ڪتاب جو نالو: حضرت محمد ﷺ جو انقلاب اصل ۾ ڇا هو؟
مصنف: ڊاڪٽر الطاف جاويد
ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي
ڪيٽيگري: مذهب
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 31 مارچ 2017 ع
پڙهيو ويو: 652 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 404 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”حضرت محمد صه جو انقلاب اصل ۾ ڇا هو؟“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر الطاف جاويد ۽ سنڌيڪار احمد الدين شر صاحب آهي. نور احمد ميمڻ لکي ٿو:”هي ڪتاب حضرت محمدﷺ جي آندل مڪي واري انقلاب جي طبقاتي پهلوءَ تي روشني وجهي ٿو. حقيقت ۾ اهو انقلاب موجوده جديد دور کي تخليق ڪندڙ هو. هن ڪتاب ۾ ڏنل مواد ٽن مختلف جاين تان سهيڙي شامل ڪيو ويو آهي ته جيئن مختصر طرح اسان ان مان استفادو حاصل ڪري سگهون. مون کي اميد آهي ته هن ڪتاب جا پڙهندڙ پيغمبر اسلام جي برپا ڪيل انقلاب جي طبقاتي حقيقتن کي هن ڪتاب مان ڪي قدر سمجهي وٺندا ۽..
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سڀ حق ۽ واسطا محفوظ
  • سنڌ سلامت پاران :
  • مڪي وارو انقلاب اصل ۾ ڇا هو؟
  • مڪي جهڙو انقلاب وري ڪڏهن ۽ ڪيئن ممڪن آهي؟
  • حضرت محمد ﷺ جو انقلاب اصل ۾ ڇا هو؟

  • حضرت محمد ﷺ جو انقلاب اصل ۾ ڇا هو؟
  • نبوت کان اڳ: ٻولي ۽ بيان جي تعليم:
  • عرب جو ادبي ماحول:
  • عبدالمطلب ۽ ابو طالب جي ڪفالت:
  • شام جو سفر:
  • حج جا ميلا:
  • مذهبي اهميت:
  • حرب الفجار:
  • حلف الفضول:
  • مڪي جي تعمير:
  • بين الاقوامي تعليم:
  • حضرت خديجه سان نڪاح:
  • پاڻ دنيا کي ڪيئن ڏٺائون:
  • حق جا ڳولائو:
  • نبوت ۽ ان کان پوءِ: غار حرا ۾ ويچار:
  • پهرين وحيءَ جو نازل ٿيڻ:
  • وجود ڇا آهي؟
  • علم ڇا آهي؟:
  • پهرين وحيءَ جي لفظن جي تحقيق:
  • زندگي ۽ ڪائنات بابت اسلامي نظريي جا بنيادي اصول ۽ انهن جي قرآني تشريح:
  • پهرين وحي جو فلسفو ۽ ان جي مختصر تشريح
  • توحيد خداوندي جو تصور نه رڳو عادلاڻو پر رحمت ڀريو پڻ آهي:
  • مشرڪن سان خطاب
  • عيسائي عقيدا:
  • يهودين سان خطاب:
  • مجوسي عقيدا:
  • خدا جي هستيءَ کي مڃڻ جو ڪهڙو مقصد آهي؟
  • خدا کي مڃڻ جو مطلب ڇا آهي؟:
  • خدا بابت قرآن جو تصور:
  • خدا کي مڃڻ جو مقصد:
  • علم ڇا آهي؟
  • هن دوءر جون ڪي خاصيتون
  • سيرت پاڪ جو تت

  • سيرت پاڪ جو تت
  • اسلامي انقلاب جي پهرين منزل: ڳجهي دعوت:
  • اسلامي انقلاب جي ٻِين منزل اعلانيه دعوت:
  • اسلامي انقلاب جي ٽِين منزل رحمان پرستن سان دوستي:
  • اسلامي انقلاب جي چوٿين منزل بائيڪاٽ ۽ يهودين ڏانهن ڌيان:
  • اسلامي انقلاب جي پنجين منزل : مختلف قبيلن ۾ خدائي قانون (دين) جي تبليغ:
  • الله تعاليٰ جنهن لاءِ گھري ان تي وحي نازل ڪري سگھي ٿو:
  • مڪِي تعليم جو تت
  • مديني جي هجرت کان پوءِ
  • اسلامي انقلاب جي ڇهين منزل قومن جي سرداري:
  • خوني ويڙه جو مقصد:
  • اسلامي انقلاب جي ستين منزل خوني ويڙهه جي انسان دوست ڪردار تي وڌيڪ روشني:
  • قومن جو اتحاد:
  • عيسائين ڏانهن ٻيهر ڌيان:
  • اسلامي انقلاب جي اٺين منزل گذريل نبين جي تصديق ۽ نبوت جو خاتمو:
  • اسلامي انقلاب جي نائين منزل موت تي بيعت ڪرڻ وارن انقلابين جي جماعت:
  • اسلامي انقلاب جي ڏهين منزل اسلامي انقلاب جو بين الاقوامي پروگرام:
  • ڪلام جو تت:
  • مديني ۾ قائم ٿيل معاشري ۽ رياست جو نقشو

  • سڀ حق ۽ واسطا محفوظ

    سڀ حق ۽ واسطا محفوظ
    پهريون ڇاپو: 2016ع
    ڪتاب جو نالو : حضرت محمد ﷺ جو انقلاب اصل ۾ ڇا هو؟
    ليکڪ: ڊاڪٽر الطاف جاويد
    سنڌيڪار: احمدالدين شر
    لي آئوٽ: نديم احمد سولنگي
    ڇپيندڙ: آزاد ڪميونيڪيشنز، ڪراچي
    ڇپائيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
    قيمت : /= 100 رپيا

    “HAZRAT MUHAMMAD ﷺ JO INQLAB ASAL MEN CHHA HO? ”
    By: Altaf Javed
    Translated by: Ahmed Din Shar
    Published by: Sindhica Academy,
    B-24, National Auto Plaza, Marston Road, Karachi-74400
    website: www.sindhica.org, Email:sindhica_academy@yahoo.com

    اسٽاڪسٽ
    سنڌيڪا اڪيڊمي B-24 ، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي74400. فون: 32737290-021
    سنڌيڪا بوڪ شاپ: شاپ نمبر5، ميزنائين فلور، حيدرآباد ٽريڊ سينٽر، حيدر چوڪ ، -03133692150
    سنڌيڪا بوڪ شاپ، 19 بلديه پلازه گهنٽا گهر چوڪ سکر فون: -03352233803 03013431537
    سنڌيڪا بوڪ شاپ، اقراءَ سينٽر، جي پي او روڊ، لاڙڪاڻو فون: 0331-3480039
    العماد بوڪ سيلرز، اردو بازار، ڪراچي فون: 0212214521 ، 0300-343115
    ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور اردو بازار ڪراچي- افضل بوڪ اسٽال، ماروئڙا ڳوٺ ڪراچي 03333509236 ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، عزيز ڪتاب گهر بئراج روڊ، بخاري ڪتاب گهر، قادري بوڪ اسٽور، مهراڻ بوڪ اسٽور، سنڌ ڪتاب گهر، مجاهد بوڪ اسٽور نيم ڪي چاڙهي سکر- سلمان ڪتاب گهر پنوعاقل - ڀٽائي بوڪ هائوس حيدرآباد03223011560 - سنڌي ادبي بورڊ بوڪ شاپ، تلڪ چاڙهي حيدرآباد- شير يزدان بوڪ شاپ،درگاهه ڀٽ شاهه- عثمانيه لائبريري، چنيهاڻي ڪنڊيارو، فون:0306-3665563، - نيشنل بوڪ اسٽور، نوراني بوڪ ڊپو بندر روڊ، رابيل ڪتاب گهر اسٽيشن روڊ، رهبربوڪ اڪيڊمي رابعا سينٽر بندر روڊ لاڙڪاڻو- مدني اسلامي ڪتبخانو، نئون چوڪ دادو- حافظ بوڪ اسٽور، خيرپور بوڪ اسٽور مسجد روڊ، خيرپور ميرس - مشعل ڪتاب گهر پڊعيدن 03063291657 - المهراڻ ڪتاب گهر، زاهد بوڪ ڊپو، سانگهڙ- سيد ماس ميگا اسٽور، جيڪب آباد- ميمڻ بوڪ اسٽور، شاهي بازار نوشهروفيروز- حافظ اينڊ ڪمپني، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه- ديدار بوڪ ڊپو، ٽنڊوالهيار- مرچو لال پريمي، بدين- مڪتبه يوسفيه، ميرپورخاص. فون. 0300-3319565، عطار ڪتاب گهر، بدين، مهراڻ ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ، حافظ ڪتاب گهر، کپرو، سنڌ ڪتاب گهر، مورو، سعيد بوڪ اسٽور، شڪارپور. سومرا بوڪ اسٽور ميهڙ،
    ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ 8948535-0346 ، مڪتبه امام العصر گهوٽڪي، 03033695037


    لکپڙهه لاءِ
    سنڌيڪا اڪيڊمي
    B-24، نيشنل آٽو پلازا مارسٽن روڊ ڪراچي 74400
    فون: 021-32737290 ، ويب سائيٽ: www.sindhica.org
    اي ميل:sindhicaacademy@gmail.com


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”حضرت محمد صه جو انقلاب اصل ۾ ڇا هو؟“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر الطاف جاويد ۽ سنڌيڪار احمد الدين شر صاحب آهي.
    نور احمد ميمڻ لکي ٿو:
    ”هي ڪتاب حضرت محمدﷺ جي آندل مڪي واري انقلاب جي طبقاتي پهلوءَ تي روشني وجهي ٿو. حقيقت ۾ اهو انقلاب موجوده جديد دور کي تخليق ڪندڙ هو. هن ڪتاب ۾ ڏنل مواد ٽن مختلف جاين تان سهيڙي شامل ڪيو ويو آهي ته جيئن مختصر طرح اسان ان مان استفادو حاصل ڪري سگهون. مون کي اميد آهي ته هن ڪتاب جا پڙهندڙ پيغمبر اسلام جي برپا ڪيل انقلاب جي طبقاتي حقيقتن کي هن ڪتاب مان ڪي قدر سمجهي وٺندا ۽ ان سان منجهن هي امنگ ضرور پيدا ٿيندي ته هو ان انقلاب جي ٻين پهلوئن کي به تفصيل سان اڃا وڌيڪ پڙهن، حضرت محمدﷺ جو امتي ۽ پوئلڳ هئڻ تي فخر ڪن ۽ ان جي آندل انقلاب جا پرچارڪ بڻجن.“
    هي ڪتاب 2016ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سنڌيڪا اڪيڊمي جي سرواڻ نور احمد ميمڻ ۽ فضل الرحمان ميمڻ جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    مڪي وارو انقلاب اصل ۾ ڇا هو؟

