ڪتاب جو نالو: پيار جو پيرڊ
مصنف: اويس ڀٽو
ڇپائيندڙ: نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 16 مارچ 2017 ع
پڙهيو ويو: 563 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 268 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”پيار جو پيرڊ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب محترم اويس ڀٽو صاحب جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
هو لکي ٿو:
”مون پنهنجي ڪهاڻيءَ ۾ معاشري يا سماج جي ڪُک مان جنم وٺندڙ هَر اُن درد جو درمان بڻجندي اُن کي وائکي ۽ پيش ڪرڻ لاءِ سُئيءَ جي پاکڙي مان اُٺ ٽپائڻ جيڏي جدوجهد ته ناهي ڪئي پر پنهنجي ذميواري کي محسوس ڪندي هَر ادب ڪهاڻيءَ کي لکڻ جي لاجواب ڪوشش ڪئي اٿم، جنهن ڪهاڻيءَ کان ٻڌندي درد ۽ ڏاڍو ڏک محسوس ڪجي ٿو.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

سٽاءُ

  • حق ۽ واسطا
  • ارپــــنـــــا
  • سنڌ سلامت پاران
  • مُهاڳ
  • ٻـــه اکـــر
  • اَڻ توريو اگهائجي!
  • (ليکڪ پاران) من جي ڊيسڪ تان.....
  • ڪهاڻيون

  • اڄوڪي محبت
  • سورن جون ساعتون
  • سماجي دلدل
  • لتاڙيل لِيڪا
  • دردن ڪئي ڌام ڌُوم
  • سمجهوتو
  • پيار جو پيرڊ
  • رانگ نمبر
  • ڪرڻي جي ڀرڻي
  • روين جي ٽياس تي ٽنگيل محبت
  • روئاريندڙ رويو
  • لاحاصل
  • انائن جي ڪوڙڪي
  • تڪڙا فيصلا
  • پڄاڻي پاڻ لهي
  • وحشي

  • سٽاءُ

    حق ۽ واسطا

    ڪتاب جو نالو: پيار جو پيرڊ
    موضوع: ڪهاڻيون
    ليکڪ: اويس ڀٽو
    تعداد: هڪ هزار
    ڇاپو پهريون: مارچ 2015ع

    پاران: نئون نياپو اڪيڊمي،
    C-4 سچل ڳوٺ، گلشن اقبال ٽائون، ڪراچي سنڌ
    Ph # 021-32624153, 34690389
    Cell # 0333-32115821


    مُلهه

    100/=


    ارپــــنـــــا

    آءٌ هِي ڪهاڻين جو ڪتابُ پنهنجي وڏي ڀاءُ محترم ايازڀُٽو کي ارپيان ٿو.
    جنهن منهنجي علم و ادب ۾ هر موڙَ تي رهنمائي ۽ تمام گهڻي سکيا ڏني آهي، اَڄ جيڪڏهن آءٌ ڪجهه لکان پيو، اهو سڀڪجهه ان جي بدولت آهي، هِمت، حوصلو ۽ جاکوڙ سندس رت جي رڳن ۾ ڊوڙي پيو. اهي سڀئي وِٿون هُن مون کي پِڻ ارپيون آهن.

    - اويس ڀُٽو


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”پيار جو پيرڊ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب محترم اويس ڀٽو صاحب جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي.

    هو لکي ٿو:
    ”مون پنهنجي ڪهاڻيءَ ۾ معاشري يا سماج جي ڪُک مان جنم وٺندڙ هَر اُن درد جو درمان بڻجندي اُن کي وائکي ۽ پيش ڪرڻ لاءِ سُئيءَ جي پاکڙي مان اُٺ ٽپائڻ جيڏي جدوجهد ته ناهي ڪئي پر پنهنجي ذميواري کي محسوس ڪندي هَر ادب ڪهاڻيءَ کي لکڻ جي لاجواب ڪوشش ڪئي اٿم، جنهن ڪهاڻيءَ کان ٻڌندي درد ۽ ڏاڍو ڏک محسوس ڪجي ٿو.“

    هي ڪتاب 2015ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون نئون نياپو اڪيڊمي جي سرواڻ انعام عباسيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    مُهاڳ

    ڪهاڻيءَ جي شروعات ڪٿان ٿي؟ ان ڳالهه جو ڪوبه ثبوت ملڻ محال آهي، پر پوءِ به اردو ادب جي مهان محقق ڊاڪٽر ڪهاڻيءَ جي ابتدا بابت هڪ مثبت ۽ وزنائتو دليل آهي ته ”خدا جنهن ڏينهن انسان پيدا ڪيو ۽ شيطان کي سجدو ڪرڻ جي لاءِ چيو ان ڏينهن ڪهاڻي پيدا ٿي، جڏهن شيطان انڪار ڪيو ته ان سان اڻتڻ ۽ مونجهاري جو عمل ۽ تصور عمل ۾ آيو.“
    اهو انسان جو پهريون تجربو هو جيڪو امان حّوا بيان ڪيو، اهڙي ريت آدم " جي اولاد جو بيان ڪهاڻي بڻجي ويو. هن ڌرتيءَ تي پيار، محبت، امن ۽ رشتن جي تخليق ٿي ته ان سان گڏ نفرتن به جنم ورتو. اهوئي سبب آهي جو انسانن جي وچ ۾ تضاد پيدا ٿي پيا، انهن تضادن کي مٽائڻ ڪارڻ پيغمبر آيا، جنهن حضرت انسان کي سنئين واٽ وٺائڻ جا جتن ڪيا، جن انسانيت اُنسَ ۽ ايڪانت جو فلسفو ڏنو، ان کان پوءِ اهوڪم فيلسوف، شاعرن ۽ اديبن سنڀاريو، جن سماج ۾ پيار، ميٺ محبت، خلوص، سچائي، سوچ، سمجهه، فڪر ۽ ذڪر جو سنديش ڏنو. ان جو مثال يونان جي اُها سرزمين آهي، جنهن علم و دانش جا ٿنڀا جهڙوڪر هومر، ارسطو، افلاطون، اسڪائي ليس ۽ سوفو ڪيلز جهڙا ڏاها انسان پيدا ڪري سماج جي لاءِ فلاح و بهبود جا پيڪر ثابت ٿيا. جن پنهنجو اهو عظيم ذهني ۽ فڪري پورهيو دنيا کي ونڊي ورهائي ڏنو. ان پورهئي جو نالو ”ادب“ آهي، جنهن جي معنيٰ ريڙهيون ڏيندڙ ٻار کي پنڌ سيکارڻ آهي.“ اِها هڪ تلخ حقيقت آهي ته ادب، جذبن، احساسن، اُمنگن ۽ خيالن جي اظهار جو نالو آهي. ادب جون ٻه اهم صنفون آهن هڪ نثر (Prose) ۽ ٻيو نظم (Poetry). دنيا جي هر ادب ۾ سڀ کان پهريائين نظم (Poetry) شروع ٿيو آهي.
    ان کان پوءِ دنيا جي هر ادب ۾ ڪهاڻي پيدا ٿي، اِها ڳالهه ذهن جي اسڪرين تي تري اچي ٿي ته جڏهن اسان ننڍا هوندا هئاسون ته نانيون ۽ ڏاڏيون رات جي گهگهه اونداهين ۾ قصا کڻنديون هيون، ائين اها روايت ادب جي اُفق تي نمايان ٿي.
    اوائل ۾ ڪهاڻي مافوق الفطرت (Super Natural) جي تاڃي پيٽي ۾ اڻيون ويون جن ۾ ڪُهنا ڪردار بادشاهن، ڏانئڻن، جادوگرن، جنن، ڀوتن ۽ جانورن جا هئا. دنيا جو هر ادب (Literature) ان صف سان مالامال آهي.
    جيئن دنياوي موسم تبديل ٿيندي آهي تيئن انسان جي ذهني موسم به ٿيندي آهي، ڪجهه ساڃاهه وند اِهو سوچيو ته هاڻي انهن ڳالهين کي نئون لاڙو (Trend) ڏبي يعني مافوق الفطرت ڪردارن کان هٽي انساني ڪردارن جي سچي پچي تصوير چٽجي، جنهن ۾ حضرت انسان جي معاشرتي مسئلن تي بحث ٿيل هجي.
    ادب ۾ اُها نئين صف (Fiction) جي نالي سان رونما ٿي، جنهن کي افسانو (Short Story) چيو وڃي ٿو، جيڪا اسان کي يورپ مان ملي. اِها صف سنڌي ادب ۾ ورهاڱي کان اڳ ۾ طبعزاد ۽ ترجمي جي صورت ۾ ملي ٿي. هر دؤر جو ادب ٻئي ادب کان ضرور اثر وٺندو آهي، اهڙيءَ طرح سنڌي ادب به افساني جو حقيقي تاثر ۽ گهاڙيٽو انگريزي ادب کان ورتو آهي، جن ۾ نشانبر روس جو ٽالسٽاءِ گوگول ۽ چيخوف، فرانس جوبالزاڪ ۽ موپاسان، انگلينڊ جو چارلس ڊڪنس، اهڙي ريت آمريڪا جا اوهيني ۽ ايڊگرايلن پو سرفهرست آهن.
    سنڌي ادب ۾ افسانوي ادب ايتري پذيرائي حاصل ڪونه ڪئي آهي، جيتري دنيا جي سڌريل ادب ڪئي آهي، ورهاڱي کان اڳ۾ هندي ليکڪن ان صنف سان سٺو پاڻ ملهايو، ورهاڱي کان پوءِ ڪهاڻي گهٽ سرجڻ لڳي آهي، جنهن جا اڪيچار اسباب آهن.
    سنڌي ادب ۾ جا (Short Story) جا چند باني مُباني آهن جن هن صنف سان پاڻُ موکيو آهي ۽ جيئدان بخشيو آهي جن ۾ نشانبر مرزا نادر بيگ، جمال ابڙو، نسيم کرل، بادل جمالي، حميد سنڌي، امر جليل، نجم عباسي، علي بابا، طارق عالم ابڙو ۽ مدد علي سنڌي آهن، جيڪي مذڪوره قافلي جا سرواڻ ۽ رهبر آهن.
    اڪثر اِهو ڏوراپو ڏنو ويندو آهي ته سنڌي ادب ۾ ڪهاڻي مري وئي آهي ۽ ان جو جنازو نڪري چڪو آهي، اِها ڳالهه ڪنهن حد تائين درست نه آهي.
    پر جڏهن اويس ڀُٽو جهڙو ڀلوڙ نوجوان اديب سنڌي ادب جي سرزمين کي ڪهاڻين جو مجموعو ڏئي سيراب ڪري ٿو، تڏهن هڪ ڀيرو ڪهاڻي کي ٻيهر جيئدان ملي ٿو، ان ريت هُو ڪهاڻيءَ جي قافلي ۾ شامل ٿئي ٿو، اويس ڀُٽو سنڌي ادب ۾ ڪهاڻي جي مجموعو ”لتاڙيل ليڪا“ پيش ڪري هڪ نئون آواز ڏنو آهي. ان کان اڳ ۾ هو سنڌي ٻوليءَ جي مشهور رسالن عبرت مئگزين، پرک، سوجهرو ۽ سارنگا ۾ پنهنجون ڪهاڻيون ڇپائي چڪو آهي ۽ مڃتا ماڻي چڪو آهي. ان کانسواءِ هُو ٻاراڻو اديب سان گڏوگڏ جو ادب پڻ سرجيو اٿس.
    ٻاراڻي ادب منجهان ٽي ڪتاب آيل اٿس جن منجهان جهرڪيءَ کان انٽرويو، ڇپائيندڙ نئون نياپو اڪيڊمي صرف هڪ روپيو هن کي پڻ مٿئين اداري ڇپايو آهي، ان کان سواءِ ٻاراڻي اسلامي ڪهاڻي جو مجموعو مهراڻ اڪيڊمي ڇپرائي رهي اٿس، جنهن جو نالو ”روشن روم“ آهي.
    شاعريءَ جي ڪتاب ”تات مڙيوئي تنهنجي“ ڇپائيءَ هيٺ اٿس.
    تعليم جي گوشي بابت به ڪم ڪيو اٿائين، ان سلسلي ۾ ”تعليمي ڪاميابي“ سنڌيڪا اڪيڊمي آڻي رهي اٿس.
    اويس ڀُٽو هڪ سڄاڻ ليکڪ آهي. جنهن ادبي دنيا کي مالامال ڪيو آهي، اهو به ذڪر ڪندو هلان ته اويس مضمون سان به موکيو آهي، ان سلسلي ۾ ”گلن مُٺ“ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ مضمون نويسيءَ جي دنيا ۾ واڌارو آهي.
    اويس ڀُٽو ڪهاڻي جي فني ٽيڪنڪ ۽ موضوع سان ڪيترو نڀاءُ ڪري چڪو آهي، اهو پڙهندڙ تي ڇڏجي ٿو، اويس ڀُٽو پنهنجي مجموعي ”لتاڙيل ليڪا“ ۾ سماج ۾ ٿيندڙ براين جي لڪير ڪڍي ٿو ۽ سماج سڌارڪ نظر اچي ٿو، سماج ۾ جيڪي برايون آهن انهن کي تڙي ڪڍڻ چاهي ٿو، سماج ۾ جيڪي برايون آهن انهن کي تڙي ڪڍڻ چاهي ٿو، اصلاح ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. جن مان سماجي دلدل، سورن جون ساعتون، لتاڙيل ليڪا، رانگ نمبر چا رنگ ۽ ڪرڻي جي ڀرڻي شامل آهن.
    مذڪوره ڪهاڻين مان ڪجهه ڪهاڻين جو تذڪرو ڪجي ٿو:
    لتاڙيل ليڪا
    هن ڪهاڻيءَ ۾ ويگن (Van) جي ڊرائيور جي موبائيل تي هڪ ڇوڪريءَ سان ڪِريل گفتگو جو چٽ چٽيو ويو آهي. جنهن ۾ ڊرائيور اخلاق کان ڪِريل ڳالهيون ڪري ٿو، اهو به خيال نه ٿو ڪري ته پويان پسينجر ويٺل آهن، حياء جو ليڪو لتاڙي الائي ڪٿي دنگ ڪري ٿو.
    سماجي دلدل
    هن ڪهاڻيءَ ۾ اِهو ڏيکاريو ويو آهي ته بخشو هڪ هوٽل تي ڪم ڪري ٿو، روز هڪ سؤ ويهه روپيا ملن ٿا، پر اُهي گهر ۾ خرچ نه ٿو ڪري اٽلندو انهن پئسن مان ايزي لوڊ ڪرائي سڪينه سان ڊيلي موبائيل تي ڳالهائي ٿو، اصل ۾ اُها سڪينه ناهي پر سُڌير آهي. هيءَ ڪهاڻي موضوع جي حوالي سان نواڻ جو احساس ڏياري ٿي.
    سورن جون ساعتون
    هن ڪهاڻيءَ ۾ اوباش مرد ذيشان جيڪو شادي شده آهي، پر پاڻ کان ننڍي عابد سان دوستي رکي ٿو ۽ پنهنجي وَني ڪريمان کي ويراڳي بڻائي ڇڏيو اٿائين.
    آخر ۾ سندس مڙس کي ماري جڏهن در تي پهچائين ٿا ته ماڻهو کيس اِهو چون ٿا: ”عابد جي پيءُ مختيار کيس عابد سان روز روز گهمندو ڏسي گولي هڻي ڇڏي.“
    اويس ڀُٽو رومانوي رنگ ۾ به ڪهاڻي کي خوبصورت ڪينواس ڏنو آهي، جن ۾ پيڙا، ڏک، درد ۽ خوشيءَ جي لهر جي اُپٽار ڪري ٿو، جن مان نشانبر اڄوڪي محبت، ڀسم ٿيل ڀروسو، لاحاصل محبت، روئاريندڙ رويو، روين جي ٽياس تي ٽنگيل محبت ۽ دردن ڪئي ڌام ڌوم آهن. جن کي پڙهي ڪنبڻي وٺي وڃي ٿي. ۽ سوچن جي سمنڊ ۾ غلطان ٿي ويهجي ٿو. هنن ڪهاڻين جو اسلوب، متانت ۽ سنجيدگي پنهنجو مٽ پاڻ آهي ۽ سندس ڪهاڻين کي پڙهي ڪٿي به بوريت جو احساس نه ٿو ٿئي.
    ”اڄوڪي محبت“ ۾ محبت جي فلسفي جي اُپٽار ڪئي وئي آهي، محبت جو فلسفو سمجهايو ويو آهي، محبت ڇا آهي، محبت ڪرڻ وارن لاءِ هيءَ ڪهاڻي سکيا جو سامان آهي، ڪي ماڻهو محبت کي منفي سمجهندا آهن پر اويس هتي اصلاح ڪري ٿو.
    ”محبت کي جيڪي دردن ۽ سورن جو نالو ڏئي ان کي فضول سمجهندا آهن، اصل ۾ انهن کي محبت جو لفظ راحت ۽ سڪون جي لفظن سان رقص ڪندڙ هجي ٿو، ڪير ٿو چوي ته محبت ۾ پريشانيون ۽ سور هوندا آهن! پر محبت جي موجودگي ۾ اهڙي قسم جو خيال نه رهندو آهي.“
    ڪهاڻي ”ڀسم ٿيل ڀروسو“ پڙهي وات پٽجي وڃي ٿو، ۽ هڪدم اِهو احساس ولاري وڃي ٿو، ته دنيا ۾ اڄڪلهه ائين به ٿي رهيو آهي، ڀاءُ تان يقين کڄي وڃي ٿو.
    ائين اويس ڀُٽو جي هر ڪهاڻي پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿي ۽ اِهو محسوس ڪرائي ٿي ته دنيا ۾ ڇا ڇا نه ٿي رهيو آهي. انهن سڀني ڳالهين کي قلمبند ڪري اويس ڀُٽو کيرون لهڻي، جنهن ڪهاڻين جو مجموعو ”لتاڙيل ليڪا“ سنڌي ادب جي جهولي ۾ وجهي هن صنف کي زنده جاويد ڪيو آهي، اميد ته هُو سنڌي ادب جي لاءِ ڪوشان رهندو.

    اياز ڀُٽو
    سبجيڪٽ اسپيشلٽ (سنڌي)
    ڳوٺ مبارڪپور
    تعلقو ٺل ضلعو جيڪب آباد


    ٻـــه اکـــر

    جڏهن ماحول ئي اهڙو بڻجي ويو هجي، جو قوم جو هر نوجوان لکڻ، پڙهڻ، پرجهڻ کان ونئون ويندو هجي ۽ ان ئي سوسائٽيءَ مان ڪو نوجوان منفرد طبيعت رکندي ٻاٽ اونداهيءَ ۾ علم جي لاٽ ٻاري ۽ ادب جي جاٽ هڻي ته انتهائي خوشي ٿيندي آهي.
    اهڙي جاکوڙي جوانن مان اويس ڀُٽو جو نالو نه کڻڻ سندس زيادتي ٿيندي.
    اويس منهنجي انهن محنتي ۽ هوشيار شاگردن مان هڪ آهي جن شاگرديءَ واري دؤر ۾ نصابي سرگرمين سان گڏوگڏ ادبي فيلڊ ۾ به نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي، هو جڏهن مون وٽ نائون ڪلاس پڙهندو هو ته هن جا ڪلاس فيلو هن جي لکڻين تي ريس ڪندا هئا، ڇو ته ٻاراڻي ادب لاءِ سنڌ مان نڪرندڙ ماهوار رسالا جهڙوڪ: ساٿي، گلڙا، گل ڦل وغيره مختلف ٽاپڪس تي هن جا مضمون ۽ ڪهاڻيون شايع ڪندا رهندا هئا.
    ان کان علاوه اسڪول ۾ ٿيندڙ تقريري مقابلا ۽ ڪوئز ڪامپيٽيلشن وغيره ۾ به هميشه سوڀ ماڻيندو هو، اڄ اهو محنتي نوجوان پنهنجن تجربن ۽ مشاهدن جي بنياد تي هڪ ڪهاڻين جو ڪتاب لکي ڪهاڻيڪارن جي قطار ۾ شامل ٿي ويو آهي.
    انسان جي زندگيءَ ۾ کوڙ سارا لاها چاڙها، ڏک، سک ايندا رهندا آهن ۽ هو بيشمار واقعات ۽ تجربن مان گذرندو آهي، اهڙي انسانن مان ڪو حساس دل انسان ڏيهه اندر ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ ڏسي پنهنجن ۽ پراون دردن جو اکين ڏٺو شاهد بڻجي شاعريءَ جي روپ ۾ داد رسيءَ لاءِ دانهون ڪندو آهي ته ڪڏهن وري نثر جي مختلف صنفن ۾ حقيقت جو اظهار ڪندو آهي پر اويس ڀُٽو نثر جي ڪيترن ئي قسمن مان ڪهاڻيءَ کي پسند ڪندي پنهنجي ڪهاڻين ۾ ظلم، ستم ۽ براين کي بدنام ڪندي سڄو منظر ڏيکاريو آهي، جيڪو اسان جي سماج ۾ صدين کان وٺي ناسور بڻجي چڪو آهي، اميد ڪجي ٿي ته هي ڪتاب ظالم آڏو ڍال بڻجي مظلومن جي مدد ڪندو ۽ معاشري مان براين کي ختم ڪرڻ لاءِ مددگار ثابت ٿيندو آمين.

    گل حسن ”گل“ ملڪ
    سنڌ سگهڙ سنگت
    لوڪ ادب ويلفيئر تنظيم (سلات)


    اَڻ توريو اگهائجي!

    ڪهاڻي جو فن به ڏاڍو عجيب آهي، جنهن سان پڙهندڙ جي دماغ تي دسترس حاصل ڪري ان کي ليکڪ مرضيءَ جو جهان گهمائي ٿو. حالتن جي حقيقي فوٽوگرافي ۽ زندگيءَ جي تلخ تجربن مان قلم ٻوڙي ڪهاڻيڪار جڏهن ڪنهن انياءَ مٿان آڱر رکي ٿو ته سچ پڇو ته ان اشوءِ ۾ ساهه پئجي وڃي ٿو ۽ پڙهندڙ ان جي سَحر ۾ اهڙو ته گهري ٿو وڃي جو هُن کي ڪردار پنهنجي اردگرد ڪنهن حقيقت جيان هيڪاندا اچي بيهن ٿا. ڪهاڻيءَ جي حوالي سان دنيا اندر ڪل 36 ٿيمز آهن جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته ان تي لکين ڀيرا لکيو ويو آهي، اصل ڳالهه رائٽر جي پريز نيٽيشن جي، ته هو ڪهاڻيءَ جي ڪلائميڪس تي پهچائڻ کان اڳ ۾ ڪهڙو ٿو تاثر ڇڏي ۽ فن ۽ فڪر جي لحاظ کان هو ان کي ڪهڙن ڪهڙن اڻانگن پيچرن مان پار ڪرائي مقصد جي آئيني ۾ آڻي اهو منظر ٿو ڏيکاري جيڪو هُن اُن ٿيم سان مُنسلڪ ڪري پڙهندڙ تائين پهچائڻ چاهيو آهي.
    ڪهاڻي جي ڪيترن ئي دڳن ۽ پيچيده پيچرن مان هڪ رستو شاٽ اسٽوريءَ جو به آهي، شاٽ اسٽوريءَ جي حوالي سان اسان جي سنڌ اندر ڪيترائي معتبر نالا آهن جن پنهنجي فن سان خوب نڀايو ۽ نانءُ ڪمايو جمال ابڙي جو نالو ان حوالي سان ورتو وڃي ٿو ته هُن شارٽ اسٽوريءَ ۾ ڪمال جي ڪاريگري ڏيکاري پنهنجي ڏيهي پسمنظر کي وڏي فنڪاريءَ سان فوڪس ڪيو، هُن ڌرتيءَ تي موجود جيڪي درد ۽ پيڙائون آهن اُنهن تي زبردست نموني لکيو ۽ مڃتا ماڻي. ادبي دنيا ۾ اهڙا انيڪ رائيٽر موجود آهن جن ۾ نسيم کرل، بادل جمالي، روشن تنيو وغيره ۽ موجوده رائيٽرس ۾ خاص ڪري امر لغاري، صديق مڱيو، محمد علي پٺاڻ، اختر جانوري ۽ انور شيخ، جن پنهنجي ٻوليءَ، پنهنجي لهجي ۽ منفرد ڊڪشن جي بهترين انداز ۾ لکي پنهنجو فرض نڀايو. هونئن به قلمڪار جڏهن قلم کڻي ٿو ته پوءِ هُن تي اهو قرض ٿئي ٿو ته هو اُن ۾ ڪيترو ٿو اندر اوتي ۽ ڪهڙي انداز سان مخاطب ٿي ڪردارن کي پيش ٿو ڪري، ڪهاڻيءَ جي سونهن ٻوليءَ جي استعمال هيٺ محاورا، تشبيهون ۽ چوڻيون وڏو ڪردار ادا ڪن ٿيون، ان کان پوءِ آهي منظرنگاري، جيڪا پڙهندڙ کي تقريباً اُن جاءِ تي وٺي وڃي بيهاري ٿي جتي ڪردار موجود آهي ۽ هُن جي مٿان جيڪو ڪجهه وهي واپري پيو ان کي اسلوبيءَ سان پڪچرائيز ڪري ذهن تي اهڙو ته اميج ٺاهي جو هو اُن تصوير ۾ پاڻ کي اندر محسوس ڪري، اهو فنِ ڪمال ظاهر آهي ته ليکڪ کي گهڻن معروف لکندڙن کي پڙهڻ ۽ گهري مطالعي کان پوءِ ئي حاصل ٿئي ٿو، شارٽ اِسٽوري جي حوالي سان ادبي مارڪيٽ ۾ ايندر هي ڪتاب ”لتاڙيل ليڪا“ به يقيناً ليکڪ جي ڳوڙهي مطالعي ۽ سندس اڻٿڪ محنتن جو نتيجو آهي، جنهن لاءِ هُن کيرون لهڻيون، هن بهرحال بيٺل پاڻيءَ ۾ ڀينڊ ته اُڇلايو جنهن سان گهٽ ۾ گهٽ اُهو جمودُ ته ٽُٽو جنهن ۾ اڪثر اها ڳالهه عام هئي ته اسٽوري رائيٽرن جو انگ ڪن سببن جي ڪري مسلسل گهٽبو پيو وڃي. جنهن سان نه صرف پڙهندڙن جي ٻاڙ ۾ اضافو محسوس ٿي ڪيو ويو، گڏوگڏ ادبي سيفوڪيشن واري ماحول ۾ هي ڪتاب اُميد ته تازي آڪسيجن وارو ڪم ڪندو، ڪتاب ۾ موجود ڪهاڻين ۾ خاص ڪري ”اڄوڪي محبت“، ”سورن جون ساعتون“، ”سماجي دلدل“، ”حياءَ جا لتاڙيل ليڪا“، ”سمجهوتو“، ”پيار جو پيرڊ“، ”انائن جي ڪوڙڪي“ ۽ ”ڀَسم ٿيل ڀروسو“ نمايان آهن. ڪتاب ۾ موجود تقريباً سترهن ڪهاڻين جا مختلف موضوع ان ڳاله جي علامت آهن ته اويس سڀني سبجيڪٽن سان نڀاءُ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سماج ۾ موجود جيڪي به سُور آهن هن ڪوشش ڪري انهن سڀني سورن جو آپريشن ڪيو آهي. هو ڪيتري حد تائين انهن کي نڀائي سگهيو آهي، ان جو فيصلو ته پڙهندڙن تي ڇڏجي ٿو، ڇو جو هر پڙهندڙ جي اندر ۾ هڪ سُٺو نقاد به موجود هجي ٿو جيڪو کيس حالتن ۽ حقيقتن جي پروڙ بهتر نموني ڪري سگهي ٿو. سنڌ اندر اهڙين علمي سرگرمين جي سخت ضرورت آهي ڇو جو اهڙي قسم جو ڪم نه صرف صحتمند ماحول مهيا ڪري ٿو گڏوگڏ سندس عمر جي همعصر رائيٽرن کي به اُتساهي ٿو ته هو اهڙي قسم جو ڪم پنهنجي قلم کان وٺي ادبي کيتر ۾ پنهنجو نالو مڃرائي سگهن. اميد ٿي ڪجي ته نوجوان ليکڪ اويس ڀُٽو جنهن ڪوشش ڪري هي ڪهاڻين جو ڪتاب اسان کي ڏنو آهي سو اڃا به وڌيڪ گهري مطالعي ۽ مضبوط مشاهدي سان ايندڙ وقت ۾ اڃا به وڌيڪ سگهارا ڪتاب اسان کي ڏيندو، سندس ڪيل ڪم اکين جي نور نچوئڻ کان وٺي ڀوڳنائن تائين جيڪو هُن ڀوڳي لکيو آهي ان ڪم لاءِ ته اهي صراف ئي توريندا جيڪي اَڻ توريو اگهائڻ وٺي وڃڻ ۽ ان کان به وڌيڪ مضبوطيءَ سان لکرائڻ جو پهريون Step آهي، جنهن جي مدد سان هو منزلن جا گس ڳولهڻ لڳي ويندو، جيئن ته هر مفاصلو طئي ڪرڻ ۽ منزل مقصود تي پهچڻ لاءِ قدم ئي هُجي ٿو. اويس ڀُٽي اهو قدم کڻي آغاز ڪيو آهي، ۽ آغاز به اهڙي سُهڻي نموني آهي ته پوءِ منزل جو ملڻ کيس ناممڪن نه هئڻ کپي.... ائين کڻي به ايترو ضرور آهي ته هن جي قلم ڪهاڻيءَ جي ڪلائيمڪس کي ڇُهيو آهي، پر پوءِ به ايترو ضرور آهي ته هن جي ڪوشش ڪامياب آهي ۽ اهڙيون ڪاميابيون ايندڙ وقت ۾ ڪنهن نئين انداز سان ڪنهن نرالي ليکڪ جو تعارف ڪرائي سگهن ٿيون، ڪتابن جي ڀيڙ ۾ ڇپائي جي سمورن مرحلن مان پاس پَوڻ کان پوءِ ئي بهتر آئيڊيا جُڙي سگهندو ته ادبي مارڪيٽ ۾ هن جو پورهيو ڪيترو ساب پيو..... ۽ هن پنهنجي ڪامياب ڪوشش جا ڪيترا مرحلا طئي ڪيا. ننڍڙي آس اٿم ته قلم جو اهو پورهيو پڙهندڙن وٽ ضرور پاس پوندو....

    سجاد مهر
    ريلوي روڊ، شڪارپور


    (ليکڪ پاران) من جي ڊيسڪ تان.....

    ليکڪ، شاعر، فنڪار ۽ فيلسوف پنهنجي وقت جا سڄاڻ، حساس ۽ ذهين پارکو هوندا آهن. سندن حساس دليون ۽ ذهين دماغ زندگيءَ جي ناسُورن، ناڪامين ۽ ناانصافين کي سهي ڪونه سگهندا آهن ۽ مختلف اسلوبن ۾ ان جو اُپٽار ڪندا آهن. نه ته سڪون سان جِي به نه سگهندا آهن.
    ليکڪ سماج يا معاشري جو وري سڀني جي ڀيٽ ۾ هڪ اهو فرد هجي ٿو، جنهن جي ڪلهن تي سماج جو سارو بار هجي ٿو. هُو سماج ۾ ساهه کڻندڙ هَر ”سوچ“ کان واقف هجي ٿو، ڪٿي به جيڪڏهن ڪا سينواريل سوچ ڌاريندڙ ماڻهوءَ جي روَين ۾ انصاف جي جاءِ تي انياءُ ۽ ظلم زياده ڏسي ٿو ته هُو ان ظلم کي قلم جي نوڪ سان نروار ڪري ٿو. پنهنجي ليکڪ هئڻ جي ناتي، سماج جي سوُرن کي سڀني جي سامهون آڻي، تصوير جو ٽيون رُخ ڏيکاري ان سان نينهن نڀائي ٿو. هُو نه فقط مظلومن جي ان مسئلي ۽ مصيبت کي لِکي، اذيتن جو انبار ڄاڻائي ٿو بلڪ ڪنهن سان يا ڪنهن جي معصوم محبت سان ڪيل ڪُلفت ۽ دوکي واري درد جي دانهن کي به دل سان ٻڌي ٿو. ۽ لِکي ٿو، مطلب ته هُو معاشري جي هَر ماڻهوءَ جي مسئلي کي پنهنجو مسئلو سمجهي ان کي لِکي ٿو.
    اهڙي ئي ڪيفيت پنهنجي به رَهي آهي، جڏهن کان ”ادب“ ۾ اچي ادب سان رهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ادب ۾ ايندي يا ڪجهه لکندي پاڻ کي نه ته گهڻو وقت ٿيو آهي نه وري ”گهڻو ڪجهه“ لکيو آهي. ادبي دنيا ۾ پير پائڻ سان شاعريءَ کان شروعات ٿي پَر جڏهن وري نثر جو نينهن نروار ٿيو ته ڪهاڻيءَ جي قرب پنهنجي قرب ۾ قابو ڪيو. جڏهن ڪهاڻي پنهنجي ڀاڪُر ۾ ڀريو تڏهن ”ڪهاڻي“ تي قلم کڻڻ ڪڏهن ڪڏهن نه بلڪ روز جي ريت بڻجي ويو، تان جو جيڪا به جبر کان وٺي جدائي تائين، بي حسي کان وٺي بي وسي تائين ڪهاڻي ڪنن تي پئي يا اکين آڌو آئي ته ان کي لِکڻ ۾ ليٽ نه ڪئي. ۽ پوءِ ڪهاڻيءَ کي پڙهڻ، لکڻ، ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جو ڏاڍو پيار پئدا ٿي پيو.
    ڪهاڻي صِرف اهائي ”ڪهاڻي“ نه ٿي هجي جيڪا ڪتاب ۾ ئي پڙهي وڃي ٿي. ڪهاڻي اها به نه ٿي هجي جيڪا لکي يا پڙهي وڃي ٿي. پر”هر شخص ڪهاڻي آ“، موجب ئي ڪهاڻي ”ڪهاڻي“ آهي. هرماڻهوءَ وٽ پنهنجي دردن سان سرشار داستانجي صورت ۾ هڪ ڪهاڻي هجي ٿي، جيڪا هُو پنهنجي دل ۾ ئي دفن ڪري دنيا سان دنيا جهڙو هلي، دنيا کي اهو ڪڏهن به محسوس نه ٿو ڪرائي ته هُو پنهنجي سيني ۾ ڪيترا نه سُور سانڍيون ويٺو آهي. اهڙي داستان جي ڪهاڻي پاڻ جتي به ڏئي، پڙهي ۽ ٻڌي آهي ته ان تي انتهائي اچرج ۽ حيرتن جي حوالي ٿي ويا آهيون. پَر ڪروڙين اهڙيون ڪهاڻيون به آهن، جيڪي اسان سڀني جي اکين کان اوجهل آهن. اهڙي قسم جون ڪهاڻيون ان ڪهاڻيڪار کي ئي پلئه پيون آهن، جنهن جي اک ۽ قلم چؤطرف بيحد باريڪ بينيءَ سان ڪم ڪن ٿا. ۽ هُو اهڙين ڪهاڻين کي سڀني جي آڏو آڻي پنهنجي ذميواري واري احساس کي سمجهندي، ذميواري نڀائين ٿا.
    مون پڻ ان حوالي سان معاشري جي اهڙي قسم جي ڪهاڻيءَ تي قلم کڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جيڪا آءٌ ليکڪ هئڻ جي ناتي انهيءَ ذميواري کي”ذميواري“ سمجهي سُرجڻ جي سدائين ڪوشش پڻ ڪئي آهي. ته ڪٿي آءٌ جيئن انهيءَ ذميواريءَ کان لاپرواهي جي لپيٽ ۾ نه اچان.
    مون پنهنجي ڪهاڻيءَ ۾ معاشري يا سماج جي ڪُک مان جنم وٺندڙ هَر اُن درد جو درمان بڻجندي اُن کي وائکي ۽ پيش ڪرڻ لاءِ سُئيءَ جي پاکڙي مان اُٺ ٽپائڻ جيڏي جدوجهد ته ناهي ڪئي پر پنهنجي ذميواري کي محسوس ڪندي هَر ادب ڪهاڻيءَ کي لکڻ جي لاجواب ڪوشش ڪئي اٿم، جنهن ڪهاڻيءَ کان ٻڌندي درد ۽ ڏاڍو ڏک محسوس ڪجي ٿو.
    ڪهاڻيءَ جي ”ڪهاڻي“ واري ان ذڪر ۾ اهو به ذڪر ضروري آهي ته ڪهاڻي ڪهڙي هئڻ گهُرجي يا ڪهاڻي ڪيئن لکجي؟؟ ان حوالي سان حقيقت ۾ سنڌي ادب ۾ ايندڙ انهن نامَ ڪٺين ڪهاڻيڪارن جا نالا: امرجليل، جمال ابڙو، نسيم کرل ۽ علي بابا، جن جي حيثيت هماليه جيڏي انڪري ئي آهي ته سندن قلم ۾ قوت آهي، سندن ڪهاڻيءَ ۾ جيڪو ڪمال آهي، اهو ڪمال، لازوال آهي. هِنن صاحبن جي ڪهاڻي ۾ رڳو دلبر جي دوري ۽ ديدار جي درد يا وري محبوب جي ملڻ يا ملاقات لاءِ من ملول هئڻ جا موضوع ڪونه ملندا، بلڪ هنن سياسي، سماجي، معاشي، جنسي، بين الاقوامي، سائنسي ۽ ٻين ڪيترن ئي موضوعن کي پنهنجي افسانن ۾ آندو آهي. اهوئي سبب آهي جو سندن اهڙي ڪمال درجي جي ڪهاڻيءَ ڪري سنڌي ادب جي سينڌ اڄ به سنواريل آهي. ڪهاڻي جي اهڙن قلمڪارن جي ڪَڍَ لڳي ئي ”ڪهاڻي“ کي سمجهي سگهجي ٿو ته ڪهاڻي ڪهڙي هئڻ گهُرجي يا ڪيئن لکڻ گهُرجي. باقي آءٌ مذڪوره مانَ وارن کان هميشه اثر وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.....
    پنهنجن ڪهاڻين ۾ فني گهاڙيٽن واري گهُرج جو به کوڙ خيال رکيو اٿم پر تنهن هوندي به جيڪڏهن ڪنهن کوٽ جو خيال پئدا ٿئي ته ان جو سارو سبب ڪهاڻي کي ان ”ڪهاڻي“ جو قصو سمجهجهي جنهن ۾ سوُر سوين ۽ خوشيون گهٽ هجن ٿيون بلڪ هجن ئي نه ٿيون. جنهنڪري هڪ ليکڪ ان وارتا کي لکڻ لاءِ لاجواب ٿيندي ان کي جيئن جو تيئن لکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. پوءِ ان سلسلي ۾ هو ڪِٿي ڪِٿي ڪهاڻيءَ جي اُنهن اُصولن کي اپنائڻ کان رهجي وڃي ٿو.
    مون ڪافي ڪهاڻيون لکيون ۽ لکندو رهان ٿو، رسالن ۾ ڇپائڻ جو شوق هو، جيڪي ڪجهه ڇپايون به. پر ڪهاڻي ڪتاب ڇپائڻ جو شوق ورلي ٿيم.
    اهڙي صلاح، همت ۽ اُتساهه اَدل اياز ڀٽو ڏنو. جنهنڪري هن ڪتاب ڇپائڻ جو سَهرو سندس ڏانهن ئي وڃي ٿو.
    ”لتاڙيل ليڪا“ پنهنجي ڪهاڻين جي هِن پهرئين ڪتاب (مجموعي طور پنهنجي پنجين ڪتاب) آيل ڪهاڻين تي تبصري ۽ ٽيڪاٽپڻي ڪرڻ لاءِ آءٌ انهن سڀني سڄڻن جو سِڪ وچان ٿورائتو آهيان. جن ٿورو وقت مون ناچيز لئه پنهنجي قيمتي وقت مان ڪڍي ڪتاب ۽ ڪهاڻي تي پنهنجي قلم سان سِڪ سندا ويچار لِکي وڏا وَڙ ڪيا. سائين سنڌي انعام جا به لک ٿورا جنهن هن ڪتاب کي ڇاپيو آهي. آخر ۾ انگريزي ادب جي مشهور اديب جيمِي لِي ڪِرٽس جي قول موجب ته ”ڪنهن ڪتاب جو ڪوَرُ ڏسي فيصلو نه ڪريو، جيستائين توهان ان کي پڙهيو ناهي.“
    سو ائين ئي پنهنجي هيءُ ننڍڙي ڪوشش اوهان جي آڏو آهي، اوڻائين کي دل جي اک سان ڏسي، انهن جي نشاندهي ڪرائڻ واري هَر اُن قربدار جو آءٌ محبت سان منتظر آهيان جيڪي پيارا هِن ناچيز جي ننڍڙي ڪوشش کي پنهنجي سونَ ورنين صلاحن ۽ مُفيد مشورن کان مستفيد ڪندا.

