ڪتاب جو نالو: ائنيمل فارم
مصنف: جارج آرويل / حبيب سنائي
ڇپائيندڙ: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 12 مارچ 2017 ع
پڙهيو ويو: 538 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 246 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هن ناول جو ليکڪ نامور صحافي ۽ ناول نگار جارج آرويل آهي جڏهن ته سنڌيڪار حبيب سنائي آهي.
جارج آرويل جو هي توڙي ٻيو ناول 1984 ۾ تمام گهڻو مشهور ٿيا. هن ناول ۾ هن اسٽالن جي دور حڪومت جو قصو جانورن جي ڪردار ۾ بيان ڪيو آهي. ناول 1984 ۾ وري مستقبل ۾ ايندڙ آپيشاهي نظام واري جو نقشو چٽيو ويو آهي. ان ناول ۾ ڪم آيل انوکا اصطلاح اڳتي هلي ڪري ضرب المثال بنجي ويا آهن. تازو ٽرمپ جي اليڪشن توڙي ان جي ابتدائي حڪمن ڪري انهيءَ ناول جي وڪري ۾ اضافو به ٿيو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • مترجم پاران
  • پريس جي آزادي : جارج آرويل
  • ناول

  • باب پهريون
  • باب ٻيو
  • باب ٽيون
  • باب چوٿون
  • باب پنجون
  • باب ڇهون
  • باب ستون
  • باب اٺون
  • باب نائون
  • باب ڏهون

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ائنيمل فارم“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ناول جو ليکڪ نامور صحافي ۽ ناول نگار جارج آرويل آهي جڏهن ته سنڌيڪار حبيب سنائي آهي.
    جارج آرويل جو هي توڙي ٻيو ناول 1984 ۾ تمام گهڻو مشهور ٿيا. هن ناول ۾ هن اسٽالن جي دور حڪومت جو قصو جانورن جي ڪردار ۾ بيان ڪيو آهي. ناول 1984 ۾ وري مستقبل ۾ ايندڙ آپيشاهي نظام واري جو نقشو چٽيو ويو آهي. ان ناول ۾ ڪم آيل انوکا اصطلاح اڳتي هلي ڪري ضرب المثال بنجي ويا آهن. تازو ٽرمپ جي اليڪشن توڙي ان جي ابتدائي حڪمن ڪري انهيءَ ناول جي وڪري ۾ اضافو به ٿيو آهي.
    ٿورائتا آهيون سائين حبيب سنائيءَ جا جنهن هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    مترجم پاران

    هن ناول جو ليکڪ جارج آرويل نامور صحافي ۽ ناول نگار هو. سندس هي توڙي ٻيو ناول 1984 تمام گهڻو مشهور ٿيا. هن ناول ۾ هن اسٽالن جي دور حڪومت جو قصو جانورن جي ڪردار ۾ بيان ڪيو آهي. ناول 1984 ۾ وري مستقبل ۾ ايندڙ آپيشاهي نظام واري جو نقشو چٽيو ويو آهي. ان ناول ۾ ڪم آيل انوکا اصطلاح اڳتي هلي ڪري ضرب المثال بنجي ويا آهن. تازو ٽرمپ جي اليڪشن توڙي ان جي ابتدائي حڪمن ڪري انهيءَ ناول جي وڪري ۾ اضافو به ڪيو آهي.
    ائنيمل فارم جو سنڌي ۾ پهريون ترجمو سٺ جي ڏهاڪي ۾ جانورستان جي نالي سان شايع ٿيو. ان کان پوءِ محترم يوسف سنڌي به ان جو ترجمو ڪيو آهي، جنهن جي مونکي خبر پوءِ پئي. تازو هڪ ٻيو ترجمو به سنڌي ۾ شايع ٿيو آهي. بهرحال ترقي يافته ٻولين ۾ اهم ڪتابن جا مختلف ترجما ٿيندا رهندا آهن. منهنجي هن ترجمي ۾، ليکڪ جو اهو مهاڳ به شامل آهي، جيڪو پهرئين ڇاپي کان پوءِ ڪتاب جي ٻين ڇاپن ۾ نه شامل ڪيو ويو هو. منهنجو هي ترجمو ڪافي عرصو هڪ ويب سائيٽ تي پيل رهيو، ۽ ماهوار پرک ڪراچي واري به ان کي شايع ڪيو آهي.
    هاڻي هن جو ڊجيٽل ڇاپو اوهان جي آڏو پيش ڪجي ٿو.

    محمد حبيب سنائي
    هالاپراڻا
    5 مارچ، 2017


    پريس جي آزادي : جارج آرويل

    پريس جي آزادي

    (جارج آرويل پاران ائنيمل فارم جو اصلي مهاڳ، جيڪو پهرئين ڇاپي کان پوءِ وري نه ڇاپيو ويو.)

    جارج آرويل

    جيتري قدر مرڪزي خيال جو تعلق آهي، هن ڪتاب جو تصور پهريائين 1937 ۾ ۾ ذهن ۾ سوچيو ويو، پر ان کي لکت ۾ 1943 جي آخر تائين به نه آندو ويو. جڏهن ان کي لکڻ جو وقت آيو، تڏهن اهو پڌڙو هو ته ان کي ڇپائڻ ڏاڍو ڏکيو ٿيندو (باوجود ڪتابن جي کوٽ واري موجوده صورتحال ۾، جتي جهڙو تهڙو ڪتاب وڪرو ٿي سگهي ٿو.) ۽ ان حالت ۾ جڏهن چئن ناشرن ان کي ڇاپڻ کان نابري واري. انهن مان رڳو هڪ جا نظرياتي سبب هئا. ٻه ناشر سالن کان رشين يعني روس مخالف ڪتاب ڇاپي رهيا هئا ۽ هڪ جي ته ڪا به سياسي وابستگي نه هئي. هڪڙي ناشر شروع ۾ ڪتاب ڇپائڻ جي حامي ڀري، تياري شروع ڪئي. پر ڪجھ ابتدائي سرگرمين کان پوءِ هن انفارميشن واري وزارت کان صلاح وٺڻ جو فيصلو ڪيو، جن يا ته هن کي تنبيهه ڪئي يا سختي سان ڪتاب نه ڇاپڻ جي صلاح ڏني. ان ناشر جي موڪليل خط مان هڪ ٽڪرو ڏجي ٿو:
    ”مون ائنيمل فارم جي ڇپائڻ جي سلسلي ۾ انفارميشن وزارت جي اهم عملدار جي ردعمل جو ذڪر ڪيو آهي. آئون اعتراف ٿو ڪريان ته انهي راءِ جي اظهار کان پوءِ مون سنجيدگي سان سوچيو آهي ... منهنجي خيال ۾ هن وقت ان کي ڇپائڻ انتهائي غير مناسب رهندو. جيڪر اهو قصو عام آمرن ۽ آمريت کي کڻي ها ته اهو ڇپجي پوي ها، پر جئين مون سمجهيو آهي ته هن قصي ۾ روسي سويٽ يونين ۽ ان جي ٻن آمرن کي بيانيو ويو آهي، سو ان کي ٻين آمريتن سان لاڳو ئي نه پيو ڪري سگهجي . ٻيو ته اهو ان وقت گهٽ چيڙائيندڙ هجي ها جڏهن ان ۾ مکيه ذات سوئرن جي نه هجي ها. منهنجي خيال ۾ سوئرن جي حڪمران طبقي طور چونڊ، گهڻن کي چيڙائيندي، خاص ڪري جيڪي زود رنج آهن، جيئن روسي آهن.“
    اهڙي صورتحال ڪو سٺو سوڻ ڪونهي ۽ اهو مناسب به نه آهي ته ڪنهن سرڪاري کاتي کي انهن ڪتابن مٿان سينسرشپ (سواءِ جنگ دوران سيڪيورٽي سينسرشپ جي، جنهن تي ڪنهن کي اعتراض ڪونهي) جو اختيار ڏنو وڃي، جن جي ڇپائي ۾ سرڪار ڪا مالي مدد نه ٿي ڪري. پر هن خيال توڙي تقرير جي آزادي کي خطرو MOI يا ڪنهن ٻئي سرڪاري اداري جي سڌي مداخلت مان نه آهي. جيڪڏهن ڪجھه ناشر يا ايڊيٽر ڪن شين کي ڇاپڻ کان روڪڻ تي زور ان ڪري نٿا ڀرين ته کين قانوني ڪارواين جو خطرو آهي، بلڪه هو عوامي راءِ کان هراسان آهن. هن ملڪ ۾ ليکڪ يا صحافي کي دانشوارانه بزدلي جهڙي بدترين دشمن کي منهن ڏيڻو ٿو پوي، ۽ منهنجي خيال ۾ انهي موضوع تي ايترو بحث مباحثو نه ٿيو آهي، جيترو اهو ان جو حقدار آهي.
    صحافتي تجربو رکندڙ هر انصاف پسند شخص اهو تسليم ڪندو ته هن جنگ دوران سرڪاري سينسر ڪا ايڏي ورچائيندڙ ڪونهي. اسان کي آمرانه تعاون لاءِ مجبور نه ڪيو ويو آهي، جنهن جي توقع ڪري پئي سگهجي. پريس وارن جون ڪجهه شڪايتون مناسب آهن، پر ٿلهي ليکي سرڪار جوورتاءُ مناسب رهيو آهي ۽ هوءَ حيرت انگيز طور اقليتي مخالف راءِ کي برداشت ڪندي رهي آهي. انگلنڊ ۾ ادبي سينسرشپ سان لاڳاپيل بڇڙي حقيقت اها آهي ته اهو گهڻو ڪري رضاڪارانه آهي.
    بغير ڪنهن سرڪاري بندش جي، نه صرف غير مقبول خيالن کي خاموش ڪرڻ توڙي تڪليف جوباعث ٿي سگهندڙ حقيقتن کي اونداهي ۾ رکيو پيو وڃي. جيڪي ڪافي عرصي تائين ڏيساور رهيا آهن، تن کي سنسني خيز خبرن _ جيڪي هوند پنهنجي ميرٽ جي بنياد تي وڏيون سرخيون ٿين ها _ جا ڪافي اهڙا واقعا ياد هوندا، جيڪي برطانوي پريس ۾ نه ڇپيا ويا، انڪري نه ته ڪو سرڪار مداخلت ٿي ڪئي، پر اهو سڀ ڪجهه ان خاص حقيقت کي پڌري ڪرڻ جو ڪو فائدو نه ٿيندو واري نڪتي تي خاموش رضامندي جي نتيجي ۾ ٿيو. جيتري تائين روازنه اخبارن جو تعلق آهي ته اها ڳالهه آساني سان سمجهه ۾ اچي ٿي. برطانوي پريس انتهائي مرڪزيت واري آهي، ۽ ان جا اڪثر دولتمند مالڪ ڪن اهم موضوعن تي پنهنجي مفادن خاطر بي ايمان ٿي سگهن ٿا. پر ساڳئي طرز جي ڍڪيل سينسرشپ نه رڳو ڪتابن ۽ رسالن ۾، پر ڊرامن، ريڊيو توڙي فلمن تي به لاڳو ٿيل آهي. تنهن کان پوءِ اهو سمجهيو وڃي ٿو ته مروج عقيدن ۽ رواجن کي هر صحيح سوچ رکندڙ ماڻهو بنان ڪنهن سوال جي قبول ڪري وٺندا. انهي جي ڪا ممانعت ڪونهي ته هي يا هو نه چئڻو آهي، پر ائين ڪرڻ ئي قبوليت جوڳو نه آهي، جيئن وچئين وڪٽوريا دور ۾ عورتن جي موجودگي ۾ شلوار جو ذڪر قبوليت جوڳو نه هو. اگر ڪو انهي مروج رواجن ۽ عقيدن جي پاسداري واري روش کي کڻي للڪاري ٿو ته به ان کي پاڻ ئي خاموش ٿيڻو پوي ٿو. ڪنهن حقيقي پر غيررواجي رايي کي نڪي عوامي پريس ۾، ۽ نه ئي نالي واري رسالن ۾ جوڳي اهميت ڏني وڃي ٿي.
    هن وقت مروج خيالن جي پاسداري واري روش پرستي رڳو سويت يونين جي غير تنقيدي تعريف جي متقاضي آهي. هر هڪ کي ان جي خبر آهي، ۽ تقريبن هر هڪ ان تي عمل ڪري ٿو. سويت حڪومت تي سنجيده تنقيد، يا اهڙن حقيقتن جي پڌرائي، جن کي سويت حڪومت لڪايوويٺي آهي، ڇپجي نه ٿي سگهجي. حقيقي دانشورانه سهپ جي پس منطر ۾ پنهنجي جنگ جي ساٿاري جي قومي سطح تي خوشامند ڪرڻ واري سازش عجيب ٿي لڳي. توهان کي سويت حڪومت کي تنقيد ڪرڻ جي اجازت نه ٿي ملي، پر توهان پنهنجي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بنائڻ لاءِ آزاد آهيو. اسٽالن تي تنقيد کي ڪير نه ڇپيندو، پر چرچل تي اوهان جي جلهه ڪتابن ۽ رسالن ۾ ڇپجي ويندي. جنگ جي پنجن سالن واري عرصي ۾، جنهن جي ٻن يا ٽن سالن ۾ اسان قومي جياپي جي جهيڙ ۾ رهيا هونداسون، اڻ ڳڻيا ڪتاب، پمفليت ۽ آرٽيڪل بنا ڪنهن روڪ چپيا آهن، جن ۾ انهي مصلحتي امن جي وڪالت ڪيل آهي. وڌيڪ ته اهي بنا ڪنهن ناپسنديدگي پيدا ڪرڻ جي شايع ڪيا ويا آهن. جيسيتائين سويت يونين جي عزت ۽ آبرو تي آڱر نه کنيل آهي، آزاد تقرير جو اصول تسليم ڪيو وڃي ٿو. ٻيا به ڪيترائي ممنوعه موضوع آهن، جن مان آئون ڪن جو ذڪر ڪندس، پر اسان جي سويت ڏانهن روش هڪ سنجيده مظهر آهي. اهو پنهنجي ليکي پيدا ٿيل آهي، نه ئي ڪنهن پريشر گروپ جي عمل جي نتيجوآهي.
    جيئن اڳي به انهن اهڙو رويو اختياريو آهي، تنهنڪري برطانوي دانشورن جي اڪثريت پاران غلامانه نموني سويٽ پروپيگنڊا کي قبولڻ ۽ ان کي ورجائڻ وارو عمل ايترو اڇنبي وارو نه ٿو ڀاسي. هڪ کان پوءِ ٻي تڪراري مامري تي سويت نقطي نظر کي نه صرف بنان ڇنڊڇاڻ جي قبوليو وڃي ٿو پر ان جي وري تاريخي حقيقتن ۽ دانشوارنه عظمت جي ابتڙ تشهير ڪئي وڃي ٿي. رڳو هڪ مثال ڏجي ته جڏهن بي بي سي سرخ فوج جي 25 ورسي کي ملهايو ته ان ٽراٽسڪي جو ڪوبه ذڪر نه ڪيو. اهو ائين آهي جيئن ٽرافلگر جي جنگ جو ذڪر نيلسن جي بغير ڪجي، پر انگريز دانشورن جي اڪثريت ڪوبه احتجاج نه ڪيو. مقبوضه ملڪن جي اندروني جدوجهد ۾ برطانوي پريس انهن ڌڙن جو پاسو کنيو آهي، جيڪي سويت حڪومت کي پسند آهن، ۽ مخالف ڌڙن جي نندا ڪئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ تاريخي حقيقن کي مسخ ڪرڻ کان به پاسو نه ڪيو آهي. ان حوالي سان پڌرو مثال جگوسليو چينٽنڪ اڳواڻ ڪرنل مهيلووچ جو آهي. روسين وٽ پنهنجو جگوسليو اڳواڻ مارشل ٽيٽو هو، انهن ڪرنل مهيلووچ تي جرمن سان سهڪار ڪرڻ جو الزام هنيو. جهٽ ۾ ئي برٽش پريس ان الزام کي کنيو ۽ ان جي حامين کي جواب ڏيڻ جي ڪا مهلت نه ڏني، ۽ ان الزام کي ڪوڙو بنائيندڙ حقيقتن کي نه ڇاپيو. جولاءِ 1943 ۾ جرمنن مارشل ٽيٽو کي پڪڙڻ لاءِ هڪ لک سونن سڪن جو انعام رکيو. اهڙو ساڳيو انعام هنن مهيلووچ کي به قابو ڪرڻ تي رکيو هو. سواءِ هڪ اخبار جي، جنهن به ننڍن اکرن ۾ مهيلووچ واري انعام جو ذڪر ڪيو، ٻي برطانوي پريس رڳو مارشل ٽيٽو واري انعام جي پڌرائي ڪئي، ۽ مهيلووچ تي جرمنن سان ڳجهي سهڪار جي الزام جاري رکيا. اسپيني خانه جنگي دوران به اهڙيون ڳالهيون ٿينديون رهيون. تڏهن به ريپبليڪن جي انهن ڌڙن، جن کي روس ختم ڪرڻ ٿي گهريو، جي نندا برطانيه جي کاٻي ڌر جي پريس ۾ جاري رهي، ۽ ٻيو ته ٺهيو ته پر خطن جي صورت ۾ انهن جي بچاءَ کي نٿي ڇاپيو ويو. هن وقت حالت اها آهي ته نه رڳو سويت يونين تي تنقيد کي نفرت جوڳو سمجهيو وڃي ٿو پر ڪن حالتن ۾ انهي تنقيد جي حقيقت کي به مخفي رکيو وڃي ٿو. مثال طور، ٽراٽسڪي مرڻ کان اڳي اسٽالن جي بايوگرافي لکي هئي. اهو سمجهي سگهجي ٿو اها تعصب کان بالاتر نه هوندي، پر کپت جوڳي ضرور هئي. آمريڪي ناشر ان کي ڇاپي پڌرو ڪرڻ جي حامي ڀري هئي ۽ ڪتاب ڇپجي رهيو هو _ آئون سمجهان ٿو ته تبصري واريون ڪاپيون به روانيو ڪيون ويون هيون _ تڏهن روس جنگ ۾ شامل ٿيو. ڪتاب کي ڇاپڻ کان روڪيو ويو. ان حوالي سان برطانوي پريس ۾ ڪجهه به نه آيو، باوجود انهي حقيقت جي ته ان ڪتاب جي هئڻ توڙي انکي روڪرائڻ وارو مامرو چند پئراگرافن تي مبني اخباري خبر ته ضرور هئي.
    اهو ضروري آهي ته انگريز ادبي لڏي پاران پاڻ تي پاڻمرادي لاڳو ڪيل سينسرشپ ۽ پريشر گروپن پاران لڳائي ويندڙ سينسرشپ جي فرق ۽ تفاوت کي سمجهيو وڃي. ڪن مفادي گروهن جي ڪري ڪجهه موضوعن تي ڳالهائڻ کي معيوب ڀانيو ٿيو وڃي. ان سلسلي ۾ دوائن کي سرڪاري سند ڏيڻ وارو قصو وڌيڪ مشهور آهي. ان کانپوءِ ڪئٿلڪ چرچ جو پريس ۾ ايترو اثر رسوخ آهي، جو اهو مٿس ڪنهن به تنقيد کي خاموش ڪرائي سگهي ٿو. ڪئٿلڪ پادري جي اسڪينڊل جي ڪا تشهير نه ٿي ڪئي وڃي، پر جي ڪو ائنگليڪن Anglican پادري ڪنهن چڪر ۾ ڦاسي (جيئن اسٽفڪي Stiffkeyجو ريڪٽر ٿيو) ته اهو سرخين سان شايع ڪيو ويندو. فلم توڙي اسٽيج تي ڪئٿلڪ مخالف رحجان جي شموليت مشڪل ٿئي ٿي. هر اداڪار اوهان کي ٻڌائي سگهي ٿو ته ڪنهن فلم يا ڊرامي ۾ ڪئٿلڪ چرچ تي حملو يا چٿر هوندي ته ان فلم يا ڊرامي جو پريس بائيڪاٽ ڪندي ۽ ان کي ناڪامي جو منهن ڏسڻو پوندو. اها ڳالهه نقصان نه ڏيندڙ آهي، يا سمجهه ۾ ايندڙ آهي. وڏي تنطيم پنهنجي مفادن جي نگهباني پنهنجي نموني ڪري ٿي، ۽ ظاهري پروپيگنڊا اعتراض جوڳي ڳالهه نٿي سمجهي وڃي. جيين ڊيلي ورڪر اخبار مان اها توقع نٿي ڪري سگهجي ته اها سويت يونين تي تنقيد ڪندي، تيئن ڪئٿلڪ هيرالڊ پاران پوپ جي نندا جي اميد به عبث آهي. هر پڙهئي لکئي سمجهدار کي ڊيلي ورڪر يا ڪئٿلڪ هيرالڊ جي پاليسين جي پروڙ آهي. تشويش جوڳي جيڪا ڳالهه اها آهي ته جيتري تائين روس ۽ انجي پاليسين جو تعلق آهي، تن جي حوالي سان نام نهاد لبرل ليکڪن يا صحافين مان، جيڪي پنهنجي راين کي تبديل ڪرڻ واري دٻاءَ جو به شڪار نه آهن، تن مان ذهين تنقيد يا ايمانداري جي توقع ئي بي سود آهي. اسٽالن ته مقدس بنيل آهي ۽ هن جي ڪن پاليسين تي ته سنجيدگي سان بحث به نٿو ڪري سگهجي. اهو نيم عالمي سطح تي کڻي 1941 کان عمل هيٺ آهي، پر ڏٺو وڃي ته اهو ان کان به ڏهاڪو کن سال اڳ اپنايل آهي. انهيءَ عرصي ۾ کاٻي ڌر وارا ته سويٽ حڪومت تي ٿيندڙ تنقيد کي ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهن. ٻي پاسي سويٽ مخالف مواد به وڏي پيماني تي پڌرو ٿيو آهي، پر اهو گهڻي ڀاڱي ڪنزويٽو نقطي نطر کان، ظاهري طرح بدديانتي تي منحصر، پراڻو ۽ گهٽيا مقصدن جي پورائي لاءِ لکيل آهي. ٻئي پاسي ايتري تعداد ۾ ئي روس جي حمايت ۾ مواد جوڙيو ويو آهي، جيڪو به بدنيتي تي مبني آهي ۽ جيڪر ڪو ان تي سنجيدگي سان بحث ڪرڻ گهرندو ته ان کي بائيڪاٽ جو منهن ڏسڻو پوندو. اوهان لاشڪ روس مخالف ڪتاب ڇاپي ٿا سگهو، پر پڪ ڄاڻو ته وڏي پريس اوهان کي يا ته نظر انداز ڪندي يا غلط نموني پيش ڪندي. اوهان کي عوامي توڙي خانگي سطح تي چتايو ويندو ته اهو قابل قبول نه آهي. تو جيڪي ڪجھه چيو آهي، سو کڻي صحيح به هجي، پر مهل سارو نه آهي ۽ ان کي فلاڻا يا فلاڻا رجعت پسند استعماليندا. انهي روش جو دفاع ان بنياد تي ڪيو ٿي ويو ته اها عالمي صورتحال يا انگريزي روسي اتحاد جي تقاضا اها آهي، پر حقيقت ۾ اهو چٽو آهي ته اها رڳو منطقي وضاحت آهي. انگريز دانشور يا انهن جي اڪثريت روس ڏانهن قومي وفاداري واري روش اختياري آهي، ۽ پنهنجي من ۾ هو سمجهن ٿا ته اسٽالن جي حوالي سان ڪنهن شڪ ۽ شبهي جو اظهار ڪفر بڪڻ جيان آهي. روس ۾ ٿيندر واقعن کي هڪ معيار سان ۽ ٻي پاسي ٿيندڙ واقعن کي ٻي معيار سان جانچيو ٿو وڃي. موت جي سزا جا ورهين کان مخالف 1936 کان 1938 وارن زوري نيڪالي مهمن Purges ۾ ٿيل اکٽ قتل عامن کي ساراهيندا رهيا. هندستان جي ڏڪار کي ته پريس ۾ پڌرايو ويو، پر اهڙي نوع جي يوڪرين واري ڏڪار کي لڪايوويو. جيئن جنگ کان اڳ هو، تيئن هينئر به دانشوارانه ماحول مناسب نه آهي.
    پر هاڻي منهنجي هن ڪتاب ڏي واپس اچون ٿا. ان ڏانهن انگريز دانشورن جو ردعمل ڪافي حد تائين سادو هوندو:” اهوڇپجڻ نه گهرجي ها“. فطري طور، اهي مبصر جيڪي ٻين کي حقير سمجهڻ جي فن جا ماهر آهن، سي ان ڪتاب تي سياسي سطح تي نه پر ادبي بنياد تي وار ڪندا. اهي چوندا ته هي ڪتاب بيوقوفاڻو، بيڪار ۽ پنن جو زيان آهي. اهو رايو درست به ٿي سگهي ٿو، پر يقيني طور اها مڪمل ڪهاڻي نه آهي. ڪنهنجو اهو چوڻ ته ڪتاب نه ڇپجڻ گهرجي ها، رڳو ڪتاب جي خراب هئڻ جي بنياد تي نه هوندو آهي. آخر ڪار گندگي سان ڀريل هزارين صفحا پيا روز ڇپجن، پر ڪو اعتراض نٿو واري. انگريز دانشور يا انهن جي اڪثريت ان ڪتاب تي ان ڪري اعتراض واريندا جو اهو سندن سرواڻ جي نندا ٿو ڪري ۽ سندن خيال ۾ ان سان ترقي ۾ رخنو پوندو. پر ڪتاب ۾ ان جي ابتڙ هجي ها ته هو ان جي مخالفت نه ڪن ها، پوءِ ڀلي ان ۾ سوين ادبي اوڻايون هجن ها. مثال طور ليفٽ بڪ ڪلب جي چئن پنجن سالن ۾ ڪاميابي مان ظاهر ٿئي ٿو، ته هو گارگند يا گهٽيا لکت کي به برداشت ڪندا، اگر اهو سندن ويچارن سان ٺهڪي ٿو.
    هتي جيڪو نڪتو شامل آهي، اهو ڪافي سادو آهي: ڇا هر هڪ رايو، جيڪو کڻي ڪيترو به غير مقبول Unpopular يا ائين کڻي ڇئجي ته بيوقوفانه به کڻي هجي، سو ٻڌڻ لائق آهي؟ ڳالهه کي ائين پيش ڪبو ته هر انگريز دانشور چوندو ته هائو. پر جيڪر ان کي تز ٺاهي پڇبو ته اسٽالن تي تنقيد جي حوالي سان ڇا خيال آهي ته اها ٻڌي سگهجي ٿي، ته گھڻو ڪري جواب نهڪر ۾ ايندو. ان سان موجوده تسليم ٿيل مروج راين جي پاسداري Orthodoxy کي ڄڻ للڪاريو وڃي ٿو ۽ آزاد تقرير جو حق ختم ٿئي ٿو. هاڻي جڏهن ڪو پريس يا تقرير جي آزادگي جي گهر ٿو ڪري سو ڪو مطلق آزادگي جي گهر نٿو ڪري. جيستائين منظم سماج پيا سهندا، تيسيتائين سيننسرشپ هوندي يا رهندي. پر روزا لگزمبرگ Rosa Luxembourg جي لفظن ۾ آزادي ٻي ماڻهو جي آزادي آهي. اهو ساڳئو اصول والٽيئر جي مشهور چوڻي ”جيتوڻيڪ آئون تنهنجي ڳالهه کي ناپسند ٿو ڪريان، پر مرڻ گهڙي تائين تنهنجي انهيءَ ڳالهه ڪرڻ واري حق جو دفاع ڪندس“ ۾ موجود آهي. دانشورانه آزادگي، جيڪا بنا ڪنهن شڪ شبهي جي ،اولهه جي تهذيب جي مکيه سڃاڻپ آهي، تنهنجي ڪا معنيٰ آهي ته اها اها آهي ته هر هڪ کي اهو ڪجھه چوڻ يا ڇاپڻ جو حق حاصل آهي، جيڪو ان جي نظر ۾ سچ آهي، بشرطيڪه اهو سڌو سئنون ٻي برادري کي نقصان نه پهچائي. سرمايه دارانه جمهوريت توڙي اولهه واري سوشلزم واري نموني، ويجهڙ تائين ان نڪتي کي انهي نموني پئي ورتايو آهي. جيئن مون اڳ ۾ اهو ظاهر ڪيو ته، اسان جي حڪومت انهي جي پاسداري جو ڪجهه اظهار ڪري ٿي. گهٽين وارا عام ماڻهو – ٿورو ان ڪري به شايد ته اهو انهن نظرين ۾ دلچسپي ۾ ايتري نٿا رکن، جو اهي انهن لاءِ برادشت جوڳا نه ٿيي سگهن _ اڃان تائين ”آئون سمجهان ٿو ته هر هڪ کي پنهنجو پنهنجو رايو رکڻ جو حق آهي“ وارو متو اپنايو اچن. رڳو، يا خاص طور تي، ادبي ۽ سائنسي دانشور، جيڪي هوند آزادگي جا سنڀاليندڙ هجن ها، تن انهيءَ کان عملي توڙي نظرياتي صورت ۾ نقرت ڪرڻ شروع ڪئي آهي.
    اسانجي دور جو عجيب ترين مظهر مرتد يا ڦريل لبرل آهي. ڄاتل مارڪسي دعويٰ ته بورجوازي آزادگي سراب آهي، جي ڀيٽ ۾ ٻيو رحجان وڌي رهيو آهي ته جمهوريت جو بهتر دفاع رڳو آپيشاهي طريقن سان ٿي سگهي ٿو. اهو نقطي نظر عام آهي ته جيڪو جمهوريت سان پيار ڪري ٿو، تنهن کي جيئڻ وڻي، تيئن ان جي دشمنن کي نيست و نابود ڪري ۽ ان جا دشمن ڪير آهن؟ هميشه اهو لڳندو آهي ته ان جا دشمن نه رڳو اهي آهن جيڪي ان جي کلم کلا ۽ سوچي سمجهي مخالفت ڪن ٿا، پر اهي پڻ سمجهيا وڃن ٿا، جيڪي غير مناسب نظريا ڦهلائي ان کي معروضي خطري ۾ وجھن ٿا. ٻين لفظن ۾ ان جي دفاع جي معنيٰ آهي سوچ جي آزدي کي ختم ڪرڻ. اهو دليل روسين پاران مخالفن کي ختم ڪرڻ واري مهمن Purges کي واجبي هئڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو. سخت گير روسي حامين مان به گهڻو ڪري ڪنهن به اهو نٿو اعتباريو ته عذاب جو شڪار ٿيلن تي لڳندڙ الزام سچا هئا، پر جيئن ته انهن مختلف ۽ انڪاري نظريا جوڙي روسي حڪومت کي معروضي طور ڪمزور پئي ڪيو، تنهن ڪري انهن کي نه رڳو نيست و نابود ڪرڻ پر کين نيچو نوائڻ لاءِ مٿن ڪئي ويندڙ غلط بهتان بازي به صحيح هئي. اهو ساڳيو دليل هتي به ڪم آندو ويو، جڏهن کاٻي ڌر جي پريس ۾ ٽراٽسڪائيٽس يا اسپيني خانه جنگي ۾ ريپبليڪن اقليتن جي حوالي سان شعوري طور تي ڪوڙ ٿي ڳالهايا ويا. اهي ساڳيا دليل حبس بي جا جي حوالي سان به پيش ڪيا ويا جڏهن 1943ع ۾ موزلي Mosely کي آزاد ڪيو ويو.
    انهن ماڻهن کي اهو نٿو ڏسڻ اچي ته جيڪڏهن اوهان آمرانه طريقن جي حمايت ڪندو ته اڳتي هلي اهي اوهان جي سهائتا ۾ نه پر اوهان خلاف استعمال ٿيندا. فاشسٽن کي بغير ٽرائيل جي جيلن ۾ واڙڻ جي عادت ٺاهيو، پوءِ قصو فاشسٽن تي ختم نه ٿيندو. دٻائي رکيل ڊيلي ورڪر جي ٻيهر بحالي کان ترت پوءِ آئون سائوٿ لنڊن ۾ ورڪنگ مين ڪاليج ۾ ليڪچر ڏئي رهيو هوس. ليڪچر ٻڌندڙن ۾ ورڪنگ ڪلاس يا لوئر مڊل ڪلاس جا دانشور هئا – جهڙا ليفٽ بڪ ڪلب جي شاخن ۾ هوندا هئا. ليڪچر ۾ پريس جي آزادي تي ڳالهايو ويو هو، ۽ مون کي حيرت لڳي، جڏهن ڪافي سوال پڇڻ لاءِ بيٺا ۽ پڇيائون ته ڇا مون کي نٿو لڳي ته ڊيلي ورڪر تان بندش لاهڻ وڏي غلطي نه آهي؟ جڏهن کانئن پڇيم ته ڇو؟ ته وراڻيو ويو ته جيئن ته اخبار جي وفاداري مشڪوڪ آهي، سو هن جنگي دور ۾ اهو برداشت نه ٿيندو. مون کي ان اخبار جو دفاع ڪرڻو پئجي ويو، جنهن مون تي ڪافي بار بدناموسي جو ڪيس ڪيو هو. پر آخر انهن اهو آمراڻه ورتاءُ ڪٿان سکيو هو. يقيني طور اهو هنن ڪميونسٽن کان اهو سکيو هوندو. سهپ ۽ شائستگي انگلنڊ ۾ بنيادي حيثيت رکن ٿا، پر اهي ڪي لازوال نه آهن، تنهنڪري انهن کي زنده رکڻ لاءِ شعوري ڪوشش وٺڻي پوندي آهي. آمرانه نظرين جي پرچار جي نتيجي ۾ اها جبلت نستي ٿيندي آهي، جنهن جي مدد سان آزاد منش کي پتو پوندو آهي ته ڪنهن ۾ خطرو آهي ۽ ڪنهن ۾ نه آهي. موزلي وارو مامرو ان کي واضح ڪري ٿو. 1940ع ۾ موزلي کي نظربند ڪرڻ صحيح هو، باوجود ان جي ته هن ڪو فني ڏوهه ڪيو هو يا نه. اسان زندگي لاءِ جهيڙي رهيا هئاسون ۽ ان وقت ڪنهن غدار کي آزاد نه پيو ڇڏي سگهجي. پر سال 1943 ۾ ان کي بغير ڪنهن ڪيس هلائڻ جي قيد ۾ رکڻ وارو عمل مناسب نه هو. عام طرح ان انياءَ کي محسوس نه ڪرڻ وارو عمل سٺو سوڻ نه هئو. جيتوڻيڪ اهو سچ آهي ته موزلي کي ڇڏڻ خلاف هلايل مهم ڪجھه جڙتو ته ڪجهه ٻين محرومين جي بچاءَ ڪرڻ جي عقلي ڪوشش هئي. پر فاشسٽ سوچ ڏانهن هاڻوڪي لاڙي ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل اخلاقي اصول کان دوري کي گذريل ڏهن سالن جي فاشسزم جي مخالفت ۾ ڪيترو ڳولي سگهجي ٿو؟
    اهو سمجهڻ ضروري آهي ته موجوده روسي خبط (Russomania) اولهه جي لبرل روايتن جي عام نستائپ جي هڪ علامت آهي. جيڪر ايم او آءِ مداخلت ڪري هن ڪتاب جي اشاعت کي روڪرائي ها، تڏهن به انگريز دانشورن جي اڪثريت کي ان عمل تي ڪا ڳڻتي نه ٿئي ها. يو ايس ايس آر USSR ڏانهن اڻ تنقيدي وفاداري هن وقت جي مروج سچائي Orthodoxy آهي، ۽ جڏهن يو ايس ايس آر جا مفاد شامل هوندا آهن، تڏهن اهي نه صرف سينسرشپ کي پر تاريخ جي سوچيل سمجهيل ٽوڙ مروڙ کي به برداشت ڪرڻ لاءِ تيار هوندا آهن. هڪڙو مثال ڏجي ٿو. ”اهي ڏهه ڏينهن جن دنيا کي جنجوڙي ڇڏيو“ نامي ڪتاب – جنهن ۾ روسي انقلاب جي شروعاتي ڏينهن جو اکين ڏٺو احوال آهي - جي ليکڪ جان ريڊ جي موت کان پوءِ ان ڪتاب جي ڪاپي رائيٽ وارا حق برطانوي ڪميونسٽ پارٽي ڏي منتقل ٿيا، جيئي آئون سمجهان ٿو هن شايد وصيت ڪئي هئي. ڪجهه سالن کان پوءِ ڪتاب جي اصلي ڇاپي کي مڪمل طور ختم ڪري، ان مان ٽراٽسڪي جو ذڪر توڙي لينن جو تعارف ڪڍي ۽ ٻي ڪاٽ ڇاٽ ڪري اهو ڪتاب ڇپايو ويو. اگر ريڊيڪل انٽليجنشيا جو وجود هجي ته اها انهي ڪارستاني کي هر ادبي رسالي يا اخبار ۾ پڌرو ڪري ها ۽ نندي ها. ٿورو ڪو ڪٿي احتجاج ٿيو. پر گهڻن انگريز دانشورن کي اهو عمل فطري ٿو لڳي. ان ڪڌي عمل کي برداشت ڪرڻ يا سڌي سنئين بدديانتي کي قبولڻ مان مراد روس جي تعريف، جيڪا ڪرڻ اڄ ڪلهه فيشن بنيل آهي، کان ڳالهه وڌيڪ چڙهيل آهي. امڪاني طور تي اهو فيشن گهڻو وقت نه هلي سگهندو. جڏهن منهنجو هي ڪتاب ڇپبو، تڏهن منهنجو سويٽ حڪومت وارو نقطي نظر عام طور قبوليت حاصل ڪري وٺندو. پر ان جو ڪهڙو فائدو؟ هڪ شريعت جو ٻي شريعت سان تبادلو ترقي نه آهي. دشمن جو ذهن گراموفون جيان آهي، جيڪو وڄي رهيو آهي، ڀلي اسان ان جي ريڪارڊ سان سهمت هجون يا نه.
    آئون سوچ يا تقرير جي آزادي خلاف ٿيندڙ دليلبازي – اهي دليل جيڪي دعويٰ ڪن ٿا ته اها وجود نٿي رکي يا اهي دليل جيڪي دعويٰ ڪن ٿا ته اها هجڻ نه گهرجي - کان واقف آهيان. منهنجو سادو جواب اهو آهي ته اهي مون کي نٿا مطمئن ڪن، ۽ ٻيو ته اسان جي چار سو سالن جي عرصي تي محيط تهذيب جو بنياد مختلف نموني ٿيو آهي. گذريل ڏهاڪو سالن کان منهجو ويساه آهي ته موجوده سويٽ حڪومت شيطاني آهي، ۽ آئون اهو چوڻ جو حق رکڻ جي دعويٰ ٿو ڪريان، باوجود ان حقيقت جي ته اسان هن جنگ ۾ يوايس ايس آر جا ساٿي آهيون، ۽ جنهن کي اسان جيتڻ ٿا چاهيون. جيڪر مون کي پاڻ کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ ڪنهن مواد جي ضرورت پوي ته آئون ملٽن جي هڪ سٽ چونڊيندس:
    قديم آزادگي جي ڄاتل اصولن سان. By the known rules of ancient liberty.
    لفظ قديم انهي حقيقت تي زور ڏئي ٿو ته ذهني آزادي پختي پاڙ رکندڙ روايت آهي، جنهن کان سواءِ اسانجي مخصوص مغربي ڪلچر جو وجود رڳو شڪي هوندو. انهي روايت کان ڪافي دانشور منهن موڙي رهيا آهن. انهن اهو اصول قبولي ورتو آهي ته بجاءِ ڪتاب جي پنهنجي اهليت جي، سياسي ضروتن پٽاندڙ ڀلي ان کي ڇپيو وڃي يا اشاعت کان روڪيو وڃي، يا ان جي تعريف ڪئي وڃي يا نندا ڪئي وڃي. ٻيا جيڪي اهڙو رايو نٿا رکن، پر ڊپ ۾ ان کي مڃيو وٺن ٿا. ان جو مثال اهو آهي ته ڪافي ناميارا ۽ سرگرم انگريز امن پسند يا صلح پسند Pacifist به روسي ملٽري ازم جي پوڄا تي ڪو اعتراض نٿا وارين. انهن امن پسندن موجب هر قسم جي هنسا بري آهي، انهن جنگ دوران اسان کي پيش پوڻ يا مصلحت ڪري معاهدا ڪرڻ تي زور ڀريو آهي. پر انهن مان ڪيترن اهو آوازيو آهي ته ريڊ آرمي پاران ڪئي ويندڙ جنگ به شيطانينت آهي؟ ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته روسين کي پنهنجو دفاع ڪرڻ جو حق حاصل آهي، جڏهن ته اسان لاءِ ائين ڪرڻ سخت گناه بنيل آهي. انهي تضاد کي رڳو هن نموني بيان ڪري سگهجي ٿو: اهو ان طرح سان ته ماڻهو بزدلانه نموني دانشورن جي ان اڪثريت سان چنڀڙيو رهي، جنهن جي محب وطني جو محور بجاءِ برطانيه جي يو ايس ايس آر آهي. مون کي خبر آهي ته برطانوي دانشورن وٽ پنهنجي انهي هيڻائي ۽ بدديانتي جا ڪافي سبب آهن، مون کي اهي دليل برزبان ياد آهن، جيڪي هو پنهنجي انهي رويي جي بچاءَ ۾ آوازيندا. پر گهٽ ۾ گھٽ ۾فاشزم ۾ آزادگي جو دفاع ڪندي اسان بيهوده روش کان پاڻ آجو ڪريون. لبرٽي جو ڪو مقصد آهي ته اهو آهي: ماڻهو جو اهي ڳالهيون ڪرڻ جو حق، جيڪي ماڻهو ٻڌڻ نٿا گهرن. عام ماڻهو اڻ چٽي نموني انهي نڪتي کي ورتائين ٿا ۽ عمل به ڪن ٿا. اسانجي ملڪ ۾ - ٻين ملڪن ۾ ائين نه آهي: ريپبليڪن فرانس ۾ ائين نه هو، ۽ نه اڄوڪي يوايس اي (آمريڪا) ۾ ائين آهي – لبرل آهن، جيڪي لبرٽي کان هراسيل آهن ۽ دانشور دانش تي گند پيا هارين: انهي حقيقت ڏانهن اوهان جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ مون هي مهاڳ لکيو آهي.

