت خلاف وڙهندا رهيا. هنن کي ته اهو به احساس نه هو ته سنڌ جو نئون نسل، هنن کي پنهنجن ڳالهين ۾ ياد به رکندو يا نه. اهي بيحد عزت ۽ احترام لائق ماڻهو آهن. انقلابي پارٽين کي گهرجي ته انهن گمنام هيروز جي ٻارن جي تعليم جو بندوبست ڪن. انهن کي اڳتي آڻڻ ۾ مدد ڪن. هنن جا ڏهاڙا ملهائن. يونيورسٽي جا شاگرد هنن جي جدوجهد تي ريسرچ ڪن. هنن تي پيپر ۽ مقالا لکن. ڊاڪيومينٽريز ٺهڻ گهرجن، هي ئي ته دراصل سنڌ جا حقيقي ڪردار آهن. هي زنده ڪردار آهن. نئون نسل هنن مان اُتساه وٺي، پنهنجي زندگي جا قدر مقرر ڪري سگهي ٿو.”


    دز ۾ ويڙهيل شهر

    “اسان سڀ ڏکين ۽ عجيب حالتن مان گذريا آهيون” فيروز، شهه مريد ۽ سنگهار جو خيال دل ۾ آڻي چوي ٿو، اسان کي پنهنجي زندگي ۾ جهاتي پائي ڏسڻ جو به موقعو ناهي مليو، شاه مريد ۽ سنگهار جي خبر ڪانهي ته ڪيئن آهن، ارميل جي حالت ڪهڙي آهي انجي به ڪا خبر ڪانهي.
    سنگهار ۽ ارميل هڪ ڏينهن به هڪٻئي کان الڳ رهڻ وارا ناهن، هو هڪٻئي سان ڏاڍو پيار ڪندا آهن، انهن چئن مهينن کان هڪٻئي کي ڏٺو ناهي، هنن جي روح کي اڃان ڪيترو ڀوڳڻو پوندو ڪا خبر ڪانهي.”
    فيروز جون اکيون ڀرجي آيون. هنجي اکين ۾ ڳوڙها ڏسي، تيرٿ هنجي ڪلهي تي هٿ رکيو ۽ دلجاءِ ڏيندي چيو، “غم نه ڪر منهنجا دوست، جلدي ئي اسان پنهنجن ساٿين سان ملنداسين. هنن سان پنهنجا تجربه شيئر ڪنداسين.”
    “مون لاءِ چار مهينا منهنجي ذات جي آزمائش لاءِ تمام ٿورا آهن” فيروز، پنهنجي گذريل وقت جو جائزو وٺندي چيو، مون اڳيان ان ڳالهه جي اهميت وڌيڪ آهي ته منهنجو روح، منهنجا آدرش هن سفر ۾ غير منطقي ۽ غير ضروري ڳالهين، خوف ۽ بزدلي کان محفوظ رهيا. مون لاءِ هڪ طرح جي ڪاميابي آهي. حالانڪ زمين جون حقيقتون ۽ ماڻهو جي خيال ۾ وڏو فرق هجي ٿو. انهن ٻنهي جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ توازن کي اهي ئي ماڻهو برقرار رکي سگهن ٿا، جيڪي پنهنجي زندگي لاءِ هڪ نئين ۽ لامحدود يقين ۽ ڪامل محبت جي چونڊ ڪن ٿا. بلڪل اهڙي جيڪا صوفي مهتاب ۽ ڏاڏا ڪامل جي دل اندر هئي. تيرٿ تو کي ياد آهي ڪن موقعن تي ته پاڻ کي ائين لڳو هو ته پاڻ شايد هاڻي ڪڏهن به نه ملي سگهنداسين. تمراڻي واري جنگ ۾ رستم اسانکي بچائي ٻاهر نه ڪڍي ها، ته يقينن ماريا وڃون ها. اسان ڪي عظيم جنگجو نه هئاسين. اسين ته انقلاب جي تابع هئاسين. اسان ته صوفي مهتاب جو مقصد پنهنجن ڪمزور هٿن ۾ کنيو هو.
    رستم کان موڪلائڻ وقت هنجي اکين ۾ ڳوڙها هئا. هو مون ڏانهن نهاري رهيو هو. منهنجون اکيون ڳوڙهن سان تر هجڻ جي باوجود، هن جون احسان مند هيون. هن اڳيان مون پنهنجو ڪنڌ نوائي رکيو هو. هن اسان کي موت جي ُمنهن مان بچايو هو. هن اڳيان جُهڪي، مون هن جا پير ڇُهي هن کان موڪلائڻ چاهيو ته هو ڀاڪر پائي ڪافي دير روئيندو رهيو. اهو رڳو اسان ٻن جي وڇوڙي جو ئي درد نه هو، پر اسان پنهنجي محسن صوفي مهتاب کي ياد ڪري به روئي رهيا هئاسين. اسان رستم کي ڪڏهن به نه ٿا وساري سگهون. هي واقعا ۽ ماڻهو هاڻي اسانجي زندگي جو اڻ ٽٽ حصو آهن. دنيا جي هر اها شيءِ، جيڪا اسانجي آدرشن جو حصو آهي، پوءِ کڻي اهي ننڍڙيون ننڍڙيون شيون هجن، انهن کي دل سان قبول ڪرڻ اسانجي مقصد ۾ شامل آهي. مونکي پنهنجي زندگي جو ڪوبه غم ڪونهي مان زنده آهيان. ۽ ان لائق آهيان ته جيڪا ذميواري مونکي نڀائڻي آهي، ان کي ايمانداري سان نڀايان. ڪراچي کان اگهم ڪوٽ روانو ٿيڻ کان اڳ مان پنهنجي واپسي جا سمورا اُلڪا ختم ڪري پوءِ نڪتو هوس ۽ ائين ئي سڀني ساٿين ڪيو هوندو. مان پنهنجن ساٿين سان گڏ آهيان. مون لاءِ زندگي جا هي اهم لمحا آهن، اسين نذير کي وٺي ڪراچي هلنداسين.
    تيرٿ خاموش آهي. هن کي ڏاڏا ڪامل جي لاش ملڻ کانپوءِ اندازو ٿي ويو هو ته ملڪ جي ايجنسين کي هن قوم جي پرواه ڪانهي. هن کي نذير جي حوالي سان عجيب غمزده ڪندڙ اشاره ملي رهيا آهن. ڪن حالتن ۾ انسان ڪيترن ڳالهين کي بيان ڪرڻ کان قاصر هوندو آهي. انهن کي صرف محسوس ڪري سگهندو آهي. پر جيئن ته اهي واضع ناهن هونديون ان ڪري اهي خوفزده ۽ غمگين ڪري ڇڏينديون آهن.
    انسان اندر بدلاءُ غم ۽ خوشي جي نتيجي ۾ به ٿئي ٿو. خوب ترقي جي نالي تي ۽ خوب دولت ڪمائڻ جي نالي تي به ٿئي ٿو. مهذب جو ڏيک ڏيکاري هڪ معمولي ۽ ڪراهت واري زندگي گذارڻ جي ڪري به ٿئي ٿو. هي ڪيفيت ڪنهن به ماڻهو اندر هڪدم پيدا ناهي ٿيندي. هي بدلاءُ، ڪيترن ئي رستن مان داخل ٿئي ٿو. جنهن مان هڪ رستو سماج ذريعي داخل ٿيڻ آهي. ته ٻيو رستو انسان جي پنهنجن فڪري صلاحيتن جي رستي به آهي. سماج جي طرف کان بدلاءَ هن جي اختيار ۾ ناهي هوندو. انسان مهذب ٿيڻ، سماجي ٿيڻ جي ڪوشش جي باوجود ان تعلق کي جوڙڻ ۾ ناڪام ٿئي ٿو. تيرٿ کي ائين محسوس ٿئي ٿو، ته هن جي اندر جو تناءُ ۽ بدلاءُ هن جي اختيار ۾ ناهي، اهو سماج جي طرف جو پيدا ڪيل آهي. جيڪو هن جي من اندر، عجيب بي چيني پيدا ڪري رهيو آهي. هنجي اندر ۽ ٻاهر جي بيرحم دنيا جي وچ ۾ عدم توازن پيدا ڪري، هن کي دنيا سان جوڙي رکڻ ۾ مشڪلات پيدا ڪري رهيو آهي. تڏهن ئي هن جو من ڳوڙهن سان ڀرجي وڃي ٿو. هو اها ڳالهه نه سمجهي سگهيو آهي ته پختي دل ۽ دماغ جو ماڻهو هجڻ جي باوجود هُن سان ائين ڇو ٿو ٿئي؟
    انهن غير ضروري ڳالهين تي، هن جو ڌيان ڇڪجي وڃڻ بجاءِ هن کي پنهنجن ساٿين جي باري ۾ سوچڻ گهرجي. تيرٿ پاڻ سان ڳالهايو. هن کي محسوس ٿيو، ته هو پنهنجن ئي خيالن ۾ جڪڙجي ويو آهي. هن کي لڳو، ته هن جي زندگيءَ جو تسلسل ڪٿان بي ترتيب ٿي ويو آهي. هن هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجو جائزو ورتو، هن اڳيان سائره جو چهرو اچي وڃي ٿو. هن کي وِسارڻ جي ڪوشش جي باوجود هو پنهنجي قلب کي سائره جي يادن کان روڪي ناهي سگهيو. هن وقتي طور انجي ياد کي وسارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ظاهر آهي ته انسان اهڙي صورت کي ڪيئن ٿو وساري سگهي، جيڪا هن جو پنهنجو عڪس هجي. هن جو پنهنجو روپ هجي. جنهنجي موجودگي هنجي روح کي تر و تازه رکي. حقيقت ۾ هن ائين چاهيو ٿي، ته اها صورت هنجي نزديڪ رهي. هنجي موجودگي ۽ هن جو آس پاس رهڻ، هنجي روح کي صاف ۽ معطر رکي ٿو. زماني جي خوف کان محفوظ رکي ٿو. هن چاهيو ٿي، ته اها صورت جنهن لاءِ هن وٽ بي پناه عزت ۽ محبت آهي. مسرتن، محرومين، ڪاميابين ۽ ناڪامين وارن لمحن ۾ هن سان گڏ رهي. تيرٿ پنهنجون اکيون بند ڪري ٿو ۽ ان شادابي چهري ۽ صورت کي پنهنجي دل ۾ سمائي ٿو. انجي مهڪ کي پنهنجي ارگرد محسوس ڪري ٿو. ان کي پنهنجن حواسن سان ڇهي ٿو. هُن کي لڳي ٿو هاڻي هن جي زندگيءَ هن جو پنهنجو ڪو چهرو ڪونهي. هو هن لمحي اُتي موجود ڪونهي ۽ هنجو پنهنجو وجود الوپ ٿي ويو آهي.
    بس اندر خاموشي آهي. تيرٿ ۽ فيروز جي من اندر يادن جو طوفان آهي. آواز آهن، جيڪي ڪجهه واقف آهن ته ڪجهه اڻ واقف، اگهم ڪوٽ جا رستا، گاڏي کي اڳتي ڌڪي رهيا آهن. دريءَ کان ٻاهر جو منظر جديد دنيا جي ويراني کي ظاهر ڪري رهيو آهي. هڪٻئي جي پويان ڌنار پنهجي مال کي چاري جي تلاش ۾ ڪاهيندا پئي ويا. هنن جي ُپٺن تي ٻڌل پاڻي جون بوتلون، شَل هنن جي اُڃ اجهائي سگهن. هنن جي ڍڳين جي ڌيمي رفتار ۽ جسم جي ڪمزوري مان لڳو پئي ته هنن ڪيترن ڏينهن کان ڪجهه به ناهي کاڌو. سج جي تپش کان بيزار ٻڪرين جا ولر، ڪنڊي جي وڻ جي ڇانو هيٺ ويٺل آهن. هنن جي ڀر ۾ اوڪڙو ۽ لٺ سهاري ويٺل وڏي عمر جو ماڻهو ڄڻ هنن کي پنهنجا ڏک ٻڌائي رهيو آهي. مٿاهين زمين تي اڏيل پري کان چورس نما ڪکاوان گهر، زمين تي ڪريل، گهڙيل ۽ اڻ گهڙيل پٿرن جيان نظر آيا ٿي. ان طرف ويندڙ عورتن جي مٿن تي ٻه ٽي دلا هڪٻئي مٿان رکيل آهن. اُهي هر روز ائين ئي انهي رستي پنڌ ڪن ٿيون. پنهنجي جيون جو طويل پنڌ. فڪر ۽ بي فڪري جو پنڌ هلندي، هي پنهنجن دلن ۾ پاڻي ڀرين ٿيون. چُنرين سان پنهنجو چهرو ڊڪين ٿيون. پنهنجن اکين جي خوابن کي ُمور جي پنک جيان رنڱين ٿيون ۽ پوڙهائپ کي پهچي مَري وڃن ٿيون. پاڻي هتي زندگي به آهي ته خدا به آهي. جنهن جي تلاش جو ڪشٽ عورت ئي ڪري ٿي. جنهن لاءِ هنن پنهنجي زندگي جا ڪيئي پنڌ ڪيا آهن. هنن پنهنجي هر پنڌ ۾ خدا کي ڇُهيو آهي، ان کي پنهنجن دلن ۾ ڀريو آهي ۽ انجي حفاظت ڪئي آهي. هنن جي جسم کي ڍڪيندڙ هنن جا ريشمي، سوٽي وڳا ۽ چنريون، سج جي اُس ۾ پنهنجو رنگ ڇڏي ويون آهن. ڪوشش جي باوجود ڪو به رنگ پنهنجو وجود قائم رکي نه سگهيو آهي. هر روز ان رستي تان گذرندي، هنن جي قدمن جي نشانن ان رستي کي سڌي لڪير جي ترتيب ۾ ٺاهي ڇڏيو آهي. بلڪل اهڙي سڌي لڪير جيڪا عام طور اسڪول جو ٻار سفيد ڪاغذ تي ڪڍندو آهي. سڌي، پر هلڪا وڪڙ به. هي هر روز هن لڪير تي سفر ڪن ٿيون. پاڻي ڀرن، وري سفر ڪن ٿيون، هنن جو جيون هن ئي لڪير کان شروع ٿئي هن ئي لڪير تي ختم ٿئي ٿو. هنن مان ڪابه، هن لڪير کان ٻاهر نڪري ٿي ته ڪنهن هيسيل هرڻي جيان شڪار ٿي وڃي ٿي. هتي جي رئيسن، نوابن سيدن ، راڻن جي هٿن ۽ ڏندن کي هنن جو رت لڳل آهي.
    گاڏي پنهنجي طئي ٿيل رفتار سان هلي پئي. هن جي رفتار ۾ گهٽ وڌائي رستي جي کڏن کُٻن سان ٻَڌل آهي. ورنه هنجي رفتار ساڳي. شروع کان ئي هنن کي ائين محسوس ٿيو، ته گاڏي ۾ ويهڻ ۽ پنڌ هلڻ ۾ ٿورو فرق آهي. اُس جي تپش کان بچڻ لاءِ هر ماڻهو گاڏي ۾ سفر ڪري ٿو، ورنه هر ڪو پنڌ هلڻ کي ترجيح ڏئي.
    “اگهم ڪوٽ جو شهر ڪيئن آهي ؟” فيروز، تيرٿ کان پڇيو،
    “سنڌ جي باقي شهرن جيان خاموش، ويران، زندگي گذارڻ جي سمورين لوازمات کان محروم، دز ۾ ويڙهيل!”
    ڪيئن ؟ فيروز حيرت مان سوال ڪيو.
    “ڪجهه سال اڳ جڏهن مان هن شهر ۾ ايندو هوس، ته شهرجي ٻنهي پاسن کان ليمن ۽ صوفي ٻيرن جا باغ هئا. اسين دوست تازه ٻير خريد ڪري انهن باغن جو رستو ڏئي واپس ايندا هئاسين. شهر زمين جي هڪ ننڍڙي ٽڪري تي آباد هو. باقي سڄو شهر باغن ، ڀاڄين ۽ اناج جي فصلن ڪري سائو هو. زمينن جي زرخيزي ايتري ته شاندا هئي، جو ڀريل ڀريل فصل لهندا هئا. وڻ ميون سان جهڪيل رهندا هئا. شهر جي ماڻهن جي چهرن تي هر وقت خوشي ۽ رونق هئي. هولي جو رنگ هر ماڻهو کي جيستائين پنهنجي رنگ ۾ نه رنڱي هولي ڄڻ مڪمل ئي نه هئي. حسين جو ماتم ۽ الله جي نبي جي ولادت هندن جي شرڪت کانسواءِ اڻ پوري هئي. هن شهر ۾ ته اهڙيون مسجدون به آهن جن تي هندو نوجوانن مفت پورهيو ڪري، انهن جي تعمير ۾ هٿ ونڊايو. هن شهر جي ڀر ۾ سمن ۽ سومرن جي دور جو ڪوٽ آهي. جنهن کي هنن جنگي حڪمت عملي تحت جوڙيو هو. ان ڪري به هي علائقو دفاعي مقصد کان اهم رهيو آهي. هن شهر جي خاصيت هن شهر ۾ هڪ زماني تائين قائم ڪپڙي ٺاهڻ جا آڏاڻا آهن. جنهن لاءِ ڪپهه هي شهر پاڻ پيدا ڪندو هو. هن شهر جي ارد گرد ننڍا ننڍا ڳوٺ، هن جي رونق هئا. هن شهر ۾ ڪاروبار هو راند جا ميدان هئا. نياڻين لاءِ هنري مرڪز هئا. نوجوانن جون تنظيمون هيون. جيڪي شهر جي ترقي، صفائي، صحت ۽ تعليم تي خاص نظر رکنديون هيون. پر پوءِ هي شهر بي ترتيبي سان ڦهلجڻ لڳو. هنجي حصي جو پاڻي ٻيا بااثر وڏيرا ۽ فوجي فارم کڻڻ لڳا. اهي ماڻهو جيڪي پوءِ اقتدار ۾ آيا، انهن شهر جي اهم جاين تي قبضا ڪرڻ شروع ڪيا. آباد زمينن جي پلاٽنگ ڪري وڪرو ڪيا. شدت پسند مذهبي تنظيمن پنهنجا سينٽر ۽ مدرسا قائم ڪري ورتا. هنن جو تيزي سان اثر وڌندو ويو. نوجوانن جي تنظيمن جي جڳهه تي بنيادپرستي جنم ورتو. چونڊيل اسيمبلي ميمبر، پنهنجي تاج ۽ بخت جي نشي ۾ مست رهڻ لڳا. سندس ووٽرن شڪايتون ۽ دانهون ڪيون، ته هنن کي نه پيئڻ لاءِ صاف پاڻي آهي، نه ٻارن جي علاج لاءِ دوائون آهن. پورو ڏينهن زمين تي هارپو ۽ سَرن جي بَٺي تي ڪم ڪرڻ جي باوجود، آمدني نه هئڻ جي برابر آهي.پر سندن ڪنهن نه ُٻڌي. هنن هاڻي شڪايتون ڪرڻ بند ڪيون آهن. هاڻي هي پنهنجا ووٽ وڪڻن ٿا. ماڻهن کي اغوا ڪن ٿا. پلاٽن تي قبضا ڪن ٿا. هاڻي هولي جا رنگ ڦِڪا ٿي ويا آهن بلڪه خون سان آلوده آهن. مسجد جي لائوڊن مان هاڻي ڪافر ڪافر جو آواز اچي ٿو.”
    تيرٿ، فضا ۾ هلڪي هلڪي دونهين ۽ دز جي ليئر ڏانهن ڌيان ڇڪائيندي فيروز کي چيو، “پاڻ هاڻ شهر جي ويجها آهيون” هن علائقي جي گهميل موسم ۽ شهر جي ڪچن رستن تي هلندڙ گاڏين ڪري شهر جي فضا مٿان دز جو ليئر ٺهي ويو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته پري کان ڪجهه به نظر نه ايندو آهي.”
    هن شهر جي اها سڃاڻپ آهي، دونهين ۽ دز ۾ ويڙهيل شهر.”
    گاڏي شهر ۾ داخل ٿئي ٿي. روڊ جي ٻنهي پاسن کان ماڻهن جو شور آهي. رستي جي ڪنارن تي ماڻهن جا هوٽل ۽ دوڪان آهن. جن تي تمام وڏي رش آهي. گاڏن تي پيل فروٽ ۽ سبزي وارن جون رڙيون آهن ۽ گڏه گاڏا آهن. گاڏي جي رفتار انتهائي ڌيمي ٿي وڃي ٿي. گاڏي جي مسلسل هارن باوجود ماڻهن کي ڄڻ ڪجهه به ُٻڌڻ ۾ نٿو اچي. ماڻهو پنهنجي مرضيءَ سان پاسي ٿين ٿا. ڊرائيور به سڪون سان گاڏي هلائيندو هلي ٿو. هن لاءِ اهو روز جو معمول آهي. هو روز شهر مان ائين گذرندو هوندو، سڪون سان رڪندي ۽ هارن ڏيندي.
    گاڏي اگهم ڪوٽ جي اسٽاپ تي اچي بيهي ٿي. تيرٿ ۽ فيروز گاڏي مان لهي، ڊگها ڊگها قدم کڻندا، نذير جي گهر طرف روانا ٿين ٿا.