    اويس ڀُٽو
    (مبارڪپور)
    تعلقو ٺُل، ضلعو جيڪب آباد
    2014-07-04
    3822678-0343


    ڪهاڻيون

    اڄوڪي محبت

    پڇيومانس ته ”آخر محبت آهي ڇا ۽ ڇو ٿئي ٿي؟“
    چيائين ”محبت لفظ جي معنيٰ ۽ مفهوم کي اڄ تائين ڪنهن اڪابر به اهڙو بيان نه ڪيو آهي، جو ان اڳيان فل اسٽاپ آڻي ڇڏجي ۽ ٿئي ان ڪاڻ ٿي ته ڪائنات جي جڙڻ مهل محبت به جڙي هئي. اڄ جڏهٿن ڪائنات جو وجود توکي نظر اچي ٿو، تڏهن توکي محبت به نظر اچي ٿي، ڇو ته محبت ۽ ڪائنات هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن. محبت ڪائنات سان ئي سلهاڙيل آهي. ڪائنات جي هر شيءِ مان محبت جو جلووو ۽ جهلڪ جهجهي ملندي. ڇو ته ڪائنات جي ڪل ئي شين ۾ محبت آهي. ڪائنات ته پاڻ ئي حسين آهي. ان جي ته هر شيءِ به حسين آهي ۽ حسين شيءِ جي حسن ۾ اهڙو ته ڪمال و جمال هوندو آهي جو ان کي پسڻ سان دل ان طرف مائل ٿي ويندي آهي ۽ محبت جنم وٺندي آهي پر ڪي ڪي اهڙيون حسين شيون هونديون آهن جيڪي دل کي لڀائيندڙ ۽ متوجهه ڪندڙ به هونديون آهن، جنهن ڪري پوءِ ڪائنات جي ڪنهن خوبصورت تخليق سان بي بها ۽ بي انت محبت ٿي وڃي ٿي“.
    پڇيومانس ”ڀلا ماڻهو محبت ڇو ڪندا آهن؟“
    ٽهڪ ڏيندي چيائين ”اهو به ڪو سوال آهي، جو جنهن جو جواب ڏجي“.
    چيومانس ”هر سوال پنهنجي جاءِ تي هڪ سوال هوندو آهي، جيڪو جواب جي طلب رکندو آهي“.
    چيائين ”بلڪل! تو سهي چيو جيئن جو هڪ سوال، جواب جي طلب رکندو آهي، ٺيڪ اهڙي طرح جڏهن ڪائنات ۾ موجود ٻه دليون پاڻ ۾ هڪٻئي لاءِ ڌڙڪنديون آهن، هڪ ٻئي کان سواءِ رهي نه سگهنديون آهن. اهي هڪٻئي جي طلب رکنديون آهن تڏهن اهي محبت ڪرڻ لڳنديون آهن“.
    پڇيومانس ته ”ماڻهو محبت کي سڪون ۽ راحت سمجهندا آهن پر مان جڏهن ته ان کي وقت جو زيان، پريشانين، سورن، تڪليفن ۽ اذيتن جو نالو ڏيئي ان کي فضول ۽ بيڪار سمجهندو آهيان. ڇا خيال آهي؟“
    چيائين ”محبت کي جيڪي دردن ۽ سورن جو نالو ڏيئي ان کي فضول سمجهندا آهن، اصل ۾ انهن کي محبت جي خبر ناهي هوندي يا ته کين محبت ڪرڻ ناهي ايندي. محبت جو لفظ راحت ۽ سڪون جي لفظن سان رقص ڪندڙ هجي ٿو. ڪير ٿو چوي ته محبت ۾ پريشانيون ۽ سور هوندا آهن…! پر محبت جي موجودگي ۾ اهڙي قسم جو خيال نه رهندو آهي“.
    چيومانس ”اهو وري ڪيئن؟ حالانڪه محبت ڪرڻ کان اڳ ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ هڪ نظم و ضبط هجي ٿو پر ان کان پوءِ ان ۾ بي ترتيبي اچي وڃي ٿي.
    چيائين ”جيڪا ترتيب محبت کان پوءِ اچي ٿي، اها ان کان اڳ ڪٿي هجي ٿي ڇو ته محبت جڏهن به جنم وٺندي آهي تڏهن هر شيءِ جو احساس ٿيڻ لڳندو آهي، هر شيءِ جي اهميت ۽ افاديت جي خبر پئجي ويندي آهي“.
    چيومانس ”بلڪل صحيح! جڏهن محبت کان پوءِ هڪ احساس پيدا ٿيندو آهي تڏهن اهو احساس پائيدار ڇو نه هجي ٿو، اهو احساس ٿوري وقت لاءِ ڇو هجي ٿو، اهو مستقل ڇو نه ٿو هجي“.
    پڇيائين ته ”ڪيئن…؟؟؟“
    چيومانس ”انهيءَ محبت کان پوءِ پيدا ٿيل اهو احساس جيڪو پهريان هڪ ٻئي کي هڪ ٻئي جي جذبن ۽ احساسن کي سمجهڻ لاءِ واجهائيندو آهي، جيڪو انفراديت کان هٽي اجتماعيت طرف راغب ڪرڻ جو احساس ڏياريندو آهي، جيڪو هڪ ٻئي جي خيالن ۽ سوچن کي سمجهڻ ۽ هڪ ٻئي سان هر وقت ۾ ساٿ کي کي سلامت رکڻ جو پيغام ڏيندڙ هجي ٿو ها اهو ٿورن ڏينهن کان پوءِ ختم ٿي ويندو آهي پوءِ ماڻهو ان سان ئي دوکو ۽ دولاب ڪندو آهي، جنهن سان هو اڳلي جي هٿ تي هٿ رکي محبت ۽ پيار کي نڀائڻ جا وچن ڪري ٿو. بي وفائيءَ جو چُٽو اهو محبت وارو ئي احساس ڏياري ٿو نه، جنهن جي تون ڳالهه ڪرين پئي. بهرحال، سچائيءَ جهڙو اجرو احساس اڄ ڪٿي به ڪونهي. ڪير به ڪونه ٿو ڪري“.
    چيائين ”خودداري ۽ خود غرضي وارو عنصر به سڀ ڪنهن ۾ ناهي هوندو. جيئن ته پنج آڱريون برابر ناهن هونديون“.
    چيومانس ”اهي ڳالهيون هاڻي فقط ڪتابن جون ڳالهيون آهن. اهڙو عنصر سڀ ڪنهن ۾ سمائجي ويو آهي، ڇو ته اڄ ڪلهه سچائيءَ ۽ وفاداريءَ جو وڏو فقدار ٿي ويو آهي“.
    چيائين ”نه نه اها ڳالهه غلط آهي، اڄ به محبت جا ڪيئي لازوال داستان ان ڳالهين جا دليل آهن. ان جو مثال سسئي- پنهون، عمر- مارئي، نوري- ڄام تماچي، ليلا- مجنون ۽ ٻين جو ڪافي آهي ته انهن جي محبت ۾ ڪيڏو نه خلوص، پاڪيزگي، سچائي ۽ سڪ هئي ۽ ڪيترو نه وفاداري وارو جذبو سمايل هو. ائين اڄ هر ڪنهن جي دل ۾ به سڪ ۽ ڇڪ آهي“.
    چيومانس ”انهن جي لازوال ۽ انمول محبت جو مثال اڄوڪي محبت سان ڏيڻ ڪا دانشمندي ناهي، بلڪل غلط آهي“.
    اسان ٻنهي جي وچ ۾ گفتگو جاري ئي هئي جو سندس ڪلاس فيلو فضيلا چيس ”حاجره! فاريا عادل کي ڇڏي هاڻي حميد سان محبت ڪرڻ لڳي آهي“
    هن اهو ٻڌي مون ڏانهن نهاريو، ڄڻ منهنجي هڙئي صحيح خيالن جا درست جواب کيس ملي ويا هجن…!


    سورن جون ساعتون

    ”سمجهه ۾ ئي نه ٿو اچي ته آخر ذيشان کي ڇا ٿي ويو آهي، هو ڇو اهڙو ٿي ويو آهي! ۽ ڇو ٿي ويو آهي؟“. اڄ به هو گهر ناهي آيو. اها سندس فضيلت نه چئبي، جو هر پنهنجي ٻارن کي ڇڏي سڪون ۽ سرور جي ڳولها ”عابد“ ۾ ٿو ڪري. ڇا پنهنجي زال ۽ ٻارن کان وڌيڪ ماڻهوءَ کي ڪنهن ٻي هنڌ به سڪون ايندو آهي ڇا؟“ ڪريمان پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندي ۽ پنهنجو پاڻ کان سوال ڪندي رهي…
    هوءَ سوچن، خيالن، وسوسن، اڌمن ۽ الڪن جي ڄار ۾ بلڪل جڪڙيل ئي هئي جو سندس ڀر ۾ ستل ننڍڙو عادل ننڊ مان جاڳيو ۽ روئڻ لڳو. ڪريمان ان ڄار مان ڪجھه پاڻ ڇڏائي کيس پنهنجي ٿڃ پياري مٿان کيس چادر اوڍي کيس سمهائڻ جو جتن ڪيو. هن وري پنهنجي انهيءَ سوچن واري ڄار ۾ پاڻ کي جڪڙي ڇڏيو ئي مس ته عادل جي روئڻ جو آواز وري کيس هڪ لحظي ۾ سندس سوچن جي تسلسل کي ڪڙي ملائڻ ڪونه ڏني. هاڻي عادل ڏاڍو روئي رهيو هو. هن هاڻي ذيشان جي ڳالهين کي ذهن مان ڪجھه ساعتن لاءِ پنهنجي سماعتن کان ان ڪري به ڪڍڻ پئي چاهيو جو عادل کي ننڊ پنهنجي آغوش ۾ ڪونه ڀري رهي هئي. جنهن ڪري هوءَ کيس ريجهائي ۽ سرچائي رهي هئي. ڪريمان جي آزاريل وجود مان تڪليفون ليئا پائي رهيون هيون. هوءَ بي وس هئي ۽ بي واجبي سندس مٿان روان دوان هئي. هوءَ مجبور، مايوس ۽ ملول هئي، سندس مڙس ذيشان پاران ڏنل اذيتن، اهنجن، انتظارين ۽ بيقرارين جو سندس دل ۽ ذهن ۾ ذخيرو زياده ٿي ويو هو.
    اهو روز جو معمول هو، جعو ذيشان سارو ڏينهن گهر کان غائب هوندو هو. ڪريمان ڏينهن جي پرنور نزاڪت واري محبت کان ته محروم هئي پر رات جي تاريڪيءَ ۾ به سندس دل مان تفريحون تُرڪ ٿيل هُيون، ۽ ان جاءِ تي تڪليفون تمام هيون. ذيشان رات جو هونئن ته گهر کان بلڪل غائب هوندو هو. پر جي گهر ايندو هو ته رات جا اڍائي يا ٽي وڄائي ڇڏيندو هو. ڪريمان ننڊاکڙن نيڻن سان در ۾ ديدون اٽڪائي سندس اوسيئڙو ڪندي هئي ايئن راهن ۾ نيڻ وڇائي، سوچي سوچي ڪڏهن ته ساري رات ننڊ، ”ننڊ“ نه ڪرڻ جو ساڻس سودو ڪري ڇڏيندي هئي تان جو اسر جي آذان ۽ ڪڪڙن جون ٻانگون نئين ڏينهن شروع ٿيڻ جو ڏس ڏينديون هيون. پر ڪريمان کي ذيشان جو ڪوبه ڏس نه ملندو هو. هن عادل کي آرامي ڪرڻ پئي چاهيو، ان ڪري به ته سندس کاٻي پاسي کان ڀر ۾ ستل ڌيءَ عائشه جو آرام نه ڦٽي.
    ڪريمان جي هر روز رات جو ننڊ نه ڪرڻ ۽ ويهي جاڳڻ ڪري سندس جوانيءَ واري جلدي ۽ جمال کي جهٽڪو جهجهو رسيل هو. هن ذيشان کان ڪيترائي ڀيرا سندس بي حسي، بي خيالي، بي واجبي ۽ بي قائدگيءَ جي باري ۾ پڇيو هو ته ڇو ائين ڪري پيو، کيس گهر ٻارن کان وڌيڪ وقت ٻين لاءِ ڇو آهي؟ پر ذيشان سندس ڳالهين کي ڪابه اهميت نه ڏيئي ٻڌو، اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيندو هو.
    ڪجھه ڏينهن کان ڪريمان کي خبر پئي هئي ته ذيشان مختيار جي پٽ عابد سان گهڻي اٿ ويهه ڪري ٿو، جيڪو سندس عمر کان پندرنهن سال ننڍو آهي. ڪريمان کي سندس انهيءَ ڳالهه جي سُڌ پوڻ کان پوءِ کيس انتهائي افسوس ٿيو هو، پاڙي ۽ ڳوٺ جي عورتن جي طعنن ۽ ميارن کان بچڻ لاءِ هن ذيشان کي گهڻو سمجهايو ته هو عابد سان اٿڻ ويهڻ ڇڏي ڏي، پر ذيشان پنهنجي ڀائرن ۽ پيءُ ماءُ جي چوڻ تي عمل نه ڪري ڪريمان کي اهو چوندو هو ته هو پنهنجي وڏن جو ئي چوڻ نه ٿو وٺي ته سندس حڪم ۽ ڳالهه کي ڪيئن مڃيندو! پاڙي جي ۽ پنهنجين عورتن ڪريمان کي ڪيترائي طعنا هنيا ۽ ٽوڪون ڪيون انهن کيس چيو ته اهو ئي تنهنجو مڙس ذيشان آهي نه، جنهن لاءِ تون پنهنجي پيءُ ماءُ سان کيس حاصل ڪرڻ لاءِ حشر ڪيا هئا ته مان ذيشان سان لائون لهنديس! تون انهيءَ ذيشان جي چونڊ ڪئي هئي نه، جنهن اڄ توکي اذيتن جي اوڙاهه ۾ اڇلائي پاڻ لوفرن ڇوڪرن سان گڏ گهمندو ٿو وتي. ڪريمان مٿان هاڻي سڀني چٿرون چاهه وچان پئي ڪيون، سندس مڙس جي گهر ۾ عدم دلچسپيءَ ۽ ساڻس ناپوَت ڪري اهڙو ويڌن سندس لاءِ ناسور بڻجي ويو. ڪريمان کي ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ نه اچڻ لڳي….
    هوءَ انتهائي بيزار ٿي چڪي هئي پنهنجي گهر کان، پنهنجي مڙس کان، ٻارن کان، طعنا ڏيندڙ ماڻهن کان مطلب ته چار ئي طرف سندس لاءِ چڱائيءَ ۽ سک جي لمحن مان مزو ماڻڻ لاءِ سٺا ثابت نه ٿي رهيا هئا پر کيس هر طرف تڪليفن سان سرشار محسوس ٿي رهيو هو….
    ذيشان پنهنجي ٻارن کي ڇڏي عابد جي الفت ۾ محو ٿي ويو هو. ڪريمان جي کيس حق چوي، کيس توجهه جي طلب لاءِ چوي ته هو کيس ماري ڪٽي ساڻس لاتعلقي ۽ نفرت ڪندو هو.
    ”اسان جي معاشري ۾ آخر اهڙي قسم جا عمل، انسان ڇو ڪري ٿو. ڇو جو هو پنهنجي گهر ٻارن کان بيزار ۽ باغي ٿئي ٿو؟“
    ڪريمان اڄوڪيءَ انسانيت ۽ ان جي بڇڙائيءَ تي ويچار ڪري ئي رهي هئي جو، سودي وٺڻ لاءِ ويل سندس ڌيءَ عائشه روئندي ۽ رڙيون ڪندي گهر ۾ آئي. هن عائشه جو روئڻ معمول وارو نه ڀانيو سندس روئڻ ۾ دانهون ۽ سڏڪا سمايل هئا.
    ٻئي پل ڪريمان گهر جي در مان ذيشان کي رت سان رنڱيل، چئن ماڻهن جي هٿن ۾ کنيل ڏٺو. سندس وجود لرزجي ويو. سندس نڙيءَ ۾ اٽڪيل لفظ سندس وات مان ڪجھه پڇڻ لاءِ اڃا نڪتا ئي ڪونه، جو ان کان اڳ انهن ماڻهن کيس چيو ته ”عابد جي پيءُ مختيار کيس عابد سان روز روز گهمندو ڏسي گولي هڻي ڇڏي…“
    ***


    سماجي دلدل

    ”توهان جي ڏنل آرڊر تي عمل ڪندي استاد بشوءَ کي دودهه پتي چانهه ٺاهڻ لاءِ دٻايو، ان دٻائڻ ڪري مون کي دير ٿي وئي، هن جون مس ڪالن مٿان مس ڪاليون هيون…“
    بخشڻ چانهه جي چينڪ سان گڏ ٻه ڪوپ بينچ تي رکيندي چيو.
    ”پر توکي هن سان هن وقت ڳالهائڻ ڀلا ڪهڙو ضروري آهي بخشو! ڳالهائڻ لاءِ ساري رات ڀلا کٽي آهي ڇا؟ منهنجي دوست سعيد کيس چيس.
    ”نه ابا! هيءَ مون واري بلا رن ڪٿي سڪينا سان ڳالهائڻ ڏيندي، ايئن هجي ها ته پوءِ ٽيڪيل نه هجان ها….“ بخسڻ چيو.
    ”نڀاڳا ڀلا هيءَ چانهه ته ساڳئي آهي، سٺي ڪونه ٺهيل آهي“ مون موضوع کي مٽائي چانهه جو ڍڪ ڀريندي چيو.
    ”چڱو يار جيڪي اٿئي، اها اٿئي، مان هلان ٿو، هن سڪينا جي هاڻي به مس ڪال آئي آهي“ بخش کاٻي ڪلهي تي پيل انگوشي کي ڇنڊگي موبائيل ۾ نظرون کپائي هليو ويو.
    بخشڻ ڳوٺ جي مشهور هوٽل استاد بشُوءَ وٽ بيٺل آهي. هن کي ڏهاڙي هڪ سؤ ويهه روپيا ملندا آهن. پنجن ٻارن جو پيءُ هي بخشو هن هوٽل تي محنت ڪري پيٽ جو گذران ڪندو آهي. اسان هر روز چانهه پيئڻ سندس وٽ ويندا آهيون. مان ته سندس ايترو ويجهو هوندو آهيان جو هو مون کان ڪابه ڳالهه نه رکندو آهي ڏکي سکي ۾ به آئون هر وقت سندس مدد ڪندو آهيان، پر مون کي ان ڳالهه تي ڏاڍي حيرت ۽ تعجب آيو ته هن کي الائي ڪهڙي سڪينا پنهنجي سڪ ۾ سوگهو ڪيو آهي. جنهن سان هو موبائيل تي ڳالهائي ٿو. مون کي سندس ساري خبر آهي، هن الائي ڪيئن روپيو روپيو گڏ ڪري استعمال ٿيل موبائيل اڌ رقم ۾ ويجهڙ ۾ ئي ورتي هئي. پر هيءُ غريب به موبائيل جو اوترو ئي استعمال ڪري پيو، جيترو اڄ جو هر خوش ماڻهو ڪري پيو.
    ٻئي ڏينهن تي آئون ساڻس مليس ۽ کانئس ان ڳالهه جي باري ۾ پڇيو. بخشڻ ٻڌايو ته يار مان سڪينا جي سڪ ۾ ڏاڍو پاڳل ٿي ويو آهيان. اصل ڳالهه نه پڇ.
    ”پر تون اهو نمبر ڪٿان هٿ ڪيو. کانئس پڇيو. هن چيو ته يار اهو آدم ايزي لوڊ وارو ناهي، ان چيو ته بخشو! موبائيل تو قسمتي ورتي آهي سو هاڻي ان کي قيمتي به بڻاءِ مون هن جي ڳالهه کي نه سمجهندي هن کان پڇيو ته اهو ڀلا ڪيئن؟ هن چيو ته پنج سؤ روپيا ڏي ته هڪ پوپريءَ جو نمبر ڏيانءِ پوءِ بس رڳو ان سان ڳالهائي پيو روح رهاڻ ڪر….
    مون سندس ڳالهه کي ڪٽيندي چيو ته بخشو تون به وڏو ڪو نادان آهين، توکي خبر آهي ته آدم جهڙو ڳوٺ ۾ ڪو ٻيو بدماعش، ٺڳ، لٽيرو ۽ ڦورو نه آهي. ايزي لوڊ جي بهاني اهو ڪڌا ڪم ڪندو آهي. پر تون هن جي چنبي هيٺ ڇو آئين ۽ ڇالاءِ کانئس نمبر ورتو.
    ”يار مڙوئي سڪينا سان ڳالهيون ڪندي دل وندرائيندو آهيان، باقي آدم جي مون کي خبر آهي …. بخشڻ چيو.
    ”ڇا توکي ان جي خبر آهي….“ مون پڇيو.
    ”ها ته هو وڏي بدمعاش ۽ ….“ مون سندس ڳالهه کي ڪٽيندي چيو ”توکي هن شخص جي ڪا خبر نه آهي بخشو هي وڏو ٺڳيندڙ ماڻهو آهي تو جهڙن کي ته هو گهمائي لاهيندو آهي اهڙا گراهڪ ته هن حرامي جو هڪڙو گرهه آهن“ پر يار تون منهنجي ڳالهه ته ٻڌ نه“ هن چيو.
    ”نه مون کي پهريان اهو ٻڌاءِ ته جنهن سان تون ڳالهائين پيو اهو مرد آهي يا عورت؟….“
    ”اڙي يار مرد وري ڇا جو…. سڪينه آهي سڪينه معنيٰ عورت!“ هن چيو.
    اڙي انڌا! اهو سڀ ڪجھه ڪوڙ ۽ غلط اٿئي اهو آدم ماڻهن کي جيڪي به نمبر ڏيندو آهي اصل ۾ اهي ڇوڪرين جي آواز ۾ ڇوڪرا هوندا آهن جيڪي عورتاڻو آواز ڪڍي ڳالهائيندا آهن. ۽ ماڻهن کان پيا بيلنس ڦرندا آهن، ان مان اڪثر ته آدم جا يار آهن، جن کي آدم ائين ٽيڪائي ڇڏي ٿو. باقي ڪجھه اهڙا ڇڏيل اٿس جن سان ملي ڀڳت اٿس. مطلب ته ونڊ ورهاست ڪري ماڻهن کي بي وقوف بڻائي ٺڳي ۽ بدمعاشي جو وهنوار هلائيندا آهن. ان ڪري توکي ان ٺڳيءَ جي ڄار کان بچڻ گهرجي بخشو! ڇو ته تون غريب آهين ۽ ٻچڙي وال آهين، اهي چار پئسا به پنهنجي ٻارن مٿان خرچ ڪر ته ڀلو، جنهن سان تون به خوش، ٻار ٻچا به خوش. وڏي ڳالهه اها ته ڌڻي به خوش!! ڇو ته فضول خرچيون فرد جي فصل کي کٽائينديون آهن. تنهنجي اها ڏهاڙي واري روزي تنهنجي ٻچن جي رزق جو وسيلو آهي ان رزق ۾ رهزنن جي چنبي ۾ اچي رنڊڪ نه وجهه نه ته تباهه ۽ برباد ٿي ويندين“. مون کيس سمجهائيندي چيو.
    ”اهو ته صحيح آهي يار، پر هاڻ مان ڇا ڪريان هن سان منهنجي ايتري ته دل لڳي وئي آهي جو جيڪا گهڙي ملي ٿي، اصل بٽڻ کي دٻائڻ جي دير تي، پنهنجي دلبر سان دلبريون ۽ قرب جون ڪچهريون ڪيان ٿو. سڪينا سان سر لڳي يار! مان روزاني ڏهاڙي هن جي قرب مٿان قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان“. بخش چيو.
    مون کيس چيو ته روزانو توکي هڪ سؤ ويهه روپيا ملن ٿا، انهن مان سڀ جا سڀ جيڪڏهن تون ايئن فضول خرچ ڪندين ته تنهنجي ڏهاڙيءَ تي ٻرندڙ چلهه وسامي ويندي. نڀاڳا! خدارا پنهنجن انهن ننڍڙن معصوم ٻارن تي رحم ڪر، جن جي جيئدنان جو صرف هڪ تون ئي ذريعو آهين. جيڪڏهن تون انهن جي سار نه لهندين، ته ڪير لهندو؟ توکي گهرجي ته ان ڳالهه کان بعض اچ“.
    پر بخشڻ منهنجي هڙئي ڳالهين کان نابري واري ويٺو. سڪينا جي سڪ ۽ سار کان هو مڙڻ جو نالو نه وٺي رهيو هو. هن هر حال ۾ پنهنجي ان الفت کان اڪيلي نه ٿيڻ جو ڄڻ ڪو پڪو پهه ڪري ڇڏيو هو. آئون ڪافي ڀيرا بخشڻ سان ملي کيس ان ڳالهه کان پاسو ڪرڻ ۽ بچڻ جون بي انت ڳالهيون ڪيون پر هو هميشه جيان پنهنجي ان ڪرت کي ڪمال تائين پهچائڻ جا پر عزم خيال، ارادا ۽ واعدا ڪندو هو.
    هفتي ڏيڍ کان پوءِ مون وارو دوست سعيد مون سان مليو سندس گهر بخشڻ جن جي گهٽيءَ ۾ ئي آهي هن ٻڌايو ته بخشڻ جي گهر واري ۽ ٻار گهر ڏانهن بي ڌياني سبب ڪڏهن ويلو کائن ٿا ته ڪڏهن وري هڪ ويلي لاءِ پاڙي وارن ڏانهن واجهائين ٿا. اڄ به سندس گهر واري مون واري زال کان سندس ٻارن جي خرچيءَ لاءِ اڌارا پئسا وٺي پنهنجي ٻارن جي اکين مان وهندڙ لڙڪن کي اگهي کين سرچايو آهي ۽ ٽائيم پاس ڪيو آهي. سندس گهر واري جي بقول ته هو هاڻ گهر ۾ پنهنجي ڪمائي مان اڌ به ڪونه پيو ڏئي. ڪمائيءَ جا سڄا پئسا هڪ نئين مائيءَ ڏانهن موبائيل ۾ ايزي لوڊ ڪرائي ۽ ساڻس راتين جون راتيون ڳالهائيندو وتي ٿو. يار مون واري زال ٻڌائي پئي ته بخشو جي گهر واري روز ٻٽا ڳوڙها وهائي ٿي ۽ سندس ستم آڏو ٻڙڪ به ٻاهر نه ٿي ڪڍي سگهي. پاڻ کان وڌيڪ کيس سندس ٻارن جون فڪر آهي ته هو هاڻي روزانو رات جو بکئي پيٽ سمهن ٿا“. سعيد جون اهڙيون ڳالهيون ٻڌي منهنجي اکين مان به بي اختيار لڙڪ لڙي پيا ۽ سعيد کي چيو ”يار پيار ته اهو جذبو آهي، جنهن جي پاڪيزگيءَ تي سموري دنيا قربان ڪري سگهجي ٿي. پر ڇا بخشڻ جو اهو پيار آهي؟ ڇا سندس پيار ۾ اها پاڪيزگي آهي جنهن مٿان هو جهان ته ٺهيو پر پهريان گهر ٻار قربان ڪري پيو. نه نه! اها سندس ناداني ۽ ڀُل آهي پر يار ان آدم جي ڪا ڄنگهه ڀڄي، جو اهو ماڻهن کي مڪاري ۽ فريب ۾ ڦاسائي کين گمراهه ڪري ٿو.
    ڪجھه وقت گذرڻ کان پوءِ بخش مليو ۽ چيائين ته ”يار صادق! تو جيڪو چيو هو سو صحيح چيو هو اها سڪينا نه پر سڌير هو. اها سڌ استاد بشُوءَ جي ڀائٽي ڏني هن ٻڌايو ته جيڪا توسان سڪينا ٿي ڳالهائيندي آهي، خبر اٿئي اها ڪير آهي؟ اها ڪا عورت نه پر مرد آهي، جنهن جو نالو سڌير آهي. يار! هو مون کان ان عورتاڻي آڙ ۾ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ايزي لوڊ ڦرندو رهيو تان جو ڪنگالي اچي ڪاهي پئي، کيس روزانو ايزي لوڊ ڪرائڻ لاءِ استاد بشوءَ کان ايڊوانس ۾ پئسا وٺي ان جو قرضي ٿيس، هاڻي ته هن هوٽل مان به مون کي نيڪالي ڏئي ڇڏي آهي. هوڏانهن آدم کان اوڌر تي سڪينا لاءِ ايزي لوڊ وٺي وٺي، سندس ڏهن هزارن جو قرضي ٿي ويو آهيان. هاڻي هو چوي پيو ته ان ڏهن هزارن عيوض پنهنجي ڌيءَ نوران ڏئي ڇڏ، نه ته مون کان وڌيڪ ٻيو ڪو بڇڙو نه ٿيندئي. مون کيس اهو به چيو ته تون مون کي جيڪو ڇوڪري جو نمبر ڏنو هو اهو ته مرد هو. اهڙي ساري بدمعاشيءَ کي هُو ڪنهن به قيمت ۾ مڃڻ لاءِ تيار ناهي. چوي پيو ته پٽ هاڻي وڃي پاڻ ڄاڻ! يار صادق! مان ڇا ڪيان ڪاڏي وڃان! هي ٺڳ منهنجي اها نياڻي گهري ٿو جيڪا اڃا مس تيرهن سالن جي آهي. آئون کيس ڪيئن ڏيان؟! بخشڻ زارو قطار روئي رهيو هو….
    ”پر جڏهن مون توکي پهريائين ئي منع ڪئي هئي ته تڏهن تون ڇو نه مڙيو هئين. توکي ته پنهنجي ان پيار تي وڏو اعتماد هو بخشو! توکي خبر نه آهي ته حد کان وڌيڪ خود اعتمادي، بربادي جو سبب بڻجندي آهي“ مون کيس چيو.
    ٽن ڏينهن کان پوءِ سعيد مليو ٻڌايائين ته ”آدم، بخشو جي ڌيءَ کي سندس اوڌر عيوض بخسوءَ جي گهران ڏاڍ جي بنياد کڻائي ويو…“
    ***