    اسلام هڪ ڪامل ۽ آخري دين ڪري انسانيت کي ڏنو ويو ته ان جي پويان گهٽ ۾ گهٽ ڏهن هزارن سالن جي انساني تاريخ جا تجربا ۽ حالتون موجود هيون. انهن ڏهن هزارن سالن ۾ انسانن جي مٿان غلامي، جبر ۽ ڏاڍ مڙسيءَ سان ٿاڦيل ظلمن جون ڪڙيون وارتائون به موجود هيون ته وري ان غلامي، جبر ۽ ڏاڍ کي ختم ڪرڻ لاءِ لکين نبين ۽ سڌارڪن جون ڪوششون ۽ انهن جو نتيجو به پسمنظر ۾ هو. پيغمبرن ۽ سڌارڪن وري وري انسانيت کي جهالتن، شرڪ ۽ ظلم جي ان ڌٻڻ مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي پر وسيلن ۽ اقتدار جي حاصل سگهه تي وري وري ماڻهن کي انڌيري ۽ ظلم هيٺ رکڻ جو ورجاءُ ٿيندو آيو. ان وقت انسان بين الاقواميت ۾ داخل ٿي چڪو هو ۽ ڏهن هزارن سالن جي تاريخ جا تجربا، نظريا ۽ انساني غلامين ۽ آزادين جا سلسلا ان جي پويان هئا. ان ميچوئر انسان کي اعليٰ ۽ فطري اصولن تي آڌاريل هڪ وڏي ڪتاب ۽ هڪ آخري بين الاقوامي پيغمبر جي ذريعي هڪ وڏي تبديلي ۽ انقلاب مان گذاريو ويو.
    حضرت محمدﷺ جو آندل اهو انقلاب انسانيت لاءِ هڪ وڏو موڙ (Diversion) هو ۽ اتان کان اسلام موجوده نئين دور جو خالق بڻيو.
    اسلام جي پيغمبرﷺ قرآن ۾ مليل اصولن تي انسانذات کي منظم ڪيو ۽ ان وقت توڙي گذريل تاريخ ۾ جيڪي به انسانذات جا دشمن طبقا ۽ انسانيت کي نهوڙيندڙ ڳالهيون هيون، انهن کان آجپو عطا ڪري امن، سلامتي ۽ فلاح جي اصولن تي انسانذات کي منظم ڪيو. هُن وڏي جدوجهد سان هڪ سگهاري قومي سماجوادي رياست جو بنياد وجهي امن، سلامتي ۽ فلاح جي اڳيان آيل سڀني رڪاوٽن کي به ختم ڪري ڇڏيو.
    پيغمبر اسلامﷺ جي آندل ان انقلاب ذريعي انساني آزادين، سلامتي ۽ فلاح جون صورتون انسانذات جو عالمي ۽ آفاقي ورثو بڻجي ويون ۽ اهي جيئن جيئن دنيا ۾ متعارف ٿينديون ويون، تيئن تيئن انسانذات انهن اصولن کي پنهنجائيندي وئي. انسانذات فڪر جي آزاديءَ کي به پنهنجايو، نسلي فرق جي خاتمي کي به پنهنجايو، مواخات ۽ ڀائپيءَ کي ڀلو قدر سمجهيو، طبقاتي فرق کي بڇڙائي قرار ڏنو، محنت ۽ پورهئي کي سرمائي جو اصل بنياد مڃيو ۽ ماڻهوءَ جا چڱا عمل ۽ نيڪوڪاري ئي اصل ماڻهپو ۽ تقويٰ شمار ڪيا ويا. اهي سڀ اصول ۽ قدر حضرت محمدﷺ انسانيت جو ازلي ورثو بڻائي ڇڏيا ۽ پٺيان ڇڏيل دنيا ۾ جتي به انسانذات جي سلامتي، فلاح ۽ آجپي جون تحريڪون هليون ته اهي ان ازلي ورثي جي حاصلات جو ئي تسلسل هيون.
    پر تاريخ ۾ ٿيندو ائين پئي آيو ته جيئن اڳين پيغمبرن جي تعليم ۽ جدوجهد کي پونيئرن پنهنجي تڪڙن مفادن لاءِ مسخ پئي ڪيو ۽ ڏاڍ، جبر ۽ استحصال جي قوتن پنهنجي مفادن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ انحراف جي واٽ پئي ورتي، تيئن حضرت محمدﷺ جي تعليم، جدوجهد ۽ ان جي آندل انقلاب سان به ساڳيون وارتائون ٿيون. ويتر پيغمبر اسلام جي تعليمات سان يهودي سوچ جهڙي طرح اسلام جي لبادي ۾ اچي مخالف وارتائون ڪيون، سي اڃا به وڌيڪ خطرناڪ هيون. اسلام جي اُڀار کي دنيا مٿان يهودين پنهنجي غلبي واري سوچ لاءِ چئلينج سمجهيو. جڏهن هنن ڏٺو ته اسلام سان فڪري بنيادن تي ٽڪر کائڻ ممڪن نه آهي ته پوءِ هنن منافقت سان مسلمانيءَ جي لبادي ۾ قرآن جي اصل تعليم ۽ اسلام جي اصل فڪر کي مسخ ڪري فرقيوارانه ۽ پيشه ور مذهبيت جون ڀانت ڀانت جون شڪليون متعارف ڪرايون. عرب دنيا کان ٻاهر منتقل ٿيندڙ مسخ ٿيل اسلام ۾ ايراني اثرن بنيادي اصولن ۾ بگاڙ پيدا ڪندڙ خرابيون پئي متعارف ڪرايون. ڪسريٰ جي سلطنت عربن کان شڪست کاڌي هئي، جنهن جو بدلو چڪائڻ لاءِ اها يهودي منافقت واري لبادي جو آماجگاهه بڻجي وئي. پوءِ اتي ايران ۾ اسلام جو جيئن اصل روح زخمبو ويو تيئن اُتي اسلام جي سڄي تاريخ کي به مسخ ڪري هٿ ٺوڪين واقعن ۽ قصن سان مدون ڪيو ويو. اهي بگڙيل شڪليون آهستي آهستي مذهب بڻبيون ويون ۽ اسلامي ملڪن ۾ پڙهيل طبقو ۽ نوجوان نسل ان مسخ ٿيل مذهبيت تي سوال اُٿاري بيهي رهيو.
    جيئن ته اسلام جو اصل منشور قرآن مجيد جيئن جو تيئن محفوظ رهيو، ان ڪري ان جا ٻڌايل اصول، سلامتي ۽ آجپي جو فڪر انسانيت کي اتساهيندا رهيا. وري جڏهن علمن جي ترقي ٿي ۽ ٻين علمن وانگر خودبخود تاريخ ۽ انقلابن کي سائنسي طرح جاچڻ جون روايتون پيون ته حقيقتن جي مٿان چڙهيل غلاف لهندا ويا. جڏهن تاريخدانن ۽ نظرئي دان عالمن انسانذات جي ترقيءَ لاءِ ڪيل ڪوششن کي غيرجانبداراڻن علمي طريقن سان جاچيو ته اتي اسلام جي پيغمبر جي انسانذات جي سلامتي ۽ فلاح واسطي ڪيل جدوجهد سڄي انسانيت جي ورثي طور مشهود ٿي. پيغمبرن جي ڊگهي تاريخ جي پسمنظر ۾ انسانذات لاءِ منشور بڻايل آخري ڪتاب قرآن مجيد جا ٻڌايل اصول، اهڙي طرح خود آخري پيغمبر حضرت محمدﷺ اعليٰ انسانيت جي قيام لاءِ جيڪي غيرمعمولي ڪوششون ورتيون، انهن کي پڙهيو ۽ سمجهيو ويو ته حقيقتون آشڪار ٿي اڳيان اچي بيٺيون. جتي علمي رويا آهن ۽ جتي سچ ۽ حقيقت جي تلاش جو رجحان آهي ۽ جتي جاهلاڻو بغض ڪونهي، اتي علمي طرح انهن حقيقتن جي روشنيءَ ۾ ئي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.
    اسان ان جو هتي رڳو هڪ مثال پيش ڪريون ته جڳ مشهور ليکڪ مائيڪل ايڇ هارٽ جڏهن دنيا تي سڀ کان وڌيڪ اثرانداز ٿيندڙ هڪ سؤ شخصيتن جي ڪردار، ڪارنامن ۽ حاصلات کي اجاگر ڪرڻ لاءِ درجي بندي ڪئي ته ان ۾ حضرت محمدﷺ کي دنيا جي سڀ کان مؤثر ترين شخصيت ڄاڻائي سڀ کان پهرين نمبر تي آندو ۽ کين دنيا جي سڀ کان وڌيڪ اثرائتي شخصيت قرار ڏيڻ جي لاءِ هُن تفصيل سان ان جا سبب به ٻڌايا. هارٽ کي ان تفصيل ڏيڻ جي ضرورت انهيءَ ڪري محسوس ٿي ته حضرت عيسيٰؑ جي مڃيندڙن جو تعداد هينئر به دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي ته پوءِ حضرت محمدﷺ کي سڀ کان وڌيڪ اثرائتي شخصيت قرار ڏيڻ لاءِ توجيهه هر حال ۾ گهربل آهي. اها ڳالهه ڳڻيندي هُن پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو ته واقعي دنيا ۾ حضرت عيسيٰؑ جي مڃيندڙن (عيسائين) جو تعداد وڌيڪ آهي پر تاريخ تي مذهبي توڙي دنيائي معاملن ۾ اثر انگيزي حضرت محمدﷺ جي سڀ کان مٿاهين آهي. هُن لکيو آهي ته: ”محمدﷺ غريب گهراڻي مان هو، ان هوندي به هُن دنيا جي وڏن مذهبن مان هڪ جو بنياد وڌو، ان کي پکيڙيو ۽ بيحد اثرائتو سياسي اڳواڻ به بڻيو. هُن کي وفات ڪئي تيرهن (هاڻي چوڏهن) صديون گذري ويون آهن، تنهن هوندي به اڄ تائين سندس اثر نه صرف قائم دائم آهي، پر ماڻهن جي رڳ رڳ ۾ سمايل آهي.“
    هُن وڌيڪ لکيو آهي ته: ”تاريخ جا ٻيا وڏا ماڻهو تهذيبي مرڪزن ۾ ڄاوا پننا ۽ سندن تعلق مرڪزي اهميت رکندڙ انتهائي مهذب قومن سان هو. سندن ابتڙ محمدﷺ 570ع ۾ ڌاري ڏاکڻين عربستان جي شهر مڪي ۾ ڄائو هو. انهيءَ زماني ۾ اهو علائقو دنيا جو پوئتي پيل علائقو ليکبو هو ۽ علمي، هنري توڻي واپاري مرڪزن کان گهڻو پري هو. هو ڇهن سالن جي ڄمار ۾ مڪمل يتيم ٿي ويو هو ۽ سندس پالنا به وچولي طبقي ۾ ٿي هئي. هو اُمي (ڪنهن به استاد وٽ نه پڙهيل) هو ۽ هُن جي مالي حالت به تڏهن سڌري سگهي جڏهن پنجويهن سالن جي ڄمار ۾ هڪ مالدار بيواهه سان شادي ڪئي ڪيائين. هو چاليهن سالن جو ٿيڻ وارو هو تڏهن به ڪو اهڙو اهڃاڻ نظر نه ٿي آيو جنهن مان ڪو اندازو لڳائي سگهجي ته هو سموري تاريخ جي عظيم ترين هستي ٿي اڀرندو. ٻين لفظن ۾ ته کيس پاڻ مڃائڻ لاءِ تمام ٿورو وقت ملي سگهيو هو. مطلب ته ٻين نامور ماڻهن جي ڀيٽ ۾ محمدﷺ کي ڏاڍيون ڏکيون حالتون مليون هيون.“
    مائيڪل ايڇ هارٽ پنهنجي پنجن صفحن واري مضمون ۾ پيغمبر اسلامﷺ جي زندگي، ڪارنامن ۽ حاصلات جو جيڪو مختصر خاڪو بيان ڪيو آهي سو بيحد معلوماتي ۽ حيرت ۾ وجهندڙ آهي ۽ پيغمبر اسلام جي انساني تاريخ ۾ آندل وڏي تبديليءَ کي سمجهڻ ۾ بيحد سولي ۽ چِٽي رهنمائي ڪري ٿو. هو لکي ٿو ته:
    ”عربن جي اڪثريت بت پرست هوندي هئي ۽ گهڻن خدائن (سردارن، پروهتن ۽ ديوتائن) کي مڃيندي هئي. مڪي ۾ ٿورڙا يهودي ۽ عيسائي به رهندا هئا، جيڪي هڪ خدا کي مڃيندا هئا. پاڻ سڳورا انساني فطرت جي تقاضا موجب ڄمڻ کان ئي توحيد تي قائم هئا. محمد صه جڏهن چاليهن سالن جو ٿيو ته کيس يقين ٿي ويو ته اهو واحد خدا (وحي وسيلي) ساڻس ڳالهائي رهيو هو ۽ پنهنجي سچي مذهب پکيڙڻ لاءِ کيس چونڊيو هئائين.
    ٽن سالن تائين محمد صه فقط پنهنجي ويجهن دوستن ۽ ساٿين ۾ تبليغ ڪندو رهيو. تنهن کانپوءِ اٽڪل 613ع ڌاري عوام ۾ تبليغ شروع ڪيائين. آهستي آهستي سندس پوئلڳن جو انگ وڌڻ لڳو، جنهن ڪري مڪي جا حاڪم کيس خطرو سمجهڻ لڳا. محمد صه پنهنجي سلامتي خاطر 622ع ۾ مديني ڏانهن هجرت ڪئي. (اهو شهر مڪي جي اتر ۾ 200 ميل کن پري آهي) مديني مان کيس ڳچ سياسي طاقت ملڻ جي آڇ ٿي هئي.
    هجرت پيغمبر صه جي حياتيءَ ۾ هڪ نئون سفر ثابت ٿي. مڪي ۾ سندس پوئلڳن جو تعداد ٿورو هو. مديني ۾ کيس ٻيا به ڪيترائي پوئلڳ ملي ويا، جنهن ڪري جلد ئي ايترو اثرائتو ٿي ويو، جو ڪنهن جي مجال نه هئي جو سندس حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪري سگهي. ايندڙ ڪجهه سالن ۾ محمد صه جي پوئلڳن جو انگ تيزيءَ سان وڌيو جنهن ڪري مڪي جي حاڪمن مديني تي ڪاهه ڪئي. انهيءَ کان پوءِ لڙاين جو هڪ سلسلو شروع ٿي ويو، جن جي پڄاڻي تڏهن ٿي جڏهن محمد صه 630ع ۾ مڪو فتح ڪيو. هن جي زندگيءَ جي پوئين اڍائي سالن اندر عرب قبيلا تيزيءَ سان مسلمان ٿيندا ويا. محمد صه 632ع ۾ پنهنجي وفات تائين سڄي ڏاکڻين عربستان جو اثرائتو حاڪم ٿي چڪو هو.
    عربستان جا بدو قبائلي، ڇتا ويڙهاڪ ليکبا هئا، پر اهي پنهنجين اترئين مهذب پاڙيسري سلطنت جي ڀيٽ ۾ ڪمزور هوندا هئا، ڇو ته اهي سلطنتون زرخيز ملڪن تي ٻڌل هيون ۽ وٽن وڏا وڏا لشڪر هئا. ان جي ابتڙ هڪ ته بدو مختلف قبيلن ۾ ورهايل هئا ۽ اهي قبيلا لڳاتار پاڻ ۾ وڙهندا رهندا هئا، ٻيو ته سندن تعداد به گهٽ هو. محمد صه تاريخ ۾ پهريون ڀيرو کين متحد ڪيو ۽ منجهن هڪ سچي خدا تي ايمان رکڻ سيکاريو. انهيءَ ايمان سببان انهن ۾ اهڙو ته جوش ولولو پيدا ٿيو، جنهن اڳيان اهي وڏيون وڏيون سلطنتون به بيهي نه سگهيون. عربن جي ننڍڙن ننڍڙن لشڪرن جيڪي اچرج ۾ وجهڻ جهڙيو فتحون ماڻيون، تن جو مثال انساني تاريخ ۾ ملڻ محال آهي. عربستان جي اتر اوڀر ۾ ساسانين جي ٺاهيل وسيع ايراني سلطنت هئي ۽ سندس اتر اولهه ۾ بازنطيني يا اوڀرندي رومي سلطنت هئي، جنهن جي گادي قسطنطنيه ۾ هئي. تعداد جي لحاظ کان عربن جو پنهنجن دشمنن سان ڪو مقابلو ئي ڪو نه هو، تنهن هوندي به اتساهيل عربن تيزيءَ سان سڄو عراق، شام ۽ فلسطين فتح ڪري ورتو. هنن 642ع ۾ بازنطيني سلطنت کان مصر کسي ورتو ۽ ايراني فوجن کي 637ع ۾ قادسيه جي جنگ ۾ 642ع ۾ نهاوند جي لڙائي ۾ موتمار شڪست ڏنائون. اهي فتحون محمد صه جي پهرين ٻن خليفن ابوبڪر رضه، عمر بن الخطاب رضه جي ڏينهن ۾ ٿيون، پر انهن سان عرب فتحون بس نه ٿيون. عرب فوجون 711ع ڌاري سڄي اتر آفريڪا کي مڪمل طرح لتاڙي وڃي ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ تائين پهتيون. اتان انهن اتر طرف رخ ڪيو۽ جبرالٽر جو ڳچي سمنڊ اڪري وڃي اسپين جي وسيگوئي بادشاهي مٿان غالب پيون.
    هڪڙو زمانو اهڙو به آيو، جڏهن لڳو ٿي ته مسلمان سڄي عيسائي يورپ تي غلبو ڪري ويندا. مسلمانن جي هڪ فوج وڃي وچ يورپ تائين پڳي هئي پر 732ع ۾ ٽوئرس واري مشهور لڙائي ۾ آخرڪار فرينچن کين شڪست ڏني. بهرحال هڪ صديءَ کان به گهٽ عرصي ۾انهن عرب بدوين پيغمبر صه جي واعدي کان متاثر ٿي، هڪ اهڙي سلطنت حاصل ڪري ورتي هئي، جيڪا هندستان جي سرحدن کان وٺي ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ تائين پکڙيل هئي. ان جهڙي وسيع سلطنت دنيا اڳي ڪڏهن به نه ڏٺي هئي، ۽ نه وري فتح ٿيل علائقي جي ايڏن ماڻهن هن کان اڳ ڪڏهن پنهنجو مذهب مٽايو هو.
    ائين به ناهي ته اهي سموريون فتحون دائمي ثابت ٿيون. ايراني جيتوڻيڪ پيغمبر صه جي دين تي اڃا تائين قائم آهن پر انهن عربن کان وري آزادي حاصل ڪري ورتي ۽ اسپين ۾ ستن صدين جي لڙاين کان پوءِ عيسائي نيٺ وري سڄو اپکنڊ فتح ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. تنهن هوندي به اتر آفريڪا جي سامونڊي ڪناري واري سموري علائقي وانگر، قديم تهذيب جي پرورش ڪندڙ ٻه ملڪ ميسپوٽيميا (عراق) ۽ مصر اڃا تائين عرب آهن. مسلمانن جو هي نئون مذهب نه فقط انهن علائقن ۾ پکڙيو جيڪي مسلمانن منڍ ۾ فتح ڪيا هئا، پر وچ وارين صدين ۾ ٻين ڏورانهن علائقن ڏانهن پکڙجندو رهيو. اڄ ڪلهه انهيءَ مذهب جا ڪروڙين مڃيندڙ آفريڪا توڙي وچ ايشيا ۾ موجود آهن. پاڪستان ۽ اتر هندستان ۾ ته سندن تعداد اڃا به وڌيڪ آهي. انڊونيشيا کي متحد رکڻ جو ڪم به هن نئين مذهب ڏنو آهي. البت هندستاني ننڍي کنڊ ۾ مسلمانن ۽ هندن جو جهيڙو، اڃا تائين سندن ٻڌيءَ ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي.
    آخر، انساني تاريخ تي محمد صه جي پيل اثرن جو ڪاٿو ڪيئن ڪجي؟ ڇڙو اسلام پنهنجن مڃيندڙن تي وڏو اثر نٿو رکي، ٻيا مذهب به پنهنجن مڃيندڙن تي اثر رکن ٿا. دنيا ۾ عيسائين جو انگ ته مسلمانن کان ٿلهي ليکي ٻيڻو آهي. پوءِ به هن ڪتاب ۾ محمد صه کي عيسيٰ عه کان مٿانهون درجو ملڻ تي، ٿي سگهي ٿو ته پهريائين ڪجهه عجيب لڳي. انهيءَ فيصلي (محمد صه کي عيسيٰ عه کان مٿي رکڻ) جا ٻه مکيه سبب آهن. هڪ ته عيسيٰ عه عيسائيت جا مکيه واجبي ۽ اخلاقي حڪم (خاص ڪري اهي، جيڪي يهوديت کان مختلف آهن) بنيادي طرح عيسيٰ عه کان ئي مليل آهن، پر نئون عهدنامو (انجيل) گهڻي ڀاڱي حضرت عيسيٰ جو نه، پر سينٽ پال جو لکيل آهي. سينٽ پال ئي عيسائيت جو مکيه پکڙيندڙ ۽ عيسائي مذهب جي ڏنل خدائي علم جو مکيه اڏيندڙ آهي.
    ٻيو ته عيسيٰ عه جي ڀيٽ ۾ محمد صه پاڻ نه فقط اسلام جو عقيدو ڏنو پر انهيءَ مذهب جا شريعتي ۽ اخلاقي اصول پڻ سندس ڏنل آهن، تنهن کانسواءِ محمد صه بنيادي طور پنهنجي سر نئون مذهب پکيڙيو ۽ اسلامي شريعت به پاڻ سر لاڳو ڪئي. اسلام جو مقدس ڪتاب قرآن به هن پاڻ ڏنو. قرآن ۾ اهي آيتون گڏ ٿيل آهن، جن جي باري ۾ محمد صه کي يقين هو ته اهي وحي وسيلي الله پنهنجي ڏانهس موڪليون هيون. محمد صه جي جيئري ئي سندن پوئلڳن (مومنن) اهي آيتون عقيدتمنديءَ وچان لکي ڇڏيون هيون ۽ کيس وفات ڪئي ڪو گهڻو عرصو نه گذريو هو، جو انهن آيتن کي معتبر ڪتابي صورت ڏني وئي هئي، تنهن ڪري قرآن محمد صه جي عقيدن ۽ سندس ڏنل سکيا جي ئي نمائندگي ڪري ٿو ۽ ان ۾ اهي ئي آيتون آهن جيڪي سندس واتان نڪتيون هيون. اهڙي طرح گڏ ٿيل عيسيٰ عه جي سکيا، ڪٿي به نٿي ملي. جيئن ته قرآن به مسلمانن لاءِ ايتري ئي اهميت رکي ٿو، جيتري انجيل عيسائين لاءِ، تنهن ڪري قرآن وسيلي محمد صه جو اثر وڌيڪ پيوآهي. جيڪڏهن عيسيٰ عه ۽ سينٽ پال جو گڏيل اثر هڪ پُڙ ۾ وجهجي ۽ ٻئي پُڙ ۾ محمد صه جو اثر رکجي ته گهڻو ڪري محمد صه جو اثر ٻنهي جي گڏيل اثر کان به وڌيڪ وزنائتو لڳندو. خالص مذهبي سطح تي به محمد صه اوترو ئي اثرائتو لڳندو جيترو عيسيٰ عه.
    اڃا به اهو ته عيسيٰ فقط ديني رهبر هو پر محمد صه نه فقط ديني پر دنيائي اڳواڻ پڻ هو. حقيقت ۾ ته عربن جيڪي به فتحون ماڻيون، تن پوئتان محمد صه جي شخصيت ئي ڪم ٿي ڪيو. انهيءَ حساب سان ڏسجي ته محمد صه جهڙو اثرائتو سياسي اڳواڻ اسان کي انساني تاريخ جي ڪنهن به زماني ۾ نه ملندو.
    ٻين اهم تاريخي واقعن جي باري ۾ڪو چئي سگهي ٿو ته جيڪڏهن ان زماني ۾ فلاڻو سياسي اڳواڻ رهبري ڪرڻ لاءِ پيدا نه به ٿئي ها ته به اهي واقعا ضرور ٿين ها ڇو ته انهن جو ٿيڻ اڻٽر ٿي چڪو هو. مثال طور سائمن بوليور کڻي پيدا نه ٿئي ها ته به ڏکڻ آمريڪا جون بيٺڪون اسپين کان آزادي وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ها، پر عرب فتحن جي باري ۾ ائين چئي نٿو سگهجي.
    محمد صه کان اڳ اهڙي قسم جو ڪو به واقعو نه ٿيو هو، تنهن ڪري اهو چوڻ اجايو ٿيندو ته هن کانسواءِ به عرب اهڙيون فتحون ماڻي سگهن ها. عربن جي فتحن سان فقط منگولن جون اهي فتحون ڀيٽي سگهجن ٿيون، جيڪي هنن تيرهين صديءَ ۾ چنگيز خان جي اڳواڻيءَ ۾ حاصل ڪيون هيون. منگولن جي حاصل ڪيل علائقن جي پکيڙ، جيتوڻيڪ عربن جي فتح ڪيل علائقن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هئي، پر پوءِ به سندن فتحون پائيدار ثابت به ٿيون ۽ اڄ ڪلهه منگولن وٽ فقط اهي علائقا وڃي بچيا آهن، جيڪي چنگيز خان جي زماني کان اڳي وٽن هئا.
    عربن جي فتحن جو معاملو گهڻو مختلف آهي، عراق کان وٺي مراڪش تائين، عرب قومن جو هڪ اهڙو سلسلو اڄ ڏينهن تائين قائم آهي جيڪو نه فقط اسلام تي هڪ جهڙو ايمان رکي ٿو پر عربي زبان، تاريخ ۽ ثقافت جي هڪجهڙائيءَ جي اڌار تي به پاڻ ۾ جڙيل آهي. اسلام ۾ قرآن کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي ۽ اهو عربي زبان ۾ لکيل آهي. قرآن جي مرڪزي حيثيت عربي زبان کي ٽٽڻ ۽ اڻ چٽين مقامي ٻولين ۾ بدلجڻ کان بچائي ڇڏيو آهي، نه ته ٿي سگهي ٿو ته اها زبان هن مهل تائين ڌار ڌار مقامي ٻولين ۾ ورهائجي وڃي ها. بيشڪ، عرب رياستن ۾ ڪافي اختلاف آهن ۽ اهي پاڻ ۾ ورهايل به آهن، پر اهڙي جزوي نفاق جي ڪري اسان کي نٿو جڳائي ته حضرت محمد صه جي پيدا ڪيل اتحاد جي دائمي عنصرن کان اکيون پوري ڇڏيون، جيڪي اڃا تائين قائم آهن. مثال طور: ايران ۽ انڊونيشيا، توڙي جو ٻئي مسلمان ۽ تيل پيدا ڪندڙ ملڪ آهن پر اهي 74-1973ع جي سياري واري تيل جي بندش ۾ شريڪ نه ٿيا. اها ڪا اتفاقي ڳالهه نه هئي ته سڀيئي عرب رياستون ۽ فقط عرب رياستون ئي اُن معاملي ۾ هڪ ٻئي جون ساٿياري بڻيون هيون.
    اهڙي ريت اسان ڏسون ٿا ته ستين صديءَ واريون عرب فتحون اڄ ڏينهن تائين انساني تاريخ ۾ پنهنجو مکيه ڪردار ادا ڪنديون اچن ٿيون. مون کي سڄي انساني تاريخ ۾ ٻي ڪا به اهڙي هستي نظر نٿي اچي جنهن مذهبي توڙي غيرمذهبي ميدانن ۾ محمد صه جيترو دائمي اثر ڇڏيو هجي. اهوئي سبب آهي جو مون کيس انساني تاريخ تي وڌ ۾ وڌ اثر ڇڏيندڙن جي فهرست ۾ اول نمبر تي رکيو آهي.“
    مائيڪل ايڇ هارٽ جي هن مضمون جي آخري پيراگراف ۾ هي لفظ بيحد توجهه لائق آهن ته: ”مونکي سڄي انساني تاريخ ۾ ٻي ڪا به اهڙي هستي نظر نٿي اچي جنهن مذهبي توڙي دنيائي ميدانن ۾ محمدﷺ جيترو دائمي اثر ڇڏيو هجي.“ هيءَ ڳالهه هُن انگريزيءَ جي هن جملي ۾ ادا ڪئي آهي:
    He was the only man in history who was supremely successful on both the religious and secular levels.
    (The 100, Page 33)
    اسان وٽ عام طور تي رليجس ۽ سيڪيولر لفظ هڪ ٻئي جو ضد ڪري بيان ڪيا ويندا آهن پر هي ٻوليءَ جو اصل ڄاڻو، حضرت محمدﷺ کي ٻنهي ميدانن جو ڪامياب شهسوار ٿو ڳڻي. جڏهن هو سيڪيولر ميدان ۾ پاڻ سڳورن جي ڪاميابيءَ جو ذڪر ٿو ڪري ته ان مان مراد دنيائي ميدان ۾ ڪاميابي آهي. ان وقت موجود ”ترڪ دنيا“ جي تعليم ڏيندڙ مذهبن جي مقابلي ۾ دنيا کي انسانذات جي ڀلائي ۽ فلاح جو مرڪز بنائيندڙ هن هستيءَ پنهنجي پوئلڳن کي ڏهه لک چورس ميل جي هڪ وڏي اهڙي سلطنت جو بنياد وجهي ڏنو جنهن جا هلائيندڙ حضرت ابوبڪر صديقؐ ۽ حضرت عمرؐ جهڙا درويش صفت انسان هئا جيڪي هڪ ملازم جيتري وظيفي تي پنهنجي زندگي بسر ڪندا هئا. پيغمبر اسلام انسانيت کي فلاح جو فڪر ڏنو، ان جو بنياد وحدانيت پرستيءَ تي رکيو. توحيد جو فڪر هُن جو نظرياتي بنياد هو جنهن ۾ سڀني انساني غلامين جي نفي هئي. فرد جي فرد هيٺ غلاميءَ جي نفي به هئي ته طبقي جي طبقي هيٺ غلامي ۽ قومن جي مٿان قومن جي غلاميءَ جي نفي به هئي. پر حضرت محمدﷺ جي توحيد واري فڪر ۾ ته غلاميءَ جي لڪل قسمن جو انڪار به هو. انسان خواهشن جو غلام بڻجي زندگي گذاري ٿو ته ان جو انڪار به هو ۽ مذهبي پروهتن ۽ پيشه ورن ۽ مرشدن جي غلامي ۽ طاغوت (آمريت ۽ سامراجيت جي مختلف نمونن) جي غلاميءَ جو انڪار به هو، انهن سڀني غلامين جي انڪار کان پوءِ حضرت محمدﷺ وحدانيت جي اقرار تي ٻڌل ايمان ماڻهن جي دلين ۾ لاٿو. هُن جڏهن ڏٺو ته انسانن لاءِ عملي طرح اهو انڪار ممڪن ناهي. حڪمران طبقو، سردار ۽ مذهبي پروهت انسانن جي لاءِ پنهنجي مرضيءَ جو دين ۽ رستو اختيار ڪرڻ ۾ رڪاوٽ آهن. بادشاهه جو دين رعيت کي لازمي طرح مڃڻو آهي ۽ سڄي دنيا وانگر ان وقت جي مڪي ۾ سماج ۾ به ممڪن نه هو ته مڪي جا سردار ۽ مذهبي پروهت ماڻهن کي پنهنجي مرضيءَ جو فڪر ۽ دين قبول ڪرڻ ڏين، ته پوءِ هُن مديني ڏانهن هجرت ڪري اتي ڪنهن به مذهبي رياست بجاءِ قومي ۽ سماجوادي بنيادن تي ”دولت عربيہ“ جي نالي سان نئين رياست جو بنياد رکيو. ”دولت عربيہ“ جي قومي سماجوادي حڪومت جي لاءِ هن جيڪو ميثاق مدينه تيار ڪيو، اهو ميثاق ايندڙ دور جي انساني مسئلن جي حل جو هڪ شاندار چارٽر هو. ان چارٽر تحت پيغمبر اسلامﷺ هميشه لاءِ رياست جا قومي ۽ سماجوادي بنياد سگهارا ڪري ڇڏيا. اهڙي طرح لَاۤ اِكْرَاہَ فِی الدِّیۡنِ يعني دين جي معاملن ۾ زبردستي ناهي ۽ لَكُمْ دِیۡنُكُمْ وَلِیَ دِیۡنِ يعني اوهان لاءِ اوهان جو دين ۽ منهنجي لاءِ منهنجو دين جو تصور پڌرو ڪري پنهنجي پوئلڳن کي ڪاميابين جو ڪشادو رستو ٺاهي ڏنو.