    ننڍڙي دل جي وڏي محبت

    تيرٿ، نذير جي گهر جو دروازو کولي اندر داخل ٿيو. تيرٿ هن گهر ۾ هميشه ٻارن جيئان داخل ٿيندو آهي. ڇو ته هي سندس عزيز دوست ڪامريڊ نذير جو گهر آهي. نذير جي نياڻي جڏهن، تيرٿ کي ڏٺو ته هن جي جسم ۾ ڄڻ جان اچي وئي. ڊوڙي اچي تيرٿ سان چنبڙي. پري ڀيٺل نذير جي گهر واري فريده جي اکين ۾ به ڳوڙها هئا. کٽ تي ويٺل نذير جو والد، جنهن جي چهري تي گهڻي وقت جو ڏک موجود هو، تيرٿ کي ڏسي هنجو چهرو مهڪي پيو. هي ڄڻ پنهنجي پٽ نذير کي ڏسي رهيو هجي.
    “نذير ڪيئن آهي؟” تيرٿ، فريده ڀاڀي کان نذير جو پڇيو،
    ڪا خبر ڪانهي، ڪٿي آهي،ڪيئن آهي، ڪجهه به نٿا ٻڌائن. فريده وراڻيو.
    سنگهار ۽ شهه مريد ڪٿي آهن ؟ فيروز پڇيو،
    ُمريد گذريل هفتي کان پريس ڪلب ٻاهران بک هڙتال تي ويٺل آهي. سنگهار به اُتي هوندو، فريده وراڻيو، شهرين جو به وڏو تعداد روزانو بک هڙتال تي ويهي ٿو، هي هر روز جلوس جي صورت ۾ اچي بک هڙتال تي ويهن ٿا. هنن وڪيل ذريعي عدالت ۾ به ڪيس فائل ڪيو آهي. عدالت هن وقت تائين نذير کي ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ لاءِ آرڊر جاري ناهي ڪري سگهي. حڪومت خاموش آهي. هنن کي نذير جي خبر آهي پر هي چون ٿا ته اسين بي وس آهيون.
    تيرٿ ۽ فيروز نذير جي والد سان گڏ ڀر ۾ ويهي رهن ٿا.،تيرٿ نذير جي والد جي هٿ کي پنهنجن هٿن ۾ کڻي چيو،
    “چاچا سائين! نذير هڪ لمحي لاءِ به اسان کان ناهي وسريو” هو اسانجي وجود جو حصو آهي. هو اسان سان هر وقت ڳالهائيندو رهي ٿو. توهان جو غمگين ٿيڻ واجب آهي. پر هن موڙ تي توهان جي همت اسان سڀني لاءِ وڏي آٿت هوندي.
    نذير جي والد جون اکيون ڀرجي آيون. هن ڄڻ پنهنجو ڪجهه به ناهي وڃايو. هن جي حاصلات سڀ کان عظيم آهي.
    “ منهنجا ٻچڙا، نذير جي زندگي اهڙي گهاٽي وڻ جيان آهي، جنهن جي گهاٽي ٿڌي ڇانو هيٺان مون سميت ڪيئي مسافر راحت حاصل ڪن ٿا.” هن تيرٿ سان مخاطب ٿيندي چيو “
    “ منهنجا ٻچا! توهان سڀني جون صورتون نذير جي صورت سان ملي هڪ ٿي ويون آهن، مونکي ڪو غم ڪونهي “
    “اهو واقعو ڪيئن ٿيو؟” فيروز، فريده کان نذير جي گرفتاري جو پڇيو،
    “اگهم ڪوٽ جا ماڻهو ڪافي عرصي کان زندگي جي بنيادي ضرورتن لاءِ آواز اٿاريندا رهيا آهن” فريده، واقعو ُٻڌائي ٿي. تازو ئي هتي هڪ ئي وقت سوين ٻارن جي موت ٿي . ٻار تيزي سان مري رهيا هئا. ماڻهو چرين وانگر رڙيون ڪري رهيا هئا. نذير ڪيترن ئي اهڙن ماڻهن کي ڏٺو، جن جا ٻار دوائون ۽ فرسٽ ايڊ نه ملڻ ڪري فوت ٿيا. شهر جي اهڙي صورتحال ڏسي شهري ڪائونسل جلسو ڪري فيصلو ڪيو ته، اگهم ڪوٽ جا شهري ڪو به ٽيڪس ادا نه ڪندا. مقامي قدرتي وسيلن تي حق مقامي ماڻهو جو آهي. انهن جي آمدني شهرين جي صحت، تعليم، پيئڻ جي صاف پاڻي تي خرچ ڪئي ويندي. جلسي ۾ نذير انگ اکر ڏنا ته اگهم ڪوٽ جي زمين مان نڪرندڙ تيل ۽ گيس جي ساليانه آمدني ڪيتري آهي ۽ عام ماڻهو تي ڇا ٿو خرچ ٿئي. هن اگهم ڪوٽ کي سنڌ جو آسودو ۽ ماڻهن جي حوالي سان غريب ترين شهر سڏيو. جتي ٻارن جو موت سنڌ جي باقي شهرن کان تمام وڌيڪ آهي. هن چيو، ته اسانجي هن زمين اندر جيڪي قدرت اسان لاءِ خزانه پوشيده ڪيا آهن، اهي اگهم ڪوٽ جي ماڻهن جي ترقي، تعمير ۽ خوشحالي واسطي آهن. انهن تي ڪنهن به ڌارئي ماڻهو جو ڪو حق ڪونهي. نذير ائين به چيو ته، “اگهم ڪوٽ ڪجهه سال اڳ ڪنهن حد تائين مضبوط ۽ مستحڪم شهر هو. ماڻهن جي درميان طبقن جو واضع فرق نه هو. زندگي ڪنهن وڏي شور غل، فساد ۽ جهڳڙي کانسواءِ روان دوان هئي. ماڻهن جي زمين ۾ دلچسپي هئي. فصلن لاءِ پاڻي هو. جانورن لاءِ چارو هو. کير مکڻ جام هئڻ ڪري ٻارن ۾ بيماري جي سطح تمام گهٽ هئي. ماڻهن جي چهرن تي آسودگي هئي. ،سٺا چپل ۽ سٺا وڳا اوڍيندا پهريندا هئا. کائڻ کپائڻ ۽ اوڍڻ جي باوجود بچائيندا هئا. روزگار جا وسيلا هئا. پر اڄ جو اگهم ڪوٽ انجي بلڪل ابتڙ آهي. هتي ڇور کان ننگر تائين فوجي ڇانوڻي ٺهي، رينجرس جاڪوٽ ٺهيا، فوجي فارم ۽ شگرملون ٺهيون، اسيمبلي ميمبرن جا بئنڪ بئلنس ٺهيا، پر عام ماڻهو جي نه اسپتال ٺهي، نه اسڪول. اگهم ڪوٽ جي حصي جو پاڻي نوابن ۽ فوجي فارمن کي ملڻ لڳو. جنهن ڪري اگهم ڪوٽ جي زمينن جي اُپت هر روز گهٽجندي وئي. مال مرڻ لڳو. کير ۽ مکڻ غائب ٿي ويو. ٻارن ۾ بيمارين خلاف مزاهمت ختم ٿي وئي. ماڻهن جي زمين ڏانهن دلچسپي ختم ٿيندي وئي. هزارن جي تعداد ۾ هاري بيروزگار ٿي ويا. انهن لاءِ تيل ڪمپينين، فوجي فارمن ۽ فوجي شگر ملن به پنهنجا دروازا بند ڪري ڇڏيا. هتان جي ماڻهن جي گذر سفر جو ذريعو ۽ پوري حياتي جي موڙي مال مويشي آهي، جنهن لاءِ ڪا اسپتال ڪانهي، ڍور ڍڳو بيمار ٿئي ته شهر کڻي وڃن. جنهن لاءِ مشڪل مسئلو ٽرانسپورٽ جو آهي، ماڻهن جا ڪيترا جانور رستي ۾ ئي مري وڃن ٿا. جانور جو مري وڃڻ مطلب هتان جي ماڻهن جي وسيلن ۽ آسودگي کي تباه ڪرڻ آهي. مال، مويشي تي ته هتانجي مقامي ماڻهن جو گذر سفر آهي .”
    نذير جيڪا سڀ کان اهم ڳالهه ڪئي، ۽ جنهن ڪارڻ ئي هن کي گرفتار ڪيو ويو ته، “هُن مقامي جاگيردارن، ايجنسين ۽ حڪومتي ڪارندن کي، اگهم ڪوٽ جي ماڻهن جي موجوده بدترين صورتحال جو ذميوار چئي، ايجنسين کي خبردار ڪيو، ته سنڌ جي هنن وسيلن کان پري رهن، جيڪي تيل ۽ گيس جي ڪمپنين ۾ اڄ به حصيدار آهن ۽ حڪومت عام ماڻهو جي حقن جو تحفظ ڪري. انهن لاءِ تعليم صحت ۽ صاف پاڻي جي فراهمي جو بندوبست ڪري. ان کان ٻئي ڏينهن نذير کي ايجنسيز وارا کڻي ويا. نذير جي گرفتاري جي ڏينهن شهرين تمام وڏو جلوس ڪڍيو، تقريبن پورو شهر هن جلوس ۾ شامل هو.
    منهنجي روح کي بي چيني ورائي وئي. مان ڄڻ ڪنهن خوف ۾ مبتلا ٿي ويس. مونکي خبر هئي ته اسان ڪمزور انسان آهيون. اڳيان هٿيار بند وردي سان ۽ حڪومتي ڪارنده آهن. مونکي پنهنجن ٻارن بابت فڪر هو. مون پنهنجن خدشن جو ذڪر نذير سان ڪيو هو. پر هن هميشه جيان، دل جي مضبوطي ۽ يقين جي پختگي سان ڳالهايو. هن منهنجن اکين ۾ نهاريو ۽ چيائين مان جيڪو ڪجهه ڳالهايان ٿو يا جيترو به پنهنجي زمين ۽ پنهنجن ماڻهن لاءِ ڪيان ٿو. ان پويان تنهنجي محبت بيٺي آهي. مون وٽ جيڪو به آهي، تنهنجو ڏنل آهي. مان پنهنجي ننڍڙي دل ۽ پنهنجن باغيانه خيالن سهاري شايد گهڻو وقت زنده رهي نه سگهان . دنيا جو هر انسان ٻئي کان مختلف هجي ٿو. مان پنهنجن خيالن کان مختلف ۽ ابتي رخ ۾ هلڻ وارو انسان آهيان. ان موقعي تي تنهنجو سهارو منهنجي مشڪل سفر کي آسان ڪيو. فريده مان توکان ڪڏهن به پري نه ويندس، مان تنهنجو حصو آهيان، تو کان ڪڏهن به ڏور نه ويندس. مان تنهنجي سڪون دل لاءِ هميشه تنهنجي اردگرد رهندس، تنهنجو شڪرگذار رهندس.
    مان فقط پنهنجي ننڍڙي دل سان هن جي حفاظت لاءِ دعا ئي ڪري سگهيس ٿي.
    هن ڏانهن نهارڻ جي همت ته ڪنهن ۾ به نه آهي، ڏکئي ُسکئي وقت ۾ نذير سان گڏ بيهڻ، مان پنهنجو اخلاقي ۽ نظرياتي فرض سمجهان ٿي. ان ڪري نه ته نذير منهنجو جيون ساٿي آهي، ان ڪري ته نذير صحي آهي. هڪ عظيم انسان کي ائين ئي هئڻ گهرجي. پنهنجن مفادن کان بالاتر فقط پنهنجي زمين ۽ ماڻهن جي تڪليفن جي باري ۾ سوچڻ وارو. نذير جي تربيت ۾ به اها ڳالهه شامل آهي. مونکي معلوم آهي ته هو پاڻ به منهنجي ۽ پنهنجي نياڻي جي باري ۾ فڪر مند آهي. هي لڙائي جي منفي پهلوئن کان واقف آهي. جنهنجو هي اظهار نه ڪري رهيو هو پر مون محسوس ڪيو ٿي ته هن جي من کي ڪا شي پريشان ڪري رهي آهي. هن هڪ دفعي پورو ڏينهن مون سان گذاريو منهنجي پوري زندگي ۾ اهو پهريون خوش قسمت ڏينهن هو. هن پنهنجي نياڻي کي چمندي چيو منهنجو سک منهنجو جيون آهي. مان پنهنجي فرض ۽ پنهنجي ٻارن مان ڪنهن جي چونڊ ڪيان. مان شديد تڪليف ۾ آهيان مونکي سنڀال. هنجي چهري تي شديد ڏک جو تاثر هو. توهان سمجهي سگهو ٿا ان تڪليف کي هن ڪيئن محسوس ڪيو هوندو. ننڍڙي ماروي کي اها به خبر ناهي ته ساڻس ائين ڇو پيو ٿئي، هن معصوم کي ته جيڏي مهل موقعو ملي ٿو پنهنجي مهربان پي جي ٻانهن ۾ ننڍ پئجي وڃي ٿي. اسان کي خبر آهي ته اسان جيڪو ڪيون پيا انجي قيمت ڪيتري وڏي آهي. مان ان خيال کان ئي ڇرڪي وڃان ٿي. نذير، ماروي کي سمهاري مونکي چيو ته فريده، اسانکي ايندڙ ڏکي وقت لاءِ تيار ٿيڻو پوندو. پاڻ ۾ برداشت پيدا ڪرڻي پوندي، ڇاڪاڻ ته هن ويڙهه پٺيان ظلمت جي طويل داستان آهي. هن ويڙه جو تعلق وحشت پڻي واري دور سان آهي. مان هن رياست جي مخالفت ۾ ان ڪارڻ آهيان ته هي اُهي ساڳيا ماڻهو آهن، جن ڍاڪا يونيورسٽي تي ٽئنڪون محض ان ڪري چاڙهيون ته جيئن باقي صوبا ان مان سبق حاصل ڪري سگهن. بنگالين اڪثريت سان اليڪشن کٽي هئي، هنن کي خبر هئي ته بنگالي اهڙي جمهوريت جو بنياد وجهڻ وڃن پيا، جيڪا هنن جي مفاد ۾ ناهي. هي سنڌين سان به ائين ڪري سگهن ٿا. سنڌ به جمهوريت جو اهو بنياد وجهڻ طرف وڃي پئي. هنن لاءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هي پنهنجو پاڪستان جنهن کي هي پنهنجي مرضي ۽ منشا مطابق ٺاهڻ چاهن ٿا. جمهوريت پسندن ۽ آزادي پسندن جي حوالي ڪن. جنرل نيازي جنهن پوءِ ڍهاڪه جي لٽ مار مان وڏي دولت جمع ڪئي. ان عياش ۽ مغرور پنهنجي فوجين کي اجازت ڏئي ڇڏي ته بنگالين جي هر عمارت، هر تاريخي ماڳ درسگاهون ۽ ماڻهو کي ميساري ڇڏيو. هنن جا سمورا ادارا تباه ڪيو. اُن وحشي، بنگالي عورتن جي عظمت دري جي اجازت ڏئي ڇڏي ۽ صبح جو سڀني سپاهين کي لائن ۾ بهاري هڪ هڪ کان پڇندو هو، ته جوان تو رات ڪيترا اٽيمپٽ ڪيا. هنن بنگالين جي پاپولر ليڊرشپ جو خون ڪيو. هي هتي به ائين ڪري سگهن ٿا، هنن سنڌ جي ڳوٺن مٿان بمباري ڪري معصوم ٻارن ۽ عورتن جو خون ڪيو. اسلام جي آڙ ۾ پنهنجن ئي مسلمانن جو خون ڪرڻ هنن جي روايت رهي آهي.
    فريده، مونکي ٻڌاءِ اهڙي نظام جو ڇا ڪجي، جنهن ۾ پنهنجن ئي ماڻهن جو خون ڪيو وڃي ٿو ؟
    “ اهڙي نظام کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي” مون کيس چيو.
    دراصل، نذير مونکان پنهنجي ڳالهه چوائڻ پئي چاهي. هن جيڪو چيو هو، ان تي هن کي منهنجي راءِ گهربي هئي. جيڪا هن شاندار طريقي سان حاصل ڪئي. مان هن سان ڪوبه اختلاف نه ڪري سگهيس. بلڪه هن وانگر، هن جهڙو سوچڻ لڳس. مان ڄاڻان ٿي، ته نذير جي خيالن ۾ ڪيڏي گهرائي آهي. هن جا خيال مونکي ڪيڏا عمده ۽ شاندار لڳندا آهن. مان ڌرتيءَ کي ائين ٿيندو ڏسڻ چاهيان ٿي. جيئن نذير چاهي ٿو ۽ اهو ڏينهن ته مون لاءِ دنيا جو افضل ڏينهن هوندو. مان هڪ ڪمزور عورت آهيان، مونکي احساس آهي ته عورت جي عزت ڇا ٿيندي آهي. جيڪا هڪ ئي وقت ڪيترن ئي رشتن کي نڀائي ٿي. مان هڪ لمحي لاءِ به جي بنگالي عورت ٿي ڪري سوچان ته شايد منهنجو روح پوري حياتي چيخندو رهي. مونکي قدرت جي خاموشي تي ڪو ارمان ڪونهي، هو ڏسي رهيو آهي. پنهنجن ماڻهن جي تذليل. وبائي بيمارين ۽ خوراڪ جي ڪمي ۾ مرندي. هن جي حساب جو پنهنجو طريقو آهي. هن ظلمت کي انتها به ڏني ته زوال به ڏنو. هنجو حساب آخرت ۾ ٿيندو پر مان هن ڌرتي جي عورت آهيان. زنده سلامت. ڪهڙي ريت مان پنهنجي حقن جي ويڙه ڪيان اهو مونکي هتي طئي ڪرڻو آهي.
    فريده، همت ۽ قلب جي اطمنان سان ڳالهائيندي رهي ٿي. هنجي چهري جي خودداري عام انسان کان مختلف آهي. هو ان سڀني ڳالهين کان واقف آهي جيڪي ممڪن آهن ايندڙ وقت ۾. جنهن کي هو بيحد چاهي ٿي، ان لاءِ هو سوچي ٿي ته زنده به آهي يا نه، هو ڪهڙي حالت ۾ آهي، ٻارن کانسواءِ هن کي ڪيئن ننڍ ايندي هوندي، هن جا ڪپڙا ميرا ٿي ويا هوندا، اڪيلائپ ۾ هنجي ڪيفيت ڪيئن هوندي.
    فريده، کي نذير سان سهمت ٿيڻ جي قيمت چڪائڻي آهي. اهو هن جو مقدر آهي يا حوصلو، دنيا هن کي پنهنجي پنهنجي سمجهه آهر نالو ڏيندي پر دنيا جي نگاهن ۾ هو باغي جي زال آهي. جنهن کي ماڻهو عزت جي نگاه سان ڏسن ٿا.
    بغاوت هتي پنهنجي عمل ۾ عظيم ڪم آهي.
    فريده اوچتو وري گرمجوشي مان ڳالهائڻ لڳي، هو تيرٿ ۽ فيروز کي مخاطب ٿيندي چوي ٿي ته، “ادا توهان نذير جي ٻارن ۽ منهنجو خيال نه ڪجو. مان هر طرح سان ٻارن جي پرورش ۽ خوراڪ جو خيال رکندس.”
    تيرٿ، فريده سان مخاطب ٿيندي منجهي پيو ته پنهنجي ڳالهه ڪيئن شروع ڪري. هن نه پئي چاهيو ته ڪنهن به ڳالهه مان فريده کي ڪا تڪليف پهچي. هن موقعي تي فريده لاءِ بهتر اهو آهي ته هي پاڻ لاءِ ۽ پنهنجن ٻارن لاءِ خود سان فيصلا ڪري. اسان هنجي فيصلن کي درست سمت ۾ آڻڻ لاءِ هن سان گڏ بيٺا رهنداسين. هن کي ڪنهن به ڳالهه لاءِ مجبور نه ڪنداسين. انجي باوجود تيرٿ، فريده ڀاڀي کي چيو اسان نذير جي آزادي تائين اتي آهيون. توهان کي ڪنهن به قسم جي ڪا مشڪل محسوس ٿئي ته اسانکي ٻڌائجو اسان هن وقت سنگهار ۽ شهه مريد ڏانهن وڃون ٿا.