    1945


    ناول

    باب پهريون

    مئنر فارم Manor Farm جي مسٽر جونز، رات لاءِ ڪڪڙن جي کُــڏين کي تالا هنيا هئا، پر جيئن ته هو گھڻو پيتل هو، سو چور- خانا بند ڪرڻ وساري ويٺو. هُو جڏهن ٿڙندو ٿاٻڙندو گھر واپس اچي رهيو هو ته سندس بتيءَ جي روشنيءَ جي لار به نچندي ڪڏندي پئي آئي. هن پيرن مان جوتن کي در ڏي اڇليو. بورچيخاني ڀرسان ٺهيل ٿانون ڌوئڻ واري ننڍي ڪمري ۾ پيل پيپ مان بيئر جو آخري گلاس ڀري ڳڙڪايو ۽ پنهنجي بستري ڏي وڌيو، جتي سندس زال اڳيئي کونگھرا هڻي رهي هئي.
    جيئن ئي بيڊ روم جي روشني ٻاهر پکڙي، تيئن فارم جي جاءِ ۾ هلچل ۽ ڦڙڦوٽ پيدا ٿي. ڏينهن جو اها ڳالهه هُـلندي رهي هئي ته ميجر نالي واري هڪ ڪراڙي سوئر، جيڪو مڊل وائيٽ سوئر جو انعام ماڻي چڪو هو، اڳوڻي رات هڪ عجيب خواب لڌو هو، ۽ هاڻي هو آس وند هو ته ٻين کي انهيءَ خواب جو احوال ڏي. انهيءَ ڪري اهو سٽيو ويو ته جيئن ئي مسٽر جونز آخري چڪر لڳائي پنهنجي گھر وڃي آرامي ٿيندو، تيئن هي سڀ جانور وڏي ڀانڊي وٽ اچي مڙندا. ڪراڙي ميجر (جيئن هيءُ سڃاتو ٿي ويو، پر هن جي رڪارڊ ۾ شناخت ولنگڊن بيوٽي طور ٿيل هئي) کي فارم ۾ وڏي عزت حاصل هئي. هر جانور ڪلاڪ کن جي ننڍ وڃائي به هن جا گفتا ٻڌڻ ٿي گھريا.
    ڀانڊي جي ڇيڙي تي ٺهيل ٿلهي تي ميجر اڳ ۾ ئي آرامده ڪکائين بستري تي ويٺو هو. سندس مٿان، ٿنڀي ۾ لڳل بتي ٻري رهي هئي. هن جي عمر ٻارهن ورهيه هئي. ويجھي ڇڪ ۾ هو مچي ويو هو، پر پوءِ به هو عاليشان ڏيک وارو سوئر هو. پنهنجي شڪل ۽ شبيهه مان هو داناءُ ۽ سخي لڳندو هو، جيتوڻيڪ هن جا نيش ڪڏهن به ڪٽيا نه ويا هئا. ڪافي وقت کان جانور اچي رهيا هئا ۽ پنهنجي ڍنگ سارو ويهڪ جي جاءِ ولاريندا ويا. پهريائين بلو بيل، جيسيِ ۽ پنچر نامي ڪتا پهتا ۽ پوءِ سوئر آيا، جيڪي پليٽفارم جي مهاڙ ۾ ڪکن تي اچي ويٺا. ڪڪڙن درين جي سلن تي ديرو ڄمايو، ته پاريل ۽ ڪبوتر ڇت جي ڪاٺي تي وڃي ويٺا. رڍون ۽ ڳئون سوئرن کان پويان ٿي ويٺيون ۽ اوڳارڻ ۾ لڳي ويون. بار ڍوئڻ واري گاڏي وارا گھوڙا باڪسر ۽ ڪلوور گڏجي آيا. هو آهستي آهستي ۽ سنڀالي ويٺا ته متان ڪو پِسون سندن سنبن هيٺيان چيڀاٽجي نه وڃي. ڪلوور ٿلهي متاري مادي گھوڙي هئي ۽ عمر جي وچين وهيءَ ۾ اچي پهتي هئي. چوٿين ويم کان پوءِ سندس هاٺي اصلي صورت نه وٺي سگھي هئي. باڪسر به هڪ متارو وهٽ هو. ارڙهن گرانٽن وارو هيءُ گھوڙو سگھ جي لحاظ کان ٻن عام رواجي گھوڙن برابر هو. نڪ هيٺان اڇي پٽي جي ڪري سندس منهن مان موڳي هئڻ جو تاثر ٿي مليو ۽ حقيقت ۾ هو اول درجي جو ذهين به نه هو، پر عالمي سطح تي هو پنهنجي ڪردار جي پختگيءَ، ثابت قدمي ۽ اورچائي جي ڪري مشهور هو. گھوڙن کان پوءِ مُيرئل نامي اڇي ٻڪري، بينجمن نامي گڏهه پهتا. بينجمن هن فارم جو پوڙهو ترين جانور هو، پر پنهنجي خشڪ مزاجيءَ ڪري وڌيڪ مشهور هو. هو تمام گھٽ ڳالهائيندو هو، پر جڏهن کڻي ڪا ڳالهه ڪندو به هو ته اها به رکي ۽ ترش هوندي هئي. مثال طور هو چوندو هو ته الله تعاليٰ کيس پڇ ان ڪري عطا فرمايو آهي ته هو مکيون هڪلي، ۽ جلدي اهڙو ڏينهن ڏيندو، جڏهن نڪي پڇ رهندو ۽ نڪي هونديون مکيون. هن کي کلندي ڪڏهن به نه ڏٺو ويو هو. ان لاءِ جيڪر پڇبو هوس ته هو وراڻيءَ ۾ چوندو هو ته کيس ڪا کلڻ هاب ڳالهه نظر نٿي اچي. بهرحال، باوجود کلي عام اهو تسليم نه ڪرڻ جي، هُو باڪسر ڏانهن رغبت رکندو هو. ٻئي آچر ڏهاڙي باغ جي پويان قائم گھوڙن جي ميدان ۾ اچي گڏبا هئا ۽ پيا گاهه چرندا هئا، پر پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه نه ڪندا هئا.
    ٻيئي گھوڙا اڃان ويٺا ئي مس هئا ته بدڪ جي ٻچن جو ولر، جن جي ماءُ گم ٿي ويئي هئي، هيڻائي ۾ آوازيندا، قطار ٻڌي اندر داخل ٿيا ۽ اهڙي جاءِ لاءِ، جتي هو ڪنهن وڏي مرون جي لتاڙ کان بچي سگھن، هيڏانهن هوڏانهن گھمندا رهيا. ڪلوور پنهنجي ٽنگ جو اڳ ڏيئي، هنن لاءِ پڻ ديوار اڀي ڪئي. هاڻ هي اتي ڀيڙا ٿيا، ۽ جھٽ پٽ ۾ الوٽن ۾ پئجي ويا. آخري مرحلي ۾ مولي نالي واري هڪ مورک پر وڻندڙ گھوڙي، جنهن جونز جي هنيل ڪوڙڪي کولي هئي، مزي مزي سان مصري جي ڳنڊ چٻاڙيندي اندر آئي. هن مهڙ ۾ ئي جاءِ والاري. هوءَ پنهنجي اڇي بشڪ سان کيڏيندي رهي، انهيءِ اميد سان ته هر هڪ کي ڳاڙهيون ربنون نظر اچن، جن سان سندس چوٽيون ٻڌل هيون. سڀني کان آخر ۾ ٻلي پهتي، جنهن هميشه وانگر گرم ترين جاءِ جي ڳولا ۾ چوڌاري چڪر هنيو، نيٺ سڪڙجي ڪلوور ۽ باڪسر وچ ۾ وڃي ويٺي. هوءَ رڳو ميائون ميائون ڪندي رهي ۽ تقرير جو هڪ اکر به ٻڌڻ گوارا نه ڪيائين.
    سواءِ پاليل جھنگلي ڪانءَ موزز جي، جيڪو پوئين در جي پٺيان ٺهيل پيهي تي ستو پيو هو، سڀ جانور اچي مڙيا هئا. جڏهن ميجر ڏٺو ته سڀ جانور اچي گڏ ٿيا آهن ۽ تقريرلاءِ آسائتا آهن، تڏهن هن پنهنجو گلو صاف ڪيو ۽ شروع ٿيو:
    ”دوستو! اوهان کي ته اڳ ۾ معلوم ٿي ويو آهي ته مون گذريل رات هڪ عجيب خواب ڏٺو آهي، پر آئون ان خواب متعلق پوءِ ڳالهائيندس. پهريائين مون کي ٻيو ڪجھه چوڻو آهي. ڪامريڊو! آئون سمجھان ٿو ته آئون هاڻي اوهان ساڻ گھڻو وقت رهي نه سگھندس، ان ڪري مرڻ کان پهريائين آئون آسروند آهيان ته مون جيڪا ڏاهپ حاصل ڪئي آهي، سا اوهان ڏي منتقل ڪري وڃان. هڪڙو ته مونکي وڏي ڄمار ملي آهي، ۽ ٻيو ته اڪيلو هجڻ باعث مون کي ڳڻ ڳوت جو موقعو ميسر ٿيو آهي. انهيءَ ڪري آئون چوان ٿو ته آئون نه صرف هن ڌرتي جي زندگي، بلڪ هر ٻي جوءِ جي زندگي، جتي جتي جانور وسن ٿا، کي چڱيءَ پر سمجھان ٿو. اڄ آئون انهيءَ موضوع متعلق ويچار ونڊڻ گھران ٿو.
    ”هاڻي دوستو! اسان جي زندگيءَ جي نوعيت ڇا آهي؟ اچو ته ان سان منهن مقابل ٿيون! اسان جون زندگيون ننڍيون پر ڪٺن ۽ ڏکن ڏولاون سان ڀريل آهن. اسان جڏهن ڄمون ٿا ته اسان کي صرف اوترو کاڌو ڏنو وڃي ٿو، جيترو اسان جي جسم ۾ ساهه سنڀالي سگھي، ۽ اسان مان جيڪي قابل ڪار آهن، تن کان سندن سگھه جي آخري اڻي تائين پورهيو ورتو وڃي ٿو. جنهن ويل اسان جو ڪمائتو هئڻ ختم ٿئي ٿو، ته انهيءَ مهل ئي اسان کي ڀيانڪ ڪٺورتا سان ڪٺو وڃي ٿو. انگلنڊ جو ڪوبه جانور جڏهن هڪ سال جو ٿئي ٿو ته انکي خوشي ۽ فراغت جي خبر نه هوندي آهي. انگلنڊ جو ڪوبه جانور آزاد نه آهي. هر جانور جي زندگي غلامي ۽ ڪمبختي ۾ وڪوڙيل آهي. اهوئي ڪڙو سچ آهي.
    ”پر ڇا اهو رڳو فطرت جي دستور جو حصو آهي؟ ڇا اهو انڪري آهي ته اسان جي ڌرتي غريب آهي ۽ مٿس وسندڙن کي شانائتي زندگي گھارڻ جا وسيلا ميسر ڪري ڏيڻ کان قاصر آهي؟ نه ڪامريدو نه - هزار دفعا نه. انگلنڊ جي مٽي زرخير آهي، ان جي آبهوا به دلڪش آهي ۽ اها ان لائق آهي ته هن وقت هتي رهندڙن مڙني جانورن کان به وڌيڪ جيوَن کي جياپي لاءِ کاڌ خوراڪ مهيا ڪري سگھي. اسان جو فارم درجن گھوڙن، ويهارو ڳئن ۽ سوين رڍن کي ايترو کاڌو فراهم ڪري سگھي ٿو، جو اهي آرام ۽ عزت سان باقي زندگي بسر ڪري سگھن ٿيون. پر اها ڳالهه اسان جي تصور کان ڪوهين ڏور آهي. پوءِ به آخر ڇو اسان اهو جاڙ جيئون پيا؟ ڇاڪاڻ ته اسان جي محنت جو اپراسو انسان ذات چورايو وڃي. انهيءِ ۾ ئي اسان جي سڀني سوالن جو جواب لڪل آهي. انهيءَ جواب کي جيڪر هڪ لفظ ۾ سموهجي ته اهو لفظ آهي ”ماڻهو“ - ماڻهو اسان جو حقيقي دشمن آهي. ماڻهو کي منظر تان هٽايو ۽ انهي ساڻ اسانجي بک ۽ ڳـهَڻ جو بنيادي سبب هميشه لاءِ مٽجي ويندو.
    ”ماڻهو ئي اهڙو جيو آهي، جيڪو پيدا ته ڪجھه به نٿو ڪري، پر الٽو کاپي پويان آهي. هو کير نٿو ڏئي، هو بيضا نٿو لاهي، هو هر هلائڻ کان لاچار آهي، هو تکو ڊڪي سهن کي پڪڙڻ لائق به نه آهي. پر پوءِ به هو اسان جو آقا بنيو پيو ڦري. هو اسان کي ڪم ۾ لڳائي ٿو ۽ ان جي بدلي ۾ رڳو ايترو ڏئي ٿو جو اسان بک وگھي مرڻ کان بچيا رهون. باقي سڀ ڪجھه هو پاڻ هڙپ ڪريو وڃي. اسان جي پورهئي سان پوکي راهي ٿئي ٿي، اسان جو ڀاڻ ٻنيءَ کي زرخير ڪري ٿو، پر پوءِ به اسان مان اهڙو ڪونهي، جنهن وٽ پنهنجي چمڙيءَ کان وڌيڪ هجي. مونکي آڏو نظر ايندڙ اوهان ڳئون ٻڌايو ته سهي ته گذريل وقت ۾ ڪيترا هزارسير کير اوهان مان ڏڌو ويو آهي ۽ ان کير جو ڇا ٿيو؟ اهو هوند وڇين ۽ وڇڙن جي تات ۾ ڪم اچي ها. پر ان جو هر ڦڙو اسان جي ويريءَ جي نڙين ۾ لهي ويو. اي ڪڪڙيون! هن سال اوهان ڪيترا بيضا لاٿا ۽ ڪيترا ان مان ٻچن ڦوڙڻ لاءِ رکيا ويا؟ مسٽر جونز ۽ انهن جي ڪمين گھڻن کي منڊيءَ ۾ وڪرو ڪري ناڻو ڪمايو. مائي ڪلوور! تون ئي ٻڌاءِ ته تو وارا چار ڦر ڪيڏانهن ويا؟ جيڪي هوند توکي وڏي وهيءَ ۾ ڪم اچن ها؟ هر هڪ کي سال جو ٿي وڃڻ کان پوءِ کپايو ويو، ۽ انهن مان ڪنهن کي به وري تون يا عمر نه ڏسي سگھندينءَ؟ ٻنين ۾ ڪيل پورهئي ۽ پيٽائتي هئڻ واري ڪٺن وقت جو سلو توکي ڇا مليو آهي؟ رڳو مخصوص ۽ مقرر کاڌو ۽ ننڍي ڪڙهه؟
    ”ايتري تائين اسان جيڪا هي ذلت ڀري زندگي گھاريون ٿا، تنهن کي به فطري نموني پڄاڻيءَ تي پهچڻ نٿو ڏنو وڃي. آئون پنهنجي سر لاءِ نٿو ڪُرِڪان، ڇو ته آئون وڏي نصيب وارو آهيان. آئون ٻارنهن ورهين جو اچي ٿيو آهيان. ان دوران چار سؤ کن ٻار ڄڻيا اٿم. ائين سوئرن واري فطري زندگي گذاري اٿم. پر ڪوبه جانور آخري وقت ۾ ڪٺور ڇري کان نٿو بچي سگھي. اي ڪچڙا سوئرو! اوهان جڏهن سال کن جا ٿيندائو ته اڏيءَ تي نيا ويندائو ۽ زندگي لاءِ رڙندائو! انهيءَ دهشت سان ملاقاتي اسان سڀ - سوئر، ڪڪڙيون، ڪڪڙ، رڍون ۽ ٻيا - ٿينداسون. ايتري تائين جو گھوڙن ۽ ڪتن جي پوياڙي به چڱي ڪانهي. او باڪسر! جنهن ڏهاڙي تنهنجيون اهي سگھاريون مشڪون نٻل بنبيون، جونز توکي ڪمزور ۽ لاغر گھوڙا ڪُهندڙن جي حوالي ڪندو ۽ پئسا ڪمائيندو. اهو ڪاسائي وري تنهنجو گلو ڪٽي، توکي ٽهڪائي، لومڙيءَ جو شڪار ڪندڙ ڪتن جي لاءِ خوراڪ بنائيندو. ڪتا جڏهن جھُور ٿيندا آهن ته جونز انهن جي ڳچيءَ ۾ پٿر ٻڌي، کين ڪنهن کائي ۾ ٻوڙي ڇڏيندو آهي.
    ”هاڻي اهو وائکو ٿي ويو آهي ته اسان جي مڙني ڪشٽن جي اوسر انسان ذات جي بيداد مان ٿئي ٿي. سو رڳو ماڻهو مان جند آجي ڪرايو ته پوءِ هر اپت اوهان جي پنهنجي هوندي ۽ اسان رات پيٽ ۾ امير ۽ آزاد بنجي وينداسين. ها ته پوءِ اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟ اسان کي ڏينهن رات پوري تن من سان انسان ذات تي غلبو حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻ گھرجي. ان لاءِ منهنجو پيغام اوهان ڪامريڊن لاءِ اهو آهي ته: بغاوت. مونکي پتو ڪونهي ته ڪڏهن بغاوت ٿيندي. اها هفتي اندر ٿي سگھي ٿي يا وري ان ۾ سؤ سال به لڳي سگھن ٿا. پر آئون ڄاڻان ٿو ته ڪڏهن نه ڪڏهن انصاف ضرور ٿيندو. اوهان کي اهو نڪتو ذهن ۾ اڪري ڇڏڻ گھرجي ۽ باقي زندگي انهيءَ تي عمل پيرا ٿيڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ گھرجن. ٻي ڳالهه اها ته اهو پيغام پنهنجي پونيرن کي ڏيندا رهجائو ته جيئن اها ٽهي ڪاميابي ماڻڻ لاءِ جدوجهد جاري رکي.
    ”دوستو! ياد رکو ته پنهنجن ارادن ۾ ڪمزوري نه آڻجائو، ۽ ڪوبه مخالف دليل اوهان کي گمراهه نه ڪري. اوهان کي جيڪو اهو ٻڌايو ٿو وڃي ته ماڻهن ۽ جانورن جا مفاد مشترڪ آهن ۽ هڪڙي جي خوشحالي ٻي جي ئي خوشحالي آهي، تنهن تي بلڪل اعتبار نه ڪريو. ماڻهو ٻي ڪنهن به جيو واسطي ڪم نٿو ڪري، پر هو رڳو پنهنجي لاءِ سڀ ڪجھه ڪري ٿو. اسان جانورن ۾ مڪمل ٻڌي هجي، مڪمل ڀائپي هجي. ياد رهي ته سڀ ماڻهو اسان جا دشمن آهن ۽ سڀ جانور پاڻ ۾ ڀائر آهن ۽ ڪامريڊ آهن.“
    انهيءَ وقت ٿوري گڙ ٻڙ ٿي پئي. ڇا ٿيو جو ميجر جي تقرير هلندي چار ڪوئا به پنهنجي ٻرن مان ٻاهر اچي تقرير ٻڌي رهيا هئا، تڏهن اوچتو ڪتن جي مٿن نظر پئجي ويئي. ڪتا وٺي ڪوئن ڏي مڙيا ۽ ڪوئن ڀڄي جان بچائي. انهيءَ هُل دوران سوئر پنهنجو اڳيون پير اڳيان ڪري سڀني کي خاموش ٿيڻ لاءِ چيو.
    ”ڪامريڊو!“ هن چوڻ شروع ڪيو، ”هي نڪتو به سلجھائڻ گھرجي: هي جيڪي جھنگلي جيو ڪوئا ۽ سها آهن، سي ڇا اسان جا سڄڻ آهن ڪي ويري! اچو ته ان لاءِ ووٽنگ ڪريون. آئون هن ميڙ ۾ تجويز ٿو ڏيان ته ڇا ڪوئا ڪامريڊ آهن؟“ انهيءَ وقت سڀني کان ووٽ ورتو ويو ۽ وڏي اڪثريت سان طيءِ ٿيو ته ڪوئا اسان جا ساٿي ۽ ڪامريڊ آهن. رڳو چئن ڄڻن يعني ٽن ڪتن ۽ هڪ ٻليءَ انهيءَ جي مخالفت ۾ راءِ ڏني. بهرحال پوءِ معلوم ٿيو ته ٻلي ٻنهي پاسي ووٽ ڏنو آهي. ميجر وري شروع ٿي ويو: ”مونکي اڃان به ڪجھه چوڻو آهي. آئون هي ٻيهر ورجايان ٿو ته رڳو اهو ذهن نشين ڪري ڇڏيو ته ماڻهو ۽ ان جي پرڪارن خلاف دشمني رکڻ اوهان جو فرض آهي. تنهن ڪري جيڪو جيو به ٻن ٽنگن تي هلي سو ويري آهي ۽ جيڪو چئن ٽنگن تي هلي يا کنڀ هجنس، سو اسان جو سنگي ساٿي آهي ۽ اهو پڻ ياد رکو ته ماڻهوءَ خلاف ويڙهاند ۾ اسان کي هن جهڙو بڻجڻو نه آهي. جڏهن اوهان هن تي غالب پئجي وڃو، تڏهن هن جهڙيون برايون نه اختيار ڪجائو. ڪوبه جانور ڪنهن انساني گھر ۾ رهائش پذير نه ٿئي، نڪي بستري ۾ سمهي، ۽ نه ئي شراب ۽ تماڪ واپرائي، نه ڪپڙا پهري، نه پئسن کي هٿ لاهي ۽ نه ئي ڪاروبار ڪري. ماڻهوءَ جون مڙيئي عادتون برايون آهن ۽ وڏي ڳالهه ته ڪوبه جانور پنهنجي جاتيءَ تي ظلم نه ڪري. نٻل توڙي سگھو، هوشيار توڙي سادو، اسان مڙيئي پاڻ ۾ ڀائر آهيون. ڪوبه جانور ٻئي جانور کي نه ماري. جانور سڀ برابر آهن.
    ”ڪامريڊو! هاڻي آئون اوهان کي گذريل رات جي خواب متعلق ٻڌائيندس. اهو خواب اهڙي ڌرتيءَ واسطي آهي، جتي ماڻهو جو نالو نشان به نه هوندو. انهيءَ خواب مونکي هڪ وساريل ڳالهه ياد ڏياري آهي، جيڪا ورهيه ٿيا، مونکان وسري چڪي هئي. ڪي سال اڳ جي ڳالهه آهي. آئون جڏهن ننڍڙو سوئر هوس ۽ منهنجي ماءُ ۽ ان جون ساٿياڻيون گڏجي هڪ گيت ڳائينديون هيون، جنهن جي رڳو کين ڌن ۽ پهريان ٽي لفظ ياد هئا. ٻاروتڻ ۾ ته اها ڌن مونکي ياد هئي، پر پوءِ اها ذهن مان ميسارجي ويئي. پر گذريل رات خواب ۾ سنڀارجي آئي اٿم. وڏي ڳالهه اها ٿي آهي ته انهيءَ گيت جا لفظ به پلئه پيا اٿم، جيڪي مونکي پڪ آهي ته پراڻي وقت جا جانور ڳائيندا هئا، پر پوءِ جي نسلن کي ياد نه رهيا. آئون اهو گيت اوهان کي ڳائي ٻڌايان ٿو، پر آئون جُھور آهيان ۽ منهنجو آواز به گھگھو آهي، پر جڏهن آئون اوهان کي سيکاري بس ڪريان، ته پوءِ اوهان ان کي سهڻي طريقي سان ڳائجائو. انهيءَ جو گيت جو عنوان آهي ”انگلنڊ جا جانور“
    پوڙهي ميجر پنهنجو گلو صاف ڪيو ۽ ڳائڻ لڳو. جيئن چيو هئائين، سندس آواز گھگھو هو، پر پوءِ به هن چڱي نموني ڳايو. هن گيت جي ڌن ڪافي جوشيلي هئي، ”ڪليمنٽائين“ ۽ ”لاڪروچا“ جي عين بين. گيت جا لفظ هئا:
    ”انگلنڊ جا حيوانو، آئرلنڊ جا حيوانو
    هر ڌرتي ۽ ديس جا حيوانو!
    منهنجي خوشخبري
    ڪن لائي ٻڌو؛
    دير سوير اهڙو ڏينهن به ايندو،
    ڪٺور ماڻهن کي هتان ڀڄايو ويندو،
    ۽ انگلنڊ جون زرخيز ٻنيون،
    رڳو اسانجي لتاڙ هيٺ هونديون،
    نڪن مان ناڪوٽيا ڪڍيا ويندا،
    اسان جي پٺن تي پيل سنج الوپ ٿيندا.
    لغامون ۽ مهميزون زنگجي وينديون
    ڦٽاڪا ۽ چهبڪ ٻيهر نه آوازيندا.
    تصور کان ٻاهر خوشحالي ايندي،
    ڪڻڪ، جو، جئي ۽ سڪل گاهه
    برسيم، ڦرهيون ۽ چقندر
    ان ڏينهن سڀ اسان جا هوندا.
    انگلنڊ جي ٻنين ۾ روشني هوندي،
    پاڻي به پوتر هوندو
    مٺڙي هير پئي لڳندي،
    ان ڏينهن جڏهن آزادي ملندي.
    اهڙي سرهي وقت لاءِ اسان کي پورهيو ڪرڻو آهي،
    ٿي سگھي ٿو ته ان جي آمد کان اڳ اسان جي زندگيءَ جو ڏيئو اجھامي وڃي،
    ڳئون، گھوڙا، بدڪون ۽ ڪڪڙ
    سڀني ساٿين کي آجپي لاءِ ڳهڻو آهي.
    انگلنڊ جا حيوانو! آئرلنڊ جا حيوانو
    هر ڌرتي ۽ ديس جا حيوانو!
    منهنجي خوشخبري
    ڪن لائي ٻڌو.
    هن گيت کي ڳائيندي جانورن ۾ هڪ طرح جو ولولو پيدا ٿيو. اڃان ميجر گيت ڳائي پورو ئي نه ڪيو، ته ٻيا جانور پاڻ ئي اهو گيت ڳائڻ لڳا. ايتري تائين جو ڪند ذهن جانورن به ان جي ڌن ۽ ڪجھه لفظن کي سمجھي ورتو پر چالاڪ ۽ هوشيار جانورن جھڙوڪ ڪتن ۽ سوئرن ته پورو گيت ياد ڪري ورتو هو. ڪجھه ابتدائي ڪوشش کانپوءِ سڄو واڙو گڏجي اهو گيت ڳائي رهي هيو. ڍڳين پنهنجي رنڀ لڳائي، گھوڙن هڻڪار ڪئي، بدڪن ڪُئي ڪُئي ٿي ڪئي، ڪتن ڀونڪڻ ۽ اوناڙڻ شروع ڪيو، رڍن ٻاڪار پئي ڪئي. گيت انهن کي اهڙو مزو ڏنو، جو ان کي لڳاتار پنج ڀيرا ڳاتو ويو. هوند اڃان به پيا ڳائين ها، جيڪر کين روڪيو نه وڃي ها.
    انهيءَ مهل هنگامي جي ڪري، مسٽر جونز جاڳي پيو هو. هن کي پڪ ٿي ته سندس فارم ۾ ڪو بگھڙ پهتل آهي. هو بستري تان اٿيو ۽ ڀر ۾ پيل بندوق کنئي ۽ ڪمري جي ڪنڊ وٽان بيهي فائر ڪيو. گوليءِ جا ڇيرا ڀانڊي جي ڀتين ۾ گم ٿي ويا ۽ ميڙ تڪڙ تڪڙ ۾ ختم ٿي ويو. هرهڪ پنهنجي سمهڻ واري جاءِ ڏي وٺي ڀڳو. پکي وڃي پنهنجي آکيرن ۾ ستا، جانور ڪکن تي وڃي آهليا. چند منٽن کان پوءِ سڄو فارم ننڍ ۾ گھيريل هو.


    باب ٻيو

    ٽي راتيون پوءِ، پوڙهو ميجر ننڊ ۾ ستي ئي ڌڻيِءَ کي وڃي پرتو. سندس جسم کي باغ جي مهڙ ۾ پوريو ويو.
    اهو موت مارچ جي شروع ۾ ٿيو. ان کان پوءِ ايندڙ ٽن مهينن دوران انتهائي خفيه سرگرميون به ٿينديون رهيون. ميجر جي تقرير سمجھدار جانورن کي زندگيءَ جو هڪ نئون نقطي نظر ڏنو هو. انهن کي اها خبر نه هئي ته ڪڏهن بغاوت ٿيندي، انهن وٽ اهو وسهڻ لاءِ ڪوبه سبب نه هو ته اها سندن حياتي ۾ ئي ٿيندي، پر هنن انهيءَ جي برپا ڪرڻ لاءِ تياري وٺڻ کي فرض پئي سمجھيو. ٻين کي سيکارڻ ۽ منظم ڪرڻ جي ذميواري سوئرن تي عائد ڪئي ويئي، جيڪي عام طرح مڙني جانورن ۾ زيرڪ سمجھيا ٿي ويا. سوئرن ۾ وڌيڪ ڄاتل سڃاتل سنوبال ۽ نيپولن هئا، جن کي مسٽر جونز کپائڻ لاءِ تاتي رهيو هو. برڪشائير نسل سان تعلق رکندڙ نيپولن دهشت زده ڪندڙ ڊول جو مالڪ هو. هوگھٽ ڳالهائو ۽ پنهنجي طريقي هلندڙ جانور هو. هن جي ڀيٽ ۾ سنوبال خوشدل، تيز ڳالهائيندڙ ۽ جدت پسند هو، پر ڪردار جي لحاظ کان ايتري گھرائي جو مالڪ نه هو. ٻيا نر سوئر ڪسجڻ واسطي تيار ٿي رهيا هئا. انهن ۾ وري ڄاتل سڃاتل هو ڍينڍڙو ۽ ڦيڦو اسڪئيلر. سندس مِٽون گول، اکيون ڇنڀندڙ، ڇڙڪ چرپر ۽ آواز تکو هو. هيءُ ڏاڍو سٺو مقرر هو. جڏهن ڪنهن ڏکئي نڪتي تي دليل بازي پيو ڪندو هو ته ان سمي هن جي عادت هوندي هئي ته هڪ پاسي کان ٻئي پاسي پيو ٽپا ڏيندو ۽ پنهنجي پڇ کي به ڦيرا ڏيندو. اهو سندس ڍنگ سامعين کي قائل ڪري سگھڻ جهڙو هو. هن لاءِ اهو چيو ويندو هو ته هو ڪاري کي اڇو ڪري ثابت ڪري سگھجي ٿو.
    هنن ٽنهي ميجر جي سکيا کي تفصيل سان نئين سوچ سرشتي ۾ منظم ڪيو، جنهن کي هنن نالو ڏنو ائنيملزم (جانورازم). جونز جي سمهڻ کان پوءِ هفتي جون ڪيتريون راتيون، هو ڀانڊي ۾ اچي گڏجاڻيون ڪندا هئا، جن ۾ هو جانورازم جا اصول ٻين کي سيکارڻ لڳا. شروع شروع ۾ ته کين ٻين جي بي ڌياني، بيوقوفائي ۽ لا پرواهي کي منهن ڏيڻو پيو. ڪن جانورن اهو ٿي چيو ته اهو انهن جو فرض آهي ته هو پنهنجي آقا جونز سان وفا ڪندا رهن. يا ڪن ائين ٿي چيو ته آقا جونز ئي آهي، جيڪو کين کارائي پياري ٿو، سو جي مري پيو ته هو رلي ويندا ۽ بکن ۾ پاهه ٿيندا. ٻين وري اهي سوال پڇيا ته ”آخر اسان جي مرڻ پڄاڻان ٿيندڙ ڪنهن واقعي متعلق هينئر اسان ڇو ويهي هلاک ٿيون؟“ يا ”جيڪڏهن بغاوت ڪنهن به نموني ٿيڻي آهي، ته پوءِ ڪهڙو ٿو فرق پوي، جيڪر ان لاءِ ڪم ڪجي يا نه ڪجي.“ سوئرن لاءِ ٻين جانورن کي اهو سمجھائڻ ته اهي ڳالهيون، جيڪي هو ڪن پيا، جانورازم جي خلاف آهن، ڏاڍو ڪٺن ڪم هو. سڀ کان ڇسا سوال اڇي گھوڙيءَ مولي ڪيا. پهريون پهريون سوال جيڪو هن سنوبال کان ڪيو، اهو هو ته ”بغاوت برپا ڪرڻ بعد ڇا کين مصري پئي ملندي.“ ”نه“ سنوبال پختگيءَ سان وراڻيو، ”اسان وٽ هن فارم تي مصري ٺاهڻ جو ڪو وسيلو ڪونهي. وڌيڪ ته اوهان کي مصري جي ڪاڻ ڪانه رهندي ڇو ته اوهان کي سڪل گاهه جام ملندو.“
    ”ڀلا ڇا مون کي پنهنجي ڳچيءَ جي وارن ۾ ربن هڻڻ جي اجازت هوندي؟“ مولي پڇيو.
    ”ڪامريڊ!“ سنوبال چيو، ”اهي ربنون، جن لاءِ تون مريو ٿو وڃين، غلاميءَ جون نشانيون آهن. ڇا تون نٿي سمجھين ته آزادي ۽ آجپو انهن ربنن کان وڌيڪ آهي؟“
    مولي ته انهن سان ته کڻي هاڪار ڪئي، پر هوءَ انهن سان سهمت نٿي نظر آئي.
    پاليل جھنگلي ڪانءَ موزز پاران جيڪي افواهه ۽ ڪوڙيون خبرون پکيڙيون ٿي ويون، تن کي رد ڪرڻ ۾ هنن سوئرن کي وڌيڪ جاکوڙ ٿي ڪرڻي پئي. موزز مسٽر جونز جو خاص پاليل پکي هو ۽ هو ان جو جاسوس ۽ چغل خور هو. هيءُ ڳالهين جو ڳهير هو. هو دعويٰ ڪندو هو ته هن کي هڪ پراسرار ملڪ ”شگرڪينڊي مائونٽين“ جي ڄاڻ آهي، جنهن ڏانهن، سڀ جانور مرڻ بعد نيا ويندا آهن. انهيءَ ملڪ ۾ هفتي جا ست ڏينهن آچر ئي هوندو آهي ۽ هر موسم ۾ اتي برسيم گاهه ملندو آهي ۽ اتي لوڙهن تي نازبو ۽ ڳڙ اسرندو آهي. جانور موزز کان نفرت ڪندا هئا، ڇو ته هو ڪم جو ٽوٽي هو، پر قصا گھڙڻ ۽ ٻڌڻ جو ماهر هو. البت ڪجھه جانور شگرڪينبدي مائونٽين واري قصي تي اعتبار ڪندا هئا. انهيءَ ڪري سوئرن کي وڏي دليل بازي ڪري ثابت ڪرڻو پوندو هو ته اهڙي ڪنهن ملڪ يا جاءِ جو ڪو وجود ڪونهي.
    هنن جا انتهائي اعتبار ڪندڙ پيروڪار هئا: گاڏي گھليندڙ ٻه گھوڙا باڪسر ۽ ڪلوور. اهي پنهنجي سر ڪا ڳالهه سوچڻ ۽ ان تي ويچار ڪرڻ ۾ وهلور پيا ويندا هئا، پر هڪ ڀيرو سوئرن کي استاد مڃي، ۽ انهن پاران ٻڌايل ۽ سيکاريل هر ڳالهه کي، پنهنجي ذهن ۾ سمائي، ٻين جانورن ڏانهن دليلن سان منتقل ٿي ڪيو. ڀانڊي ۾ ٿيندڙ خفيه گڏجاڻين ۾ هو پابنديءَ سان شريڪ ٿيندا هئا ۽ انهن ۾ گيت ڳائڻ ۾ اڳواڻي ڪندا هئا، جيڪو پڄاڻي مهل ڳايو ويندو هو.
    هيڏانهن بغاوت توقع کان اڳ ۽ ڪافي آسانيءَ سان برپا ٿي. پوين سالن ۾ مسٽر جونز جيڪو کڻي سخت گير آقا هو، پر لائق زميندار پڻ هو. مگر ويجھي ڇڪ ۾ ڪنهن ڪيس ۾ رقم ٻڏائي وجھڻ کان پوءِ اچاٽ ٿي پيو هو ۽ شراب نوشي ڏانهن وڌيڪ وڌي ويو هو. اها مي نوشي هن جي صحت لاءِ انتهائي خراب هئي. هو سڄا سڄا ڏينهن بورچيخاني ۾ ونڊسر Windsor ڪرسيءَ تي آهليو پيو هوندو، ۽ اخبارون پيو پڙهندو يا مڌ پيئندو هو. ڪڏهن ڪڏهن مانيءَ جا ٽڪرا بيئر ۾ ٻوڙي موزز کي اڇلائي ڏيندو هو. هن جا ڪمي ڪم چور ۽ بي ايمان هئا. ٻنين ۾ گند گاهه وڌي ويو هو، جاين جو ڇتيون مرمت جون گھرجائون هيون. وٿاڻ به ابتر حالتن ۾ هئا. جانورن کي تمام گھٽ ٿي کارايو ويو.
    جون جو مهينو آيو ته گاهه به ڪٽجڻ لاءِ تيار هو. وچ اونهاري جي هڪ ڇنڇر تي مسٽر جونز ولنگڊن ويو هو، اتي ريڊ لائين نالي واري گتي ۾ ايترو ته پيتو هئائين، جو آچر جي منجھند تائين هو واپس نه وريو. سندس نوڪر چاڪر جانورن کي کاڌو کارائڻ کان سواءِ ئي، صبح جو سويل ڳئون ڏهي، سها پڪڙڻ لاءِ ٻيلي ۾ نڪري ويا. جڏهن جونز آيو ته سڌو وڃي ڊرائنگ روم جي صوفا تي ليٽيو ۽ ”نيوز آف ورلڊ“ کي پڙهڻ ۾ لڳي ويو. ائين شام تائين جانور بکيا رهيا. نيٺ به اهو سڀ ڪجھه هنن جي سهپ کان ٻاهر هو. هڪڙي ڍڳيءَ گاهه واري ڀانڊي جي در کي پنهنجي سڱن سان ڀڳو. ان بعد هر هڪ جانور اندر آيو ۽ گندين ۾ پيل کاڌو کائڻ لڳو. انهيءَ وقت مسٽر جونز ننڊ مان جاڳيو. ٻي گھڙي هو ۽ سندس ڪمي ڀانڊي ۾ چهبڪن ۽ لٺين ساڻ وارد ٿيا، ۽ هر هڪ جانور کي ڪٽڻ لڳا. بکايل جانورن لاءِ اهو عمل سهپ جوڳو نه رهيو، سو يڪراءِ ٿي، جيتوڻيڪ ان لاءِ ڪا اڳواٽ رٿابندي به نه ٿيل هئي، هو پنهنجي آزاريندڙن ڏانهن ڪاهي آيا. اوچتو مسٽر جونز ۽ سندس نوڪرن ڏٺو ته هو جانورن جي ٿونن ۽ لتن جو نشانو بنجي رهيا هئا ۽ صورتحال سندن ظابطي ۾ نه رهي هئي. هنن ته ڪڏهن به جانورن جو اهڙو ورتاءُ ڏٺو ئي ڪونه هو. هو جنهن جانور کي جهڙي نموني ڪٽڻ چاهيندا هئا، تيئن پيا ڪٽيندا هئا. جانورن جي هن رد عمل کين ڊيڄاري وڌو، سو هنن وٺي پويان پير ڪيا ۽ جانور سرخرو ٿي هنن جي پويان لڳا آيا.
    بيگم جونز پنهنجي گھر مان اهو نظارو پئي ڏٺو، سو هن پنهنجي ٿيلهي ۾ ضرورت جون شيون وڌيون ۽ ٻئي در مان ٻاهر اچي فارم مان ٻاهر نڪري ويئي. موزز سندس پويان اڏامندو آيو ۽ روايتي آواز ڪڍندو آيو. انهيءَ وچ ۾ جانور مسٽر جونز ۽ ان جي نوڪرن پويان لڳا آيا ۽ کين فارم مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ مکيه وڏو در بندي ڇڏيو. ائين کين خبر پوڻ کان اڳ ئي بغاوت ٿي چڪي. جونز کي هڪالي ڪڍيو ويو ۽ مئنر فارم هاڻي هنن جي ملڪيت هو.
    ڪجھه منٽن تائين ته جانورن کي پنهنجي ڀلي ڀاڳ تي يقين نٿي آيو. سندن پهريون عمل اهو ٿيو ته هو گڏجي سڏجي فارم جي چئني پاسي ڊڪندا رهيا، ڄڻ اهو يقين ڪرڻ پيا گھرن ته هاڻي فارم ۾ ڪو انسان لڪل ڪونه آهي. ان بعد هو فارم جي عمارتن ڏي وٺي ڀڳا، ته جيئن جونز جي حڪمرانيءَ جون آخري نشانيون به ٺڪاڻي لڳايون وڃن. طنبيلي جي ڇيڙي تي ٺهيل سنج گھر جو در ڀڳو ويو. لغام، واڳون، مهارون، نٿون ۽ ٻيو سامان جھڙوڪ اهي چاقون، جيڪي سوئرن ۽ گھيٽن وغيره کي خصي ڪرڻ ۾ ڪم ٿي آيا، تن کي کوهه ۾ اڇلايو ويو. واڳون، مهارون، توبرون، انڌاريون، چهبڪ وغيره باهه جي حوالي ڪيا ويا. انهن شين کي ڀسم ٿيندي ڏسي، جانور ٺينگ ٺپا ڏيڻ لڳا. سنوبال ته انهن ربنن کي به باهه حوالي ڪيو، جيڪي وڪري واري ڏينهن جانورن جي ڳچي وارن وارن ۽ پڇ ۾ ٻڌيون ٿي ويون.
    ”ربنن کي“ هن چيو، ”ڪپڙا ڪري سمجھيو وڃي، جيڪي انسانن جون نشانيون آهن، سو سڀ جانور ننگا رهن.“
    جڏهن باڪسر اهو ٻڌو ته هو هڪ ڪکائين ٽوپي کڻي آيو، جيڪا هو ڪنن کي مکين کان بچائڻ لاءِ گرمين ۾ پهريندو هو. هن اها به باهه ۾ اڇلائي وڌي.
    ٿوري وقت ۾ جانورن هر اها شيءِ تباهه ڪري ڇڏي، جنهن مسٽر جونز جي ياد ٿي ڏياري. نيپولن وري هنن کي اسٽور ڏي وٺي ويو ۽ کين ٻيڻو راشن ڏنائين ۽ ڪتن کي ٻه بسڪوٽ ڏنائين. ان بعد هنن انگلنڊ جي جانورن وارو گيت لڳاتار ست گھمرا ڳاتو. آخر ڪار هو سمهي پيا ۽ اهڙي گھري ننڊ، کين هن کان اڳ ڪڏهن به نصيب نه ٿي هئي.
    رواج موجب هو ڀنڀرڪي ويل سجاڳ ٿيا، ڪالهوڪي عظيم وارتا کي ياد ڪندي، اوچتو، هو ڊوڙندا، چرا گاهه پهتا. چراهه گاهه کان ڪجھه پوئتي هڪ ٽڪري هئي، جتان مڪمل فارم نظر جي گھيري ۾ ٿي آيو. هي ان ٽڪريءَ ڏي ڀڳا ۽ مٿي پهچي چوڦير تڪڻ لڳا. هاڻي اهو سڀ سندن ملڪيت هو - هر شيءِ، جيڪا کين نظر ٿي آئي، سندن بنجي چڪي هئي. انهيءَ احساس جي جولان ۾ هنن ٺينگ ٺپا پائڻ شروع ڪيا ۽ هوا ۾ بازوليون پائڻ لڳا. هن ماڪ ڀنل پٽ تي ليٿڙيون پاتيون ۽ پوءِ ڍؤ ڪري گاهه چريو. هنن مٽيءَ جي ڍيرن کي لتون هنيون ۽ انهيءَ جي وڻندڙ خوشبوءَ کي سونگھيو. پوءِ گڏجي سڄو فارم چڪاسيو. هنن کيڙيءَ واري توڙي گاهه پوکيل ٻني، ڍنڍ، باغ ۽ هڙي وغيره جو معائنو ڪيو. ائين ٿي محسوس ٿيو ته ڄڻ هنن انهي شين کي اڳي نه ڏٺو هو. کين اڃان به مشڪل سان ويساهه ۾ ٿي آيو ته هيءُ سڀ ڪجھه هاڻي سندن آهي.
    ان بعد هو وري فارم جي عمارتن ڏانهن قطارجي آيا ۽ فارم هائوس آڏو خاموش ٿي رڪجي بيٺا. اهو گھر به هاڻي هنن جي ملڪيت هو، پر اهي اندر وڃڻ کان ڊنا پئي. ٿوري ويرم کانپوءِ، نيپولن ۽ سنوبال پنهنجي سڱن ساڻ در کي کوليو ۽ سڀ جانور هڪ قطار ۾، ائين سنڀالي سنڀالي اندر گھڙيا، ڄڻ کين ڪنهن جي آرام ۾ مداخلت جو ڊپ هجي. هو پيرن جي پنجن تي بي آواز، هيڏانهن هوڏانهن گھمندا رهيا ۽ چپن ۾ ڳالهائيندا، ڪمرن ۾ موجود بسترن، آرسين، صوفن، غاليچن ۽ بخاريءَ جي جاري تي رکيل راڻي وڪٽوريه جي مجسمي کي ڏسندا رهيا. هو جڏهن هيٺ اچي رهيا هئا ته کين احساس ٿيو ته مولي سندن سٿ مان غائب هئي. سو هو پوئتي وري ويا. ڏٺائون ته مولي هڪ بيڊ روم ۾ بيٺل هئي. هن مسز جونز جي نيري ربن جو ڪو ٽڪرو کنيو هو ۽ آرسي آڏو بيهي، ربن کي ڪلهي تي سجائي، پاڻ کي جانچي رهي هئي. مٿس سڀ ڪاوڙجي پيا. بورچيخاني ۾ سوئرن جون لوڻيل رانون ٽنگيل هيون، تن کي پورڻ لاءِ کنيو ويو. ٿانون ڌوئڻ واري ڪمري ۾ پيل بيئر جي پيپ کي باڪسر ڦهي وڌو. ان کان علاوه ٻي ڪنهن به شيءِ کي هٿ نه لاٿو ويو. ٿڏي تي يڪمشت راءِ سان اهو فيصلو ڪيو ويو ته هن گھر کي عجائب گھر بنايو ويندو ۽ ان ۾ ڪوبه رهائش اختيار نه ڪندو.
    جانورن جڏهن نيرڻ کائي پوري ڪئي ته کين سنوبال ۽ نيپولن گھرائي ورتو. ”ڪامريڊو!“ سنوبال چيو، ”ساڍا ڇهه ٿيا آهن ۽ اسان جي آڏو پورو ڏينهن پيو آهي. اڄ کان اسين گاهه جي پوکائي ڪنداسين. پر پهرئين هڪ ٻيو مامرو نبيرڻو آهي.“
    سوئرن ان وقت ظاهر ڪيو ته اهي ٽن مهينن کان مسٽر جونز جي ٻارن جي هڪ پراڻي اسپيلنگ واري ڪتاب، جيڪو ڪچري مٿان پيل هو، مان لکڻ پڙهڻ سکندا رهيا آهن. نيپولن اڇو ۽ ڪارو رنگ گھرايو، ۽ مڙني جانورن کي فارم جي مکيه دروازي وٽ وٺي آيو. سنوبال لکڻ جو ڀڙ هو. هن پنهنجي اڳين ٽنگ جي ڏوڏيءَ وچ ۾ برش ڦاسائي، مئنر فارم کي ڊاهي ائنيمل فارم لکيو. هاڻي هن فارم جو اهو نالو سڏيو ويندو. ان کان پوءِ هو فارم جي عمارتن ڏي آيا. هتي سنوبال ۽ نيپولن، چاڙهي گھرائي ۽ ان کي ڀانڊي جي ڀت سان لڳايو ويو. هنن وضاحت ڪئي ته گذريل ٽن مهينن جي اڀياس بعد، اهي جانورازم جي اصولن کي ستن حڪمن ۾ سمائي سگھيا آهن ۽ اهي ست حڪم هن ڀت تي لکجي رهيا آهن ۽ اڄ کان پوءِ اهي هن فارم جو اَبدل قانون هوندا. ڪجھه تڪليف کان پوءِ (ڇو ته سوئرن لاءِ پاڻ کي چاڙهي تي متوازن رکڻ ڏکيو هوندو آهي) سنوبال چاڙهيءَ تي چڙهيو. اسڪئيلر رنگ جي باڙدي جھلي. ڪاري رنگ مٿان اڇي رنگ سان وڏن اکرن ۾، جيڪي پريان کان ئي نظر ٿي آيا، هي حڪم لکيا ويا.
    ست حڪمناما:

    1. جيڪو ٻن ٽنگن تي هلندڙ آهي، سو اسان جو ويري آهي.
    2. جيڪو چئن ٽنگن تي هلندڙ آهي، يا ٻه ٽنگون ۽ پر آهنس، سو اسان جو ساٿي آهي.
    3. ڪوبه جانور ڪپڙا نه پهريندو.
    4. ڪوبه جانور بستري ۾ نه سمهندو.
    5. ڪوبه جانور شراب نه واپرائيندو.
    6. ڪوبه جانور ٻئي جانور کي قتل نه ڪندو.
    7. سڀ جانور برابر آهن.

    لکت صاف سٿري هئي، البت سنگي ساٿي جي هِجي غلط لکيل هئي. سنوبال وڏي آواز ۾ اهي حڪم پڙهي ٻڌايا. سڀني انهن سان سهمت هجڻ جو اشارو ڏنو. ذهين جانورن ته اتي جو اتي هنن کي ياد ڪرڻ شروع ڪيو.
    ”هاڻي ڪامريڊو!“ سنوبال رنگ اڇلائيندي چيو، ”هاڻي گاهه جي ٻنيءَ ڏي هلو ۽ اچو ته وچن واريون ته اسان جونز ۽ ان جي ڪمين کان به وڌيڪ تيزيءَ سان گاهه جي پوکائي ڪنداسين.“
    انهيءَ مرحلي تي ٽن ڳئن رنڀڻ شروع ڪيو، جن کي چوويهن ڪلاڪن کان وٺي ڏڌو نه ويو هو، تنهن ڪري اهي تڪليف ۾ هيون ۽ سمجھيائون ٿي ته ڄاڻ سندن ٿڻ ڦاٽا. ٿوري ويچار کان پوءِ سوئرن باڙديون گھرايون ۽ پنهنجي کرن سان کين ڏهڻ شروع ڪيو. جھٽ کان پوءِ پنج باڙديون ڦيڻ واري کير سان ڏٽيل هيون، جن کي سڀ جانور شوق سان ڏسي رهيا هئا.
    ”هن کير جو ڇا ٿيندو؟“ ڪنهن پڇا ڪئي.
    ”جونز ڪڏهن ڪڏهن اسان جي کاڌي ۾ کير ملائيندو هو.“ ڪڪڙين چيو.
    ”ڪامريڊو! کير جو ڪو الڪو نه ڪريو.“ نيپولن باڙدين آڏو ٿي چيو، ”هن کي پوءِ ٿا ڏسون، پهرئين رونڀي کي اڪلايون. ڪامريڊ سنوبال اوهانجي مهنداري ڪندو، آئون چند منٽن ۾ اچان ٿو. ٻني اسان جو انتظار پئي ڪري.“
    ائين جانور گاهه جي ٻنيءَ ڏي وڌي ويا. اهي جڏهن شام جو واپس وٿاڻن تي وريا ته هنن کي خبر پئي ته کير ڪيڏانهن گم ٿي ويو آهي.


    باب ٽيون

    گاهه جي پوکائي لاءِ هنن وڏي جفا ڪشي ڪئي. بهرحال هنن کي انهيءَ جو ڦل اهو مليو جو فصل سندن اميدن کان وڌيڪ حاصل ٿيو.
    ڪڏهن ڪڏهن ڪم ڪار ڏکيو بنجي ويندو هو، ڇو ته اوزار انساني استعمال جي حساب سان ئي ٺهيل هئا، نڪي جانورن جي استعمال واسطي جڙيل هئا. ٻي وڏي خامي اها هئي ته جانور اهي اوزار استعمال نٿي ڪري سگھيا، جن کي ڪم آڻڻ ضروري هو ته جانور رڳو پوين ٽنگن تي بيهي ڪم ڪن. پر سوئر ڪافي کڙپيل هئا، سو هنن انهي تڪليف ۽ مشڪل جو حل ڳولي ڪڍيو. گھوڙن کي ٻنيءَ جي ذري پرزي جي پروڙ هئي ۽ کين ته جونز ۽ سندس ڪمين کان به وڌيڪ گاهه ڳولهڻ ڦولڻ ۽ لڻڻ جي خبر هئي. حقيقت ۾ سوئرن ڪم ڪار ۾ هٿ نٿي ونڊايو. بلڪ هنن ڪم ڪار لاءِ هدايتون ٿي ڏنيون ۽ ان جي نگراني ٿي ڪئي. اهو بلڪل فطري هو ته، هُـو پنهنجي اعليٰ ڄاڻپ جي نتيجي ۾ اڳواڻپ جو ڪردار ادا ڪن. باڪسر ۽ ڪلوور پنهنجو پاڻ کي پاڻ ئي سنجيو ٿي، پوءِ سوئرن جي نگراني ۾ زمين جي چوڦير ثابت قدميءَ سان چڪر ٿي هنيا. سندن پويان هلندڙ سوئر کين موقعي ۽ مهل سارو تيز ڊوڙڻ يا آهستي رفتار وٺڻ جا آواز ڏنا ٿي. ننڍي کان ننڍي جانور به گاهه پئي لڻيو ۽ ان کي سٿيون پئي ڪيو. ايتري تائين جو بدڪون ۽ ڪڪڙيون به سڄو ڏينهن ڪاڙهي ۾ گاهه جي ڇڳن کي چهنبن ۾ پڪڙي کڻي رهيون هيون. انهيءَ هڻ وٺ جي نتيجي جونز ۽ سندس ڪمين جي ڀيٽ ۾ هنن جانور ٻه ڏينهن اڳ لابارو پورو ڪيو. وڏي ڳالهه ته اها ٿي ته هن ڀيري فصل به گھڻو ٿيو هو ۽ زيان به گھٽ ٿيو هو. بدڪن ۽ ڪڪڙين پنهنجي تيز اکين سان ڪوبه ڳانو يا ڏانڊي رهڻ نه ٿي ڏني، ۽ ان کي کڻي جائيتو ٿي ڪيو. هڪ ٻن گرهن کان وڌيڪ ڪنهن به جانور چوري به نه ڪئي.
    سڄو اونهارو فارم جو ڪم، بنا روڪ ٽوڪ، لڳاتار هلندو رهيو. جانور بيحد سرها هئا. هنن ائين ٿي وڃڻ جو تصور به نه ڪيو هو. کاڌي جو هر گراه سندن لاءِ مسرت ڀريو هو. اهو هاڻي هنن جو پنهنجو هو، پنهنجي هٿن سان پيدا ڪيل هو، ۽ نه ڪرڪندڙ مالڪ کان مليل خيرات هئي. ٽـُڪريل ۽ مفت خور انسانن جي وڃڻ کان پوءِ سندن واسطي کائڻ پيئڻ جو سامان ڪافي هو. فرحت وٺڻ لاءِ به ڪافي ڪجھه هو، پر هي ان حوالي سان اڻڄاڻ هئا. بهرحال هنن کي ڪافي دشواريون به در پيش آيون. مثال طور سال جي پوئين حصي ۾ جڏهن انهن ان جو لابارو ڪيو ۽ ان کي ڳهڻ لاءِ، ٿريشر نه هئڻ ڪري، قديم طريقو اختياريو ۽ بهه کي عليحده ڪرڻ لاءِ ڦوڪون ڏيڻون پيون. پر سوئرن پنهنجي چترائپ ۽ باڪسر پنهنجي سگھائپ سان کين ڪامياب ڪيو. باڪسر جي هر هڪ ساراهه ٿي ڪئي. هيءُ جونز جي وقت ۾ به محنتي هو، پر هاڻي ته هو ٽن گھوڙن جيترو ڪم ڪري رهيو هو. ڪڏهن اهڙو وقت به ايندو هو جو فارم جو سڄو ڪم هن جي ڪلهن تي اچي ويندو هو. هو ڀنڀرڪي کان وٺي آڌي رات تائين ڇڪ ڇڪان ۾ مشغول هوندو هو. مطلب ته جتي به سخت پورهيو ڪرڻو هوندو، اتي ته هيءُ موجود هوندو هو. هن ڪنهن ڪڪڙ کي چئي ڇڏيو هو ته کيس صبح جو سوير ٻين کان اڌ ڪلاڪ اڳ اٿاري ته جيئن هو پهريائين رضاڪارانه ڪم ڪري ۽ پوءِ روزمره جو رواجي ڪم ڪري. هر مسئلي يا ناڪامي وقت هو جوابيندو هو ته ”آئون اڃان به وڌيڪ پورهيو ڪندس.“ اهو جواب اڳتي هلي سندس ذاتي متو ۽ نعرو بنجي ويو.
    بهرحال ٻيا جانور به پنهنجي صلاحيتن آهر ڪم ڪار ڪندا هئا. مثال طور بدڪن ۽ ڪڪڙين لاباري هلندي، هِتي هُتي پيل اناج جي ڪڻن کي ڪٺو ڪري پنج مڻ ان بچايو هو. ڪوبه راشن جي چوريءَ ۾ ملوث ڪين هو ۽ نه ڪنهن راشن جي گھٽ وڌائي جي شڪايت ٿي آوازي. پراڻي وقت وارو حسد، جھيڙو جھٽو، ڇڪ ڇڪان ذري گھٽ کانئن وسري ويا هئا. تقريبن ڪنهن به پورهئي ڪرڻ کان نه ٿي ڪيٻايو. اهو سچ هو ته مولي صبح جو اٿڻ ۾ دير ڪندي هئي ۽ کرن ۾ پٿر ڦاسڻ جي بهاني جلدي ڪم ڇڏيندي هئي ۽ ٻليءَ جي روش به نرالي هئي. اهو محسوس ڪيو ٿي ويو ته جڏهن ڪم جي مهل هوندي هئي ته ٻلي لڀندي ڪانه هئي، ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ گم رهندي هئي، پر کاڌي جي وقت اچي پڌري ٿيندي هئي. يا شام ويل ڪم ختم ٿيڻ پڄاڻان اتي موجود هوندي هئي ۽ تاثر اهڙو پئي ڏيندي هئي ته ڄڻ ڪجھه نه ٿيو هجي. هن جا عذر انوکا ۽ ڏاڍا دلچسپ هوندا هئا ۽ اهڙي ته پياري نوع ۾ ميائون ميائون ڪندي هئي، جو هر هڪ ان تي اعتبار ڪري وجھندو هو. پوڙهو گڏهه بينجمن به ساڳيو ئي رهيو. هو نڪو گھٽ، نڪي وڌ، پر پورو پنو پورهيو ڪندو هو. بغاوت يا ان جي نتيجي متعلق هو پنهنجي راءِ نه ڏيندو هو. جڏهن ڪو کانئس پڇي وٺندو هو ته ڇا هو جونز واري وقت جي ڀيٽ ۾ هينئر وڌيڪ خوش نه آهي، ته هو وراڻيندو هو ته گڏهه تمام گھڻو وقت جيئندا آهن. اوهان مان ڪنهن مرده گڏهه ڏٺو آهي. ٻڌنڌڙن کي انهيءَ عجيب و غريب جواب تي مطئمن ٿيڻو ئي پوندو هو.
    آچر جي ڏينهن ڪم ڪار کان موڪل هوندي هئي. ان ڏهاڙي نيرڻ عام ڏينهن جي ڀيٽ ۾ هڪ ڪلاڪ دير سان ڏني ويندي هئي. ان کان پوءِ بنا ناغي جي هڪڙو ڪاڄ برپا ٿيندو هو. پهريائين هڪ جھنڊو چاڙهيو ويندو هو. سنوبال سنج خاني اندر پيل مسز جونز جي پراڻي سائي رنگ وارو ميز پوش ڳولي لڌو هو ۽ ان تي اڇي رنگ سان کر ۽ سنڱ جا نشان چٽيا هئاسين. هاڻي اهو جھنڊو هر آچر جو صبح سمي باغ سان لڳ ٺهيل فارم هائوس مٿان لٺ ۾ ٻڌي چاڙهيو ويندو هو. سنوبال جھنڊي جي رنگ ۽ نشانين جي وضاحت اها ٿي ڪئي ته سائو رنگ انگلنڊ جي ٻنين جي علامت طور آهي، جڏهن ته کر ۽ سنڱ مستقبل جي جانورن جي جھموري راڄ جي علامت آهن. اهو راڄ تڏهن ئي قائم ٿيندو، جڏهن هن ڌرتي تان انسان جو نالو نشان مٽجي ويندو. جھنڊي جھولائڻ کان پوءِ جانور وڏي گودام ۾ اچي ڳاهٽ ٿيندا هئا. جتي عام اجلاس منعقد ڪيو ويندو هو. هن اجلاس ۾ ورندڙ هفتي لاءِ ڪمن جي رٿابندي ٿيندي هئي ۽ قرارداد پيش ڪيا ويندا هئا. انهن قراردادن کي وڏي بحث مباحثي کان پوءِ قبول ڪيو ويندو هو. سوئر ئي اهي قراردادون پيش ڪندا هئا. ٻيا جانور رڳو ووٽ ڏيڻ وارو عمل سمجھي سگھندا، باقي قراردادن تي ويچاريندا نه هئا. سنوبال ۽ نيپولن انهي بحثن مباحثن ۾ اڳيان اڳيان هوندا هئا. اهو محسوس ڪيو ويو ته هو پاڻ ڪنهن هڪ ڳالهه تي سهمت نٿا ٿين. هڪ جي پاران ڏنل راءِ جي لازمن ٻيو مخالفت ڪندو هو. ايتري تائين جو جڏهن اهو فيصلو ٿيو ته باغ جي پويان واري ٻني ۾ ڪو ٽڪرو مخصوص ڪيو وڃي، جتي جھور بنيل جانور آخري ڏهاڙا گذارين، تڏهن رٽائر ٿيڻ جي عمر جي حد تي وڏو طوفاني بحث ٿيو هو. قصو ڪوتاهه، انهيءَ اجلاس جي پڄاڻي انگلنڊ جي جانورن واري گيت ڳائڻ سان ڪئي ويندي هئي. ٽپهري تفريح لاءِ مخصوص ڪئي ويئي هئي.
    سوئرن سنج خاني کي پنهنجي هيڊ ڪوارٽر طور استعمالڻ شروع ڪيو. هي هتي شام جو، لوهارڪي، واڍڪي ۽ ٻين اهڙن هنرن سيکارڻ وارن ڪتابن کي پڙهي ٻڌائيندا هئا. اهي ڪتاب فارم هائوس مان هٿ ڪيا ويا هئا. سنوبال هميشه پاڻ کي جانور ڪاميٽيون ٺاهي، جانورن کي منظم ڪرڻ ۾ مشغول رکندو هو. هيءُ ان معاملي ۾ اورچ هو. هن ڪڪڙين لاءِ بيضا پيدائش ڪاميٽي، ڳئن لاءِ صاف پڇن واري ليگ، ڪوئن ۽ سهن کي گھريچو ڪرڻ لاءِ جھنگلي ڪامريڊن جي ٻيهر تعليم واري ڪميٽي، رڍن لاءِ اڇي پشم واري تحريڪ ۽ ٻيون اهڙيون ڪافي ڪاميٽيون جوڙي ورتيون. ان کان علاوه شام جي وقت جانورن کي لکڻ پڙهڻ سيکارڻ لاءِ ڪلاس شروع ڪيا ويا. ٿلهي ليکي اهي مڙيئي منصوبا ناڪام بنيا. جھنگلي جانورن کي گھريچو بنائڻ واري ڪوشش ته اٿندي ئي ناڪام ٿي. ڇو ته انهن پنهنجي پراڻي روش برقرار رکي، الٽو انهن ساڻن ٿيندڙ نرمائي جو غلط فائدو ورتو. ٻلي کي نئين سر تعليم ڏئي سڌارڻ واري پروگرام ۾ شامل ڪيو ويو، جنهن ۾ هن ٻه ٽي ڏينهن سرگرميءَ سان حصو ورتو. هڪ ڏهاڙي ڏٺو ويو ته هو ڇت تي ويهي، پنهنجي پهچ کان ٻاهر ويٺل جھرڪين سان ڳالهائي رهي ۽ کين چئي رهي هئي ته هاڻي سڀ جانور پاڻ ۾ ڪامريڊ ۽ برابر آهن. انهيءَ ڪري ڪا به جھرڪي بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي، اچي منهنجي چنبي تي آرام ڪري سگھي ٿي. پر جھرڪين دوريءَ کي قائم رکيو.
    البت لک پڙهه سکيا جا ڪلاس ڪافي نموني فائديمند رهيا. سرءُ جي مند تائين تقريبا مڙئي جانور ڪنهن نه ڪنهن حد تائين خوانده بنجي ويا.
    سوئرن ته اڳ ۾ ئي لکڻ پڙهڻ سکي ورتو هو. ڪتن به پڙهڻ چڱي پر سکي ورتو، پر هو ستن حڪمانن کان وڌيڪ ٻي شيءِ کي پڙهڻ ۾ دلچسپي نه رکندا هئا. ٻڪري مُريل ڪتن کان وڌيڪ سٺو پڙهي سگھندي هئي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن شام جو ڪچري جي ڍڳ مٿان پيل اخباري ٽڪرن کي کڻي، اهو ٻين کي پڙهي ٻڌائيندي هئي. بينجمن به سوئرن جيترو پڙهي ٿي سگھيو، پر انهيءَ اهليت ۽ قابليت کي استعمال نه ڪيو. هن جو چوڻ هوندو ته جيتري قدر مونکي پروڙ هئي، پڙهڻ لائق ڪجھه به ڪينهي. ڪلوور سڀ اکر سکي ورتا، پر هو لفظ جوڙڻ ۾ ناڪام ٿي ويئي. باڪسر اکر ڊي (D) کان اڳتي نه وڌي سگھيو. هو کر سان مٽيءَ ۾ ABCD ٺاهي لکندو هو. پوءِ پنهنجا ڊگھا ڪن پوئتي ڪري پيو انهن کي تڪيندو هو. ڪڏهن هو وارن جي اڳين چڳ کي ڌونڌاڙي، انهيءَ کان پوءِ وارن اکرن کي ياد ڪرڻ جي ڪوشش پيو ڪندو هو. پر ڪامياب نه ٿيو. ڪن موقعن تي لاشڪ هو EFGH جا اکر سکيو، پر وري پهريان اکر کانئس وسري ويا. نيٺ هن فيصلو ڪيو ته کيس شروعاتي اکرن تي ئي اڪتفا ڪرڻ گھرجي. پوءِ روزانو هو هڪ ٻه ڀيرا اهي اکر لکي، کين پيو دهرائيندو هو. موليءَ صرف اهي اکر سکيا، جيڪي سندس نالي ۾ شامل ٿيل هئا. هوءَ انهن اکرن کي ڪاٺيءَ جو ٽڪرن سان پئي ٺاهيندي هئي. پوءِ انهن ۾ هڪ ٻه گل سجائي، تحسين آفرين نگاهن سان انهن جي چوءِ ڦير پئي ڦيرا پائيندي هئي.
    فارم جا ٻيا جانور اکر E کان اڳتي نه وڌيا ۽ اهو پڻ محسوس ڪيو ويو ته سادڙي ذهنن وارا جانور جھڙوڪ رڍون، ڪڪڙيون، بدڪون ته ستن حڪمنامن کي به ياد ڪرڻ کان قاصر هيون. گھڻي ڳڻ ڳوت ۽ سوچ ويچار کان پوءِ سنوبال پڌرايو ته ستن حڪمن کي هڪ ئي متي ۾ سمايو وڃي: ”چار ٽنگون چڱيون، ٻه ٽنگون بريون.“ هن جي خيال ۾ انهيءَ ۾ جانورازم جا ضروري اصول شامل آهن. سو جنهن به انهيءَ متي کي گھرائي سان پروڙيو، سو انساني اثراتن کان محفوظ رهندو. پکين پهريائين انهيءَ تي اعتراض واريو، ڇو ته انهن جي خيال ۾، کين ٻه ٽنگون هُيون، پر سنوبال اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته ائين ڪونه آهي.
    ”ڪامريڊو! پکين جا پر“ هن چيو، ”ڪڻ ۽ ٿيلهڻ لاءِ آهن، نڪي اجائي حرفت باري لاءِ. تنهن ڪري انهن کي ٻه ٽنگون ڪري سمجھيو ويندو. ماڻهن جو امتيازي نشان هٿ آهن، جن جي وسيلي ئي هُو سڄو خلم مچائي ٿو.“
    پکين کي سنوبال جا ڊگھا لفظ ته پلئه نه پيا، پر انهن هن جي وضاحت کي قبولي ورتو. سڀني نماڻن جانورن انهيءَ متي کي ذهن نشين ڪرڻ شروع ڪيو. ”چار ٽنگون چڱيون، ٻه بريون“ کي وڏن اکرن ۾ ستن حڪمن مٿان لکيو ويو. جڏهن اهو رڍن کي ياد ٿي ويو ته اهو مقولوسندن پسنديده نعرو بنجي ويو. هُو ٻنين ۾ ويٺي ويٺي پيون اهو نعرو ٻاڪارينديون هُيون: ”چار ٽنگون چڱيون؛ ٻه ٽنگون بريون.“ اها ٻاڪار ڪلاڪن جا ڪلاڪ پئي هلندي هُئي ۽ ڪڏهن به ٿڪبيون نه هُيون.
    نيپولن سنوبال جي ڪميٽين ۾ دلچسپي نه وٺندو هو. هن جي خيال ۾ نئين نسل جي تعليم وڌيڪ اهم هُئي، بنسبت تعليم بالغان جي. لاباري کانپوءِ جيسي ۽ بلوبيل ڪتيون وياميون. انهن نَوَ ٿلها متارا پونگڙا ڄڻيا. جيئن هنن جي ٿڃ ڇڏائي ويئي، تيئن نيپولن اُهي مائرن کان اهو چئي پاڻ وٽ آندا ته هو انهن جي سکيا ڪندو. هُو انهن کي گودام جي ماڙي تي وٺي ويو، جنهن تي پهچڻ لاءِ سنج خاني وٽان چاڙهي هُئي. هن انهن کي اهڙي ته نموني علحده ڪري رکيو. جو ڪجھه وقت کان پوءِ، اُهي ڪنهن کي به ياد نه رهيا.
    کير گم ٿيڻ جو ڀيد به جلد ئي پڌرو ٿيو. اهو سوئرن جي خوراڪ ۾ ملايو ٿي ويو. صوف پچي راس ٿيا ۽ باغ جا پٽ انهن جي ٽپڪي سان ڀريا پيا هُئا. جانورن اهو پئي خيال ڪيو ته اُهي برابر سڀني ۾ ورهايا ويندا. پر هڪ ڏينهن اهو حڪم وارد ٿيو ته انهيءَ ٽپڪي کي گڏ ڪري، سنج خاني آندو وڃي ته جيئن سوئر صاحبان انهن کي استعمالي سگھن. ڪجھه جانورن انهيءَ فيصلي تي ارهائي جو هلڪو اظهار ڪيو، پر ڪوبه اثر نه ٿيو. انهيءَ فيصلي تي سڀ جا سڀ سوئر ويندي نيپولن ۽ سنوبال به يڪراءِ هُئا. اسڪئيلر کي عام جانورن ڏي اماڻيو ويو ته هو وڃي کين وضاحتون ڪري مطمئن بنائي.
    ”ڪامريڊو!“ هن رڙ ڪندي چيو، ”اوهان اهو ڇوٿا سوچيو ته اسان اهو ڪم خود غرضي وچان ڪري رهيا آهيون. اسان مان گھڻا سوئر ته کير ۽ صوفن کي پسند ئي ڪونه ڪندا آهن. آئون پنهنجي سر انهن کي پسند به نه ڪندو آهيان. پر اسان لاءِ انهن شين جو استعمال ڪرڻ ضروري آهي، ڇو ته جيئن اسان جي صحت قائم رهي. سائنس ثابت ڪيو آهي ته صوفن ۽ کيرن ۾ اهڙا جزا آهن، جيڪي سوئرن جي چڱڀلائي لاءِ ضروري آهن. اسان سوئر سخت ذهني پورهيو ڪندا آهيون. سڄي فارم جي سنڀال سڙي اسان جي بلي آهي. اسان ڏينهن رات اوهان جي فلاح لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهيون. اهو اوهان جي ئي ڀلي لاءِ آهي ته اسان اهي ئي شيون واپرايون. اوهان کي ته پتو آهي ته جيڪر اسان پنهنجي فرضن جي ادائگي ۾ ناڪام ٿياسين ته ان جا ڪهڙا اگرا نتيجا نڪرندا! جونز واپس اچي ويندو. هائو! ڪامريڊو! هائو! جونز واپس ورندو.“ اسڪئيلر پنهنجي پڇ کي ڦيرائيندي ۽ ٽپا ڏيندي ذري گھٽ ليلائيندي چيو، ”يقيني طور اوهان مان ڪوبه نه چاهيندو ته جونز وري واپس اچي.“
    سڀ جا سڀ جانور جنهن نڪتي تي متفق هُئا، سو هو ته جونز کي واپس نه اچڻ گھرجي. جڏهن اهو جواز ان نڪتي جي روشنيءَ ۾ پيش ڪيو ويو ته وٽن ڪڇڻ لاءِ وڌيڪ ڪجھه به نه رهيو. سوئرن کي سٺي حالت ۾ رکڻ جي اهميت واضح هئي. انهيءَ ڪري اهو طيءِ ڪيو ويو ته کير ۽ صوف ڀلي سوئرن جي واهپي ۽ کاپي لاءِ مخصوص ڪيا وڃن.


