ڪتاب جو نالو: ستين آسمان جا فرشتا
مصنف: ماڻڪ ڪنگراڻي
ڇپائيندڙ: نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 20 مارچ 2017 ع
پڙهيو ويو: 532 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 265 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار محترم ماڻڪ ڪنگراڻي جي ڪهاڻين جو مجموعو ”ستين آسمان جا فرشتا“ اوهان اڳيان پيش آهي. طارق قريشي لکي ٿو:
”بس ماڻڪ جي تعريف ڪجي ته مختصر طور ائين چئبو ته ماڻڪ ڪاڇي جي ڪنڌيءَ جو ۽ ڪاڇي جهڙو ئي آهي، (ڪاڇي جي ميدانن جيڏي دِل وارو ماڻهو) پوئتي پيل ۽ نظر انداز ڪيل پرڳڻي وانگر اڪيلو، خاموش ۽ موسمن جي مهربانيءَ تي انحصار ڪندڙ پنهنجي (Instinct) جبلت جي زور تي باقي رهندڙ هي جدوجهد جي علامت!ٻين جي لاءِ آسيس جھڙو.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

سٽاءُ

  • حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر جو نوٽ
  • مهاڳ : ڪاڇي جي ميدانن جيڏي دِل وارو ماڻهو
  • پنهنجي پاران : سنڌ ، امان ۽ مٺي!
  • ڪهاڻيون

  • اجاڙ واڙ واڙ ۾
  • رڻ ۾ رات ٺري
  • هڪڙو ماڻهو لک ٿئي ٿو...!
  • ڪاري ڍڳي جا چور
  • 390 ڏهاڙين جو حساب
  • پي ايس 57
  • ڪونج ڪاڏي وئي؟
  • ستين آسمان جا فرشتا
  • نئون نياپو اڪيڊميءَ جا ڪتاب

  • مارڪيٽ ۾ موجود ڪتاب
  • ترت پڌرا ٿيندڙ ڪتاب

  • سٽاءُ

    حق ۽ واسطا

    ڪتاب جو نالو: ستين آسمان جا فرشتا
    موضوع : ڪهاڻيون
    ليکڪ: ماڻڪ ڪنگراڻي
    تعداد: هڪ هزار
    ڇاپو پنجون: نومبر 2014
    پاران:
    نئون نياپو اڪيڊمي،
    C-4 سچل ڳوٺ، گلشن اقبال ٽائون، ڪراچي سنڌ
    Ph # 021-32624153, 34690389
    Cell # 0333-32115821
    E-mail:naonniapo@yahoo.com

    مُلهه: Rs. 100/=


    ارپنا

    پنهنجي شهيد ڀاءُ
    نصر الله ڪنگراڻي جي نالي جنهن کي 14 مارچ 2013 تي ڏينهن ڏٺي جو وچ شهر ۾ بي گناهه شهيد ڪيو ويو آهي. نصر الله
    جنهن سان منهنجا اڻ ڳڻيا رشتا هئا.
    همراز دوست، بهادر ڀاءُ ۽ سياسي رفيق طور هن مون کي
    سنڌ سان شناسائي ۽ عشق جو هنر ڏنو.

    ماڻڪ ڪنگراڻي


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ستين آسمان جا فرشتا“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار محترم ماڻڪ ڪنگراڻي جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي.

    طارق قريشي لکي ٿو:
    ”بس ماڻڪ جي تعريف ڪجي ته مختصر طور ائين چئبو ته ماڻڪ ڪاڇيءَ جي ڪنڌيءَ جو ۽ ڪاڇي جهڙو ئي آهي، (ڪاڇي جي ميدانن جيڏي دِل وارو ماڻهو) پوئتي پيل ۽ نظر انداز ڪيل پرڳڻي وانگر اڪيلو، خاموش ۽ موسمن جي مهربانيءَ تي انحصار ڪندڙ پنهنجي (Instinct) جبلت جي زور تي باقي رهندڙ هي جدوجهد جي علامت!ٻين جي لاءِ آسيس جھڙو.“

    هي ڪتاب 2014ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون نئون نياپو اڪيڊمي جي سرواڻ انعام عباسيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر جو نوٽ

    سنڌي ڪهاڻيءَ کي جهڙيءَ ريت نوان نڪور نانءَ وقت سِر ملن ٿا ان مان چِٽو ٿي پيو آهي ته، هاڻي سنڌي ڪهاڻيءَ جي دڳ آڏو جيڪو آيو سو سمجهو ته ڪک پن ٿي ويو....
    هڪ وڏي اُٻَساهيءَ مان سنڌي ڪهاڻي نڪتي آهي ۽ هاڻي پاڻيءَ جيان پنهنجا گس گهاڙيٽا پاڻ ٺاهيندي اڳتي وڌندي ۽ انکي ڪير به سولائيءَ سان روڪي رنڊي نٿو سگهي...
    نئون نياپو پاران گڏوگڏ ٽي ڪهاڻي ڪتاب پڌرا ڪرڻ تي اسان ته ڄڻ پنهنجو پاڻ کي پيا واڌايون ڏيون ۽ گد گد ٿيون.
    ستين آسمان جا فرشتا: ماڻڪ ڪنگراڻي
    مان سنڌ گهمڻ نه ويندس: عبدالواحد سومرو
    پکين جي ڪا سرحد ناهي هوندي: عباس سارنگ
    هڪ پاسي ڪهاڻين جا آبشار ته ٻي پاسي ناولن جي لڳاتار ٿيندڙ ڪڻڪڻ ۽ هاڻي ته ڄڻ ڪو وڏ ڦڙو هجي هڪ کان پوءِ ٻيو ناول به پنهنجي سونهن سندرتا سان عام آڏو اچي رهيو آهي...
    ۽ هي نوان نڪور ڪهاڻيءَ جا هڪ نه، ٻه به نه پورا ٽي ڪتاب به ته، اوهان جي من جي کليل ميدانن تي ڪبوترن جيا انيڪ رنگ ڇڏيندا...
    ڪهاڻين جا ٽيئي ڪتاب نون ڪهاڻيڪارن جا آهن انڪري انهن منجهه ڪهاڻپو به بنهه نئون نڪور ۽ نون پاسن سان ٽٻٽار آهي....
    هڪ پاسي سنڌ پرستي، ٻئي پاسي محبوبن جي مُرڪ ته ٽئين پاسي من اندر جي لوچ، لڇ پڇ ۽ ويراڳ...
    ائين ٿو لڳي ڄڻ رنگ برنگي ڪپڙن جا ٿانَ هجن جي کلندا ٿا وڃن ۽ اسان بتال انهن جي رنگن، روپن ۽ سروپن جي ڳهر ۾ پاڻ ڇڏيندا ڄڻ محبوب جي ڀاڪر ۾ ڀرندا ٿا وڃون...
    ڪتاب پڙهي پنهنجي راءِ کان ڄاڻو ضرور ڪجو...
    ڇوجو ائين ڪرڻ سان لکارين کي ساهس سان گڏ اتساهه پڻ ملي ٿو ۽ لکاري نئين نڪور دنيائن جي کوج ۾ لهي ٿا وڃن ۽ جڏهن اچن ٿا ته ساڻن انيڪ ڪٿائون به رنگين پوپٽن جيان سندس چئوڦير ڦيراٽيون ڏينديون اچن ٿيون ۽ نراساين کي ٻلهارپ، سانت کي سُرٻاٽ ۽ ڪونجهائپ کي سندرتا ملي پوي ٿي...

    سنڌي انعام


    مهاڳ : ڪاڇي جي ميدانن جيڏي دِل وارو ماڻهو

    ستين آسمان جا فرشتا ڪتاب جو ليکڪ ماڻڪ ڪنگراڻي، ڌرتيءَ جو پُٽ آهي، ۽ اُهو به هن جي ڪهاڻين تي تبصرو ڪرڻ کان پهرين، اڻ سندس شخصيت بابت ويچار ونڊينداسين.
    آگسٽ 2004ع ۾ مونکي، ڪي ٽي اين تي ماڻڪ ڪنگراڻي سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. فبروري 2011ع ۾ اِهو سلسلو تڏهن ختم ٿيو، جڏهن مون ڪي ٽي اين تان ڊگهي موڪل ورتي ۽ سوشل ڊولپمينٽ سيڪٽر (جنهن کي سولي سنڌيءَ ۾ اين جي اوز چوندا آهن) ڏانهن واپسي ڪئي. انهيءَ سموري عرصي ۾ ماڻڪ مون کي ۽ مون ماڻڪ کي نه رڳو برداشت ڪيو، پر انجواءِ به ڪيو. هڪ ٻئي سان ڪي زيادتيون به ڪيون ۽ هڪ ٻئي جو لحاظ ڪيو. ماڻڪ پنهنجي پاران لکيل پيش لفظ ۾ پاڻ لاءِ لکيو آهي ته دوستن جي چواڻي پنهنجي ذات کي لوڙهو ڏئي رهندو آهي، پر مان سمجهان ٿو ته ماڻڪ ڪنگراڻي ته کُليل آڳنڌ آهي جتي حُجت ۽ حق جتائڻ جي هوا هر وقت هلندي آهي، نه ته ماڻهن کي مون به ڏٺو آهي، انهن جي شخصيت جي ٻاهران نه رڳو Fencing ٿيل هوندي (لوڙها ڏنل هوندا آهن) پر ڏاڙهيندڙ ڪُتا به بيٺا هوندا آهن.
    ماڻڪ سِڌو آهي، چريو آهي، بلڪه چرٻٽ آهي، هُو سمجهندو آهي ته جيئن هُو ٻين جا (خاص طور دوستن جا) پاڻ تي حق ۽ حُجتون واجب سمجهي ٿو، تيئن ٻيا به (خاص طور تي دوست ۽ پنهنجائپ وارا ماڻهو) به هن جي حقن کي ۽ حجتن کي Intact رکن ٿا.
    شعبو کڻي ڪهڙو به هجي، هنڌ ڀلي ڪهڙو به هجي، پر ڀوتارڪو انداز، ساڳيو ئي هوندو آهي، جٿي ڪٿي ماڻهو پنهنجي ئي مفادن جو نگران هوندو آهي. ماڻڪ جي غلطي چئجي يا معصوميت، هُو پنهنجي فائدن جو نگران، سنگت کي سمجهندو هئو، نتيجي ۾ پاڻ ئي پريشان ٿيندو هئو. ۽ پوءِ مون هن کي مايوس ٿيندي ڏٺو ته ۽ اڪيلو اڪيلو به محسوس ڪيم. پر ياد رهي ته ماڻڪ اڪيلو ناهي. پر وڏو ڪهول اٿس، جنهن ۾ امڙ، ڀائر، ڀيڻيون، ڀاڻيجا ڀئيٽيا، ۽ گهڻا ماڻهو آهن، جيڪي هن سان پيار ڪن ٿا ۽ جن تي هُو نڇاور ٿئي ٿو موجود آهن. ماڻڪ پنهنجي ذات ۾ ان لاءِ اڪيلو آهي جو پنهنجون خوشيون ته شرڪت ۾ رکندو آهي ۽ تڪليفون خلوت ۾.
    بس ماڻڪ جي تعريف ڪجي ته مختصر طور ائين چئبو ته ماڻڪ ڪاڇيءَ جي ڪنڌيءَ جو ۽ ڪاڇي جهڙو ئي آهي، (ڪاڇي جي ميدانن جيڏي دِل وارو ماڻهو) پوئتي پيل ۽ نظر انداز ڪيل پرڳڻي وانگر اڪيلو، خاموش ۽ موسمن جي مهربانيءَ تي انحصار ڪندڙ پنهنجي (Instinct) جبلت جي زور تي باقي رهندڙ هي جدوجهد جي علامت!ٻين جي لاءِ آسيس جھڙو
    هاڻي ماڻڪ ڪنگراڻي جي ڪهاڻين جو جائزو وٺنداسين جيڪڏهن هي ڪهاڻيون جنهن جي ڳٽڪي جو نالو ”ستين آسمان جا فرشتا“ آهي فقط ڪهاڻيون سمجهي پڙهبيون ته به مزو ايندو ۽ وندر حاصل ٿيندي جيڪو Fiction جو بنيادي مقصد (Objective) هوندو آهي. پر نه هي ڪهاڻيون ته ماڻڪ جي اندر جي اوک ڊوک آهن. ۽ ان ريت اُپٽار ٿئي ٿي ۽ سماج جي مختلف طبقن ۽ دؤرن جي هنن ڪهاڻين ۾ هڪ تاريخ آهي. سماج توازن ۾ خرابيءَ جو هڪ داستان آهي ۽ جذبا آهن، ڪيفيتون آهن ۽ وڏي ڳالهه ته ماڻڪ ڪهاڻين ۾ ڪنهن به فارميٽ (گهاڙيٽي) جو محتاج به نه رهيو آهي.
    ماڻڪ جي ڪهاڻي ”هڪڙو ماڻهو لک ٿئي ٿو“ (موجوده) دؤر جي هڪ Case Study آهي ۽ سچي ڪهاڻي آهي. جدوجهد جو هڪ بي مثال ثبوت آهي. 2010ع جي مهاٻوڏ ڪنهن کان وسري هوندي؟ جوهيءَ وارن پنهنجي ڳوٺ کي ٻوڏ کان بچائي ورتو ۽ سنڌ ۾ ٻڌي ۽ ايڪتا، عزم ۽ حوصلي جو هڪ لافاني داستان درج ڪري ورتو.
    ماڻڪ ڪنگراڻي جيئن ته هڪ گهڻ رخي شخصيت آهي، مثال طورسياسي ڪارڪن به رهيو آهي، صحافت به ڪئي اٿائين، ڪجهه ترجمو ۽ تحقيق جو ڪم به سرانجام ڏنو اٿائين ۽ گڏوگڏ شوبز جو ماڻهو به آهي. هن بي شمار آرٽ پليز، لانگ پليز ۽ سنڌي توڙي اردو ۾ سيرئلز پڻ تحرير ڪيا آهن، تنهنڪري هن جي ڪهاڻين ۾ يا ائين چئجي ته هن جي تحريرن ۾ هن جي تجربي جا اولڙا محسوس ٿين ٿا. مثال طور هن جي ڪهاڻي پي ايس 57 هڪ خوبصورت سيرئيل جي ون لائين محسوس ٿئي ٿي. سياست جي نالي ۾ ٿيندڙ استحصال جي ڪهاڻي آهي ۽ ڏيکاريو ويو آهي ته هيءُ واحد شعبو آهي، جنهن ۾ماڻهو ڏاڍو بي حس ۽ خود غرض ٿي ويندو آهي جتي نفيس رشتا به ماڻهو لاءِ اهميت وڃائي ويهن ٿا فقط انهن کي ذات جي ترجيح هجي ٿي ۽ ماڻڪ هن ڪهاڻي ۾ سياستبازيءَ جي ستم ظريفين کي وائکو ڪيو آهي. نه رڳو اهو پرسياست جي قلابازين ۽ چالاڪين کي پر دغا ۽ دولاب کي هن ٻين ڪهاڻين ۾ پڻ ظاهر ڪيوآهي . انهن ڪهاڻين ۾ ”اُجاڙ واڙ واڙ ۾“ هڪ اهم ڪهاڻي آهي. هي ڪهاڻي اقتدار جي ايوانن ڏانهن ڊوڙندڙ ماڻهن جي ناهي، بلڪه ”اُجاڙ واڙ واڙ ۾“ انقلاب جي نقيبن کي ٻن گروهن ۾ ورهائجندي ڏيکاريو آهي، هڪڙا اُهي جيڪي جوانيون، ڳاري پاڻ لوڻ ٿي ويا، ٻيا اهي، جن اُنهيءَ لوڻ کي پنهنجي دسترخوان جي ذائقي وڌائڻ ۾ ڪتب آندو. باقي پچيا رلندڙ ۽ تڙپندڙ خواب، جيڪي اڄ به قومي تحريڪ جي شهيدن جي مزارن جي آس پاس مجسم ۽ غير مجسم حالت ۾ مجاوري ڪندي نظر ايندا.
    ”ڪونج ڪيڏانهن وئي“ ڪهاڻيءَ ۾ به طاقتور ايم پي اي جي ڏاڍ ۽ جَبر کي ڏيکاريو ويو آهي جيڪو علم جي ڏيئي کي اُجهائي ٿو ۽ گڏوگڏ ماستر حبن کي نور پکيڙڻ جي ڏوهه ۾ ڏاڍي ڳري سزا ڏئي ٿو ، هن ڪهاڻيءَ ۾ ماڻڪ جا هي خوبصورت جملا ڄڻ ته سنڌ جي سمورين تڪليفن جي مختصر تاريخ آهي ۽ هڪ حوصلي جو Symbol آهن. ماستر حبن چوي ٿو: ”پُورو شهر کائي وڃو پر اسڪول جي پلاٽ جي هڪ انچ تي بيهڻ ڪونه ڏيندس. جيڪو وڻيو وڃي ڪريو پر اسڪول جي پاسي نه لڙجو، اسڪول معنيٰ روشني ۽ مان پنهنجي شهر کي اونداهه ۾ ڪرڻ ڪونه ڏيندس. منهنجي شهر جي مستقبل سان جيڪو به کيڏڻ جي ڪوشش ڪندو ان کي مان بخش ڪونه ڪندس.
    ڪهاڻي ”ڪاري ڍڳي جو چور“ طوالت جي ڪري پنهنجو اثر قائم ته ڪو نه ڪري سگهي آهي، پر بلاشڪ ڪهاڻيءَ جي ٻولي، مختصر جملا، تشبيهون ۽ منظر نگاريءَ مان عبدالقادر جوڻيجو جي لکڻين واري Frankness ۽ نسيم گرل جي تحريرن جو انداز به جهلڪي ٿو. اهو ان ڪري جو هڪ ته ماڻڪ، سٺو پڙهندر به رهيو آهي ۽ پڪ سان ڪهاڻيءَ جي انهن Icon ليکڪن کي پڙهيو به هوندائين ۽ اثر به قبول ڪيو هوندائين، پر منهنجو اندازو آهي ته هن جو ”ڳوٺ“ سان جيڪو تعلق آهي، اُهو ساز جو تند سان تعلق جهڙو آهي ۽ وڏي ڳالهه اها آهي ته ”ڳوٺاڻي سماج“ جي روايتن، داستانن، خوبين ۽ خرابين کي حڪيم وانگر سڃاڻيندڙ ليکڪ عزيز ڪنگراڻيءَ جيNon Formal تربيت جو نتيجو به آهي.
    ماڻڪ جي ڪهاڻين ۾ ڪجهه ڪهاڻيون هن مجموعي جون شاهه ڪهاڻيون آهن (جيئن غزل ۾ ڪو بند شاهه بند هوندو آهي)، مثال طور ”390 ڏهاڙين جو حساب“ هن ڪهاڻيءَ جي باري ۾ گهڻي اُپٽار نه ٿا ڪيون جو، پڙهندڙ جو، تجسس کي برقرار رکڻ به ضروري آهي البته اهو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي ته ”رڻ ۾ رات ٺري“ ۽ ”پي ايس 57“ وانگر هيءَ ڪهاڻي به اهو ثابت ڪري ٿي ته ماڻڪ شهري زندگيءَ جي اڀياس کي به تمام گهڻو اهم سمجهيو آهي ۽ ان تي وقت به خرچ ڪيو آهي. شهري زندگي جي الڳ Dynamics ٿئي ٿي، ڇو ته ماڻهو روزگار جي پٺيان ۽ شهر ماڻهوءَ جي زندگاني جي پٺيان هوندو آهي. انهي Cat & Mouse واري گيم ۾ ماڻڪ پاڻ به شامل رهيو آهي. (۽ اهو ٻڌائڻ جي ضرورت ڪونهي ته هر شريف ۽ ايماندار ماڻهو وانگر ماڻڪ هڪ Mouse ئي رهيو آهي. پر( Cat ڪو نه ٿي سگهيو آهي). منهنجو خيال آهي ته لکڻ جهڙو ڪم، دنيا جي ڏکين ۽( Challenging ) وارن ڪمن مان هڪڙو آهي. لکڻ وڏي وِٿ آهي. ماڻڪ ڪهاڻيون لکي وڏو پورهيو ڪيو آهي. پر اها به حقيقت آهي ته هن دؤر ۾ ڪتاب ڇپرائڻ ان کان به وڌيڪ ڏکيو ڪم آهي تنهنڪري منهنجي نظر ۾ مبارڪ آهن اُهي هٿ جيڪي ڪتاب ڇپرائين ٿا.
    ويندي ويندي مان ماڻڪ جي ڊرامن تي به ڪجهه ڳالهائيندس. ڪيڙن ماڪوڙن جهڙي هينڊ رائيٽنگ واري ماڻڪ کي ڊرامي لکڻ جي خداداد صلاحيت حاصل آهي. ڊراما نگار سان وڏي ويڌن اها هوندي آهي ته هُو پروڊيوسر جي فرمائش/ مرضيءَ/ پاليسي مطابق لکندو آهي، هڪ ڀيري پروڊيوسر فرمائش ڪئي ته 14 آگسٽ جي حوالي سان هڪڙو سولو پلي لکڻو آهي. ماڻڪ مون کي چيو ته: ”مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي آهي، اِهو Play مان لکندس.“ پروڊيوسر کان اجازت ورتم ماڻڪ اِهو پلي لکيو ۽ پوءِ توهان کي ڇا ٻڌايان ته اِهو ڊرامو مون لاءِ ڪيڏو وڏو ”بُحران“ بڻيو هوندو، ڇو ته اسڪرپٽ ايڊيٽر طور ان ڊرامي جي سڄي ذميواري مون تي ئي اچڻي هئي. بس ايترو ٻڌايان ته ماڻڪ بندوق کڻي، مٿان بيٺو هئو ته هڪڙو لفظ به هيٺ مٿي ناهي ڪرڻو ۽ مونکي 14 آگسٽ جي ڊرامي کي ڳاڙهي مان سائو ۽ ڪجهه سُفيد ڪرڻ لاءِ هر لفظ ۽ هر جُملي کي بدلائڻو هئو... بهرحال..... اهو هڪ وڏو امتحان هئو.
    ماڻڪ جي ڊرامن تي جيڪڏهن مان فقط هڪڙو جملو چوان ته اهو هيءُ آهي ته جيڪڏهن قسمت ساٿ ڏئيس ته هُو اردو ميڊيا ۾ ملڪي سطح تي ناماچاري حاصل ڪري سگهي ٿو.
    ماڻڪ جي بيشمار سولو پليز ۽ سيرئلز ۾، ڪڏهن به يڪسانيت نظر نه آئي، ڇو ته ماڻڪ وٽ Subject جي گوناگونيت آهي ۽ ڪردارن ۾ به ڏاڍي Variety آهي، ماڻڪ جا ڊراما سرڪاري ٽي وي چينل تان به نشر ٿيا آهن ۽ انعامن ۽ اعزازن سان به نوازيا ويا آهن، تنهنڪري اِهو چئي سگهجي ٿو هُن پاڻ کي شوبز رائيٽر طور مڃرايو آهي. (باقي ڪو مڃي يا نه مڃي، ان جي مرضي!) مرضيءَ تي، ماڻڪ جي ڏڦير هجڻ جي ڳالهه ياد اچي وئي آهي ڇو ته ماڻڪ هلندو ئي پنهنجي مرضيءَ سان آهي. سو ڳالهه اُها ڪري ئي ڇڏيان ته چڱو آهي. ماڻڪ جو هڪڙو جملو يا تڪيه ڪلام مون کان ڪڏهن به نه وسرندو آهي: پنهنجي مزي لاءِ ڪجهه به ڪري سگهجي ٿو.“
    (اصل حقيقت اِها آهي ته صوفي صفت ماڻڪ، هميشه ٻين جي مزي ۾ ئي مزو وٺندو رهي ٿو). ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته ٻين جي خوشيءَ کي پنهنجي خوشي ۽ مزو سمجهندڙ ماڻڪ اجاين ۽ اڻانگهن معاملن ۾ هٿ وجهندو آهي. ته ڇو؟
    بس ايترو ئي سمجهه ۾ ايندو آهي ته اها ئي ته Abnormality آهي ۽ اها ئي Super.......Normal هجڻ جي نشاني آهي. ليکڪ، شاعر ۽ فنڪار جيڪڏهن جِينئس آهن ته ان لاءِ جو هُو چريا، کريا ۽ خر دماغ هوندا آهن. ماڻڪ انهيءَ قبيلي جو ماڻهو آهي.

    طارق قريشي


    پنهنجي پاران : سنڌ ، امان ۽ مٺي!

    مون ڪٿي پڙهيو آهي ته ماڻهو جو ذهن ۽ دل سندس گھر جي اڱڻ جيتري وسيع ۽ ڪشادي ٿيندي آهي
    منهنجو ٻالڪ پڻ نج ڳوٺاڻي ماحول ۾ گذريو آهي ، ڳوٺ جتي لک مفادن جي جنگاڻ باوجود هر شيءُ نج ۽ خالص هوندي آهي بلڪل فطرت جي رنگن وانگر هر رشتي ۾ احساس محسوس ٿيندوآهي ، هر رشتو ساف سٿرو، ڳوٺاڻي ڪائنات ۾ ماڻهو جي محبت توڙي نفرت جو اظهار گھڻي ڀاڱي تيز ترار ۽ سڌو هوندو آهي جتي ڪنهن نفيس رشتي جي پناهه ۾ دوکو ڪرڻ شهر جي زندگي وانگر رنگن ۾ ڪٿي لڪل نه هوندو آهي. منهنجو خمير ڳوٺ جي مٽي جو ڳوهيل آهي . مان به هڪ ڳوٺاڻي ٻار وانگر مٽي جي کيڏوڻن سان کڏي جوان ٿيو آهيان
    اسان جي ڳوٺ جي اولهه ۾ نائين شاخ وهندي هئي ( جيڪا سرڪاري جي لاپرواهي ۽ بااثر زميندارن جي بي رحمي جي ڪري هاڻ نالي جي شاخ وڃي بچي آهي سالن ۾ مٿان جي زميندارن بچت پاڻي ڇڏيو هجي ته واهه نه ته ٻارهو ئي سڪل رهندي آهي ) مان به ڳوٺ جي ٻين ٻارن وانگر ان شاخ جي ميري پاڻي ۾ تڙڳي جوان ٿيو آهيان
    هڪڙو زمانو اهو به هو ته ادا عزيز ڪنگراڻي جي ڪتابن ۾ سنڌي ادبي سنگت جي دستوري گڏجاڻين واري رجسٽرڊ تي سنڌي ادبي سنگت شاخ جوهي پڙهي حيران ٿيندو هئس ڇو ته ان وقت نائين شاخ ۽ شاخ جوهي وارو مسئلو منهنجي سمجھه کان ڳورو هو جنهنجي تلاش مونکي ادا عزيز جي ڪتابن ڏانهن متوجه ڪيو ۽ پوءِ هڪ ڏينهن اهو به آيو ته سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين جو حصو بڻيس . مون پنهنجي پهرين ڪتابن ۾ ڪٿي لکيو به آهي ته منهنجي پهرين ٻاراڻي ڪهاڻي منهنجي ڀاءُ ۽ دلبر دوست شاعر ۽ صحافي شهيد نصرالله ڪنگراڻي ڪراچي جي اخبار سنڌ سڄاڳ جي ٻاراڻي صفحي تي ڇاپي هئي جڏهن ته ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ وري پهرين ڪهاڻي ” پوسٽ کان رهجي ويل خط “ هئي جنهن جي سنگت جي سينيئر دوستن تعريف به ڪئي هئي ۽ ان واهه واهه مون کي لکڻ لاءِ وڌيڪ اتساهيو هيوپر ان ڪهاڻي جي ڪردارن وانگر منهنجي پيرن ۾ به نه ڄاڻ ڪهڙا سفر پئجي ويا هئا پنهنجي ڪهاڻي جي ڪردارن جو وڇوڙو ۽ بنا موڪلائڻ جي نڪري پوڻ ڄڻ ته منهنجي پيرن جي پنڌ ۽ مسافري جو بنياد بنجي ويا هئا . منهنجو من به اٻاڻڪو ٿي پيو هو من ۾ متل مانڌاڻ کي ماٺ ڪرڻ لاءِ ادبي توڙي سياسي سرگرمين جو حصو بڻيس. پر دل نه مڃو ۽ پوءِ هڪ ڏينهن پنهنجي وڏي ڀيڻ (جنهن کي مون سدائين امڙ نازبيبي جي نظرن ڏٺوآهي ) کان اڌائي سو روپيا وٺي بنا ڪنهن پختي پناهه جي پنهنجي هڪ دوست حسين ڀٽي سان گڏجي حيدرآباد نڪري پيس
    ائين ئي ڳوٺ جا سمورا رشتا ۽ محبتون ڳوٺ ۾ رهائي شهرجي واپاري رشتن ۾ پنهنجي لاءِ پناهه ڳولڻ وارن جتنن ۾ لڳي ويس. حيدرآباد انساني هجوم هجڻ باوجود مونکي ايئن لڳندو هو ته شايد اڪيلو رهجي ويو هجان وقت گذرڻ سان واقفڪارن جي هڪ ڊگھي لسٽ جڙي پئي پر دل کي شيئر ڪرڻ لاءِ شهر جي ميلي ۾ اڪيلورهيو آهيان. مون رشتن کي ڪاروبار جي ٻارڻ تور بيدردي سان سڙندي ڏٺو آهي محبتن جي ادائن ۽مسڪراهٽن جي ڪڇ ۾ ڇري به ڏٺي آهي.
    16 سالن کان ميڊيا سان وابستگي رهي آهي پر ادارن اندر ٿيندڙ سياست سمجھي نه سگھڻ ڪري منهنجي نوڪري سدائين داوءُ تي رهي آهي . ڪڏهن ڪڏهن ايئن ڳلندو آٿم ته منهنجي مٽي ۾ جھوڪ جي انڪار جي چپٽي شامل آهي تڏهن ته سامهون ٿيندڙ ناانصافي تي سڀ کان پهرين احتجاج منهنجو اٿندو آهي. منهنجا دوست منهنجي سڀني ناڪامين جو ڪارڻ ٻڌائيندي چوندا آهن ته مان ماڻهن سان ميل ميلاپ بدران پاڻ کي لوڙهو ڏئي هلان ٿو جڏهن ته مان اهو سوچيندو آهيان ته اعتبار ٽٽڻ ۽ دل ڏکڻ کان بهتر آهي ته پنهنجو پاڻ کي سوڙهو ڪري ڇڏجي ڇاڪاڻ ته مون سدائين دل سان سوچيو آهي جيڪو به منهنجي دوستي دائري ۾ داخل ٿي ويو لک چاهڻ باوجود ان کي خارج نه ڪرڻ منهنجي اختيار ۾ نه هوندو آهي
    چوندا آهن ته هر لکڻي ۾ ليکڪ ڪٿي نه ڪٿي موجود هوندو آهي ڪڏهن گھٽ ته ڪڏهن وڌ پر پنهنجي تحرير ۾ موجود هوندو آهي
    منهنجي ڪهاڻين جي ڪردارن وٽ ڳالهائڻ ۽ انڪار جي جريت رهي آهي اهي ڪڏهن ناحق ۽ ڏاڍ جي خلاف آواز بلندي ڪندي نظر ايندا ته ڪڏهن وري ڌرتي جي آجپي جي لاءِ محاذ تي مورچا بند هوندا آهن. محاذ جيڪو سماج جي براين کان شروع ٿئي ٿو ۽ ڌرتي جي آجپي تي وڃي دنگ ڪندو آهي . منهنجي ڪهاڻين جا هيرو هر هنڌ ڏاڍ جي سامهون بيٺل نظر اينداسماج جي هر اڻائي خلاف فرنٽ لائن تي بيٺل هوندا آهن شايد اهو سڀ ان ڪري به ٿئي ٿو ته جن براين خلاف ڳالهائڻ جي مان همت نه ڪري سگھيو آهن اتي منهنجي لکيڻين جا ڪردار حق ۽ سچ جو نعرو بلند ڪندي جھوڪ جي سنت تي هلندي انڪار جو ڪلمو ادا ڪري وٺندا آهن. منهنجي ڪهاڻين جو هيرو رڳو ويڙهاڪ به نه آهي اهو ته پيار جي سمورن نفيس رشتن جي ذميوارين جي نڀائڻ ۾ به اڳڀرو نظر ايندو پر وقت جي رهزن گھڙين هٿان شڪست کائي دل توڙي وطن جي آجپي جي خوابن جي ساڀيا کان محروم ٿي ويندو آهي . مون سدائين پاڻ کي ڌرتي سان جوڙي رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ان ڪري منهنجي لکڻين ۾ ڪٿان نه ڪٿان ڌرتي جي ذڪر نروار ٿي پوندو آهي ، جڏهن ڌرتي شامل ٿيندي آهي تڏهن منهنجي امڙ کي لکڻين ۾ اچڻ کان ڪو روڪي ڪون سگھندو آهي ۽ امڙ جي شفقت سبب ڪچي گھر جي ڪنهن ڪنڊ ۾ مٺي به بيٺل نظر اچي ويندي آهي . مٺي ڀلي منهنجو فرضي ڪردار هجي پر منهنجون سموريون محبتون ايمان ۽ عشق جا عقيدا ان سان جڙيل رهيا آهن محاذن تي وڙهندڙ منهنجي هيرو لاءِ مٺي جي مرڪ ڏانوڻ ته هوندي آهي پر ان کي اڳتي وڙهڻ ۽ وڌڻ کان روڪي ڪون سگھندي آهي توڙي جو ان جي دل جي هڪ ڪنڌ هر وقت ڏکندي رهندي آهي، امڙ جيڪا منهنجي ڪردارن جي پناهه رهي ٿي سو جڏهن به اهي اٻاڻڪا ٿيندا آهن تڏهن پنهنجي امڙ جي گوڏي تي ڪنڌ ٽيڪي سمهڻ سان ان جا سمورا ٿڪ ڪافور ٿي ويندا آهن . منهنجي ڪردارن جي امڙ ٻاجھاري ۽ وڏي صابرين هوندي آهي اها ڪنهن به تڪليف ۾ پنهنجي پٽ جي راهه جي رڪاوٽ بڻجڻ بدران ان لاءِ آسانيون مهيا ڪندي آهي هيرو توڙي جو ماءُ جو مڄو آهي پر ڌرتي جي ۽ امڙ مان چونڊ ڪرڻ وقت هن جي ترجيح ڌرتي بڻجي ويندي آهي ماءَ جي اکين ۾ فقط التجائوڻ رهجي وينديون آهن ڄڻ ته انهن گھڙين لاءِ صدين کان تيار هجي هيرو وٽ مٽي ۽ امڙ جي عظمت برار هوندي آهي چونڊ جي وقت تي ڌرتي کي ترجيح ملندي آهي . امڙ جون نگاهون ۽ دل سدائين پٽ جي الڪي ۾ در تي ٽنگيل رهيون . پٽ آزادي جي جنگ وڙهڻ يا وري ڪنهن ڏوراهين شهر ۾ گھٽ پگھار تي نوڪري جنهن جي لاءِ سدائين اهو مسئلو رهندو آهي ته ماءُ ساڻ ملڻ ڳوٺ وڃي يا وري ان جي پيٽ گذر۽ دوائن جي خرچ پکي لاءِ پيسا موڪلي. سو هن جو بهتر فيصلو ماءُ کي پئسا موڪلڻ هوندو آهي نتيجي ۾ امڙ پيري جي سهاري پٽ سان ملڻ بنا بيمارين ۾ چڙي چڙي چالاڻو ڪري ويندي آهي ۽ مٺي پنهنجي محبوب کي ماڻڻ لاءِ بي قرار رهندي ان لاءِ هر سماجي بغاوت ڪرڻ لاءِ تيار رهندي آهي نيٺ هڪ ڏينهن ڪنهن به ٻئي جو نصيب بڻجي ويندي آهي ۽ هيرو پاڻ ڌرتي جي ويڙهه وڙهندي ويري به واهرو به جهڙي ڪردار رکندڙ پنهنجي سڄڻن جي سازش جو شڪار بڻجي ماريو ويندو آهي. اهو رشتن سان نڀاهه به ڄاڻي ٿو اهو ئي ڪارڻ آهي جو امڙ جي مرتيي جي اطلاع تي ٽمي پيل ڳوڙهي بابت اهو فيصلو نه ڪري سگھندو آهي ته اهو امڙ جو لاڏاڻي جو ڏک آهي يامٺي جي وڇوڙي جو درد .
    منهنجا دوست منهنجي لاءِ وڏي وٿ رهيا آهن مان پنهنجي دوستن سان پاڻ جيترو پيار ڪندو آهيان مان جيڪو ڪجھ آهيان اها دوستن جي مهرباني آهي ڇو جو مون دوستن وٽان سکيو آهي ايوب گل ، نواز ڀٽو طارق قريشي ، راز شاهاڻي مصطفي ملاح ،حميد هاليپوٽو ، منظور مگسي (مرحوم ) اعجاز شيخ ، مظهر علي رند ، محمد موسي رند، ساگر ڪوري ، خادم جسڪاڻي ،گھايل لغاري، فياض نائيچ شاهنواز ڪنگراڻي ۽ ٻيا ان ڳڻيا دوست آهن خاص ڪري همسفر گاڏهي، ارشاد کوکر ۽ ڀائو ذولف پيرزادو اهڙا دوست آهن جن مون کي نٽهڻ اس جهڙين حالتن ۾ سنڀاليو آهي مٿي ذڪري ڪيل دوستن ۾ انعام عباسي جو ذڪر نه ڪرڻ گناه جهڙو ڪم هوندو ڇاڪاڻ ته هن نه رڳو منهنجا ٻه ڪتاب ڇپرايا آهن پر مونکان زبردستي لکرايو به آهي، انعام عباسي جو فون ڪري حڪم ڪندو آهي ” سيٺ“ فلاڻي تاريخ تي ڪهاڻي کپي ۽ مون هر حال ۾ کيس ڏنل تاريخ تي ڪهاڻي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ڪهاڻي کڻي وڃڻ کانپوءِ سٺي لڳس ته دل سان تعريف ڪندو پر جيڪڏهن انعام عباسي جو فون نه آيو ته سمجھي ويندو آهن سيٺ کي ڪهاڻي نه وڻي ، تڏهن وري مان ڪال ڪري چوندو هئس ته ظالم سيٺ ڪجھ ته تعريف ڪر تڏهن کلي چوندو هو ته چوان ته پيو نه سٺي آهي منهنجي ۽ انعام عباسي جي هڪڙي هڪ جھڙائي اها به آهي ته اسان ٻئي سنڌ لاءِ اڃان به چرياڻن وانگر سوچون پيا . جيڪا اسان جي عشق جو مرڪز رهي آهي ۽ زندگي جي آخري لمحن تائين رهندي.