    گذري وئي برسات

    اگهم ڪوٽ ، پريس ڪلب ٻاهران نذير جي آزادي لاءِ بک هڙتال جاري آهي. چارئي دوست هڪ ٻئي کي ڏسي هڪ ٻئي کي چمندا رهيا. هو سخت ڏکين حالتن مان گذريا آهن. جنهن لاءِ هنن وٽ هڪٻئي کي ٻڌائڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي. فيروز سنگهار کان ارميل جو پڇيو. سنگهار صاف ۽ ڀريل آواز ۾ چيو، “مونکي ارميل جي ياد بلڪل ڏکارو ڪري ٿي. پر هن وقت مونکي غمگين ٿيڻ کان وڌيڪ نذير جي فڪر ۽ ڳڻتي آهي. نذير جي غير موجودگي انجو شادابي چهرو ۽ پرجوش گهريون اکيون هڪ لمهي لاءِ به مون کان نه ٿيون وسرن. هر ڏينهن نذير متعلق خوف ڏياريندڙ خيال ذهن ۾ اچن ٿا. هن ظالم رياست آڏو اسين ڪيڏا بي وس آهيون.”
    ڪيمپ ۾ ويٺل ڪيترا ئي ساٿي تيرٿ جا ڏٺل آهن. انهن ۾ ڪي نوان چهرا به آهن، تيرٿ سنگهار کان پڇي ٿو نذير جي آزادي جي لاءِ عام ماڻهو ڇا ٿو سوچي ؟
    “نذير جي غير موجودگي کي شدت سان محسوس ڪيو وڃي ٿو” سنگهار وراڻيو. هتي نذير جو عام ماڻهن جي حقن لاءِ شاندار ڪردار آهي. هن عام ماڻهو جي حقن جي نمائندگي ڪئي آهي. فوجي آمريت جي وقت جمهوري سوال تي عوام ۾ تحرڪ پيدا ڪيو آهي. هاڻي جمهوريت آهي ته عوام کي پنهنجن بنيادي حقن، اسڪول، اسپتال، ۽ ٻين سماجي حقن واري سوال تي تحرڪ ۾ آندو آهي. نذير ماڻهن کي پنهنجن قدرتي وسيلن جي حفاظت جو شعور ڏنو آهي.”
    “نذير جي آزادي جي تحريڪ جيتري طويل ٿيندي، تحريڪ مختلف رجحانن جي بنياد تي ڪمزور ٿيندي. اسان کي ڪي تڪڙا فيصلا ڪرڻ گهرجن.” شهه مريد، دوستن کي راءِ ڏيندي چيو
    “توهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟ فيروز ، سنگهار، کان معلوم ڪيو.
    “شهه مريد، جي ڳالهه درست آهي.”
    “مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال جو اعلان ڪجي” شهه مريد، راءِ ڏيندي چيو. بلڪه اسان پنهنجون ذميواريون ورهائي کڻون. مان سڀاڻي کان مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال جو اعلان ڪيان ٿو. فيروز ۽ سنگهار ماڻهن سان ڪانٽيڪٽ ۾ رهن، تيرٿ نذير جي ٻارن جي سنڀال ۾ رهي. سڀئي دوست ان تجويز تي سهمت ٿيا.”
    نذير کي ايجنسين جي قيد ۾ ٽن مهينن کان به وڌيڪ جو عرصو ٿي ويو آهي. قيد ۾ هر روز هن وٽ اجنبي ماڻهو اچن ٿا. هن کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي هليا وڃن ٿا. ڪجهه ئي ڏينهن اڳ هن سان ميجر ملڻ آيو.
    “تون پنهنجي پيءُ ۽ ٻارن کي وٺي هتان هليو وڄ” نذير کي چيائين.
    توکي پئسو به ڏينداسين يقين رک توکي ڪجهه به نه چيو ويندو، تون اسان سان وعدو ڪر ته تون هتان هليو ويندين. ميجر، هن سان اهڙي ڳالهه ڪئي جيڪا اڻ ٿيڻي هئي.”
    نذير پنهنجن پيرن تي اُٿي بيٺو. هنجي روح کي ميجر جي ڳالهه تي سخت تڪليف پهتي هئي. “مون سمجهيو هو، ته تون هڪ عام رواجي فوجي وانگر گاريون ڏئي ۽ مارڻ جا دڙڪا ڏئي هليو ويندين” هن ميجر کي مخاطب ٿيندي چيو، پر تو هي ڳالهه ڪري مونکي سڀ کان وڌيڪ تڪليف پهچائي آهي. تون هن وقت تائين اها ڳالهه به نه سمجهي سگهيو آهين، ته ڪن ماڻهن لاءِ پنهنجي زمين، آسمان ۽ پنهنجو ديس ڪيڏا اهم هوندا آهن. توکي ان ڳالهه جي پرواه نه هجي پر مان ان احساس کي محسوس ڪيان ٿو ته انفرادي طرح جي ڪاميابي، هڪ نقطي ۾ زنده رهڻ برابر آهي. متحرڪ ۽ جاودان ماڻهو، خاموشي ۽ خوف واري زندگي ناهن گذاريندا. اها دلين ۽ روحن جي بربادي جي ڳالهه چئبي. هن سمي، مان ڄاڻان ٿو ته، منهنجي خاموشي منهنجي ضمير ۽ منهنجي سمجهه ۽ دانش جي اُبتڙ آهي ۽ اُن سان منهنجي زمين ۽ منهنجا ماڻهو وڌيڪ خطري ۾ پئجي ويندا، ته مون کي دل جي مضبوطي ۽ خيال جي بلندي ۽ جرعت سان انجو مقابلو ڪرڻ گهرجي. تون مون کي ماري ته ختم ڪري سگهين ٿو پر منهنجي سوچ کي مارڻ ممڪن ناهي.
    توکي ياد رکڻ گهرجي، ته سڄي دنيا ۾ ڪٿي به اهو ممڪن ڪونهي.
    هي ايڪوهين صدي قومن جي آزادي جي صدي آهي.
    تون مون کي مارڻ جي غلطي نه ڪر، تو جي ائين ڪيو به ته مائرون پنهنجن ٻارن کي مون جهڙو ڏسڻ چاهينديون، منهنجا نالا پنهنجن ٻارن تي رکنديون. مون لاءِ شاعر گيت لکندا. مان چاهيان ٿو ته تون اُن ڳالهين تي غور ڪر.”
    “تون چاهين ٿو ته پاڪستان هڪ عظيم اسلامي مملڪت کان محروم رهي، تون اسانجن خوابن تي پاڻي ڦيرڻ ٿو چاهين” ميجر، نذير سان ڳالهائيندي چيو .
    پاڪستان لاءِ توهانجو خواب ڪهڙو به هجي، پر اهو قومن مٿان جبري مڙهي ته نه ٿا سگهو.نذير وراڻيو، سنڌي قوم،پاڪستان کان به اڳ جي آهي. هن قوم تبديل ٿيندڙ حالتن ۾ پنهنجو پاڻ کي وڌيڪ متحرڪ ڪيو آهي. سياسي تحريڪن جي رهنمائي ڪئي آهي. هن قوم پنهنجا هيروز ڏنا آهن. بهترين ۽ مخلص دوست وانگر باقي قومن ۽ صوبن جي ڏکي وقت ۾ مدد ڪئي آهي. هن جي نيڪ ارادي ۽ نيڪ نيتي کي باقي قومن هڪ ڇٽي جيان استعمال ڪيو آهي. هن ئي قوم جي ليڊر توهانکي عزت سان انڊيا جي قيد مان آزادي ڏياري ۽ توهان ئي ان ُمحسن کي دار تي لٽڪايو. ان قوم کي حق آهي ته پنهنجي آزادي ۽ خودمختياري لاءِ فيصلو پاڻ ڪري.”
    “تون ڪهڙي سياسي تحريڪ جي ڳالهه ٿو ڪرين. هتي ڪا به سياسي تحريڪ ڪانهي. صرف گروپ آهن ۽ خاندان آهن توکي هتي سياست مان ڇا حاصل ٿيندو؟” ميجر نذير کي چيو.
    مان سياست نه آزادي جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان؟ جيڪا روح جي بلندي سان ٿئي ٿي،” نذير کيس وراڻيو.
    “ڀٽو، ليگيسي کي تون روح جي بلندي ٿو سمجهين، سنڌي جنوني آهن، جنون ۾ ٿي مئا؟ ميجر رڙيون ڪري ڳالهائي رهيو هو.”
    “تون سمجهين ٿو ته ڀٽو ڪو معمولي ماڻهو هو، ماڻهو ان لاءِ خوامخاه مري رهيا هئا.”
    “اسان جي ايم سيد ڏانهن به ته گل موڪليا. ان لاءِ ته ماڻهو نه ٿي مئا” ميجر وراڻيو.
    “توهان سنڌ جي ريڊيڪل نوجوان کان خوفزدهه هئا” نذير ڳالهائيندو ويو، جي ايم سيد جي تحريڪ ڀٽو جي جمهوريت کان وڌيڪ خطرناڪ هئي، نه چاهيندي به توهان ان ڏانهن گل موڪليا ۽ پوءِ وڃي مليا به، توهان سنڌين ۾ مايوسي پيدا ڪرڻ لاءِ ائين ڪيو. توهان کي احساس هو ته قومپرست انقلابي ڪيڊر به ان تحريڪ جو حصو ٿي ويو ته پوءِ هي تحريڪ شايد توهانجي هٿن مان نڪري وڃي. توهان کي ڪا اهڙي چال چلڻي هئي.”
    بحالي جمهورت واري تحريڪ ڀٽو جي ڪري آهي ته پوءِ بنگلاديش جي تحريڪ کي به تون شيخ مجيب الرحمان ليگيسي جي تحريڪ چوندين. توهان کي ٻنهي تحريڪن جي هزارين ماڻهو مارڻ ۽ قيد ڪرڻ تي ڪا پشيماني ڪانهي.” نذير ميجر ڏانهن نهاريندي چيو.
    اهو ته ملڪ، بچائڻ لاءِ ڪيو” ميجر وراڻيو
    “بنگلاديش ۾ جيڪو توهان ڪيو، اهو ملڪ بچائڻ لاءِ هو، ته پوءِ ملڪ ٽٽو ڪيئن ؟ نذير جي سوال ڪري ميجر جي چهري ۾ گهنج پئجي ويا.
    “هي بنگالي انڊيا جا ايجنٽ” ميجر رڙيون ڪري ڳالهائڻ لڳو، شيخ مجيب پاڪستان کان نفرت ڪندو هو. پنهنجن ماڻهن کي مارائي الزام اسان تي هڻندوهو. هن اليڪشن به ته ان بنياد تي کٽي.”
    الشمس ۽ البدر کي ته جماعت اسلامي هلائيندي هئي” نذير وراڻيو، بَهاري ته توهانجن ٽرڪن تي چڙهي بنگالين تي حملو ڪندا هئا. جيڪي ڪميونسٽن ۽ قومپرستن کي مارڻ ۾ بدنام هئا. انهن کي ته توهان پاليو نپايو.”
    “مڪتي باهني ڪنهن جي ٺهيل هئي” ميجر تلخ ٿيندي چيو .
    “تون ٻڌاءِ،” نذير هن کي چيو.
    “شيخ مجيب جي ٺهرايل هئي.” ميجر وراڻيو
    “اهو به ته ٻڌاءِ، ته انهن سان توهان ڇا ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ توهان کي ذلت آميز شڪست حاصل ٿي” نذير ميجر سان مخاطب ٿيندي چيو، انجي باوجود توهان سکيا ڪجهه به ناهيو. توهان سمجهو ٿا ته توهانجي هٿن ۾ هٿيار آهن، توهان جيئن چاهيو ڪري سگهو ٿا.”
    “اسان هاڻ تائين پاڪستان جي لڙائي لڙي رهيا آهيون.” ميجر
    “پاڪستان ۾ جيڪي قومون رهن ٿيون، اهي محب وطن ناهن” توهان ڪنهن کي فتح ڪري، هي لڙائي کٽڻ ٿا چاهيو.”نذير
    “توهان سنڌي ته مسلمان ناهيو، توهان ته پهرين هندو هئا. توهان کي محمد بن قاسم جهڙي مرد مجاهد اچي مسلمان ڪيو.” ميجر
    “پوءِ انجو مطلب اهو آهي ته توهان، سنڌين لاءِ محمد بن قاسم آهيو.” نذير
    “اسان محمد بن قاسم جا سپاهي آهيون.اسان توهان کي سڌو ڪري پڪو مسلمان ڪرڻ ٿا چاهيون.” ميجر
    “تو پنهنجي ذهني سطح جي وضاحت ڪري ڇڏي” نذير، ميجر ڏانهن ڏسندي ڳالهائي ٿو، پاڪستان ان لاءِ ٺهيو ته توهان هتان جي قديم قومن کي سبق سيکاري سگهو. پنج هزار سال قديم ۽ دنيا جي مهذب قوم کي سبق سيکاريندو. توکي خبر آهي، ته هنن قومن جي وجود سان توهانجو وجود آهي. هنن قومن پاڪستان ٺاهيو. انجي بدلي توهان انهن کي لاش ڏنا. ماڻهو توهان سان توهانجي مَري وڃڻ کانپوءِ به نفرت ڪن ٿا. تون پنهنجن جنرل جو حشر ڏسين ٿو” نذير بي ڊپو ٿيندو ڳالهائيندو ويو.
    دنيا ۾ هٿيارن جي زور تي قابض ٿيڻ جي تاريخ مختصر آهي. ماضي جي ڀيٽ ۾ ماڻهو هاڻي پنهنجن حقن کان واقف ٿيندا وڃن ٿا. هڪ موڙ تي هو صحي ادراڪ ۽ صحي فيصلي ڪرڻ جهڙا ٿي ويندا.توهان گهڻي دير تائين انهن جو مقابلو ڪري نه سگهندا.
    ميجر، اميد جي خلاف نذير کي ٻڌي رهيو هو، هن کي انجو اندازو نه هو ته هڪ ڪمزور انسان ان طرح سان مخاطب ٿيندو. هن پنهنجي اندر ڪنهن به انسان کي ڪمزور ڪرڻ جا جيڪي معيار مقرر ڪيا هئا، سي ته ڀورا ڀورا ٿي ويا.
    ميجر، جي منهن جو پنو ئي لهي ويو. هن پنهنجي پيشاني کي رومال سان اگهيو ۽ چوڻ لڳو، “تون پنهنجي ٻارن لاءِ ڪجهه به نه ٿو سوچين، ته تنهنجي موت کانپوءِ انهن جو ڇا ٿيندو” ميجر جو سوال هاڻي پنهنجي اگهاڙپ تي لهي آيو هو.
    “ڪهڙو اهڙو ماڻهو هوندو جنهن کي پنهنجي ٻارن جي پرواهه نه هوندي” نذير وراڻيو، منهنجا ٻار ته منهنجي زندگي آهن. مان انهن کي خدا جي حوالي ڪيان ٿو. کين انجي حفاظت ۾ ڏيان ٿو. هو اسان لاءِ ڪجهه قربانيون مخصوص ڪري ٿو ته انجي بدلي آزادي ۽ جاوداني جا رستا به کولي ٿو. هو پنهنجي وعدي تي پورو لهندو. منهنجي ذات جي قرباني عيوض آزادي، برابري، ۽ محبت جو وعدو ضرور پورو ڪندو. منهنجو اهو ڪامل يقين آهي، خدا پنهنجن پيارن جي آزمائش وٺي ٿو، آزمائش جو مطلب محبت اڳيان پاڻ کي پيش ڪرڻ آهي. هي ڪنهن عقيدي يا مذهب جي ڳالهه به ناهي پر بي حد محبت جو نالو ۽ عشق جو احساس آهي. مان پنهنجي موت کي اُن جو انعام سمجهان ٿو. جيڪو هر ماڻهوءَ کي حاصل ناهي ٿيندو.”
    “مان وري به توکان آخري ڀيرو پڇان ٿو.” ميجر نذير کي چيو
    “منهنجو طرف طئي ٿي چڪو آهي. مون پنهنجي زندگي لاءِ مزاهمت ۽
    آزادي جي چونڊ ڪرڻ کانپوءِ. مونکي ان ڳالهه جو احساس ٿي چڪو هو ته منهنجو موت پري نه آهي.”نذير وراڻيو
    “توکي نتيجن جي خبر آهي، ته پوءِ نتيجن کي ڀوڳڻ لاءِ تيار ٿي” ميجر ويندي وقت چئي ويو.
    صبح جا پنج ٿيا آهن.
    اگهم ڪوٽ جي اُفق تي اداسي ۽ خاموشي ڇانيل آهي. شهر جا رستا خاموش آهن. انهن کي ڪهڙي خبر ته هتان اڄ هر غم، هر ڏک کي گذري وڃڻو آهي ۽ انهن کي اڄ کانپوءَ صدين تائين جاڳڻو آهي. هن ئي رستي جي وکريل سمورن افسانن جلوسن ۽ احتجاجن کي وري داخل ٿيڻو آهي.
    هميشه ائين ٿيندو آهي، جڏهن آزادي جي ويڙه ۾ ڪنهن انسان جو موت ٿيندو آهي.
    تيرٿ، کي اڄ پوري رات ننڍ ڪانه آئي. هن کي ڄڻ ڪو آواز ڏئي اٿاري رهيو هو .
    سنگهار، پنهنجو منهن ٻانهن ۾ ڏئي سڏڪاڀري ٿو .
    فيروز، سخت گهري ڏک ۾ ٻڏل هو.
    مريد، مسلسل آسمان ڏانهن نهاريندو، ڪا ڳالهه بار بار ورجائيندو رهي ٿو.
    نذير جي گهر ٻاهران پوليس، نذير جو تشدد ٿيل لاش سندن حوالي ڪري ٿي.
    ۽ هنن چئني دوستن کي شهر مان نڪري وڃڻ جو حڪم ڏئي ٿي.