    باب چوٿون

    اونهاري جي پوياڙيءَ تائين، ملڪ جي اڌ حصي ۾ ائنيمل فارم واري وارتا جي خبر ڦهلجي چڪي هُئي.
    هر روز سنوبال ۽ نيپولن ڪبوترن کي اهي هدايتون ڏئي روانو ڪندا هُئا ته اُهي ڀر پاسي جي فارمن جي جانورن ۾ ملي جلي وڃن، کين بغاوت جو احوال ٻڌائين ۽ گيت سيکارين.
    انهيءَ سڄي عرصي ۾ مسٽر جونز پنهنجو وقت ولنگڊن جي ريڊ لائن محل جي شراب خاني ۾ ويهي گذاريندو هو. جيڪو کيس ٻڌڻ چاهيندو هو، تنهن کي شڪايت ڪندي ٻڌائيندو هو ته هن کي چند ڪِينَ جھڙن جانورن زوريان پنهنجي ذاتي ملڪيت تان بي دخل ڪري ڇڏيو آهي ۽ ساڻس انياءُ ٿيو آهي. ٻيا زميندار ۽ جاگيردار اصوليءَ طرح هن سان همدردي رکندڙ هُئا، پر پهرئين پهرئين هو هن جي ڪا سهائتا نه ڪري سگھيا. دل ئي دل ۾ هو ويچاريندا هُئا ته هُو جونز جي بدقسمتي مان فائدو ماڻي سگھندا ڪي نه. قسمت ڀلي هُئي جو ڀر پاسي جا ٻه فارم پاڻ ۾ نه ٺهندا هُئا. انهن مان هڪ جو نالو فاڪسوڊ هو. اهو تمام وڏو، پر نظر انداز ٿيل فارم هو. هن ۾ قائم هڙيون ۽ جھنگ به اجايا وڌيل هئا ۽ ان جا چراهه گاهه به جھونا ۽ ختم ٿي ويا هئا. ٻئي پاسي هن کي ڏنل لوڙها به ابتر حالت ۾ هُئا. هن جو مالڪ مسٽر پلڪنگٽن آرام طلب شخص هو، جيڪو پنهنجو وقت موسم سارو يا شڪار ۾ يا مڇيون مارڻ ۾ وڃائي ڇڏيندو هو. ٻئي فارم جو نالو پنچفيلڊ هو، جيڪو کڻي ننڍو هو، پر چڱي سنڀال هيٺ هو. هن جو مالڪ مسٽر فريڊرڪ سخت جان، چالاڪ پر ٻارهيو ئي ڪيسن ۾ ڦاٿل ۽ ڏکيا مامرا زورزبردستي طيءِ ڪرائيندڙن ۾ ناليارو هو. انهن فارم جا ٻئي مالڪ هڪ ٻئي کي ايترو ته ناپسند ڪندا هُئا، جو انهن لاءِ هڪ ڳالهه تي سهمت ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو هو. پوءِ ڀلي انهن جو يڪراءُ ٿيڻ سندن ئي مفادن وٽان ڇو نه هجي.
    بهرحال هُو ائنيمل فارم ۾ ٿيل بغاوت کان چڱي طرح ڊنل هئا، ۽ دليان اهو پئي گھريائون ته سندن زيردست جانورن کي انهيءَ بغاوت مان سکڻ کان پاسيرو رکيو وڃي، پر هو جانورن پاران فارم جو انتظام پاڻ سنڀالڻ واري تصور کي گھٽ سمجھڻ ۽ ليکي ۾ نه آڻڻ جو تاثر ڏيندا هُئا. اُهي چوندا رهندا هئا ته پندرنهن ڏينهن ۾ اهو مامرو ختم ٿي ويندو. هنن اهو افواهه به ڦهلايو هو ته مئنر فارم (هو ائنيمل فارم کي پراڻي نالي سان سڏڻ تي بضد هوندا هُئا) جا جانور پاڻ ۾ لڳاتار جھيڙيندا رهن ٿا، سو انهيءَ ڪري هو بکن ۾ پاهه ٿي رهيا آهن. جڏهن چڱو خاصو وقت گذري ويو ۽ جانور بک وگھي نه مُئا، ته فريڊرڪ ۽ پلڪنگٽن پنهنجو رينگٽ بدلايو ۽ وري اهو ٻڌائڻ شروع ڪيو ته جانور فارم اندر بڇڙاڻ ۽ خبيثپڻو وڌي رهيو آهي. اهو به چيو ٿي ويو ته ان فارم اندر هڪ پاسي آدم خوري وڌيل آهي، ته ٻي پاسي هو هڪ ٻئي کي به ايذائي رهيا آهن. وڏي ڳالهه ته انهن جون ماديون به عام استعمال ۾ آهن. فريڊرڪ ۽ پلڪنگٽن جي خيال ۾ اهو عمل قدرتي قانون سان مهاڏو اٽڪائڻ جو لازمي نتيجو هو.
    بهرحال انهن قصن تي مڪمل طرح اعتبار نٿي ڪيو ويو. اهي اڻ چٽا ۽ ٽوڙيل موڙيل افواهه به هُليل هئا ته هڪ اهڙو عجب جھڙو فارم آهي، جتي جانورن انسان کي هڪالي، ان جو انتظام پاڻ هلائڻ شروع ڪيو آهي ۽ ٻئي سڄي ملڪ ۾ بغاوتون جاري آهن. ڏاند، جيڪي سڌاري ۽ ترتيب هيٺ هئا، سي وحشي بنجي ويا، رڍن واڙيون ڀڃي برسيم جو گاهه ڳڙڪائي ڇڏيو، ڳئن کير رکڻ وارن ڏولن کي لتن سان اڇلائي ڇڏيو، شڪاري گھوڙن لوڙها ٽپڻ کان نابري واري ۽ مٿن سوار ٿيلن کي پٽ ڏي اڇلائي وڌو. وڏي ڳالهه ته ”انگلنڊ جا جانور“ واري ڳيچ جون ڌنون ۽ لفظ هر جاءِ ڄاتا ٿي ويا. اهو گيت ڏاڍو جلد ڦهليو هو. انسانن جڏهن اهو ڳيچ سُئو ته هو پنهنجو غيض ۽ غضب کي قابو ۾ نه رکي سگھيا، پر مٿاڇري نموني انهن ڏيکاءُ اهو ڏنو ته اهو گيت کل جوڳو آهي. هو چوندا هئا ته هي اهو سمجھڻ کان قاصر آهن ته ڪيئن اهڙو ڪِچُ جانور ڳايو ٿا وٺن. جنهن به جانور کي اهو گيت جھونگاريندي پڪڙيو ٿي ويو، تنهن کي هڪدم ڦٽڪا ۽ چهبڪ لڳايا ٿي ويا. پر پوءِ به اهو گيت اجھل هو. يورپي نسل جا ڳائيندڙ پکي ان کي وڻن جي جھڳٽن ۾ آهستي آهستي پيا جھونگاريندا هئا. ڪبوتر وڻن تي ويهي پيا پنهنجي نوع ۾ ڪوڪاريندا هئا. اهو گيت لوهار خاني جي ٺڪا ٺڪ توڙي چرچ جي گھنٽين ۾ به شامل ٿي ويو. جڏهن انسانن اهو ٻڌو ته هو من ئي من ۾ ڊڄي ويا، کين اهو سڀ ڪجھه مستقبل جي اڳڪٿي معلوم ٿيو.
    آڪٽوبر جي شروع ۾ جڏهن سنگ ڪٽي هڪ جاءِ سٿيا پئي ويا ۽ ڪجھه ته ڳاهجي ويا هئا، تڏهن ڪبوترن جو ولر اڏامندو آيو ۽ جانور فارم جي لان ۾ اچي لٿو. انهن ٻڌايو ته جونز ۽ هن جا ڪمي ۽ فاڪسوڊ ۽ پنجفيلڊ جا اڌ ڊزن ماڻهو فارم جي مکيه دروازي وٽ اچي پهتا آهن ۽ ڄاڻ اندر گھڙيا. جونز وٽ بندوق هئي. هو اڳيان اڳيان اچي رهيو هو ۽ ٻين جي هٿن ۾ لٺيون هيون. ان مان پڌرو هو ته هو فارم تي ٻيهر پنهنجو قبضو بحال ڪرڻ لاءِ آيا آهن. اهڙي حملي جي ته گھڻي وقت کان توقع پئي ڪئي ويئي، انهيءَ ڪري هيڏانهن به جوابي تياريون مڪمل هيون. سنوبال، جيڪو فارم هائوس مان کنيل هڪ ڪتاب کي پڙهي چڪو هو، جنهن ۾ جوليس سيزر جي جنگي مهمن جو احوال ڏنل هو، سو هن دفاعي مهم جي سرواڻي ڪري رهيو هو. هُن تيزيءَ سان حڪم صادر ڪيا. چند منٽن اندر هر هڪ پنهنجي مخصوص جاءِ تي موجود هو.
    جيئن ئي انسان فارم جي عمارتن وٽ پهتا، سنوبال پهريون حملو شروع ڪرايو. 35 ڪبوتر اڏامي ماڻهن مٿان هڪ سر ۾ آوازڻ لڳا. انسانن جيئن ئي هنن تي ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو ته وڻن ۾ لڪل هنج نڪري آيا ۽ انسانن جي مُرين تي ٺونگا هڻڻ لڳا. بهرحال اها ته هلڪي چٽا ڀيٽي هئي، جنهن جو مقصد رڳو هلڪي ڦلڪي گڙ ٻڙ پيدا ڪرڻ هُئو، تنهنڪري ماڻهن جھٽ پٽ ۾ هنجن کي لٺيون هڻي ڀڄائي ڇڏيو. سنوبال وري ٻيو حملو شروع ڪرايو. مُريل، بينجمن ۽ سڀ رڍون سنوبال جي مهنداري ۾ اڳتي وٺي ڊوڙيا ۽ ماڻهن تي ٿونن، چڪن جو وسڪارو لائي ڏنو. بينجمن چوڦير ڦري پنهنجي کرن سان ماڻهن کي ضربي رهيو هو. پر ماڻهن پنهنجي لٺين ۽ شيخن وارن بوٽن جي مدد سان ان حملي جو زور ٽوڙي وڌو. ان مرحلي تي سنوبال جي رڙ تي سڀ جانور پوئتي ڀڳا.
    انهيءَ ڀاڄ کي ڏسي ماڻهن وٺي خوشيءَ ۾ رڙيون ڪيون. انهن ڏٺو ته سندن اميدن پٽاندڙ جانور ڀڄي رهيا هئا، سو هو به ڇڙ وڇڙ هنن جي پويان ڪاهي ويا. سنوبال به ائين اهڙي نموني ٿيڻ پئي گھريو. اهي جيئن آڳند ۾ پهتا ته ٽن گھوڙن، ٽن ڳئن ۽ سڀني سوئرن، جي اڳيئي لڪا ويٺا هئا، اوچتو ماڻهن پٺيان پڌرا ٿيا ۽ انهن کي ورائي ويا. سنوبال جونز ڏانهن وڌي ويو. جونز کيس پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي، مٿس فائر ڪيو. ڇيرا هن جي پيٽ جي ڀرسان لنگھي هڪ رڍ جي جسم ۾ داخل ٿيا. اها رڍ ڪري پئي. سنوبال هڪ گھڙي به رڪجڻ بجاءِ، جونز جي ٽنگن کي پندرنهن پٿر اڇلائي هنيا. جونز وڃي، ڇيڻن جي ڍڳ تي ڪريو ۽ سندس بندوق هٿن مان ڪري پئي. پر انهيءَ تماشي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڊيڄاريندڙ منظر اهو هو ته باڪسر پنهنجي پوين ٽنگن تي بيهي، اڳين ٽنگن جي کرن سان حملو ڪري رهيو هو. سندس حملي جو پهريون شڪار فاڪسوڊ جي طنبيلي ۾ ڪم ڪندڙ هڪ ڳڀرو هو. هن جي کوپڙيءَ تي سخت ڌڪ لڳو هو ۽ همراهه بي سڌ ٿي گپ ۾ وڃي ڪريو. اهو ڏسي ڪيترن ماڻهن پنهنجيون لٺيون کڻي اڇلايون ۽ ڀڄ ڀڄان ۾ لڳي ويا. انهن ۾ ٿرٿلو پئجي ويو ۽ ٻي گھڙي جانورن هنن جي پويان مِڙي رهيا هئا. هو ميدان ۾ چوڌاري ڦري رهيا هئا. هنن کي لتون ۽ ٿونا هنيا ويا ۽ چڪ لڳايا ويا ۽ لتاڙيو به ويو. ڪوبه جانور نه بچيو هيو، جنهن پنهنجي نموني انهن کان وير نه ورتو. ايتري تائين جو ٻلي به اوچتو ڇت تان ٽپو ڏيئي لهي آئي، ۽ هڪ ماڻهوءَ جي ڪلهي تي رانڀوٽا هڻڻ لڳي. اهو ڏسي ڪري اهو ماڻهو هراسجي ويو ۽ ڊپ ۾ ڏاڍيون دهشتناڪ رڙيون ڪرڻ لڳو. نيٺ ماڻهو هتان ڀڄڻ لڳا ۽ سڌو مکيه روڊ ڏي ويا. ائين حملي جي پنجن منٽن اندر ئي هو بڇڙا ٿي پوئتي وٺي ڀڳا. هاڻي وري هنج ٻيهر وارد ٿيا ۽ هنن جي پِنـِيَنِ کي ضربڻ لڳا.
    سڀ ماڻهو سواءِ هڪ جي، ڀڄي چڪا هئا. آڳنڌ ۾ پويان باڪسر، ڳپ ۾ اونڌو پيل نوجوان کي، سڌو ڪرڻ لاءِ کرن جو زور هڻي رهيو هو، پر ڇوڪرو چري پري نه رهيو هو.
    ”لڳي ٿو ته همراهه مري ويو آهي.“ باڪسر غمگين ٿي چيو، ”مونکي ائين نه ڪرڻ گھربو هو. مونکي وسري ويو هو ته مونکي لوهي نال لڳل آهن. ڪير اعتباريندو ته مون هي سڀ بي ارادي ڪيو هو.“
    ”ڪامريڊ! ڪوبه جذباتپڻو نه ڏيکاريو.“ سنوبال دانهن ڪئي. هن جي زخم منجھان رت اڃان به ڳڙي رهيو هو. ”جنگ جنگ هوندي آهي. مئل انسان ئي سڀ کان ڀلو ماڻهو هوندو آهي.“
    ”مونکي ڪنهن جي جان وٺڻ، ڀلي کڻي اها ڪنهن انسان جي ڇونه هجي، جي خواهش نه هئي.“ باڪسر ورجايو ۽ هن جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي ويا.
    ”مولي ڪٿي آهي؟“ ڪنهن رڙ ڪندي پڇيو.
    مولي واقعي به گم هُئي. ڪجھه گھڙين لاءِ هراس ڇانيل رهيو. کين ڊپ ٿيو ته متان ماڻهن هن کي ايذايو هجي يا هن کي پاڻ سان کڻي نه ويا هجن. بهرحال نيٺ هن کي پنهنجي وٿاڻ اندر لڪل ئي لڌو ويو، جتي هُوءَ آهري ۾ منهن مٿو لڪايو ويٺي هئي. اصل ۾ جيئن ئي ميدان ۾ بندوق هلي ته هو ڀڄي اچي هتي وٿاڻ ۾ لڪي هئي. جڏهن هن کي ڳولي سڀ جانور وري ميدان ڏي آيا، ڇا ڏٺائون ته ڳپ ۾ مرده بنيو پيل ڇوڪرو غائب هو. اهو اصل ۾ بي هوش ٿي ويو هو پوءِ هوش ۾ آيو ته وٺي کڙين تي زور رکيائين.
    جانور وري پنهنجي نئين جولان ۾ هڪ جاءِ ڪٺا ٿيا. هرهڪ پنهنجي ذات جي حوالي سان ڪارنامن جو ذڪر وڏي واڪ ڪري رهيو هو. بنا ڪنهن تياريءَ جي، جنگ جي فتح ملهائڻ جو جلسو ڪيو ويو. جھنڊو جھولائي، پوءِ انگلنڊ جا جانور گيت ڪافي ڀيرا ڳايو ويو. ان بعد مري ويل رڍ کي دفنايو ويو. هن جي قبر ڀرسان ڪانڍيرو پوکيو ويو. قبر وٽ سنوبال هڪ ننڍي تقرير ڪئي، جنهن ۾ هن زور ڀريو ته ضرورت وقت جان جو نذرانو ڏيڻ لاءِ هردم تيار رهو.
    اُتي جانورن يڪراءُ ٿي ”جانورن جو هيرو، پهريون درجو“ نامي هڪ فوجي تغمو يا اعزاز جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اُتي جو اُتي اهو اعزاز سنوبال ۽ باڪسر کي ڏنو ويو. (اهو پتل جو ميڊل هو، جيڪو حقيقت ۾ گھوڙن جي لغامن ۾ استعمال ٿيندڙ پتل هو) اهو تغمو هر آچر ۽ موڪل ڏهاڙي پهرڻو هو. اُتي ساڳئي وقت رڍ کي مُئي پڄاڻان ”جانورن جو هيرو درجو ٻيو“ وارو اعزاز ۽ تغمو ڏنو ويو.
    وڏي بحثا بحثي ٿي ته جنگ کي ڪهڙي نالي سان ڪوٺيو وڃي. آخر ۾ ان کي ”ڳئن واري وٿاڻ واري جنگ“ جو نالو ڏنو ويو. ڇو ته انهيءَ جاءِ وٽان ٺِنڀي هڻي حملو ڪيو ويو هو. مسٽر جونز واري بندوق به مٽي ۾ پيل لڌي ويئي. پوءِ معلوم ٿيو ته ان ۾ پوندڙ گوليون به فارم هائوس ۾ پيل آهن. فيصلو ڪيو ويو ته جھنڊي جي هيٺان هن بندوق کي توبخاني جي نشان طور سجايو ويندو ۽ سال ۾ ٻه ڀيرا هن سان فائر ڪيو ويندو. هڪ ڀيرو ٻارنهن آڪٽوبر تي، جنگ جي ورسي واري ڏينهن، ته ٻيو ڀيرو وري بغاوت واري ورسي واري ڏهاڙي تي.


    باب پنجون

    جيئن سياري جي مند شروع ٿي، تيئن موليءَ وڌيڪ جنجال بنجڻ شروع ڪيو. هوءَ روزدير سان ڪم تي ايندي هئي ۽ عُذر اهو ڏيندي هئي ته هن کي ننڊ اچي ويئي ۽ شڪايت ڪندي ته باوجود هن جي بک سٺي هجڻ جي، کيس ڪنهن پراسرار سور اچي ورايو هو. ڪنهن نه ڪنهن بهاني ڪم کان ڀڄي ويندي هئي ۽ وڃي پاڻي واري حوض وٽ بيهندي هئي، جتي پاڻي ۾ ٺهيل پنهنجي پاڇولي کي پئي وائڙن وانگيان تڪيندي هئي. وڌيڪ ته هن جي حوالي سان ڪافي خطرناڪ افواهه به ڦهليا هئا. هڪڙي ڏينهن جڏهن هوءَ ڪانُو کائيندي، پڇ لوڏيندي خوش خوش آڳنڌ اندر آئي ته ڪلوور کيس پاسي ڏي وٺي ويئي.
    ”مولي،“ هن چيو، ”مونکي توکي هڪ اهم اطلاع ڏيڻو آهي. اڄ صبح مون ڏٺو ته تون اسانجي فارم ۽ فاڪسوڊ جي وچ ۾ لڳل واڙ مٿان نهاري رهي هئينءَ. ڪو پلڪنگٽن جو ماڻهو ٻي پاسي بيٺل هو. جيتوڻيڪ آئون ڪافي پري هيس پر مون چٽو ٿي ڏٺو ته هو توسان ڪجھه ڳالهائي رهيو هو، ۽ تنهنجي نڪ تي ٿپڪيون به هڻي رهيو هو. مُولي انهيءَ جو مطلب ڇا وٺجي؟“
    ”هن ائين نه ڪيو، آئون اتي نه هئس. اهو ڪوڙ آهي؟“ مولي رڙ ڪندي چيو ۽ وٺي لڳي ٽپا ڏيڻ ۽ دڙها هڻڻ.
    ”مولي منهنجي منهن ۾ ڏس ۽ ساک سان چئهُ ته هو توکي ٿپڪيون نه ڏيئي رهيو هو.“
    ”اهو ڪوڙ آهي.“ مولي ورجايو، پر هُوءَ ڪلوور جي منهن ۾ ڏسي نه سگھي ۽ ٻي گھڙيءَ هو ٻنين ڏانهن وٺي ڀڳي.
    ڪلوور کي اوچتو ڪو خيال اچي ويو. هوءَ ٻين کي ڪجھ ٻڌائڻ بنان، موليءَ جي ڪڙهه اندر آئي. پنهنجي کرن سان ڪکن کي هٽايو. انهن جي هيٺان مصري جا ڳنڍا ۽ مختلف رنگن جي ربنن جا ٽڪر لڪا پيا هئا.
    ٽن ڏينهن کان پوءِ مولي گم ٿي ويئي. ڪافي هفتن تائين ته هن لاءِ ڪجھه به نه معلوم ٿيو. پر پوءِ ڪبوترن ٻڌايو ته هُنن هِن کي ولنگڊن فارم جي ٻئي ڇيڙي تي ڏٺو آهي. هُوءَ ڪنهن ڳاڙهي ۽ ڪاري رنگ واري گاڏيءَ ۾ سنجيل هئي، جيڪا هڪ هوٽل جي اڳيان بيٺل هُئي. هڪ ٿلهو شخص، جنهن کي پٽين واري شلوار ٻڌل هئي، موزا بند پهريل هو ۽ ڪو سرڪاري عملدار ٿي لڳو، کيس کنڊ کارائي رهيو هو. هن جي ڳچيءَ جا وار تازو ڪتريل هُئا ۽ کيس ڳاڙهي رنگ جي ربن پهريل هئي ۽ ڏاڍي خوش پئي لڳي. ان کان پوءِ ٻيهر موليءَ جو ذڪر ڪنهن ٻئي جانور نه ڪيو.
    جنوريءَ جي موسم ڏاڍي اگري بنجي ويئي. زمين لوهه جھڙي سخت ٿي پئي هئي، سو اتي ڪم ڪرڻ محال هو. وڏي ڀانڊي ۾ ڪافي گڏجاڻيون ڪرايون ويون ۽ سوئرن پاڻ کي ايندڙ موسم ۾ ڪم ڪار جي رٿا ٺاهڻ ۾ رنڀائي ڇڏيو. هاڻي تسليم ٿي چڪو هو ته سوئرن، جيڪي پڌري پٽ ٻين جانورن کان وڌيڪ چتر هئا، کي ئي فارم جي پاليسي متعلق فيصلا ڪرڻا هئا، جن کي پوءِ گھڻائي وٽان تصديق ڪرايو ويندو هو. اهو انتظام سٺي نموني پيو هلي ها، جيڪر سنوبال ۽ نيپولن ۾ جھيڙا نه هجن ها. هو هر ڳالهه ۾ پاڻ ۾ اٽڪيا پيا هوندا هئا. اگر هڪڙو صلاح ڏيندو هو ته وڏي تعداد ۾ ٻاجھريءَ جي پوک ڪجي ته ٻيو چوندو هو ته گھڻي تعداد ۾ جئي پوکجي. ٻنهي مان هڪڙو اهو چوندو هو ته فلاڻي ٻني بند گوبي پوکڻ لاءِ موزون آهي ته ٻيو اها ڳالهه رد ڪندي چوندو هو ته سواءِ گجرن، شلغم وغيره جي، ان ٻني ۾ ٻي ڪا شيءِ نه ٿي پوکي سگھجي. هرهڪ جا پنهنجا پنهنجا حامي ۽ حواري هئا. ڪڏهن بحثا بحثي ۾ تشدد جو عنصر شامل ٿي ويندو هو. گڏجاڻين ۾ ته سنوبال پنهنجي شاندار تقريرن جي مدد سان اڪثريت کي پنهنجي پاسي ڪري وٺندو هو، پر نيپولن انهيءَ وچ ۾ فردن فردن جانورن کي مڃائي، حمايت حاصل ڪري ويندو هو. هو رڍن کان حمايت وٺڻ جو ته ڀڙ هو. ويجھڙ ۾ اهو مشاهدي ۾ آيو هو ته هو وقت بي وقت اهو ٻاڪاريندو رهن ٿيون: ”چار ٽنگون ڀليون، ٻه ٽنگون بريون.“ ۽ اُهي گھڻو تڻو، گڏجاڻين ۾ آوازي، ڪاروائيءَ ۾ رخنو وجھنديون هيون. اهو به نوٽ ڪيو ويو ته جڏهن سنوبال تقرير ڪندي ڪنهن اهم مرحلي تي پهچندو هو ته هُو وٺي اهو آواز واڪڻ لڳنديون هيون. سنو بال ويجھڙائي ۾ ”فارمر ۽ اسٽاڪ بريڊر“ رسالي جي ڪجھه پراڻن شمارن جو ڳوڙهو مطالعو ڪيو هو، سو هن وٽ سڌاري ۽ نين تبديلن لاءِ وڏيون رٿائون هُيون. هُو عالماڻي نموني ٻٺين جي پاڻيءَ اَڏِنِ، سياري ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ اڻ سڪايل محفوظ گاهه، تيل نيڪالي بعد بچيل صافي مواد، متعلق پيو ڳالهائيندو هو. هن هڪ ڏکي رٿا جوڙي هئي، جنهن موجب ڍوئڻ ۾ پورهيو ۽ وقت بچائڻ لاءِ، هر جانور کي مخصوص جاءِ تي بوسو لاهڻو هو. نيپولن پنهنجي طرفان ڪي به رٿائون پيش نه ڪندو هو پر خاموش نموني چوندو ته سنوبال جي رٿائن مان ڪجھه ڪونه ورندو، هو رڳو وقت پيو وڃائي. پر مڙني تڪرارن ۽ تنازعن ۾ وڌيڪ سخت ۽ اگرو تنازعو پن بجلي واري منصوبي تي پيدا ٿيو. ڊگھي چراهگاه ۾، فارم جي عمارتن جي ويجھو ئي هڪ ننڍي ٽَڪِري هئي، جيڪا سڀ کان مٿاهين جاءِ هئي. ميدان جي سروي ڪرڻ کان پوءِ سنوبال واضح ڪيو ته پن بجلي ڪارخاني لاءِ اها موزون ترين جاءِ هئي. هتي بجلي جو سانچو هلائي، فارم جي ضرورت لاءِ بجلي پئدا ڪئي ويندي. انهيءَ جي ڪري سياري ۾ وٿاڻ روشن ۽ گرم رهندا. ساڳئي وقت بجليءَ جي مدد سان، ڪُــتِر مشينون، چقندر ڪٽڻ جا اوزار ۽ گول ڪارائي به هلائي سگھبي ۽ اڳتي هلي بجليءَ جي مدد سان کير ڏهڻ واري مشين به استعمال ٿي سگھندي.
    فارم جي جانورن اڳي اهڙين مشينن جو احوال نه ٻڌو هو، سو جڏهن سنوبال انهن جو ذڪر ڪندو هو ته هي حيرانيءَ ۾ پئجي ويندا هئا. اصل ۾ هنن جو فارم پراڻي طرز جو هو سو هتي مشينري به پراڻي نوع جي هئي. سنوبال انهن مشينن جي ڏاڍي دلڪش تصوير ڪشي ڪندو هو، جيڪي سندن جاءِ تي اڳتي هلي ڪم ڪنديون ۽ هو آرام سان گاهه چرندا ۽ پنهنجي ذهنن کي پڙهائيءَ ۽ عملي گفتگو سان روشن ڪندا رهندا.
    چند هفتن اندر سنوبال پن بجلي منصوبي جي رٿا ٺاهي ورتي. رٿا جا ميڪانيڪي تفصيل مسٽر جونز جي ٽن ڪتابن ”ون ٿائوزنڊ ٿنگز ٽُ ڊو ابائوٽ هوم“ (گھر واسطي ڪرڻ لاءِ هزار ڪارائتا ڪم)، ”ايوري مئن هز اون برڪ ليئر“ (هرماڻهو رازو آهي)، ۽ ”اليڪٽرسٽي فار بگنرز“ (سيکڙاٽن لاءِ بجلي) تان ورتل هئا. سنوبال پنهنجو اڀياس گھر ان ڇانوري کي بنايو جيڪو اڳي آري لاءِ ڪم ايندو هو. هن جو فرش سڌو سنواٽو ۽ ڪاٺ مان ٺهيل هو. ان مٿان ڊرائنگ ٺاهڻ آسان هئي. هو ڪلاڪن جا ڪلاڪ اتي ويٺو رهندو هو ۽ ڪتاب کولي ان ۾ آيل نقشي کي پنهنجي کرن ۾ قابو ڪيل چاڪ سان فرش تي اُتاريندو هو ۽ ڪنهن ڪنهن وقت خوشي مان آواز پيو ڪڍندو هو. آهستي آهستي هي رٿائون ڳتيل بنجي ويون ۽ انهن ورن وڪڙن جي شڪل اختياري ورتي. هي نقشا ٻين جانورن جي سمجھه کان بالا تر هئا. پر هو اهي ڏسي انهن کان متاثر ضرور ٿيندا هئا. سڀ روزانو هڪ ڀيرو انهن کي ڏسڻ ضرور ايندا هُئا. ايتري تائين جو ڪڪڙيون ۽ بدڪون به انهن جي زيارت لاءِ آيون، ۽ ڪوشش اها ٿي ڪيائون ته هو چاڪ جي نشانن مٿان نه چڙهن. رڳو نيپولن انهيءَ رٿا کان پري رهيو. هن شروع کان ئي انهيءَ رٿا جي مخالفت پئي ڪئي. پر هڪڙي ڏينهن هو به غير متوقع طور اچي پهتو. هن چڱي نموني رٿا کي هر رخ کان جانچي ڏٺو ۽ ان کي ٻه ڀيرا پڻ سونگھيو. ان کان پوءِ هو ڪجھه گھڙيون ترسي ان کي غور سان تڪيندو رهيو ۽ اوچتو ڇا ڪيائين جو ٽنگ کڻي رٿا جي نقشي مٿان مٽي وڌو ۽ بنان ڪجھه چوڻ جي ٻاهر هليو ويو.
    پن بجليءَ جي مامري تي سڄو فارم ورهايل هو. سنوبال انهيءَ کان انڪار نٿي ڪيو ته هن کي ٺاهڻ انتهائي مشڪل هو. پٿرن کي کاڻين مان ڪڍي ڀتيون اڏڻيون هيون. ان کان پوءِ پَرَ به ٺاهڻا هُئا. ان بعد وري ڊائنيمو Dynamo يعني جنريٽر ۽ تارن وغيره جي گھرج هئي. (اُهي ڪيئن حاصل ڪرڻا هئا، تن لاءِ سنوبال ڪجھه به نٿي ٻڌايو.) پر هن جو چوڻ هو ته هيءُ منصوبو سال اندر مڪمل ٿي ويندو. پوءِ ان جي ٺهڻ کان پوءِ پورهيو گھٽجي ويندو ۽ جانور رڳو ٽي ڏينهن ڪم ڪندا. ٻئي طرف نيپولن جا دليل هي هُئا ته هن وقت ضرورت ان امر جي آهي ته کاڌي جي پيداوار وڌائجي. سو اسان جيڪڏهن انهيءَ پن بجليءَ واري منصوبي تي وقت وڃايو ته بکن ۾ پاهه ٿي مري وينداسين. فارم جا جانور ٻن ڌڙن ۾ ورهايل هُئا. هڪڙن جو نعرو هو ته ”ٽن ڏينهن واري هفتي ۽ سنو بال لاءِ ووٽ ڏيو.“ ۽ ٻين جو نعرو هو ته ”ڀريل آهري ۽ نيپولن لاءِ ووٽ ڏيو.“ رڳو هڪ بينجمن هو، جيڪو ڪنهن به ڌر سان لاڳاپيل نه هو. هن کي اهو ويساهه ۾ نه ٿي آيو ته ڪو خوراڪ وافر مقدار ۾ ٿيندي يا پن بجلي ڪم ڪار ۾ گھٽتائي آڻيندي. هن جو چوڻ هو ته پن بجلي هجي يا نه هجي، زندگي ائين گذرندي جيئن گذري پئي - ڏکن ڏاکڙن ۾.
    پن بجلي واري مُدي کان سواءِ ٻيو سوال اڀريل هو فارم جي دفاع جو. اهو ته چڱيءَ پر سمجھيو پئي ويو ته جيتوڻيڪ انسانن کي جنگ ۾ شڪست ڏني ويئي هُئي، پر اهو لازم هو ته هُو ٻئي لڱان چڱي نموني ڀرپور حملو ڪندا ۽ فارم کي قبضي ۾ آڻي مسٽر جونز کي بحال ڪندا. هُو اهو سڀ ڪجھه ان لاءِ به ڪندا، جو هنن جي اڳوڻي ناڪاميءَ جي نتيجي ۾ ٻين فارمن وارا جانور سرڪشي اختيار ڪري رهيا هُئا.
    حسب روايت سنوبال ۽ نيپولن صاحبان انهي نڪتي تي به پاڻ ۾ سهمت نٿي ٿيا. نيپولن جو رايو هو ته جانورن کي وڌيڪ هٿيار خريد ڪري، تن جي استعماليءَ ۾ کين وڌيڪ ڀڙ بڻجڻ گھرجي. جڏهن ته سنوبال جي سوچ اها هُئي ته انهن کي وڌ ۾ وڌ تيار ٿيل ڪبوتر اماڻي، ڀر پاسي جي فارمن ۾ بغاوت ۽ انقلاب برپا ڪرڻ لاءِ جانورن کي تيار ڪيو وڃي. هڪڙي جي خيال ۾ جيڪر هُو پنهنجو دفاع نه ڪري سگھيا ته مغلوب بنجي ويندا ۽ ٻئي جي سمجھه موجب جيڪڏهن هر جاءِ انقلاب ۽ بغاوت اڀرندو ته کين پنهنجي دفاع جي ضرورت ئي نه پوندي. جانورن سڀ کان اول نيپولن جو موقف ٻڌو ۽ پوءِ وري سنوبال جي نقطي نظر سُئو. پر هو فيصلو نه ڪري سگھيا ته ڪير صحيح آهي. حقيقت ۾ هو انهيءَ سان سهمت ٿيندا هُئا، جيڪو ان وقت ڳالهائي رهيو هوندو هو.
    نيٺ اهو ڏينهن به آيو، جڏهن سنوبال جي رٿا مڪمل ٿي. ورندڙ آچر تي اها رٿا گڏجاڻي ۾ پيش ڪري اهو طيءِ ڪرڻو هو ته ان کي عملي جامو پهرائجي يا ترڪ ڪري ڇڏجي. تڏهن جانور وڏي ڀانڊي ۾ اچي ڪٺا ٿيا، تڏهن سنوبال اٿيو ۽ رٿا جي فائدي ۾ دليل ڏيڻ لڳو. وچ ۾ رڍن پنهنجي ٻاڪار سان ان تقرير ۾ رخنو ٿي پيدا ڪيو. ان کان پوءِ نيپولن اٿيو ۽ هن ڏاڍي ٿڌائي سان چيو ته پن بجليءَ جو منصوبو بيوقوفاڻي رٿا آهي ۽ هن ايوان کي صلاحيو ته ڪير به ان جي حمايت ۾ ووٽ نه ڏئي. اهو ٻڌائي هو ويهي رهيو. هن صرف ٽيهه سيڪنڊ مس ڳالهائڻ ۾ ورتا هُئا. هو پنهنجي تقرير مان ٿيل اثرات کي معلوم ڪرڻ کان بي پرواهه بنيو ويٺو هو. انهيءَ تي سنوبال وري اٿيو ۽ رڍن کي خاموش ڪرائڻ لڳو، جن ٻاڪارڻ شروع ڪيو هو ۽ پوءِ هن انتهائي جذباتي انداز ۾ پن بجليءَ جي منصوبي جي حمايت ڪرڻ جو عرض ڪيو. هيسيتائين جانور اڌواڌ پاڻ ۾ ورهايل هُئا، پر هاڻي هو سنوبال جي خوش بيانيءَ جي اثر ۾ هُئا، جنهن ڏاڍي پر اثر نموني اها تصوير ڪشي ڪئي ته ڪُڌي پورهئي کان فراغت کان پوءِ فارم جي صورت ڪهڙي هوندي. هن جي تصور واري اڏام ڪتر جي مشين ۽ گوگڙو ڪٽڻ وارن اوزار کان مٿانهين هُئي. هن جو چوڻ هو ته بجلي وسيلي ٿريشر، هر، ناڙي، ڪيڙ ۽ ٻيا اوزار هلائي سگھبا. ان کان پوءِ هر ڪُڙهه ۾ بجلي ساڻ گرم ۽ ٿڌي پاڻيءَ جو بندوبست هوندو ۽ بجليءَ وارو هيٽر هوندو. هن جي تقرير جي پڄاڻي تائين لڳي رهيو هو ته ووٽ ڪهڙي پاسي وڃڻا هُئا. پر انهيءَ گھڙيءَ نيپولن اٿي بيٺو. سنوبال کي مخصوص ٽيڏي نهار سان ڏٺو ۽ هڪ اهڙو نرالو آواز ڪڍيو، جيڪو اڳ ۾ هن واتان نه ڪڍيو هو! اهو ٻڌي ٻاهر دل ڏاريندڙ ڪتن جي ڀونڪ شروع ٿي ۽ نَوَ ٿلها متارا ڪتا، ڳچين ۾ پتل پايو، ڀانڊي ۾ ڌوڪيندا آيا ۽ سڌو سنوبال ڏي رخ ڪيائون. هُو به وقت تي اٿي کڙو ٿيو ۽ ڪتن جي حملي کان بچي ويو ۽ وٺي ڀڳو. سندس پويان ڪتا به ڪاهيندا ويا. حيران ۽ هراسيل جانور اچي در وٽ ڳاهٽ ٿيا ۽ سنوبال پويان ڊوڙندڙ ڪتن جو نظارو ڪرڻ لڳا. سنوبال چراگاهن وچان ڊوڙندو روڊ ڏانهن ڀڄي رهيو هو. اصل ڪتا به وٽس ڄاڻ ڪي پهتا. اوچتو هو ڪري پيو ۽ پڪ هُئي ته ڪتا کيس ورائي ويا هوندا، پر هو وري اٿيو ۽ وڌيڪ تيز ڊوڙيو. هڪڙي ڪتي ته سندس پڇ ۾ چڪ پاتو هو، پر اهو ڇڏائي، سنوبال وڌيڪ زور لڳائي ڊوڙيو ۽ واڙ مان نڪتل سوراخ مان ٻاهر نڪري ويو ۽ وري ڪڏهن به کيس نه ڏٺو ويو.
    دهشت ۾ ورتل ۽ خاموش ٿيل جانور واپس رڙهي ڀانڊي ۾ آيا ۽ پوءِ ڪُتا به واپس وري آيا. اول ته جانورن کي انهيءَ مخلوق جي اصليت جي خبر نه هُئي، پر جلد ئي اهو معاملو به سلجھي ويو. هي اهي پونگڙا هُئا، جيڪي نيپولن مائرن کان وٺي پاڻ وٽ تاتيا هُئا. هاڻي اهي نه صرف وڌيل ويجھيل هُئا، پر ڊيڄاريندڙ بگھڙن وانگر ٿي لڳا. هُو هاڻي نيپولن جي ڀر ۾ ئي اچي بيهي رهيا ۽ اهڙي نموني پڇ لوڏي رهيا هُئا، جھڙي نموني اڳوڻا ڪتا مسٽر جونز جي موجودگيءَ ۾ لوڏيندا هُئا.
    نيپولن ڪتن جي سايي ۾ فرش جي مٿانهين حصي تي چڙهيو، جتي پهريائين ميجر چڙهي تقرير ڪئي هُئي. هن اعلان ڪيو ته اڄ کان پوءِ آچر واريون گڏجاڻيون منعقد نه ڪيون وينديون، ڇو ته اهي غير ضروري آهن ۽ وقت جو زيان آهن. مستقبل ۾ فارم جي ڪم ڪار متعلق سڀ سوال، سندس سربراهيءَ هيٺ سوئرن جي هڪ مخصوص ڪاميٽي طيءِ ڪندي. جيڪي ٻي جاءِ تي اڪيلا گڏبا ۽ پنهنجا فيصلا پوءِ ٻين کي ٻڌايا ويندا. جانور وري به آچر ڏهاڙي هڪ جاءِ ڪٺا ٿيندا، جھنڊي کي سلامي ڏيئي گيت ڳائيندا ۽ هفتي جي ڪمن جا حڪم حاصل ڪندا. پر ڪو بحث مباحثو ڪونه ٿيندو.
    سنوبال کي ڀڄائڻ واري صدمي جي باوجود جانور انهيءَ اعلان تي هراسيل هُئا. انهن مان ڪافي احتجاج به ڪن ها، جيڪڏهن انهن کي صحيح دليل سُجھن ها. ايتري تائين جو باڪسر به انهيءَ تي منجھيل ۽ پريشان هو. هن پنهنجي ڪنن کي اڳتي پوئتي ڪيو ۽ اڳين چڳ کي بار بار لوڏيو، پرکيس ڪجھ به سُجھي نه آيو.
    سوئرن مان ڪجھه ڳالهه بيان ڪرڻ ۾ هوشيار هُئا. چار ننڍا سوئر پهرئين قطار مان اٿي بيٺا ۽ هڪدم ڳالهائڻ لڳا. پر نيپولن جي چوڌاري ويٺل ڪتن ڊيڄاريندڙ نموني گرڻ شروع ڪيو، سو هو خاموش ٿي ويهي رهيا. ان کان پوءِ 15 منٽن تائين لڳا تار رڍون پنهنجو محبوب نعرو: ”چار ٽنگون چڱيون، ٻه بريون“ ٻاڪارينديون رهيون. انهيءَ گوڙ بحث جي هلڪي به امڪان کي ختم ڪري ڇڏيو.
    ڪجھه وقت کان پوءِ اسڪئيلر کي فارم ڏي اماڻيو ويو ته جيئن هو نئين بندوبست جي وضاحت ڪري سگھي.
    ”ڪامريڊو“ هن چوڻ شروع ڪيو، ”مون کي پڪ آهي ته مڙيئي جانور ڪامريڊ نيپولن پاران وڌيڪ پورهيو پاڻ تي لاڳو ڪري جيڪا قرباني ڏني آهي، تنهن کي ساراهي رهيا آهن. ڪامريڊو! اهو نه سمجھو ته اڳواڻپ ڪو مزي وارو ڪم آهي. ان جي ابتڙ اها تمام ڳري ۽ ڪٺن ذميواري آهي. نيپولن کان وڌيڪ ڪو ٻيو اهو نٿو مڃي ته سڀ جانور پاڻ ۾ برابر آهن. کيس اها اجازت ڏيندي ڏاڍي خوشي ٿيندي ته توهان پنهنجا فيصلا پاڻ ڪريو. پر ان سان ڇا ٿيندو ته ڪڏهن اوهان غلط فيصلا به ڪري وجھندائو. ته پو ڇا ٿيندو؟ کڻي مڃيو ته توهان سنوبال کي ووٽ ڪريو ها ۽ هن جي بيڪار پن بجلي منصوبي کي عمل ۾ آڻايو ها ۽ سنوبال، اسان کي خبر آهي ڪنهن وڏي مجرم کان گھٽ ڪين هو!“
    ”هن جنگ ۾ بهادريءَ سان ويڙهه ڪئي.“ ڪنهن چيو.
    ”بهادري سڀ ڪجھه نه آهي.“ اسڪئيلر وراڻيو، ”راڄ ڀڳتي ۽ فرمانبرداري وڌيڪ اهم آهن ۽ جيتري قدر جنگ جو سوال آهي، اهو وقت پري نه آهي، جڏهن اسان کي ڄاڻ پوندي ته ان ۾ سنوبال جو حصو اجايو وڌائي ڏيکاريو ويو هو. ڊسيپلين، ڪامريڊو! ڊسيپلين. اهوئي اڄ جو مول آهي. اسان جو هڪڙو غلط قدم ۽ دشمن اسان جي ڪنڌ مٿان هوندو. يقيني طور اوهان جونز جي واپسيءَ جا طالب نه آهيو.“
    هڪ ڀيرو وري اهو دليل بي جواب رهيو. لااشڪ جانورن جونز جي واپسي نٿي چاهي، سو جيڪڏهن آچر وارا بحث مباحثا ان جي واپسي ۾ مددگار ٿي بنيا ته اُهي ڀلي ختم ڪيا وڃن. باڪسر جنهن کي هاڻي سوچڻ جو موقعو مليو هو، تنهن عام جي نمائندگي ڪندي چيو ته ”اگر ڪامريڊ نيپولن ائين چوي ٿو ته اهو سچ ئي هوندو“ ۽ ان کانپوءِ هن جو متو ئي اهو مقولو ٿيو ته ”ڪامريڊ نيپولن هردم سچو آهي.“ ۽ ٻيو ته ”آئون اڃان وڌيڪ پورهيو ڪندس.“
    جيئن موسم ۾ ڦيرو آيو ته بهار جا هر ڪاهيا ويا. اهو ڇانورو جتي سنوبال بجليءَ جو منصوبو جوڙيو هو، سو بند ڪيو ويو ۽ سمجھيو ويو ته رٿا جا نقشا فرش تان ڊاٺا ويا آهن. هر آچر جو ڏهين وڳي سڀ جانور وڏي ڀانڊي ۾ اچي گڏ ٿيندا هُئا ۽ هفتي لاءِ حڪم وصوليندا هُئا. پوڙهي ميجر جي کوپڙي، جيڪا هاڻي گوشت کان آزاد هُئي، باغ مان ڪڍي جھنڊي جي لٺ وٽ کوڙي ويئي. جھنڊو جھولائي، سڀ جانور ان کوپڙيءَ جي تعظيم بجا آڻيندا هُئا ۽ پوءِ ئي بانڊي اندر ايندا هُئا. اڳي وانگر هو هاڻي پاڻ ۾ گڏجي سڏجي نه وهندا هُئا. نيپولن اسڪئيلر ۽ هڪ ٻئي سوئر ”منيمس“ (جيڪو گيت جوڙڻ جو ماهر هو) ساڻ مٿڀري پليٽ فارم تي ويهندو هو. ڪتا اڌ گول جي شڪل ۾ هن جي چوڌاري ويهندا هُئا. ان کان پوءِ هڪ پاسي ۾ سوئر ويهندا هُئا. انهن کانپوءِ ٻيا جانور سندس سامهون ٿي ويهندا هُئا. نيپولن رُکي ۽ فوجي نموني حڪم ٻڌائيندو هو ۽ هڪ ڀيرو گيت ڳائي، سڀ جانور واپس ورندا هُئا.
    سنوبال جي نيڪاليءَ کان پوءِ ٽئين آچر ڏينهن جانور اهو ٻڌي ڪجھه حيران ٿيا ته پن بجلي وارو ڪارخانو لڳايو ويندو. ان فيصلي جا سبب نه ٻڌايا ويا، پر کين چيو ويو ته انهيءَ لاءِ کين وڌيڪ ڪم يعني سخت پورهيو ڪرڻو پوندو ۽ ممڪن آهي ته سندن راشن به گھٽايو وڃي. رٿا بهرحال هر طرح مڪمل آهي. سوئرن واري خاص ڪاميٽي گذريل ٽن هفتن کان انهيءَ سلسلي ۾ ڪم ڪري رهي هُئي. پن بجلي جو منصوبو ڪيترن سڌارن سميت اڏجڻ ۽ مڪمل ٿيڻ ۾ ٻه سال کن وٺندو.
    ان شام جو اسڪئيلر خانگي نموني جانورن کي سمجھايو ته حقيقت ۾ نيپولن ان ڪارخاني جي قيام جو مخالف نه هو، پر حقيقت ته اها آهي ته هن ئي پهرئين اها رٿا رٿڻ شروع ڪئي، پر پوءِ جيڪا سنوبال رٿا پئي ٺاهي، سا به نيپولن جي ڪاڳرن مان چورايل هُئي. ائين پن بجليءَ جو منصوبو نيپولن جي ئي تخليق آهي. ڪنهن سوال ڪيو ته پوءِ آخر ڇو هُن سخت نموني ان جي مخالفت پئي ڪئي. اُتي اسڪئيلر حرفتي نمونو اختياريو. هن ٻڌايو ته اها ڪامريڊ جي هڪ چالاڪي هُئي. هن مخالفت جي آڌار سنوبال مان اوهان جي جند آزاد ڪرائڻ پئي چاهي، جيڪو انتهائي ڀوائتو ڪردار هو ۽ ڏاڍا خراب اثر وجھندڙ هو. هاڻي جڏهن سنوبال راهه ۾ موجود نه آهي ته پوءِ اهو رٿا، سڌي سنواٽي عمل ۾ ايندي. اسڪئيلر جي خيال ۾ اهو حڪمت عمليءَ ۽ تدبير جو هڪ نمونو هو. ”تدبير، ڪامريڊو تدبير.“ هن پڇ لوڏي ٽهڪڙا ڏيندي اهو لفظ ورجايو.
    جانورن کي اهو لفظ سمجھه ۾ نه آيو. پر اسڪئيلر جون ڳالهيون مڃائي سگھندڙ هيون ۽ ساڻس گڏجي آيل ڪتن به ڌمڪي آميز گريو پئي، سو جانور اهو نقطي نظر بنان سوال و جواب جي قبولي ورتو.