    لتاڙيل لِيڪا

    بخار جو ٽيمپريچر مون مٿان پنهنجا چنبا کوڙيندو پئي ويو. بابي کي ٻڌايو ۽ هن پاڻ به محسوس ڪيو هو ته منهنجي طبيعت ۾ تڪليف جا تِرورا آهن. پر بابي جي حڪم جي انحرافي نه ڪري، سندس ضروري ڪم لاءِ شهر ڏانهن وڃڻ لاءِ کيس ها ڪئي. ڳوٺ جي مين اسٽينڊ تي آئون گاڏيءَ جي انتظار لاءِ اچي بيٺس. اڌ ڪلاڪ- ڪلاڪ کان پوءِ به گاڏيءَ جو نانءُ نشان ظاهر نه ٿيو. گرميءَ ۾ گرم هوا جون لُڪون ۽ جهولا گهُلي رهيا هئا. گرم جهولو منهنجي جان کي لڳي، بخار کي واڌ ويجهه جو سمورو سامان ڏيندو پئي رهيو. جان، بي جان ڀانئيم ته پري کان وين جو تجلو نظر آيم. وين آئي ته هيٺان مٿان ماڻهن جي بار سان سٿيل هئي، ڪنڊيڪٽر کان جاءِ جي هجڻ يا نه هجڻ جو پڇيم ته هن ٻڌايو ته ٻن ميلن کان پوءِ هڪ لهندو، جي جلدي آهي بيهو پويان… مجبوري آڏو هٿيار ڦٽا ڪري وين جي پويان لڙڪيس. ٻن ميلن جي مفاصلي جي رسائي کان پوءِ هڪڙو همراهه لٿو، ڪنڊيڪٽر مون کي ان جاءِ تي ويهڻ جو چيو اها بيڪ سيٽ هئي. فرنٽ سيٽ تي هڪ عورت ۽ هڪ ننڍڙي ڇوڪري (جا وچ ۾ ويٺل) نظر آيون. ايڪسيليٽر تي ڊرائيور جي زور ڏيڻ تي وين جڏهن پنهنجي منزل طرف رواني ٿي. تڏهن مون کي پنهنجو هوش ڪجھه ڪجھه جاءِ تي محسوس ٿيڻ لڳو. مسافري دوران ڊرائيور جو ڪنڊيڪٽر سان ڳالهائڻ مون کي ڪجھه محبت ۽ پيار ڀريو لڳو. حالانڪه هونئن ان جي ابتڙ ٿيندو آهي، جو ڊرائيور، ڪنڊيڪٽرن کي سدائين گارين جا گوگڙو کارائيندا آهن. ٻئي لمحي مان ڊرائيور جو گاڏي هلائڻ دوران موبائيل تي اڳئين سان ڳالهائيندي منظر پسيم“. ڪٿي هئينءَ رات… مان توڏي چاليهه چڪر ڪال ڪئي، پر موٽ ۾ بند نمبر ٻڌائجي رهيو هو. مون وسچيو ته الائي ڪٿي آ، الائي ڪاڏي هلي وئي آ، جو نمبر بند ڪري ڇڏيو اٿائين. ڀلا تون ڪاٿي هئينءَ راڻي…! رات جو مان وري تقريبن توڏي ٻارهين بجي ڪال ڪئي، پر ساڳي موٽ ملي. هان…، هاڻي معنيٰ تون به نخرا ڪرڻ سکي آهين، اهي ڪڏهن کان؟! ٻڌ! هاڻي ان پنهنجي نازن نخرن کي ڇڏي ڏي، توکي خبر آهي ته روز رات جو جيستائين مان توسان ناهيان ڳالهائيندو، تيستائين مون کي آرام ناهي ايندو. يقين ڪر ته رات مون کي ننڊ صفا ڪونه آئي، مون سوچيو ته توکان صبح ٿيڻ تي پڇجي ته اها ڪائين نمبر جي بدمعاشي آهي. ڏس نيلي! مون سان اهي پنهنجو چالاڪيون ڪرڻ ڇڏي ڏي، مان تو تان قربان وڃان پيو ۽ تنهنجون وري هتي هي فنٽاگيريون…! ٻڌ ڀلا رات مون کان سواءِ ننڊ آئي هيئي؟ اڳئين چڪر ته چيو هيئي ته مون کان سواءِ سمهي نه ٿي سگهين…!“
    هو ڳالهائي ئي رهيو هو، مان سندس بي حيائي ۽ واهياتيءَ تي حيرت ۾ وٺجي ويو هوس. ٻئي پل هن اڳيان سيٽ تي ويٺل عورت ڏانهن ڏٺو جيڪا هُن کان بلڪل خفا خفا نظر آئي هن کي سندس بدتميزيءَ تي بي حد ڪاوڙ ۽ غصو اچي رهيو هو ته ڪيئن نه هو اخلاق کان ڪِريل ڳالهيون ڪري رهيو هو. هاڻي هو ڳالهائي به رهيو هو ۽ ٽيڏي اک سان ڀر ۾ ويٺل ان عورت ڏانهن به ڏسي رهيو هو. ڳالهائڻ دوران هو ڪنهن مهل پنهنجو هٿ اسٽرينگ مان ڪڍي پنهنجي وارن کي ٺاهي رهيو هو ته وري ڪنهن مهل ٻانهن ۾ پاتل واچ کي ڦيري ۽ ٺاهي رهيو هو. مون کي به سندس ان واهياتي تي بي حد غصو اچي رهيو هو ۽ اهو به کيس خيال ڪونه ٿي رهيو هو ته اڳيان پرايا ٻار ويٺا آهن، گهٽ ۾ گهٽ انهن جو ته خيال ڪرڻ گهرجيس. ڀر ۾ ويٺل ڪجھه ماڻهن لاءِ ته ڄڻ ڪو رونشو هو. هو سندس گندي گفتار مان لطف اندوز ٿي رهيا هئا، سندس گفتگو ٻڌي پنهنجون واڇون ويڪريون ڪري رهيا هئا. اهڙين سوچن تي سوچڻ کان پوءِ منهنجو وري سندس گفتگو ڏانهن ڌيان ڌڪجي ويو. جيڪو هڪ هٿ سان موبائيل تي ڳالهائي رهيو هو ته ٻيو هٿ وين جي اسٽرينگ ۾ هو. ”ٻڌ ته نيلي! تو جو چيو هو ته مون کي ڪپڙا وٺي ڏئي، پر غوري ڪلاٿ اسٽوري واري کان سواءِ ٻي ڪنهن وٽ مزي جا نه آهن، ها مان سڀاڻي جي موڪل لاءِ اڄ گاڏي جي مالڪ کي چوندس پوءِ هلنداسين ۽ هلي شاپنگ ڪنداسين. توکي مان پنهنجي پسند جو به هڪ وڳو وٺي ڏيندس. اها مون کي خبر آهي ته توکي ڪهڙو ڪلر ٺهندو آهي، ٻڌ ڀلا جي شاپنگ ڪرڻ ۾ دير ٿي وڃي ۽ سج لهي وڃي ته پوءِ ڪيئن تون گهر ويندينءَ؟ بس گهر وارن کي ڪو بهانو ڪري ٻڌائجانءِ ته فلاڻي ساهيڙيءَ وٽ ٽڪيل آهيان بس پوءِ ته وڏا ٺٺ ٿي ويندا. نيلي! ڳالهه منهنجي سمجهيئي يا نه… ها بس تون ائين ئي ڪجانءِ. هاڻي ٻڌ مان موبائيل بند ڪيان ٿو، ويگن اڏي تي پهچي مان توسان وري ڳالهايان ٿو.
    هن بي حياءَ جي بي حيائي تي مون کي ڏاڍي چڙ لڳي رهي هئي، ڇو ته هو ساري واٽ گندي گفتار کان ڪم وٺي گندگي پکيڙيندو آيو. حيا جي ليڪن مٿان ٻرانگهون اورانگهيندو آيو. بدمعاش جي بڇڙائي مون کي سمجهه ۾ بلڪل به ڪونه اچي رهي هئي. ڪاوڙ اچڻ ڪري مان صفا ٻرندڙ بُنڊي ٿي ويس، بخار جي به شدت ۾ اضافو ايندو ويو. دل چاهيو پئي ته نامراد ڪميڻي کي گاڏيءَ مان لاهي کيس ٽائرن جي هيٺان ڏئي، گاڏي مٿان چاڙهيانس! عورت ذات وٽ حياءُ ۽ خاموشي هوندي ئي آهي. ويٺل ان عورت ڏانهن ڏٺم جا پنهنجو ڪنڌ جهڪائي بت بڻي ويٺي هئي. هوءَ هن ڪم ظرف، بي حياءَ ۽ بي ضمير کي ڇا ٻڌائي ته هو نالائق به پنهنجي ٻارن ٻچن وارو هوندو، پنهنجي ماءُ ڀينرن وارو هوندو.
    مون کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي رهي هئي، سندس نازيب رويي منهنجي دل کي صدمي جو اڌمو ڏئي ڇڏيو. مان سوچي رهيو هوس ته اسٽاپ تي پهچي، وين مان لهي ڪري جيڪر کانئس ڳچيءَ کان وٺي ڪري ان بي حيائيءَ جي باري ۾ پڇان ۽ کيس اهو چوان ته انهيءَ عورت جي جاءِ تي جيڪڏهن تنهنجي ماءُ، ڀيڻ يا زال هجي ۽ ٻيو ڪو انهن سان اهڙيون ڪريل ڳالهيون ڪري ته تو مٿان ڇا گذرندو؟؟؟؟ اڄ ايئن ئي جيڪڏهن ڪوئي تنهنجي ڀيڻ سان موبائيل تي ڳالهائي ۽ ڀر ۾ تنهنجي زال ويٺل هجي ته تنهنجي عزت ۽ غيرت جو ڇا وڃي بچندو؟! شايد نڪ ئي ڪپجي وڃئي… ۽ تون جيڪر ڪنڌ کڻي گهمڻ جهڙو نه رهين….
    مان خيالن ۽ سوچن ۾ هن حراميءَ ڏانهن متوجهه هوس جو ڪنڊيڪٽر جي آواز ”لهي اچو ڀائو، ڪهڙي خيالن ۾ گم آهيو، اسٽاپ ته اچي چڪو آهي“. مون کي هوشيار ڪيو. مان سوچن مان جان ڇڏائي ڏٺم ته ڇرڪ ئي نڪري ويو. سڄي وين ۾ آئون ئي اڪيلو هوس جو لهڻ کان رهجي ويو هوس، باقي سڀ مسافر هن آخري منزل اچڻ تي گاڏيءَ مان لهي چڪا هئا. پر منهنجي خيالن، سوچن، احساسن ۽ جذبن کي منزل نه ملي سگهي، جو هن ڊرائيور کان آئون سندس بي حيائيءَ جو ڪارڻ پڇي کيس سٺو سبق سيکاريان ها. جڏهن اڳين سيٽن ڏانهن نهاريو تڏهن ڊرائيور بلڪل نظر نه آيو. گاڏيءَ مان لهي ڪري گهڻو ئي کيس ڳوليو پر هو ڪٿي ڪونه نظر آيو….
    ***


    دردن ڪئي ڌام ڌُوم

    لائبرري جي ڏاڪڻين تان مير لهندو اچي رهيو هو ته رستي تي کيس سندس دوست جاويد نظر آيو، جيڪو ساڻس ملڻ لاءِ اچي رهيو هو.
    ”اوهه مير… اڄ توکي هڪ ڳالهه ٻڌائڻي اٿم، جا تولاءِ حيرت ۽ خوشيءَ جوڳي آهي“.
    جاويد ساڻس ملندي چيو.
    ”جاويد ٻڌاءِ جلدي ڇا ڳالهه آهي؟“
    ”ايئن ڪونه ٻڌائبي، جي مٺائيءَ عيوض مڃين، ته پوءِ توکي ٻڌايان…“
    ”ٺيڪ آ يار تنهنجي مٺائي ٿي، پر ٻڌاءِ ته سهي ڇا ڳالهه آهي؟“
    ”اوڪي يار، مير مان تازي لڳل ميرٽ لسٽ ۾ مسرت جو نالو ڏٺو آهي. مسرت ٽيسٽ ۾ سٺين مارڪن ۾ پوزيشن کڻي پاس ٿي آهي. جنهن ڪري سندس سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ ايڊميشن ٿي وئي آهي“. جاويد کيس چيو.
    ”واقعي جاويد!، ڪٿي تون مذاق ته نه ڪرين پيو؟“
    مير کي يقين نه آيو.
    ”مان سچ چوان ٿو مير، ڇو ته مان اجهو پنهنجي اکين سان ڏسي آيو آهيان“. جاويد دلجاءِ ڏيندي چيو.
    ”برابر! اهو چڱو، هاڻي مٺائي کاراءِ“ جاويد چيو.
    ”جاويد! کوڙ مٺائي“ مير کيس دلجاءِ ڏني.
    ”کوڙ ته مٺائيءَ جا نه پر مِٽيءَ جا ٿيندا آهن، گنج چئه“ جاويد مذاق ڪندي چيس.
    ”جاويد تون هانءُ ڇو ٿو لاهي، توکي جام مٺائي کارائيندس“ مير کيس چيو.
    مير سنڌي ۾ ٻه سال آنرز ڪري فائنل ۾ پهتو هو هن مسرت کي چيو هو ته هوءَ ڪاليج سائيڊ کان گريجوئيشن ڪري ماسٽرس يونيورسٽي کان ڪندي جنهن کي مسرت مڃيو هو.
    مسرت جڏهن درسگاهن جي درن تي پير پاتو هو تڏهن کان سندس جو سنڌي سبجيڪٽ سان لڳاءُ هو. هن سنڌي جي هيٺين ڪلاسن جي ڪتابن کان وٺي مٿي تائين جي ڪتابن جو سنجيدهه ۽ بغور مطالعو ڪيو هو تنهن ڪري سندس دل ۾ گهڻي وقت کان وٺي اها خواهش هئي ته هوءَ يونيورسٽيءَ کان ايم اي سنڌي ضرور ڪندي.
    مسرت کي سڌ پئي ته سندس ايڊميشن يونيورسٽي ۾ ٿي آهي ان ڳالهه جي کيس بيحد خوشي ٿي.
    مير جي مسرت سان محبت تڏهن ٿي هئي، جڏهن ٻنهي فرسٽ ايئر- انٽر گڏ ڪئي. مير ان وقت به ايڏو ئي هوشيار هو جهڙو هاڻ آهي مسرت کي ان وقت ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي هئي، جيڪا هن مير کان پڇا ڪئي ته هن کيس سمجهائي هئي ان ڏينهن کان وٺي مسرت مير کي سمجهدار ۽ محنتي تسليم ڪيو هو. انهن ڏينهن کان ئي ٻنهي وچ ۾ ٿوري گهڻي محبت پيدا ٿي هئي، جا اڳتي هلي وڌڻ ويجهڻ لڳي.
    مسرت جي هاسٽل الاٽمينٽ به ٿي وئي، هاڻي هوءَ ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ لڳي هئي. يونيورسٽيءَ جي اڻڄاتل ماحول شروع ۾ کيس گهٻراهٽ جو شڪار بڻايو پر مير جي موجودگي ان خيال کي ختم ڪري ڇڏيس. هاڻي ٻئي سٺي نموني ڪلاس وٺي هر هڪ ٽاپڪ تي پاڻ ۾ ڊسڪس ڪرڻ کان وٺي هر جاءِ تي گڏ گهمڻ، اٿڻ ۽ ويهڻ پِڻ لڳا.
    ڪلاس وٺڻ کان پوءِ مير ۽ مسرت سڌو لان ڏانهن رخ ڪيو.
    ”مسرت، انسان پنهنجي دل ۾ هونئن ته هزارين خواهشون رکندو آهي، پر انهن جملي خواهشن کي پورو ڪرڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي هوندي، مسرت منهنجي اها خواهش پوري ٿي آهي جنهن کي مون گذريل چئن سالن کان ساهه ۾ سانڍيو هو ۽ مون کي اها پڪ هئي ته پاڻ ٻئي يونيورسٽيءَ ۾ گڏ پڙهنداسين، گڏ گهمنداسين. اڄ انهن خوابن کي ڄڻ ساڀيان جو روپ ملي ويو آهي“. مير مسرت سان مخاطب هو.
    ”ها مير اها حقيقت آهي ته خواهشن جي تڪميل ڪو سولو ڪم ناهي هوندو. انسان ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون خواهشون رکندو آهي جيڪي سندس اهڙيون خواهشون هجن ٿيون، جيڪڏهن سندس ان خواهشن جي تڪميل نه ٿئي ٿي ته سندس زندگي پنهنجي اصلي معنيٰ ۽ مفهوم وڃائي بيهي ٿي. پوءِ جيڪا هو زندگي گذاري ٿو، ان ۾ ڪابه راحت ڪوبه سڪون، ڪي مسرتون نه ٿيون هجن. پر جي انهن جو پورائو ٿئي ٿو، ڄڻ ڪائنات جون ڪل ئي قراريون قلب کي کوڙ خوشيون ڏين ٿيون. بهرحال مير منهنجي به اها دلي خواهش هئي جنهن کي مالڪ ڪائنات پورو ڪيو آهي، جو اڄ مان پنهنجي ننڍپڻ جي مقصد ۽ خواهشن کي کڻي توسان گڏ آهيان“. مسرت کيس چيو.
    مير ۽ مسرت جو جهان سڪ ۽ محبت سان سرشار ٿي چڪو هو. سندن دليون هڪ ٻئي لاءِ ڌڙڪڻ لڳيون هيون. هو هڪ ٻئي کان سواءِ رهڻ، اذيتن جي انبار جو هجڻ محسوس ڪرڻ لڳا. هو پل به پري رهي پاڻ کي تڪليفن جي تري ۾ ڪونه وجهڻ لڳا.
    اڄ به ڪلاس وٺڻ کان پوءِ ٻئي اچي لان تي ويٺا مسرت جي هٿن ۾ مرزا قليچ بيگ جو ڪتاب ”سچي محبت“ هو جنهن کي هوءَ پڙهڻ ويٺي. مير کيس چيو ته هينئر ڪجھه ڳالهائجي پر مسرت کيس چيو ته سر اڄ هن ڪتاب تي اسائنمينٽ لکي اچڻي آهي، جنهن ڪري ڪجھه اهم شيون پڙهڻ پئي چاهيون.
    ٿوري دير کان پوءِ جڏهن مسرت ڪتاب بند ڪيو تڏهن مير محبت جو موضوع ڇيڙيو.
    ”مسرت! محبت لفظ ڪيڏو نه مٺو لفظ آهي، هي لفظ ڪيتري نه معنيٰ رکي ٿو، هن لفظ جو هجڻ انساني زندگي ۾ ڪيترو اهم آهي ۽ ڪيتريون اهو انسان جي زندگيءَ ۾ رنگينيون ڀري ٿو.
    واقعي محبت ئي ته انسان جي زندگيءَ جو اصل روح آهي. محبت ڪٿي سپنن جو حسين محل آهي ته ڪٿي وري ڏکن جو ويران گهر آهي. محبت ۾ مشڪلاتن سان مهاڏو اٽڪائڻ جهڙي دليري ٻي ڪائي ڪونهي. شاهه صاحب تڏهن ئي ته چيو:
    محبت پائي من ۾ رنڊا روڙيا جن،
    تن جو صرافن، اڻ توريو اگهايو.
    ڇو ته دنيا اندر جيڪڏهن طاقتور ۽ مضبوط رشتو آهي ته، اهو صرف درد جو ئي آهي، جيڪو هميشه قائم رهي ٿو، ڪڏهن به ڇڄي نه ٿو. محبت جي ميلي ۾ اچڻ لاءِ هر ڪنهن جو هانءُ هُرکندو آهي، پر موٽ ۾ بيوفائي الائي ڇو خريد ڪئي وڃي ٿي. حالانڪه محبت جي منزل کي حاصل ڪرڻ لاءِ پهريون شرط وفاداري آهي. ڇاڪاڻ ته محبت اُهو پاڪ رشتو آهي جنهن جو بنياد اعتبار تي هوندو آهي، پر اڄ ڪلهه جيستائين ڏٺو ويو آهي ته ماڻهو، ماڻهوءَ تي اعتبار گهٽ ڪري ٿو اهو ئي سبب آهي جو جيڪڏهن ڪنهن به رشتي ۾ اعتبار نه رهي، اهو رشتو به باقي نه ٿو رهي. مسرت مير جي کوليل موصوع محبت تي پنهنجا خيال پيش ڪيا.
    ڪجھه ڏينهن گذريا جاويد مير سان مليو ۽ کيس چيائين ته ”مير! اڄ مون مسرت کي ماس ڪميونيڪيشن ۾ پڙهندڙ عمران (اوباش ڇوڪري) سان گهمندي ۽ ڳالهائيندي ڏٺو آهي“.
    ”نه جاويد اهو سچ نه ٿو ٿي سگهي تنهنجين اکين ضرور دوکو کاڌو هوندو“ مير سندس ڳالهه تي يقين نه ڪيو.
    ٻئي ڏينهن مير مسرت سان مليو، پر اها ڳالهه ساڻس ڪونه ڪيائين. معمول جي ابتڙ لان بجاءِ مسرت کيس ڪينٽين تي هلڻ جو چيو. چانهه پيئندي مسرت کيس چيو ته مير مان تو سان اهو واعدو ڪيان ٿي ته يونيورسٽيءَ مان پاڻ جڏهن فارغ ٿياسين، تون ليڪچرار ته انشاءَالله ضرور ٿيندين، پوءِ توسان شادي ڪرڻ چاهينديس. مير ڀر ۾ رکيل پنهنجي ڊائري مسرت ڏانهن وڌائي ۽ کيس چيو ته پنهنجن انهن لفظن کي منهنجي هن ڊائريءَ ۾ تحريري صورت ڏي. جنهن تي مسرت کانئس ڊائري وٺي پنهنجي انهن لفظن کي تحريري روپ ڏنو. جنهن ۾ هن اها ڳالهه، تاريخ ۽ سال لکي ساڻس وفا جو وچن ڪيو.
    ٽن ڏينهن کان پوءِ جاويد، مير جو ڪاريڊور ۾ اڳ ورتيون بيٺو هو جاويد کي مير سان اڄ به مسرت جي حوالي سان ڳالهه ڪرڻي هئي جڏهن مير ساڻس مليو ته هن کيس چيو ته ”يار مير! مسرت مون کي مڪار ۽ دوکيباز لڳي پئي هتي توسان تو جهڙي، ته هتي عمران سان عمران جهڙي… مون ڪالهه به کين ڏٺو منهنجو ته پهريان انهن ڏانهن ڪو خيال نه هو پر ڳالهائڻ دوران سندن زوردار ٽهڪن ۽ تاڙين مون کي هوشيار ڪيو. مون ڏٺو ته عمران، مسرت جو هٿ وٺي ان تي ڪجھه لکي رهيو هو جنهن تي هوءَ مسڪرائي رهي هئي“.
    ”يار جاويد! تون هوش ۾ ته آهين ۽ هي ڇا چوين پيو هوءَ اهڙي دغابازي مون سان ڪيئن ٿي ڪري سگهي، هن مون سان جيون ساٿي ٿيڻ جا وچن ڪيا آهن ته پوءِ اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو“. مير نرڙ تي آيل پگهر کي اگهندي چيو.
    حيرت جوڳي ڳالهه آ، يار تون منهنجي ڳالهه تي اعتبار آخر ڇو نه ٿو ڪرين؟ جاويد کيس اعتماد ڏياريندي چيو.
    ٻئي ڏينهن مير مسرت سان مليو، هن کانئس ان باري ۾ پڇيو ته ڇا ڳالهه آهي؟ جنهن تي مسرت کيس چيو ته مير مان ان موضوع تي ڪجھه نه ٿي ڳالهائڻ چاهيان…
    مير کيس چيو ته ”مسرت! تو اڳ ۾ ته ڪڏهن به ڪا ڳالهه مون کا ڳجهي ڪونه رکي پر اڄ تون مون کان اها ڳالهه لڪائي رهي آهين، خبر ناهي الائي ڇو؟؟؟؟“
    ٿوري دير تائين سندن وچ ۾ خاموشي رهي ٿي ۽ هو ڪجھه ڳالهائڻ بجاءِ پنهنجون نظرون ڪتابن ۾ کپائي ڇڏين ٿا… ڪجھه دير کان پوءِ مسرت اٿي ۽ چيو ”مير! مون کي هڪ ضرور ڪم ياد اچي ويو آهي جنهن ڪري مان هلان ٿي پاڻ وري سڀاڻي ملنداسين…“
    مير مسرت جي اهڙي اوچتي رويي تي حيران ٿيو ۽ سوچيائين ته هن کي ڇا ٿي ويو آهي؟ هڪ ڏينهن جاويد ڏٺو ته ڪاريڊور مان عمران ۽ مسرت لان طرف وڃي رهيا هئا. هو جلدي مير لاءِ متلاشِي ٿيو. مير لائبرري جي ڏاڪڻين مان لهندي کيس پسيو. هن رڙ ڪري مير کي سڏ ڪيو. مير ڪنڌ ورائي ڏٺو ته جاويد هو. جاويد سندس هٿ پڪڙي تڪڙ ۾ چوڻ لڳو مير، اچ مون سان ۽ هل گڏجي… مير وائڙو ٿي ڪري کيس چيو ته پر ڪيڏانهن…؟
    مير اچ ته توکي اهو منظر ڏيکاريان، جيڪو تنهنجي اکين کان وانجهيل هو ۽ هو ٻئي لان طرف وڃي رهيا هئا… مير اهو منظر ڏسي عبرت ۽ تپرس ۾ پئجي ويو… ٻئي لمحي لان تي ويهڻ کان پوءِ عمران، مسرت جي ٻانهن کي سٽ ڏيئي پاڻ ڏانهن سوري سندس ڪن ۾ سرگوشيون ڪرڻ لڳو ۽ مسرت جي مک تي مسڪراهٽ هئي. پوءِ هو سندس چهري تي سُري آيل وارن کي سورڻ لڳو. مير اهڙو منظر ڏسي ڀانئيو ته هو ڄڻ هماليه کان هيٺ ڪري رهيو هجي… سندس اکين ان منظر کي اعتبار ڪرڻ نه پئي ڏنو… مير اکيون مهٽيون ۽ ٻئي لمحي هن مسرت کي عمران جي ٻانهن ۾ پسيو. مير جي چهري تي درد ۽ تڪليف ليئا پائي رهي هئي. اهڙن منظرن مير جي دل ۾ سانڍيل مسرت جي محبت کي نفرت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، هو غصي وچان زمين تي زور سان لت هڻي جاويد کان موڪلائڻ بجاءِ پنهنجي روم تي آيو.
    مير مسرت جي اهڙي عمل تي روئندو رهيو ۽ سوچيندو رهيو. سوچن جو اهو تسلسل ساري رات جاري رهيو، جو صبح جو سج پنهنجي روشني ساري ڪائنات ۾ عيان ٿيو پر مير وٽ اڃا بي چيني ۽ اداسيءَ جي اوندهه هئي. اڄ مير ڪلاس اٽينڊ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو پر مسرت جي ڪيل ڳالهين ۽ واعدن وفائن جو سوچن جي صورت ۾ ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ لڳو جنهن کيس ڪنهن وقت ليڪچر جي صورت ۾ چيو هو ته ”محبت اهو پاڪ رشتو آهي، جنهن جو بنياد اعتبار تي هوندو آهي. محبت جي ميلي ۾ هر ڪو ته اچي ٿو پر بعد ۾ الائي ڇو هو بي وفائي خريد ڪري ٿو. حالانڪه محبت جي منزل حاصل ڪرڻ لاءِ پهريون شرط وفاداري آهي“. ٻئي لمحي هو اها ڊائري کڻي پڙهي ٿو جنهن ۾ مسرت ساڻس لانئون لهڻ وارو واعدو تحريري طور لکيو هو. مير جي اکين مان لڙڪ سندس پنبڻين جا بند ڀڃي شروع ٿين ٿا ۽ هو انهن لڙڪن کي روڪي نه ٿو سگهي، ان کان پوءِ مير عبدالحسين سانگيءَ جي هي لفظ سندس چپ چورنس ٿا…
    دردن ڪئي ڌام ڌوم، دلِ ناتوان تي،
    صدما هزار رسيا آهن، منهنجي جان تي،
    پيو واچوڙي وانگر ڦرندو وتان،
    ڪڏهن زمين ته ڪڏهن آسمان تي.


    سمجهوتو

    ”سر عزيز! ايڪسڪيوز مي، اوهان کي پرنسپال پنهنجي آفيس ۾ گهرايو آهي“ آئون پيرڊ وٺي رهيو هوس ته هڪ پٽيوالي اچي چيو. آئون پرنسپال جي حڪم جو تابع ٿي سندس آفيس آيس، جتي اسڪول جو ايڊمنسٽريٽر سر عديل به ساڻس ويٺل آيو.
    ”اچو سر عزيز سوري اوهان کي ڊسٽرب ڪيو، اچو هيڏانهن ويهو“ پرنسپال هڪ ڪرسي ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
    ”سر عزيز ٻيو خير اوهان کي تڪليف ان ڪري ڏني ته اصل ۾ اوهان جي ڪلاس اٺين مان والدين طرفان هڪ ڪمپلينٽ آئي آهي“.
    ”جي سر، ڪمپلينٽ آخر ڇا جي؟“ مون بيخبري واري ڪيفيت ۾ پڇيو.
    ”سر عزيز اصل ۾ ڳالهه هيءَ آهي ته، اٺين ڪلاس ۾ پڙهندڙ ڪنهن شيواني نالي هڪ هندو ڇوڪري جي بقول ته اوهان ڪلاس ۾ نصاب جي بجاءِ مذهبي ڳالهيون گهڻيون ڪيو ٿا“ پرنسپال چشمي کي لاهيندي چيو. اوهان ڪجھه ڏينهن ان ڪلاس ۾ مذهبي ڳالهيون ڪري نصابي ڪم کي بلڪل به توجهه نه پيا ڏيو. نصاب جي هڪ به باب کي اوهان ڪونه پڙهايو اٿن. اڄ سندس والد ۽ چاچو ان ڳالهه جي سلسلي ۾ آيا ۽ هنن ان ڳالهه جي وضاحت طلب ڪئي آهي ته نيٺ اوهان نصاب ڇو نه پڙهايو پيا؟ پر مذهبي ڳالهيون روزانو ۽ هر وقت ڇو شاگردن کي ٻڌايو ٿا، پرنسپال چيو.
    ”سر مون مذڪوره ڪلاس ۾ ڪابه اهڙي انتشاري يا تڪراري ڳالهه نه ڪئي آهي جنهن سان ڪا دل آزاري ٿئي ها باقي ان ڏينهن تي ٻارن کي ليڪچر ڏيڻ لاءِ ”نماز“ تي ٽاپڪ هو جنهن تي مون کين نماز جي اهميت ۽ افاديت جي ڄاڻ ڏني ۽ کين نماز جي پابندي ڪرڻ جي تلقين ڪئي“. مون کي چيو.
    ”پر شيواني جا والدين اهو ٻڌائين پيا ته استاد روزانو مذهبي ڳالهيون ڪري ٿو. اوڪي في الحال اوهان ڪلاس ۾ وڃو ۽ پيرڊ کي ڪنٽينيو ڪيو ها باقي سڀاڻي وري ڇوڪري جا والدين ايندا جيڪي اوهان کان ان حوالي سان روبرو پڇا ڳاڇا ڪندا“. پرنسپال چيو.
    ”اسڪول کان جڏهن آئون گهر آيس ته آئون سوچن ۽ حيرتن جي هڪ اڻ کٽ سلسلي هيٺ اچي ويس. آئون سر عديل ۽ پرنسپال جي قولن ۽ فعلن ۾ وڏو تضاد ڀانيم. ڇو ته سر عديل (ايڊمنسٽريٽر ۽ اداري جو مالڪ) جڏهن هاءِ اسڪول ٽيچر هو تڏهن کان ديني لاڙي نماز، قرآن ۽ سنت جو وڏو پابند هو، ديني تبليغ جي سلسلي ۾ ڪيترائي ڀيرا ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ الله ۽ سندس رسولؐ طرف لاڙي رکڻ ۽ سندن حڪمن جي بجاآوري ڪرڻ لاءِ ويندو رهندو هو. گورنمينٽ جي نوڪري کان پوءِ جڏهن هو رٽائرڊ ٿيو تڏهن هن پنهنجي ئي شهر ۾ هڪ پرائيويٽ اسڪول کوليو، جتي به هو تدريسي تعليم سان گڏوگڏ ديني تعليم جي به تبليغ ڪندو رهندو آهي هر روز ڪڏهن پاڻ ته ڪڏهن پرنسپال اسيمبلي جي دوران ٻارن کي پنهنجي تقرار ۾ دين طرف راغب ٿيڻ جون ڳالهيون، مذهبي ڪمن ۾ دلچسپي رکڻ لاءِ اتساهيندا رهندا آهن ۽ اسان يعني استادن کي به اها ئي ڳالهه ڪندا آهن ته ٻارن کي ديني تعليم به گهڻي کان گهڻي ڏيو. جيڪا ڳالهه بحيثيت مسلمان جي، صحيح ۽ سٺي آهي. آئون به ته سندن شخصي اصول پٽاندر ڳالهه ڪئي. آئون سندس اصولن جا ته ليڪا نه لتاڙيا جو مون کي ان ڳالهه تي ننديو پيو وڃي. ٻئي ڏينهن تي پرنسپال ۽ سر عديل وري آفيس ۾ گهرايو جتي شيواني جا والدين اڳ ئي ويٺل هئا.
    ”جي سر!“
    ”هي شيواني جا والدين آيا آهن ۽ اوهان کان ان ڳالهه جي حوالي سان پڇڻ آيا آهن“ سر عديل چيو. ان کان اڳ جو آئون پنهنجو موقف ٻڌايان انهن هڪ هندو چيو سائين اوهان اسان جي ٻارن کي ڪجھه پڙهائڻ بجاءِ رڳو مذهبي ڳالهيون ڪيو ٿا جيڪا ڳالهه صحيح نه آهي.
    ”جي آئون ته اهڙي ڪا ڳالهه نه ڪئي آهي جنهن ڪري اوهان ايڏا پريشان ٿيو آهيو اصل ۾ ڪڏهن ڪڏهن نصاب جي ڪم پوري هجڻ کان پوءِ اهڙيون ڳالهيون کين ٻڌائيندا آهيون جيڪي سندن جي ڀلي لاءِ هونديون آهن ان ڏينهن کين نماز جي ليڪچر دوران ٻارن کي ان جي فضيلت بيان ڪئي، ان ڪلاس ۾ صرف توهان جا ئي نه پر ٻين مسلمانن جا ٻار به زير تعليم آهن اهو ان ڪري به کين ٻڌايو ويندو آهي ته جيئن کين ديني تعليم کان به کين آراسته ڪيو وڃي.
    ”سر عديل اڳئين ڀيري به اوهان پاڻ اسلامي ڳالهيون ڪيون، جن سان اسان جي ڪجھه مائٽن اوهان وٽ پنهنجا ٻار روڪي ڇڏيا ۽ هاڻ اهڙو معاملو اسان سان به ٿيو آهي. سائين اسين هاڻ اوهان جي اداري مان مطمئن ناهيون سو سڀاڻي کان اسان به پنهنجي شيواني کي ڪنهن ٻي اسڪول ۾ ايڊميشن وٺرائي ڏينداسين“. اهو چئي هو اٿي هليا ويا. سر عديل کين پويان سَڏُ ڪندو رهيو پر هو ڪونه رڪيا.
    ”اوهان ڪلاس ۾ اهڙي قسم جون ڳالهيون ڪندي، اهو لحاظ پو نه ڪيو ته ڪلاس ۾ سڀ مسلمان به نه آهن پر ڪجھه هندو ٻار به پڙهن ٿا. انهن ڳالهين جي ڪهڙي ضرورت آهي“ سر عديل ڪاوڙ واري لهچي ۾ چيو.
    ”سر جن ڳالهين لاءِ اوهان مون کي روڪيو پيا ته اهڙين ڳالهين جي ضرورت نه آهي، مان اوهان کي اهو ٻڌائيندو هلان ته اوهان پنهنجي اسڪول جي اندر ته اهڙين ڳالهين جي ئي پرچار ڪئي آهي ۽ ڪندا رهيا آهيو. اوهان جي اها ڳالهه ته ڪلاس ۾ سڀ مسلمان نه پر غير مسلم به آهن سو سر هي ته هڪ ڪلاس ۾ ٻه يا ٽي غير مسلم ٻار آهن، پر جڏهن ته اوهان روزانو اسيمبلي دوران پنهنجي تقرير ۾ ديني پرچار ڪندا رهيا آهيو، ان وقت ته هڪ يا ٻه ٻار نه پر ڪيترائي غير مسلم ٻار هوندا آهن، پوءِ اوهان ان ڳالهه جو احتياط ڇو نه ڪندا آهيو؟ هڪ دفعي اسيمبلي دوران اوهان جي ڪيل تقرير جا لفظ مون کي اڃا تائين ياد آهن، جنهن ۾ اوهان چيو هو ته ”ٻارو! اڄ اوهان اهو عزم ڪيو ته اوهان وڏا ٿي دين اسلام جي خدمت ۽ تبليغ ڪندؤ. هن دنيا ۾ دين جي تبليغ کان سواءِ ٻيو ڪوبه ڪم افضل نه آهي سو اوان هاڻي سان ئي پنهنجو اهو ذهن ٺاهي ڇڏيو ته اسان پنهنجي زندگي صرف ۽ صرف دين جي خدمت لاءِ وقت ڪري ڇڏينداسين. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هليا وينداسين“. سر! ٻيو ته اهڙيون ڳالهيون اوهان ڪيترائي ڀيرا ميٽنگس ڪوٺائي اسان سڀني استادن کي پنهنجي ڳالهين ۾ ان ڳالهه جو ئي گهڻو زور وٺرايو آهي ته ٻارن ۾ مذهبي جوش پيدا ڪيو وڃي. ٻارن کي گهڻي کان گهڻي پنهنجي مذهب متعلق ڳالهيون ٻڌائي سندن دل ۾ مذهب لاءِ دلچسپي پيدا ڪريو جيڪو عمل ثواب ۾ شمار ٿئي ٿو سو اسان ته اوهان جي ڳالهين جا تابع ٿي، اهڙي ئي پرچار ڪئي آهي“. مون ساري حقيقتن کي سندس آڏو بيان ڪيو.
    ٻئي ڏينهن تي اسڪول اٽينڊ ڪرڻ کان پوءِ موڪل مهل هڪ پٽيوالي هڪ لفافو ڏنو. گهر اچي کولي ڏٺم ته ڪجھه پئسا ۽ هڪ پنو هو. جنهن تي لکيل هو ته ”سر سوري! سڀاڻي کان اوهان اسان جي اداري ۾ پڙهائڻ نه ايندا. اسان اوهان جي جاءِ تي هڪ ٻي ٽيچر رکي ڇڏيو آهي. اوهان جي ايل ڏينهن جا پئسا اوهان کي موڪلجن پيا، اوهان جي ڪري اسان جي اسڪول تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن جنهن ڪري والدين پنهنجن ٻارن کي ٻين اسڪولن ۾ موڪلين پيا. اسان اهڙي مالي کوٽ کي ڪنهن به ڳالهه سان سمجهوتو نه ٿا ڪري سگهون هاڻ به مان شيواني جي والدين کي هٿ جوڙيا آهن ۽ ايلاز ڪري کين راضي ڪيو آهي ته آئندهه اهڙي ڪائي ڳالهه نه ٿيندي. اهو سڀ ڪجھه ان لاءِ ته آئون نه ٿو چاهيان ته مون کي ڪو مالي خسارو ٿئي“.
    ٻي لمحي آئون پئسن کي ڏسي سوچن جي حوالي ٿي وڃان ٿو ته اڄ جو هي انسان پئسي لاءِ ته هر شيءِ کي وساري ۽ هر شيءِ سان سمجهوتو ڪري ٿو، پر پئسي ڪاڻ پنهنجي مسلمانيت ۽ خدا سانبه سمجهوتو ڪري سگهي ٿو؟؟؟؟
    ***