    ماڻڪ ڪنگراڻي
    ڪراچي
    kingrani@yahoo.com Manik_  


    ڪهاڻيون

    اجاڙ واڙ واڙ ۾

    نبن لاءِ ڄڻ ته زندگيءَ جا سڀ رنگ بي معنيٰ بڻجي ويا هجن. گهر کان آفيس ۽ آفيس کان گهر، باقي حرام جو ڪيڏانهن وک وڌي هجيس يا وري لڙيو هجي. ها البته ايترو ضرورآهي ته ايندي ويندي واٽ تي پوندڙ ٻاڪڙا هوٽل تي جهٽ گهڙي ويهي ٻه گرهه مانيءَ جا پيٽ ۾ وڌا هوندائين. باقي ڄڻ زندگيءَ جا سڀ در هن لاءِٰ بند ٿي ويا هجن ڄڻ جيئڻ جا سڀ دڳ وساري ۽ وڃائي ويٺو هجي. نه ڪاڏي اچڻ نه وڃڻ. نه وري ڪنهن سان دعا سلام. اهو ئي هن جو پٺين سورنهن سالن جو معمول بڻيل آهي. ان سموري عرصي ۾ هن جي آس پاس جي ماحول ۾ اڻڳڻيون تبديليون آيون. پر هن تي انهن جو ڪو به اثر ڪونه ٿيو. اهي جن جا هن پنهنجي هٿن سان جوائننگ آرڊر ٽائيپ ڪيا سي ترقي ڪري ڀلا آفيسر بڻجي ويا ته ڪن وري زندگيءَ کان ئي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. پر نبن اهو ئي ڪلرڪ آهي. کيس نه ترقي جو الڪو نه وري پڇاڙيءَ جي پريشاني...
    نوڪريءَ جي پهرين ڏينهن کان اڄ تائين سڀني کان پهرين آفيس پهچڻ ۽ آخر ۾ گهر نڪرڻ واري معمول ۾ هڪ پل جي ساهي ڪونه ڪئي اٿس. آفيس پهچڻ سان ڪم ۾ لڳي ويندو آهي. بنان ساهي پٽڻ جي سڄو ڏينهن ڪم ۾ رڌل رهندو آهي. حرام جو ڪنڌ کڻي ڪاڏي ڏٺو هجيس، نبن جي اهڙي انداز سان ڪم ڪرڻ تي آفيس جا ساٿي هر وقت ڪونه ڪو چرچو ڪو، ريمارڪس پاس ڪندا رهن ٿا. ڪن جي خيال ۾ آفيس هن جي سڱن تي بيٺل آهي. ڪجهه اڃان به اڳتي وڌي گهڻو ڪجهه چئي ويا هوندس. پر نبن اهو سڀ ٻڌو اڻ ٻڌو ڪندي ڪم ۾ رڌل رهيو آهي. اهو سوچڻ بنان ته ڪنهن ڪهڙو ريمارڪس پاس ڪيو. ڪڏهن ٽاري نه سگهڻ جي صورتحال ۾ ڏانهنس مسڪرائي ڏٺو هوندو ۽ بس... اهو ئي نه ڪجهه ڪم چور ماڻهن جو ڪم به هن جي حصي ۾ رهيو هو.
    ”نبن صاحب! هن فائيل کي هڪ نظر مان ڪڍجو...“ ۽ نبن بنان ڪنهن سوال جواب ڪرڻ جي ان ڪم کي پنهنجي ڪم جو حصو سمجهي اُڪلائي ڇڏيو. اها ئي هن جي آفيس ۾ سڃاڻپ آهي، باقي نه ڪو دوست نه ڪو مٽ، سدائين تنها نه وري ڪنهن کيس ٽهڪ ڏيندي ٻڌو ۽ خوش ٿيندي ڏٺو هو.
    شروع شروع ۾ ڪجهه آفيس جي ساٿين سندس جوانيءَ تي ترس کائي کيس زندگيءَ طرف وٺي اچڻ جون ڪوششون ڪيون ويون پر نبن جي حياتيءَ ۾ رنگ ڀرڻ ۾ ناڪامي نصيب ٿين. نبن جي زندگيءَ ۾ تبديلي نه آڻي سگهيا. مايوس ٿي پنهنجي پنهنجي ڪمن ڪارن ۾ گم ٿي ويا ته وري ڪنهن نبن طرف مڙي ڪونه ڏٺو. سڄي سنسار ۾ اڪيلو رهجي ويل خزان ۾ ڇڻيل پيلي پن وانگر هوائن جي آڌار تي وقت جي پيرن هيٺ لتاڙبو رهيو آهي. بنان ڪنهن احساس ڏيارڻ جي چاڪيءَ جي ڏاند وانگر هڪڙِي ئي چاري، گهاڻي جي پڙ تي وهندي زندگيءَ کي انت طرف وٺي وڃڻ واري خاموش معاهدي تحت هلي رهيو آهي.
    آفيس جي ساٿين لاءِ وندر جو وکر بڻجي ويو آهي. ڪليک ايندي ويندي ڪا نه ڪا هٿ جي حرڪت يا ڀوڳا ڪندا رهن ٿا ۽ هي بنان ڪنهن احتجاج ۽ ردعمل ظاهر ڪرڻ جي پنهنجي ڪم ۾ رڌل هوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه ساٿي مٿس رحم کائيندي هڪڙو هلڪي براند جو سگريٽ پياري کانئس ضرورت پڇندا آهن. ۽ موٽ ۾ نبن چپن تي ڦڪي مسڪراهٽ آڻي احسان قبول ڪرڻ جو سگنل ڏيندو آهي. ڇٺي ڇهه ماهي جنرل مينيجر احسان ”آزاد“ کيس پنهنجي آفيس ۾ گهرائي ڪلاڪ کن ويهاري کيس وڏو مگ ڪافيءَ جو پياريندو آهي. نبن جيئن ئي احسان ”آزاد“ جي آفيس مان ٻاهر هو نڪرندو آهي ته شاپر ۾ هڪ ٺري جو آڌيو ۽ سٺي برانڊ جي سگريٽن جا ٻه ٽي پاڪيٽ هٿ ۾ کڻي ايندو آهي. تڏهن سڄُو اسٽاف حيرتن جي جهان ۾ پئجي ويندو آهي بلڪه ٿرٿلو مچي ويندو آهي سڄي آفيس ۾. اهو سڄو ڏينهن پورو اسٽاف احسان ”آزاد“ کي مهربان شخص ثابت ڪرڻ لاءِ هڪٻئي سان ٿيل احسان ”آزاد“ جون چڱايون ياد ڏياريندي گذاري ڇڏيندو آهي. هر ڪو احسان ”آزاد“ جي وڏ ماڻهپي جا ڳڻ ڳائيندي نظر ايندو آهي. جڏهن ته ڪجهه ساٿي نبن جي اهڙي ڀاڳ تي سڙندا به آهن. ڪي ڪم چور قسم جا ساٿي وري نبن کي احسان ”آزاد“ جو ايجنٽ هجڻ واري فتويٰ جاري ڪندي چوندا آهن ته،. اهڙا ماڻهو ئي ورڪر دشمن ٿيندا آهن. ورڪرن جون غلط رپورٽون بالا آفيسرن کي ڏئي پنهنجي لاءِ مراعتون حاصل ڪندا آهن.
    اهو ڏينهن آفيس ۾ ڪم گهٽ ۽ احسان ”آزاد“ جون تعريفون وڌيڪ ٿينديون آهن. جڏهن ته باقي بچيل وقت ۾ نبن کي دٻيل لفظن ۾ گارين جا دس چاڙهيا ويندا آهن. جڏهن ته ڪجهه بي ضرر قسم جا ڪليگس خاموش تماشائي بڻجي اهو سڄو تماشو ڏسندا آهن.
    ٻين لفظن ۾ اهو ته سڄي اسٽاف کي ان ڏينهن نبن جي آفيس ۾ هجڻ وارو احساس ٿيندو آهي.
    باقي نه ته گذريل 16 سالن واري سڄي عرصي ۾ گهڻي ڀاڱي دنيا جو هر ڀوڳ ۽ ٽوڪ نبن جي حصي ۾ رهندو آيو آهي. اهو ئي نه پر نبن نظرانداز ٿيل رهيو آهي.
    نوڪريءَ کان اڳ نبن خانه بدوشن وانگر آزاد زندگي گذاري آهي. پنهنجي ڌرتيءَ جو اهڙو ڪهڙو ڳوٺ ۽ شهر ناهي جنهن تي نبن جي سفر جا پيرا نه مليا هوندا .ڪڏهن ڪهڙِي ڳوٺ ته ڪڏهن ڪهڙي شهر مان پوڙهي امڙ کي سندس سلامتيءَ جا سنيها پيا ملندا هئا. هفتن جا هفتا مهينن جا مهينا گم. پوڙهي امڙ کيس پنهنجي پيرسني ياد ڏياريندي اهڙين رولاڪين کان ڏاڍو روڪيو هو. پر نبن امڙ کي اهو سڀ ڪجهه ٻڌائي به ڪونه پئي سگهيو ته هي ڪهڙي رستي جو مسافر بڻيو هو! ۽ ٻڌائي به ڀلا ڪيئن؟ زمانو ئي اهڙو هو، ٰ آزاديءَ جو نالو وٺڻ جي معنيٰ ڪاريهر تي پير پوڻ تصور ڪبو هو. نبن ماءُ جي مريدپنهنجي پوڙهي امڙ جون سموريون منٿون نظرانداز ڪري ڌرتيءَ جي آجپي جي راهه کي اوليت ڏني هئي. جڏهن سندس ماءُ اندر پڙهي ورتو ته نبن پنهنجي پوڙهي امڙ کي ڌرتيءَ جي آجپي جي اهميت جا دليل ڏئي لاجواب ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ جهڙوڪر ٻنهي ماءُ پٽن جي وچ ۾ هڪ خاموش معاهدو ٿي ويو هو. ملڻ لاءِ آتا ته ٽٽڻ لاءِ تيار. جڏهن نبن ماءُ جي پيرن تي هٿ رکي وڃڻ لاءِ موڪلائيندو هو تڏهن وقت جي هٿان شڪست کاڌل پوڙهن نيڻن مان هڪڙو لڙڪ لڙي ڌرتيءَ جي سلامتي لاءِ دعا بڻجي ويندو هو. ۽ پوءِ بنان ڪجهه ڳالهائڻ جي ٻئي پنهنجي پنهنجي ڪم سان لڳي ويندا هئا. پوڙهي امڙ اوسيئڙي ۾ ۽ جوانيءَ ۾ قدم رکندڙ ڳڀرو پٽ ڌرتيءَ جي آجپي جي جنگ واري محاذ تي وڃي رسندو هو. پوڙهي امڙ پٽ جي نسرندڙ جوانيءَ واري ويلي اهڙي واٽ وٺڻ تي سراپجي وئي هئي. امڙ جي اکين ۾ پٽ جي اهڙي جدائيءَ جو درد حياتيءَ جي آخري لمحن تائين انتظار جي تصوير بڻجي رهجي ويو هو. ٻي پاسي جوان پٽ ۽ پوڙِهي امڙ جي ملڻ وارو وقت جيئن پوءِ تيئن گهٽ ٿيندو ويو. هفتن وارو گيپ مهينن جي وٿيءَ ۾ بدلجي ويو. جوان پٽن جي پيرن ۾ تحريڪ جي مسافري ۽ پوڙهي امڙ جي جهور نيڻن ۾ انتظار ۽ ڪجهه ٿي پوڻ وان سوين الڪن ۽ انديشن آکيرا جوڙي ورتا هئا. حالتون ئي اهڙيون هيون جو رياست جي داداگير بندوق آزاديءَ جي ويڙهه وڙهندڙ جوانن جي تاڙ ۾ رهندي هئي. آئي ڏينهن ڪٿان نه ڪٿان ڪنهن امڙ جي جهولي خالي ٿِيڻ وارا اطلاع ملڻ معمول بڻجي ويو هو. سوين ڳڀرو جوان ڌرتي ماءُ کي حياتيءَ جي ڀيٽا ڏئي چڪا هئا. ۽ اَڻڳڻيا جوڌا لانگ بوٽن جي لتاڙ هيٺ هئا. خاڪي وردي ڌرتي ڄاون لاءِ موت جي علامت بڻجي چڪي هئي. پوءِ به آجپي جا خواب ڏسندڙ جوان رت اڳڀرو هو انهن جي دلين مان لانگ بوٽ جي وحشت ۽ موت جو خوف لتاڙ جي چڪو هو. ملندڙ سزا کي ڪو به جوڌو لکائيندو ئي ڪونه هو. نبن به اهڙي راهه جو اهم سپوت بڻجي ويو هو. نبن پنهنجي امڙ جي مڙني اوجاڳن کان بي نياز بڻجي ويو هو. در در وڃي آزاديءَ جا خواب ورهائي رهيو هو. آخرڪار هو به آزاديءَ جي اهم اڳواڻن منجهان هو. جيترو ذهين هو ان کان به وڌيڪ مقرر هو. جتي پهچندو هو آزادي جا پتنگ فدا ٿيڻ لاءِ بي قرار هوندا هئا. کيس اکين ۾ ويهارڻ لڳا هئا. نبن جي خطابن نوجوانن جي دلين کي ڀڙڪائي وڌو هو. ڄڻ ته جلندي تي پيٽرول پوي هڪ طرف نبن جي سرگرمين سامراجي قوتن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون هيون ته ٻي طرف ڪارڪنن سان سٺي ورتاءَ ۽ محبتون ونڊڻ ڪري پنهنجي سينيئر قيادت کي گهڻو پوئتي ڇڏيندو اڳتي وڌي رهيو هو. کيس آزاديءَ جي ڪارڪنن دلين ۾ ويهاري ڇڏيو هو. هر ننڍي وڏي کي پاٻوهه مان مرڪي ڳل لائڻ واري ادا کيس هزارين جوانن ۽ جوانڙين جي دلين ۾ جاءِ ڏني هئي. ڌرتيءَ جي عشق ۽ ڪارڪنن جي چاهه سندس پوڙهي امڙ ۽ مٺڻ جا عڪس لڙاٽي ڇڏيا هئا.
    نبن کي ڀاءُ ڀيڻ هئا ئي ڪونه پيءُ جي ٻاجهه کان ننڍي هوندي ئي محروم ٿي چڪو هو. پيءُ بابت امڙ واتان ئي ٻڌو هئائين ته اريگيشن ۾ داروغو هو. ڪاري ٻوڏ واري سال بچاءُ بند تي ڊيوٽِي ڪندي سورنهن بيلدران سان گڏ بند ٽٽڻ ڪري لڙهي ويو هو. وڏي ڳولا باوجود ڪنهن جو به لاش هٿ ڪونه آيو هو. ابي جي چالاڻي کان پوءِ امڙ ئي کيس هٿ جا پورهيا ڪري پالي تاتي جوان ڪيو هو، جوان ٿيندي ئي پنهنجي مامي جي ڌيءُ مٺڻ جي زلفن جي زنجيرن ۾ ونگجي ويو هو. تڏهن کيس زندگي مٺڻ جي آس پاس ئي محسوس ٿيندي هئي. ائين ڀانئين به ڇو نه! مٺڻ ڳوٺ جو نڪ هئي. ڳوٺ جا جوان کيس ڏسندي ئي حواس وڃائي ويهندا هئا. مٺڻ جي ايتري ملندڙ پيار تي ڳوٺ جي ڳڀرن کي ريسون ٿينديون هيون. مٺڻ جي مسڪرائڻ سان ڪائنات جا مظهر نظر ايندا هئا. ۽ ادا سان آرس ڀڃڻ سان موسمون بدلجڻ لڳنديون هيون. سڄي ترجا جوان مٺڻ تي فدا هوندا هئا. ۽ مٺڻ نبن لاءِ ماندي هوندي هئي جيسين نبن کي نه ڏسي حرام جو سک جو ساهه کڻي.
    نبن ڪاليج پهتو ته رنگ ئي ٻيا ڏٺائين. هر طرف جواني ۽ حسن جو درياءُ ڇلندي نظر پي آيو. ڪجهه شاگردن کي ڳجهين سرگرمين ۾ ڏٺائين ته اَجهل جواني ۽ دل ۾ تجسس پيدا ٿي پيس. بنان ڪنهن هٻڪ جي انهن شاگردن سان وڃي مليو. ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي ڳجهين گڏجاڻين جو حصو بڻجي ويو، هن کي پهرين پيري معلوم ٿيو هو ته ڌرتي غلام به ٿيندي آهي. تڏهن اها به خبر پيس ته ڌرتي ڌڻين کي غلاميءَ هيٺ رکندي سامراجي قوتن انهن جا سڀ حق ڦٻائي رکيا آهن. سامراج کان آزاديءَ لاءِ تحريڪ هلائي پئي وڃي. غلاميءَ جي احساس نبن کي نهوڙي وڌو هو. سڄو ڏينهن ڌرتيءَ جي آزادي ۽ پنهنجا ڦٻايل حق وٺڻ متعلق سوچڻ لڳو هو. رهيل ڪم آزاديءَ جي تحريڪ جي سرواڻ ”آزاد“ سان ملاقات ڪيو. پروفيسر آزاد ڌرتي جي آزادي خاطر وڏيون اذيتون برداشت ڪيون آهن ۽ زندگي جو وڏو حصو جيلن ۾ گذاريو اٿس. آزاد سان جيڪو به مليو هڪ نظر ۾ ئي ان جو اسير ٿي ويندو هو. نبن تي به آزاد جي سحر اهڙو ئي اثر ڪيو هو.
    نبن ڏسندي ئي ڏسندي ڌرتيءَ جي آجپي واري تحريڪ جو اهم اڳواڻ ٿي سامهون آيو.
    آزاديءَ جي خواب نبن کان پوڙهي امڙ جي ٻاجهه ۽ مٺڻ جي زندگيءَ جهڙِي پيار کان گهڻو پري ڪري ڇڏيو هو. اهو ئي نبن هو جيڪو رات جو سمهڻ کان پهرين امڙ جي جا پير چمڻ ۽ مٺڻ سان ملڻ پنهنجا اولين فرض سمجهندو هو. سندس اهڙي زندگي جي معمول ۾ فرق اچي ويو.
    نبن جيئن پوءِ تيئن سامراج لاءِ ٽف گاءِ جو درجو ماڻي ورتو هو. لانگ بوٽ ٿرٿلي ۾ اچي ويا هئا. لانگ بوٽن جي هر حرڪت نبن کي هٿ ڪرڻ واري جستجو بڻجي وئي هئي. هڪ نه ٻي ڏينهن لانگ بوٽ نبن جي اڱڻ چيڀاٽڻ ۽ پوڙهي امڙ کي ڊيڄارڻ لڳا هئا. نبن گهر هجي ته هٿ به اچي نه. پوري رياستي مشنري استعمال ڪئي وئي پر نبن هٿ ڪونه آيو. ڌرتيءَ جي قابض قوتون جون ننڊون حرام ٿي ويون هيون.
    نبن آخري ڀيرو گهران پوڙهي امڙ جا پير ته ڇهي نڪتو هو پر، هن ڀيري موڪلائڻ مهل مٺڻ جي مرڪ ۽ پيار جي احساسن واري هڙ کڻي ڪو نه نڪتو هو. نبن کي مٺڻ جي نه موڪلائڻ ۽ ان جي ٻئي هنڌ شادي ٿي وڃڻ واري درد ڏاڍي چوٽ رسائي هئي. مٺڻ کي نه ماڻڻ وارو گهاءُ وڏي عرصي تائين ڪُرندو رهيو هئس. اندر رهڙجي پيو هئس. پر درد جي اذيت پي ويو هو ته ڌرتي جو درد مٺڻ جي وڇوڙي تي غالب ٿي ويو هو. وطن جي غلاميءَ جي درد جي تڙپ رولاڪ بڻايو هئس پر مٺڻ جي وڇوڙي جو درد اندر ۾ لهي ويو هئس. مٺڻ سان نه ملڻ جو درد ڪڏهن ڪڏهن ننڊ کسي ويندو هئس. تڏهن بي اختيار لطيف جو ورد شروع ڪندو هو پر سڪ سڄڻ جي ماٺي ڪونه ٿيندي هئي. مٺڻ جي مائٽن رولاڪ چئي مٺڻ جو سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪيو هئس. نبن، مٺڻ کي چاهڻ باوجود مٺڻ جي مائٽن جا شرط نه مڃيا. مامي سڌي سڌي ڳالهه چئي هئس ته اگر مٺي سان شادي ڪرڻ چاهين ٿو ته اهي فضول ڪم ڇڏي روزگار جي ڪر. نبن مٺڻ کي ساهه جو درجو ڏيڻ باوجود ڌرتيءَ کي اوليت ڏني هئي. ڌرتيءَ جي آجپي کي ترجيح ڏيندي گهران نڪتو ته هو پر مٺڻ جو وڇوڙو هر لمحي سندس ساهه سان سلهاڙيل رهيو. مٺڻ جي سار کان هڪ لمحو به غافل نه رهيو ڪڏهن ڪڏهن ته يارن دوستن کان لڪي ٻارن جيان بي اختيار سڏڪڻ لڳندو هو. ٽن مهينن کانپوءِ نبن کي، رني ڪوٽ ۾ تحريڪ جي اهم گڏجاڻيءَ دوران امڙ جي چالاڻي جو اطلاع مليو هو. تڏهن نبن جي اکين ۾ ڄمي ويل مٺڻ جي وڇوڙي واري گليئشر مان پهريون ڀيرو ڳوڙهو اکين جون سرحدون ڇڏي ڳلن جي صحرا ۾ گم ٿي ويو هو. ان ويل نبن اهو فيصلو نه ڪري سگهيو هو ته ڳڙي نڪتل ڳوڙهو پوڙهي امڙ جي حصي جو آهي يا مٺڻ جي جدائيءَ جو. ٻنهي جي کسجڻ تي سڏڪي پيو هو جنهن تي آزادي جي امام وڏي چاهه منجهان کيس ڀاڪر ۾ ڀري ورتو هو. ان ويل تحريڪ جي سرواڻ ”آزاد“ جون کليل ٻانهون ڪاري ٻوڏ ۾ لڙهي ويل داروغي جو ڀاڪر محسوس ٿيو هئس. ان پل ”آزاد“ کي داروغو ڄاڻي چنبڙي پيو هو. ۽ پوءِ جڏهن هوش آيو هئس ته پاڻ کي ڪئمپ آفيس ۾ ڏٺو هئائين جتي آزاد خاڪي وردي وارن سان هر ننڍي ڳالهه تي وڏا ٽهڪ ڏئي ڳالهائي رهيو هو. هڪ لمحي لاءِ اهو محسوس ٿيو هئس ڄڻ ته آزاد جي خاڪي وردي وارن سان ڪاپراڻي نيازمندي هجي. ڪاري ٻوڏ ۾ لڙهي ويل داروغي جي حيثيت رکندڙ آزاد پنهنجي ڪجهه وڌيڪ قيمت مقرر ڪئي هئي. نبن کان بنان پڇڻ جي سودو ڪيو ويو. نبن کي اڄ به اُهو قيامت خيز لمحو ياد آهي جڏهن پروفيسر آزاد خاڪي ورديءَ واري جي هٿان پنهنجي پٽ احسان لاءِ آفيسريءَ ۽ نبن لاءِ ڪلرڪي جي نوڪريءَ وارا آرڊر مرڪي وصول ڪندي ڏٺو هئائين.
    ***