    حضرت محمدﷺ جي مديني ۾ جوڙيل ”دولت عربيہ“ عربن جي قومي سگهه کي سگهارو ڪري ان لائق بڻايو ته اهي هاڻي اسلام جي فڪر کي بين الاقوامي فڪر بڻائين ۽ پوءِ مائيڪل ايڇ هارٽ چواڻي ”ستين صديءَ واريون عرب فتحون اڄ ڏينهن تائين انساني تاريخ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪنديون اچن ٿيون.“ اها حضرت محمدﷺ جي سيڪيولر ليول تي ڪاميابي آهي ته هُن دنيا کي پيغام ڏنو ته ”ترڪ دنيا“ مذهب ۽ دين جو روح نه آهي بلڪه دنيا جون حسناڪيون به انسانن جي طبعي ضرورت آهن ۽ ان جي نتيجي ۾ ملندڙ آخرت جون حسناڪيون به انسانيت جو ازلي ورثو آهن.
    حضرت محمدﷺ کان اڳ موجود دينن بت پرستي، ترڪ دنيا ۽ انساني شرف جي زوال سان وڏا مسئلا پيدا ڪري ڇڏيا هئا. ٻڌ ڌرم ترڪ دنيا جي مسئلي ۾ سڀ کان اڳرو هو. گوتم ٻڌ بادشاهت ڇڏي جهنگ ۾ چله ڪشين جي ذريعي نرواڻ حاصل ڪرڻ کي ٻڌمت جو اصل متو بڻائي ڇڏيو هو. هندو مذهب جي ديوتائن جو تعداد 33 ڪروڙن تائين پهتل هو ۽ ماڻهو انهن مان گهڻي کان گهڻي ديوتائن کي راضي ڪرڻ لاءِ پابند بڻيل هئا. ان دور ۾ هر پسنديده ۽ ڪشش رکندڙ شيءِ ۽ ضرورت پوري ڪندڙ شيءِ ديوتا بڻيل هئي. عيسائيت راهبانه زندگيءَ جون نت نيون شڪليون پئي ماڻهن ۾ مروج ڪيون.
    تمدني طرح هر طرف انڌوڪار ڇانيل هو ۽ انساني غلامين جون بدترين شڪليون رواج ۾ اچي چڪيون هيون. دنيا جي ٻن وڏين شهنشاهتن قيصر ۽ ڪسريٰ ماڻهن کي ظلم ۽ جبر جي اهڙن ڪڙن ۾ سوگهو ڪري ڇڏيو هو جو انهيءَ مان آجي ٿيڻ جي ڪا صورت ڪونه هئي. ايران جي آتش پرستن عام ماڻهن تي پابند وجهي ڇڏي هئي ته اُهي امير طبقن جي جائيداد کي ڪنهن به صورت ۾ خريد نٿا ڪري سگهن. ساساني حڪمرانن هيءُ اصول طئي ڪري ڇڏيو هو ته ڪو به ماڻهو پنهنجي ان رتبي کان وڌڻ جي ڪوشش نه ڪري جيڪو پيدائشي طرح ان کي حاصل آهي. اهڙي طرح ڪو به ماڻهو ان پيشي کانسواءِ ڪو ٻيو پيشو اختيار نٿو ڪري سگهي جيڪو ڄمندي خدا ان لاءِ پيدا ڪري ڇڏيو.
    (بحواله ايران: بعهد سامانيان)
    رابرٽ بريفالٽ پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب (The Making of Humanity) ۾ ان دور جي يورپ جو نقشو هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي ته: ”پنجين صدي عيسويءَ کان ڏهين صدي عيسويءَ تائين يورپ تي ٻاٽ اونداهي ڇانيل هئي ۽ اها اونداهي آهستي آهستي وڌي ويتر ڊيڄاريندڙ بڻجندي پئي وئي. ان دور جي وحشت قديم زماني جي وحشت کان به وڌيڪ هئي، ڇاڪاڻ ته ان دور جو تمدن هڪ سڙيل لاش وانگر ڌپ ڪري چڪو هو ۽ ان تمدن جا نشان مٽجي رهيا هئا. ايستائين جو اتان جو ڪنهن زماني ۾ پنهنجي ترقيءَ تي پهتل اٽلي ۽ فرانس وارو تمدن به طوائف الملوڪي ۽ ويرانيءَ جو شڪار هو.“
    (صفحو: 164)
    حضرت محمدﷺ عملي طرح مديني ۾ ”دولت عربيہ“ جي قيام سان ”دنيائيت“ کي پنهنجايو. نه صرف پنهنجايو پر ان جي ذريعي سڄي دنيا ۾ شرڪ ۽ غلاميءَ جي پنجوڙن ۾ ڦاٿل ماڻهن کي خلاصگي ڏيارڻ جو عربن کي ٽاسڪ ڏنو. سندس ساٿ جي ٻن ماڻهن حضرت ابوبڪر صديقؐ ۽ حضرت عمر فاروقؐ ان ٽاسڪ کي وڏي حد تائين پورو ڪري ڏيکاريو ۽ ان کانپوءِ ان جي پيدا ڪيل جماعت ان فڪر کي بين الاقوامي بنائڻ ۾ وڏيون ڪوششون ورتيون.
    حضرت محمدﷺ انسانيت کي جنهن وڏي ڪتاب کان روشناس ڪرايو، ان ۾ چيو ويو ته سج چنڊ تارا پوڄا جي شيءِ ڪونهن پر غور، فڪر ۽ تحقيق جي شيءِ آهن. اهي خدا جي جوڙيل شاهڪار ڪائنات ۾ خدا جي مقرر ڪيل ضابطن ۽ پدن تي هلن ٿا. هيءَ سڄي ڪائنات توازن، ڇڪ ۽ ڪشش جي اصولن تي آهي، انهيءَ ڪري ڪائنات ۾ انهيءَ توازن، ڇڪ ۽ ڪشش کي تلاشيو ۽ انهن اصولن کي پنهنجي زندگيءَ ۾ آسانين پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪريو. نتيجي ۾ مسلمانن ڪائنات ۾ سيارن جو مطالعو ڪرڻ لاءِ وڏيون رسد گاهون ٺاهيون. زميني معدنيات جي لاءِ ڪيمسٽريءَ جو فن دريافت ڪري مادي کي تحقيق ۽ تجزيي جو موضوع بڻايو. زمين جي ماپ ڪري جاگرافيءَ جا تفصيل پڌرا ڪيا. سمنڊ کي انسان رڳو پوڄا جي شيءِ سمجهندو هو، مسلمانن ان ۾ پنهنجا وڏا بحري ٻيڙا لاهي انهن کي آبي گذرگاهه جي طور استعمال ڪيو. طوفان ۽ هوا انسانن لاءِ پراسرار شيون بڻيل هيون، مسلمانن ان کي هوا چڪي (Wind Mill) ۾ بدلائي ان مان توانائي حاصل ڪرڻ جو بنياد وڌو. وڻن سان پراسرار ڳالهيون جوڙي انهن کي عجيب و غريب سمجهيو ويندو هو، مسلمانن انهن تي تحقيق ڪري نباتات ۾ ٻه هزار ٻوٽن جو اضافو ڪيو. اهڙي طرح انساني تاريخ ۾ فطري مظهرن کي کولي انسانن لاءِ نفعي بخش بنائڻ واسطي آزاد تحقيق جو هڪ نئون دور شروع ٿيو جيڪو ڪجهه سئو سالن جي لڳاتار تحقيق کانپوءِ آخرڪار سائنس ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ تائين پهتو.
    انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته قديم زماني ۾ به ڪجهه ملڪن ۾ تخليقي ذهن پيدا ٿيا، جن پنهنجي ماحول کان الڳ ٿي ڪري سوچيو، پر ماحول انهن جو ساٿ نه ٿي ڏنو ۽ ان مخالفت جي ڪري سندن ڪوششون انسانن لاءِ ڦلدائڪ نه پئي بنيون. ان جي مقابلي ۾ مسلمانن کي پنهنجي ڪتاب ۽ پيغمبر جي تعليم ۽ مسلمان حڪمرانن جي پاران انهن تحقيقن لاءِ برابر موقعا پئي مليا ۽ اسپين انهن موقعن جو ڳڙهه بڻيل هو.
    ڇهين صدي عيسويءَ کان ڏهين صدي عيسويءَ جي زماني کي يورپ جي تاريخ ۾ تاريڪ دور (Dark Ages) ليکيو وڃي ٿو. هي اهو زمانو آهي جڏهن يورپ تهذيب ۽ تمدن کان ڪوهين ڏور هو. اهو يورپ لاءِ ذهني تاريڪي ۽ وحشت جو دور هو، جنهن لاءِ برٽرينڊ رسل واضح لفظن ۾ چيو هو:
    “A period of intellectual darkness and barbarity”
    بلڪل انهيءَ وقت جڏهن يورپ تي تاريڪ دور جو انڌيرو ڇانيل هو، اسلام جي اثر هيٺ آيل ملڪن ۾ تهذيبي روشني پوري طرح موجود هئي. برٽرينڊ رسل چواڻي: ”ٺيڪ انهيءَ زماني ۾ هندستان کان اسپين تائين اسلام جي عاليشان تهذيب وجود ۾ اچي چڪي هئي.“
    “From India to spain, the brilliant civilization of Islam flourished. ”
    مسلمان جيڪي سسلي ۽ اسپين ۾ داخل ٿي يورپ جي اندر تائين پهچي چڪا هئا، انهن يورپ جي ماڻهن کي متاثر ڪيو. مغربي يورپ جا شاگرد اسپين جي اسلامي يونيورسٽين ۾ تعليم واسطي اچڻ لڳا هئا ۽ انهن مسلمانن جي عربي ڪتابن جو ترجمو لاطيني زبان ۾ ڪرڻ شروع ڪيو. گستاؤلي بان، رابرٽ بريفالٽ، جي ايم رابرٽس ۽ منٽگمري واٽس جهڙا جڳ مشهور ليکڪ اهو کليل اعتراف ڪن ٿا ته عربن جي تحقيقات ذريعي ئي يورپ ۾ جديد سائنس جو دور شروع ٿيو.
    شرڪ، وهم پرستي ۽ جبر کي ختم ڪرڻ لاءِ حضرت محمدﷺ کي پنهنجي دور سان وڏيون ويڙهيون وڙهڻيون پيون. شرڪ ۽ وهم پرستي بادشاهي نظام کي طاقتور بڻائيندڙ هئا. انساني غلامين جي سڀني قسمن کي سگهارو ڪندڙ هئا، انهيءَ ڪري بادشاهه ان جا محافظ بڻيل هئا. انساني تاريخ ۾ جيڪي به پيغمبر شرڪ ۽ وهم پرستيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ آيا ته بادشاهن ۽ انهن سماجن جي دولتمند ماڻهن پيغمبرن جي سخت مخالفت ڪري کين ايذاءَ ۽ تڪليفون ڏنيون. بادشاهن پنهنجي مفادن کي تحفظ ڏيندڙ دين ماڻهن جي مٿان مسلط ڪري ڇڏيو هو ۽ جيڪو بادشاهه جو دين هو اهو ئي رعيت جو دين هو. رعيت جو ان کان ٻاهر وڃڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿيندو هو. خاص طور تي روم ۽ ايران جون ٻه وڏيون شهنشاهيتون انسانيت جي مٿان جبر جون وڏيون ڇپون بڻيل هيون جيڪي ماڻهن کي آزاد راءِ جو حق ڏيڻ بجاءِ رعيت کي بادشاهه جي مذهب تي هلائڻ لاءِ هر قسم جو جبر ڪندڙ هيون. اهڙي طرح انهن هارين کي جانورن وانگر وهائي مٿن ظلم جون حدون اورانگهي ڇڏيون هيون. باقي دنيا جا سردار ۽ حڪمران به انهن جي اثر هيٺ جبر ۽ ڏاڍ جي نظام کي سگهارو بڻائي بيٺا هئا. جڳ مشهور ليکڪ هينري پرين پنهنجي تحريرن ۾ صاف لکيو آهي ته: ”قديم رومي سلطنت جيڪا قلزم سمنڊ جي ٻنهي طرفن تي ڇانيل هئي، اها انسانن جي آزاد راءِ کي ختم ڪري، انساني ترقيءَ جو دروازو بند ڪيو ويٺي هئي. انهيءَ مطلق نوعيت جي شهنشاهيت کي نابود ڪرڻ کانسواءِ انساني ذهن کي آزادي نه ٿي ملي سگهي ۽ انساني ذهن کي جيستائين آزاد ماحول ۾ عمل ڪرڻ جو موقعو نه ملندو، تيستائين انساني ترقين جو آغاز به نه پئي ٿي سگهيو.“
    حضرت محمدﷺ کي ان سرداري ۽ بادشاهي جبر کي ختم ڪرڻ لاءِ ننڍيون وڏيون اسي ويڙهيون وڙهڻيون پيون ۽ پاڻ سڳورن روم جي شهنشاهه کي خط لکيو ته ”تو انسانن کي غلام بڻائي هارين تي ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي جنهن جو وبال تنهنجي مٿان آهي.“ حضرت محمدﷺ پنهنجي ساٿي صحابين کي انهن ٻنهي سلطنتن کي ختم ڪرڻ جو ٽاسڪ به ڏنو. ان کان پوءِ ئي هُن کي، هن ڌرتيءَ جي مٿان اهڙو نظام قائم ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ٿي جنهن ۾ لَاۤ اِكْرَاہَ فِی الدِّیۡنِ يعني ”دين ۾ ڪا به زبردستي نه آهي“ ۽ لَكُمْ دِیۡنُكُمْ وَلِیَ دِیۡنِ يعني ”توهان لاءِ توهان جو دين ۽ منهنجي لاءِ منهنجو دين“ وارو اصول انسانيت کي ايندڙ دور جي تهذيبي ترقين لاءِ هڪ وڏي آدرش جي صورت ۾ مليو.
    حضرت محمدﷺ انساني آزادين جو اهو هڪ نئون عالمي فڪر ۽ نظام انسانيت کي ڏنو ۽ اُن لاءِ کيس توڻي جو اسي ويڙهيون به وڙهڻيون پيون پر اهو سڀ ڪجهه هُن مضبوط ۽ سگهارن فڪري بنيادن تي اهڙي طرح ڪري ڏيکاريو جو ان انقلاب ۽ ويڙهه ۾ گهٽ کان گهٽ انساني جانين جو نقصان ٿئي. انهيءَ ڪري اسان ڏسون ٿا ته ان سڄي تبديليءَ ۾ حضرت محمدﷺ کي صرف پنهنجي 350 ساٿين جي جان جي قرباني ڏيڻي پئي. هوڏانهن رد انقلاب جي ڪافر قوتن جو جاني نقصان به 1050 موتن کان وڌيڪ نه آهي ۽ ڪل ملائي چوڏهن سؤ انساني جانيون تلف ٿيون. ٻئي پاسي چنگيز خان کي پنهنجي سلطنت وڌائڻ لاءِ لکين انسانن کي موت جي ننڊ سمهارڻو پيو هو ۽ يورپ اندر قومي برتريءَ ۽ غلبي جي ٻن عالمگير جنگين ڪروڙين انسانن جي تباهي ۽ موت انسانيت کي ورثي ۾ ڏنا هئا. اُن جي مقابلي ۾ حضرت محمدﷺ جي پاران انساني تاريخ ۾ هيڏي وڏي تبديليءَ تنهن ۾ چوڏهن سؤ جانين جو نقصان حيرتناڪ حد تائين گهٽ نقصان آهي. اهو صرف حضرت محمدﷺ جي جنگي حڪمت عملين جو نتيجو هو ۽ هو هر مرحلي تي صلح جو صورتون ڪڍي انساني جانين کي بچائڻ ۽ جنگي نقصان کي ٽارڻ جو مقصد هميشه سامهون رکندو هو.
    پيغمبر اسلامﷺ انسانيت جي لاءِ آخري ۽ عالمي پيغمبر جي حيثيت ۾ گهڻ رُخيون تبديليون آنديون پر انهن ۾ ٻه ڳالهيون ڪمال جون آهن. هڪ نئين انسان کي جنم ڏيڻ ۽ ٻيو نئين سماج ۽ نئين دور جو آغاز ڪرڻ.
    نئين انسان کي جنم ڏيڻ لاءِ هُن احترام آدميت جي هڪ بيحد سگهاري ٿيوري پيش ڪئي. ان ٿيوريءَ جي بنياد طور هيءَ ڳالهه پيش ڪئي ته الله تعاليٰ انسان کي خلقي ان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيو آهي، انهيءَ ڪري آدم بيحد محترم آهي ۽ انهيءَ احترام جي صداقت ۾ الله تعاليٰ ملائڪن، جنن ۽ ٻي مخلوقات کان آدم کي سجدو ڪرايو آهي. احترام، تعظيم ۽ حقن جي ادائيگيءَ جو جنهن به اهو سجدو ڪيو آهي ته اهو ملائڪن جي رتبي ۾ فرمانبردار ليکيو ويو آهي ۽ جنهن انهيءَ سجدي جو انڪار ڪيو آهي سو شيطانن جي صف ۾ بيهاريو ويو آهي. پيغمبر اسلامﷺ پنهنجي سڄي تعليم جو بنياد هن ڳالهه تي رکيو ته الله تعاليٰ جيڪو غائب ۾ آدم کي سجدو ڪرائي ان جي احترام، تعظيم ۽ حقن جي ادائيگي کي پنهنجي فرمانبرداري، مڃتا ۽ ايمان جو بنياد قرار ڏنو، ڌرتيءَ جي مٿان حاضر ۾ انسان کي انهيءَ سجدي کي ثابت (Prove) ڪرڻوآهي. جيڪو ماڻهو ڌرتيءَ تي ان احترام، تعظيم ۽ حقن جي ادائيگي جي سجدي کي ثابت ڪري ويو ته اهو ڪامياب ۽ سعادتمنديءَ وارو آهي. پيغمبر اسلام آدم کي احترام، تعظيم ۽ حقن جي ادائگي جي ان سجدي جون سوين صورتون کولي کولي ٻڌايون ته انسانن سان ڀلائي ۽ خير ڇا آهي؟ تعظيم ۽ احترام جا ڪهڙا مراتب آهن؟ ليکو لهڻو ۽ حق ادايون ڇا آهن؟ فرائض ۽ ذميواريون ڇا آهن؟ ۽ مختلف حيثيتن ۾ ان جا پئمانا ڪهڙا آهن؟
    ماڻهپو ڇا آهي ۽ ان ماڻهپي يا انسان پڻي جي ماڻڻ جون ڪهڙيون صورتون آهن؟ ماڻهو تخليقي طرح هڪ بشر جي حيثيت ۾ پيد اٿئي ٿو ته ان بشر کان انسان/ماڻهوءَ جي طرف اهو سفر ۽ ارتقا ڪهڙي طرح ٿئي ٿو؟ هڪ متوازن (Balanced) انسان ڪيئن بڻجي ٿو؟ هو تزڪيي، علم ۽ حڪمت جو صاحب ڪيئن بڻجي ٿو؟ حضرت محمدﷺ پاڻ تي نازل ٿيل ڪتاب جي ذريعي تفصيلي آيتون پنهنجي عملي زندگيءَ جي روشنيءَ ۾ مڪمل تشريحن سان انسانن جي آڏو رکيون.
    زندگيءَ جي اهڙين پريڪٽيڪل ديني تشريحن ۽ انهن جي عملي صورتن انساني دنيا کي هڪ نئون موڙ ڏنو جنهن سان انساني شرف، مرتبي، همت ۽ تعمير جا نوان دروازا کلندا ويا. ماڻهن پاڻ کي انهيءَ مرتبي تي ڄاتو ۽ منجهن اها همت پيدا ٿي جو هڪ عام ماڻهو ڏهه لک چورس ميل جي حاڪم حضرت عمرؒ جهڙي عظيم حڪمران کي سامهون چئي پئي سگهيو ته ”جيستائين تون پنهنجي جسم تي پهريل وڏي جبي جي ملڪيت جو جواز نه ٻڌائيندين تيستائين نه تنهنجي ڳالهه ٻڌنداسون ۽ نه تنهنجي اطاعت ڪنداسون.“ پوءِ حضرت عمرؒ جڏهن ٻڌايو ته اهو وڏو جبو منهنجي ۽ منهنجي پٽ جي گڏيل ڪپڙي مان ٺهيو آهي، تڏهن اُن کي پنهنجو خطبو مڪمل ڪرڻ جو موقعو ملي سگهيو. اهو ساڳيو حضرت عمرؒ هو جنهن هڪ شڪايت تي مصر جي گورنر عمرو بن العاص کي مخاطب ٿيندي چيو هو ته ”اي عمرو! تو ڪڏهن کان ماڻهن کي غلام بنائڻ شروع ڪيو آهي، جڏهن ته انهن جي مائرن انهن کي آزاد پيدا ڪيو هو.“
    اها اهائي ڳالهه هئي جيڪا حضرت عمر بن خطاب کان هڪ هزار سال پوءِ فرانس جي مفڪر روسو هنن لفظن ۾ ورجائي هئي ته: ”انسان آزاد پيدا ٿيو آهي ۽ پوءِ هُن کي زنجيرن ۾ جڪڙي غلام بڻايو ويو آهي.“
    حضرت محمدﷺ هڪ آدم جي اولاد جو تصور سگهارو ڪري انساني مساوات جا تصور بيحد سگهارا ڪيا. ان مقصد جي لاءِ توهمات جي ذريعي هن شخصي برترين جا جڙيل بت ڀوري ناس ڪري ڇڏيا. سماج ۾ بري طرح ڦهليل شرڪ جيئن ٻين انساني ترقين ۾ رڪاوٽ بڻيل هو، تيئن شرڪ جي غلبي انسانن جي اندر به نابرابري قائم ڪري ڇڏي هئي. ان جي مقابلي ۾ وحدانيت پرستيءَ جي تصور کي سگهارو ڪري ماڻهن اندر انساني برابريءَ جو نظام قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. قديم زماني ۾ شرڪ جي ذريعي جيڪا وهم پرستي پيدا ٿي، ان جي نتيجي ۾ جيئن سج چنڊ تارن، پاڻي، وڻن ۽ پٿرن جي باري ۾ غيرواقعي نظريا قائم ٿيا، اهڙي طرح انسانن جي باري ۾ به برتر هئڻ جا سڄي دنيا منجهه غيرواقعي نظريا قائم ٿيا. بعد ۾ صدين پڄاڻا اهي پختا ٿي قومن جي روايتن ۾ شامل ٿي ويا. انهيءَ جي اثر هيٺ ڪٿي ذات پات جو عقيدو بڻايو ويو. ڪن لاءِ چيو ويو ته اهي خدا جي مٿي مان پيدا ٿيا آهن ۽ ڪي وري خدا جي پيرن مان پيدا ٿيل آهن. اهڙي طرح مٿين ذات ۽ هيٺين ذات جي تقسيم رواج ۾ آئي. پيدائشي نسلي برتريءَ جو عقيدو ماڻهن جي مٿي ۾ ويهاريو ويو ۽ سردارن ۽ بادشاهن جي باري ۾ هيءُ عقيدو بڻايو ويو ته اهي ديوتائي نسل مان آهن ۽ عام ماڻهو انهن جي خدمت لاءِ پيدا ڪيل آهن. صدين جي عمل سان اهي وهم پرستيون اهڙيون پختيون بڻجي ويون جو هزارين پيغمبرن جي اچڻ باوجود به ماڻهو سردارن ۽ بادشاهن جي اثر ۽ اقتدار مان نڪري نه سگهيا. حضرت محمدﷺ انسانيت لاءِ آخري پيغمبر جي حيثيت ۾ پيغام ڏنو ته هُن جهالت جي دور جون سڀ وهم پرستيون پنهنجي پيرن هيٺان چيڀاٽي ڇڏيون آهن. هاڻي نه ڪنهن عربيءَ کي عجميءَ تي فضيلت آهي، نه عجميءَ کي عربيءَ تي برتري حاصل آهي. نه ڪنهن ڪاري کي ڳاڙهي تي فضيلت آهي ۽ نه ڪنهن ڳاڙهي کي ڪاري مٿان فضيلت آهي. ٻڌي ڇڏيو توهان سڀ آدمؑ جو اولاد آهيو ۽ آدمؑ کي مٽيءَ مان خلقيو ويو هو. حجة الوداع ۾ حضرت محمدﷺ جو اهو رڳو خطبو نه هو بلڪه پيغمبر اسلام جو انسانيت ڏانهن حتمي پيغام هو ته نسلي برترين جي دور جو خاتمو اچي چڪو آهي.
    پيغمبر اسلام پنهنجي پوئلڳن ۾ عملي طرح ڀائپي (مواخاة) جو بنياد وڌو ۽ مڪي ۽ مدني زندگيءَ ۾ ٻه ڀيرا عملي طرح اها ڀائپي نافذ ڪئي. هوند وارن ماڻهن کي حڪم ڪيو ته اهي کُٽل ٽٽل ماڻهن کي پنهنجي وسيلن جو اڌو اڌ ورهائي ڏين. پيغمبر جي مڃيندڙن ان دور ۾ ائين ڪري ڏيکاريو ۽ ايندڙ دور جي انسانن لاءِ بهتر مثال ڇڏيو.
    قرآن مجيد ۾ حضرت محمدﷺ کي ٻڌايو ويو هو ته دولت جو چند هٿن ۾ ڪٺو ٿيڻ ۽ محنت جي استحصال سان سماجي اڻبرابري سماجي خرابين جو ڪارڻ بڻجي ٿي. سردار، امير ۽ دولتمند طبقا ڪمزور طبقن کي غلام بڻائي وسيلن تي پنهنجو قبضو دائمي ڄمائي ڇڏين ٿا ۽ جيڪي به پيغمبر وحدانيت جي تعليم ڏين ٿا ته اهي دولتمند طبقا ئي ان جي مخالفت ڪن ٿا. انهيءَ ڪري حضرت محمدﷺ جيئن توحيد جي فڪر ذريعي نظري طور تي انهيءَ طبقاتي تقسيم جو خاتمو آڻي ڇڏيو تيئن عملي طور تي مواخات جي نفاذ ۽ زمين جي ذاتي ملڪيت کي ختم ڪري، زمين جي کيڙيندڙ کي ان جو مالڪ بڻائي، محنت کي سرمائي جو بنياد بڻائي ڇڏيو. هُن پئسي تي پئسو ڪمائڻ جي سڀني شڪلين کي حرام بڻايو ۽ اهڙي عمل کي خدا ۽ رسول سان جنگ جي برابر قرار ڏنو ۽ قرآن جي ٻڌايل هن اصول کي عام ڪيو ته سرمايو دولتمندن جي وچ ۾ گردش نه ڪري. هُن مال ۽ دولت جي ارتڪاز جون سڀ ئي شڪليون حرام ۽ ناجائز قرار ڏنيون. هُن تجارت جي حلال طريقن ۽ اصولن کي روشناس ڪرايو ۽ حلال طريقن سان ڪمايل مال کي پنهنجي اولاد، مٽن مائٽن، غريبن، ۽ محروم انسانن تي صرف ڪرڻ لاءِ زڪوات ۽ انفاق جو هڪ نظام جوڙي ڏنو. هن نماز، روزي، حج ۽ زڪوات جو هڪ شاندار مشقي نظام پنهنجي پوئلڳن ۾ رائج ڪيو، جنهن سان اهي هر وقت پاڻ ۾ اتحاد، تعاون، تربيت ۽ پرچارڪ مقصدن سان رابطي ۽ سهڪار ۾ رهن ۽ انهن جي عالمي شناخت پڌري هجي. هُن نيڪيءَ جي لاءِ هي تصور سگهارو ڪيو ته جيستائين اوهان جان ۽ مال کي امانت سمجهي ان کي الله جي راهه ۾ قربان نٿا ڪيو تيستائين نيڪوڪار نٿا بڻجي سگهو. الله جي راهه ۾ قربان ڪرڻ کي هُن انسانن جي فائدي واري مقصد سان سلهاڙيو ۽ انساني نفعي بخشيءَ جي ڪمن کي ڪنهن به صالح انسان جي شخصي ترقي ۽ ولايت جو ذريعو قرار ڏنو.
    هاڻي توحيد/وحدانيت پرستيءَ جي فڪر کان پوءِ غلاميءَ جون سڀ شڪليون انسانيت لاءِ لعنت بڻجي ويون. خدا جي کليل ضابطن کانپوءِ سردارن، بادشاهن ۽ آمرن جا ضابطا نابود ٿي ويا. مواخات کان پوءِ طبقاتي سماج جي ڪا گنجائش باقي نه رهي. ميثاق مدينه کان پوءِ مذهبي رياست شجر ممنوعہ بڻجي وئي. سود حرام ٿيڻ کانپوءِ پئسي تي پئسو ڪمائڻ جي هر شڪل الله ۽ ان جي رسول سان جنگ جي مترادف ٿي پئي. هڪ آدم جي اولاد واري تصور کانپوءِ ذات پات ۽ اونچ نيچ جو خاتمو ٿيو ۽ آدم کي سجدي واري فڪر کانپوءِ ماڻهوءَ جو احترام مذهب جو روح بڻجي پيو. ماڻهوءَ جي تزڪيي ۽ مرتبي جو بنياد ايمان ۽ سندس عملي زندگي بڻايا ويا ۽ ترڪ دنيا جي مقابلي ۾ دنيا جي حسناڪين کي اپنائي، ان کي انسانذات لاءِ جنت ارضي بنائڻ جو تصور سگهارو ٿيو. پنهنجي ماضيءَ جي سڄي تاريخ ۾ انسانذات پنهنجي سلامتي، امن ۽ فلاح جي لاءِ جن آدرشن جي تلاش ۾ رهي، اهي آدرش ۽ اصول حضرت محمدﷺ جي ذريعي کليل ۽ واضح صورتن ۾ انسانيت کي مليا آهن. جيڪي ماڻهو اهي اصول ۽ آدرشن ڏسڻ ۽ ماڻڻ کان محروم آهن، اهي پنهنجي ٻين هنڌن تان نقل ڪيل تعصب جو رويو ترڪ ڪن ته مائيڪل ايڇ هارٽ ۽ اهڙن دنيا جي سوين ڏاهن وانگر حقيقت کي ڏسي ۽ پسي سگهندا.
    هي ڪتاب حضرت محمدﷺ جي آندل ان مڪي واري انقلاب جي طبقاتي پهلوءَ تي روشني وجهي ٿو. حقيقت ۾ اهو انقلاب موجوده جديد دور کي تخليق ڪندڙ هو، جنهن جو سرسري تذڪرو مون هن مهاڳ ۾ مائيڪل ايڇ هارٽ جي لکيل مضمون جي روشنيءَ ۾ ڪيو آهي، پر ان انقلاب جي تفصيلي پهلوئن کي سيرت جي جامع ڪتابن جي روشنيءَ ۾ پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي ضرورت آهي. ان انقلاب جي طبقاتي پهلوءَ تي ڊاڪٽر الطاف جاويد جي اردو ڪتاب ”انقلابِ مکہ“ کي اسان سنڌيڪا اڪيڊميءَ جي پاران 2015ع ۾ ”انقلاب مڪه: مڪي جي انقلاب جو طبقاتي مطالعو“ جي عنوان سان ئي ڇاپيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڏنل مواد ٽن مختلف جاين تان سهيڙي شامل ڪيو ويو آهي ته جيئن مختصر طرح اسان ان مان استفادو حاصل ڪري سگهون. مون کي اميد آهي ته هن ڪتاب جا پڙهندڙ پيغمبر اسلام جي برپا ڪيل انقلاب جي طبقاتي حقيقتن کي هن ڪتاب مان ڪي قدر سمجهي وٺندا ۽ ان سان منجهن هي امنگ ضرور پيدا ٿيندي ته هو ان انقلاب جي ٻين پهلوئن کي به تفصيل سان اڃا وڌيڪ پڙهن، حضرت محمدﷺ جو امتي ۽ پوئلڳ هئڻ تي فخر ڪن ۽ ان جي آندل انقلاب جا پرچارڪ بڻجن.
    نور احمد ميمڻ
    چيئرمين سنڌيڪا اڪيڊمي
    0313-2707097