    پيار جو پيرڊ

    اقرا جي نالي سان ئي منسوب ”اقرا ڪاليج“ ۾ خالد نئون ٽيچر ٿي آيو. هن ڪاليج ۾ هو سنڌي پڙهائڻ آيو سندس سنڌي ٻولي کي سهڻي ۽ سٺي انداز ۾ پڙهائڻ جي ڪري اقرا کي خالد جي شخصيت تي موهت ٿي. سندس شعر پڙهڻ دوران مٺي ۽ سريلي آواز اقرا جي دل جي گهراين کي وڃي ڇهيو. انهيءَ جي ڪري اقرا خالد جي مزاج کي پسند ڪرڻ لڳي. هوءَ ڪلاس ۾ سڀني ڇوڪرين جي ڀيٽ ۾ کانئس وڌيڪ سوال پڇڻ ۽ ڪڏهن ڪڏهن مذاق وارو ماحول پيدا ڪرڻ لڳي، ان مذاق ۾ محبت جي ملاوٽ هئي جنهن کي خالد بخوبي ڄاڻي ورتو هو. ڪلاس ۾ ڇا وهي واپري ٿو ان حوالي سان پرنسپال طرفان هر ڪلاس ۾ هڪ ٻه شاگرد جاسوس طور هئا. خالد جي پيرڊ ۾ اقرا جي الفتي اندازن مان هنن پروڙيو هو ته خالد جي الفت اقرا کي اڻ تڻ ۾ آڻي ڇڏيو هو ۽ هوءَ خالد ۾ گهري دلچسپي وٺي رهي هئي. اهڙي ماحول جو جائزو ان ڪلاس جي هڪ ٻن جاسوس شاگردن پرنسپال کي پيش ڪيو. جنهن ڪري هن ان ڳالهه جو تڪڙو نوٽيس وٺندي ان ڪلاس مان خالد جو پيرڊ ختم ڪري ڇڏيو.
    ”سر اوهان اسان جي ڪلاس ۾ هاڻي پيرڊ ڇو نه وٺو پيا…؟
    خالد پيرڊ وٺي اسٽاف روم ڏانهن وڃڻ لاءِ ڏاڪڻين کان اچي رهيو هو ته اقرا چيو.
    ”جي، پرنسپال اهو مون کان واپس ورتو آهي“ خالد مختصر جواب ڏنو.
    ”پر ڇو ۽ ڇا لاءِ سر…؟“
    هُن چيو پئي ته اوهان کي چئن ڪلاسن ۾ پيرڊ آهن اوهان جي ڪلاس ۾ پنجون پيرڊ نه ڏيڻ جو هن مون کي سبب ڄاڻائيندي چيو ته مون مٿان گهڻو برڊن (بار) پوندو هن اهو به چيو ته اوهان ڏنل پيرڊن وارن ڪلاسن کي تيار ڪري ڏيو. خالد چيو.
    ”پر سر اوهان ئي ته اسان کي سنڌي وارو سبجيڪٽ سٺو پڙهائيندا آهيو. اسان کي مس ماريا جو پڙهائڻ بلڪل به سمجهه ۾ نه ٿو اچي“. اقرا چيو.
    اقراءِ! مان ڇا پيو ڪري سگهان پرنسپال جي ان حڪم کي، وڌيڪ پرنسپال اوهان جو پيءُ به آهي جيڪڏهن اوهان کيس چئو ته آءُ پيرڊ وٺندس. خالد کيس دلجاءِ ڏيندي چيو.
    ٺيڪ آ سر اڄ ئي بابا کي چونديس، اقرا چيو.
    سر خالد توهان اتي ڇا پيا ڪريو. خالد ڪنڌ ورائي ڏٺو ته پرنسپال هو، جيڪو پنهنجي آفيس طرف وڃڻ لاءِ ساڳي ڏاڪڻ جا پنج ڇهه ڏاڪا ٽپي آيو هو.
    ”۽ اقرا تون هت ڇا پئي ڪرين… هل ڌيءَ پنهنجي ڪلاس ۾…“
    ”جي بابا… او اصل ۾ مان سر کي پيرڊ لاءِ…“
    اقرا جي ڳالهه کي ڪٽيندي سندس پيءُ سندس جو هٿ وٺي پنهنجي آفيس آيو.
    ”ڌيءَ اقرا! مون صرف تنهنجي چلولائپ جي ڪري ان خالد جو توهان جي ڪلاس مان پيرڊ ختم ڪيو. مون سوچيو ته جيئن اها چلولائپ ختم ٿئي، پر هاڻ وري تون هتي اڪيلي هن سان…“ پرنسپال ڪجھه ڳالهائڻ جي بدران چپن کي ڀيڪوڙيندي ٻنهي هٿن کي زور سان ميز تي لڳايو ۽ چيو او اقرا ٽراءِ ٽو انڊر اسٽينڊ…“
    ”بابا اسان کي مس ماريا سنڌي سٺي طرح نه ٿي پڙهائي توهان کي خبر آهي ته سنڌي ڪيتري ڏکي ۽ اهم آهي مس ماريا کي ته شاهه لطيف جي شعرن جي معنيٰ ۽ مفهوم ته ٺهيو پر جڏهن ته سر خالد جي پڙهائڻ ۽ سمجهائڻ جو طريقو سولو ۽ ڀلو آهي.
    اقرا پرنسپال (سندس پيءُ) کي مس ماريا جي سمجهه ۾ نه ايندڙ ٽيچنگ جي تنقيد ڪئي. پر اقرا سر خالد کي اوهان واري ڪلاس ۾ آءُ پيرڊ ڏيڻ لاءِ هرگز به تيار نه آهيان.
    ”پر ڇو بابا…؟“
    اهو مان توکي گهر هلي ٻڌائيندس. ان کان پوءِ سندس پيءُ کيس ڪلاس ڏانهن وڃڻ جو چيو.
    ”اقرا تو ڪلاس اندر ڪجھه سکڻ بجاءِ ڇو اهڙو ماحول پيدا ڪيو آهي جنهن سان تنهنجي ۽ منهنجي عزت کي ڇيهو رسي رهيو آهي تون ڇا لاءِ خالد ۾ ايتري دلچسپي دلي طور وٺي رهي آهين توکي خبر نه آهي ته هيءَ ڪاليج ڪنهن جي آهي، ۽ ڪنهن جي نالي آهي، تون ڪير آهين ۽ مان ڪير آهيان. ڇا تون اهو ڪونه سمجهين ٿي ته اهڙي قسم جو ماحول ڪيترو غلط آهي؟ هڪ پٽيوالي جي بقول ته ڪالهه به تون ڪينٽين تان خالد لاءِ جوس وٺي کيس زوري ڏنو آهي جنهن کي ڪجھه استادن پڻ نوٽ ڪيو آهي. اقرا… اقرا هي سڀ ڪجھه ڇا آهي…؟؟؟
    بابا اوهان منهنجي ڳالهه ٻڌو ته سهي ان ڳالهه ۾ آخر ڪهڙي خرابي آهي؟
    او ماءِ گاڊ! اقرا تون نيٺ سمجهين ڇو نه پئي…؟! سندس پيءُ پنهنجي مٿي تي ٻئي هٿ رکيندي چيو. اقرا تون منهنجي پياري ۽ اڪيلي ڌيءَ آهين ان ڪري آءُ اهڙي حرڪت کي نه ته ٻڌڻ لاءِ تيار آهيان نه ئي وري برداشت ڪري سگهان ٿو. ان ڪري تو کي گهرجي ته تون ان حوالي سان پنهنجو هڙئي سرگرميون بند ڪر.
    اقرا روئندي ۽ ڀڄندي ڀڄندي پنهنجي ڪمري ۾ پيل بيڊ تي پنهنجو پاڻ کي اڇلندي روئندي رهي. ڪجھه گهڙين کان پوءِ خالد جي تصور سندس اکين آڏو ڦرڻ لڳي سندس پرڪشش انداز ۽ آواز جو پڙاڏو سندس ڪنن ۾ گونجڻ لڳو جيڪو هن شاهه صاحب جو بيت پڙهيو هو کيس ياد آيو:
    کامان، پچان، پڄران لڇان ۽ لوچان،
    تن ۾ تؤنس پرينءَ جي، پيان نه ڍاپان،
    جي سمنڊ مُنهن ڪريان ته سرڪيائي نه ٿئي.
    اقرا جي الفت کان خالد کي خوف هو، هن ان پيار کان ان ڪري به پاسو ڪرڻ پئي چاهيو ته هوءَ پرنسپال جي ڌيءَ هئي. پر اقرا سندس سڪ ۽ سوز ۾ محبت جا مڇ ٻاري ڇڏيا هئا، هاڻي سڀ ڪنهن جي سامهون هوءَ خالد کي قرب جي ڪمپني ڏيڻ لڳي ڪڏهن ڪٿي ته ڪٿي اهي ٻئي سڀني جي نظرن جو مرڪز بڻجي ويا سڀ ڪنهن جي واتان رڳو اهي ئي لفظ ٻڌڻ ۾ پئي آيا ته پرنسپال جي ڌيءَ اصل دنگ ڪري ڇڏيو آهي. استادن ۽ شاگردن کان وٺي هر هنڌ سندن چاهت جا چؤٻول هلڻ لڳا.
    ڪجھه ڏينهن بعد اقرا ڪاليج به ڪونه وڃڻ لڳي. پيءُ طرفان پڇڻ تي نه اچڻ جو سبب هن ساڳيو ڄاڻايو. ڄڻ ڪو خالد جو پيرڊ سندس لاءِ ”پيار وارو پيرڊ“ هو، جيڪو ختم ڪيو ويو هو، جنهن جي بحالي لاءِ هوءَ بيوس هئي. اقرا ڪمري ۾ اداس ويٺي هئي. سندس پيءُ آيو ۽ چيائين ”اقرا! حقيقت ۾ تو منهنجي عزت کي بلڪل ختم ڪري ڇڏيو آهي جڏهن کان مون خالد جو پيرڊ ختم ڪري ڇڏيو آهي. ساري ڪاليج ۾ تنهنجي انهيءَ عشق جا باب هلن پيا، اقرا! توکي خبر آهي ته ”اقرا“ جو مطلب ”پڙهه“ آهي پر تون پڙهڻ بجاءِ…“ سندس پيءُ نصيحت ڏني ته اقرا سندس ڳالهه کي اڌ ۾ ڪٽيندي چيو. ”بابا اها ڳالهه اوهان جي بلڪل صحيح آهي، پر مان خالد سان گهري سڪ رکان ٿي ان ڪري جو آءُ کانئس متاثر آهيان“.
    ”متاثر ٿيڻ جو اهو مطلب ته نه آهي ته جو اوهان ان سان محبت ڪيو، پيار ڪيو“. سندس پيءُ سمجهائيندي چيو.
    ”پر بابا نه ڄاڻ آءُ الائي ڇو هن طرف مائل آهيان. بهرحال بابا…“ اقرا اڳتي ڪجھه چوڻ بجاءِ خاموش ٿي وئي.
    سندس پيءُ کيس چيو اقرا! مان نه ٿو چاهيان ته توکي ڪوئي ميري نظر سان ڏسي منهنجو اهو خيال آهي ته تون پنهنجو مڪمل پڙهائيءَ ڏانهن ڌيان ڏي پڙهائيءَ وچ ۾ اهڙي قسم جو ماحول تنهنجي مستقبل جي تباهيءَ ۽ اونداهيءَ جو سبب بڻجندو. منهنجي خواهش آهي ته آءُ توکي ڊاڪٽر بڻايان ان خواهش جو خدارا خيال رک ۽ پنهنجي پڙهائيءَ طرف توجهه رک. انهيءَ ۾ ئي تنهنجو ڀلو آهي. سندس پيءُ کيس گهڻيون ئي نصيحتون ڏيندو رهيو ۽ کيس اها خاطري ڏياري ته سڀاڻي کان خالد جو پيرڊ سندس ڪلاس ۾ هوندو.
    ٻئي ڏينهن تي اقرا انهيءَ پيرڊ ۾ پاڻ کي هميشه جيان سرهو محسوس ڪيو.
    اقرا ڏينهون ڏينهن پڙهڻ بجاءِ پيار ۾ پُر ٿيندي ويئي تان جو ڪجھه ڏينهن کان پوءِ هوءَ خالد سان لائون لهڻ لاءِ تيار ٿي ويئي. نيٺ ڪجھه ڏينهن کان پوءِ سندن لچڪ ڇپ ۾ شادي ٿي ويئي.
    ٻن مهينن کان پوءِ اقرا کي ان ڳالهه جي خبر پئي ته خالد ٽن ٻارن جو پيءُ آهي جيڪا حقيقت خالد، اقرا کان شاديءَ کان اڳ لڪائي هئي. اقرا کي اهڙيءَ خبر وڏو شاڪ ڏنو ۽ جسم کي لرزائي وڌو. اهڙي اٻهرائپ اقرا کي اداسين جي رُڃ ۾ رولي ڇڏيو. اقرا خالد وٽ پنهنجو اهو مقام ڪونه جوڙي سگهي جنهن لاءِ هن پنهنجي دل ۾ حسين سپنا سانڍيا هئا. سندس پيءُ جي عزت به باقي نه رهي سندس نالي سان منسوب ڪاليج پڻ زوال پذير ٿي چڪي هئي. جنهن جو ڪارڻ به اقرا پاڻ هئي جو سندس پيءُ جي ناماچاري خراب ٿيڻ کان پوءِ ڪاليج جو پڻ اميج خراب ٿي ويو. ڪجھه مهينن کان پوءِ ان ڪاليج واري جاءِ تي هڪ وڏو هوٽل تعمير ٿي ويو.
    ***


    رانگ نمبر

    دل به ڪا عجيب آهي، دل جا معاملا به عجيب ٿيندا آهن. اها خبر ئي نه ٿي پوي ته ڪنهن سان ڪڏهن اڙجي وڃي…! قدير سان به اهڙو قصو ٿيو آهي مون کيس اڳ گهڻو ئي سمجهايو اُنهيءَ مهل تي هو مون سان ها ۾ ها ملائي. منهجي ڳالهين کي لاڀائتو سمجهي عمل پيرا ٿيو هو، پر خبر ناهي، انهن ڳالهين کي ڇو پنهنجي دل مان ڪڍي صرف هڪڙي ڳالهه کي دل ۾ رکيو اٿائين. اها ڳالهه ته دل ۾ رکڻ جهڙي هوندي آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن ان ڳالهه جي بي ترتيبي ۽ منفي پهلو کي دل برداشت ناهي ڪندي، ها، اها هڪ ڳالهه فضيله جي محبت ئي آهي، جنهن کي هن دل ۾ جڳهه ڏني آهي، مون کي اها پڪ آهي ته قدير اڳتي هلي پنهنجي دل کي ڏکائيندو ۽ پنهنجي لاءِ اداسيون ۽ پريشانيون خريد ڪندو. هو جي هاڻي پنهنجو پاڻ کي نه سنڀاليندو ته پوءِ سنڀالڻ ڏکيو هوندو، ڇو ته قدير منهنجي ننڍپڻ جو دوست آهي، مون کي سندس طبيعت ۽ مزاج جي خبر آهي. محبت جي موٽ محبت ۾ چاهيندو آهي، تڏهن ئي ته مان گذريل چئن پنجن ڏينهن کان کيس فضيله جي محبت جي جڪڙيل ڄارَ کان جان ڇڏائڻ جو چئي رهيو آهيان، توڙي جو مون قدير کي پنهنجي زندگي ۾ آيل اهڙن ڪيترن ئي واقعن کان آگاهه به ڪيو آهي ته ڪيئن مون کي دوکا مليا آهن، جن کي پنهنجو سڀ ڪجھه سمجهيو، جن کي پنهنجون ساريون خوشيون، مسرتون ۽ راحتون ارپيون، جن لاءِ خوار ٿياسين. انهن ئي اسان کي ڪجھه نه سمجهيو اسان جي محبت کي هنن ڄڻ چرچو سمجهيو. هنن هميشه اسان جي جذبن سان کيڏيو، اسان کي ويراني، بي چيني ۽ اداسي جي عالم ۾ اڪيلو ڇڏي ويا، اسان کي ڪوڙين دلجائن ۽ آٿتن جو آسرو ڏيئي، دغائي ڪري دربدر ڪري ويا، اسان کي رُڃ ۽ رڻ ۾ رولي پاڻ راحتون ۽ مزا ماڻڻ لڳا، سچائي جا سچا پيروڪار سڏائيندڙ، وفا جون وڏيون هامون هڻندڙ ۽ نڀاءُ جا نهايت ئي نرالا حوالا پيش ڪندڙ، اهي ڪيستائين قرب واري قصي کي هلائي سگهيا…؟ اها خبر پوءِ پئي، قدير کي فضيله سان ملڻ وارو ڏينهن، اڃا نه آيو هو ڇو ته هنن پاڻ ۾ جا به گفتگو ڪئي آهي، سا موبائيل فون ذريعي ڪئي آهي، قدير جي فضيله سان ڳالهائڻ واري ويجهڙائي ڪيئن ٿي؟؟ اها ائين جو هڪ ڏينهن قدير کان ڪو رانگ نمبر ڊائل ٿي ويو هو. جنهن ڪري فضيله سان اڄ تائين ان رانگ نمبر کي رائٽ نمبر ڊائل ڪري ڳالهائيندو آهي، ته ساڻس ڇا ڇا ڳالهايو اٿائين، هو هن سان جڏهن به ڳالهائي بس ڪندو آهي پوءِ مون کي اچي جيستائين سارو احوال نه سڻائي تيستائين کيس آرام نه آچي…
    هڪ ڏينهن مون قدير کي اداس ڏسي، کانئس ان اداسي جو ڪارڻ پڇيو هن ٻڌايو يار يامين فضيله کي اڄ ٽيون ڏينهن آهي نه ڪو مئسيج مڪو اٿائين نه وري ڪال ڪئي اٿائين، ٻن ڏينهن کان سندس سريلي آواز جي رسائي ڪنن تائين ڪانه ٿي آهي، مٺيون مٺيون ڳالهيون، ڀوڳ چرچا نه ٿيا آهن، ڪا ڳالهه ئي ڪونه ٿي وڻي، مون کيس چيو يار قدير تنهنجو عشق به عجيب آهي هڪ ته تون فضيله سان آمهون سامهون نه ٿيو آهين ۽ ٻيو ته وري صرف فون تي قرب جو قصو هلائي رهيو آهين، ڀلا جي تنهنجي ساڻس ايڏي سڪ آهي ته پوءِ مليس، جيئن تون ڏسين ته ڪنن تي اهو مٺڙي آواز وارو انسان پاڻ به ان آواز جيان خوبصورت آهي يا وري…
    ”يا… وري جو مطلب ڇا…؟“ قدير منهنجي اڌوري جملي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ سوال اٿاريو… مون کيس چيو ته منهنجو مطلب آ ته تون هاڻي سندس ان سريلي آواز کي سامهون ويهي ٻڌ ان خوبصورت آواز جي مالڪياڻي ڇا پاڻ به خوبصورت آهي يا نه…
    ”ته پوءِ يار يامين! مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟“ قدير پريشان ٿيندي پڇيو.
    مون کيس چيو ته هاڻي هن سان ڳالهائين ته روبرو ملڻ جي ڳالهه ڪريس ائين پوءِ تنهنجي ان محبت کي اصل سڃاڻپ ملندي پوءِ ساڻس پيو روبرو ملندو رهندين، ڇو ته آخر ڪيستائين توکي اها محبت فون ذريعي هلائڻي آهي؟ نيٺ به ته تنهنجي دل ۾ ساڻس ملڻ جو جذبو جاڳندو.
    کيس پسڻ لاءِ دل چوندي… قدير! ڇو ته ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي، جو انسان جيڪو ڪجھه چاهيندو يا سوچيندو آهي، اهو ان جي ابتڙ ٿيندو آهي، ٻيو ته وري هي موبائيل جو جهان آهي، جنهن جهان ۾ فريب ۾ ڦاسايو ويندو آهي جنهن جو ڪو تصور به نه ڪيل هوندو آهي. هن منهنجي ڳالهين کي ٻڌي ڪنڌ هائوڪار ۾ ڌوڻيو ۽ چيائين ته ”ٺيڪ آ هاڻ هن کي ائين چوندس“.
    ٻئي ڏينهن جڏهن قدير مليو ته ڏاڍو خوش هو ۽ چيائين ته يار يامين! مان کيس ملڻ لاءِ چيو آهي، جنهن ڪري هن ها ڪئي آهي، سڀاڻي هن ملڻ جي لاءِ چيو آهي، مان ساڻس ملندس قدير ڏاڍو خوش هو، ٻئي ڏينهن شام جو منهنجي گهر اچي دڙ کڙڪايائين ساڻس مليس قدير اڄ مون کي انتهائي افسردگي واري حالت ۾ نظر اچي رهيو هو، ٻيو ته اهڙي حالت ۾ مون کيس اڳ ڪڏهن به ڪونه ڏٺو هو، مون کانئس پڇيو ”قدير خير ته آهي، ۽ تون پريشان نظر اچين پيو“ چيائين يار يامين! تون سچ چيو هو تو بلڪل صحيح چيو هو، تنهنجون ڳالهيون صحيح هيون، تون جيڪو چيو سو ٺيڪ چيو…“
    وڌيڪ هو نه ڳالهائي سگهيو…“ پر آخر ڇا ٿيو آهي؟ جو مون صحيح چيو هو“ مون کانئس پڇيو. چيائين ”يار يامين اها فضيله جنهن جو آواز پندرنهن ويهن سالن جي نينگريءَ جهڙو هو، پر پاڻ پنجاهه سالن جي هئي، مان کيس ڏسندي ئي ڇرڪجي ويس!“ مان قدير کان وڌيڪ ڪجھه به نه پڇيو، ۽ کل ۾ ويڙهجي ويس.
    ***


    ڪرڻي جي ڀرڻي

    ڳوٺ جا ننڍا توڙي وڏا، پڪا توڙي پوڙها جڏهن به بيمار ٿين ته سندن صحتيابي ۽ چڱڀلائي جو يقين ۽ اميد ڊاڪٽر عباس ۾ ئي هوندي آهي، ڊاڪٽر عباس، ڊاڪٽريءَ جون هڙئي ڊگريون وٺي پنهنجي ئي ڳوٺ ۾ ڪلينڪ کولي پنهنجو مسيحائي خدمتون سرانجام ڏيندو آهي. ڊاڪٽر عباس پنهنجي ڳوٺ ته ڇا، پر پنهنجي ڀرپاسي وارن ڳوٺن تائين مشهور آهي، پر سندس مريضن پاران اها شڪايت هوندي آهي ته هو ڪس ڪسر نٿو کائي، ٻه چار روپيا جي ڪنهن وٽ نه هجن ته منهن رکو ڪندو آهي. جيڪا ڳالهه سندس مغروريءَ کي ظاهر ڪري ٿي. مريضن جي ايتري ته پيهه هوندي اٿس، جو سارو ڏينهن مصروف هوندو آهي، وٽس هر مريض ايندو آهي، جنهن کي تپاسي هن لاءِ دوائون تجويز ڪندو آهي. اهو چوٿون چڪر هو جو هن عرفانه ڏانهن تپاسڻ دوران ان ڏانهن بي خودي واري ڪيفيت ۾ ڏٺو، عرفانه نبوءَ جي اڪيليءَ ڌيءُ هئي، هن کيس ڳوٺ ۾ کيس پنج درجا پڙهايا هئا، سندس پيءُ نبو ڪرائي ته سائيڪلون هلائيندو هو، عرفانه جي اکين واري عجيب ڪشش کيس خوبصورت بڻايو هو، سندس طبيعت ڪجھه وقت کان وٺي خراب ٿي تڏهن هوءَ پنهنجي ماءُ سان ڊاڪٽر عباس ڏانهن دوا وٺڻ آئي هئي.
    عرفانه جي طبيعت انشاءَالله ٺيڪ ٿي ويندي. پَر کيس هڪ ٻه دفعو وري به اچڻو پوندو“. ڊاڪٽر سندس ماءُ کي چيو.
    ”پر ڊاڪٽر! اسان ته غريب ماڻهو آهيون. ايڏا چڪر اچڻ لاءِ اسا ڪٿان پئسا آڻيون، ابا مڙئي ڪا اهڙي دوا ڏينس جو جلدي خوش ٿئي…“
    ”امان انشاءَالله جلدي ٺيڪ ٿي ويندي، توهان گهٻرايو نه…“ ڊاڪٽر، عرفانه ڏانهن ڏسي کيس دلاسو ڏنو.
    عرفانه سندس نظر ۾ بد نظر ڀاسي جو هو ڀيري ڀيري ڏانهنس ڏسي رهيو هو. ڊاڪٽر عباس کي عرفانه جي معصوم چهري دل جو مريض ڪري ڇڏيو هو. دوا وغيره وٺي، عرفانه جي امڙ ڊاڪٽر کي في ڏني ۽ هو وڃڻ لڳيون، پر ڊاڪٽر کين چيو ته ”سڀاڻي عرفانه کي انجيڪشن لڳندي، جنهن سان سندس طبيعت ٺيڪ ٿي ويندي، ان لاءِ سڀاڻي اوهان کي اچڻو پوندو“.
    تنهن کان پوءِ ڊاڪٽر ٻين مريضن کي تپاسڻ لڳو، سندس دل ۽ دماغ ۾ عرفانه جي معصوم چهري جي تصوير چٽجي ويئي، سندس خيال ان ڏانهن هئا، هو هڪ مريض کي انجيڪشن هڻڻ لڳو، ان دوران سندس خيالن وري عرفانه ڏانهن اڏار ڪئي… انجيڪشن پوري ٿي چڪي هئي ۽ اڃان تائين خيالن جي دنيا ۾ هو… تڏهن سندس مريض چيو ”ڊاڪٽر صاحب انجيڪشن ته پوري ٿي چڪي آهي ۽ توهان ڏوري مان ڪڍو ڇو نه ٿا، منهنجو ڏورو ته لوهه ٿي ويو آهي“.
    ”هون… ها…“ ڊاڪٽر خيالن جي جهان مان واپس آيو ۽ نيڊل سندس ڏوري مان ڪڍيائين.
    عرفانه گهر آئي ۽ سوچڻ لڳي ته ڊاڪٽر عباس ڇو ساڻس مٺڙي انداز ۾ ڳالهائي رهيو هو، جڏهن ته هو اهڙو ڪونه آهي ۽ ڇو مدهوشي جهڙا منظر پيش ڪري رهيو، کيس ڏسي رهيو هو، عرفانه سمجهي وئي تهسندس نيت خراب آهي.
    ٽي ڏينهن جڏهن هو ڪلينڪ تي ويون ته ڊاڪٽر کين ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، مريضن جي پيهه هجڻ ڪري پنهنجي ڪمپائونڊر ڪلو کي چيائين ته وڃ اندر ۽ هنن کي ويهڻ لاءِ جاءِ وٺي ڏي، مريضن جي گهڻي رش هئڻ ڪري ٻين کي هيڏي هوڏي ڪري کين جڳهه وٺي ڏني. ڊاڪٽر جيئن ئي اندر آيو، هن عرفانه کي ڏسي پاڻ کي خوش محسوس ڪيو. ٻن ٽن مريضن کي تپاسڻ کان پوءِ عرفانه کان سندس طبيعت پڇي، هن کيس ڪجھه بهتر هجڻ جو چيو، ڊاڪٽر عباس ٻئي پل پنهنجي ڳچيءَ مان اسٽيٿو اسڪوپ لاهي سندس ڇاتيءَ تپاسڻ لڳو، پوءِ چيلهه کان تپاسڻ مهل کانئس ساهه کڻايو، سندس ماءُ کي ڊاڪٽر جي اها سڌي سنئين واهياتي ۽ بدمعاشي لڳي، پوءِ ڊاڪٽر پنهنجي هٿ سان سندس ڳلن کان ڳٽن تائين پنهنجو هٿ ڦيرائيندي سندس معائنو ڪيو، انهيءَ مهل عرفانه بلڪل بي جان ٿي وئي، هاڻ سندس ماءُ سندس بي حيائيءَ کي بخوبي ڄاڻي ورتو ۽ سندس واحياتي وري وري ڏسي کيس چيائينس ”هي ڪهڙي بدمعاشي آهي ڇا پيو…“ ۽ وڌيڪ الئه ڇا ڇا گهٽ وڌ کيس چوڻ لڳي تڏهن ڊاڪٽر عباس کيس چيو ”حقيقت اها آهي ته عرفانه مون کي وڻي وئي آهي. ان ڪري توهان جيترا پئسا چئو، جيڪو ڪجھه به چئو مان ڏيندس پر عرفانه جي ٻانهن مون کي ڏيو، ڇو ته هوءَ مون کي پسند اچي وئي آهي“.
    سندس ماءُ مشتعل ٿي وئي ۽ سندس اکين مان ڄڻ باهه جا شعلا پئي نڪتا، چيائين ”حياءُ ۽ شرم هجي توکي اهڙي ڳالهه ڪري تي… پنهنجن ٻچن وارو ٿي ڪري ائين چئبو آ… سڄي اسپتال ۾ گوڙ ٿي ويو، ڊاڪٽر عباس جي اهڙي روييي تي هر ڪو ڏندين آڱريون ڏيڻ لڳو، پوءِ عرفانه ۽ سندس ماءُ گهر هليون آيون.
    شام جو جڏهن عرفانه جو پيءُ گهر آيو ته سندس ماءُ، ڊاڪٽر جي سڄي ڳالهه ٻڌائي، اهو ٻڌي سندس پيءُ ٽانڊا ٿي ويو، پوءِ زال کي چيائين ”ته اسين غريب آهيون، انهن ڏاڍن کي ڇا ٿا ڪري سگهون. هي وڏيري جو ماڻهو آهي، جي اسان ٿورو به ڪڇنداسين ته هڻي بکيا اڊيڙي ڇڏيندو، اسان جو الله ئي ڪافي اٿن شال دربدر ٿين…“
    هاڻي ڊاڪٽر عباس جي سڀ کي خبر پئجي چڪي هئي، ته سندس ڪم ڪهڙا آهن. سندس اهڙن ڪمن کي ڏسي هر ڪو نه چاهيندي به علاج ڪرائيندو هو، ان مصبت ۽ مجبوري تحت ته ڳوٺ ۾ ٻيو اهڙو ڪو ڊاڪٽر نه هو، جنهن کي هو پنهنجي طبيعت ڏيکارين.
    ڪجھه وقت گذريو، ڊاڪٽر عباس کي عرفانه جي عشق اوڙاهه ۾ اڇلايو هاڻي کيس حاصل ڪرڻ لاءِ هو هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار ٿيو، ڳوٺ جو وڏيرو ڊاڪٽر عباس جي سٺي عزت احترام ڪندو هو، هو کيس هر تڪليف جي حل لاءِ کيس خاطري ڏيارڻ لاءِ چوندو هو، هڪ ڏينهن ڊاڪٽر ڏانهس ويو، وڏيري ڊاڪٽر کي ڏٺو ته چيائين ”اچو ڊاڪٽر صاحب!! ڪيئن اچڻ ٿيو آهي…“ ڊاڪٽر کيس سلام دعا کان چيو ته ”وڏا نبو… جيڪو سائيڪلون هلائيندو آهي، سندس ڌيءَ عرفانه سان دل لڳي وئي اٿم…“
    ”اڇا ته بابا… پوءِ ڇا ڪجي…“ وڏيري چيو.
    ”سائين، نبوءَ کان اها ٻانهن وٺرائي ڏيو…“ڊاڪٽر چيو. ”اهو ڪو مسئلو ئي ناهي، مان هاڻي ئي نبوءَ کي گهرايان ٿو، هن پنهنجي هڪ نوڪر کي چيو ته هو نبوءَ کي سڏي اچي، سندس نوڪر حڪم جو تابع ٿي نبو وٽ آيو جيڪو هڪ سائيڪل کي پنڪچر هڻي رهيو هو، کيس چيائين ”اڙي نبو! هل وڏي جو حڪم آ سڏئي پيو“.
    ”پر ڇو…“
    ”الئه مون کي ڪهڙي خبر… هل جلدي ڪر…!!“
    نبو آيو ۽ وڏيري سان اچي نوڙي مليو ۽ چيائينس ته حڪم بابا سائين، مون مسڪين لاءِ…“
    ”اڙي نبو، پنهنجي اها جيڪا ڇوڪري اٿئي… ڇا اٿس نالو… ها عرفانه!! اڙي بابا! اها هن ڊاڪٽر صاحب کي ڏج بابا ڏس! پنهنجي ڳوٺ ۾ اهو هڪڙو ئي ته ڊاڪٽر صاحب آ، جيڪو سڀني جو علاج ملاج ڪري ٿو“.
    وڏيري شهپرن کي وٽيندي چيو.
    ”سائين ڇا پيا چئو ۽ ڇو پيا چئو، منهنجي نياڻي ته منهنجي ڀائٽي کي ڏنل آهي، هي ڊاڪٽر شادي شده به آهي. پر… نه صاحب… ايئن نه ٿيندو“. نبو روئڻهارڪو ٿي ويو.
    ”اڙي نڀاڳا ڇا… تون وري منهنجي حڪم کي پٺيءَ ڏئين پيو، جيئن مان چوان ٿو نه بس… تنهنجي ڪهڙي جرئت آهي.
    ”نه صاحب نه… مان ايئن نه ڪندس“.
    ”اڙي ڇا…“
    ”اڙي ڇا…“
    ”ها مان نه ڪندس ايئن…“
    وڏيري سندس ويجهو بيٺل ڪمدار کان بندوق وٺي نبوءَ مٿان سڌي ڪئي، ٻئي پل پکي بندوق جو ٺڪاءُ ٻڌي ۽ وڏيري جي وحشت ڏسي وڻن مان اڏاميا، نبوءَ جي سينيءَ مان رت وهي رهيو هو، پوءِ وڏيري پنهنجي ٻن ماڻهن کي چيو ته وڃو ۽ وڃي ان ڇوريءَ کي گهران ڪڍي هيڏي وٺي اچو.
    ٿوري دير کان پوءِ هو عرفانه جي بي حرمتي ڪندا گهليندا گهليندا اچي پهتا، عرفانه سڏڪا ڀري ۽ دانهون ڪري رهي هئي، هينئن جو سندس مئل پيءُ تي نظر پئي ته هنن کان پاڻ ڇڏائي اچي سندس مئل لاش مٿان هنجون هارڻ لڳي…“ ظالم! ظالم آن تون وڏو… وحشي آن…“ وڏيري کي چوڻ لڳي. وڏيري انهن ٻنهي کي حڪم ڪيو ته ”هن ڇوريءَ کي پري ڪيو لاش کان… ۽ پوءِ وڏيري پنهنجي هڪ ماڻهوءَ کي چيو ته وڃ ۽ ملان محمود کي وٺي اچ مان هن ڇوريءَ جو ڊاڪٽر صاحب سان هينئر نڪاح پڙهايان ٿو“. ٿوري دير کان پوءِ ملان محمود آيو. جنهن کي وڏيري گرجندي ”اڙي بابا… جلدي هن ڇوريءَ جو نڪاح پڙهه…!“
    پر عرفانه ”نه، نه… ائين نه ٿيندو“. رڙيون ڪرڻ لڳي، ملان کيس چيو ”قبلا! هوءَ راضي ته نه آهي، سو نڪاح ته راضپي سان ٿيندو“.
    ”ملو! تون اهو وري راضپو ٻاضپو وري ڇا جو لاٿو اٿئي… توکي جيئن مان چوان ٿو، جلدي ڪر“. وڏيري وات کي وڏو ڪيو.
    ملان محمود حاضر سائين چئي، سندن نڪاح پڙهايو، عرفانه وڏيري جي زور اڳيان زاري سمجهي کيس پٽون ۽ پاراتا ڏيڻ لڳي.
    ڪجھه ڏينهن کان پوءِ ڊاڪٽر عباس کي اها خبر ملي ته سندس ڌيءُ جيڪا ميڊيڪل سائنس مان تازو ئي فارغ ٿي هئي، تنهن کي ان وڏيري جو پٽ پاڻ سان ڀڄائي ويو…
    ***