    رڻ ۾ رات ٺري

    پاپوليشن کاتي ۾ ڪلرڪي ڪندي 17 سال گذري ويا آهن، ان سڄي عرصي ۾ شايد ئي ڪو اهڙو آفيسر آيو هجي جنهن مون کي ماڻهو واري رويي ۽درجي سان ٽريٽ ڪيو هجي، يا وري ڪنهن وڏي آفيسر جو ويجهو ۽ پر اعتماد ماڻهو ٿي سگهيو هجان. توڙي جو مون کي صاحبن جو ماڻهو سڏجڻ واري تمام گهڻي خواهش رهي آهي پر اها خواهش لک ڪوششن باوجود اڃا سوڌو پوري ڪونه ٿي سگهي آهي. هيل تائين شايد ئي ڪنهن بالا آفيسر چڱي نموني ياد ڪيو هجي يا واري منهنجي مسئلي تي ڌيان ڏنو هجي، سترنهن سالن جي نوڪري واري عرصي ۾ اگر مون سان ڪنهن ڪا مهرباني ۽ ڀلائي ڪئي هوندي ته بس، اهائي آهي ته مان کاتي ۾ ڪچي ملازم جي حيثيت ۾ ڀرتي ٿيو هئس، ۽ مرحوم آغا صاحب مهرباني فرمائي مون کي پڪي ٿيڻ ۾ تمام گهڻي مدد ڪئي، توڙي جو رڳو مون هڪ ڄڻي جو ڪيس ڪونه هو، تقريبن 307 ملازم هئاسين، پر مان پنهنجي پڪي ٿيڻ وارو سڄو ڪيريڊٽ آغا صاحب کي ڏيندو رهيو آهيان، ڇاڪاڻ ته اگر اها مهرباني آغا صاحب نه ڪن ها ته شايد 307 بدران 306 ملازم پڪا ٿين ها بس رڳو هڪڙو مان ئي ريگيولر نه ٿي سگهان ها. ڇو ته ان کانپوءِ اسان جي کاتي ۾ ڪچا ملازم ڀرتي ڪونه ٿيا آهن، جڏهن ڏهاڙي تي ٻيو ملازم هجي ئي ڪونه ها ته پوءِ مون هڪڙي تي ڪير مهربان ٿي ڪري منهنجو ڪيس موو ڪري ها. پڪن ملازمن جي لسٽ ۾ نالو ڏسي پورو اسٽاف حيرت ۾ پئجي ويو هو ۽ اها حيرت مون کي اڃا به ڪڏهن ڪڏهن ٿيندي آهي ته آغا صاحب اهڙي مهرباني ڪيئن ڪئي. ڇاڪاڻ ته منهنجي جاب ڪيريئر ۾ سڀ کان وڌيڪ ڏکيو دور آغا صاحب جي صاحبي وارو رهيو آهي. آغا صاحب جي مون تي نگاهه پوندي هئي ته اهڙو تاثر ڏيندو هو ڄڻ مون سندس ڪو وڏو گناهه ڪيو هجي. جنهن جي معافي هن جي وس ۽ اختيار ۾ نه هجي.
    اهڙي ڪاوڙ مون پنهنجي ڳوٺ جي پاڙيسري ڪاڪي ڪوڙي جي اکين ۾ اڪن لاءِ ڏٺي هئي، اڪن اسان جو هم عمر ۽ سهڻو نوجوان هو جنهن جي حسن تي ڳوٺ جي هر نينگري نڇاور ٿيڻ لاءِ تيار هئي. اسان ننڍي لاءِ گڏ راند ڪندا هئاسين، اڪن ڪچي جواني ۾ ڪاڪي ڪوڙي جي ڌيءَ ملوڪي (ملوڪان) سان عشق ڪندوهو، سڱ نه ملڻ جي ڪري هڪ رات اڪن ملوڪي کي گهران وٺي نڪري ويو هو. وڏي جاکوڙ کانپوءِ پوري ڳوٺ وارن گڏجي اڪن ۽ ملوڪي کي ڪچي ڳنڍي واري علائقي مان ٻنهي کي هٿ ڪري ڳوٺ وٺي آيا هئا. وڏي ميڙ منٿ ۽ هٿ جوڙ آزين نيازين کانپوءِ ڪاڪي ڪوڙي اڪن کي معافي ته ڏني هئي پر پنهنجي حياتي ۾ ڪاڪي ڪوڙي جي اکين ۾ اڪن لاءِ نفرت رهي. ۽ مون سان به اهڙي حالت رهي آهي. خاص ڪري آغا صاحب ته ڏمرجي حد تائين ڪاوڙيل هو، مان کاتي ۾ پٽيوالي طور ڀرتي ٿيو هئس ۽ ان نوڪري ملڻ جو مون کي واحد هڪ ئي سبب سمجهه ۾ ايندو هو سو آهي امڙ جون دعائون نه ته مون کي نوڪري ملڻ جو ڪوبه آسرو ڪونه پيو نظر اچي. مون به ته امڙ جي دل سان خدمت ڪئي آهي ماڻهو آهيان غلطي ڪوتاهي ٿي هوندي پر مون کي ياد نه ٿو اچي ته امڙ جي هدايتن ۽ سوچن جي دائري کان ٻاهر بيهي ڪو فيصلو ڪيو هجي، هر وقت امان جي خدمت ۾ رهندو هئس، ايتري تائين مٺي جي عشق ۽ ان سان شادي واري دلي خواهش به مروڙي ڇڏي هئي، امڙ جو هڪڙو جملي مون کي هن سان اڻواقف ڪرايو. ته اڄ کانپوءِ هن گهر ۾ توکي لڙڪندي نه ڏسان تنهنجي لاءِ ٻانهون (ڇوڪريون) کوڙ آهن ڳوٺ ۾ اها آخري ڇوڪري ڪو نه آهي. توکي هن ڇوري ۽ مون مان ڪنهن به هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوندي. ۽ مون امڙ کي ترجيع ڏني هئي. منهنجي پوسٽ ته پٽيوالي جي هئي، پر ميٽرڪ پاس هئس مٿان وري منهنجي ٽاپنگ اسپيڊ تمام سٺي هئي. اها خصوصيت منهنجي ترقي ۾ ڪم آئي، ٿيو ائين جو اسان وٽ عادل صاحب ڊائريڪٽر طور ڪجهه سال رهيو هو. عادل صاحب جو ننڊو ڀاءُ شهزاد اسان وٽ ڪلرڪ هو. شهزاد يونيورسٽي ۾ پڙهندو هو. رڳو پگهار کڻڻ واري ٽائيم آفيس ايندو هو. شهزاد سهڻو سيبتو ۽ باادب نوجوان هو. هونئن ته صاحب کانسواءِ باقي سڀ ملازم منهنجا يار هئا. سڄو اسٽاف مون کي ڀائيندو هو سو شهزاد صاحب به منهنجو ڏاڍو سٺو دوست ٿي ويو. هم عمر هجڻ ڪري يونيورسٽي جي ڇوڪرين سان پنهنجي عشقن جا داستان مون کي ٻڌائيندو هو. شهزاد باقي اسٽاف کان اک بچائي مون کي ٻاهر وٺي وڃي چانهه ۽ بسڪوٽ به کارائيندو هو. شهزاد جي طفيلي مان امڙ جي بيماري جو بهانو ڪري هڪ ڀيرو يونيورسٽي به ويو هئس. جڏهن يونيورسٽي جا رنگ ۽ شاگرد لائيف جا لطف ۽ جواني جي اصل معنيٰ مفهوم ۽ ارڏايون منهنجي سامهون آيو ته شديد قسم جو محرومي وارو احساس ٿيو هو پنهنجي غربت ۽ بيوسي جو ان لمحي سموريون محروميون ڪر موڙي جاڳي پيون هيون ۽ اندر ۾ هڪڙي عجيب بي چيني جو لائو ٻري پيو هو. تڏهن پنهنجي پيءُ جي فوت ٿيڻ وارو درد بلڪه غربت جي احساس جو درد دل ۾ ڪنهن نوڪدار ڪاتي جيئن چڀڻ لڳو هو. ٻا ٻري ڪنڊو هانو ۾ کپي ويو هيم. يونيورسٽي کان موٽڻ کانپوءِ منهنجي اندر ۾ هڪ انقلابي تبديلي برپا ٿي هئي ۽ پوءِ شهزاد جي صلاح سان انگريزي سڌارڻ ۾ لڳي ويس، گڏوگڏ استاد رحيم بخش جي مهرباني سان موڪل کانپوءِ روزانو ڪلاڪ کن ٽائپنگ جي پريڪٽس به ڪرڻ لڳس. رحيم بخش اسان جي آفيس ۾ هيڊڪلرڪ آهي، جنهن پنهنجي بااثر ماتحت شهزاد جي چوڻ تي مون کي پريڪٽس جي اجازت ان شرط تي ڏني هئي ته اگر ڪو مسئلو ٿيو يا ڪنهن به قسم جي هيٺ مٿاهين ٿي ته ان کي کي فيس شهزاد ڪندو ۽ ذميوار مان پاڻ هوندس جنهن تي راضي ٿيو پوءِ ته رات ڏينهن هڪ ڪري انگريزي به سڌاريم ته ٽائيپنگ اسپيڊ به ٺاهيم. ۽ پوءِ هڪ ڏينهن اهڙو به آيو جو آغا صاحب انگريزي جو ٽائپنگ وارو ڪم مون کي ڏيندو هو، جڏهن به آغا صاحب مون کي ٽائپنگ جو ڪم ڏيندو هو.تڏهن منهنجي باقي اسٽاف تي اک ئي ڪونه ٻڏندي هئي. هرڪو مون کان پاسو ڪري گذرندو هو. ٿوري عرصي کانپوءِ آغا صاحب مون کي ڪلرڪي ڪرڻ لاءِ چيو، اهو ڏينهن ۽ اڄوڪي ڏينهن ڪم ڪلرڪي جو ۽ پگهار پٽيوالي واري کڻندو آهيان. پٽيوالي هجڻ باوجود ڪلرڪي جو ڪم ڪندي مان ڏاڍو خوش ۽ مطمئن هوندو هئس، بلڪه پنهنجي وڏي ڪاميابي سمجهندو هئس. تڏهن کان شهزاد جي بي انتها عزت ۽ استاد رحيم بخش کي پيار ۽ عزت مان استاد سڏڻ لڳو هئس. منهنجي اهڙي ڪاميابي تي اسٽاف مان ڪنهن کي به خوشي ڪون ٿي هئي. هڪ اڌ ڄڻي ته روبرو چئي ڏنو هو ته ڀائو اها تنهنجي صلاحيت نه هٿن تي لڳل مکڻ جو ڪمال آهي ۽ مان اهو مکڻ سترنهن سالن کان ڳوليندو پيو اچان، جيڪو مون کي اڃا سودو هٿ نه آيو آهي. جنهن جي استعمال سان مان به ڪنهن بالا آفيسر جي گڊ بڪ ۾ اچي سگهان، منهنجي اهڙي ڪاميابي تي امان ۽ مٺي تمام گهڻيون خوش ٿيون هيون، امان کي ته خوش ٿيڻ به گهرجي جو هن جي پٽيوالي پٽ کي ڪلرڪي جهڙي ۽ اهم ٽيبل ملي هئي، پٽ جي اهڙي ڪاميابي تي ماءُ کان وڌيڪ ٻيو ڪير خوش ٿيندو. اهم ٽيبل ملڻ کانپوءِ امان کي خط ۾ ڪراچي اچڻ لاءِ تيار ٿي ويهڻ جو چيو هئم، امڙ به ڪراچي جو ٻڌي سڀ تياريون ڪري ويٺي هئي. تياري وري ڪهڙي گهر ۾ الله جو نالو هو، رڳو ٻه ڪپڙن جا جوڙا ۽ ٻه ٽي ٿانو پوتي جي هڙ ۾ ٻڌي رکيا هئائين مان به رات ڏينهن هڪ ڪري امڙ کي ڪراچي وٺي اچڻ لاءِ محنت ۽ حڪمت عملي جوڙي پر امڙ جي حياتي ۾ اهو سڀ ممڪن نه ٿيو. ، ۽ پوءِ مان ڪڏهن پگهار نه بچڻ ته ڪڏهن وري موڪل نه ملڻ ڪري ڳوٺ وڃي نه سگهيس، تان جو امڙ هي دنيا ته ڇڏي وئي، پر ڪراچي تائين وارو سفر هن جي پيرن کي نصيب نه ٿيو. امڙ کي ڪراچي گهمڻ جو تمام گهڻو شوق هو، خاص ڪري سمنڊ ڏسڻ جو، امڙ کي مون سمنڊ تي نڪتل پنهنجا فوٽو ڏيکاريا هئا. صحرا جي رهاڪن کي پاڻي گهڻو پسند هوندو آهي. امڙ ٻي جهان جو سفر ته ڪري وئي پر ان کان ڳوٺ ۽ ڪراچي وارو سفر جنهن جي ڪل قيمت اڍائي هزار هئي نه ڪري سگهي. امڙ به ان ڪري سمنڊ کي پسند ڪندي هئي، پر شايد هن ڳوٺاڻي ڪائنات کي اها ڄاڻ ڪونه هئي ته سمنڊ جا ماڻهو ڪيترائي لوڻياٺا آهن، جو دوستي جي نالي تي دنيا جا سڀ ڪرائيم ڪندا آهن، بلڪه ذات کان ٻاهر ڪنهن جي به سوچ سفر ئي نه ڪيو آهي. هو ته بس هڪڙي مهربان ڪائنات هئي، پنهنجي گهر اندر مٽي جي ٺاهيل مسيت وانگر پاڪ پويتر هئي. ڪنهن کي ڪهڙي ڄاڻ ته شهر جي دنيا ۾ رشتا به ڪاروبار جا ٿيندا آهن. دل ته جام چوندي هئي ته معصوم دل امڙ جي سمنڊ ڏسڻ واري خواهش پوري ڪريان پر مان وقت جو کٽل ماڻهو امڙ جي حياتي ۾ اهو معمولي ڪم ۽ ان جي معصوم خواهش پوري نه ڪري سگهيس. شهر جي لوڻياٺ ۽ آفيس جي دائرن جي سياست کان اڻواقف هجڻ ڪري اڪثر ڪري بي عزتين جي طوفان کي منهن ڏيڻ ڪري بيزار ٿي فراريت جي راهه وٺندي. چاچي موساڻي واري هوٽل تي ٻيهر وڃي ڪم ڪرڻ وارو فيصلو ڪري وٺندو هئس، پر امڙ جي هدايت ٿڌي ڇانو جي نوڪري غنيمت آهي. سا وڏي احتياط ۽ محنت سان ڪندو رهه ۽ پوءِ مون امڙ جي هدايتن ۽ شهزاد جهڙي دوست جي صلاحن کي اکين تي رکندي نوڪري نه ڇڏڻ وارو فيصلو ڪري وٺندو هئس جنهن کانپوءِ اڄ تائين سڀني ڏکيائين کي فيس ڪيو. تان جو خيرن سان امڙ مون سان ملڻ ۽ ڪراچي توڙي سمنڊ ڏسڻ واري خواهشن سان گڏ هن دنيا جو سفر پورو ڪري هلي وئي. امڙ جي چالاڻي ته هڪ گهڙي لاءِ خوشي به ٿي هئي ان لمحي سوچيو هئم چڱو ٿيو ان آزار مان آزاد ٿي ويس. پر ڪڏهن امڙ جي گوڏي تي ڪنڌ رکي روئڻ لاءِ دل چوندي اٿم.
    وقت گذرڻ سان گڏ منهنجي وارن ڏانهن سفيدي سفر ڪرڻ شروع ڪيو آهي، سرين اذيتناڪ ڏهاڙا ڏسڻ کانپوءِ به مان خوش هئس. منهنجي ارڏائي ۽ ڳوٺاڻي انا وقت جي ڳري پٿر هيٺيان ايندي رهي ۽ مان حالتن سان ٺاهه ڪرڻ لاءِ هر ممڪن سوچڻ لڳو آهيان.
    ڪيترن ئي ڪئي نه ڪئي گناهه جون سزائون ڀوڳڻ کان ويندي آفيس جي دائرن ۾ ٿيندڙ سياست کي فيس ڪندي سوين ڀيرا اذيت ناڪ گهڙين مان گذرندي اکين مان لڙڪ لڙيا هوندا ۽ پاڻ کي شهر جي ڪاساين وٽ ڦاٿل رڍ جيئان ڏسڻ باوجود امڙ جي لفظن ته ٿڌي ڇانوءَ جي نوڪري منهنجي مجبوري ٿي پئي آهي. تنهن ڪري هاڻ استاد موساڻي جي هوٽل تي گٽر واري (ٿانو ڌوئڻ) ڪرڻ جو خيال ماري ڇڏيو اٿم ۽ بس ڪم ڪرڻ ۽ پاڻ کي مصروف رکڻ لاءِ ڪم ڪندو پيو اچان.
    جڏهن کان ميڊيم ماه نور اسان وٽ ڊائريڪٽر طور جوائن ڪيو آهي تڏهن کان منهنجي لاءِ پنهنجي آفيس ۾ قدرن درجا بلند ٿيڻ لڳا آهن. جونيئر سينيئر سڀ عزت ڪن ٿا. ايتري تائين جو منهنجي دور جو اسٽاف جيڪو ڳالهه ڳالهه تي چڙي منهنجي بي عزتي ڪرڻ لاءِ پٽيوالي هجڻ جو احساس ۽ حيثيت ياد ڏياريندا هئا، اڄ ڪلهه اهي به گهور گهور پيا وڃن ۽ اٿي بيهي ملن ٿا. اهو سڀ ڪجهه منهنجي سينيئر هجڻ ڪري انقلاب نه آيو آهي. پر اصل ۾ سڀني کي خبر آهي ته ميڊم ماه نور منهنجي جگري يار شهزاد جي گهرواري آهي. ميڊم ماهه نور ماڊرن قسم جي عورت آهي. هن جو اٿڻ ويهڻ ۽ ڊريسنگ تي سڄو اسٽاف مون کان لڪي لڪي مختلف قسم جا ڪمينٽس به ڪندو آهي، مگر منهنجي سامهون سڀ ميڊم ماهه نور کي ادب سان ۽ احترام ڀري ٻولي سان ياد ڪندا آهن، باقي نه ته جيڪو جتان ايندو آهي گذري ويندو آهي. هڪ اڌ ڀيرو مون به ايندي ويندي ڳالهيون ٻڌي ورتيون هيون. پر مون ٻڌيون اڻ ٻڌيون ڪري بي خبري جو تاثر ڏنو هوندو. ائين ڪريان به ڇو نه. هاڻي ته وقت گهڻو ڪجهه مون کي سيکاريو آهي. دراصل سڀ ڄاڻن ٿا ته منهنجا ميڊم ماهه نور توڙي ان جي مڙس روينيو جي سيڪريٽري شهزاد صاحب سان تمام گهڻا ۽ گهاٽا واسطا آهن. تنهن ڪري هرڪو پيو مون کان ڪن هڻندو آهي. آفيس وارا ته منهنجي ۽ شهزاد جي دوستي آزمائي به چڪا آهن. جڏهن شهزاد سيڪريٽري صحت هو تڏهن اسان جي ڊپٽي ڊائريڪٽر راهب صاحب جي منسٽر جي ناراضگي باوجود منهنجي چوڻ تي شهزاد صاحب ٽرانسفر روڪرائي هئي. ان معاملي کانپوءِ اسٽاف تي منهنجي هاڪ ويٺل هئي. پر اها مون کي خبر هئي ته شهزاد صاحب مون کي ڪهڙي ڇنڊ ڪڍي هئي، سڀني مون کي شهزاد صاحب جو جگري يار جون پوزيون ڏئي موڪليو هو. راحب صاحب جي بدلي رڪي به صحيح پر منهنجي ۽ شهزاد جي وچ واري تعلق ۽ حيثيت جي مون کي ڄاڻ پئجي وئي هئي، شهزاد صاف لفظن ۾ چيو هو ته ٻيهر اهڙي قسم جي جرئت نه ڪجان، شهزاد اهڙي حالت ڪئي هئي جيڪا پنهنجي ڪنهن به آفيسر اهڙو رويو اختيار ڪونه ڪيو هو، آفيشل ڪيريئر ۾ اهڙي جٺ ڪنهن به ڪونه ڪئي هئي. سڌو سڌو چيو هئائين هجت ڪرڻ کان پهرين پنهنجي پوزيشن چيڪ ڪندو ڪر. مون کي شهزاد جي رويي کان وڌيڪ دوستي جو ڏک ٿيو هو. پر خبر ناهي ڇو شهزاد اهڙي بي عزتي ڪرڻ باوجود راهب صاحب جي بدلي روڪرائي هئي ۽ مان سڀ سور دل ۾ سانڍي مُٺي به ماٺ ته مٺي به ماٺ چئي. اسٽاف طرفان مليل عزت تي خوش ٿي ويو هئس. هاڻ جڏهن ميڊم ماهه نور ڊائريڪٽر طور آئي آهي ته اسٽاف وارا هر ننڍي وڏي مسئلي ۾ مون کي اڳيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ۽ مان پنهنجي ڀرم ۽ دوستي واري پردي ۽ ملندڙ عزت کي سنڀاليندي اڃا وڌيڪ پريشان ٿي ويو آهيان. ميڊم ماهه نور گهڻو ڪري ڪنهن تي گهٽ چڙندي آهي، پر جنهن تي ناراض ٿي ته ان جا ڇڪا ڇڏائي ڇڏي ٿي. پورو اسٽاف ميڊم جي اهڙي رويي کان بچڻ لاءِ مون کي اڳيان ڪرڻ لاءِ آتو هوندو آهي ۽ مان وري پنهنجي دوستي ۽ حيثيت کان واقف آهيان. ان ڪري اڄ ڪلهه اڃان وڌيڪ محتياط ٿي ويو آهيان. عام روٽين ۾ ميڊم منهنجي ڪم کان مطمئن هجڻ ڪري گهڻو ڪري پنهنجا سڀ ڪم مون کان ڪرائيندي رهي ٿي. جنهن ڪري مون سان ڪجهه بهتر هلندي آهي. بلڪه ننڍا وڏا ڪم به منهنجي چوڻ تي ڪري وٺندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته ننڍي وڏي معاملي مون کان صلاح به وٺندي آهي. جنهن جو تاثر پوري اسٽاف تي اهو آهي ته ميڊم ماهه نور منهنجي ۽ شهزاد جي دوستي جي ڪري منهنجو خيال رکي ٿي. مان اسٽاف طرفان مليل عزت ۽ ميڊم جي اعتماد کي گڏ کڻي هلڻ جي ڪوشش ۾ مصروف هئس ته هڪ ڏينهن استاد رحيم بخش اچي چيو ته 20 پگهارون ۽ 3 مهينن جي موڪل وٺي ڏي. استاد رحيم بخش جي ڳالهه ٻڌي منهنجي ذهن تي راهب صاحب وارو واقعو تري آيو، ائين لڳو ڄڻ منهنجي ذهن کان ٺڪاءُ نڪري ويا هجن. وائڙو ٿي ويس ته استاد رحيم بخش کي ڪهڙي طريقي سان سمجهايان ۽ ٽاريان ڇاڪاڻ ته سڌو انڪار تمام ڏکيو پي لڳو جو ڪنهن زماني ۾ هن به منهنجي مدد ڪئي هئي. بلڪه اڄ جيڪو ڪجهه آهيان ان ۾ ڪافي هٿ رحيم بخش جو به آهي، اگر آغا صاحب سان منهنجي انگريزي ۾ ٽائپنگ اسپيڊ جي ڳالهه نه ڪري ها ته شايد اڄ مان ڪپ ڌوئيندو ۽ آفيس وارن جي خدمت ڪندي نظر اچان ها. ڪم ڀلي شهزاد جي چوڻ سان ٿيو هجي، پر استاد رحيم بخش جو احسان وڃائڻ جهڙو ڪونه هو.
    الائي ڇو مون کي ائين لڳي رهيو هو ته ڪجهه ٿيڻ وارو آهي، اهو خيال ايندي ئي اصل ماٺ ۾ پئجي ويس. ائين پئي لڳو ڄڻ وڏو ڪو طوفان اچڻ وارو هجي. نه چاهيندي به استاد جي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويس ته دل ٻڌي استاد رحيم بخش خاطر هر سزا ڀوڳڻ لاءِ تيار ٿي ويس، هر ننڍي وڏي سٺي ۽ خراب نتيجي لاءِ پاڻ کي تيار ڪري ورتم. ميڊم ماهه نور جي آفيس ۾ ڏٺم ته ڪنهن سان فون تي ڳالهائي رهي هئي. ڪال ختم ڪرڻ جو انتظار ڪرڻ لڳس. ميڊم جيئن ئي فون تي ڳالهائي بس ڪيو ته دل ٻڌي ڪري استاد رحيم جو فائيل کڻي اندر داخل ٿيس، ميڊم جي چهري تي ڪاوڙ ۽ اوپرائپ جا تاثر نظر آيا. پر ٿوري دير کانپوءِ هن نه چاهيندي به پاڻ سنڀاليندي چيو ها فضلو ڏي خبر ڪم آهي. فائيل ڏيکاريندي چيم جي سائڻ هي استاد رحيم بخش جي قرض ۽ موڪل جو فائيل آهي. رحيم بخش کي ڇا ٿيو آهي. ميڊم ماهه نور جيڪا گهڻي ڀاڱي مون سان هجت ۾ ڳالهائيندي هئي. تنهنجي لهجي ۾ هلڪي چڙ ڏسي، بوکڙاهٽجي ويو هئس، ميڊيم جي سوال تي وضاحت ڪندي چيم ميڊم استاد عمري تي وڃڻ پيو چاهي. ميڊم جي لهجي ۾ ڪوڙاڻ اچي وئي هئي. سخت لهجي ۾ چيائين جاهل مون اهو ڪونه پڇيو آهي. رحيم بخش هن وقت ڪٿي آهي؟ ميڊم جي ان لهجي تي منهنجا ته ڇڪا ئي ڇڏائجي ويا هئا، وائڙائپ مان چيم هوءَ ميڊم هوءَ آفيس ۾ ڪم ڪري رهيو آهي ميڊيم وڌيڪ تلخ ٿي چيو. هوءَ پاڻ ڇو نه آيو آهي. پاڻ کي وڏو نواب ٿو سمجهي. تڏهن نه آيو ۽ توکي موڪليو اٿس ائين نه پريشاني مان ڪنڌ هيٺ ڪري چيم جي ميڊم ، هوءَ پاڻ کي وڏو آفيسر ٿو سمجهي ۽ سڀ ان جا ماتحت آهيون. ائين نه. انڪار ۾ ڪنڌ لوڏي چيم نه ميڊم ائين نه آهي هوءَ ڪم ڪري رهيو آهي. ميڊم ڪاوڙ ۾ ڳاڙهي ٿيندي چيو پر تنهنجي عمل مان ته ائين ٿو لڳي. ميڊم هوءَ ڪم..... ڪاوڙ مان ميڊم ماهه نور اٿي بيهي رهي پوءِ تون هن جي درخواست ڪهڙي حيثيت ۾ کڻي آيو آهين. مون چور نظر سان ٻاهر ڏٺو ته آفيس جي ڪافي ماڻهن جو ڌيان اسان طرف هو. پر مون کي ائين لڳو ته پورو اسٽاف ميڊم جي آفيس ۾ موجود آهي. ۽ منهنجي بي عزتي جو منظر ڏسي رهيو آهي. مان توسان پئي ڳالهايان. مان لاجواب بڻجي هيٺ نظرون ڪري بيهي رهيس ۽ پوءِ ميڊم ماهه نور جيڪا تاريخ ڇڏائي ساهيل تائين ڪنهن آفيسر به نه ڪئي هئي. اصل ٽڪو مهل ڪري آفيس مان ڪڍي ڇڏيائين. آفيس مان نڪرڻ وقت مٿو ڇڪرائجڻ لڳو. ارڙهن ڀيرا چڪرائجي ڪرندي ڪرندي پاڻ سنڀاليم. ٽي ڀيرا فائيل هٿ مان ڪريو، جنهن تي ميڊم اڃا ناراض ٿي ۽ هارش انداز ۾ وڏي آواز ۾ ڳالهائڻ لڳي. مان آفيس مان نڪري پنهنجي آفيس ۾ آيس جتي ڏٺم ته سواءِ استاد رحيم بخش جي باقي سڄو اسٽاف چپن ۾ مسڪرائي منهنجي بي عزتي تي خوشي جو اظهار ڪري رهيو هو. . مان زندگي ۾ پهرين ڀيري ناقابل قبول حد تائين ڏکارو ٿيو هئس. مون کي خبر ناهي ڪهڙو مان هو ميڊم ماهه نور تي ايترو ڏک مون کي پنهنجي جگري يار شهزاد جي ڪاوڙجڻ ۽ بي عزتي ڪرڻ تي به ڪونه ٿيو هو. بي شمار ڀيرا آفيسرن منهنجا ڪلاس ورتا آهن. ليٽر لي گارگند به ملي هوندي، پر ڪڏهن به ايترو ڏک ڪونه ٿيو جيترو ميڊم ماهه نور جي بي عزتي ڪرڻ تي ٿيو هو، سدائين ٿيندو هو ته اگر ڪو آفيسر پنهنجي صاحبي جهاڙي منهنجي بي عزتي ڪندو ته مان ان سڄي ڪيفيت کان نڪرڻ لاءِ رڳو ٻه ٻيڙيون (سگريٽ) پي ڪري تياري ٿي ويندو هئس ۽ پوءِ اهو مان ۽ ساڳيو روٽين پر اڄ ائين نه هو. اڄ منهنجي ڪيفيت ٻه سگريٽن سان تبديل ڪونه ٿي هئي، ايڏو ڏک ٿيو هو جو هوش به ڪو نه هئس وڏي عرصي کانپوءِ نوڪري ڇڏڻ تي دل اسرار ڪيو هو ڏاڍو اداس ۽ بيچين ٿي ويو هئس. زندگي ۾ پهريون ڀيرو هو جو دٻ ملڻ کانپوءِ آفيس ڇڏي سمنڊ تي آيو هوندس. سمنڊ تي هونئن ته اڪثر ڪري ايندو رهندو آهيان، سمنڊ ئي آهي جنهن سان اڪيلائي شيئر ڪندو آهيان. پنهنجو من ونڊيندو آهيان.ا مڙ جون يادگيريون ۽ مٺي جي وڇڙڻ جي اذيت ،ڪراچي جي دوستن جا رنگ ۽ ٻيو گهڻو جيڪو ٻي ڪنهن سان شيئر نه ڪري سگهندو آهيان. اهو سڀ ڪجهه سمنڊ سان سليندو آهيان ۽ سمنڊ جون لهرون وڏي آواز سان همدردي ڪندي ساٿ نڀائڻ جو وچن ڪنديون آهن. پر اڄوڪو ماحول ڪجهه ٻيو هو. اڄوڪي منهنجي ڪيفيت پرشور ۽ زندگي سان ڀريل سمنڊ کي به ڏکارو ڪري ڇڏيو هو. سمنڊ به مون وانگر خاموشي جي ور چڙهي ويو هو. مان ڪنهن وقت سمنڊ.تي پهتو هئس ۽ منهنجي آس پاس ۾ ڇا ٿيو هو. مون کي ڪا به خبر ڪونه پئي هئي. بلڪل بي نياز ٿي ويو هئس. اڄ امڙ جي تمام گهڻي ياد آئي هئي. دل چيو هو ته ڳوٺ وڃي امڙ جي مزار جو مجاور بڻجان گهٽ ۾ گهٽ هن اذيت مان ته آجو ٿيندس. اڄوڪي ڏينهن ۾ هڪ نه هزار ڀيرا امڙ ياد آئي هئي ۽ دل جي هڪڙي ڪنڊ ۾ مٺي جو تصور ايندي ئي امڙ جي غير موجودگي جو ڪنڊو بار بار هانو ۾ چڀي رهيو هو. مٺي جي نالي تي ڪيترائي ڀيرا دل پنهنجي محور جا ڌڪ گسايا هئا، پوءِ به مان سڄي دنيا کان بي خبرهئس. اوچتو منهنجي فون تي رنگ وڳي هئي. جنهن ڪري هڪ لمحي لاءِ مان سمنڊ جي گهرائي جيڏي خاموش ۽ خيالن جي دنيا مان ٻاهر آيو هئس. فون تي اوپرو نمبر ڏٺم هيڪر دل چيو ته اٽينڊ نه ڪريان پر پوءِ دل ۾ خيال آيو چلو اگر ڪو رانگ نمبر هوندو ته روئي دل جي ڀڙاس ڪڍندس. مون فون اٽينڊ ڪئي ته پريان کان پنهنجائپ ڀري لهجي ۾ آواز آيو، ڪٿي آهيو؟ آواز ٻڌل ٻڌل هو. ايتري پنهنجائپ تي حيرانگي ٿي سوچڻ لڳس ته ڪير ٿي ٿي سگهي جيڪو ايترو مهربان هجي، اهو به مون جهڙي ماڻهو تي جنهن جي قسمت به دشمن رهي آهي. ايتري ۾ ٻيهر آواز آيو. فضلو خاموش ڇو آهين؟ مان پي ڳالهايان ماهه نور، ميڊم ماهه نور جو نالو ٻڌي هڪ لمحي لاءِ دنگ رهجي ويو هئس. ڇا پيو سوچين مان پنهنجي صبح واري لهجي تي پشيمان آهيان، سوري ڪرڻ لاءِ توکي ڪال ڪئي اٿم. خبر نه آهي ڇو بي ساخته دل پڪي محسوس ڪيم ۽ بنا سوچڻ جي وراڻيم نه ميڊم ان جي ضرورت نه آهي. توهان لاءِ کوڙ سارو احترام آهي. ها- پر تون آهين ڪٿي؟ ميڊم ماهه نور منهنجي ڳالهه اڻ ٻڌي ڪندي چيو. سي ويو تي ميڊم منهنجي جواب تي ميڊم چيو اڇا تڏهن ايترو شور آهي. خير تون هيئن ڪر وليج هوٽل واري سائيڊ تي اچ، مان توکي پڪ ڪري ٿي وٺان. مون رڳو جواب ۾ ”جي“ ميڊم چيو ته ميڊم چيو اڇا ٻڌو دير نه ڪجان مان ويجهو ئي آهيان. ميڊم ماهه نور اهو چئي فون بند ڪري ڇڏيو ۽ مان ڪي لمحا ميڊم جي ان لهجي تي حيران رهجي ويس ٿوري دير بعد وليج هوٽل واري پاسي هلڻ شروع ڪيم، مان جيئن ئي وليج هوٽل جي ڀرسان پهتس ته ميڊم کي انتظار واري ڪيفيت ۾ ڏٺم. مان ميڊم ماهه نور طرف ويس ته هن بنا ڪنهن سلام دعا ڪرڻ جي گاڏي جو در کوليو ۽ مان ويهي رهيس ۽ پوءِ گاڏي سمنڊ وارو رستو ڇڏي ڊفينس جي شاندار بنگلن جي سيريز ۾ داخل ٿي وئي چند لمحن بعد هڪ شاندار گهر جو مين گيٽ گاڏي جي هارون تي بنا دير کلي ويو.
    هڪ لمحي لاءِ ائين لڳو ڄڻ واچ مين گاڏي جي هارون سان ڪنيڪٽ هجي. گاڏي ڪار پورچ ۾ اچي بيٺي ته ميڊم لهڻ جو اشارو ڪندي چيو پليز، پهرين ڀيري ميڊم جي لهجي ۾ حد کان وڌيڪ احترام نظر آيو. ان کان پهرين پنجن ڇهن منٽن جي ڊرائيو واري رستي تي ميڊم مسلسل خاموش هئي، البته رکي رکي چور نظر سان مون ڏانهن هڪ اڌ ڀيرو ڏٺو هئائين. جيڪو انداز مون کي ڪنهن به پاسي ڏانهن اشارو نه پئي ڏنو. اسان ٻئي ڊرائينگ روم ۾ آياسين ته هٿ جي اشاري سان ويهڻ جو اشارو ڪندي پاڻ به ويهندي چيائين شهزاد اڄ ڪلهه پنهنجي لاڏلي زال سان گڏ فيز فور ۾ رهي ٿو. هتي مان ۽ منهنجي ننڍڙي زويه رهون پيا. اهو سڀ ڪجهه ٻڌي مون کان بي ساخته رڙ نڪري وئي. پر هو ته توهان سان بي پناهه محبت ڪندو هو. درد جي ڳنڍ جو روپ اختيار ڪندي ميڊم ماهه نور چيو ها اسان ٻئي هڪٻئي لاءِ دنيا جون سڀ آسائشون ڇڏڻ جون دعوائون به ڪندا هئاسين. توکان ڇا ڳجهو آهي. ميڊم ٿڌو ساهه کڻي چيو، شهزاد اهو ساڳيو نه رهيو آهي. مڪمل طور تبديل ٿي ويو آهي. هو ته پنهنجي هڪ به ڳالهه تي قائم ۽ ثابت قدم نه رهيو آهي. پنهنجي سڀني دوستن توڙي عزيزن کان به ڪٽجي ويو آهي.
    مان هڪ لمحي لاءِ وساري ويٺو هئس ته ڪٿي ۽ ڪنهن سان ڳالهائي رهيو هئس. بلڪ ان لمحي مان چوڏهن پندرنهن سال اڳ واري انداز ۽ هجت سان ميڊم سان مخاطب ٿيندي چيو هئم، ها تون ٺيڪ ٿي چوين، شهزاد جي اکين مان سڃاڻپ ختم ٿي وئي آهي. هاڻ هو اڳ وارو نه رهيو آهي. منهنجي ان ڳالهه تي ميڊم هڪ لمحي لاءِ بي اختيار بڻجي ڏسڻ لڳي ٿي. شايد شادي کان اڳ وارو دور ياد اچي ويو هجيس، ڇاڪاڻ ته جڏهن ميڊم ماهه نور ۽ شهزاد جي شادي نه ٿي هئي تڏهن اسان ٽئي هڪٻئي سامهون بي حجاب ۽ انتهائي حد جا هجتي هئاسين. توڙي جو شهزاد ۽ ماهه نور هڪٻئي کي بي پناهه چاهيندا هئا. پر مون اڳيان کليل ڪتاب هئا ۽ پوءِ آهسته آهسته وقت ايڏيون ته ديواريون کڙيون ڪري ڇڏيون هيون جنهن کي اورانگهڻ جي ست گهٽ ۾ گهٽ مون جهڙي ماڻهو جي وس ۾ ڪونه هئي. ميڊم چند لمحه ائين ڏسڻ کانپوءِ بي اختيار بڻجي پنهنجي جاءِ ڇڏي اچي منهنجي انتهائي ويجهو ويهندي سڏ ڪندي چوي ٿي هوءَ مون کي مارڻ واري حد تائين لهي آيو آهي. ائين ڪيئن ٿو ڪري سگهي. اسان اڃان ايڏا ڪمزور ڪو نه ٿيا آهيون تون ڪنهن قسم جو فڪر نه ڪر مان توسان گڏ آهيان. تون پاڻ کي اڪيلو نه سمجهندو ڪر. مان توسان گڏ آهيان، تون ڪوبه فڪر نه ڪر. مون پنهنجائپ منجهان هن جو هٿ ڇا جهليو، هوءَ ڄڻ ته وڻ ويڙهي وانگر مون ۾ ويڙهجي وئي هئي ۽ پوءِ وقت جي بي لغام گهوڙي تي سوار ٿيندي هن پنهنجو سڀ ڪجهه مون کي ارپي ڇڏيو ان لهجي ۽ اهو سڀ ڪجهه مون کي ائين لڳي رهيو هو ڄڻ ته هوءَصدين کان اڃاري ۽ پياسي هجي. هن جي وجود تي هڪڙي زماني جا ٿڪ هجن، جيڪي منهنجي وجود ۾ اوتڻ چاهيندي هجي.
    ***


    هڪڙو ماڻهو لک ٿئي ٿو...!

