ڪتاب جو نالو: جاڳ او ٻالڪ جاڳ
مصنف: گوهر سنڌي
ڇپائيندڙ: سونهن پبليڪيشن پريالوءِ خيرپور
ڪيٽيگري: ٻاراڻو ادب
شايع ٿيڻ جو سال: 2004
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 15 مارچ 2017 ع
پڙهيو ويو: 365 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 118 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
گوهر سنڌي هميشه سنڌ جي مظلوم ٻارن جي حقن جي ڳالهه پنهنجن خوبصورت لکڻين ۾ ڪئي آهي. هو هڪ جاکوڙي ڪردار آهي، جيڪو پنهنجي وس آهر سموري سنڌ جي ٻارن ۾ تعليمي ۽ ادبي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ پروگرام ڪوٺائي رهيو آهي. جيڪو هن وقت ٻالڪ ادبي فورم سنڌ جو مرڪزي اڳواڻ آهي. هو ٻالڪ ادبي فورم سنڌ کي وڌيڪ مضبوط ۽ اجاگر ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهي. سنڌي ٻاراڻي ادب جو خوبصورت شاعر، ليکڪ، ڪهاڻيڪار، گوهر سنڌي هن وقت به ٻارن لاءِ سهڻا، سهڻا نظم، گيت، بيت لکي رهيو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • سنڌ سلامت پاران
  • اداري طرفان
  • پنهنجي پاران
  • ننگر جي ٻاتن ٻولن جھڙا نظم
  • گوهر جي شاعريءَ ۾ ٻارن لاءِ وندر
  • ٻارن جي شاعري، ڄڻ موتيءَ داڻا
  • ٻارن جي معصوم جذبن جهڙو شاعر
  • التجا
  • سنڌ جو شان
  • سچل سارو سچ
  • سامي سندا سَلوڪَ
  • راڳ جو راڻو
  • راڳ جو راڻو
  • سنڌ امڙ جا نيڻن ٺار
  • سنڌي ٻولي، قومي ٻولي
  • موهين دڙي جي ٻڌو ڪهاڻي
  • شڪارپور جو سير
  • گيت خوشيءَ جا ڳايو ٻارو
  • آءُ ته جڳ ۾ پيار ورهايون
  • سنڌ وطن جا پيارا ٻار
  • سالگرهه
  • جاڳ او ٻالڪ جاڳ
  • طوطو
  • پيارا ٻار
  • پياري سنڌڙي
  • لولي
  • ديس جا ٻار
  • ڏون جو کوڙو
  • چڙيا گهر
  • لطيف سائين
  • پياري سنڌ
  • وچن
  • استاد
  • سنڌو پيارو
  • ٻارڙن جي ٻاري
  • سونهن سراسر ساري سنڌ
  • گڏڙي
  • مهراڻ جا هي تارڙا
  • پوپٽ جهڙا ٻار
  • پيارو لطيف
  • اسڪول ڏانهن وڃو
  • امڙ جي لولي
  • ڪوڙ کان نفرت
  • ديس جو جوڌو
  • ڪتاب
  • اميد
  • سچ ته بيٺو نچ
  • وقت
  • گهوڙو
  • وقت نه ڪندو انتظار
  • اسڪول وڃن ٿا
  • چئو سٽا
  • سنڌي الف، بي پٽيءَ جا ٻه سٽا
  • فلسطيني ٻار جا خواب
  • سنڌي ٻار جا سپنا
  • جنم ڏڻ
  • ٻار ڪائنات جي سونهن
  • سڪون
  • هائيڪا / ٽيڙو
  • ٽه سٽا
  • سنڌي الف بي جي ٽيڙو پٽي
  • ٻارن لاءِ شاعري ۽ سگهارو نانءُ
  • گوهر سنڌي گهڻ پاسائين شخصيت
  • اُڀ تي ڄڻ هي تارا آهن!!
  • سنڌي ٻاراڻي ادب جو خوبصورت شاعر گوهر سنڌي
  • آدرشي جذبن سان زندگيءَ جا پل گهاريندڙ شاعر
  • گلن جي قاتلن جون دليون پٿر جون ٿي ويون
  • گوهر سنڌي ۽ ٻارڙن جا ٽهڪ

  • حق ۽ واسطا

    ( هن ڪتاب جا حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ)
    ڪتاب جو نالو:جاڳ او ٻالڪ جاڳ(ٻارن جي شاعري)
    شاعر: گوهر سنڌي
    تعداد: 500
    ڪمپوزنگ: آصف ڪمپوزرس لکي ضلع شڪارپور
    ڪمپيوٽر لي آئوٽ: عرفان منور ميمڻ، حاجي عبدالحق سومرو
    ٻانهن ٻيلي : سميع سجاد ميراڻي، سارنگ لطيف سومرو، فيصل علي
    ڇپائيندڙ: سونهن پبليڪيشن پريالوءِ ضلع خيرپور، سنڌ
    ملهه: 80 روپيه
    سال : 2014ع


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (353) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”جاڳ او ٻالڪ جاڳ“محترم گوهر سنڌي صاحب جي ٻارن جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
    هي ڪتاب سونهن پبليڪيشن ، پريالوءِ/خيرپورپاران 2014 ۾ ڇپايو ويو. ڪمپوزنگ آصف ماڪو صاحب ڪئي آهي. اسان ٿورائتا آهيون سميع سجاد ميراڻي صاحب جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    اداري طرفان

    سنڌ سونهاري ٻين خطن جيان علم ادب ۾ پاڻ ڀري رهندي پئي اچي ۽ شعر وسخن ۾ پاڻ ملهائيندي پئي اچي. سنڌ جا عالم، اديب ڏاها ۽ شاعر پنهنجي تخليقي سگهه ذريعي سنڌي ادب جي خدمت ڪندا پيا اچن. اهڙي طرح انهن اديبن، شاعرن مان اسان جي سنڌ ڌرتيءَ جي مٽيءَ مان ڳوهيل ۽ مٽيءَ جو مان اونچور رکندڙ گوهر سنڌي به هڪ آهي. جنهن ادبي کيتر ۾ نثر سان گڏوگڏ نظم ۾ به نالو ڪمايو آهي. خاص طور ٻارڙن لاءِ شاعري ۾ ته ڪمال ڪيو اَٿس.
    تازو سونهن پبليڪيشن پريالوءِ (خيرپور) جي طرفان سال 2014ع ۾ صوفياڻي شاعري جو مجموعو “نينهن ڪيونروار” عورتن جي حقن جي حوالي سان شاعري مجموعو “چنڊ روئي ڏنو” ان کان علاوه غلام محمد غازي جي شاعري جو مجموعو “تند تنوار” ۽ گوهر سنڌي جي ٻارڙن لاءِ لکيل شاعري جي مجموعي “جاڳ او ٻالڪ جاڳ” جي پهرين ڇاپي جي گهڻي ڪاميابيءَ کان پوءِ، ٻارن جي شاعريءَ مجموعو “جاڳ او ٻالڪ جاڳ” سنڌ جي ٻارڙن ۽ سندن والدين جي گهڻي گهرج مطابق واڌارو ۽ سڌارو آڻيندي، 96 صفحن مان وڌائي 112 صفحن تي مشتمل ڪيو آهي ۽ هڪ دفعو ٻيهر سونهن پبليڪيشن پريالوءِ (خيرپور) طرفان ڇپايو ويو آهي. مون کي اميد آهي هي ٻيو ڇاپو اوهان کي اڳين ڇاپي جيان پسند ايندو. جنهن مان اسان جي سنڌ جا سهڻا ٻالڪ سندس شاعريءَ مان گهڻو حظ حاصل ڪندا.
    وڌيڪ پڙهندڙن تي ٿو ڇڏجي ته هو پنهنجا خيال ۽ ريا ڪيئن ٿا پيش ڪن. اسان کي اوسئيڙو رهندو.
    سنڌ سلامت اوهان جو پنهنجو
    ساٿ سلامت سميع سجاد ميراڻي
    چيئرمن
    2016-10-10 سونهن پبليڪيشن (پريالوءِ) خيرپور
    0301-3431537


    پنهنجي پاران

    اها حقيقت آهي ته ٻاراڻو ادب ڪنهن به ٻولي جو هجي، بنيادي حيثيت رکي ٿو. اسان جي ٻولي ۾ بلڪه دنيا جي هر ٻوليءَ ۾ ادب جا ٻه حصا ٿين ٿا. هڪ نظم ۽ ٻيو نثر وارو حصو.
    سنڌي ٻوليءَ جي اوائلي صورت جاچينداسين ته اسان کي جيڪا پهرين صنف ادبي حيثيت ۾ ملي ٿي اها نظم ۾ آهي.
    هڪ تحقيق مطابق ”سومرن ۽ سمن جي دؤر کان ڪلهوڙن جي دؤر تائين سنڌي ٻولي ۾ ڪو به اهڙو ناليوارو نثر ۾ شايع ٿيل ڪتاب نٿو ملي. اوائلي دؤر کان وٺي اڄ تائين ٻولي جي نظم وارو انداز ماڻهن جي مزاج تي وڌيڪ اثر انداز ٿئي ٿو.
    نظم وارو حصو تعليم جي عمل ۾ ٻار جي مزاج کي وڌيڪ متاثر ڪري ٿو. انهيءَ ڪري ٻار درسي ڪتاب ۾ نظم وري حصي ۾ وڌيڪ دلچسپي رکي ٿو.“
    اڃان به مون سميت سڀني ڏات ڌڻين کي اها شڪايت اهي ته ٻاراڻي ادب ۾ اهو واڌارو نه اچي سگهيو آهي. جيڪو اچڻ گهرجي، اهڙي واڌري ۾ نه وري ڪي وڏا اديب دلچسپي وٺڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ نه ئي ڪا ڪوشش ڪري رهيا آهن.
    ٻارن جي ادب ۾ هي پاسو ڄڻ خالي ٿو نظر اچي. ان حوالي سان کوڙ سارو بحث ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن ڪوشش ڪبي ته ڪيترائي مسئلا آهن جيڪي سنجيدگيءَ سان حل ڪري سگهجن ٿا. خاص ٻارن جي ادب لاءِ ڪو به اهڙو ادارو هيل تائين نه جوڙيو ويو آهي. جنهن سان ٻاراڻي ادب جي واڌ ويجهه ٿي. ها باقي انفرادي طور هر هڪ سڄاڻ، اديب، شاعر ان کوٽ کي پوراءُ ڪرڻ جي جاکوڙ ۾ آهن.
    ٻارڙن لاءِ شعر لکڻ ڪو سولو ڪم ڪونهي، ٻارن سان ٻار ٿي،تخليقڪار کي ٻار جي ذهني علمي ضرورتن کي ذهن ۾ رکي گيت، نظم لکڻا پَوَنِ ٿا. اها هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ڪونهي، مون ٻاراڻي ادب ۾ نظم لکي هڪ وک کي اڳي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
    آءٌ ٻارڙن لاءِ هي تخليقي پورهيو ٻارڙن جي لاءِ ٻول لکي ڪا وڏي دعوا ته ڪونه ڪئي آهي. البت هڪ استاد، هڪ اديب، هڪ شاعر جي حيثيت من ۾ تڙپ، هڪ اميد، هڪ پيغام، ايڪي، الفت، چاهت جي منفرد انداز ۾ سنڌ جي مستقبل، سنڌ جي آئيندي، سنڌ جي گلڙن جهڙن ٻارڙن کي ڄاڻ ڏيڻ جي جستجو ۾ واڌارو ڪيو آهي. شاعري اندر قومي شناخت، سنڌ، سنڌي، شاهه، سچل، سامي شناسيءَ سان گڏ سنڌ جا ماڳ مڪان ٻولي لولي ڏئي ويو آهيان. سموري شاعريءَ اندر ٻارڙن جي ذهن جي عڪاسي ٿيل آهي. مون ڪوشش اها به ڪئي آهي ته سنڌي ٻارڙن کي انتها پسندي ۽ غلط سوچ جي لاڙي کان واقف ڪريان ۽ انهن کي سنئين دڳ لائي سگهان ۽ صحيح نشونما ڪندي سائنسي سوچ ۽ سماجي ۽ قومي ڄاڻ ڏيان. ته جيئن غلط رستي تي نه هليا وڃن. ٻار قوم، مستقبل معمار ۽ آئيندي جو ابو آهي. تاريخ، تهذيب روايتن، فن، موسيقي ۽ ادب جا وارث آهن. سندن بهتر ذهني نشونما لاءِ نصاب سان گڏ غير نصابي سرگرميون تمام ضروري آهن. ٻارڙن جي خواهشن ۽ سوچن تي پورو لهڻ والدين ۽ استادن سان گڏ سماج جو به فرض آهي. جيئن هن دؤر ۾ ٻارڙا همت ۽ محنت سان پنهنجي صلاحيتن کي مڃائي سگهن.
    اسان جو سنڌي معاشرو ٺيٺ جاگيرداري، انتهاپسندي، بنياد پرستي، تهم پرستي، نسل پرستي ۽ طبقاتي تعليمي نظام جو ڪُنَ ۾ غوطا کائي رهيو آهي. اهڙي حالت ۾ سنڌ امڙ جي نيڻن ٺارن جا سپنا اڻپورا آهن. سنڌ جي صورتحال، لسانيت، ذاتيات، طبقات، فرقيواريت، انارڪيت، وڏيراشاهي، بيروزگاري، بدامني، ڌارين جي يلغار پنهنجن ئي شهرن ۾ اوپرائيپ، خودڪشي، قتل وغارت، ڌاڙا ڦرون، قبضا گيري، داداگيري، عورتن ۽ معصوم ابهم ٻارڙن جو قتل عام، تشدد، احساس محرومي، بي راهه رويي، چائيلڊ ليبر جهڙو ماحول ۽ اڪثريت رکندڙ ٻهراڙين ۾ غريب هارين، نارين جو اولاد جديد تعليم پرائڻ ته پري رهيو صرف پنج درجا پرائمري پاس ڪرڻ وڏو مسئلو آهي ڇو ته اسڪول آهي ته بلڊنگ آهي. ته اها وڏيرن جي وٿاڻ طور استعال ٿئي ٿي. تعليم قومن جي شَههَ رڳ آهي، اها رڳو، ماستر، والدين، داعويدار تنظيمون، سرڪاري عملدار ۽ تعليم دشمن گهري سازش هيٺ تباهه ڪري رهيا آهن.
    هن وقت سنڌي قوم کي تعليم، اتحاد، سهپ، ڀائيچارو ئي بچائي سگهي ٿو. سنڌي ٻارن جون اميدون تڏهن ئي پوريون ٿي سگهن ٿيون.
    انساني شعور، ڏانءُ، ڏات جي آبشار مان وهندڙ خوبصورت موتين جيان، لڙهون ٺاهي مڌر آواز ۽ انهن جي وهڪرن ۾ شفاف چانڊوڪي جي چمڪندڙ ڪرڻن تي رقص ڪندڙ لهرون زمين تي ائين ئي جهومڻ لڳنديون آهن. جيئن ڌرتي جو درد رکندڙ شاعرن جي شاعري ٻاتن ٻولن سان ڳائي سگهجي. ڌرتي تي رات جي ٽمڪندڙ ٽانڊاڻ جي جڳمڳائيندڙ روشني جيان شاعريءَ جا عڪس هجڻ گهرجن.
    مون جاڳ او ٻالڪ جاڳ: شاعري ۾ نظمن جا جيڪي به عنوان ڏنا آهن اهي سنڌوءَ جي چيڪي مٽيءَ جي هڳاءُ جهڙا آهن، خاص نظم آزاد نظم، چوسٽا، هائيڪا، ٽيڙو، ٽه سٽا ڏنا آهن، جنهن ۾ ٻارڙن جي زندگيءَ جي عڪاسي چٽي آهي. ان کان علاوه ٽيڙو پٽي ۽ الف، ب جا ٻاراڻا ٻول جيڪي، ”الف“ کان ”ي“ تائين باتصويرون ڏنل آهن، جيڪي ٻارڙن جي دلچسپيءَ جو سبب ضرور بڻبا.
    پوپٽ ،گل ۽ خوشبوءِ ٻارڙن لاءِ بيحد ڪشش جو باعث آهن. انهن جا مختلف رنگ ٻارن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺن ٿا. ان ڪري شاعري لاءِ گلڙن جهڙا گيت، نظم ئي لاڀائتا ٿين ٿا.
    سنڌي ٻار جا خواب ضرور پورا ٿيندا جڏهن ائيندو روشن هوندو. دنيا جي ٻارڙن جي ڀيٽ ۾ سنڌ جو ٻار اڳتي آهي پر انهن کي ماحول ڏيڻ جي ضرورت آهي، هر باشعور اديب شاعر، استاد جو فڪر، فلسفو به اهو ئي بانور ٿو ڪرائي ته سنڌ ايندڙ مستقبل جو ترقي ۾ آهي.
    آءٌ انهن شعوري ساٿين (شاعرن، اديبن ) غلام محمد غازي، آزاد بخاري، استاد راهي، سميع جوڻيجو، حاڪم مهر، غني غمدل، حاڪم گل، وحيد محسن، عبدالحي ڀٽو، ساگر محمد حسين مهر، احسان لغاري، محمد حسين مهر (چڪ) ڊاڪٽر ادل سومرو ۽خواجا ذوالفقار جو نهايت شڪر گذار آهيان. جن منهنجي ٻارن جي شاعريءَ جي ڪتاب ”جاڳ او ٻالڪ جاڳ“ تي پنهنجي قيمتي، سونهري رايا ۽ مشورا ڏنا جيڪي لاڀائتا بڻيا ۽ هن ڪتاب جي سونهن ۾ اضافو آندو. خاص پياري اديب، شاعر سميع سجاد ميراڻي جو نهايت ئي شڪرگزار آهيان ۽ اهو احسان ڪڏهن نه لاهي سگھندس جو هن ٻارن جي شاعري “جاڳ او ٻالڪ جاڳ” کي گھڻي گهرج (ڊمانڊ) تي ڪتاب کي نئين رنگ ڍنگ واڌاري ۽ سڌاري سان هڪ دفعو ٻيهر شايع ڪرايو. ۽ ٻاراڻي ادب ۾ اضافو ڪيو آهي. وڌيڪ پڙهندڙن تي ٿو ڇڏجي ته اهي ڪيئن ٿا ڀائين ۽ پنهنجي خيالن ۽ راين کان آگاهه ڪن.