    روين جي ٽياس تي ٽنگيل محبت

    ”مان شِيراز کي نه ٿي ڇڏي سگهان. شيراز منهنجو آهي ۽ مان شيراز جي… امان تون آخر سمجهين ڇو نه ٿي…“ صبا ڪچن مان نڪري ڪمري ۾ ايندي چيو.
    صبا! تون صفا بيوقوف بڻجين پئي، تون چري آهين، تنهنجي پيءُ پنهنجي ڀاءُ جي پٽ سان تنهنجو رشتو ننڍپڻ ۾ ئي طئه ڪري ڇڏيو آ…! ڀلا تنهنجي سؤٽ نعيم ۾ ڪهڙي ڪمي آهي، هو به ته سهڻو سيبتو ۽ چالاڪ ڇوڪرو آهي. سندس سڀاءُ به سهڻو اٿس. پوءِ نيٺ تون ”نه نه“ ڇوڪرين پئي“ ماءُ کيس چيو.
    ”نه امان نعيم سان منهنجي ڪابه دلچسپي ناهي مان ان سان شادي نه ڪنديس! شادي ڪرڻ کان اڳ دل جي خوشي ۽ راضپو هر ڪنهن جو حق آهي ۽ شادي جو فيصلو هر ڪنهن کي پاڻ ڪرڻو پوندو آهي ڇو ته هي اهڙو پيچرو آهي، جتي ڪٿي ڪاوا ته ڪٿي ڪنڊا هوندا آهن، بهرحال امان آئون شيراز…“
    ”بس صبا بس! هاڻي گهڻي وات وڪيل نه ٿي، توکي تنهنجي پيءُ جي شايد خبر ناهي، جي هو تنهنجون اهي ڳالهيون ٻڌي ته سر وڍي ڇڏئي…“ ماءُ کيس ڪاوڙ ۽ سخت لهجي ۾ چيو.
    ”امان ڀلي ڇا به ٿئي، پر مان شيراز کان سواءِ پنهنجي زندگي جو جيون ساٿي ٻئي ڪنهن کي به نه چونڊينديس“ صبا در جي تاڪ کي زور سان بند ڪري، ڪمري مان نڪرندي چيو.
    صبا پنهنجي ماسيءَ جي گهر ايندي هئي، جنهن جو گهر شيراز جن جي پاڙي ۾ هو، صبا مئٽرڪ تائين پنهنجي تعليم کي پورو ڪري اڳتي به پڙهائيءَ کي جاري رکڻ پئي چاهيو پر سندس والدين ديوارن جي اندر کيس بند رکيو. شيراز پڙهيل لکيل، شاعر ۽ ڪهاڻيڪار هو. سڀ کان وڏي ڳالهه اها ته هو هڪ سٺو انسان هو. سندس پرڪشش شخصيت پوري پاڙي ۾ اهميت جي حامل هئي صبا جو سؤٽ نعيم هڪ درزي هو، جيڪو گهٽ پڙهيل هو، صبا کانئس حد درجي جي نفرت ڪندي هئي.
    هڪ دفعي صبا جڏهن پنهنجي ماسيءَ جي گهر گهمڻ آئي ته سندس ماسات شازيه کيس شيراز جن جي گهر گهمائڻ وٺي وئي هئي، جتي هن شيراز کي ڏٺو هو. شيراز جي صورت ۽ سيرت هن جي مٿان وڏو اثر ڇڏيو هو. صبا پنهنجي گهر ته وئي پر پاڻ سان شيراز جون يادون ساڻ کڻي وئي. هونئن صبا پنهنجي ماسيءَ جي گهر ٻن ٽن مهينن کان پوءِ گهمڻ ويندي هئي پر هاڻي ويهن ٽيهن ڏينهن کان پوءِ سندس گهر وڃڻ لڳي. صبا شازيه کي شيراز جن جي گهر وٺي هلڻ لاءِ چوندي هئي، شازيه به کيس وٺي ويندي هئي، هن کي شيراز سان ويهڻ ۽ ساڻس ڳالهيون ڪرڻ سٺو لڳندو هو. ائين هڪ ڏينهن هن شيراز کي ٻڌايو ته مان توکي ڏاڍو چاهيندي آهيان. مون تو جهڙو بهترين انسان پنهنجي زندگيءَ ۾ ناهي ڏٺو. شيراز سندس اهڙي قسم جي ڳالهين کي اجائي تعريف سمجهي، هر ڀيري ڳالهه کي مذاق ۾ وٺندو هو.
    هڪ ڀيري صبا جڏهن شيراز وارن جي گهر وئي تڏهن گهر ۾ صرف شيراز هو. هنن جا گهر ڀاتي ڪنهن ڪم سانگي ٻاهر ويل هئا. صبا شازيه کي چيو ته في الحال تون گهر وڃ، مون کي شيراز سان ڪا ضروري ڳالهه ڪرڻي آهي.
    ”پر صبا! جڏهن شيراز جن جا گهرڀاتي گهر ۾ ڪونه آهن، ته اسان کي هلڻ گهرجي“ شازيه صبا کي چيو.
    ”شازيه… ڏس ٿورو سمجهه! مان توکي سڀ ڪجھه“. صبا جي جملي کي ڪٽيندي شازيه چيس ”هو امان جن جو تنهنجي لاءِ پڇن ته کين ڇا ٻڌايان؟“
    ”شازيه تون ماسي جن کي ٻڌاءِ ته صبا کي شيراز جي ڀيڻ ڪراچي کان آيل پنهنجي پڦاٽ جي گهر گهمائڻ وٺي وئي آهي…“
    ”چڱو ٺيڪ آ…“ ائين چئي شازيه صبا کي اڪيلو ڇڏي پنهنجي گهر وئي.
    ”هيلو شيراز“ اياز جيڪو اسٽڊي روم ۾ ڪو ڪتاب پڙهي رهيو هو، صبا سان ساڻ ڪوبه نه ڏسي ڇرڪي اٿي بيٺو…! ”صبا! تون… تون نهن سان آئي آهين… امان جن ته…“ شيراز انتهائي حيراني وچان کيس چيو. ”مان اڪيلي آهيان…“
    ”پر صبا، شازيه… ٻيو ڪوئي توسان…“
    ”شازيه کي مون چيو ته گهر وڃي…“
    ”پر ڇو؟ شازيه کان پنهنجي ماءُ پڇي ته تون…“
    ”مون ان کي سمجهايو آهي، ته…“
    ”امان ۽ ادي وارا اوچتو…“ شيراز صبا کان عجيب ۽ تڪڙا سوال ڪندو رهيو جن جا صبا کيس جواب ڏيندي رهي.
    ”شيراز ويهو توهان…“
    شيراز ويٺو ۽ سندس سامهون صبا به ويٺي، شيراز توکي يقين ناهي نه…“
    ”ڇا جو…؟؟؟“
    ”ته مان تو سان محبت ڪندي آهيان…“
    ”صبا تون…“
    شيراز پليز! تو منهنجي دل کان پڇيو آهي ته تون مون کي ڪيترو وڻندو آهين. شيراز تو جهڙي سٺي طبيعت رکندڙ ماڻهو مون ڪٿي به ناهي ڏٺو، مون کي شازيه جڏهن توهان جي گهر گهمائڻ لاءِ وٺي آئي هئي، مون توکي پهرئين ئي ڀيري ۾ ڀانئيو هو ته تون ڪيترو سٺو آهين. جڏهن مان گهر وئي هيس ته تون مون کي ساري رات ياد هئين“.
    ”پر صبا تون شايد چري آهين، جو تون…“ اياز کيس چيو.
    ”ها شيراز مان چري آهيان، ان ڪري جو مان تو مٿان ديواني آهيان. منهنجي هن معصوم دل ۾ سانڍيل معصوم چاهت جي توکي ڇا خبر ته مان ڪيتري محبت ڪيان ٿي توسان…!“
    ”پر صبا تون ڏاڍي جلد بازي مان ڪم وٺندي بيوقوفي جي حد ڪرين پئي!“ شيراز کيس چيو.
    ”نه شيراز اها ڪابه جلد بازي نه آهي، هر انسان جيان منهنجي سيني ۾ به دل آهي، جا توسان محبت ڪري ٿي. جنهن کي تون وڻي ويو آهين. شيراز تون شاعر آهين، شاعر ته حساس طبيعت جا ٿيندا آهن، انهن کي خبر هوندي آهي ته دل کي جڏهن ڪا شيءِ سٺي لڳندي آهي تڏهن دل ان سٺي شيءِ ڏانهن مائل ٿي ويندي آهي، دل جو ڪم ڏاڍو ڏکيو ٿيندو آهي. شل نه ڪنهن سان اڙجي پوي پوءِ ته بس رات ڏينهن، ڪنهن جي حسين يادن ۾ گهاربو آهي. شيراز منهنجي دل جا خيال ۽ اندر جا احساس ان وقت تائين ڀٽڪندا رهندا جيستائين تون منهنجو نه ٿيندين…! شيراز منهنجي زندگي ۾ کوڙ سارا اهڙا انسان آيا، جن مون ڏانهن نه ڄاڻ ڪيترن نياپن، خطن ۽ ڪيترن ته منهنجي سامهون به پنهنجي الفت کي اظهاريو، پر سچ پڇين ته منهنجي دل ڪنهن ڏانهن به مائل ۽ مطمئن ناهي ٿي، پر مون جڏهن توکي ڏٺو هو، تڏهن کان مون کي پنهنجي زندگي پر لطف محسوس ٿي هئي ۽ جڏهن کان مون توکي دل ئي دل ۾ ساريو ۽ سنڀاريو ۽ ياد ڪيو هو، تڏهن زندگي هڪ نئون موڙ اختيار ڪري ورتو ۽ هزارين خواهشون ۽ تمنائون پالڻ لڳي“ صبا پنهنجي اندر ۾ موجود سڀني ڳالهين کي شيراز آڏو رکيو. صبا جي نيڻن ۾ شيراز نهاريو، جيڪي پڻ ان ڳالهه جو چٽو ثبوت ڏين پيون ته صبا جي ساڻس واقعي دل آهي. واقعي هن پنهنجي دل ۾ شيراز کي سمائي ڇڏيو آهي.
    ”صبا! تون جيڪڏهن مون سان محبت ڪرين ٿي ته توکي ان کي ساٿ سلامت رکڻو پوندو. بيوفائي ڪري محبت جي تذليل توکي ناهي ڪرڻي. ڇو ته محبت هوندي ئي وفا لاءِ آهي. هن دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا انسان آهن، جيڪي وفا جي ته وڏي هام هڻندا آهن، پر اڳتي هلي اهي وفا جي ڪيل واعدي کي بلڪل نه پاڙيندا آهن“ اياز کيس ٻڌايو.
    ايئن ٻنهي جي چپن تي مرڪ رقص ڪرڻ لڳي.
    صبا هاڻي ڏاڍي خوش نظر اچڻ لڳي هئي ۽ خوشيءَ مان گهر جي هر ڪم کي سٺي نموني ۽ سليقي سان ڪرڻ لڳي هئي. هي دل ئي دل ۾ ڏاڍي خوش هئي ڇو ته شيراز سان پنهنجي دل ۾ سانڍيل محبت کي هن اظهاريو هو ۽ ان ڳالهه تي هو بيحد خوش هئي، جو شيراز سندس چاهت وارن معصوم جذبن جو قدر ڪيو هو.
    صبا شيراز سان ڪڏهن فون تي ته ڪڏهن سامهون رابطو رکندي رهي، اهڙي طرح هو هڪ ٻئي کي ڏاڍو چاهڻ لڳا. سندن محبت تڏهن خوشبو جيان پکڙجي وئي جڏهن شازيه ڏٺو ته صبا جي شيراز ۽ شيراز جي صبا ۾ گهري دلچسپي اچي وئي آهي. هو هڪ ٻئي کان پل به پري نه ٿا ٿين. شازيه جڏهن ٻنهي وچ ۾ ايڏي سڪ ڏٺي تڏهن کيس اها ڳالهه بلڪل به پسند نه آئي هن جي دل ساڙ ۽ حسد سان سرشار ٿي وئي، هن نه ٿي چاهيو ته ٻنهي وچ ۾ محبت برقرار هجي. هن شيراز جي ماءُ ۽ ڀيڻن کي سارو قصو ٻڌايو، ته هوڏانهن وري صبا جي پيءُ کان سواءِ سندس ساري فيملي جي ڪنن تائين اها ڪهاڻي پڄائي. شيراز جي ماءُ کانئس ساري حقيقت ٻڌائڻ لاءِ شيراز آڏو پنهنجا هٿ جوڙيا شيراز کيس سموري ڳالهه بيان ڪئي. هن ٻڌايو ته صبا سان ڏاڍي سڪ رکي ٿو ۽ صبا پڻ ان ڪري هن مٿس زور ڀريو ته سندس رشتو صبا سان طئه ڪرائي. سندس ماءُ کيس گهڻو ئي سمجهايو ته پاڻ کي هو نه ڏيندا. شيراز ايلازن کان پوءِ پنهنجي امڙ کي ان ڳالهه تي راضي ڪيو هوڏانهن جڏهن صبا پنهنجي ماءُ کي اها ساري حقيقت ٻڌائي تڏهن سندس ماءُ کيس ان ڳالهه تان مڙڻ جو چيو صبا جي ماءُ کيس چيو ته تون سمجهڻ جي ڪوشش ڇو نه ٿي ڪرين. تنهنجي انهيءَ غلط قدم جا نقصان ڪيترا ٿيندا، جنهن جو اندازو توکي بلڪل به ڪونهي!! تنهنجي پيءُ پنهنجي ڀاءُ کي ڪهڙو مُنهن ڏيکاريندو؟ هنن جي ڀائرن ۾ ڦوٽ پيدا ٿيندو.
    ”پر امان! اهو منهنجو پهريون ۽ آخري فيصلو آهي، جيڪو مون سوچي سمجهي ڪيو آهي. امان ڀل منهنجو سر سسيءَ کان ڌار ڪيو وڃي پر مان ان فيصلي تان نه هٽنديس“. صبا مٿان انتهائي پرجوش جذبو حاوي هو.
    ”ڌيءُ صبا! اڄ تو ڏاڍو ٻڌائي ڇڏيو! ڇا پيءُ ماءُ اولاد کي ان لاءِ ڄڻين ٿا ته هو سندن سورن جو سامان بڻجن. اولاد جا جيڪڏهن پيءُ ماءُ مٿان حق آهن، ان جو سبب اهو ناهي ته اولاد کي جيئن وڻي تيئن ڪري… پيءُ ماءُ اولاد جي پرورش ان ڪري ڪري ٿو ته هو انهن ئي والدين جي احسان ويهن، جن جي ننڍپڻ ۾ سندن پيءُ ماءُ پاڻ سور سختيون سهي، کين تر برابر تڪليف ڪونه ٿا پهچائين ۽ وري اولاد…“ سندس ماءُ جي اکين مان لڙڪ هڪ ٻئي پٺيان وهڻ لڳن ٿا. هوءَ وڌيڪ ڳالهائڻ بجاءِ سڏڪي پوي ٿي!
    ڏينهن پٺيان هفتا ۽ هفتن پٺيان مهينا گذرندا رهن ٿا. شيراز ۽ صبا جو عشق چوٽ چڙهي وڃي ٿو، هو هر وقت هڪ ٻئي کي حاصل ڪرڻ لاءِ فڪرمند هجن ٿا.
    هڪ ڏينهن شيراز صبا کي چيو ته هو پنهنجي والدين رشتي لاءِ سندن گهر موڪلڻ چاهي ٿو. جنهن تي صبا کيس چيو ته ”شيراز! توکي منهنجي والدين جي ته خبر آهي، هو گهر آئي جو مان نه رکندا… ٻيو ته اها ڳالهه ڪنهن حساب سان غلط به چئبي جو مون کي ته اڳ ۾ ڪنهن جي نالي ڪري ڇڏيو آ هنن… بهرحال شيراز تون حاصلات جي جدوجهد تان هٿ نه کڻجان ۽ مان به وسئون نه گهٽائينديس!
    شيراز چيس ”صبا! تون هاڻي پنهنجي امڙ کي هٿ جوڙي اهو آخري عرض ڪر ته هوءَ ان ڳالهه کي سنجيدگيءَ سان سوچيندي ان ڳالهه تي آماده ٿئي ۽ هوءَ تنهنجي پيءُ سان به ڳالهه ڪري!“ صبا ساڻس ها ڪئي.
    ”امان! توکي منهنجو واسطو! پليز امان! تون ناراض ڇو پئي ٿئين! امان تون سمجهه! ڏس امان منهنجي زندگي جو مسئلو آهي، زندگي مون کي گذارڻي آهي، امان پليز! بابا کي به تون چئه…“
    ”پر هو ته…“
    ”نه امان! مهرباني ڪري تون بابا کي چئه!!“ صبا جي لهجي ۾ جذبات بدران نماڻائي ۽ شائستگي هئي.
    ”ٺيڪ آ مان کيس چونديس…“
    ٻئي ڏينهن صبا جي ماءُ سندس پيءُ کي سڄي ڳالهه ٻڌائي، جنهن تي کيس گهڻو غصو آيو ۽ چيائين ”ان جي ڪهڙي جرئت ٿي آ، جو هنن پاڻ فيصلا ڪرڻ شروع ڪيا آهن، اهو سوال پيدا نه ٿو ٿئي ته مان کيس پسند جي شادي ڪرڻ ڏيان… کيس سمجهائينس ته ان ڳالهه تان هٽي وڃي نه ته…“
    صبا جيڪا دروازي جي ڀرسان بيهي اهو سڀ ڪجھه ٻڌي رهي هئي، تنهن کي ڪاوڙ لڳي، روئندي ڊڪندي پاڻ کي اچي پلنگ تي اڇلايائين ۽ سڏڪن ۾ پئجي وئي. بيڊ جي ڀر ۾ پيل ٽيبل تي رکيل شيشي جي جڳ ۽ گلاس کي زور سان زمين تي اڇلايائين ٿانون جي ٽٽڻ جي کڙڪي تي سندس ماءُ ڀڄندي ڪمري ۾ آئي!
    ”صبا هي سڀ ڪجھه ڇا هي؟…“ سندس پيءُ گرجندي چيو.
    ”صبا جو مٿو خراب ٿي چڪو آهي. کيس خبر به اهي ته سندس مڱيندو پنهنجو سؤٽ اٿس پر ذهن ۾ خبر ناهي ته ڪنهن ڀوت سوار ڪيو اٿس! خوامخواهه پنهنجي خاندان جي عزت ۽ عصمت کي لڄائي پئي. هاڻي هتي هن هي حَشر ڪيو آهي ته ڇا به ٿئي پر هو شيراز سان لانئون لهندي پر نعيم جي نالي کان به کيس نفرت اٿس“ سندس ماءُ بيزار ٿيندي ٻڌايو.
    سندس پيءُ صبا جي ويجهو آيو ۽ سندس ڳلن تي ٻه زوردار چماٽون وهائي کيس چيائين ”توکي اهو احساس نه ٿيو ته تنهنجي ان قدم سان تنهنجي والدين جي ڪيتري تذليل ٿيندي… پاڙي ۽ ڳوٺ ۾ اسان جي عرت وڃي ڇا بچندي. صبا! ڏس، اشراف جي ڌيءَ آهين ته مڙي وڃ، پنهنجي انهيءَ غلط فيصلي تان… ان ۾ اجتماعي فائدو آهي. صبا جي تون اسان جي عزت جو ڀرم نه رکيو ته آئون توکي ختم ڪري ڇڏيندس!“
    ”ها بابا! ڀلي توهان مون کي ختم ڪري ڇڏيو پر مون کي شيراز کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به نه ڏيو. توهان جا مون مٿان هونئن به بيشمار احسان آهن، پر هڪ احسان اهو به ضرور ڪيو! ڇو ته شيراز منهنجي زندگي آهي ۽ زندگي کي سٺي نموني گذارڻ هر هڪ جو بنيادي حق ۽ فرض آهي. بابا! شيراز غمن ۾ وڃائجي ويل منهنجي وجود کي منزلن جا ڏس ڏنا آهن“. صبا روئيندي رهي.
    ”بڪواس بند ڪر ته ڄاڙي نه ڀڃي ڇڏيان. بيوقف ڪنهن جاءِ جي… ائين ڳالهائبو آهي پيءُ سامهون… جميلا! هن بدتميز کي منهنجي اکين کان گم ڪر!“ ماءُ هن کي ٻانهن کان وٺي پنهنجي ڪمري ۾ آڻي ٿي. جتي صبا پلنگ تي بي حال ٿي ويهي، منهن مونن ۾ وجهي، سڏڪا ڀري ٿي. پنهنجي هر سڏي ۽ دانهن ۾ شيراز کي ساري ٿي. ڪجھه ڏينهن اذيتن جا گذريا ئي مس ته صبا جي پيءُ پنهنجي ڀاءُ کي چيو ته هو پنهنجي پٽ جي جلد شادي ڪرائي. صبا جي ڪنن تي جڏهن اها خبر پهتي، تڏهن سندس اذيتن ۾ اضافو اچي ويو. هڪ دفعو وري هوءَ پنهنجي ماءُ آڏو جهڪي ۽ کيس چيائين ”امڙ الله واسطي، توهان مون سان ظلم پيا ڪريو، توهان مون کي ڇو اوڙاهه ۾ اڇلائڻ چاهيو پيا. امان ائين ڇو پيا ڪيو…! سندس ماءُ صبا جي مضبوط ٿيل هٿن مان پاڻ ڇڏائي هلي وڃي ٿي! هوءَ لاڳيتو روئيندي رهي ٿي. ٻئي طرف شيراز به اداسي ۽ پريشانيءَ جي پيچيده پيچرن تان گذرندو رهي ٿو.
    پر هاڻي وقت واري جيان هٿن مان وهي چڪو هو ۽ ٻنهي کي سڄي زندگي يادن جي عذاب ۾ گذارڻي هئي. وڏن جي ضد کين اذيتن جي ٽياس تي ٽنگي ڇڏيو هو.
    ***


    روئاريندڙ رويو

    سائقه تون سمجهڻ جي ڪوشش ڇو نٿي ڪرين…“ سلمان مٿي کي ٻئي هٿ ڏيندي چيو.
    ”سلمان مون کي خبر آهي ته سونيا ڪيتري ڪاوڙيل ۽ ضدي ڇوڪري آهي. هوءَ منهنجي ساهيڙي آهي، مان هن جي رڳ رڳ کان چڱي ريت واقف آهيان. هوءَ نه مڃيندي ان ڳالهه کي… الٽو مون مٿان ڪاوڙندي“ سائقه سلمان کي سمجهائيندي چيو.
    ”پليز! سائقه تون کيس هڪ دفعو ٻڌاءِ، سائقه پليز! توکي جيڪا شيءِ پياري آهي، ان جو قسم اٿئي… پليز! هڪ دفعو سائقه…“ سلمان کيس هٿ جوڙي ۽ منٿ ڪندي چيو.
    ”چڱو ٺيڪ آ مان کيس چونديس…! سائقه چيو.
    سلمان يونيورسٽي مان ماسٽرس ڪري فارغ ٿي هڪ پرائيوٽ ڪاليج ۾ پڙهائيندو آهي، سونيا به يونيورسٽي مان ماسٽرس جي ڊگري وٺي نوڪري نه ملڻ ڪري انهيءَ ئي ڪاليج ۾ پڙهائيندي آهي. سلمان جڏهن ڪاليج ۾ نئون نئون آيو ته سندس لاءِ ماحول بلڪل نئون هو. جيستائين هو ماحول ۾ رلي مِلي. سلمان ان ڪاليج جي ٽيچنگ اسٽاف ۾ هڪ سندر چهرو پستو. جنهن جو نالو سونيه هو. سلمان کي سونيه جي نالي جي خبر پئي، پر کيس اها خبر نه پئي ته هوءَ ان ڪاليج ۾ ڇا پڙهائيندي آهي ۽ هوءَ ڪٿان ۽ ڪهڙي يونيورسٽي مان پڙهي آئي آهي. اهڙي قسم جي سوالن سندس ذهن کان جواب جي گهر ڪئي. هڪ ڏينهن سلمان ڏٺو ته سونيا پنهنجي سهيلي سائقه سان اچي رهي هئي. سونيا جي سونهن سندي انداز سلمان کي حيران ڪري ڇڏيو. ٻه ٽي ڏينهن گذريا، هاڻ سلمان کي ڪاليج جو ماحول ڪافي سمجهه ۾ اچي ويو هو. کيس ڪاليج جي سڄي ٽيچنگ اسٽاف جي نالن ۽ سندن ڪمن جي باري ۾ عِلم ٿي ويو هو. سونيا جي باري ۾ به هن مُڪمل پڇا ڳاڇا ڪري ڇڏي هئي…
    سائقه سونيا جي سؤٽ سان گڏ سٺي ساهيڙي پڻ هئي. هوءَ فرسٽ ايئر ۾ پڙهندي هئي، جڏهن ته سونيا پڙهائيندي هئي پر پاڻ ۾ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ وارو حساب نه رکيائون ڇو ته اهي ننڍپڻ کان ئي سٺيون ساهيڙيون هيون. ڪجھه هفتن پڄاڻان سلمان سائقه جي آڏو سونيا بابت دل جي سموري حقيقت بيان ڪري ڇڏي.
    ڪاليج جي موڪل ٿي ته سائقه ۽ سونيا رڪشا تي چڙهي گهر ڏانهن روانيون ٿيون. ان دوران سائقه سونيا کي چيو ته ”مون کي تو سان هڪ ضروري ڳالهه ڪرڻي آهي“.
    سونيا کيس چيو ”ضروري ڳالهه… ڇا ڳالهه آهي؟“
    سائقه چيس ”سونيا! اها ڳالهه مان سڀاڻي تنهنجي گهر اينديس، پوءِ اتي کولي ٻڌائينديس ڇو ته سڀاڻي آچر آهي“.
    سونيا بيقراري وچان کانئس پڇيو ته ”ڇا ڳالهه آهي، پليز! هاڻي ٻڌاءِ“.
    پر سائقه کيس چيو ته ”سونيا! مان سڀاڻي تو ڏي اينديس توکي ٻڌائينديس!“
    سائقه جي گهر وٽ رڪشا وارو بيٺو سائقه سونيا کان سڀاڻي تائين موڪلايو، ڳچ پنڌ کان پوءِ سونيا به رڪشان تان لهي پنهنجي گهر وئي. صبح ٿي سائقه سونيا جي گهر آئي، سونيا کي به سندس بيتابي سان انتظار هو.
    سائقه کيس ٻڌايو ته ”سونيا توکي خبر آهي ته پنهنجي ڪاليج ۾ جيڪو نئون سر سلمان آيو آهي؟“
    سونيا سندس ڳالهه کي ڪٽيندي چيو ”ها، پر ان کي ڇاهي…“
    ”پهريان منهنجي ڳالهه ته ٻڌ، وچ ۾ گهوٻي نه هڻ…“
    ”اوڪي بابا ٻڌاءِ“
    سائقه ڳالهه کي جاري رکندي چيو ”تون ان کي وڻي وئي آهين، هو تو کان ڏاڍو متاثر آهي. هو توکي چاهڻ لڳو آهي…“
    ”سائقه تون ڇا چئي رهي آهين… چري ته ناهين…!!!“ سونيا سندس ڳالهه کي ڪٽيندي چيو.
    ”ها مان جيڪو چئي رهي آهيان اها حقيقت آهي ته هو…“، سونيا، سائقه کي وڌيڪ چوڻ کان اڳ سندس چپن تي پنهنجو هٿ رکيو ۽ چيائينس ته ”توکي ڪيئن خبر پئي ته هو…“
    سونيا سراپا سواليه نشاني بڻجي بيٺي رهي.
    ”سونيا هن مون کان پڇيو هو ته تون سندس ڇا لڳندي آهين، مون کيس ٻڌايو ته تون منهنجي سؤٽ ۽ ساهيڙي آهين، ٻه ٽي ڏينهن مسلسل تنهنجي باري ۾ پڇندو رهيو. مون ته سندس بار بار تنهنجي بابت پڇڻ جو سبب سمجهيو هو پر هڪ ڏينهن هن مون کي منٿون ڪيون ته سونيا کي ٻڌاءِ ته آئون ساڻس هڪ دفعو ملڻ لاءِ بي چين آهيان. هن منهنجي من کي موهيو آهي. مون ته ساڻس بي حد اسرار ڪيو پر سلمان جي هٿن جوڙڻ ۽ ايلاز ڪرڻ ڪري مون ”چوڻ“ لاءِ ها ڪئي…“
    ”بس سائقه بس…!!!“ توهين سان ڇو ۽ ڇا لاءِ ها ڪئي. توکي خبر ناهي ته مان ڇوڪرن کان ڪيتري نفرت ڪندي آهيان“ سونيا غصي ۾ لال ٿي وئي.
    ”پر سونيا مان ته کيس گهڻو سمجهايو ته سونيه جي مزاج جي مون کي خبر آهي هوءَ اهڙين ڳالهين کي ناپسند ڪري ٿي“ سائقه کيس سمجهائيندي چيو.
    ”سائقه تون ته صفا…“ سونيا ڪاوڙ ۾ اچي وئي ۽ ڪاوڙ مان اٿي ڪمري ۾ هلي وئي.
    سائقه سندس پويان ايندي چيو ”سونيا! تون ڀلا مون کان ڇو ٿي ڪاوڙجين، ان ۾ منهنجو ڀلا منهنجو ڪهڙو ڏوهه… ها منهنجو ڏوهه صرف ايترو! جو توکي ٻڌايم…“
    سونيا جيڪا سائقه جي چانهه ٺاهڻ لاءِ ٿانوَ ۾ کير وجهي رهي هئي تنهن چيو: ”سائقه پليز، مون کي وڌيڪ ڪجھه به ناهي ٻڌڻو…“
    ”سونيا ٺيڪ آ مان وڌيڪ ڪجھه به نه چونديس تون ناراض نه ٿيءُ مون کان…“ سائقه کيس الجتا ڪندي چيو.
    سونيا چانهه جا ٻه ڪپ ٺاهيا. جن مان هڪ سائقه کي ڏنائين ۽ هڪ پاڻ کڻي اچي چيئر تي ويٺي. چانهه گرم هجڻ ڪري سونيا آهستي آهستي پيئندي چيو ”چڱو، سائقه ٻيو ٻڌاءِ… تون پنهنجو حال بيان ڪر… تنهنجا ايگزمس به اچي پهتا آهن، ڇا تو تياري ڪئي آهي؟“
    ”ها منهنجي پڙهائي، جاري آهي، تياري سٺي ٿئي پئي“ سائقه کيس ٻڌايو.
    سونيا کانئس خوش ٿيندي چيو ”ڏاڍو سٺو! سائقه توکي هن دفعي به اڳ جيان پوزيشن کڻڻي آهي. ان لاءِ توکي کپندو ته تون رات ڏينهن هڪ ڪري محنت ڪر، ڇو ته محنت ڪرڻ کان سواءِ ڪاميابي ڪڏهن نه ملندي آهي. مان سمجهان ٿي ته اڳ واري تنهنجي پوزيشن به محنت کان خالي نه آهي“.
    ٻئي ڏينهن ڪاليج کان فارغ ٿي، سلمان، سائقه سان مليو، کانئس سونيه جي ملڻ جي باري ۾ پڇيو.
    ”سلمان توکي ته مان پهريائين چيو هو ته سونيا جي طبيعت کان مان واقف آهيان، هوءَ ڪڏهن به اهڙي قسم جي ڳالهه ٻڌڻ پسند نه ڪندي“ سائقه کيس چيو.
    ”ڇا توکي ان ٻڌايو، ڇا ان ٻڌو، ان ڇا چيو…“ سلمان بيقراري وچان پڇيو.
    هن منهنجي ڳالهه کي ڪٽي ڪاوڙ کاڌي ۽ چيائين ته تون ڪهڙيون ڳالهيون ڪرين پئي جن کان مون کي سخت نفرت آهي ۽ سلمان هوءَ مون تي ڏاڍي تپي ۽ چيائين ته تون ڇا لاءِ اهو ٻڌائي رهي آهين، ۽ ڇو؟؟؟ مون کيس گهڻي سمجهائڻ کان پوءِ سندس ڪاوڙ کي ٿڌو ڪيو. سلمان ڏک ڀرئي انداز ۾ چيو ”سونيا ملطب ته ڳالهه کي نه ٻڌو، مطلب ته کيس نه وڻي…“
    ”جي ها…“ سائقه ڪنڌ هاڪاري ۾ ڌوڻيندي چيو سلمان ۽ سائقه جي ڳالهائڻ دوران سونيا سائقه کي وٺڻ آئي.
    ”سائقه تون ڪٿي هئينءَ آئون ڪيتري دير کان توکي ڳوليان پئي…“ سونيا سائقه ڏانهن سري ايندي چيو.
    ان کان جو اڳ سلمان ڪجھه ڳالهائي سونيا چيو ”اچو سائقه رڪشا وارو انتظار ڪري پيو. اڳي ئي ڪافي ليٽ ٿي وئي آهي“ سلمان جي ڳالهه کي ڪٽيندي سونيا کيس ٻانهن کان ڇڪي وٺي وئي.
    سلمان، سونيا جي بي واجبي تي ويچارن ۾ وڪوڙجي ويو ۽ کين ڏسندو رهجي ويو. کن پل کان پوءِ سلمان به اتان اتي گهر هليو ويو.
    ”سونيا! توکي ائين نه ڪرڻ کپندو هو. تو ائيو ڇو ڪيو…“ سائقه چيو.
    ”مون ڀلا ڇا غلط ڪيو، جو مون کي ايئن نه ڪرڻ گهرجي ها…“ سونيا بي رخي وچان چيو.
    ”بس، سونيا! بهرحال تو سٺو ناهي ڪيو، سائقه کيس غلطيءَ جو احساس ڏياريندي چيو. پنهنجي پنهنجي گهر اچڻ تي ٻنهي هڪ ٻئي کان موڪلايو سائقه کي سونيا جي اهڙي رويي تي ڏک هو.
    رات جو سمهڻ مهل سلمان، سونيا جي اهڙي رويي تي ڏاڍو سوچي رهيو هو کيس سندس اهڙي ورتاءَ تي ارمان هو ته هن نيٺ ايئن ڇو ڪيو؟ سلمان اهو پڪو پهه ڪيو ته سڀاڻي ڪيئن به ڪري سونيا سان آمهون سامهون ٿبو کيس سندس روئاريندڙ ۽ معصوم چاهت جو احساس ڏياربو. سڀاڻ ڇا به ٿئي سونيا کي سڀ ڪجھه ٻڌائبو.
    ٻئي ڏينهن روز جي ريت جيان هر ڪو ڪاليج آيو. موڪل ٿيڻ کان پوءِ هر ڪو پنهنجي ماڳ اسهڻ وارو هو. سونيا ۽ سائقه کي سلمان پري کان ويندي ڏٺو ته پنهنجي وکن کي تيز ڪيو ۽ اچي هنن وٽ پهتو. ”هيلو پليز!“ سائقه ۽ سونيا ڪنڌ ورائي ڏٺو ته سلمان هو.
    سونيا جي مرڪندڙ مک تي غصو اچي ويو ۽ زور سان زمين تي لت هڻي هلڻ لڳي.
    ”سونيا پليز! ٻه منٽ ضروري ڳالهه ڪرڻي آهي، پوءِ ڀلي اوهان وڃو“ سلمان سونيه ڏانهن وڌندي چيو. هوڏانهن سائقه به کيس ٻه منٽ بيهڻ لاءِ چيو. پر باوجود ان جي سونيا نه بيٺي ۽ هلڻ لڳي ته سلمان سندس ٻانهن کان ورتو. تنهن تي سونيا گهٻرائجي وئي ۽ چوڻ لڳي ”هي ڪهڙي بدتميزي آهي… ڇڏيو مون کي…“ پنهنجي ٻانهن کي سلمان جي هٿن مان زور ڏئي ڇڏائي وڃڻ لڳي… سائقه سندس پويان ٻارن جيان پڪاريندي رهي. پوءِ سائقه سلمان کي چيو ”پليز! توهان دل ۾ نه ڪندا هي سونيا…“ تڪڙ ۾ اڌورو جُملو چئي سائقه سونيا ڏانهن ڊوڙي…
    ”سونيا اها تنهنجي ڪهڙي فضيلت آ“
    سائقه کيس ملامت ڪندي چيو.
    ”سائقه تون اڃا مون کي چوين پئي ته هي ڪهڙي فضيلت آ، اهو تو هن پاڳل کي نه چيو ته اها سندس ڪهڙي فضيلت آهي، جو ان کي ايئن ڪرڻ جي همت ۽ جرئت ٿي. آئون سڀاڻي پرنسپال سان ملندس ساڻس هن جي سموري بي ادبي ۽ بدتميزي بيان ڪندس. يا سڀاڻي ڪاليج مان آئون نڪرنديس يا وري کيس نيڪالي وٺرائينديس!“ ايئن چئي سونيا رڪشا تي ويٺي، جيڪو سندس ويهڻ لاءِ منتظر هو. سائقه کيس سمجهائيندي چيو ”سونيا! ڏس ٿورو سوچ، تون غلط ڪرڻ واري آهين، تون کي ايئن نه ڪرڻ کپندو هو. ڇا ٿيندو ان ويچاري سلمان جو، ڇا سوچيندو سڄو ڪاليج…“
    ”سائقه بس جيڪو ڪجھه مون چيو، ايئن ضرور ٿيندو“. سائقه سونيا کي گهڻو ئي سمجهايو پر سونيا پنهنجي ڳالهه تان ڪونه هٽي.
    سونيا جي چيل لفظ ”هي ڪهڙي بدتميزي آ… ڇڏيو مون کي…“ سلمان جي ڪنن ۾ پڙاڏو بڻجي گونجي رهيا هئا ۽ سندس ان دل کي جنهن ۾ صرف سونيا لاءِ محبت سمايل هئي، ان کي وَڍَ ڏيڻ لڳا. سلمان جي اکين ۾ سونيا پاران ڏنل ڳوڙها قطارون ڪري وهي رهيا هئا.
    دانهن ۽ سڏڪن جو ساٿ سلمان سان ساري رات رهيو. صبح جو سلمان اوجاڳيل اکڙين ۽ ٿڪل ٿڪل جسم سان ڪاليج ويو.
    سونيا پرنسپال سان ملي ۽ ساڻس سموري روئداد بيان ڪيائين. سلمان آفيس ۾ جيئن ئي آيو ته پرنسپال سڀ کان پهريان کانئس دير اچڻ جو سبب پڇيو. سلمان اداسي واري عالم ۾ هيو. بي چيني بي انت هيس.
    ”سر طبيعت ٺيڪ ڪونه هئي، جنهن ڪري ڪجھه دير ٿي وئي“. سلمان پرنسپال جي پڇيل سوال جو جواب جلدي ڏنو.
    ”سلمان توهان ڪهڙي بدتميزي ڪئي آهي سونيا صبح ايندي ئي اوهان جي شڪايت ڪئي آ، کيس ڇو پيا تنگ ڪيو؟“ سلمان جي پيرن هيٺيان ڌرتي ڇڏائجي وئي. سوچيائين هي ڇا ٿي ويو. ضعيف لهجي ۾ چيائين ”جي سر… ڇا سر… ڪنهن کي تنگ…“
    ”سلمان توهان کي خبر آهي ته آئون پنهنجي هن ڪاليج ۾ اهڙي قسم جي واهياتگيري کي بلڪل ناپسند ڪندو آهيان ۽ آئون ڪاليج اندر اهڙي قسم جي ماحول خلاف آهيان. اهڙي قسم جي اڻ وڻندڙ حرڪتن مان ماڻهو کي جوکو ملندو آهي. خاص ڪري ڪنهن سٺي اداري ۾ جيڪڏهن اهڙي قسم جون ڳالهيون ٿين ته ان اداري جي ساک ساڳئي نه رهي. هن ڪاليج ۾ ڪجھه وقت اڳ به اهڙي قسم جو هڪ واقعو ٿيو هو.
    ”سلمان آءِ ايم سوري مان اهڙي قسم جي ڪريل حرڪتن کي پنهنجي ڪاليج ۾ ڏسڻ نه چاهيندو آهيان. اڄ کان پوءِ توهان ڪاليج نه ايندا“.
    ”پر سر توهان ٻڌايو ته سهي… منهنجي ڪهڙي غلطي آهي؟“ سلمان چيو.
    ”سلمان اڃا توهان پڇيو پيا، منهنجي ڪهڙي غلطي آهي. توهان کي ته لڄي هئڻ گهرجي. بهرحال جيڪو مون چيو مهرباني ڪري انهيءَ تي عَمل ڪريو“.
    ”پر… سر…“
    ”اوڪي سلمان…“ پرنسپال سندس ڳالهه کي نه ٻڌندي معذرت ڏيکاري.
    سلمان جو اهو ڪاليج ۾ آخري ڏينهن هو. هي ڏاڍو افسرده هو. سونيا جي ايڏي وڏي قدم کڻڻ تي سندس محبت لڇي رهي هئي. ڪاليج جي جڏهن موڪل ٿي تڏهن سونيا پرنسپال سان ملي، سائقه ساڻس گڏ هئي. سائقه کي ان ڳالهه جي ڪابه سڌ نه هئي.
    ”مس سونيا مون اوهان جي ڳالهه جو نوٽيس وٺندي سلمان کي ڪاليج مان ڪڍي ڇڏيو آهي هاڻي هو هن ڪاليج ۾ ڪڏهن به نه پڙهائيندو“. پرنسپال جي چيل انهن لفظن سائقه کي ڇرڪائي ڇڏيو ۽ سندس چهري تي حيراني ڇانئجي وئي.
    ”سونيا هي تو ڇا ڪري ڇڏيو… تون بيوقوف ته ناهين“.
    ”جيڪڏهن تنهنجي عزت تي ڪو حملو ڪري ته تون چپ ڪري ويهندينءَ“
    ”اوڪي سر… مهرباني اوهان جي… خدا حافظ“ سونيا پرنسپال جي مهرباني مڃي کانئس موڪلايو. سائقه جا ته سونيا ٻارنهن ئي وڄائي ڇڏيا هئا. سائقه خاموش هئي. واٽ تان جنهن مهل وڃي رهيون هيون تڏهن سونيا ان معاملي تي ڳالهائيندي رهي پر هن کيس موٽ ۾ ڪجھه نه وراڻيو.
    ”سائقه! ان ۾ تون ناراض ڇو پئي ٿئين ۽ ان جو ڏک توکي ڇو پيو ٿئي“ سونيا سندس خاموشي کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي. پر سائقه کيس ڪجھه به نه وراڻيو. سونيا به بعد ۾ ڪجھه نه ڳالهايو. سونيا به سندس پرواهه نه ڪندي پنهنجي ماڳ رسي.
    هوڏانهن سونيا جي بي واجبي تي سلمان هنجون هاري رهيو هو. سلمان جي معصوم محبت سونيا جي سوز ۾ جلي رهي هئي. تنهن باوجود به سلمان سونيا جي لاءِ پنهنجي دل ۾ سانڍيل محبت ۾ ڪمي ڪانه آندي. سائقه کي به سونيا جي اڻ وڻندڙ ورتاءُ تي ڏاڍو ڏک هو. سونيا ڪاليج پنهنجي منهن سان پئي آئي وئي ته سائقه به پنهنجي منهن سان آئي وئي…
    وقت جي گاڏي جا ڦيٿا پنهنجي رفتار سان هلندا رهيا. زندگي جي گاڏي کي ڌڪو ڏيڻ لاءِ سلمان هڪ ٻئي پرائيويٽ ڪاليج ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. پنهنجي محبت تي عَمل تزليل تي هن کي پل پل ڏکن ۽ غمن ۾ گهارڻو پيو. سونيا سندس سچي چاهت کي چڪنا چور ڪري مسرور ٿي گذارڻ لڳي. سلمان جي ساڻس سڪ ۾ ڇڪ هئي، سونيا جي دل ۾ سلمان لاءِ محبت نالي ڪابه شيءِ نه هئي.
    هڪ ڏينهن سلمان جي غمن ۾ گهڻو گهارڻ ڪري طبيعت ڏاڍي خراب ٿي. جنهن ڪري هو ڪاليج ۾ نه وڃڻ لڳو. ويهن ڏينهن کان پوءِ به هن جي طبيعت نه سڌري. مهيني کان مٿي کيس عرصو ٿي ويو جو هو ڊيوٽي تي نه ويو. ايترا ڏينهن نه وڃڻ ڪري کيس هن کي ڪاليج مان به ڪڍيو ويو… هاڻ هو بيماريءَ جي بستر حوالي هو. دنيا جي رنگينين کان وڌيڪ سونيا جي سونهن سوڀيا کي ڀائيندڙ سلمان اڄ ان سونيا کان سواءِ غم و الم جي عالم ۾ هو… سلمان جي صحت هاڻ ڏينهون ڏينهن بگڙجندي رهي، وڏين وڏين اسپتالن مان علاج ڪرائڻ باوجود سندس ناچاڪائي نابود نه ٿي. هن جي چپن تي ”سونيا سونيا“ هو. هو چوي پيو ته سونيا صرف سامهون اچي ته منهنجي انهيءَ اذيت جو انت اچي! مان خوش ٿي وڃان. هوءَ ڪٿي آهي؟؟؟ ڇا پئي ڪري ڪهڙي حال ۾ آهي. مان ڪهڙي حال ۾ آهيان…!! منهنجي هن حال کي اچي پنهنجي اکين سان ڏسي ته ساڻس ڪيترو پريم اٿم… سلمان اهو سوچيندو به رهيو ۽ اکين مان ڳوڙها به هاريندو رهيو شام جو سج جبلن پويان لڪڻ جا سانباها ڪري رهيو هو. ٺيڪ ان پهر سلمان سونيا جي لاءِ لڇي لڇي تڙپي تڙپي هميشه جي لاءِ حقيقي مالڪ سان پرچي ٿو…!!
    ***