    سڄو تر هراسجي ويو هو، وسامجي ۽ سراپجي ويو هو. زندگي مفلوج ٿي رهي هئي. ڪنهن کي به زندگيءَ ڏانهن ويندڙ دڳ نه ٿئي مليو. ماڻهو ئي نه پر جانور به حياتي بچائڻ لاءِ سرگردان هئا. چئوڦير آويساهيءَ واري ڪيفيت هئي. نيڻ نهار تائين پاڻي ئي پاڻي هو، جيڪو مست هاٿيءَ وانگر وسنديون ۽ زندگيون ميساريندو پئي ويو. چئو ڏسا ۾ ڀاڄ هئي. ڄڻ فطرت زندگي ۽ موت ۾ گوءِ رکي هجي. هزارين زندگيون موت جي ور چڙهي چڪيون هيون.
    ٻوڏ هاڻي خانڻ وارن جي ڳوٺ ڏانهن وڌي رهي هئي. پاڻي فٽن جي حساب سان مٿي چڙهي رهيو هو. ڄڻ ته سڪيءَ تي سمنڊ جڙي پيو هجي. بزرگ ٻڌائن پيا ته اهڙي ٻوڏ انهن منجهان ڪنهن ڪون ڏٺي هئي...
    ايڏي خوف ۽ دهشت ڀري ماحول ۾ به، خانڻ جي ذهن ۾ هڪ ئي سوال کر کنيو بيٺو هو ته ڪيئن پنهنجي ڳوٺ کي پٽ پوڻ ۽ ٻوڏ ۾ ٻڏڻ کان بچائي.
    پاڻي ڳوٺ کان اڃان ته چاليهه کن ڪو هه پرتي هو خانڻ ان جو فائدو وٺندي ڳوٺ جي ماڻهن کي بچاءِ بند کي محفوظ ڪرڻ لاءِ اتساهي رهيو هو. ڳوٺ جي هڪ هڪ ماڻهوءَ سان مليو موٽ ۾ ڳوٺاڻن جو ورتاءُ توڙي جو چڱو ڪو نه هو، پر پوءِ به خانڻ ان جو ڪو به اثرڪو نه ورتو.
    ماڻهن کي موت کان سواءِ ڪجهه به نه نظر نه ٿئي آيو، ڄڻ ته زندگيءَ کي موت جي راڪاس حوالي ڪيو ويو هجي.
    پاڻي جو چاڙهه رخ ۽ ڇوهه پسي ڳوٺ جي مجيرين چيو ته، ”پاڻي آ جهاڳ ۽ آجهل آهي، ڳوٺ کي ڏنل بچاءَ بند ته، پهرين سٽ ۾ ئي هليو ويندو، تنهنڪري ڀلو ان ۾ آهي ته ڳوٺ خالي ڪري ڪنهن محفوظ جاءِ ته هلون ۽ جيئن ئي پاڻي لهي ته موٽي ماڳن تي اچبو.“
    مجيري جي فيصلي کي پوري ڳوٺ اکين تي رکيو. اوطاق ۾ ويٺلن مان ڪنهن به ڳوٺاڻي مجيريءَ جي فيصلي کي پٺ نه ڏني. پر خانڻ مجيريءَ جي ان فيصلي تي نابري واريندي سڌو سنئون انڪار ڪري ڇڏيو. خانڻ جي انڪار مجيريءَ کي ته نه وڻيو پر ڪمدار ڪارائن کي به نه آئڙيو. سڄو ڳوٺ خانڻ جي ان هوڏ تي وائڙو ٿي ويو. مجيريءَ خانڻ کي رد ڪندي ڳوٺاڻن کي صلاح ڏني ته، ”هوضروري سامان ٻڌي تياري ٿي سوير ئي نيڪر جو ڪن ان ۾ ئي سندن ڀلو آهي.“ ڇو ته هنن لاءِ ڳوٺ نه پر ڳوٺاڻا اهم آهن.
    حياتي سڀ کي پياري هوندي آهي ڳوٺ جي اڪثر ماڻهن کي مجيري محمد صديق جي صلاح سٺي لڳي رهي هئي، مجيري محمد صديق ڳوٺاڻن کي محفوظ هنڌ ڏانهن پهچائڻ لاءِ پنهنجي ٽيڪٽر ٽرالي مفت ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو.، جڏهن ته مجيريءَ جي موڀي پٽ آچر خان پاڻ پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن کي ٻاهر محفوظ هنڌ پهچائڻ جو اعلان ڪيو هو.
    ڳوٺ ۾ مجيري محمد صديق جي اصل واهه واهه ٿي وئي. هر ڪنهن جي وات تي هڪ ئي وائي هئي ته مجيري محمد صديق هن ڏکي گهڙي ۾ ڳوٺاڻن کي نه ڇڏيو.
    خانڻ وري به ڳوٺ جي ماڻهن سان مليو ۽ هٿ جوڙي منٿ ميڙ ڪئي ته، ”مجيري جي ڳوٺ سان سچا آهن ته ٽيڪٽر سان ڳوٺ جي بچاءَ بند کي محفوظ ڇو نه ٿا ڪن.“
    ۽ مجيرين خانڻ جي ان خيال تي ٺهه پهه ان ڪار ڪندي چيو ته، وات ڳاڙهو رولو ڇورو ٿو ڳوٺ جا فيصلا ڪري.
    خانڻ پوءِ به ڳوٺاڻن کي منٿون ڪيون ته، ڳوٺ ڇڏڻ کان بهتر آهي ته بچاءَ بند محفوظ ڪيون پنهنجو ڳوٺ قدرتي طرح اڳ ئي مٿي آهي ان ڀلائيءَ ڇو نه مان فائدو وٺون، اسان کي ته بلڪل ٿوري محنت ڪرڻي پوندي.
    هڻندي ماريندي نيٺ خانڻ جي اها ڳالهه ڳوٺاڻن کي دل سان لڳي.
    خانڻ، جي اسان مڙسي ڪيون ته اسان پنهنجي ٻچڙن ۽ عورتن کي در بدريءَ کان بچائي سگهون ٿا. ۽ توهان ئي ٻڌايو ڀلا نياڻين ۽ معصوم ٻچڙن کي ڪٿي گهليندا وتنداسين.
    پر مجيري صديق جي وري به ساڳي ڳالهه، ”پاڻي آجهاڳ آهي ان سان مهاڏو اٽڪائڻ سوکو ناهي.“ تنهن ڪري اسان جي بهتري ان ۾ آهي ته ڀڄي جان ڇڏائجي.
    ڳالهه مجيري صديق جي به غلط نه هئي پاڻي واقعي به اهڙو هو.
    ڳوٺاڻن جي هر کر تي مجيري صديق ڪاوڙ مان ڳوٺاڻن کي چيو ته، ”ان خانوءَ جي چوڻ ۾ اچي پنهنجو بڻ بڻياد گم ڪرائيندائو. پاڻي اڃان پري ۽ گهٽ آهي. نيڪر جي مهل اڃان نه وئي آهي پاڻي جهڙي انداز سان وڌندو ٿو اچي سو ڪنهن کي به نه ڪو نه بخشيندو.
    پوڙهن پڪن جا ساهه مٺ ۾ هئا. هڪ پاسي مجيري صديق جي ڳالهه به صفا سون سان تورڻ جهڙي ٻي طرف وري خراب ڳالهه خانڻ جي به نه هئي. هن به مڙسي جي ڳالهه پئي ڳڻائي.
    پنهنجو تر ڇڏي کانپوءِ خبر ناهي ڪهڙي حالت مان گذرڻو پوي، ماڻهو پيئڻ جي پاڻي چڪي لاءِ مجبور، نياڻيون سياڻيون الڳ بي بردي ٿين. ڪو عزت ڀريو اجهو ملي الاءِ نه !
    انهن ڳالهين هڻي ڳوٺاڻن کي منجهائي وڌو هو. اڻڳڻيا سوال ڳوٺاڻن جي ذهن ۾ ڪوڪن وانگر کپي ويا هئا، ڪو به ڪنهن هڪ فيصلي تي ڪو نه پئي بيهي سگهيو.
    پاڻي ڏسي ڪو به ان کي منهن ڏيڻ واري همت ڪو نه پي ساري سگهيو پاڻي کي منهن ڏيڻ واري خانڻ جي ڳالهه ان ڪري به ڪمزور لڳي رهي هين جو، پاڻي جيئن پوءِ تيئن چڙهندو پئي آيو، تنهن مان ڳوٺاڻن کي لڳو پئي ته، ان کي منهن ڏيڻ ڪنهن جي به وس جي ڳالهه ناهي. پاڻي هڪ ئي ڌڪ سان ڳوٺ کي اصل ڪک پن ڪري ڇڏيندو. ٻئي پاسي وري پنهنجي ڪکن کي ڇڏڻ به ڏکيو هو. اباڻن ڪکن ۾ عزت ڀريو ساهه کڻڻ وارو اتساهه به اهم هو.
    ڏسندي ئي ڏسندي پاڻي ڳوٺ کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو هو. جيئن جيئن پاڻي ڳوٺ کي سڙهو ڪندو پئي ويو تيئن تيئن ڄڻ ڳوٺاڻن جو ساهه سوڙهو ٿيندو ويو. اصل ماڻهن جو ساهه سڪي ويو هو.
    ڪجهه ماڻهن ڊپ مان مجيرين وٽ وڃي هٿ جوڙي مدد وٺي ڳوٺ مان نڪر ڪيو.
    ڳوٺاڻن کي ٻاهر پهچائڻ لاءِ مجيرين جون ٽراليون تيار بيٺل هيون ڳوٺاڻن ۾ خوف وڌي ويو هو. اهي آهستي آهستي ڳوٺ ڇڏڻ لڳا هئا مگر خانڻ جي ذهن تي هڪ ئي سوال سوار هو هن نه صرف ڳوٺ پر ماءُ جي بٺي بچائڻ پي چاهي. خانڻ جو هونئن ته هن ڳوٺ ۾ پنهنجو ڪير به ڪو نه آهي بلڪ امڙ حاجران جي چالاڻي کان پوءِ ته هن ڀري ڪائنات ۾ اڪيلو رهيو آهي. جڏهن کان حاجران لاڏاڻو ڪري وئي آهي تڏهن کان خانڻ گهر ۾ رات جا چار پهر سمهڻ لاءِ ايندو آهي. پر سمهي به ڪو نه سگهندو آهي جو گهر ۾ ايندي ئي امڙ جي يادگيرين ۾ گهيرجي ويندو آهي. تڏهن بي اختيار بڻجي پنهنجي امڙ جون سنڀالي رکيل عام استعمال وارين شين کي چمي ماءُ کي ڀري جهان ۾ اڪيلو ڪري وڃڻ واريون شڪايتون ڪندي سج اڀاري ڇڏيندو آهي. گهر جي اڱڻ تي بيٺل پوڙهي نم جي ڇانو خان کي امان حاجران جي جهولي جيترو سڪون ڏيندي هڪ ٻانهين ڀڳل کٽ ڪوٺي جي وچين مناري سان ٺاهيل ڪچي مٽي جي مسيت ۽ ٻيون اهڙيون بي شمار شيون آهن.جن سان خان جي ماءُ جون يادگيريون جڙيل آهن جن کي سهيڙي ٻوڏ کان بچائڻ به ڏکيو ته ٻوڏ ۾ ميسارجڻ جي صورت ۾ کيس ائين لڳي رهيو هو. ڄڻ سندس ماءُ هڪ ڀيرو ٻيهر وڇڙي رهي هجي. خان اهو درد ٻيهر برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هن لاءِ سڀ کان اهم پنهنجي امڙ جون يادگيريون بچائڻ آهن. هو هڪ ڀيرو وري جذباتي ٿي ڳوٺاڻن وٽ آيو ۽ انهن کي ويڻ ڏيڻ لڳو ته، ”اڙي! اسان اڳ ته ڪڏهن پنهنجيون نياڻيون ٻاهر ڪو نه ڪڍيون هيون ڏکي سکي ۾ گهر عزت سان ويٺا آهيون ۽ هاڻي ساهه جي ڊپ کان هٿيار ڦٽا ڪيا آهن اها ڪهڙي غيرت آهي، جو ساهه جي ڊپ کان ننگ رلائڻ نڪتا آهيون.؟“
    هڪ طرف حياتيءَ جي تانگو ته ٻئي پاسي خانڻ جا ويڻ ڳوٺ وارن لاءِ وڏو ذهني منجهارو کڙ ٿي ويو، ڳوٺاڻن جو ساهه ٻه ٽنگو ڦاسي پيو.
    هڪ پاسي خانڻ جون ڳوٺ نه ڇڏڻ جون منٿون ۽ صلاحون ته ٻي پاسي مجيري صديق ماڻهو ڍوئڻ شروع ڪيا. تڏهن خانڻ جو هانو ڇڄي پيو. جڏهن ڪاڪي ڪوڙي پنهنجي خاندان کي نڪرڻ لاءِ چيو. خانڻ توڙي جو هارائڻ لڳو هو. پر پوءِ به همت نه هاريائين هڪ دفعو وري پڪن پوڙهن وٽ ڀڳو ته، ”او چاچا! ماما! ڀائو!!! سر بچائڻ به سنت آهي پر جوان جوءَ نه ڇڏيندا آهن. هونءَ ته سڄي سنڌ پنهنجي آهي جتي چاهون هلي رهي سگهون ٿا. پر اها ڪائنرتا آهي، جو اسان پنهنجو ڳوٺ بچائڻ بدران ٻين جي درن تي وڃي ڌڪا کائون. مجيري محمد صديق جي جهڙا ماڻهو سرڪار جي ونگار وهندي اسان ڪي دربدر پيا ڪن.“
    خانڻ جو اهو چوڻ مجيري جي اکين ٽيڏي ڪري پنهنجي ڇاڙتن ڏانهن نهارڻ ۽ خانڻ تي موچڙن جو ٽهڪو شروع اصل ڪوٽي مڙس کي ناڙ ڪري وڌائون.
    خانڻ کي مار ملندي ڏسي ماسي جنت جيڪا پڻ پنهنجي پٽ سوڍي ۽ ڌيئرن ملوڪان ۽ مٺي سان گڏ ٽراليءَ ۾ ويٺي هئي. هڪل ڪري ٽرالي مان لهي پئي، ”ڇوڪر کي متان اڪيلو سمجهو اٿو.“
    ماسي جنت جي اهڙي هڪل کانپوءِ ماءُ جو مريد پٽ سوڍو به ڪهاڙي اڀي ڪري ٽراليءَ مان ٽپ ڏئي لٿو ته ملوڪان ۽ مٺان به ڀاءُ سان گڏ ٽراليءَ تان لهي پيون. سوڍي جي ڪهاڙي جو وراڪو ۽ ماسي جنت جي هڪل مان مجيري محمد صديق صورتحال سمجهي ويو. معاملو هٿان نڪري ويندو سو پنهنجي همراهن کي هڪل ڪري پاسي ڪيو ڊرامي بازي ڪندي پنهنجي همراهن کي گارگند ڪندي ڊرائيور کي ٽِيالي ڪڍڻ جو چيو.
    ماسي جنت جي اهڙي دلداريءَ تي خانڻ جا لڙڪ لڙي پيا. سوڍي وڌي خانڻ جا لڙڪ اگهندي چيو، ”مڙس ٿي خانڻ، تو جهڙا جوان روندي ڪون ٿا سونهن همت ڪر ڳوٺ بچائبو.“ اسان توسان گڏ آهيون.
    ماءُ جي مريد سوڍي جي ڳالهه ٻڌي سندس ڪجهه دل گهريا يار به هڪل ۾ هڪل ۾ ڏيندي بند تي پهچي ويا.
    پوءِ ته هڪ پاسي پاڻيءَ ته ٻئي پاسي سوڍي ۽ ان جي يارن جهڙن ڇيڙاتن ۽ ماهر ڪوڏارين جي ڪوڏرن جي وهڪ.
    پاڻي چوي ٻوڙيان ٻوڙيان، همراهن جي لپي جي زيپٽ اصل مشين وانگر پئي وهيا. اصل هڪ کن جي ساهيءَ بنا بند جي بچاءَ ۾ لڳي ويا.
    ٻي پاسي ملوڪان ۽ مٺان ماني ۽ پاڻيءَ جي ڪم ۾ لڳي ويون.
    ڳوٺ ۾ سرٻاٽ پئجي ويا. هڪڙي پاسي پاڻي ته ٻئي پاسي ماسي جنت گهر گهر ۾ ڳوٺ جي جوانن لاءِ واکاڻ ڪندي، ڪنهن کي ميار ته ڪنهن کي گار. ڪنهن جا شرم مان ڪنڌ جهڪيل ته ڪي وري ڪوڏر کڻي بند تي پهتا. صديق مجيريءَ ماسي جنت کي گار ڏياري موڪلي ته، ”رن! ڳوٺ جي جوانن جو سر کڻائيندي.“
    هڪ طرف پاڻي هٿن جا هٿ چڙهي رهيو آهي ته ٻي طرف خانڻ ۽ سوڍي جي سنگت جا جذبا جوان ٿيندا پيا وڃن.
    ڪنهن اچي بند تي محمد صديق مجيري طرفان پوليس موڪلڻ واري سازش ٻڌائي ته سڀ کن پل لاءِ وسامي ويا.
    خانڻ کي ذهن ۾ مجيري محمد صديق جي ڌمڪي تري آئي، ”تون پنهنجن حرڪتن کان نه ٿو مڙين، جيڪو به نقصان ٿيو. ان جو ذميواريون تون هوندي مان تنهنجي خلاف ڪيس داخل ڪرائيندس.“
    کن پل لاءِ خانڻ جي دل وسامي وئي پر، مٿان سوڍي هڪل ڪندي چيس، ”متان همت هاري اٿئي دوست.“
    جنت مٿي تان مٽي جي ڀريل تغاري بند تي هاريندي چيو، ”ڇوڪر پاڻ کي اڪيلو نه سمجهه جيڪو ٿيو منهن ڏبو، پوليس ۽ مجيري صديق کي محاذ تي شڪست ڏبي.“ تون رڳو همت سان ڪوڏر هلاءِ پوءِ ويهي قدرت جا رنگ ڏس.
    خانڻ امالڪ چئي ويٺو. ”ماسي پاڻي“.
    جنت پر اعتماد لهجي ۾ چيو، ”همت نه هار ڪچي پنڊي (ٻار ٻچن) کي هوتو مست جي ٽٻي تي هلي ويهاربو. ننڍا ٻار ۽ عورتون محفوظ ته سڀ همت سان ڪم ڪندا.“
    خانڻ چيو، ”پوءِ ماسي وارو ڪر ٻارن ٻچن کي ڳوٺ جي پٺيان ڪسي (واٽر ڪورس) واري ڪڙ سان وٺي وڃي هوتو مست جي ٽٻي تي ويهار.“
    ”توهان بي فڪر ٿي ڪم ڪريو. اهو ڪم منهنجو.“
    پاڻي بچاءَ بند کي پائڻ تي پهتو هو.
    ڪجهه جاين تان ننڍيون ننڍيون هلڪيون ڦلڪيون روڻيون به پئجي ويون هيون. پر خانڻ وارن مڙسي نه ڇڏي. جيئن جو تيئن حوصلي سان ڪم ۾ رڌل رهيا.
    مجيري محمد صديق جي انا مجروح ٿيڻ لڳي هئي هن نه رڳو خانڻ هٿان هارائڻ جي احساس هيٺ دٻجي خانڻ کي جهڪائڻ لاءِ آخري هربو استعمال ڪندي پوليس کان مدد وٺندي خانڻ کي گرفتار ڪرڻ جو سوچيو، اصل ۾ وڏيرو خانڻ جي دشمني سبب ڳوٺ سان دشمني تي لهي آيو هو. مجيري صديق ان حوالي سان ڪاري جمعدار جي کيسي ۾ ڏهه کان وڌيڪ نيرا نوٽ وڌا ته، جمعدار ڪارو گڦ ڳاڙيندوبچاءَ بند ڏانهن نڪري ٿو پوي، پر گس تي کيس ياد آيو ته هن پنهنجي پٽن کي ڳوٺ ڇڏڻ لاءِ سامان گڏ ڪرڻ لاءِ چيو هئي ڪون هو.
    اوچتو ڄڻ ته زندگي موٽڻ لڳي هئي،. ماڻهن جي چهرن تان ڊپ جا ليپا لهڻ لڳا هئا ۽ هر هڪ جي هٿ ۾ ڪوڏر اچي وئي هئي. بند کي پوندڙ روڻيون بند ٿي ويون. پاڻي هٿن جا هٿ چڙهي رهيو هو. ته بند به فٽن جا فٽ مٿي ٿيندو پئي ويو. سڄو ڳوٺ بچاءَ بند تي پهتل هو. ڪارو جمعدار بند تي پهتو ته ان جي گف ئي بند ٿي وئي هئي مجيريءَ جي نوٽن پنهنجو اثر وڃائي ڇڏيو هو. ڪارو جمعدار خاموش جهڙو ڀت بند تي لڳندڙ ڪوڏرون کي ڏسندو ئي رهجي ويو...
    ۽ پوءِ اوچتو ڳوٺ لاءِ سڻائو واءَ گلي پيو هو. نيٺ هڪ وقت اهڙو به اچي ٿو جو مجيري صديق به پنهنجو ٽيڪٽر ڪاهرائي ڳوٺ جي بچاءَ بند تي پهچي ٿو بند کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ٽيڪٽر به ڪم شروع ڪري ٿو.
    جنت ٻاجهاري نظرن سان سوڍي ۽ خانڻ کي شفقت سان مٿي تي هٿ رکندي چوي ٿي: ”پاڻي کي پائڻ نه ڏجو. ڪوڏر نه بيهي مان بس وڃي موٽيس.“
    جنت گهر پهتي پنهنجي جوان نياڻين مٺان ۽ ملوڪان کي هڪل ڪندي چيو، ”وارو ڪريو ڪوڏرون کڻون ڀائرن کي توهان جي مدد جي ضرورت آهي.“
    مٺان ۽ ملوڪان جنت جي پٺيان ڪوڏرون کڻي نڪري پون ٿيون. جنت ڳوٺ جي ٻين عورتن کي هڪلون ڪري ٿي ته توهان ڇو ويهي موت جو انتظار ڪيون ٿيون. اٿو ڪوڏرون کڻون مٺان وارن کي ڪوڏرن سان بند طرف ويندي ڏسي ڳوٺ جون سوين عورتون انهن جي پٺيان نڪري پون ٿيون.
    مال جي واڙي جي ڇانو ۾ ويٺل هادي جا ڪن کڙا ٿي وڃن ٿا 5 اڙٻنگ جوان پٽن جو پيءُ هادي جيڪو ٻوڏ جي خطرن کان بي پرواهه مال جي ڀاڻي وٽ ريڊيو تي جلال جو ڪلام ٻڌي رهيو هو جيئن ئي ڳوٺ جي گهٽي مان جنت جي ڌيئرن ملڪان ۽ مٺان جي هٿن ۾ ڪوڏرون ڏسي ٿو ته شرم مان ڪنڌ جهڪي پويس ٿو . ويتر جنت پنهنجي پوتي لاهي هادي کي ڏيندي چيو ته ادا هادي هي تون سنڀال پنهنجي ڪوڏر ۽ ٽوپي مون کي ڏي ڇو ته اهي توکان سنڀاليون ڪون ٿينديون هادي جيڪو هڪ ٽنگ کان منڊو آهي سو سٽ ڏئي هڪ طرف کان رکيل بي ساکي کڻي هڪل ڪري ٿو راهب - ڍولڻ وارو ڪريو ادي جنت نڪ لاهي ڇڏيو. هاڻي ويڻ سهڻ جي همت نه رهي آهي. هادي جي هڪل تي سڀني ڪوڏرون کنيون ۽ نڪري پون ٿا بند طرف جنت جي ڌيئرن کي ڪوڏرن سان ويندي ڏسي ڊپ ۾ ورتل ڳوٺاڻن جو لڄ منجهان سر جهڪي وڃي ٿو. ۽ پنهنجي گهرن طرف ڊوڙڻ لڳا. جيئن ڪوڏرون کڻي ڳوٺ جي بچاءَ بند تي پهچن.
    ملوڪان ۽ مٺان پنهنجي امڙ سان گڏ وڏي ويساهه سان وکون کڻندي بند ڏانهن وڌن ٿيون.
    ***