    ساٿ سلامت، سدائين گڏ
    سنڌ سلامت.
    گوهر سنڌي
    هوشوءَ جو گھر رستم سيڪريٽري
    03068338267 سنڌي ادبي سنگت سنڌ شاخ رستم
    03128560818 ضلعو شڪارپور سنڌ.
    مرڪزي صدر: ٻالڪ ادبي فورم سنڌ.


    ننگر جي ٻاتن ٻولن جھڙا نظم

    محترم گوهر سنڌي جي گھڻي وقت کان اها خواهش هئي ته هو ٻارڙن لاءِ پنهنجي شاعري سهيڙي ڪتابي صورت ۾ منظر عام تي آڻي. 85-1984ع ۾ سنڌي ٻارڙن جي علمي ادبي تنظيم ، لطيف سنگت سنڌ مان جڏهن ضلعي شڪارپور جو نگران هيس ته گوهر سنڌي اسسٽنٽ نگران هيو. بعد ۾ مان جڏهن لطيف سنگت سنڌ جو مرڪزي نگران ڪائونسل جو جوائنٽ سيڪريٽري ٿيس ته هي ضلعي شڪارپور جو نگران ٿيو، (ياد رهي ته سنڌي ٻارڙن جي هن علمي ادبي قومي تنظيم لطيف سنگت سنڌ کي متحرڪ ڪرڻ ۾ محترم سرور سهتي صاحب جو وڏو ڪردار هو، جيڪو ان تنظيم جو (مرڪزي نگران اعليٰ هو). ٻارڙن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ گوهر ڪيترائي پروگرام ڪرايا. شاخن جا تتيءَ ٿڌيءَ دؤرا ڪرڻ، پروگرامن جو هڙان وڙان خرچ ڪرڻ ۾ هن ڪڏهن نه ڪيٻايو. ٻارن جو تربيت ۽ سجاڳي لاءِ جيئن هن لطيف سنگت سنڌ ۾ عملي ڪردار ادا ڪيو، تيئن هن شاعري ۾ ٻارن لاءِ شعر جوڙي انقلابي ڪردار ادا ڪيو آهي، گوهر ٻارن لاءِ جهجهي شاعري ته ڪونه ڪئي آهي، پر جيڪا ڪئي اٿس انهيءَ جو محور سنڌ آهي.
    سنڌ سان لاڳاپيل موضوع سنڌ سنڌي ٻولي، شاهه، سچل سامي، سچ، سونهن، ڪنور ڀڳت، ٻاراڻا ٻول، ٽيڙو پٽي، علم ادب، ماڳ مڪان، درس وتدريس سندس شاعري جا عنوان آهن، هن ڪتاب ۾ ڏهاڪو کن نظم گوهر سنڌيءَ سنڌ جي تعريف ۾ لکيا آهن، جڏهن ته ڪتاب جي شروعات هڪ نثري نظم سان ڪئي آهي. جنهن ۾ هن پنهنجي ديس سان گڏ سڄي دنيا جي ملڪن جي خيريت گهري آهي. هن شاعريءَ جي شروعات به ٻارن جي شعر (نظم) سان ڪئي هئي سندس پهريون شعر سال 1986ع ۾ هلال پاڪستان اخبار جي ٻارڙن واري صفحي ”گلن جهڙا ٻارڙا“ ۾ شايع ٿيو هو.
    هونءَ ته سنڌ ۾ ڪيترن ئي شاعرن ٻارڙن لاءِ لکيو آهي. پر گوهر سنڌ ٻارڙن لاءِ ڪيل شاعري ۾ وطن پرستي کي اوليت ڏئي ڄڻ وقت جي جابر علاؤالدين خلجي جي هانوَ تي سنڌ جي هر ننڍڙي سپوت نَنگَر جي ٻاتن ٻولن جي ذريعي مُڱ ڏريا آهن. واقعي هي وقت آهي ته اسان پنهنجن نوجوانن ۽ ٻارڙن ۾ ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ وارن سان محبت پيدا ڪرڻ جو ٻج ڇٽيون. پنهنجي ٻولي ۽ پنهنجي قومي رهبرن سان کين انسيت ۽ احترام ڪرڻ سيکاريون.
    گوهر جي هيءَ ٻارن لاءِ شاعري، رِڌم، رواني ۽ سلاست سان ڀريل آهي. جيڪا اڄ جي ٻارن کي نئين واٽ ۽ نوان دڳ پيچراڏيکاري ٿي. برابري، رواداري ۽ قرب محبت جو درس ڏئي ٿي.
    آءُ ته جڳ ۾ پيار ورهايون،
    قرب وڌايون، ڀاڪر پايون،
    پاڻ ۾ ته سڀ برابر آهيون،
    ويڇن جي ديوار کي ڊاهيون،
    آءُ ته جڳ ۾ پيار ورهايو.
    ٻارن کي علم، ادب ۽ تعليم جي واٽ ڏيکارڻ استاد جو ڪم هوندو آهي، جيئن ته گوهر سنڌي پاڻ به استاد آهي تنهن ڪري هي ٻارن کي هيٺين ريت نصيحت ڪندي چوي ٿو:
    منهنجو تنهنجو آهي ساٿي،
    علم ۽ ادب وارو ڪتاب،
    انڌيري کي دؤر ڀڄائي،
    جيئن روشن ڪري آفتاب.
    يا
    منهنجي هڪڙي ڳالهه مڃو،
    گهنڊ وڳو اسڪول وڃو،
    پڙهڻ لکڻ کان ڪين لنوايو،
    ٿيندو اوهان جو لايو سجايو.
    ڌرتيءَ سان محبت ڪندڙ ۽ ڌرتي لاءِ وڙهندڙ ڪردار ۽ رهبر شاهه، سچل، سامي، دودو، دولهه دريا خان، هوشو ، هيمون ۽ سائين جي ايم سيد جي کاهوڙي ڪردارن جي سنڌي ماڻهو عزت ۽ احترام ڪن ٿا. ۽ کين دل سان نه صرف ياد ڪن ٿا پر فخر به ڪن ٿا. سندن نالو اڄ به زندهه آهي. اهڙا سپوت سنڌ جي سڃاڻپ آهن. اهڙن اُملهه انسانن جي جدوجهد جي ياد ڏياري گوهر سنڌي چاهي ٿو ته سنڌ جي سمورن ٻارڙن جي دلين ۾ ديس سان محبتن جي شمعن کي روشن ڪري کين سورهيائي ۽ وطن پرستي جو سبق ياد ڏيارجي.
    سنڌ جو آهي اعليٰ شان،
    ڇو نه ڪيان مان پوءِ بيان،
    هن ۾ شاهه ڀٽائي آهي،
    سچل، سامي، سنائي آهي،
    هن ۾ هوشو دريا خان.
    گوهر جا سمورا نظم پنهنجي مقصد سان سچي هجڻ جا ساکي آهن. جڏهن ته چند مها اديبن جو خيال آهي ته ٻارن جي معصوم دنيا ۾ مسئلن ۽ مونجهارن جا ڪنڊا نه پوکجن. يا اسان کي ڪو حق ڪونهي ته کين سياسي، سماجي انقلاب جا سبق ڏيون. جنهن سان مان تمام گهٽ سهمت آهيان، ڇو ته اهي خيال آزاد ۽ ترقيافته قومن جي لاءِ ته صحيح آهن پر جن قومن کي پنهنجي ديس ۾ ڪو اختيار حاصل نه هجي ته اتي وطن پرستي جو ٻارن کي ڇونه درس ڏيڻ گهرجي. اڄ جو ٻار سڀان جو معمار آهي. جيڪو وڏو ٿي پنهنجي ڌرتي ۽ ٻولي جو محافظ ٿيندو. ان حوالي سان گوهر سنڌي ڀرپور نموني پاڻ ملهايو آهي. هاڻ ٻارن کي راند روند ۽ ناصحانا نظم ڏيڻ کان اڳتي وڌي ڪري ڌرتي ۽ ڌرتيءَ واسين جي اهنج ايذاءَ کان به واقف ڪجي ته وري کين امن، اهنسا، رواداري ۽ انسانيت جو به سبق ڏيارڻ گهرجي، گوهر سنڌيءَ ان سلسلي ۾ ٻارڙن کي سٺي شاعري ڏني آهي.
    ٽوپين وارا، اجرڪن وارا،
    همت وارا پٽڪن وارا،
    جوڌا آهن دودا ٿيندا،
    سنڌڙي خاطر سرڙو ڏيندا.
    يا
    گيت خوشيءَ جا ڳايو ٻارو،
    نينهن وطن سان لايو ٻارو،
    نفرت نانءُ مٽايو ٻارو،
    کيڏندا ڪڏندا اچو اي ٻارو،
    ڀڄندا ڊڪندا اچو اي ٻارو.
    گوهر سنڌي ٻارن کي نه صرف ديس سان محبت جو درس ڏئي ٿو پر ٻين ديسن جي مظلوم ٻارن جي باري ۾ به کين ٻڌائي ٿو ته جيئن فلسطيني ٻارن جا خواب نظم ۾ هڪ عڪس آهي. گوهر سنڌي جو هي سارو پورهيو سنڌي ٻارن لاءِ شاعري جي حسن ۾ اضافي جو سبب بڻيو، جيڪو گوهر جي سڃاڻپ رهندو. سندس هي ڪتاب به عنوان” جاڳ او ٻالڪ جاڳ“ سدا بهار رهندو. گوهر جي شاعري جا مقصد واضع آهن، جنهن مان لڳي ٿو ته هي ٻارن ۾ قومي سجاڳي آڻڻ سان گڏوگڏ کين اخلاق ۽ انسانيت جا هاڪاري قدر به سيکارڻ چاهي ٿو ته جيئن اهي سماج جا ذميوار فرد بڻجي سگهن، هن ڪتاب ۾ گوهر سنڌي ٻارن جي لاءِ راند روند جا نظم ڏنا آهن، جن ۾ گڏڙي، گهوڙو، طوطو، چڙيا گهر، اسڪول ڏانهن وڃو، سچ ته بيٺو نچ، پوپٽ جهڙا ٻار، اميد، سنڌي ٻار جا سپنا، شڪارپور ۽ سالگرهه وغيره اچي وڃن ٿا. جيتوڻيڪ اهي موضوع ڪي نوان نه اهن. پر گوهر سنڌي پنهنجي سٻاجهڙي انداز ۾ انهن نظمن ۾ به جان ڀري ڇڏي آهي. مون کي قوي اميد آهي ته گوهر جو هي ٻاراڻي شاعري جو ڪتاب يقيناً ٻارن کي پسند ايندو.
    آزاد بخاري چڪ______


    ٻارڙن لاءِ گوهر ، اخلاقي شعوري ۽ سنڌ دوستيءَ جا سبق ڏنا آهن
    اتر سنڌ جي قبائلي ضلعي شڪارپور جي قبائلي شهر رستم ۾ جنم وٺندڙ ۽ اتي ئي چاليهارو سالن کان رجعت پسند قوتن خلاف ادبي سياسي ۽ سماجي جاڳرتا پکيڙيندڙ قربائيتو شاعر گوهر سنڌي. وڏي وقت کان پوءِ به اڄ اهائي سنڌ سان ۽ انهن جي ماڻهن سان سونهن ۽ سچائي، عشق درد دل ۽ دماغ ۾ سانڍيندو پيو اچي، سماج جي بي راهه روين، ناانصافين ۽ ناهموارين وڌيڪ حساس طبع بڻائي ڇڏيو آهي. جنهن جو عڪس سندس شاعريءَ مان ملي ٿو. ۽ خاص نفيس نازڪ ٻارڙن جي لاءِ ٻاراڻا ٻول ڄڻ ٻارڙن ۾ اتساهه ٿو ڀري ڇڏي، کوڙ سارا نظمن جا موضوع ٻارڙن ۾ اخلاقي شعوري ۽ سنڌ دوستيءَ جا سبق آهن. جيڪي ٻارڙن جي رهنمائي ضرور ڪندا.
    استاد “راهي” چڪ


    گوهر جي شاعريءَ ۾ ٻارن لاءِ وندر

    پياري ڀاءُ گوهر سنڌيءَ جي ٻارڙن لئه لکيل شاعريءَ جي پڙهڻ جو موقعو مليو جيئن جيئن نظم پڙهندو ويس تيئن تيئن من کي مزو ايندو ويو. سندس ٻارڙن لئه ڪيل علمي ادبي پورهيو پڙهڻ وٽان آهي، گوهر جي شاعريءَ کي پڙهي ٻارڙن کي گهڻو ڪجهه علمي ادبي مواد حاصل ٿيندو. گوهر شاعريءَ ۾ ٻارڙن لئه وندر جو سمورو سامان سهيڙي گڏ ڪيو آهي. وطن سان محبت، ٻوليءَ سان پيارڌرتيءَ جا ماڳ مڪان، وڻ ٽڻ، پکي، پرنڀ، صوفي سنت، استاد، سچ سان ساٿ، ڪوڙ کان نفرت، وقت جو قدر ائين کڻي چئجي ته هر موضوع کي قلم بند ڪيو آهي. گوهر جي محنت کي دوستن به ساراهيو آهي. جو ڪجهه لکيائين چڱو لکيو اٿائين. گوهر جو واسطو شڪارپور ضلعي سان آهي، ان حوالي سان گوهر سنڌي تاريخي شهر شڪارپور کي قلم بند ڪندي لکي ٿو.
    اچو اوهان کي سير ڪرايان،
    شڪارپور جو شهر گهمايان،
    ***
    هي آهي ”ديوان“ جو هوٽل،
    ٿڌڙي قلفي کائون هل، هل.
    ***
    ”اَٺَ دَرَ“ ۽ ”نائين آ دري“،
    قديم تاريخ سان پئي آ ڀري.
    ***
    ”دائود پوٽن“ هي شهر اڏايو،
    ”شڪارگاهه“ مان شهر بڻايو.
    حقيقت هي آهي جنهن ۾ شخص سنڌ جي هن تاريخ شهر جو اوج ڏٺو هوندو ان کان اهو صدين تائين نه وسرندو، هونءَ به تاريخ جا ورق سندس سونهن ادبين ۽ شاعرن جي علمي ادبي ذخيري سان ڀريا پيا آهن، ڪاش اهو وقت وري اچي.
    ڪتاب ”جاڳ او ٻالڪ جاڳ“ ۾ گوهر ٻارڙن سان هم ڪلام ٿيندي چوي ٿو.
    جاڳ او ٻالڪ جاڳ،
    خوشين ۾ سنڌ ساري رهندي،
    دنيا ۾ سوڀاري رهندي،
    سهڻو پنهنجو ماڳ،
    جاڳ او ٻالڪ جاڳ.
    ڀلو تنهنجو ڀاڳ.
    گوهر پنهنجي نظم ۾ قومي ٻولي سنڌي ٻولي بابت ڪيترا نه سهڻا خيال لکيا آهن.
    سنڌي ٻولي سهڻي ٻولي،
    جنهن ۾ ماءُ ڏني آ لولي،
    گڏجي ڳايو هڪ ٿي ٽولي،
    سمجهو ۽ سمجهايو ٻارو.
    هي وقت آهي ٻوليءَ بچائڻ جو سمجهڻ ۽ سمجهائن جو، ها پيار ورهائڻ جو.
    آءُ ته جڳ ۾ پيار ورهايو،
    قرب وڌايون ڀاڪر پايون،
    پاڻ ته سڀ برابر آهيون،
    ويڇن جي ديوار کي ڊاهيون،
    آءُ ته جڳ ۾ پيار ورهايون.
    حقيقت پيار ئي زندگيءَ کي سنواري ٿو، سينگاري ٿو، پيار ئي عبادت آهي، پيار ئي راحت آهي.
    پيار بنا انسان آ ڪهڙو،
    ماکيءَ بن ماناري جهڙو.
    (غازي)
    گوهر سنڌي سنڌ ڌرتيءَ بابت هيئن پيو چوي:
    دنيا کان آ پياري سنڌ،
    سونهن سراسر ساري سنڌ،
    چمڪي چنڊ جي چوڏهين وانگر،
    روشن جَلونِ واري سنڌ،
    قادر رَک تون قائم هن کي،
    پَرتي توکي پياري سنڌ.
    شاعرن جي سرتاج شاهه لطيف به پنهنجي سنڌ لئه ائين ئي دُعا گهري آهي.
    سائيم! سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
    دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
    هر انسان تي فرض آهي ته پنهنجي ديس سان گڏ پوري عالم لاءِ دعا گهري، خوشحاليءَ، امن آجپي لاءِ دعا آهي ته گوهر جي علم ۾ اڃان به وڌيڪ اضافو ٿيندو. رهندو ۽ ٻارڙن لاءِ خوبصورت گيت لکندو رهندو.
    غلام محمد ”غازي“ (عبدو)