    مڪي جهڙو انقلاب وري ڪڏهن ۽ ڪيئن ممڪن آهي؟

    ’مڪي واري انقلاب جو ورجاءُ ڪڏهن ۽ ڪيئن‘ ۾ اقبال ٻڌايو آهي ته جيستائين تمام سخت ويڙهاند نه ٿيندي تيستائين مڪي واري انقلاب جو ورجاءُ نه ٿيندو. هتي سخت ويڙهاند جو مطلب، توحيدي معاشري جي جوڙجڪ خلاف مخالف قوتن جي جدوجهد جي، مخالفت ۾ ويڙهه آهي. روايتي اسلام ۽ ٻيا سڀئي مذهب، جيڪي توحيدي يعني غير طبقاتي معاشري جي جوڙجڪ لاءِ جدوجهد نٿا ڪن، سي غلط آهن، ڇو ته مذهب رڳو عبادتن ۽ رسمن جي مجموعي جو نالو نه آهي. جيڪڏهن ائين هجي ها ته هر ڪنهن نبي ۽ رسول جي، سندس معاشري جو مالدار طبقو ۽ ان جون ساٿاري جماعتون مخالفت نه ڪن ها ۽ نه ان کي تڪليفون ڏين ها. جيئن سورت سبا آيت 25 ۾ ٻڌايو ويو آهي.
    انهيءَ ڳالهه جو دليل هي آهي ته سورت مزمل ۾ رسول الله ﷺ کي چيو ويو ته هو رات جو عبادت لاءِ اٿي بيهڻ کي گھٽائي ڇڏي، ڇو ته ڏينهن ۾ کين تمام ڳورو ڪم ڪرڻو آهي. اهو ڳورو ڪم ڪهڙو هو؟ اهو هو مشرڪ، يعني طبقاتي معاشري کي توحيدي، يعني غير طبقاتي معاشري ۾ بدلائڻ جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ.
    قرآن ڪريم توحيدي معاشري جي تعمير لاءِ ڪهڙو دليل ڏنو آهي؟ سوره قصص جي پنجين ۽ ڇهين آيت ۾ انهيءَ معاشري جو نقشو هن طرح ڏنو ويو آهي:
    ”اسان جي مرضي هئي ته انهن ماڻهن تي مهرباني ڪريون جن کي زمين تي هيڻو ڪري ڇڏيو ويو هو، انهن کي اڳواڻي ڏيون ۽ انهن کي ئي وارث ڪيون ۽ زمين تي انهن کي اقتدار بخشيون ۽ کانئن فرعون ۽ هامان ۽ انهن جي لشڪرن کي اهوئي ڏيکاريون جنهن جو کين ڊڄ هو.“ (ترجمو تفهيم القرآن )
    هاڻي مولانا آزاد جي ”ترجمان القرآن “ جو ترجمو ڏسو:
    ائين اسان جو فيصلو اهو هو ته جيڪا قوم سڀ کان وڌيڪ هيڻي سمجھي ويندي هئي تنهن تي احسان ڪريون. انهيءَ قوم جي ماڻهن کي سرداري ۽ رياست عطا ڪريون، ملڪ جو وارث بڻايون ۽ انهن جي ئي حڪومت ملڪ ۾ قائم ڪري ڇڏيون. فرعون ۽ هامان ۽ حڪمران قوم کي، جنهن کي ڏٻري قوم جي طرف کان بغاوت ۽ ڀڄي وڃڻ جو کٽڪو رهندو هو ۽ جنهن جي لاءِ اهي کين هيڻو رکندا هئا، انهيءَ کي ئي سندن اڳيان آڻيون.
    انهيءَ آيت جي تشريح ۾ مولانا آزاد لکيو آهي ته هتي فرعون جي بادشاهت جو ذڪر آهي، پر غور ڪبو ته هن آيت ڪريمه جي اندر قرآن ڪريم هڪ غيرمتبدل الاهي قانون جي ڄاڻ ڏني آهي. هو ٻڌائي ٿو ته دنيا هڪ پاسي طاقت ۽ عزت آبرو جي نمائش جو هنڌ ته ٻئي پاسي وري مزدورن جي بربادي ۽ انهن جو ڪوس گھر آهي. طاقتور قومون هيڻين قومن کي پنهنجو غلام ۽ زيردست بڻائينديون آهن. منجهن ڦيٽاڙو وجھنديون آهن، مختلف قومون ۽ ٽولن کي پاڻ ۾ گڏجڻ ناهن ڏينديون. ڇو ته جيڪڏهن اهي پاڻ ۾ گڏجي هڪ ٿي وڃن ته اهي هيڻا نه رهندا. سندن پاڻ ۾ ٻڌي ۽ هڪ ٿي وڃڻ واري طاقت ظالمن جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيندي.
    جاگيردارن ۽ صنعتي سرمائيدارن جو حال به ساڳيو ئي آهي. اهي مزدور طبقي ۾ ڏار وجھڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن، ته جيئن اهي ٻڌي ڪري پيداواري وسيلن تي قبضو نه ڪري وڃن. پر خدائي قانون چوي ٿو ته جيڪڏهن مزدور پنهنجي سمجھه کي طبقاتي فلسفي سان هٿياربند ڪري وٺن ۽ ٽريڊ يونين يا گڏيل سهڪار جي صورت ۾ گڏ ٿي وڃن ته اهي پيداواري ذريعن کي، استحصال پسند طبقي کان ڦري، انهيءَ تي قبضو ڄمائي وٺندا. جيئن ته الله تعالى اهي پيداواري وسيلا سمورن انسانن جي لاءِ پيدا ڪيا آهن، تنهن ڪري ٿورڙن ماڻهن جو انهن وسيلن تي قبضو ڪري، گهڻن انسانن کي انهيءَ مان فائدو ماڻڻ کان محروم ڪري ڇڏڻ، خدائي قانون ۽ مرضيءَ جي ابتڙ پڻ آهي.
    تنهن ڪري اسلام ختم نبوت جي حوالي سان هڪ بين الاقوامي تحريڪ آهي، جنهن جو مقصد دين جي دعوت جي بنياد تي، انساني وحدت ۽ خلافت آدم جو قيام آهي. ان جو مقصد هڪ اهڙي معاشري جي جوڙجڪ آهي جيڪو ڊپ، ڳڻتي ۽ محنت جي استحصال کان پاڪ هوندو. اهڙي معاشري کي توحيدي يا غير طبقاتي معاشرو به چيو ويندو آهي.
    اهڙي معاشري جي جوڙجڪ لاءِ مديني ۾ ئي ڪوشش شروع ٿي وئي هئي. رسول الله ﷺ خيبر جي فتح واري موقعي تي يهودين جي زمينن ۽ باغن کي رياست جي ملڪيت ۾ وٺي ڇڏيو هو ۽ انهن کان پيداوار جي صورت ۾ حصو وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو. اهو وهنوار اها ڪڙمت نه هئي، جنهن ۾ زمين جو مالڪ ڪڙمي کي پوکيءَ لاءِ زمين ڏئي ٿو ۽ پيداوار جي اڌ کان به وڌيڪ حصو ان کان وٺي لائيندو آهي. خيبر جي فتح کان پوءِ زمينن ۽ باغن جي ملڪيت يهودين وٽ نه هئي، پر اها بيت المال کي ڏني وئي هئي، تنهن ڪري اها ڪڙمت نه هئي.
    نبي ڪريم ﷺ جن ڪڙمت کي وياج تي مبني (ربوا) ڪاروبار سڏيو آهي. حضرت رافع بن خديج ۽ ٻين اصحابن جون روايتون انهيءَ تي شاهد آهن. حضرت عمر فاروق ؒ عراق، مصر ۽ شام جي زمينن کي رياستي ملڪيت ۾ وٺي ڇڏيو هو ۽ ڪڙمين کان ڍل ورتي هئي. اهو ئي سبب آهي جو امام ابوحنيفه ؓ ، امام شافعيؓ ۽ امام مالڪ ؓ سور سٺا پر ڪڙمت جي اجازت نه ڏني. امام يوسفؓ ملوڪيت جي دٻاءَ هيٺ ڪجھه شرطن سان انهيءَ جي اجازت ڏني هئي. اهڙيءَ طرح امت ۾ جاگيرداري نظام قائم ٿيڻ جو موقعو ملي ويو. اڳتي هلي مشينن جي ايجاد کان پوءِ، مسلمانن صنعتي سرمائيداريءَ کي پنهنجائي ورتو.
    اقبالؓ پنهنجي تصنيف ”فلک مریخ میں مرغد ینی معاشرہ اور محکمات عالم انسانی“ ۾ انهيءَ ئي اشتراڪي معاشري جو خاڪو ڏنو آهي ۽ ڊاڪٽر خليفي عبدالحڪيم، مدني رياست کي اشتراڪي جمهوريت سڏيو آهي.
    مڪي ۾ ته پوکيءَ لائق زمين ئي نه هئي، جڏهن ته مديني ۾ به تمام ٿورڙي هئي. ٻئي پاسي اسلامي انقلاب مديني جي حدن مان نڪري مصر، شام ۽ عراق تائين پهتو ته حضرت عمر فاروق ؒ زمين کي عوامي ملڪيت قرار ڏئي بيت المال ۾ شامل ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ حضرت عثمان ؒ جي رياستي سيڪريٽري مروان بن حڪم حضرت عمرؒ جي خلافت راشده واري نظام کي ختم ڪري پنهنجو نظام قائم ڪري ڇڏيو. انهيءَ ڪري ئي شاهه ولي الله ؓ ”ازالة الخفا“ ۾ حضرت عثمان جي رياست جي آخري ڇهن سالن واري عرصي کي خلافت راشده ناهي سڏيو.
    اهو ئي سبب هو جو اقبال پنهنجي الهه آباد واري تقرير ۾ چيو هو ته ملوڪيت جي ڪري دنيا اسلام جي معاشي نظام مان لاڀ نه ماڻي سگھي. ملوڪيت جهڙي طرح غلامي جي اداري کي دائمي بڻائي ڇڏيو هو، اهڙيءَ طرح پيداواري وسيلن تي (جيڪي انهيءَ زماني ۾ رڳو زمين جي صورت ۾ موجود هئا) پڻ ماڻهن جي ذاتي ملڪيت قائم ڪري ورتي. اهو عمل اصل ۾ دمشق جي خلافت کان ئي شروع ٿي چڪو هو. تصوف جي تحريڪ رڳو نفس جي پاڪائيءَ تي زور ڏنو، پر معاشري جي تبديلي کي نظرانداز ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري ماڻهن جي گھڻائي نفس جي پاڪائيءَ کان به محروم ٿي وئي.
    انهيءَ ڪري مڪي واري انقلاب جو ورجاءُ ان وقت ئي ممڪن آهي جڏهن پيداواري وسيلا جهڙوڪه زمين، ڪارخانا، کاڻيون، پيٽرول، گيس جا ذخيرا وغيره، ذاتي ملڪيت مان نڪري مزدور طبقي جي ملڪيت ۾ اچي ويندا. اهوئي هڪ طريقو آهي جنهن سان محنت جي استحصال واري عمل جو خاتمو ٿي ويندو، جنهن ۾ هڪ ڪارخانيدار ٿوري ئي عرصي ۾ هڪ مان چار ڪارخانا ٺاهي وٺي ٿو، جڏهن ته انهن ئي ڪارخانن ۾ ڪم ڪرڻ وارن جي هڪ ڏينهن جون بنيادي ضرورتون به پوريون نٿيون ٿين ۽ اهي نسلن کان مزدور ئي رهن ٿا.
    مڪي جهڙو انقلاب وري آڻڻ لاءِ جاگيردارن، ڪارخانيدارن، وڏن وڏن واپارين جي وجود کي ۽ انهن جي معاشي نظام کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڳاٽي ٽوڙ ٽڪر کائڻو پوندو، جنهن جو مثال روس، چين، ويٽنام ۽ ڪيوبا وغيره جي انقلابن ۾ موجود آهي.
    شروع کان ئي مڪي واري انقلاب جي عمل کي روڪڻ جي لاءِ پهريان پهريان حضرت عمرؒ کي شهيد ڪيو ويو. جڏهن ته حضرت ابوبڪرؒ کي انهن طاقتن سان خونخوار جنگ وڙهڻي پئي جن اسلام جي معاشي نظام کي نٿي مڃيو. ان کان پوءِ حضرت عثمانؒ کي شهيد ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ جنگ جمل ۽ جنگ صفين جي صورت ۾ گھرو ويڙهه شروع ٿي وئي. ائين پوءِ خلافت جي اداري کي مديني مان کڻي دمشق پهچايو ويو جتي نبوي طريقي واري عليءَ جي خلافت کي ملوڪيت جي طريقي واري عليءَ جي خلافت ۾ بدلايو ويو. عباسي سلطنت ۾ ملوڪيت پنهنجي عروج تي هئي. جهڙي طرح دمشق ۾ حڪمران ۽ مٿين طبقي جي مفادن جي حفاظت جي لاءِ ڏاڍ جو فلسفو تخليق ٿيو هو، بغداد ۾ به اهو ئي ڪم ابوالحسن اشعري جي فلسفي ڪيو. مڪي واري انقلاب جي ورجاءَ لاءِ اشعري فلسفي جي بدران، علحدگي واري فلسفي کي، جديد زماني جي گھرجن هيٺ، ڪجھه سڌارن سان گڏ واپس آڻڻو پوندو. علحدگي واري فلسفي کي موجوده دؤر ۾ ”تحقيق جي سائنسي طريقي“ سان نسبت ڏني پئي وڃي. قرآن علحدگي واري فلسفي جي سڌاري لاءِ عَلَمَ بِالقَلم چيو آهي، يعني اهو علم جيڪو رڳو قياس تي ٻڌل نه هجي، جيئن ڇنڊڇاڻ يا استخراجي پر اهو علم جيڪو تجربي ۽ مشاهدي تي ٻڌل هجي.
    اقبال قرآني جهان جي شعبن ۾، آدم جي خلافت جي قيام لاءِ جتي تحقيق يعني سائنسي طريقي تي زور ڏنو آهي، اتي تخليق کي سمجھڻ ۽ پنهنجائڻ جي تلقين پڻ ڪئي آهي. تخليق جو مثال حرا واري غار ۾ فڪرمندي آهي، جنهن جي ڪري نئون معاشرو، نئين رياست ۽ نوان انسان پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملي. اولهه وارن سائنسي تحقيق جي دٻاءَ ۾ ايثار ۽ احسان کي ختم ڪري ڇڏيو، جنهن سان انهن جو معاشرو اخلاقي گڻن ۽ نفس تي ضابطي واري عمل کان محروم ٿي ويو آهي.
    اها ڳالهه چڱيءَ طرح سمجھي ڇڏڻ گھرجي ته مڪي واري انقلاب جو ورجاءُ، ذڪر ڪيل گھرجن کي پورو ڪرڻ کان سواءِ ناممڪن آهي، پوءِ ڀلي ته اسلام ۽ شريعت کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ ڪيترو ئي هُل ڇو نه مچايو وڃي.
    نئين سيرت طيبه لکڻ جي ضرورت
    سيرت طيبه تي اڻ ڳڻيا ڪتاب لکيا ويا آهن پر انهن مان ڪنهن به انهيءَ سماجي انقلاب جي واضح نشاندهي نه ڪئي آهي، جيڪو مديني جي معاشري ۾ ظاهر ٿيو هو. سڀني ليکڪن رڳو واقعن کي ورجايو آهي، پر انهيءَ انقلابي تبديليءَ تي روشني نه وڌي آهي جنهن جي بنياد تي ڊاڪٽر خليفه عبدالحڪيم مديني جي رياست کي ”اشتراڪي جمهوريت“ چيو آهي. انهيءَ جو بنيادي سبب هي آهي ته لکڻ وارن انهيءَ ڳالهه کي بلڪل ئي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي ته اسلام جو بنيادي ڪارنامو طبقاتي معاشري کي توحيدي معاشري ۾ تبديل ڪرڻ هو. نبين جي بعثت جي شروعات ئي اُن وقت ٿي، جڏهن زرعي دؤر جي شروعات کان وٺي معاشرو ٻن مخالف معاشي طبقن ۾ ورهائجي ويو هو. شروع کان ئي مالڪ ۽ ٻانهي جا ٻه طبقا وجود ۾ اچي ويا هئا. ٿورڙن هوشيار ۽ چالاڪ ماڻهن، معاشري تي پنهنجو قبضو ڄمائڻ شروع ڪري ڇڏيو هو ۽ پيداواري ذريعن تي، جيڪو ان وقت ”زمين“ هئي (ڇاڪاڻ ته مشينون ان وقت ايجاد ڪونه ٿيون هيون)، پنهنجي ذاتي ملڪيت قائم ڪري ورتي. انهن ماڻهن غلامن جي محنت جي استحصال سان حاصل ڪيل دولت جي زور تي رياست قائم ڪري ورتي. قبيلي جي چڱي مڙس آهستي آهستي بادشاهه جي حيثيت اختيار ڪري ورتي ۽ جنگين جي ذريعي غلامن جي تعداد ۾، جيڪي حقيقت ۾ قيدي هئا، واڌارو ڪرڻ شروع ڪيو. رياستي ادارا جهڙوڪ، فوج، پوليس، عدالتون ۽ قانون وغيره وجود ۾ اچڻ لڳا، جن جو بنيادي ڪم مالدار طبقن جي دولت ۽ اقتدار جي حفاظت ڪرڻ هو.
    هي اهو وقت هو جڏهن غلام پنهنجي انساني حيثيت وڃائي هڪ وکر بڻجي ويو هو. کيس قتل توڙي وڪرو ڪري سگھجي پيو. ان کان سخت پورهيو وٺي سگھجي پيو ۽ ناقابل برداشت سزا ڏئي سگھجي پئي. اهڙيءَ طرح انسان جو انسان تي ظلم وڌندو ويو. غلام جي محنت جي استحصال سان حاصل ڪيل دولت ۽ اقتدار کي قائم رکڻ ۽ ان ۾ اڃا به واڌاري جي لاءِ جنگ ۽ فساد عام ٿيندو ويو. بابلي، سميري، ڪلداني، آشوري، ايراني، مصري ۽ روما جهڙين شروعاتي تهذيبن تي ٻڌل سلطنتن انسانن تي جيڪي ظلم ڪيا، سي تاريخ جي ورقن ۾ لکت جي شڪل ۾ موجود آهن. دولت ۽ اقتدار جي نشي جنسي ڪميڻائپ کي جنم ڏنو. پيداواري ذريعن تي ٻڌل تهذيب بابت موجوده زماني ۾ اقبالؓ چيو آهي ته:
    خواجہ نان بندهء مزدور برد
    آبروءِ دختر مزدور برد
    انهيءَ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڇڙواڳ بادشاهن ۽ حاڪمن جي دور ۾ انسانيت جو ڪهڙو حال هوندو هو. قرآن نبوت جي بعثت جو هڪ سبب ”بعضکم لبعض عدو“ واري صورتحال کي سڏيو آهي. يعني جڏهن انسان مالڪ ۽ ٻانهي جي طبقن ۾ ورهائجي ويو ۽ ٻنهي طبقن جا مفاد ھڪٻئي جا سخت مخالف ٿي ويا، معاشري جي ارتقا سان گڏ مالڪ ۽ ٻانهي، جاگيردار، هاري ۽ مشين جي ايجاد کان پوءِ ڪارخانيدار ۽ مزدور جي شڪل اختيار ڪري ورتي ۽ اهي ٻئي پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا دشمن ٿي پيا.
    عام تاريخدانن تاريخ ۽ ان جي واقعن کي بادشاهه ۽ اميرن جي واقعن سان واڳي ڇڏيو آهي. اهڙي طرح تاريخ عوام جي بدران بادشاهن ۽ حاڪمن جي اڳيان پويان ڦيرا پائڻ لڳي. عوام جون حالتون ڇا هيون؟ انهن جي محنت ڇا ڇا پيدا ڪيو ۽ ڪهڙيون شڪليون اختيار ڪيون؟ انهن جي محنت جو ڪهڙن ڪهڙن حيلن سان استحصال ڪيو ويو؟ غلامن تي ڪهڙا ڪهڙا ظلم ڪيا ويا؟ وغيره؛ انهن سڀني ڳالهين کي مؤرخ نظرانداز ڪندو رهيو. غلامن جي پنهنجي آزاديءَ جي لاءِ جدوجهد ۽ بغاوتن جو ذڪر نه ڪيو ويندو هو، پر جيڪڏهن ائين ٿيو به، ته اهو به بادشاهن جي مفادن جي حوالي سان ٿيو آهي.
    انهيءَ تاريخي پس منظر سان اهو واضح ٿي وڃي ٿو ته، نبوت ۽ نبين جي بعثت جو اصل مقصد حقيقت ۾ غلام ۽ مالڪ تي ٻڌل معاشري جي اُن ڍانچي کي بدلائڻ هو يعني توحيد الاهي واري نظريي کي. سماجي لحاظ کان معاشرتي موافقت پيدا ڪندي، مخالف معاشي طبقن جي معاشري کي ختم ڪري، توحيدي ۽ غيرطبقاتي معاشرو قائم ڪرڻ هو، جيڪو خوف يعني جنگ، فساد، بغاوتن ۽ ڏک يعني غربت، بک، مسڪيني، جهالت ۽ غلاميءَ کان پاڪ معاشرو هجي، ته جيئن پيداواري ذريعن (جهڙوڪ زمين، ٻيلا،کاڻيون، سمونڊ ۽ پوءِ مشينون ۽ ڪارخانا جن ۾ محنت اجتماعي شڪل ۾ موجود آهي) کي ڏهه سيڪڙو ماڻهن جي ملڪيت جي قبضي مان ڪڍي ڪري، عوام جي (جيڪو نوي سيڪڙو هو) قبضي ۾ ڏنو وڃي. الله تعاليٰ اهي سڀئي ذريعا ”الخلق عيال الله“ جي حوالي سان سڀني انسانن جي لاءِ پيدا ڪيا هئا، جيئن ته قرآن چيو آهي:
    ھُوَالَّذِىْ خَلَقَ لَكُمْ مَّا فِى الْاَرْضِ جَمِيْعًا ۝۰ۤ (البقره:٢٩)
    ”اهو (الله) ئي آهي جنهن جيڪو ڪجھه زمين ۾ آهي (سو) توهان (سڀني) جي لاءِ پيدا ڪيو.“
    قرآن مطابق سامي، آريائي ۽ زرد قومن جي هر وسنديءَ ۾ نبي موڪليا ويا ۽ انهن سڀني نبين جي بعثت جو مقصد توحيد الاهي جي تصور موجب معاشري جي برخلاف مفاد رکڻ واري معاشي طبقي کي غير طبقاتي يا توحيدي معاشري ۾ تبديل ڪرڻ هو، ته جيئن نوي سيڪڙو ماڻهو پنهنجي مادي، جسماني، تهذيبي ۽ علمي ضرورتن کي آسانيءَ سان حاصل ڪري، عبادت ۽ خدا جي ياد جي ذريعي خدا سان ويجھڙائپ حاصل ڪري سگھن. پر ٿيو ائين جو مذهبي پيشوائن نبين جي انهيءَ سماجي نصب العين، يعني معاشري جي نئين سر جوڙجڪ واري تصور کي، مراعات يافته طبقي جي مفادن کي تحفظ ڏيڻ جي لاءِ، عوام جي نظرن کان پاسيرو ڪري ڇڏيو. مٿان وري اها ڳالهه ديني نقطه نظر کان انهن جي ذهنن ۾ ويهاري وئي ته دولت جي ورهاست الله تعالى ڪندو آهي؛ مالڪ، جاگيردار ۽ ڪارخانيدار جي دولت مزدور جي محنت جي استحصال جو نتيجو نه آهي، پر اها الله جي جوڙيل تقدير آهي!
    هر مذهب، ويندي اسلام جي مذهبي پيشوائن به انهيءَ مسئلي کي نظرانداز ڪيو ۽ آخرت جي ڇوٽڪاري کي رڳو ظاهري عبادتن جي ادائگي، عبادتگاهن جي تعمير و آرائش ۽ صبر شڪر سان واڳي ڇڏيو ۽ اها ڳالهه واعظن ۽ خطبن ۾ ور ور ورجائي ويندي آهي ته خدا جي طرفان امير ۽ غريب جي قائم ڪيل طبقن کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش حقيقت ۾ خدائي حڪمن جي خلاف بغاوت آهي، جنهن جي سزا جهنم آهي! امير جيڪڏهن عبادتون ڪن ۽ پنهنجي دولت سان خيراتون ۽ صدقا ڏيندا رهن ته اهي محنت جي استحصال واري ڏوهه ۾ ملوث هجڻ جي باوجود به جنت ۾ داخل ٿيندا!
    هي هو اهو تاريخي پس منظر، جنهن کي سيرت نگار نظرانداز ڪندو رهيو آهي. هو اسلام جي ظاهر ٿيڻ وقت عرب معاشري ۾ زنا ۽ شراب يا قتل ۽ خون خرابي جا قصا ته بيان ڪندو رهيو آهي پر هُن اسلام جي ظاهر ٿيڻ کان اٺ هزار سالن کان به وڌيڪ عرصي تي ٻڌل آڳاٽي تاريخ کي، جنهن جي ابتدا زرعي دؤر جي شروعات سان ٿي هئي، محمد عربي ﷺ جي بعثت ۽ اسلام کي الڳ ڪري ڇڏيو. هُن کي غلام ۽ زرعي غلام جي محنت جي استحصال سان حاصل ڪيل دولت جا ڍير نظر ڪونه آيا، جن تي جاگيردار ۽ مالڪ جي آسائشن جو دارومدار هو.
    اسلام جي ظاهر ٿيڻ وقت عرب معاشرو دنيا جي ٻين معاشرن جو حصو هو، جن ۾ غلام ۽ مالڪ تي ٻڌل معاشي طبقا موجود هئا. غلام جي محنت جي استحصال سان، عظيم الشان سلطنتون قائم ٿينديون هيون. قرآن ڪريم اسلام کان اڳ وارن معاشرن جي جوڙجڪ تي روشني وجھندي، نموني طور حڪمران طبقي (فرعون)، مالدار طبقي (قارون) ۽ انهن طبقن کي مذهبي جواز عطا ڪرڻ واري مذهبي پيشوائيت (بلعم باعور ۽ هامان) جي نشاندهي ڪئي آهي. رسول الله ﷺ پنهنجي واپاري سفرن دوران، انهن معاشرن جي بچي ويل آثارن کي پنهنجي اکين سان ڏٺو ۽ انهن جو مطالعو ڪيو هو. پاڻ غار حرا جي اڪيلائين ۾ انهن جي تباهه ڪندڙ نتيجن ۽ انهن جي ازالي جي طريقن تي ويچار ڪيو هو. حقيقت ۾ غار حرا ۾ نازل ٿيڻ واري پهرين وحي جو، جيڪا سورت علق جي شروعاتي پنجن آيتن تي مشتمل هئي، تاريخي پس منظر به محنت جي استحصال سان حاصل ڪيل دولت ۽ ان جي ڪثرت کان خوف ۽ ڳڻتي تي ٻڌل حالتن تي ٻڌل هو. ايتري تائين جو حبشه ڏانهن حجرت واري وقت تائين نازل ٿيل آيتن ۽ سورتن جو مخاطب اميرن جو طبقو آهي ۽ قرآن جو لهجو انهن جي خلاف انتهائي سخت ۽ طوفاني آهي.
    قرآن انساني معاشري کي، جنهن جي شروعات آدمؑ کي زمين تي لاهڻ واري وقت کان ٿئي ٿي، ڏاڍائي ۽ وڏائي ڪندڙن جي مقابلي ۾ هيڻن ۽ نوڙت سان هلڻ وارن ٻن مخالف طبقن تي مشتمل قرار ڏنو آهي پر سيرت نگارن ۽ مفسرن ڄاڻايل ٻنهي طبقن ۽ انهن جي پاڻ ۾ ڇڪتاڻ جي منطقي نتيجن کي بنيادي طور تي نظرانداز ڪري ڇڏيو. انهن زنا ۽ شراب وغيره جي قصن کي ته هر هر ورجايو آهي پر غلام جي محنت جي استحصال مان گڏ ڪيل دولت، جيڪا حقيقت ۾ انهن بڇڙن ڪرتوتن جو بنيادي سبب آهي، تنهن جو ذڪر ئي نه ڪيو آهي.
    قرآن جڏهن اهو چوي ٿو ته قومن جي تباهيءَ جو سبب (بني اسرائيل) ۽ نبين کي ايذائڻ وارو طبقو (السباء) ڏاڍ ڪندڙ (مالدار) آهي ته انهيءَ جي معنى ئي اها آهي ته دولت جي ججهائيءَ جو بنيادي سبب محنت جو استحصال آهي پر اسان جو تاريخدان ۽ مفسر دولت جي ججھائي مان پيدا ٿيندڙ بڇڙائيءَ کي هٿي ڏيڻ واري منطقي نتيجي جو ذڪر ته ڪري ٿو پر ان جي بنيادي سبب، محنت جي استحصال جو ذڪر نٿو ڪري. هو انهيءَ ڳالهه تي ڌيان ئي نٿو ڏئي ته هڪڙو تمام ننڍڙو طبقو، جيڪو ڏهه سيڪڙو انسانن تي ٻڌل آهي، تنهن وٽ دولت جي جھجھائي اچي ڪٿان ٿي؟ جڏهن ته نوي سيڪڙو انهيءَ کان محروم آهن. نتيجو اهو آهي ته سڀني تفسيرن ۽ سيرت طيبه جو مطالعو، مسلم معاشري ۾ ڪابه انقلابي تبديلي نه آڻي سگھيو آهي ۽ مسلم معاشرو اڃا تائين غربت، جهالت ۽ بد امني جو شڪار نظر اچي پيو.
    اِهو آهي اُهو تاريخي پس منظر، جنهن کي نظرانداز ڪندي، سيرت طيبه لکڻ وارو ذهن، اسلام کي معاشري جي طبقاتي ورڇ کي ختم ڪري غير طبقاتي يا توحيدي معاشرو جوڙڻ واري انقلابي تحريڪ جي بدران هڪ اصلاح پسند مذهب سڏي ٿو، جنهن جو مقصد رڳو ظاهري عبادتن جي ادائگي ۽ وعظ ۽ خطبي جي ذريعي اخلاق کي پنهنجائڻ جي تلقين ڪرڻ آهي يا وري رڳو مسجدن جي تعمير و آرائش کي ئي عبادت قرار ڏنو ويندو آهي. هو انهيءَ ڳالهه کي نظرانداز ڪري ڇڏي ٿو ته فرد جي تربيت ۽ پرگھور خلا ۾ نه ٿيندي آهي پر معاشري ۾ ٿيندي آهي ۽ معاشرتي قوتون ان جي اخلاقي ۽ ذهني تربيت ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿين ٿيون. جيڪڏهن معاشرو طبقاتي هوندو ته فرد يا ته ڏاڍائي ڪرڻ وارن جي طبقي مان هوندو، جيڪو محنت جي استحصال کي قدرت جو قانون سمجھندي پنهنجي دولت ۾ واڌارو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ انهيءَ دولت جي جھجھائي سان پنهنجي ۽ پنهنجي اولاد جي اعلى ماحول ۾ علمي ۽ تهذيبي تربيت ڪندو ۽ معاشري ۾ اعلى مقام حاصل ڪندو؛ يا وري اهو فرد مزدور ۽ ڏتڙيل طبقي ۾ اک کوليندو جتي محرومي، غربت، بک، جهالت ۽ پستي ان جي تقدير بنجي ويندي.
    ڇا اسلام انهن طبقن کي قائم رکڻ جي لاءِ آيو هو؟ يا انهن طبقن کان پاڪ ۽ صاف معاشرو قائم ڪرڻ گھري پيو؟ اسان جو تاريخدان ۽ مفسر اِن سوال جو جواب اڄ تائين نه ڏئي سگھيو آهي، اڃا به هو انهيءَ ڳالهه تي ڳنڍ ڏيو بيٺو آهي ته معاشري جي طبقاتي ورڇ خدائي تقدير آهي، جنهن کي بدلائي نٿو سگھجي.
    جڏهن سيرت طيبه جو قرآن پاڪ جي نزول واري ترتيب سان مطالعو ڪيو وڃي ٿو ته، تاريخي پس منظر ۾ صاف نظر اچي ٿو ته نه رڳو اسلام پر دنيا جا سڀئي مذهب، پوءِ ڀلي اهي سامي، آريائي يا زرد قومن سان واسطو رکندڙ ئي ڇونه هجن، معاشري جي طبقاتي ورڇ کي تبديل ڪرڻ، پنهنجي ظهور جو بنيادي سبب ٻڌائين ٿا. ٿيو ائين جو هزارين سالن جي عرصي ۾ مذهبي پيشوائن نبين يا مذهبن جي بانيڪارن جي انقلابي تعليم کي، مراعات يافته طبقي جي مفادن ۾ بدلائي ڇڏيو. اڄ حالت اها آهي ته نه رڳو ٻين مذهبَن پر اسلام جي انقلابي تعليم کي به بدلايو ويو آهي، ايتري تائين جو لفظ انقلاب کي دين جو دشمن سڏيو ويو آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته اسلام ۽ ٻين مذهبن جو اصل منصب رڳو دعوت ڏيڻ ۽ مسئلا ٻڌائڻ آهي، نه ڪه انقلاب! ٻين لفظن ۾، مذهب اصلاح جي لاءِ آيا آهن نه ڪه انقلاب جي لاءِ!!
    سيرت طيبه جو، جڏهن انهيءَ تاريخي پس منظر ۽ قرآن جي نزول جي ترتيب سان مطالعو ڪيو وڃي ٿو ته نتيجا سيرت جي روايتي تاريخدان جي اخذ ڪيل نتيجن کان مختلف، اڃا به مخالف نڪرن ٿا. جنت، جنهن مان نڪرڻ کان پوءِ انساني نسل شڪار ڪري پيٽ پاليندو هو، تنهن جو شڪار دريائن مان مڇي ۽ ٻيا جانور پڪڙي ۽ ٻيلن مان ميوا ۽ جانورن جو گوشت حاصل ڪرڻ هوندو هو. انسان قبيلن جي شڪل ۾ رهندا هئا ۽ قبيلن کي جتي کاڌ خوراڪ ملندي هئي اتي رهائش اختيار ڪري وٺندا هئا. دريائن ۽ ٻيلن تي ڪنهن قبيلي يا ماڻهوءَ جو ذاتي قبضو نه هوندو هو. ٻين لفظن ۾ اڃا روزيءَ جي وسيلن تي فردن جي ذاتي ملڪيت قائم نه ٿي هئي. قرآن انهن حالتن کي ”وَکُلَا مِنۡہَا رَغَدًا حَیۡثُ شِئۡتُمَا “ جي لفظن ۾ بيان ڪيو آهي. اڳتي هلي زراعت واري دؤر ۾ فصل تي فردن جو ذاتي قبضو ٿي ويو ۽ انهيءَ آزاد زندگي جو، جنهن کي جنت چيو ويو آهي، خاتمو ٿي ويو. زراعت سان زمين تي ذاتي ملڪيت جي شروعات، هڪٻئي سان جھيڙي جھٽي ۽ فساد جي شڪل اختيار ڪري ورتي. قرآن انهيءَ حالت کي استعاري طور آدم جي ٻن پٽن هابيل ۽ قابيل جي قصي جي صورت ۾ بيان ڪيو آهي، جنهن ۾ قابيل زبردستي هابيل کي قتل ڪري ان جي زال ۽ مال ملڪيت تي قبضو ڪري ورتو. هابيل شڪار واري زماني جي علامت آهي، ڇو ته هو قربان گاهه ۾ ڏاچي يا ٻيو ڪو جانور وٺي آيو هو ۽ قابيل اَنَ جا داڻا کڻي آيو هو جيڪا زراعت واري دؤر جي نشاني آهي، جنهن ۾ ڪڻڪ جي پوکي شروع ٿي وئي هئي. هابيل جي قتل يعني شڪار واري دؤر جي خاتمي کان پوءِ قابيل وارو دؤر شروع ٿيو جيڪو پيداواري ذريعن تي ذاتي ملڪيت تي مشتمل هو ۽ اڄ تائين جاري آهي. هن دؤر ۾ قابيلي فطرت يعني ڦرمار ۽ ٻين جي دولت تي ڏاڍ سان قبضو، جنسي ڇڙواڳي، هڪ طبقي ۾ دولت جي ڪثرت ۽ گھڻن ئي انسانن جو محروم ۽ لاچار ٿيڻ، شراب نوشي، جوا بازي جهڙين بڇڙين عادتن معاشري کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. قرآن چيو هو ته توهان وٽ نبي ايندا رهندا، پوءِ جيڪو معاشرو انهن جي تعليم تي عمل ڪندڙ ٿيندو سو خوف ۽ ڳڻتي، يعني مخالف طبقن جي ويڙهه جهيڙن کان بچيل رهندو ته اها حالت نبين جي وفات سان گڏ ئي ختم ٿي ويندي رهي، ايتري تائين جو اسلام ۾ به اها حالت رڳو ٽيهن سالن تائين ئي رهي. ان کان پوءِ ملوڪيت ۽ ان جي منطقي مخالفت جو دؤر شروع ٿي ويو. ويهين صديءَ جي شروعات ۾ اشتراڪي انقلاب جنتي معاشرو جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر مذهب کي بلڪل ئي نظرانداز ڪري ڇڏڻ جي ڪري، اشتراڪي معاشرو انهن اخلاقن ۽ عادتن کي حاصل ڪرڻ کان محروم رهيو جيڪي هڪ غيرطبقاتي معاشري جي جوڙجڪ لاءِ اڻٽر هوندا آهن.
    ٻئي پاسي مذهبي پيشوائن پنهنجن ڪجھه ذاتي مفادن خاطر، مراعات يافته طبقي جي مفادن جي تائيد ڪري، ديني نقطه نظر کان جنتي معاشري جي جوڙجڪ کي تقريباً ناممڪن بڻائي ڇڏيو آهي. آدم کي زمين تي موڪلڻ جو مقصد اهو هو ته هاڻي انسان زميني زندگي ۾ جنت جي جوڙجڪ ڪري پر جيستائين مذهبي پيشوائيت جو ادارو قائم آهي، جنت جي جوڙجڪ ناممڪن نظر اچي ٿي ۽ هي ادارو اُن وقت تائين ختم ڪونه ٿيندو جيستائين پيداواري ذريعن تي عوام جي ملڪيت قائم نٿي ٿئي ۽ پاڪ ڪتابن جو مطالعو مذهبي پيشوائن جي بدران عالمن جي ذريعي نٿو ڪيو وڃي. انهن ٻنهي تبديلين سان ئي انساني وحدت ۽ خلافتِ آدم جو قيام ۽ وحدت دين جو تصور عملي جامو پهري سگھندو ۽ انسان ملٽن جي لفظن ۾ ٻيهر پنهنجي گم ٿيل جنت کي حاصل ڪري وٺندو.