    ڪاري ڍڳي جا چور

    حاجي رکيل پنهنجي دور جو نامي گرامي چور ۽ غضب جو رندڙيو رهيو آهي. رندڙيو به اهڙو جو زمين تي ڪنهن ساهدار جو کُر لڳي باقي همراهه جي وک مان ئي سڃاڻي وٺندو هو ته ڪهڙي ڪونڌر وک ڀري آهي. ۽ پيرو ڪٿي دنگ ڪري سگهي ٿو. پيرن جي سڃاڻپ جي ڪري ڊنگ چور ڪمالو جت ۽ هاشو هڻ هڻ جهڙن نامي گرامي ڏوهارين سان سڌو دشمني کنئين هئائين. رکيل پاڻ به بلا جو سريلو مڙس هو. جيلون ڪاٽڻ کان جبل لتاڙڻ تائين ڏوهن جي دنيا جا سڀ گهيڙ گهٽ ڏٺل اٿس اصل مڙس گهاٽ گهاٽ جو پاڻي پيتل آهي. مڙس به اهڙو جو يارن جو يار سنگت تي سر ڏيڻ لاءِ آتو. پنهنجي تي اچي ته ريل گاڏي چڙهي وڃيس تڏهن به مجال آهي جو ٻڙڪ ٻاهر ڪڍي. ۽ جي وڙهي ته ٻولائي اصل مخالف کي ٽائيم ڏئي ڪري ڌڪ هڻي ڌڪ به اهڙو جو همراهه سڄي عمر ياد ڪري.
    هڪ ڀيري رئيس پنهل خان ٻڪري چوري جي ڪيس ۾ ٿاڻي تي ويهي ڪٽرايس همراهه ڏندڙ جي ويو پر هڪ لفظ به ٻاهر نه ڪڍيائين. جيترو مار اوترو مضبوط همراهه ڄڻ ڀت هجي. هڪ لمحو اهڙو به آيو سنتري وارث وڌي صوبيدار اڳيان اڀو ٿي ويو. کتو جواب ڏئي ڇڏيائينس نوڪري وڃي ته ڏهه ڀيرا وڃي پر مڙس مارڻ نه ڏبو. وارث هو ته سپاهي پر تر جي چورن ۾ وڏي هاڪ هئس. وڙهڻ جو اصل ڪتو. وڏا وڏا ڊنگ ڏوهاري توڙي ڇڏيائين. چورن کي اهڙي ڳجهي مار ڏيندو هو جو چڱا ڀلا ٽٽي پوندا هئا. ايتري تائين جو وارث نالي ٻڌڻ سان للنگ مڙسن جي سٿن سائي ئي ويندي هئي. چور حد جي صوبيدار کان وڌيڪ سپاهي وارث سان ٺاهي رکندا هئا جئين ڏکي وقت ۾ ڪم اچي سگهي. وارث جي مار به اهڙي تهڙي ڪو نه هئي نه. سٽڪائي ٻه همراهه طوطي وانگر پيو. ٻوليندو هو.
    وارث رکيل جي سريلائپ تي اصل فدا ٿي پيو تڏهن پنهنجي آفيسر کي رکو ۽ سڌو جواب ڏئي ڇڏيائين جيڪو وڻي وڃي ڪر. هاڻي رکيل کي هڪ سچو به نه لڳندو. رئيس پنهل خان وارث جي اهڙي انداز تي دنگ رهجي ويو. صوبيدار ۽ رئيس پنهل خان ٻنهي ڄڻن پنهنجي پنهنجي حصي جا اختيار استعمال ڪري وارث جي نوڪري پئي تيل ڪرائي پر وارث جي پنهنجي کاتي ۾ ڪجهه ڪيل خدمت ڪم آئي. سو ڪجهه ڏينهن لاءِ معطل ٿيو. ۽ پوءِ ٻيهر ساڳي ئي مستي سان نوڪري تي چڙهيو.
    ۽ پوءِ دور بدليو.
    رکيل جيلون ڪمائي موٽي اچي پنهنجو ديرو قائم ڪيو ۽ سپاهي وارث پنهنجي کاتي ۾ ڪارنامه ڏيکاري سپاهي مان ترقي ڪري صوبيدار بڻجي ويو. ان سڄي عرصي ۾ رکيل ۽ وارث جي يار جون ڳنڍون جيئن پوءِ تيئن اڃان وڌيڪ مضبوط ٿيون. هڪ ٻئي لاءِ لک لٽائڻ لاءِ تيار اصل ڀائرن جهڙا دوست. وارث جو وس هلي ۽ رکيل کي تڪليف اچي اهو ممڪن ئي ڪو نه آهي. رکيل به پنهنجي يار لاءِ ساهه صدقو. اصل پاڻ گهورڻ لاءِ بي قرار. سوين موقعا اهڙا آيا رکيل پنهنجي يار وارث جي خاطر نه ڪيل ڏوهه قبول ڪيو هوندو.
    وارث جهڙو سنگتي حد جو صوبيدار ڇا ٿيو. ڄڻ ته رکيل کي ڦول لڳي ويا هجن. اصل رکيل جي رات لڳي پئي آهي. جنهن وقت ڏس رکيل جي لانڍي تي ترجون سريلون منڌيون ويٺل هيون. تر جا سريلا سنگتي ته شام صبح ايندي ويندي حاضري پيا ڀريندا هئا. پر ست ڪوهه پري جا ارڏا مڙس به رکيل جي ديري تي چانهه چڪي پيئڻ کي پاڻ لاءِ اعزاز پيا سمجهن. مجال آهي جو تر مان ڪک به رکيل جي مرضي کانسواءِ چري. ڪٿان ڪک کڄي ۽ رکيل کان ڳجهو رهي. اهو ممڪن ئي ڪو نه آهي. ترجي سڄي ٻڌي ڇوڙي رکيل جي هٿ ۽ صلاح سان پئي هلي چور چور جي ذات گڏ به ڪيئن نه ٿئي حاجي رکيل مڙس به اهڙو ئي آهي. رکيل لک وزن کڻي به سنگت کي ڏکيو ٿيڻ ڪو نه ڏي. ڀاڳيو ڪيڏو به چڇڙ هجي پر رکيل کيس سڌي ڳالهه چوري واپس گهرجي ته چور وساري ڇڏ. هيترو ڀنگ ٿيندي وڻئي ته ڳالهه ڪر نه ته ٻي صورت ۾ جُوَ ۾ ٻيا به جوان پيا آهن وڃي وئوڙ.
    مانجهي ٺاهوڪو جوانڙو ۽ پنهنجي کل ۾ ارڏو ۽ سريلو جوان آهي. جنهن وقت ڏس ته حاجي رکيل جي اوطاق تي نظر پيو اچي. تر جي سريلن منڍين جا هٿ ڌورائڻ ۾ اڳرو ته فخر به محسوس ڪري. مانجهي جي اٿڻ ويهڻ ۽ ڪڪڙي اک حاجي رکيل جهڙي تجربيڪار مڙس کان گهڻو وقت ڳجهي نه رهي سگهي. مٿان وري صوبيدار وارث جي تصديق ته سوٽ جهڪ جهولي کان محفوظ رهيو ته ڇورو چوٽ جو سريلو نڪرندو. جتي لاهينس اصل چوٽ تي وڙهندو هلڪو هٿ رکينس چڱو نڪتو ته واهه نه ته ڌڪو ڏئي ڇڏبس.
    صوبيدار وارث جي صلاح کانپوءِ حاجي رکيل ايندي ويندي پيو مانجهي مٿان مهر ظاهر ڪندو آهي. حاجي رکيل جي توجهه ملڻ ڪري هڪ طرف مانجهي به خوش ته ٻي پاسي سنگت ۾ چوٻول وڌي ويا ڪنهن ڪهڙي ڳالهه ڪئي ته ڪنهن وري ڪجهه چيس رکيل گرناري مڙس جو سڀ ٻڌي مسڪرائي ٽاري ڇڏيندو هو. ڪي ته اهو به چوڻ لڳا ته حاجي ڇوري ۾ آهي ڇا!؟ مانجهي پنهنجي اکر سان گهڻن کي چپ رهڻ تي مجبور ڪيو. حاجي رکيل جي هٿ رکڻ کانپوءِ مانجهي به گهڻي ڀاڱي اوطاق تي نظر اچڻ لڳو هو. مانجهي ائين ڪري به ڇو نه سندس ننڍو ڀاءُ شيرل ڪمائڻ جو ڪو ڏيو. ته ڀيڻ مٺي ۽ امڙ عظيمه به وصلڻ نه ڏيڻ واريون عورتون هيون. ٻه ٻارا زمين جا پنهنجا ته چار ڍور ۽ کير لسي به جام. ڏسندي ڏسندي مانجهي جي اوطاق تي به جوءِ جي شاشو خانن جي اچ وڃ شروع ٿي وڃي ٿي. اٿڻ ويهڻ وارن جي نظرن ۾ مانجهي لاءِ راءِ تبديل ٿيڻ لڳي ٿي. ائين ٿئي به ڇو نه . اوطاق تي ايندڙ ويندڙ مڙسن اهڙيون خدمتون پيون ٿين جو وڃي ٿيا ست خير. ڳالهين کي پر لڳي ويا چار پير چڱا کڻڻ سان گڏ تڏي منهه جي چڱي واري ڳالهه حاجي رکيل تائين رسي وئي. ۽ پوءِ ائين به ٿيو ته هڪ ڏينهن حاجي رکيل ۽ صوبيدار وارث وڃي مانجهي جي اوطاق تي پهتا.
    اهو ڏينهن مانجهي جي لاءِ ڄڻ ته عيد هو. مانجهي بنا دير جي 8_7 ڪلو گوشت وارو گهٽو کڻي ليٽايو. ست اٺهه قسمن جي ماني تيار ٿي وئي، ماني به اها جو اصل کائڻ وارو آڱريون چٽيندو رهجي وڃي. مانجهي اهو سڀ ڪيئن نه ڪري ها، آخرڪار حاجي رکيل ۽ صوبيدار وارث پاڻ هلي ان جي اوطاق تي آيا هئا. اها ڳالهه گهٽ ته ڪو نه هئي نه. حاجي رکيل ته وري به پنهنجي ترجو ماڻهو هو، پر حد جو صوبيدار هلي اچي اهو به مانجهي جهڙي هڪ الڙچور وٽ اها ننڍي ڳالهه نه هئي. چڱن ڀلن ۽ آڙي ڪاپ چورن جو ننڊيون حرام ٿي ويون هيون، سڀني جي وات تي اها ڳالهه رقص ڪندي رهي ته هڪ وات ڳاڙهي ڇوري وٽ حاجي رکيل پاڻ هلي. اهو ئي نه بلڪه صوبيدار وارث کي به وٺي پهتو آهي. تر ۾ نه ڄاڻ ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون هلي ويون ڪنهن ڪجهه چيو ته ڪنهن وري ڪا ڳالهه ڪئي ڳالهه هڪ وٽان سفر شروع ڪيو ته سوين هزارين ڪنن تائين وڃي دنگ ڪيو. ۽ نيٺ اها ٻاڦور حاجي رکيل کي به وڃي پئي تڏهن هن پنهنجي حساب سان جاچا ڪرائي ته، ڳالهه جي ريل ڪهڙي اسٽيشن تان نڪتي آهي. هونئن ته حاجي رکيل اهڙين ڳالهين تي گهڻو ڌيان ڪو نه ڏيندو آهي. پر مانجهي سان جڙيل ڳالهه هن کي به سرور پئي ڏنو. ڇو ته اوطاق ڇڏڻ وقت ڀر ۾ گاهه ڪندي سندس نظر وڃي مٺي جي سونهن جي سرهاڻ ۾ واسجي وئي هئي، مٺي هئي به ته اهڙي سهڻي جو ڏسڻ وارن جا. اصل هانو هٿن ۾ پئجي وڃن. تڏهن ته حاجي رکيل جهڙي کڙپيل ماڻهو مڙني جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ڪيترائي ڀيرا لئوڻو ڦيري سڌو مٺي کي ڏٺو هو. مٺي کي ڏسڻ کانپوءِ رکيل ڄڻ ته ڪا اهم شي مانجهي جي اوطاق تي وساري آيو هجي. هر لمحي ان طرف دل کي تات هئس. سهڻو ته مانجهي پاڻ به هو اصل سنڌڙين جي دلين ۾ ڪرٽ وهائڻ جهڙو پر سندس ڀيڻ مٺي ته قدرت جو هڪڙو شاهڪار هو. نيٺ حاجي رکيل رهي نه سگهيو ۽ صوبيدار وارث سان من جي ڳالهه اوري ويهي ٿو. وارث کيس مانجهي تي مهر ۽ واسطا وڌائڻ جي صلاح ڏئي ٿو. چوندا آهن ته لڳي کي لعنت حاجي رکيل جي دل جو پلاند مٺي سان اٽڪي پوي ٿو. حاجي رکيل پنهنجي جگري يار جي صلاح تي مانجهي تي مهر وڌائيندي ان کي پنهنجي احسانن هيٺ آڻڻ لاءِ لک وس ڪري ٿو پر مانجهي ڪڏهن اهڙو موقعو ئي ڪو نه ٿو ڏيئس. رکيل برابر تر جو ڪانڀو خانو هو پر مانجهي پاڻ به چوراٽو نوجوان هو. عمر جو برابر ڪچو هو. کيس سامائي واقعي چند سال ٿيا هئا پر هو اصل ڏهيسر پٽ اصل بندوق سامهون موڪل مجال آهي. جو پوئتي هٽي، تڏهن به گهڻا ماڻهو اهو ئي سمجهندا هئا ته مانجهي کي رکيل پنهنجي مزي ماڻڻ لاءِ گڏ کنيو هلي ٿو ڪن جو خيال هو ته مانجهي حاجي رکيل جي ڀڙوت ڪري ٿو تڏهن ته مانجهي لاءِ ايڏو سيڪ ٿو اچيس ته ڪجهه آڙي ڪاپ نظرون رکيل جي مانجهي تي مهر ان جي پئسن ۽ ڀيڻ جي واستن سان ڏسڻ لڳنديون هيون. رکيل هرحال ۾ مٺي کي ماڻڻ پئي چاهيو، جيئن پوءِ تيئن مٺي جو چاهه رکيل کي وڪڙندو پئي ويو. نيٺ ڪو ڌڳ نه ڏسي چوراڻو گُر استعمال ڪندي مانجهي جي چوري ڪرائڻ جو سوچيو ٿو ته جيئن چوري واپس ڪرائي مانجهي تي ٿورو ۽ مٺي جي دل ۾ جاءِ جوڙي سگهي، رکيل جو اهو داوءُ به مانجهي وڃائي ڇڏيو. ڇو ته مانجهي جو پيءُ وڏو جهان گستو ماڻهو هو. ان مرڻ وقت پنهنجي زال عظيمه کي هڪ ئي پارت ڪئي هئي ته ڏکي سکي ۾ مولا مدد ڪندو پر هڪ ڳالهه ياد رکجان لک ڏک ڏسي به منهنجي مانجهي ۽ شيرل جي تريبت اهڙي ڪجان جو ڪنڌ ڪپائي موٽن پر سر جهڪيل نه هجن ۽ سڀ آرام ڦٽائي رات اکين ۾ گذاري ڇڏجان باقي ڏينهن شينهن آهي. ڇو ته شي به پنهنجي ويندي آهي ۽ لک لعنت راڄ جي سو رات جو ننڊون ڦٽائي ڪنهن کي لوڙهو لتاڙڻ جو موقعو نه ڏجان باقي ڪير زوري ڪري ڪو نه سگهندو جو ايڏا ڪوراڄا اسين به ڪونه آهيون ۽ پوءِ ائين ئي ٿيو عظيمه پنهنجي مڙس جي ڳالهه کي پاڻي ڏنو. جيستائين مانجهي جوان ٿيو تيستائين رات جو هڪ لمحي لاءِ به اک ڪونه هنيائين. سوين راتيون اجاڳن جي ور چاڙهي ڇڏيائين. ننڊون حرام ٿي ويس پر پنهنجي لوڙهي لتاڙڻ جي ڪنهن کي به وٿي ڪو نه ڏنائين. مانجهي ۽ شيرل جوان ٿيا تڏهن عظيمه جي نور کي ننڊ نصيب ٿي. ۽ پنهنجي مڙس جي ڏنل بندوق ۽ نصيحت مانجهي حوالي ڪندي پاڻ پرسڪون ننڍون ڪرڻ لڳي ٿي. جنهن جا پٽ ڏهيسر هجن اها ماءُ ڪيئن نه سڪون سان سمهندي.
    مانجهي پاڻ چار وکون کنيل هو سو گهر ۾ هوندو هو ته پاڻ رات ويهي گذاري ڇڏيندو ۽ جنهن رات پاڻ گهر نه ايندو هو ته اهو ڪم شيرل حوالي هوندو هو. مانجهي جو ويهي رات گذارڻ جو ٻڌي حاجي رکيل هڪ رات مانجهي کي ڪچهري جي بهاني پنهنجي اوطاق تي ويهاري ڇڏيو. ۽ پٺيان مٺل ۽ فضل جهڙن گهاگهه چورن کي موڪليائين ته هر حال ۾ مانجهي جي گهران ڪجهه نه ڪجهه ڪڍي اچن. مگر کيس ڪل ئي ڪو نه هئي تربيت ۽ نسل گسندو ڪونه آهي سو مٺل جيئن ئي گهر ۾ گهڙيو ته شيرل سڌا فائر ڪري مٺل کي مرڻينگ ڪري وڌو. خلق ۾ هوڪ هلي وئي ڪن ماڻهن هڻي ماري مانجهي کي چيڙائي وڌو حاجي رکيل هوندي لوڙهو لتاڙجي پر حاجي رکيل به وڏو کيڏاري مانجهي چڙ ۾ باهه ٿي ويو حاجي رکيل جي چوڻ تي صوبيدار تر تپائي ڇڏيو. پر چور ظاهر ڪو نه ٿيا. مانجهي جا چوراڻا واسطا ايڏا نه هئا ان ڪري هن سڄو زور حاجي رکيل تي رکيو ۽ رکيل به گهاگهه ماڻهو سو ڪيئن ٿو پنهنجي گيم خراب ڪري. ان موقعي کانپوءِ رکيل کي ڄڻ ته موقعو ملي ويو هجي ايندي ويندي مانجهي جي اوطاق تي لڙندو هو. رکيل کي مٺي ماڻڻ جو دڳ نظر اچڻ لڳي ٿو. ڇو ته گهڻي اچ وڃ ڪري مٺي وارن رکيل کان حجاب گهٽائي ڇڏيو هو. هڪ ڏينهن ڳالهين ڳالهين ۾ چورن تائين رسڻ جي ڳالهه ڪري ويهي ٿو. ۽ فورن ڳالهه بند ڪري ٿو ڇڏي. اشارو ملندي ئي مانجهي مٺل تي وزن وجهي ٿو. حساب نه ملڻ جي صورت ۾ پلاند لاءِ تيار ٿيڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. مٺل سڀ ڪجهه حاجي رکيل کي ٻڌائي ٿو. حاجي رکيل ڳالهه هٿان نڪرندي ڏسي مٺل کي اهو چئي راضي ڪري ٿو ڏوهه ڏنڊ هوءُ پاڻ ڀري ڏيندو. مٺل تيار ٿئي ٿو ۽ پوءِ مانجهي ۽ مٺل جو فيصلو حاجي رکيل ڪري ٿو، لوڙهي لتاڙڻ جي چٽي طور مٺل تي ڏيڊ لک ڏنڊ وجهي ٿو. مٺل ۽ حاجي رکيل جي وچ ۾ طئي ٿيل راند تحت مٺل اهو چئي فيصلو مڃڻ کان انڪار ڪري اٿي ٿو. ڀلي ڪهرائي ڇڏيو پر اها چٽي ڪو نه ڀريندو. جنهن تي وارث ۽ حاجي رکيل ڪاوڙجي اهو چون ٿا ته اهو نه وسار ته جهيڙو رڳو مانجهي جو نه آهي. ائين سمجهه ته اسان سان به جهڙو وارين ٿو. جنهن کانپوءِ مٺل چٽي ڀري ڏيڻ جي لاءِ تيار ٿئي ٿو.
    مانجهي جي اچ وڃ وڌڻ ڪري حاجي رکيل جي وڏوهر ڌي ساران جي نگاهن جي تاڙ ۾ اچي ٿو. ساران جنهن ڪافي عرصي تائين مانجهي کي ساهن ۾ سانڊي رکيو هو سو موقعو ملندي ئي پنهنجي پيار جو اظهار ڪري ٿي. جيڪو مانجهي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري گذري وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته مانجهي ننگ پال مڙس هو. مانجهي جي انڪار ساران جي من ۾ وڍ وجهي ڇڏيا هئا. پر اهڙو موقعو ڪو نه ٿي وڃايائين جنهن سان مانجهي سان ملڻ ۽ ان کي پاڻئڻ جي ڪوشش نه ڪئي هجيس. مٺل ڏنڊ ته ڀري ڏنو پر مانجهي جي دل تان لوڙهي لتاڙڻ وارو بار ڪو نه لٿو هو. اهو ئي نه بلڪه کيس اهو به شڪ هو ته مٺل سان ٿيل فيصلي ۾ ڪا ڳالهه ضروري ٿي آهي.نه ته مٺل حاجي رکيل جو انتهائي پر اعتماد ماڻهو آهي. ان خلاف حاجي رکيل ايڏو سخت فيصلو ڪيئن ٿو ڪري سگهي. اهو ئي نه بلڪه مٺل جنهن جو ڪو به گهر گهاٽ ئي ڪو نه آهي اهو هڪ ڌڪ سان ايڏي وڏي رقم ڪئين ٿو ادا ڪري سگهي. چوندا آهن ته چور کي گهڻي ٽائيم تائين ڌڪي نه ٿو سگهجي سو ائين ئي ٿيو مانجهي کي اندران ئي اندران هلڪي ٻاڦور پئجي ٿي وڃي جنهن جو پيرو کڻي ٿو ته چور جا پير حاجي رکيل جي اوطاق تي دنگ ڪن ٿا. کيس يقين ڪو نه ٿو اچي ته رکيل جهڙو مڙس دوستي جي نالي تي ائين ڪري سگهي ٿو. ٻي پاسي اها به سوچڻ جي ڳالهه هئي مٺل جيڪو هڪ قدم به رکيل جي مرضي سان ناهي کڻندو سو ته ايڏو وڏو گناهه ڪيئن ٿو ڪري سگهي. گهڻي کر پير هڻڻ کانپوءِ تصديق ٿي وڃي ٿي ته اهو ڪارنامو حاجي رکيل جي صلاح سان مڪمل ٿيو آهي. مانجهي پير ساڌر ڪرڻ کانپوءِ اصل زهر قاتل بڻجي وڃي ٿو. ڪافي ٽائيم تائين سوچيندو رهي ٿو ته آخر حاجي رکيل کي چئي ٿو ڏئي ته اهو سڀ ڪجهه ڇو ڪرايو؟ هڪڙو موڙ اهڙو به اچي ٿو ته مانجهي پنهنجي يارن بلاول ۽ سانول سان صلاح ڪري حاجي رکيل جي ڀيڻ درناز جي گهران ڍڳي ڪڍي ٿو. درناز جي چوري ڇا ٿئي ٿي رکيل اصل مڇر جي پئي ٿو. حاجي رکيل پهرين ڌڪ سان پير سڃاڻي وٺي ٿو. مانجهي کي گهرائي حساب ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. مانجهي انڪار ڪندي چوي ٿو ته هوءَ چور ئي نه آهي ته ڪيئن ڀري ڏئي. حاجي رکيل ڪاوڙ ۽ ميار مان دوستي نڀائڻ جهڙا طعنا ڏيس ٿو پر مانجهي جو هڪ ئي جواب هجي ٿو، دوستي اوتري سچي آهي جيتري تو نڀائي آهي. چور هوءَ نه آهي باقي ڏاڌ ڪرڻ چاهين ٿو ته ٿاڻو کليو پيو اٿئي فرياد ڪر. جي سڌو وڙهڻ چاهين تڏهن به اجازت اٿئي. باقي مان تنهنجي سامهون نه ٿيندس.
    راڄ سامهون اهو جواب ٻڌي حاجي رکيل اصل تپي باهه ٿي وڃي ٿو. وارث جيڪو پاڻ به ڏمريل هو سو رکيل جي اشاري سان مانجهي کي لاڪپ حوالي ڪري ٿو. وارث ڏوهه باسرائڻ لاءِ تشدد جا هڙئي طريقا استعمال ڪري ڇڏيا پر همراهه ٽٽڻ لاءِ تيار ئي ڪو نه ٿيو جيترو وڙهه پوءِ به اهوئي جواب ته چور ناهي ته ڪئين ڀري، سنگت ۾ چئو ته مينهون ڏيڻ لاءِ تيار آهي. باقي چوري الزام ۾ ٽڪر به ڪو نه ڏيندو. وارث چرس ۽ ٻين ڪيسن ۾ چالان جي ڏمڪي ڏنس تڏهن به ساڳيو جواب ته چور ناهي. باقي ڀلي ريل هيٺان ڏئي ڇڏ
    مانجهي جي گرفتار ٿيڻ کانپوءِ رکيل موقعي جو فائدو وٺندي مانجهي جي چوري ڪرائڻ تي لهي اچي ٿو اها رات خالي نه هئي جنهن رات مانجهي جي کڙهه تي چور نه آيا هجن. شيرل ۽ عظيمه مڙسي ڪري سڄي رات پهرو ڏيڻ لڳا. اصل ڪک جي کڙڪي تي شيرل پنج ڏهه فائر ڪري پئي ڇڏيا.
    مانجهي اهڙي ڄاڻ ملندي ئي حاجي رکيل کي نياپو موڪليو ته ريل ۽ جيل مڙسن لاءِ آهي. تو به ڪاٽيو هوندو ۽ منهنجي لاءِ به اها ئي آهي. وڙهڻ چاهين ٿو ته مڙساڻا جهيڙا ڪر. کڙهه تي چور موڪلڻ ڇڏي ڏي. نه ته هڪ سج منهنجو به ٿيندو متان تو سنڀالي نه سگهين. وارث جڏهن سڀ طريقا استعمال ڪري ٿڪجي پيو ته رکيل کي چيائين مڙس چور ڪو نه ٿو لڳي پر جي آهي ته تڏهن به هن سان هٿ چراند چڱي ڪونه آهي. مڙس چيڙهو آهي. مرڻ کانسواءِ ائين سٿري آڻ ڪو نه مڃيندو نه وري مار موچڙي ۽ جيل سان کيس جهڪائي سگهبس. اهڙي سريلي منڌي کي سلامي بنائڻ لاءِ پيار ۽ ياري وارو طريقو ڪارگر رهندو. حاجي رکيل مختلف ڪيسن ۾ چالان ڪرڻ لاءِ چويس ٿو ته صوبيدار وارث سمجهائيندي چويس ٿو جيل جوانن کي ٽوڙيندي ڪو نه آهي. هي ڇورو جيل ويو ته پڄي راس ٿي موٽندو ۽ پوءِ پاڻ لاءِ گهڻا مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿو منهنجي صلاح اٿئي ته ڪنهن بهاني سان ياري جو ڳٽ وجهينس . رکيل پنهنجي يار وارث جي ڳالهه مڃيندي ٺاهه جو دڳ ڪڍي ٿو. اتي ٿاڻي تي ڳجهه ڳوهه ۾ ٺاهه ڪري مانجهي مان هٿ ڪڍن ٿا، مانجهي دل جو سور دل سان سانڍي ٻاهر اچي ٿو بظاهر ته رکيل وارن سان گڏ هلي ٿو. پر وجهه جي ڳولا ۾ رهي ٿو. ساران جيڪا مانجهي تي پاڻ لٽائڻ لاءِ تيار هئي. مانجهي کي اهو ياد ايندي ئي پاڻ کي تيار ڪري ٿو. ساران جيڪا مانجهي لاءِ ماندي هئي سان ان تي نڇاور ٿيڻ لاءِ تيار تي وڃي ٿي. مانجهي ساران کي فرار ٿيڻ لاءِ تيار ڪري ٿو.ڇو ته مانجهي جيڪو ساران کي بي پناهه چاهيندو هو. پر رکيل جي دوستي جي ڪري پنهنجي دل ۽ جذبن کي قابو رکيو ويٺو هو.چوري جي آڙ ۾ ٻڌرائي ٿاڻي تي مارڪٺ ڪرائڻ کانپوءِ مانجهي جي حاجي رکيل کان دل ڀڄي پئي هئي. دوستي ۽ احترام وارو رشتو لوڪ لکا وارو بڻجي پيو هو.
    مانجهي جي چوڻ تي ساران سڀ ڪجهه ڇڏڻ لاءِ تيار ٿي وئي هئي. پروگرام موجب ساران کي پڪي روڊ تي اڪيلي ٻٻر واري هنڌ پهچڻو هو جتان شيرل ۽ ساران درياهه پارڪري مانجهي جي جگري يار قربان وٽ وڃي ترسندا ۽ پوري هڪ مهيني بعد هئو مئو ترڻ کانپوءِ مانجهي اتي ويندو ۽ پوءِ ٻئي شادي ڪندا.
    ائين ئي ٿيو ساران ڏنل پوري وقت تي پهتي شيرل ۽ ساران وچ واري رستي سان نڪري وڃي موري پل وٽان گاڏي تي سوار ٿيا. سج اڀرندي ئي وڃي قربان وٽ پهتا. ٻي ڏينهن قربان جو مانجهي کي نياپو پهتو ته تون ڪو به الڪو نه ڪر تنهنجو امانتون منهنجي بلي آهن سال ٿي وڃن پر تنهنجي امانت ميري ڪو نه ٿيندي جڏهن دل ڪڍي هليو اچ. هاڻي لاش کڄي سگهن ٿا پر زندهه حاجي رکيل ڪجهه ڪون ڪري سگهندو قربان جو پيءُ ڪانڊيرو خان حاجي رکيل جو پراڻو يار هو. جنهن رکيل کي مانجهي جي هر ننڍي وڏي فيصلي کان آگاهه ڪيو هو. ۽ پوءِ ائين ئي ٿيو جيئن وارث ۽ حاجي رکيل سوچيو هو، قربان پنهنجي پيءُ جي دوستي نڀائيندي چاچي رکيل سان پهر وهي ويو ۽ ٽيئن ڏينهن تي مانجهي کي پنهنجي ڀاءُ شيرل جو لاش ملي ٿو.
    ***


    390 ڏهاڙين جو حساب

    هوءَ گهڻ ماڙ بلڊنگ جي ڏاڪن تان ڄڻ ڊوڙندي هيٺ لهي رهي هئي. ائين ڪونهي ته اها ڏاڪڻ توڙي ڏاڪا هن جي پيرن پهرين ڀيري ڏٺا هجن. هوءَ کوڙ بلڪه سوين ڀيرا بجلي نه هجڻ ڪري انهن ڏاڪڻ وسيلي يارهين فلور جي فليٽ نمبر 21 تي وئي ۽ هيٺ لٿي آهي. پر اهڙي حالت اڳ ڪڏهن ڪونه ٿي هيس جو لڳاتار ڊوڙڻ کان پوءِ به ڏاڪڻ هئي جنهن کٽڻ جو نالو ئي ڪو نه ٿئي ورتو. هيٺ لهڻ ويل ڪنهن ماڙ تي در بند ٿيڻ يا وري کلڻ جي آواز تي هن جي دل بيهي ٿي وئي کائنس ڄڻ ڇرڪ نڪري ٿي ويو ڊپ منجهان ويتر وڌيڪ تيز ڊوڙڻ ٿي لڳي.
    يارهين ماڙ جو فليٽ نمبر 21 هونئن ته هن لاءِ اوپرو ناهي رهيو بلڪه، اهو ته هن لاءِ ڪنهن سگهاري پناهه جيان رهيو آهي اتي پهچي وقت ۽ حالتن جو تلخيون ڀلي ختم نه ٿينديون هجنس پري ڪافي حد تائين هوءَ سامت ۾ اچي ويندي هئي. پر سڪون ٿي ويندي هئي. هوءَ جڏهن به فليٽ نبر 21 ۾ ايندي هئي ته اهو وساري ويهي رهندي هئي ته، ان در سان سندس ڪهڙو قانوني رشتو آهي چند گهڙيون ئي صحيح پر سڄي دنيا کان بي نياز بڻجي ويندي هئي. کيس ان خيال ۽ احساس جو ڪارڻ ته اڄ تائين معلوم نه ڪري سگهي هئي پر اهو ضروري هو ته، هن پاران ڀيٽيل سمورن درن منجهان اهو در ۽ گهر سندس پنهنجو محسوس ٿيندو هو. اهو ئي سبب هو جو اتان ملندڙ پئسا ڳڻڻ بنا پرس ۾ وجهي هلي ويندي هئي. ۽ هن ڪڏهن به فليٽ نمبر 21 جي ننڍڙي اڱڻ کي لالچ ۽ ڌنڌلي وري اک سان نه ڏٺو هو ۽ نه ئي ڀيٽيو هو. توڙي جو اهو در به هن لاءِ ٻين درن وانگر طلب ۽ لالچ جي بنيادن تي ئي کلندو هو. پر پوءِ به هن گهر منجهان کيس پنهنجائپ واري تاثير ملندي هئي.
    هوءَ لڳاتار ڊوڙيندي هيٺ لهي رهي هئي، هٿ ۾ سوگهو جهليل پرس بي ترتيبي سان ڏاڪڻ جي ٻنهي ديوران سان ٽڪرائجي رهيو هو ڪنهن ڪنهن مهل سندس ڇاتين سان ٿي لڳو. وقت جي ڪيڏن ئي ڪلورن هوندي به هن ڪڏهن هنيانءُ ڪونه هاريو هو ۽ نه ڪڏهن مرڻ لاءِ سوچيو هو، پر هنن ڪجهه گهڙين وچ ۾ ڊوڙندي ڊوڙندي هن ڪيترائي ڀيرا مرڻ لاءِ پڻ سوچي ورتو هو ۽ رکي رکي اهو به خيال ذهن ۾ آيس پئي ته، جيڪر هوءَ اڏائي گرائونڊ فلور تي وڃي پڄي، مسلسل ڊوڙڻ ۽ ڏاڪا لهڻ سبب سهڪي پئي هئي. پر پوءِ به هيٺ لهڻ واري رفتار ۾ ڪا گهٽتائي ڪو نه ٿي آيس. ڏاڪڻ جي آخري ڏاڪي تان پير پٽ تي رکندي ڊپ وچان پوئتي مڙي ڏٺائين.
    هڪ لمحي لاءِ سک جو وڏو ساهه کڻي ٿي. تڏهن چند ساعتن لاءِ ذلت کان بچڻ وارو احساس ٿيس ٿو. ڊوڙڻ سبب سڪي ويل نڙيءَ کي آلو ڪرڻ لاءِ کنگهڪار ڪري ٿي. کنگهڻ ڪري گڏ ٿيل ٿڪ اتي ئي ڦٽي ڪري ٿي. ٿڪ جو گهڻو حصو هيٺ ڪرڻ بدران سندس ڪپڙن تي لڳڻ سبب جهٽ گهڙي لاءِپنهنجي نيچپڻي ۽ ٻئي لمحي ڪاوڙ جو احساس ڏياريس ٿو.
    کن پل ۾ حواس بحال ٿيڻ لڳنس ٿا ته، سڄو بت پگهر ۾ شل، محسوس ٿي ڪري. اشهد آڱر سان چهري تان پگهر اگهڻ لڳي ٿي. پگهر اگهڻ وقت لڳيس ٿو ڄڻ ڪي پل اڳ ٿيل تذليل روڙي ر هي هجي، هڪ لمحي لاءِ سامت ۾ اچي وڃي ٿي. ۽ پوءِ نظرون مٿي کڄي وڃنس ٿيون سامهون بلڊنگ جي چوڪيدار کي پاڻ ڏانهن طنزيه مرڪ مرڪندي ڏسي ٿي ته ڇرڪ نڪري ٿو وڃيس. ۽ پوءِ وڏيون وکون کڻندي اڳتي وڌڻ لڳي ٿي هڪ لمحي لاءِ خيال اچيس ٿو، ”هي ڇا! هٿ وٺي پاڻ کي ماڻهن آڏو تماشو ٿي بڻايان.“ پنهنجو پاڻ تي ضبط آڻي وٺي ٿي.
    ۽ دل ۾ خواهش ڪر موڙيس ٿي ته، زمين ڦاٽي پوي ته ان ۾ لهي وڃي، ائين ميڻ بتي جيان ڏهاڙي سڙي ڳري مرڻ کان ته جند ئي ڇٽي پوندي وڏي وک سان اڳتي وڌي ٿي تڏهن به چوڪيدار جون نظرون ڪنهن تکي خنجر جيان پٺ ۾ لهندي محسوس ڪندي رهي ٿي.
    فليٽن کان ٻاهر نڪري اچي ٿي. گهٽي ۾ پهچندي پٺتي ڪنڌ ڦيري، هڪ ڀيرو ٻيهر پڪ ڪري ٿي ته پٺيان ته ڪو نه پيو اچي. ڪنهن کي به پٺيان ايندي نه ڏسي بچي وڃڻ جو احساس پيدا ٿيس ٿو. اهڙو احساس پيدا ٿيندي ئي هلڪي سرهائي چهري تي اڀري اچيس ٿي.
    ان لمحي خيال اچيس ٿو، پاڙي وارن کي ڪنهن ٻڌايو؟ اڳ ته ڪڏهن ائين ڪو نه ٿيو هو! گڏ ٿيل ماڻهو چاهن ها ته، جهلي ٿي سگهيا. پوءِ انهن کيس پڪڙيو ڇو ڪو نه؟؟؟ اگهاڙي بت کي ڪپڙا پرائڻ ۾ به ته، ڪافي دير لڳي هئي پوءِ به کيس جهلي ڇو ڪونه سگهيا.
    ذهن تي ڪيترن ئي سوالن جو ڳڙو ڪرڻ سبب بي حال ٿي پوي ٿي. اڃ جو شدت سان احساس ٿيس ٿو. پر هو اڃ جي پرواهه ڪرڻ بنا ڪجهه ٽائم اڳ وجود ڌوڏي ڇڏيندڙ زلزلي بابت سوچيندي اڳتي وڌي وڃي ٿي.
    ” ڪٿي ائين ته ناهي، متان اهو سڀ ڪجهه عامر مون کان جند ڇڏائڻ لاءِ ڪيو هجي؟“
    ”نه، نه، ائين ڪئين هوندو هو پاڻ به ته، مون کان وڌيڪ پريشان ٿي ويو هو. ٻيو ته جسم جو واپار ڪرڻ باوجود مون ڪڏهن به هن سان حساب ناهي ڪيو. کوڙ ڀيرا ته روڪ رقم وارا ماڻهو ڇڏي هن وٽ پهتي آهيان، ڪڏهن به ڏوڪڙن جي گهر نه ڪئي اٿم. جيڪو ڏنائين اکين تي رکي هلي آئي آهيان.“ ذهن جي ڪاپي تي سوالن جو وڏ ڦڙو شروع ٿي وڃيس ٿو. پاڻ تان سوالن جي تيرن جو رخ موڙڻ لاءِ دل تي پٿر رکندي پاڻ مطمئن ڪندي چوي ٿي ڪجهه به هجي عامر ائين نه ٿو ڪري سگهي. ها ائين ته آهي توڙي جو مان هي سڀ ڪجهه ڪٽنب جي پيٽ پالڻ لاءِ ڪري رهي آهيان. پر پوءِ به ڪيڏا ڀيرا ائين به ٿيو جو سڄو سڄو ڏينهن عامر سان ويهي هٿين خالي گهر آئي هوندم. جنهن تي ڪيترائي ڀيرا ائين ڪرڻ ڪري امان موچڙن مان به ڪڍيو هوندم. پر پوءِ به عامر لاءِ چاهه ۾ ڪمي ٿيڻ ڪو نه ڏني اٿم.
    امان سان ڪو گيراهڪ نه ملڻ جو ڪوڙ ڳالهائي پاڻ بچايو ته هوندم پر ڪيتريون ئي راتيون گهر جي ٻين ڀاتين سان بک تي ڪاٽيون اٿم. وڏي ڳالهه ته عامر به ته چاهڻ جي دم ڀريندو آهي.
    پوءِ ائين ڇو ٿيو. اهي سڀ ڪير هئا!؟ اڳ ته ڪڏهن ڪنهن ڪو نه ڏٺو هو. ٿي سگهي ٿو ته، مون کي فليٽ ۾ داخل ٿيندي ڪنهن ڏسي ورتو هجي... ها ! ائين ٿي سگهي ٿو... اسان غريب ماڻهو پيٽ پالڻ لاءِ ڪجهه ڪريون تڏهن به خراب ۽ اهي ماڻهو ڏوڪڙن خاطر سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار نفرت مان چوندي هُون پاڻ الاءِ ڇا ڇا ڪندا وتن ۽ ٻين جي معاملي ۾ شريف بڻجي ويندا آهن. ماڻهو به وڏا ماءُ جا........آهن.
    پر... عامر جو الائي ڇا ٿيو. ائين نه ٿي ته پاڙي وارا کيس پوليس حوالي ڪن... نه... نه ائين ڇو ڪندا...
    ڪال ڪري عامر کان حال احوال وٺڻ گهرجي اهڙو خيال ايندي ئي پرس کولي موبائيل ڪڍي عامر کي ڪال ڪري ٿي ته فون ۾ بيلنس نه هجڻ وارو ميسج ٻڌي پريشان ٿي وڃي ٿي، هي ڇا!!! مئي بيلنس کي به هاڻي کٽڻو هو. چڱو ڀلاءَ، ڪمپنيءَ کان اوڌر ٿي وٺان اهو سوچيندي فون ۾ ڪمپنيءَ کان اوڌر وٺڻ واري آپشن ۾ وڃي ٿي موبائيل فون تي ڪمپنيءَ کان پهرين ئي قرض وٺڻ وارو ميسج ملڻ تي مجبوريءَ واري مرڪ مرڪندي ڀڻڪي ٿي... ان کي چئبو آهي مُئي ڏٻري تي مڇر گهڻا هيڏي هوڏي ماڻهن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ پرس کولي چيڪ ڪري ٿي، رڳو 50 روپيا ڏسي پريشان ٿي وڃي ٿي بي ساخته واتان نڪري وڃييس ٿو ان کي چئبو آهي جڏهن نه کٽندي آهي ته هر ڪو ساٿ ڇڏي ويندو آهي. دڪان تي وڃي ويهن جو بيلنس وجهرائي ٿي جنهن کان پوءِ هڪ پاسي بيهي عامر جو نمبر ملائي ٿي. رنگ پاس ٿئي ٿي ۽ رسيو ٿيڻ تي هيلو ڪري ٿي اڳيان ڪو به آواز نه اچڻ تي هڪ لمحي لاءِ شڪجي سوچي ٿي ڪٿي فون پوليس وٽ ته ڪو نهي. ها ائين به ممڪن آهي. هڪ لمحو رکي وري هيلو ڪري ٿي پريان آواز نه ملڻ تي تڪڙو تڪڙ و هيلو هيلو ڪرڻ لڳي ٿي. فون اٽينڊ ڪرڻ کانپوءِ ڪو ڳالهائي ڇو ڪو نه ٿو_عامر_عامر ڳالهين ڇو ڪو نه ٿو؟
    ”هيلو_هيلو_مان عامر جي سوٽ ٿي ڳالهايان... پليز مون کي عامر سان ڳالهه ڪرايو اوهان ڪير آهيو ڳالهايو ڇو نه ٿا“ ڪال ڪٽجي وڃي ٿي... ڪير ٿو ٿي سگهي... ؟ٻيهر ڪال ڪري فون ڪن تي رکي ٿي ته بيلنس ختم ٿيڻ جو ميسج ٻڌي وائڙي ٿي وڃي ٿي ”هي ڇا!!! پئسا به چٽ ٿي ويا ۽ رابطو به ڪو نه ٿيو.“
    سامهون ڪولڊ ڪارنر ڏسي اڃ وڌي وڃيس ٿي. دڪاندار کان پاڻيءَ جي بوتل وٺڻ لڳي ٿي. ٺيڪ ان وقت سندس ڄاتل سڃاتل آواز ڪنن تي پوي ٿو. ”يار توهان سمجهو ڪو نه ٿا، مزو به هفتو پندرنهن ڏينهن نه، آئي ڏينهن در تي بيٺي آهي. مون کان وڌيڪ مزا پاڻ ٿي ماڻي وري شام جو پنج سئو ڏي، گهر ۾ ڪجهه ڪو نهي. روز روز پئسا ڏبا آهن ڇا! وڃي ڪو ٻيو در تاڙ اسان توسان کوٽ واڌ ۾ ٻڌل آهيون. پر سمجهي ڇا هلي هئي عشق ڪرڻ باقي يار! توهان واهه جو ڊرامو ڪري ڏيکاريو ائين پئي لڳو ڄڻ واقعي پاڙي وارا هجو.“
    آواز سڃاڻڻ کانپوءِ هوءِ جيئن ئي ڪاوڙ مان اوڏانهن ڪنڌ ڦيري ٿي ته سامهون عامر کي انهن ئي ماڻهن سان گڏ ايندي ڏسي ٿي جن ڪجهه ٽائم پهرين فليٽ نمبر 21 ۾ هيرو شيما جيڏي تباهي آندي هئي. ڪي پل ته کيس ويساهه نه پئي آيو ته، عامر ساڻس اهڙو به سلوڪ ڪري سگهي ٿو... ٻي کن ۾ اندر جي باهه ڀڙڪي پويس ٿي اکين ۾ رت لهي اچيس ٿو ۽ ڪاوڙ مان سڄو بت ٿڙڪڻ لڳيس ٿو، هيءَ اڃان ڪجهه چوي، عامر جي هن تي نظر پوندي ئي ان جي نظرن جا جهنڊا جهڪي ٿا وڃن. هوءَ بت جي سموري سگهه سهيڙي عامر ڏانهن وڌي ٿي. ڪجهه وقت پهرين هراسيل هرڻي، هاڻي مڇريل شينهڻ بڻجي پوي ٿي. عامر کيس اهڙي انداز سان پاڻ ڏانهن وڌندي ڏسي وائڙو ٿي وڃي ٿو. ان کان پهريان جو عامر ڊپ منجهان ڀڙڪو ڏئي اڏامي وڃي، شڪاري باز جيان جهڙپ سان هن جا ٻئي هٿ عامر جي ڳلي ۾ پئجي وڃن ٿا. عامر موت جي ڊپ کان پاڻ بچائڻ لاءِ دانهن ڪري ٿو پر عامر جي دانهن سندس ڪاوڙ جي گجگوڙ ۾ دٻجي وڃي ٿي.
    جذبات جي باهه ۾ ٽهڪندي عامر تي ٿڦن، مُڪن جو وسڪارو لائي ٿي ڏئي. گڏوگڏ چرين وانگر دانهون ڪندي چوي ٿي، ”مان عام طور تي 5 هزار وٺندي آهيان ان حساب سان مون کي حساب ڏي، 30 ڏهاڙين جو، جيڪي مون تو جهڙي بي قدر ۽ ناشناس قسم جي ماڻهوءَ تي خرچ ڪيون آهن. هاڻي جو هاڻي، منهنجو حساب ڪر، ٻي صورت ۾ مان توکي زندهه نه ڇڏينديس.“ هن جي رڙين تي ماڻهن جو حجوم گڏ ٿي وڃي ٿو پر هاڻي هن جو پنهنجو پاڻ تي وس نٿو هلي هاڻي هن کي ڪنهن جو ڊپ رهيو ئي ناهي نه، ماڻهن جو نه پوليس جو ۽ نه ئي عزت جو... هوءُ عامر کي ڌڪ هڻڻ سان گڏ حساب ڏي جون دانهون ڪندي رهي ٿي. ۽ ايتري تائين جو بي حال بڻجي ڪري ٿي پوي.
    ***