    ٻارن جي شاعري، ڄڻ موتيءَ داڻا

    سنڌي ادب ۾ جڏهن به ڏانءُ ۽ ڏات وارن ڏاهن جي ڳڻپ ڪئي ويندي ته گوهر سنڌيءَ جو نانءُ به انهيءَ صف ۾ اولين نظر ايندو. جن سنڌ جي درد کي پنهنجو درد سمجهي، ڪوتائون، سرجيون، ڪڏهن ڏاڍي جي ڏاڍ خلاف، ته ڪڏهن ڪاروڪاريءَ جي رسم خلاف، ڪڏهن ته ٻارڙن جي بنيادي حقن جي حمايت ۽ انهن تي ٿيندڙ جبر خلاف ڪڏهن سنڌ جي ظالم خلاف ته ڪڏهن حاڪم جي ظلم خلاف، ٻاراڻي ادب طرف گوهر سنڌيءَ جو نئون قدم هڪ وڏي وِٿَ آهي. اسان وٽ ٻاراڻي ادب جو ميدان گهڻي قدر خالي آهي. سواءِ چند سڄاڻن جي جيڪي ٻارڙن لاءِ مستقلي ادب سرجين ٿا.
    ٻارڙن لاءِ هن مجموعي ” جاڳ او ٻالڪ جاڳ“ ۾ پاڻ ٻاراڻا ٻول ٻولي ٻارڙن لاءِ گيت ۽ نظم لکيا آهن. جيڪي معنيٰ ۽ معيار جي لحاظ کان موتيءَ داڻا آهن.
    آءٌ اميد ٿو رکان/ ڪريان ته گوهر سنڌي اهڙي ريت ٻين ادبي فرضن سان گڏ ٻاراڻي ادب جو فرض نڀائيندو رهندو.

    احسان علي لغاري
    (حيدرآباد)


    ٻارن جي معصوم جذبن جهڙو شاعر

    گل، ستارا ۽ ٻار ڪائنات جي سونهن جا حسين منظر آهن. ستارن جي چمڪ کانسواءِ آسمان جي سونهن ڇَسي، گلن جي رنگن کانسواءِ ڌرتي ٻُسي ۽ ٻارڙن جي مُرڪن کانسواءِ انسانيت اَڌورو آهي. ٻارڙن جي اکين ۾ ستارن جهڙي چَمڪ ۽ سندن جذبن ۾ گلڙن جهڙي ڪوملتا موجود هوندي آهي. جهڙي طرح گلن ۾ خوشبوءِ جو سُندر احساس آهي، ائين ٻارن جي معصوم مُرڪن ۽ ٻاتن ٻوتن ۾ زندگيءَ جو وڻندڙ واس آهي. هنن ۾ ئي آئندي جي آس به آهي ته حال جو حُسن به.
    جيئن جيئن آڪاش ۾ سج جي روشني ڦهلجڻ شروع ٿيندي آهي، تيئن تيئن ستارن جي روشني جهڪي ٿيندي ويندي آهي. سج جي تپش سان گڏ ستارا آسمان مان بلڪل غائب ٿي ويندا آهن. ساڳي طرح ٻار به ٿورڙي جهڻڪ ملڻ سان مايوس ٿي ويندا آهن ۽ سندن نفيس من جو گلاب به مرجهائجي ويندو آهي. ٿورڙي مُرڪي نهارڻ سان ٻار جو چهرو ٻهڪي پوندو آهي ڇو ته ٻار هر وقت پيار جو پياسو هوندو آهي ته سچائي ۽ سادگيءَ جو پتلو به.
    اهڙن ئي معصوم جزبن جهڙو شاعر گوهر سنڌي به آهي. هيءُ نه فقط اسان جو سلڇڻو دوست بلڪه سٻاجهو انسان به آهي. اهڙائي نازڪ جزبن وارا ماڻهو ئي معصوم مرڪن (ٻارڙن) جا شاعر ٿي سگهندا آهن. سندس فن ۽ فڪر کي ته فنڪار ۽ مفڪر ئي پرکيندا، باقي سندس سهڻي سڀاءَ سادگي ۽ سچائي جا ساکي اسان آهيون ههڙا بي ضَرر انسان مڇر مارڻ ته پري پرنانگ کي مارڻ به پاپ ڀائيندا آهن.هي ماڻهو نه فقط انسان دوست بلڪه فطرت جي هر شيءِ سان پيار ڪرڻ وارا هوندا آهن. فطرت ههڙن مَکڻ ماڻهن جي من ۾ ڪوڙ ۽ ڪروڌ، مڪاري ۽ منافقيءَ بدران سِڪَ ۽ سُندرتا، محبت ۽ مٺاڻ جا مَڻَ ڀري ڇڏيندي آهي. گوهر سنڌي اهڙن ئي مهان ماڻهن جي مالها جو هڪ موتي آهي. ڇا ته هن جي شخصيت ۾ سندس نالي جو معنيٰ ۽ مفهوم سؤ سيڪڙو سمائجي ويو آهي. ڇو ته هيرا موتي، لعل ۽ گوهر به قيمتي پٿر آهن. گوهر سنڌي به هڪ قيمتي گوهر آهي. انهن پٿر آهن. گوهر سنڌي به هڪ قيمتي گوهر آهي. انهن پٿرن جي هيئت جهڙو سخت نه پر قدرجهڙو قيمتي آهي. هيءَ ماکي کان وڌ مٺو، ميڻ کان وڌ نرم ۽ گلن کان وڌ نفيس ۽ سڳنڌ سان سرشار آهي. مون کي ته گوهر سنڌي جي مُرڪ ۾ به ٻارڙن جهڙي معصوميت محسوس ٿيندي آهي. هيءَ هڪ ٻاجهارو پيءُ، دادلو دوست، شفيق استاد، کاهوڙي قلمڪار، سيبتو مصور ۽ ڪئليگرافر، هڏ ڏوکي سماجي سيوڪ، سچو قومي ڪارڪن ۽ اڻٿڪ انسان آهي. مطلب ته سادگيءَ ۽ سچائي جو پيڪر آهي.نظرياتي لحاظ کان هيءَ آزادي جو آسوند، پورهيت راڄ جو پانڌيئرو ۽ سيڪيولر سوچ جو مالڪ آهي. وٽس رنگ نسل، ذات پات ۽ مذهب ڪو به متڀيد ناهي. سندس سهڻي سوچ جا اهڙا پرتوا سندس شخصيت، شاعري ۽ مصوريءَ ۾ به موجود آهي. جن جا ڪيترائي مثال پيش ڪري سگهجن ٿا. شاعريءَ مان ٻه چار مثال ملاحظه:
    آءٌ ته جڳ ۾ پيار ورهايون،
    قرب وڌايون ڀاڪر پايون،
    پاڻ ته سڀ برابر آهيون،
    ويڇن جي ديوار کي ڊاهيون،
    آءُ ته جڳ ۾ پيار ورهايون.
    ***
    ميرا ڪوجها توڙي ڪارا،
    آهن ڄڻ هي چنڊ ستارا،
    سنڌڙيءَ جا هي پيارا ٻار،
    وڻن پيا هي سارا ٻار.
    سندس علم دوستي بابت سهڻي سوچ جو ڪيڏو نه سهڻو مثال هي شعر آهي.
    علم پرائڻ، علم پڙهائڻ،
    آهي سڀ کان وڏو ثواب.
    هن ڪتاب ”جاڳ او ٻالڪ جاڳ“ ۾ سنڌ وطن جي ٻارڙن لاءِ سهڻا سهڻا سبق موجود آهن. ڪتاب ۾ ٻارڙن لاءِ سرجيل شاعريءَ جون سٽون پڙهي لڳي ٿو ته گوهر سنڌي پنهنجي جواني اڪارڻ کانپوءِ به پنهنجو ٻاروتڻ وساريو ناهي. سندس اندر ۾ ويٺل معصوم ٻار اڃان تائين نَچي ڪُڏي ٿو. ان جي مُرڪ اڃان مرجهائي ناهي، گوهر سنڌي پنهنجي حياتي جا حصا ٻاروتن، ڇوڪرائپ ۽ نوجواني پار ڪري جوانيءَ جا لَڪَ لَتاڙي عمر ۽ عقل جا ڏاڪا چڙهي رهيو آهي. پر مان اهو پَڪ سان چئي سگهان ٿو ته سندس شخصيت وارو بنيادي عنصر ٻار اڃان مٿس حاوي آهي. ائين نه هجي ها ته ٻارن جي احساسن ۾ پيهي وڃي شاعري نه ڪري سگهي ها.
    گوهر سنڌي سان منهنجي پهرين سڃاڻپ ۽ واسطيداريءَ جو سبب به ٻار آهن. 1984ع ۾ جڏهن مان آزاد بخاريءَ جي توسط سان سنڌي ٻارن جي علمي، ادبي، قومي تنظيم لطيف سنگت ۾ شموليت اختيار ڪئي ته پهريون تنظيمي دؤرو آزاد بخاري ۽ سلطان مهر سان گڏ رستم يونٽ جو ڪيو هئم. رستم شاهه عبداللطيف ڀٽائي لائبريريءَ جو معائنو ڪندي شريف ”شاد“ جي شفقت ۽ گوهر سنڌي جي محنت ۽ محبت کي ڏسڻ ۽ محسوس ڪرڻ جو موقعو مليو هو. اتي لطيف سنگت، سنڌي ادبي سنگت شاخ رستم ۽ شاهه لطيف لائبريري جا ڪتاب ۽ رڪارڊ جي سهڻي من موهڻي ترتيب، ڏسي حيران ٿيو هوس. ان وقت لطيف سنگت رستم جي ڪارڪنن، نياز ساگر، زاهد سومرو، واحد ڪلهوڙو، در محمد مهر، جميل سنڌو ، غفور گل، اصغر ڀيو ، نياز مهر، فيض مهر، وحيد سومرو، صدر الدين منگي ۽ ٻين سان پڻ ڄاڻ سڃاڻ تنظيمي واسطو ٿيو هو. اهو نه صرف هنن دوستن سان ملڻ بلڪه قومي سفر جو به پهريون تجربو هو. اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن........ وچ ۾ ٽيهه ورهين جو ڊگهو عرصو....... ان عرصي دؤران گوهر سنڌيءَ سان روح جو رشتو ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿيندو رهيو آهي. بقول ڀٽائي سرڪار جي.
    ڪَڙو مَنجِهه ڪڙَي، جِئن لُوهارنِ لپيٽِيو،
    مُنهنجو جِيءُ جَڙي، سُپيرينِ سوگهو ڪِيو.
    حاڪم مهر (چڪ)
    _________
    گوهر سنڌي ٻاراڻي شاعريءَ ۾ نواڻ آندي آهي
    ڌرتي ۽ عشق سان لانئون لهندڙ ڪوي جو جذبو هڪ اهڙي اظهار جي زمري ۾ اچي ٿو جنهن جو سڌو سنئون اشارو ديس ۽ ڌرتي سان پڪي محبت هجڻ واري ڪوي ڏانهن وڃي ٿو. عشق ڪرڻ وارو جذبو هڪ تخليقڪار جي تخليقن ۾ روح ڀري ٿو جنهن کي پڙهڻ سان پڙهندڙ جي دل ۾ ڌرتي سان چاهه رکڻ جو خيال جاڳي ٿو. اسان جو شاعر گوهر سنڌي جي من توڙي ڪويتائن اندر پڻ سنڌ سان بي پناهه محبت هجڻ جو ثبوت ملي ٿو. خاص نظم ۽ نثر ۾ پاڻ ملهايو آهي. ۽ وري ٻارڙن جي لاءِ گيت ۽ نظم لکي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن. جاڳ او ٻالڪ جاڳ ۾ ٻارڙن جي لاءِ نظمن ۾ نوان موضوع “الف ب” جا ٻاراڻا ٻول لکي وڏي نواڻ آندي آهي. شاعري ۾ ان جي ضرورت آهي . دعا آهي ته هن جي ڏات ڏهوڻي رهي جيئن هي قلم سان گيت ۽ نظم سرجيندو رهي.

    حاڪم گل (ڳوٺ مالهي)


    التجا

    دُعا آ ............
    اِها التجا آ.........
    مٺي ديس منهنجي،
    سنڌڙي وطن کي،
    ۽ ساري جڳ جهان کي،
    سدا شاد رکجانءِ،
    ۽ آباد رکجانءِ،
    لڳي ڪين ڪنهن کي،
    ڪڏهن واءُ ڪوسو،
    نه ڪوئي پسي ڏک،
    نه ڌرتي تي ڪوئي،
    سمهي ٻار بُک تي،
    ڌڻي تنهنجي درتي،
    اهائي سدا آ.......
    نماڻي سدا آ .......
    دُعا آ،
    اها التجا آ .............


    سنڌ جو شان

    سنڌ جو آهي اعليٰ شان،
    ڇونه ڪيان مان پوءِ بيان،

    ديس اسان جو پيارو پيارو،
    سائو ساوڪ وارو ٻارو،
    اجرڪ، ٽوپي پنهنجو مان،
    سنڌ جو آهي اعليٰ شان،
    ڇو نه ڪيان مان پوءِ بيان.

    مارن جو جت مال چري ٿو،
    ڏسندي تن کي هانءُ ٺري ٿو،
    جنهن تي پنهنجو آ گذران،
    سنڌ جو آهي اعليٰ شان،
    ڇو نه ڪيان مان پوءِ بيان.

    هن ۾ شاهه ڀٽائي آهي،
    سچل، سامي، سنائي آهي،
    هن ۾ هوشو، دريا خان،
    سنڌ جو آهي اعليٰ شان،
    ڇو نه ڪيان مان پوءِ بيان.


    سچل سارو سچ

    سچل سارو سچ ئي آهي،
    هرڪو ماڻهو هن کي چاهي.

    آهه درازن ۾ دلدار،
    محبت سندو آ مُهندار،

    ڪوڙ ڪَپتِ کي آهي مٽايو،
    سڀ کي آهي سچ سڻايو.

    ٻالڪ، ٻڍڙا هڻن ٿا نعرا،
    حق سندا تون ٻُڌ هوڪارا.

    هفت زبان هي شاعر آهي،
    عظمت تنهن مان ظاهر آهي.

    آءُ ته ”گوهر“ ساهه ۾ سانڍيون،
    اناالحق جو ورد الاپيون.


    سامي سندا سَلوڪَ

    سَلوڪَن ۾ سمجهائي ويو،
    درس محبت ٻڌائي ويو،

    امڙ، ابي لاءِ مٺڙو هيو،
    شڪارپور ۾ ئي وڏڙو ٿيو.

    هندو، مسلم ڀائري ۾،
    صاف ٻُڌايو شاعري ۾.

    هر بيت ۾ ويدانيت آ،
    هر انسان لئه وحدانيت آ.

    ڪامُ ، ڪِروڌ جي ڇايا کان،
    پري رهيو هو مايا کان.