    باب ڇهون

    سڄو سال جانور غلامن وانگي ڳهندا رهيا، پر هو پنهنجي ڪشالي مان ورچيل ڪونه هُئا. انهن ڪنهن به ڪوشش توڙي قربانيءَ کان نٿي ڪيٻايو. کين اهو يقين هو ته هُو جيڪي ڪجھه به ڪري رهيا آهن، سو سندن يا هنن جي پونئيرن جي فاعدي ۾ هو، نڪي ڪاهل ۽ ڪم چور انسانن جي ڀلي واسطي هو.
    سڄي بهار ۽ اونهاري دوران هُو هفتي ۾ 60 ڪلاڪ ڪم ڪندا هُئا ۽ آگسٽ مهيني ۾ نيپولن پڌرايو ته هاڻي آچر جي شام جو به ڪم ڪيو ويندو ۽ اهو ڪم رضاڪارانه نوع جو هوندو، پر ان ۾ ڪو شريڪ نه ٿيو ته ان جو راشن اڌ گھٽايو ويندو. ايتري حد تائين جو ٻيا ضروري ڪم ترڪ ڪرڻا پئجي ويا. اڳوڻي سال جي ڀيٽ ۾ هيلوڪو فصل ايڏو ڪامياب نه لٿو هو. ٻن ٻنين ۾ اونهاري هلندي ئي گوگڙو، گجرون وغيره پوکي ڇڏڻا هُئا، پر اڃا توڻي پوکجي نه سگھيا هُئا. ڇو ته هر کيڙي جلديءَ ۾ مڪمل نه ٿي. اهو به وائکو ٿي ويو هو ته ورندڙ سيارو به سخت ٿيڻو هو.
    پن بجليءَ واري ڪم ۾ غير متوقع ڏکيائون به پيش اچي رهيون هُيون. فارم ۾ چن پٿر جي سٺي کاڻ هئي ۽ وڌيڪ ته ٻاهرين ڪوٺين ۾ واري ۽ سيمنٽ به گھڻي مقدار ۾ پيل هو. ائين چئجي ته اڏاوت لاءِ گھربل سامان ميسر هو. پر جيڪو مسئلو، پهرئين سٽ ۾ جانور سلجھائي نه سگھيا هُئا، سو اهو هو ته پٿرن کي مناسب سائيزن ۾ ڪيئن ٽوڙيو وڃي. پٿرن ٽوڙڻ وارو اوزار ٽيڪم وغيره هلائڻ لاءِ پوين ٽنگن تي بيهڻو ٿي پيو، سو ائين هو نه پئي ڪري سگھيا. چند هفتن جي بيسود ڪوشش کان پوءِ ڪنهن کي اهو سُجھي آيو ته ڇو نه ڪشش ثقل جي قانون کي آزمائجي. وڏا وڏا لسا پٿر، جيڪي کاڻ جي تري ۾ پيل هُئا، تن جي چوڌاري رسا ٻڌا ويا. پوءِ سڀ جانور ۽ پکي گڏجي (ڪڏهن ڪڏهن سوئر به انهيءَ ڪار خير ۾ ڀائيوار ٿيندا هُئا) انهن کي مٿي ڇڪيندا هُئا ۽ مٿي چاڙهڻ کان پوءِ کين ڪناري تي رکي وري هيٺ اڇلايو ويندو هو. انهيءَ کانپوءِ هو ڀڃي ٽڪر ٽڪر ٿيندا هُئا. انهن ڀڳل ۽ ٽڪرا ٽڪرا ٿيل پٿرن کي آڻڻ نيڻ آسان هو. گھوڙا بار گاڏين ۾ پٿر ڍوئيندا هُئا. رڍون اڪيلا ٽڪر کڻي اينديون هيون. ايتري تائين جو مُريل ۽ بينجمن به پاڻ کي هڪ پراڻي گاڏي سان ٻڌو ۽ پنهنجي حصي جو ڪم ڪيو. اونهاري جي آخر تائين پٿرن جو چڱو تعداد گڏ ڪيو ويو هو ۽ پوءِ سوئرن جي نگرانيءَ ۾ اڏاوت جو ڪم شروع ڪيو ويو. اهو پڻ ڏاڍو ڏکيو ۽ آهستي آهستي هلندڙ مرحلو هو. اڪثر هڪڙي وڏي لسي پٿر کي کاڻ مان مٿي گھلي ڪڍڻ ۾ پورو ڏينهن لڳي ويندو هو ۽ ڪڏهن وري ڪو پٿر ڪافي سخت هوندو هو ته ڀڃڻ جو نالو نه وٺندو هو. جيڪڏهن باڪسر نه هجي ها ته هي جانور ڪجھه به نه ڪري سگھن ها. هن جو ٻل ٻين مڙني جانورن جي برابر هو. جڏهن وڏو پٿر مٿي گھليندي وري هيٺ ترڪڻ لڳندو هو ته جانور به پيا پوئتي ڌڪبا هُئا ۽ مايوسيءَ ۾ وٺي رڙيون ڪندا هُئا. انهيءَ سمي باڪسر ئي رسين کي پوري سگھه سان ڇڪيندو هو ۽ پٿر کي واپس هيٺ ڪِرڻَ کان بچائي وٺندو هو. جڏهن هو مٿي ويندڙ لاهي آهستي آهستي چڙهندو هو، ۽ سندس ساهه کڻڻ جا آواز پيا ٻڌبا هُئا ۽ سندس کرن جا چنبا ميدان ۾ کپيل هوندا هُئا، ۽ هُو پگھر ۾ شل ٿيل هوندو، تڏهن هر هڪ کيس تحسيني نگاهن سان پيو تڪيندو هو. ڪلوور ته کيس چتايو به هو ته هُو پاڻ کي ايترو هلاڪ نه ڪري. پر باڪسر هن جي ڳالهه ڏي ڌيان نه ڌريندو هو. هن جا ٻه نعرا يا مقولا “آئون اڃان به وڌيڪ پورهيو ڪندس” ۽ “نيپولن هر وقت سچو آهي” مڙني مسئلن جو ڄڻ توڙ هُئا. هاڻي هن هڪ ٻانگائي ڪڪڙ کي اڌ ڪلاڪ اڳ جي جاءِ تي منو ڪلاڪ اڳ بيدار ڪرڻ لاءِ چئي ڇڏيو هو. پنهنجي واندڪائي وارين گھڙين ۾ جيڪي اڄ ڪلهه هونئن ئي تمام گھٽ هيون، هو اڪيلو اڪيلو کاڻ ڏي ويندو هو ۽ ٽٽل پٿرن کي گڏ ڪري، اڪيلي سر پن بجليءَ واري جاءِ ڏانهن کڻي ويندو هو.
    پورهيو سخت هوندي به، اونهاري دوران، جانور ايڏي ابتر حالت ۾ ڪونه هُئا. جيڪڏهن وٽن جونز واري وقت کان وڌيڪ کاڌو نه هو، ته وري ان کان گھٽ به نه هو. عياش ۽ خرچائو پنجن ماڻهن جي پالنا ڪرڻ بجاءِ رڳو پنهنجي لاءِ ڪمائڻ وارو احساس اهڙو هو، جيڪو ٻين ناڪامين تي ڀاري ٿي پيو. ڪن ڳالهين ۾ ڪم جو جانورن وارو طريقو وڌيڪ سڦل ۽ محنت بچائيندڙ هو. مثال طور گُڏ ڪڍڻ جھڙا ڪم جنهن ڪاملتا سان ٿيا ٿي، سا انساني هٿن وس نه هُئي ۽ وڌيڪ ته هاڻي جانورن چوري نٿي ڪئي، سو زرعي زمين ۽ چراگاهن وچ ۾ لوڙهو وغيره رکڻ ضروري نه رهيا هُئا. انهيءَ ڪري واڙ ٺاهڻ، لوڙهن يا دروازن جي سنڀال سڙي تي کپندڙ پورهيو بچي پيو. پوءِ به جڏهن اونهارو اڳتي رڙهيو ته ڪافي اڻ ڏٺيون ڪميون پيشيون سامهون آيون. ٻارڻ جو تيل، ڪوڪا، رسا، ڪتن لاءِ بسڪوٽ، گھوڙن جي نالن لاءِ لوهه وغيره کٽي ويا هُئا. اهي هن فارم ۾ نٿي پيدا ٿيا. اڳتي وري مصنوعي ڀاڻ ۽ ٻج، ٻين ڪيترن اوزارن ۽ ونڊ مل (پن بجلي) لاءِ مشنري جي ضرورت پيدا ٿي. اُهي شيون ڪيئن وٺڻيون هُيون، ڪنهن کي به پتو نه هو.
    هڪ آچر جي صبح جو جڏهن جانور حڪم وصولڻ لاءِ اچي مڙيا هُئا، نيپولن اعلان ڪيو هو ته هن نئين پاليسي ٺاهي آهي. جنهن تحت هينئر کان جانورن جو فارم ٻين پاڙيسري فارمن سان واپار وڙو ڪندو. تجارتي مقصدن لاءِ نه پر محض انهيءَ لاءِ ته گھربل ۽ ضروري سامان حاصل ڪري سگھجي. هن چيو ته پن بجليءَ جون ضرورتون، ٻين سڀني معاملن کان وڌيڪ اهم آهن. تنهنڪري هُو رکيل ڪڻڪ جو ڪجھه حصو ۽ سڪل گاهه وڪڻڻ جو انتظام ڪري رهيو آهي. اڳتي هلي جيڪر اڃان به وڌيڪ روڪڙي جي طلب ٿي ته ان جو پورائو بيضن جي وڪري مان ڪيو ويندو، جن جي ولنگڊن ۾ طلب آهي. نيپولن جو چوڻ هو ته ڪڪڙيون انهيءَ قربانيءَ کي پن بجلي جي اڏاوت ۾ پنهن جي خاص حصيداري سمجھي ان کي ڀليڪار ڪنديون.
    هڪ ڀيرو وري جانورن کي اڻ چٽي بي چينيءَ جو احساس ٿيو. “انسانن سان ڪابه ڏي وٺ نه ڪئي ويندي، انهن سان واپار وڙ نه ڪبو، پئسي جو استعمال نه ڪيو ويندو” - جونز کي ڀڄائڻ کان پوءِ ٿيل فاتحانه گڏجاڻيءَ ۾ اهڙا ٺهراءَ نه پاس ڪيا ويا هُئا؟ مڙني کي ياد هو ته اهي قرارداد منظور ڪيا ويا هُئا. يا سندن خيال هو ته کين اهو سڀ ڪجھه ياد هو. چئن نوجوان سوئرن، جن جڏهن نيپولن آچر گڏجاڻيون ختم ڪرڻ وارو حڪم صادر ڪيو هو، تڏهن احتجاج ڪيو، تن هينئر به ڊڄي ڊڄي آواز اٿاريو، پر ڪتن جي خوفائتي گر کين چپ ڪرائي وڌو. ان کان پوءِ جيئن متوقع هو، رڍن ٻاڪارڻ شروع ڪيو: “چار ٽنگون سٺيون، ٻه ٽنگون بريون.” ائين وقتي ڪُڍنگائي ختم ٿي ويئي. آخر ۾ نيپولن پنهنجي اڳين ٽنگ جو پهريون اڌ مٿي کنيو ۽ اعلان ڪيو ته هن اڳواٽ ئي سڀ بندوبست ڪري ڇڏيو آهي. ڪنهن به ٻئي جانور کي انسانن سان لهه وچڙ ۾ اچڻ جي ضرورت نه آهي، ۽ اها ڳالهه هونئن به مناسب ڪانهي. هن صاحب سڄو بار پنهنجي ڪلهن تي کنيو هو. ولنگڊن ۾ رهندڙ هڪ وڪيل مسٽر ومپر ان لاءِ راضي ٿيو آهي ته هو هن فارم ۽ ٻي دنيا وچ ۾ ٽياڪڙي ڪري. هو هر سومر جو فارم ۾ اچي ان حوالي سان ضروري هدايتون حاصل ڪندو. نيپولن پنهنجي تقرير جي پڄاڻي معمول واري رڙ “جانور فارم زنده باد” سان ڪئي. گيت ڳائي جانور پوءِ ڇڙوڇڙ ٿي ويا.
    ان کان پوءِ اسڪئيلر فارم جو چڪر هنيو ۽ جانورن جون غلط فهميون دور ڪيون. هن انهن کي پڪ ڏياري ته واپار نه ڪرڻ توڙي پئسو نه استعمالڻ ڪرڻ وارو ٺهراءُ ڪڏهن به پاس نه ٿيو هو ۽ نه ئي ڪنهن ائين صلاحيو هو. اهو محض ڪنهن جو خام خيال آهي. ممڪن آهي اهو به سنوبال جي ڦهلايل ڪوڙن مان ڪو هڪڙو ڪوڙ هجي. ڪي جانور اڃا به ٿورو ٻڏتر ۾ هُئا، سو اسڪئيلر کين ڏاڍي چترائيءَ سان چيو ته ”اوهان کي پوري پڪ آهي ته اوهان اهو خواب ۾ نه ڏٺو آهي؟ ته پوءِ توهان وٽ انهن ٺهرائن جو ڪو رڪارڊ آهي، ۽ اهو ڪٿي لکيل آهي. سچ ته اهو آهي ته اهڙي ڳالهه ڪنهن به لکت ۾ نه آهي.“ اهو ٻڌي جانور مطمئن ٿي ويا. هنن کي پڪ ٿي ته هو غلطيءَ تي هُئا.
    هر سومر تي مسٽر ومپر فارم جو دورو ڪندو هو. هو ننڍي قد وارو ۽ ڏسڻ ۾ عيار شخص ٿي لڳو. هن جي ڪياڙي جي پاسن کان وڏا وار هُئا. هو بظاهر ته ننڍو وڪيل هو، پر ايترو زيرڪ هو جو کيس احساس هو ته ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن جانور فارم وارن کي ٽياڪڙ جي گھرج پوندي ۽ انهيءَ ڪم ۾ ڪميشن به مناسب حاصل ٿيندي. جانور هن جي اچ وڃ کي دهشت وچان ڏسندا هُئا ۽ هن کان هر طرح پاسو پيا ڪندا هُئا. البت چئن ٽنگن واري جيو نيپولن پاران ٻن ٽنگن واري جيو مسٽر ومپر کي حڪم ڏيڻ وارو نظارو منجھن فخر جا جذبا جاڳائيندو هو ۽ نئين بندوبست سان سهمت ٿيڻ ۾ کين مدد ڏيندو هو. انساني نسل ساڻ سندن ناتا اڳوڻي نوع جھڙا نه هُئا. انسانذات اڳ کان وڌيڪ هن فارم سان نفرت ڪندڙ هُئي. هر انسان پاران اهو وسهڻ ڄڻ ان جي ايمان جو جزو هو ته دير سوير هن فارم جو ڏيوالو نڪرڻو هو. ٻيو ته پن بجليءَ جو منصوبو ناڪام ٿيڻو هو. اُهي مئخانن ۾ جڏهن گڏبا هُئا ته نقشن جي مدد سان هڪ ٻئي کي ثابت ڪري ڏيکاريندا هُئا ته پن بجليءَ جو ڍانچو ڊهي پٽ ٿيڻو آهي، پر جيڪر بيهي به رهيو ته ڪم ڪرڻ جوڳو نه هوندو. پر پوءِ به، نه چاهيندي به، منجھن جانورن پاران پنهنجا مامرا اڪلائڻ واري خاصيت لاءِ عزت ڀريا جذبا ڪرکڻڻ ٿي لڳا. ان جي پهرئين نشاني اُها هُئي ته هاڻي هنن مئنر فارم کي جانور فارم ئي ڪوٺڻ شروع ڪيو هو. هنن هاڻ مسٽر جونز جي حمايت به گھٽائي ڇڏي هُئي. ان صاحب به فارم واپس ورڻ جي آس ترڪ ڪري ملڪ جي ٻئي ڇيڙي ۾ وڃي رهائش اختيار ڪئي هُئي. ومپر کان سواءِ هن فارم ۽ ٻي دنيا وچ ۾ ڪو به رابطو نه ٿيو هو. پر هاڻي اهي افواهه به برابر پکڙيل هُئا ته نيپولن جلد از جلد فاڪسوڊ جي مسٽر پلڪنگٽن يا پنجفيلڊ جي مسٽر فريڊرڪ سان واپاري معاهدو ڪرڻ وارو هو - البت اهو محسوس ڪيو ويو ته هڪ ئي وقت ٻنهي سان اهڙو معاهدو نه ڪيو ويندو.
    انهيءَ زماني ۾ اوچتو سوئرن فارم هائوس جي عمارتن اندر رهائش ڪئي. تڏهن ٻين جانورن کي ياد پيو ته انهيءَ فارم هائوس کي رهڻ واسطي استعمال نه ڪرڻ جو ٺهراءُ منظور ٿيل هو. پر وري اسڪئيلر کين اهو مڃرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو ته اهو قصو ائين نه هو. هن جانورن کي ٻڌايو ته اهو اشهد ضروري آهي ته سوئر صاحبان، جيڪي فارم جو دماغ آهن، ڪم ڪار پر سڪون ماحول ۾ ڪن. ٻيو ته ليڊر (ويجھڙ ۾ هُو نيپولن جو ذڪر انهي لقب تحت ڪندو هو) جي عظمت جي خيال کان ضروري هو ته هو سوئرن جي واڙي ۾ رهڻ بدران ڪنهن گھر ۾ اچي رهي. جانور پريشان ٿيا، جڏهن کين خبر پئي ته نه رڳو سوئر بورچيخاني ۾ ويهي کاڌو کائين ٿا، ۽ ڊرائنگ روم ۾ ڊاٻو ڪن ٿا، پر ساڳئي وقت رات جو بسترن ۾ سمهن ٿا. باڪسر ته انهيءَ خبر تي ڪو ڌيان نه ڌريو ۽ “نيپولن هر وقت سچو آهي” جو نعرو هنيو، پر ڪلوورجو خيال هو ته کيس ياد آهي ته بسترا نه استعمالڻ جو قرارداد منظور ڪيو ويو هو. هوءَ ڀانڊي جي ڇيڙي ڏي ويئي ۽ لکيل ستن حڪمنامن کي جانچڻ لڳي، پر کيس انفرادي اکرن کان سواءِ ٻيو ڪجھ پڙهڻ ۾ نٿي آيو، سو هو مريل کي وٺي آئي.
    “مُريل،” هن چيو، “چوٿون حڪم ته پڙهه. ڇا ان ۾ ان ۾ اهو نه آهي چيل ته بسترا ڪڏهن به استعمال نه ڪيا ويندا؟
    ڪجھه تڪليفن سان مُريل اهو پڙهي چوڻ لڳي ته “اهو چوي ٿو ته ڪوبه جانور چادر سان بستري ۾ نه سمهندو.”
    ڪلوور کي عجب لڳو ته اڳ انهيءَ حڪم ۾ چادر جو ذڪر نه هو پر جيئن ته اهو ديوار تي لکيو پيو آهي، سو ائين ئي هوندو ۽ اسڪئيلر جيڪو اتفاق سان اُتان اچي لنگھيو، تنهن معاملي کي صحيح تناظر ۾ سمجھائڻ جو جتن ڪيو.
    “ته ڪامريڊو توهان ٻڌو آهي اسان سوئر فارم هائوس جي بسترن ۾ سمهي رهيا آهيون. يقيني طور اوهان ڀانيو ٿا ته بسترن ۾ سمهڻ جي خلاف اڳ ۾ حڪم نامو ٺاهيل هو. بستري مان مُراد آهي سمهڻ جي جاءِ. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته ڪکن جو ڍير به هڪ بسترو آهي. حڪم رڳو چادرن جي استعمال خلاف ڏنل هو، جيڪي انساني ايجادون آهن. اسان فارم هائوس جي بسترن مان چادرون ڪڍي ڇڏيون آهن ۽ رڳو اسان رلين يا کٿن ۾ سمهندا آهيون. اهي بيشڪ آرام ده بستر آهن، پر ڪامريڊو آئون اوهان کي عرض ڪندو هلان ته اڄ ڪلهه جيترو اسان ذهني پورهيو ڪريون ٿا، تنهنجي ڀيٽ ۾ هي آرامده ڪونه آهن. ڪامريڊو! ڇا اوهان اسان کان ٿوريون آسائشون کسڻ چاهيو ٿا. توهان چاهيو ٿا ته اسان ڪم ڪار ڪري ٿڪل رهون؟ اوهان مان ڪير گھرندو ته مسٽر جونز واپس وري؟”
    اهو نڪتو هنن کي مطئمن ڪرڻ لاءِ ڪافي هو. سو هنن سوئرن پاران بسترن ۾ سمهڻ واري عمل تي وڌيڪ ڳالهائڻ کان پاسو ڪيو ۽ جڏهن ڪجھ ڏينهن بعد اهو اعلان ٿيو ته “سوئر ٻين جانورن جي ڀيٽ ۾ هڪ ڪلاڪ پوءِ ننڊ مان سجاڳ ٿيندا” ته ڪنهن به ان تي شڪايت نه آوازي.
    سرءُ جي مند تائين جانور ٿڪجي پيا هُئا، پر پوءِ به خوش هُئا. سندن سال ڪافي ڏکيو گذريو هو ۽ گاهه ۽ اناج جي ڪجھه حصي جي وڪري کان پوءِ سياري لاءِ خوراڪ جو ذخيرو جھجھو نه هو، پر پن بجليءَ جو منصوبو هر ڪميءَ لاءِ توڙ هو. اهو ذري گھٽ اڌوگابرو جڙي راس ٿيو هو. لاباري کان پوءِ موسم خشڪ بنجي ويئي. جانورن کي وڌيڪ ڪشالو ڪرڻو ٿي پيو. انهن ائين ٿي سوچيو ته جيڪر سندن پٿر ڍوئڻ جي ڪشٽ سان هڪ فوٽ به اڏاوت مٿي ٿي ٿِي ته اهو پورهيو سندن لاءِ سجايو هو. باڪسر هاڻي ته رات جو ڪم تي ٿي چڙهيو ۽ چانڊوڪيءَ ۾ ٻه ڪلاڪ ڪم ٿي ڪيائين. فارغ وقت ۾ جانور اڌ ٺهيل ونڊمل جو چڪر هڻڻ ويندا هُئا. هُو ديوار جي سگھه ۽ اُڀائي کي ساراهيندا هُئا ۽ سندن پاران ديو قامت عمارت کڙي ڪرڻ تي اچرج ۾ پوندا هُئا. رڳو پوڙهو بينجمن ئي هو، جيڪو ان کان لا تعلق هو ۽ ڪنهن به جوش جو اظهار نه ڪندو هو. هو پنهنجو اهو پراسرار مقولو ورجائيندو هو ته “گڏهه وڏي ڄمار جيئندا آهن.”
    نومبر جو مهينو آيو ته ان سان ڏکڻ-اولهه واريون هوائون به گھليون. اڏاوت جو ڪم رڪجي ويو. ڇو ته آلاڻ ۾ سيمنٽ گڏڻ ممڪن نه هو. آخرڪار هڪ رات اهڙي به آئي، جنهن ۾ آيل طوفان ايترو ته خطرناڪ هو، جو فارم جي جاين جا بنياد لٽي ويا ۽ ڀانڊي جي ڇت مان ڪيتريون سرون اڏامي ويون. ڪڪڙيون ننڍ مان ڇرڪ ڀري اٿيون ۽ ڊپ ۾ آوازڻ لڳيون، ڇو ته سڀ ئي ننڍ ۾ خواب ڏسي رهيون هيون ۽ هنن کي ڄڻ پري کان بندوق ڇٽڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. صبح جو جڏهن جانور ننڊ مان اٿيا ته ڇا ڏٺائون ته جھنڊي جي لٺ هيٺ ڪري پيئي آهي ۽ باغ ۾ لڳل جھنگلي وڻ پاڙئون اکڙيو پيو هو. اڃان انهن اهو ئي ڏٺو هو ته هر جانور جي وات مان دانهن نڪري ويئي. سندن اڳيان وارو نظارو ڏاڍو هيبت ناڪ هو. پن بجلي ڪارخانو تباهه ٿيل هو. سڀ وٺي اوڏانهن ڀڳا. نيپولن جيڪو ڪڏهن نه ڊوڙيو هو، تنهن وٺي لُوههَ پاتي. هائو سندن محنتن جو ثمر ۽ سخت ڪشالن سان ٽوڙي کنيل پٿر وکريا پيا هُئا ۽ ونڊمل جا بنياد ڊٺا پيا هُئا. ٽڙيل پکڙيل پٿرن کي ڏک سان ڏسندي جانور ڄڻ گونگا بنيل هُئا. نيپولن خاموش بنيو هيڏانهن هوڏانهن هلندو رهيو ۽ ويچاريندو رهيو. اوچتو هو هڪ هنڌ بيهي رهيو، ڄڻ هن پنهنجو ذهن ڪنهن نڪتي تي ٺاهي ڇڏيو هجي.
    “ڪامريڊو،” هن ٿڌائي سان چيو، “اوهان کي خبر آهي ته هيءَ ڪارستاني ڪنهنجي آهي؟ توهان کي ان دشمن جي ڄاڻ آهي، جيڪو رات ۾ هتي اچي هن کي ڊاهي ويو آهي. اهو آهي سنوبال.” هن گجگوڙ ڪندي چيو، “سنوبال ئي هيءُ سڀ ڪجھه ڪيو آهي. غدار رات جي اونڌاهيءَ ۾ هتي آيو ۽ اسان جي سڄي سال جي پورهئي کي غارت ڪري ويو آهي. ڪامريڊو! آئون هتي جو هتي اعلانيان ٿو ته هُن کي موت جي سزا ڏني وڃي. هن کي جيڪو ٺڪاڻي لڳائيندو ان کي جانور هيرو سيڪنڊ ڪلاس جو ٻلو ۽ اڌ مڻ صوف تحفي ۾ ڏنا ويندا. جيڪو کيس زنده پڪڙي ايندو، سو هڪ مڻ صوف جو حقدار بنبو.”
    جانور اهو ٻڌي صدمي ۾ وٺجي وييا ته اهڙي تباهيءَ جو آڻيندڙ سنوبال هو. سڀئي ڪروڌ ۾ وٺجي ويا ۽ سوچڻ لڳا ته جڏهن هو ٻيهر اچي ته ڪيئن کيس پڪڙيو وڃي. ان کان پوءِ جھٽ ۾ ئي ٽڪريءَ جي ڀر ۾ گاه ۾ ڪنهن سوئر جي پيرن جا نشان لڌا ويا. اهي نشان چند والن تائين هلندڙ هُئا ۽ انهن جو رخ لوڙهي جي سوراخ ڏانهن هو. نيپولن انهن کي چڱي طرح سونگھي ڏٺو ۽ اعلان ڪيو ته هي نشان سنوبال جا آهن. هن وڌيڪ اهو به چيو ته امڪان آهي ته سنوبال فاڪسوڊ فارم جي پاسي کان آيو هجي.
    ”وڌيڪ دير ڪرڻ مناسب نه آهي.“ پيرن جي نشانن کي جانچڻ بعد نيپولن چيو، ”اسان کي ڪم ڪرڻو آهي. اڄ صبح کان ئي اسان ٻيهر اڏاوت جو ڪم شروع ڪريون ٿا. اسان سياري توڙي اونهاري، مينهن ۾ يا سج جي تپش ۾ اهو ڪم جاري رکنداسون. اسان انهيءَ غدار کي سبق سيکارينداسين ته اسان کي آسانيءَ سان مٽائي نٿو سگھجي. ڪامريڊو، ياد رکو ته اسان جي رٿا ۾ تبديلي نه ايندي، اها جيئن جو تيئن عمل ۾ آڻبي. ڪامريڊو! اڳتي وڌو! ونڊمل زنده باد. ائنيمل فارم زنده باد.“