    پي ايس 57

    علي شيراز جو شمار ملڪ جي اهم ترين سياستدانن ۽ سينيئر پاليامينٽرين ۾ ٿئي ٿو. زندگي جون چاليهه بهارون پاور پاليٽيڪس کي انجواءِ ڪندڙ علي شيراز اڃان يونيورسٽي جي فرسٽ ايئر ۾ هو ته سندس والد نواب علي تعمير خان دل بيهي وڃڻ ڪري بي وقتو چالاڻو ڪري ويو هو. جنهن کانپوءِ خانداني ۽ سياسي وارث جي طور علي شيراز کي پڳ ٻڌرائي وئي هئي. هونئن ته علي شيراز کان وڏو ڀاءُ پروفيسر علي رياض وڌيڪ پڙهيو لکيو ۽ سمجهدار هو مگر نواب علي تعمير خان پنهنجي حال حيات ۾ ئي خانداني پڳ ۽ سياسي وارث علي شيراز کي ئي ڊڪليئر ڪري ويو هو. ڇاڪاڻ ته نواب علي تعمير موجب علي شيراز ۾ ڪجهه داڻا نظر اچن ٿا. جڏهن ته پروفيسر علي رياض، پنهنجي ننڍي ڀاءُ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پڙهيو لکيو ۽ باشعور نوجوان هو جيڪو پنهنجي پيءُ نواب علي تعمير جي روائتي سياست ۽ عام ماڻهن سان ٿيندڙ رويي جو سخت بلڪه بي رحمي جي حد تائين مخالف هو. پيءُ جي ڪارنامن ۽ عام ماڻهن سان ٿيندڙ ورتاءُ تي ڪڏهن ڪڏهن ته سخت احتجاج به ڪندو هو پر ڇا ڪجي پيءُ ته آخر پيءُ آهي ان سامهون گهڻو ڪجهه چاهڻ باوجود خاموش رهڻ کي ترجيح ڏيڻي پوندي آهي. علي رياض کي جيتري به وٿي ملندي هئي ته هو غريبن جي ڪم اچڻ جي ڪوشش ڪندو هو اهو ئي نه بلڪه غريب شاگردن جي وڌ ۾ وڌ مدد ڪندو هو ايتري تايئن پڙهائي جو شوق رکندر شاگردن کي پاڻ ويهي پڙهائيندو هو. جنهن تي علي تعمير کي ڪاوڙ لڳندي هئي. کوڙ موقعن تي نواب علي تعمير پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي علي رياض کي پنهنجي خانداني حيثيت ياد ڏياريندو هو. پر علي رياض انسانيت جي خدمت ۽ شعور ۾ حصو هر ڪنهن واري عشق ۾ ورتل هو تنهن پنهنجي پيءُ جي هڪ به ڪو نه ٻڌي. جڏهن ته نواب علي تعمير رياض کي اڻ ٻالو ۽ چرياڻ چئي خانداني پڳ ۽ سياسي ورثو سنڀالڻ جا داڻا پنهنجي ننڍي پٽ علي شيراز ۾ ڏٺا ۽ ان کي ئي سياسي حلقن ۾ متعارف ڪرائڻ لڳو هو. علي رياض کي پنهنجي ڀاءُ علي شيراز جي جان نشين مقرر ٿيڻ کان وٺي خانداني پڳ ملڻ وارن سمورن فيصلن تي ڪو به اعتراض ڪو نه هو. هو ته فقط خلق خدا جي تڪليف ختم ڪرڻ بابت سوچيندو هو.
    علي شيراز پهرين ڀيري پنهنجي والد نواب علي تعمير جي وفات کانپوءِ پنهنجي خانداني سيٽ خالي ٿيڻ کانپوءِ ننڍي چونڊ وسيلي ايم پي اي طور چونڊ جي فلور تي پهتو هو. تڏهن سڀ کان ننڍي عمر واري اسيمبلي ميمبر طور سڃاڻپ ملي هئس ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي ملڪي سياست ۾ جوڙ توڙ جي ماهر ۽ اهم مهرو تصور ٿيڻ لڳو هو پنهنجي پارٽي ۾ ايتري ته شهرت ۽ عزت ملي هئي جو ايتري سندس پيءُ کي به ڪو نه ملي هئي جيڪا هن ٿوري ئي عرصي ۾ حاصل ڪري ورتي هئي. پارٽي جي اهم فيصلن سميت ٽڪيٽن جي ورهاست کان ويندي هر ننڍي وڏي فيصلي ۾ پارٽي علي شيراز جي راءِ کي اهميت ڏيندي هئي. هڪ کان وڌيڪ ڀيرا پارٽي جو صوبائي صدر ۽ مرڪز تي مختلف عهدن سميت ڊپٽي چيئرمين پڻ رهيو آهي. جڏهن ته هڪ ڀيرو سي ايم ٻه ڀيرا صوبائي وزير هڪ ڀيرو وزيراعظم جو سياسي صلاحڪار ۽ ٻه ڀيرا وفاقي گهرو وزارت جا قلمدان علي شيراز وٽ رهيا آهن.
    علي شيراز جنهن پنهنجي حيثيت ۽ وڏن جي ٻاريل لاٽ کي اڃان وڌيڪ مضبوط ڪيو. هن پنهنجي والد علي تعمير خان کي ڊٽو ڪاپي ڪئي اهي سڀ گيسٽ ۽ شوق هئا جيڪي هنن جي مرحيات پيءُ ۾ هئا. کائڻ ۽ پيئڻ جي شوق کان ويندي جانور پالڻ ۽ عورتون ويهارڻ وارين خوبين جي به هنڌين ماڳين هاڪ هئس. ٽي شاديون ڪيون هئائين سنگت جو سلسلو ته ڳڻپ کان مٿي هو پروفيسر علي رياض پنهنجي ننڍي ڀاءُ جي ڀيٽ ۾ مڪمل الڳ نيچر ۽ طبيعت جو مالڪ هو ۽ پنهنجي کل ۾ مست رهڻ وارو ماڻهو هو. علي رياض پنهنجي والد توڙي ننڍي ڀاءُ علي شيراز جي هر ان فيصلي جي مخالفت ڪندو آهي جيڪو عوام الناس جي خوشين خلاف هو. علي رياض سدائين ٻين جي لاءِ جيئڻ ۽ سماج ۾ بيداري لاءِ رات ڏينهن جاکوڙي رهيو هو ته علي شيراز پنهنجي پيءُ جي نقش قدم تي هلندي ٻين جي وات مان گرهه ڪڍڻ لاءِ آتو نظر ايندو هو.
    اهڙي طرح ٻئي ڀائر شوقن کان ويندي عملن ۽ افعالن ۾ هڪٻئي کان الڳ هئا. خانداني ۽ سياسي حريف منيب انوار به ڪو گهٽ ماڻهو ڪو نه آهي. ٻئي خاندان جيترا سگهارا آهن ان کان ڏهوڻ تي هڪ ٻئي جا روائتي حريف ۽ مخالف پڻ رهيا آهن ٻنهي خاندان جي اهڙي رسا ڪشي ۽ مخالفت به پيڙهين سان گڏ پروان چڙهي آهي اهو ئي نه بلڪه هڪٻئي کي گهٽ ڏيکارڻ ۽ هارائڻ لاءِ ڳري کان ڳرو قدم کڻڻ لاءِ تيار رهندا آهن. ايتري تائين جو هر حد اڪرڻ لاءِ به تيار ٿي ويندا آهن.
    سياست لاءِ عام تاثر اهو جڙيل آهي ته سياست جهڙي ريت ماڻهو کان هانو ۾ هٿ وجهڻ وارا فيصلا ڪرائيندي آهي. انهن فيصلن لاءِ عام حالتن ۾ ڪير سوچي به ڪو نه ٿو سگهي علي شيراز پنهنجي روائتي حريف منيب انوار کي شڪست ڏيڻ لاءِ هن ڀيري هر گُر استعمال ڪرڻ جو سوچي ويٺو آهي. ٻنهي خاندانن ۾ سدائين ڪاٽي جو مقابلو ٿيندو آهي ۽ هار جيت به آڱرين تي ڳڻپ جيتري فرق سان ٿيندي آهي. منيب انوار ۽ علي شيراز جيڪي هڪٻئي جا گذريل 5 پيڙهين کان مخالف آهن سي اليڪشن جي مند ۾ هڪٻئي کي شڪست ڏيڻ لاءِ ننهن چوٽي جا زور لڳائيندا ئي نه آهن بلڪه هر محاذ تي هڪٻئي کي هارائڻ لاءِ سرگرم رهن ٿا.
    ڪڏهن ڪڏهن ته ائين به ٿيندو آهي جو سڀ ڪجهه لٽائڻ باوجود ماڻهو کي شڪست سان ملاقات ڪرڻي پوي ٿي. بلڪل ائين جيئن گذريل ٻه اليڪشنن ۾ وڏين ڪوششن باوجود ٻئي ڀيرا شڪست علي شيراز جي حصي ۾ آئي هئي. پر هن ڀيري علي شيراز اهو سڀ ڪجهه نه ٿو چاهي ۽ پنهنجي سوڀ کي يقيني بنائڻ لاءِ هر وڏو قدم کڻڻ لاءِ تيار رهي ٿو ۽ پنهنجي سگهاري ۽ خانداني حريف کي شڪست ڏيڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏي ٿو.
    منيب انوار حڪمران ڌر جو ڪامياب وزير آهي. جنهن علي شيراز کي عتاب هيٺ رکيو آهي هر ممڪن ۽ هر حد تائين علي شيراز کي مالي ۽ سياسي نقصان رسايو آهي. تنهن ڪري علي شيراز مالي حوالي سان ڪمزور ضرور آهي پر پوءِ به هو هن ڀيري هر صورت ۾ منيب انوار کي شڪست ڏيڻ جو فيصلو ڪري ويٺو آهي ۽ هر داؤ هٿان وڃائڻ نه ٿو چاهي. مخالف کي هارائڻ لاءِ سڀ کان سگهارو اليمينٽ ٿي پيو آهي اليڪشن سميت مڙني سياسي سوين لاءِ پئسو اهم ٿئي ٿو. جيڪو علي شيراز وٽ هن ڀيري منيب انوار جي ڀيٽ ۾ هن ڀيري تمام گهٽ آهي ڇاڪاڻ ته ٻه ڀيرا اليڪشن ۾ شڪست سبب هڪ طرف وڏو مالي نقصان پهتو آهي مٿان وري نوٽ ڇاپڻ وارا پڻ سڀ در بند رهيا آهن. پيسو پاور کانسواءِ ڪمائڻ مشڪل ئي نه بلڪه ناممڪن آهي.
    علي شيراز پنهنجي پيسي واري کوٽ کي پوري ڪرڻ لاءِ پنهنجي وڏي ڀاءُ علي رياض کان مدد گهري ٿو جنهن لاءِ علي رياض پڻ حامي ڀري ٿو. پر وڏي ڀاءُ پاران ٿيندڙ مدد مان علي شيراز جو ڳهو چڙهندي نظر نه ٿو اچي. تڏهن هو پنهنجي ڀاءُ کان ڊفينس فيز 2 وارو بنگلو گهري ٿو جيئن وڪڻي اليڪشن جا خرچ هلائي سگهي. پنهنجي ننڍي ڀاءُ جي هر ممڪن حد تائين مالي مدد لاءِ حامي ڀريندڙ علي رياض ڊفينس وارو گهر ڏيڻ کان اهو چئي انڪار ڪري ٿو ته ڄاڻايل گهر ردا جو آهي ۽ هو پنهنجو گهر وڪڻن لاءِ تيار ناهي.
    پنهنجي وڏي ڀاءُ جي اهڙي جواب ملڻ تي علي شيراز کي ڏاڍي ڪاوڙ اچي ٿي پر هو پنهنجو پاڻ تي ضبط آڻيندي وراڻي ٿو ته ردا هونئن به اڳ پوءِ سندس ننهن ٿيڻ واري آهي. تنهن ڪري اهو گهر هونئن به هن جي ئي ملڪيت ۾ شمار ٿيندو. ان ڪري کيس اهو گهر وڪڻڻ جي اجازت ڏني وڃي هو پنهنجي سگهاري مخالف منيب انوار کي شڪست ڏئي سوڀاري ٿيڻ کانپوءِ ڇهه مهينن اندر ساڳيو گهر يا وري ان کان به سٺو گهر ردا کي وٺي ڏيندو علي رياض مجبوري ظاهر ڪندي صاف صاف انڪار ڪندي چوي ٿو ته اهو گهر سندس نياڻي جي نالي آهي ۽ ان جي مرضي ۽ اجازت کانسواءِ هڪ سر به وڪڻي ڪو نه ٿو سگهي. ردا جي نالي علي رياض جو انڪار علي شيراز جي انا کي مجروح ڪرڻ لاءِ ڪنهن بارودي سرنگهه جو ڪم ڏئي ٿو. پر علي شيراز دل جو درد دل ۾ سانڍي خاموش ٿي وڃي ٿو.
    اليڪشن جي تاريخ ويجهو ايندي ئي چونڊ مهم تيز ٿي وڃي ٿي هر اميدوار ميدان ۾ ڪڏي پوي ٿو. ورڪ دوران هڪ طرف ماڻهن سان نوان واعدا ۽ پراڻين غلطين سڌارڻ جا واعدا وچن ٿي رهيا آهن. ته ٻي طرف تڪ جا سمورا مسئلا حل ڪرڻ جون دعوائون ٿين ٿيون تڪ کي ماڊل تڪ بڻائڻ تعليمي معيار سڌارڻ ۽ پڙهيل لکيل نوجوانن کي روزگار جا قول اقرار ڏين ٿا.
    هڪ ڏينهن علي رياض کي ملڪ ڇڏڻ واريون فون تي ڌمڪيون ملن ٿيون. علي شيراز پنهنجي ننڍي ڀاءُ علي شيراز وٽ پهچي ٿو. ۽ اهڙو ذڪر ان سان ڪري ٿو.
    علي شيراز پنهنجي وڏي ڀاءُ پروفيسر رياض کي مليل ڌمڪين جي الزام سنئون سڌو پنهنجي سياسي حريف منيب انوار تي مڙهي ٿو ۽ پريس ڪانفرنس وسيلي منيب انوار کي سطحي حرڪتن کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪندي چوي ٿو مخالفن اگر اهڙي ڪريل حرڪت ڪئي ته هو ان کان به وڌيڪ خطرناڪ قسم جي جواب ڏئي سگهن ٿا. هنن وٽ پنهنجي دفاع ۽ بقا جي سگهه آهي تنهن ڪري مخالفن کي نيچ حرڪت ۽ پٺيان وار ڪرڻ واري پاسي کان پرهيز ڪن. نه ته هوءَ هر قسم جي جوابي ڪارروائي ڪرڻ جي سگهه رکن ٿا. ڊڄڻ وارا ناهن علي شيراز نه رڳو اهو پر اليڪشن ڪميشن کي وٽ پڻ احتجاج نوٽ ڪرائيندي مخالفن خلاف اهڙي ڪريل حرڪت تي ڪارروائي جي اپيل ڪري ٿو جنهن تي اليڪشن ڪميشن منيب انوار کان سختي سان پڇاڻو ڪري ٿي منيب انوار پاڻ تي لڳل هر الزام کي سختي سان رد ڪندي چوي ٿو هو اهڙي ڪنهن به ڪريل حرڪت ۽ چورن وانگر پٺيان وار ڪرڻ واري ڪنهن به ڪارروائي جو حصو ناهن اهڙي قسم جا الزام هڻي مخالف اسان جي سياسي ساخ متاثر ڪرڻ لاءِ گهري سازش ڪئي پئي وڃي. اليڪشن مهم دوران ٻنهي ڌرين طرفان ڏي سوال ۽ وٺ جواب جو سلسلو هلي رهيو هوندو آهي ته اوچتو هڪ ڏينهن اليڪٽرانڪ ميڊيا تي بريڪنگ نيوز هلي ٿي. امن پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ علي شير جو وڏو ڀاءُ ۽ ناليواري سماجي ڪارڪن پروفيسر علي رياض اڻ ڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويو.
    پروفيسر علي رياض جي مارجڻ جي خبر علائقي ۾ باهه وانگر پکڙجي وڃي ٿي. علي شيراز ڀاءُ جي قتل جو الزام منيب انوار تي مڙهيندي کيس بنا دير گرفتار ڪرڻ جي گهر ڪري ٿو پروفيسر رياض جي اوچتي قتل تي علائقي ۾ گوگاءُ ٿي وڃي ٿو تقريبن هر ماڻهو ڏک جو اظهار ڪندي قتل جي مذمت ڪري ٿو. منيب انوار پاڻ تي لڳل الزام سختي سان رد ڪندي هرپاءُ پلاند ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو. علي شيراز اليڪشن ڪميشن ۽ عدالتن کي ازخود نوٽيس وٺڻ سان گڏ منيب انوار جي چونڊ وڙهڻ تي پابندي مڙهي فورن گرفتار جو مطالبو ڪري ٿو. امن پسند پارٽي ۽ ان جا ڪارڪن پروفيسر رياض جي قتل خلاف سخت احتجاج ڪندي روڊن تي نڪري ٿا اچن صورتحال خراب ٿيڻ واري حد تائين مسئلو وڌي وڃي ٿو.
    عدالت جاچ ٽيم جوڙيندي حتمي فيصلي اچڻ تائين منيب انوار کي سياسي سرگرميون معطل رکڻ جون هدايتون جاري ڪري ٿي. هوڏانهن موقعي جو فائدو علي شيراز پنهنجي مخالف منيب انوار خلاف ڀرپور مهم ٿو هلائي. جڏهن ته منيب انوار وقتي طور تي پريشان ٿي وڃي ٿو.۽ پنهنجو سڄو ٽائيم پروفيسر علي رياض جي قاتلن جو سراغ لڳائڻ ۾ لڳي وڃي ٿو. علي شيراز عدالتي فيصلو ملڻ کانپوءِ منيب انوار جون سرگرميون ملتوي ٿيڻ کانپوءِ جو ڀرپور فائدو وٺي ٿو. جنهن سبب منيب انوار جي تڪ ۾ پوزيشن انتهائي ڪمزور پئجي وڃي ٿي. ڇاڪاڻ ته علي رياض واحد ماڻهو آهي جنهن جي علائقي ۾ بنا ڪنهن فرق ۽ نمبر پليٽ لڳائڻ جي انسانيت جي بنيادن تي علائقي جي ماڻهن جي مدد ڪئي آهي. اهو ئي سبب هو جو علائقي ۾ پروفيسر رياض کي انتهائي احترام جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو پنهنجي برادري ۽ حلقن جيترو احترام منيب انوار ۽ ان جي برادري ۽ انهن جي اثر هيٺ رهندو ماڻهو به ڪندا هئا.
    اليڪشن مهم تان موٽندي علي شيراز جي ڊرائيور ۽ انتهائي ويجهو رهندڙ منٺار کان تازو لاٿل گاڏي وڃي ڪنهن بلڊنگ سان لڳي ٿي. جنهن ڪري گاڏي مڪمل تباهه ٿي وڃي ٿي. تازو لهرايل گاڏي جي حالت ڏسي علي شيراز آئوٽ آف ڪنٽرول ٿيندي پنهنجي انتهائي راز دار ۽ ڊرائيور منٺار تي نه رڳو تشدد ڪري ٿو پر نوڪري کان به ڪڍي ڇڏي ٿو. منٺار جنهن هيل تائين نه ڄاڻ ڪيترا ڀيرا تذليل جو منهن ڏٺو هو پر هن ڪڏهن به علي شيراز کي ڇڏڻ جو ڪون سوچيو هو. ماڻهو کي ڪنهن مهل به پنهنجي هجڻ جو احساس ٿيندو آهي پهرين ڀيري منٺار کي ذلت جو احساس ٿيس ٿو. ۽ منٺار بنا ڪنهن ڳالهائڻ جي چپ چاپ نوڪري ڇڏي هليو وڃي ٿو. جنهن تي علي شيراز کي اڃان وڌيڪ ڪاوڙ اچي ٿي ۽ کيس علائقو ڇڏڻ جو به حڪم ڪريس ٿو اها ڄاڻ جڏهن منيب انوار کي ملي ٿي اهو بنا وقت هٿان ضايع ڪرڻ جي منٺار سان رابطو ڪري ٿو ۽ کيس پاڻ وٽ نوڪري آفر ڪري ٿو. سٺي پگهار ۽ ٻيون سهولتون حاصل ٿيڻ ڪري منٺار بنا دير منيب انوار جي آڇ قبول ڪري وٺي ٿو. ۽ پوءِ اليڪشن کان هڪ ڏينهن پهرين پروفيسر رياض جي قاتلن بابت منٺار سمورن ثبوتن سان عدالت آڏو پيش ڪري ٿو. ڪورٽ منٺار جي بيان ٻڌڻ کانپوءِ علي شيراز کي ڀاءُ پروفيسر رياض جي قتل ڪيس ثابت ٿيڻ تي گرفتاري جا حڪم جاري ڪري ٿي. جنهن جي جواب لاءِ علي شيراز وٽ ڪي به دليل نه ٿا هجن ۽ پوءِ ڳالهه بلڪل کلي اچي ٿي ته علي رياض کي قتل ڪنهن ٻي نه سندس سڳي ڀاءُ قتل علي شيراز ڪرايو آهي. جنهن تي عدالت علي شيراز کي گرفتار ڪرڻ سان گڏ ان جي اليڪشن ورهڻ تي پابندي مڙهڻ جو فيصلو ٻڌائي ٿي.
    ***