    رام، رحمان نه سندو ڪوئي،
    نفرت ۾ نه هو بندو ڪوئي.

    شاهه سچل جي واٽ هلندي،
    سڀ کي ٻڌايان بات سلندي.

    ”سامي صاحب“ جو فڪر اهڙو،
    ”گوهر“ ڪري ٿو ذڪر اهڙو.


    راڳ جو راڻو

    ڀڳت ڪنور هو راڳ جو راڻو
    صوفي صاف هو سدا نماڻو.

    سنڌڙي هن جو مُلڪ اباڻو،
    مارُن لاءِ هو موتيءَ داڻو.

    لوليون ڏيئي هو ٻارنِ کي،
    ريجهائيندو هو پيارنِ کي.

    اول ڌڻيءَ جو نالو کڻجي،
    حق ۽ سچ جو نعرو هڻجي.

    محبت ۾ مخمور هيو هو،
    هند، سنڌ ۾ مشهور هيو هو.

    سُور ۽ سختيون سهندي، سهندي،
    پيتو جام شهادت کلندي.

    اَمَر ٿيو هو اَمَر ئي رهندو،
    اهڙو ”گوهر“ ٻيو ڪو نه ٿيندو.

    ڀڳت ڪنور هو راڳ جو راڻو،
    صوفي صاف هو سدا نماڻو.


    راڳ جو راڻو

    ڀڳت ڪنور هو راڳ جو راڻو
    صوفي صاف هو سدا نماڻو.

    سنڌڙي هن جو مُلڪ اباڻو،
    مارُن لاءِ هو موتيءَ داڻو.

    لوليون ڏيئي هو ٻارنِ کي،
    ريجهائيندو هو پيارنِ کي.

    اول ڌڻيءَ جو نالو کڻجي،
    حق ۽ سچ جو نعرو هڻجي.

    محبت ۾ مخمور هيو هو،
    هند، سنڌ ۾ مشهور هيو هو.

    سُور ۽ سختيون سهندي، سهندي،
    پيتو جام شهادت کلندي.

    اَمَر ٿيو هو اَمَر ئي رهندو،
    اهڙو ”گوهر“ ٻيو ڪو نه ٿيندو.

    ڀڳت ڪنور هو راڳ جو راڻو،
    صوفي صاف هو سدا نماڻو.


    سنڌ امڙ جا نيڻن ٺار

    سنڌ امڙ جا نيڻن ٺار،
    گل ڦل آهن هي گلزار،
    سنڌي سهڻا، سهڻا ٻار.

    جُڳُ جُڳُ جيئن شال سدائين،
    پائين گل گلابي هار،
    سنڌي سهڻا، سهڻا ٻار.

    علم جي جوت جلائيندا هن
    لکندي پڙهندي ٿيا هوشيار
    سنڌي سهڻا، سهڻا ٻار.

    نينهن وطن سان لائي ”گوهر“
    پيار جو ڪن ٿا هي اقرار،
    سنڌي سهڻا، سهڻا ٻار.


    سنڌي ٻولي، قومي ٻولي

    سنڌي ٻولي پنهنجو شان،
    ٻولين ۾ آهي هيءَ مهان،
    سنڌي ٻولي، قومي ٻولي.

    ساري سنڌ جو آهي مانُ،
    سنڌي قوم جي آهي زبان،
    سنڌي ٻولي، قومي ٻولي.

    غيرن جي لئه تير ڪمان،
    آهي اسان جي لئه آسان،
    سنڌي ٻولي، قومي ٻولي.

    ڪيو ڀٽائيءَ صاف بيان،
    سنڌ جي آهي سنڌي زبان،
    سنڌي ٻولي، قومي ٻولي.

    ”گوهر“ جي آ، هنَ ۾ جان،
    ناهي ڪوئي شَڪَ گمان،
    سنڌي ٻولي، قومي ٻولي.


    موهين دڙي جي ٻڌو ڪهاڻي

    موهين دڙو اهڃاڻ سنڌ جو،
    اجرڪ پٽڪو پهراڻ سنڌ جو،
    موجن ۾ وهي مهراڻ سنڌ جو،
    هر هڪ سنڌي سڄاڻ سنڌ جو.
    موهين دڙي جي ٻڌو ڪهاڻي،
    اها آ، ٻارو ڌرتي اباڻي.
    صدين جي آ تهذيب پراڻي،
    ست هزارن کان آهي شهاڻي،
    قوم جنهن جي ڏاڍي سياڻي،
    دنيا ۾ جنهن آ مشهوري ماڻي،
    موهين دڙي جي ٻڌو ڪهاڻي،
    اها آ، ٻارو ڌرتي اباڻي.
    انگريزن جڏهن کوٽائي ڪئي،
    تاريخ صدين جي ظاهر آ ٿي،
    نڪتا، هار ۽ مورتيون، مجسما،
    مهرون، زيور، ٿانوَ ٺڪر جا،
    موهين دڙي جي ٻڌو ڪهاڻي،
    اها آ، ٻارو ڌرتي اباڻي.
    پڪن سرن جون جايون جڙيل،
    سڌريل ملڪن جيان اڏيل،
    ”ناچڻي“ جو هڪڙو محل به هو،
    ”ڪنگ پريسٽ“ بادشاهه هِنُ جو،
    موهين دڙي جي ٻڌو ڪهاڻي،
    اها آ، ٻارو ڌرتي اباڻي.
    کوهه، ناليون ۽ حوض ٺهيل ها،
    غسل خانه ۽ بورچي خانه ها،
    سڌريل هئا هي ڏاڍا سياڻا،
    جڳ سڄي جا هئا راڄ جا راڻا،
    موهين دڙي جي ٻڌو ڪهاڻي،
    اها آ، ٻارو ڌرتي اباڻي.
    ڊگهيو ڳليون هِن ڏسڻ جهڙيون،
    اڄ ڀي آهن گهمڻ جهڙيون،
    هٿيارن سواءِ اناج مليا،
    سون ۽ سڪن جا تاج مليا.
    موهين دڙي جي ٻڌو ڪهاڻي،
    اها آ، ٻارو ڌرتي اباڻي.
    ڦيٿو هنن ئي ايجاد ڪيو،
    شاندار تهذيب کي آباد ڪيو،
    سڀ عورتون مرد مٿير هُيا،
    داناءَ دلبر هي دلير هيا،
    موهين دڙي جي ٻڌو ڪهاڻي،
    اها آ، ٻارو ڌرتي اباڻي.
    موهين دڙي ۾ ميوزم ٺهيل،
    تاريخي شيون تنهن ۾ رکيل،
    ”گوهر“ ٿو سنڌ جي تاريخ ٻڌائي،
    ٻارن کي ٿو سچ سڻائي.
    موهين دڙي جي ٻڌو ڪهاڻي،
    اها آ، ٻارو ڌرتي اباڻي.


    شڪارپور جو سير

    اچو اوهان کي سير ڪرايان،
    شڪارپور جو شهر گهمايان.

    ڪوسٽر ۾ اڄ چڙهيا آهيون،
    رستم موڙ کان مُڙيا آهيون.

    کلندي ڳالهائيندي يارو،
    پهچي وياسون جهٽ پٽ ٻارو.

    افضل، فيصل، هوشو پيارو،
    ڏسو شهر جو سهڻو نظارو.

    سامهون ريل جي ٽيشڻ آهي،
    ريل اچي پئي ڏسجو ٺاهي.

    هاسپيٽل ۽ هاءِ اسڪول،
    تاريخي جايون انمول.

    ”بيدل لائبريري“ آ اڳيان،
    آءُ ڪتاب رسالا ڏيکاريان.

    اجهوهي “لکي در” اچي ويو،
    ”جاني“ لاءِ ڄڻ ميلو مچي ويو.

    سامهون ته آهن ڪيئي هوٽل،
    واهه فالودو سهڻي بوتل.

    هي آهي ”ديوان“ جو هوٽل،
    ٿڌڙي قلفي کائون هل، هل.

    ڏس ”مجيب“ قلفي کاڌي،
    ”سارنگ“ آهه مٺائي کاڌي.

    هٿ ۾ هٿ ڏيئي هلنداسين،
    ”ڍَڪَ بازار“به گهمنداسين.

    ”شڪارپور جو آ مشهور آچار“،
    ڏاڍو کٽو آ چون ٿا ٻار.

    هر پاسي هت ميل مَتِل آ،
    سهڻو سهڻو کيل رتل آ.

    ڀڳڙن جا هي دڪان ٿا ڏسجن،
    هل ته هلي ڪجهه اتان به وٺجن.

    ”گول مارڪيٽ“ اسٽوريٽ گنج،
    ڪر نه ”صبور“ تون ايڏو رنج.

    آيو ”هاٿي در“ ۽ سُڪَ پُلِ،
    ”حاجي“ ”سعيد“ ڪن ٿا هل.

    گهمڻ هلون تاريخي ماڳ،
    ”گڻيش باغ“ ۽ شاهي باغ.

    ”اَٺ در“ ۽ نائين آ دري،
    قديم تاريخ سان پئي آ ڀري.

    ”دائود پوٽن“ هي شهر اڏايو،
    ”شڪارگاهه“ مان شهر بڻايو.

    شايد هن جهڙو نه ٿئي ڪو،
    سنڌ ديس جو پئرس هو.

    شعوري جوت جلائي ويا،
    ”نياز“ ”اياز“ ملهائي ويا.

    شاعري ۾ تنهنجي ساک،
    ”سامي“ نيٺ ڦٽندي باک.

    سنڌ پرست جوان اهڙا،
    ”الهه بخش“ ۽ ”قيوم“ جهڙا.


    رهندي نه ڪائي ڪاري رات،
    ”مهراڻ“ ٻرندي علم جي لاٽ.

    هي علم ادب جو شهر آهي،
    روشن صبح جو پهر آهي.

    گهمندي، گهمندي ٿڪجي پياسين،
    ”گوهر“ هاڻ سڀ گهر هلنداسين.

    ¯¯¯


    _____________________________________________________
    ”سامي“ چئنراءِ لُنڊ شڪارپور(صوفي شاعر) (ساميءَ جا سلوڪ)
    جنم 1743 وفات 1850ع
    ”نياز“ همايوني شڪارپور (قومي شاعر ۽ اديب)
    جنم 1930-04-12 وفات 2003-01-03
    ”شيخ اياز“ شڪارپور (قومي شاعر)
    جنم2 مارچ 1923ع وفات 28 ڊسمبر1997ع
    عبدالقيوم شڪارپور ( شهيد ”قيوم منگي“)
    (قوم پرست اڳواڻ)
    جنم 01 آڪٽوبر 1954ع شهادت 22 جون 1998ع


    گيت خوشيءَ جا ڳايو ٻارو

    گيت خوشيءَ جا ڳايو ٻارو،
    نينهن وطن سان لايو ٻارو،
    نفرت نانءُ مٽايو ٻارو،
    پيچ پريت جا پايو ٻارو.
    نچندا، ڪڏندا اچو اي ٻارو،
    ڀڄندا، ڊڪندا اچو اي ٻارو.
    ڌرتيءَ خاطر جيئڻو آهي،
    پٺتي پير نه ورڻو آهي،
    غلط ڪم نه ڪرڻو آهي،
    سچ سان پاڻ سجايو ٻارو،
    نچندا، ڪڏندا اچو اي ٻارو،
    ڀڄندا، ڊڪندا اچو اي ٻارو.

    اهڙا وڻندا آهيو پيارا
    جهڙا وڻندڙ خوب نظارا،
    ٽمڪو اهڙا جهڙا تارا،
    اجرڪ، ٽوپي پايو ٻارو،
    نچندا، ڪڏندا اچو اي ٻارو،
    ڀڄندا، ڊڪندا اچو اي ٻارو.
    ڏينهن ثقافت جو آيو،
    گڏجي سارا نيهن نڀايو،
    تاريخ، تمدن ڪلچر کان،
    ڪڏهن ڪين لنوايو ٻارو.
    نچندا، ڪڏندا اچو اي ٻارو،
    ڀڄندا، ڊڪندا اچو اي ٻارو.
    سنڌي ٻولي سهڻي ٻولي،
    جنهن ۾ ماءُ ڏني آ لولي،
    گڏجي ڳايو هڪ ٿي ٽولي،
    سمجهو ۽ سمجهايو ٻارو،
    نچندا، ڪڏندا اچو اي ٻارو،
    ڀڄندا، ڊڪندا اچو اي ٻارو.


    آءُ ته جڳ ۾ پيار ورهايون

    آءُ ته جڳ ۾ پيار ورهايون،
    قرب وڌايون ڀاڪر پايون،
    پاڻ ته سڀ برابر آهيون،
    ويڇن جي ديوار کي ڊاهيون،
    آءٌ ته جڳ ۾ پيار ورهايون.

    دنيا ساري ترقي ڪئي آ،
    پاڻ کان اڳتي نڪري وئي آ،
    چنڊ تي ٻارو پهچي وئي آ،
    پاڻ به تنهن سان وِکَ ملايون،
    آءٌ ته جڳ ۾ پيار ورهايون.

    وقت هٿن مان نڪتو ناهي،
    وک وک کڻون سڀئي ٺاهي،
    پهچي منزل ڏانهن وينداسون،
    ڪلهو ڪلهي سان اچو ملايون،
    آءٌ ته جڳ ۾ پيار ورهايون.


    سنڌ وطن جا پيارا ٻار

    سنڌ وطن جا پيارا ٻار،
    سهڻا تن جا هن سينگار،
    لکڻ پڙهڻ ۾ هي هوشيار،
    ڪڏهن نه ڪن ٿا ڪو انڪار،
    ڳچيءُ جا بڻيا آهن هار،
    سنڌ وطن جا پيارا ٻار.
    سنڌ جي سينڌ سنواريندا هي،
    منزل پنهنجي ماڻيندا هي،
    پورهئي سان ۽ ڏاهپ سان هي،
    محبت سان ۽ چاهت سان هي،
    ساري جڳ جي لهندا سار،
    سنڌ وطن جا پيارا ٻار.
    ٽهڪ وکيري مرڪون ميڙي،
    حق ۽ سچ جو عَلمَ کوڙي،
    ٻاتا هي ٿا ٻولن ٻول،
    سهڻا تن جا ٽال مٽول،
    ماکيءَ سندي آهن لار،
    سنڌ وطن جا پيارا ٻار.

    سچ سدائين ڳالهائين ٿا،
    ڪوڙ کان هي لنوائين ٿا،
    علم ادب جي چاهت تن ۾،
    سُجهي پئي ڏاهپ تن ۾.
    پورا ڪن ٿا پنهنجا اقرار،
    سنڌ وطن جا پيارا ٻار.

    ٻالڪ سارا سنڌڙيءَ جا هن،
    اَمڙ، ابي جي جندڙيءَ جا هن،
    ظالم سان سينو ساهيندا،
    ديس سڄي کي هي ڀائيندا.
    هنن سان جڳ ۾ آهي بهار،
    سنڌ وطن جا پيارا ٻار.


    ميرا، ڪوجها توڙي ڪارا،
    آهن ڄڻ هي چنڊ ستارا،
    لڳندا آهن ڏاڍا پيارا،
    پنهنجي اکين جا آهن تارا.
    گهور وڃان مان سَوَ سَوَ بار،
    سنڌ وطن جا پيارا ٻار.

    ايڪي الفت وارا ٻالڪ،
    آهن ڌرتيءَ جا هي مالڪ،
    شهر گهٽيون، گهر خوب سنوارن،
    سنڌ وطن جا گيت پيا ڳائن،
    ديس جي خدمت لاءِ تيار،
    سنڌ وطن جا پيارا ٻار.

    گڏجي سڏجي مڪتب ويندا،
    گيت سنڌو جا هي ڳائيندا،
    پنهنجو سڀني کي ڀائيندا،
    سنڌوءَ خاطر سرڙو ڏيندا،
    آهن هوشوءَ جي للڪار،
    سنڌ وطن جا پيارا ٻار.


    سالگرهه

    گهر ساري کي خوب سجايو،
    پنهنجي گهر جو اڱڻ ٻهاريو،
    ڏينهن خوشين جا آهن آيا،
    ”روماسا“ جي سالگرهه آ.

    دل کي سڀئي خوب وڻن ٿيون،
    سَرتين آنديون جي سوکڙيون،
    ڀائرن ڀي اڄ تحفا آندا،
    ”روماسا“ جي سالگرهه آ.

    ”روماسا“ اڄ ڪيڪ ڪٽيندي،
    ڪيڪ ڪٽي پوءِ سڀ کي ڏيندي،
    ٿي ويا آهن لايا سجايا،
    ”روماسا“ جي سالگرهه آ.