    باب ستون

    سيارو ڪافي سخت هو. طوفاني موسم کان پوءِ وري برفباري ٿي ۽ ڳڙن جو مينهن وسيو. پوءِ وري سخت پارو پيو، جيڪو فيبروري تائين هلندو رهيو. جانور پن بجلي جي نئين سر اڏاوت ۾ مگن رهيا ۽ هو انهيءَ حقيقت کان با خبر هُئا ته ٻاهرين دنيا کين ڏسي رهي هُئي ۽ ٻيو ته ڪم کي وقت اندر پورو نه ڪرڻ باعث حاسد انسان ذات خوش ٿيندي ۽ جشن ملهائيندي.
    ڪيني مان، انسانذات اهو ڏيکاءُ ٿي ڏٺو ته کين اهو ويساهه ۾ نٿو اچي ته ونڊمل کي سنوبال اکوڙيو آهي. انهن جي راءِ ۾ اها انهيءَ لاءِ ڊهي پيئي هُئي جو ان جون ڀتيون سنهيون هيون. سو هن ڀيري فيصلو ڪيو ويو ته 18 انچن جي جاءِ تي، ڀتين جي ويڪر ٽي فوٽ رکي ويندي. انهيءَ حساب سان هن ڀيري وڌيڪ پٿرن جي گھرج پيدا ٿي. گھڻي وقت تائين ته کاڻ برف سان ڀريل هُئي. ان ڪري ڪم بند هو. جڏهن خشڪ ٿڌ شروع ٿي ته پوءِ ئي ڪجھه پيش رفت ٿي. پر اهو ڪم ڏاڍو اڙانگو هو ۽ ان حوالي سان جانور ايڏو پراميد ڪونه هئا، جيترو اڳي رهندا هُئا. کين نه رڳو سيءَ جڪڙي ورتو هو، پر هُو هاڻي بکايل به رهندا هُئا. رڳو باڪسر ۽ ڪلوور نراس نه ٿيا. اسڪئيلر پورهئي جي عظمت، خدمت جي مزي تي ڏاڍيون عاليشان تقريرون ڪيون، پر جانور وڌيڪ اتساهه باڪسر جي ٻل ۽ هن جي اڻ کُٽِ نعري ته “آئون اڃان به وڌيڪ پورهيو ڪندس” مان ٿي ماڻي.
    جنوريءَ ۾ خوراڪ گھٽجي ويئي. اناج جي راشن ۾ گھٽتائي آندي ويئي ۽ اعلان ڪيو ويو ته اناج جي کوٽ جو پورائو پٽاٽن جي وڌيڪ راشن سان ڪيو ويندو. پوءِ اهو ڄاتو ويو ته پٽاٽي جي فصل جو وڏو حصو صحيح طرح نه ڍڪجڻ جي ڪري پاري جي نظر ٿي ويو هو. پٽاٽي جو نه صرف رنگ خراب هو، پر اهي وڌيڪ نرم ٿي ويا هُئا ۽ ڪي ٿورڙا کائڻ جوڳا هُئا. ڪڏهن ڪڏهن ته جانورن کي گھڻا ڏينهن ٺلهي بهه يا گوگڙوئن جي چاري تي گذارن ٿي ڪرڻو پيو. بک ۽ بدحالي کين گھوري رهي هُئي.
    اهو هاڻي ضروري ٿي پيو هو ته اها حقيقت دنيا وارن کان لڪائي وڃي. پن بجلي جي ڊهي پوڻ کان پوءِ انسان هن فارم متعلق تمام گھڻا نوان ڪوڙ گھڙي رهيا هُئا. هڪ دفعو وري اهو هُلايو ويو ته جانور ڏڪار ۽ بيمارين وگھي مري رهيا آهن ۽ پاڻ ۾ مسلسل جھيڙيندا رهن ٿا. آدم خوري توڙي صغير خوري به ڪندا رهن ٿا. نيپولن انهيءَ حقيقت کان باخبر هو ته جيڪر حقيقي صورت جي ٻاهرين دنيا کي خبر پيئي ته ان جا برا نتيجا نڪرندا، ان ڪري هن مسٽر ومپر جي وسيلي ان جي ابتڙ اهڙو تاثر ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. هيستائين ومپر سان جانورن جو رابطو نه هئڻ برابر هو، پر هاڻي ڪجھه چونڊ جانورن، خاص ڪري رڍن کي سيکاريو ويو ته هُو ومپر جي موجودگيءَ ۾ اهو چون ته هاڻي ته پاڻ راشن به وڌايو ويو آهي. نيپولن اهو حڪم ڏنو ته اسٽور ۾ رکيل گُندين ۾ پهرئين واري ڀري، پوءِ اُنَ مٿان اَنُ ۽ ماني رکي وڃي. پوءِ ڪنهن مناسب بهاني سان کيس اتي آندو وڃي ته جيئن هو ڀريل گُندين جو نظارو ڪري ۽ اها ڳالهه ٻاهرين دنيا کي وڃي ٻڌائي. هو دوکي ۾ اچي ويو ۽ اهو سڀ ڪجھه جو هو مٿان مٿان ڏسندو ۽ ٻڌنڌو هو، سو وڃي ٻاهر ٻڌائيندو هو ته هن فارم ۾ غذا جي کوٽ بلڪل ڪانهي.
    ان هوندي به جنوريءَ جي آخر تائين اهو وائکو ٿي ويو ته ڪٿان نه ڪٿان اناج وٺڻو پئجي ويندو. انهن ڏينهن ۾ نيپولن ورلي ڪو عام جاين تي ظاهر ٿيندو هو، هو گھڻو وقت فارم هائوس ۾ گھاريندو هو، جنهن جي هر دروازي تي خونخوار ڪتا چوڪيدار ٿي بيٺل هُئا. هُو جڏهن به ٻاهر نڪرندو هو ته جلوس جي شڪل ۾ ڇهن ڪتن جي گھيري ۾ نڪرندو هو. جيڪڏهن ڪو کيس ڪم چوڻ چاهيندو هو ته اهي ڪتا گرڻ شروع ڪندا هُئا. اڪثر هو آچر جي صبح جو به ظاهر نه ٿيندو هو، پر ٻين سوئرن خاص ڪري اسڪئيلر جي وسيلي پنهنجا حڪم صادر ڪندو هو.
    هڪڙي آچر جي ڏينهن اسڪئيلر اچي اعلانيو ته ڪڪڙيون، جن بيضا لاهڻ شروع ڪيا هُئا، سي پنهنجي بيضن تان هٿ کڻن. نيپولن ومپر جي ذريعي هر هفتي چار سو بيضا وڪڻڻ جو معاهدو ڪيو آهي. انهيءَ وڪري مان ٿيندڙ آمدني مان ڪافي اناج ۽ ماني ملي پوندي، جنهن سان گرمين تائين يا سٺين حالتن پيدا ٿيڻ تائين گذارو ٿي ويندو.
    جڏهن ڪڪڙين جو اهو ٻڌو ته هنن وٺي هاءِ گھوڙا مچائي. کين چتايو ويو ته اها قرباني بيحد ضروري آهي، پر انهن کي اعتبار ئي نٿي آيو ته ائين به ٿيندو. اُهي ته بهار جي آري لاءِ پر ساهي رهيون هيون ۽ انهن جي خيال ۾ هاڻي بيضا ڏئي ڇڏڻ قتل ڪرڻ برابر ٿيندو. جونز جي ڀاڄ بعد پهريون ڀيرو بغاوت جا آثار ٿي نظر آيا. ٽن ڪارين پهريات ڪڪڙين جي اڳواڻي ۾ انهيءَ حڪم کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هنن طريقو اهو اختياريو هُئو ته اهي مٿي اڏامي ڪاين تي ويهي بيضا لاهينديون هيون، جيڪي پٽ تي ڪري ڀڄي پوندا هئا. نيپولن جو جوابي قدم به تڪڙو ۽ قهري هو. هن حڪم ڏنو ته ڪڪڙين جو راشن بند ڪيو وڃي. ڪوبه جانور جيڪر ڪڪڙين کي اناج جو داڻو ڏيندو ته انهيءَ کي موت جي سزا ڏني ويندي. ڪتن انهيءَ حڪم جي پوئيواري جي نگراني ڪئي. پنج ڏينهن ته ڪڪڙيون باغي رهيون، پر پوءِ پيش پيون ۽ اصلي خانن ڏي ويون. انهيءَ دوران نَوَ ڪڪڙيون ته مري کپي ويون. انهن کي باغ ۾ پوريو ويو ۽ چيو ويو ته اُهي آنڊن ۾ خرابيءَ واري بيماري وگھي مُيون آهن.
    ومپر کي انهيءَ صورتحال جي کڙڪ به ڪانه پئي، هن کي بيضا وقت تي پهچايا ويا. دڪاندارن جو گاڏو هر هفتي اچي بيضا کڻي ويندو هو.
    انهيءَ عرصي ۾ سنوبال بابت وڌيڪ ڪجھه به نه ڏٺو يا ٻڌو ويو. افواهه هُئا ته هو ٻنهي مان ڪنهن هڪ فارم ۾ لڪل هو. نيپولن ان وقت تائين ٻنهي فارمن سان ناتا سڌاري چڪو هو. فارم ۾ عمارتي ڪاٺ جو چڱو خاصو ڍڳ پيو هو. جيڪو ڏهاڪو سال اڳ ڪناري واري هُڙي ختم ڪندي سٿيو ويو هو. اڃان به اهو استعمال لائق هو. ان ڪري ومپر نيپولن کي صلاحيو ته ان کي کپائي ڇڏي. ٻئي جاگيردار مسٽر پلڪنگٽن ۽ مسٽر فريڊرڪ ان کي خريدڻ لاءِ آتا هُئا. نيپولن دل من هڻي رهيو ته هو ڪنهن کي اهو ڪاٺ وڪڻي ڏئي. ڏٺو ويو ته هُو جڏهن فريڊرڪ کي کپائڻ جو ذري گھٽ فيصلو ڪرڻ وارو هو ته پڌرو ٿيو ته سنوبال فريڊرڪ جي فارم فاڪسوڊ ۾ لڪل هو. يا وري هُن پلڪنگٽن کي کپائڻ جو ارادو ٿي ڪيو ته هُلايو ٿي ويو ته سنوبال پنچفيلڊ ۾ لڪل آهي.
    اوچتوئي اوچتو بهار جي شروع ۾ هڪ خطرناڪ ڳالهه ڄاتي ويئي: سنوبال لڪي ڇپي رات وڳڙي ۾ فارم تي ايندو ويندو رهيو آهي. اهو ٻڌي فارم جا جانور ايترا ته پريشان ٿيا، جو اُهي پنهنجي وٿاڻن ۾ سمهي نه سگھيا. اهو چيو ويو هو ته هُو هر رات جو اونداهيءَ ۾ فارم ۾ اچي ٿو ۽ هر طرح جون شيطان گيريون جھڙوڪ ان چورائڻ، کير جون باڙديون الٽائڻ، بيضا ڀڃڻ، ٻيجي وارن ٻارن کي وڃائڻ، ۽ ميون جي وڻن جا ڇوڏا لاهڻ وغيره هن جو معمول آهن. جڏهن به ڪا گڙ ٻڙ ٿي ٿِي ته عام طرح ان جو الزام سنوبال تي ٿي مڙهيو ويو. جڏهن ڪا دري ٿي ٽٽي يا نالي ٿي بند ٿي ته لازمن ڪنهن آوازيو ٿي ته سنوبال رات وچ ۾ آيو هوندو ۽ اها ڪارستاني سر انجام ڏني هوندائين. جڏهن ڀانڊي جي چاٻي گم ٿي ويئي ته سڄي فارم کي پڪ هُئي ته سنوبال ان کي کوه ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي. عجيب ڳالهه اها ٿي ته وڃايل ڪنجي ملڻ کان پوءِ به جانور انهيءَ کوه ۾ اڇلائڻ واري ڳالهه تي اعتبار رکندا آيا. ڳئن يڪمشت ٿي دعويٰ ڪئي، ته سنوبال سندن وٿاڻن ۾ اچي ٿو ۽ کين ڏهي ٿو. ڪوئا، جيڪي هن سياري ۾ آزار بنيا رهيا، تن لاءِ چيو ويو ته اُهي سنوبال جا ساٿاري آهن. نيپولن حڪم ڏنو ته سنوبال جي سرگرمين جي مختلف نمونن سان جانچ ورتي وڃي. ڪتن جي سايي ۾ هُو سنڀري نڪتو ۽ فارم جي مڙني جاين جي چڪاس ڪئي، ٻيا جانور هن کان مرعوب ٿي ڪجھه فاصلي تي رهيا. هر قدم تي هو رڪيو ٿي ۽ پٽ کي ٿي سونگھيائين، ڇو ته هو سنوبال جي پيرن جي نشانن کي سونگھي سمجھي ٿي ويو. هن ڀانڊي، ڪڪڙين جي کڏين ۽ ڀاڄين واري ٻني جي هر ڪنڊ ۾ سونگھي ڏٺو ۽ هر جاءِ ان کي سنوبال جا پيرا نظر آيا. هو پنهنجو ٻوٿ پٽ تي هڻي سونگھيندو رهيو، پوءِ اوچتو ڊيڄاريندڙ نموني رڙ ڪندي چيو ته “سنوبال هتي آيو آهي. آئون هن جا پيرا سونگھي سڃاڻان ٿو.” ڪتن سنوبال جو لفظ ٻڌنڌي ئي رت سڪائيندڙ ڀونڪ شروع ڪئي ۽ پنهنجا پاسيرا ڊگھا ڏند ٿي ڏيکاريائون.
    جانور تمام گھڻو ڊنل هُئا. انهن کي لڳو ٿي ته ڄڻ سنوبال وٽ ڪا غيبي قوت آهي، ۽ هو هوا ۾ ڦهليو، هنن لاءِ هر طرح جا خطرا ٺاهي رهيو هو. شام جو اسڪئيلر سڀني کي سڏيو ۽ چهري کي ڊيڄاريندڙ نموني ۾ ٺاهي ٻڌايو ته هن کي اڪيلائي ۾ هڪ سنجيده خبر ٻڌائڻي آهي.
    “ڪامريڊو،” هن رڙ ڪندي ۽ ٽپا ڏيندي چيو، “انتهائي خراب ڳالهه معلوم ٿي آهي. سنوبال پاڻ کي پنچفيلڊ جي مسٽر فريڊرڪ وٽ وڪڻي ڇڏيو آهي، جيڪو هاڻي اسان تي حملو ڪرڻ ۽ فارم کي واپس وٺڻ لاءِ سٽون پيو سٽي. ان حملي ۾ سنوبال هن جو سونهون بنجي ڪم ڪندو. پر اڃان به بري خبر ٻي آهي. اسان سمجھيو پئي ته سنوبال جي بغاوت ۾ شرڪت هن جون وڏيون خواهشات ۽ توقعات هيون، پر اسين غلط هُئاسون. ڪامريڊو! اوهان کي اصلي سبب جي خبر آهي؟ سنوبال ته شروع کان ئي جونز جو ٻيلي هو. هُو هن جو جاسوس هو. هن جيڪي ڊاڪيومينٽ پوئتي ڇڏيا آهن. تن مان اهو ثابت ٿيو آهي ۽ ڄاتوويو آهي. ڪامريڊو، انهيءَ مان ڪافي ڳالهيون سمجھه ۾ اچن ٿيون. اسان نه ڏٺو هو ته هن ڪيئن ڪوشش ڪئي هُئي اسان کي ڳئن جي واڙي واري جنگ ۾ شڪست ڏيارڻ جي، پر اسان ان ۾ سوڀارا ٿياسون.”
    اهو ٻڌي جانورن جا هوش حواس خطا ٿي ويا. اهو عمل ته ونڊمل کي تباهه ڪرڻ کان وڌيڪ ڪريل هو. ڪجھه گھڙين کان پوءِ هو سامت ۾ آيا. هنن کي ياد آيو، يا هنن سمجھيو ته کين ياد آيو آهي، ته ڪيئن هر موڙ تي سنوبال جنگ ۾ سڀني کي همٿايو ٿي ۽ يڪجا ڪيو ٿي. جونز جي بندوق جي ڇرن سندس پُٺِ کي گھائي وڌو هو، پر هو هڪ گھڙي به نه رڪيو هو. پهرئين ته اها سار سنوبال جي جونز جو ساٿي هئڻ واري ڳالهه سان نٿي ٺهڪي آئي. ايتري تائين جو باڪسر جيڪو سوال نه ڪندو هو، سو به منجھيل هو. هُو ويهي رهيو ۽ اڳيان کر هيٺ رکيا ۽ اکيون بند ڪري پنهنجي ويچارن کي ترتيب ڏيڻ لڳو.
    “مونکي ويساهه ۾ نٿو اچي. سنوبال انهيءَ جنگ ۾ بهادريءَ سان وڙهيو. مون کيس پاڻ جھيڙيندي ڏٺو هو. اسان کيس ائنيمل هيرو فرسٽ ڪلاس جو تمغو به ڏنو هو.”
    “اها اسان جي غلطي هُئي ڪامريڊو! ڇو ته هاڻي اسان کي خبر پئي آهي. اهو سڀ هن جي دستاويزن ۾ لکيل هو. حقيقت ۾ هُو اسان جي خاتمي ڏانهن جنگ کي ڇڪي رهيو هو.”
    “پر هو ته زخمي به ٿيو هو. اسان سڀني هن کي خون ۾ لت پت ڏٺو هو.”
    “اهو ته اڳواٽ بندوبست جو نتيجو هو.” اسڪئيلر رڙ ڪندي چيو، “جونز جو ڌڪ ته رڳو هن کي چامائون لڳو هو. آئون اوهان کي هن جي پنهنجي لکت ۾ اهو ڏيکاريندس. رٿا اها ڪيل هُئي ته اهم مرحلي تي سنوبال ڀاڄ جو اشارو ڪري ها، ۽ پوءِ هي ٻنيون دشمنن حوالي ٿين ها. هو ذري گھٽ ان ۾ ڪامياب به ٿيو هو - آئون ته ائين چوندس ته هو ڪاميابي ماڻي وٺي ها، جيڪر اسان جو بهادر اڳواڻ ڪامريڊ نيپولن اُتي نه هجي ها. توهان کي ياد نه آهي ته جڏهن جونز ۽ ان جا ماڻهو ميدان ۾ گھڙيا ته سنوبال ۽ ڪجھه جانور پوئتي وري ڀڄڻ لڳا هُئا. اوهان کي ياد نه آهي ته انهيءَ گهڙي جڏهن افراتفري هُئي ۽ هر شيءِ هٿن مان وڃي رهي هُئي، تڏهن ڪامريڊ نيپولن “انسان مرده باد” جا نعرا هڻندو اڳتي وڌيو هو، ۽ جونز جي ٽنگن ۾ پنهنجا ڏند ٽنبيا هُئائين. يقينن اهو اوهان کي ياد هوندو.” اسڪئيلر ٽُپندي ڪُڏندي اهو سڀ ڪجھه جولان ۾ چيو.
    هاڻي جڏهن اسڪئيلر انهيءَ تز نموني منظر ڪشي هُئي ته اهو لڳو ته جانورن کي اهو ياد اچي ويو هو. بهرحال کين ياد آيو ته انتهائي نازڪ مرحلي تي سنوبال ڀڄڻ لڳو هو. پر باڪسر اڃان به بي آرام هو.
    “آئون نٿو اعتبار ڪريان ته شروع ۾ سنوبال ڪو غدار هو.” هن آخر چيو، “ان کان پوءَ هن جيڪو ڪيو سو ٻي ڳالهه آهي. پر آئون سمجھان ٿو ته هو انهيءَ جنگ ۾ سٺو ساٿي هو.”
    “اسان جي اڳواڻ ڪامريڊ نيپولن،” اسڪئيلر آهستگيءَ ۽ پختگيءَ سان اعلانيو ته “صاف لفظن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سنوبال اول ڏينهن کان جونز جو همراهه هو. هائو بغاوت جي سوچ ويچار کان به اڳ.”
    “اها ٻي ڳالهه آهي.” باڪسر چيو، “جيڪر ڪامريڊ نيپولن ائين چوي ته اهو صحيح هوندو.”
    “اها ئي صحيح سوچ آهي. ڪامريڊو!” اسڪئيلر وڏي واڪ چيو، پر اهو نوٽ ڪيو ويو ته هنن ننڍين چمڪندڙ اکين سان باڪسر کي حقارت سان ڏٺو. هو وڃڻ لاءِ مڙيو، ته وري رڪيو ۽ متاثر ڪندڙ نوع ۾ چيائين “آئون هر جانور کي چتايان ٿو ته اهي هوشيار رهن ڇو ته اسان سمجھون ٿا ته سنوبال جا ايجنٽ اسان جي وچ ۾ آهن.”
    چار ڏهاڙا پوءِ، لڙيءَ شام جو، نيپولن حڪم ڪيو ته سڀ جانور ميدان ۾ اچي گڏ ٿين. جڏهن سڀ ڪٺا ٿيا ته نيپولن فارم هائوس مان ٻاهر آيو. کيس ٻئي تمغا (هن تازو پاڻ کي “جانور جو هيرو فرسٽ ڪلاس” ۽ “جانور جو هيرو سيڪنڊ ڪلاس” جا تمغا ڏنا هُئا) پهريل هُئا ۽ نَوَ ڪتا کيس چوڌاري ڦريل هُئا ۽ گِرِي جانورن ۾ ڏهڪاءُ پيدا ڪري رهيا هُئا. سڀ ئي جانور هراسيل هُئا. لڳو ٿي ته ڄڻ کين پرون پئجي ويا هئا ته ڪهڙي ويڌن ٿيڻ واري آهي.
    نيپولن بيهي حاضرين جو جائزو ورتو ۽ هن وڏي آواز ۾ ڪنجھيو. جلديءَ ۾ ڪتا وڌيا ۽ چئن سوئرن کي ڪنن کان پڪڙي گھليندي، نيپولن جي پيرن ۾ ڦٽو ڪيو. انهي سوئرن جي ڪنن مان رت وهڻ لڳو هو ۽ ڪتن کي رت جي ڇڪ ٿي هئي، سو ڪجھه وقت لاءِ چريا ٿيل ٿي ڀاسيا. هر هڪ عجب ۾ وٺجي ويو جڏهن ٽي ڪتا باڪسر تي اچي ڪڙيا باڪسر کين پاڻ طرف ايندو ڏسي اڳين ٽنگن سان هڪ ڪتي کي مٿي کڻي پٽ ڏي اڇليو، ۽ ڪتي دل ڏاريندڙ رڙ ڪئي ۽ ٻه ڪتا پڇ لڪائي وٺي ڀڳا. باڪسر نيپولن ڏانهن ڏٺو ته جيئن هو ڄاڻي سگھي ته هو ان ڪتن کي ڦهي ڇڏي يا ڇڏي ڏي. نيپولن پنهنجي منهن ۾ تبديلي آندي ۽ تکي نوع ۾ ڪتن کي ڇڏڻ جو اشارو ڪيو. ان کان پوءِ باڪسر ڪتي کي ڇڏي ڏنو ۽ زخميل ڪتو وٺي ڀڳو.
    هاڻي هُل ڪجھه ماٺو ٿيو. چار سوئر ڏڪي رهيا هُئا. سندن مهانڊن تي بي وسي عيان هُئي. نيپولن کين سڏيو ۽ چيو ته هو پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪن. هي اُهي ساڳيا سوئر هُئا، جن جڏهن آچر واري گڏجاڻي ختم ڪرڻ وارو اعلان ٿيو هو، تڏهن ان تي اعتراض واريو هو. وڌيڪ ڪنهن زور ۽ بار جي هنن اعتراف ڪيو ته اُهي سنوبال جي ڀاڄ کان وٺي هن ساڻ رابطي ۾ رهيا آهن ۽ هنن سنوبال سان گڏجي ونڊمل کي تباهه ڪيو هو ۽ وڌيڪ اُهو ته هنن سنوبال سان معاهدو ڪيو آهي ته اُهي جانور فارم مسٽر فريڊرڪ کي ڏياريندا. هنن اهو به چيو ته سنوبال کين خانگي طرح ٻڌايو هو ته هو ماضيءَ ۾ مسٽر جونز جو ايجنٽ بنيل هو. هنن جيئن ئي پنهنجو اعتراف پورو ڪيو، ڪتن وڃي سندن ڳچيءَ ۾ چڪ پاتا ۽ انهيءَ مهل نيپولن هيبتناڪ نموني چيو ته “ڪنهن ٻئي جانور کي به اعتراف ڪرڻو آهي؟”
    ٽي ڪڪڙيون جيڪي بيضن واري مامري ۾ سرواڻي ڪندڙ هيون، سي اڳتي آيون ۽ اعتراف ڪيائون ته سنوبال سندن خوابن ۾ آيو هو ۽ کين نيپولن جي حڪم عدوليءَ جي ترغيب ڏني هُئائين. انهن کي به اُتي جو اتي ڪٺو ويو. وري هنج اڳيان آيو ۽ اعتراف ۾ چيائين ته گذريل سال هن لاباري دوران ڇهه اناج جا سنگ لڪائي رات جو کاڌا هُئا. ان کان پوءِ هڪ رڍ به ٻڌايو ته هن سنوبال جي چوڻ سان پاڻي پيڻ واري ڍنڍ ۾ مُٽيو هو ۽ ٻن ٻين رڍن اهو تسليم ڪيو ته هن هڪ پوڙهي گھيٽي کي، جيڪو نيپولن جو جانثار هو، جڏهن هو کنگھه ۾ ورتل هو، هڪ آڙاهه جي چوگرد ڊوڙائي ماريو هو. اهي سڀ اعترافي جانور هڪ دم ڪٺا ويا. ائين اعترافن ۽ قتلن جو سلسلو هلندو رهيو ۽ نيپولن جي پيرن ۾ لاش جا ڍير ٿي ويا هُئا ۽ هر طرف رت جي بوءِ ڦهليل هئي، جيڪا جونز جي ڀاڄ کان پوءِ ڄڻ هتي ڪڏهن به ڪنهن کي محسوس نه ٿي هُئي.
    جڏهن اهو معاملو ختم ٿيو ته سواءِ ڪتن ۽ سوئرن جي، ٻيا جانور گڏجي اڳتي رڙهيا. اهي دهلجي ويا هُئا ۽ پريشان ٿيل هُئا. انهن کي سمجھه ۾ نٿي آيو. ڪهڙي ڳالهه وڌيڪ آزاريندڙ آهي: جانورن جي سنوبال جي ساٿ ۾ دغابازي يا انهن کي بي رحمانه نموني ڏنل سزا. پراڻي زماني ۾ به خونريزي جا منظر ٿيندا هُئا، پر هاڻي پنهنجو پاڻ ۾ قتل گيري انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ اگري هُئي. جڏهن کان وٺي جونز فارم ڇڏي ڀڳو هو، تڏهن کان وٺي اڄ تائين، ڪنهن به جانور ٻئي کي قتل نه ڪيو هو. ايتري تائين جو ڪنهن کي به نه ماريو ويو هو. اُهي ننڍي ٽَڪِري ڏي آيا، جتي اڌو گابري ونڊمل کڙي هُئي. هو سڀ گڏجي پٽ تي ويهي رهيا، ڪلوور، مريل، بينجمن، ڍڳا، رڍون، ڪڪڙيون، هنج وغيره سواءِ ٻليءَ جي، جيڪا نيپولن جي جانورن جي ڪٺي ٿيڻ واري حڪم کان اڳ ئي ڪٿي غائب هُئي. ڪجھه وقت تائين ڪنهن به ڪجھه نه ڪڇيو. رڳو باڪسر بيٺو رهيو. هُو بي چين بنيو هيڏانهن هوڏانهن ايندو ويندو رهيو، ۽ پنهنجي پڇ کي پاسي ۾ هڻندو رهيو. ڪنهن مهل حيرانگي وارا آواز هڻڪاريندو رهيو. آخرڪار هن چيو: “نڪي مونکي سمجھه ۾ ڪجھه اچي ٿو ۽ نه ئي اعتبار ٿو اچيم ته اهڙيون ڳالهيون به اسانجي فارم تي ٿينديون. اهي لازمن اسانجي خامين جو ئي نتيجو آهن. منهنجي نظر ۾ ان جو حل اهو آهي ته اسان کي اڃان به وڌيڪ محنت ڪرڻ گھرجي. اڄ کان پوءِ آئون هڪ ڪلاڪ اڳ ساجھر ئي ننڍ مان اٿندس ۽ ڪم تي چڙهندس.”
    ۽ هو پوءِ کاڻ ڏي هليو ويو. اتي پهچي هن پٿر ڪٺا ڪيا، تن کي هن ونڊمل تائين پهچايو ۽ پوءِ اچي ننڊ ڪيائين.
    ٻيا جانور ڪلوور جي چوڌاري خاموش ٿيو ويٺل هُئا. جنهن ٽڪري تي هو ويٺل هُئا، اُتان هيٺ جو نظارو چڱي نموني ٿيو ٿي. فارم جو چڱو خاصو حصو هنن جي نگاهن جي گھيري ۾ هو. وڏي مکيه روڊ سان لڳندڙ ڊگھو چراگاهه، گاهه جون واڙيون، هُڙي، پاڻيءَ جو تلاءُ، ڪڻڪ واري ٻني، فارم جي عمارتن جو ڳاڙهيون ڇتيون، جن جي چمنين مان دونهون نڪري رهيو هو. اها بهار جي صاف شام هُئي. گاهه، واڙيون ۽ لوڙها سج جي روشنيءَ ۾ چمڪي رهيا هُئا. سندن واسطي ڪڏهن به فارم - جيڪو کين حيرانگيءَ سان ياد آيو سندن ملڪيت (هڪ هڪ انچ سندن ملڪيت) هو - اهڙي نموني گھربل جاءِ نه بنيو هو. ڪلوور جڏهين هيٺ ٽڪري ڏي نهاريو ته سندس اکيون ڀرجي آيون. اگر هن کي پنهنجا ويچار ٻڌائڻا پون ها ته هيئن هجن ها: چند سال اڳ جڏهن انسانن کي هتان ڀڄائڻ لاءِ جيڪا تحريڪ هلائي ويئي، ان ۾ ههڙو منظرنامو ڀلجي به ڪنهن نه سوچيو هوندو. جنهن رات ميجر بغاوت ڪرڻ جو سڏ ڏنو هو، تنهن رات به هنن اهڙا قتل عام ۽ دهشت گرديءَ جا منظر نه سوچيا هُئا. هنن وٽ مستقبل جي جيڪا تصوير جڙي هُئي سا اها هُئي ته اهو اهڙو جانورن جو سماج هوندو جيڪو بک، بدحالي ۽ چهبڪ جي آزار کان آجو هوندو ۽ هر جانور برابر هوندو ۽ پنهنجي اهليت آڌار ڪم ڪندڙ هوندو. سگھو، ڪمزور جي سهائتا ڪندو، جيئن هن بدڪن جي ٻچن کي بچايو هو، جڏهن ميجر تقرير ڪري رهيو هو. پر انهيءَ جي جاءِ تي - کين خبر نه هُئي ڇا جي ڪري - اهڙو ماحول جڙيو آهي، جو ڪوبه جانور پنهنجا حقيقي خيال ۽ ويچار ونڊڻ لاءِ تيار ڪونهي، خاص ڪري جڏهن گرندڙ ۽ ڀونڪندڙ ڪتا هر جاءِ نوسيندا وتن، يا جڏهن توهان جا پنهنجي ساٿي اعتراف ڪرڻ کان پوءِ ٽڪرا ٽڪرا ڪيا پيا وڃن. هن جي من ۾ بغاوت ۽ نافرمانيءَ جو ڪو ويچار نه هو، هنن سمجھيو ٿي ته اهڙي ماحول هوندي به هُو جونز واري وقت کان وڌيڪ خوشحال هُئا ۽ وڌيڪ اهو پڻ ضروري هو ته انسانن جي واپسيءَ کي روڪيو وڃي. جيڪي ڪجھه به ٿيندو، هُوءَ وفادار رهندي ۽ جفا ڪشي ڪندي رهندي، نيپولن جي اڳواڻيءَ کي مڃيندي حڪمن جي بجا آوري ڪندي رهندي. پر پوءِ به انهيءَ ڪارستانيءَ لاءِ هن توڙي ٻين جانور هڻ هڻان ۽ محنت نه ٿي ڪئي. هنن اڄوڪي ڏينهن لاءِ نڪو ونڊمل ٺاهي هُئي ۽ نه جونز جي گولين جو مقابلو ڪيو هو. اهي هن جا ويچار هُئا پر هن وٽ لفظ نه هُئا، جن جي سهاري هو بيان ڪري سگھي.
    نيٺ پنهنجي سوچن کي اظهار ڏيڻ لاءِ هن “انگلنڊ جا جانور” گيت آلاپڻ شروع ڪيو. هن جي چوڌاري ويٺل ٻين جانورن به هن ساڻ گڏجي گيت ڳائڻ شروع ڪيو ۽ ٽي لڱان اهو گيت آهستگيءَ ۽ ڏک ڀرئي لهجي ۾ ڳاتو ويو ۽ ڳائڻ جو اهو ڍنگ ڪڏهن به نه اختياريو ويو هو.
    هنن جڏهن ٽيون ڀيرو گيت ڳائي بس ڪيو ته اسڪئيلر ٻن ڪتن جي ساٿ ۾ وٽن اچي پهتو ۽ سندس تاثر مان لڳو ٿي ته هن وٽ ڪا اهم خبر آهي. هن اعلان ڪيو ته ڪامريڊ نيپولن جي خاص حڪم تحت اهو گيت ڳائڻ بند ڪيو وڃي. اڄ کان پوءِ ان کي ڪير به نه ڳائي. اهو ٻڌي جانور پريشان ٿي ويا.
    “ڇو؟” مريل رڙ ڪندي پڇيو.
    “ڪامريڊو! هاڻي ان جي ضرورت نه رهي آهي. اهو گيت بغاوت جو گيت هو. هاڻي بغاوت ختم ٿي چڪي آهي ۽ غدارن جو خاتمو آخري عمل هو. اندروني توڙي ٻاهرئين دشمن کي مڪمل شڪست ڏني ويئي آهي. ان گيت ۾ بهتر ڏهاڙن لاءِ اسان جي اڇائن جو اظهار هو. هاڻي اهڙو سماج جڙي چڪو آهي. بس پڌرو آهي ته هاڻي انهيءَ گيت جو ڪو ڪارج نه رهيو آهي.”
    جيتوڻيڪ هُو هراسيل ۽ ڊنل هُئا، پر ڪجھه ضرور انهيءَ تي احتجاج وارين ها، پر عين انهيءَ مرحلي تي رڍن ٻاڪارڻ شروع ڪيو: “چار ٽنگون چڱيون، ٻه بريون.” اهو گوڙ ڪافي وقت هلندو رهيو ۽ انهيءَ ڪري بحث پڄاڻي پهتو.
    ائين انگلنڊ جا مرون وارو گيت ٻيهر نه ٻڌو ويو. ان جي جاءِ تي شاعر منيبمس ٻيو گيت ٺاهيو هو. جنهن جا ٻول هُئا.
    اي جانورن جا فارم.، اي جانورن جا فارم
    شل توکي ڪڏهن به نقصان نه پهچي................
    هاڻي هر آچر جو جھنڊو جھولائڻ کان پوءِ اهو گيت ڳارايو ٿي ويو. پر هن گيت جا لفظ توڙي ڌن اڳوڻي گيت سان برابري نٿي ڪري سگھيا.


    باب اٺون

    ٿورڙن ڏينهن کان پوءِ، جڏهن قتل عام واري دهشت جھڪي ٿي، ته ڪن جانورن کي ياد آيو، يا انهن سمجھيو ته کين ياد اچي پيو ته ڇهون حڪم اهو هو ته ڪوبه جانور ٻئي جانور کي قتل نه ڪندو. جيتوڻيڪ ڪنهن به جانور سوئرن يا ڪتن جي موجودگيءَ ۾ اهو حوالو نٿي ڏنو، پر انهن کي احساس هو ته اهو قتل عام انهيءَ حڪم سان ٺهڪي نٿي آيو. ڪلوور بينجمن کي چيو ته هُو هلي هن کي اهو حڪم پڙهي ٻڌائي. پر عام رواج موجب جڏهن هن اهو جواب ڏنو ته هو اهڙن معاملن ۾ نه وچڙندو ته هوءَ مريل کي وٺي ويئي. مريل هن کي اهو حڪم پڙهي ٻڌايو. ان موجب ڪوبه جانور ڪنهن جانور کي بي سبب قتل نه ڪندو. ڪنهن طرح سان “بي سبب” وارو لفظ جانورن جي ياداشت مان مٽجي ويل هو. پر هاڻي هنن ڏٺو ته انهيءَ حڪم جي ڀڃڪڙي نه ڪئي ويئي آهي، ڇو ته انهن غدارن کي، جن سنوبال جو ساٿ ڏنو، قتل ڪرڻ لاءِ صحيح سبب موجود هُئا.
    انهيءَ سڄي سال جانورن اڃان به وڌيڪ سخت پورهيو ڪيو. اڳي جي ڀيٽ ۾ ٻيڻن ۽ ٿلهين ڀتين واري ونڊمل کي وقت اندر ۽ ٻئي عام رواجي ڪم ڪندي، نئين سر اڏڻ وارو ڪم واقعي به تمام وڏو ۽ دشوار هو. ڪڏهن ڪڏهن جانورن کي لڳندو هو ته اهي جونز واري وقت جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ وقت پورهئي ۾ لڳائين ٿا ۽ گھٽ خوراڪ تي گذارو ڪن ٿا. آچر جي صبح جو اسڪئيلر پنن جا ٿها کڻي ايندو هو ۽ کين ٻڌائيندو هو ته فلاڻن فلاڻن کاڌي وارن فصلن ۾ 200 سيڪڙو، 300 يا 500 سيڪڙو واڌ آئي آهي. جانورن وٽ هن جي ڳالهين کي قبول ڪرڻ کان سواءِ ٻي واهه نه هئي، ڇو ته هنن کي بغاوت کان اڳ واري وقت جي حالتن جي يادگيري نه هئي. ساڳئي وقت، اهي ڪڏهن ڪڏهن چاهيندا هئا ته اهڙا ڏينهن جلد اچن ته هو گھٽ انگ اکر ٻڌن ۽ وڌيڪ کاڌو حاصل ڪن.
    هاڻي سڀ حڪم اسڪئيلر يا ڪنهن ٻئي سوئر جي ذريعي اعلانيا ويا ٿي. نيپولن پاڻ تمام گھٽ ٻاهر ٿي نڪتو. ٻن هفتن ۾ هڪ ڀيرو هو ٻاهر ٿي ڏٺو ويو.
    جڏهن هُو ٻاهر وارد ٿيندو هو، ته نه رڳو ڪتن جي گھيري ۾ رهندو هو، پر هن جي جٿي اڳيان اڳيان ڪارڙو ڪڪڙ هلندو هو، جيڪو هن جي ڳالهائڻ کان اڳ ڪڪڙو ڪو آوازي منادي ڏيندو هو. ايتري تائين جو نيپولن فارم هائوس ۾ به علحده جاءِ ۾ وڃي رهيو هو. هوُ ڪتن جي حاضري ۾ اڪيلي سر ماني کائيندو هو، جيڪا کيس شهنشاهي ٿانون ۾ پيش ڪئي ويندي هُئي. اهو پڻ اعلانيو ويو ته هاڻي ٻين ٻن ڏڻن ساڻ نيپولن جي جنم ڏينهن تي به بندوق جا فائر ڪيا ويندا. نيپولن جو ذڪر هاڻي ٺلهو نيپولن طور نٿي ڪيو ويو. هن جو ذڪر عام طرح “اسان جو اڳواڻ ڪامريڊ نيپولن” جي نالي سان ڪيو ٿي ويو. سوئر هن جي لاءِ “باباءِ جانور”، “انسانذات جو موت”، “رڍن جو نگھبان”، “بدڪن جو سنگي” جھڙا لقب ۽ خطاب پيا ٺاهيندا هُئا. پنهنجي تقريرن ۾ اسڪيئلر جڏهن نيپولن جي ڏاهپ، نيڪ دلي، سچائي ۽ جانور ذات سان سندس اڻ مئي پيار، ۽ غلامي ۽ جهالت ۾ وڪوڙيل ٻين جانورن لاءِ سندس تڙپ ۽ اون جو ذڪر ڪندو هو ته هن جا نيڻ برسي پوندا هُئا. هاڻي اهو معمول ٿي ويو هو ته هر ڪاميابيءَ ۽ سٺائي جو ڪريڊٽ يا سهرو نيپولن جي سر تي سجايو ٿي ويو. اوهان کي اڪثر اهو ٻڌڻ ۾ ايندو ته هڪ ڪڪڙ ٻئي کي ٻڌائيندي هئي ته اسان جي سرواڻ ڪامريڊ نيپولن جي رهنمائي ۾ ڇهن ڏينهن ۾ پنج بيضا لاٿا آهن، يا ٻه ڳئون تلاءُ تي پاڻي پيئندي هڪ ٻئي کي آگاهه ڪنديون هُيون ته “ڪامريڊ نيپولن جي اڳواڻيءَ جي مهربانين سان هي پاڻي ڪيترو نه وڻندڙ آهي.” فارم جي عام سوچ جي نمائيندگي شاعر منيمس جي لکيل طويل نظم بعنوان “ڪامريڊ نيپولن” ٿي ڪئي. اُن نظم ۾ هو ته :
    يتيمن جو دوست
    خوشين جو آبشار
    شراب - باڙديءَ جو مالڪ
    منهنجي روح ۾ ولولو اچي ٿو،
    جڏهن آئون تنهنجي پر سڪون ۽ حڪم ڏيندڙ اکين کي تڪيان ٿو.
    ڪامريڊ نيپولن آسمان ۾ سج سمان آهي.
    تون اهو سڀ ڏئين ٿو،
    جيڪي هي جيو طلبين ٿا،
    ٻه ڀيرا ڀيٽ ڀري کائڻ ۽ رات جو سمهڻ لاءِ ڪکائون بسترو،
    هر ننڍو وڏو مرون امان ۽ سڪون سان پنهنجي وٿاڻ ۾ سمهي ٿو.
    ڪامريڊ نيپولن تون هر جاءِ ڏسين ٿو.
    جيڪر مونکي کير پياڪ سوئر هجي ها،
    ته هو وڏڙو ٿئي ها،
    تنهن جو وفادار بنجي ها،
    هن جي پهرئين دانهن هجي ها:
    “ڪامريڊ نيپولن”.
    نيپولن هن نظم کي منظور ڪري حڪم ڏنو هو ته هن کي گودام جي وڏي ڀت تي ستن حڪمن جي مخالف ڪنڊ تي لکيو وڃي. هن جي مٿان نيپولن جو پورٽريٽ ٺاهيو وڃي، جنهن کي اسڪئيلر پينٽ ڪيو.
    انهيءَ عرصي ۾ نيپولن ومپر جي ٽياڪڙيءَ ۾ فريڊرڪ توڙي پلڪنگٽن سان ڳالهه ٻولهه ۾ رڌل رهيو. ڪاٺ جو ڍڳ اڃا تائين وڪرو نه ڪيو ويو هو. ٻنهيءَ مان فريڊرڪ ڪاٺ حاصل ڪرڻ جو وڌيڪ خواهشمند هو، پر ان پاران آڇيل قيمت معقول نه هُئي. ساڳئي وقت وري اهي به افواهه ٿي هليا ته فريڊرڪ ۽ ان جا حواري خفيه نموني سٽائون سٽي رهيا آهن ته ائنيمل فارم تي حملو ڪري ونڊمل کي تباهه ڪيو وڃي. مل جي نئين سر اڏاوت انهن ۾ حسد جي باهه دُکائي ڇڏي هُئي. سنوبال لاءِ مشهور هو ته هُو پنچفيلڊ فارم ۾ ٺُنڀي هڻي ويٺو آهي. اونهاري جي وچ ڌاري جانور اهو ٻڌي ڊڄي ويا ته ٽن ڪڪڙين اعتراف ڪيو آهي ته انهن سنوبال جي چُرچُ تي نيپولن جي قتل واري خفيه سازش ۾ حصو ورتو آهي. انهن کي فوري طور ڦاهيون ڏنيون ويون ۽ نيپولن جي حفاظت واسطي تازا اپاءَ اختيار ڪيا ويا. رات جو چار ڪتا هن جي کٽ جي چوڪسي ڪندا هُئا. نوجوان سوئر پنڪي کي اهو فرض سونپيو ويو ته هُو پهرئين نيپولن جو کاڌو چڪاسي ۽ چکي ته جيئن زهر جو اڳواٽ پتو پوي.
    ساڳئي وقت اهو به ٻڌايو ويو ته نيپولن مسٽر پلڪنگٽن کي ڪاٺ وڪڻي ڏيڻ جو سودو ڪري ڇڏيو آهي ۽ هو فاڪسوڊ ۽ ائنيمل فارم وچ ۾ ڪن شين جي تبادلي واسطي به معاهدو ڪرڻ وارو آهي. نيپولن ۽ پلڪنگٽن وچ ۾ ومپر جي ذريعي هلندڙ ناتا دوستاڻا هُئا. جانور پلڪنگٽن تي اعتبار نه ڪندا هُئا، ۽ هن کان سخت ڊنل هُئا ۽ کائنس نفرت ڪندا هُئا. جيئن اونهارو گذرندو رهيو، تيئن ونڊمل جو منصوبو به مڪمل ٿيڻ لڳو. ساڳئي وقت متوقع حملي جا افواهه به زور پڪڙندا رهيا. اُهو هليل هو ته هُو پاڻ ساڻ ويهارو ماڻهو آڻيندو، جيڪي سڀئي بندوقن سان ليس هوندا ۽ اهو به ته هن پوليس ميجسٽريٽ کي رشوت ڏيئي اهو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي ته قبضي جي صورت ۾ فارم جي مالڪيءَ جي منتقليءَ تي هو به سوال نه ڪندو. وڌيڪ ته فريڊرڪ پاران پنچفيلڊ ۾ جانورن تي ڪيا ويندڙ ظلمن جا دل ڏاريندڙ داستان به پڌرا ٿي رهيا هُئا: هن هڪ پوڙهي گھوڙي کي ڦٽڪا هڻي ماري وڌو آهي، هو ڳئن کي بکن ۾ پاهه ڪري رهيو آهي، هُن ڪتي کي کوري ۾ اڇلي ساڙي ماريو ۽ هر شام جو هُو ڪڪڙين جو ميل ڪري لطف اندوز ٿيندو رهي ٿو. انهيءَ ميل ۾ حصو وٺندڙ ڪڪڙين جي کڙهن ۾ تيز بليڊ ٻڌا ويندا آهن. جڏهن جانور پنهنجي ساٿين سان ٿيندڙ اهي ظلم ٻڌندا هُئا ته هو ڪاوڙ ۾ تپي باهه بنبا هئا ۽ ڪڏهن اهو چوندا هُئا ته کين اجازت ملي ته هُو گڏجي پنچفيلڊ تي حملو ڪن ۽ انسانن کي اُتان ڀڄائي ڪڍن ۽ جانورن کي آزادي ڏيارين. پر اسڪئيلر کين سمجھائيندو هو ته اٻهرا قدم کڻڻ کان پاسو ڪن ۽ هُو ڪامريڊ نيپولن جي حڪمت عملي تي ڀروسو رکندا اچن.
    پوءِ به فريڊرڪ خلاف نفرت وئي وڌنڌي. هڪ آچر جي صبح جو نيپولن ڀانڊي ۾ آيو ۽ وضاحت ڪيائين ته هن ڪڏهن به فريڊرڪ کي ڪاٺ وڪڻڻ جو نه سوچيو هو. هن چيو ته هن کي اهو عمل پنهنجي وقار کان گھٽ ٿي لڳو ته هو ظالمن سان سودا ڪري. ڪبوترن کي، جن کي ٻاهر بغاوت جون خبرون پهچائڻ لاءِ موڪليو ويندو هو. تن کي منع ڪئي ويئي ته فاڪسوڊ ۾ نه گھڙن ۽ کين حڪم ڏنو ويو هو ته هر پراڻي نعري “انسانيت مرده باد” بجاءِ “فريڊرڪ مرده باد” جا نعرا هڻن. اونهاري جي آخر ۾ سنوبال جي هڪ ٻي هٿناٽ کي وائکو ڪيو ويو. ڪڻڪ جو فصل گند گاهه سان ڏٽيو پيو هو ۽ اهو ڄاتو ويو ته پنهنجي ڪنهن رات واري ياترا ۾ هن ڪڻڪ جي ٻج سان گڏ گند گاهه وارو ٻج به ملائي ڇڏيو آهي. هڪ هنج جنهن انهيءَ منصوبي ۾ شرڪت ڪرڻ جي تسليمي ڏني هُئي، تنهن زهريلا ڪائنل پيرو کائي خودڪشي ڪئي. جانورن کي اهو به معلوم ٿيو ته سنوبال کي ڪڏهن به “ائنيمل هيرو فرسٽ ڪلاس” جو تمغو نه ڏنو ويو هو. اها محض ڏند ڪٿا هئي، جيڪا سنوبال پاڻ ڳئن جي واڙي واري جنگ کان پوءِ مشهور ڪئي هُئي. تغمو ڏيڻ ته پري رهيو هو، هن کي ته جنگ ۾ بزدلي ڏيکارڻ تي ڇنڊ پٽي وئي هُئي. هڪ ڀيرو وري ڪن جانورن ان خبر کي بي چينيءَ ۽ بي آرامي سان ورتايو، پر اسڪئيلر جلدي ۾ انهن کي مڃرايو ته هنن جي سمڪ ۾ ڪا غلطي آهي.
    سرءُ ۾ وڏي ٿڪائيندڙ ۽ جھوري وجھندڙ ڪوششن سان - جڏهن لاباري ۽ فصلن کي گڏ ڪرڻ جو وارو به هوندو آهي - پن بجلي ڪارخانو جڙي راس ٿيو. اڃان ان ۾ گھربل مشينون هڻڻيون هُيون، جن جي خريداريءَ واسطي ومپر ڳالهه ٻولهه ۾ مگن هو. بهرحال ڍانچو مڪمل ٿي ويو هو. تجربو نه هوندي به ڪٺن تڪليفون سهندي، سنوبال جي دغابازين جو مقابلو ڪندي، نيٺ پراڻن اوزارن جي مدد سان هيءُ منصوبو وقت اندر پورو ٿيو. ٿڪل، پر پنهنجي ڪاوش تي نازان هي جانور پنهنجي شاهڪار جي چوڌاري ڦرندا رهيا. هن ڀيري ونڊمل کين وڌيڪ لڀائيندڙ ٿي لڳو. وڏي ڳالهه ته ان جون ڀتيون اڳوڻي ڀتين جي ڀيٽ ۾ ٻيڻيون ٿلهيون هيون. بارود کان سواءِ ٻي شيءِ هن کي اڏائي نه سگھندي. هنن ويهي اها ڳڻ ڪئي ته ڪيئن نه کين هن جي اڏاوت دوران ولوڙ ڪرڻي پئي آهي ۽ ڪيترين ناڪامين کي منهن ڏيڻو پيو آهي، پر جڏهن هن جا پر چرڻ لڳندا ۽ بجلي پئدا ٿيندي ۽ ان جي ڪري سندن زندگي ۾ پڻ تبديلون اينديون، تڏهن هنن جو اهو ٿڪ لحظي ۾ لهي ويندو. اُهو سوچي هُو ونڊمل جي چوڦير ٽينگ ٺپا پائڻ ۽ خوشيءَ ۾ آواز ڪڍڻ لڳا. نيپولن بنفس نفيس ڪتن جي اٽالي ساڻ آيو ۽ مڪمل ٿيل ڊانچي جي جانچنا ۾ لڳي ويو. هن ذاتي طرح هن حاصلات تي جانورن کي مبارڪون ڏنيون ۽ انهيءَ مل جو نالو ”نيپولن مل“ رکڻ جو اعلان ڪيو.
    ٻه ڏينهن پوءِ جانورن کي خاص گڏجاڻي لاءِ ڀانڊي ۾ ڪوٺيو ويو. جڏهن نيپولن کين آگاهه ڪيو ته هن ڪاٺ فريڊرڪ کي وڪرو ڪيو آهي ته هو ماٺ ۾ پئجي ويا. سڀاڻي فريڊرڪ جا گاڏا ايندا ۽ ڪاٺ کي ڍوئڻ شروع ڪندا. پلڪنگٽن سان پنهنجي ظاهري سنگت واري سمي ۾ هو مخفي نموني فريڊرڪ سان معاهدو طيءِ ڪرڻ ۾ مصروف رهيو. هاڻي فاڪسوڊ سان سڀ ناتا ٽوڙيا ويا ۽ بي عزت ڪندڙ پيغام پلڪنگٽن ڏانهن موڪليا ويا. ٻئي طرف ڪبوترن کي چيو ويو ته هُو پنچفيلڊ فارم کان پاسيرا رهن ۽ پنهنجو نعرو “فريڊرڪ مرده باد” بجاءِ “پلڪنگٽن مرده باد” طور بدلائين. ساڳئي وقت نيپولن جانورن کي پڪ ڏياري ته جانورن جي فارم تي متوقع حملي جون خبرون ڪوڙيون آهن ۽ فريڊرڪ پاران جانورن سان روا رکيل ظلمن جا قصا پڻ اجايا وڌايا ويا آهن. اُهي سڀ افواهه سنوبال ۽ انهن جي ساٿين ڦهلايا آهن. هاڻي پڌرو ٿيو ته سنوبال پنچفيلڊ فارم ۾ لڪل نه هو، ۽ حقيقت ۾ ڪڏهن به اوڏانهن نه ويو. هُو ته فاڪسوڊ ۾ عياشي واري زندگي گھاري رهيو هو ۽ سالن کان پلڪنگٽن جو مشير هو.
    سوئر نيپولن جي حرفت بازي تي بيحد سُرها بنيل هُئا. جنهن پلڪنگٽن سان دوستيءَ جو ڏيکاءُ ڏئي، فريڊرڪ کي مجبور ڪيو ته هُو ڪاٺ جي قيمت 12 پائونڊ ڪري. پر اسڪئيلر چواڻي ته نيپولن جي ذهن جي اعليٰ خاصيت اها هُئي ته هن ڪنهن به ڌر تي اعتبار نٿي ڪيو - فريڊرڪ تي به نه. فريڊرڪ ڪاٺ جي قيمت جي ادائگي چيڪ جي صورت ۾ ڪرڻ ٿي چاهي. چيڪ هڪ طرح جو واعدو هو ته ڪاڳر تي لکيل پئسا ادا ڪيا ويندا. مگر نيپولن ته هن کان وڌيڪ ذهين هو. هن قيمت جي ادائگي روڪڙ ۾، سو به پنجن پائونڊن وارن نوٽن ۾ طلبي، جيڪا به ڪاٺ کڻڻ کا اڳ ڪرڻي هُئي. انهيءَ حساب سان ڪاٺ جا پئسا ملي چُڪا هُئا ۽ انهيءَ رقم مان مشينري خريدڻ جو ارادو هو.
    انهيءَ وچ ۾ ڪاٺ جلدي جلدي ۾ نيو ويو. جڏهن اهو سڀ کڄي چڪو ته هڪ ٻي خاص گڏجاڻي ڀانڊي ۾ ڪوٺائي ويئي ته جيئن جانور فريڊرڪ وارا نوٽ چڪاسي سگھن. نيپولن ٻه ئي تمغا سجايو ۽ خوشيءَ ۾ مسڪرائيندو، ڪکائين بستري تي براجمان هو. سندس ڀر ۾ نوٽن کي چيني رڪاب ۾ سجائي رکيو ويو هو. سڀ جانور قطار ٺاهي، نوٽن کي دل تي ڏسندا رهيا. باڪسر پنهنجو نڪ وڌائي نوٽن کي سونگھيو. سندس نڪ واري هوا جي ڪري نوٽن ۾ ڦڙ ڦڙ پيدا ٿي.
    ٽن ڏينهن کان پوءِ وري هڪ خوفناڪ هنگامو ٿيو. ومپر جنهن جو چهرو ڄڻ مُردو بنيل هو، سائيڪل تي تڪڙو تڪڙو اندر آيو ۽ ميدان ۾ پهچي پاڻ کي سائيڪل تان ڦٽو ڪيائين ۽ وٺي فارم هائوس ڏانهن لُوهه پاتائين. ٻيءَ گھڙي نيپولن جي گھر مان ڪاوڙ وارا ۽ قهري آواز اچڻ لڳا. اصلي قصي جي خبر باهه وانگر ڦهلجي ويئي. بينڪ نوٽ ڪوڙا هُئا. فريڊرڪ مفت ۾ ڪاٺ کڻي ويو.
    نيپولن فوري طور جانورن کي گھرايو ۽ خوفناڪ لهجي ۾ فريڊرڪ لاءِ ڦاهيءَ جو اعلان ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته جيڪر هن کي زنده پڪڙيو ويو ته پوءِ هن کي ٽهڪايو ويندو. ساڳئي وقت هن چتاءُ واريو ته جانورن کي اڃان به وڌيڪ اگرن نتيجن جي توقع رکڻ گھرجي. فريڊرڪ ۽ ان جا ماڻهو ڪيڏي مهل به فارم تي حملي جي ديرينه خواهش کي عملي جامو پهرائيندا. فارم جي هر چؤڪ تي پهريدار مقرر ڪيا ويا. وڌيڪ ته چار ڪبوتر فاڪسوڊ ۾ مصالحتي پيغام کڻي روانا ٿيا ته جيئن پلڪنگٽن سان نئين سر تعلقات جوڙي سگھجن.
    ٻي صبح جو ئي حملو ڪيو ويو. جانور اڃان نيرڻ ڪرڻ ۾ رڌل هُئا، ته پهريدار ڊوڙندا آيا ۽ خبر ڪيائون ته فريڊرڪ ۽ هن جا ساٿي فارم جي مکيه دروازي اندر داخل ٿي چڪا آهن. جانور همت ڪندي اوڏانهن ڊوڙ پاتي ۽ مقابلي لاءِ آڏو آيا. هن ڀيري فتح ايتري آسان نه هُئي. هُو پندرنهن ماڻهو هُئا ۽ اڌ ڊزن ماڻهن وٽ بندوقون هُيون ۽ اهي جيئن ئي اندر آيا ته وٺي فائرنگ شروع ڪيائون. جانور انهيءَ بارود ۽ گولين جو مقابلو نه ڪري سگھيا. باوجود نيپولن ۽ باڪسر جي همٿائڻ جي، هو وٺي پوئتي ڀڳا. هنن مان ڪيترا گھايل هُئا. انهن وڃي فارم جي عمارت ۾ پناه ورتي ۽ عمارتن جي ڀتين جي ڦوٽن ۽ چيرن مان ٻاهر تڪڻ لڳا. سڄو چراگاهه ۽ ونڊمل دشمن جي قبضي ۾ هو. ان مرحلي تي نيپولن کي ڪجھه به سمجھه ۾ نٿي آيو. هُو هيڏي هوڏي آيو ويو پئي ۽ سندس پڇ سخت ۽ سيٽيل هو. آسائتين نيڻن سان هن فاڪسوڊ جي پاسي ٿي نهاريو. جيڪر پلڪنگٽن ۽ ان جا ماڻهو هن جي مدد ڪندا ته پوءِ هي ضرور کٽي وٺندا. انهيءَ ساعت ۾ چار ڪبوتر، جيڪي اڳوڻي ڏينهن هتان روانا ٿيا هُئا، سي واپس پهتا. هنن وٽ ڪاڳر جو ٽڪرو هو. جنهن تي لکيل هو، اوهان جي صحيح خدمت ڪبي.
    انهيءَ وچ ۾ فريڊرڪ ۽ ان جا ماڻهو ونڊمل وٽ اچي رڪيا. جانورن هنن کي تڪي رهيا هُئا. هنن ۾ مايوسي جي لهر ڇانيل هُئي. ٻن ماڻهن هڪ ٽيڪم ۽ هڪ لوهي لٺ (پارائي يا ٻاري) ڪڍي ۽ هو ونڊمل کي ڊاهڻ وارا هُئا.
    “ناممڪن” نيپولن رڙ ڪندي چيو، “اسانجون ڀتيون تمام ٿلهيون آهن ۽ اهي ڀتين کي انهن هٿيارن سان هفتي ۾ به ڊاهي نه سگھندا. ڪامريڊو، همت ڪريو.” پر بينجمن، جيڪو ماڻهن جي چرپر کي غور سان ڏسي رهيو هو، تنهن ڏٺو ته اهي ٻه ماڻهو ٽيڪم ۽ پارائي سان ونڊ جي بنيادن وٽ سوراخ ڪري رهيا هُئا. هن آهستگيءَ ۽ سڪون سان پنهنجو ڊگھو ٻوٿ ڌوڻيو.
    “آئون سمجھان ٿو ته” هن چوڻ شروع ڪيو، “هو انهن سوراخن ۾ بارود رکندا.” هراسيل ۽ ڊنل جانور انتظار ۾ لڳي ويا. هاڻي هن عمارت جي حفاظت مان ٻاهر نڪرڻ نا ممڪن هو. ڪجھه منٽن کان پوءِ ماڻهو ونڊمل کان پري ڀڄندا رهيا ۽ چند ساعتن بعد وڏو ڪن ڦاڙي وجھندڙ ڌڌڪو ٿيو. پکي وٺي هوا ۾ اڏاميا. نيپولن کان سواءِ سڀ جانور زمين تي ليٽي پيا ۽ پنهنجا منهن ڇپائي ڇڏيا. جڏهن اهي واپس اٿيا ته ڏٺائون ته ونڊمل جي جاءِ تي ڪارو دونهون ڦهليل هو ۽ دونهون هوا جي دوش اڏامي رهيو هو. ونڊمل جو نانءُ نشان به نه هو.
    اهو ڏسي جانورن جي همت وري جاڳي پئي. انهيءَ ڪُڌي ۽ نفرت جوڳي عمل کي ڏسي انهن ۾ اڳوڻي خوف ۽ مايوسي جي جاءِ تي ڪروڌ ڦهلجي ويو. منهن ۾ انتقام جي باهه ايتري ته ڀڙڪي جو بغير ڪنهن حڪم جي، پنهنجي دشمنن پويان وٺي لڳا. هن ڀيري هنن گولين جي ڇيرن جي پرواهه نه ڪئي ۽ جيڪي مٿائن ڦڙين وانگر وسي رهيا هُئا. هي ڏاڍي وحشتناڪ ۽ ڪڙي جنگ هُئي. ماڻهو فائر ڪندا رهيا. جڏهن جانور ويجھو ٿي پهتا ته هنن وري لٺين ۽ وڏن بوٽن سان ٿي حملو ڪيو. هڪ ڳئون، ٽي رڍون ۽ ٻه هنج پکي ماريا ويا. هر جانور سخت زخمي ٿيو هو. ايتري تائين جو نيپولن جيڪو پويان هدايتون ڏئي رهيو هو، تنهن جو پڇ به ڇيرن جي زد ۾ آيو. پر ماڻهو به ٺلها نه واپس ويا. باڪسر ٽن جا مٿا پنهنجي کرن سان ڦيهي وڌا ۽ هڪ جي پيٽ کي ڳئون ٿونا هڻي گھائي وڌو. هڪ جي سٿڻ کي جيسي ۽ بلو بيل ڦاڙي وڌو ۽ جڏهن نيپولن جا باڊي گارڊ ڪتا، جن کي هن پاڻ لوڙهي ۾ ڇپڻ جي هدايت ڪئي هئي، سي اوچتو اڳتي وڌيا ۽ ماڻهن تي اچي ڪڙڪيا ۽ خوفناڪ نموني ڀونڪڻ لڳا ته ماڻهن ۾ ڦڙڦوٽ پئجي ويئي. انهن کي لڳو ته هو گھيري ۾ اچي ويا آهن. فريڊرڪ ماڻهن کي حڪم ڏنو ته سڀڪو مناسب واهه ڏسي ٻاهر نڪري. ٻي گھڙيءَ ڊيڄو دشمن جان بچائي پوئتي پير ڪيا. جانور آخري ڇيڙي تائين انهن جي پويان ويا. جڏهن اُهي لوڙهن مان زوريان نڪري رهيا هُئا، تڏهن به جانور کين لتون هڻي رهيا هُئا. هنن جنگ ته کٽي هُئي، پر هو سخت ٿڪل هُئا. آهستي آهستي هو پوئتي فارم ڏي لڙيا. گاهه مٿان پيل پنهنجي مُئل ساٿين جا لاش ڏسي هو لڙڪ لاڙڻ لڳا. ونڊمل جي جاءِ تي هو ڏاڍي ڏکاري انداز ۾ ڪجھه وقت لاءِ بيهي رهيا. هائو اها ختم ٿي ويئي هُئي. ذري گھٽ سندن سخت پورهئي جو نشان الوپ هو. ايتري تائين جو بنياد به ڪنهن حد تائين تباهه ٿيا هُئا ۽ هن ڀيري هو نئين سر اڏاوت ۾ ڪريل پٿرن کي به ڪم ۾ نٿي آڻي سگھيا. ڇو ته هن ڀيري پٿر به گم ٿي ويا هُئا. ڌماڪو ايترو ته سگھارو هو جو پٿر سوين گزن جي مفاصلي تي وڃي ڪريا هُئا. ڄڻ ونڊمل جو ڪو وجود ئي ڪونه هو.
    هو جيئن ئي فارم وٽ پهتا ته اسڪئيلر، جيڪو ويڙهه دوران گم هو، پڇ لٽڪايو مطمئن بنيو وٽن آيو. فارم جي عمارت مان فائر ٿيڻ جو آواز آيو.
    “ڇا جو فائر ٿيو آهي” باڪسر چيو پڇيو.
    “پنهنجي فتح ملهائڻ لاءِ ڪيو ويو.” اسڪئيلر رڙ ڪندي ٻڌايو.
    “ڪهڙي فتح؟” باڪسر چيو. هن جا گوڏا رتو رت هئا. هن جي پير وارو نال ڪري پيو هو ۽ کر ٻه اڌ ٿي ويو ۽ پوئين ٽنگ ۾ به درجن کن ڇيرا ٽنبيل هُئا.
    “ڪهڙي فتح ڪامريڊ؟ ڇا اسان دشمن کي پنهنجي مقدس زمين تان ڀڄائي نه ڪڍيو آهي.”
    “پر انهن ته اسان جي ونڊمل تباه ڪري ڇڏي آهي، جنهن تي اسان ٻه سال لڳاتار سخت پورهيو ڪيو آهي.”
    “ڪو مسئلو نه آهي. اسان وري ٻي مل ٺاهينداسين. اسان چاهيون ته اسان ڇهه ملون جوڙي ٿا سگھون. ڪامريڊو، اوهان نٿا سمجھو ته اسان ڪيڏو وڏو ڪم سر انجام ڏنو آهي. دشمن هي ميدان پنهنجي قبضي ۾ ورتو هو ۽ هاڻي ڪامريڊ نيپولن جي مهربانين سان اسان ان جو انچ انچ واپس ورايو آهي.”
    “ته پوءِ اسان هر اڳوڻي شيءِ واپس کٽي ورتي آهي.” باڪسر چيو.
    “اهائي اسان جي فتح آهي.” اسڪئيلر چيو.
    هو ميدان ڏي وڌي ويا. باڪسر کي لڳل ڇيرا کيس ايذائي رهيا هُئا. هن ڇيد ڪيو ته ونڊمل کي نئين سر اڏڻ جو وڏو پورهيو پيو آهي ۽ تصور ۾ هن پاڻ کي ان لاءِ تيار ڪيو. پهريون ڀيرو کيس احساس ٿيو ته هاڻي يارنهن سالن جو اچي ٿيو آهي ۽ منجھس پراڻو ٻل به نه رهيو آهي.
    پر جڏهن جانورن پنهنجو سائو جھنڊو جھوليندو ڏٺو، ست فائر ٻڌا ۽ نيپولن جي تقرير سُئي، جنهن ۾ هن کين سندن ڪئي تي مبارڪباد ڏني، تڏهن کين لڳو ته هنن واقعي به وڏو ڪم ڪيو آهي. جنگ ۾ مري ويلن جانورن کي مانائتي نموني دفن ڪيو ويو. باڪسر ۽ ڪلوور مُرده گاڏين کي ڇڪيو ۽ نيپولن بنفس نفيس ماتمي جلوس جي مهنداري ڪئي. ان کان پوءِ پورا ٻه ڏينهن فتح جو جشن ملهايو ويو. گيت ڳاتا ويا، تقريرون ڪيون ويون ۽ بندوقن سان فائر به ڪيا ويا. هر جانور کي هڪ صوف جو خاص تحفو ڏنو ويو ۽ پکين کي ٻه آنا ان ۽ هر ڪتي کي ٽي بسڪيٽ ڏنا ويا. اعلان ڪيو ويو ته هن جنگ کي ونڊمل جنگ ڪوٺيو ويندو ۽ نيپولن هڪ نئون تمغو جوڙيو “سائي بينر وارو آرڊر”. جيڪو پاڻ کي ئي عطا ڪيائين. انهي عام خوشي واري ماحول ۾ ڪوڙن بينڪ نوٽن وارو قصو وسري ويو.
    چند ڏينهن کان پوءِ ڪجھه سوئرن کي فارم هائوس جي ڪنهن بهري ۾ ان شراب جون بوتلون هٿ آيون، جنهن کي شروع ۾ ته هنن نظرانداز ڪري ڇڏيو هو. انهيءَ رات فارم هائوس مان وڏي آواز ۾ ڳائڻ جا آواز آيا، جن ۾ بعضي انگلنڊ جا جانور واري ڌن به شامل هُئي. ساڍي نائين وڳي ڌاري نيپولن جونز واري ٽوپي پائي پوئين در مان ٻاهر ويو ۽ ميدان جي چوڌاري ڊوڙي وري واپس اندر ويو. پر پوءِ صبح تائين فارم هائوس ۾ وڏي خاموشيءَ جو راڄ هو. ڪوبه سوئر چري ڦري نه رهيو هو. نائين وڳي ڌاري صبح جو، اسڪئيلر ٻاهر آيو. هو آهستي آهستي ۽ مايوسي واري نموني ۾ هلي رهيو هو. هن جون اکيون سڄيل هيون ۽ سندس پڇ ڍري نوع ۾ لڏي رهيو هو. ڄڻ سخت عليل هجي. هن جانورن کي گڏ ڪري ٻڌايو ته وٽس انتهائي بري خبر آهي. “ڪامريڊ نيپولن مري رهيو آهي.”
    سڀني کان ڏک وچان رڙ نڪري ويئي. فارم هائوس جي درن وٽ ڪک رکيا ويا ۽ سڀ ڪو جانور آهستي آهستي بي آواز هلندو آيو. اهي هڪ ٻئي کان روئي پڇندا رهيا ته جيڪر سندن اڳواڻ کانئن ڦرجي ويو ته هنن جو ڇا ٿيندو. اُهو افواهه زورن تي هو ته سنوبال نيپولن جي کاڌي ۾ زهر ملايو هو. يارهين وڳي اسڪئيلر آيو ۽ حڪم پڙهي ٻڌايائين ته الڪوهل پيئندڙن کي موت جي سزا ڏني ويندي.
    شام تائين نيپولن ڪافي ٺيڪ ٿي ويو ۽ ٻي صبح جو اسڪئيلر ٻڌايو ته هاڻي هو نوبنو ٿي رهيو آهي. ان ڏينهن شام ڌاري نيپولن پنهنجي ڪم ڪار ۾ لڳي ويو. ٻي ڏهاڙي اهو معلوم ٿيو ته هن ومپر کي ولڪنگٽن مان مئي ڪشي جي حوالي سان لکيل ڪتاب خريدڻ جي هدايت ڪئي. هڪ هفتو پوءِ نيپولن حڪم ڏنو ته باغ جو پويون حصو، جيڪو جونز جي وقت ۾ گھوڙن جي سکيا لاءِ ڪم ۾ ايندو هو، ۽ پوءِ ان کي پوڙهن جانورن جي چرڻ ۽ رهڻ لاءِ مخصوص ڪيو ويو هو، سو پوکائيءَ لاءِ استعمال ڪبو. جواز ۾ ٻڌايو ويو ته چراگاهه ختم ٿي ويو آهي ۽ ان ۾ نئين ٻج وجھڻ جي ضرورت آهي، پر جلدي ۾ اهو پڌرو ٿيو ته نيپولن اتي جَوَ پوکڻ چاهي ٿو.
    انهيءَ وقت هڪ ٻيو انوکو واقعو ٿيو، جيڪو ڪنهن کي به سمجھه ۾ نه آيو. هڪ رات جو ٻارهين وڳي ڌاري ميدان ۾ ڪرڻ جو آواز آيو، سو جانور پنهنجي وٿاڻن مان ٻاهر نڪري آيا. اها چانڊوڪي واري رات هُئي. وڏي ڀانڊي جي ڇيڙي وٽ جتي ست حڪم لکيل هُئا، هڪ چاڙهي ٽٽي ٻه اڌ ٿي پئي هُئي، ۽ اسڪئيلر جيڪو ٿورو پريشان هو، سو ان ڀرسان ڪريو پيو هو. هن جي ڀر ۾ بتي، برش ۽ اونڌو ٿيل رنگ جو دٻو هُئا. ڪتا جلدي ۾ هن کي گھيري ويا ۽ حفاظت سان کيس واپس وٺي ويا. سواءِ بينجمن جي، جيڪو پنهنجو پڇ ائين لوڏي رهيو هو ڄڻ کيس سڀ ڪجھه معلوم هو، ٻي ڪنهن کي ڪجھه به سمجھه ۾ نه آيو.
    ڪجھه ڏهاڙن کان پوءِ مُريل حڪم پڙهي محسوس ڪيو ته هڪ حڪم جانورن کي غلط نموني ياد هو. انهن جي خيال ۾ پنجون حڪم هو ته ڪوبه جانور الڪوهل نه پيئندو. پر انهن کي ٻه لفظ وسري ويا هُئا ۽ لکيل هو ته ڪوبه جانور اجايو ۽ بي انداز الڪوهل نه پيئندو.