    لاحاصل

    ”نبيل ڇو تون اڄ مايوس، اداس ۽ پريشان نظر پيو اچين… ڇا ڳالهه آهي؟؟“ مون کيس گهڻو ملول ڏسي چيو.
    نبيل چيو ”نه ڪا ڳالهه ناهي…“
    مون کيس چيو ته ”نبيل تون مون کي ڪا اهڙي ڳالهه آهي، جا نه ٿو ٻڌائين، ٻڌاءِ ته ڇو ڏکايل پسين پيو“.
    نبيل منهنجي گهڻي زور ڀرڻ کان پوءِ ڳوڙهن کي اگهي ٻئي پل ٿڌو ساهه ڀري ٻڌايو“ وحيد، آئون ساڻس بيحد پيار ڪندو هوس ۽ هن جي به مون سان بيپناهه محبت هئي. منهنجي زندگي ۾ هن جو اچڻ هوا جو جهوٽو ثابت ٿيو. پر سچ ان ٿوري وقت ۾ هن جي محبت مون کي خوشيون ۽ راحتون ڏنيون. پر مون کي فقط افسوس ان ڳالهه جو آهي ته زندگي جي هن طويل سفر ۾ کيس پنهنجو همسفر نه بڻائي سگهيس. جيڪا منهنجي رهجي ويل حسرت آهي. اي ڪاش! هوءَ منهنجي ٿئي ها… نبيل اوڇنگارون ڏيندي ٻڌايو.
    مان کانئس پڇيو ته ”نبيل توهان جي پيار جي شروعات ڪٿان ۽ ڪيئن ٿي. مطلب ته توهان ڪڏهن کان هڪ ٻئي کي چاهڻ لڳا…؟“
    نبيل چيو ته هن ۽ منهنجي پيار جي ڪهاڻي، واقعي هڪ ڪهاڻي آ. ها اها ڪهاڻي جنهن ۾ توکي هن ۽ منهنجي محبت ۾ شدي ملندي. ڇڪ ملندي. سڪ ملندي… ها سور به ملندا…“
    پوءِ هو ٻڌائي ٿو…
    وحيد مان جڏهن هاءِ اسڪول ۾ ڏهين ڪلاس ۾ پڙهندو هوس ته جويريه به ڏهين ڪلاس ۾ پنهنجي گرلز اسڪول ۾ پڙهندي هئي. اسان جو اسڪول ۽ هن جو اسڪول هڪ ٻئي جي سامهون هوندو هو. مان هر روز صبح جو تيار ٿي اسڪول جي مين گيٽ اولهندي پاسي واري ڀت جي ڀرسان نم جي وڻ هيٺان بيهي هن جو شدت سان انتظار ڪندو هوس.
    هوءَ هميشه پنهنجي ٻن ساهيڙين طوبيٰ ۽ عبادت سان گڏ اسڪول ايندي هئي. هوءَ جڏهن منهنجي ڀرسان گذرندي هئي، ته هن جو مون ڏانهن ڪو خيال يا توجهه ڪونه هوندو هو. ڇو ته کيس اها خبر ڪونه هئي ته هڪڙو پاڳل ديوانو آهي، جيڪو کيس چاهي پيو. هوءَ جڏهن گذري پنهنجي اسڪول ويندي هئي، جيستائين منهنجي نظرن کان غائب نه ٿيندي هئي، تيستائين آئون هن مان نظرون نه ڪڍندو هوس. اسان جي جڏهن موڪل ٿيندي هئي ته مان ڪلاس مان سڀني کان اڳ نڪري انهيءَ وڻ هيٺيان اچي بيهندو هوس. گهڻا دفعا ته دوستن اتي بيهڻ جو سبب پڇيو. مون به گهڻا دفعا نٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هنن جڏهن مون کي ايئن ڪندي روز ڏٺو ته انهن مان گهڻن کي ان بابت ڄاڻ پئجي وئي. ايئن هنن جي موڪل ٿيندي هئي هوءَ موڪل ۾ به ساڳين ساهيڙين سان گڏ ايندي هئي ۽ مان اتي ئي بيهندو هوس. ڪافي ڏينهن کان پوءِ منهنجي انهيءَ بيهڻ واري معمول کي هڪ ڏينهن هن محسوس ڪيو.
    هڪڙي ڏينهن جيئن ئي آئون ساڳي جاءِ تي سندس انتظار لاءِ بيٺو هوس آئون کيس پري کان ڏٺو ته معمول جي ابتڙ ساڻس ٻئي ساهيڙيون ڪونه هيون. ان وقت مون سوچيو ته ڇو نه ساڻس مختصر پر جامع انداز ۾ دل جي ڳالهه ڪجي، ڇو ته اڄ ساڻس ساهيڙيون به ڪونهن. هوءَ جيئن ئي ويجهو پهتي ته مان بيٺل جڳهه تان وکون وڌائي هن جي طرف وڌيس. هوءَ آئي ته مون کيس چيو ”ايڪسڪيوزمي جويريه… پليز ٻه منٽ!“
    مون چيو ”جويريه… اصل ۾… م… مان… م… مان“ لفظ منهنجي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا. زبان کي رواني ۾ آڻي وري کيس ”جويريه مان توکي چاهيندو آهيان“.
    منهنجا اهي لفظ ٻڌي جويريه جهٽ به نه بيٺي، اهي ٻڌي يڪدم اتان هلي وئي. مان به دلشڪستو ٿي، اسڪول آيم ۽ موڪل کان پوءِ سندس انتظار لاءِ ڪونه بيٺم مون کي سندس بي رخي تي بيحد افسوس هو، ان ڏک ۾ ڪا ڳالهه ڪين وڻڻ لڳي!
    ان ويچار ۽ فڪر ۾ ته هن پاران ڇو موٽ نه ملي. ٻئي ڏينهن آئون اسڪول به نه ويس! روز جيان جويريه جن جو اسڪول وڃڻ دوران ان جڳهه تان گذرڻ ٿيو، جتي آئون بيهندو هوس!
    شام جو ڪجهه ڪلاسين سان ملڻ ٿيو ته انهن سڀ کان پهريان اسڪول نه اچڻ جو سبب پڇيو. مون ته کانئن لنوائي طبيعت صحيح نه هجڻ جو بهانو ڪيو. انهن مان هڪڙي دوست ٻڌايو ته ”يار اڄ اسان جنهن مهل اسڪول وڃي رهيا هئاسين ته واٽ ۾ ڪجهه ڇوڪريون گڏيون جيڪي ڳالهائينديون پئي ويون. تن مان هڪ ڇوڪري ٻي کي ڳالهائيندي ڳالهائيندي چيو ”اهو چريو اڄ ناهي بيٺو“ ان جواب ڏنس ”ها هونئن ته پاڳل روز بيهندو آ، پر اڄ خبر ناهي ڇو ناهي بيٺو“ پهرينءَ مزاحيه انداز ۾ چيس ”ڪٿي درياءَ ۾ ته ٽپو نه کاڌو اٿائين)!“ ان تي سڀني ڌڇوڪرين جي ٽهڪن جو گڏيل آواز گونجيو. ائين پوءِ اهي کِلنديون پئي ويون....“
    مون کي ان ڳالهه تي ٿورو ڏک ۽ ٿوري خوشي ٿي! ڏک ان ڪري ٿيو ته ڪاش! اسڪول وڃڻ کپي ها.... ۽ خوشي ان ڪري ٿي ته درياءُ ۾ ٽپو کائڻ واري ڳالهه پڪ جويريه ڪئي هوندي....
    بهرحال ٻئي ڏينهن روايت کي جاري رکندي ساڳي جڳهه تي جويريه جو جوش وچان منتظر رهيس ۽ دل ۾ وري اهو سوچي رهيو هوس ته اڄ کيس ڪجهه به ناهي چوڻو. منهنجي انهن سوچن جو تسلسل تڏهن ٽُٽو جڏهن هن جي پينسل هيل جو آواز منهنجي ڪنن تائين آيو. مان الرٽ ٿي بيٺم. اهي جيئن گذرن پيون ته مون فقط جويريه جي چهري ۾ نظرون کُپايون. هن جي هٿن ۾ ڪتاب هئا. جن مان ڪو هڪ هيٺ ڪِري پيو، هن جلدي اهو مٿي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي، هن جڏهن ڪتاب هيٺيان مٿي کنيو، ته هڪ لمحي هن مون ڏانهن مسڪرائيندڙ نظر ڦيرائي، ٻئي لمحي اهي رستي کي چيرينديون اسڪول طرف ويون.
    آئون خوش محسوس ڪرڻ لڳم.... خير آئون به اسڪول آيم! موڪل ملڻ سان ئي پنهنجي جاءِ سنڀالي جويريه جن جي به موڪل ٿي. اهي جيئن ئي آيون مون ڏٺو طوبيٰ ۽ عبادت اوريان ۽ جويريه پريان هئي. گذري رهيون هيون جو جويريه ان طرف چور نظر سان نهاريو. جتي آئون هيس. هن ڏٺو ۽ يڪ ٽڪ نظرون سڌيون ڪيون. هن جي نهار ۾ مون نينهن پسيو. هو ويون آئون به گهر آيس.
    ٻئي ڏينهن آئون اسڪول لاءِ تيار ٿي گهران نڪتس ۽ اچي انهيءَ جاءِ تي جويريه جو انتظار ڪرڻ لڳس.
    جويريه، طوبيٰ ۽ عبادت سان اچي رهي هئي. اڄ جويريه جيءَ جهوريندڙ انداز ۾ هئي. گلابي ڪپڙن ۾ جويريه جو چهرو گل جي پنکڙين جيان لڳو. سهيلين سان ايندي سندس ٽهڪن جو پڙاڏو منهنجي ڪنن جي زينت بڻجي رهيو هو. هو آئي ۽ ويجهوئي پهتي هئي جو اڄ وري اڳ جيان سندس هٿن مان ڪجهه ڪتاب اچي پٽ پيا.
    مان حيرتن جي حوالي ٿي ويس ته آخر ڇو هي ٻيو دفعو آ، جو سندس ڪتاب ڪِريا آهن. بهرحال هن زمين تان ڪِريل ڪتاب کڻي، مون ڏانهن مسڪرائي ڏٺو ۽ اتان ئي اک جي اشاري سان ڪجهه چيو. مون سندس اشاري واري ٻولي ڪونه سمجهي.... جڏهن اهي اتان گذري ويون ته پري کان مون ڏٺو ته اتي هڪ پنو پيو هو، جتي جويريه جا ڪتاب ڪِريا. مان يڪدم ڊوڙيس پني کي کڻڻ لئه.... سوچيم ته جويريه جي ڪتابن مان ڪِري پيو آهي، جو کڻڻ کانئس وسري ويو آهي ۽ ڏسجي ته ڇاهي.... مان پنو کنيو ۽ جلدي ۾ ان کي کولڻ لڳس. مون جيئن ئي ڏٺو ته اهو خط هو جيڪو منهنجي نالي لکيل هو. مون کي ايتري خوشي ٿي جو آئون ڪپڙن ۾ پئي ماپيس، مون خط پڙهڻ شروع ڪيو.
    ”هيلو- سلام....“
    اوهان جي نالي جي ته خبر ڪونهي. البت اوهان کي منهنجي مهانڊي جي حوالي سان گذريل گهڻن ئي ڏينهن کان ڀت وٽ نم جي وڻ هيٺيان روزانو اسڪول ايندي ويندي ڏسندي پئي اچان. مون کي اها خبر نه هئي ته توهان هتي ڇو بيهندا آهيو. پر اها خبر تڏهن پئي. جڏهن آئون اسڪول وڃان پئي مون سان ساهيڙيون ڪونه هيون. توهان موقعي جو فائدو وٺندي مون سان جيڪا هٻڪندي ڳالهه ڪئي، تڏهن مون سمجهيو ته ادو ڪنهن لئه پريشان آهي، محبت کي اظهارڻ واري ڳالهه مان پنهنجي ساهيڙين سان به ڪئي آهي. جيڪي به هاڻي اوهان جي بيهڻ کان باخبر ٿي ويون آهن. جن کي پهريان اوهان بابت ڪا خبرڪونه هئي. مون کي اها خبر نه ٿي پوي ته مون ۾ آخر آهي ڇا. اهڙيءَ ريت اوهان پابنديءَ سان بيهي منهنجو انتظار ڪريو ٿا.... اوهان جو ائين ڪرڻ روز جو معمول ڏسي مان ته سمجهي وئي هيس ته ضرور ”دال ۾ ڪارو“ اهي پر اها خبربعد ۾ پئي ته اوهان کي مون سان محبت آهي. ان کان اڳ مون اهو نه سمجهيو هو ته طوبيٰ، عبادت ۽ مان. ٽنهي مان ڪنهن کي چاهيو پيا....! ها. اوهان جڏهن مون سان محبت جو اظهار ڪيو. ان وقت مون کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ ڪونه آئي هئي، جنهن ڪري اوهان کي موٽ نه ڏني. ٻي ڏينهن اسڪول ايندي ۽ ويندي مان اوهان کي نه ڏٺم، ته مان سمجهي وئي هيس ته اڄ ڪاوڙ ۽ ڏک جي ڪري اسڪول نه آيو آهي، جو مون کيس موٽ نه ڏني آهي. انهيءَ مان مون کي وڌيڪ معلوم ٿيو ته توهان مون سان شديد محبت ڪيو پيا. مون کي اوهان جي چاهت جو قدر آهي.... ان ڏينهن آئون اوهان کي ”ها“ يا ”نه“ ڪجھه ڪونه چئي سگهيس. سو هن ليٽر ذريعي مان اوهان کي ٻڌايان ٿي ته ”مان توهان سان پيار ڪيان ٿي، آءِ لو يو.... اوهان جي جويريه!“
    سندس خط پڙهي مان ڏاڍو مسرور ٿيم! ڪافي ڏينهن ان جڳهه تان اچڻ وڃڻ مهل ڪڏهن ٽهڪ ته ڪڏهن اشارن جي ٻولي ڳالهائيندي، محبت کي اظهاريندي رهي. خطن جو سلسلو به هلندو رهيو!! هڪ ڏينهن کيس ملاقات لاءِ چيم. جنهن کي مڃيندي هن هڪڙي جڳهه تي پاڻ ٻئي ملاقاتي ٿياسين! ان ڏينهن جڏهن جويريه کي پنهنجي اکين سامهون ويٺل ڏٺم. ڀانئيو هيم ته سندس ڪو مٽ ناهي. خدا عزوجل جي هر تخليق تعريف لائق آهي. الله رب العزت جي سڄي مخلوق مان انسان وري اشرف المخلوقات آهي. انسانن مان عورت جي تخليق وري قابل غور ۽ قابل تعريف آهي. ڇو ته هوءَ حسين آهي. جويريه به حسين لڳي رهي هئي. مون کيس پاڻ سان گڏ ڏسي محسوس ڪيو ته دنيا جون هڙئي خوشيون منهنجي جهوليءَ ۾ آهن. مون کيس چيو: جويريه! هن دنيا ۾ ڪي اهڙا ماڻهو هوندا آهن، جيڪي سونهن سندرتا جي حوالي سان الڳ حيثيت رکندا آهن. جن کي مالڪ ڪائنات طرفان ڪائنات جي سڄي ساري خوبصورتي مليل هوندي آهي. اهي ماڻهو ڏاڍا نازڪ ۽ نفيس ٿيندا آهن. انهيءَ جي سوچ ۽ سڀاءُ سڀني کان سٺو هوندو آهي. انهن جو اٿڻ، ويهڻ، گهمڻ، کائڻ، پيئڻ مطلب ته سڀ ڪجھه من لڀائيندڙ ٿيندو آهي. سچ ته اهڙا ماڻهو آئيڊيل هوندا آهن. واقعي متاثر ڪندڙ هوندا آهن. جويريه حقيقت ۾ تون به انهن منجهان آهين. تو منهنجي روح جي پاتال کي ڇهيو آهي. ڪائنات جي حسين شيءِ آهين. تون مون کي حد کان وڌيڪ وڻندي آهين“. چيائين ”نبيل! اهو سراسر تون اجائي تعريف ڪرين پيو. جن ۾ حقيقت جو ڪوبه ڪرڻو نظر نه ٿو اچي! آئون ته بس.... “
    نه جويريه تون غلط چوين پئي جو آئون غلط چوان پيو. آئون ته حقيقت چوان پيو. ڇو ته حقيقت ڪڏهن به لڪيل ناهي هوندي. حقيقت هڪ آئينو آهي ۽ آئيني ۾ سڀ ڪجھه صاف ظاهر هوندو آهي. پوءِ آئون غلط ڪيئن ٿيس....!!“
    ٽهڪ ڏيندي چيائين: ”واقعي ڪو چريو آهين“ وري چيائين ”نبيل هڪ ڳالهه جيڪا مان تو سان ڪنديس ته نبيل، تون مون کي ڏاڍو پيارو آهين.... ساڄو هٿ پڪڙي پنهنجي هٿ سان مروڙي وري چيائين ”تو ڪڏهن سوچيو آ ته جيڪي ماڻهو ڪنهن کي دل جي اٿاهه گهراين تائين چاهيندا آهن. انهن جي يادن، سوچن، سپنن ۾ گهاريندا آهن. سي ماڻهو ڏس ته ڪيتري نه گهڻي دل ۾ محبت رکن ٿا ڪنهن لئه.... انهن سواءِ گهڙي گهڙي بيزار ۽ بي چين ڪندڙ هجي ٿي. نبيل يقين ڪر حرن کي به تو سان گهڻي محبت ٿي وئي آهي. اها مون کي به خبر ناهي ته ايئن ڇو؟ سچي! تو ۾ هڪ اهڙي ڪشش آهي، جيڪا مون کي توڏانهن مائل ڪري ٿي. تنهنجي چهري جي رونق روح کي راحت رسائيندڙ آهي. جنهن ۾ سونهن سوڀيا سرس نفشيل آهي.... “ مون کيس چيو ”جويريه، تون مان هڪ ٻئي سان، محبت ڪيون ٿا نه....؟“
    چيائين ”ها پر ڇو.... “
    چيومانس ”محبت هڪ اهڙو جذبو آهي. جنهن سان انسانيت جي عظمت کي سڃاڻي سگهجي ٿو. محبت نازڪ و نفيس، پاڪ ۽ مقدس جذبي جو نالو آهي. محبت هڪ ٻئي کي سمجهڻ جو نالو آهي. محبت ته ڏک ۽ سک ۾ گڏ گهارڻ جو نالو آهي. محبت ننڍين ننڍين ڳالهين کي درگذر ڪرڻ جو نالو آهي. جويريه! جيڪي ماڻهو سچي محبت ڪندا آهن. اهي هڪ ٻئي تان سر قربان ڪرڻ لاءِ تيار هوندا آهن. سردي گرمي سر تي سهڻ وارا هوندا آهن. ها، انهن جي دل ۾ محبت جي حاصلات واري تمنا هوندي آهي. جويريه، منهنجي به اها خواهش ۽ آرزو آهي ته آئون توکي حاصل ڪريان.... “ انهيءَ ڳالهه تي هوءَ بلڪل خاموش ٿي وئي. هن مٿان سڪتو طاري ٿي ويو. مون کانئس خاموشيءَ بابت پڇيو ته ”ڇا سبب آ، ڇو تون خاموش ٿي وئينءَ.... “، يا توکي اها ڳالهه صحيح نه لڳي!“
    چيائين ”نه نبيل.... پر.... “
    چيومانس ”ڇا پر.... “
    چيائين ”نبيل پر منهنجي والدين منهنجو رشتو منهنجي ماسات سان طئه ڪري ڇڏيو آهي“.
    مان نرڙ تي آيل پگهر کي اگهي، منتشر ٿي کانئس پڇيو.... ”جويريه ڇا تون سچ پئي چوين يا.... “
    چيائين ”ها نبيل واقعي سچ چوان پئي.... “ نبيل! مان جڏهن ڄائي هيس ته مون کي منهنجي ماسات مير جي نالي ڪري ڇڏيو هئائون.... نبيل مون کي تو سان محبت آهي پر منهنجي حاصلات وارو خيال مون کي پنهنجو بڻائڻ وارو خيال، مون کي پنهنجي نالي ڪرڻ وارو خيال ها اهڙو خيال ته مان تنهنجي ٿينديس. ذهن مان هميشه هميشه جي لاءِ ڪڍي ڇڏ! ڇو ته مان ڪنهن ٻئي جي آهيان.... “
    مون بيقرار ۽ بي ترتيب ٿي کيس چيو ”نه جويريه تون منهنجي سفر جي منزل آهين. تون منهنجي خوابن جي راڻي آهين. تون منهنجي آهين.... تون منهنجي آهين.... ها منهنجي.... “ مان اڀ ڏاريندڙ دانهن ۾ دٻجي ويم.
    هن مون کي حوصلو ڏنو ۽ چوڻ لڳي ته ”نه نبيل ايئن ناهي، نه ئي ٿيندو. ٿورو سمجهڻ جي ڪوشش ڪر.... “
    مان سندس ڳالهه ڪٽيندي چيم ”نه جويريه، تون ايئن نه چئه.... توکي ايئن نه چوڻ کپي.... ڇو ته هر ماڻهو جي پنهنجي خواهش ٿيندي آهي ۽ هر ماڻهو پنهنجي ان خواهش جي پورائي لئه سوچيندو آهي.... ايئن تنهنجي حاصلات منهنجي هڪ خواهش آهي، جيڪا آئون پوري ڪرڻ چاهيان ٿو. ڇاڪاڻ ته جويريه، هن زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ جيڪڏهن مون ڪا سٺي شيءِ ڏٺي آهي ته اها تون آهين، ۽ صرف تو سان ئي محبت ڪئي آهي.... ڇا تون منهنجي انهيءَ معصوم چاهت ۽ جذبن جو قدر نه ڪندي.... جويريه ٻڌاءِ پليز.... جويريه!!“ مان روئي ويٺس.
    جويريه پنهنجي نرم هٿن سان منهنجي ڳلن تان ڳوڙها اگهندي چيو نبيل ڏس ٿورو سمجهڻ جي ڪوشش ڪر. والدين جيڪي اسان کي خوشين جي هندورن ۾ نپائي وڏو ڪن ٿا. جيڪي پاڻ کي ڏکن ۽ تڪليفن ۾ رکي اسان کي سڪون فراهم ڪن ٿا. راتين جون راتيون جاڳي اسان کي آرام ڪرائين ٿا مطلب ته والدين جا اسان مٿان اڻ ڳڻيا احسان آهن ۽ اسان وري جڏهن ٿورا وڏا ٿيون ته پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ لڳون ٿا پوءِ پنهنجي پيءُ ماءُ کي صلاح مشوري جي حوالي سان کانئس صلاح وٺڻ ته ٺهيو پر کين ٻڌائڻ به اجايو ۽ بيڪار سمجهون ٿا. نه نبيل پاڻ کي ايئن نه ڪرڻ کپي. ڇو ته پڙهيل لکيل هئڻ جي ناتي اسان کي اهو نه ٿو جڳائي جو اسين والدين جي حڪمن جي انحرافي ڪيون. نبيل! جيڪڏهن مان توکي پياري آهيان. تون مون سان پيار ڪندو آهين ته منهنجي ڳالهه نبيل توکي سمجهڻ گهرجي. ڇو ته جيترو تون مون کي پيارو آهين، اوترا مون کي منهنجا والدين به عزيز آهن. اها مون تي ذميواري عائد ٿئي ٿي ته آئون سندن حڪمن جي تابع رهان“.
    مون کيس گهڻو ئي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر جويريه مون کي گهڻو ڪجھه سمجهايو.... ايئن هوءَ مون سان وقتن بوقتن مون سان ملندي رهي. پر وڏي ڳالهه اها ته مون سندس محبت ۾ ڪا ڪمي ڪونه ڏٺي. محبت کي هن برقرار رکيو، پر سندس بقول ته هوءَ منهنجي نه ٿيندي، ڇو ته هوءَ اڳ ۾ ئي ڪنهن ٻئي جي آهي. مان افسوس واري عالم ۾ گهاري رهيو هوس ۽ پل پل ۾ پريشانيون پريشان ڪرڻ لڳيون، ائين جويريه جي شادي به اچي ويجهڙ ۾ پهتي....
    هڪ ڏينهن جويريه ملي هن ٻڌايو ته ”نبيل! تنهنجي ۽ منهنجي هيءَ آخري ملاقات آهي. ڇو ته منهنجي شاديءَ ۾ ڪجھه ڏينهن باقي آهن. نبيل! ناراض نه ٿجانءِ، ڇو ته مان بيوس آهيان ۽ مان ڇا ٿي ڪري سگهان.... “ هن جي اکين مان ڳوڙها پنبڻين جا بند ڀڃي وهڻ لڳا ۽ هوءَ وڌيڪ هڪ لفظ به نه ڳالهائي سگهي.... هوءَ مسلسل روئندي رهي! منهنجي اکين ۾ به ڳوڙهن جو سمنڊ هو جيڪو به اٿلي پيو.... مون کيس چيو ”جويريه بلڪل تنهنجو ان ۾ ڪو ڏوهه ناهي. تون بيوس آهين واقعي مجبور آهين.... ڳچ پلن کان پوءِ هوءَ ڀنل نيڻن سان موڪلائي وئي.... “
    نبيل جون اهي پر تجسس ڳالهيون ٻڌي مون کي پڻ حيرت ٿيڻ لڳي ۽ گڏوگڏ لاحاصل محبت تي افسوس به ٿي رهيو هو. مان نبيل کي حوصلو ۽ آٿت ڏيندي چيو ”ڪنهن کي حاصل ڪرڻ محبت نه آهي، بلڪه ان جي دل ۾ جاءِ ٺاهڻ محبت آهي.... “
    ***