    حضرت محمد ﷺ جو انقلاب اصل ۾ ڇا هو؟

    حضرت محمد ﷺ جو انقلاب اصل ۾ ڇا هو؟

    پرهه ڦٽيءَ جو پهر هو. ربيع الاول جو چنڊ ستارن جي جھرمٽ کي ڏسي پهريان ئي اوجهل ٿي چڪو هو. باک جو سوجھرو ستارن جي ٿڌي مٺي روشنيءَ تي سوڀارو ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. جون مهيني جي گرمي کي بياباني رات مڪمل شڪست ڏئي ڇڏي هئي. جبل عرفات کان بوقبيس تائين بيابان جون نرم هٻڪارون، صبح جي ٿڌڙين هيرن سان گڏ نچنديون ڪڏنديون پئي آيون. سج جا سونهري ڪرڻا، بحر الهادي ۾ وهنجي سهنجي ڪيترائي ڪلاڪ پهريان روانا ٿي چڪا هئا ۽ هوانگ هو جي ماٿريءَ ۾ لاتزي جي سادي زندگي، ڪنفيوشس جي آڳاٽي وضع داري ۽ گوتم ٻڌ جي آرين مارگ (صراط مستقيم) سان ٻکجي چڪا هئا. هتان کان اڳتي وڌي گنگا ۽ جمنا جي لهرن کي گھوريندي اهي ڪرڻا، سون وانگر جرڪندڙ ماٿريءَ ۾ بيهي ويا هئا، ڇو ته سمرقند اوڀر جو يونان بڻجي ويو هو.
    ٿورو اڳتي يوناني ۽ ساساني غلامن جون فوجون پنهنجي آقائن جي لاءِ فارس کان آفريڪا ۽ اطاليه تائين تباهي مچائي رهيون هيون. انهيءَ سان گڏوگڏ يونان، شام، روم ۽ هند جي بهترين ڪتابن جو پهلوي ٻوليءَ ۾ ترجمو به جاري هو. اهو فلسفو، جيڪو جسٽينين جي حڪم سان ايڪيتاليهه سال پهريان پنهنجي مدرسن کي بند ڪري چڪو هو، مختلف ملڪن ۾ پکڙجي پنهنجي آڳاٽن بحثن کي جاري رکيو ويٺو هو پر مذهب، لڙائي ۽ واپار سڄي دنيا کي ٻن طبقن ۾ ورهائي ڇڏيو هو، جن مان هڪ ظالم (آقا) ۽ ٻيو مظلوم (غلام) هو.
    حجاز:
    ريگستاني عرب جو اهو علائقو، جنهن کي هاڻي حجاز چون ٿا، نه ته هن وقت تائين ڪنهن سڪندر جي حڪم هيٺ آيو آهي، نه ئي ڪنهن فاتح کي هن پاسي وڌڻ جي جرئت ٿي آهي. هزارين سالن کان سج ۽ چند مڪي جو طواف ڪندا رهيا پر اڄ تائين انهن واپاري سرگرمين ۽ مهمان نوازي جي محفلن کانسواءِ ٻيو ڪجهه ناهي ڏٺو. هزارين سالن کان حج اڪبر جي موقعي تي، مذهب جيڪو واپار ۽ امن جو فرمان جاري ڪري ڇڏيو هو، اهو اڃا تائين جاري آهي. حج اصغر يعني اعتدال شمسي يا خريف ڪتيءَ جي مند ۾ به مذهب اڳيان اچي ٿو ۽ امن جي اعلان سان واپار ترقي ڪري ٿو. بهرحال مقصد واپار ۽ خوشحالي آهي. انهيءَ ڪري ئي مذهب جي ڪا واٽ مقرر نه آهي. بي دينيءَ کان بت پرستيءَ تائين جيترا به طريقا ٿي سگھن ٿا، سڀئي جاري آهن. انڪار ۽ اقرار، ڪفر ۽ ايمان جا جيترا به طريقا ٿي سگھن ٿا، سڀني جا ساٿي هتي موجود آهن. مطلب ته مهذب دنيا ۾ رڳو حجاز ئي هڪ اهڙو علائقو آهي، جتي سڀني مذهبن کي معاش جي لاءِ جيئاريو ويو آهي. اتي ڪنهن هڪ خيال يا پارٽي يا شخص جي حڪومت نه آهي خيالن جي اِن فرق ۽ جادوگريءَ هڪ لحاظ کان سوچن کي سلهاڙي ڇڏيو آهي.
    محرم ۾ ابرهه جو لشڪر تباهه ٿي ويو هو. حملي دوران ئي سڀئي حاجي سفر جي تياري ڪري چڪا هئا ۽ واپارين جا قافلا عڪاظ ڏانهن روانا ٿي چڪا هئا. مڪي ۾ حملي جي پنجويهن ڏينهن کان پوءِ خاموشي ڇانيل هئي. ربيع الاول جي نائين يا ٻارهين تاريخ هئي. پرهه ڦٽيءَ جو نور اڃا پوري طرح نه پکڙيو هو جو سڄو جهان محمد عربي ﷺ جي ڄمڻ سان پرنور ٿي ويو ۽ فاطمه زوجه بن ابوالعاص ؒ جيڪا سيده آمنه وٽ موجود هئي، اهو ڏسي حيران ٿي وئي ته انهيءَ رات آسمان جا ستارا وڌيڪ چمڪندڙ ۽ ويجھا پئي محسوس ٿيا. ڄڻ ته سموري ڪائنات خليل الله جي دعا ۽ مسيحا جي خوشخبري تي گھور ٿي رهي هئي.
    رَبَّنَا وَابْعَثْ فِيْہِمْ رَسُوْلًا مِّنْھُمْ يَتْلُوْا عَلَيْہِمْ اٰيٰـتِكَ وَيُعَلِّمُہُمُ الْكِتٰبَ وَالْحِكْمَۃَ وَيُزَكِّيْہِمْ۝۰ۭ اِنَّكَ اَنْتَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ۝۱۲۹ۧ
    (خليل الله جي دعا: سورة بقره)
    وَمُبَشِّرًۢا بِرَسُوْلٍ يَّاْتِيْ مِنْۢ بَعْدِي اسْمُہٗٓ اَحْمَدُ۝۰ۭ
    (مسيحا جي خوشخبري: سوره الصف)
    مُطلب جي آڪهه ۾ خوشيءَ جون هيرون گھلڻ لڳيون. ابولهب پنهنجي ٻانهي ثوبيه کي انهيءَ خوشيءَ ۾ آزاد ڪري ڇڏيو. سيده آمنه ننڍڙي محمد (صه) کي ٻن چئن ڏينهن تائين ٿڃ پياري، ان کان پوءِ ثوبيه پيارڻ شروع ڪئي.
    عربن جي رواج موجب سردارن جي ٻارن کي ٿڃ پيارڻ جي لاءِ ڳوٺاڻيون عورتون وٺي وينديون هيون پر محمد ﷺکي يتيم سمجھندي ڪنهن نه ورتو. آخرڪار سعديه قبيلي جي هڪ عورت حليما، خالي هٿين موٽي وڃڻ بدران يتيم محمد ﷺ کي وٺي وڃڻ ئي مناسب ڄاتو. اهو بنو سعد قبيلو، طائف جي چراگاهن ۾ ڦرندو وتندو هو ۽ بنو هوازن جي هڪ شاخ هو. هن قبيلي جي ٻولي پوري عرب جي لاءِ فصاحت ۽ بلاغت جو مثال هئي. انهيءَ ڪري ئي پاڻ فرمايو هئائون:
    انا من اعرابکم انا من قريش و لساني لسان بني سعد بن بکر
    ”مان نج عرب آهيان، ڇو ته مان قريش منجھان آهيان ۽ منهنجي ٻولي به نج آهي، جيڪا بنو سعد ۾ ٻولي ڳالهائي ويندي آهي“.
    بنو سعد قبيلو طائف جي ويجھو رهندو هو. هتان ئي مڪي وارو واپاري گس لنگهندو هو، جنهن تي هر سال حج جي مهينن ۾ ڏهه ميل ڊگھو هڪ ميلو لڳندو هو، جتي سڀني قومن جا ماڻهو اچي گڏ ٿيندا هئا. ننڍپڻ ۾ هتي ئي پاڻ سڳورن ﷺ کي سموري عرب ۽ دنيا جي قومن جي حالتن کي سمجھڻ جو موقعو مليو.


    نبوت کان اڳ: ٻولي ۽ بيان جي تعليم:

    ٻولي ۽ بيان جي تعليم:
    شروع کان ئي عرب جي سڀ کان فصيح ٻولي، جيڪا بنو سعد ۾ ڳالهائي ويندي هئي، پاڻ ﷺ جن جي ڪنن ۾ ٻُرندي هئي. مڪو جيتوڻيڪ هڪ غيرآباد ماٿري هو، پر طائف وري انهيءَ رڻ ۾ هڪ جنت جو ٽڪرو هو. بنو هوازن ۽ بنو ثقيف جا ميدان ۽ چراگاهه طائف جي اوسي پاسي ۾ هئا.
    طائف مڪي جي ڏکڻ ۾ آهي ۽ اڄ تائين مڪي وارن ۽ حاجين جي لاءِ ميون ۽ ڀاڄين جي منڊي بڻيل آهي. انهيءَ جاءِ تي حضرموت (يمن) جي رستي هندستان جو مال، صنعاء يمن ۾ ايندو هو ۽ حضرموت جون کارڪون، يمن جو قهوو ۽ اَنُ قافلن سان گڏ هتي ايندو هو. يمن جي ئي ويجھو، سمنڊ جھاڳي سوڊان ۽ حبشه جا واپاري به ايندا ويندا هئا جيڪي ٻيڙين وسيلي پر گھڻو تڻو اٺن جي ذريعي طائف کان ٿيندي مڪي ۽ پوءِ مڪي کان شام، عراق ۽ مصر ويندا هئا. اهي قافلا سياري ۾ (رحلة الشتاء) يا وري گرمين ۾ (رحلة الصيف) هلندا هئا. طائف ۾ لات ديويءَ جو مندر هو. هر قوم ۽ ملڪ جا مسافر عربن جي اڳواڻيءَ ۾، مختلف بازارن ۾ گڏ ٿيندا هئا ۽ طائف ۽ مڪي کان ضرور لنگھندا هئا. مڪي ۾ هر قوم جا بُتَ هئا. طائف ۽ مڪي جي وچ ۾ عڪاظ جو ميلو لڳندو هو. سو عرب جي سڀني ماڻهن جو هڪ اسڪول هو. انهيءَ ڪري ئي پاڻ ڪريم ﷺ ننڍپڻ کان ئي رجب ۽ ذي الحج جي ميلن کي ڏسڻ، ان جي مسافرن ۽ مذهبي اڳواڻن ۽ واپارين جي حالتن کي سمجھڻ شروع ڪيو هو، يعني ٻن يا ٽن سالن جي عمر کان ئي پاڻ ڪريم ﷺ جن کي سمجھه اچي وئي هئي. پاڻ ننڍپڻ کان ئي نبي ٿي چڪا هئا.


    عرب جو ادبي ماحول:

    شاعريءَ جا مجموعا شايع ٿي چڪا هئا. شاعرن جو خيال هو ته شاعري انهن جي پنهنجي صلاحيتن جو نه پر جِنَن جي مدد جو نتيجو هئي. انهن عشق، غزل يا تشبيب سدائين عورت جي ذڪر سان شروع ٿيندي هئي. سندن جنگي فرياد، بحر رجز جي وزنائتن لفظن ۾ هوندي هئي ۽ دشمن جي دل کي لوڏي ڇڏيندي هئي. سندن قصيدا بدلي جي باهه کي اهڙو ته ڀڙڪائي ڇڏيندا هئا، جو ڪيترن ئي نسلن تائين قصاص جو سلسلو هلندو رهندو هو. سندن شاعري واکاڻ، خود ثنائي تي ٻڌل هوندي هئي ۽ پنهنجي پوري قبيلي جي عظمت جو اظهار ڪندي هئي يا وري گلا ۾ هوندي هئي. اها گلا پنهنجي مخالف جو نالو نشان ئي مٽائي ڇڏيندي هئي. سندن قصيدن جي شاعراڻي تمهيد ۾ عربي زندگيءَ جي سادگي، انهن جو سفر، انهن جي اٺن ۽ قدرتي حالتن جو بيان دلين ۾ تير ۽ ڀالا بڻجي کپي ويندو هو.
    اُن وقت جي مشهور شاعر امراء القيس، عمرو بن ڪلثوم، طرفه، نابغه، علقمه، الاعبثيل لبعيد، ڪعب بن زهير جا خوبصورتيءَ سان سينگاري لکيل شعر ڪعبي تي لٽڪيل هئا. تابط شرا ۽ شنفره جي شاعري دليري ۽ بهادري جا معيار مقرر ڪري ڇڏيا هئا. سخاوت، دليري، غيرت، ننگ ۽ حڪمت جا قدر سيکارڻ وارن شاعرن جي کوٽ نه هئي. کل ڀوڳ ۽ چرچن ۾ به کين ڪمال حاصل هو. اميه بن ابي الصلت جو ڪلام قرآن سان گهڻو ملندڙ جلندڙ هو. انهيءَ ۾ شڪ جي ڪابه گنجائش نه هئي ته مڪو نه رڳو واپار ۽ مذهب جو مرڪز هو پر شعر و شاعري، تقرير ۽ داستان گوئي جو به مرڪز ۽ معيار هو.
    اهڙي ادبي ماحول ۾ پاڻ سڳورن ﷺ جن جي ذهني پرورش ٿي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ دعوت اسلام کان پهريان ئي پاڻ شاعري ۽ تقرير جا بهترين نقاد هئا ۽ کين عرب جي شاعرن جا ڪيترائي شعر ياد هئا. عرب شاعرن جي ڪلام جا ڪيترائي نمونا اڃا تائين موجود هئا، پر اهي انسان ۾ خود اعتمادي پيدا ڪرڻ جي بدران شيطانن تي ڀروسو ۽ قسمت تي شاڪر رهڻ سيکاريندا هئا. پاڻ سڀني کي ادبي حقيقت پسنديءَ (Literary Realism) جي معيار تي پرکي انهن کي بيڪار ۽ بيهوديون ڳالهيون سڏيو. سندن سڄي ڄمار انهيءَ ڳالهه جي شاهد آهي ته هر ڪلام کي، پوءِ اهو ادبي هجي يا اخلاقي، ديني هجي يا سياسي، حق هجي يا باطل، پرکڻ جو معيار پنهنجو هو. اهو هيءُ ته اهو ادب يا اخلاق جيڪو خود اعتماديءَ سان خدا شناسي سيکاري ٿو، اهو ئي حق، خدا طرفان ۽ سٺو آهي، نه ته اهو باطل، شيطاني ۽ بڇڙو آهي.
    پاڻ طائف جي ميدان ۾ ملهه وڙهڻ، کانڀاڻي هلائڻ ۽ پنهنجي حفاظت ڪرڻ سکي چڪا هئا. مديني ۾ جڏهن ماءُ سان گڏ آيا ته ترڻ به سکي ورتائون. مڪي واپس ويندي ابواء واري هنڌ سندن ماءُ گذاري وئي. اهو خود اعتماديءَ جو ٻيو سبق هو. ام ايمن يتيم ۽ بي سهاري ٻار کي مڪي ۾ وٺي آئي. قضا ۽ قدرت جا ڪارندا، جيڪي سندن تعليم تي مقرر هئا، ڇهن سالن جي ٻالڪ کي دنيا جي ور وڪڙ واٽن تي هلڻ سيکاري رهيا هئا!


    عبدالمطلب ۽ ابو طالب جي ڪفالت:

    ڏاڏي مطلب خوشيءَ سان ٻالڪ کي پنهنجي سنڀال ۾ ورتو ۽ جڏهن عمر جي آخري ڏاڪي تي پهتا ته کين ان وقت ابوطالب جي حوالي ڪري ڇڏيو. عبدالمطلب کان پوءِ حرب بن اميه طاقتور رئيس بڻجي ويو ۽ هن عباس کان رفاعه يعني حاجين کي ماني کارائڻ واري سعادت به کسي ورتي. رڳو زمزم يعني سقايه عباس بن عبدالمطلب وٽ رهجي ويو. آمدني نه هجڻ جي ڪري ابوطالب تنگي ۽ غربت جي زندگي گھاري رهيو هو. پاڻ نه رڳو ابوطالب سان گڏ ٻڪريون چاريندا هئا پر مزدوريءَ تي ٻين جون ٻڪريون به چاريندا هئا ته جيئن ڀاڻڀرا رهي سگهن.


    شام جو سفر:

    حضرت يعقوبؑ جي زماني کان وٺي نبطي قوم الحجر (پٿرا) ۾ واپار جي اڪيلي ٺيڪيدار هئي. رومين جي زماني ۾ جيڪي شاهي دڳ تعمير ٿيا هئا، اهي يمن ۽ فارس تائين واپارين ۽ فوجن جا لنگھه هئا. هڪڙو دڳ عبيله (هاڻوڪو عقبه) تائين ويندو هو. انهيءَ دڳ مان نڪرندڙ هڪ ٻيو رستو دمشق تائين ۽ ٻيو غزه تائين ويندو هو. هاشم بن قصي جي وفات غزه ۾ ئي ٿي هئي. الحجر (پٿرا) جي ڏکڻ ۾ بصرى هو ۽ عڪاظ منڊي جي واپار جو رخ انهيءَ پاسي هوندو هو. ابوطالب 12 نبوي ۾انهيءَ شهر (بصرى) جو سفر ڪيو هو ۽ پاڻؐ سڳورن به ساڻن گڏجي هلڻ لاءِ ضد ڪيو هو.
    حجاز جا ٽي شهر تمام اهم هئا. طائف، مڪو ۽ يثرب. اهي ٽئي شهر انهن مک دڳن تي موجود هئا، جن کان عربن جو واپار لنگھي مڪي تائين پهچندو هو، اتان کان شام، مصر عراق ۽ حبشه تائين خشڪي ۽ سامونڊي رستي اونهاري ۽ سياري جي مندن ۾ واپاري قافلا پهچندا هئا. اونهاري جو واپار (رحلة الصيف) بهار جي مند ۾ شروع ٿيندو هو. انهيءَ موقعي تي طائف ۽ مڪي جي وچ ۾ وڏو ميلو لڳندو هو، جنهن کي حج اڪبر چوندا هئا. واپار جي بازار گرم هوندي هئي ۽ هر ملڪ جو مال مٽاسٽا جي لاءِ موجود هوندو هو. هند جا واپاري، زيارتي ۽ مهاجر سمرقند ۽ بخارا، ايران ۽ عراق، شام ۽ روم ۽ مصر ۽ حبشه جي واپارين سان ملي ڪري، هڪ ٻئي جي ملڪن جا داستان ٻڌندا هئا. شاعرن ۽ خطيبن، افسانا ٻڌائيندڙن، جوتشين ۽ مسافرن کي انهيءَ زماني ۾ هيءَ دولت مفت ۾ ملندي هئي.
    طائف کان مڪي ويندي دڳ تي نخله نالي هڪ هنڌ اچي ٿو، اتي عزى ديويءَ جو مندر هو. ان جا پوڄاري ابوطالب جا دوست هئا. پاڻ سڳورن ﷺ طائف وارن جي ايذاءَ کان بچي، هن ئي نخله واري هنڌ پناهه ورتي هئي. نخله کان اڳتي مڪو هو. اتي جيڪا جاءِ بتن جي لاءِ بڻيل هئي، اها حضرت ابراهيم ؑ جي زماني کان قائم هئي. انهيءَ کي ڪعبو چيو ويندو هو. ان جي هڪ ڀت ۾ هڪ ڪارو پٿر ”حجر اسود“ لڳل هو، جنهن کي حضرت ابراهيم ؑ لڳايو هو ۽ انهيءَ جي سامهون کان ئي طواف شروع ٿيندو هو.
    طائف زرخير هو پر مڪي جو علائقو غيرآباد هو. ان ڪري اُن جي آباديءَ جي گذر سفر جو دارومدار ڪعبي جي زيارتين ۽ مختلف ملڪن جي واپار جي اپت تي هو. مڪي جي آبادي انهن خاندانن تي ٻڌل هئي، جيڪي قريش جو اولاد هئا. قريش بنو اسماعيل هئا، يعني عرب جا آڳاٽا رهاڪو نه هئا، پر حضرت اسماعيل ؑ جي زماني کان انهن عرب کي پنهنجو وطن بڻايو هو.
    چوٿين صدي عيسويءَ ۾ ايران ۽ قسطنطينه جي جنگين جي ڪري واپاري دڳَ بند ٿي ويا، جنهن ڪري مڪي جو وڻج واپار ٿڌو ٿي ويو هو. پاڻ سڳورنﷺ جي حقيقي چاچي هاشم قيصر ۽ نجاشيءَ سان واپاري ٺاهه ڪيا هئا ۽ پنهنجي ڀاءُ عبدالدار کان ڪعبي جي خدمت جا ٻه شعبا کسي ورتا، جنهن ڪري پاڻ سڳورن ﷺ جي وقت تائين هاشمين ۽ عبدالدار وارن جي پاڻ ۾ اڻبڻت هلندي ٿي آئي. پاڻ سڳورن ﷺ جي ڄمڻ کان چاليهه ڏينهن اڳ يمن جي گورنر ابرهه مڪي تي هَلان ڪئي. الله جي قدرت سان سڄو لشڪر هاٿين سميت تباهه ۽ برباد ٿي ويو.


    حج جا ميلا:

    حج جي مهينن ۾ امن رهندو هو. سڀني مهذب ملڪن جا واپاري قافلا ايندا هئا. مڪي ۾ ٺهندڙ چم جون شيون، خوشبو، دوائون، کنئور ۽ ملم جي لاءِ بلسان(1) جو وڪرو ٿيندو هو. شام جا سُڪل ميوا ۽ ڳاڙهسري نارنگي رنگ جا ڪپڙا، عراق جون تلوارون، بحرين جي موتين ۽ سپين جون ٺهيل شيون، حبشه جا ٿانو ۽ غلام، ايران جا قالين ۽ چاندي جا ٿانو، شرابَ ۽ ڳههَ به وڪرو ٿيندا هئا. شراب جي محفلن ۾ ناچ ۽ راڳ جو هُل لڳو پيو هوندو. شاعر اٺن تي چڙهي پنهنجا شعر ٻڌائيندا ۽ داد وٺندا هئا. خطيب فصيح ٻوليءَ ۾ خطبا ڏيندا هئا. اها مند بهار جي هوندي هئي. ٻين ملڪن ۾ ته رڳو هڪ مهينو بسنت يا بهار جو ميلو لڳندو هو جڏهن ته ايران ۾ نوروز، فلسطين ۾ عيد فصح ۽ ايسٽر ٿينديون هيون. مڪي ۾ ٽن مهينن – ذي القعد، ذي الحج ۽ محرم جي مهينن ۾ ميلو لڳندو هو. اهي ٽي مهينا خوشين ۽ امن امان جا مهينا هوندا هئا.