    باب نائون

    باڪسر جي ٻه اڌ ٿيل کُرَ ڇٽڻ ۾ وڏو وقت ورتو. فتح واري جشن کان ترت پوءِ ئي ونڊمل جي اڏاوت وارو ڪم ٻيهر شروع ڪيو ويو. باڪسر هڪ ڏينهن به موڪل وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ اهو عزت جو مسئلو کڻي بنايو ته ڪير کيس تڪليف ۾ ورتل نه ڪري ڀانئي. رات جو ڪلوور سان پنهنجي پر ۾ هو اهو اظهار ڪندو هو ته کُرُ کيس آزاري ٿو. ڪلوور ٻوٽين کي چٻاڙي انهيءَ جي لئي ٺاهي کُرَ کي هڻندي هئي. بينجمن ۽ ڪلوور کيس چوندا هُئا ته هاڻي هو پورهئي کي گھٽائي. پر باڪسر هنن جي ڳالهه اڻ ٻڌي ڪري ڇڏيندو هو. هو چوندو هو ته هاڻي سندس زندگيءَ جي اهم خواهش اها آهي ته هُو ريٽائر کان پوءِ ونڊمل کي هلندو ڏسي.
    شروع ۾ جڏهن فارم جا قانون جڙي رهيا هُئا ته ريٽائر ٿيڻ جي عمر گھوڙن ۽ سوئرن لاءِ 12 سال، ڳئن لاءِ 14 سال، ڪتن لاءِ 9 سال، رڍن لاءِ 7 سال ۽ ڪڪڙين ۽ بدڪن لاءِ هڪ سال مقرر ڪئي ويئي هُئي. پوڙهن لاءِ مناسب پينشن به مقرر ڪئي ويئي هُئي. حقيقت ۾ اڃان ڪوبه جانور ريٽائر نه ٿيو هو، پر ويجھي عرصي ۾ اهو موضوع بار بار بحث هيٺ آيو هو. هاڻي جڏهن باغ جي پويان واري ٻني کي جَوَن جي پوک لاءِ مخصوص ڪيو ويو هو، تڏهن اهو افواهه به هُليو هو ته وڏي چراگاهه جي هڪ ڪنڊ کي علحده ڪري ريٽائر جانورن جو چراگاهه بنايو ويندو. چيو ٿي ويو ته گھوڙن لاءِ روزانه پنج پائونڊ اناج ۽ سياري ۾ سڪل گاهه جا 15 پائونڊ ۽ موڪل واري ڏينهن گجر يا ممڪن هو ته هڪ صوف بطور پينشن ڏنو ويندو. باڪسر جو ٻارهون جنم ڏينهن ايندڙ سال جي اونهاري جي پوئين حصي ۾ ٿيڻ وارو هو.
    زندگي دشوار بنيل هُئي. اڳوڻي سياري جيان هيلوڪو سيارو به سخت ڪٺن هو ۽ کاڌي جي به کوٽ هُئي. هڪ ڀيرو وري سواءِ سوئرن ۽ ڪتن جي، ٻين جو راشن گھٽايو ويو هو. اسڪئيلر وضاحت ڪئي ته راشن برابري ۾ سختي جانورازم جي اصولن جي بر خلاف آهي. بهرحال هن لاءِ ٻين جانورن آڏو اهو ثابت ڪرڻ مشڪل نه هو ته جانور حقيقت ۾ گھٽ خوراڪيت جو شڪار نه هُئا، پوءِ ظاهري نمونو ڇا به کڻي هجي. ٿوري وقت لاءِ اهو ضروري بنجي پيو آهي ته کاڌي جي راشن ۾ نئين سر ردوبدل ڪئي وڃي (اسڪئيلر گھٽتائي بدران ردوبدل جو لفظ استعمال ڪندو هو.) پر جونز واري وقت جي ڀيٽ ۾ هينئر وڌيڪ سڌارو هو. تکي ۽ تڪڙي آواز ۾ انگ اکر پڙهندي هن ثابت ڪيو ته هنن کي جونز واري وقت جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ جَوَ، وڌيڪ سڪل گاهه، وڌيڪ گوگڙو ميسر آهن. هنن جا ٻچڙا صغيرپڻو اُڪاريو وڃن، هنن کي وٿاڻن ۾ وڌيڪ ڪک مليل آهن، ۽ مکين ۽ جيتن کان گھٽ آزاريل آهن. جانور هن جي هر ڳالهه تي اعتبار ڪيو ٿي. سچ اهو هو ته کين جونز جي وقت وارو حالتون ياد نه هيون. هنن کي معلوم هو ته سندس هاڻوڪي زندگي دشوار ۽ ڪٺن آهي ۽ هو اڪثر بکيو سمهيو رهن ٿا، ٿڌ جو شڪار رهن ٿا. جڏهن ننڊ ۾ نه هوندا آهن ته پورهئي ۾ مشغول هوندا آهن. پر لاشڪ پراڻي وقت ۾ حالتون اڃان به ابتر هيون. هو اُهو اعتبار ڪري خوش ٿي ويندا هُئا. وڌيڪ ته پراڻي وقت ۾ هو غلام هُئا ۽ هاڻي هو آزاد آهن ۽ اهو مکيه تفاوت آهي، جنهن تي زور ڀرڻ اسڪئيلر کي نه وسرندو هو.
    هاڻي آبادي به وڌي آهي. سرءُ جي موسم ۾ چئن مادي سوئرن 31 ٻچن کي ڄڻيو آهي، ننڍا سوئر چٽڪمرا آهن ۽ جيئن ته رڳو نيپولن ئي سانُ آهي، سو انهن جي پيءُ جي شناخت مشڪل نه هُئي. پوءِ وري سرون ۽ ڪاٺ خريد ڪيو ويو ته اهو اعلانيو ويو ته هاڻي فارم هائوس جي باغ ۾ اسڪول ٺاهيو ويندو. ڪجھه وقت لاءِ نوجوان سوئرن کي نيپولن پنهنجي سر فارم هائوس جي رڌڻي ۾ سکيا ڏيندو. انهيءَ وقت هڪ ٻيو قانون ٺاهيو ويو ته جڏهن ڪو سوئر ۽ ٻيو جانور وچ ۾ رستي ۾ گڏجن ته ٻيو جانور پاسيرو ٿي بيهي ۽ وڌيڪ ته سڀ سوئر بلا لحاظ مرتبي جي آچر جي ڏهاڙي پُڇن تي سايون ربنون پهريندا.
    هيءُ سال فارم جي لاءِ سڻائو سال هو، پر روڪڙ جي وري به کوٽ درپيش هُئي، اسڪول لاءِ سرون، واري ۽ سيمنٽ وٺڻو هو ۽ وڌيڪ ونڊمل جي مشين لاءِ به بچت ڪرڻي هُئي. ان کان علاوه گھرن لاءِ بتين جو تيل ۽ شمعون، نيپولن لاءِ کنڊ (هن ٻين سوئرن کي کنڊ کائڻ کان منع ڪئي هُئي ته جيئن هو ٿلها نه ٿين) ۽ وڌيڪ اوزارن، رسين، ڪوئلي، ڪوڪن، تارن، لوهه ۽ ڪتن جي خوراڪ جي کوٽ به پوري ڪرڻي هُئي. سڪل گاهه جو ڪجھه حصو ۽ پٽاٽن جي فصل جو ڪجھه حصو وڪرو ڪيو ويو هو. بيضا پهچائڻ جو معاهدو هفتي ۾ ڇهه سو بيضن جي انگ تائين وڌايو ويو هو. انهيءَ ڪري ڪڪڙين هن سال رڳو ايترن بيضن تي آرو ڪيو، جيترا ممڪن هُئا. راشن جيڪو ڊسمبر ۾ گھٽايو ويو هو، سو فيبروري ۾ ٻيهر گھٽايو ويو ۽ تيل جي کپت گھٽائڻ لاءِ وٿاڻن ۾ بتي ٻارڻ کان روڪيو ويو. پر سوئر وڌيڪ خوش باش ٿي لڳا. حقيقت ۾ هو مچي رهيا هئا. فيبروري جي آخري هفتي ۾ هڪ شام جو، هڪ گرم ۽ خوشبودار ۽ بک ڏياريندڙ خوشبو محسوس ڪئي ويئي، جنهن جھڙي خوشبو اڳي نه سونگھي ويئي هُئي. اها جونز جي ننڍي ڪلال خاني مان اچي رهي هُئي. اهو ڪلال خانو جونز جي وقت استعمال هيٺ نه هو. ڪنهن چيو ته جَوَ رڌجڻ جي خوشبو آهي. جانورن بکايل نوع ۾ هوا کي سونگھيو ۽ اندازو هنيو ته هنن جي رات جي ماني لاءِ مليندو پيو تيار ٿئي. پر گرم مليندو ظاهر نه ٿيو ۽ ٻي آچر تي اعلان ڪيو ويو ته اڄ کانپوءِ جَوَ رڳو سوئر کائيندا. باغ پويان واري ٻنيءَ ۾ جَوَ پوکيا ويا هُئا. جلد اهو به پڌرو ٿيو ته هر سوئر کي روزانه بيئر جي هڪ پنٽ بوتل ملي ٿي ۽ نيپولن کي اڌ گيلن ڏنو وڃي ٿو. اهو اڌ گيلن کيس شاهي ٿانون ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو.
    جيڪي صعوبتون برداشت ڪيون پئي ويون، تن جو هلڪو ازالو انهيءَ حقيقت ٿي ڪيو ته هنن جي زندگيءَ ۾ اڳي جي ڀيٽ ۾ عظمت وڌيڪ هُئي. هينئر گھڻا ڳيچ، تقريرون ۽ جلسا هُئا. نيپولن حڪم ڏنو هو ته هفتي ۾ هڪ ڀيرو پاڻمرادو مظاهرو ڪيو وڃي، جنهنجو مقصد جانورن جي فارم جي ڪاميابين ۽ جدوجهد کي ملهائڻ هجي. مقرر وقت تي جانور ڪم ڪار ڇڏي فوجي نموني جي صف بندي ڪري فارم جي حدن جي چوڌاري چڪر هڻندا هُئا. انهيءَ چڪر ۾ اڳيان سوئر هوندا هُئا، پوءِ گھوڙا، پوءِ ڳئون، پوءِ رڍون ۽ پوءِ ڪڪڙيون ۽ بدڪون وغيره. ڪتا جٿي جي ٻنهي پاسن کان هلندا هُئا. سڀني کان اڳ نيپولن وارو ڪارو ڪڪڙ هوندو هو. باڪسر ۽ ڪلوور هڪ سائو بينر جھلي هلندا هُئا، جنهن تي کُرَ ۽ سنڱ جو نشان اڪريل هوندو هو ۽ نعرو لکيل هوندو هو ته ڪامريڊ نيپولن زنده باد. ان کان پوءِ نيپولن جي شان ۾ لکيل نظم پڙهيا ويندا هُئا. آخر ۾ اسڪئيلر تقرير ڪندو هو، جنهن ۾ پيدائش ۾ آيل واڌ جا تفصيل ٻڌايا ويندا هُئا. ڪڏهن ڪڏهن ان موقعي تي بندوق مان به فائر ڪيو ويندو هو. رڍون انهن پاڻ هرتو مظاهرن جون پرجوش حمايتي هيون ۽ اگر ڪو جانور (ڪجھه جانور ڪتن ۽ سوئرن کان پر ڀرو ٿي شڪايتون ڪندا هُئا) شڪايت ڪندو هو ته هڪ ته انهن جي ڪري وقت ضايع ٿئي ٿو ۽ ٻيو کين سيءَ ۾ تمام گھڻو بيهڻو ٿو پوي، تڏهن رڍون اهو ٻاڪارينديون هيون ته “چار ٽنگون چڱيون ۽ ٻه ٽنگون بريون” ۽ شڪايت ڪندڙ مجبورن چپ ٿي ويندو هو. پر ٿلهي ليکي جانور انهن جلوسن مان لطف اندوز ٿيندا هُئا. اها ياد ڌياني ته هو هاڻي پنهنجي زندگيءَ جا پاڻ مالڪ آهن ۽ سندن پورهيو سندن فائدي لاءِ آهي، کين فرحت ڏيندي هُئي. ائين گيت ڳائيندي، جلوس ۾ شريڪ رهندي، اسڪئيلر جي انگ اکرن واري تقرير ٻڌندي، بندوق جي ٺڪاءُ مهل، ڪڪڙن جي ٻانگ سان ۽ جھنڊي جي ڦڙ ڦڙ سان ڪجھه وقت لاءِ اهو وساري ويهندا هُئا ته سندن پيٽ خالي آهي.
    اپريل ۾ جانورن جي فارم کي لوڪراڄ قرار ڏنو ويو ۽ ضروري ٿيو ته ان جو صدر چونڊيو وڃي. ان آساميءَ لاءِ هڪ ئي اميدوار هو: ڪامريڊ نيپولن، جنهن کي ئي يڪراءُ سان چونڊيو ويو. انهيءَ ڏينهن اهو به پڌرو ٿيو ته نوان ڊاڪيومينٽ ظاهر ٿيا آهن، جن جي مدد سان سنوبال جي جونز سان ساز باز هئڻ واري ڳالهه وڌيڪ وائکي ٿي آهي. هاڻي ظاهر ٿيو آهي ته اڳ جيڪو جانورن سمجھيو ته هن کيڏ ڪري جنگ ۾ شڪست ٿي ڏياري، سو تاثر غلط هو ڇو ته هو ظاهر ظهور جونز پاران وڙهيو هو. حقيقت ۾ هن انساني ڌر جي اڳواڻي ڪئي هُئي ۽ “انسانيت زنده باد” جا نعرا هڻي جنگ ۾ شامل ٿيو هو. سنوبال جي پوئين حصي تي رهڙون، جيڪي ڪجھه جانورن کي ياد هُيون، سي نيپولن جي ڏندن جون هيون.
    اونهاري جي وچ ۾ اوچتوئي اوچتو موزز ڪانگ سالن جي غير حاضريءَ کان پوءِ فارم تي ظاهر ٿيو هو، هن ۾ ڪابه تبديلي نه آئي هُئي. اهو اڃان به ٽوٽي هو ۽ ساڳئي طرز ۾ مٺين شين واري پهاڙيءَ جو ذڪر ٿي ڪيو. هو وڻ جي ٿڙ تي ويهي ڪارا پر ڦڙڪائي، جيڪو کيس ٻڌندو هو، تنهن سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ پيو ڳالهائيندو هو. “ڪامريڊو،” هو پنهنجي چهنب کي آسمان ڏانهن ڪري چوندو هو ته “ڪاري ڪڪر جي بلڪل پويان شگرڪنيڊي پهاڙي آهي. جتي اسان غريب جانور مرڻ پڄاڻان آرام جي زندگي گذارينداسون.” هو دعويٰ ڪندو هو ته هن پاڻ اکين سان برسيم ۽ گاهن واريون ٻنيون ڏٺيون آهن ۽ اتي ڳڙ ۽ مصري جي پئدائش به ڏٺي آهي. ڪافي جانور هن جي ڳالهين تي ويساهه رکندا هُئا. هنن جون زندگيون، هو دليل ۾ چوندا هُئا ته، سخت پورهئي واريون، ڪٺن ۽ بکايل آهن. انڪري اهو حقي واجبي آهي ته ڪا شانائتي دنيا ٻئي پاسي هجي. موزز ڏانهن سوئرن جو رويو ڪافي منجھائيندڙ هو. هڪ طرف ته هو هن جي قصن کي ڪوڙو پيا ڪوٺيندا هُئا. ته ٻئي پاسي نه صرف هن کي واندو ڇڏي ڏيندا هُئا، پر هن کي روزانو سوا پاءُ بيئر ڏيئي فارم تي رهڻ ڏيندا هُئا.
    جڏهن باڪسر جو کر ڀرجي ويو ۽ تڏهن وري باڪسر اڳي کان وڌيڪ پورهئي ۾ لڳي ويو. حقيقت ڪري انهيءَ سال مڙني جانورن غلامن وانگي پورهيو ڪيو هو. رواجي ڪم ڪار ۽ ونڊمل جي نئين سر اڏاوت سان گڏوگڏ ننڍن سوئرن جي پڙهائي لاءِ اسڪول به اڏڻو هو. جنهن جي اڏاوت مارچ ۾ شروع ٿي هُئي. ڪڏهن ڪڏهن اڻپوري کاڌي تي پورهئي جا ڊگھا ڪلاڪ سهپ کان ٻاهر هوندا هُئا. پر باڪسر ڪڏهن به نه رڪيو. هن پنهنجي ڪنهن ڳالهه يا ڪم مان اهو تاثر نه ڏنو ته هاڻي ان ۾ اها شڪتي نه رهي آهي. رڳو هن جي ڊول ۾ تبديلي نظر ٿي آئي. اڳي جي ڀيٽ ۾ هن جي کل ۾ اها چمڪ نه رهي هُئي. هن جون دُڏيون سُسِي ويون هُيون. ٻيا چوندا هُئا ته بهار جو گاهه باڪسر کي وري مچائي وجھندو. بهار آيو، پر باڪسر مچي نه سگھيو. ڪڏهن ائين لڳندو هو ته کاهي ڏانهن ويندڙ چاڙهي تي وڏي ڪنهن پٿر جو وزن جھليو هلندڙ باڪسر جا پير رڳو پنهنجي ارادي جي سگھه سببان کپيل لڳندا هُئا. اهڙي سمي ڏسبو هو ته هن جا چپ “آئون اڃان به سخت پورهيو ڪندس” جھڙو ڪو جملو پيا ٺاهيندا هُئا. ڇو ته آواز هن جو ساٿ ڇڏي چڪو هو. هڪ ڀيرو وري ڪلوور ۽ بينجمن باڪسر تي زور وڌو ته هو پنهنجي صحت جي سڌاري لاءِ ڪجھه ڪري، پر باڪسر ان ڳالهه کي ليکيو ئي ڪونه. هن جو ٻارهون جنم ڏينهن ويجھو هو. تنهنڪري هن کي رڳو اها تانگھه هُئي ته هن جي پينشن تي لهڻ کان اڳ ئي پٿرن جو سٺو ذخيرو ٿي وڃي.
    گرميءَ جي هڪ نما شام اوچتو هُل هليو ته باڪسر کي ڪجھه ٿي ويو آهي. هو اڪيلي سر ويو هو پٿرن کي هيٺ ڍوئڻ لاءِ. اهو افواهه سچ ثابت ٿيو. چند منٽن کان پوءِ ٻه ڪبوتر خبر کڻي پهتا ته باڪسر ڪري پيو آهي. هو هڪ پاسي ڪريو پيو آهي ۽ اٿڻ کان لاچار بنيل آهي.
    فارم جا اڌواڌ جانور وٺي اوڏانهن ڀڳا. اُتي باڪسر گاڏيءَ جي بمن وچ ۾ پيل هو. هن جو ڪنڌ به لڙڪيل هو ۽ ان کي مٿي کڻي نه پئي سگھيو. هن جون اکيون چمڪي رهيون ۽ پاسا پگھريل هُئا. هن جي وات مان رت جي هلڪي لار نڪري رهي هُئي. ڪلوور سندس ڀر ۾ گوڏا کوڙي ويهي رهي.
    “باڪسر!” هن دانهن ڪندي چيو، “تون ڪيئن آهين؟”
    “منهنجو ڦڦڙ گھائجي پيو آهي.” هن نٻل آواز ۾ جوابيو، “پر ڪا ڳالهه ڪونهي. آئون سمجھان ٿو ته اوهان مون کان سواءِ به اها ونڊمل مڪمل ڪري وٺندائو. پٿرن جو ذخيرو سٺو ٿيل آهي. آئون هونئن به مهيني بعد وڃان ها. سچي ڳالهه ته اها آهي ته آئون پاڻ به هاڻي ريٽائرمينٽ جو انتظار ڪري رهيو هوس ۽ شايد بينجمن پوڙهو ٿي ويو آهي، سو هن کي ساڳي وقت ريٽائر ڪندا ته جيئن هو منهنجو ساٿي بنجي.”
    “اسان کي مدد لاءِ پڪارڻ گھرجي.” ڪلوور چيو. “ڪو ڊوڙي وڃي اسڪئيلر کي هي واردات ٻڌائي.”
    سڀ ئي جانور وٺي فارم هائوس ڏي ڀڳا ته جيئن اها خبر اسڪئيلر کي ٻڌائين. رڳو بينجمن ۽ ڪلوور پوئتي رهيا. بينجمن پنهنجي پڇ سان مکيون هڪليندو رهيو. 15 منٽن کانپوءِ اسڪئيلر پهتو. سندس چهرو همدردي ۽ ڳڻتي وارو ڏيک ڏئي رهيو هو. هن ٻڌايو ته ڪامريڊ نيپولن کي فارم هائوس جي انتهائي وفادار ساٿي جي درگھٽنا جو احوال مليو آهي ۽ انهيءَ تي غمگين ٿيو آهي. هو ولنگڊن جي اسپتال ۾ هن جي علاج جو بندوبست ڪري رهيو آهي. اهو ٻڌي جانور ۾ بي چيني ڦهلجي ويئي. سواءِ مُولي ۽ سنوبال جي، ٻئي ڪنهن جانور به هن فارم کي نه ڇڏيو آهي. هنن نٿي چاهيو ته هنن جو سنگتي ظالم انسانن جي ور چڙهي. پر اسڪئيلر کين جھٽ ۾ راضي ڪري ورتو. ڇو ته هتي جي ڀيٽ ۾ ولنگڊن ۾ موجود جانورن جو ڊاڪٽر هن جو علاج سٺي نموني ڪري سگھندو. اڌ ڪلاڪ کانپوءِ باڪسر ڪنهن حال ۾ آيو ته وڏن ڪشالن کان پوءِ پيرن تي کڙو ٿيو ۽ منڊڪائيندو پنهنجي ڪڙه ڏي ويو. اتي ڪلوور ۽ بينجمن هن لاءِ ڪکن جو بسترو ٺاهي ورتو.
    ٻه ڏينهن باڪسر پنهنجي ڪڙه ۾ پيو رهيو. سوئرن هڪ گلابي رنگ جي دوا جي وڏي بوتل ڏياري موڪلي هُئي. ڪلوور ڏينهن ۾ ٻه لڱا اُها دوا کاڌي کان پوءِ هُن کي پياريندي هُئي. لڙي شام جو هوءَ هن جي ڪڙه ۾ اچي ويهندي هُئي. جڏهن ته بينجمن مکيون پيو هڪليندو هو. باڪسر کين چيو ته جيڪي ٿيو، ان تي افسوس نه ڪيو وڃي. جيڪر هو ٻيهر تازو توانو ٿيو ته پوءِ هن کي اميد آهي ته هو اڃان به ٽي سال کن وڌيڪ جيئرو رهندو ۽ هو هاڻي چراگاهه جي ڪنڊ ۾ پويان ڏينهن گھارڻ جو انتظاري آهي. جتي هو واندڪائي ۾ پڙهندو ۽ ذهن کي سڌاريندو. هن جو ارادو هو ته هو حياتيءَ جا باقي ڏينهن الفابيٽ جا باقي رهيل 22 اکر سکڻ ۾ گھاريندو.
    پر ڪلوور ۽ بينجمن رڳو ڪم واري وقت کان پوءِ وٽس موجود هوندا هُئا. سو وچ ڏينهن ۾ هڪ گاڏو آيو ۽ کيس کڻي واپس وريو. ٻيا جانور سوئرن جي نگراني ۾ گوگڙو ڪڍي رهيا هُئا ته بينجمن هينگندو ۽ ڊوڙندو وٽن پهتو. “تڪڙا ٿيو.” هن رڙ ڪندي چيو، “جلدي ۾ اچو! هو باڪسر کي الائي ڪٿي کڻيو پيا وڃن.” سوئرن جو حڪم ٻڌڻ کان سواءِ ئي هو فارم هائوس ڏي ڀڳا. آڳند ۾ هڪ گاڏو جنهن کي ٻه گھوڙا ڇڪي رهيا هُئا، بيٺو هو. گاڏي جي هڪ پاسي ڪجھه لکيل هو. ڪوچوان هڪ پر اسرار شخص ٿي لڳو. باڪسر جي ڪڙه خالي هُئي جانور گاڏي جي چوڌاري ٿي بيٺا. “خدا حافظ” هنن هڪ آواز ۾ چيو، “خدا حافظ”.
    “بيوقوفو! بيوقوفو!” بينجمن هنن جي چوڌاري زمين تي پير هڻندو گھميو ۽ کر سان زمين کوٽيندو رهيو. “بيوقوفو! اوهان کي گاڏي جي پاسي ۾ لکيل نٿو نظر اچي.” اهو ٻڌي هو خاموش ٿي ويا. مُريل لفظن کي اچارڻ شروع ڪيو. پر بينجمن هن کي پوئتي ڪري، ڀوائتي خاموشي کي ٽوڙيندي پڙهڻ شروع ڪيو “الفريد سمنڊر گھوڙن جو ڪاسائي ۽ گلو ٺاهيندڙ، ولنگڊن، کلن ۽ هڏن جو ڊيلر ۽ ڪتا مهيا ڪندڙ” اوهان کي ڪجھه سمجھه ۾ اچي ٿو. هي باڪسر کي ڪاسائين وٽ کڻي پيا وڃن.
    اهو ٻڌي سڀني دهشت ۾ وٺجي رڙ ڪئي. انهيءَ گھڙيءَ ڪوچوان گھوڙن کي چهبڪ هنيو ۽ گاڏو اڳتي رڙهيو. سڀ جانور ان جي پويان هلندا رهيا ۽ رڙندا رهيا. ڪلوور زور ڀري اڳيان ويئي. گاڏو به تيز ٿيندو ويو. ڪلوور ڊڪڻ لاءِ پنهنجي ٽنگن تي زور وڌو، پر هو رڳو وچٿري رفتار حاصل ڪري سگھي.
    “باڪسر!” هن دانهن ڪئي، “باڪسر! باڪسر! باڪسر!” ۽ انهيءَ گھڙي باڪسر ڄڻ ٻاهريون گوڙ شور ٻڌو هجي، پنهنجو منهن، جنهن کي هيٺين حصي تي اڇي پٽي ٻڌل هُئي، گاڏي جي پويان واري حصي جي ننڍڙي دري کان ظاهر ڪيو.
    “باڪسر” ڪلوور دهشت ۾ رڙ ڪئي. “باڪسر! ٻاهر نڪري اچ جلدي ڪر! توکي هُو موت جي مُنهن ۾ وٺيو پيا وڃن.”
    سڀني جانورن گڏجي رڙ ڪئي. “باڪسر ٻاهر لهي اچ!” پر گاڏو اڳ ۾ ئي رفتار پڪڙي چڪو هُئو ۽ دور ٿيندو ويو. اها پڪ نه آهي ته باڪسر ڪلوور جي ڳالهه کي ٻڌو يا نه ٻڌو. پر ڪجھه گھڙين کان پوءِ هن جو چهرو دري مان گم ٿي ويو ۽ گاڏي اندر کرن هڻڻ جو آواز ايندو رهيو. هو ٻاهراچڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو هو. اهڙو به زمانو هو جڏهن باڪسر جي چند لتن سان هي گاڏو ٽٽي پرزا ٿي وڃي ها. پر افسوس ته هن جي سگھه هن کان موڪلائي ويئي هُئي. ڪجھه گھڙين بعد هن جي کڙين هڻڻ جو آواز گھٽجي ويو. پريشانيءَ ۾ جانورن گاڏو گھليندو جانورن کي چيو ته “ڪامريڊو! پنهنجي ڀاءُ کي موت ڏانهن نه گھلي وڃو.” پر هنن بيوقوف جانورن پنهنجي آسپاس کان غافل ٿي، ڪنن کي بند ڪري رفتار وڌائي ڇڏي. باڪسر جو منهن ٻيهر ظاهر نه ٿيو. ڪنهن کي تمام دير سان خيال آيو ته اڳتي وڌي وڏي ٻاهرئين در کي بند ڪجي، پر ان سمي، گاڏو ان مان نڪري ويو ۽ سامهون واري روڊ تي چڙهي گم ٿي ويو. باڪسر کي ٻيهر ڪڏهن به نه ڏٺو ويو.
    ٽن ڏينهن کان پوءِ اعلان ڪيو ويو ته هُو ولنگڊن اسپتال ۾، علاج هلندي گذاري ويو. اسڪئيلر پاڻ اها خبر ٻڌائڻ آيو هو. هن پاڻ ٻڌايو ته هو پاڻ باڪسر جي آخري ساعتن ۾ اُتي موجود هو.
    “اُهو ڏاڍو عجيب نظارو هو، جيڪو مون اڳتي نه ڏٺو هو.” اسڪئيلر پنهنجا ڳوڙها اگھندي چيو. “آئون آخري دم تائين هن جي بستري وٽ موجود رهيس. هن آهستگيءَ سان چيو ته “هن کي ڏک آهي ته هو ونڊمل جي ٺهڻ کان اڳ ۾ ئي موڪلائي رهيو آهي.” “ڪامريڊو! اڳتي وڌو.” هن جا آخرين لفظ اهي هُئا. “بغاوت جي نالي ۾ اڳتي وڌو” “اينمل فارم زنده باد.” “ڪامريڊ نيپولن زنده باد” ۽ “ڪامريڊ نيپولن سدائين صحيح هوندو آهي.” هائو اهي هن جا آخري لفظ هُئا.”
    اُهو چئي اسڪئيلر جي سڀاءَ ۾ تبديلي آئي. هو ڪجھه وقت لاءِ خاموش ٿيو ۽ ٻنهي پاسي شڪي نگاهن سان ڏٺو. هن چوڻ شروع ڪيو ته “هن کي معلوم ٿيو آهي ته ڪن جانورن اهو غلط افواهه ڦهلايو آهي ته جنهن گاڏي ۾ باڪسر کي نيو ٿي ويو. ان تي گھوڙن جو ڪاسائي لفظ لکيل هُئا. سو اهو نتيجو ڪڍيو ويو هو ته هن کي ناڪاره گھوڙا وٺي ذبح ڪندڙ ڏانهن وٺي پئي ويا.” اسڪئيلر چيو، “اها ڳالهه اعتبار جوڳي نه آهي. ڪو جانور ايترو وائڙو ٿي سگھي ٿو. يقيني طور نه.” هن پنهنجي پڇ کي لوڏيندي، ڪاوڙ مان چيو ته “ڇا اُهي اسان جي اڳواڻ کي هن کان وڌيڪ ڄاڻن ٿا. وضاحت تمام سادي هُئي. اُهو گاڏو پهرئين ڪنهن ڪاسائيءَ جي ملڪيت هو، جنهن کي پوءِ ڪنهن جانورن جي ڊاڪٽر خريد ڪيو هو، ۽ اڃان پراڻو نالو نه مٽايو ويو هو. انهيءَ ڪري اها غلط فهمي پيدا ٿي آهي.”
    جانور اهو ٻڌي ڪافي حد تائين مطئمن ٿي ويا ۽ جڏهن اسڪئيلر باڪسر جي آخرين ساعتن جا نقش چٽڻ شروع ڪيا ته هن کي بهترين سنڀال حاصل ٿي ۽ مهانگيون دوائون به مليون، جن جي ادائيگي ڪامريڊ نيپولن جھٽ پٽ ٿي ڪئي، تڏهن هنن جا آخرين شبها به دور ٿي ويا. پنهنجي ڪامريڊ جي موت جو غم انهيءَ خيال ته سندس موت خوشيءَ جي حالت ۾ ٿيو، گھٽائي ڇڏيو.
    نيپولن پاڻ آچر جي گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيو ۽ باڪسر جي ياد ۾ تقرير ڪيائين هن ٻڌايو ته هن جو لاش آڻڻ ممڪن نه هو، پر هن حڪم ڏنو آهي ته فارم جي گلن مان چادر ٺاهي وڃي، جيڪا هن جي قبر تي چاڙهي ويندي. نيپولن پنهنجي تقرير جي پڄاڻي باڪسر جي مشهور چوڻين جي ورجاءَ سان ختم ڪئي. “آئون اڃان به سخت پورهيو ڪندس” ۽ “ڪامريڊ نيپولن سدائين صحيح هوندو آهي.” “اُهي متا” هن چيو، “سڀني جانورن کي اپنائڻ گھرجن.”
    کاني واري تقريب جي ڏينهن دڪاندار جي گاڏيءَ ۾ ڪاٺ جو وڏو ڪريٽ ولنگڊن مان آيو ۽ فارم هائوس ۾ وڃي لٿو. ان رات فارم هائوس ۾ گانا بجانا ٿيندا رهيا ۽ جهيڙن جا آواز ايندا رهيا ۽ يارهين بجي گلاس ٽوڙڻ کان پوءِ محفل ختم ٿي. ٻئي ڏينهن فارم هائوس جا واسي ٻنپهرن کان اڳ نه جاڳيا ۽ ڪٿان نه ڪٿان اها خبر پهتي ته سوئرن وسڪي وٺڻ لاءِ رقم ڪٿان حاصل ڪئي هُئي.