    ڪونج ڪاڏي وئي؟

    ابي مرحوم جي اوچتي چالاڻي کانپوءِ وڏي عرصي تائين اسانجون ذهني توڙي مالي حالتون پنهنجي جاءِ تي ڪون رهيون هيون. توڙي جو اسان ٻئي ڀائر ابي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪمائڻ لڳا هئاسين پوءِ به خبر ناهي ڇو سدائين گهر ۾ ڪجهه کٽل رهيو آهي. اڄ به امڙ ابي جي هٿن ۾ برڪت ڳڻائيندي ڳوڙهن جي ڀيٽا ڏيندي کيس ياد ڪري پنهنجي اندر جو درد هلڪو ڪري وٺندي آهي. امڙ هر معاملي کي ابي جي دور سان ڀيٽي خوشحالي جا منظر ڳڻائيندي رهي ٿي.
    ابو پنهنجي زماني ۾ پن جي ٻيڙين ٻڌڻ جو شاهه ڪاريگر استاد سمجهيو ويندو هو. اهو ئي سبب هو جو هر سيٺ ابي کي پنهنجي ڀانڊي تي ڪم ڪرڻ لاءِ چوندو هو. پر ابو هر ڪنهن کي هٿ جوڙي هڪڙو ئي جواب ڏيندو هو. سيٺ ٻچڙن جي روزي ٿئي پئي. ڪا لوڙهه ٿئي ته اول اوهان کي عرض ڪبو ٻيو ڪير آهي منهنجو.
    اسانجي ٻيڙين جي مانڊڻي بلاول پارڪ چوڪ واري ڪنڊ تي هئي. جنهن ۾ مشڪل سان ڪجهه سڀني برانڊن جا 20-15 سگريٽن جا پيڪيٽ، هڪ اڌ برني کٽمٺڙن (ٽافين) جي ۽ هڪ برني ڪيڪن جي هئي باقي مانڊڙي ۾ پن جي ٻيڙين جا پڙا رکيل هئا. ٻيڙين جا پڙا هر ٻي ڏينهن مان ۽ منهنجو ننڍو ڀاءُ فتو گڏجي سيٺ چاچي بالو جي مانڊي تي ڏئي ايندا هئاسين جتان وري ڪجهه ٻيڙين ٻڌڻ لاءِ پن ۽ ڪجهه رقم ملندي هئي جنهن مان گهر جو سيڌو سامان وٺندا هئاسين. هونئن ته ابي جي مانڊڻي تي ڪافي سارا ماڻهو ايندا هئا جنهن وقت ڏس هڪ اڌ ماڻهو ويٺل هوندو هو. جن سان ابو يڪو ويهي ڳالهائيندو هو. پر چاچا سيٺ بالو ۽ چاچا حبن جنهن کي ابو ماستر حبن چوندو هو. اهي ٻئي ماڻهو اهڙا هئا جن کي ابو چينڪ ۾ چانهه ۽ هڪ ننڍي پن جي ٻيڙي هر حالت ۾ پياريندو هو. اسان پوري ڄمار ۾ چاچا بالو کي ڪڏهن به چڱو ڪپڙو پائيندي نه ڏٺوسين. جڏهن ته چاچا حبن هميشه ويل ڊريسڊ رهندو هو ۽ روزانه شيو به ڪندو هو. چاچا حبن ڏاڍو سهڻو مڙس هو جيڪي به ڪپڙا پائيندو هو مٿس ڏاڍا ٺهندا هئا. ابو سڄو ڏينهن مانڊڻي تي ٻيڙيون ٻڌندو هو. ابي جي گيراهڪن جي اڪثريت سندس دوستن جي هئي جنهن سان سياست سميت، مختلف سياستدان ۽ انهن جي ڪمن تي بحث ڪندو رهندو هو. جيڪي ٻاراڻي زماني ۾ اسان کي ڳالهيون سمجهه ڪون اينديون هيون. مان ۽ فتو اڪثر ڪري سوچيندا هئاسين ته اڪثر آخر مسئلو ڪهڙو آهي جو ابي وارا ايڏو زور سان ۽ جهيڙي ڪرڻ واري انداز سان ڳالهائن ٿا. شروع شروع ۾ ته اسان کي وڙهڻ جو گمان ٿيندو هو پر پوءِ اسان به ان سُر کي سمجهي ويا هئاسين چاچا حبن سان سدائين پنهنجي ننڍي ڌيءُ ڪونج گڏ هوندي هئي ڪونج هر وقت سينگاريل رهندي هئي اسان ڪڏهن به ڪونج کي ميري حالت ۾ ڪو نه ڏٺو، بلڪل ڳاڙهي ربن واري گڏي لڳندي هئي. شروع شروع ۾ ابي ۽ چاچا ماستر حبن جي هر ڳالهه ۾ سنڌ جو ذڪر گهڻو ٿيندو هو جنهنڪري مان ۽ فتو اهو سمجهندا هئاسين ته سنڌ شايد ڪونج جي ننڍي ڀيڻ آهي ان ڪري ابي وارا رڳو ان جون ڳالهيون ٿا ڪن. ڪونج مانڊڻي تي هوندي هئي ته هر ايندڙ ماڻهو ڪونج کي پيار ڪندو هو. سنڌ به اسان کي ڪونج جهڙي سهڻي ۽ سٺڙي ڇوڪري لڳندي هئي. مان ۽ فتو اڪثر پر پٺ ڪونج تي ڳالهائيندا هئاسين. نه ڄاڻ ڇو مون کي خوف لڳندو هو ته ڪونج ايتري صاف سٿري آهي مٽي سان راند ڪندي ميري نه ٿي وڃي. ڪونج به اهڙيون اهڙيون ڳالهيون ڪندي هئي. جو اسان حيران هوندا هئاسين ته ايتري ننڍڙي ڇوڪري اهڙيون ڳالهيون ڪيئن ٿي ڪري سگهي.
    ماستر حبن ۽ سيٺ بالو واحد ماڻهو هئا جن کي ابو زبردستي ويهڻ لاءِ چوندو هو. پوءِ به نه ويهندا ته سدائين هڪڙو جملو چئي ويهاري ڇڏيندو هو. يار ويهه ته وات به وڙهايون ۽ وات ڪوڙو به ڪريون ۽ پوءِ مون کي چوندو هو. ابا جلدي سان چينڪ ۾ چانهه چئي اچ ۽ پوءِ مان ڊوڙندو سائين صالح شاهه جي هوٽل تي چانهه جو آرڊر ڏئي ايندو هئس. چانهه پيئڻ کانپوءِ جلدي سان پن جي ٻيڙي دکائي ٻه ٽي لاڳيتا وڏا ڪش هڻڻ کانپوءِ ٻيڙي سامهون واري کي ڏيندو هو. ابو اهڙي شاهه خرچي رڳو چاچي بالو ۽ چاچي حبن لاءِ ڪندو هو.
    ابو سيٺ بالو ۽ ماستر حبن سان رانديون ڪندي جوان ٿيو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڳالهين ئي ڳالهين ۾ جواني جي سمنڊ جي لهرن ۾ لڙهي الاءِ ته ڪهڙي وڃي پار پڄندو هئا. تڏهن انهن جي ڳالهين ۾ سوين رولاڪيون ۽ تڪليفن جا ذڪر انهن بي چهرن تي تڙڳندي نظر ايندا هئا.
    ان زماني ۾ منهنجي دل چوندي هئي ته سڄي ڄمار ڪونج سان گڏ راندي ڪندي گذاري ڇڏيان. منهنجي دل ته اها به چوندي هئي ته ڪونج جي گهر وڃي ان جي ننڍي ڀيڻ سنڌ کي ڏسان. پر اهو سڀ ڪجهه ان ڪري به نه ڪري سگهندا هئاسين ته ابي کي مانڊي تان هڪ لمحو به فرصت ڪو نه ملندي هئي جڏهن ته مان ۽ فتو اڪيلا انهن جي گهر ڪو نه وڃي سگهندا هئاسين. ڇاڪاڻ ته اسان ٻنهي پنهنجي گهر جي رستي کانسواءِ ٻيو ڪجهه ڏٺو هو ته اهو هو چاچي بالو جي ٻيڙين ٻڌڻ وارو ڀانڊو. جتي اڪثر ڪري چاچا بالو پٺي اگهاڙي ڪري ويٺل ملندو هو. چاچا ماستر حبن ۽ بابو جڏهن به اڪيلا ٿيندا هئا تڏهن ماستر حبن ابي کي چوندو هو. ٻار پڙهائين ڇو نه ٿو. عمر چڙهي ويندن پوءِ ويٺو هٿ هڻندين. اجايون سال ضايع نه ڪرين. . تڏهن مون کي ايترو ته محسوس ٿيندو هو ته چاچا حبن اسان بابت ڪجهه چئي رهيو آهي. مگر ڇا ٿو چوي سا ڳالهه سمجهه ۾ ڪو نه ايندي هئي. هڪ ڀيري چاچي حبن جي وڃڻ کانپوءِ مون ابي کان پڇيو هو ته چاچا ڇا پئي چيو ته ابي رڳو مسڪرائيندي ايترو چيو هو ته هو. ماستر آهي واندو ان کي اسانجي حالت جي ڪهڙي خبر. منهنجي ٻاراڻي ضد تي ابي پن جي ٻيڙي دکائي هڪ وڏو ڪش هڻڻ کانپوءِ ٿڌو ساهه کڻي چيو هئائين ته توهان کي اسڪول موڪلڻ لاءِ چوي ٿو. ان لمحي مون کي گڏي سان وقت وڌيڪ گذارڻ جو موقعو سمجهه آيو هو سو بنا ڪجهه سوچڻ جي چيو هيم. ابا موڪل نه اسڪول اسان کي. تڏهن ابي جو آواز ڳرو ٿي ويو هو.
    وڏو ٿڌو شوڪارو ڀري چيو هئائين ها ابا ڏسون ٿا، خاموش ٿي ڪري ٻيڙي جا لاڳيتا ڪش هڻڻ لڳو هو ۽ پوءِ خاموش ٿي ٻيڙيون ٻڌڻ شروع ٿي ويو هو. ان گهڙي ابي جي چهري تي عجيب ريکائون چٽجي ويون هيون. جنهن جا عڪس ۽ معنائون مون کي سمجهه ۾ ڪو نه آيون هيون پر چهري تي اڀريل درد چڱي طرح پڙهي سگهجي پيو ۽ پوءِ اها خاموشي اوستائين ڇانيل رهي هئي جيستائين ڪو ماڻهو نه آيو هو. مون کي خبر ناهي ڇو چاچا ماستر حبن سٺو لڳندو هو. مان اڪثر فتو کي چوندو هئس ته ماستر حبن اسان جو ابو ڇو نه ٿيو. ان زماني ۾ ماستر مون لاءِ ديو مالائي ڪردارن جهڙو هو. هڪ ڏينهن ابي ۽ چاچي ماستر حبن وچ ۾ ڳالهين ۽ ڳالهين ۾ ڪنهن ڳالهه تي جهيڙو ٿي پيو هو. مون پهرين ڀيري ابي ۽ ماستر حبن کي تلخ لهجي ۾گار گند ڪندي ڏٺو هو. ابي وارن جي وچ ۾ اهڙو تلخ لهجي ڏسي مان ۽ فتو پريشان ٿي ڪري روئڻ شروع ٿي ويا هئاسين. تڏهن ابي بدران اسان کي ماستر حبن پرچايو هو. ٻي ڏينهن مان ۽ فتو صبح جو سوير مانڊڻي تي آيا هئاسين جتان ماستر حبن ۽ ڪونج سان گڏجي اسان به اسڪول ويا هئاسين ان کانپوءِ اسان روزانو اسڪول وڃڻ شروع ڪيو هو. مون کي چٽي طرح ياد آهي ته اسان کي ڪتاب ۽ سليٽون چاچا ماستر حبن وٺي ڏنيون هيون. ڪونج سان گڏ بينچ تي ويهڻ ۾ مون کي ڏاڍو سٺو لڳندو هو.
    ۽ پوءِ هڪ ڏينهن چاچا ماستر کي اسڪول جي ميدان ۾ ڪنهن سان جهيڙو ڪندي ڏٺو هو. جهيڙي وقت ماستر حبن جي هٿ ۾ رول هو جيڪو ان کان اڳ اسان هن جي هٿن ۾ ڪڏهن به نه ڏٺو هو. چاچا حبن اڪيلو ۽ سامهون ٻه ٽي ڄڻا هئا چاچا حبن کي اسان زندگي ۾ پهريون ڪنهن سان وڙهندي ڏٺو هو. ماستر حبن جي مٿي مان رت وهڻ باوجود وڙهي رهيو هو. هڪڙي مڙسالي کي رول هڻي ڪيرائي وڌو هئائين.
    ۽ پوءِ کوڙ سارا ماڻهو اچي ويا هئا. اهڙي نموني وڙهندي ڏسي مان حيران هئس ڇاڪاڻ ته چاچا ماستر حبن سدائين هر ڪنهن سان کلي ڀاڪر پائي ملندو هو. شل نه ڪنهن کي تڪليف اچي ڏک ونڊڻ ۾ سڀ کان اڳيان ته آئي وئي کي پيو پارت ڪندو هو ته فلاڻي سان هٿ همراهي ڪريو. جهٽ گهڙي ويهي اچوس مطلب ته هر معاملي ۾ سڀ جي اڳيان جهيڙي ڦڏن ۾ ٺاهڻ لاءِ وتندو هو منٿون ڪندو ائين لڳندو هو ته ڪنهن جي جهيڙي سان چاچا ماستر جو نقصان ٿيندو هجي. ماستر حبن جي اهڙي رويي جي ڪري هر ڪو سندس عزت ۽ احترام ڪندو هو. جنهن مسئلي ۾ هٿ وجهي اهو حل. سڄو شهر ڄاڻيندو هو ته ماستر حبن هر ڪنهن جو سڄڻ آهي ماڻهو به کيس اهڙي ئي موٽ ڏيندا هئا. اگر ڪنهن بي ڏوهي کي ڏوهي چئي سامهون واري کان معافي وٺڻ لاءِ چوندو هو ته اڳيون ماڻهو پنهنجي صفائي پيش ڪرڻ بدران ماستر حبن جي ڳالهه رکندي معافي وٺي ڇڏيندو. اهڙو کرو جو پنهنجي سڳي پيءُ کي به سڌو چئي ڏيندو هو. ڌرين کي ٺاهڻ وقت مجال آهي جو ڪنهن سان ريائو ڪري. اصل ڏوهه ورهائي هڪ پاسي ڪندو هو. اصل سڌو سڌو چئي ڏيندو هو ته ڏوهارين آهين وٺينس ٿو معافي يا نه. وٺ معافي يا پوءِ شهر سڄي سان جهيڙو ٻول ۽ پوءِ سامهون واري کي انڪار جي همت ئي ڪو نه ٿيندي هئي.
    جهيڙي جو ڪارڻ اسان کي سمجهه ۾ ڪو نه آيو هو پر هر ماڻهو جي واتان اهو ٻي ٻڌوسين ته ماستر حبن ايم پي اي شرجيل صاحب جي خاص ماڻهو نواز ۽ ٻين سان اسڪول جي پلاٽ تي جهيڙو ڪيو آهي.
    چون ٿا نواز پهرين ماستر کي ڌمڪائڻ ۽ سمجهائڻ آيو هو ته پلاٽ جي معاملي تي تون خاموش رهه تون ماستر آهين پگهار سان ڪم رک شهر جي وڏي ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪر. تنهنجو ڇا وڃي جو وتين ٿو رکواليون ڪندو. پر ماستر حبن سڌو جواب ڏنس پورو شهر کائي وڃو پر اسڪول جي پلاٽ جي انچ تي بيهڻ ڪون ڏيندس. جيڪو وڻيو وڃي ڪريو پر اسڪول جي پاسي نه لڙجو. اسڪول معنيٰ روشني ۽ مان پنهنجي شهر کي اوندهه ۾ ڪرڻ ڪو نه ڏيندس منهنجي شهر جو مستقبل سان جيڪو به کيڏندو ان کي مان بخش ڪو نه ڪندس.
    ٻي ڏينهن ماستر حبن کي ايم پي اي شرجيل پنهنجي بنگلي تي گهرايو هو.
    ماستر حبن ۽ ابو جيئن ئي بنگلي تي پهتا ته ايم پي ايم شرجيل ٻنهي تي ڏاڪا ٻڌي چڙهي ويو. توهانجي پيءُ جو اسڪول آهي اڙي ٽڪي جا ماستر تنهنجي ايڏي مجال جو منهنجي ماڻهن تي ٿو هٿ کڻين مرچون وجهندس ٻنهي کي اگر ٻيهر اهڙي حرڪت ڪئي اٿو.
    مڙس آهن معتبر هليا آهن اسڪول ۽ شهر جو مستقبل بچائڻ.
    شرجيل پنهنجي وانٺي نواز کي حڪم ڪندي چوي ٿو. جلدي سان ايس ڊي او کي فون لڳاءِ ڪرايونس ٿا ڇني شهر بدلي جيئن اتي ويهي پٿر ميڙي ته خبر پويس نواز ادب مان چوي ٿو. حاضر سائين شرجيل ماستر کي نڪري وڃڻ لاءِ چوندي چوي ٿو. وري ڀلجي اسڪول ۽ منهنجي ماڻهن جو نالو ورتو اٿئي ته ڪير ڇڏائڻ وارو ڪو نه هوندئي. نڪري وڃ هتان گڏهه، ٽڪي جو ماستر هليو آهي شهر جي وارثي ڪرڻ.
    ماستر حبن ۽ ابو نڪتا هئا. پر نڪرندي نڪرندي ماستر حبن مڙي شرجيل صاحب کي چيو هو. ڀلي مون کي ڪهرائي ڇڏيو. باقي اسڪول جي پلاٽ تي منهنجي حياتي ۾ ڪو اچي قبضو نه ٿو ڪري سگهي. توهان هن شهر جا وڏا آهيو. چونڊيل عوامي نمائندا ۽ منهنجي شهر جا حاڪم آهيو. منهنجي بدلي دنيا جي ڪهڙي به ڪنڊ ۾ ڪرائي ڇڏ مون کي ان جي پرواهه ناهي. پر اسان جي ايندڙ مستقبل سان نه کيڏو. ها صاحب هي آواز مون اڪيلي جو نه بلڪه پوري شهر جو آهي. شرجيل ڪاوڙ مان حبن طرف ڏسڻ کانسواءِ چيو هو ماستر مان نه ٿو چاهيان ته تو جهڙي ٽڪي جي ماڻهو سان الجهان. تو خصيص ماستر جي ڪري مان پنهنجو اميج نه ٿو وڃائڻ چاهيان . باقي هڪڙن ڳالهه ياد ڪري ڇڏ. ته هڪ ماڻهو به ڪو نه بيهندي. متان ڪنهن قسم جي ڪا تڪڙ ڪجان. مان وري به چوان ٿو صبح ماڻهو ايندا اگر ڪنهن قسم جي فشري ڪئي اٿئي پوي توکي خبر پئجي ويندي. هٿ جوڙي ماستر چوي ٿو سائين حيات موت خدا جي وس ۾ آهي. باقي اسڪول جي پلاٽ بابت سوچڻ ڇڏي ڏي. شرجيل ڀر ۾ کنيل پستل کڻي ٿو پر کيس نواز روڪي وٺي ٿو. بابا هن ماسترڙي تي ٿا گولي خرچ ڇو ٿا، ڪريو ڇڏيوس.
    ٻي ڏينهن نواز وارا اسڪول پهچن ٿا. اتي ماستر حبن ۽ باقي شهر واسين جو رخ ڏسي نواز وارا بنا ڪجهه چوڻ جي واپس هليا وڃن ٿا. شام ستين وڳي ماستر حبن چرين وانگر دانهون ڪندو اسان جي مانڊڻي تي اچي ٿو.
    اهڙي حالت ۾ ماستر حبن کي ڏسي ابو پريشان ٿي وڃي ٿو ۽ پنهنجائپ مان هڪل ڪري چوي ٿو ماستر گهر ڏي ته خير آهي نه ڇا ٿيو آهي جو ائين دانهون ڪندو اچين ٿو. تڏهن ماستر رڳو ايترو چئي سگهيو هو ته لاهوتي ڪونج الاءِ ڪاڏي وئي.
    ابي کان ڇرڪ نڪري وڃي ٿو. بي ساخته چوي ٿو ڪٿي شرجيل جو منهن ڪارو ته ڪون ٿيو آهي نه ماستر حبن.
    مون کي به اهڙو ئي شڪ آهي. حبن وراڻيو
    هل ته ٿاڻي تي هلون. ابو ٽپ ڏئي مانڊڻي مان لهي چوي ٿو. ڏسندي ئي ڏسندي پارڪ چوڪ وٽ اڌ شهر گڏ ٿي وڃي ٿو سڀ ٿاڻي تي پهچن ٿا.
    پوليس ايف آءَ آر داخل ڪرڻ بدران انڪار ڪندي چوي ٿي پهرين آڙو پاڙو جانچي اچو ائين نه ٿئي ٻارڙي ڪنهن جي گهر هجي ۽ اسان ويٺا شهر جي معززن تي ايف آءِ آرون داخل ڪرايون.
    ايف آءِ آر ڀڳي ڪو نه ٿي وڃي اها ڪهڙي وقت به ڪاٽي سگهجي ٿي. بلڪه پوليس استاد حبن سان گڏ آهي. اسان کي پڻ ايڏو ئي ڏک ٿيو آهي. الله خير ڪندو پهرين توهان چڱي نموني جانچ ڪري اچو.
    ان رات ابو سڄي رات گهر ڪو نه آيو هو. صبح جو سڄي شهر ۾ اها خبر هلي وئي هئي ته ڪونج گم ٿي وڃڻ جي ڪري ماستر حبن جي گهر واري گذاري وئي آهي. تڏهن پورا ٽي ڏينهن اسانجي مانڊڻي بند رهي هئي.
    ڪونج جي گم ٿيڻ جو مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو هو. مان رڳو اهو سوچيندو هئس ته ڪونج ميري نه ٿي وڃي. منهنجي ٻاراڻي ذهن ۾ ڪونج جي گم ٿيڻ کان وڌيڪ ان جي ميري ٿيڻ جو وڌيڪ خطرو هو.
    ۽ پوءِ اسان جي هٿن ۾ ڪونج واپس ڪرايو جا پلي ڪارڊ هئا پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو هو احتجاج ۾ اسان جي اسڪول جي شاگردن سميت پوري شهر جا ماڻهو شامل هئا. ڪجهه ڏهاڙن کانپوءِ خبر پئي ته ماستر حبن گم ٿي ويو آهي. تڏهن سيٺ بالو ۽ ابي جي واتان ماستر حبن جي هوش هليو وڃڻ جون ڳالهيون ٻڌيون هيونسين.
    تنهن کانپوءِ ابو اسان کي روزانه پريس ڪلب تي وٺي وڃي احتجاج ڪرائيندو هو. ۽ اهو احتجاج اوستائين جاري رهيو جيستائين ابو حيات رهيو.
    ابي جي گذاري وڃڻ کانپوءِ تڏهن مان ۽ فتو ميٽرڪ ۾ اچي پهتا هئاسين. ابي جي چالاڻي وقت اسان کان ڪونج ۽ ماستر حبن وسري ويا هئا. اسان ابي جي لاڏاڻي واري ڏک ۾ ورتل هئاسين اچانڪ خبر پئي ته تڏي تي شرجيل صاحب اچي ٿو. شرجيل صاحب جي اچڻ جو ٻڌي اڪثر تڏي تي ويٺل ماڻهو حيران رهجي ويا هئا سڀني جي زبان تي هڪ ئي سوال هو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي لاهو تي جيستائين جيئرو هو شرجيل خلاف احتجاج ڪيو هو پوءِ هي سڀ ڪجهه ڪيئن اسان اڃان سڀ ان حيرت ۾ ئي هئاسين ته شرجيل وارا پهچي ويا.
    شرجيل مون سان اهڙو ڀاڪر پائي مليو ڄڻ پنهنجي ڪنهن سڳي سان ملندو هجي بلڪه اهڙي طرح مون سان ڪڏهن ابو به مليو ئي ڪو نه هو.
    شرجيل صاحب اٿڻ کانپوءِ معمول کان ڪجهه وڌيڪ ڏاڍيان ڳالهائيندي چيو ته پٽ گهڻو پڙهيل آهين.
    مون هٻڪندي وراڻيو سائين ميٽرڪ ڪئي اٿم پنهنجي خاص ماڻهو نواز کي مخاطب ٿيندي چيائين شام هن کي ڪلرڪي جو آرڊر گهر وييٺي پهچائي وڃ. نواز ڪوزش واري انداز ۾ حاضر بابا چيو ۽ پوءِ سڀ هليا ويا هئا شرجيل صاحب وڃڻ وقت اسان اڃان وڌيڪ حيران هئاسين شام نواز مون کي ڪلرڪي جو آرڊر ڏيڻ آيو هو. آرڊر منهنجي حوالي ڪندي چيو هئائين ڪراچي وڃڻو پوندي جيترو ٿي سگهي جلدي وڃي جوائن ڪر ۽ پوءِ ٽئين ڏينهن تي مان ڪراچي جوائن ڪرڻ لاءِ پهتس.
    ڪراچي ۾ ابيءَ جي دوست چاچو خير محمد جي آسري ڪپڙا ٻڌي نڪري پوان ٿو. خير محمد پهرين ته اسان وٽ جام ايندو هو هڪ ننڍڙو ڳاڙهي ڪلر جو رسالو به کڻي ايندو هو. پر هاڻي جهونو ٿيڻ ڪري تمام گهٽ ايندو آهي. جڏهن چاچي خيرل وٽ پهتس ته اصل جي ۾ جايون ڏنائين ۽ پنهنجي پٽ عاليان کي حڪم واري انداز ۾ چيائين ته هن کي ڪڏهن به ڪنهن به شئيءَ جي تڪليف نه ٿيڻ گهرجي. ائين سمجهه ته هي تنهنجي ڀاءٌ ۽ منهنجي پٽ آهي.
    عاليان مون کي ڪراچي جا سڀ تفريحي هنڌ گهمائڻ شروع ڪيا. هڪ ڏينهن اسان سمنڊ تي بيٺا هئاسين ته هڪ شخص جيڪو انتهائي خراب حالت ۾ مليو. جسماني طور تي صفا ضعيف هو.
    اهو شخص ڪونج ڪونج چئي هڪ طرف ڊوڙي رهيو هو ڪونج جو نالو ٻڌي هڪ لمحي لاءِ مان بي ساخته متوجهه ٿيس دل سٽ کاڌي ته ڏسانس ڪٿي متان ماستر حبن هجي. اهو پاڳل شخص ڊوڙي ڊوڙي وڃي ڪنهن هنڌ ويهي رهي ٿو. اسان جڏهن پهتاسين تڏهن مان دنگ رهجي ويس. ڇاڪاڻ ته اهو بي حال ۽ ضعيف شخص ماستر حبن ئي هو. مان بي اختيار بڻجي وڃي مست ملنگ بڻيل ماستر حبن کي ڀاڪر پايان ٿو ۽ عاليان کي چوان ٿو پليز منهنجي مدد ڪر ته هن کي اسپتال تائين وٺي هلون. ۽ پوءِ وڏي ڪوشش سان ماستر حبن کي اسپتال وٺي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيون ٿا.
    ***