    امبرين، سنبرين، ڏين واڌايون،
    جيڏين ۾ ٿينديون نه جدايون،
    ايندا رهندا ڏينهن ڀلارا،
    ”روماسا“ جي سالگرهه آ.

    مُرڪن ٽَهڪن، وارا ٻالڪ،
    جَڳَ کان سُندر سارا ٻالڪ،
    سنڌ جا آهن روشن تارا،
    ”روماسا“ جي سالگرهه آ


    جاڳ او ٻالڪ جاڳ

    خوشيءَ ۾ سنڌ ساري رهندي،
    دنيا ۾ سوڀاري رهندي،
    سهڻو پنهنجو ماڳ،
    جاڳ او ٻالڪ جاڳ،
    ڀلو تنهنجو ڀاڳ.
    سُستي ڇَڏِ چُستي ڪَرِ تون،
    علم بهتر آ ڄاتو مون،
    هاڻي ٿيءُ سجاڳ،
    جاڳ او ٻالڪ جاڳ،
    ڀلو تنهنجو ڀاڳ.
    رهڻي ناهي ڪائي رات،
    ڦٽندي نيٺ ته ڪا پرپات،
    ڳاءِ اَمنُ جو راڳ،
    جاڳ او ٻالڪ جاڳ،
    ڀلو تنهنجو ڀاڳ.
    پڙهي پو عالم ٿيندين،
    جوت علم جي جاري رکندين،
    تنهنجي دم سان ڀاڳ،
    جاڳ او ٻالڪ جاڳ،
    ڀلو تنهنجو ڀاڳ.
    پڙهه تون ٻالڪ ننڍ ڦٽائي،
    دنيا ڪاٿي پهتي آهي،
    ماڻيندين پو ماڳ،
    جاڳ او ٻالڪ جاڳ،
    ڀلو تنهنجو ڀاڳ.
    ڪاهل ننڊ ۾ غَرقُ آهي،
    جاهل جو هي مَرڪُ آهي،
    ڇڏتون اهڙو نڀاڳ،
    جاڳ او ٻالڪ جاڳ،
    ڀلو تنهنجو ڀاڳ.
    ڌرَتي پنهنجي سَرتي آهي،
    جيڪا توکي پرتي آهي،
    لڳي نه تنهن کي داغ،
    جاڳ او ٻالڪ جاڳ،
    ڀلو تنهنجو ڀاڳ.
    تنهنجي جاڳڻ سان ئي پيارا،
    ”گوهر“ لڳندا سنڌ جا نعرا،
    تنهنجي هٿِ آ واڳ،
    جاڳ او ٻالڪ جاڳ،
    ڀلو تنهنجو ڀاڳ.


    طوطو

    ساونِ پَرَنِ سان ڳانيءَ وارو،
    طوطوآهي سڀ کي پيارو،

    هر، هر مِٺُو پُٽَ پيو ٻولي،
    ڳاڙهي، ڳاڙهي چهنب ٿو کولي.

    هوشوءَ کي هو سڏ ڪري ٿو،
    موٽي اَچ تون، گهر سڏي ٿو.

    امڙ چويس ٿي موري کائيندين،
    ڀيڻ چويس ٿي توري کائيندين.

    مرچ ٽماٽا خوب ٿو کائي،
    پينگهه ۾ ويهي لُڏي ڏيکائي.

    ڌيان سان ڳالهيون ويهي ٻڌي ٿو،
    طوطو مون کي خوب وڻي ٿو.

    ”گوهر“ جي ٿو دل وندرائي،
    ٻول نوان ٿو روز سڻائي.


    پيارا ٻار

    سنڌڙيءَ جا هي پيارا ٻار،
    وڻن پيا هي سارا ٻار،
    پاڻ ۾ سارا ڀائر آهن،
    اُڀ تي ڄڻ هي تارا آهن،
    سنڌڙيءَ جا هي پيارا ٻار.

    اَمڙ، اَبي جي دل جا ٺار،
    محنت عظمت جا مينار،
    حق ۽ سچ سان پاڻ ملهائي،
    پائن ٿا هي گلڙن هار،
    سنڌڙيءَ جا هي پيارا ٻار.

    سارو ديس سنواريندا هي،
    پنهنجو پاڻ ملهائيندا هي،
    سستي ڇڏيندا جلد ڀڄائي،
    محنت کان نه ڪندا هي عار،
    سنڌڙيءَ جا هي پيارا ٻار.

    سنڌ جو ڪندا ناماچار،
    ڪو نه رهي ڪو ڪنهن کان ڌار،
    پيار، امن، محبت سان گڏجي،
    سڀ جي لهندا گلڙا سار،
    سنڌڙيءَ جا هي پيارا ٻار.


    پياري سنڌڙي

    پياري، پياري سهڻي سنڌڙي،
    تنهنجي منهنجي آهي جندڙي.

    سنڌ جي عزت، منهنجي عزت،
    آهي تنهن ۾ پنهنجي عظمت،

    ٿَرُ، بَرُ آهي ساوڪ ساري،
    سون برابر هن جي واري،

    جنهن ۾ آهي سون ۽ چاندي،
    رهندي ڪا نه مارئي ماندي.

    سنڌي ٻولي پياري، پياري،
    هڪ، هڪ لفظ آ موتين کاري.

    ٽوپين وارا، اجرڪن وارا،
    همت وارا، پٽڪن وارا،

    جوڌا آهن دودا ٿيندا،
    سنڌڙيءَ خاطر سرڙو ڏيندا.


    لولي

    لولي ڏي مون کي لولي ڏي،
    ننڊ ڪيان مان جهولي ڏي.

    روز گُهران ٿو آءٌ دعائون،
    جيجل منهنجون ٻُڌُ صدائون.

    مان نه اَمڙ ڏُک توکي ڏيندس،
    وڏڙو ٿي سک توکي ڏيندس.

    دل تان توکي ڪيئن مان لاهيان،
    ماتا تنهنجي ٿڃ ملهايان.

    تو ته سيکاري سهڻي ٻولي،
    مور نه وسري مٺڙي ٻولي.

    امڙ تنهنجو شان وڏو آ،
    ”گوهر“ هن جو مان وڏو آ


    ديس جا ٻار

    منهنجي ديس جا مٺڙا ٻار،
    ٻول اچي ٻُڌ، تن جا يار،

    سڀ کي سچ پچ وڻندا آهن،
    امڙ، اَبي جا نيڻن ٺار،

    ٻاتا، ٻاتا ٻول ٿا ٻولن،
    دل جا آهن هي دلدار.

    روز وڃن ٿا هي اسڪول،
    ڪڏهن نه ڪن ٿا علم کان عار.

    چون ڪُراڙا، جوان سڀئي،
    مستقبل جا هي معمار.

    ”گوهر“ سنڌيءَ کي پيارا آهن،
    روز لهي ٿو تن جي سار.


    ڏون جو کوڙو

    ايڪ ڏون، ڏون،
    ياد ڪرِ تون.

    ٻه ڏون چَارِ،
    کوڙا نه وسارِ.

    ٽي ڏون ڇَههَ،
    علم سونا ڳَههَ.

    چار ڏون اَٺَ،
    سِکُ، جوڙ ڪَٽَ.

    پنج ڏون ڏَههِ.
    ٻڌي انگ ٻَهه. ڇهه ڏون ٻارنهن
    اِڪي انگ يارنهن.

    ست ڏون چوڏنهن،
    هلو اسڪول ڏانهن.

    اٺ ڏون سورنهن،
    سنڌ لئه جِيان مَران.

    نا ڏون ارڙانهن،
    روز سبق پڙهان.

    ڏهه ڏون ويهه،
    پڙهڻ جي عمر هِيءَ.


    چڙيا گهر

    ٻارو گڏجو سير ڪيون ڪو،
    هاٿي، هرڻ ۽ شينهن ڏسون ڪو.

    چڙيا گهر ۾ شينهن گجن ٿا،
    باندر، ڀولا خوب ڪڏن ٿا.

    طوطا، مئنا، ڪانگ، ڪبوتر،
    جهرڪيون، ڪٻريون ٻولن تتر.

    مور نچن ٿا ٻار کلن ٿا،
    خوش ٿي ڏاڍا ٽهڪ ڏين ٿا.

    هرڻ وڏا هت چُنگ ڏين ٿا،
    گڏهه، گهوڙا، ڊُڪنِ ڀڄن ٿا.

    هاٿي آهي سڀ جو ساٿي،
    ڄڻ هي ”گوهر“ گهر جو ڀاتي.


    لطيف سائين

    حق سندي ٿو ڳالهه ٻڌائين،
    لطيف سائين، لطيف سائين.

    سچ جي راهه ٻڌائڻ وارا،
    منزل تي پهچائڻ وارا،
    سنڌڙي جو تون آن مهتاب،
    لطيف سائين ............

    تنهنجي عظمت کي سلام،
    تنهنجو آهي بلند مقام،
    شاعرن جو تون آن آفتاب،
    لطيف سائين ............

    سنڌ جا رهبر سنڌ جا پيارا،
    جهرجهنگ آهن تنهنجا نعرا،
    محبت جو تون آهين باب،
    لطيف سائين، لطيف سائين.


    پياري سنڌ

    سڀ کان آهي پياري سنڌ،
    ٻارو گهوريون تنهن تان جند،

    اُوچو سڀ کان هن جو مان،
    نالو هن جو آهر هنڌ.

    سنڌ جو جيڪو مندو ٿيندو،
    ڪورينداسين اُن جو ڪنڌ.

    آزاديءَ لاءِ وڙهندا رهندا،
    هوشو، هيمون، دولهه رِندَ.

    منزل پنهنجي ناهي دور،
    باقي آهي ٿورو پنڌ.

    سڀ کان آهي پياري سنڌ،
    ٻارو گهوريون تنهن تان جند.


    وچن

    واعدا نڀائيندا هلو،
    وک کي وڌائيندا هلو.

    سنڌ ديس کي گڏجي سڀئي،
    سهڻو بڻائيندا هلو.

    سَوَ سور سختيون سهي،
    سچ سان نڀائيندا هلو.

    پيار جو پرچم کڻي،
    نفرت مٽائيندا هلو.

    ”گوهر“ ساڻ گڏجي سڀئي،
    جِيونَ سجائيندا هلو.


    استاد

    قوم کي وچ سير مان تاري ٿو استاد
    ٻيڙيءَ کي پڄائي ڪناري ٿو استاد.

    جهالت جي اونداهه کي ٻارو تڙي،
    روشن سوين سج اُڀاري ٿو استاد.

    استاد ئي پکيڙي شعور هت پيو،
    علم جون به راهون ڏيکاري ٿو استاد.

    محنت، همت، عظمت سان هت،
    دنيا سڄيءَ کي سنواري ٿو استاد.

    ادب، اخلاق، پيار ۽ محبت،
    هر روز ”گوهر“ ٻڌائي ٿو استاد.


    سنڌو پيارو

    جهومي، جهومي لهرن وارو،
    سهڻو سهڻو سنڌو پيارو،

    پاڻي سنڌ جو آبِ زم زم،
    لهر، لهر ۾ آهي سرگم.

    هن جو جيڪو ويري بڻبو،
    تنهن لئه اُڀو جهنڊو کڻبو.

    سرسبز آهن سنڌوءَ ڪنارا،
    هارين، نارين سندا سهارا.

    اعليٰ آهي سنڌوءَ جي عظمت،
    پاڻي هن جو رحمت رحمت.

    اوکيءَ سوکيءَ بڻجي سهارو،
    ”سنڌي“ دعاگو ساوڻ سيارو.

    جهومي، جهومي لهرن وارو،
    سهڻو، سهڻو سنڌو پيارو.


    ٻارڙن جي ٻاري

    ٻارڙن جي هيءَ ٻاري ڏسو،
    واهه جي آ چوياري ڏسو.

    واريءَ گهرڙا ڊاهن، ٺاهڻ،
    هڪ جيڏن جي ياري ڏسو.

    ٻاتا، ٻاتا ٻول ٿا ٻولن،
    راجا، راجڪماري ڏسو.

    ڪيئن ٿا جهومن، جهولن ٻالڪ،
    گلڙن جي گلزاري ڏسو.

    ”گوهر“ سڏڙا ڪن ٿا پيار مان،
    سندن سڪ سونهاري ڏسو.


    سونهن سراسر ساري سنڌ

    سڄي دنيا کان پياري سنڌ،
    سونهن سراسر ساري سنڌ.

    سنڌڙي آهي سڀ کان اعليٰ،
    پنهنجي آهي نياري سنڌ.

    هيءَ شاد رهي، آباد رهي،
    آهي جيءَ جياري سنڌ.

    چمڪي چنڊ جي چوڏهين وانگر،
    روشن جَلونِ واري سنڌ.

    قادرَ رَکُ تون قائمُ هن کي،
    پرتي توکي پياري سنڌ.

    هر دم قائم، دائم رهندا،
    پورهيت هاري، ناري سنڌ.

    ”گوهر“ ڪهڙي ڳالهه ٻڌائي،
    آهي ڀونءِ ڀلاري سنڌ.


    گڏڙي

    ”سونهن“ جي آهي ننڍڙي گڏڙي،
    ”ٻاگهل“ ڀي آ، ٺاهي هڪڙي.

    گهر ڀاتين کي خوب وڻي ٿي،
    شيهَه شَبِيهَه سهڻيءَ جهڙي.

    ”بختاور“ آ ڊريس سبائي،
    سائي نيري ڳاڙهي ڊِگهڙي.

    سڀئي سرتيون آيون جڏهن،
    راند رچي وئي رنگن رَتڙي.

    ڪپڙا هن کي سهڻا ٺهن ٿا،
    ڀَلڙنَ کان آ ڏاڍي ڀَلڙي.

    ”دُريش“ کان ٿي نه دور گڏڙي،
    ”غزل“ جهڙي آهي مٺڙي.


    مهراڻ جا هي تارڙا

    علم ادب جي چاهه سان،
    روشنيءَ جي راهه سان،
    شعور جي ڦهلاءَ سان،
    مهراڻ جا هي تارڙا،
    ها سنڌ کي سنواريندا،
    هن ڌرتيءَ جا ٻارڙا.
    محنت سان من مرڪائيندا،
    جوت سان جڳ جرڪائيندا،
    ديس سڄي کي مهڪائيندا،
    جيءَ جا هي جيارڙا،
    ها سنڌ کي سنواريندا،
    هن ڌرتيءَ جا ٻارڙا.
    گل ڦل ۽ پوپٽن وانگي،
    مٺڙن پيارن ٻولن وانگي،
    هر جاءِ خوشبوءِ پکيڙي،
    خوش ٿيندا هي سارڙا،
    ها سنڌ کي سنواريندا،
    هن ڌرتيءَ جا ٻارڙا.
    ڊڪندا ۽ ڀڄندا ايندا،
    روز پنهنجي اسڪول ويندا،
    هٿ، هٿ ۾ ڏيئي ٽهڪ ڏيندا،
    ”گوهر“ کي وڻن ٿا پيارڙا،
    ها سنڌ کي سنواريندا،
    هن ڌرتيءَ جا ٻارڙا.


    پوپٽ جهڙا ٻار

    پوپٽ جهڙا ٻالڪ پيارا،
    ”هوشو“ ”سارنگ“ آهن نيارا.

    آڪاش ۾ ڄڻ آهن تارا،
    ابي امڙ جا جيءَ جيارا.

    سنڌ جي سونهن وڌائيندا،
    عل ادب سان مهڪائيندا.

    وڏڙا ٿي هي جوڌا ٿيندا،
    هوشو، هيمون، دودا ٿيندا.

    جڳ ۾ عزت ماڻيندا،
    امن ۽ خوشحالي آڻيندا.

    مٺڙا مٺڙا ٻالڪ پيارا،
    ”گوهر“، هوشو، سارنگ پارا.


    پيارو لطيف

    وڏي شان ۽ مان وارو لطيف،
    سڄي لوڪ کان آهي پيارو لطيف

    ٿا گهر، گهر ۾ ڳايون هي مٺڙو ڪلام،
    اسان جي دلين جو سهارو لطيف.

    اسان جو هي رهبر آ نيارو لطيف،
    ڀلا ڀاڳ مليو ڀلارو لطيف.

    ها! سرتاج آ شاعرن جو لطيف،
    چئون چنڊ چوڏهين جو ٻارو لطيف.

    لکي گيت ”گوهر“ ٿو هر دم هتي،
    اسان جو آجيءَ جو جيارو لطيف.


    اسڪول ڏانهن وڃو

    منهنجي هڪڙي ڳالهه مڃو،
    گهنڊ وڳو، اسڪول وڃو.

    پڙهڻ، لکڻ کان ڪين لنوايو،
    ٿيندو اوهان جو لايو سجايو.

    استاد جيڪو سبق پڙهايو،
    ياد ڪري پوءِ دل سان هنڊايو.