    (1)* ”بلسان“ مصر ملڪ جي هڪ مشهور وڻ جو نالو آهي.


    مذهبي اهميت:

    هن ميلي ۾ نه رڳو سڀني ملڪن جا واپاري ايندا هئا، پر سڀني مذهبن جا پوئلڳ به ايندا هئا. هندو رڳو ڀاڄيون کائيندو هو. يهودي سوئر ۽ اٺ جو گوشت نه کائيندو هو ۽ ڇنڇر جي ڏينهن ڪوبه ڪم نه ڪندو هو. عيسائي سڀ ڪجھه کائيندو هو. ٻئي پاسي ٻانهي ۽ غلام تي هر مذهب جو آقا سخت هوندو هو. غلام وڪرو ڪندڙ گھڻو ڪري ائين ڪندا هئا ته ماءُ هڪ ماڻهوءَ کي وڪرو ڪري ڏني ته ٻار وري ٻئي ماڻهو کي وڪڻندا هئا. آسودو واپاري پنهنجي حفاظت جي لاءِ ڪيترائي غلام رکندو هو پر غريب مسافرن ۽ غلامن جو ڪو حال پڇڻ وارو ڪونه هو. تنهن ڪري اهي ميلا وڏي نظر رکڻ واري جي لاءِ عبرت جي سبق کان گھٽ نه هئا.
    يتيم محمد ﷺ ۾ هاڻي ايتري سمجھ اچي وئي هئي ته هو مختلف قومن ۽ هڪ قوم جي مختلف طبقن يعني غلام ۽ آقا جي صحيح حالت جو اندازو ڪري ۽ انهن مان سبق وٺي سگهي. هاڻي ان ڳالهه جي ضرورت نه هئي ته ڪو بحيرا راهب يا ڪو نصراني يا ڪو زرتشي رسول الله ﷺ کي اهو ٻڌائي ته غريبن، يتيمن، بيواهن ۽ غلامن جي هڪ اهڙي ٽولي آهي، جنهن جي ساهه ۽ عزت جو دنيا ۾ ڪو مُلهه نه آهي. سندن عمريون ٻين جي لاءِ وقف آهن ۽ انهن جي مصيبتن جو ڇوٽڪارو رڳو سندن موت آهي. مطلب ته حالتن جو مطالعو ڪرڻ جي لاءِ پاڻ سڳورن ﷺ جي اندر طبقاتي نقطه نظر پڪو پختو ٿي چڪو هو. افسوس آهي جو مسلمان عالمن، سنت نبويءَ جي پيرويءَ ۾ طبقاتي نقطه نظر اپنائڻ ۽ بيڪسن، مظلومن ۽ پيڙهيل طبقن جي اهنجن جو احساس ڪرڻ جي بدران، غلاميءَ جي اداري کي هٿي ڏئي، معيشت جي جاگيرداري نظام کي به اسلامي معاشي نظام طور پنهنجائي ورتو. ڳالهه اڃا اتي ختم نٿي ٿئي؛ مشين جي ايجاد کان پوءِ صنعتي سرمائيداري نظام کي به اسلامي معاشي نظام سڏي، محنت جي استحصال کي جائز سمجھيو ويو. اهڙيءَ طرح اسلام جي نالي تي هڪ اهڙو معاشي نظام پنهنجايو ويو، جنهن ۾ غريب مزدور ۽ هاريءَ جي مقابلي ۾ جاگيردار، مالدار ۽ صنعتي سرمائيدار کي الله جي جوڙيل تقدير سمجھيو ويو. ائين اڄ تائين ”ہے وہی سرمایہ داری بندہ مؤمن کا دین“ وانگر سرمائيداري نظام کي اسلامي نقطه نظر کان جائز سمجھيو وڃي ٿو. انهيءَ ڪري ئي عالمن جا خطبا، تقريرون ۽ تفسيرون امت جي زوال کي روڪي نه سگھيون؛ ايتري تائين جو ابراهم لنڪن غلاميءَ کي ختم ڪيو ۽ مارڪس جي سائنسي تحقيقن جاگيرداري ۽ صنعتي سرمائيداري تي ڳاٽي ٽوڙ ڌڪ هنيو.
    شام جي سفر ۾ پاڻ ڏٺائون ته رستي ۾ ڪجھه شهر وايران پيا آهن. انهن تي خدائي عذاب نازل ٿيو هو ۽ اهي تباهه ڪيا ويا هئا. رومي، مصري، يوناني ۽ ايراني رهڻي ڪهڻي ۽ انهن جي مٽ سٽ، ٻولين ۽ مذهبي ۽ سماجي ريتن رسمن کي به چڱيءَ طرح ڏٺائون ۽ محسوس ڪيائون. پاڻ ڏٺائون ته انهن ۾ ڪي ته الله تعالى جي نعمتن سان فيضياب آهن ۽ وڏو تعداد اهڙڻ ماڻهن جو آهي جيڪو عرب جي واپارين وانگر محنت مزدوري جي زندگيءَ ۾ گھيريل آهن. چون ٿا ته انهيءَ سفر ۾ پاڻ ڪريمن ﷺ تي بحيرا راهب جي سادگي ۽ خداپرستيءَ جو گھرو اثر ٿيو. هو هڪ نسطوري توحيد پرست فرقي جو عيسائي هو ۽ انهيءَ دؤر ۾ آريوس ۽ نسطورين وغيره جي موحد ساٿين تي تثليث پرستن جيڪي ظلم روا رکيا هئا، تن بابت هيءُ راهب داستان ٻڌائيندو هو. بهرحال، اهو چوڻ صحيح نه آهي ته ڪنهن هڪ راهب يا دستور يا غلام يا رومي آفيسر کان پاڻ سڳورن ﷺ انهيءَ زماني جي معاشري جو صحيح نقشو سکيو هو. حقيقت هيءَ آهي ته پاڻ سڳورن ﷺ جي شروعاتي سادي ۽ فطري پالنا، سندن اندر اها صلاحيت پيدا ڪري ڇڏي هئي ته جڏهن کين بازنطيني ۽ ايراني تمدن سان واسطو پيو ته ان جي ظاهري ڏيک ويک کان پاڻ مرعوب نه ٿيا بلڪه انهيءَ شهري زندگيءَ جي اندروني اوڻائين کي هڪ ئي نظر ۾ سمجھي ورتائون. امير هجي يا غريب، هر ماڻهو مڪي وارن وانگر خوف، بک ۽ بدحاليءَ ۾ گرفتار نظر ايندو هو، ڇو ته هر ماڻهو دولت گڏ ڪرڻ کي ئي پنهنجي زندگي سمجھيو ويٺو هو. مال جي لالچ هر ماڻهوءَ کي اجتماعي طور تي سوچڻ ۽ عام انساني ڀلائي تي سوچڻ کان محروم ڪري ڇڏيو هو.
    اهو به سوچڻ گھرجي ته چاليهن سالن جي عمر تائين پاڻ لڳاتار واپار جي ڌنڌي سان لڳا رهيا ۽ عرب جي هر ڪنهن بازار ۽ ميلي (حج جي گڏيل واپاري سرگرمين) ۾ شامل ٿيا ۽ عرب کان ٻاهر به عيسائي ۽ مجوسي ملڪن ۾ ويا ۽ رڳو بحيرا راهب کي نه، پر سوين راهبن، برهمڻن ۽ غير عرب ڀوپن ۽ واپارين کي ڏٺائون. شام جي سفر کان پوءِ اهم واقعن منجھان حرب الفجار ۾ عملي طرح حصو نه ڳنڍڻ ۽ حلف الفضول جي منڊليءَ جو قيام، حضرت خديجه سان نڪاح، شام ۽ يمن ۽ بحرين تائين جو سانگ ۽ ڪعبي جي اڏاوت ۾ حصو ڳنڍڻ رسول الله ﷺ جن جي زندگيءَ جا اهم موڙ آهن.


    حرب الفجار:

    ابن سعد جي چوڻ موجب، پاڻ سڳورن ﷺ جي عمر ٽيهن سالن جي لڳ ڀڳ هئي جو حرب فجار ڇڙي پئي. هن لڙائيءَ کي فجار يا ناجائز انهيءَ ڪري چون ٿا جو اها محرم مهيني ۾ شروع ٿي هئي، جيڪو امن وارو مهينو هو. پاڻ ﷺ جن ويڙهه ۾ حصو نه ورتو، رڳو پنهنجي چاچن ڏانهن جيڪي تير اچن پيا، تن کي روڪين پيا. هن ويڙهه جي غلط نوعيت جي ڪري پاڻ ان ۾ حصو نه ورتائون. انهيءَ مان خبر پوي ٿي ته پاڻ جائز ۽ ناجائز جنگين ۾ فرق رکندا هئا، تنهن ڪري ئي ناجائز جنگ ۾ باقاعده شريڪ نه ٿيا.


    حلف الفضول:

    عرب ۽ مڪي جي معاشري ۾ ٿوري ٿوري ڳالهه تي ويڙهه پوندي هئي. مظلوم جو ڪوبه دانهن ڪُوڪ ٻڌڻ وارو نه هو، يعني اهڙي ڪابه عدالت ڪا نه هئي، جيڪا انصاف ڪري سگھي ۽ ڪمزور کي سندس حق ڏياري سگھي. هن معاهدي جي ڪري مظلومن کي هڪ وڏو سهارو ملي ويو ۽ غاصب ڊڄڻ لڳا. هن جماعت جي ٺهڻ جو سبب هيءُ ٿيو جو عاص بن وائل کي يمن جي ڪنهن رهاڪو پنهنجو مال وڪرو ڪري ڏنو، پر عاص پنهنجي سرداري جي مغروريءَ ۾ کيس پئسا نٿي ڏنا. يمني پنهنجي مٿان ٿيندڙ ظلم جي دانهن ڪجھه شعرن ۾ ظاهر ڪئي، جنهن کي ٻڌي ڪري قريش قبيلن جا سربراهه عبدالله بن جدعان جي گھر ۾ گڏ ٿيا ۽ بنو هاشم، بنو المطلب، اسد، زهره ۽ تيم وارن هي عهد ڪيو ته:
    (1) اسان مان هر ماڻهو مظلوم جي حمايت کي پنهنجو فرض سمجھندو، جيستائين کيس حق نه ملي وڃي.
    (2) جيستائين مظلوم کي سندس حق نه ملي وڃي، اسان مان ڪير به سک سان نه ويهندو.
    پاڻ سڳورا انهيءَ معاهدي ٿيڻ وقت موجود هئا ۽ ان کان پوءِ پاڻ فرمايائون ته انهيءَ جماعت جي رڪنيت مون کي ڳاڙهن اٺن کان به وڌيڪ پياري هئي ۽ هاڻي به جيتوڻيڪ اسلامي دؤر آهي پر مان هن قسم جي ٿيندڙ معاهدي جو دل سان طرفدار آهيان. سندن اهڙن لفظن مان مڪي واري انقلاب جو رجحان ۽ نصب العين متعين ٿئي ٿو ته هي انقلاب مراعات يافته طبقي جي خلاف هو ۽ محنت ڪندڙ مزدور ۽ پوئتي پيل ماڻهن جي مفادن جو حامي هو. پر اسان جي مفسرن ۽ عالمن، ملوڪيت جي گھرجن جي اثر ۾ اچي، انهيءَ نصب العين کي پوئتي اڇلائي ڦٽو ڪيو، ان ڪري ئي ڪنهن تفسير يا تقرير ۾ انهيءَ نصب العين جي حمايت نظر نٿي اچي ۽ اهو طبقو اڃا تائين ڪسمپرسي جي حالت ۾ گھيريل آهي.


    مڪي جي تعمير:

    حلف الفضول کان پوءِ جڏهن پاڻ سڳورن ﷺ جي عمر مبارڪ پنجويهن سالن کي پهتي ته سندن امانت ۽ ديانت جو چرچو پري پري تائين هُلي ويو هو. انهيءَ زماني ۾ ڪعبي جي اڏاوت ڪمزور ٿي وئي هئي. هيٺاهين ۾ هجڻ جي ڪري اوسي پاسي جي جبلن تان مينهن جو پاڻي ٻوڏ جي شڪل ۾ اچي گڏ ٿيندو هو. ڪعبي جي ڀتيون ماڻهوءَ جي قد برابر هيون ۽ ڇت تي هبل جو بت کوڙيل هو. قريشن هڪ رومي مستريءَ جي مدد سان ان جي ڀتين کي وري اوساريو ته ان وقت حجراسود کي پنهنجي جاءِ تي رکڻ جو شرف، هر قبيلي جو رئيس حاصل ڪرڻ گھري پيو. ڪن ته رت جي پيالي ۾ هٿ ٻوڙي اِهو شرف کي حاصل ڪرڻ جو عهد ڪيو. آخرڪار سڀني جي گڏيل صلاح سان اها ڳالهه بيٺي ته سڀاڻي صبح جو جيڪو ماڻهو سڀن کان پهريان حرم ۾ داخل ٿيندو اهو ئي حجراسود کي پنهنجي جاءِ تي رکندو. محمد عربي ﷺ ئي صبح جو سڀ کان پهريان حرم ۾ داخل ٿيا ۽ سڀني چئي ڏنو ته هي امانتدار ئي انهيءَ ڪم جي لاءِ سڀ کان ڀلو ۽ مناسب آهي. پاڻ هڪڙي چادر وڇائي حجراسودکي انهيءَ تي رکيائون ۽ سڀني رئيسن کي چيائون ته سڀئي ماڻهو چادر جي پاندن کي پڪڙي مٿي کڻن. جڏهن پٿر ڇاتيءَ جيترو مٿي کڄي ويو ته پاڻ پٿر کي کڻي ڪري ان جاءِ تي رکيائون جتي اڄ تائين کوڙيل آهي. اهڙيءَ تدبير تي سڀئي خوش ٿي ويا.


    بين الاقوامي تعليم:

    حديثن مان ثابت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن نه رڳو شام جون بازارون ڏٺيون هيون پر يمن ۾ جرش ۽ اولهه ۾ بحرين تائين به ويا هئا. هتي ايراني حاڪم منذر بن ساوي حڪمران هو ۽ يهودين ۽ عيسائين جي وڏي آبادي هئي. اهڙيءَ طرح يمن جي غلامن جي فوج جي مدد سان 585ع ۾ حبشي حڪومت ختم ڪئي وئي هئي. سعدي ڪرب تخت تي ويٺو هو. ان کي وهزار ماريو ۽ پاڻ حاڪم بڻجي ويٺو. هتي يهودي ۽ عيسائي حڪومت رهي چڪي هئي ۽ هن وقت تائين اتي عيسى ؑ کان گھڻو اڳ وارين مختلف قومن جا آثار ڏٺا وڃن ٿا. اها ڳالهه به پڪي آهي ته ڇهين صدي عيسويءَ کان گھڻو پهريان، ٻڌ ڌرم سمرقند کان مصر ۽ يونان تائين پهچي چڪو هو. منڪريت بي ديني ۽ انڪار جو هر تصور پوري مان ۽ شان سان، بڇڙي ۾ بڇڙي بت پرستيءَ سان گڏوگڏ هلي رهيو هو. مطلب ته مختلف قومن بابت ڄاڻ کين شام ۽ عرب جي بازارن، حج جي ميلن ۽ هر قسم جي ماڻهن جي ملاقاتن سان حاصل ٿي ۽ پڻ مڪي مان به حاصل ٿي جيڪو سڀني مذهبن جو سال ۾ ٻه دفعا مرڪز بڻجي ويندو هو.


    حضرت خديجه سان نڪاح:

    پاڻؐ فطري طرح دنيا کي ڏسڻ گھرن پيا ۽ انهيءَ جو وسيلو رڳو واپار ئي هو. بيبي خديجه مڪي جي هڪ مالدار عورت هئي. هن پاڻ سڳورن ﷺ جي امانت ۽ ديانت جو حال ٻڌي، پنهنجي واپار جو منتظم بڻائي ورتو. پاڻ ڪريمﷺ جن جي ڪري هن جي واپار ۾ وڏو فائدو ٿيو. آخرڪار پاڻ سڳورن ﷺ سان ان جو نڪاح ٿيو. نڪاح جي وقت حضرت خديجه جي عمر چاليهه سال ۽ پاڻ سڳورن ﷺ جي عمر پنجويهه سال هئي. سيده خديجه جو ڀائٽيو زبير بن العوام عشره مبشره مان هو. بيبي خديجه 65 سالن جي عمر ۾ شعب ابي طالب مان نڪرڻ کان پوءِ وفات ڪري وئي. سورة والضحى (يعني تون مفلس هئين الله توکي آسودو ڪيو) ۾ جي لفظن ۾ حضرت خديجه سان تعلق ڏانهن اشارو آهي. ان مان کين چار نياڻيون زينب ؒ، رقيه ؒ، ام ڪلثوم ؒ ۽ فاطمه ؒ ٿيون ۽ ٻه پٽ قاسم ۽ طيب ڄاوا، جيڪي ٻاروتڻ ۾ ئي وفات ڪري ويا.


    پاڻ دنيا کي ڪيئن ڏٺائون:

    ننڍپڻ کان وٺي نڪاح تائين ۽ نڪاح کان وٺي نبوت جي ملڻ تائين پاڻﷺ جن خوف ۽ بک ۾ ڦاٿل انسانيت جي هر طبقي ۽ هر قوم جي غريب ماڻهن کي ڏٺو هو. ڪٿي اڻ ڏٺل قوتن جي خوف انسان جي ڪنڌ کي پوڄارين ۽ ڀوپن، بتن ۽ اڻ ڏٺل ڀوتن ۽ جنن اڳيان جهڪائي ڇڏيو هو ته ڪٿي مالدار يهودين وري انسان کي قرض جي خوف ۾ ڦاسائي رکيو هو. ڪٿي سامراجي فوجن آزاد انسانن کي قتل ۽ غلامي جي خوف ۾ اڙائي ڇڏيو هو ته ڪٿي وري جهالت ۽ اڻڄاڻائيءَ، مريضن کي تعويذي ڀوپن جي غلاميءَ ۾ وڪوڙي ڇڏيو هو. ڪٿي ڪوڙي انا جي نالي تي شاعر پنهنجي بک کي قصيدن جي ذريعي مٽائي رهيا هئا ته ڪٿي انسان بک ۽ تنگيءَ کان مجبور ٿي ڪري ظالمن ۽ جابرن جي چاپلوسي ڪرڻ تي مجبور هو، ايتري تائين جو انسان پنهنجي عزت وڪڻي پنهنجو پيٽ پالڻ تي مجبور ٿي پيو هو. مطلب ته مذهب، سياست ۽ معاشرت جو ڪو هڪ پاسو به ذهني خوف ۽ جسماني بک کان خالي نه هو.
    هن دؤر جون سڀئي وڏيون تهذيبون، جهڙوڪ ڪابلي، ڪلدي، آشوري، رومي، مصري وغيره وغيره غلامن جي محنت جي استحصال ۾ ملوث هيون ۽ جنگين ۾ غلامن جي ذريعي پنهنجي سلطنت ۽ اقتدار ۾ واڌارو ڪنديون هيون. اتي غلام ۽ عورت ٻه مظلوم جنسون هيون. انساني معاشرو غلام ۽ مالڪ جي طبقن ۾ ورهائجي چڪو هو. مالڪن جي طبقي ۾ ڌن دولت جي گهڻ، علم ۽ تهذيب جون برڪتون هيون، پر پوءِ به اهو طبقو پنهنجي اقتدار ۽ دولت جي حفاظت ۽ ان ۾ واڌاري خاطر ڪمزور قومن کي غلام بنائڻ جي لاءِ جنگ ۽ فساد مچايو ويٺو هو. غلام ۽ پوئتي پيل طبقا بک، جهالت، بدامني، ڏاڍ ۽ ظلم جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهيا هئا.
    افسوس آهي جو اسلام کان پوءِ به ملوڪيت جي اثر ۾ اچي، مسلمانن انهن سڀني خرابين کي پنهنجائي ورتو ۽ آڳاٽين تهذيبن وانگر، يورپ جي تهذيب جي ظاهري ڏيک ويک کان متاثر ٿي، اڄ به پنهنجي مسلڪ کان پاسيرا ٿي ويا آهن. سندن سموريون تفسيرون، تقريرون ۽ نصيحتون اُن مراعات يافته طبقي جي مفادن کي تحفظ ڏيڻ جو فرض نڀائي رهيون آهن.


    حق جا ڳولائو:

    غلامي، ظلم ۽ ڏاڍ، جنگ ۽ جھيڙو، جهالت، غربت ۽ بک ۾ گھيريل دنيا کي انهن خرابين کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ هر دؤر ۾ حق جي ڳولا ڪرڻ وارا به پيدا ٿيندا رهيا آهن. قرآن انهن مان گھڻن کي نبيءَ جو لقب ڏنو آهي.
    يورپ ۾ جيتوڻيڪ رومي ڪليسا ۽ شهنشاهيت جي حڪم هيٺ عقل جي استعمال کان روڪيو ويو هو پر پوءِ به اهڙا ماڻهو موجود هئا، جيڪي حقيقتن جي ڳولا ۾ رهندا هئا. تعويذ جي جاءِ تي علاج ۽ انجيل جي جاءِ تي فلسفي کي پسند ڪندا هئا. اهڙا ماڻهو به هئا جن حق پرستي ۽ حق جي ڳولا ۾ پنهنجا سِرَ گھوري ڇڏيا.
    هندستان ۾ هندو فلسفو ۽ چاڻڪيه ٻڌ فلسفي جي عقليت جي صورت ۾ ظاهر ٿيو. هندستان ۾ جيتوڻيڪ تانترڪ مذهب به پکڙجي چڪو هو ۽ ماڻهن جادو ٽوڻي، قرباني ۽ ڏنَ کي صوفياڻو رنگ ڏئي، عقل کي ڏيهه نيڪالي ڏئي ڇڏي هئي پر پوءِ به پنجين صديءَ کان ستين صديءَ تائين تاريخ علم ۽ عقل وارن جي ڪارنامن کان خالي نه آهي. جيتوڻيڪ عام ماڻهن جي پالي ٻولي ختم ڪئي وئي هئي ۽ علم کي ڳجھو رکڻ لاءِ سنسڪرت، يعني برهمڻ مذهب ۽ برهمڻي ٻوليءَ ۾ ٻڌ کي جاري ڪيو ويو هو، تنهن هوندي به وڪرماجيت جي زماني (پنجين صدي عيسوي) ۾ اجين جيڪي نورتن پيدا ڪيا، اهي شعر، ٻولي ۽ طب ۾ اڄ به مشهور آهن: ڪاليداس، امر سنگھه ۽ ڌن ونتري جا نالا سدا حيات ٿي ويا آهن. ڇهين صدي ۾ آريه ڀٽ، وراهمي هيرا ۽ برهما گپت پيدا ٿيا. گپت نجوم ۽ رياضيءَ جو ماهر هو. ستين صدي ۾ انهيءَ دؤر جون حالتون چيني سياح هيون سانگ لکيون آهن، جن مان خبر پوي ٿي ته راجه هرش پاڻ به شيوِ پرستي ڇڏي، ٻڌ ڌرم اختيار ڪري ورتو هو. نالنده يونيورسٽيءَ ۾ برهمڻن ۽ بت پرستن جي مذهبن جي سنسڪرت ۾ تعليم ڏني ويندي هئي، جتي فلسفي، طب ۽ رياضيءَ جي تعليم به هوندي هئي ۽ مٿين ذاتين ۾ ڀلئون ڀلا ماڻهو پيدا ٿي رهيا هئا. جيتوڻيڪ اهي سڀئي ذات پات جي ٻنڌڻن، پوڄارين ۽ برهمڻن جي ٻڌاين اصولن کان اڳتي وڌي نه سگھيا هئا، قدامت پرستي چوٽ چڙهي وئي هئي پر جيڪي قدامت پرست هئا، اهي سنسڪرت ادب کان محروم ڪونه هئا.
    عرب، خاص طرح مڪو، سڀني قومن جو واپاري مرڪز هو. اوڀر ۽ اولهه، روم، هندستان ۽ ايران جا واپاري ۽ ڪي محبتي ماڻهو هتي اچي گڏ ٿيندا هئا. اهي عوام جي مشرڪاڻن وهمي عقيدن کان بيزار ٿي چڪا هئا. ستين صدي عيسوي ۾ ڪيترائي اهڙا نالا ملن ٿا، جن بت پرستي ڇڏي ڏني هئي. بتن جي نالي تي جيڪي ديڳيون لهنديون هيون ۽ جيڪي قربانيون ٿينديون هيون، تن کي اهي حرام سمجھندا هئا. نياڻين کي ماري ڇڏڻ گناهه ڀائيندا هئا ۽ اوائلي سادگي ۽ ايمانداري، جيڪا انسان جي فطري خصلت هئي ۽ جيڪا حضرت ابراهيم ؑ جي وقت ۾ الله وارن جاري ڪئي هئي، تنهن جا ڳولائو هئا ۽ ان کي جيئارڻ گھرن پيا. زيد بن عمر بت پرستي کي ڇڏي چڪو هو. ورقه بن نوفل عيسائي ٿي ويو هو ۽ انجيل جو عربي ۾ ترجمو ڪري رهيو هو. عبيدالله بن جحش رسول الله ﷺ جي شروعاتي ڪلام کي ٻڌو ۽ مسلمان ٿي ڪري حبشه ڏانهن هجرت ڪري ويو. عثمان بن الحويرث قيصر روم وٽ هليو ويو هو ۽ عيسائي ٿي ويو هو. انهن حق جي کاهوڙين ۾ ابوبڪر صديق ؒ به شامل هو. مطلب ته ان قسم جا ڪيترا ئي حق جا ڳولائو هئا، جيڪي شرڪ جي ريتن رسمن کي ڇڏي حق جي ڳولا ۾ هئا. ايتري تائين جو رسول عربي محمد ﷺ بن عبدالله خدائي سڏ ٻڌو ۽ انهيءَ خوداعتمادي ۽ يقين سان گڏ جيڪو کين ورثي ۾ مليو هو، انسانيت جي اصلاح جي لاءِ ڪم شروع ڪري ڏنائون. هتان کان پاڻ سڳورن ﷺ جي اها تاريخي زندگي شروع ٿئي ٿي، جنهن جي باري ۾ سمورو قرآن شاهد آهي ۽ جنهن جو هڪ هڪ لفظ، ڪلام الاهي هجڻ جي ڪري، ان ئي حالت ۾ محفوظ آهي، جهڙي ريت رسول الله ﷺ جن مسلمانن کي ٻڌايو هو.
    محمد عربي ﷺ جن جيئن ئي نبوت جي منصب تي فائز ٿيا، ته کين تمام گھڻين تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي ويو. رسول الله ﷺ کان پهريان جيترا به نبي ٿي گذريا آهن، انهن کي به قرآن چواڻي: شاهوڪار طبقي جي هٿان اهنج ۽ ايذاءَ سَهڻا پيا (سورة السباء، آيت 35). ائين اسان ڏسون ٿا ته سقراط کي زهر پياريو ويو، ڇو ته هن بت پرستيءَ جي خلاف نصيحت ڪرڻ شروع ڪئي هئي ۽ نوجوانن جي اخلاقي سڌاري جي لاءِ، کين ڏاهپ ۽ فڪر جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو. حضرت موسى ؑ غلامن جو لشڪر وٺي رات جي وقت ۾ نيل درياهه ٽپڻ جو عزم ڪيو. حضرت عيسى کي ٽن سالن جي تبليغ کان پوءِ رومي ڪارندن ۽ يهودي عالمن سوري تي چاڙهڻ جي سِٽ سٽي. حضرت ابراهيم ؑ کي بتن جي پوڄا جي مخالفت ڪرڻ تي باهه ۾ وڌو ويو. ڪرشن جي کي پانڊوئن جو حق ڏيارڻ جي لاءِ ڪوروئن سان خوفناڪ جنگ جوٽڻي پئي، رام چندر جي کي چوڏهن سالن جي لاءِ ڏيهه نيڪالي جي سزا ڏني وئي. گوتم ٻڌ ملڪ مڏي ڇڏي بک ۽ بيماري ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪيترن ئي سالن تائين جاکوڙ ڪئي. زرتشت کي اتر ايران ڏانهن ڪڍيو ويو. ڪنفيوشس نيڪ ۽ سٺي حياتيءَ جي تبليغ جي لاءِ در در رلندو رهيو. انهن سڀني حق جي طالبن کي مالدار طبقي جي هٿان اهنج ۽ ايذاءَ سَهڻا پيا، ڇو ته اهي سڀئي توحيد رباني جي بنياد تي غير طبقاتي معاشرو قائم ڪرڻ گھرن پيا. اهي آقا ۽ غلام، جاگيردار ۽ هاري، ڪارخانيدار ۽ مزدور جي ٽڪراءَ وارا مفاد رکڻ وارن طبقن کي ختم ڪري، غيرطبقاتي معاشرو اڏڻ گھرن پيا. رسول عربيﷺ جيتوڻيڪ اهڙي رياست قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا پر سندن وفات کان پوءِ ٽيهن سالن جي اندر ئي نبوت واري طريقي تي هلندڙ خلافت کي مورثي بادشاهت ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ اهو عمل اڄ تائين جاري آهي