    بيگم مراد ۽ نئين پاڪستان جو ويزن

    سنڌ جو هر شهر هاڻي ماڻهن جو هجوم ٿيندو پيو وڃي. گذريل سال کان به وڌيڪ، سنگهار کي هاڻي هجوم ۾ رهڻ کان ڪوفت ٿي محسوس ٿئي. هن پاڻ کي ڪڏهن به هجوم جو حصو نه سمجهيو. بلڪ هجوم ۾ رهڻ هن لاءِ ڄڻ باه جي ڀرسان بيهڻ جي برابر آهي. شهر ۾ رهندي هن پاڻ کي اهڙن موقعن تي شهر جي پيهه جو عادي ته بنايو آهي. پر انجي باوجود هن پنهنجي اندر جي سنگهار کي ان کان الڳ رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
    ڪراچي هاڻي پنهنجي قدمن سان ڪونه ٿو وڌي، مشيني رفتار سان ڊوڙي ٿو. ڏينهن ۽ رات ۾ هاڻي وڃي ٿورو فرق رهيو آهي. اها صورتحال هر ماڻهو لاءِ پريشاني جو سبب هئڻ جي باوجود هر ماڻهو ان کي ڀوڳي پيو.
    مرده شيون هميشه ڀوڳنائن کي جنم ڏين ٿيون. جنهن کي وري انسان پاڻ لاءِ شادابي ۽ آسودگي جو نالو ڏئي ٿو. هي ڪا ڏاهپ به ڪانهي ته انسان مرده شين جي حاصلات لاءِ ويهي بحث ڪري ۽ جسٽيفاءِ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، هي ته ڪنهن به انسان لاءِ مايوسي جي ڳالهه آهي ۽ پاڻ کي تنها ڪرڻ جي ڳالهه آهي ۽ موقعي پرستي جي ڳالهه آهي. بي معني ۽ بي اعتباري جي ڳالهه آهي.
    سنگهار ڳالهائيندو هو، بحث ڪندو هو. پر هاڻي خاموش رهڻ هنجي مزاج جو حصو ٿي ويو آهي. هن ۾ اها تبديلي اوچتو ناهي آئي، ان لاءِ هن ڪڙيون تلخيون ۽ ماڻهو جي ذات کي ڀڄندي ڀرندي ڏٺو آهي. هو هاڻي اڪيلو ئي اهڙو ماڻهو ناهي پر ڪيترا ئي ماڻهوآهن. جيڪي ان طرح پنهنجي زندگي گذارن ٿا.
    سنگهار ڪڏهن ائين سمجهندو هو ته، هو پنهنجي آيڊياز ۾ پنهنجي آدرش ۽ پنهنجي سڀاءُ ۾ باقي ماڻهن کان مختلف آهي، هن اڳيان شاندار مستقبل آهي، جيڪو هن جي آدرش ۽ هنجي آئيڊياز جو آڌرڀاءُ ڪندو، هنجي پيرن جي آهٽ کي ٻڌندو. هن جيڪو سوچو ٿي، سو آفاقي آهي. پر هاڻي هن کي محسوس ٿئي ٿو، ته هن زندگي ۾ جو حاصل ڪيوآهي. انجي ڀيٽ ۾ فرسوده خيال، فساد، نفرت، غربت ۽ جنونيت وڌيڪ مضبوط ۽ طاقتور ٿي آهي ۽ اُن جي نسبت سان سنگهار جو، پنهنجي آدرشن سان، ُمسلسل اڳتي وڌڻ وارو عمل ڄڻ ڪجهه به ناهي. هنجي ذهن ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن، جيڪي هو پنهنجن ساٿين سان شيئر ڪري ٿو. پر انجي باوجود هنجي موجودگي جو احساس ڄڻ ختم ٿيندو وڃي ٿو. هو ڳالهائي ٿو پر چيئلنج ڪرڻ واري ڪيفيت کان اوجهل رهي ٿو، قسمت ۽ غربت تي لعنت ملامت ڪندڙ ماڻهن سان، انهن جي ڪمزوري تي ڳالهائي ٿو، پر سچ اهو آهي ته هن جي ڳالهه ُٻڌڻ کان اڳ، هن جو نسل، مذهب ڏٺو وڃي ٿو.
    وڏن وڏن اشتهارن ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي گفتگو ماڻهن کي اهڙي وڃي اُوجهڙ ۾ اڇليو آهي، جتي هو راحت به محسوس ڪن ٿا ته بيزاري به، هو ته هاڻي ان راحت ۽ بيزاري ۾ رهڻ جا عادي ٿي ويا آهن.
    بيڪن هائوس، مانٽيسري جا پرائيويٽ اسڪول ۽ وري سرڪاري اسڪولن جي بوسيدهه حالت، اهو سڀ ان ڪري ناهي ته جيئن غريب ۽ امير جي وچ واري وڇوٽي برقرار رهي، پر ان ڪري به آهي ته ٻارن جي اڪثريت بنيادي تعليم کان محروم رهي ۽ سدائين لاءِ نماڻائي جي حالت ۾ رهي ۽ غربت جي موت مري وڃي.
    سنگهار، پنهنجن ئي ساٿين کي چوندي ُٻڌو آهي، ته انقلاب ۽ انسانيت سان هنن جو ڪهڙو واسطو ۽ سندن سڄي گفتگو پنهنجي خود پسندي ۽ خود غرضي جي سطحي داستان سان ڀريل هئڻ جي باوجود به هر شيءِ لاءِ سڪايل ۽ ترسيل آهن. انهن ۾ اُهي ليڊر به شامل آهن، جيڪي ڪڏهن انقلاب ۽ انسانيت جي نالي جا گيت ڳائيندي نه ٿڪبا هئا ۽ جلدي ئي پوءِ هنن پنهنجن انهن ڪمزور عادتن کي پنهنجي زندگي جو حصو بنائي ڇڏيو. جيئن عام طور، ننڍڙي دل وارا ماڻهو ڪندا آهن.
    سنگهار، ڄڻ هر طرف کان سميٽجي مختصر ٿي ويو آهي. جنهن انقلاب جي وسعت ۽ بلنديءَ جو چرچو هر طرف هو، هاڻي اُن تي ڳالهائڻ واري وسيع القلبي ناهي رهي. زندگي ۾ فلسفي جو ڪارج ۽ قدر هاڻ اڪيڊمڪ ٿي ويو آهي. اڄ جو نئون نسل چاهي ٿو ته انجي زندگي جون راهون سڌيون ۽ فوڪسڊ هجن. هنن وٽ وڏا خواب آهن ۽ ننڍڙا آدرش. هنن جي اندر جو خلا بليڪ هول وانگر هنن کي هيٺ لاهيندو گم ڪندو وڃي ٿو. نوجوانن جي فرسٽريشن جو سبب خوشحال زندگي کان محروم هجڻ ئي ناهي، اهي شڪايتون به آهن جيڪي هو موجوده سماج کان ڪري ٿو. پر انهن شڪايتن جي ازالي لاءِ هنن وٽ ڌنڌلا عڪس آهن. هي تيز ڊوڙڻ جي جنون ۾ پنهنجي شناخت وڃائي ويٺا آهن. هو روزي ڪمائڻ کان وڌيڪ اميري کي اهميت ڏين ٿا. هنن کي پنهنجي اردگرد جو ڪو احساس ۽ اونو ڪونهي.
    حقيقت ۾ هنن جي روح جي اسودگي ئي سندن اصل اميري آهي. جنهن کان هو هر ڏينهن محروم ٿي رهيا آهن. روح جي آسودگي اهڙي حالت ۾ ڪيئن ممڪن آهي، جڏهن ٻن انسانن جي وچ ۾ وڌيڪ اميري ۽ وڌيڪ غريبي جو فرق هجي. اهو سوال دراصل ٻنهي طرفن کان تباهي جو سوال آهي. ڪو به ماڻهو اُن سوال تي جيترو وڌيڪ سوچي ٿو، پنهنجي روح کي غمزده ۽ وڌيڪ ملول ۾ محسوس ڪري ٿو. هي هڪڙي قسم جو بحران آهي. جيڪو انسان جي روحاني ۽ معاشي ترقي اڳيان وڏي رڪاوٽ آهي. پر انهي جي ڪري مان پنهنجي زندگي کي صرف ضرورت ۽ گهرج ۽ انجي بي معني مقصد واري دائري ۾ بند ڇو ڪيان. اُهي احمقاڻيون خواهشون ته پوري حياتي پوريون ڪونه ٿينديون ۽ مان انهن ماڻهن جي ڪري پاڻ کي ڇو افسرده ڪيان، جيڪي ڪالهه تحريڪ جو حصو هئا ۽ اڄ ذاتي مفادن جي ڪڍ لڳل آهن. هنن لاءَ مقصد ۽ انساني جذبات ڪا اهميت نه ٿا رکن. اهو ڪو عجب ناهي، دنيا اهڙن مثالن سان ڀري پئي آهي. پر منهنجي ذات جي ننڍڙي ايمانداري به مون لاءِ خوشي ۽ وڏي معني رکي ٿي. سنگهار خود ڪلامي ڪندي چوي ٿو.
    مان تڏهن بي حد خوش رهان ٿو. جڏهن مان يونيورسٽي ۾. پنهنجي آفيس ۾. پنهنجي گهر ۾ ۽ پنهنجي قوم ۾ رهندي، پنهنجي ضمير موجب فيصلا ڪيان ٿو. بغير ڪنهن ڳالهائڻ جي ۽ دليل ڏيڻ جي، پنهنجي حصي جو ڪم ايمانداري سان ڪيان ٿو. وڏي انقلاب جي انتظار کان اهو بهتر ناهي ته مان ننڍن ننڍن انقلابن لاءِ قدم کڻان. باوجود انجي جو هن رستي تي نفرت ڀري روش ۽ گهڻن ماڻهن اڳيان پاڳل سمجهيو وڃان ۽ ممڪن آهي ڪنهن سازش جي عذاب ۾ به مبتلا ڪيو وڃان ۽ پنهنجي ئي خوف کان گهٻرايل به رهان. منهنجي ڪردار ڪشي به ڪئي وڃي. بزدل، ڪنجوس ۽ گهٻرايل جهڙن ذليل لفطن سان منهنجي ذات جي تذليل ڪئي وڃي ۽ مون لاءَ ڪي تڪڙا ۽ دور ديس ۽ دور حيات جا به فيصلا ڪيا وڃن.
    “تون منهنجو (غلط) ڪم نٿو ڪرين مان توکي ڏسي رهندس. جهڙا خوف ڏياريندڙ جملا منهنجي اردگرد رهندي، مونکي رنجيده ۽ غمگين ڪن. شايد ڪن موقعن تي، منهنجا ٻار، منهنجو گهر، منهنجا دوست، مونکي پنهنجي اندر کان ڪمزور ڪرڻ جي غير شعوري ڪوشش ڪن. سماج ۾ موجود خرابيون مونکي پنهنجن گوڏن ڀر جهڪائڻ جي ڪوشش ڪن. منهنجون لاتعداد خواهشون منهنجي نفسيات کي جنجهوڙڻ جي ڪوشش ڪن. پر ان سڀ جي باوجود ۽ پنهنجي اردگرد بي رخي۽ بدگمان دنيا هوندي، ان قيد کان آزاد، پنهنجي انفراديت ۽ پنهنجي احساس ۽ پنهنجي زمين، ماڻهن ۽ پنهنجي صالم ضمير سان وفاداري واري زندگي گذاريان، ته سچ پچ اُها بلڪل جيون جي نون تجربن، ڪائنات جي رنگيني ۽ حسناڪين سان ڀرپور هوندي، سنگهار ائين چئي مرڪيو سوچيائين ته، زماني جي پراه ڪرڻ سان دنيا هڪ عظيم انسان کان محروم رهجي وڃي ٿي.
    شام جا 6 ٿي رهيا آهن .
    “سڀاڻي بيگم مراد جي پٽ جي شادي جي دعوت آهي.” ارميل، سنگهار کي ٻڌايو.
    “بيگم مراد ۽ اسانجي وچ ۾ هاڻي ڪابه شيءِ مشترڪه ڪانهي. سنگهار، چهري تي ڪنهن به خوشيءَ جو تاثر آڻن کانسواءِ ارميل کي چيو، دنيا جي نظرن ۾ هو هڪ ڪامياب عورت آهي ۽ هُن ايڏو وڏو خرچ ڪري ماڻهن کي ان لاءِ ته سڏايو آهي ته اُهي اچي سندن تعريف ڪن.
    “ٺيڪ آهي پر پراڻي ڄاڻ سڄاڻ ته آهي” ارميل چيو .
    “گذريل ڏهه سالن کان هن اسان ڏانهن پوئتي ڪنڌ ورائي به ناهي ڏٺو” سنگهار وراڻيو، هن جون ترجيهات تبديل ٿي ويون آهن. هن وٽ اسان لاءِ هاڻي ڪجهه به ناهي. هن اسان کي انوائيٽ ڪيو آهي پر شايد مان ڪمفرٽ فيل نه ڪيان. هنجي حلقي جي ماڻهن ۽ اين جي اوز جي سو ڪالڊ انٽليڪچول کي ٻڌڻ مون لاءِ انتهائي مشڪل آهي. مان شايد بيگم مراد جي انوٽيشن ۾ شريڪ نه ٿيڻ نه ويندس،
    “مان اها ڳالهه سمجهان ٿي” اُرميل، سنگهار ڏانهن نهاريندي چيو، بيگم مراد جون ترجيهات تبديل ٿي ويون آهن. پر انجي باوجود هن جي حلقي ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جو اٿڻ ويهڻ آهي. انهن ماڻهن مان اسان به هڪ آهيون. هن اسان کي انوائيٽ ڪيو آهي انجو ان ۾ ڪهڙو به مطلب هجي، ان کان هٽي ڪري به هڪ دوست وانگر انجي ٻارن جي خوشي ۾ شامل ٿيڻ گهرجي. هي سڀ ماڻهو اهي آهن جن سان اسان نه چاهيندي به گڏ رهون ٿا. اسانجا هنن ڏانهن ٺوس رويا اسان کي وڌيڪ تنها ڪري ڇڏيندا.”
    سنگهار، دري جي سامهون وڃي بيهي ٿو. جتي هي عام طور اهڙي ڪيفيت ۾ وڏا وڏا ساه کڻڻ لاءِ بيهندو آهي. ننڍڙن ننڍڙن پکين جي دنيا جو حصو ٿيڻ انهن جي لافاني گيتن ۾ شامل ٿي وڃڻ لاءِ .
    لهندڙ سج جي لالاڻ مان لڳو پئي ڄڻ آسمان باه مان نڪري آيوآهي، پر جسم تي اڃان جلن جا نشان اٿس. اُڄ جو ستايل ڪبوتر ڇت جي ديوار تي رکيل پاڻي جي ڪونڊي مان مسلسل پاڻي پي رهيو آهي.
    “توهان ٺيڪ ٿا چئو”سنگهار، دريءَ کان هٽي ارميل ڏانهن نهاريندي چيو،
    شامل ٿيڻ ۾ ڪو حرج ڪونهي. هونئن به اڄ ڪلهه اهڙن ماڻهن جي فوج هر طرف کان ۽ هر جڳهه موجود آهي. اسان کي ئي هنن ماڻهن سان گڏ رهڻو آهي. پوءِ کڻي هو ڪجهه به ڪن.”
    ڊي ايڇ اي ڪلفٽن جي سبزه زار تي لاتعداد بلب روشن آهن. جن جي چڀندڙ روشني پوري علائقي کي منور ڪري ڇڏيو آهي. سفيد چادرن سان ڍڪيل ٽيبلن مٿان ترتيب سان شيشي جا گلاس ۽ پليٽون رکيل آهن. هر ٽيبل، گلن سان سينگاريل آهي. سامهون گهوٽ ۽ ڪنوار لاءِ خوبصورت ۽ شاندار اسٽيج ٺهيل آهي. شهر جون ماڊرن فيمليون پنهنجن ٻارن سان اچي رهيون آهن. ٻارن، زالن ۽ ڌيئرن جي ڊريسنگ مان اها ڳالهه وسريو وڃي ته هو ڪي پاڪستان جهڙي غريب ملڪ جا شهري آهن. بيگم مراد سڀني سان کلي مسڪرائي ملي رهي آهي. هن جي چهري جي اڻ کٽ مسڪراهٽ رکي رکي تيز شوخي ڪارڻ رڪجي ٿي. حال ۾ مڌم ميوزڪ جو آواز آهي ۽ چئني طرفن کان ڪئميرائون پروگرام رڪارڊ ڪري رهيون آهن. جين پاتل ماڊرن ڇوڪريون جن جي موجودگي سبب پوري فضا پرفيوم سان مهڪيل آهي. جن جي مرحبا لاءِ بيگم مراد جي فيملي جا ماڻهو ڏند ڪڍي آڌرڀاءُ ڪري رهيا آهن. گهوٽ ۽ ڪنوار جي اسٽيج جي بلڪل ڀر ۾ ڪجهه امريڪن به انوائيٽيڊ آهن. ۽ مقامي ماڻهن سان گفتگو ڪري رهيا آهن. شادي هال جي ڪشاده آڳند تي اهڙي دنيا آباد آهي، جيڪا واقعي به عجيب ۽ پاڪستان جي مجموعي آبادي کان مختلف ۽ انتهائي ماڊرن آهي.
    بيگم مراد، سنگهار ۽ ارميل سان هيلو ڪامريڊ چئي هٿ ملايو، بيگم مراد اسانجو تعارف ڪرائڻ لاءِ انهن چيئرس طرف وڌي وئي جتي امريڪن ۽ مقامي پاڪستاني ويٺل آهن، بيگم مراد اسانجو هنن سان تعارف ڪرايو .
    “سنگهار ۽ ارميل ڪراچي يونيورسٽي جي فلاسافي ڊپارٽمينٽ جا استاد آهن”
    ويٺلن مان هڪ ماڻهو جيڪو پنهنجي پوشاڪ مان پاڪستان جي ڪنهن سرڪاري اداري جو بيروڪريٽ ٿي لڳو. سنگهار سان هٿ ملائيندي پنهنجو تعارف ڪرايو.
    اختر علي. هن ائين چئي سنگهار کي چيو، “اچو هتي ويهو توهان سان ته دلچسپ گفتگو رهندي.” اختر علي، سنگهار کي ڀر ۾ ويهڻ جو چيو، ارميل کي بيگم مراد پاڻ سان گڏ وٺي اڳتي نڪري وئي، امريڪن به هنن کي هاءِ چيو ، سنگهار ڀر ۾ پيل ڪرسي تي ويهي رهيو .
    امريڪن ۽ اختر علي ۽ ٻين جي گفتگو جو جيڪو سلسلو سنگهار جي اچڻ ڪري وقتي طور منقطع ٿيو هو اهو وري شروع ٿيو .
    “پاڪستان جي موجوده سرڪار لاءِ آمريڪن ڪيئن سوچي رهيا آهن؟ اختر علي آمريڪن کان سوال ڪيو ،
    آمريڪن لاءِ اهو اهم هوندو آهي ته اها ڪنهن به ملڪ جي داخلي معاملن ۾ مداخلت نه ڪري، آمريڪن وراڻيو، ملٽري راڄ هجي يا جمهوريت، اهو ته انهن جو داخلي معاملو آهي. هاڻي به جڏهن ملڪ ۾ جمهوري سرڪار آهي ته اسان وٽ ان لاءِ احترام آهي.”
    “محترمه بينظير جي شهادت پويان ڪهڙا محرڪ ٿي سگهن ٿا، توهان ان جي شهادت کي ڪيئن ٿا ڏسو؟” اختر علي جو سوال هنن لاءِ غير متوقع هو.
    آمريڪن جيڪي ڊونر ايجنسيز جا ڪرتا درتا هئا، هن سوال تي بلڪل خاموش ٿي ويا، انهن جي خاموشي کي ڪنهن محسوس ڪيو يا نه پر سنگهار ته شدت سان محسوس ڪيو .
    دنيا جي وڏي جمهوريت سمجهي ويندڙ آمريڪا، عراق ۽ افغانستان مان ڪڏهن نڪرندي؟ ويٺل ڪنهن ماڻهو سوال ڪيو.
    “وچ اوڀر کي صدام مان نجات ڏياري، عوام به ائين ٿي چاهيو، آمريڪن چيو، دراصل اسان پنهنجو فرض نڀايو. دنيا جي هڪ وڏي جمهوريت جي ناتي اسانجو اهو فرض هو. هاڻي ٻيو ڪم انهن ملڪن جي معيشت جو استحڪام آهي ته جيئن اسانجي غير موجودگي ۾ هو پاڻ کي سنڀالي سگهن”
    سنگهار ،هنن کي ُٻڌي رهيو هو ۽ هنن سان سهمت نه هجڻ جي باوجود خاموش هو. هن نه پئي چاهيو ته هتي ڪا بدمزگي پيدا ٿئي.
    اختر علي جي ڀر ۾ ويٺل ڪنهن اين جي او جو ڪو پروگرام آفيسر هو جيڪو اونهاري جي گرمي ۾ به ٿري پيس سوٽ پائي ويٺو هو. آمريڪن سامهون ڏند ڪڍي کِلندي مخاطب ٿيو. بينظير يوتهه پروگرام ۽ بيگم مراد جي تنظيم کي توهان عورتن لاءِ ننڍا قرض ڏيڻ واري پروجيڪٽ ۾ سمجهو ٿا ته عورت جي زندگي ۾ تبديلي ايندي؟
    آمريڪن مسڪرائيندي هن ڏانهن ڏٺو ۽ مختصر چيو، ها بلڪل تبديلي ايندي. بينطير يوٿ پرگرام کي فنڊ، بي نظير کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ ڏنا آهن ۽ بيگم مراد سان ته اسان اڳ ۾ به ڪم ڪندا رهيا آهيون،
    “ان ڳالهه کي مڃڻو پوندو ته آمريڪا زندگي جي ڪيترن ئي شعبن ۾ ترقي ڪئي آهي ۽ خاص طور تي سائنس جي ميدان ۾ ته شاندار ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن،اختر علي، آمريڪن جي تعريف ڪندي چيو، مون ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪا جي هڪ رائيٽر جو ڪتاب امپائر Empire) ( پڙهيو. جنهن ۾ رائيٽر جو تجزيو دلچسپ آهي. هن مطابق دنيا ۾ هڪ نئين قسم جي انقلابي تبديلي اچي رهي آهي. دنيا گلوبلائيز ٿي رهي آهي. دنيا نئين انوکي ۽ بي حد جديد صورت وٺڻ لاءِ تيارٿي رهي آهي. دنيا جي هي جديد صورت ڪجهه ملڪ، ملٽي نيشن ڪارپوريشن، اقوامتحده ۽ چند ٻيون طاقتون ۽ ادارا ٺاهيندا جيڪي سرحدي ۽ جاگرافي حدن کان بالاتر ٿي، هڪ اهڙي وحدت جوڙيندا، جيڪا ضروري ناهي ته ڪنهن قوم جي ڪنٽرول ۾ هجي، هي امپائر جلد ئي پوري دنيا مٿان پنهنجو تسلط قائم ڪري ويندي. مان ته سمجهان ٿو آمريڪا ۽ ٻيا اتحادي ئي دراصل اها امپائر هوندا. اختر علي خوش ٿيڻ واري انداز ۾ آمريڪن کان پڇيو .”
    “دنيا گلوبلائيز ٿي رهي آهي ان ۾ يقينن آمريڪا جو وڏو ڪردار آهي. آمريڪن ڪجهه سوچيندي اختر علي کي چيو، جنهن دنيا کي جمهوري ادار ڏنا آهن. قومن کي دفاعي ۽ معاشي حوالي سان مضبوط ڪيوآهي. مستقبل، قومن لاءِ ڇا ٿو طئي ڪري اهو ته وقت ۽ حالتون ٻڌائينديون، پر جيئن ته سوشلزم جي خاتمي کانپوءِ دنيا جا ليڊر ڪجهه الڳ طرح سان سوچي رهيا آهن. هڪڙي سوچ آمريڪا جي به آهي ته دنيا کي گلوبل وليج ٿيڻ گهرجي.”
    اها گفتگو اڃان جاري هئي، ته اختر علي جا ڪجهه واقفڪار هن سان اچي مليا. اهي ڪرسيون ريڙهي هن جي ڀر ۾ ٿي ويٺا. هنن اچڻ سان اختر علي کي پنهنجن ڪمن ۽ نون پروجيڪٽ جا تفصيلات ٻڌائڻ شروع ڪيا. هنن سڀ ڪجهه ٻڌائڻ کانپوءِ پنهنجو تعارف افتخار ۽ حسنين جي نالن سان ڪرايو.
    “هن وقت توهانجي پوسٽنگ ڪٿي آهي.” ڪنهن اختر علي کان سوال ڪيو.
    سرڪار کي ته هاڻي رڳو پوسٽنگ ۽ ٽرانسفر ڪرڻي آهي ۽ کيسا ڀرڻا آهن. اختر علي، ڪرب ۽ نفرت مان وراڻيو، مونکي ٽرانسفر ڪري بدين موڪليو اٿن. سال کان مان هيءَ سزا ڀوڳي رهيو آهيان. خاص ڊسٽرڪٽ ۾ ته هنن پنهنجا ماڻهو ويهاري ڇڏيا آهن. مونکي بدين وڃي اُڇليو اٿن. بدين ته يار ٻهراڙي آهي. جتي جاهل ماڻهن کي قابو ۾ رکڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. ڪا ڳالهه سمجهن ئي ڪونه ٿا، ٻه ڏينهن اڳ ڪجهه هاري آيا چون اسانجي حصي جو پاڻي مرزا فارم کڻي ٿو. اسانکي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏي. هاڻي ڪير هنن کي سمجهائي ته مرزا ڪو عام ماڻهو آهي. وري ڄٽ چون ته تون سرڪار جو نوڪر آهين يا مرزا جو. جمهوري حڪومتون به اسان لاءِ عذاب آهن.” “توهان ئي ٻڌايو، هن جمهوريت کان ته آمريت ڀلي، اختر علي، سنگهار ڏانهن منهن ڪندي چيو، هر ماڻهو منهن کنيو آفيسن ۾ ته گهڙيو ڪونه ايندو، سنڌي ماڻهو ته سڌو به فوج سان آهي.”
    سنگهار، اختر علي جي سوال تي پنهنجي اندر سخت غصو محسوس ڪيو. گهڻي وقت کانپوءِ هن کي موقعو ملي رهيو هو ته هو ڪنهن بيروڪريٽ جي کل لاهي. مرده روح کي اگهاڙي پيرين نچائي. ان کي پنهنجي قدر ۽ قيمت کان واقف ڪري. فوج جي حمايت ڪرڻ جي ڳالهه ڪري اختر علي، سنگهار جي پراڻن زخمن کي اڊيڙيو هو. هو پنهنجا حساب برابر ته نه ٿو ڪري سگهي، پر هن کي پنهنجو اصلي چهرو ته ڏيکاري سگهي ٿو. هن جي منهن تي لانت ته وسائي سگهي ٿو. سنگهار ڪجهه لفظ ڳالهايا مس ته، ارميل سنگهار جي ڪلهي تي هٿ رکي چيو، هاڻي هلون.
    سنگهار ۽ ارميل زندگي جي هن پر شور اعليٰ سوسائٽي، شاندار ويزن رکندڙ ۽ وطن کي سيڙهي سمجنهدڙ ماڻهن سان ڀريل، شادي هال مان ٻاهر نڪري اچن ٿا.


    سنجيده ٿيڻ به خوفائتي شي آهي

    چارسالن، کانپوءِ فيروز جو خط سنگهار کي ملي ٿو، فيروز هن وقت انگلينڊ ۾ رهائش پذير آهي. هن کي انگلينڊ جي ڪنهن پرائيويٽ ڪمپني پاران پريس ۽ پبليڪيشن جي اداري ۾ ڪم ڪرڻ جي آفر ٿي، هاڻي هو چئن سال کان اتي آهي. فيروز جو هي ٻيو خط سنگهار کي مليو آهي. ان کان اڳ هن تيرٿ ڏانهن خط لکيو هو. فيروز پنهنجي زندگي جا چار سال انگلينڊ ۾ گذارڻ کانپوءِ به پنهنجي خيال ۽ مزاج ۾ ساڳيو ئي آهي. هن جي لکڻي ۾ ساڳي رواني ۽ ساڳيو اُتساه آهي. هو پنهنجي دل جي مستي کي اڄ به صبرجو پاڻي ڏيندو رهي ٿو. هو ان ڪري ائين ڪري ٿو، جو هن کي ان ڳالهه جو احساس آهي ته محبت ۽ آزمائش جو سفر ان رستي ئي مڪمل ڪري سگهجي ٿو. جيڪو وڌيڪ جٽادار ۽ اعتبار جوڳو آهي. هو منزل جي آشنائي کان بالاتر پنهنجي ڪامل روپ ۾ ڪنهن لاءِ پنهنجو سر به قربان ڪرڻ لاءِ تيار رهي ٿو، پر ڪنهن جي به تذليل برداشت نٿو ڪري سگهي. هن خط ۾ هنجي ڪيفيت به ڪجهه اهڙي آهي. خط ۾ هُن انگريزن سان رهڻ جي تجربن ۽ پنهنجي اڪيلائي جي درد کي بيان ڪيو آهي، سنگهار خط پڙهڻ شروع ڪري ٿو .
    ڊيئر ڪامريڊ سنگهار !
    هاڻي هتي دل نه ٿي لڳي يا پوءِ شايد پنهنجي ديس جي مٽي اسان ۾ ايتري رچي وئي آهي، جو ٻئي هنڌ ڪٿي به دل نه ٿي لڳي يا ائين به ٿي سگهي ٿو، ته توهان مان ڪنهن کان به پري رهڻ جو احساس هڪ عجيب بي چيني کي پيدا ڪري ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ به اڪيلائپ جو احساس وڌي ٿو، مان توهان مان ڪنهن کان به پري ۽ الڳ رهڻ نه ٿو چاهيان. بي وطني گذارڻ، هاڻي منهنجي وس ۾ ڪونهي. انسان پنهجي فرض کان جڏهن لاتعلق ٿي وڃي ٿو ۽ ان کي پوري نه ڪرڻ جو احساس به زندگي کي ڪا تسلي نه ٿو ڏئي، تڏهن هڪ عجيب درد ۽ قلب جي بي چيني پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺي ٿي. مان ڪافي موقعن تي توهان سان گڏ ناهيان انجو احساس به زندگي مان بيزاري کي جنم ڏئي ٿو. بهرحال پرديس انسان کي وقت کان اڳ پوڙهو ڪري ٿو. بلڪه پرديس ماڻهو کي کائي وڃي ٿو. هي منهنجو وطن ناهي مان هتي ڪمائڻ لاءِ آيو آهيان. هتي جي بارش هتي جي هوا منهنجي پنهنجي ناهي هتي پاڻ کي انتهائي مهذب هجڻ جو ڊرامو ڪرڻ کانپوءِ به اجنبي آهيان.
    انتهائي مهذب ۽ سنجيده ٿيڻ به خوفائتي شي آهي. جيڪا ماڻهو جو پنهنجو توجهه پاڻ کان هٽائي ٻين جي توجهه ۽ نوازشن جي فڪر ڪرڻ ۾ رهي ٿي. هتي منهنجي عاجزي پنهنجي رهڻ جي حالتن کي سازگار بنائڻ لاءِ آهي. ڪنهن ٻئي کي متاثر ڪرڻ ۽ ٻئي ڪنهن به ڪارڻ ڪري ناهي. ان حقيقت تي پنهنجو پاڻ تي ملامت ڪرڻ جي باوجود به مان هر روز ائين ڪيان ٿو. ڇو ته ائين ڪرڻ سان مان هتي رهي سگهان ٿو. هر سال جي آخر ۾ سدائين لاءِ مان پنهنجي وطن واپس ٿيڻ لاءِ سوچان ٿو، پر وري پاڪستان جي خراب سماجي حالتن ۽ هتان جي آسائش واري زندگي ۽ ٻارن جي تعليم مون کي مجبور ڪري ٿي ته مان هتي ئي رهان. دراصل هي دوکو آهي، منافقت آهي، ته هڪ طرف پنهنجي ملڪ لاءِ سَڪان ۽ تڙپان ته ٻئي طرف پاڻ ئي هتي ترسڻ لاءِ جواز پيدا ڪيان. هتي پوري انگلينڊ ۾ اسان جهڙن ماڻهن جا ٻه روپ آهن. هي هتي پنهنجي ديس جا ڪلچرل ڊي ملهائيندا، پر پنهنجي مادري ٻولي تي هڪ پائونڊ به خرچ نه ڪندا. بلڪه انهن جا ٻار پنهنجي مادري ٻولي جي الف بي کان به واقف ناهن. هتي عام طور اهو تاثر عام آهي ته پاڪستان جي معاشري ۾ هاڻي اهڙي ڪابه خصوصيت ۽ ڪي سماجي اقدار ناهن رهيا، جنهن بنياد تي وڃي، پنهنجو ديس وسائجي. نه ئي ان ۾ موجوده نئين نسل لاءِ ڪا ڪشش رهي آهي. نئون نسل هن معاشري جي پسمانده روايتن جو حصو ٿيڻ لاءِ تيار ئي ناهي ته پوءِ اهڙي پاڪستان ڪيئن واپس وڃجي. انجي نسبت يورپ جي معاشري ۾ هر طرح جي خصوصيت ۽ سماجي اقدار آهن، جيڪي نوجوان لاءِ هر طرح جي ڪشش رکن ٿا. هي انجو نقل ڪري پنهنجي زندگي کي ان طرز تي هلائڻ لاءِ تيار به آهن. جڏهن ته ٻيو بحث اهو آهي ته پاڪستان جون سياسي سماجي حالتون هاڻ ڪنهن به طرح درست نه ٿينديون. هي ملڪ هر طرح جي مسئلن ۾ ايتري قدر گهيرجي ويو آهي جو هاڻ ان مان نڪرڻ مشڪل آهي. هي ملڪ جيئن آهي تيئن رهندو. بحث جي دوران مان هميشه اڪثريت جي ڀيٽ ۾ اقليت جو شڪار ٿي ويندو آهيان. ڪو به ماڻهو منهنجي ان ڳالهه سان سهمت ٿيڻ لاءِ تيار ناهي، ته 18 ۽ 19 صدي ۾ يورپ جون قومون هڪٻئي کي فتح ڪرڻ جي جنون ۾ هڪ ٻئي جو خون ڪري رهيون هيون ته سنڌ ۽ هنڌ جون تهذيبون امن سان رهندي ٻولي، ادب، ثقافت ۽ موسيقي جي رستي ترقي ڪري رهيون هيون. سنڌ جي تهذيب جا اعليٰ اقدار نهايت قابل احترام آهن. هندوستان جي ۽ پوءِ پاڪستان جي بدبختي مغربي ڌارين لوڪن ۽ فرنگين جي داخل ٿيڻ کانپوءِ شروع ٿي ۽ هاڻي به ملڪ جون واڳون انهن موقعي پرست حڪمرانن جي هٿن ۾ آهن جيڪي اقتدار خاطر ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار آهن. ماڻهن ۾ پنهنجي وطن کان ناخوشي جو انداز دراصل جواز آهي يورپ ۾ رهڻ جو، هو صداقت سان ان ڳالهه کي سمجهڻ جي ڪوشش ئي نه ٿا ڪن ته قدرتن ۽ فطرتن هو پنهنجي ڌرتي جو حصو آهن. اها ڳالهه نه سمجهڻ ڪري ئي هو مختلف وهمن، وسوسن ۽ دل جي ويراني جو شڪار آهن، ائين ڪيئن ممڪن آهي، ته حالتون سدائين هڪ جهڙيون ئي رهنديون. ڇا عقل ان ڳالهه کي مڃي سگهي ٿو ته جيڪي حالتون صبح ساڳيون هيون شام جو به ساڳيون رهنديون. اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ملڪ جيئن اڄ آهي سڀاڻي به ساڳيو رهندو. پر جيئن ته انهن ماڻهن کي هتي رهڻ جو جواز گهرجي، ان ڪري هو وساري ويهن ٿا ته ان ملڪ ۾ هنن جا مٽ مائٽ به آهن، ڪروڙن جي آبادي آهي جيڪا به ته رهي ٿي. دراصل هنن هتي پنهنجي دنيا ٺاهي آهي. هنن ماڻهن کي پنهنجي وطن کان پري رهڻ جو ڏک ۽ درد به آهي ته وري هتي رهي زندگي جا مزا به وٺڻ چاهن ٿا. جنهنجا هنن وٽ پنهنجا سبب آهن، جن سببن ڪري اهي پنهنجو وطن ڇڏي آيا.
    سنگهار، هتي پرديس ۾ هر طرف هاڻي تلخي ۽ ڌارين ماڻهن لاءِ نفرت آهي. ڪالهه رات مقامي نوجوان انگريزن، هڪ پاڪستاني کي پٿر هڻي زخمي ڪري وڌو هو. هي هاڻ هتي روز جا واقعا آهن. مان رات جو نڪران ٿو، هڪ عجيب خوف محسوس ٿئي ٿو. ڪالهه رات اسان ڪجهه دوست ريحان احمد جي گهر ويٺا هئاسين جيڪو ترقي پسند اديب آهي ۽ ڪافي عرصي کان لنڊن ۾ رهي ٿو. اسين پوري رات ان موضوع تي گفتگو ڪندا رهياسين ته يورپ ۾ مسلمانن جي سڃاڻپ هاڻي اسلامي ڪٽر پڻي واري آهي ۽ جي ڏسجي ته هي ڪنهن حد تائين صحي به آهن. اسلام کي تاريخ جي پسمنظر ۾ ڏسڻ انجي رواداري ۽ انسان دوستي واري پهلو کي اجاگر ڪرڻ بجاءِ مذهبي ڪٽر پسندن ان کي ڪفر ۽ اسلام ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو آهي. اسين رات جو دير تائين ان ڳالهه تي سوچيندا رهياسين ته اسان ماڻهن لاءِ پرديس گذارڻ هاڻ ڪنهن مشڪل کان گهٽ ڪونهي. پر اسان مان ڪو آهي جو چوي ته هاڻي ڪافي ٿيو، هاڻي وڌيڪ دور ديس جي سزا ڀوڳي نه ٿي سگهجي. مان جيئن به آهيان جيڪو به آهيان پنهنجي وطن جو آهيان جتي مون لاءِ جيئڻ هڪ تسلي آهي. مان پنهنجي ذات جي خود غرضي ۽ انجي تسڪين لاءِ پاڻ کي هاڻي وڌيڪ دوکو نه ٿو ڏئي سگهان. مان هتي پنهنجي آسائش لاءِ وڌيڪ ذلت واري زندگي گذاري نه ٿو سگهان. ڪو آهي جو اهو سوچي هن عذاب مان نڪري وڃي. مان سمجهان ٿو ڪوبه ناهي. ڪو به پاڪستاني هتان وڃي پاڻ کي مصيبت ۾ وجهڻ لاءِ تيار ناهي. هتي جي هر تڪليف ۽ مشڪل پاڪستان جي وحشت ۽ لٽ مار جي نسبت ڀلي لڳي ٿي. اسين هر هفتي اهڙي طرح جي گفتگو ڪري بنا ڪنهن نتيجي اٿي ويندا آهيون. مان پنهنجي ذات کي هاڻي گهڻو دير بي معنويت جي سفر ۾ گهلي نه ٿو سگهان ۽ پاڻ کي ان ڳالهه تي آماده ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان پيو ته انسان کي پنهنجي خيالن ۽ آدرشن آڌار جيئڻ گهرجي. زندگي ۾ مسرتن جو حاصل وقتي هجي ٿو. مونکي تنهنجي خط ۽ تنهنجي مشوري جو انتظار رهندو .
    فيروز
    ناروچ، انگلينڊ.