    پڙهي جڏهن جوان ٿيندؤ،
    قوم جا سڀئي ڏک مٽيندؤ.

    پنهنجي ديس سان جيڪو نڀائيندو،
    منزل ”گوهر“ سو ماڻيندو.


    امڙ جي لولي

    مٺڙي مٺڙي ٻولي،
    امڙ جي آ لولي.
    شاهه، سچل، سامي جي،
    آهي سنڌي ٻولي،
    مٺڙي مٺڙي ٻولي،
    امڙ جي آ لولي.
    دنيا اندر آ نروار،
    سنڌوءَ جيئن ڇولي،
    مٺڙي مٺڙي ٻولي،
    امڙ جي آ لولي.
    ٻاونجاهه اکرن ۾،
    چٽيل ڄڻ ڪا چولي،
    مٺڙي مٺڙي ٻولي،
    امڙ جي آ لولي.
    پڙهڻ، لکڻ ۾ آهي،
    سڀ کان هيءَ سولي،
    مٺڙي مٺڙي ٻولي،
    امڙ جي آ لولي.

    ٻولي ته آهي لولي،
    ننڊ ڪيان ڏي جهولي،
    مٺڙي مٺڙي ٻولي،
    امڙ جي آ لولي.
    هَٿ سان هَٿ ملايو،
    هڪ ٿي ٺاهيون ٽولي،
    مٺڙي مٺڙي ٻولي،
    امڙ جي آ لولي.
    ڏينهن خوشين جا ملهايون،
    عيدون هجن يا هولي،
    مٺڙي مٺڙي ٻولي،
    امڙ جي آ لولي.
    اچو ته سڀ پرايون،
    اَبي، امڙ جي ٻولي،
    مٺڙي مٺڙي ٻولي،
    امڙ جي آ لولي.
    ”گوهر“ هر ڪنهن کي ٻڌائي،
    سنڌي آهي قومي ٻولي،
    مٺڙي مٺڙي ٻولي،
    امڙ جي آ لولي.


    ڪوڙ کان نفرت

    سچ سان ڪريو محبت ٻارو،
    ڪوڙ کان ڪريو نفرت ٻارو.

    ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ وجهو،
    ڪوڙي ڳالهه نه ڪنهن سان ڪيو.

    ڪوڙ جي ڏاڍي خواري آهي،
    ڪوڙ وڏي بيماري آهي.

    سچ جي سنگت سهڻي آهي،
    هرڪو ئي ٿو هن کي چاهي.

    هردم ڪوڙ کان بچو ٻارو،
    سچ سُڻايو سڀ کي سارو.

    سنڌ ۾ آ جيئن شاهه ڀٽائي،
    ”گوهر“ تيئن آ سچ ۾ وڏائي.


    ديس جو جوڌو

    آءٌ ته آهيان ننڍڙو ٻار،
    ساري گهر لاءِ ڄڻ سينگار.

    ڀينر، ڀائر محبت ڪن ٿا،
    ابو، امڙ چاهت رکن ٿا.

    ڪتابن سان آ منهنجو پيار،
    هر هر لهان تن جي سار.

    روز پڙهڻ اسڪول وڃان ٿو،
    استادن جي عزت ڪيان ٿو.

    پڙهي جڏهن مان وڏڙو ٿيندس،
    سنڌ سڄي کي ڀلڙو ڪندس.

    “ڏاهر” ٿيندس “دودو” ٿيندس،
    ديس پنهنجي جو جوڌو ٿيندس.

    آءٌ ته آهيان ننڍرو ٻار،
    ساري گهر لاءِ ڄڻ سينگار.


    ڪتاب

    منهنجو تنهنجو آهي ساٿي،
    علم ۽ ادب وارو ڪتاب.

    انڌيري کي دور ڀڄائي،
    جيئن روشن ڪري آفتاب.

    ونڊ، ڪٽ، جوڙ، ضرب،
    ڏکيا ناهن سڀ حساب.

    جت، ڪٿ سڏجي پيو ٿو،
    علم، ادب وارو نواب.

    علم پرائڻ، علم پڙهائڻ،
    آهي سڀ کان وڏو ثواب.

    سچ، سونهن ۽ علم وارو،
    گلابن ۾ جيئن گلاب.

    جهالت واري کي ”گوهر“
    دوستيءَ کان ڏج جواب.

    تنهنجو منهنجو آهي ساٿي،
    علم ادب وارو ڪتاب.


    اميد

    ننڍڙا مٺڙا نازڪ ٻار،
    منهنجي گلشن جا سينگار.

    پوپٽن جيان آهن نيارا،
    وڻندا آهن سڀ کي پيارا.

    سچ، سونهن پيار جيان،
    سهڻا لڳن سنسار جيان،

    مستقبل جا معمار آهن،
    قدرت جا شاهڪار آهن.

    ادب، اخلاق آڌار آهن،
    عظمت جا هي مينار آهن.

    ديس جا علمبردار ٿيندا،
    مڙس مڻيادار ٿيندا.

    دک، درد سڀ ميٽيندا،
    ”گوهر“ حق جو ساٿ ڏيندا.


    سچ ته بيٺو نچ

    سچ تي بيٺو نچ او ٻالڪ،
    ڪوڙ ٿي، سارو ڪچ او ٻالڪ.

    سچ جي سنگت آهي پياري،
    جان تنهن تان ”جانب“ واري.

    سچو ماڻهو سَرهو رهندو،
    ڪوڙو ماڻهو اَرهو رهندو.

    ڪوڙ کان هر دم بچجو ٻارو،
    سچ جا ساٿي ٿيجو يارو.

    سچ ۾ مٺائي آ ”گوهر“
    ڪوڙ ۾ برائي آ ”گوهر“


    وقت

    وقت نه ڪنهن جو ساٿي آهي،
    وقت ته وهندڙ پاڻي آهي.

    وقت سان جيڪو هلندو رهندو،
    منزل تائين سوئي پڄندو.

    وقت وئي کان پوءِ هٿ هڻندين،
    منزل ڪڏهن نه ماڻي سگهندين!

    وقت سان ٻالڪ پيار ڪندو ڪر،
    علم سندو اظهار ڪندو ڪر.

    وقت جو جنهن، جنهن قدر ڪيو آ،
    ڪاميابيءَ تي سو پهتو آ.

    علم سان پاڻ سينگاريو ساٿي،
    وقت نه پنهنجو وڃايو ساٿي.

    وقت سان گڏجي جيڪو هلندو،
    سوئي ”گوهر“ منزل رسندو.


    گهوڙو

    بابي بازار مان آندو آ،
    چمڪيلو هڪرو گهوڙو،
    قد جو بيشڪ ننڍڙو آهي،
    جرڪي ائين ٽانڊاڻي جهڙو،
    چاٻيءَ وارو هڪڙو گهوڙو.
    هن کي مان جي چاٻي ڏيان ٿو،
    هو جو گهمي ٿو، خوش ٿيان ٿو،
    ڏسو هي گهوڙو ٻار سڏيان ٿو،
    موهي مَنُ ٿو آهي اُهڙو،
    چاٻيءَ وارو هڪڙو گهوڙو.
    ”سرمد“، ”سارنگ“ جڏهن چڙهن ٿا،
    خوب ”مجيب“ ۽ ”حاجي“کلن ٿا،
    گهوڙي تان هو لَهنِ چڙهن ٿا،
    ڪير ٿيندو هن گهوڙي جهڙو،
    چاٻيءَ وارو هڪڙو گهوڙو.
    ”ناطق“ آهي تاڙي وڄائي،
    ”هالار“ سان گڏ راند رچائي،
    ”گوهر“ ڀي آ مهل ملهائي،
    گهوڙو نه آهي اهڙو تهڙو،
    بابي بازار مان آندو آ،
    چاٻيءَ وارو هڪڙو گهوڙو.


    وقت نه ڪندو انتظار

    اکيون کولِ پيارا ٻار،
    ٻول، ٻول پيارا ٻار،
    علم جو آهي ناماچار،
    جاهل آهي هت بيڪار،
    وقت نه ڪندو انتظار.

    سچ سان ڪر تون اقرار،
    ڪر نه ڪڏهن تون انڪار،
    رک پنهنجو بلند ڪردار،
    رهه تون سدائين خبردار،
    وقت نه ڪندو انتظار.

    قوم لاءِ ٿيءُ قرار،
    ديس ٿئي مهڪار،
    علم سان ٿيءُ سرشار،
    ٿي ننڊ نندوري مان بيدار،
    وقت نه ڪندو انتظار.


    اسڪول وڃن ٿا

    گهنڊ وڄي ٿو، اخلاق سکن ٿا،
    اسڪول وڃن ٿا، مانُ رکن ٿا،
    ٿيلها ڪلهن ۾، ننڍڙا ٻالڪ،
    کنيو وڃن ٿا، سڀئي ٻالڪ،
    لکن پڙهن ٿا، سنڌي ٻالڪ،
    رانديون ڪن ٿا، سنڌ جا ٻالڪ،
    سبق پڙهن ٿا، پيارالڳن ٿا،
    ياد به ڪن ٿا، سهڻا لڳن ٿا،
    خوب کلن ٿا، گهنڊو وڄي ٿو،
    ماءُ پيءُ جو، اسڪول وڃن ٿا،
    ۽ استادن جو، خوب کلن ٿا،
    چيو مڃن ٿا، لکن پڙهن ٿا.....


    چئو سٽا

    ڏيئا ڏيئا ڏات اسان جي،
    سڀ کان اونچي بات اسان جي،
    حق سچ واري راهه تي هلندي،
    منزل رسندي لات اسان جي.

    سهڻا مٺڙا سنڌي ٻالڪ،
    پائن ٿا جي ٽوپي اجرڪ،
    مکڙي وانگر ٽڙي پون ٿا،
    سنڌ سموري مهڪ ئي مهڪ.

    تون ۽ مان هڪ امڙ جا ٻچڙا،
    پوءِ ڀلا ڇو ايڏا جهڳڙا،
    نفرت ڪينو ڪڍون ڀڄائي،
    محبت جا گڏ ڪيون ڪي ميڙا.

    هوشو ٿيندين، هيمون ٿيندين،
    ويڙهه وطن لئه وڙهندو رهندين،
    تو ۾ آهن قوم جون آسون،
    نيٺ ته ننڍڙا وڏرو ٿيندين.


    سنڌي الف، بي پٽيءَ جا ٻه سٽا

    1. الف اک- بي بدڪ،
    علم جي وڌي سِڪ.
    ——–—————
    3. ٻي ٻُڪ ۽ ڀي ڀتِ،
    ادب هجي، جتِ ڪٿِ.
    ——–—————
    5. تي تارو- ٿي ٿيلهو،
    ساٿ ڏي، رَهُه نه اڪيلو.
    ——–—————
    7. ٽي ٽوپي- ٺي ٺوٺِ،
    ڪيراءِ ڪتاب نه هيٺ.
    ——–—————
    9. ثي ثواب - پنهنجي پي پَڳَ،
    تون ڏيکار ڀُلين کي دَڳ.َ
    ——–—————
    11. جيم جتي- ڄي ڄِڀَ،
    پَٽِ ٻنيءَ مان ڊڀَ.
    ——–—————
    13. جهي جهرڪي- ڃي مُڃَ،
    صحرا سڄو ئي سُڃ.
    ——–—————
    15. چي چنڊ - ڇي ڇَٽي،
    ”گُل“ رسي وَٽي.
    ——–—————
    17. هي حَجمُ- خي خَچرُ،
    ”رستم “منهنجو گهرُ.
    19. دال درُ- ڌال ڌو ٻي،
    هڻ نه مڪتب کان گهو ٻي
    ——–—————
    21. ڏال ڏيڏر- ڊال ڊيلَ،
    اُٿجي صبح جو سويلَ.
    ——–—————
    ڍال ڍڳو- ذال ذرو،
    واپس مڪتب ڏي ورو.
    ——–—————
    25. ري ريل- ڙي ماڙي،
    مُرڪي ملائج تاڙي.
    ——–—————
    زي زنجير - سين سيٽي،
    استاد ڪرائي پي ٽي.
    ——–—————
    29. شين شينهن- صاد صوف،
    ڪم سان رهه مصروف.
    ——–—————
    31. ضاد ضعيف-طوئي طوطو،
    کاءُ نه پاڻيءَ منجهه غوطو.
    ——–—————
    33. ظوئي ظالم-عين عِينڪَ،
    کڻي آ چانهه واري چِينڪَ
    ——–—————
    غين غاليچو- في فانوس،
    ٻارن ڏٺو مِڪي مائوس.
    37. ڦي ڦيٿو-قاف قَلمُ،
    کڻ آزاديءَ عَلمُ.
    39. ڪاف ڪتو- کي کَٽَ،
    پاڻيءَ سان ڀر مَٽَ.
    ——–—————
    41. گاف گڏهه- ڳي ڳئون،
    ڇَڏِ ڪِٽي، اَڄُ ٺَهون.
    ——–—————
    43. گِهي گِهوڙو-ڱي سَڱَ،
    روبوٽ، لوها لَڱَ.
    ——–—————
    45. لام لڪڻ- ميم مَسُ،
    ڪو رج قلب مان ڪَسُ.
    ——–—————
    47. نونُ نَٿَ- ڻوڻ وَڻُ،
    وک مڪتب ڏي کَڻُ.
    ——–—————
    49. واءُ واڍو- هي هَاٿي،
    علم عقل سڀ جو ساٿي.
    ——–—————
    51. الف حمزو-يي يَڪو،
    سبق سڀني جو پَڪو.
    ——–—————


    فلسطيني ٻار جا خواب

    فلسطين جا معصوم ٻارڙا،
    آزاد فلسطين جا خواب ڏسندي،
    روشني جا ٻرندڙ ڏيئا،
    پنهنجي نازڪ ۽ نفيس هٿن ۾ کڻي،
    غلام بڻائيندڙ،
    سامراج ملڪ(اسرائيل) سان،
    اکين ۾ اکيون ملائيندي،
    شهيدن سان وچن ڪندي،
    مستقبل جي ساڀيا کي
    حاصل ڪرڻ لاءِ،
    فلسطين جا معصوم ٻارڙا،
    بنا خوف خطري جي،
    اڳتي سڀني کان اڳتي،
    اڃا به اڳتي،
    وڌي رهيا آهن.


    سنڌي ٻار جا سپنا

    اداس چهرو،
    لٽا ليڙون، ليڙون،
    اکيون روئڻ هارڪيون،
    هاريءَ جو پٽ،
    نهاري ٿو،
    اسڪول ڏانهن،
    ۽ سوچي ٿو.
    ته ڇا .......؟
    آءٌ به ..........
    هڪ جيڏن جي وچ ۾ ويهي،
    لکي، پڙهي سگهندس؟؟!!.....


    جنم ڏڻ

    جنم ڏڻ تي،
    ممتا........
    اولاد کي معصوم جذبن سان
    پوپٽن جي نازڪ کليل پَرنِ جيان،
    ڌڻيءَ درٻاڏائيندي،
    دعا گهرندي آ.
    ته...........
    شل منهنجو ٻچڙو،
    هن وشال ڌرتيءَ تي،
    جواني جون ڪيئي بهارون ماڻي.
    ۽ ڪو ڪوسو واءُ نه لڳيس.
    مان ۽ شان سان،
    ٽمٽار ٿي زندگي گذاريندو رهي


    ٻار ڪائنات جي سونهن

    ٻار ڪائنات جي،
    سونهن آهي،
    ٻار مون کي ائين ڀاسندو آ،
    ۽ ڏسي سوچيندو آهيان،
    ته جيڪر.......
    آءٌ به ڪجهه وقت لاءِ،
    ٻار ٿي وڃان.
    ۽ ..........
    ان جو کينهون ٿي پوان،
    جيئن هو دل،
    وندرائيندو رهي....


    سڪون

    معصوميت
    انسان جي جياپي جو،
    ڏس ٿي ڏي،
    پر ..........
    وحشت ۽ دهشت،
    ان معصوميت کان،
    سڪون،
    ۽ ........
    امن کسڻ،
    ٿي چاهي.