    ستين آسمان جا فرشتا

    هڪڙو زمانو هو. سڄي خاندان سميت امان به بابا کي ڪم چور، رولو ۽ گهر جي ذميوارين کان لاپرواهه ۽ غير ذميوار سمجهندي هئي. اهو ئي نه بلڪه هر ايندڙ ويندڙ ماڻهو سان ور ور ڪري اهڙو اظهار به ڪندي رهندي هئي. مان سڀني جو بابا ڏانهن اختيار ڪيل ورتاءُ محسوس ته ڪندو هئس پر ڪنهن کي به چئي ڪو نه سگهندو هئس. تڏهن منهنجي ٻاراڻي ذهن ۾ هڪڙو ئي خيال رهندو هو ته وڏو ٿي سڀني کان بابا جو پلاند وٺندس. ان زماني ۾ مون کي امان بلڪل به سٺي ڪو نه لڳندي هئي. بلڪل خراب ۽ جهيڙالو قسم جي عورت لڳندي هئي ڇو ته مون کي اهڙي قسم جون جهڳڙالو عورتون سٺيون ڪو نه لڳنديون آهن تڏهن امان هر ننڍي وڏي ڳالهه تي ابي سان جهيڙو ڪندي رهندي هئي. مان سمجهندو هئس ته امان ٻين ماين ۽ ماڻهن جي آکڻ ۾ اچي بابا لاءِ اهڙو خراب سوچي ٿي. امان جڏهن پاڙي وارين ماين سان ڪچهري ۾ بابا لاءِ جڏهن غلط ڳالهيون ڪندي هئي تڏهن مون کي چڙايندي هئي. اول مان امان کي اتان اٿارڻ جي ڪوشش ڪندو هئس ان جي نه هلڻ جي صورت ۾ مان پاڻ روئي ڪري هليو ويندو هئس.
    امڙ جي حوالي سان جڏهن بابا سان اهڙو ذڪر ڪندو هئس ته هڪ ٿڌو شوڪارو ڀري پنهنجي اندر جي درد ۽ ڪاوڙ کي خارچ ڪرڻ کانپوءِ مسڪرائي چوندو هو ”ديش ڀڳت“ مرشد لطيف ساڃاهه ڏيندس پاڻ مسڪين ڪٿي ٿا پڄي سگهون سامراجي قوتن کي. بابا ۽ ان جو انتهائي ويجهو دوست چاچا عابد مون کي پنهنجي اصل نالي بلاول بدران ديش ڀڳت سڏيندا هئا. هڪ ڀيري منهنجي نالي خارڻ (خراب) جي معاملي تان امان جو بابا سان پاڻي پٽ وارو ميدان به لڳي چڪو هو. ان طوفاني جهيڙي ۾ مون پنهنجي ڄمار ۾ پهريون ڀيرو بابا کي امان تي هٿ کڻندي ڏٺو هئو. خبر ناهي ڇو امان کي ڪٽ ڪڍڻ وقت بابا مون کي خراب لڳڻ بدران ڏاڍو سٺو لڳو هو.
    ان ڏينهن بابا جي اکين مان ڪاوڙ جا الا پئي نڪتا. بابا جي اهڙي ڪيفيت ڏسي هيڪاري مان ئي خوفزده ٿي ويو هئس. جنهن تي چاچا احمد امان جي پاران بابا کي ڪچيون گاريون ڏنيون هيون. پر بابا ڪڇي ڇا جهڙو ڀت. بس اکيون هيٺ ڪري کٽ تي جيئن جو ويهي رهيو ته اصل هڪڙو اکر به ورندي يا صفائي ۾ ڪو نه ڳالهايائين. چاچا احمد ڪاوڙ مان بار بار هڪڙي ڳالهه دهرائي رهيو هو. تون آڻِيندين انقلاب. تون پاڻ کي روشن خيال ٿو سڏائين. اڙي جن جا ننگ دربدري جي دنيا ۾ ڀٽڪن اهي ڪجهه به ڪون ڪري سگهندا آهن. چاچا احمد جون گاريون ۽ امان جو روئڻ ماحول ۾ عجيب ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏي هئي، مان بي حواسن جيئن ٻاهر ڊوڙڻ لڳس ته چاچي ڪونج مون کي سنڀالي ورتو هو. چاچا احمد بابا جو وڏو ڀاءُ هو ۽ ڪونج ان جي زال. چاچي ڪونج کي پٽراڻو اولاد ڪو نه هو. ان ڪري هو مون کي تمام گهڻو پيار ڏيندي هئي. ان گهڙي خبر ناهي بابا ڇا سوچي رهيو هو پر ان جي اکين مان بيوسي جهلڪي رهي هئي هو بلڪل سڄي صورتحال کان لاتعلق بڻيو ويٺو هو.
    البته شام جو اوطاق تي چاچا عابد سان دل جو درد ونڊيندي سڏڪي پيو هو. ان ڏينهن مون بابا کي سڏڪندي ڏسي حيرت کاڌي هئي ته وڏا به روئندا آهن ڇا!؟
    اهڙي خبر ملڻ تي چاچا احمد ٻي ڏينهن چاچا عابد سان اوطاق ۾ انتها ئي خراب سلوڪ اختيار ڪيو هو. تڏهن اتي موجود بابا بي ضبط ٿي چاچا سان مخاطب ٿيو هو. زندگي ۾ پهريون ڀيرو هوندو جو چاچا احمد سان بابا اهڙي ڪاوڙ ڀري لهجي ۾ ڳالهائيندي ڏٺو هئم. بابا انتهائي جذباتي ٿي ويو هو. بابا ڪاوڙ مان بار بار هڪ ئي ڳالهه ڪري رهيو هو عابد جي منهنجي دوست طور ڀلي عزت نه ڪريو پر اوطاق تي هلي ايندڙ مهمان جي حيثيت ۾ ته مان ڏيوس. اسان جي خانداني توڙي قومي ورثو ۾ عزتون ڏيڻ آهي. در تي هلي ايندڙ ۽ نياڻي ميڙ تي ست خون معاف ڪري ڇڏڻ ته اسانجي ئي ورثي ۾ شامل آهي. پاڻ وڏي سان جهڪي ملڻ ۽ ننڍي سان پيار ڪرڻ به سنڌ جي روايت آهي. ماءُ جو مريد ٿيڻ ۽ ڀينرن جو ڏڍهه ٿيڻ کان ويندي سام تي سر قربان ڪرڻ به اسان وٽان ئي ٻين قومن ٻڌو هوندو ۽ توهان مهمان جي عزت نه ٿا ڪريون. مان توهان کي پيءُ جو درجو ڏنو آهي. پر جيڪي پيئر روايتن کان بي خبر هجن انهن لاءِ نفرت جي اظهار ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڇا ٿو ڪري سگهجي. بابا جا اهي لفظ منهنجي ذهن ۾ نقش ٿي ويا هئا ۽ مان اڄ به مهمانن ۽ دوستن جو دل سان قدر ڪندو آهيان.
    هڪڙو دور اهڙو به آيو جو گهر ۾ سڀ ڪجهه موجود هجڻ باوجود امان ايندي ويندي گهر ۾ ڪجهه به نه هجڻ جو ٻڌائڻ لڳي هئي. هڪ ڏينهن بابا کيس ڏاڍي پيار ڀري انداز سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو ته مون کي خبر ناهي مون کي منهنجي ڪهڙي گناهه جي سزا ملي رهي آهي. پر مٺي اهو سوچ ته زالون مردن جي عزتن جو ڍڪ ٿينديون آهن پردو ۽ پناهه بڻبيون آهن. تون ائين ڇو ٿي ڪرين. ادا احمد گهر جو وڏو آهي ۽ گهر هلائي پيو ۽ منهنجو خيال ۾ توکي ڪا تڪليف نه پهتي آهي پر وري به مان ڪوشش ڪندس في الحال هٿ تنگ آهي. ڪا راهه نڪرڻ ڏي تڏهن امان زور زور سان دانهون ڪري چوڻ لڳي هئي ته اگر سنڀالي نه ٿو سگهين ته هٿ ڪڍ ته اسين وڃي پنهنجو بندوبست ڪريون. باقي ماني گرهه لاءِ ڪنهن سان ياراڻي ڪو نه ڪنداسين. امان جي اهڙي انداز تي بابا جي انگ انگ مان باهه ڀڙڪندي ڏٺي هئم پر پوءِ به بابا کي ضبط جو مظاهرو ڪندي امان کي ٿڌي دل سان سمجهائي رهيو هو. ان لمحي بابا جي ڪيفيت ڏسڻ وٽان هئي. هڪ عجيب درد ۽ بي وسي جا عڪس سندس اکين مان ليئا پائي رهيا هئا. ان ئي ڏينهن چاچا احمد اسان جو خرچ بند ڪيو هو.
    ۽ بابا سڄو ڏينهن ٻاهر رهڻ کانپوءِ شام جو هٿين خالي آيو هو. بابا جي اچڻ وقت مون کان امان جو سمجهايل ڊرامو وسري ويو هو. امان جي پلان مطابق بابا جي اچڻ شرط مون کي بک لڳڻ جون دانهون ڪريون هيون. ۽ ماني لاءِ روئڻو هو. پر مون ائين ڪو نه ڪيو ڇو ته مون کان بابا جي حالت ڏٺي ڪو نه پئي ٿي. مون چاچا ۽ امان کان بابا کي نوڪري ملڻ جو به ٻڌو هو. مان ڊرامي جو حصو نه ٿيس ته امان چاچي ڪونج کي سڏ ڪري چيو ته ادي ماني گرهه هجي ته ڏي“ منهنجو ننڍڙو بي حال ٿي ويو آهي.
    امان وارن کان وٺي اچي توکي واپس ڪنديس. چاچي ڪونج انڪار ڪندي چيو هو ته جيڪو اٽو هئو پچائي کائي ويا آهيون هن وقت ڪجهه به گهر ۾ ڪو نه آهي.
    ان کانپوءِ بابا گهران نڪرڻ ڇڏي ڏنو هو. پورا ٽي ڏينهن بابا وٽ سگريٽ ڪو نه هئا. مان مامي جمعي کان پن جي ٻيڙي وٺي آيو هئس. ان ويل بابا حيرت مان پڇو هو.
    ڪٿان کڻي آيو آهين ۽ ڪنهن چيو اٿئي، تڏهن مون کيس ٻڌايو هو ته سندس لاءِ مامي وٽان کڻي آيو آهيان تڏهن مون کي ڀاڪر ۾ ڀري ڏکاري لهجي ۾ چيو هئائين، ”ديش ڀڳت“ تنهنجي ماءُ نه ائين سوچي ته مان پهاڙن سان به وڙهي سگهان ٿو. قوم دشمن عناصرن جي حربن مون کي ايترو پريشان نه ڪيو آهي جيترو تنهنجي ماءُ. مان ٽٽي پوندس منهنجا حوصلا جواب ڏئي ويندا لڳي ٿو مان ڌرتي جي آزادي جي رستي تي گهڻو وقت سفر نه ڪري سگهندس ۽ پوءِ خاموش ٿي ويو هو مون کي پنهنجي ٻانهن جي گهيري مان آزاد ڪري ڇڏيو هئائين. سندس اکين ۾ آلاڻ هئي. مون سواليه نظرن سان ڏٺو ته هن بنا ڪجهه چوڻ جي منهن ٻي طرف ڦيرائي ڇڏيو هو.
    شام جو دير سان پڦي حُسن بانو سگريٽ جو پيڪيٽ کڻي آئي هئي. ابي هڪ ساهي ۾ ٽي سگريٽ لاڳيا پيتا هئا ۽ پوءِ ڪيتري ئي دير تائين بابا ۽ پڦي اڪيلائي ۾ ڳالهيون ڪندا رهيا هئا. پهريون ڀيرو هو جو مون کي بابا ٻاهر وڃن لاءِ چيو هو. مان ڪافي سوچيندو رهيو هئس ته بابا ۽ پڦي ڇا پيا ڳالهائين.
    ۽ ٻي ڏينهن چاچا عابد پورن پندرهن ڏينهن کانپوءِ آيو هو. اسانجي اوطاق بدران چاچا عابد نار واري ٻير هيٺان ويٺو هو. ۽ مان بابا وارن لاءِ پاڻي جو ڪرشو ڀري ويو هئس. چاچا عابد مون کي ڀاڪر ۾ ڀري پيار ڪندي چيو هو ”ديش ڀڳت“ خوش ته آهين نه. مون ڪنڌ هاڪار ۾ لوڏي ها چيو ها. تڏهن بابا منهنجي پٺي ٺپيندي چيو ته ابا شل مرشد لطيف ڪندو پنهنجي بلاول وانگر ڌرتي لاءِ قربان ٿيندين. ان زماني ۾ مون کي هڪڙو خيال بار بار ايندو هو ته مرشد لطيف اسان وٽ ڇو نه ٿو اچي. ڏن لاءِ نه وري اسان انهن جي درگاهه تي ويا آهيون. هڪڙي ڀيري بابا کي مرشد لطيف جي درگاهه تي هلڻ جو چيو هو ته بابا پيسا هٿ اچڻ لاءِ چئي چپ ڪرائي ڇڏيو هو.
    ۽ پوءِ ٻي ڏينهن بابا ۽ چاچا عابد ڪراچي ويا هئا. بابا جي ڪراچي وڃڻ کانپوءِ مان ڏاڍو اداس ٿي ويو هئس. پورا ٽي ڏينهن ته بخار ٿي پيو هئم. گهڻي پريشان ۽ اداس رهڻ ڪري امان مونکي تمام گهڻو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. پر مون کي هڪ پل به مزو ڪو نه پئي آيو. هر هڪ لمحي ۾ هزار ڀيرا بابا کي ياد ڪندي ان جو ذڪر ڪندو رهندو هئس. ايتري تائين جو امان وارن کي پريشان ڪري ڇڏيو هئم. ڳالهه وڃي ڊاڪٽرن تائين پهتي هئي. نيٺ آهستي آهستي بابا کانسواءِ رهڻ جو هنر سکي ورتم ۽ پوءِ جڏهن بابا سامهون ايندو هو ته ڊوڙي وڃي چنبڙي پوندو هئس. نه ته بس ڄڻ ياد ئي نه هجي.
    شروع وارا ٽي مهينا بابا هر مهيني هڪ هزار جو مني آرڊر موڪليندو هو. بابا جي موڪليل هزار سان اسانجي گهر ۾ ڪو انقلاب ڪو نه آيو هو. البته ايترو ضرور ٿيو هو ته امان تمام گهڻو خوش رهڻ لڳي هئي.
    بابا جي موڪليل پئسن جو ور ور ڪري پئي ذڪر ڪندي هئي.جن ماين سان بابا جون شڪايتون ڪندي هئي انهن سان بابي جون تعريفون ڪندي ڍاپجندي ڪو نه هئي. بابي جي اچڻ جو اطلاع مليو ته امان حد کان وڌيڪ خوش ٿي هئي. جيستائين بابا گهر ڪو نه پهتو هو تيستائين امان سک سان ويٺي ڪو نه هئي مون کي ڪيترائي ڀيرا چيو هئائين ڏس ته صحيح تنهنجي ابا دير ڇو ڪئي آهي ۽ مان ڊوڙي وڃي چاچا احمد کي چيو هو. جيستائين بابا پهتو هو اوستائين امان ويٺي انتظار ڪيو. اصل ويهڻ ڪو نه پئي آيس ڪنهن پل جهونگاريائين پي ته ڪنهن گهڙي در تائين اچ وڃ پئي ڪيائين بابا جڏهن گهر پهتو ته امان گهور ٿيڻ جي ادائن سان آجيان ڪئي هئي. مون کي ياد آهي ان رات امان ۽ بابا ڪافي دير تائين ڳالهائيندا رهيا هئا. تڏهن مون کي ائين لڳو هو ڄڻ ته بابا کي ڪا به امان سان شڪايت نه هجي. ڳالهين ڳالهين ۾ بابا مون کان پڇيو هو ته ”ديش ڀڳت“ اسڪول ويندو آهين. تڏهن مون کان پهرين امڙ جواب ڏنو هو. جي ها مان پاڻ زوانو تيار ڪري موڪليندي آهيانس. جنهن تي بابا ورندي ۾ چيو هو مٺي پنهنجي لاءِ سڀ کان اهم ديش ڀڳت آهي. سو نه پڙهي پيو ته اسان جي زندگي جو مقصد پورو ٿي ويندو.
    ٺهه پهه امان وراڻيو هو. نواب گهرجون سڀ ذميداريون منهنجون آهن تون انهن لاءِ پريشان نه ٿيندو ڪر. مان ويٺي آهيان بابا ٻيهر ڪراچي ويو مان ۽ امان ڏاڍا اداس ٿي ويا هئاسين.
    ۽ پوءِ هڪ ڏينهن صبح سوير جو چاچا عابد اسانجي اوطاق تي آيو هو. ان ٽائيم مان اسڪول پئي ويس چاچا عابد مون کي ڏسڻ سان ئي سڏ ڪري ٿو. مان چاچي وٽ پهتس ته هن معمول کان وڌيڪ گرم جوشي ۽ پاٻوهه مان مون کي ڀاڪر پائيندي چيو ”ديش ڀڳت“ جلدي سان ادا احمد کي سڏ ڪر. مان حيرت مان چاچا کي ڏسڻ لڳس ته هن ٻيهر چيو بابا دير نه ڪر. مان حيران هئس ته چاچا عابد اڳ ته چاچا احمد جو نالو ٻڌڻ پسند نه ڪندو هو ان سان ملڻ لاءِ ڪيئن تيار ٿيو اهو به ايڏو جلدي منهنجي بي خبري ۽ معصوميت ڳالهه جي تهه تائين پهچڻ لاءِ جواب ڏئي وئي هئي. بابا جلدي ڪر نه بيٺو ڇو آهين. چاچا عابد جو جملو ٻيهر منهنجي ڪنن تي ٻريو ته مان بنا ورندي ڏيڻ جي پوئتي ڊوڙ وڌي. گهر پهتس ته امان ڪاوڙ مان پڇيو وري ڇو آيو آهين. اڄ اسڪول نه ويندين ڇا تڏهن وراڻيو هئم ته چاچا احمد سان ملڻ لاءِ چاچا عابد آيو آهي. ادا عابد اهو به ايترو سوير!؟ خدا پيو خير ڪري. اڃان امان چاچي کي ڪجهه چيو ئي ڪو نه هو ته سامهون کٽ تي ويٺل چاچا احمد اٿي بيهندي چيو هو. ڀاڄائي تون پريشان نه ٿي مان ڏسي ٿو وٺانس ته ڇو آيو آهي مان به چاچي احمد پٺيان اوطاق تي آيو هئس. خبر ناهي ڇو مون کي چاچا عابد بابا وانگر لڳندو هو. مون ڪڏهن به چاچا کي سيريس ڪو نه ڏٺو هو. سدائين کلندو ڀوڳ مسخريون ڪندو رهندو هو. ان ڏينهن خبر ناهي ڇو چاچا حد کان وڌيڪ سيريس لڳي رهيو هو ۽ پريشان به.
    چاچا عابد اسان کي ڏسندي ئي بي ساخته چاچا احمد طرف وڌندي ڏک مان چيو هو. ادا احمد يار اسان سان وڇوڙو ڪري ويو.
    ڇا!؟ ڇا پيو چئين ڀائو. خير ته آهي نه هي ڪهڙيون ڳالهيون پيو ڪرين!؟ چاچا احمد پريشاني مان لاڳيتا سوال ڪيا هئا. خير ئي ته ناهي نه ادا چاچا عابد وڌي اچي چاچا احمد کي ڀاڪر ڀري سڏڪڻ لڳو هو. جنهن تي چاچا احمد حيران ٿيندي پڇيو پر ٿيو ڇاهي ڀاءُ ڪجهه ته ٻڌاءِ ادا يار نواب اسان کي ڇڏي هن پار هليو ويو. عابد جي ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ چاچا احمد جهڙوڪر وسامي ويو هو. چاچا عابد جي ڀاڪر مان ڍرڪندي هيٺ ويهي رهيو هو. وڏي دانهن ڪندي چيو هئائين ادا تنهنجي ئي صلاح تي هتان ڪڍيومانس پوءِ به ساڳيا ڏينهن ڏيکارئي. هي ڇا ٿي ويو. ان کان ته بهتر هو هتي ئي هجي ها. بس ڪر ڀاءُ يار جي ايتري ئي حياتي هئي. مون سوچيو هو ته ڪراچي ويندو ته انهن ڏائڻن جي نظرن مان ٽري ويندو. پر ائين نه ٿيو. مان حيران هئس ته ٿي ڇا رهيو آهي. چاچا وارا ڇو پيا روئن. پر چاچا احمد واتان ڪراچي ۽ هڪ هزار جو ذڪر ٻڌم ته منهنجو خيال بابا ڏانهن ويو هو. ادا هو ظالم وڏي عرصي کان هن جي پٺيان هئا. ڪراچي ۾ جوڳي نه ڪنهن جو مٽ سو فرشتا فائدو وٺي ويا. چاچا عابد سڏ ڪندي ٻڌائي رهيو هو.
    بابا جي قتل جي خبر علائقي ۾ باهه وانگر پکڙجي وئي هئي. هزارين ماڻهو آيا هئا. هر ڪنهن جي وات تي بابا جي تعريف هئي. کيس ايماندار ۽ بهادر اڳواڻ چئي رهيا هئا. تڏهن مون فيصلو ڪري ورتو هو ته مان به ايماندار ۽ بهادر اڳواڻ ٿيندس. پر اهو هوندو ڇا آهي ان وقت مون کي ڪا به خبر نه هئي. مون کي بابا جي قتل کانپوءِ خبر پئي هئي ته بابا قومي ڪارڪن هو ۽ ان ڪري ئي مون کي ديش ڀڳت سڏيندو هو. تڏي تي ايندڙ هر ماڻهو بابا جي تعريف ڪندي نظر آيو هو. چوٿين ڏينهن سڀ ڪو پنهنجي ڪمن ڪارين سان لڳي ويو هو. اسانجو پورو خاندان خاص ڪري امان وڏي صدمي هيٺ هئي. تڏو ختم ٿيڻ کانپوءِ به روئندي رهندي هئي. پورو سال امان روئندي رهي هئي. بلڪه بي حال ڪيفيت ۾ هوندي هئي. امان جي مٿان تڏهن ڏکن جا جبل ڪريا هئا. جڏهن امان ۽ چاچي ڪونج ڪنهن ڳالهه تان جهيڙو ڪيو هو. ان جهيڙي اسان لاءِ پنهنجي گهر جا در سدائين لاءِ بند ڪري ڇڏيا هئا. چاچا احمد بنا ڪنهن لائو لحاظ ڪرڻ جي اسان ماءُ پٽن کي گهران ڪڍي ڇڏيو هو. جنهن کانپوءِ اسان ماما جمعا خان جي گهر اچي رهيا هئاسين. ماما جمعو ٽرڪ تان ڪرڻ سبب هڪ ٽنگ کان معذور هو. ۽ گهر ڀاتين جو اڪيلو ڪمائڻ وارو هو. اسان جي گهر پهچڻ تي ماما ارهو ٿيڻ بدران خوش ٿيو هو ماما کي اڃان وڌيڪ محنت ڪرڻي پئي هئي. پاڻ جو ڏکيو سکيو وقت ڪڍيو پر اسان کي تڪليف محسوس ٿيڻ ڪو نه ڏنائين . بابا جي تڏي کانپوءِ مون کي چاچا عابد وري ڪو نه مليو هو. اسان ان سان ملڻ جي ڏاڍي ڪوشش به ڪئي پر هو نه مليو نه نه مليو. خاص ڪري اسان تڏهن اڃان وڌيڪ ڪوشش ڪئي هئي جڏهن معلوم ٿيو ته چاچا ايس ڊي ايم بڻجي ويوآهي. ڪو حل نه ڏسي امان مون کي چڻن جو ٿالهه ٺاهي ڏنو ۽ مان شهر ۾ کپائي شام جو پهرين ڀيري هڪ سو تيرنهن روپيا ڪمائي آيس ۽ پوءِ اهو منهنجو معمول ٿي ويو هو. مان روزانه صبح جو سوير ڇولن جو ٿالهه کڻي نڪرندو هئس ۽ شام جو 5 بجي موٽندو هئس. منهنجي ڪمائڻ کانپوءِ ماما جمعا خان جو وزن ڪجهه گهٽ ٿيو هو. مٿان وري امان جي به عزت وڌي هئي. مامي وارن جو احسان وارو ٺپو ڪجهه گهٽيو هو. منهنجي پڙهائي ختم ٿي وئي هئي. دراصل امان ته چاهيو پئي ته مان پڙهان پر منهنجي دل صفا ختم ٿي وئي هئي. امان وڏي ڪوشش ڪئي پر مان اسڪول ڪو نه ويس جنهن کانپوءِ امان مون کي ڇولن جو ٿالهه تيار ڪري ڏنو هو. هڪ ڏينهن مان ڇولا کپائيندي وڃي پريس ڪلب تي پهتس جتي سائين سرمد مليو هو. سائين سان ملڻ به عجيب لمحو هو. مان ڇولا وڪڻي رهيو هئس ته ٻاهران سائين سرمد ايندي ئي مون کان ڏهه رپين جا ڇولا ورتا ان دوران مون کان سائين سرمد پڇي ورتو هو ته اسڪول ويندو آهين بابا، نه ويندو آهيان ٺهه پهه وراڻيو هئم.
    تنهنجو بابا ڇا ڪندو آهي. ابا کي ڪراچي ۾ شهيد ڪيو ويو هو. اڇا تنهنجو والد صاحب ڇا ڪندا هئا منهنجو مطلب نالو ڇا هئس. مون بابا جو نالو ورتو ته سائين سرمد جي هٿان مان ڇولن واري پليٽ ڪري پئي. تون ڪامريڊ نواب جو پٽ آهين!؟ جي سائين مون وراڻيو هو. گهر ۾ ڪير ڪير اٿئي. مان ۽ امان ماما جمعي خان وٽ رهندا آهيون، مامو هڪ ٽنگ کان معذور آهي سو گذارو ڪو نه پئي ٿيس. تڏهن امان مون کي ڇولا ٺاهي وڪڻڻ لاءِ چيو آهي. تڏهن سائين سرمد فيصلا ڪن لهجي ۾ چيو هو. ٺيڪ آهي پر اڄ کانپوءِ تون ڇولا نه وڪڻنديون سڀاڻي صبح کان ئي تون هتي پهچي وڃ.
    ۽ ها پگهار ٽي هزار ڏيندس ان کان علاوه کوٽ ٽوٽ ۾ به گڏ هونداسين. مون بنا سوچڻ جي سائين سرمد جي ڳالهه مڃي ورتي هئي. گهر جڏهن امان سان اها ڳالهه ڪيم، امان اصل نڇاور ٿيندي چيو ابا ٻيو ڇا کپي. اصل هن وقتي ئي وڃي نوڪري شروع ڪر. ۽ پوءِ روزانه صبح 12 کان شام پنج تائين آفيس ۾ هوندو هئس. هاڪري ڪرڻ کان ويندي هر ڪم ڪندو هئم. سائين مون کي ڪمپيوٽر سيکارڻ سان گڏ خبر ٺاهڻ ۽ اداري ڏي موڪلڻ سميت سڀ شيون سيکاريون هيون. هڪڙو وقت اهڙو به آيو جو خبر ٺاهڻ کان ويندي اداري کي پاس ڪرڻ تائين سڀ ڪم مان ڪرڻو لڳو هئس. ان کان علاوه سائين جا ذاتي ڪم ڪاريون به منهنجي ذمي اچي ويون هيون. جيئن پوءِ تيئن سائين سرمد جو مون تي ڀروسو وڌڻ لڳو هو. اهي ڪم جيڪي منهنجي موجودگي ۾ نه ڪري سگهندو هو سي به هاڻي ڪرڻ لڳو هو. قومي تحريڪ جا ڪارڪن ايندا هئا ته سائين خوش ٿيندو هو ۽ انهن جي خبر پاس ڪرڻ کان ويندي چانهه وغيره به پياريندو هو. ڪچهرين ۾ ڪڏهن ڪڏهن بابا جو ذڪر نڪري ايندو هو ته سڀ کان وڌيڪ تعريفون سائين سرمد ڪندو هو. نواب جهڙو بهادر ۽ اڻموٽ اڳواڻ صدين کانپوءِ پيدا ٿيندا آهن. اسين ڄامڙا آهيون فرشتن جو دٻاءَ کڻي نه سگهياسين. اسان جيءُ مٺو ڪرڻ وارن مان هئا سين ۽ هو تن سان اهي ملندا آهن جيڪي نواب وانگر جي مٺُو ناهن ڪندا. بابا جي تعريفن تي مون کي فخر ٿيڻ لڳو هو ۽ منهنجي آڏو بابا جي شهادت جا پيرا نڪرڻ لڳا هئا. پر جڏهن به مان سائين کان اڪيلائي ۾ پڇندو هئس ته ڳالهه گول ڪري ڇڏيندو هو.
    سائين طرفان روزانو ٻه سو ملڻ ڪري اسانجي گهر جو گاڏو بهتر نموني هلڻ لڳو هو. ماما جمعي خان کي هاڻي محنت ڪرڻ جي ضرورت نه رهي هئي. گهر جا سمورا خرچ مان ڪرڻ لڳو هئس. ماما جمعا خان ته هر حال ۾ به امان تي گهور ويندو هو. پر منهنجي ڪمائي اچڻ کانپوءِ ۽ امان جي عزت اڃان وڌيڪ وڌي وئي هئي مامي توڙي گهر جا ٻار ٻچا اسان کي زمين تي پير رکڻ ڪو نه ڏيندا هئا. بابا جي شهيد ٿيڻ کانپوءِ امان مڪمل طور تبديل ٿي چڪي هئي. کيس ڪڏهن به خوش ٿي کلندي ڪو نه ڏٺو هئم سدائين اداس رهندي هئي. پر جڏهن کان مان ڪمائڻ لڳو هئس ته تڏهن کان امان ڪافي مطمئن نظر اچڻ لڳي هئي.
    ۽ پوءِ مان ٻاراڻي عمر مان نڪري جوان ٿي ويو هئس. مون کان ٻاراڻي زماني جا سڀ ڏک ڏاکڙا وسري ويا هئا. مان گهڻو وقت سرمد سائين سان گڏ گذارڻ لڳو هئس. سائين جو مون تي ڀروسو وڌي ويو هو هاڻي مون کي پاڻ سان گڏ پيارڻ به لڳو هو. ڪڏهن ڪڏهن سائين ڊارون جو ڍؤ (گهڻو پي ويڻ) ڪري ويندو هو تڏهن بابا شهيد کان ويندي چاچا عابد جي آفيسر ٿيڻ تائين جو ذڪر ڳجهي انداز ۾ ڪري وٺندو هو. سائين سرمد بابا کي چرياڻ پٽ ۽ عابد کي شاطر سڏيندو هو هڪ ڀيري اهو به واتان نڪري ويو هئس ته شهيد جي موجودگي جو اطلاع عابد ڏنو هو.....
    ۽ پوءِ اهڙو ماٺ جهڙو ڀت. هڪ دفعي سائين جي گهر ويٺا هئاسين سائين سرمد شراب جي جولان ۾ اچي اهو به ٻڌائي ڇڏيو هو ته نواب سياسي اڳواڻ طور فرشتن کي قبول ڪو نه هو. انهن فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته نواب اگر قومي تحريڪ مان هٿ نه ڪڍيو ته ان کي ٻي دنيا ۾ رسايو وڃي. پوءِ بابا کي گرفتار ڇو نه پيا ڪن هيل تائين جي تجربي جي بنيادن تي مان سائين کان ڪافي عرصي کانپوءِ ان ڳجهه بابت سوال ڪيو هو، نواب کي گرفتار ڪرڻ جو مطلب هو سياسي ممڻ مچائڻ ڇاڪاڻ ته نواب جي پنهنجي تحريڪ ۽ عوامي سطح تي وڌي پذيرائي هئي ان جي گرفتاري ڏکي پڙ پوين ها ٻيو ته نواب جي گرفتاري سان پارٽي وڌيڪ منظم ٿئي ها قومي تحريڪ حرڪت ۾ اچي وڃي ها. ڪنهن وڏي عوامي رد عمل جو خطرو هو. تڏهن ته ٽارگيٽ ڪلنگ جي نالي گولي جو استعمال ڪيو ويو آهي. پوءِ به ڪيترو شديد ري ايڪشن سامهون آيو هو. ۽ اڃان تائين قاتلن جي گرفتاري جي گهر ٿيندي رهي ٿي. هي ته پارٽي جي لاوارثي سبب ڪا به تحريڪ ڪو نه هلي.ٻيو ته انهن پلاننگ ئي اهڙي ڪرائي هئي ۽ انهن اهو سڀ ڪجهه ڪيو هو. پويان 6 مهينا ته نواب بلڪل خاموش ۽ نه ڄاڻ ڪهڙي ڪنڊ ۾ غائب ٿي ويو هو. تڏهن مون کي چاچا عابد جا واڳو وارا ڳوڙها نظر آيا هئا. ۽ مان امان جي اختيار ڪيل رويي تي سوچڻ لڳو هئس.
    رات جو جڏهن گهر پهتس. امان کان پهريون سوال اهو ئي ڪيو هئم ته امان ڪي پل صدمي ۾ وٺجي وئي هئي ۽ پوءِ سڏڪندي چيو هئائين ادا احمد کي ڪنهن ٻڌايو هو ته تنهنجي ڀاءُ کي قتل جو پروگرام ٺهي رهيو آهي بهتر ٿيندو ته هتان ڪڍي وڃونس. مون بي ساخته چيو هو. جيئن اڪيلو ڪري بي دردي سان شهيد ڪري وجهنس. ابا اسان ته پنهنجي طور تي بچائڻ گهريو هو. پر اسان کي ڪهڙي خبر ته ائين ٿيندو.
    سائين سرمد جي پنهنجي اداري ۾ وڏي ساک هئي ته علائقي ۾ به هن کي وڏي احترام سان ياد ڪيو ويندو آهي سائين ننڍي وڏي سان نياز ۽ نوڙت سان ملندو هو. جيڪا ڳالهه ڪندو سڀ سچ سمجهندا هئا. ماڻهو ڳالهه ڪندا آهن. ائين سائين کي جڏهن شاگرد سياست ڪندو هو تڏهن به ايترو سٺو هو. سائين سياست جي زماني کان وٺي اڄ تائين جهوڪ شريف کي جهوڪ پاڪ چوندو هو. ۽ جهوڪ جي ڪيل حاڪم وقت کي انڪار تي ڳالهائيندي ٿڪندو ئي ڪو نه هو. سائين چوندو هو ته دنيا جي جابر کي سڀ کان پهرين انڪار جهوڪ جي مٽي مان مليو هو. ڏاڍ آڏو آڻ مڃڻ کان انڪار جريت جي علامت آهي ۽ اهڙي جريت هر ڪو نه ٿو ڪري سگهي. سائين هر جمع تي جهوڪ جي درگاهه تي حاضري ڀرڻ کي اولين فرض چوندو هو. جڏهن کان مان سمجهدار ٿيو هئس ته مون کي به پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هو، سائين چوندو هو. هتي اهو اچي جيڪو انڪار جي فلسفي کي ڄاڻي سگهي.
    سائين مون کي سدائين پاڻ سان گڏ رکندو هو. مان هن جي سڀني دوست کي سڃاڻيان ٿو پر ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو هو ته هڪ اڌ ماڻهو اهڙا ايندا هئا سائين جن سان مون کي ڪڏهن به انهن سان نه ملايو. هونئن نه ته هر دوست سان منهنجو تعارف ڪرائي خوش ٿيندو هو. انهن اڻ ڄاڻ ماڻهن بابت نه ته ڪڏهن سائين ٻڌايو ۽ نه وري مون کي مناسب لڳو هو پڇانس ته اهي ڪير دوست آهن. سائين سرمد کي اڳواٽ ئي خبر پئجي ويندي هئي ته ملڪ ۾ ڇا ٿيڻ وڃي پيو ۽ هلندڙ صورتحال جو نتيجو ڇا نڪرندو. ان حوالي سان اخبار ۾ مضمون به لکندو هو.
    ان بابت ڪو به سائين سرمد کان پڇندو ته سائين توهان کي خبر ڪيئن ٿي پوي. ته سائين سدائين هڪڙي ئي ورندي ڏيندو بابا ”فقيراڻا ڦند“ ۽ پوءِ مسڪرائي ان ڏس ۾ ڪو به سوال جواب ڪرڻ جي موڊ ۾ نه هوندو هو.
    هڪ ڏينهن مان ۽ سائين دارون پي رهيا هئاسين ته قرارن ۾ ايندي سائين ٻڌايو هو ته سانول ڀيانڪ نموني سان مارجي ويندو. مون کان ڇرڪ نڪري ويو هو. ڇاڪاڻ ته سانول منهنجو ڏاڍو سٺو دوست هو. مون کي خبر هئي ته سائين ان ڏس ۾ وڌيڪ نه ڳالهايندو پر ڏک ڀري لهجي ۾ چيومانس سائين ان کي بچائي نه ٿو سگهجي تڏهن بي اختياري جي ڪيفيت ۾ سائين سرمد رڳو ايترو چيو هو. مان ڄاڻان ٿو ته هڪڙو ٻيو بهادر قومي ڪارڪن موت جي واڳن حوالي ٿي ويندو. هڪڙي جريت انڪار جي همت رکندڙ زبان ڪٽجي ويندي. پر ڇا ڪجي اهو هن فقير جي وس ۾ به ڪو نه آهي. خير ڏسون ٿا قوم جا اهڙا دلير پٽ مرڻ ڪو نه ڏبا. هاڻي اسان وٽ ڊڄڻ لآءِ رهيو ئي ڇا آهي. اڃان به زندگي عزيز ڪئي سين ته جهوڪ شريف ڏي ڪهڙو منهن کڻي هلبو.
    ان ڏينهن اسان معمول کان پهرين سڀ ڪم ڪار ختم ڪري گهر لاءِ اٿيا هئاسين. اسان اڃان گاڏي ۾ ويٺا مس هئاسين ته هڪ ڊبل ڊور گاڏي اسانجي گاڏي ڀرسان اچي بيٺي هئي. سائين گاڏي ڏسڻ کانپوءِ ڇرڪ ڀريندي چيو هو سنگت اچي وئي آهي. مان انهن کان ٿي ٿو اچان. پر تون اوسيتائين ٻاهر نه اچجان جيستائين مان سڏيان. سائين لهي ويو.
    سڀ آفيس ۾ وڃي ويٺا هئا. ۽ مان گاڏي ۾ انتظار ڪرڻ لڳو هئس. ان ڏينهن منهنجي ذهن تي رڳو سانول سوار هو. سانول جيڪو خوبصورت نوجوان ۽ پڙهيو لکيو سياسي ڪارڪن هو. ان جي موت جي خبر ٻڌي مان مان ڏاڍو پريشان ٿي ويو هيس هر هر ان خيال جي گهيرٽ ۾ اچي پئي ويس. مون کي ائين پئي لڳو هڪ ٻيو ديش ڀڳت يتيم ۽ قوم وڏي اذيت مان گذرندي اڌ مني ڪلاڪ کانپوءِ ٻاهران آيل ٻئي همراهه پنهنجي گاڏي ۾ ويهي هليا ويا. گهڻي ئي انتظار کانپوءِ به سائين سرمد ٻاهر نه آيو ته مان دل ٻڌي آفيس ۾ هليو ويس ڇا ڏسان سائين سرمد کي شديد دل جو دورو پيو هو اهو لقاءَ ڏسي مان دنگ رهجي ويس. ڊوڙي وڃي سائين کي کڻڻ جي ڪوشش ڪيم ته سائين پنهنجي ساري تڪليف تي ڪنٽرول ڪندي وڏو ساهه کڻي فقط ايترو چيو هو. بلاول مون پنهنجي حصي جو ڪم ڪري ڇڏيو آهي سانول بچي يا نه پر فقير هلن ٿا. مون سائين کي ڀاڪر ۾ ڀريندي چيو سائين اهي بعد جون ڳالهيون آهن. توهان همت ڪريو سائين اسپتال گهڻو پري ناهي، مون کي پري ڪندي چيو. منهنجي ماروي ۽ دودي جي پارت هجئي. اگر وس ۾ هجئي ته انهن جو خيال رکجان. مون زبردستي استاد کي ڀاڪر ۾ ڀريندي چيو ته سائين توهان پاڻ سنڀاليو. سڀ خير ٿيندو مان سائين کي کڻي اسپتال پهتس جتي ڊاڪٽر چيڪ اپ ڪرڻ کانپوءِ سائين جي اسان سان گڏ رهڻ جا سمورا آپشن ختم ٻڌايا هئا. ۽ نور مور جو سگنل ڏيندي ٻڌايو هو ته سائين دل بيهڻ ڪري وڇڙي ويو آهي. مون سائين جي وڇوڙي جي خبر پنهنجي اداري ڏي تفصيل سان موڪلي هئي جيڪا ٻي ڏينهن اخبار ۾ ايڊٽ ٿي ڇپي هئي. اخبار ۾ رڳو اها خبر آئي هئي ته روزمانه آواز جو رپورٽر ۽ ناليوارو صحافي سرمد آزاد دل بيهڻ ڪري 50 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ٻي ڏينهن مان اداري مان پڇا ٿو ڪريان ته مون خبر ۾ جيڪي تفصيل ڏنا هئا. اهي سڀ ايڊٽ ٿي ويا آهن. تڏهن نيوز ايڊيٽر اخبار جي ايڊيٽر صاحب جي نالي تي مون کي دٻ ڪڍي خاموش ڪرائي ڇڏيو هو.
    ۽ ٻي ڏينهن اخبار ۾ منهنجي رپورٽر مقرر ٿيڻ وارو اشتهار هلي ويو هو مان رپورٽنگ ڪندو رهيو هئس. ۽ مون ايمانداري سان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هو منهنجي ڀرپور ڪوشش هئي ته سائين سرمد جهڙي عزت ۽ محبت ماڻيان ۽ پوءِ وقت کي پر لڳي ويا هئا مان سينئر صحافين ۾ شمار ٿيڻ لڳو هئس. غريبن ۽ بي پهچ ماڻهن جو آواز بڻجي پيو هئس. شل نه ڪنهن سان ناانصافي ٿئي مان بي چين بڻجي ويندو هئس.
    ان سڄي عرصي ۾ مون کي اگر ڪو ڏک هو ته اهو هو پنهنجي دوست سانول بابت ڪيل سائين سرمد جي اڳ ڪٿي ته سانول بي دردي سان ماريو ويندو مون وٽ هونئن ته سياسي ڪارڪن ايندا ئي رهندا هئا. مان سائين سرمد جي روايتن تي هلندي انهن جي خبر هلائڻ سان گڏ انهن کي چانهه ۽ بي خاطر توازه ڪندو هئس مون کي اڪثر ڪري نيوز ايڊيٽر ڪجهه ماڻهن سان ملڻ جي صلاح ۽ هدايت ڪندو هئس. مان انهن سان ملندو ته هئس پر ڪڏهن به اهڙي ڳالهه پلي ڪو نه پئي جنهن مان ڪجهه پرائجي هڪ ڀيري ته رات جو ٽي بجي ڪجهه ماڻهو منهنجي گهر تي آيا هئا مون کي ڌمڪائي ڌيان سان ڪم ڪرڻ ۽ خبرون سوچي سمجهي هلائڻ جو چئي ويا هئا. پر مان اها به خبر هلائي ڇڏي هئي. مان بلڪل سائين سرمد جي روايتن جو امين بڻجي ويو هئس. مون وٽ به قومپرست سياست ڪندڙ دوست جام ايندا هئا. سانول منهنجو جگري دوست هو ۽ قومي ڪارڪن منهنجي دل چوندي هئي ته ان کي ٻڌايان پر همت ڪو نه ساري سگهندو هئس. مان ۽ سانول هر جمع تي جهوڪ ويندا هئاسين سانول ڏاڍو ذهين ۽ ڪمال جو مقرر قسم جو نوجوان هو قوم ۽ قومي مفادن خاطر پاڻ ارپڻ تائين تيار هوندو هو. مان ۽ سانول روزانه ملندا هئاسين ۽ پوءِ سانول شاگرد ونگ جي مرڪز تي هليو ويو هو جنهن ڪري گهٽ ٽائيم ملندو هئس. آخري ڀيرو مان ۽ سانول امان جي تڏي تي مليا هئاسين ان ڏينهن سانول سڄو ڏينهن ۽ رات اسان جي اوطاق تي گذاريا هئا.
    اسان دل کولي ڪچهريون ڪيون هيون. ان ڏينهن مون دل ٻڌي سانول کي احتياط سان هلڻ لاءِ چيو هو. تنهن تي مرڪي وراڻيو هئائين سائين قومي سفر ۾ مئس ته ڌرتي تي گهوريس. ان رات سانول مون کي انڪار جي فلسفي تي وڏو ليڪچر ڏنو هو. مان ان سان ملي ۽ ڪچهريون ڪري وڏو خوش ٿيو هئس.
    ۽ پوءِ پورا ستاويهه ڏينهن کانپوءِ سانول سترنهن ڪارڪنن سميت جهوڪ ويندي نامعلوم هٿياربندن هٿان بي دردي سان شهيد ڪيو ويو هو. ملڪ جي اليڪٽرانڪ ۽ پريس ميڊيا واقعي کي وڏي ڪوريج ڏني هئي ظاهر آهي هڪ سياسي پارٽي جي مکيه اڳواڻ ۽ سترنهن ڪارڪن سان گڏ قتل ٿيڻ ڪو عام ايونٽ نه هو. ان واقعي جي خبر علائقي ۾ باهه وانگر ڦهلجي وئي هئي.
    پورو علائقو حراس ۾ وٺجي ويو هو. ان واقعي جو مون کي شديد صدمي ۾ رسيو هو. علائقي ۾ سٺي صحافي ۽ هڪ وڏي اخبار ۾ ڪم ڪرڻ سبب هڪ پرڏيهي خابرو اداري مون سان رابطو ڪيو هو ان واقعي جي رپورٽ مون هڪ پرڏيهي خبرن جي اداري کي ڏني هئي ته ملڪ جي ڳجهن ادارن ظلم ڪري هڪ خالص قومي اڳواڻ ۽ ان جي سترنهن ڪارڪنن کي بي دردي ۽ بي رحمي سان قتل ڪري ڇڏيو آهي. اها خبر جڏهن پنهنجي اداري کي موڪليم ته ايڊيٽر صاحب پاڻ فون ڪري چيو ته فرشتن جو ذڪر خبر مان ڪڍي موڪل. مون اسرار ڪندي چيو ته سائين اهم معاملو ته اهو آهي تڏهن ايڊيٽر ڪاوڙ مان فون ڪٽي ڇڏي ٿو ۽ ٻي ڏينهن منهنجي نمائندي معطل ٿيڻ جو اشتهار هلائي ڇڏين ٿا تڏهن مون کي محسوس ٿو ٿئي ته ستين آسمان جا فرشتا ڪٿي ڪٿي رسائي حاصل ڪري سگهن ٿا.
    ***


    نئون نياپو اڪيڊميءَ جا ڪتاب

    مارڪيٽ ۾ موجود ڪتاب

    عشق جون ڳليون ( سفر ناما ۽ ٻيون لکڻيون) گل حسن ڪلمتي مُلهه: 200 روپيا
    ڪالاش: ڪافرن جو ديس (سفرنامو) گل حسن ڪلمتي مُلهه: 200 روپيا
    جڏهن مان چوهٺ جو هوندس (ڪهاڻيون) ممتاز مهر مُلهه : 70 روپيا
    نه وڃڻ جو پڇتاءُ (ڪهاڻيون) يوسف سنڌي مُلهه: 70 روپيا
    ڊائريءَ ۾ رکيل گلاب (ڪهاڻيون) منصور ٻرڙو مُلهه: 70 روپيا
    مٽيءَ هاڻا ماڻهو (ڪهاڻيون) اڪبر اديب مُلهه: 90 روپيا
    رنگن جي خانه بدوشي (نظم) ايوب گل مُلهه: 70 روپيا
    ٻه ڪتاب (ڪهاڻيون) ممتاز مهر مُلهه: 90 روپيا
    ڳوڙهن جا ڪبوتر(ڪهاڻيون) پرويز مُلهه: 90 روپيا
    مس سدا بهار چنبيلي (ناول) الطاف شيخ مُلهه: 125 روپيا
    ڪپيل نڪ (ڪهاڻيون) عباس سارنگ مُلهه: 90 روپيا
    لاڙ لهرون ۽ سمنڊ (شاعري) نواز خان زئور مُلهه: 150 روپيا
    سمنڊ ٿو مونکي سڏي (پنجڪڙا) ايوب گل مُلهه: 100 روپيا
    عجب اکڙيون (ڪهاڻيون) قرت العين حيدر مُلهه: 90 روپيا
    پٿر جو جگر ميڻ جي دل (ناول) موهن ڪلپنا مُلهه: 90 روپيا
    چتر ليکا (هندي ناول) سنڌيڪار: رشيد ڀٽي مُلهه: 200 روپيا
    وڇوڙي جا وڍ (پنجابي ناول) سنڌيڪار: پرويز مُلهه: 80 روپيا
    هن پار مان هن پار تون (ڪهاڻيون ۽ ٻيون لکڻيون) ڪرشن کٽواڻي مُلهه: 50 روپيا
    گيتانجلي (شاعري) رابندر ناٿ ٽئگور مُلهه: 50 روپيا
    منهنجي زندگيءَ ۾ آيل عورتون ۽ مرد (خاڪا) خشونت سنگهه مُلهه: 70 روپيا
    سنڌ ارغون دور ۾ (تاريخ/تحقيق) اڪرام ساگر عباسي مُلهه: 50 روپيا
    جهڄان پسي جهوڪ (ڪهاڻيون) تاجل بيوس مُلهه؛ 35 روپيا
    شهيد بينظير ڀٽو جو ڪيڏارو (شاعري) تاجل بيوس مُلهه: 80 روپيا
    مارئي ملير جي ۽ شاهه عبداللطيف (ڊگهو نظم) بينظير ڀٽو مُلهه: 80 روپيا
    هئا اڳهين گڏ... (ناول) حسيب ڪانهيو مُلهه: 100 روپيا
    خمار گيت ۽ چاندني (شاعري) رحمت الله پيرزادو مُلهه: 90 روپيا
    محبت به قيامت به (ناول) ڪرشن چندر/بيدل مسرور بدوي مُلهه: 125 روپيا
    ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ (ڪهاڻيون) الطاف شيخ 150 روپيا
    ڪراچيءَ جا لافاني ڪردار (ڀاڱو پهريون) گل حسن ڪلمتي مُلهه: 350 روپيا
    ڳولا جو سفر (تاريخ) اياز ڀٽو مُلهه: 130 روپيا
    سگنيچر (ناول) حسيب ڪانهيو مُلهه: 150 روپيا
    فيس بڪ (ڪهاڻيون) ڊاڪٽر منظور قادر مُلهه: 200 روپيا
    ڏکڻ مان ٿو سج اڀري (ناول) ڪرشن چندر/سراج مُلهه: 150 روپيا
    عربَ تاريخ جي آئيني ۾ : پروفيسر برنارڊليوس مُلهه: 200 روپيا
    چيڪلو (ناول) ڪرشن چندر/بيدل مسرور بدوي مُلهه: 130 روپيا
    يارنهن منٽ (ناول) پائلو ڪوئلهو مُلهه: 150 روپيا
    خالي بوتلون (ادب لطيف) عمر قاضي مُلهه: 300 روپيا
    اچو ته نيپال گهمون (سفرنامو) آغا ثناءَ الله خان مُلهه: 200 روپيا
    مان هت جنم نه وٺندس (ڪهاڻيون) امداد ڪانهيو مُلهه: 150 روپيا
    منهنجو نينهن نارين سان (ناول) عمر قاضي مُلهه: 250 رپيا
    تاريخ مان... (ڀاڱو پهريون) : ميم. الف. منصور عباسي مُلهه: 250 روپيا
    هُن مونکي ڇڏي ڏنو (نظم) ايوب گل مُلهه: 150 روپيا
    ويچار-”ادبي تنقيد ۽ اڀياس“ ممتاز مهر مُلهه: 200 روپيا
    عڪران مان مليل مسودو (ناول) پائلو ڪوئلهو مُلهه: 140 روپيا
    جميلا ۽ دوشين ( ٻه ناوليٽ) چنگيز اعتماتوف مُلهه: 200 روپيا
    پيار جو ٽڪنڊو ( سهڪاري ناول) سهيڙيندڙ: بيدل مسرور بدوي مُلهه: 200 روپيا
    اي جرني ٽو ٿائيلينڊ (سفرنامو) الطاف شيخ 250 روپيا
    منهنجو ساگر منهنجو ساحل (سفرنامو) الطاف شيخ 250 روپيا
    اتهاس جا آواز : انعام شيخ مُلهه: 400 روپيا
    ڪراچي سنڌ جي مارئي: گل حسن ڪلمتي مُلهه: 4000 روپيا
    مان سنڌ گهمڻ نه ويندس (ڪهاڻيون): عبداولاحد سومرو مُلهه: 80 روپيا


    ترت پڌرا ٿيندڙ ڪتاب

    جيل جي ڊائري: بدر ابڙو
    ڪيمياگر (ناول) پائلو ڪوئهلو/فهيم اختر ميمڻ
    ڏاهو نه هئس ڏيهه ۾ ؛ روچي رام
    تهذيبن جي بڻ بڻياد جي ڳولا: مائيڪل ووڊ
    درد هڪ پيار جو (شاهڪار مليالم ناول) سنڌيڪار: سندري اُتم چنداڻي
    ڪٺ پتليءَ جو ناچ (شاهڪار بنگالي ناول) سنڌيڪار: لکمي کلاڻي
    ويهين صديءَ جي تاريخ (تصويرن سان) م. ا منصور عباسي

    لک پڙهه لاءِ
    C-4, Sachal Goth, Gulshan-e-Iqbal, Karachi. SINDH.
    Ph # 021-34690389 Cell # 0346-2103811
    E-mail:naonniapo@yahoo.com


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 494
    ڪتابن جو مشاهدو: 470271
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 188398
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