    انائن جي ڪوڙڪي

    صبح جو سج اڀري ڪافي مٿي اچي چڪو هو. هر ڪو چانهه ماني کائي پنهنجي پنهنجي ڪمن طرف وڃي چڪو هو. حاجن هنڌ مان اٿي، منهن کي ٻه چار پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻي هر روز وانگيان حليم جي هوٽل تي هليو آيو. معمول موجب اڄ به امڙ کيس چيس ”پٽ حاجن ويهه، تو لئه چانهه تيار ڪئي اٿم، تون ويهه ته آئون اجهو پئي آڻيان“. حاجن هَر دفعي وانگيان هاڻي به ڪني ڪاوڙ جا چهرا تي چٽا آڻي، ساڄي هٿ سان کاٻي ڪلهي تي پيل ٽوالي کي لاهي ڇنڊڪو ڏئي ساڳي جاءِ تي رکي، ڀڳل دروازي جو تيزيءَ سان تاڪ کولي گهر مان نڪري ويو. سندس امڙ جا کيس ويهڻ لاءِ چئي چانهه جو گرم پيالو آندو. سندس ماءُ ڏٺو ته حاجن هليو ويو، هُن چانهه جو اهو گرم پيالو چلهه ۾ اچي باهه تي رکيل ديڳڙيءَ منجهه اونڌو ڪيو ۽ خالي پيالو پاڻيءَ مان ڌوئي ٿانون واري کاريءَ ۾ رکي ڇڏيو. سندس ويجهو ويٺل ڌيءَ دادلي کانئس پڇيو ته ”امان! ادا حاجن اڄ به هليو ويو ڇا....؟ ۽ چانهه به ڪونه پيتائين“. ”ها دادلي حاجن ايئن ڪيو، نه کٽي نه ڪمائي، الٽو اسان ۾ ڪاوڙ.... ڀلا هجيس بار ته خبر به پويس ته ڪيتري ويهين سؤ آهي.... الله ان حليم جي ڪا پاڙ پٽي، جو هو هوٽل ته هلائي پيو، بڇڙا بڇڙا ماڻهو ويهاري، حاجن کي به خراب ڪيو اٿن. پڻهنس ويچارو ڪيترو صابرين ۽ سٺو ماڻهو هوندو هو، مار پئيس هي الائي ڪنهن تي ويو“. ماءُ کانئس بيزاري ڏيکاري.
    ”پر امان! ادا حاجن آخر ايئن ڇو ٿي ويو آهي“ دادلي سندس ماءُ کان پڇيو.
    ”اڄوڪي اولاد کان منهنجي توبهه....!! اولاد ته سکن لاءِ هوندي آهي، اولاد ته پيءُ ماءُ کي خوشيون ڏيندي آهي پر هي حاجن خبر ناهي ڇو اهڙو ٿي ويو آهي. کيس خبر نه ٿي پوي ته هو ڇا ڪري پيو ۽ ڪنهن سان ائين ڪري پيو“. سندس ماءُ جي اکين مان ڳوڙها سندس چهرن تان رستا ٺاهيندا سندس ان وشال جهوليءَ ۾ جذب ٿيڻ لڳا، جنهن جهولي ۾ مٺڙي ٻولي ۽ لولي هوندي آهي، جنهن جهوليءَ ۾ دنيا جون هڙئي مسرتون، خوشيون ۽ شادمانيون رقص ڪنديون آهن، جتي شفقت، تربيت ۽ محبت بي بها ۽ بي انت ملندي آهي، جنهن جهوليءَ ۾ دنيا جي تسڪين، لطف ۽ آرام کان وڌ سڪون ۽ آرام هوندو آهي.
    ”حليم! چانهه ڪا اهڙي پيار، جو اصل مٿي جو سور جهڪو ٿي وڃي.... “ حاجن حليم کي بئنچ تي ويهندي چيو.
    ”اڙي حاجن ڀلا، اسان واري چانهه مان توکي ڪڏهن ڪا شڪايت ملي آهي بابلا! چانهه منهنجي جيڪو پهريون چڪر پيئي پوءِ هُو ان جو مشتاق ۽ متوالو ٿي وڃي ٿو“. حليم باهه تي پيل چانهه کي گهمائيندي چيو. ايتري ۾ نظير به اچي ويو.
    نظير جيڪو پنهنجي پوري ڳوٺ ۾ اوباش طور سڃاتو وڃي ٿو. هن هوٽل تي ويهي سندس بي انت بيهودگي ۽ بداخلاقي کان علاوه جت ڪٿ پنهنجي بدمعاشي ۽ بي حيائيءَ جي ڳالهين کي ٻڌي هر ڪو کيس گندو ۽ خراب ماڻهو سمجهندو آهي. هي به حاجن وانگر حليم جي هوٽل تي اڌ چانهه تي سڄو ڏينهن گذاريندو آهي ۽ هوٽل ۾ ويهي فرمائشي فلمون هلائي گفتار گندي ڪندو آهي، کيس اهو به ڪونه خيال رهندو آهي ته جڏهن هوٽل ڀرسان ٻارن (عورتن) جو گذرڻ ٿئي ٿو ته وات کي لغام ڏجي. اوچتو ڪنهن جي ٻارن جو اتان گذر ٿيو ته سندس وات مان گگ پئي ڳڙندي آهي. سندس بدمعاشي جي ڪري ڪوئي به پنهنجي واتان ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍندو آهي. ان ڀؤ ۽ خوف کان ته ڪٿي هو سندن ننگ جي ناموس کي نابود نه ڪري....! ڪٿي هي رهزن کين رهڙي نه ڇڏي. گهڻا ته کانئس کسڪي وٽ پيا وٺندا آهن.
    ”اڙي حلو (حليم) ڇا پيو ڪرين.... چانهه کڻي اچ، اچ پر جلدي.... “ نظير حليم کي حڪيمه انداز ۾ چيو ۽ اچي حاجن سان ويٺو.
    ”حاجن جاني! ڏي خبر ڇا ٿيو تنهنجي عشق جو....؟“ نظير نرڙ تان ٽوپيءَ کي پوئتي سوري منڇن کي مروڙو ڏيندي چيو.
    ”يار نظير! چوان ٿو ته ان مکڻ کي موت جي منهن ڪريان. نامراد کي ويهه چڪر چيو آهي ته اها پنهنجي ڌيءَ شهربانو جي ٻانهن مون کي ڏي، پر هو ”نه“ جو ٺپ جواب ڏئي بيٺو آهي“.
    ”ها يار نظير هن حاجن جو شهربانو کان سواءِ ساهه نڪري پيو. وڏا قرب ڪري هن مولائيءَ کي مکڻ کان يار ٻانهن ڇڏائي ڏئينس!“ حليم چانهه جي چينڪ سان ٻه ڪوپ سندن وچ ۾ پيل ٽيبل تي پاڻيءَ جي جڳ ۽ گلاس سان گڏ رکندي چيو.
    ”حُڪم آ تنهنجو حاجن! تون گهٻراءِ نه! مکڻ جو پيءُ به توکي شهر بانو ڏيندو پر ٿورو ترس!“ نطير چانهه جو هڪ وڏو ڍُڪ ڀري حاجن کي حوصلو ڏيندي چيو.
    ٻئي ڏينهن حاجن جي پهچڻ کان اڳ نظير هوٽل تي سلامي ڀري نظير حليم کي پاڻ ڏانهن سڏ ڪري کيس ڀر ۾ ويهاريو ۽ چيائين ”حليم تو به ڪالهه چيو هو ته حاجن مولائي جو ڪم ڪر. يار مان ته حاجن جو ڪم ڪرائڻ لاءِ تيار آهيان پر حاجن کي هڪڙي منهنجي ڳالهه به مڃڻي پوندي.... “
    ”اها ڪهڙي وڏا.... “ حليم کانئس پڇيو.
    ”اها ڳالهه هي آهي ته حاجن جي ڀيڻ جيڪا دادلي آهي، ٻيلي اها ڇوڪري ڏاڍي قهر جي آهي. اُن ڏينهن ماڻس سان هتان لنگهندي ڏٺو هوم. اصل انگ انگ ۾ ڏنگ اٿس. منهنجي دل کي ته دادلي صفا گهايل ڪري ڇڏيو آهي. مان حاجن کي مکڻ کان شهربانو ڪهڙي به ريت ڇڏائي ڏيندس! پر ان شرط تي هو پهريان پنهنجي ڀيڻ دادلي مون کي ڏئي“.
    ”ڀلي وڏا ڀلي....! توهان به ته حاجن جو ڪم ڪندؤ نه، لازمي حاجن کي به اها قرباني ڏيڻي پوندي“. حليم سندس چاپلوسي ڪندي چيو. اهي ٻئي پاڻ ۾ ڳالهائي ئي رهيا هئا، جو حاجن به کين سلام ڪيو. سلام جو جواب ورائي نظير کيس ويهڻ لاءِ چيو. حاجن اچي ويٺو ته حليم اٿيو. سندن چانهه ٺاهڻ لاءِ.... “
    نظير حاجن کي چيو ته حاجن خان ٻڌ! ”تنهنجو ڪم اصل بلڪل اوڪي ٿي ويو آهي. هاڻ تون ڪنهن به قسم جو فڪر نه ڪر. مان مکڻ کي تنهنجي شهر بانو نالي اصل سوگهو ڪيو آهي هنن هڪ ٻه ڏينهن سوچڻ لاءِ چيو آهي.“
    ”واقعي يار نظير! پوءِ اصل ٺٺ ٿي ويندا. مان مري ويندس نظير دادا شهربانو کانسواءِ....“ اصل مري....“ حاجن ٽيبل تي پيل گلاس کي مٿي کڻي ٽيبل تي زور سان هڻندي چيو.
    ”تون ڪو وهم ئي نه ڪر. بابلا.... مان جڏهن چوان ٿو نه....! پر حاجن هڪڙي ڳالهه ٻڌ! مان توکي شهربانو حاصل ڪرائي ڏيندس، پر توکي به ڪجهه ڪرڻو پوندو....“
    ”وڏا جيڪو حڪم ڪر.... چوين ته پهاڙ پرزا ڪري اچان....“ حاجن ڄڻ ته هر قرباني ڏيڻ لاءِ حاضر ٿيندي چيو.
    ”نه نه پهاڙن کي هڻ کڏ ۾.... پر تون هڪڙو ڪم ڪر....“
    ”اهو ڪهڙو....؟؟؟“
    ”يار، تو واري ڀيڻ دادلي ان جو رشتو مون کي کپي....“
    حاجن اهو ٻڌي کيس چيو ته اهو وري ڪيئن....؟!
    ”اهو ائين ٿيندو نه.... جيئن ٻڌايو مان“. ”حاجن گهڻوئي نٽايس پر نظير پنهنجي ڌنڌي ۾ مهارت رکندي کيس مڃرائي پنهنجي ڪِرت ۾ ڪامياب ويو.
    حاجن رات جو جيئن ئي گهر آيو ته هو پنهنجي ماءُ سان اها ڳالهه ڪئي. سندس ماءُ اهو ٻڌي ڏڪي وئي ۽ کيس چيائين ته ”حاجن تون هي ڳالهائين ڇا پيو. نادان ته نه آهين، توکي خبر نه آهي ته نظير افعالن جو ڪيترو بڇڙو آهي. پورو ڳوٺ سندس بدمعاشي کان واقف آهي. اهو رهزن آهي. ان جو ڪم ۽ ڌنڌو ئي اهو آهي، توکي خبر ناهي ته اڍائي مهينا اڳ سراج جي ڌيءَ سوناري کي هي ڪيئن سندن گهر ۾ گهڙي، سندس پيءُ ماءُ کي بندوق ڏيکاري، کنڀي ويو هو. ان کان اڳ پاڙي واري نجمه جي نُنهن کي به هن کڻايو هو، هاڻي وري هي درندو منهنجي ڌيءَ دادليءَ لاءِ سنڀريو آهي. مان ڪونه ڏيانس. پنهنجي دادلي، مان تارا ڪڍانس پر ائين ڪونه ڪيان“. حاجن گرجندي چيو ”امان تون ڳالهيون کڻي ڪهڙيون به ڪرين، پر مان دادلي نظير جي حوالي ڪري ڇڏيندس! امان! مان ڪجهه وقت اڳ جڏهن توکي شهربانو جي لاءِ چيو هو، تو چيو هوته جيڪڏهن شهربانو جا پيءُ ماءُ انڪار ڪن ته مان توکي دادلي عيوض ۾ پرڻائيندس.“
    ”پر ابا مان نظير لاءِ ته نه چيو هو نه.... خدا خدا ڪر پُٽ، ڇو ٿو پنهنجي ڀيڻ کي جيئري جهنم ۾ اُڇلائين.“ سندس ماءُ چيو.
    ”منهنجو ڇا وڃي ته هوءَ جهنم ۾ وڃي يا جنت ۾ هجي منهنجو انهن ڳالهين سان ڪوبه واسطو ڪونهي. جي عزت سان منهنجي ڳالهه کي نه مڃيندؤ ته مان سندس نطير سان زوري نڪاح ڪرائيندس! ائين چئي حاجن پنهنجي کٽ تي وڇايل بستي تي وڃي سمهي پيو.
    صبح ٿي ته حاجن پنهنجي روز جي ڪِرت مطابق هوٽل تي اچي ويٺو، اڄ پڻ کين نظير پاڻ کان اڳ ويٺل نظر آيو. هو نظير سان مليو. خوش خيريت کانپوءِ کانئس پڇيو ته ”ڇا ٿيو ان ڳالهه جو....“ حاجن کيس ٻڌايو ته تون دلجاءِ ڪر. رات مان گهر به چئي ڇڏيو آهي. نظير جي دل ۾ خوشين جا دُهل وڄڻ لڳا، هو دل ئي دل ۾ دادلي کي ڄڻ محسوس ڪري چڪو هو، ڇو ته هو حاجن کيس خاطري ڏني هئي.
    اڄ حاجن جيئن ئي گهر آيو ته سندس تارن ۾ تاءُ هو. هن ڏٺو ته دادلي ۽ سندس ماءُ کٽ تي ويٺيون هيون. سندس ماءُ جي هٿ ۾ تسبيح هئي، جا پڙهي رهي هئي. هن گوڙ واري انداز ۾ ماءُ کان پڇيو ته ”ڇا توهان راضي ٿي ويؤ....“ تنهن تي سندس ماءُ کيس چيو ته ”پُٽ حاجن! تون ڀيڻ جو ڀاءُ آهين يا دشمن.... ڇو تون اچي ڪڍ پيو آهين نماڻي دادليءَ جي.... کيس ظالم جي ور چاڙهڻ لاءِ....“
    ”توهان ڀل راضي نه ٿيو، پر سڀاڻ مان نظير جو نڪاح دادلي سان ڪرائي ڇڏيندس!“
    حاجن جو اهو ٻڌي سندس ڀيڻ دادلي پنهنجي پوتي لاهي سندس پيرن تي رکي ۽ هٿ جوڙي کيس چوڻ لڳي: ”ادا حاجن الله جي واسطي! تون ڇا لئه مون سان ائين ڪرين پيو، مون تنهنجو ڪهڙو گناهه ڪيو آهي. ڪهڙي منهنجي غلطي اهي، دادلي جي اکين ۾ آيل لُڙڪن سندس ماءُ جي لُڙڪن کي به ڪونه روڪڻ ڏنو. ٻئي پل سندس ماءُ به هٿ جوڙي ڇڏيا ۽ چيائينس ”ابا هن منهنجي هٿن ڏي ڏس. ٻيلي! ائين نه ڪر پُٽ حاجن! رب جي واسطي هٽي وڃ ان ڳالهه تان. حاجن دادلي جي هٿن سان مضبوط ٿيل پنهنجي پيرن کي ڇڏائي پري ٿي بيٺو ۽ چيائين ته سڀاڻي دادلي جو نڪاح آهي. دادلي ۽ سندس ماءُ سندس بي رحمي تي روئڻ لڳيون ۽ سندس ظلم تي زارو قطار دانهون ڪرڻ لڳيون. دادلي سڄي رات اکيون آسمان ۾ اٽڪائي، ساري رات سورن ۾ گذاري.
    صبح ٿيڻ سان دادلي سوچيو ته اڄ کيس اوڙاهه ۾ اُڇلايو ويندو. ان اوڙاهه ۾ اُڇلائڻ وارو ڪو ٻيو نه پر سندس ڀاءُ آهي. بهرحال نظير جو دادلي سان حاجن نڪاح پڙهايو ۽ دادلي کي نظير جي هٿ ۾ ڏنو. سندس ماءُ مٿان آتش فشان ٽُٽي پيو. هوءَ بيهوش ٿي ڪِري پئي. دادلي سندس ماءُ مٿان ڪِري پئي ”امان توکي ڇا ٿي ويو، آئي توکي ڇا ٿي ويو. حاجن سندس ٻانهن کان سٽ ڏئي ماءُ کان پري ڪري نظير جي حوالي ڪري ڇڏيو.
    ٻن ڏينهن کان پوءِ هن نظيرکي شهربانو جي لاءِ چيو پر نظير کيس چيو ته ”مکڻ مون کان چڙهيل آهي. ها هنن پنهنجي ڌيءَ جي باري ۾ اهو ٻڌايو آهي ته سندس ڌيءُ ڀاڻيجي کي ڏنل آهي سو مان هاڻي ڇا ٿو ڪري سگهان.“
    حاجن تپي باهه ٿي ويو کيس چيائين ته ”تو جو واعدو ڪيو هو ته شهربانو کي وٺي ڏيڻ منهنجو ڪم آهي....پر....
    ”ها پر مان هاڻي ڇا ٿو ڪري سگهان....“
    حاجن سندس اُبتيون ڳالهيون ٻڌي، کيس ختم ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو. پر هو کيس ڪري به ڇا ٿي سگهيو. حاجن غصي ۾ آيو. ڏٺائين ته سندس ماءُ ڀت جي ڀرسان پيل کٽ تي ڪنهن تڪليف ٿيڻ ڪري پاسا ورائي رهي هئي. حاجن اڱڻ تي پيل ڇڳل کٽ تي سڀڪجهه وڃائي ويهي رهيو ۽ ورانڊي ۾ رکيل پاڻي جي دلي جي ڀرسان واري جاءِ تي نظر پيس، جتي دادلي پيرن تي ڪِري کيس چيو هو ته ”ادا حاجن، الله جي واسطي، تون ڇا لئه مون سان ائين ڪرين پيو. مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟ ڪهڙي منهنجي غلطي آهي....“
    ***


    تڪڙا فيصلا

    ”ذوالقي ڇو چُپ آهين....“ عاليه چانهه جا ٻه ڪپ ٽيبل تي رکندي چيو.
    ”نه مان ائين بس....“
    ”نه ائين نه! ڪجهه ته ضرور هوندو جو....“
    ”عاليه ڪجهه به ڪونه....“ ذوالقرنين ڦڪي کِل چهري تي آڻيندي چيو.
    ”ذوالقي! ماڻهوءَ جي دل جون ڪيتريون ئي حالتون سندس معلوم ڪري سگهجن ٿيون، ڇو ته منهن دل جو آئينو هوندو آهي....!! تون ڪيئن ٿو چوين ته ڪجهه به ناهي....“ عاليه کيس چيو.
    ”عاليه اهڙي ڪابه ڳالهه ڪونهي....“
    ذوالقرنين نرڙ تي آيل پگهر کي اُگهندي چيو.
    ”ذوالقي بهرحال! مون کان تو ضرور ڪجهه لڪائين پيو....“ عاليه هيٺئين چپ کي ڏند سان ڀڪوڙيندي چيو.
    ذوالقرنين اڄ به عاليه کان ڳالهه لنوائيندي چيو ”اصل ۾ باس ايتري سختي ڪري ڇڏي آهي، جو هر پل مصروف رهڻو ٿو پوي! اڄ به هن ڪم ۾ ايترو ته مصروف رکيو جو سارو جسم ڳورو محسوس ٿئي پيو.“ذوالقرنين جي لفظن ۾ رواني بجاءِ هٻڪ هئي.
    ”اڇا بابا هي چانهه وٺ ۽ جسم کي هلڪو ڪر....“ عاليه سندس آڏو چانهه جو ڪپ پيش ڪندي چيو.
    ذوالقرنين کي ننڍي هوندي کان ئي آرٽ (فن) سان دلچسپي هوندي هئي. پنهنجي تر ۾ رهندڙ استادن کان هن ابتدائي سکيا ورتي هئي انهيءَ ڪم کي اڳتي جاري رکڻ لاءِ هن آرٽس ڪاليج ۾ داخلا وٺي ڇڏي جتي هن گهڻو ڪم سکي ورتو ۽ سندس ڪم جي انداز ۾ نِکار گهڻو اچي چڪو هو. سندس پينٽنگس هزارين ۽ لکين روپين ۾ وڪامجي کيس پئسو ۽ نالو ڪمائي ڏيڻ لڳيون ۽ هرهڪ کيس عزت ۽ ادب ڏيندي کانئس ڪم ڪرائيندو هو. ان شعبي ۾ ڪاليج مان پنهنجو مُدو پورو ڪري، هاڻي هو پنهنجي فن ۾ وڏي مهارت رکڻ لڳو. ڳوٺ جي زندگي گذاريندڙ هي ذالقرنين محنتي ماڻهو هو، سندس والدين ڳوٺ جي ريت مطابق سندس شادي اڳ ۾ ئي ڪرائي ڇڏي هئي. ٽن ٻارن جي پيءُ هجڻ جي باوجود به هي پنهنجي مقصد سان سلهاڙيل رهيو. ڪاليج ۾ گڏ پڙهندڙ ڪيترين ئي ڇوڪرين سندس ذهانت ۽ ڏاهپ کي ڏسي شاديءَ جون آفرز ڪيون، پر ذالقرنين کين چوندو هو ته هو اڳ ئي شادي شده آهي ۽ ٽن ٻارن جو پيءُ پڻ آهي. اهڙي علم هئڻ کانپوءِ به ڪيترين ئي ڇوڪرين ساڻس ناتا ۽ واسطا وڌايا، ان ڪارڻ ڪري ته هن سان همسفر بڻجي انيڪ عيش عشرت ۽ پُرلطف زندگي گذارجي. پر هو هڙئي ڇوڪرين کان هٽي پاسي رهندو هو، عاليه، ذوالقرنين کيس سڀني ڇوڪرين کان هر حوالي سان پُرعزم، بامقصد ۽ تعميري سوچن واري لڳندي هئي. کيس طبيعت ۽ مزاج به وڻندو هو. ذوالقرنين کي جڏهن به فرصت جو وقت ملندو هو، هو عاليه سان ڪمپني ڪندو هو. عاليه کي به مڙني ڇوڪرن مان ذوالقرنين مختلف لڳندو هو. عاليه سان ڏک سور ونڊڻ کان وٺي اندر جون ڪيتريون ئي ڳالهيون ساڻس ڪرڻ لڳو. عاليه به سندس آڏو پنهنجي دل جا هزارين داستان ڇيڙيندي هئي. معمول موجب ملڻ سندن ان دوستيءَ کي محبت جي ويجهو آڻي ڇڏيو، ائين سندن دل ۾ هڪٻئي لاءِ سڪ، قرب پيار پلجڻ لڳو. عاليه جو پيءُ هڪ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر هو. عاليه سندن اڪيلي ڌيءَ هئي جنهنڪري هو عاليه سان شوق مطابق سندس پيءُ لاڏ ڪوڏ ۽ خوشين جي هندورن ۾ رهندڙ عاليه جي شوق مطابق سندس پيءُ آرٽس ۾ آئڊميشن وٺن ۽ اجازت ڏني، سندس پيءُ ڏاڍي سٺي تربيت ڪئي هئي ۽ کيس گهڻو ڪجهه زماني جي گردشن جي بابت به ٻڌايو هو. سندس پيءُ کيس اها نصيحت ڪئي هئي ته دلي معاملن ۾ ڪڏهن به ڪنهن سان سمجهوتو نه ڪجان.“ پنهنجي ڪم سان ڪم ڪرڻ ۾ ئي ڪاميابيون ۽ راحتون نصيب ٿينديون آهن. عاليه پنهنجي پيءُ جي چئي مطابق هر قدم کڻندي هئي، پر ذوالقرنين سان دلي لاڳاپا وڌائي هو پنهنجي پيءُ جي چئي ۽ حڪمن جي انحرافي ڪري چڪي هئي.... ڪاليج جي سڀني ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي اکين جڏهن عاليه ۽ ذوالقرنين کي گهڻو گڏ ڪڏهن ڪينٽين ته ڪڏهن لان تي ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي ڏٺو، تڏهن سندن ذهن ۾ ذوالقرنين ۽ عاليه جون ڪيل ڳالهيون تري پئي آيون. ذوالقرنين سان جڏهن ٻيون ڇوڪريون ملڻ ۽ کلڻ چاهينديون هيون ته هي انهن ڳالهين کي ناپسند ڪندو هو ۽ عاليه کي جڏهن ڪو ملڻ ۽ گهمڻ لاءِ چوندو هو ته هوءَ پنهنجي پيءُ جي نصيحتن جون ساڻس ڳالهيون ڪري کين چوندي هئي ته سندس والد کيس اهڙي قسم جي اجائي ڪمن کان روڪيو آهي.
    عاليه سان هڪ ڏينهن سندس ويجهي ساهيڙي صنم ملي ان کانئس پڇيو ته ”عاليه اڄڪلهه تون ذوالقرنين سان گهڻو گهمندي ۽ ملندي نظر اچين ٿي.... “
    عاليه کي پهريان ته سندس هنيل طعني تي مٺيان لڳي پر کيس چيائين ”ذوالقرنين منهنجو سٺو دوست آهي. هو هوشيار آهي، جا به شيءِ مون کي سمجهه ۾ ناهي ايندي، مان کانئس پڇي وٺندي آهيان. وڏي ڳالهه اها ته هو هڪ سٺو انسان آهي. صنم! الئه ڇو منهنجي دل هن طرف ڇڪجي رهي آهي!“ صنم کيس چيو. عاليه ڏس تون اها ئي عاليه آهين، پهريان تون دلي معاملن ۽ دلي لاڳاپن کان منهن موڙيندي هئينءَ ۽ هاڻي تون سڄي ساري ذوالقرنين طرف مائل ٿي آهين!“
    ”صنم برابر تنهنجي ڳالهه صحيح آهي، پر صنم توکي وري اها خبر ناهي ته هو منهنجي سيني ۾ رهندڙ دل کي ڪيترو عزيز آهي، خبر ناهي ته ذوالقرنين ڇو ايترو وڻندڙ اٿم.... “ عاليه الفتي انداز ۾ چيو.
    ”عاليه! تڏهن ئي ته مون توکي چيو هو ته دل جا معاملا ڏاڍا عجيب ٿيندا آهن. هن ساري ڪائنات جي خوبصورتي ۽ دل جو پاڻ ۾ واسطو ۽ رابطو رهيو آهي. دل کي جا به شيءِ سٺي لڳندي آهي دل يڪدم ان طرف مائل ٿيندي آهي. تون مون کي اطهر لئه به چيو هو ته ڇو ان سان گهمين ۽ ڳالهائين پئي! ته ان جو جواب عاليه اڄ تون ضرور سمجهي وئي هوندينءَ. عاليه! اطهر به منهنجي دل جي ڌڙڪن آهي. هن منهنجي زندگيءَ کي جيئڻ جو هڪ نئون روپ ڏنو آهي. جنهن سان حقيقي زندگيءَ جون هڙئي مسرتون ملنديون آهن. هر پل خوشين جي کاڻ هوندو آهي! ”صنم عاليه سان اهو بحث پئي ڪيو، جنهن تي جيترو به بحث ڪجي اهو گهٽ آهي.
    ”عاليه تون اتي.... مون توکي لئبريري ۾ ڳوليو پئي ”ذوالقرنين، عاليه ۽ صنم جي هلندڙ گفتگو ۾ عاليه کي چيو.
    ”اوڪي صنم.... ان ڳالهه کي وري جاري رکنداسين“ عاليه کانئس موڪلائيندي چيو.
    ”اوڪي ٺيڪ آ عاليه....“ صنم کيس چيو.
    ”عاليه ڪهڙي ڳالهه هلي پئي، جيڪا اڃا باقي آهي“.
    ”پنهنجي ڳالهه هئي....“ عاليه مختصر جواب ڏيندي چيو.
    ”موضوع محبت جو هو، جنهن تي ويهي ٽيڪا ٽپڻي پئي ڪئي سين....“ عاليه کيس چيو.
    ”نيٺ ڇا ٿيو....“ ذوالقرنين پڇڻ چاهيو.
    مُحبت ئي انسان جو اصل روح آهي، محبت ڪرڻ کان سواءِ انسان جي زندگي بي معنيٰ ئي چئي سگهجي ٿي. هن سنسار ۾ سڪ کان سواءِ انسان جو هلڻ ڏکيو ڪم آهي....“ عاليه کيس ٻڌايو.
    ذوالقرنين ۽ عاليه جي محبت جو هڳاءُ هاڻي هر هنڌ ڦهلجي چڪو هو، جو اها ڳالهه عاليه جي پيءُ تائين به پهتي. عاليه جي پيءُ کيس سندس حڪمن جو تابع نه ڏسي پنهنجي ان پياري ڌيءَ جنهن جي هر انگل ماڻي ۽ خواهشن جي تڪميل ڪندو هو، اڄ ان عاليه کيس ڏاڍو ڏک ڏئي ڇڏيو. سندس پيءُ ڇا چيو؟ ڇا سوچيو؟ عاليه ان جي ابتڙ نڪتي.
    ”عاليه! تون پڙهيل لکيل ٿي ڪري جاهلاڻي سوچ کان نيٺ ڪم ورتو. توکي مون ڪيڏي تلقين ڪئي، پر تون ان تلقين کي پنهنجي دل ۽ دماغ مان تڙي ڇڏيو. اهو ڇوڪرو ڪير آ، ۽ ڇو تو ان سان لاڳاپا وڌايا آهن....“ سندس پيءُ ڏکائتو هو.
    ”بابا.... اوهه.... اصل ۾ ....مَ.... مان....!!“
    عاليه جي لفظن مان ڀرپور مفهوم سمجهه ۾ نه آيو. ”بابا ذوالقرنين سٺو ڇوڪرو آهي، محنتي ۽ هوشيار آهي، ان ڪري آئون....“ عاليه جي لفظن مان اڃا به پورو مفهوم ۽ سمجهه ۾ نه آيو.
    ”عاليه ڌيءَ! ڇا ايئن به ٿيندو آ، جو والدين جي خواهشن ۽ اميدن کي اولاد پنهنجي بي حسي ۽ خود غرضي ذريعي چڪنا چور ڪري ڇڏي. اولاد مان والدين جي توقع جي ابتڙ موٽ ملي، اها اولاد نه چئبي! عاليه مون کي افسوس آهي جو....“
    ”بابا مون کي اوهان جي سڪ، قرب، شفقت ۽ احسانن جو بلڪل قدر آهي، بابا توهان منهنجي هر ڳالهه ۽ هر خواهش جي پورائي لاءِ وسئون ناهي گهٽايو. پر بابا پليز....! مون کي ذوالقرنين سان گهمڻ ۽ ملڻ ڇڏيو....“
    ”عاليه ايئن ڪنهن به قيمت تي نه ٿو ٿئي سگهي؟ تون مڙي وڃ ته بهتر آ....“ ايئن چئي سندس پيءُ هليو ويو.
    عاليه، جنهن جي اکين مان ڪڏهن ڳوڙها نه ٽميا هئا، اڄ ٻه لڙڪ پنهنجي اکين جا بند ڀڃي وهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، جن کي ڪرڻ کان اڳ عاليه پنهنجي هٿن سان اگهي ڇڏيو. عاليه افسوس ۾ هئي، ٻئي ڏينهن هوءَ ذوالقرنين سان ملي ۽ ساري صورتحال کان کيس آگاهه ڪيائين. ذوالقرنين کيس افسوس نه ڪرڻ ۽ خوش رهڻ جي صلاح ڏني. ڪجھه وقت کان پوءِ ذوالقرنين کي نوڪري ملي وئي، جنهن جي خوشي عاليه کي تمام گهڻي ٿي.
    هڪ ڏينهن عاليه ۽ ذوالقرنين جيئن ئي ڳالهيون ڪري رهيا هئا ته ”شادي“ جو ذڪر به ڳالهين ڳالهين ۾ کلي پيو. ان ڏينهن عاليه پنهنجي شادي ساڻس ڪرڻ لاءِ چيو. پر ذوالقرنين کيس چيو ته آئون اڳ ئي ٽن ٻارن جو پيءُ آهيان ۽ ايئن ڀلا ڪيئن ٿي سگهندو ۽ تنهنجو پيءُ ڪيئن مون لاءِ راضي ٿيندو. عاليه کيس چيو ته تون صرف ”شادي شده“ لفظ کي وساري ڇڏ، باقي آئون تو سان هر حال ۾ جيئنديس، آئون بابا کي چونديس!
    ”نه عاليه توکي تنهنجو پيءُ ايئن ڪرڻ نه ڏيندو“ ذوالقرنين کيس سمجهائيندي چيو.
    ”تون فڪر نه ڪر آئون اڄ بابا سان ڳالهه ڪنديس! ۽ پوءِ توکي ٻڌائينديس!“ عاليه کيس چيو.
    عاليه جو پيءُ آفيس کان جيئن ئي آيو ته عاليه کيس چيو ته ”بابا مون کي اڄ توهان سان ضروري ڳالهه ڪرڻي آهي“. سندس پيءُ جيڪو ڪوٽ لاهڻ کان پوءِ ٽائي کولي رهيو هو تنهن چيس ”ڪهڙي ضروري ڳالهه....“
    عاليه چيس ”بابا توهان ويهو ته سهي....“ سندس پيءُ ويٺو ۽ عاليه کيس چيو ”بابا مون توهان کي ٻڌايو هو ذوالقرنين گهڻ رخي شخصيت آهي، هو ايترو ته هوشيار آهي جو هاڻ هن کي نوڪري به ملي وئي آهي“.
    ”ڏاڍي سٺي ڳالهه آهي پر توکي ڇو گهڻو فڪر آهي، ڇا تون غريب آهين، ڇا توکي نوڪري نه ملندي؟ جي نه ته تون نوڪريءَ کان سواءِ نه هلي سگهندينءَ؟ اوهه ماءِ گاڊ! ٽراءِ ٽو انڊر اسٽينڊ عاليه....“ پيءُ سندس ڳالهه جو نوٽيس نه وٺندي چيو.
    ”بابا مون ان سان شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي“. عاليه لفظن ۾ اختصار آندو.
    ”ڇا.... عاليه هي تون ڇا چوين پئي، پاڳل ته ناهين ٿي....؟ هوش ۾ ته آهين؟؟؟؟“ سندس پيءُ مٿان غصو طاري ٿي ويو.
    ”ها بلڪل بابا، مان هوش ۾ آهيان ۽ ذوالقرنين سان شادي ڪرڻ منهنجي دلي خواهش ۽ راضپو آهي“. عاليه چيو.
    ”عاليه تون هاڻي فيصلا ڪرڻ واري ٿي آهين! بهرحال ڌيءَ! جالڻو، گذارڻو توکي آهي، ڇو ته زندگي تنهنجي توکي گذارڻي آهي....“
    ”بابا الله سڀ سڻائي ڪندو.... ذوالقرنين لائق ڇوڪرو آهي“. عاليه کانئس خوش ٿيندي چيو.
    ڏهن پندرهن ڏينهن کان پوءِ انهن جي شادي ٿي وئي. عاليه ذوالقرنين کي ڳوٺ وسارڻ جو چيو. عاليه جو هن چيو مڃي، هن عاليه ڪارڻ عارضي جڳهه وٺي ڇڏي ۽ ڳوٺ کي بلڪل وساري عاليه سان عيش عشرت واري زندگي گذارڻ لڳو.
    ڪجھه عرصي گذرڻ کان پوءِ پنهنجي آفيس ۾ ذوالقرنين جتي ڪم ڪندو هو، اتي ”ارم“ نالي هن هڪ سٺي/ سهڻي ڇوڪري ڏٺي. جيڪا پڻ سندس آفيس ۾ ڪم ڪندي هئي. هنن وچ ۾ صرف شيشي جي ڀت هئي. باقي هڪ ٻئي کي ٻئي چٽو ڏسي پئي سگهيا.
    ارم جي خوبصورتي ۽ سڀاءُ کيس ڪڏهن ٻوڙيو ته ڪڏهن تاريو ٿي. هاڻي هن پنهنجون سموريون سوچون ۽ خيال ارم ڏانهن آڻي ڇڏيا. هن ارم کي اهو محسوس ڪرايو ته هو سندس لاءِ پريشاني جي پاتال ۾ آهي. ذوالقرنين جڏهن به آفيس کان گهر اچي ته اتي به ارم جي غم غلطان هجي.
    عاليه کيس روز پريشان ڏسي ان جو سبب پڇندي هئي، پر هو ڪڏهن ”باس جي سختي“ ڪڏهن ”مٿي جو سور“ ٻڌائي کانئس لنوائي ويندو هو. ارم سان اڄ فارغ ٿي مليو. پنهنجي بيچيني ۽ بي ترتيبي جو سارو حال ٻڌايائين. پر ارم کانئس ان حوالي سان معذرت ڪئي. سندس گهڻين ڳالهين ڪرڻ ڪري ارم مسڪرائي ملندي رهي. ذوالقرنين جو عاليه ڏانهن ٽڪي جو به ڌيان نه هو نه ڪي کيس محبت ڏئي پيو. سندن وچ ۾ اڻبڻت جنم ورتو. ٿوري گهڻي ڳالهه تي وڙهڻ سندن معمول بڻجي ويو. ذوالقرنين گهڻا دفعا عاليه کي مار به ڏني. عاليه کي سندس اهڙي خبر نه هئي ته هي اهڙو به ٿيندو.
    عاليه جي ساهيڙي صنم جي شادي ٿيڻ واري هئي. عاليه ذوالقرنين کي چيو ته هوءَ سندس ساهيڙيءَ جي شادي تي وڃڻ چاهي ٿي، جنهن تي هن کيس چيو ته ڀلي تون وڃ آئون نه هلندس، ڇو ته مون کي آفيس ۾ گهڻا ڪم آهن....“
    ”ته پوءِ مان ڪنهن سان وڃان....؟؟؟“ عاليه سواليه نظرن سان ڏانهنس ڏسڻ لڳي.
    ”تون ڏس ڪنهن سان وڃ ڀلي پر....“
    ”تون منهنجو مڙس آهين اهو تنهنجو فرض آهي ته تون ئي مون سان گڏ هلين“ عاليه پنهنجي رشتي جو احساس ڏياريندي چيو.
    ”بهرحال عاليه مون کي آفيس دير ٿئي پئي، وڃڻ لاءِ تون ڪجھه بندوبست ڪر“ اهو چئي ذوالقرنين عاليه جي اکين کان غائب ٿي ويو. عاليه اداس ٿي پنهنجي ڪمري ۾ آئي.
    آفيس جي ساري ڏينهن جي ڪم مان ذوالقرنين فارغ ٿي، ارم سان مليو، اڄ هنن وچ ۾ ڊگهي ملاقات ٿي! جنهن ۾ هن ارم کي شاديءَ لاءِ چيو. جنهن تي ارم کيس ڪجھه ڏينهنسوچڻ کان بعد جواب ڏيڻ جو چيو.
    ذوالقرنين ڏاڍو خوش هو. هو جيئن ئي گهر آيو ته عاليه ڪمري ۾ ستي پئي هئي. کيس اٿاريائين ۽ کانئس پڇيائينس ته ”اڄ توکي ننڊ ڪيئن آئي آهي هونءَ ته.... عاليه کيس ڪو به جواب نه ڏنو.
    ”اڇا ته تون صنم جي شادي ۾ وڃڻ جي ڪري چپ آهين. مان ته توکي اجازت ڏيان ٿو، تون ڀلي وڃ“.
    ”پر ڪنهن سان وڃان، ذوالقرنين تون گهڻو بيوقوف ٿي ويو آهين“ تنهن تي ذوالقرنين کيس چماٽ وهائي ڪڍي ۽ چيائين ته جڏهن آئون چوان ٿو ته مون کي ناهي هلڻو....“
    عاليه سڄي رات سڏڪن ۾ گذاريو، صبح ٿي ذوالقرنين کيس سندس پاڙي ۾ رهندڙ ساهيڙي انجيلا سان گڏ صنم ڏانهن وڃڻ لاءِ چيو، جنهن کي عاليه مجبوري تحت مڃيو، عاليه، انجيلا سان وئي ۽ ذوالقرنين پنهنجي مٿي جو سور هلڪو محسوس ڪندي آفيس هليو ويو.
    معمول مطابق اڄ به ارم سان مليو ۽ کانئس پڇيو ته هن ڇا سوچيو. ارم کيس ٻڌايو ته ”ذوالقرنين سوري! اصل ۾ منهنجا والدين هن دنيا ۾ ناهن رهيا. منهنجي پرورش منهنجي مامي وٽ ٿي آهي. ان ڪري منهنجو مامو منهنجو وڏو ۽ فيصلي ڪرڻ وارو آهي. هن منهنجو رشتو پنهنجي ويجهي دوست جي پٽ سان ڪالهه طئي ڪري ڇڏيو آهي....“
    اهو ٻڌي ذوالقرنين جون وايون بتال ٿي ويون. هو عبرت ۾ وٺجي ويو ۽ پنهنجو پاڻ کي دردن جي ديس ۾ ڀانيائين. ارم اڄ کانئس جلدي موڪلائي وئي، ذوالقرنين الائي ڪيئن پاڻ کي سنڀالي گهر تائين پهتو. پاڻ کي صوفي تي اڇلائي ڇڏيائين ۽ ٽي وي کي آن ڪيائين. رمورٽ ذريعي چئنلن کي ڦيرائيندو هڪ خبرن واري چينل تي اسٽاپ ڪيائين. جتي بريڪنگ نيوز هلي رهي هئي ”ڪار ۽ وين وچ ۾ ٽڪر، جنهن جي نتيجي ۾ ست قيمتي جانيون زيان“. ذوالقرنين کي خبر ڏکوئيندڙ لڳي، هو پاڻيءَ جو گلاس ڀري پيئڻ لڳو. پاڻي سندس نڙيءَ مان وڃڻ جو نالو ئي نه وٺي رهيو هو، سندس سارو جسم لرزي رهيو هو، ان ڪري ته ڪار ۾ انجيلا ۽ عاليه جن به ويون هيون، پاڻي جو ٻيو ڍڪ سندس نڙيءَ کي آلو ڪري ئي رهيو هو، جو فوتين جا نالا به اسڪرين پٽي تي هليا جنهن ۾ انجيلا سان گڏ عاليه جو نالو هو....
    سندس جان مان ساهه نڪرندي محسوس ٿيو. اکين کي مهٽي وري وري ڏسڻ لڳو، ڪٿي اهو غلط ته نه آهي. سندس واتان زوردار رڙ نڪتي ”نه، عاليه نه آهي.... نه.... نه.... عاليه نه.... عاليه صنم جي شادي تي ويل آهي. هوءَ موٽي ايندي....“ هو پاڳلن جيان رانڀاٽ ڪندو رهي ٿو، ٻئي پل پينٽ شرٽ مان موبائل ڪڍي ٿو، عاليه کان خيريت معلوم ڪرڻ لاءِ....
    پر فوتين جي نالن جي هلندڙ پٽي سندس پيٽ ۾ ڀالا هڻي ٿي، سندس ذهن ان ڳالهه کي تسليم ڪرڻ لاءِ بلڪل به تيار نه هو، هن جي اکين آڏو هڪ اهڙي گهگهه اوندهه ڇانئجي وڃي ٿي جنهن ۾ هو پاڻ کي بي ترتيبي ۽ بيوسي جي عالم ۾ ڀٽڪندو محسوس ڪري ٿو. ٻئي پل هو رڙيون ڪري ٿو، پر آواز سندس اندر ئي دٻجي وڃي ٿو. پاڻي پيئڻ وارو گلاس سندس هٿن مان ڪري ٽٽي پوي ٿو. ڪجھه لمحن کان پوءِ هو پاڻ کي ڀڳل گلاس جي ٽٽل شيشن مٿان ڪيرائي ڇڏي ٿو.
    ***