    باب ڏهون

    سال گزرندا ويا. موسمون اينديون رهيون ۽ مٽبيون رهيون. جانورن جون ننڍيون عمريون به اڏامنديون رهيون. اهو وقت به آيو جو ڪلوور، بينجمن ۽ موزز کانسواءِ ڪنهن ٻئي جانور کي بغاوت واري وقت کان اڳ جي زماني ڪا سنڀار نه هُئي.
    مُريل مري ويئي، بلوبيل، جيسي ۽ پنچر به راهه رباني اختياري ويا هُئا. جونز به هن دنيا ۾ نه رهيو هو. هو ڪنهن ملڪ جي شرابي خاني ۾ موت سان ملاقاتي ٿيو هو. سنوبال به وسري چڪو هو. باڪسر سواءِ چند جي ڪنهن کي به ياد نه هو. ڪلوور هاڻي ڦيڦي گھوڙي هُئي، هن جا سنڌ سيٽيل ۽ اکيون ڳاڙهيون بنيل هيون. هوءَ ريٽائر ٿيڻ جي عمر کان ٻه سال وڏي ٿي چڪي هُئي، پر حقيقت ۾ ڪوبه جانور اڃان ريٽائر به نه ٿيو هو. ريٽائر ڪيلن جي رهائش واسطي چراگاهه جي ڪناري کي مخصوص ڪرڻ جو ارادو ترڪ ٿي چڪو هو. نيپولن جو وزن 154 ڪلوگرام تائين پهتو هو. اسڪئيلر ايترو ته سڄي ويو هو جو هُو تڪليف سان اکيون ٿي کولي سگھيو. رڳو پوڙهو بينجمن ساڳئي نموني جو هو، سواءِ اُن جي ته هن جا وار اڇا ٿي ويا هيا ۽ باڪسر جي موت کان پوءِ وڌيڪ غمگين، اداس ۽ ماٺيڻو بنجي ويو هو.
    هونئن فارم تي ڀانت ڀانت جو مخلوقون هيون، جيتوڻيڪ انهن ۾ ايتري واڌ نه آئي هُئي، جيتري جي شروع ۾ اميد پئي رکي ويئي. ڪيترا جانور نوان ڄاول هُئا. جن لاءِ بغاوت رڳو ڌنڌلي روايت هُئي، جيڪا زباني طرح وڏڙن کين منتقل ڪئي هئي. ڪجھه ٻيا جانور، جيڪي خريد ڪيا ويا هُئا، تن هتي اچڻ کان اڳ ان جو ذڪر نه سُئو هو. فارم ۾ ڪلوور سان گڏ ٽي ٻيا به گھوڙا هُئا. اُهي ڪافي سگهارا جانور هُئا، ۽ سٺا ساٿي به. هر وقت پورهئي لاءِ تيار پر ذهني طرح مورک هُئا. انهن مان ڪوبه الفابيٽ جي ٻئي اکر کان اڳتي نه وڌي سگھيو. هنن کي بغاوت متعلق يا جانورازم جي اصولن جي حوالي سان جيڪو ڪجھه ٻڌايو ٿي ويو، سو هنن قبولي ٿي ورتو. خاص ڪري ڪلوور جي ڳالهين کي ته جھٽ ۾ مڃي ٿي ورتو، جنهن لاءِ هنن جي دلين ۾ مادرانه عزت هُئي. پر اهو يقيني نه هو ته کين جيڪو به ٻڌايو ٿي ويو، سو کين سمجھه ۾ آيو ٿي يا نه.
    فارم هاڻي نه رڳو خوشحال هو، پر وڌيڪ منظم به هو. اهو وڌيڪ ڦهلجي ويو هو، ڇاڪاڻ ته مسٽر پلڪنگٽن کان ٻه ٻنيون خريديون ويون هيون. آخر ڪار ونڊمل جڙي راس ٿي هُئي ۽ فارم ۾ ٿريشنگ مشين به اچي ويئي هُئي. گاهه کي چاڙهڻ ۽ ڇڪڻ واري مشين به ورتي ويئي. ان کان علاوه هن فارم ۾ وڌيڪ جڳهيون به جوڙيون ويون هُيون. ومپر پاڻ لاءِ ٽانگو خريديو هو. بهرحال ونڊمل کي بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ نه پئي استعمال ڪيو ويو. ان کي اَنَ پيهڻ لاءِ پئي ڪم ۾ آندو ويو. جنهن جي ڪري رقم جي صورت ۾ منافعو ڪمايو پئي ويو. جانور وري ٻي مل جوڙڻ لاءِ سخت پورهئي ۾ جنبيل هُئا. جڏهن اها ٺهي ته اهو چيو ويو ته هاڻي جنريٽر لڳايو ويندو. پر جن عشرتن جا خواب سنوبال ڏيکاريا هُئا - وٿاڻن ۾ بجلي، ٿڌو ۽ گرم پاڻي، ڪم لاءِ ٽي ڏينهن - تن جو هاڻي ذڪر ئي نٿي ڪيو ويو. نيپولن انهن تصورن کي جانورازم جي روح جي منافي قرار ڏنو هو. هن جو چوڻ هو ته حقيقي ۽ سچي خوشي پورهيو ڪرڻ ۽ سادگيءَ سان رهڻ ۾ آهي.
    لڳو ائين ٿي ته فارم ۾ خوشحالي ته آئي هُئي، پر سواءِ ڪتن ۽ سوئرن جي، ٻين جانورن جي حالتن ۾ سڌارو نه آيو هو ۽ هو اڳي وانگر غريب ئي رهيا. شايد ان جو هڪڙو سبب اهو هو ته هتي سوئرن ۽ ڪتن جي گھڻائي هُئي. ائين به نه هو ته اهي صاحبان ڪو ڪم ڪار نه ڪندا هُئا. جيئن اسڪئيلر وضاحت ڪندي ٿڪبو ئي نه هو ته فارم جي نگھباني ۽ انتظام وارو ڪم اڻ کٽ آهي. گھڻو ڪم ته اهڙي نوع جو آهي، جيڪو ٻيا جانور سمجھي نه سگھندا. مثال طور اسڪئيلر کين ٻڌايو هو ته سوئر صاحبان هر روز فائيلن رپورٽن، منٽن، ميموئن جھڙن پراسرار شين تي وڏو وقت کپائين ٿا. اُهي پنن جا ٿها جيڪي ڀرڻا هوندا هُئا ۽ وري کين ڀرڻ کان پوءِ کوري ۾ ساڙڻو هو. اسڪئيلر جي چواڻي فارم جي ڀلائي واسطي اهو تمام ضروري هو. پوءِ به نڪي ڪتن، نڪي سوئرن پنهنجو کاڌو ٿي پيدا ڪيو. اُهي نه رڳو تعداد ۾ گھڻا هُئا، پر انهن جي بک به شاندار هُئي.
    ٻين جانورن جي لاءِ زندگي اهڙي هُئي، جيڪا اڳ ۾ ساڳي رهي هُئي. اهي اڪثر بکايل رهندا هُئا ۽ ڪکن تي سمهندا هُئا. حوض مان پاڻي پيئندا هُئا. ٻنين ۾ گھمندا هُئا. سياري ۾ سيءُ کين تنگ ڪندو هو ته اونهاري ۾ وري مکيون کين هلاڪ ڪنديون هيون. ڪڏهن ڪڏهن ڪي پوڙها پنهنجي ڌنڌلين يادگيرين وسيلي اهو تعين ڪرڻ گھرندا هُئا ته اڄوڪيون حالتون، بغاوت جي شروعاتي ڏينهن ۾ جڏهن جونز کي تازو ڀڄايو ويو هو، جي ڀيٽ ۾ بهتر آهن يا بريون آهن. پر کين ڪا چٽي يادگيري نه سجھندي هُئي، جنهن جي آڌار هو ڀيٽ ڪري سگھن. انهن وٽ اسڪئيلر جي فهرستن کان سواءِ پڙهڻ لاءِ ٻيو ڪجھه نه هو ۽ انهن فهرستن ۾ ثابت ڪيل هو ته شيون وڃن ٿيون بهتر کان بهتر بنبيون. جانورن کي اهو احساس هو ته مسئلا حل ٿيڻ جوڳا نه آهن. پر مکيه ڳالهه اها هُئي ته وٽن ايترو وقت ئي نه هو ته انهن مامرن تي ويهي مٿاڪٽ ڪن. رڳو پوڙهي بينجمن جي دعويٰ هُئي ته کيس هر وڏي ننڍي واقعي جي چٽي يادگيري آهي. سندس خيال هو ته حالتون نه صفا خراب نه صفا سٺيون ٿيون آهن ۽ نه ڪڏهن ائين ٿيندو. هو چوندو هو ته بکون، بدحاليون، مايوسيون وغيره زندگيءَ جو اَبدل قانون آهن.
    ان هوندي به جانورن اميد جو دامن هٿان نه ڇڏيو هو ۽ وڌيڪ ته هنن هڪ گھڙي لاءِ به نه، انهيءَ مرتبي ۽ فخر جو احساس وڃايو هو، جيڪو کين ائنيمل فارم جي رهواسيءَ جي حيثيت ۾ حاصل ٿيو هو. اڃان توڻي پوري انگلنڊ ۾ انهن جو فارم ئي اڪيلو هو، جنهن جا مالڪ ۽ سنڀاليندڙ سڀ جانور هُئا. نڪو انهن، نڪي نوجوانن ۽ نڪي نون آيل جانورن انهيءَ حقيقت تي اچرج ڏيکارڻ ڇڏي ڏنو هو. جڏهن بندوقن جي ٺڪائن هلندي ۽ سائي جھنڊي کي ڦڙڪندي ڏسندا هُئا، تڏهن سندن دليون فخر وچان ڦنڊي وينديون هيون، ۽ هنن جي ڳالهين جو رخ نيٺ وڃي پراڻن سورهيائي وارن ڏينهن، جونز جي ڀاڄ ۽ نيڪالي، ستن حڪمنامن (فرمانن) جي لکائي، ڪاهي ايندڙ انسانن کي شڪست ڏني ويندڙ جنگين ڏانهن مڙي ويندو هو. ڪوبه پراڻو خواب ترڪ نه ڪيو ويو هو. ميجر جنهن جانور ريپبلڪ، جيڪا انگلنڊ جي ساين ٻنين تي مبني هوندي ۽ ان ۾ انسانن جو نالو نشان به نه هوندو، جو خيال اڃان زنده هو. ڪڏهن نه ڪڏهن ان جو قيام عمل ۾ ايندو، کڻي هينئر نه، پر اهو اوس ٿيڻو آهي. ايتري تائين جو “انگلنڊ جا جانور” واري گيت جي ڌن به لڪي ڇپي جھونگاري ٿي ويئي. اها حقيقت هُئي ته هر جانور ان کي ڄاڻندو هو، پر وڏي آواز ان کي ڳائڻ کان لهرائيندو هو. ائين کڻي هجي ته هنن جي زندگي دشوار هُئي ۽ سندن سڀ آسون ۽ اميدون پوريون نه ٿيون هيون، پر هنن کي پتو هو ته هو ٻين جانورن جھڙا نه آهن. ڇو ته ٻن ٽنگن واري ڪابه خلقت منجھن رهائش پذيرنه هئي. ڪنهن مخلوق ٻي خلق کي آقا نٿي سڏيو. سڀ جانور برابر هُئا.
    گرميءَ جي شروعاتي مرحلي ۾ هڪڙي ڏهاڙي اسڪئيلر رڍن کي پنهنجي ڪڍ اچڻ جو حڪم ڏئي کين فارم جي ٻئي ڇيڙي ڏي وٺي ويو، جتي لَڪُڻِ جا ننڍا ٻوٽا تمام گھڻا ڦٽل هُئا. اسڪئيلر جي نگھبانيءَ ۾ رڍن سڄو ڏينهن انهن کي چرڻ ۾ لڳايو ۽ جيئن ته موسم گرم هُئي، سو اسڪئيلر کين اتي رهڻ جو چيو ۽ پاڻ واپس موٽي آيو. اُهي پورو هفتي اُتي ئي رهيون. اسڪئيلر هنن سان ڏينهن جو چڱو حصو گڏ رهندو هو. هن چيو ته هُو هنن کي هڪ نئون راڳ سيکاري رهيو آهي، جنهن لاءِ نويڪلائي جي ضرورت آهي.
    جڏهن رڍون واپس وري آيون، تڏهن هڪ خوشگوار شام جو، جنهن مهل جانورن پنهنجو ڪم پورو ڪيو هو ۽ گھرن لاءِ واپس ٿي وريا، تنهن مهل آڳنڌ مان گھوڙي جي ڊيڄاريندڙ هڻڪار ٻڌڻ ۾ آئي. حيران بنجي جانور جتي هئا، اتي ئي بيهي رهيا. اهو آواز ڪلوور جو هو. هُن وري هڻڪاريو، سو جانور وٺي آڳنڌ ڏي ڀڳا. اُتي کين اِهو نظر آيو، جيڪو ڪلوور ڏٺو هو: سوئر پنهنجي پوين ٽنگن تي هلي رهيو هو.
    ها اهو اسڪئيلر هو. ٿورڙو اڍنگي نموني، ڄڻ هو پنهنجي پوري وزن يا ڊول کي انهي نموني ۾ سنڀالي سنگھڻ تي هريل نه هو، پر ڪافي تناسب سان آڳنڌ ۾ گھمي ڦري رهيو هو. ڪجھه گھڙين کان پوءِ فارم هائوس جي دروازي مان سوئرن جي ڊگھي قطار نڪتي، جيڪي به پوين ٽنگن تي هلي رهيا هُئا. ڪجھه صحيح طرح هلي رهيا هُئا، ته ڪي وري اهڙي نوع ۾ پئي هليا، ڄڻ کين ڪنهن ٽيڪ جي ضرورت هجي. بهرحال هرهڪ آڳنڌ جو چڪر ڪاميابيءَ سان لڳايو ۽ آخر ۾ ڪتن جي باهوڙ ٻڌي ويئي ۽ ڪارڙي ڪڪڙ تيز ۽ تکي آواز ۾ ٻانگ ڏني، جنهن کانپوءِ نيپولن بنفس خود، هيڏي هوڏي شوخ نظرون ڦهلائيندو آيو. سندس ڪتا هن جي چوڌاري ٽينگ ٺپا ڏيندا رهيا.
    هن جي اڳئين ٽنگ ۾ چهبڪ پڪڙيل هو.
    موتمار خاموشي ڇانئجي ويئي. حيران، ڊنل ۽ لطف اندوز ٿيندڙ جانور هڪ جاءِ مڙي اهو نظارو ڪندا رهيا. ائين ٿي لڳو ته ڄڻ دنيا اونڌي ابتي ٿي ويئي هجي. ان بعد اُها گھڙي آئي جڏهن اهو پهريون صدمو ختم ٿيو ۽ جڏهن هر ڳالهه جي باوجود - ڪتن جي ڊپ هوندي ۽ ڇا به کڻي ٿي پوي شڪايت ۽ تنقيد نه ڪرڻ جي واري سالن کان سکيل عادت جي باوجود - شايد هنن مان ڪنهن احتجاج جو اظهار ڪيو هجي. پر ٺيڪ ان مهل، ڄڻ اشاري ملڻ سان، سڀ رڍون ٻاڪارڻ لڳيون ته: “چار ٽنگون چڱيون، پر ٻه ٽنگون سٺيون” “چار ٽنگون چڱيون، پر ٻه ٽنگون سٺيون”.
    اها ٻاڪار بي روڪ پنج منٽ کن هلي. جنهن وقت رڍون خاموش ٿيون تڏهن ڪنهن احتجاج جو ڪو امڪان به ختم ٿي ويو هو، ڇو ته سوئر به فارم هائوس اندر هليا ويا هُئا. بينجمن کي ڪو نڪ هن جي ڪلهي کي نوسيدو محسوس ٿيو. هن پوئتي ورائي ڏٺو. اها ڪلوور هُئي. هن جون اکيون اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڌنڌليون ٿي لڳيون. بغير ڪجھه چوڻ جي هوءَ هن کي ڳچيءَ جي وارن کان نرميءَ سان پڪڙي، ڀانڊي جي ڇيڙي ڏي وٺي آئي. جتي ست فرمان لکيل هُئا. ٻه ٽي منٽ اُهي بيهي ڀت تي لکيل اکرن کي تڪيندا رهيا. “منهنجي نظر خراب ٿي رهي آهي.” هن نيٺ ڪڇيو، “پر جڏهن آئون جوان هيس تڏهن به اهو لکيل پڙهڻ جي قابل نه هيس، پر مون کي لڳي ٿو ته هن ڀيري ڀت جي لکت جو نمونو ڪجھه ٻيو آهي. ڇا اهي ست حڪمناما ساڳيا آهن، جيئن اڳ ۾ هُئا، بينجمن!” هڪ ڀيرو بينجمن پنهنجو نيم ٽوڙيو ۽ هن ڪلوور کي ڀت تي لکيل پڙهي ٻڌايو. اُتي ٻيو ڪجهه به نه هو، سواءِ هڪ فرمان جي ته:
    “سڀ جانور برابر آهن، پر ڪجھه جانور ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ برابر آهن.”
    انهيءَ کان پوءِ اهو اچرج جوڳو نظارو نه هو، جڏهن ٻئي ڏهاڙي فارم جي ڪمن جي نگھباني ڪندڙ سوئرن جي اڳئين ٽنگن ۾ چهبڪ هوا. اهو ڄاڻڻ به حيرانگيءَ جو باعث نه بنيو ته سوئرن پنهنجي لاءِ وائرليس جو سيٽ ورتو آهي ۽ ٽيليفون هڻائڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيا آهن ۽ رسالن جان بُل، ٽٽبٽس ۽ روزاني اخبار مرر جا ساليانه خريدار بنيا آهن. اهو به حيرت انگيز نه هو ته نيپولن فارم هائوس جي باغ ۾ چڪر هڻندي پائيپ پي رهيو هو. نڪي ڪنهن کي حيرانيءَ ورتو جڏهن سوئرن جونز جي ڪپڙن جا الماريءَ مان ڪپڙا ڪڍي پاڻ پهريا هُئا. نيپولن پاڻ ڪارو ڪوٽ، وڏو ڪڇو ۽ چمڙي جا وڏا جوراب پاتا هُئا، سندس دلدار سوئرڻ اها ريشمي ڊريس پاتي هُئي، جيڪا بيگم جونز هر آچر تي پهريندي هُئي.
    هڪ هفتي کان پوءِ ٽپهري سمي ڪافي ٽانگا فارم اندر آيا. ڀر پاسي جي فارم واسين جو وفد هن فارم جي دوري تي آيو هو. هنن کي سڄو فارم گھمايو ويو. هنن جيڪا به شي ٿي ڏٺي، تنهن جي ٿي ساراهه ڪئي. خاص ڪري ونڊمل جي گھڻي تعريف پئي ڪيائون. جانور گوگڙن واري ٻني جو گندگاهه صاف ڪري رهيا هُئا. اهي سخت پورهئي ۾ رنڀيل هئا ۽ ورلي ٿي منهن مٿي ڪيائون. پتو نه هُئن ته سوئر وڌيڪ ڊيچاريندڙ ٿي ڀاسيا، يا جھجھي تعداد ۾ آيل انسان .
    انهيءَ رات فارم هائوس مان کاڌ پيت ۽ ڳائڻ وڃائڻ جا آواز ايندا رهيا ۽ اوچتو جڏهن گڏ وچڙ ۽ نوان آواز جانورن جي ڪنين پيا ته منجھن تجسس جاڳيو. جڏهن انسان ۽ جانور برابري واري نموني اچي گڏيا هُئا، تڏهن اُتي ڇا وهي واپري رهيو هو. هو سڀ يڪراءُ ٿي، خاموشيءَ سان رڙهندا، فارم هائوس جي باغ ۾ پهتا.
    دروازي وٽ اُهي رڪجي ويا، ڇو ته اهي ڊنا پئي. پر ڪلوور انهن کي اڳيان وٺي ويئي. اهي آهستي آهستي بي آواز فارم هائوس تائين پهتا ۽ جيڪي ڊگھا هُئا، سي درين مان اندر تڪڻ لڳا. اندر ڪمري ۾ گول ميز تي چوڌاري اڌ ڊزن انسان هُئا ته اڌ ڊزن اهم ۽ ناليوارا سوئر ويٺل هُئا. نيپولن وڏي ڪرسي تي ويٺل هو. ٻيا سوئر به ڪرسين تي آرام ده ٿيو ويٺا هُئا. هي سڀ تاس راند کيڏڻ ۾ مصروف هُئا، گڏوگڏ هو هڪ ٻئي جي زندگيءَ ۽ صحت جو جام به نوش ڪري رهيا هُئا. هڪ ڊگھو جڳ ڦري رهيو هو ۽ بيئر سان مگ ڀرجي رهيا هُئا. ڪنهن به اندر تڪيندڙ جانورن کي نه ڏٺو.
    فاڪسوڊ جو مسٽر پلڪنگٽن اُٿي بيٺو. هن جي هٿ ۾ پيالو هو. هن چيو ته هو ڪجھه گھڙين ۾ ويٺل صاحبان کي چوندو ته اچي صحت ۽ زندگي جو جام نوش ڪن پر ان کان اڳ هو ضروري سمجھي ٿو ته ڪجھه ڳالهائي: “اهو هن توڙي ٻين هت ويٺلن ماڻهن لاءِ اطمنيان جو سبب آهي ته بدگمانيءَ ۽ غلط فهميءَ جو ڊگھو دور پڄاڻي پهتو آهي. اهو به وقت هو جڏهن هن فارم جي مالڪن کي انساني پاڙيسري دشمني واري نموني نه پر شڪي طرح ڏسندا هُئا. هُو ۽ هتي موجود سندس ٻيا ساٿي اهڙي سوچ ۾ ڀاڱي ڀائيوار نه رهيا آهن. ڪي اگرا واقعا به ٿيا ۽ ڪجھه غلط نظريا به مروج رهيا. اهو سمجھيو ٿي ويو ته سوئرن جي انتظام هيٺ ڪم ڪندڙ هي فارم هڪ غيرفطري عمل آهي، جنهن جا ٻين فارمن تي خراب اثر پوندا. بغير جانچ جونچ جي ڪيترن ئي فارمن جي جاگيردارن اهو پئي سمجھيو ته هن ۾ بد انتظامي ۽ بي حيائي جو چالامان آهي. اُهي پنهنجي جانورن ۽ انساني ملازمن تي هن جي اثرات متعلق مُنجھيل هُئا. پر هاڻي سڀ انديشا ۽ شڪ ختم ٿي ويا آهن. اڄ هن ۽ سندس دوستن فارم گھمي ڏٺو آهي ۽ هر شيءِ کي تپاسيو ۽ اکيان ڏٺو آهي ۽ هن ڇا ڏٺو؟ نه فقط وقتائتا اقدام، بلڪ جنهن ڊسيپلين ۽ منظم پڻي جو مظاهرو پئي ٿيو، تنهن کي ٻيا فارم نموني طور اختيار ڪري سگھن ٿا. هن جو ايمان هو ته هو انهيءَ چوڻ ۾ غلط نه آهي ته ٻين فارمن جي ڀيٽ ۾ هتي جا ننڍي حيثيت وارا جانور ٿورڙي کاڌي جي عيوض تمام گھڻو ڪم ڪري رهيا آهن. بيشڪ هن ۽ هن جي دوستن هتي جي ڪجھه خصوصيتن کي ڏٺو آهي ۽ انهن کي هو وڃي پنهنجي فارمن ۾ لاڳو ڪرائيندا.”
    هن چيو ته پنهنجي خيال آرائيءَ جي پڄاڻيءَ تي هُو پر زور نموني چوي ٿو ته هن فارم ۽ ٻين فارمن وچ ۾ جيڪي دوستاڻا تعلقات آهن، سي اڳتي به رهڻ گھرجن. سوئرن ۽ انسانن وچ ۾ مفادن جو ڪوبه ٽڪراءُ ڪونهي ۽ نڪي اهو ضروري آهي. انهن جون ڪوششون ۽ مشڪلاتون ساڳيون رهيون آهن. هونئن به ڇا هر جاءِ تي پورهئي جو مسئلو ساڳيو نه آهي! هتي لڳو پئي ته مسٽر پلڪنگٽن اڳواٽ سوچيل ڪنهن لطيفي سان سامعين کي وندرائيندو. پر ڪنهن سبب هو واتان ڪڍي نه سگھيو. ساهه گھٽجڻ مهل سندس کاڏي ڳاڙهي ٿي پئي، آخر هن چئي وڌو ته جيئن اوهان کي پنهنجي ننڍي حيثيت وارن جانورن کي منهن ڏيڻو ٿو پوي، تيئن اسان کي پنهنجي لوئر ڪلاس کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. انهيءَ دلچسپ فقري تي ٽهڪڙو مچي ويو. آخر ۾ وري به مسٽر پلڪنگٽن سوئرن کي گھٽ راشن جي عيوضي ۾ وڏي ڪم وٺڻ ۽ جانورن کي نه کارڻ واري ڳالهه تي مبارڪباد ڏني.
    پوءِ هن چيو ته هو مڙني ويٺلن کي اٿڻ لاءِ چوي ٿو ۽ چاهي ٿو ته هر هڪ پنهنجو گلاس پورو ڀري. “دوستو، آئون اوهان کي هن فارم جي شاهوڪاريءَ جو جام آڇيان ٿو.”
    ان کان پوءِ سڀني گرم جوشيءَ سان آوازيو ۽ پير زمين تي لڳايا. نيپولن ايترو ته مشڪور ٿيو جو پنهنجي جاءِ ڇڏي، ميز جي ٻئي ڇيڙي ڏانهن آيو ۽ مسٽر پلڪنگٽن جي جام سان پنهنجو جام ٽڪرايائين ۽ پوءِ نوش ڪيائين. جڏهن اهو عمل ختم ٿيو ته نيپولن جيڪو پيرن تي کڙو هو، تنهن اشارو ڏنو ته هو به ڪجھه چوڻ چاهي ٿو.
    ٻين تقريرن وانگيان هي تقرير به مختصر هُئي. هُن پڻ اهو چيو ته هو به خوش آهي ته غلط فهمي جو دور ختم ٿيو آهي، ڇو ته ڪافي وقت تائين ڪجھه افواهه جيڪي هن جي خيال ۾ هن جي دشمنن ڦهلايا هُئا ته هيءُ ۽ هن جا ساٿي انقلابي ۽ ٽوڙ ڦوڙ جا حامي آهن. اها ڳالهه بلڪل غلط آهي. هن جي هڪ ئي آرزو اڳي به هُئي، ۽ هاڻي به اها آهي ته هو پنهنجي پاڙيسرين سان پر امن ۽ ڪاروباري لين دين ۾ رڌل رهن. هيءُ فارم، جنهن جي انتظام هلائڻ جو اعزاز هن کي حاصل ٿيو آهي، سو هڪ سهڪاري ادارو آهي. اداري جا مالڪي وارا ڪاڳر هن وٽ آهن، پر مالڪ سوئر آهن.
    هن چيو ته هن کي پڪ آهي ته اڳوڻا شبها ختم ٿيا آهن ۽ تازو فارم جي روزمرهه واري عمل ۾ ڪجھه تبديلون ڪيون ويون آهن، جن جي ڪري اسان جو هڪ ٻئي ۾ اعتبار به وڌنڌو. هن وقت تائين جانور هڪ ٻئي کي بيوقوفانه نموني “ڪامريڊ” ڪري مخاطب ٿيندا رهيا آهن، تنهن کي هاڻي ختم ڪيو ويندو. هڪڙو ٻيو به عجيب رواج آهي. هر آچر تي هڪ سوئر جي کوپڙي وٽان مارچ ڪرڻ جو، سو به ختم ڪيو پيو وڃي. اها کوپڙي جيڪا باغ ۾ لڳل هُئي، تنهن کي دفن ڪيو ويو آهي. مانائتن مهمانن اسان جو سائو جھنڊو جھوليندو ڏٺو هوندو. اوهان ڏٺو هوندو ته اسان جي اڳوڻي جھنڊي وارا کر ۽ سنڱ وارا نشان به ختم ڪيا ويا آهن ۽ هاڻي جھنڊو رڳو سائي رنگ وارو آهي.
    هو مسٽر پلڪنگٽن جي شاندار تقرير تي هڪ تنقيد ڪندو ته مسٽر پلڪنگٽن تقرير ۾ هن فارم کي ائنيمل فارم ڪوٺيو هو, پر هن کي شايد خبر نه هُئي ته آئون هن فارم جو اهو نالو ختم ڪري رهيو آهيان ۽ اڄ کان پوءِ هن جو نالو مئنر فارم ٿي رهندو، جيڪو ئي هن جو درست ۽ اصلي نالو آهي.
    نيپولن پڄاڻي ڪندي چيو ته آئون به ساڳيو ئي صحت جو جام آڇيان ٿو پر ٻي نموني. گلاسن کي ڀريو. ”مئنر پارڪ جي خوشحالي لاءِ هي جام نوش ڪجي ٿو.“
    اڳي وانگيان ساڳي طرح مرحبا جا آواز ڪڏيا ويا. پر ٻاهر بيٺلن، جڏهن اهو منظر پئي ڏٺو ته کين لڳو ته ڪا عجيب ڳالهه ٿي رهي آهي. اهو ڇا جي ڪري پي ٿيو ته سوئرن جا چهرا بدلجي رهيا هُئا. ڪلوور جون ڌنڌيل اکيون هڪ سوئر کان ٻئي سوئر ڏي ڦرنديون رهيون. ڪن جون پنج کاڏيون ته ڪن جو چار ته وري ڪن جو ٽي کاڏيون هيون. پر اهو هو ڇا، جيڪو بدلجي رهيو هو. ان کان پوءِ هڪ ٻئي جي ساراهه جو عمل ختم ٿيو. اندر ويٺل وري راند ۾ لڳي ويا. اهو ڏسي جانور پوئتي رڙهيا.
    پر اڃان هو ويهارو کن قدم پوئتي نه ويا هُئا ته اُتي بيهجي ويا، فارم هائوس مان گوڙ شور جو آواز آيو هو. هو وري واپس ويا ۽ درين مان اندر ڏسڻ لڳا. اندر جھيڙو متل هو. ڪي دانهون ڪري رهيا هئا ته ڪي وري ميز تي هٿ هڻي رهيا هُئا. ڪي شڪي نگاهن سان هڪ ٻئي کي تڪي رهيا هُئا ۽ ڪي انڪار ڪرڻ ۾ رڌل هُئا. انهيءَ هنگامي جو ظاهري سبب اهو هو ته هڪ ئي وقت مسٽر پلڪنگٽن ۽ نيپولن ڪاري جو يڪو هنيو هو.
    ٻارنهن آواز ڪاوڙ ۾ دانهون ڪري رهيا هُئا ۽ سڀ هڪ جھڙا ٿي لڳا. هاڻي سوئرن جي چهرن کي ڇا ٿيڻ وارو سوال باقي نه رهيو. ٻاهرين خلقت انسان ۽ سوئرن جي چهرن کي پئي ڏٺو. ڪڏهن هڪ کي ته ڪڏهن ٻئي کي. انهن لاءِ ٻنهيءَ ۾ تفاوت ڪرڻ ڏکيو هو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 466
    ڪتابن جو مشاهدو: 393388
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 159178
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