    نبوت ۽ ان کان پوءِ: غار حرا ۾ ويچار:

    روم ۽ ايران جي ڇڪتاڻ وچ اوڀر جي واپار کي تباهه ڪري ڇڏيو هو، جنهن ڪري ڪيترن ئي سالن کان شام، عراق ۽ مصر جو واپار بند ٿي چڪو هو. پاڻ سڳورن ﷺ جون واپاري سرگرميون ڏکڻ ۽ اوڀر عرب تائين محدود ٿي ويون هيون. پاڻ انسانيت جي انهيءَ تباهيءَ کي پنهنجي اکين سان ڏسي رهيا هئا. ڇوٽڪاري واري واٽ جي ڳولا هئي پر گس اڃا تائين نه مليو هو. ويجھا سنگتي به انهيءَ عالمي صورتحال کان پريشان هئا. ڪعبي جا پوڄاري ۽ ڀوپا به مايوس هئا.
    اهڙِين حالتن ۾ پاڻ ڊسمبر (رمضان) جي مهيني ۾ مڪي کان ٽي چار ميل پرڀرو هڪ ٽَڪري ڏانهن هليا ويا ۽ رمضان جو سڄو مهينو انهن حالتن مان ڇوٽڪاري جي واٽ ڳولڻ جي لاءِ غور و فڪر ۽ ويچار ۾ گذاري ڇڏيائون.
    هن ٽَڪري کان ميلن تائين پکڙيل واريءَ جي رڻ پٽ کي ڏسي سگھجي پيو. هتي ڪجھه ڇِپون اهڙيءَ طرح هيون، جيڪي هڪ ڪوٺيءَ جي شڪل اختيار ڪري ويون هيون جتي هر وقت، رات هجي توڙي ڏينهن، ماٺ ۽ سڪون هوندو هو.
    ڳجھه جي رازن کان واقفڪار ماڻهن کي خبر آهي ته هر ڪنهن کاهوڙي ۽ حق جي طالبن کي هڪ ئي گس تان هدايت ملندي آهي. حيرت آهي ته رڳو حق جي ڳولائن تي ئي روحاني عالم يا وجداني ڪيفيت طاري ٿيندي آهي. ماکيءَ جي مک کي پرواني واري دل جو درد ڇو نٿو ملي؟ حقيقت هيءَ آهي ته ڪروڙين انسانن ۾ رڳو هڪڙي ئي اک ٻاڦ يا بجليءَ جي سگھ کي سڃاڻندي آهي ۽ اربين انسانن ۾ ڪو هڪ ئي ماڻهو شايد انهيءَ جي لائق هوندو آهي ته هو ظلم ۽ ڏاڍ کي ختم ڪرڻ وارو گس سڃاڻي ۽ دنيا کي خوف، جهالت ۽ بک کي ختم ڪرڻ جو طريقو ٻڌائي، مراعات يافته طبقي جي هٿان پاڻ تي ظلم ۽ زيادتيون سهي ٻين کي ڇوٽڪارو ڏياري سگھي.


    پهرين وحيءَ جو نازل ٿيڻ:

    گھڻو ڪري 27 رمضان 610ع جي رات هئي جنهن ڪري چانڊوڪي جھڪي ٿي وئي هئي ۽ حرا جي غار ۾ جناب محمد عربي ﷺ نيم بيداري يعني مراقبي جي حالت ۾ ويٺا هئا جو اوچتو جبرئيل امين کين ڍڪي ورتو ۽ سورة العلق جون شروعاتي پنج آيتون نازل ٿيون:
    اِقْرَاْ بِاسْمِ رَبِّكَ الَّذِيْ خَلَقَ۝۱ۚ خَلَقَ الْاِنْسَانَ مِنْ عَلَقٍ۝۲ۚ اِقْرَاْ وَرَبُّكَ الْاَكْرَمُ۝۳ۙ الَّذِيْ عَلَّمَ بِالْقَلَمِ۝۴ۙ عَلَّمَ الْاِنْسَانَ مَا لَمْ يَعْلَمْ۝۵ۭ
    هِنن پنجن آيتن ۾ اسلام جي ظاهر ٿيڻ کان اڳ وارن ڏهه هزار سالن جو معاشي، سياسي ۽ ثقافتي پس منظر موجود آهي. پاڻ ڪريم ﷺ انسانن جي ڇوٽڪاري جي ڳولا ۾ حرا غار جي اڪيلائين ۾ غور ۽ فڪر ڪندا هئا. هنن پنجن آيتن ۾ کين انهيءَ دڳ جو ڏس ڏنو ويو، جنهن موجب رڳو هڪ آقا، هڪ مالڪ، هڪ پالڻهار جي ٻانهپ ڪئي وڃي ۽ ٻين آقائن، مالڪن ۽ پالڻهارن جي خلاف بغاوت ڪئي وڃي ۽ انهن کي هڪ طبقي جي حيثيت ۾ ختم ڪيو وڃي. ڇو ته انهن جي ڪري انسان ظالم ۽ مظلوم، آقا ۽ غلام جي طبقن ۾ ورهائجي، انساني وحدت وڃائي چڪو هو. ان سان گڏوگڏ جادوگرن، ڀوپن، شاعرن، مذهبي پيشوائن، بادشاهن ۽ مغرور اميرن کي، جيڪي غلامن جي محنت جو استحصال ڪري دولت گڏ ڪندا ۽ اقتدار تي قبضو ڪندا آهن، تن کي هڪ طبقي جي حيثيت ۾ ختم ڪيو وڃي ۽ اهو اعلان ڪيو وڃي ته سڀ انسان انساني مرتبي ۾ هڪجهڙا آهن. ڇو ته اهي سڀئي هڪ ئي خالق جا خلقيل آهن ۽ سڀئي پاڻ ۾ ڀائر آهن، ڇو جو انهن جو خلقيندڙ ۽ پالڻهار هڪ آهي. اُن ئي کين علم ۽ سمجھه ڏني آهي. هو انتهائي ٻاجھارو ۽ مهربان آهي ۽ انساني آقائن وانگر مطلبي نه آهي. خود غرضي، ٺڳي، ظلم ۽ جهالت ته شيطاني ڪم آهن. هنن پنجن آيتن ۾ انهيءَ ڳالهه ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي ته توحيد الاهيءَ جي تصور کي معاشري تي لاڳو ڪيو وڃي ته جيئن معاشرو، جيڪو مخالف معاشي طبقن ۾ ورڇجي چڪو آهي، طبقن کي ختم ڪري هڪ وحدت جي شڪل اختيار ڪري وٺي. ڇو ته خالق عليم ئي رزق يا پيداوار جا وسيلا سڀني انسانن جي لاءِ پيدا ڪيا آهن ۽ انهن کي عقل ۽ سمجھه عطا ڪري ڇڏي آهي ته جيئن اهي انهن وسيلن مان فائدو وٺي سگھن ۽ هر ماڻهو پنهنجي محنت جو فائدو پاڻ ئي ماڻي. ٻيو ڪو ماڻهو انهن وسيلن تي قبضو ڪري، ٻين جي محنت جي ثمر تي قبضو نه ڪري سگھي. جيئن ته زراعت واري زماني کان وٺي انساني معاشرو آقا ۽ غلام جي طبقن ۾ ورهائجي ويو هو، تنهن ڪري وحدت الاهي جو مطلب وحدت انسانيت به آهي. اهي معاشي طبقا ڪٿان کان آيا آهن؟ انهيءَ تي مون پنهنجي تصنيف ” انقلاب مڪه“ ۽ ”فهم قرآن ڪي جديد منهاج“ ۾ طبقاتي پيراڊائم جي عنوان هيٺ تفصيل سان بيان ڪيو آهي.
    ڄاڻايل پنجن آيتن ۾ جتي توحيد الاهي جي تصور کي، معاشرتي لاڳاپي سان توحيدي معاشري جي قيام تي روشني وڌي وئي آهي، اتي فلسفي جي ٻن بنيادي مسئلن تي به توجھه ڏنو ويو آهي. يعني وجود (Ontology) ڇا آهي ۽ علم (Epistemology) ڇا آهي؟ جڏهن کان انسان سوچ ۽ سمجھه کان ڪم وٺڻ شروع ڪيو آهي، اهي ٻئي مسئلا ان جي ڌيان هيٺ رهيا آهن ۽ فلسفي جي مختلف اسڪولن ان جو جواب ڏنو آهي.


    وجود ڇا آهي؟

    انهيءَ جو جواب هن وقت تائين ٻن بنيادي نظرين تي ڏنو ويو آهي. پهريون هيءُ ته ڪائنات کي هڪ زنده، سمجھه ڀري ۽ مرضيءَ جي مالڪ هستيءَ خلقيو آهي. ٻيو هيءُ ته رڳو مادو ۽ ان جا قانون ڪائنات جي خلقت جو سبب بڻيا آهن. اهڙيءَ طرح فلسفي جي ڪجھه مڪتبن روح ۽ مادي کي الڳ الڳ وجود سڏيو آهي. سندن خيال ۾ مادي ۾ حرڪت روح جي ڪري آهي. حرڪت سان گڏ ارادو به پيدا ٿيندو آهي. هيءُ ارادو پنهنجي مادي جسم جي حدبندين جو پابند هوندو آهي. جيئن ته ارادو روح ۾ ئي پيدا ٿيندو آهي، تنهن ڪري روح مادي تي سوڀارو رهندو آهي ۽ مادي کي حرڪت ڏيندڙ آهي.
    ماديت جي فلسفي جي لحاظ کان هر شيءِ مادي مان ٺهيل آهي. جهڙيءَ طرح تنبوري جي تارن مان آواز پيدا ٿيندو آهي، اهڙيءَ طرح حياتي يا زندگي به مادي مان پيدا ٿيندي آهي. جيڪڏهن تنبوري جون تارون وکري وڃن ته آواز پيدا نه ٿي سگھندو، ائين ئي جسم جي بناوت جي خاتمي سان زندگي به ختم ٿي ويندي آهي.
    ماديت مان ڏاڍ جو تصور پيدا ٿيندو آهي. جهڙيءَ طرح جانور ۽ ٻوٽا پنهنجا مخصوص عمل ڪرڻ تي مجبور هوندا آهن، ائين ئي انسان به مجبور آهي. هو جيڪو ڪجھه ڪندو آهي، انهن مادي جزن جي بڻاوت جي ڪري ئي ڪندو آهي، جيڪي ان جي جسم ۽ دماغ ۾ مخصوص اندازي سان عملن کي حرڪت ڏيندڙ آهن. ڄڻ ته انسان به مادي شين وانگر بلڪل مجبور آهي. هيءُ فلسفو ماديت جو لازمي نتيجو آهي.
    ٻئي فڪري مڪتب وٽ روح ۽ مادو، ٻئي هڪ روح اعظم جي تخليق آهن جيڪو هر شيءِ تي قدرت رکي ٿو ۽ خلقيندڙ ۽ قدرت رکندڙ هجڻ جي ڪري مختار ڪل آهي. هر شيءِ ڪنهن مقصد تحت خلقي وئي آهي. ڪابه شيءِ پنهنجي طور تي سٺي يا خراب نه آهي. خالق ڪنهن مقصد هيٺ سٺي يا خراب شيءِ بڻائي آهي. جيئن ته هو خلقيندڙ ۽ قدرت رکندڙ ۽ انتهائي ٻاجھارو، حڪيم ۽ انصاف وارو به آهي، تنهن ڪري هو جيڪا به شيءِ پيدا ڪندو آهي، ڪنهن نه ڪنهن ڀلي مقصد لاءِ ئي پيدا ڪندو آهي.
    ماديت واري فلسفي جو سڀ کان وڏو عيب هيءُ آهي ته اهو تخليق جي مسئلي کي چڱيءَ طرح سنواري نه سگھيو. تخليق جي لاءِ ضروري آهي ته سمجھه، ارادو، زندگي ۽ مقصد موجود هجي پر مادي ۾ نه زندگي آهي، نه سمجھه ۽ نه ارادي ۽ مقصد جو احساس آهي. جڏهن ته تخليق جي لاءِ لازمي طور اهڙي هستيءَ جي موجودگي ضروري آهي، جيڪا اهي گڻ رکندي هجي.
    اسان جي دؤر ۾ فلسفي تمام گھڻي ترقي ڪئي آهي ۽ فڪر جا ڪيترائي نوان مڪتب وجود ۾ اچي ويا آهن. انهن ۾ ماديت (Materialism) ۽ مثاليت (Idealism) کان سواءِ تجربيت (Pragmatism)، اراديت (Voluntarism)، ارتقائيت (Evolution)، جدلياتي ماديت (Dialectical Materialism)، وجوديت (Existentialism) ۽ نوفلاطونيت (Neo-Platonism) ذڪر جوڳا آهن.


    علم ڇا آهي؟:

    حڪمت ۽ فلسفي جو ٻيو مسئلو علم جي باري ۾ آهي. يعني علم پنهنجو پاڻ ڇا آهي ۽ ڇاجي ڪري حاصل ٿيندو آهي؟ علم جو مسئلو وجود جي ماهيت جي مسئلي کان وڌيڪ اونهو آهي.
    ڪاغذ جي ايجاد ۽ علم کي عام ڪرڻ جي تحريڪ مسلمانن شروع ڪئي هئي. انهيءَ جي نتيجي ۾ هسپانيه جي سلطنت جي ذريعي روشن خيالي يورپ ۾ شروع ٿي. ايتري تائين جو يورپ ۾ لاڪ، هيوم ۽ ڪانٽ جهڙا فلسفي پيدا ٿيا جن ٻڌايو ته علم تجربي سان حاصل ٿيندو آهي. جيتوڻيڪ بشپ بارڪلي ۽ ميل برانش جو چوڻ هو ته علم فطرت کان مٿانهن وسيلن سان حاصل ٿيندو آهي.
    مسلمانن افلاطون ۽ ارسطو جي تجرباتي فلسفي ۾ نئين سر ساهه وڌو، ڇو ته عيسائي شهنشاهه جسٽي مين افلاطون ۽ ارسطو جي مدرسن کي هزارين سالن کان بند رکيو هو. مسلمانن انهن کي ٻيهر کوليو، خاص طور تي ابن رشد جي فلسفي ٻڌايو ته علم تجربي سان حاصل ٿيندو آهي. جيتوڻيڪ هو علمن ۾ تجربي ۽ مشاهدي کي چڱيءَ طرح نڀائي نه سگھيو. ابن رشد افلاطون جي عالم مثال جي تصور کي غلط سڏي ڪري رد ڪري ڇڏيو. ابن رشد کان پوءِ لاڪ به تجربي ۽ مشاهدي کي علم جي حصول جو ذريعو ٻڌايو. موجوده سائنس ”سبب ۽ نتيجي“ جي لازمي هجڻ تي زور ڏنو، ڇو ته اهو تجربي ۽ مشاهدي جي وسيلي علم حاصل ڪرڻ جو بنياد آهي. ”پيدائشي تصور“ به تجربي ۽ مشاهدي سان حاصل ٿئي ٿو.
    اسلام جي ظاهر ٿيڻ وقت دنيا ۾ هيءُ خيال عام هو ته نجومي ۽ ڀوپا ستارن ۽ جنن سان لاڳاپن جي ڪري لڪيل ڳالهيون انهن کان ڄاڻي، ماڻهن کي ٻڌائيندا آهن، يعني غيب يا ڳجھه جو علم روحن کي هوندو آهي ۽ اهي ان بابت اسان کي القاء يا الهام جي ذريعي ڄاڻ ڏيندا آهن. عرب به انهيءَ خيال کان ٻاهر ڪونه هو. پهرين وحيءَ ۾ ”علم بالقلم“ جو مطلب ئي اهو هو ته سمورو علم، پوءِ ڀلي اهو اسان جي حواسن جي ذريعي حاصل ٿئي، توڙي باطني ادراڪ سان، ظاهر هجي يا باطني، انهن کي حواسن سان حاصل ٿئي ٿو، جن جو خلقيندڙ الله تعالى آهي. يعني پهرين ئي وحي الهام ۽ مشاهدي ۾ هم آهنگي پيدا ڪري ڇڏي ۽ حواسن کي اعتبار جوڳو سڏيو. وجود ۽ علم جي باري ۾ پهرين وحي ٻڌائي ٿي ته:
    (1) وجود جي حقيقت هيءَ آهي ته هڪ خالق آهي، جنهن توکي پيدا ڪيو، اهو ئي تنهنجو پالڻهار (آقا) آهي. حقيقي خالق ۽ مخلوق الڳ الڳ وجود رکن ٿا ۽ روح ۽ مادي جو وجود خالق سان واڳيل آهي.
    (2) علم جي حقيقت هيءَ آهي ته انهيءَ پالڻهار (آقا) قلم يعني تجربي ۽ مشاهدي جي ذريعي انسان (آدم) کي انهن ڳالهين جي ڄاڻ ڏني جن کي هو نه پيو ڄاڻي. يعني عقل ۽ سمجھه عطا ڪري، حيوان مان انسان بڻائي ڇڏيو ته جيئن قلم سان پنهنجن تجربن ۽ مشاهدن کي هڪ ٻئي تائين پهچائي ۽ جادوگرن وانگر هر ڳالهه کي ڳجھو يا راز ۾ رکي شيطاني ڪم نه ڪري. هيءَ ان جي انتهائي وڏي ٻاجهه آهي جو هن اهو عقل ۽ سمجھه عطا ڪئي، جيڪا انسان جي لاءِ علم جو ذريعو بڻي. (وَعَلَّمَ اٰدَمَ الْاَسْمَاۗءَ كُلَّہَا) انهن ٻنهي حقيقتن جا ٻه سلبي پاسا هي به آهن:
    (الف) الله کان سواءِ ٻيو ڪو خدا، مالڪ يا خالق نه آهي، هو اڪيلو ۽ بيمثال آهي.
    (ب) الله تعالى ٻاجھارو آهي، يعني ٻين مالڪن وانگر ظالم ۽ مطلبي نه آهي. هن جي ٻاجھه جو سڀ کان وڏو دليل هي آهي ته هن انسان جي فائدي جي لاءِ ان کي عقل ۽ سمجھه وارو بڻايو ۽ پاڻ وٽان علم عطا ڪيو. ٻي ڪابه اهڙي هستي نه آهي جيڪا کيس سچو علم يا خبر ڏئي سگھي. سچي علم جي سڃاڻ هيءَ آهي ته اهو علم راز ۾ نه رکيو وڃي ۽ نه ان کي ذاتي مفادن کي حاصل ڪرڻ جو ذريعو بڻايو وڃي. ٻين لفظن ۾ سچو علم الله تعالى جي طرف کان عام انساني ڀلائيءَ جي لاءِ ڏنو ويندو آهي. ان جي ڀيٽ ۾ ٻيو جيڪو علم آهي، سو ٺڳڻ جو ذريعو آهي ۽ پڪ سان شيطاني وسوسي سان پيدا ٿئي ٿو ۽ آخر ڪار استاد ۽ شاگرد ٻنهي کي تباهه ڪري ڇڏيندو آهي.


    پهرين وحيءَ جي لفظن جي تحقيق:

    (1) پهرين وحي ۾ انسان چيو ويو آهي، ان کان پوءِ آدم چئي ڪري سڏيو ويو آهي.
    (2) جنهن شيءِ کي انهيءَ ۾ علم سڏيو ويو آهي، ان کي بعد ۾ ڪتاب (قانون) ۽ حڪمت (فلسفو) چيو ويو آهي.
    اقراء: هن لفظ جي معنى عام طور تي پڙهڻ ڪئي ويندي آهي پر قرآني سيرت ۾ پروفيسر محمد اجمل خان صاحب لکيو آهي ته هي سامي لفظ آهي. فونيقن جي ذريعي يورپ پهتو. انگريزيءَ ۾ (Cry) بڻيو، سنسڪرت ۾ ڪيرتي (شهرت ڏيڻ) ۽ ڪارد (ڳائڻ وارو) ٿيو.
    عربي قراء جي معنى ”چوڻ“ آهي، نه ڪنهن لکيل شيءِ کي ”پڙهڻ“. جڏهن مسلمانن ۾ ڪتابت عام ٿي ته لکيل شيءِ کي پڙهڻ جي لاءِ به قرات جو لفظ استعمال ٿيڻ لڳو. جڏهن ته انهيءَ جي معنى رڳو چوڻ ئي آهي. ايتري تائين جو امام بخاري جي زماني ۾ هڪ حديث ۾ قرات يعني لکيل شيءِ کي پڙهڻ جي معنى ۾ لکجي ويو. يعني انهيءَ جي باوجود جو خدا تعالى ڄاڻي پيو ته رسول عربي ﷺ پڙهيل لکيل نه آهي پر ملائڪ کين حرير تي لکيل شيءِ کي پڙهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.
    اهو خيال به ته امي جو مطلب اڻ پڙهيو آهي، انهيءَ ئي زماني ۾ رائج ٿي ويو هو. جڏهن ته امي ڪتاب واري جي ڀيٽ ۾ استعمال ٿيندو آهي، پوءِ ڀلي اهو اڻ پڙهيو نه ئي هجي. بهرحال قراء جي معنى ”چوڻ“ آهي. اِقْرَاْ بِاسْمِ رَبِّكَ جي معنى اها ئي آهي جيڪا بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ جي آهي. يعني الله جي نالي سان شروع ڪري چوڻ جي. اهڙيءَ طرح ڪجھه سورتن ۾ قل ۽ اُتل چوڻ جي معنى ۾ آهي. (سيرت قرآنيه، ص 138)
    جسٽس سيد امير علي به لکيو آهي: ”اقراء“ جو ترجمو عام طرح ”پڙهه“ ڪيو ويندو آهي، پر مون (Deutsch) جي تجويز ڪيل ترجمي کي اوليت ڏني آهي، يعني ”چئو“.(روح اسلام ص 93)
    اصل ۾ اقراء جي معنى ”اعلان ڪرڻ“ آهي، يعني اعلان ڪر پنهنجي پالڻهار جي نالي سان. لفظ اقراء جي ٻنهي معنائن يعني ”پڙهه“ ۽ ”اعلان ڪر“ ۾ تمام وڏو فرق موجود آهي. ”پڙهه“ اڪيلي ماڻهو کي مخاطب آهي، جڏهن ته ”اعلان ڪر“ ٻين ماڻهن کي خطاب ڪرڻو آهي ۽ انهيءَ ۾ انقلابي روح نظر اچي ٿو جيڪو ”پڙهه“ واري لفظ ۾ نه آهي. ”پڙهه“ جو خطاب رڳو رسول الله ﷺ جي ذات اقدس تائين محدود ٿي وڃي ٿو، جڏهن ته ”اعلان ڪر“ جو خطاب نه رڳو مڪي، حجاز ۽ عرب جي انسانن جي لاءِ آهي، پر دنيا جي سڀني قومن جي لاءِ پڻ آهي. اسلام جو هيءُ عالمي يا بين الاقوامي پاسو پهرين وحيءَ ۾ به موجود آهي، جنهن کي نظر انداز ڪري اسلام جي پيغام کي مسلمانن تائين محدود ڪري ڇڏيو ويو ۽ اها ڳالهه ترجمي ۽ تفسير ۾ به اچي وئي. ائين اسلام جو عالمگير انقلابي روح دفن ٿي ويو جيڪو ختم نبوت جي عقيدي جو منطقي نتيجو هو.
    • رب: جو مطلب آقا (غلام جو مالڪ) آهي، پوءِ ڀلي اهو پنهنجي غلام يا ٻانهي جي پرورش ڪندو هجي يا نه ڪندو هجي.
    • انسان: پيار ۽ محبت، انسان ذات، آدم نه ڪي شيطان جيڪو نفرت جو مجسمو آهي.
    • علق: پيار ۽ محبت، ڄؤر (وانگر) چنبڙي وڃڻ، لڙڪي پوڻ، لڳاءُ. اهو حيوان جيڪو ماءُ جي ڳڀيرڻ ۾ پرورش حاصل ڪري پيدا ٿيو هجي، نه ڪي جن يا نانگ وغيره جيڪي ماءُ جي ڳڀيرڻ جي لڳ يا علق سان نه پر آني مان پيدا ٿيندا آهن ۽ انهن ۾ نفرت جي باهه ڀريل هوندي آهي.
    • الاڪرم: انتهائي ڪرم ڪندڙ، انهيءَ مالڪ جي صفت آهي، جيڪو خالق آهي. ٻيا آقا ڪرم ڪندڙ ٿي سگھن ٿا پر عام طرح ظالم به هوندا ئي آهن. الله کان سواءِ الاڪرم ڪوبه نه آهي. دنيا ۾ انصاف ڪندڙ خدا جو تصور هو، پر ڪرم ڪندڙ جو نه، جنهن کي فضل ڪرڻ وارو به چيو ويندو آهي. ڇو ته انصاف ۾ گناهه معاف نٿا ٿي سگھن، انهن تي سزا لازمي آهي پر ڪرم ڪندڙ يا فضل ڪندڙ گناهن کي معاف ڪري سگھي ٿو.
    • علم: (سائنس، سچائي) رڳو الله تعالى ئي ڏئي ٿو، نه ڪي اهرمن يا ڪو جن.
    • الانسان: اهو ئي خيال لفظ آدم سان به ظاهر ڪيو ويو آهي، يعني حيوان مان نڪري ماڻهوءَ انسانيت جو لباس پهريو.
    • قلم: علم جو ذريعو، عقل ۽ تجربو ۽ مشاهدو. يعني حقيقي علم، عقل يا قلم آهي. يوناني فلسفي ۾ ان کي لوگاس (Logos) يا عقل اول چوندا آهن.