    پڄاڻي پاڻ لهي

    ”نيٺ ڇو ڀلا انهيءَ ڳالهه تي تون ڳنڍ ڏيئي بيٺي آهين ته هاڻي تون جلال سان شادي ڪندينءَ، امان بابا کي مئي اڃا اٺ ڏينهن مَس ٿيا آهن تون حدد ۾ آهين، ڪجھه خيال ڪر، ماڻهو ڇا چوندا....“ امبرين سندس ماءُ کي چيو.
    ”نه پر ان ۾ ڪهڙو حرج آهي جو آءُ جلال سان شادي ڪريان ۽ تون وري ڪير ٿيندي آهي جو مون کي شادي يا دنيا جا اصول سمجهائين! منهنجي زندگي آهي آئون ڇا به ڪريان، اهو نه فقط منهنجو ذاتي مسئلو آهي، حق پڻ آهي“ سندس ماءُ حليمه کيس چيو.
    ”امان توکي خبر نه آهي ته اهو قادر جو پٽ جلال پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪيترو بدنام ٺڳ ۽ لٽيرو رهيو آهي. بابا مرحوم چوندو هو سندس پيءُ به نامي گرامي ڳوٺ جو ٺڳ رهيو آهي. جلال ڪو چڱو انسان نه آهي. نيٺ هن توکي ڪهڙي لالچ ڏيئي لائون لهڻ لاءِ ورغلايو آهي. امان اسان جو پيءُ پوري ڳوٺ ۾ عزت ۽ قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو ۽ هن جي تمام گهڻي عزت آهي. جلال وارا ته پنهنجي خراب ڪردار جي ڪري پاڻ کي عزت وارو سمجهين پيا پر امان بابا جي عزت انهن سڀني کان وڌيڪ آهي. پر انهن سڀني ڳالهين کان وڏي اها ڳالهه ته اهڙي ڳالهه ٻڌي اسان جا سڀ ڳوٺ وارا ڇا چوندا ۽ ڇا وڃي بچندو. ويچاري بابا مرحوم جي عزت جو....!! امبرين جي لهجي ۾ سختي هئي.
    ”امبرين ڏس شرافت سک! اسان توکي سٺي تعليم ان ڪري ڪونه ڏياري آهي ته تون ٻه اکر پڙهي والدين جي عزت نه ڪرين ۽ انهن سان اهڙي سخت لهجي ۾ ڳالهائين! هاڻي وڌيڪ ڪجھه نه ڳالهائجانءِ ڇو ته توکي ڪوبه حق ڪونهي بحيثيت ڌيءَ جي ماءُ سان اهڙيءَ ريت پيش ايندي ماءُ کيس گرجندي چيو. هاڻي سمهي پئه ته جيئن صبح جو ڪاليج لاءِ جاڳ ٿيئي“.
    حليمه جو مڙس الهه بخش ڳوٺ جي معزز ترين شخصيتن مان هڪ هو، سندس پهرين زال جي وفات کان پوءِ هو ڳوٺ ڇڏي اڪثر شهر ۾ رهڻ لڳو، تڏهن هن هتي حليمه سان شادي ڪئي هئي شادي کان پوءِ ڪجھه مهينا شهر ۾ جڏهن رهيو ته هن حليمه کي شهر جي تيز ترين ماحول ۾ سندس چال چلت کي ڪجھه سٺو نه ڀانيو. بعد ۾ کيس هو پنهنجي ڳوٺ وٺي آيو. حليمه شهر جي ڇوڪري هجڻ ڪري خوبصورتي ۽ سڀاءَ جي حوالي سان ڳوٺ جي عورتن ۽ ڇوڪرين ۾ نرالي ۽ منفرد هئي. تعليم يافته هجڻ ڪري هن پنهنجي اولاد کي ڳوٺ ۾ رهي ڪري به اعليٰ تعليم ڏياري. سندن اولاد ۾ ٻه پٽ عمران ۽ فرقان ۽ هڪ ڌيءَ امبرين آهي. امبرين سٺي ذهنيت رکندڙ ڇوڪري آهي. جلال ڳوٺ ۾ پنهنجي تعارف جو محتاج نه آهي، سندس شخصيت ۽ ڪردار ڪنهن کان به وانجهيل ڪونه آهي، هن جيڪو به مال گڏ ڪيو آهي ۽ ڪيئن گڏ ڪيو آهي، انهيءَ کان ڳوٺ جو هر ننڍو وڏو ڀليءَ ڀت باخبر آهي. هن جيڪو به پنهنجو مال گڏ ڪيو آهي اهو پنهنجو نه آهي بلڪه مسڪين ۽ بي وس ماڻهن جي نڙيءَ تي نهن ڏيئي گڏ ڪيو آهي. ڪار، بنگلي ۽ زمين کان وٺي جيڪا به سندس ميراث ۽ ملڪيت آهي اها سراسر ٺڳيءَ جي آهي. نه فقط ايترو پر ان ڳوٺ جي ڪافي عورتن کي ڳوٺ جي هڪ ڪراڙي (ڌوتي) جي معرفت مال جي لالچ ڏيئي کين پنهنجو ڪيو آهي شل نه ڪنهن چڱيءَ عورت تي هن جي نظر پوي، هن جي چنبي کان بچي ته اها ڳالهه ڪنهن معجزي کان گهٽ نه هوندي. ڪجھه مهينن کان پوءِ الله بخش جي زال حليمه تي به هِن جي نظر پئي هن هي موقعو به هٿ کان وڃائڻ نه ٿي چاهيو. نيٺ پنهنجي حرفت ۽ مڪار کي جاري رکي سندس لاءِ ڪم ڪندڙ ڌوتي جانڻ ذريعي حليمه کي پڻ لالچ عيوض پنهنجو ڪرڻ جو زور بار رکيو. الله بخش کان اوجهل انهيءَ وارتا جي خبر کيس بعد ۾ سندس دوستن پاران پئي ته تنهنجي زال جلال سان لڪي رابطا وڌايا آهن. الله بخش کي اهڙي سڌ پوڻ کان پوءِ کيس تمام گهڻو غصو آيو. هن حليمه کي تمام گهڻو ڪٽيو ۽ ماريو ۽ ساڻس ناجائز واسطن ۽ رابطن کان روڪيو. پر نه ته حليمه ان عمل کان بعض آئي نه وري جلال پنهنجي حرفتن کان هٽيو. جلال حليمه کي ڪيتريون ئي سوکڙيون پاکڙيون موڪليون ۽ وڌيڪ لالچون ڏنيون ته هو الله بخش کان وڌيڪ کيس خوشيون ڏيندو ۽ سکيو ستابو رکندو ۽ پڻ سندس اولاد جي تعليم ڏيارڻ کان وٺي سندن هر گهرج پوري ڪندو. جلال ان حوالي سان اها ڳالهه طيءِ ڪئي ته هو الله بخش کي الله جي حوالي ڪري حليمه کي پنهنجي حوالي ڪندو پوءِ کڻي ڇا به ٿئي. حليمه سندس مڪار واري ڄار ۾ بلڪل جڪڙجي چڪي هئي ۽ هن نيٺ جلال جي انهيءَ صلاح کي سٺو ڀانيو ۽ جلال پڻ حليمه کي حاصل ڪرڻ جو اهو واحد حل سمجهيو. آخر جلال جانڻ جي ذريعي حليمه ڏانهن زهر جي هِڪ ٿيلهي موڪلي جيڪا حليمه کي ملي ۽ حليمه الله بخش کي زهر کارائڻ جي روز سٽ سٽيندي رهي. هڪ ڏينهن الهه بخش کي رات جو کير ۾ زهر ملائي ڏنو جيڪو رات جي معمولي ننڊ مان الله بخش کي حقيقي ننڊ طرف وٺي ويو الله بخش جي اولاد کي سندن پيءُ جو اهو غير معمولي موت سندن جسمن کي لرزائي ڇڏيو. پر حليمه جي انهيءَ حرفت جي کين ڪائي ڪل نه پئجي سگهي.
    اڄ اٺون ڏينهن الله بخش جي وفات کي هو، جو حليمه کي انهيءَ ساري مقصد کي ماڻڻ جو الڪو ٿي بيٺو هو، جنهن جي ڪري هن هي سارو کيل تماشو ڪيو. امبرين پنهنجي ڀائرن کان وڏي هئي ۽ سندس ڀائر کانئس ننڍا هئا. انهيءَ ڪري هوءَ پنهنجي ماءُ حليمه کي اهڙي عمل کان روڪي رهي هئي پر حليمه ان حوالي سان بضد هئي.
    اڄ هوءَ جڏهن ڪاليج کان واپس گهر آئي ته هن جلال کي پنهنجي گهر ۾ ڏٺو جيڪو حليمه سان گڏ ويٺو هو. امبرين اهو منظر ڏسي ششدر ٿي وئي کن پل کان پوءِ هن چيو ته امان هي سڀ ڪجھه ڇا آهي ۽ هي جلال هتي ڇا پيو ڪري.... سندس ماءُ چيو ته ڇا وري ڇا آهي مون جيڪو ڪجھه چيو هو اهو ٿي رهيو آهي. امبرين کيس چيو پر امان توکي هي سڀ ڪجھه ڪيئن جڳائي پيو. توکي خبر ناهي ته بابا جي وفات کي هڪ هفتو به نه گذريو آهي ۽ تون وري هتي رنگ رليون ملهائي رهي آهين! توکي تنهنجي اهڙي عمل تي ٿورو حياءُ هجڻ گهرجي امان. امبرين ڪتابن کي ٽيبل تي اڇليندي چيو.
    ”بڪواس بند ڪر ۽ پنهنجي ڪمري ۾ هلي وڃ مون کي خبر آهي تون ڪيتري باشعور آهين“. سندس ماءُ ڪاوڙ ۾ چيو.
    ”امان والدين جي اصلي ذميواري آهي پنهنجي اولاد ۾ وڌ کان وڌ شعوري صلاحيت بيدار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيڻ. باشعور ۽ تعليم يافته اولاد جيڪا احساس ڪمتري ۾ مبتلا نه هجي اها ڪڏهن به والدين جي آڏو سرڪشي اختيار نه ٿي ڪري سگهي. امان پيءُ پنهنجي ٻارن کي جيڪا انتهائي اهم شيءِ ڏيئي سگهي ٿو سا آهي والده سان پيار! ها منهنجي بابا مون کي منهنجي ماءُ سان به پيار ڪرڻ سيکاريو هو. هي پيار نه آهي ته ٻيو ڇا آهي امان؟ مان ڪيئن چاهينديس ته منهنجي ماءُ ائين اهو سڀ ڪجھه ڪري، مان ڪيئن چاهينديس ته منهنجي ماءُ هڪ بدنام ۽ بدڪردار ماڻهو جي ور چڙهي. امان جڏهن ماڻهو پنهنجي آسپاس جي ماحول کان وڌيڪ تنگ ٿيندا آهن ته سماجي ناانصافين خلاف بغاوت ڪندا آهن، غير محفوظ ۽ بي رحم حالتن ۾ رهڻ سبب سندن مستبقل تاريڪ رهندو آهي ۽ جيئڻ جنجال بڻجي ويندو آهي. جلال وارن جو اهو ئي ڪم رهيو آهي، ڳوٺ جو هر هڪ سندن ستم کان بيزار آهي“.
    جلال امبرين جون اهي ڳالهيون ٻڌي پنهنجو منهن ڳاڙي ڪري غصي ۾ اٿي هليو وڃڻ کان اڳ ۾ حليمه کي چيو ته هن ڇوري کي سمجهاءِ نه ته حالت ڏاڍي خراب ڪندومانس. حليمه کيس پويان سڏ ڪندي رهي پر هن پوئتي ڪونه ڏٺو.
    ”هي تون ڪهڙي بڪواس ۽ فضول گوئي ڪري رهي آهين؟ جلال ڇا سوچيندو امبرين! مان هي جيڪو فيصلو ڪريان پئي صحيح آهي يا غلط ان سان تنهنجو ڪو واسطو ڪونه آهي. ۽ ٻي ڳالهه ته شادي هر ڪنهن جو حق هجي ٿو ۽ خود مذهب پڻ ان شيءِ جي اجازت ڏيئي ٿو“ ماءُ کيس سخت لهجي ۾ چيو.
    پر امان تون جنهن سان شادي ڪرڻ چاهين پئي ان جو ڪردار ڪهڙو آهي، جيڪو ماڻهو ڪرداري بنياد تي ٺيڪ نه آهي ته اهو ٻين جي لاءِ ڪيئن ٺيڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. امبرين کيس چيو.
    ”پر ماڻهو کڻي ڇا به ڪن، ڇا به چون تون ڇا به ڪرين ۽ ڇا به چوين پر مان جلال سان شادي ڪنديس، اهو مون کي پر سڪون زندگي فراهم ڪري سگهي ٿو ۽ توهان جي مستبقل لاءِ آسري جو سامان بڻجندو“. سندس ماءُ چيو.
    پر امان اسان کي اسان جي بابا جي وفات جو ڏک ۽ غم اڃا لٿو ئي ناهي ۽ تون انهيءَ غم ۾ ڪيئن مسرور ٿيڻ چاهين ٿي. امبرين ڏک ڀري انداز ۾ چيو.
    خوشيءَ جو هڪ لمحو، غمن جي هزار لمحن تي حاوي هوندو آهي. غم به زندگي آهن ته خوشيون به زندگي. خوشي ۽ غم ملڻ زندگيءَ جو اٽوٽ حصو آهن. غمن کي ڀلائڻ لاءِ خوشيءَ جو سهارو وٺڻو پوندو آهي. سو هن غم کي وساري ڇڏ ڌيءَ. سندس ماءُ سمجهائيندي چيو.
    امان جن جي زندگيءَ ۾ خوشيون تمام گهڻيون هجن، انهن کي ننڍڙو غم به وڏو لڳندو آهي، ها اسان جي بابا اسان کي سچ ته گهڻيون خوشيون ڏنيون پر سندس اهو غم ڀلائڻ جهڙو نه آهي امان! جيڪا خوشي تون ماڻڻ چاهين پئي اها توکي ڪڏهن به راس ناهي ٿيڻي. ڇو ته حقيقي خوشي اهو ئي انسان حاصل ڪندو آهي، جيڪو پنهنجي خواهش تي قبضو ڪري. امبرين چيو.
    ڌيءَ مان چاهيان ٿي ته منهنجي محروم پيءُ اسان کي کوڙ خوشيون ڏنيون پر ڪنهن خوشيءَ جي کسجي وڃڻ تي ايتري چري نه ٿيءُ ڌيءَ! بلڪه ٻي خوشيءَ جي ڳولها ڪر. پنهنجي چهري تي ڪاوڙ ڏک ۽ غم بجاءِ خوشيون سينگار. ته جيئن توکي ڪوبه غم نظر نه اچي. ماءُ کيس چيو.
    سندس ڌيءَ جي روڪڻ کان حليمه نه مڙي ڪجھه ڏينهن بعد مذهبي حدون ٽوڙي جلال سان شادي ڪئي. سندن شادي کان پوءِ سڄي ڳوٺ سميت امبرين کي به اها خبر پئي ته حليمه پنهنجي مڙس الله بخش کي جلال جي چوڻ تي زهر ڏيئي موت جي ننڊ سمهاريو هو. امبرين کي اهڙي خبر پوڻ کان پوءِ سندس هوش ۽ حواس ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو. سندس ماءُ به جلال جيان کيس ظالم لڳي رهي هئي، ته ڪيئن هن سندس پيءُ کي زهر ڏيئي ماري ڇڏيو هو. ڳوٺ جي ماڻهن پڻ ان اهڙي وارتا تي اچرج کاڌو. شادي کان پوءِ جلال سندن گهر ۾ ئي رهڻ لڳو، جيڪو عمل امبرين لاءِ ڪنهن عذات کان گهٽ نه هو. حليمه ٻه ٽي هفتا خير خوبي ۽ خوشيءَ سان گذاريا. هڪ ڏينهن جلال حليمه کي چيو ته ”هاڻي مان امبرين سان شادي ڪرڻ چاهيان ٿو“ اهڙي ڳالهه ٻڌي حليمه حيران ٿي وئي ۽ کيس چيائون ته ”جلال ايئن نه ٿو ٿي سگهي مان جو تو لاءِ آهيان“. جلال چيس ”حليمه! صفا نادان آهين تو جهڙيون اهڙيون ٻيون به ڪيتريون ئي منهنجيون هيون، پر اڄ اهي الائي ڪٿي آهن، اهو آئون به نٿو ڄاڻان“ هاڻي منهنجي نظر ۾ امبرين آهي جنهن جي نازن ۽ نخرن منهنجو راتين جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن. حليمه کيس منٿون ۽ ايلاز ڪيا ته هو ايئن نه ڪري پر جلال جو ته ڪم ئي اهو هو سو ڪيئن ٿي مڙيو!
    امبرين کي جڏهن اها خبر پئي ته هوءَ تپي باهه ٿي وئي ۽ سندس پيرن هيٺيان زمين ڇڏائجي وئي. جلال هاڻي اهو فيصلو ڪيو ته سڀاڻي هو حليمه جي ڌيءَ امبرين کي به پنهنجي ڪنوار بڻائيندو.
    حليمه ڀانيو ته دنيا اميدن ۽ آرزوئن جي نه پر، حقيقتن ۽ نتيجن جي جاءِ آهي، هن کي پنهنجي ساري ڪئي تي کيس گهڻو ارمان ٿي رهيو هو. هڪ بدڪردار ماڻهو جي وڪڙ ۾ اچي پنهنجي باڪردار مڙس کي مارڻ کان وٺي کيس پنهنجي هر عمل تي نهايت افسوس ٿي رهيو هو. جيڪو هن ڪنهن وڏي خوشيءَ ماڻڻ لاءِ ڪيو هو.
    سندس ذهن چڪرائجڻ لڳو ۽ سندس ڌيءَ امبرين جا چيل هي لفظ سندس ذهن ۾ ڦرندا پئي رهيا ته ”امان! جيڪا خوشي تون ماڻڻ چاهين پئي، اها توکي ڪڏهن به راس ناهي ٿيڻي. ڇو ته حقيقي خوشي اهو ئي انسان ماڻي سگهندو آهي، جيڪو پنهنجي خواهشن تي قبضو ڪري.... “
    ***


    وحشي

    مسلسل اڄ ٽيون ڏينهن هو، جو مون نفيس کي معمول مطابق ڪونه ڀانيو. سندس ڳالهين ۾ اهو مزو ڪونه اچي رهيو هو، جيڪو ان کان پهرئين هوندو هو. هن جو مزاج هر وقت کِل مُک هوندو هو، پر هو خبر ناهي الائي ڇو ۽ ڇا لاءِ اداس اداس ۽ بي انداز خاموشيءَ جي خوفناڪ حالت ۾ هو. سندس وار به اڻڀا ۽ ڪپڙا به ڪافي ڏينهن وارا پاتل هئس. اڄ به مون سوچيو ته کانئس انهيءَ اوچتيءَ تبديلي ۽ اداسيءَ جو ڪارڻ معلوم ڪيان. پر خبر ناهي ته ڇو کانئس پڇي نه سگهيس. هو اڄ به مون سان مليو، حال احوال مختصر ڪري جلد موڪلائي هليو ويو.
    ٻئي ڏينهن به جڏهن هو مون سان مليو، سندس حالت ساڳئي پسيم. هو منهنجي سٺي دوست سان گڏ سٺو همراز به آهي، مون نه ٿي چاهيو ته آئون سندس انهيءَ نااتفاقيءَ واري حالت کي ڏسي ڪا وڏي ڳالهه ڪونه ڀانيان، ان ڳالهه پٺيان ڪوبه پسمنظر ڪونه ڀانيان ۽ اهو سوچيان ته ٺيڪ آ جيڪڏهن نفيس معمول جي ابتڙ نظر اچي پيو ته خير آ، سندس انهيءَ اداسيءَ جو ڪو ذاتي ڪارڻ ٿي پئي سگهيو ۽ آئون بي جا پڇا ڪري کيس ڇو پريشاني ۾ اضافو ڪريان پر اهائي ڳالهه ته منهنجو دوست دلبر آهي، جڏهن پاڻ هڪ ٻئي جا سٺا دوست ۽ همراز آهيون تڏهن پڇڻ ۾ ڇو تڪليف يا ٻيو ڪجھه محسوس ڪريان. ڀانيم ته شايد هو ڪو ماضي جي يادگيري ۾ نه هليو ويو آهي، ڇو ته اهي ماضي جون يادگيريون انسان کي اندران ئي اندران اڏوهي جيان کائينديون رهنديون آهن. ڪالهه ڳالهائيندي ڳالهائيندي نفيس جي اکين مان اوچتا ٻه ٽي لڙڪ به وهي آيا هئا، ڳوڙها خون جا اهي قطرا آهن، جيڪي غم جي سبب پاڻي ۾ تبديل ٿي ويندا آهن. پر آخر هو ڇو اهڙي ڪيفيت ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. جيڪو ٻين جي غم کان بي غم هجي اهو انسان سڏائڻ جو مستحق ڪونهي. مون سوچيو مان به اگر پنهنجي دوست جي انهيءَ غم کان بي غم آهيان ته سچ ته مان سندس دوست سڏائڻ جو مستحق نه آهيان. ڇو ته غم جي ڪڪر کي شڪست ڏيڻ لاءِ ۽ ڳوڙهن کي روڪڻ لاءِ صرف دوستي جي ئي ضرورت هوندي آهي. مون چاهيو ته نفيس کان اها ساري وارتا معلوم ڪيان ته نيٺ منهنجو دوست ڇو ايترو ڏکويل آهي.
    ”يار اڄ هوٽل تي نه پر، ڪنهن اڪيلي جاءِ تي هلي ويهون ٿا“ مون نفيس کي چيو. ”ڀلا پوءِ هن پارڪ ۾ ڇو نه هلي ويهجي اتي ٿانيڪا ٿي ويهون ٿا، شهر جي گوڙ گند واري ماحول کان بچي دماغ کي به هلي ڪو سڪون ڏيارجي“ نفيس پريشان وچان رومال سان پگهر اگهندي چيو. پوءِ ٻئي شهر جي مين روڊ تي هلندڙ بي انداز گاڏين جي وچ مان روڊ ڪراس ڪري اچي پارڪ پهتا. کن پل کان پوءِ مون نفيس کي چيو ”يار اڄ چوٿون ڏينهن آهي، مون کي نفيس ساڳيو نفيس مزاج ۽ خوش نظر ڪونه اچي رهيو آهي، ڇا ڳالهه آهي“.
    نفيس جي اکين مان لڙڪ ٽمي پيا اداسي ۽ پريشاني جڏهن وڌي وڃي ته اکين جا سارا ڳوڙها پي ويندي آهي. نفيس چوڻ شروع ڪيو ”يار ڳالهه نه پڇ. گهڻا ئي سور ۽ درد آهن ڇا ٻڌائي ڇا ٻڌايان“.
    مون کيس چيو ”نفيس تون منهنجو جگري دوست آهين مان توکي ان حالت ۾ نه ٿو ڏسي سگهان سو مون کي پنهنجي اندر جي جيڪا به اور آهي سا مون کي ٻڌاءِ ۽ پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪر“.
    نفيس ٿڌو شوڪارو ڀريندي چيو ته ”يار محبت ڪڏهن ڪڏهن اهڙو ته روڳ بڻجي ويندي آهي، جا انسان کي غمن جي گهاڻي ۾ وجهي ڇڏيندي آهي. زندگي ۽ محبت ٻئي پڄاڻي کان بي خبر هوندا آهن، پر خبر ناهي محبت ڪرڻ وارا ڇو آخر ۾ خالي هٿئين رهجي ويندا آهن. اها به خبر ڪونه اٿم ته محبت مسڪراهٽن سان شروع ۽ ڳوڙهن تي ختم ڇو ٿيندي آهي“.
    ”اهو ٺيڪ آهي پر پليز پهريان اهو ته ٻڌاءِ ته اها ڪير آهي جنهن تنهنجي دل جي حسين ديس کي ڌوڏي ڇڏيو آهي“. مون نفيس کي منٿ ڪندي چيو.
    ”توکي خبر نه آهي ته مان اسريٰ سان ڪيتري محبت ڪندو آهيان، جنهن جو ذڪر مون تو سان پهرين به ڪيو هو“. نفيس چيو.
    ”ها اهو ته تو مون کي ٻڌايو هو پر ان وقت ته تون ايتري شدت واري محبت جو حوالو نه ڏنو هو مون سندس ڳالهه سان ڳالهه جوڙيندي چيو.
    ”محبت دل ۾ هوندي آهي ۽ دل چيري نه ڏيکاري ويندي آهي. غفار! محبت جي لاءِ اهو چوڻ ئي بس آهي ته اها محبت آهي“. نفيس مختصر ٿيندي چيو.
    ”پر يار ڪجھه شيئر ڪر“ مون چيو.
    ”يار گذريل انهن چئن مهينن اندر ڇا وهيو واپريو، آئون توکي ٻڌايان ٿو“.
    ”منهنجي نوڪريءَ جو ٽرانسفر ڪراچي کان هتي ٿيو. آئون انهيءَ ريجنل آفيس ۾ سندس ماتحت طور ڪم ڪري رهيو هوس. اسريٰ منهنجي مٿان عهدي تي فائز هئي. ننڍي عمر ۾ وڏي عهدي واري اها سيٽ کيس ڏاڍي سونهي پئي. هوءَ روزانو آفيس اچڻ مهل سلام ڪري پنهنجي آفيس ۾ ويهندي هئي، سندس اهڙي سادگي سندس حسن کي نکيريندي هئي. هوءَ هر روز ڪانه ڪا ڪنهن ايجنڊا تي ميٽنگ ڪوٺائي هدايتون ڏيئي ڪجھه اسائنمينٽ به ڏيندي هئي. ميٽنگ دوران سندس ڳالهائڻ ايترو ته پرلطف هوندو هو جو جڏهن به هوءَ ڳالهائيندي هئي تڏهن سندس سريلو آواز دل کي سڪون فراهم ڪندو هو. مون کي آفيس ۾ سندس اچڻ تائين سندس خوبصورتي ۽ سادگيءَ سان پيار ٿي ويو.
    ميٽنگ دوران ٻين جي ڀيٽ ۾ آئون واڌارا سوال پڇي کيس پنهنجي قابليت ۽ ڪم ۾ دلچسپيءَ هئڻ سان گڏوگڏ سندس ۾ دلچسپي هئڻ جا آثار ڏياريندو هوس. اهو سڀ ڪجھه ان ڪري جو مون کي سندس مٿان موهت ٿي پئي هئي. ميٽنگ دوران آئون سندس ڏانهن سارو متوجهه ٿي هن جي ڳالهائڻ دوران سندس پيارين اکين ڏانهن پڻ ڏسندو هوس. يار اکيون اکين کان شرمائينديون آهن ۽ اهي ڏسڻ کان ڪڏهن به نه ڍاپنديون آهن ڇو ته اکيون انسان جي قلبي ڪيفيت جون ترجمان هونديون آهن. گلن جي خوشبوءَ نڪ سان سونگهي سگهجي ٿي پر اکين جي خوشبو کي دل سان محسوس ڪري سگهجي ٿو. بنا ڪجل جي سندس اکيون ڏاڍيون حيا جو مجسمو لڳنديون هيون. جنرل اسٽاف کي روزمره جي ڪم متعلق مفيد مشورا ۽ ڪارائتيون ڳالهيون جڏهن ميٽنگ جي دوران هوءَ ٻڌائيندي هئي تڏهن سندس شخصيت پرڪشش نظر ايندي هيم. پر ڪڏهن ڪڏهن ڳالهائيندي ڳالهائيندي سندس خاموشي سندس لفظن کان وڌيڪ وضاحت ڏيندي هئي. سندس نرالي گفتگو مان نرالي شخصيت ۽ ڪردار جا اهڃاڻ نظر ايندا هئا. ڇو ته ڪوبه آئينو انسان جي ايتري حقيقت تصوير پيش نه ٿو ڪري سگهي، جيتري ان جي گفتگو پيش ڪري سگهي ٿي. ڳالهين کي ڳالهين جي ذريعي نڀائڻ ۽ سلجهائڻ سندس گفتگو جو فن هو. ڇو ته زبان ۾ جيڪڏهن مٺاس هجي ته پٿر کي به ميڻ بڻائي سگهجي ٿو. سندس انهيءَ هڙئي خوبين ڪري منهنجي دل ساڻس ڏانهن مائل ٿي وئي. آئون سراپا سندس شخصيت ۽ حسن تي حيران ٿي پيس منهنجي دل ۾ سندس لاءِ جذبن سان سرشار پيار پالجڻ لڳو. منهنجي دل ۽ ذهن کيس مڃڻ، ڀانئڻ ۽ چاهڻ لاءِ تيار ٿي پيا. دل جي ڀيٽ مون کيس دماغي طور تسليم ڪيو ڇو ته دماغ جون هزارين اکيون هونديون آهن ۽ دل جي فقط هڪڙي اک. هر معاملي کي دل جي بجاءِ ذهن سان قبول ڪرڻ گهرجي. مون سوچيو ته هاڻي آئون اسريٰ لاءِ سانڍيل ايتري سڪ کي ان آڏو ڪيئن پيش ڪريان يا کيس ڪيئن اهو چوان ته منهنجي دل ۾ سندس لاءِ ڪيترو پيار آهي. اهو ڪيئن پيدا ٿيو آهي. پر حقيقت اها آهي ته پيار جو ڪوبه ڏينهن، رات، موسم ۽ ٽائيم مقرر نه هوندو آهي. ڪا اهڙي شيءِ نه آهي جنهن کي انسان هٿ کان وٺي اختيار ڪري، پر هيءَ خود بخود ٿيڻ واري شيءِ آهي. پر.... پر يار!
    نفيس وڌيڪ ڪجھه به ڳالهائي نه سگهيو، مون کيس ڳالهه کي جاري رکڻ جي التجا ڪئي جنهن کان بعد وري هن ڳالهه کي نئين سر جوڙيو.
    ”پر افسوس جو يار اڳتي هلي قصو ايئن ٿيو جو روزانو پنهنجي اسٽاف مان مون کي سندس جي باري ۾ نوان انڪشاف ۽ نيون ڳالهيون ٻڌڻ ۾ آيون، اسان جي انهيءَ اسٽاف مان هن لاءِ ڪو ڪيئن چئي رهيو هو ته ڪو وري ڪيئن؟ ڪنهن چيو ته مائي مزيدار آهي يار مون کي لڳي ٿو ته اسان جي ئي اسٽاف منجهان ڪجھه ماڻهن ان کي پنهنجي زيادتي جو نشانو بڻائڻ ۽ مارڻ جو منصوبو جوڙيو هوندو نيٺ انهن پنهنجي انهيءَ گڏيل منصوبي کي حتمي شڪل ڏني هوندي جو هڪ ڏينهن اسريٰ آفيس مان موٽي گهر وئي ته انهن مان ڪن سندس رات جو گهر جو دروازو ٽوڙي اندر گهڙيا ۽ سندس ڪمري ۾ پهچي دروازو لاڪ ڪري سندس بي حرمتي ڪئي، سندس تقدس پائمال ڪري سندس عزت کي خوب لُٽيو ۽ عزت لُٽڻ کان پوءِ هنن کيس اتي ئي گوليون هڻي ماري ڇڏيو.“ نفيس جي جسم لرزائيندڙ اهڙي ڳالهه ٻڌي مون کي تمام گهڻو ڏک ۽ حيرت ٿي. نفيس پنهنجي ڳالهه کي جاري رکيو ”يار ٽن ڏينهن کان پوءِ سندس آفيس واري ٽيبل جي خاني ۾ مون کي هڪ اڇو پنو ويڙهيل هٿ آيو. مون ان کي کوليو پني مٿان تاريخ سندس موت کان هڪ اڳ جي هئي، پني ۾ لکيل هو:
    ”نفيس ميٽنگ ۾ منهنجي ڳالهائڻ دوران اوهان جو بار بار ڏسڻ ۽ واڌارا سوالا پڇڻ منهنجي لاءِ اهو حيرت جوڳو عمل هو. مون سوچيو ته ڪٿي آئون غلط نه هجان. پر بعد ۾ منهنجي سوچ صحيح ثابت ٿي ته اوهان کي مون سان پيار ٿي ويو آهي اهو سڀڪجهه اوهان جي اکين ۽ ڳالهائڻ مان محسوس ٿي رهيو هو. اوهان به سچ ته ڏاڍا سٺا آهيو. اوهان جي اهڙي عمل کان پوءِ منهنجي دل ۾ به اوهان لاءِ پيار پيدا ٿي ويو آهي. آئون اوهان کي دل ئي دل ۾ چاهڻ لڳي آهيان.“
    نفيس وڌيڪ ڪجهه به ڳالهائي نه سگهيو ۽ سندس اکين مان لُڙڪ پنبڻين مان لارون ٺاهيندي وهڻ لڳا.....
    مان نفيس جي پاڪيزگي واري پيار ۽ سندس اسٽاف جي اهڙي ڪُڌي عمل تي سوچڻ لڳس ته اڄ جي انسانيت ڪٿي وڃي بيٺي آهي ۽ ماڻهو ڪيترا نه وحشي ۽ درندا ٿي ويا آهن...
    ***


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 466
    ڪتابن جو مشاهدو: 393526
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 159255
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