    خالي پيل رتيڪا جي ڪرسي

    ٽرين جيئن پنڊي جي پليٽ فارم تي پهتي، تيرٿ پنهنجو سامان کڻي گاڏي مان لهي آيو. اسٽيشن کان نڪري، اسلام آباد جي بس اسٽينڊ تي اچي بيٺو. هن کي باره ڪهو وڃڻو آهي. بس جي دري کان ٻاهر، اسلام آباد ۽ پنڊي جي درميان بدلجندڙ منظر، روڊ ۽ رستن کي ڏسي، هن کي ائين محسوس ٿيو، ته پنڊي وڌندڙ آبادي جو شهر ۽ اسلام آباد وڏن، ڪشاده روڊ رستن، بنگلن ۽ ايوينيو تي مشتمل مختصر آبادي وارو پلاننگ سان ٺهيل شهر آهي. جنهن جا منظر دلڪش آهن. لکين ۽ ڪروڙين ماڻهن کي صحت، صاف پاڻي، تعليم ۽ روزگار کان محروم رکي، ذهني ۽ جسماني بيمارين ۾ ڌڪي، اسلام آباد کي ننڍڙي ايليٽ ڪلاس جي ماڻهن لاءِ بارونق شهر ٺاهيو ويو آهي. تيرٿ، ٻاهر جي منظرن کي ڏسندو پاڻ سان ڳالهائيندو وڃي ٿو. اسلام آباد ۾ هن دوست تارا چند رهي ٿو. جيڪو هتي ڪنهن سرڪاري اداري ۾ ملازم آهي. تيرٿ، پارٽي ميٽنگ جي سلسلي ۾ لاهور آيو ته تارا چند فون ڪري هن کي اسلام آباد اچڻ جو چيو. تيرٿ جو هتي اچڻ جو هڪ ٻيو مقصد به هو.
    سائره سان ملڻ. عجب اتفاق آهي ته هن ئي سائره کي پنهنجن تصويرن جي نمائش واسطي اسلام آباد وڃڻ جو مشورو ڏنو. هَن جو مشورو ته هڪ زنده دل واري ماڻهو جيان هو. پر اهو مشورو ڪنهن حادثي جي صورت ۾ هُن اڳيان ايندو، هَن کي ته انجو احساس ئي نه هو. سائره ته هميشه لاءِ اسلام آباد جي ٿي وئي. اسان ته هڪٻئي جي دلين جي ڪيفيت کي سمجهيو ٿي، ان کي محبت يا عشق نه به کڻي چئجي پر هڪ ٻئي جي روح لاءِ سهڻو سلوڪ ۽ قلب جي راحت لاءِ سهارو ته چئي سگهجي ٿو. هَن پاڻ کي اعليٰ سوسائٽي جو حصو ٺاهي ڇڏيو. جنهن کان هو پاڻ نفرت ڪندي هئي.
    سائره اسلام آباد ۾ پنهنجي هسبينڊ سان رهي ٿي. تيرٿ چار سال کانپوءِ هن سان ملڻ اسلام آباد آيو آهي. هو پنهنجي دل هٿان مجبور هو، هن کي سائره جي سَڪ اسلام آباد وٺي آئي هئي.
    بس، اسلام آباد جي ڪشاده رستن کان ٿيندي، باره ڪهو جي ڳتيل آبادي واري علائقي ۾ داخل ٿي ٿئي. جتي پٺاڻ، ڪشميري، پنجابي ذاتين جا ماڻهو آباد آهن، هتي تيرٿ اڳ به آيل هو، پر هن دفعي هنجي هتي اچڻ واري ڪيفيت مختلف آهي، ائين جيئن. ڪڪر وسي هليا وڃن ۽ پوئتي غم ۽ خوشي ڇڏي وڃن.
    باره ڪهو جي علائقي ۾ ماڻهن جي رش تمام گهڻي آهي. شايد ٿڌي موسم جي ڪري به، جو ٿڌي موسم ۾ مَري کان مٿي جي علائقن جا ماڻهو سيارو گذارڻ لاءِ باره ڪهو ۾ اچي رهن ٿا. هي علائقو رهائش لاءِ سستو آهي. تاراچند جو گهر باره ڪهو جي بلڪل اڳياڙي ۾ آهي. هن جي گهر ڏانهن وڃڻ جا ٻه رستا آهن، هڪڙو رستو برج کان هيٺانهين طرف کان ٿيندو وڃي ٿو ۽ ٻيو رستو اسٽينڊ کان ُمڙندي سڌو ڪجهه مفاصلي کان پوءِ هنجي گهر جو رستو شروع ٿئي ٿو. تيرٿ عام طور اسٽينڊ وارو رستو وٺي هن ڏانهن ويندو آهي. پر اڄ هو معمول جي ابتڙ برج وارو رستو وٺي پنڌ ڪري تارا جي گهر روانو ٿيو. هن ائين ڇو ڪيو؟ شايد سائره سان ملڻ جي جوش ۾ هن ائين ڪيو هجي. محبت ۾ ئي ته انسان معمول جي ابتڙ فيصلا ڪندو آهي.
    تارا جي گهر جا نقش نگار اڃان تائين هن کي ياد آهن. سنگل ڪمري تي مشتمل هنجو هوادار گهر. جيڪو هنجو بيڊ روم به آهي ته مهمانن جي بيٺڪ به. فرش مٿان ايراني ڪالين وڇايل آهي ۽ ڪُنڊ ۾ سنگل بيڊ رکيل آهي. هڪ الماڙي آهي جيڪا ڪتابن ۽ ڪاغذن سان ڀريل آهي. تارا ناول پڙهڻ جو شوقين آهي.
    تيرٿ، جيئن تارا چند جي گهر جو بيل وڃايو ته تارا هڪدم ٻاهر آيو. ڪافي وڏي عرصي کانپوءِ هنن دوستن جي ملاقات ٿي هئي، هنن سَڪ مان هڪٻئي کي ڀاڪرن ۾ ڀري ڇڏيو.
    تارا، گهر ۾ اڪيلو رهي ٿو. هن جي اڪيلائپ پرشور نديءَ وانگر وهندڙ آهي. تارا اڪيلو هوندي به اڪيلو ناهي. هن جي تنهائي کي پنهنجو شور آهي، پنهنجو آواز ۽ موسيقي آهي. جنهن ۾ ڪائنات جو ترنم به آهي ته بي خودي جو رقص به آهي. هن تنهائي کي هن پاڻ لاءِ تخليق ناهي ڪيو، اها هن وٽ رتيڪا جي صورت ۾ آئي آهي.
    هو اڃان يونيورسٽي جو شاگرد هو، جو رتيڪا هن جي زندگي ۾ هوا جي تازي جهوٽي جيان داخل ٿي. رتيڪا جي به هن سان بي پناه محبت هئي. تارا يونيورسٽي مان جيئن فارغ ٿيو، هنن ٻنهي شادي ڪري ڇڏي. پنهنجي ننڍڙي گهر ۾ مسرتن جي وشال دنيا قائم ڪري ورتي. هڪ ئي ڪمري ۾ رهيا هڪ ٽيبل ۽ ٻه چيئر رکيون. هي هنن جي دنيا هئي، هڪ سال کانپوءَ هڪ ڏينهن، رتيڪا کي رت جي الٽي آئي. ڪنهن کي به گمان ڪونه هو، ته ڪو اهڙو ٿيڻ وارو آهي. رتيڪا کي ليور جو ڪينسر هو. ڊاڪٽرن جي اوچتي انڪشاف لاءِ ڪو تيار ئي نه هو. رتيڪا اسپتال ۾ داخل ٿي وئي. تارا جو چين ويندو رهيو. رتيڪا ۽ تارا جي حصي ۾ زندگي جو پيار شايد ايترو ئي هو. تارا پوري رات جاڳي رتيڪا جي ڀر ۾ ويٺو رهندو هو. اها ڄڻ هَن جي عبادت هئي. هن وٽ عبادت جو پنهنجو طريقو هو. تارا، رتيڪا جي هڪ آواز تي جاڳي پوندو هو. رتيڪا، هن جي جسم ۽ روح جو ڄڻ حصو ٿي وئي.
    انسان جي بي وسي سڀ کان وڌيڪ خوفناڪ آهي. هن ڪيفيت ۾ نه ڄاڻ ڪيترا درد هڪ دم اچي جسم ۽ روح کي جنجهوڙين ٿا. رتيڪا ڪيترا ڏينهن اسپتال جي پلنگ تي پيل هجڻ کانپوءِ هڪ ڏينهن اسپتال جي ڪمري ۾ گذاري وئي. تارا وقت جي هن بي رحم سفر ۾ اڪيلو رهجي ويو. محبت لاءِ تڪليف وارو سفر ڄڻ هاڻي هن لاءِ شروع ٿيو. هن جو رتيڪا سان پيار هو، جنهن جي گهرائي جي ڪا حد نه هئي. هن پنهنجي دل ۽ دماغ ۾ رتيڪا کي هميشه لاءِ محفوظ ڪري ورتو هو. ان ڏينهن کان تارا پاڻ سان ۽ رتيڪا سان وچن ڪيو ته هو هاڻي شادي نه ڪندو، پوري حياتي رتيڪا جي يادن سان گڏ رهندو. تڏهن کان تارا اڪيلو آهي. هن ڪڏهن به ٻن ڪمرن وارو گهر نه ورتو. ۽ ڀر ۾ ٻه چيئر رکندو آهي. ان احساس سان ته سامهون رتيڪا ويٺي آهي. رتيڪا هن لاءِ هر اهو لمحو ٿي وئي آهي، جنهن ۾ هي موجود هئي. هن جي مسڪراهٽ هنجي هٿن جي آٿت ۽ اکين جو حوصلو هن لاءِ هاڻ اُهي لمحا ئي زندگي آهن. هن رتيڪا سان گڏ رهڻ سکي ورتو آهي. هن لاءِ تنهائي روڳ نه آٿت ۽ جيئڻ لاءِ حوصلو آهي.
    “اسلام آباد تبديل ٿي ويو آهي، پر تنهنجو گهر ۽ تنهنجو مزاج تبديل نه ٿيو، هر شي ساڳي ۽ ساڳي هنڌ پيل آهي” تيرٿ، تارا کي چيو،
    “مسافر، جي زندگي آهي ائين ئي رهندي” تارا وراڻيو
    “اسلام آباد مسافرن جو شهر آهي ؟” تيرٿ کَلندي چيو،
    “منهنجو مطلب آهي ته اسلام آباد منهنجو شهر ته ناهي، رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ مان هتي نه رهندس، ان ڪري مسافر ٿيس نه.” تارا وراڻيو.
    “تون پهريون سرڪاري ملازم آهين، جيڪو رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ اسلام آباد ۾ رهڻ نٿو چاهي، باقي ته هر ماڻهو هتي رهڻ جي خواهش رکي ٿو “ تيرٿ چيو.
    “ها! ائين آهي پر مان هتي رهڻ نه ٿو چاهيان.” تارا وراڻيو
    “پوءِ تون ڪٿي رهڻ چاهيندين.” تيرٿ پڇيو
    “مونکي پنهنجي ديس جو جل ۽ رتيڪا جي ڇايا گهرجي “ تارا، ائين چئي خاموش ٿي وڃي ٿو .
    صبح جا 9 ٿيا آهن، تيرٿ سائره سان ڳالهائڻ لاءِ نمبر ڊائل ڪيو .
    ٻئي طرف کان سائره جو آواز آيو. تيرٿ هن سان پنهنجو تعارف ڪرائيندي چيو “مان تيرٿ آهيان”
    سائره هڪدم تيرٿ کي سڃاتو ۽ شام جو گهر اچڻ جي هن کي دعوت ڏني. تيرٿ کي لڳو ڄڻ ڪجهه به ناهي بدليو. هن جو لهجو هن جو انداز ۽ پنهنجائپ وارو رويو، هن جي شادي کانپوءِ هي پهريون دفعو هو، جو هو سائره سان ملڻ وڃي رهيو هو. ان خدشن کان هٽي ڪري ته هنجو مڙس ڪهڙي طبيعت جو آهي، هنن جي ملاقات کي ڪيئن ڏسندو يا وري هي رواجي مردن جيان ملندو، بهرحال هن کي خوشي آهي ته هو اڄ پنهنجي پراڻي ڪامريڊ ساٿي سان ملندو.