    هائيڪا / ٽيڙو

    کڻ سليٽ پٽي، امير جو ٻار،
    سارنگ چيو هوشوءَ کي ضد ڪيائين ته،
    نه ته توسان آ ڪٽي. مليس ڪار.
    *** ***
    علمي درسگاهون، غريب جو ٻار
    اسان لئه آهن، ضد ڪيائين ته،
    روشنيءَ جون راهون. مليس مار.
    *** ***
    سنڌڙيءَ جا ٻار، ڪيئن ٻالڪ ننڍڙا،
    آهن اسان لئه ڄڻ، ٺاهن ٿا، هر ڊاهن ٿا،
    گلڙن سدا هار. واريءَ جا گهرڙا.
    *** ***
    لڙڪ وهائيندڙ ٻار ”آلا نيڻ اڻڀا وار“.
    ديوار تي ٽنگيل تصوير، سُڪل سنڌو سيني تي،
    ڪمري جو سينگار. بُکَ ۾ مهاڻن جا ٻار.
    *** ***
    ڪيڏو ڏينهن تَتلُ، معصوم ٻار،
    آهي وڻ جي ڇانوَ ۾، برش ۽ ٿيلهو ڀر ۾،
    پورهيت ٻار سَتلُ. بوٽن جي قطار.
    ***
    سنڌ سڄي سرهاڻ، هٿ ۾ ڪشڪول،
    ريج ڏيئي رت جو، ٻار لاوارث چوواٽي تي،
    سوڍن گهوريو پاڻ. دنيا لاءِ مثال.
    *** ***
    ٻارن جو مرڪڻ، غريب جو ٻال،
    ائين لڳي ٿو ڄڻ، پڙهي ڪين سگهيو،
    گلن جو ٽڙڻ. چاري پيو مال.
    *** ***
    ننڍڙا مٺڙا ٻار، ڪارٽونن جو ڪمال،
    هر ڪو ٿو پيار ڪري، ٽي. وي تي ڏسي کليا،
    ماکيءَ سندي لار. سارنگ، هوشو ، جمال.
    *** ***
    مُرڪن ٿيون مکڙيون، ٻارڙن شور ڪيو،
    پيارا پنهنجي ديس کي، ٽاڪ منجهند، ڪنهن جو،
    ڏسي ٺريون اکڙيون. لغڙ ڪاٽا ٿيو.
    *** ***
    ٻهراڙيءَ جو اسڪول، ڏڌ، مکڻ، چاڏي،
    پَٽَ تي پڙهن ٿا ٻارڙا، لڪي ٻالڪ لاٿو ڍڪڻ،
    ڀڳل بينچ ۽ اسٽول. ڏسي ٿي ڏاڏي.
    *** ***
    ٻهراڙيءَ جو اسڪول، هاريءَ جو ٻار،
    اڄ به ماستر نه آيو، پڙهي ڪين سگهيو،
    گهر، گهر آ چئو ٻول. ٿيو مينهنِ جو ڌنار.
    *** ***

    اسڪول آ کليو، ٻارڙن ڏنا ٽَهڪَ،
    وڏيري جي قبضي مان، ڦهلجي ويا چوڏس،
    عرصي بعد مليو. مَهڪ ئي مَهڪَ.
    *** ***
    ايڪا پوءِ ڏهاڪا، ٻاتا، ٻاتا ٻول،
    سارا ياد ڪندو ڪر تون، پٽ جا پيءُ سان،
    ڀلجي وڃ نه ڪاڪا. ٽول مٽول.
    *** ***
    ٿيندو تڏهن ٺاهه، گهنٽي وڄي ٿي،
    پيءُ چيو پٽ کي، ٻارن کي اسڪول مان،
    علم سان رکندين چاهه. موڪل ملي ٿي.
    *** ***
    ايندو نيٺ شعور، ڊرامو روشن تارا،
    علم سان مٽجي ويندو، ٽي. ويءَ تي گڏجي،
    جڳ مان ڪلور. ٻار ڏسن ٿا سارا.
    *** ***
    هاريءَ جو ٻار، هٿ هٿ ۾ ڏيئي،
    اسڪول وڃڻ بدران، سارنگ، هوشو، وڃن ٿا،
    هڪلي پيو جهار. اسڪول ۾ ٻيئي.
    *** ***
    تون جئين شَلَ، پيهي تي ٻار،
    بهار مند ۾ جيئن، هڪلي ٿو جهار کي،
    ٽڙندا آهن گُلَ. ڳوڙهن جو وسڪار.
    ***
    ٻارن کنئي گُليل، منهن ٿيو ڀيلو،
    جهار هڪلڻ لاءِ، ماءُ کان وڇڙيل ٻار،
    ڪري نه ڪو ڀَيلَ. شهر ۾ اڪيلو.
    *** ***
    معصوم پٽ جو لاش، ٻارن جا ميڙا،
    امڙ جي لڙڪن کي ڏسي، نِيبرنِ ڪين هنن جا،
    روئي پيو آ ڪاش. روز ڪنَ جهيڙا.
    *** ***
    آهي يتيم ٻار، جبري پورهيو،
    ڪونهي ڪو غريب جو، روز ورتو ٿو وڃي،
    ڪير لهندو سار؟. ٻارن کان پيو.
    *** ***
    سڪيلڌو ٻار، ڪيڏو آ ميرو،
    معزور پيءُ جو ۽- تعليم کان وانجهيل،
    گهر سڄي جو بار. هوٽل جو بيرو.
    *** ***
    گريج تي ٻار، ٿريلو ٻار،
    سِکي ڪين سگهيو، آهي اُڃ بُکَ تي،
    روز کائي مار. ڪنهن نه لڌي سار.
    ***


    ٽه سٽا

    ڄڻيو جيڏيون جوڌا،
    ڌرتيءَ جي دشمنن لئه،
    وڙهندا هوشو، دودا.
    ———
    منهنجا پٽڙا جڳ کان پيارا،
    ڪڏهن نه ڪوسو واءٌ لڳين،
    سنڌ امڙ جا جيءُ جيارا.
    ———
    ڏسندي ڳاڙهو ٻيرُ،
    ٻالڪ ڊوڙيو ٻِيرَ ڏانهن،
    ترڪي پيڙس پَيرُ.
    ———
    ڪانوَنِ جي ڪانءَ، ڪانءَ،
    سرءُ جي موسم ٿڪل، نٻل،
    ٻارن جو شَور مٿان.
    ———
    ڊوڙندا رهيا ٻار،
    پڪڙي نه سگهيا پوپٽ،
    مڃي ويٺا هار.


    سنڌي الف بي جي ٽيڙو پٽي

    1. الف الف، اَک
    ماکيءَ جي آهي،
    سهڻي مَکِ.
    2. ب بي، بَدَڪَ،
    وٺنداسين توکان،
    پنهنجا حَقَ.
    3. ٻ ٻي، ٻُڪُ،
    ياد ڪريو ٻارو،
    اڄ جو سبقُ
    4. ڀ ڀي، ڀِت،
    ڇا ڀي ٿي پوي،
    پڙهنداسين هِتِ.
    5. ت تي، تارو،
    رات جو آڪاش ۾،
    ٽمڪي ٿو ٻارو.
    6. ٿ ٿي، ٿيلهو،
    هل ته هلون گهمڻ،
    لطيف جو ميلو.
    7. ٽ ٽي، ٽوپي،
    پائن ٿا شوق سان،
    احمد ۽ گوپي.
    8. ٺ ٺي، ٺوُٺ،
    گهم خيال سان،
    ڪرين نه هيٺ.
    9. ث ثي، ثواب،
    هوشيار ٻارن جو،
    ناهي ڪو جواب.
    10. پ پي، پَڳَ،
    ٺاهي ٻڌ ساٿي،
    ڍڪي وارن چَڳَ.
    11. ج جيم، جُتي،
    اونداهيءَ ۾ کڻ،
    ٻاري ميڻ بتي.
    12. ڄ ڄي، ڄَڃَ،
    پاڻي بنا ٿر سارو،
    رُڃَ ئي رُڃَ.
    13. جهه جهي، جهرِڪي،
    ڀڙڪو ڏئي اڏري،
    ٻار پيو مُرڪي.
    14. ڃ ڃي، مُڃَ،
    علم کان سواءِ،
    سڃ ئي سُڃ.
    15. چ چي، چنڊُ،
    ٻارو اوهان پاڻ ۾،
    ٿيو کير کنڊُ.
    16. ڇ ڇي، ڇَٽي،
    ياد ڪر تو ٻارڙا،
    الف_ ب جي پٽِي.
    17. ح حي، حَجَمُ،
    ماءُ پيءُ استاد جو،
    ٻارو مڃيو حُڪُمُ.
    18. خ خي، خَچَر،
    ڏاڍو آهه خراب،
    مليريا مَڇَر.
    19. د دال، دَرُ،
    ٻارن سان لڳي ٿو،
    سهڻو گھر.
    20. ڌ ڌال، ڌوٻي،
    اسڪول کان نه هڻ،
    ڪڏهن گھوٻي.
    ڏ ڏال، ڏيڏر،
    علم هوندي تون نه،
    ڪنهن کان ڏر.
    22. ڊ ڊال، ڊيل،
    وقت جو ڪر قدر،
    ايڏا نه ڏس کيل.
    23. ڍ ڍال، ڍڳو،
    ڄاڻ اسڪول جو،
    بيل وڳو.
    24. ذ ذال، ذرو،
    ڪوڙ کان ڪر نفرت
    ٻالڪ ٿيءُ کرو.

    25. ر ري، ريلَ،
    ترت ٿيءُ تيار،
    اسڪول وڃ سويلَ.
    26. ڙ ڙي، ماڙي ،
    هڪ هٿ سان ڪانه،
    وڄندي آ تاڙي .
    27. ز زي، زنجير،
    کائن ٿا ٻارڙا،
    مٺڙو آ انجير.
    28. س سين، سيٽي،
    صبح جو اسڪول ۾،
    ٻالڪ ڪن پي، ٽي.
    29. ش شين، شينهن،
    هئين سان هنڊاءِ.
    علم سان رک نينهن،
    30. ص صاد، صوف،
    سنڌ اسان جي آ ،
    دنيا ۾ معروف.

    31. ض ضاد، ضَعيفُ
    علم، ادب وارو،
    سڏجي ٿو شَريفُ.
    32. ط طوئي، طوطو،
    لام تي ويهي هو،
    ٻوليون ٻولي ٿو.
    33. ظ ظوئي، ظَالمُ،
    عادل ٿيندو ڪين ڪي ،
    توڙي ھجي عَالمُ،
    34. ع عين، عَينڪَ،
    کڻي ڏي ٻالڪ،
    چانهه جي چَينڪَ.
    غ غين، غاليچو،
    استاد آهي مالهي،
    ٻار آ باغيچو.
    36. ف في، فانُوس.
    تعليم مان ڪڏهن،
    ڪين ٿيو مايُوس.

    37. ڦ ڦي، ڦيٿو،
    اڃ ۾ سارو گلاس،
    ”سارنگ“ آ پيتو.
    38. ق قاف، قَلمُ
    هوشوءَ کي آ هٿ ۾،
    آزادي جو عَلمُ.
    39. ڪ ڪاف، ڪتو،
    گھر جو پهريدار آ،
    ڪڏهن ڪو نه سُتو.
    40. ک کي، کَٽَ،
    علم جا هت ڪيئي
    ماڻيندين ڇَٽَ.
    41. گ گاف، گڏهه،
    مِينهنُ ۾ آ ٽميو،
    غريب جو مَنهُه.
    42. ڳ ڳي، ڳئون،
    وڃو نه ٻارو .
    اسڪول کان وئون،

    43. گهه گھي، گھوڙو،
    ياد ڪيو آ ٻارن،
    ڏونءَ جو کوڙو.
    44. ڱ ڱي، سڱَ،
    تَڙ ڪرڻ سان،
    ٺرن ٿا لڱَ.
    45. ل لام، لَڪَڻُ،
    چاڏيءَ جو لاٿو،
    ٻارن ڍَڪَڻُ.
    46. م ميم، مَسُ،
    ٿَرَ تي ڪارا بادل،
    هميشه پيو وَسُ.
    47. ن نون، نَٿَ،
    ماني کائڻ کان اڳ،
    ڌوئبا آهن هَٿَ.
    48. ڻ ڻوڻ، وَڻُ،
    رڍن جو اچي پيو،
    ڏس هو ڌَڻُ.

    49. و واءُ، واڍو،
    علم واري کان،
    ڪير ٿيندو ڏاڍو.
    50. هه هي، هاٿي،
    ڪُوڙ کي هڻ ڌوڙ،
    سچ وڏو ساٿي.
    51. ء الف ننڍڙو،
    تعليم پرائن ٿا،
    ٻالڪ، ٻڍڙو.
    52. ي يي يَڪو،
    پٽي ٿي پوري،
    سبق ٿي ويو پڪو.


    ٻارن لاءِ شاعري ۽ سگهارو نانءُ

    جڏهن به سنڌي ادب جي وسيع ميدان تي نظر ڦيرائبي ته گوهر سنڌي جو نالو اسان کي اُڀ تي نظر ايندو. گوهر سنڌي ٻارن جي شاعري جي حوالي سان سگهارو نانءُ آهي. مان جڏهن به ٻاراڻو رسالو کڻي پڙهندو آهيان، ته ان ۾ گوهر سنڌيءَ جي ٻارڙن لاءِ شاعري يا ڪهاڻي ضرور ملندي. مان مڊل اسڪول جي دور کان وٺي گوهرسنڌيءَ کي پڙهندو پيو اچان. گوهر سنڌيءَ جون ٻارڙن لاءِ ڪيل ڪاوشون تمام گهڻيون ساراهه جوڳيون آهن، جنهن لاءِ سنڌ جون سموريون اخبارون، رسالا ۽ ادبي سرگرميون گواهي ڏينديون ته واقعي ئي ”گوهر سنڌي“ جو ڪم وڏو ٿيل آهي. جيڪو ان جو سرمايو آهي. جنهن کي ترتيب ڏيڻ اسان سڄاڻ ماڻهن جو ڪم آهي.
    گوهر سنڌي هڪ استاد، اديب، شاعر، چترڪار، انسان دوست، قومي ۽ سماجي ورڪر پڻ آهي. سندس شاعري ٻارڙن جي نڪور جذبن جي عڪاسي ٿي ڪري. خاص ڪري ٻاراڻي شاعري ۾ قومي رنگ وڌيڪ ٿو بکي. هن جيڪا به تخليق سرجي آهي اها ڌرتيءَ جي گلن ڦلن، پوپٽ جا ست رنگ، سونهن، سچ ۽ سنڌ جي لاءِ ئي آهي.
    جيئن هيٺين شعر مان بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
    پياري پياري سهڻي سنڌڙي،
    تنهنجي منهنجي آهي جندڙي،
    سنڌ جي عزت منهنجي عزت،
    آهي انهيءَ ۾ پنهنجي عظمت.

    ساگر محمد حسين مهر
    (رُڪ


    گوهر سنڌي گهڻ پاسائين شخصيت

    گوهر سنڌي سان منهنجي ڏيٺ ويٺ سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان سال 1992ع کان ٿي. جيڪا پوءِ آهستي آهستي وڌندي ۽ گهاٽي ٿيندي وئي. جيڪا اڄ به ساڳي طرح دائم ۽ قائم آهي.
    گوهر سنڌيءَ کي مون ڪڏهن علمي ادبي، ته ڪڏهن سماجي ثقافتي ته ڪڏهن قومي تنظيم جي پليٽ فارم تي هر وقت سرگرم عمل ڏٺو آهي. ان کان علاوه سندس مصوري به محبوب مشغلو رهندو اچي ٿو. مان ائين چوندس ته گوهر سنڌي گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ آهي.
    گوهر سنڌيءَ جتي وڏن لاءِ شاعري ڪئي آهي. اتي هن ٻارڙن لاءِ به تمام سهڻا گيت سرجيا آهن. جنهن جو هي مجموعو
    ”جاڳ او ٻالڪ جاڳ“ ٻارن لاءِ هڪ خوبصورت ۽ بهترين تحفو آهي. جنهن ۾ تمام سٺا موضوع کنيا آهن. جيڪي يقيناً ٻارن جي ڄاڻ ۾ چڱو خاصو اضافو ڪندا.
    اميد اٿم ته گوهر سنڌي جو هي شاعري جو سهڻو ڪتاب ”جاڳ او ٻالڪ جاڳ“ سنڌي ٻاراڻي، ادب جي تاريخ ۾ اهم جاءِ والاريندو ۽ داد حاصل ڪندو.

    سميع ساجد جوڻيجو
    (رتوديرو)


    اُڀ تي ڄڻ هي تارا آهن!!