    اهو قسمت جو کيل ته نه هو

    سائره جي گهر طرف روڊ جي ٻنهي پاسن کان چيل ۽ صنوبر جا ڊگها وڻ ڪنهن مصور جي برش جيان کلئي آسمان تي ائين لڏيا پئي ڄڻ ڪا شاندار تصوير پينٽ ڪري رهيا آهن. هر طرف کان بلبن جي تيز روشني هر شيءِ کي منور ڪري ڇڏيو هو. وادين ۽ پهاڙن جي ٻانهن ۾ گهريل اسلام آباد جي فضا ڪنهن خواب جيان لڳي پئي. پري کان ڳاڙهين سِرن جي ڇتن سان ڍڪيل گهر ۽ اُڀا بيٺل صنوبر جا وڻ ڄڻ آسمان ۽ زمين کي جوڙيون بيٺا هئا. تيرٿ جو خيال هو ته، سائره هتي انتهائي پرسڪون ۽ احساس سان گهريل زندگي گذاري رهي هوندي. هتي هر اها شي ته آهي جيڪا ڪنهن به ماڻهو جو خواب هوندي آهي، ٻاهر حد نظر تائين ساوڪ ۽ وڻن جون قطارون صاف سٿري مهڪيل فضا، پنهنجو گهر ٻار آئيڊيل زندگي جيڪا هر ماڻهو چاهي ٿو. تيرٿ پوري رستي سان سائره جي زندگي جي باري ۾ ئي سوچيندو آيو. هن کي خبر ئي نه رهي، ته سامهون سائره جو گهر اچي ويو . هن شاندار بنگلي نما گهر جي بيل وڃائي. اندران ملازم نڪتو. تيرٿ کان نالو پڇي اندر ويو ڪجهه ئي گهڙين ۾ ملازم هن کي اندر اچڻ جو چيو، هن اندر آسودن ماڻهن جي مختلف دنيا ڏٺي، شاندار ويڪري ڪشاده لان جي وچ تي انبريلا چيئرس رکيل، لان جي چوڌاري خوبصورت گلن جو ڪياريون، داخلي دروازي کان اندر تائين ڳاڙهي رنگ سان رنڱيل گلن جون ڪونڊيون ۽ ترتيب سان رکيل ننڍا گملا . گهر جو صحن صاف، معمولي مٽي جو ذرو به ڪٿي نظر نه پئي آيو. ملازم تيرٿ کي ڊرائنگ روم ۾ ويهاري هليو ويو. ڊرائنگ روم ۾ شاندار ايراني قالين وڇايل هو. ديوارن تي امپورٽيڊ تصويرون ۽ آئينه لڳل هئا. درين ۽ دروازن تي هلڪي سليٽي رنگ جا پردا قطار ۾ لڳل ۽ انجي هيٺان سفيد ڄاري جي سنهي ڪپڙي جي شيٽ. ڪمري جي ڪنڊ ۾ شيشي جو ريڪس رکيل هو جنهن تي مختلف شيشي جا ڊيڪوريشن پيس ۽ چيني آرٽس جو پينٽ ٿيل ننڍيون پليٽش پلاسٽڪ جي اسٽيڊ تي اڀيون بيٺل هيون، انهن جي ڀر ۾ انڊور پلانٽ رکيل آهن، جن جون خوبصورت اسٽيل جون ڪونڊيون جنهن ۾ اڪيشا ۽ پام جا ٻوٺا لڳل هئا. جيڪي ڪمري جي خوبصورتي کي وڌائي رهيا هئا.ڪمري جي ڀتن تي شاندار پينٽنگس ۽ ڪشاده ڪمري جي ڇت تي چاندي ۽ ڪرسٽل جي لڙين سان سجايل خوبصورت فانوس لڙڪي رهيا هئا.ڪمري ۾ رکيل ترتيب سان گهري سائي رنگ جا آرامده صوفه جن تي ويهڻ سان انسان اڌ جسم تائين انهن ۾هليو ٿي ويو. ڪمري اندر خاموشي ڇانيل، ڪيڏي مهل گهر جي اندران دروازي جي کلڻ بند ٿيڻ ۽ قدمن جي آهٽ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو پئي. تيرٿ جو خيال هو ته سائره سڀ کان پهرين هن سان اچي ملندي ۽ ڪافي عرصي کانپوءِ ملڻ جو احساس ڏياريندي. پر شايد حالات تبديل ٿيڻ جي ڪري ماڻهو ۾ به تبديلي اچي ٿي. ان ڳالهه تي هن کي ڪو رنج به نه هو، تيرٿ پاڻ کي چيو، زندگي کي به پنهنجو هڪ وقت ٿئي ٿو، جنهن ڪارڻ ان ۾ تبديلي ظهور پذير ٿئي ٿي. محبت جي صداقت در حقيقت ان ۾ ناهي ته توهان ڪنهن به انسان کي پنهنجي خيالن جي زير اثر رکو ان کي پنهنجي خواهشن جي ترازو ۾ توريو. محبت جي راهه افضل آهي. جنهن جي اهليت ۽ اهميت صبر ۽ برداشت ۾ سمويل آهي. پنهنجي اندر جي خاموشي سان جنگ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي پر محبت ان کي يقيني فتح ۾ تبديل ڪري ٿي.
    تقريبن اڌ ڪلاڪ کانپوءِ سائره ۽ سندس هسبنڊ ڊرائنگ روم۾ داخل ٿيا. سائره جي هسبينڊ تيرٿ سان هٿ ملايو، کيس پنهنجو تعارف محمد علي جي نالي سان ڪرايو. سائره کيس سلام ڪري، اڪير سان چيو، “تيرٿ ڪيئن آهين؟ نئون ڪوٽ ڪيئن آهي؟ ارميل ۽ سنگهار خوش آهن.” هن هڪ ئي ساهي ۾کانئس سڀ پڇي ورتو. هن کي شايد ان ڳالهه جو احساس هو ته پوءِ شايد هوءَ نه ڳالهائي سگهي.
    زال مڙس ٻئي سامهون واري صوفه تي ويهي رهيا. سائره توهانجي اچڻ جو ذڪر ڪيو، توهان ۽ سائره هڪ ئي شهر جا آهيو، مونکي توهان سان ملي خوشي ٿي.
    توهان اسلام آباد ڪهڙي ڪم سان آيا آهيو؟
    محمد علي جو سوال توقع جي برخلاف هئڻ ڪري تيرٿ ڪو جواب نه ڏئي سگهيو.
    “توهان جو ڪو ڪم هجي ته مونکي ٻڌايو.”
    محمد علي جي ڳالهائڻ ۾ تيزي ۽ برتري وارو انداز هو. ڪا پنهنجائپ ڪانه هئي. ائين جيئن ڪو بيروڪريٽ پنهنجي ماتحت سان ڳالهائيندو هجي. هن وٽ منهنجي اچڻ جو مقصد هن مطابق ڪنهن ڪم خاطر هو.
    “مان ڪنهن ڪم سان ناهيان آيو” تيرٿ هڪ ساهي ۾ چئي ويو.
    “مان ته توهان سان ملڻ لاءِ آيو آهيان.”
    محمد علي، سائره کي اندر وڃڻ جو چوي ٿو. مان تيرٿ وٽ ويٺو آهيان، توهان هاڻي ڀلي اندر وڃو. سائره هن اوچتي حڪم تي پريشان ٿي وئي ۽ ڪجهه به ڪڇڻ کانسواءِ تيرٿ ڏانهن ڏٺو ۽ اُٿي هلي وئي .
    تيرٿ، کي محمد علي جي هن اوچتي ۽ عجيب رويي تي حيرت ٿي.
    “توهان اسلام آباد پهريون دفعو آيا آهيو ؟” محمد علي،
    “اڳ ۾ به آيو آهيان.” تيرٿ وراڻيو
    “اسلام آباد ۽ پنجاب جي نسبت سنڌ جا شهر ڪيڏا گندا آهن، توکي ائين لڳي ٿو؟ محمد علي ڪرحت واري انداز ۾ تيرٿ کي چيو .
    “سنڌ سان ڀيٽ اجائي آهي، سنڌ جي پنهنجي شناخت آهي” تيرٿ وراڻيو.
    “سنڌ ته هاڻي نسلن جو، مذهبن جو، قبيلن ۽ ڏوهن جو ڳڙهه ٿي وئي آهي، اها ئي ته انجي شناخت وڃي رهي آهي.” محمد علي
    “اهو ته هر هنڌ آهي، پاڪستان ٺهيو ئي نسلي، مذهبي بنياد تي آهي ۽ ڏوهارين کي رعايتون ڏيڻ لاءِ.” تيرٿ چيو
    “پر سنڌين جي جهالت جي ته ڪا حد ئي ڪانهي، جيڪي اڃان به وڏيرن کي ووٽ ڪن ٿا، بيمارين ۾ مرندا ته به رڳو ٻار ڄڻيندا.” محمد علي
    “جهالت ۽ غربت جي ڪري ائين ٿئي ٿو. پر گهٽ ۾ گهٽ وڏيرن ۽ بيروڪريٽن ۽ پئسي وارن ماڻهن وانگر منافق، ڪوڙا، ظالم ۽ بي شرم ته ناهن. پوڙها اچي ٿيندا ته به جوان ڇوڪرين سان شاديون ڪندا، پر ايستائين به پيٽ ڪونه ٿو ڀرجين، ُسريتون رکندا ۽ ٻين جي عورتن کي تڪيندا رهندا، وڏيرن کي ووٽ ڏيڻ جي ڳالهه تون ڪرين ٿو، ان کي تحفظ بيروڪريسي، پوليس ۽ فوج جي حاصل آهي. عام ماڻهو ته ڪنهن ليکي ۾ ئي ڪونهي.” تيرٿ جي لهجي ۾ تلخي، اچي وئي هئي.
    “اهو تون ڪيئن ٿو چوين.” محمد علي
    “عام ماڻهو وڏيري کي ووٽ خوشي سان ڪونه ٿو ڏئي” تيرٿ وراڻيو، ان خوف کان ووٽ ڪري ٿو ته اسٽيٽ جي پوري مشنري ان سان گڏ بيٺل آهي. جيڪا فوج عوام جي ٽيڪس تي هلي ٿي ۽ پوءِ عوام مٿان حڪمران ٿي ويهي ٿي، جيڪا پوءِ نام نهاد فيوڊل کي به پنهنجي اُن مقصد ۾ شامل ڪري ٿي. انهن کي خبر آهي ته ٻيو ڪوبه محب وطن هنن سان ان ڪم ۾ شامل نه ٿيندو.”
    “سنڌ جي تعليم، صحت، ۽ ادارن جي تباهي پويان ڪير بيٺل آهي. محمد علي، ڪاوڙ مان تيرٿ کي چيو، سنڌي پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهن، ته پوءِ حڪومت انهن لاءِ ڇو ڪجهه ڪري. پورو پورو ڏينهن تاش جا پتا کيڏڻ، هوٽل تي ويهڻ، ڏوه لاءِ سوچڻ، ڪنهنجي گهر ۾ گهڙي چوري ڪرڻ، ڪم چور، لالچي اهو ئي ته رهيو آهي سنڌي، هي ته اڃان اڳتي ڇا ڪندو ويهي ڏسجان.”
    “عام ماڻهو تي ڳالهائڻ ۽ ان تي ملامت ڪرڻ آسان آهي” تيرٿ جواب ۾ چيو، پر انهن جي روزمره جي زندگي جي عذاب تي ڳالهائڻ لاءِ ڪنهن وٽ هڪ لفظ به ڪونهي. اهي بيماريون ته ڪنهن ۾ گهٽ ڪنهن ۾ وڌ، هر هنڌ ۽ هر قوم ۾ آهن. هي اهڙي شي به ناهي جيڪا حل ٿي نه سگهي ۽ نه ئي ڪجهه سون ماڻهن جي ڪم نه ڪرڻ ۽ تاش جي پتن سان کيڏڻ ڪري ملڪ پنهنجي اندر کان تباه ٿئي پيو. ملڪ جو مسئلو دراصل فرسوده نظام آهي. اهي چند ماڻهو ۽ خاندان آهن، جيڪي زمين جي طاقت جي بنياد تي، ملڪ جي عوام سان شرمناڪ کيل کيڏي رهيا آهن. حڪمرانن ۽ بيروڪريٽن جا ٻار انگلينڊ جي اسڪولن ۾ پڙهن ٿا، منرل پاڻي پيئن ٿا، ته اُنهن کي ڪهڙي ضرورت پئي آهي ته ماڻهن جي زندگي ۾ خوشحالي آڻين. انهن کي ادارن جي ۽ عام ماڻهن جي ٻارن جي ڪهڙي پرواه.”
    “تون چئين ٿو ته تعليم جو ٻيڙو به حڪومت ٻوڙيو، سنڌي ماستر ان لاءِ ذميوار ناهن.” محمد علي
    “ڏهه، پنڌرنهن سال اڳ ته اهڙي خراب صورتحال نه هئي” تيرٿ وراڻيو، بهترين استاد هئا. جڏهن کان وڏيرا سياست ۾ آيا ۽ بيروڪريسي انهن جي رهنمائي ڪئي هر ادارو تباه ٿيو آهي. فيوڊل ۽ بيروڪريسي نه صرف پنهنجون وحشياڻيون گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ ائين ٿي ڪري پر ساڳي وقت پاڪستان جي مهذب قوم کي جمهوريت پسند ۽ آزادي پسند هجڻ جي سزا ڏيڻ لاءِ به ائين ڪري ٿي.
    سنڌي قوم جو هر ادارو تباه ڪرڻ ئي رياست جي مرضي آهي، ته جيئن هي قوم جبري رياست، جي ڀيٽ ۾ ڪمزور هجي. مذهبن ۽ فرقن ۾ ورهايل هجي. لائق ماڻهن کي ديوار سان لڳائي، نالائق ماڻهن کي سياسي اثر رسوخ ۽ پئسي ڏوڪڙ جي بنياد تي اڳيان آڻڻ جو ٻيو ڪهڙو مقصد ٿي سگهي ٿو. توهان کي مقامي ٻولين جي اهميت جو مثال ڏيان ٿو، تيرٿ ڳالهائيندي چيو، ته ان کي غير اهم ڪرڻ سان ڪيڏا مسئلا پيدا ٿيا آهن، انجو بيروڪريٽ ۽ حڪمرانن کي ڪو احساس ڪونهي. پاڪستان کي آزاد ٿئي 63 سالن کان به وڌيڪ جو عرصو ٿي ويو آهي. انجي باوجود پاڪستان جي مقامي ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو حاصل ناهي. بلڪه ائين به چيو وڃي ٿو ته سنڌي ٻولي، عام هاري ناري پورهيت جي ٻولي آهي، ان ڪري هن کي ائين رهڻ ڏيو ۽ دنيا سان گڏ هلڻو آهي ۽ راڄ ڪرڻو آهي ته انگريزي ڳالهايو ۽ انگريزي پڙهو. دنيا جي ٻولين لاءِ عزت پنهنجي جاءِ تي پر ڪنهن به ٻولي کي فوقيت ڏيڻ جو معاملوم الڳ آهي. توهان چوندا ته مقامي ٻولين کي قومي درجو نه ڏيڻ جي باوجود به ته پاڪستان هلي ٿو. پر دراصل ائين ناهي، ٻوليون انسان جي نفسيات، مزاج ٺاهڻ ۾ مدد ڪن ٿيون. هن ملڪ کي ٺاهڻ ۾ جيئن ته انگريزن جو مفاد هو. ان ڪري هتي جي حڪمرانن. ڪلاس جي بنياد تي سماجي ڍانچي کي ترتيب ڏنو. رياستي مشنري کي هلائڻ لاءِ بيروڪريسي ۽ عوام تي راڄ ڪرڻ لاءِ جاگيرداري واري نظام کي قائم رکيو. بيروڪريسي لاءِ هنن تعليمي سرشتو انگريزي رکيو ۽ انهي لاءِ ڪامپيٽيٽو امتحان سي ايس ايس جهڙا نام نهاد ادارا ۽ امتحان ترتيب ڏنا. ظاهر آهي ته سنڌ جي مجموئي آبادي ته تعليم کان محروم آهي ۽ جن وٽ تعليم آهي انهن جا وڏا ته اڳ ۾ ئي حڪمران آهن. هي ته نسل در نسل حڪمران ٿيندا ٿا اچن. هنن حڪمرانن سنڌي ٻولي کي غير اهم ڪري، سنڌ جي اڪثريتي آبادي جي ٻارن کي سماجي ڪردار ادا ڪرڻ کان محروم ڪيو. جنهن سنڌي قوم کي توهان جاهل ٿا چئو، اها قوم دنيا جي مهذب ترين قوم آهي، جنهن جي تاريخ 5 هزار سال کان به پراڻي ۽ خوشحال تهذيب آهي. هي ملڪ ته اهڙو انوکو آهي جنهن جي 10 سيڪڙو آبادي انگريزي ڳالهائي ٿي ۽ 90 سيڪڙو عوام مٿان حڪومت ڪري ٿي. وڏيري کان بيروڪريسي تائين سڀ ائين ته چاهن ٿا.”
    “دنيا ته تمام گهڻو اڳتي پئي وڃي، توهان آهيو جو اڃان پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهيو، توهان دنيا سان ڪيئن مقابلو ڪندو؟ “ محمد علي
    “دراصل هتي رويي جو مسئلو آهي. پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت ته ڪنهن به قوم جي سڃاڻپ هجي ٿي” تيرٿ وراڻيو، ڪابه قوم پنهنجي سڃاڻپ ختم ڪري، ترقي جي راه تي سفر ڪندي ته ختم ٿي ويندي. دنيا سان مقابلي ڪرڻ جي ضرورت به ڪهڙي آهي، خدا سنڌ جي زمين کي هر طرح جي نعمت سان نوازيو آهي. مقابلي جي جنون سان ته تهذيبون ختم ٿين ٿيون. مهذب قومون ته هڪٻئي جي عزت ۽ احترام سان اڳتي وڌن ٿيون. هونئن به سنڌي ماڻهو بي انتها ذهين آهي هن قوم ۾ قائدانه صلاحيتون آهن، سنڌ کي پنهنجو فلسفو آهي، پنهنجو تصوف آهي، پنهنجو انقلاب آهي. پنهنجي شاعري ۽ آسودي ٻولي آهي. جنهن لاءِ هن وٽ پنهنجون متحرڪ سياسي سماجي پارٽيون آهن. هي غير معمولي صلاحيتن جي مالڪ قوم ڪيئن ختم ٿي سگهي ٿي. ماڻهو جو ڪلاس تبديل ٿيڻ سان ته قوم تباه ٿيندي ڇا.”
    “سنڌي اڳ ئي ڄٽ آهن، انهن کي وري توهان پنهنجي ٻولي پڙهائي ڄٽ ئي رکڻ ٿا چاهيو؟” محمد علي
    تو به ته انگريزي پڙهي آهي، انسان ته بنجي ناهين سگهيو” تيرٿ اڃان ڳالهائي رهيو هو ته محمد علي اٿندي، تيرٿ کي چيو، توکي خبر آهي ته تون ڇا ٿو ڳالهائين،
    “ها مونکي خبر آهي” تيرٿ ائين چئي محمد علي کي هٿ ڏيڻ کانسواءِ
    تڪڙو تڪڙو ٻاهر نڪري وڃي ٿو .
    سائره، تيرٿ جي قدمن جي آهٽ ٻڌي ۽ کُپيل ڪاٺي جيان هڪ جاءِ تي بيٺي رهي. ڊرائنگ روم واري در مان محمد علي ظاهر ٿيو .
    سائره، جون خالي خالي اکيون دروازي جي هُن پار تيرٿ کي ڳولين ٿيون.
    “تيرٿ ويو هليو؟ “ سائره ٻڏندڙ دل مان محمد علي کان پڇيو.
    محمد علي سائره کي نظرانداز ڪري،
    ڪوبه جواب ڏيڻ کانسواءِ ٻئي ڪمري ڏانهن هليو ويو .
    تيرٿ، گهڻي وقت تائين پاڻ سان ڳالهائي نه سگهيو ،
    هن کي سخت گهٻراهٽ ٿي رهي هئي. هنجو ساهه ٿي ُمنجهيو.
    دلفريب ۽ حسين شهر جو آسمان ڄڻ هن مٿان اچي ڪريو هو.
    هي محمد علي جي رويي ڪارڻ نه پر سائره جي فيصلي ڪارڻ ڏکارو آهي. هن ڪلاس ڪامپليڪس مان نڪرڻ لاءِ ائين ڇو ڪيو؟ تيرٿ پاڻ سان ڳالهائيندي چيو، ائين ته عام ماڻهو به نه ڪري. هن تي پنهنجي ڪٽنب جو به ايترو بار ڪو نه هو. هن جا ٻه ئي ته ڀائر آهن، جيڪي به هلڪي ڦلڪي روزگار سان آهن. مان ته هن سان ڪجهه به ڳالهائي نه سگهيس. مونکي ته هن کان گهڻو ڪجهه پڇڻو هو. هن کي ئي ته ٻڌائڻو هو ته هي سڀ ڪيئن ٿيو ۽ اهڙي ماڻهو سان رشتو ڪيئن جوڙيو، جنهن وٽ پنهنجي زمين ۽ ماڻهن لاءِ ڪرهت ۽ نفرت آهي. هي ته خودمختيار طبيعت جي مالڪ هئي. هن جي من اندر پنهنجي مرضي سان جيئڻ واري جرئت ڪيئن ختم ٿي. هن جي اندر جي ڪامريڊ سائره ڪٿي رهجي وئي. تيرٿ سوچيندو رهي ٿو ته آخر سائره تيز هوائن ۾ پاڻ کي سنڀالي ڇو نه سگهي. هن زندگي جي تلخين کي ڀوڳيو هو. هن زندگي ۾ پنهنجا خواب پينٽ ڪيا. پنهنجي درميان انتهائي ذهين ۽ کليل دل جي ماڻهن کي ڏٺو. جيڪي هن جي زندگي جو بهترين حصو هئا. هنن سڀني کي پاڻ لاءِ غير اهم ڪري ڇڏيو. هنن سڀني کي هن جي ان فيصلي تي ڪيڏو صدمو رسيو هوندو. هتي زندگي انسان کي باهه مان گذرڻ لاءِ مجبور ڪري ٿي. اسانجو ارد گرد خاص طور تي عورت لاءِ انتهائي بيرحم آهي. اها ڳالهه ته هرڪو سمجهي ٿو پر مان هڪ عام عورت ۽ سائره ۾ فرق ڪري رهيو آهيان. هي اسان جي ڪامريڊ هجڻ ناتي مان هن کان اهو پڇڻ جوحق رکان ٿو ته هن جي فيصلي پويان ڪهڙا محرڪ آهن، جنهن ڪارڻ هي پنهنجو خون ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي. زندگي جي ڪنهن موڙ تي اسانکي وري ملڻ جو موقعو مليو ته مان هن کان ضرور پڇندس.
    تيرٿ، تارا وٽ رات گذاري.
    صبح جو سوير هن تارا کان موڪلايو، تارا جو هي دوست هو، تارا کي احساس هو ته ڪا ڳالهه ضرور ٿي آهي، جنهن سبب تيرٿ خاموش ۽ بي چين آهي. پر هي هن کان ڪجهه پڇي نه سگهيو ۽ نه وري هن کي ڪجهه ڏينهن لاءِ روڪي ٿي سگهيو.
    تيرٿ پنهنجي سمي ۾ هلي ٿو. هن کي پنهنجي راه هلندي ڪوبه روڪي ۽ ترسائي نه ٿو سگهي.
    تيرٿ اسلام آباد کي پوئتي ڇڏي آيو آهي. طاقت جي بک ۽ غرور ۾ مبتلا هن شهر ڏانهن هنجو حساب رهي ٿو. جيڪو هن کي اڃان چڪائڻو آهي. هن شهر جا هٿ هڪ آرٽسٽ جي خون ۾ رنڱيل آهن .
    تيرٿ، تيز تيز قدم کڻندو اسٽيشن طرف روانو ٿي وڃي ٿو .


    شهه مريد، نه حاني جو ٿي سگهيو نه انقلاب جو

    تيرٿ، عارف والا شهر جي ڪچن پڪن گهرن جي وچ مان گذرندي، بي حد ٿڪجي پوي ٿو. هن پنهنجي ڪلهي تان سفري بيگ لاهي هٿ ۾ ڪيو ۽ ڀرسان سيڙهين تي ويهي رهي ٿو. هن کي ائين لڳو ته وقت جي رفتار جي نسبت، هن جي قدمن جي رفتار ڌيمي ٿي وئي آهي. هو هاڻي شايد پوڙهو ٿي ويو آهي. پر وري ساڳئي لمحي هن پاڻ سان ڳالهايو. هو ڪڏهن به پوڙهو ٿي نٿو سگهي. اڃان هن ۾ حالتن سان مقابلي ڪرڻ جي سگهه آهي. هو پنهنجن ساٿين لاءِ هر تڪليف جو مقابلو ڪري سگهي ٿو. هن جو جسم ڪمزور ٿي سگهي ٿو، پر هي پنهنجي روح کان اڃان جوان آهي. هن پاڻ کي مطمئن ڪرڻ لاءِ پاڻ سان ڳالهايو ۽ غمگين هجڻ جي باوجود هن جي اکين ۾ جوش هو. پر حقيقت اها آهي ته هن کي اها ڳالهه ستائي رهي هئي ته . ڇا شهه مريد پنهنجي سڄي حياتي ائين گذاريندو؟ هن پاڻ کي جنهن احساس ۾ قيد ڪري رکيو آهي، ان مان ٻاهر اچي سگهندو؟ هن لاءِ هاڻي اهڙي ڪا گهڙي ناهي جيڪا هن کي پنهنجن دوستن، پنهنجن گهر وارن ۽ پنهنجي نظريي ڏانهن موٽائي اچي. هن کي زندگي هڪ ڀيرو ٻيهر وري ان ساڳي صف ۾ اچي بيهاري، جتي اسين سڀ گڏ بيٺا هئاسين. هن کي پنهنجي طرفان ڪو به اميد ڀريو جواب نه ٿو ملي. اهو صاف ظاهر آهي ته شهه مريد سخت روحاني تڪليف مان گذريو آهي. تيرٿ هڪ ڀيرو هن سان ملڻ چاهي ٿو، هن جي غم کي شيئر ڪرڻ لاءِ، ممڪن آهي ته چڱائي جو ڪو رستو نڪري اچي.
    تيرٿ کي معلوم ٿيو ته شهه مريد عارف والا جي ڪنهن بزرگ جي مزار تي وڃي ٿو. اُتي ڪافي دير تائين ويهي ٿو، تيرٿ، شهه مريد جي تلاش ۾ هتي آيو آهي.
    شهه مريد جي مَڱ حاني، جنهن سان هن جو لڳاءُ ۽ بي حد پيار هو، حاني جي دل به هميشه شهه مريد جي ڳولا ۾ رهندي هئي. خدا تعالي حاني جي جهڙي سهڻي صورت ٺاهي، روح به اهڙو ئي کيس صاف سٿرو ڏنو هو. ۽ وري شهه مريد به ڄڻ هن جو پاڇو هو. پوروقد ڪاٺ، سهڻي شبيهه اعليٰ خيالن جو ڌڻي، نه ڪا آڪڙ نه ڪا وڏائي، خدا ڄڻ هن کي خلقيو ئي حاني لاءِ هو.
    اگهم ڪوٽ کان موٽندي سڀئي دوست نذير جي شهادت جي غم ۾ ٻڏل هئا ته هن دوستن کي چيو سنڌ ۾ منهنجي هاڻي دل نه ٿي لڳي. مونکي اجازت ڏيو ته مان واپس پنجاب پنهنجي ڳوٺ فريد پور وڃان، پر جيئن ته دوستن ڪجهه وقت گڏ رهڻ جو فيصلو ڪيو هو. هي به ڪجهه وقت تيرٿ وٽ ترسي پيو هو. پر پوءِ دوستن هن جي حال کي ڏسي هن کي اجازت ڏني ته هو ڀلي پنهنجي ڳوٺ وڃي.
    فريد پور، شهه مريد جو ڳوٺ آهي. هتي جي آبهوا، فصل، وڻ، ماڻهن جي محبت نفرت ۽ طبيعت ۾ جوش سڀ ڪجهه سنڌ جي زمين جهڙو ئي آهي. سرائڪي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي. جنهن جي مٺاس جو پنهنجو سرور آهي. فريد پور جي ٻي خصوصيت هتي شهه مريد جي مَڱ حاني آهي. جنهن جي اکين کي سدائين شهه مريد جو انتظار رهي ٿو. شهه مريد، ڪڏهن به دوستن سان حاني جو ذڪر نه ڪيو هو. نه ئي دوستن کي ڪڏهن موقعو مليو ته هڪ ٻئي جي زندگين ۾ جهاتي پائي ڏسن. نذير جي شهادت کانپوءِ شهه مريد جي طبيعت ۾ وڌيڪ مزاحمت، گهري خاموشي ۽ بيزاري اچي وئي هئي. هي هاڻ وڌيڪ تلخ ٿي ويو هو. هو انهن ماڻهن سان هڪ دم اٽڪي پوندو هو، جيڪي ڪنهن به مسئلي جو ڪو حل عام رواجي يا ڪنهن وچين رستي جي ڳالهه ڪندا هئا. هڪ دفعي ته هُن ڀري محفل ۾ مقامي ايم پي اي کي چئي ڏنو ته هن شهر جا ماڻهو اغوا ٿين ٿا ۽ جيڪي روزانو ڏوهه ٿين ٿا، تون نه ٿو ڪرائين ته ٻيو ڪير ٿو ڪرائي، هتي ته ايس ايڇ او به تنهنجي مرضي جو رکيل آهي ته ڊي پي او به تنهنجي پسند جو، ته باقي ڏوه ڪير ٿو ڪري. توهان ووٽ وٺو ٿا، انجو مان به ته رکو نه....!
    هنجي اندر هاڻي پورو سچ آهي يا ڪجهه به ڪونهي. هن اڳيان رشتا ناتا هاڻي ائين آهن. سچ چوڻو ئي آهي ته پورو ۽ مڪمل چئي ڏجي. هي ڳالهه ته هنجي روح وٽان هئي، پر ڪن کي ته ڏاڍي ڏکي ٿي لڳي. بهرحال هو موٽي ڳوٺ ويو. حاني ڪيترن ڏينهن کان هن لاءِ راه نهاري رهي هئي. هن کي ڏسي گل وانگر ٽڙي پئي. پهرين ته هو شهه مريد کي ڏسي خوش ٿي، پر پوءِ هن کي ائين محسوس ٿيو ته شاه مريد پنهنجي دل کان بي چين ۽ خاموش آهي. هن جي چهري جي شادابي ۽ مسڪراهٽ پهرين واري نه هئي. هن کي ڪائي ڳالهه پنهنجي اندر کان تڪليف پهچائي رهي هئي. هن معلوم ڪرڻ ٿي گهريو ته شهه مريد ائين ڇو آهي.
    شاه مريد جي گهر پهچڻ ڪري هن جي امان ۽ بابا ۾ به سرهاڻ اچي وئي هئي، گهر ۾ڪيترن ڏينهن جي خاموشي کانپوءِ رونق اچي وئي هئي.
    “شهه مريد هاڻي جو آيو آهين ته منهنجي دل ڏانهن ڏس، منهنجي خوشي خاطر ئي صحي شادي ڪر” هن جي امڙ مو قعو ڏسي هن کي چيو، حاني جا گهر وارا به چون ٿا ته پنهنجي ڇوڪري پرڻائي وڃو، ڪو وقت هو، جو تون راضي هئين ته هو راضي نه هئا، ته ڇوڪري پنهنجي تعليم پوري ڪري ۽ هاڻ هو راضي آهن ته تون خاموش آهين. مونکي ته هاڻ تنهنجي شادي ڪرائڻي آهي. تون رڳو ٻڌاءِ ته ڏينهن ڪهڙو رکون.”
    هن جي امڙ جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا، ڪافي عرصي کان هن کي ان گهڙي جو انتظار هو. هن کي پنهنجي پٽ شهه مريد تي هميشه فخر رهيو آهي. مريد جي شرافت ڪري هن کي پوري شهر ۾عزت جي نگاه سان ڏٺو ويندو آهي. شهه مريد جي امڙ فخر سان چوندي آهي ته منهنجي گهر ۾ ڪتابن جي برڪت آهي. هو اسان لاءِ نه، علم لاءِ پيدا ٿيو آهي. شادي جو ته هن کي ڪو فڪر ئي ڪونهي. ڪو وقت هو ته هو پنهنجي امڙ کان هڪ پل به پري نه رهي سگهندو هو. امڙ ئي هنجي درسگاه هئي ته هن جي راه به ته روشني به، امڙ به هن کانسواءِ اڌوري هئي. پر هن کي ڪتابن ۾ ڏسي خوش ٿيندي هئي. مريد سڄو ڏينهن ڇا پيو پڙهي ۽ ڇا پيو سوچي. ان کان وڌيڪ دلي سڪون هن لاءِ اهو هو ته هو ڪتابن ۾ آهي ۽ پڙهڻ ۾ مشغول آهي. هن کي پڙهندي ڏسي هنجي من کي راحت ۽ دل کي سڪون ملندو هو. هر ماءُ جيان پوءِ چاهي امير هجي يا غريب انجو ڪهڙو به درجو يا ڪلاس هجي. پنهنجي پٽ لاءِ ائين خواب ڏسندي آهي. پڙهندو ڏسي حرارت محسوس ڪري ٿي ۽ نه پڙهندي رنج ۽ ڏک محسوس ڪري ٿي.
    شهه مريد لاءِ ته امڙ دعائون گهرندي هئي. هنجي پوري ڄمار لاءِ ته، هن کي ڪا نهنڊ به نه اچي. هنجي ڪپڙي لٽي. کاڌي پيتي جو بي حد خيال رکندي هئي. هو شهه مريد جي واپسي جي اوسيئڙي ۾ هميشه در ۾ اکيون اٽڪايو ويٺي هوندي هئي. شهه مريد جي امڙ هڪ پرخلوص ۽ نيڪ دل عورت هئي. جنهن پنهنجي اولاد کي سيکاريو ته “ماڻهو کي ورهائي تقسيم ڪري نه ٿو سگهجي ۽ نه ئي ماڻهو جي نيڪي کي ڪنهن مذهب جو نالو ڏئي سگهجي ٿو. اميري رڳو پئسي سان حاصل ناهي ٿيندي، راحت ڀري زندگي ڪنهن جو سهارو ٿيڻ ڪري حاصل ٿئي ٿي.”
    شهه مريد جي امڙ چوندي آهي ته، “ٻج جو ننڍڙو داڻو پاڻ کي ماري ڇاڇا ڏئي ٿو. قدرت جي سخاوت جي ته ڪا حد ڪانهي. هي عقل جي ڳالهه ناهي، ته قدرت لاءِ احترام جا ٻه جملا به نه چئون. هي ته انسان جي احسان فراموشي چئبي.”
    اهڙي امڙ جي اڳيان شهه مريد لاءِ مشڪل هو ته انجي دل کي ڪو صدمو پهچائي. پر جيڪا ڳالهه شهه مريد جي دل ۾ آهي پنهنجي امڙ کان پهرين حاني کي سمجهائي. جو هن ڳالهه جو تعلق حاني سان آهي. شهه مريد، امڙ کي دلاسو ڏيندي چيو، امان مان اڃان اتي ئي آهيان، شادي جي تاريخ حالي طئي نه ٿا ڪيون، مان پوءِ توهان کي پاڻ ٻڌائيندس.
    مارچ جي نيم گرم شام جا 7ٿي رهيا هئا. شهه مريد ۽ حاني گهر جي ڇت تي رکيل کٽ ٿي ويٺا هئا. سج پنهنجو سفر پورو ڪري غوطي هڻڻ جي تياري ۾ هو. هلڪي سرخي آسمان تي ڦهليل هئي. پکين جون قطارون هڪٻئي جي پويان آيون ويون پئي. حياتي ۾ ڪيئي ڀيرا هي منظر هنن ڏٺاهئا پر اڄ هي منظر هنن ٻنهي لاءِ مختلف هو. حاني لاءِ هي منظر خواب جيان ٿي لڳو، جيڪو حقيقت جو روپ وٺي هن اڳيان هو. شهه مريد هن جي ڀر ۾ ويٺو آهي، هن جي ساه کڻڻ کي به هو محسوس ڪري رهي هئي. شهه مريد جي پيار جي عيوض هن پنهنجي حياتي جا پل هن کي ياد ڪندي گذاريا هئا. هن اڪيلائي ۾ هن کي سجده ڪيا هئا. هو هنجي ڀر ۾ هجي هن سدائين ائين ته چاهيو هو. هن کي ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا گهرجي.
    شهه مريد لاءِ هي منظر هڪ قسم جو خوف پيدا ڪري ٿو، هو پنهنجي ڏڪندڙ دل سان سوچي ٿو ته حاني هن جي ڳالهه کي نه سمجهيو ته ڇا ٿيندو ۽ پنهنجن خدشن جي خوف کان حاني کي ڪنهن روحاني عذاب ۾ ته مبتلا نه ڪندو. ڇو ته ڪنهن جي محبت کي ممڪن ۽ ناممڪن جي خيال کان ڏسڻ، محبت جي نعمت کان انڪار ڪرڻ جي برابر آهي. محبت لاءِ ڪو عذر نه ٿو هجي. بلڪه پاڻ کي خوشنصيب سمجهي انجو شڪرگذار ٿيڻ گهرجي. شهه مريد شديد ڏک ۽ مشڪل واري حالت ۾ هو.
    شهه مريد، پنهنجي اندر جي تڪليف کي هڪ پاسي ڪري حاني کي چوي ٿو.
    حاني! مونکي ڪجهه گهڙيون ڌيان ڏئي ُٻڌ. مان توسان جيڪا ڳالهه ڪيان ٿو انجو تعلق اسان ٻنهي ۽ خاص طرح توسان آهي ۽ تنهنجي زندگي سان آهي، جيڪا مونکي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ عزيز ۽ پياري آهي.
    حاني، ڌيان ڏئي شهه مريد جي ڳالهه ٻڌي ٿي.
    شهه مريد، “جنهن سان ماڻهو محبت ڪندو آهي، ان کي ڪنهن به صورت ۾ غمگين ۽ ڏکارو ڏسڻ نه چاهيندو آهي. اهڙو ڪو بد بخت ماڻهو هوندو جيڪو پيار ڪرڻ جي دعوا ڪري ۽ پوءِ ان لاءِ مشڪلات پيدا ڪري. اهي ماڻهو سدائين پيار لاءِ ترسندا رهندا آهن، جن کي پيار لفظ جي معني ۽ مفهوم جي به خبر ڪانهي.
    مان سچ چوان ٿو ته پيار ڪائنات جي سمورن انساني گڻن مان افضل، لامحدود ۽ بي زر هجي ٿو. منهنجو تون حصو آهين توکانسواءِ مان اڻ پورو ۽ اڌورو آهيان.
    پر جيڪا زميني حقيقت آهي ان کان به مان غافل ناهيان. ڪجهه سال اڳ جڏهن مان خيالن ۽ نظرين جي طاقت ۽ انجي حقيقت کان واقف نه هئس ته نماڻي ڏاند وانگر هئس. جيڪو ڪنهن به ڳالهه جي ڪا پرواه ڪرڻ کانسواءِ مالڪ جي اشارن تي پيو هلندو آهي. پر پوءِ زندگي ۾ اهڙو موقعو به آيو، جيڪو شايد قدرت طرفان طئي ٿيل هو. منهنجو ايمان آهي ته انسان جي راهه تلاش ڪرڻ ۾ قدرت جو خاص تعاون هجي ٿو. هر انسان پنهنجي پنهنجي وقت جي انتطار ۾ هوندو آهي. اهو وقت ۽ لمحو ايندي ئي قدرت جو فيصلو نڪري نروار ٿي بيهي ٿو. منهنجو به شايد وقت اچي ويو هو. منهنجي اڳيان سادين اکڙين وارو، نوراني شبيهه ۽ عظمت جي بلندين تي پهتل شخص نذير جي نالي وارو سامهون اچي بيٺو. هن ماڻهو جو رشتو زمين ۽ پنهنجي وطن جي ماڻهن سان ايتري قدر گهرو، پختو ۽ ايمان تي ٻڌل هو، جو هي ظالم جي اڳيان به سچ واري ڳالهه تي بيٺو رهيو ۽ ماڻهن جي حقن ۽ آزادي جي ڳالهه ڪندو رهيو. پنهنجن لفظن کان هڪ انچ به نه هٽيو. هنجي ڳالهين جي خوف کان پاڪستان جي فوجين جنهن جي سينن تي جرعت جا تمغا لڳل آهن، هڪ معصوم شهري جو خون ڪيو.
    نذير، منهنجي دنيا ئي بدلائي ڇڏي. ماڻهو پنهنجي مقصد لاءِ جان ڏئي اها ڪيفيت چرائپ جي ڪانهي جو ڪوبه ديوانو پنهنجي اندر ۽ پنهنجي دماغ کان ڪنهن مرض ۾ مبتلا هجي ٿو، پر انجي باوجود به هو ڪڏهن مرڻ نه چاهيندو. اُهي ماڻهو جيڪي فوجي سلاخن ۾ يا آزادي واري جنگ ۾ وڙهندي شهيد ٿين ٿا، اُهي پنهنجي دل ۽ دماغ کان زمين سان جڙيل ۽ آزاد فضائن ۾ ساهه کڻڻ جا عادي هوندا آهن. مون جيئن چيو ته هر ماڻهو جو پنهنجو وقت هجي ٿو، جيڪو مهل ۽ موقعي جي انتظار ۾ رهي ٿو. منهنجو مقرر وقت به نذير جي روپ ۾ منهنجي سامهون اچي بيٺو. هن جي لفظن جي تاثير ۽ سادگي منهنجي اندر کي جاڳائيندي، هن لاءِ عزت ۽ احترام وڌائيندي وئي. هن ڪو ايڏو ڏکيو به نه پئي ڳالهايو. پر هن جيڪو ڳالهايو پئي اهو ڄڻ ٻارن جي آکاڻي وانگر هو. دلچسپ ۽ معني سان بهرپور. هن جي حق شناسي مونکي پيرن، مولوين ۽ صوفين کان به وڌيڪ معني خيز ۽ حقيقي لڳي. هن جي ڳالهين جو مرڪز ڪو ٻيو ڪو نه هو مان ئي هئس. مونکي کي ئي هو تلاش ڪري رهيو هو، تراشي رهيو هو. هنجي لفظن م ڪو جادو به ڪونه هو، پر اهڙا لفظ هئا جيڪي فراموش ڪرڻ جهڙا ناهن. هن شخص منهنجي دنيا ئي بدلائي ڇڏي. ان ڏينهن کانپوءِ مان ته قدرت جو انقلاب جو اهڙو ديوانو ٿي ويس جو ان کان ٻاهر ڪجهه سوچيم ئي نه ٿي. مان اهڙو خيال ٿي ويس جنهن جي گهرائي ۾ رڳو موتي ئي موتي هئا.
    هنجي صحبت ۾ مون آزادي جو خوبصورت چهرو ڏٺو .
    حاني، توکي خبر آهي آزادي ڇا آهي؟
    تو لاءِ هي لفظ نئون نه هوندو، پر جيئن ته هي لفظ انسان جو ڌيان چاهي ٿو، ان کانسواءِ هن کي سمجهي نه ٿو سگهجي، مون جيئن چيو مان ته نماڻي ڏاند واري زندگي گذاري پئي، نذير مونکي هن لفظ ڏانهن ڌيان ڇڪايو ۽ هن لفظ جي گهرائي کي منهنجي من ۾ لاٿو ته مان تڏهن کان پنهنجي هٿان پاڻ کي ڳولي لڌو. ان کان اڳ مون سمجهيو هو ته انسان جون رسمي ڳالهيون، انهن جا هڪٻئي سان بغض ڀريا رويا، انهن جي غربت، بيماني، نالي ۽ ناموس خاطر حياتين کي قربان ڪرڻ ۽ سمورين خرابين جو ذميوار هو پاڻ ۽ سندس عمل آهي. انجو ٻيو ڪو ذميوار ڪيئن ٿو ٿي سگهي. هو ته پاڻ پنهنجي هٿن سان سڀ ڪجهه ڪري رهيو آهي. هي سڌ مونکي گهڻو دير سان ۽ نذير جي ڪري ئي حاصل ٿي ته دراصل، سڀني بد ڪارين جو ذميوار انسان نه پر طبقن ۾ ورهايل سماج آهي. ڪو به انسان فطرتن خراب ناهي هوندو، انسان جي لالچ ۽ انجي لا محدود بک ان کي قدرت جي قانونن ۽ ان جي حسناڪين کان گهڻو ڏور ڪري ڇڏي ٿي. جنهن کانپوءِ ئي هن جي اندر شيطانيت پنهنجو ديرو ڄمائي ٿي ۽ آخر ڪار هي انهن سڀ ذميوارين کان آجو ٿي وڃي ٿو جيڪي قدرت هن مٿان لاڳو ڪيون هيون. هي انسان مان وحشي ٿي پوي ٿو. اهڙي حالت ۾، انسان ۽ سماج ۾ انقلاب جي ضرورت پوي ٿي. هن کي نئين طرح سان آزاد ڪرڻ جي ضرورت آهي.
    حاني، مان هاڻي مختلف قسم جو انسان آهيان، نذير جي شهادت کانپوءِ منهنجي اندر جو باغي روح وڌيڪ مزاحمت ڪار ۽ سماج جي فرسوده رسمن ۽ ريتن خلاف وڌيڪ مهاڏي اٽڪائڻ وارو ٿي ويو آهي. هن موقعي تي منهنجو اهو رويو مون لاءِ کوڙ ساريون مشڪلات کڻي اچي سگهي ٿو. مان سمجهان ٿو ته هي جنگ آزادي جي جنگ آهي، جنهن جي قيمت سر جو سودو آهي. مون لاءِ قدرت جو اهو ئي فيصلو آهي.
    تون منهنجي ڳالهه سمجهي رهي آهين نه.
    مان هتي توکي اها ڳالهه سمجهائڻ آيو آهيان ته، مان هتي ڪجهه ڏينهن رهي هتان هليو ويندس. منهنجي منزل جو سفر طويل ۽ ڪٺن آهي. هي سفر ڪيترن جنمن تائين به طويل ٿي سگهي ٿو. پر مان توکي ڪنهن آسري ۾ نه ٿو رکڻ چاهيان. مان توسان واقعي به بي انتها پيار ڪيان ٿو. ان پيار جي تقاضا آهي، ته تنهنجي حصي جون تڪليفون به مان پنهنجي سَر کڻان. مان توکي ڪنهن معمولي تڪليف ۾ به ڏسڻ نه ٿو چاهيان. توکي آزاد فضائن ۾ مهڪندي ۽ مرڪندي ۽ زندگي ۾ وڌندي ويجهندي ڏسڻ چاهيان ٿو.
    مان توکي پاڻ کان آزاد ڪيان ٿو، مونکي پنهنجي راهه وڃڻ ڏي.
    مونکي ڀاڀي فريده جو چهرو ياد اچي ٿو. جيڪو طويل انتظار، ايجنسين، پوليس ۽ ڪيترن ئي بي حس ماڻهن جي بي ڍنگي رويي ڪري ڪومائجي ويو هو. مونکي معصوم مارئي جو ٻالڪپڻ ۽ انجي بابا نذير جو وڇوڙو ياد اچي ٿو.
    مان نه ٿو چاهيان ته هن بي رحم دنيا ۾ تنهنجو حال به انهن جهڙو ٿئي.
    مان پنهنجي روح کي پنهنجن تنهائين ڏانهن موٽي وڃڻ جو چوندس، پر توکي ڪنهن تڪليف ۾ ڏسي شايد منهنجو روح اهو برداشت نه ڪري ۽ گهري ڏک ۽ تڪليف ۾ مبتلا ٿي وڃي.
    حاني مان تنهنجو آهيان پر توکي شادي جي ٻنڌڻ کان آزاد ڪيان ٿو.
    مان توسان شادي نه ٿو ڪري سگهان.
    حاني مونکي معاف ڪري ڇڏجان.”
    شهه مريد جون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي اچن ٿيون. شديد ڏک ڪري هن جو آواز ڌيمو ٿي ويو وڃي ٿو. هنجي ڳالهائڻ ۾ ڪو ربط نه هئڻ ڪري هو وڌيڪ ڳالهائي نه سگهيو. هو اٿي بيهي ٿو، حاني ڏانهن ڏسي ٿو . هنجي چهري کي پنهنجي هٿن ۾ وٺي، هنجي نرڙ کي جيون جي پهرين ۽ آخري چُمي ڏئي، تڪڙا تڪڙا قدم کڻندو ڇت تان هيٺ لهي وڃي ٿو.
    حاني هن اوچتي تبديلي لاءِ ته تيار ئي نه هئي. هو ته خوابن جي دنيا ۾ گم هئي.شهه مريد جي اُن فيصلي سان، هو ڄڻ ساڳي واٽ مان ويندي هڪ دم موٽي پئي هئي.هن کان ڇرڪ نڪري ويو.