    ٻارن جي هڪ الڳ دنيا ٿئي ٿي جنهن جي چؤڌاري رنگا رنگي ماحول جڙيل رهي ٿو ۽ هو راند روند ۾ رڌل هوندا آهن، ٻارن جي من ۾ سادگي، پيار، شرارت ۽ پنهنجائپ رهي ٿي. ان کان علاوه ٻار علم کي به وڏي چاهه سان حاصل ڪندا آهن.! جيڪڏهن اسان پنهنجي ٻالجتيءَ واري زماني جي يادگيرين کي ذهن تي آڻينداسين ته اسان کي پنهنجون سڀئي يادگيريون اچي وينديون! هڪ شاعر لاءِ اهو ضروري آهي ته ان جي اندر ۾ جيڪو ٻار ويٺل آهي، ان کي سدائين خوبصورت بڻائي، سجائي ۽ سينگاري رکي، جيئن سندس تخليقن ۾ اها ٻار واري معصوميت قائم رهي سگهي، ٻارن لاءِ هميشه ٻار ٿي لکڻ کپي، جيئن انهن جي جذبن احساسن جي ترجماني ٿئي ۽ هڪ ڳالهه اها واضح آهي ته ٻاراڻو ادب سرجڻ انتهائي ڏکيو عمل آهي. گوهر سنڌيءَ جون ڪوششون انهيءَ جاکوڙ جون بنيادي وکون آهن. سندس شاعريءَ ۾ ٻارن سان پيار ڪرڻ، ديس سان نينهن جا ناتا رکڻ، ٻولي، لولي، وندر ورنهن ۽ پوپٽ جي رنگن جهڙا حسين احساس اسان کي ان جي شاعريءَ مان نظر اچن ٿا. جيئن هت خيال هن طرح جو ڪيو اٿائين.
    گيت خوشيءَ جا ڳايو ٻارو،
    نينهن وطن سان لايو ٻارو،
    نفرت نانءُ مٽايو ٻارو،
    نچندا ڪڏندا اچو اي ٻارو،
    ڀڄندا ڊڪندا اچو اي ٻارو.
    گوهر سنڌيءَ مٿئين شعر ۾ ٻارن کي هڪ نصيحت ڪئي آهي جنهن ۾ خوشيءَ جي گيتن جو ذڪر ڪيو آهي. ۽ وطن سان محبت رکڻ، نفرت مٽائڻ جو ذڪر پڻ ملي ٿو. نچڻ ڪڏڻ، ڀڄڻ، ڊڪڻ جيڪو ٻارن جي فطرت ۾ شمار ٿئي ٿو. ان کي گوهر سنڌي سٺي ڪاريگريءَ سان بيان ڪري ويو آهي. ان علاوه ڌرتيءَ جي ٻارن سان پيار ڪرڻ جو اظهار هيٺين شعر ۾ ملي ٿو.
    سنڌڙيءَ جا هي پيارا ٻار،
    وڻن پيا هي سارا ٻار،
    پاڻ ۾ سارا ڀائر آهن،
    اُڀ تي ڄڻ هي تارا آهن!
    سنڌڙيءَ جا هي پيارا ٻار.
    شاعر ڌرتيءَ جي ٻارن سان پيار ڪري ٿو، هن کي ديس جا ٻار پيارا لڳن ٿا، شاعر فطرتي طور ان احساس ۾ رهي ٿو ته ديس جا ٻار پاڻ ۾ ڀائر آهن، اهي ڪائنات جي سونهن آهن، ٻار ان جي نظر ۾ آڪاش جا ستارا آهن، اهڙي قسم جا خيال معصوم ٻارن جي تربيت ڪرڻ لاءِ ڪارآمد ثابت ٿيندا. وقت جي حوالي سان گوهر سنڌيءَ جو هڪ نظم آهي، جيڪو هن طرح آهي:
    وقت سان ٻالڪ پيار ڪندو ڪر،
    علم سندو اظهار ڪندو ڪر،
    وقت سان گڏجي جيڪو هلندو،
    سو ئي ”گوهر“ منزل رسندو.
    مٿين نظم جي بندن ۾ شاعر وقت جي قدر ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، وقت جو وهڪرو سدائين هڪ جهڙو نه رهندو آهي. ڪڏهن اهنجو ته ڪڏهن سهنجو. ان حوالي سان وقت سان پيار ڪرڻ کپي. ان کي ائين ضايع نه ڪجي ۽ سالڪن جي صحبت ۾ رهي علم جو ئي اظهار ڪجي. جنهن مان زندگيءَ جون واٽون اسان کي ملن ٿيون. بهرحال گوهر سنڌيءَ جو ٻاراڻي ادب ۾ هي شعري مجموعي ”جاڳ او ٻالڪ جاڳ“ هڪ تمام وڏو اضافو آهي. ان کي ٻار شوق سان پڙهندا ۽ ٻاراڻن ٻولن مان نصيحت پرائيندا. جيڪا شاعر سان گڏ اسان سڀني علم پرور ۽ تخليق ڪارن جي ڪوشش هوندي آهي..!
    وحيد محسن
    (شڪارپور)


    سنڌي ٻاراڻي ادب جو خوبصورت شاعر گوهر سنڌي

    لکڻ زندگي، زندگي ڪيئن ڇڏجي، لکڻ بندگي، بندگي ڪيئن ڇڏجي،
    ڏکئي کان ڏکيو عشق اکرن جو آ، رکي دوستي، دوستي ڪيئن ڇڏجي.
    (استاد بخاري)
    جنهن به ٻولي ۾ ادب جا ليکڪ، شاعر ۽ ڪهاڻيڪار موجود هوندا آهن. اهو ادب زنده رهندو آهي. اڄ به سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ ڪيترائي اديب، ليکڪ، شاعر، ڪهاڻيڪار موجود آهن. جيڪي ٻاراڻي ادب جي ترقي ۽ واڌ لاءِ لکي رهيا آهن. انهن ۾ گوهر سنڌي به هڪ آهي. جيڪو سنڌي ٻاراڻي ادب کي اڳتي آڻڻ لاءِ ڪافي وقت کان لکي رهيو آهي. گوهر سنڌي هميشه سنڌ جي مظلوم ٻارن جي حقن جي ڳالهه پنهنجن خوبصورت لکڻين ۾ ڪئي آهي.
    هو هڪ جاکوڙي ڪردار آهي، جيڪو پنهنجي وس آهر سموري سنڌ جي ٻارن ۾ تعليمي ۽ ادبي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ پروگرام ڪوٺائي رهيو آهي. جيڪو هن وقت ٻالڪ ادبي فورم سنڌ جو مرڪزي اڳواڻ آهي. هو ٻالڪ ادبي فورم سنڌ کي وڌيڪ مضبوط ۽ اجاگر ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهي. سنڌي ٻاراڻي ادب جو خوبصورت شاعر، ليکڪ، ڪهاڻيڪار، گوهر سنڌي هن وقت به ٻارن لاءِ سهڻا، سهڻا نظم، گيت، بيت لکي رهيو آهي.
    گوهر سنڌي جا هن وقت به گيت رستم کان ويندي مومل جي ماڙي جي ٻارن تائين گونجي رهيا آهن. هن پنهنجي شاعري ۾ علم، ادب سان گڏ پيار، پريت، امن، اتحاد ۽ ٻڌي جي ڳالهه چئي آهي. گوهر سنڌي جيڪو سنڌ جي پيارن پيارن ٻارن لاءِ ٻاراڻي شاعري جو ڪتاب ”جاڳ او ٻالڪ جاڳ“ لکي تمام وڏو ڪم ڪيو آهي. جنهن سان سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ ضرور اضافو ايندو. گوهر سنڌ جيڪي نظم، گيت، چئو سٽا، هائيڪا، ٽيڙو ۽ ٻاراڻا ٻول لکيا آهن. اهي سنڌ جي اٻوجهه ٻارن جو آواز آهن. هن جي شاعري ٻارن لاءِ سراسر نصيحت آهي. منهنجي دعا آهي ته گوهر سنڌي هميشه سنڌي ٻارن لاءِ لکندو رهي ۽ هي ڪتاب ”جاڳ او ٻالڪ جاڳ“ ضرور سنڌي ٻارن ۾ مقبول ٿيندو. سنڌ جا ٻار ھن جي ٻالڪ شاعريءَ مان حظ حاصل ڪندا رھندا، خاص الف بي جي پٽي ۽ الف بي جا ٻاراڻا ٻول ته ڪتاب جي جان آھن ۽ سونھن ۾ نواڻ آھي،
    آءٌ ويجھڙ ۾ شايع ٿيل ٻارن جي شاعريءَ جي ڪتابن ۾ اھڙي نواڻ نه ڏٺي ۽ نه ئي پڙھي آھي. قومي شاعر گوھر سنڌي کي جس ھجي جو ھن پنھنجي محنت ۽ جدوجھد سان ٻاراڻي ادب جي نظم واري حصي ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آھن.
    عبدالحي ڀٽو (مومل جي ماڙي


    آدرشي جذبن سان زندگيءَ جا پل گهاريندڙ شاعر

    محترم گوهر سنڌي ۽ مان هڪ ئي شهر جا هجڻ ڪري هڪٻئي کي ننڍي هوندي کان سڄاڻو، پر گوهر سنڌي سان اسان جو گهرو واسطو اڄ کان ويهارو سالن اڳ ان وقت ٿيو. جڏهن مان لطيف سنگت جو ميمبر ٿيم، هي سياسي ادبي حوالي سان اسان جو استاد رهيو آهي. اڪثر ٻارڙن جي لطيف سنگت جي گڏجاڻين ۾ سياست، ادب ۽ اخلاقيات جي باري ۾ سمجهائيندو رهندو هو. هن سان نظرياتي ٽڪراءُ ڪڏهن به نه رهيو آهي. اسان جي دُعا آهي ته شل استاد گوهر سنڌي ادب جي وسيع ميدان ۾ ڪيئي منزلون ماڻي قوم ۽ ڌرتي جا قرض لاهيندو رهي. ۽ هميشه اهڙن ئي آدرشي جذبن سان زندگيءَ جا پل گهاريندو رهي.
    در محمد مهر (رستم)


    گلن جي قاتلن جون دليون پٿر جون ٿي ويون

    سنڌ جي گلدستي،
    شهر لاڙڪاڻي، ۾ ڄڻ هر روز
    معصوم ابهم گلن جهڙن ٻارڙن
    جو اجتماعي قتل ٿي ٿو.......
    قاتلن جي ڀيانڪ شڪل
    شهرين، امڙين، ڀينرن، پيئرن،
    ۽ ڀائرن جو ساهه مٺ ۾،
    آڻي ڇڏيو آ.......
    قانون لاڳو ڪندڙن جا ڄڻ ڪنهن،
    چپ سبي ڇڏيا هجن،
    وحشين، دردن، بڇڙن، قاتلن، حيوانن،
    بگهڙن پنهنجا خوني چنبا،
    معصومن جي خون ۾ لال ڪري،
    خوف جي فضا ڦهلائي ڇڏي آ،
    هر حساس مند جي اک آلي آ،
    ڪنهن به ٿيندڙ ظلم تي،
    آقائن جي اک ڀِني ئي نٿي ٿئي،
    هنن جون دليون ڄڻ پٿر جون هن،
    ڌڙڪن ئي نٿيون،
    آڪاش ۽ زمين،
    بي ڏوهه قتل تي،
    سڏڪي، سڏڪي نيرٿا وهائن،
    قاتلن جا پيرا گم ٿيندا ٿا وڃن،
    قانوني گماشتا
    سائرن وڄائيندڙ گاڏين ۾ ويٺل،
    انڌن، ٻوڙن، گونگن، لولن، لنگڙن،
    ڪرسي پرستن کي،
    صرف پروٽوڪول ڏيڻ ۾ پورا آهن.


    گوهر سنڌي ۽ ٻارڙن جا ٽهڪ

    فلسطين جي جڳ مشهور شاعر محمود درويش کي جڏهن ننڍي عمر ۾ ڌرتي ڇڏڻي پئي ته هو، لبنان، اردن ۽ شام جي ڪئمپن ۾ جوان ٿيو، تنهن لکيو هو ته سڀني کان وڌيڪ زندگيءَ جو خوبصورت حصو ٻالڪپڻو آهي پر آءُ انهيءَ عمر ۾ پنهنجي ڌرتيءَ کان ڌار ٿيس نه هڪ جيڏن سان گڏجي ٻاراڻا گيت ڳائي سگهيس ۽ نه وري پنهنجي ڌرتيءَ جي چيڪي مٽيءَ جي ٺڪر واري رانديڪن سان کيڏي سگهيس، خوشنصيب آهن اهڙا ٻار جيڪي آزاديءَ سان پنهنجي ڌرتيءَ تي ٻالڪپڻ جا سمورا روپ سروپ پسي سگهن ٿا.
    سنڌ نه فلسطين آهي ۽ نه وري هن ڌرتيءَ جا ٻار محمود درويش جهڙو درد محسوس ڪري سگهن ٿا. ٻارڙن جي مرڪن ٽهڪن ٻوليءَ ۽ لوليءَ جي لهجي کي وڌيڪ مضبوط ۽ محفوظ ڪرڻ لاءِ اسان جي جاکوڙي ۽ دلبر دوست گوهر سنڌيءَ، ڌرتيءَ جي ٻارڙن کي جاڳائڻ لاءِ ”جاڳ او ٻالڪ جاڳ“ جي سري هيٺ ٻارڙن لاءِ جيڪو گلدستو پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ الف ب جي اُچارن سميت مختلف رنگ شامل آهن، ان لاءِ ئي ته ترڪيءَ جي انقلابي شاعر ناظم حڪمت جو چوڻ آهي ته زندگيءَ ۾ جيڪي شخصيتون گلابن جي هڳاءَ جهڙيون لڳنديون آهن، انهن ۾ استاد ۽ مالهي سدائين خوبصورتي ڦهلائيندا آهن مالهي ظاهري خوبصورتي وڌائي ٿو ۽ استاد انسان جي اندروني خوبصورتي وڌائڻ ۾ ڪردار ادا ڪندو آهي. اسان جو دوست گوهر سنڌي استاد سان گڏو گڏ خوبصورت تخليقڪار به آهي. جنهن ٻارڙن کي هن ڪتاب ۾ آسان ۽ صفا سوليءَ ٻوليءَ ۾ نه رڳو شخصيتن، ماڳن مڪانن، پنهنجي ٻوليءَ جي لهجي بابت ڄاڻ ڏني آهي. پر ٻارڙن جي تفريح جو به خيال رکيو آهي.اميد نه پر پڪ آهي ته گوهر سنڌي پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ ذريعي ٻاراڻي ادب ۾ اهڙا خوبصورت گلدستا سجائي ٻوليءَ ۽ لوليءَ جي سونهن ۾ واڌارو ڪندو رهندو.
    خواجا ذوالفقار(سکر)

    سنڌسونهاري ٻين خطن جيان علم ادب ۾ پاڻ ري رهندي پئي اچي ۽ شعر و سخن ۾ پاڻ ملهائيندي پئي اچي. سنڌ جا عالم، اديب ڏاها ۽ شاعر پنهنجي تخليقي سگهه ذريعي سنڌي ادب جي خدمت ڪندا پيا اچن. اهڙي طرح انهن اديبن، شاعرن مان اسان جي سنڌ ڌرتيءَ جي مٽيءَ مان ڳوهيل ۽ مٽيءَ جو مان اونچو رکندڙ گوهر سنڌي به هڪ آهي. جنهن ادبي کيتر ۾ نثر سان گڏ و گڏ نظم۾ به نالو ڪمايو آهي. خاص طور ٻارڙن لاءِ شاعري ۾ ته ڪمال ڪيو اٿس.
    تازو سونهن پبليڪيشن خيرپور (پريالوءِ) جي طرفان سال 2014ع ۾ صوفياڻي شاعري جو مجموعو ”نينهن ڪيو نروار“ عورتن جي حقن جي حوالي سان شاعري مجموعو ”چنڊ روئي ڏنو“ ان کان علاوه غلام محمد غازي جي شاعري جو مجموعو ”تند تنوار“ ۽ گوهر سنڌي جي ٻارڙن لاءِ لکيل شاعري جي مجموعي ”جاڳ او ٻالڪ جاڳ“ جي پهرين ڇاپي جي گهڻي ڪاميابيءَ کان پوءِ، ٻارن جي شاعريءَ مجموعو ”جاڳ او ٻالڪ جاڳ“ ٻارڙن ۽ سندن والدين جي گهڻي (ڊمانڊ) گهرج مطابق واڌارو ۽ سڌارو آڻيندي ، هڪ دفعو ٻيهر سونهن پبليڪيشن خيرپور (پريالوءِ) طرفان ڇپايو ويو آهي. مون کي اميد آهي هي ٻيو ڇاپو اوهان کي اڳين ڇاپي جيان پسند ايندو. جنهن مان اسان جي سنڌ جا سهڻا ٻالڪ سندس شاعريءَ مان گهڻو حظ حاصل ڪندا.
    وڌيڪ پڙهندڙن تي ٿو ڇڏجي ته هو پنهنجا خيال ۽ رايا ڪيئن ٿا پيش ڪن اسان کي اوسئيڙو رهندو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 466
    ڪتابن جو مشاهدو: 393847
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 159306
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