    حاني، بي جان مورت بنجي وڃي ٿي ۽ سندس دل اداسي سان ڀرجي وڃي ٿي. شهه مريد ڪنهن مهل هيٺ لهي ويو هن کي اها به ُسڌ نه رهي. هو روح کان ڏڪي وئي هئي. پر وري هن پاڻ کي سنڀاليو، سوچڻ لڳي. هن شهه مريد سان پيار ڪيو آهي. انتي هنجو ڀروسو آهي، حاني لاءِ ڪيئن ممڪن آهي ته هو شهه مريد جي مرضي تي هلي. هن ساڻس پيار ڪيو هو. ان پيار جو مفهوم آهي، ته شهه مريد جيئن آهي جهڙو آهي منهنجوآهي. مون کي ان ڳالهه سان ڪو سروڪار ڪونهي، ته شاه مريد سڀاڻي ڪيئن هوندو يا امڪاني حادثن ڪري اسين ڪجهه مختلف ٿي وينداسين. پيار ته ماڻهو سان هجي ٿو انجي ماضي، حال يا امڪانن سان ته نٿو هجي. شهه مريد جن تڪليفن جي ڳالهه ڪري پيو، روهيءَ ۾ رهڻ کان ته وڌيڪ نه هونديون. اسان جا پير روهيءَ جي ڪنڊن سان ته اڳ ئي زخمي آهن. پيار ته، مرحم هجي ٿو پيرن جي زخم ۽ پيار جي پنڌ لاءِ . اهو ته پيار مٿان کلڻ آهي ته مان پيار ڪيان ٿو توسان، پر وڃي ُسکي ٿيان ڪنهن ٻئي سان. مان ڪا پهرين عورت ته ناهيان جنهن پنهنجي مڙس ۽ ٻارن لاءِ ڪشٽ نه کنيا هجن. هتي روهيءَ ۾ رهڻ وڏو ڪشٽ آهي ته پوءِ ماڻهو روهيءَ ڇڏي ويا آهن ڇا؟ محبت آهي ئي ڪشٽ سَهڻ جو نالو. منهنجي نالي سان هاڻي شهه مريد جو نالو جڙيل آهي. مان ڪنهن ٻئي جي ڪيئن ٿي سگهان ٿي. مان پنهنجي اندر ۾ ايتري به ڪمزور ناهيان، جو شهه مريد جي ٻاراڻي فيصلي کي مڃين وٺان. هن کي جي ان ڳالهه جي پرواه ڪانهي ته نه هجي، مان هن سان گڏ جيئڻ، مرڻ جو وچن ڪيو آهي.
    هي ٻين ماڻهن کان ڪيترو به مختلف هجي ۽ پنهنجي ڌرتي ۽ ماڻهن جي آزادي سان پيار ڪندو هجي پر منهنجو پيار ته هر شي کان بالاتر آهي. اهو ته اسانجن خواهشن ۽ ارادن کان به گهڻو مٿاهون هجي ٿو. هو سمجهي ٿو ته انقلابي جنگ رڳو هٿيارن سان وڙهي ويندي آهي، ان پٺيان به ته پيار بيٺو هجي ٿو. هي پيار کان خالي جنگ ڪيئن کٽي سگهي ٿو. هو ٻين جي مدد ۾ يقين رکي ٿو پر پنهنجي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هو زندگيءَ جا رنج، غم، تڪليفون، مشڪلاتون، پنهنجي لاءِ مخصوص ڪري ٿو، پر ان کي پنهنجي محبت، جيڪا هن سان پيار ڪري ٿي سان ونڊڻ، ورڇڻ لاءِ تيار ناهي. ڪيئن به ٿئي، هو پاڻ ڪيئن ٿو طئي ڪري سگهي. هن کي ڪو حق ڪونهي. اهو هاڻي جسمن جو، نه پر روح جي صداقت جو معاملو آهي.
    هو ايتري سادگي سان ٿو چئي، ته مان تو سان شادي نه ٿو ڪري سگهان. مونکي آزاد ڪري ڪنهن ٻئي جي حوالي ڪرڻ مان، هن جي ٻاراڻي سوچ ظاهر آهي. هو ته پوءِ لازوال حقيقت کان اڃان گهڻو پري بيٺل آهي، يا پوءِ ڪنهن اهڙي ذميواري کڻڻ کان خوفزده آهي. پيار ذميواري جو به ته نالو آهي. مان هنجي ۽ هو منهنجي ذميواري آهي. هو ائين ڇو نه ٿو سوچي.
    هو پنهنجي روح جي صداقت ۽ پيار کي دنيا جي انقلاب سان، ڇو پيو ڀيٽ ڪري. اهو رويو ته ڪنهن اڪيلي دل جو به ٿي نه ٿو سگهي. جنهن کي ڪو پيار ڪرڻ وارو ڪونهي. اسانجون دليون ته وري به پيار جي لازوال روشنيءَ سان منور آهن. پيار جهڙي ڪامل رشتي سان جڙيل آهن. هو پاڻ کي تنها ۽ اڪيلو رکڻ چاهي ٿو پر هن جي اڪيلائپ ته اهڙي اونداهي غار وانگرٿي ويندي، جنهن کان هر ڪوپيو خوف کائيندو. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته جنهن ۾ هو خود رهڻ چاهي ٿو جيڪا ڳالهه انتهائي خطرناڪ ۽ ذهني اذيت سان ڀريل آهي. اهڙي خطرناڪ سفر لاءِ هن کي آءُ اڪيلو ڪيئن ٿي ڇڏي سگهان. جيتوڻيڪ مان ڄاڻان ٿي ته هو مونکان سواءِ نه رهي سگهندو. هو مٿئين دل مان ائين چوي ٿو، پر هن کي ائين به ڇو چوڻ گهرجي. دنيا ۾ قدرت ڪنهن ماڻهو لاءِ ڪنهن مخصوص لمهي ۾ پنهنجا فيصلا ڏئي ٿي ته قدرت جو اهو به ته فيصلو آهي ته اسين ٻن رخن وارو هڪ پاسو ٿي وڃون. انسان جو سڄو خيال سدائين لاءِ به ڪنهن هڪ هنڌ ٽڪي نه ٿو سگهي. هو سدائين دنيا کي بهشت بنائڻ وري خيال ۾ته نه ٿو رهي سگهي ۽ نه ئي وري دنيا کي هن باهه لڳائي آهي جنهن جو سڀ کان وڌيڪ هن کي فڪر آهي.
    اهو ته ان حقيقت کان انڪار ڪرڻ جي برابر آهي ته محبت جو به ڪو وجود هجي ٿو. منهنجو اهو انداز سادو ئي صحي پر مان ائين ڪڏهن به نه ٿي سوچي سگهان.
    اهو فقط هنجو خيال آهي. هو سدائين پنهنجي اڻپوري حصي جي حاصل ۽ لاحاصل جي غم ۾ رهڻ ٿو چاهي. جي ائين آهي ته هن کي بلاشبه پنهنجو جائزو وٺڻ گهرجي. مان ڪا ايڏي پڙهي لکي به ناهيان ۽ نه ئي اُٺ ڪتابن جا پڙهيا ۽ گڏ ڪيا آهن، پر اها ڳالهه سمجهان ٿي ته، دنيا کي محبت جي وسيلي ئي تبديل ڪري سگهجي ٿو. اها ته روح جي گهراين تائين لهي انسان کي وڌيڪ مضبوط، لافاني بڻائي ٿي. فرد جي محبت ذريعي ته انسان ڪائنات جي روح کي ڏسي ٿو. ان جي حسناڪين کان واقف ٿئي ٿو. محبت وڃائڻ جو مطلب روشني کان محروم ٿيڻ آهي. هو چوي ٿو، اهي سمورا پَل، جيڪي اسين گڏ گذاريا، ٻالڪپڻ کان هيستائين اُهي سڀ يادون. اُهي منظر، سڀ واپس ڪرڻ ڪنهنجي به وس ناهن، ته پوءِ هن لاءِ اهو ڪيئن آسان آهي ته مونکي پنهنجو پاڻ کان ڇني ڇڏي .
    سماج جي پوري وزن کان منهنجي محبت جو وزن ايڏو ڀاري به ڪونهي جو نه کڻي سگهي. سماج جي بار جي ڀيٽ ۾ منهنجو پيار ته ڪک جو وزن به نه ٿو رکي. پيار وزن نه پر محسوس ڪرڻ جي ڪيفيت هجي ٿي. اهو ته راه ڏيندڙ روشني آهي. پيار ته انسان جي اندر غير معمولي صلاحيتن کي پيدا ڪري ٿو. سمورن خوف خطرن کان محفوظ ڪري ٿو. جيڪو سماج جي مختلف ماڻهن جي روين کان ملي ٿو.
    حاني، پوري رات ڇَت تي تارن کي ڏسندي، پنهنجي من کي آٿت ڏيندي، پنهنجي پيار تي يقين رکندي، پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندي، خبر ناهي ڪيڏي مهل سمهي رهي.
    شهه مريد، پنهنجي امڙ سان به اها ڳالهه ڪئي، ته ڪن مجبورين ڪري هو حاني سان شادي نه ٿو ڪري سگهي. امڙ اها ڳالهه ُٻڌي ڄڻ سڪتي ۾ اچي وئي.
    “تو ائين ڪيئن سوچيو، توکي ڪٿي ٻئي هنڌ شادي ڪرڻي آهي؟” امڙ هن کان پڇيو.
    “هن کي شادي ڪرڻي ئي ڪانهي” شهه مريد امڙ کي چيو، امان مونکي پنهنجي رستي وڃڻ جي اجارت ڏي”
    امڙ لاءِ اهو ڪيئن ممڪن هو ته هو شهه مريد جي ان ڳالهه تي اعتبار ڪري. هن کي اهو فلسفو سمجهه ۾ ئي نه ٿي آيو ته، هو پنهنجي زندگي جا ڏک سک پاڻ کڻڻ ۽ پوري حياتي اڪيلو رهڻ چاهي ٿو.
    “حاني، کي شريڪ ڪرڻ سان توکي وڏي راحت ملندي. هو توسان ان قدر پيار ڪري ٿي، جنهن جو ڪو اندازو ڪونهي. مون هن کي چرين وانگر دروازي ڏانهن ڊوڙندي ڏٺو آهي، جڏهن هن کي خبر ملي ته تون اچين ٿو. امڙ کيس سمجهائيندي چيو.”
    “مان سڀاڻي ماريو وڃان ته منهنجا ٻار يتيمي واري زندگي ڇو گذارن” شهه مريد، پنهنجي زندگي جا خدشا امڙ اڳيان رکي ٿو. هُن ماءُ کي چيو ته، هو نه ٿو چاهي ته
    هن جي ڪري ڪا نوجوان عورت پوري حياتي ان ماڻهو جي محبت ۾ گذاري ڇڏي، جنهن وٽ هن لاءِ ڪو وقت ئي نه هجي. هي ائين نه ٿو چاهي ته ايجنسين جا ماڻهو هن جي گهر واري جي مٿي جو رئو ڇڪي اڇلين، ان کي ڌڪا ۽ گاريون ڏين يا انجي عزت نفس جي تذليل ڪن. مان ان ڳالهه جو وڌيڪ خيال ڪيان ٿو ته شادي کانپوءِ اخلاقن، فرضن، حاني سان منهنجي موجودگي بي حد ضروري آهي. مون لاءِ اها ملامت جي گهڙي هوندي ته ڪنهن به موقعي تي انجي بيماري ۾، انجي غم، خوشي ۾ مان موجود نه هجان. ان کان به وڌيڪ مان پنهنجي عمر کان به اڳ ماريو وڃان، جيئن نذير سان ٿيو ۽ انجي نتيجي ۾ حاني جي جواني کي وقت ۽ ماڻهن جي رحم ڪرم تي ڇڏيان. مان ائين نه ٿو ڪري سگهان. اهڙا واقعا مون ڏٺا آهن.مان پاڻ سان اهي واقعا دهرائڻ نه ٿو چاهيان.”
    “خدا جي واسطي حاني تي رحم ڪر. هوءَ توکان سواءِ مَري ويندي. مون هن جي اکين ۾ تو لاءِ بي حد پيار ڏٺو آهي. مون پنهنجي عُمر ۾ اهڙي سليقي ۽ سلوڪ واري ڇوڪري ناهي ڏٺي.” امڙ منٿن واري انداز ۾ شهه مريد کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي.
    “امان تون ته مونکان واقف آهين. مون توکان ته سکيو آهي ته قرباني سڀ کان اُتم جذبو آهي. مونکي پنهنجي راه وڃڻ ڏيو ۽ حاني کي به اها ڳالهه سمجهايو.
    شهه مريد جي امڙ کي ڪيتري وقت تائين هن جي ڳالهين تي اعتبار ئي نه ٿي آيو ته ڪو هو، اهڙو به فيصلو ڪري سگهي ٿو. هو جيڪي ڳالهيون مون سان ڪري ٿو اُهي مان حاني کي ڪيئن سمجهائي سگهنديس. حاني جڏهن اهاڳالهه ُٻڌندي ته هو ته چَري ٿي ويندي.
    مان حاني جي امان کي ڪهڙو منهن ڏيکاريندس، حاني جا ڀائر ڇا سوچيندا، شهه مريد جي امڙ جو ته هانو ٻڏندي ٿي ويو.
    “امان، حاني پڙهي لکي عورت آهي، منهنجي ڳالهه کي سمجهي ويندي” شهه مريد، امڙ جي پيرن جي ڀرسان ويهي چوي ٿو، توهان پنهنجي دل کي گهڻو ملول نه ڪيو، مان انهن موقعن کان بچڻ لاءِ اهو فيصلو ڪيان پيو. منهنجي امڙ مونکي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر.”
    اها اهڙي مشڪل گهڙي هئي جنهن جي شاه مريد کي به خبر نه هئي. ته انجا ڪهڙا نتيجا نڪرندا. هن پنهنجي خيال سان جيڪو طئي ڪيو هو. انتهائي خطرناڪ هو. هن اهو رسڪ کڻي پاڻکي ڄڻ ٻي واٽي تي اچي بيهاريو هو.
    شهه مريد، بي حد روحاني تڪليف ۾ هو. هن کي اهو به احساس هو ته حاني هن سان شديد پيار ڪري ٿي، هن جي ڳالهه کي ڪيترو سمجهي ۽ برداشت ڪري سگهندي، هن کي انجو اندازو ڪونهي. ان کانپوءِ ٻيا ماڻهو ڪيئن سوچيندا، انهن مطابق اها ته بد اخلاقي آهي، ته ڪو ماڻهو ڪنهن سبب کان سواءِ پنهنجي مَڱ سان شادي کان انڪار ڪري ٿو.
    پر جيئن ته شهه مريد طئي ڪري چڪو هو ۽ هر مصيبت کي ُمنهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿي بيٺو هو، ان ڪري هُن پنهنجي دل کي ان ڳالهه لاءِ پختو ڪيو ته هنجو فيصلو درست آهي. هو پاڻ سان گڏ ڪنهن به ٻئي کي مصيبت ۾ وجهڻ نه چاهيندو. حاني کي ته بلڪل به نه.
    “مونکي ان ڳالهه جو احساس آهي ته منهنجي رستي تي تڪليفون ئي تڪليفون آهن. مان پنهنجي گهر واري ۽ پنهنجن ٻارن کي اهڙن ممڪن تڪليفن کان پري رکڻ چاهيان ٿو. شهه مريد پاڻ سان ڳالهائيندو پاڻ کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، مونکي خبر آهي ته مان ابتي رخ ۾ هلڻ وارو ماڻهو آهيان. منهنجي حصي ۾ خوشي جا لمحا مختصر آهن. مان شادي ڪري پنهنجي ٻارن جا ڪوماڻيل ۽ زندگي کان محروم چهرا نه ٿو ڏسڻ چاهيان. مان شايد انهن کي اهو مقام به نه ڏياري سگهان، جنهن جي هو خواهش ڪندا هجن. مان شادي ڪري انهن سڀني جو خون نه ٿو ڪري سگهان.”
    شهه مريد، جي امڙ، حاني جي والدين کي گهرائي انهن کي شاه مريد جي مرضي کان واقف ڪري ٿي. هنن کي چوي ٿي ته، “منهنجو پٽ ڪنهن سان به شادي ڪرڻ چاهي ئي ڪونه ٿو ته، اهڙي حالت ۾مان هن لاءِ دعائن کانسواءِ ڇا ٿي ڪري سگهان. مونکي معاف ڪجو. توهان پنهنجي نياڻي ڪنهن ٻئي هنڌ اُٿارڻ چاهيو، ته بيشڪ ائين ڪيو.”
    حاني کي ان ڳالهه جو شديد ڏک ٿيو. هن به پنهنجي والدين کي چئي ڇڏيو ته هو هاڻي شهه مريد جي آهي. ٻئي ڪنهن جي ڪيئن ٿي سگهي ٿي. جي هو شادي ڪرڻ نه ٿو چاهي ته، نه ڪري، ضرورت کيس به ڪانهي.
    “جڏهن سمجهو ته مان توهان تي بار آهيان، ته گولي هڻي ماري ڇڏجو.”
    حاني جي امڙ پنهنجي ڌي جي اها ڪيفيت ڏسي، پنهنجي چهري کي ڳوڙهن سان تر ڪري ڇڏيو. هي بيحد تڪليف جي گهڙي آهي هڪ ماءُ لاءِ.
    حاني جي امڙ، پنهنجي ڌي جي غم کي سمجهي ٿي، پر هن جي حياتي جي ويراني کي نه ٿي ڏسي سگهي. حاني، پنهنجي امڙ کي صاف چئي ٿي منهنجي سڱ ۾ شهه مريد آهي ٻيو ڪير به ٿي نه ٿو سگهي. مان دوڪان جو وکر ناهيان، جو جنهن کي وڻي ته وٺي، وڻي ته نه وٺي. بلڪه ڪو به ماڻهو دوڪان جو وکر ناهي. هو مڪمل ۽ ڪامل انسان آهي. جنهن جا پنهنجا خواب آهن ۽ دل جو مسرتون آهن. منهنجي قسمت ۾ شهه مريد سان ملڻ ناهي ته آزادي سان رهڻ جو حق هن جو به آهي .
    بلڪه اهو عجيب نه آهي ته، “شاه مريد پنهنجي انقلابي فرض کي پوري ڪرڻ لاءِ پيار جو خون ڪري. زمين تي بهشت قائم ڪرڻ لاءِ پاڻ لاءِ دوزخ تيار ڪري. دنيا کي آزاد ڏسڻ جي خواب ۾ حقيقي آزادي کان محروم هجي. انسان جي روحاني خوشي ته باقي سمورين آزادين ۽ مسرتن کان وڌيڪ هجي ٿي.”
    شهه مريد جي فيصلي جو سڀ کان وڌيڪ اثر حاني ورتو هو. هي پنهنجي روح کان سخت صدمي ۾ هئي. هو سوچي پئي، ته ماڻهو به شايد هن کي ئي ُبرو سمجهن. هر ماڻهو ائين سمجهندو ته حاني ۾ ڪا خرابي هوندي، جنهن ڪري شهه مريد مجبور ٿي مڱڻو ختم ڪيو. حاني، پنهنجي اخلاقي سڃاڻپ ڪري به تڪليف ۾ هئي. حاني ڪافي ڏينهن کان خاموش هئي. هن جي من کي بي چيني ورائي وئي هئي. هي پنهنجي روح کان ڀَڄي ُڀري پئي هئي. روحاني تڪليف ڪنهن به عذاب کان وڌيڪ ايذاءُ ڏيندڙ هجي ٿي. جيتري وڌيڪ محسوس ڪجي ٿي اوتري گهري ٿيندي وڃي ٿي.
    حاني، هاڻ ڪنهن به ڳالهه تي خوش ٿيڻ ڇڏي ڏنو آهي. اوجاڳي هن جي اکين مٿان قبضو ڪري ورتو آهي. هن جيڪي شهه مريد سان زندگي گذارڻ جا خواب ڏٺا هئا اُهي ذرو ذرو ٿي ويا. هو پنهنجي خوابن جي سامهون حقير ۽ ڪمزور ٿي وئي هئي. جنهن سان هن کي وڌيڪ روحاني تڪليف ٿئي پئي.
    شام ٿيڻ ۾ اڃان به چار ڪلاڪ هئا، جو حاني جي گهر مان چيخن ۽ رڙين جا آواز آيا. جيڪي پوءِ ويا تيز ٿيندا ۽ وڌندا. شهه مريد جي امڙ کي ڪنهن اچي ٻڌايو ته، “حاني پکي سان رسو ٻڌي خود ڪشي ڪري ڇڏي.” هن زندگي جو دروازو ئي بند ڪري ڇڏيو، جتان ڪڏهن شهه مريد جي گذرڻ جي اميد هئي.
    شهه مريد مٿان ڄڻ آسمان جي بجلي اچي ڪري. هو پاڳلن وانگر رڙيون ڪندو ان ڪمري جي در تي اچي بيٺو. جتي هنجي سامهون حاني پنهنجن سمورن خوابن سميت لٽڪيل هئي. شهه مريد بت بڻيو حاني کي ڏسندو رهيو. هن وٽ ڳالهائڻ ۽ ڪجهه چوڻ لاءِ ڪجهه به نه هو. هن لاءِ سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو. هن يا ته رڙيون ٿي ڪيون يا مڪمل خاموش هو.
    حاني، زمين جو متبرڪ حصو ٿي وڃڻ جي باوجود، شهه مريد اڳيان هر وقت موجود آهي.شهه مريد جون اکيون هر وقت حاني کي ڏسن ٿيون. هن ڪيفيت، هنجي زندگي جي سمورن مقصدن ۽ آدرشن کي ڪڍي ڇڪي ٻاهر اُڇلي ڇڏيو .
    شهه مريد، کي اڄ چوٿون ڏينهن هو. هو خاموش آهي يا رڙيون ڪري روئي ٿو. ائين پنجن مهينن تائين، شهه مريد جو دوستن سان ڪوبه رابطو نه هو، تيرٿ جڏهن سندس گهر وارن سان رابطو ڪيو، تڏهن هن کي ان واقعي جي خبر پئي .
    تيرٿ، هن سان هنجي ڳوٺ فريد پور ملڻ آيو آهي. پر هو ڳوٺ ۾موجود نه هو، کيس ٻڌايو ويو ته، “شهه مريد هاڻي نارمل انسان نه آهي. حاني جي موت کانپوءِ ان جي زندگي مان سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو آهي. هاڻي هو ُبت آهي. ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي”
    پر تيرٿ کي ڪنهن ٻڌايو ته عارف والا شهر ۾ ڪنهن بزرگ جي مزار آهي اتي ويندو آهي. شايد اتي کيس ملي وڃي. تيرٿ عارف والا مزار تي پهچي ٿو. ڪنهن ملنگ فقير کان شهه مريد جو معلوم ڪري ٿو. ملنگ فقير تيرٿ کي ٻڌائي ٿو، ته شهه مريد ڪافي عرصي تائين هتي ايندو هو. اچي منهنجي ڀرسان وهندو هو اڄ کان مهينو اڳ به هتي آيو هو، پر هو ڪافي بدليل هو. پهرين جڏهن به ايندو هو ته، ڪافي دير خاموش ويٺو هوندو هو. هن کي ڪا گهري چوٽ لڳل هئي، پر پوءِ مون هن کان پڇيو ته تنهنجي روح کي ڪهڙي ڳالهه جي تڪليف آهي، ڇو ته هتي اهي ئي ماڻهو اچن ٿا جيڪي دنيا جا ۽ ماڻهن جا ڌڪاريل يا دلي طور ڏکارا هجن ٿا. هو ڪجهه گهڙي خاموش رهڻ کانپوءِ پنهنجي چهري کي ٻانهن ۾ هڻي سڏڪا ڀري روئڻ لڳو. مون هن کي روئڻ ڏنو ته جيئن هي پنهنجو من هلڪو ڪري. ان کانپوءِ هن چيو، “منهنجا هٿ حاني جي خون سان رنڱيل آهن. مان گنهگار آهيان. منهنجو روح هميشه حاني اڳيان گنهگار رهندو. مان اقرار ڪيان ٿو ته مان پنهنجي ذات جي انديشن ۽ خوف کان هڪ زنده وجود جو خون ڪيو. جيڪا منهنجي قدمن جي آهٽ ُٻڌي ٻار جيان ڊوڙندي ايندي هئي. مون سدائين هن کي پنهنجي اردگرد ڏٺو پر انجي باوجود مان ڪنهن ٻي منزل جي تلاش ۾ رهيس. هنجو چهرو جڏهن مون پنهنجن هٿن ۾ ورتو هو ته سڄو پيلو ٿي ويو هو. هن جو اکيون مون ڏانهن کليل هيون. منهنجا هٿ ڏڪيا ٿي. مان هن کي سڏي رهيو هئس. هن ڪوبه آواز نه ٿي ڏنو.”
    ملنگ بابا چيو، “اوچتو هو اٿي بيٺو. هن چيو مان هاڻ هتي ٻيهر نه ايندس.
    مان اڄ اقرار ڪري پاڻ کي آزاد ڪري ڇڏيو. مان وڌيڪ دير هتي ترسي نه ٿو سگهان،” شهه مريد ائين چئي اٿي ويو.
    “ڪيڏانهن ويو ڪا خبر ناهي”
    “تون جي انجو دوست آهين، ته هاڻي هن کي وساري ڇڏ.”
    “ شهه مريد هاڻي ڪنهن جو به ناهي
    هو حاني جو آهي يا گهري نيري آسمان جو.”


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259620
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386666
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