    زندگي ۽ ڪائنات بابت اسلامي نظريي جا بنيادي اصول ۽ انهن جي قرآني تشريح:

    مڪي دؤر ۾ نازل ٿيڻ واري قرآن، زندگيءَ بابت اسلامي نظريي تي چڱيءَ طرح روشني وڌي آهي. هن نظريي جا جزا هن طرح آهن:
    (1) خالقِ ڪائنات ۽ زندگيءَ جو تصور
    (2) مرڻ کان پوءِ وري جيئرو ٿيڻ، جنهن ۾ عملن موجب جزا ۽ سزا ڏني ويندي.
    (3) رسالت ۽ وحي الاهي.
    (4) الله تعالى پيداواري ذريعا پنهنجي مخلوق جي لاءِ خلقيا آهن، انهيءَ ڪري ٿورڙن ماڻهن جو انهن تي قبضو الله جي رضا جي خلاف آهي، تنهن ڪري اهي عوام جي ملڪيت آهن.
    (5) غير انساني ۽ غير معاشرتي اخلاقي قدرن تي تنقيد ۽ انهن جا نتيجا.
    (6) انساني ۽ معاشرتي اخلاقي قدرن جي سڃاڻ ۽ نشاندهي.
    (7) علم بالقلم يعني تجربي ۽ مشاهدي تي ٻڌل علم جو رستو.
    سموري مڪي دؤر ۾ نازل ٿيڻ وارو قرآن انهن بنيادي جزن تي دليلن سان ڀريل آهي ۽ انهن دليلن کي هر هر ورجايو ويو آهي ته جيئن ماڻهن جي ذهنن ۾ چڱيءَ طرح اها ڳالهه ويهي وڃي ۽ ذهني ۽ معاشرتي انقلاب جو سبب بڻجي.
    مڪي دؤر ۾ نازل ٿيڻ واري قرآني حصي جون ٻه خاصيتون آهن:
    (1) مڪي آيتن ۾ ڏنل تعليم عام انسانن جي لاءِ آهي. قومن جو عروج ۽ زوال، انهيءَ تعليم تي عمل ڪرڻ يا نه ڪرڻ تي دارومدار رکي ٿو. ان ۾ ڇڙا اصول ڏنا ويا آهن. اها تعليم ۽ اهي اصول دنيا جي سڀني مذهبن جي تعليم جا بنيادي اصول آهن.
    (2) مڪي قرآن، فلسفي جي ٻن بنيادي سوالن يعني وجود (Ontology) ڇا آهي؟ ۽ علم (Epistemology) ڇا آهي؟ تي روشني وڌي آهي. ان کان پوءِ فلسفي جي سڀني مڪتبن جيڪي يونان، اسڪندريه، جمشيد پور (ايران)، هندستان ۽ چين کان اڀريا، تن انهن ٻنهي بنيادي اصولن جو جواب ڏنو ۽ انهيءَ تي تنقيد ڪندي قرآن پنهنجو نقطه نظر پيش ڪيو آهي.
    اختصار جي ڪري فلسفي جي سڀني فڪري ڌارائن جا جواب هتي نقل نه پيا ڪري سگھجن، تنهن ڪري جيڪو جواب قرآن انهيءَ باري ۾ ڏنو آهي، رڳو ان کي پيش ڪيو ويو آهي.


    پهرين وحي جو فلسفو ۽ ان جي مختصر تشريح

    غار حرا ۾ پهرين وحي جي نزول کان پوءِ، جيڪا پنجن آيتن تي ٻڌل هئي، پاڻ ڪريمﷺ جن وري ڪڏهن به غور فڪر لاءِ غار ۾ نه ويا. ڇو ته جنهن مقصد جي لاءِ غار جي اڪيلائين ۾ غور ۽ فڪر جي لاءِ ويندا هئا، سو کين حاصل ٿي چڪو هو. ”وَجَدَکَ ضَالاًّ فَهَديٰ“ انهن پنجن آيتن ۾ فرد جي نفسياتي اصلاح ۽ معاشري جي نئين سر انقلابي اڏاوت جي لاءِ مڪمل نظريو عطا ٿي چڪو هو. هاڻي ضرورت هئي ته ان نظريي جي مقصد کي حاصل ڪرڻ خاطر فرد ۽ معاشري ۾ تبديلي آڻڻ جي لاءِ جاکوڙ شروع ڪئي وڃي. هيءَ جاکوڙ ڏهن منزلن مان گذري، جن مان پنج منزلون مڪي دؤر ۾ ۽ پنج منزلون مدني دؤر ۾ پنهنجي پڄاڻي کي پهتيون.
    پهرين وحيءَ جي پنجن آيتن جي اهميت هيءَ آهي ته جيڪڏهن باقي قرآن نه به نازل ٿئي ها، ته ٻين پاڪ ڪتابن جي روشنيءَ ۾ انهن جي تفسير ۽ تشريح سان فرد ۽ معاشري، ٻنهي کي بدلائي سگھجي پيو. ڇو ته سڀئي پاڪ ڪتاب پنهنجي بنيادي تعليم ۽ زندگيءَ جو مقصد مقرر ڪرڻ ۾ هڪجهڙائي رکن ٿا. هن نظريي جا هيٺيان جزا آهن:
    (1) ڪائنات جي هر شيءِ جو خلقيندڙ الله تعالى آهي.
    (2) انسان جي تخليق جو جوهر محبت مان کنيو ويو آهي. (احسن تقويم)
    (3) هيءُ خالق يا آقا سڀني ٻاجھارن کان وڌيڪ ٻاجھارو آهي.
    (4) هن آقا قلم، يعني تجربي ۽ مشاهدي جي ذريعي علم سيکاريو آهي.
    (5) هن آقا انسان کي عقل ۽ سڃاڻ ڏئي، حيوانيت جي پڙ مان ٻاهر ڪڍيو، ڇو ته حيواني صورت ۾ هي صفتون ۽ گڻ هن وٽ نه هئا.
    پاڻ ڪريم ﷺ جن تي هنن پنجن آيتن ۾ هيءُ واضح ڪيو ويو هو ته اُن پالڻهار يا مالڪ جي ٻانهپ سان ئي جنهن ڪائنات کي خلقيو آهي، انسان جو خوف ۽ ڳڻتي، بک ۽ جهالت ختم ٿي سگھي ٿي. معاشرو جيڪو ٻن مختلف ۽ مخالف معاشي طبقن ۾ ورهائجي چڪو آهي، ٻيهر توحيدي معاشري جي صورت اختيار ڪري سگهي ٿو. اهو خالق ئي علم، ڀلائي، سونهن ۽ محبت جو سرچشمو آهي. اهي مراعات يافته طبقا جن علم ۽ سونهن تي به قبضو ڪري رکيو آهي، انهن قدرن جا سرچشما نه آهن. هاڻي هن نظريي جي جزن جي مختصر تشريح ڪجي ٿي ۽ ان جي معاشي، سياسي ۽ ثقافتي ڳالهين کي چٽو ڪجي ٿو.
    (1) سوال هيءُ آهي ته پالڻهار يا خالق ڪير آهي؟ قرآن ڪريم الله جي هيئت تي بحث نه ڪيو آهي، ڇو ته فلسفي جا مختلف مڪتب انهيءَ جي مختلف تشريح ڪندا آيا هئا. ڪو ان کي مادو چوندو هو، ڪو ان کي روح سمجھندو هو ۽ ڪو ان کي اهڙي قوت سمجھندو هو جيڪا بجليءَ وانگر سموري ڪائنات ۾ ڦهليل هجي. پر قرآن ٻڌايو ته اهوئي هن دنيا جو واحد خالق آهي. جيڪڏهن ان کان وڌيڪ هجن ها ته هرڪو پنهنجو پنهنجو الڳ حڪم هلائي هر طرف انتشار ڦهلائي ڇڏي ها ۽ ڪائنات ڪنهن هڪ قانون جي پابند نه رهي سگھي ها. قرآن ٻڌايو ته دنيا هڪ طبعي قانون جي پابند آهي. ”لَا الشَّمْسُ يَنْۢبَغِيْ لَہَآ اَنْ تُدْرِكَ الْقَمَرَ“ (سورة يٰس) هر شيءِ جو هڪ مقصد آهي، جيڪو پهريان کان مقرر ڪيو ويو آهي، يعني هن مادي ۽ اخلاق جي دنيا ۾ هڪ ڏاهپ ڪم ڪري رهي آهي، تنهن ڪري دنيا هڪ رانديڪو نه آهي ”وَمَا خَلَقْنَا السَّمَاۗءَ وَالْاَرْضَ وَمَا بَيْنَہُمَا لٰعِبِيْنَ۝۱۶ “ (الانبياء: 39) انسان جي تخليق جو به هڪ مقصد آهي. ”اَيَحْسَبُ الْاِنْسَانُ اَنْ يُّتْرَكَ سُدًى۝۳۶ۭ“ (قيامه: 36) ”رَبَّنَا مَا خَلَقْتَ ہٰذَا بَاطِلًا۝۰ۚ“ (آل عمران:191)
    اسان جي دؤر ۾ مغربي ادب تمام گهڻا ناڪاري تصور ڏنا آهن: هيءَ ڪائنات عقل کان ڪوري آهي، هن ۾ ڪوبه سمجھه يا شعور نه آهي. زندگي لاحاصليت (Absurdity) ۽ لايعنيت (Futility) رکندڙ آهي. هيءَ پنهنجي اندر ڪوبه مقصد يا نصب العين نٿي رکي؛ اهو سڀ ڪجھه غلط آهي. انهن نظرين جي ڪري يورپ ۽ آمريڪا ۽ سندن اثر ۾ ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جا نسل به جبلتن جي حيواني گھرجن جي تڪميل جي ڪُن ۾ ڦاسي ويا آهن. شراب نوشي، جوا بازي، جنسي ڇڙواڳي، ڪمزور قومن جي فردن ۽ انهن جي محنت جي استحصال ۽ انهن جي معدني ذخيرن ۽ وسلين تي قبضو ڪرڻ، مزدور جي محنت جو سر عام استحصال جنهن سان رعايتون ڏنل طبقو دولت جا انبار ٺاهي وٺي ٿو، بينڪن جو وياج تي مبني ڪاروباري نظام وغيره، ڪائنات ۽ زندگيءَ بابت، انهن ناڪاري نظرين جو نتيجو آهي. جديد دانشور سائنس جي مدد سان ڪائنات ۾ هڪ طبعي (قانوني) نظام جا ته قائل آهن، پر اخلاقي نظام جا قائل نه آهن. نه رڳو قرآن، پر سڀني الاهي ڪتابن انهيءَ جي برخلاف اهو ٻڌايو آهي ته هن ڪائنات ۾ هڪ اخلاقي نظام به موجود آهي. دنيا جي تاريخ پنهنجي عمل ۾ انهيءَ اخلاقي نظام جي پابند آهي. قرآن عاد، ثمود، فرعون وغيره وارين قومن جي مطالعي مان هي نتيجو ڏيڻ گھري ٿو ته قومن جي بربادي، اخلاقي بداعماليءَ جو نتيجو رهي آهي. هتي ياد رهي ته انهيءَ اخلاقي بد اعماليءَ ۾، مزدور جيڪو اُن دؤر ۾ غلام جي صورت ۾ موجود هوندو هو، اڳتي هلي معاشرتي ارتقا جي ڪري زرعي غلام بڻيو ۽ هاڻي مشين جي ايجاد کيس پگھاردار غلام بڻائي ڇڏيو آهي، تنهن ۾ هن جي محنت جو استحصال به شامل آهي. اڃا به ائين چئجي ته اهو محنت جو استحصال ئي سموري اخلاقي خرابيءَ جو بنيادي سبب آهي. قرآن حڪيم جي مفسرن ۽ سيرت پاڪ جا تاريخدانن اخلاقي بد اعماليءَ ۾ غلام (مزدور) جي محنت جي استحصال کي بلڪل ئي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي. سندن نظرن ۾ غلام ۽ ان جي غلامي هڪ فطري ڳالهه آهي. انهيءَ ڪري ئي بادشاهت واري زماني ۾ غلاميءَ کي هڪ دائمي اداري جي شڪل ڏني وئي هئي، جنهن کي آمريڪا جي هڪ انسان دوست صدر ابرهام لنڪن، غلاميءَ جي پٺڀرائي ڪندڙن سان ويڙهاند ڪري ۽ ان کان پوءِ پنهنجي حياتيءَ تان هٿ کڻي، هن غير انساني اداري کي ختم ڪرڻ جي سعادت ماڻي. انسان کي ان جي خلقڻهار آزاد پيدا ڪيو آهي يعني جهڙي هو پوک پوکيندو، تهڙي ئي لڻندو. (لَّيْسَ لِلْاِنْسَانِ اِلَّا مَا سَعٰى)


    توحيد خداوندي جو تصور نه رڳو عادلاڻو پر رحمت ڀريو پڻ آهي:

    مڪي جي مشرڪن جو واپاري وهنوار ڪيترن ئي ديوتائن (الٰه) جي مدد جي آسري تي هلي رهيو هو. سندن خيال هو ته هڪ الٰه وٽان ڪم نه ٿئي ته ٻئي ديوتا يا الٰه کان مدد وٺڻ گھرجي. ان جي برخلاف پاڻ ڪريم ﷺ جن اڪيلي الله جي پرچار شروع ڪئي. پاڻ ٻڌايائون ته مدد اهو ئي الٰه ڪري سگھي ٿو، جنهن ۾ ايتري سگھه هجي جيڪو پيدا به ڪري ۽ مخلوق کي سڌي گس تي آڻي. ”الَّذِيْ خَلَقَ فَسَوّٰى“ (الاعلى:3) ان کان سواءِ انسانن ۾ پنهنجي نفس جي غلامي به پکڙيل هئي، ”مَنِ اتَّخَذَ اِلٰـہَہٗ ہَوٰىہُ“ (فرقان:43) اهڙي صورتحال ۾ انهيءَ اڪيلي الله جو تصور غلامن ۾ پکڙجي ويو، جيڪو الله، سڀ شيءِ جو خلقڻهار آهي ۽ پنهنجي ٻانهن تي ظلم نٿو ڪري ”وَاَنَّ اللہَ لَيْسَ بِظَلَّامٍ لِّلْعَبِيْدِ“ (آل عمران: 182) ”وَمَا اللہُ يُرِيْدُ ظُلْمًا لِّلْعٰلَمِيْنَ“ (آل عمران: 108). هيءُ مالڪ يا خالق عدل ڪرڻ ۾ به پنهنجي رحمت جي قانون جو پابند آهي، يعني گناهن کي معاف ڪري ڇڏيندو آهي ”وَاِنَّ رَبَّكَ لَذُوْ مَغْفِرَۃٍ لِّلنَّاسِ عَلٰي ظُلْمِہِمْ“ (الرعد:6) عادل هئڻ جي باوجود هر گناهه کي معاف ڪري ڇڏيندو ” قُلْ يٰعِبَادِيَ الَّذِيْنَ اَسْرَفُوْا عَلٰٓي اَنْفُسِہِمْ لَا تَقْنَطُوْا مِنْ رَّحْمَۃِ اللہِ۝۰ۭ اِنَّ اللہَ يَغْفِرُ الذُّنُوْبَ جَمِيْعًا۝۰ۭ اِنَّہٗ ہُوَالْغَفُوْرُ الرَّحِيْمُ“ (الزمر:53) انهيءَ خالق پنهنجي لاءِ هڪڙو قانون جوڙي ڇڏيو آهي، جنهن سان هو هر ٻانهي جا گناهه معاف ڪري سگھي ٿو. ”كَتَبَ عَلٰي نَفْسِہِ الرَّحْمَۃَ“ (الانعام:12)، پر شرط اهو آهي ته اهي پنهنجي گذريل گناهن کان توبه ڪن ۽ آئنده جي لاءِ ڪوبه گناهه نه ڪن ”فَمَنْ تَابَ مِنْۢ بَعْدِ ظُلْمِہٖ وَاَصْلَحَ فَاِنَّ اللہَ يَتُوْبُ عَلَيْہِ“ (المائده:39). اڳتي هلي قرآن انهيءَ خالق يا رب کي هڪ مالڪ يا بادشاهه سڏيو آهي، جيڪو هر انسان کي ان جي عملن مطابق جزا ۽ سزا ڏئي ٿو. (سورة الناس)
    جيئن ته يهودين ۽ ٻين قومن پنهنجي پنهنجي قبيلن جو الڳ الڳ خدا ٺاهي ڇڏيو هو، انهيءَ ڪري پاڻ ﷺ مڪي وارن کي چيو ته ”رحمان“ رڳو عيسائين جو خدا نه آهي، پر هو سڀني جو خدا آهي. اهو ئي اسان جو الله آهي. يهودين کي چيو ته اسان جو توهان جو خدا ڪو الڳ نه آهي پر هڪڙو ئي آهي، ”اِلٰـہُنَا وَاِلٰــہُكُمْ وَاحِدٌ “ (العنڪبوت:46)
    قرآن جو هيءُ اصول آهي ته جن ماڻهن سان هو مخاطب ٿيندو آهي، انهن جي عقلي سطح جي مطابق انهن کي تعليم ڏيندو آهي ۽ چوندو آهي ته خدا هڪ آهي، ڇو ته وڌيڪ خدا هجڻ جي صورت ۾ اهي پنهنجا پنهنجا قانون هلائين ها، جنهن جي ڪري دنيا ۾ تمام وڏي گڙٻڙ پيدا ٿي وڃي ها.


    مشرڪن سان خطاب

    اهي ماڻهو جيڪي ڪيترن ئي ديوتائن جي پوڄا ڪندا آهن ۽ بتن، ستارن ۽ روحن کان مدد گھرندا آهن، تن کي قرآن چوي ٿو ته اهي ته پاڻ ئي محتاج آهن. انهيءَ ڪري اڪيلي الله جي پوڄا ڪريو جنهن سڀني کي پيدا ڪيو آهي. اهي ديوتا، بُتَ، ستارا ۽ روح توهان جا خلقيندڙ نه آهن، پر اهي ته پاڻ ئي ڪنهن جا خلقيل آهن. انهيءَ ڪري رڳو اڪيلي الله کان ئي مدد گھرو.


    عيسائي عقيدا:

    اهي ماڻهو جيڪي الله جي ذات ۾ ٻين کي ڀائيوار ڪندا آهن، جيئن عيسائي ڪندا آهن، يا ديوتائن ۽ پيرن فقيرن کي خدا جو ڀائيوار ڪندا آهن ۽ انهن کي سفارشي سمجھندا آهن ۽ انهن جي اندر به خدا جي طاقت ۽ قدرت کي مڃيندا آهن: قرآن چوي ٿو ته هڪ قدرت ۽ پوري پوري سگھه رکندڙ هستي جي برابر هڪ ڪمزور مخلوق ڪيئن ٿي ٿي سگھي؟ نه خدا ايترو ڪمزور آهي جو ان کي پنهنجو وارث ڇڏڻ يا پٽ کي ڪم حوالي ڪرڻ جي ضرورت هجي. تنهن ڪري خدا ته اهو آهي جيڪو اڪيلو هر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. سدائين جيئرو ۽ قائم (حي و قيوم) آهي، جيڪو گھري سو ڪري سگھي ٿو. هو ڪنهن تي به ظلم نه ڪندو آهي ۽ نه پنهنجي رحمت واري قانون جي خلاف ويندو آهي.


    يهودين سان خطاب:

    يهودين جو اهو سمجھڻ ته اهي الله جا پٽ آهن يا يهودا رڳو يهودي قوم جو خدا ۽ خدا جي رحمت رڳو انهن جي لاءِ ئي آهي، خدا کي هڪ حد ۾ قيد ڪرڻ آهي. خدا ته سڀني قومن جو خدا آهي، ڇو ته هو ئي حقيقي خالق آهي. هن کي پنهنجي سموري مخلوق پياري آهي، رڳو توهان ئي ان جا لاڏلا نه آهيو.


    مجوسي عقيدا:

    مجوسين جو عقيدو به غلط آهي ته نيڪي ۽ بديءَ جا ٻه الڳ الڳ خدا آهن. جيڪڏهن ائين هجي ها ته انساني زندگي لڳاتار ويڙهه ۽ جھيڙي ۾ ڦاٿل هجي ها. ڇو ته بديءَ جو خدا پنهنجو قانون لاڳو ڪرڻ گھري ها ۽ نيڪيءَ جو خدا ان جي مخالفت ڪري ها. ائين اهي ٻئي سدائين پاڻ ۾ جھيڙيندا رهن ها. تنهن ڪري مڃڻ گھرجي ته نيڪي ۽ بديءَ جو خدا هڪڙو ئي آهي، جيڪو عملن جي نتيجي موجب فيصلو ڪندو آهي.


    خدا جي هستيءَ کي مڃڻ جو ڪهڙو مقصد آهي؟

    جيڪي ماڻهو مادي کي خالق سمجھن ٿا، اهي اهو نٿا ٻڌائي سگھن ته تخليق جي لاءِ شعور، ارادو، زندگي ۽ مقصد جو هجڻ ضروري آهي ۽ انهن گڻن کان سواءِ ته تخليق ٿي ئي نٿي سگھي. جڏهن ته مادو انهن گڻن يا صفتن کان وانجھيل آهي. جيڪڏهن مادي ۾ جدلياتي چرپر مڃجي به کڻي، ته به چرپر جو هيٺاهين کان مٿاهين ۽ سادي کان پيچيده ڏانهن سفر هڪ شعوري ۽ ارادي عمل آهي، جڏهن ته مادي جي چرپر شعور ۽ ارادِي کان محروم آهي. تنهن ڪري ماديت ۽ دهريت جو فلسفو بلڪل ئي غلط ثابت ٿيو آهي.
    جيڪڏهن کڻي اهو مڃيو به وڃي ته ذڪر ڪيل گڻ مادي ۾ جبري طرح موجود هوندا آهن، ته پوءِ مادي جي سموري تشريح ۽ شڪل ئي بدلجي وڃي ٿي. اهڙيءَ طرح مادو الاهي تجلي جو مظهر بڻجي وڃي ٿو. اها هڪ واضح حقيقت آهي ته جيڪڏهن ڪڪڙ کي اصلي آنن جي بدران پٿر جي آنن تي آرو ڪرائجي ته چوزا ڪڏهن به ڪونه ڦٽندا، ڇو ته پٿرن ۾ اهي گڻ ۽ عنصر ئي نه آهن جن سان چوزو ٿيندو آهي. مادي جي شروعاتي شڪل اليڪٽران ۽ پروٽان شعور، ارادي، زندگي ۽ مقصد کان خالي آهن ته انهن مان تخليق ڪيئن ٿي ٿي سگھي؟ تنهن ڪري اهوئي وجود يا هستي آهي جيڪا زندگي، حڪمت، شعور ۽ ارادي جي مالڪ آهي.


    خدا کي مڃڻ جو مطلب ڇا آهي؟:

    خدا کي مڃڻ جو اهو مطلب نه آهي ته رڳو زباني اقرار ڪيو وڃي، پر انهيءَ جا ٽي پاسا آهن:
    • پهريون پاسو: پهريون پاسو ڪائنات جي باري ۾ آهي. جيڪڏهن ڪائنات شعور ۽ سمجھه کان خالي آهي ته اِن جو اهو مطلب ٿيو ته انهيءَ جي تخليق جو ڪو مقصد نه آهي. تنهن ڪري انسان، جيڪو ڪائنات جو شعور ۽ ارادي وارو حصو آهي، تنهن تي ڪنهن به قسم جي ذميواري نٿي لاڳو ٿئي. دوستو وسڪي چيو آهي ته هڪ ماڻهو جيڪڏهن خالي گھر ۾ هجي ته جيئن گھري تيئن رهي سگھي ٿو، ڪپڙا پائي يا اگھاڙو ٿي وڃي. جيڪڏهن کيس خبر پئجي وڃي ته گھر ۾ ڪو ٻيو ماڻهو به موجود آهي ته هو پنهنجي عملن ۾ محتاط ٿي ويندو. ائين جيڪڏهن ڪائنات شعور يا سمجھه کان خالي آهي ته انسان پنهنجي زندگيءَ جي لاءِ، پنهنجي مرضيءَ وارا مقصد مقرر ڪندو، پوءِ اهي اخلاقي لحاظ کان ڀلي ڪيترائي خراب ڇونه هجن. پر خدا جي موجودگيءَ ۾ هو اهڙا مقصد مقرر ڪندو، جيڪي اخلاقي معيار تي پورا لهندا هجن. اهڙيءَ طرح فرد هڪ ”ذميوار“ فرد جي حيثيت اختيار ڪري وٺندو.
    خدا جي موجودگيءَ ۾ هر شيءِ مقصد واري ٿي ويندي آهي ۽ ڪائنات جو سمورو عمل ڪنهن نصب العين ۽ مقصد سان واڳيل ٿي ويندو آهي. خدا جي تصور کان سواءِ ڪائنات جي هر شيءِ ۽ ان جي ارتقائي چرپر
    بي معنى ۽ بي مقصد ٿي ويندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو تاريخ جون اهي سڀئي تهذيبون، جيڪي انساني جبلتن جي حيواني گھرجن جي پورائي ۾ لڳيون رهيون، انهن جو نالو نشان ئي مٽجي ويو آهي. ڇو ته خدا جو تصور زندگيءَ کي هڪ مقصد عطا ڪري ٿو، جنهن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن وصفن ۽ گڻن کي اختيار ڪرڻو پوندو آهي، جيڪي خدا جون وصفون آهن. اهڙيءَ طرح اهو الله جي ويجھڙائي کي حاصل ڪرڻ جي عمل ۾ حسي ۽ مادي سطح کان مٿانهون ٿيندو ويندو آهي ۽ هن جو معاشرو اعلى اخلاقي گڻن وارو هجڻ جي ڪري، خلافت ۽ نيابت الاهي جي حاصلات ۾ مددگار هوندو آهي.
    • ٻيو پاسو: خدا جي تصور جو ٻيو پاسو انسان جي نفسيات جي باري ۾ هوندو آهي، جنهن جي ڪري ماڻهو جبلتن جي حيواني گھرجن کي پورو ڪرڻ جي بدران اعلى اخلاقي گڻن کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ته جيئن هو جبلتن جي حيواني گھرجن کي پنهنجي وس ۾ رکي ۽ انهن کي اعلى اخلاقي گڻن جو پابند بڻائي سگھي. ڇو ته هن جو انهيءَ ڳالهه تي پڪو ويساهه هوندو آهي ته هو خدا جي نور سان ظاهر ٿيو آهي ۽ خدا جي نور ڏانهن ئي وڌي رهيو آهي. جيڪڏهن هو ائين نه ڪندو ته زندگيءَ جي حيواني گھرجن جي سطح تائين محدود ٿي ويندو. اهڙي ماڻهوءَ جو معاشرو، تمدن ۽ تهذيب شراب نوشي، جنسي ڇڙواڳي، جوا بازي ۽ هر ناجائز طريقي سان دولت ميڙڻ ۽ هم جنس پرستي جهڙن غيراخلاقي اوگڻن جي عڪاسي ڪندڙ هوندو. اهڙي طرح اڄوڪي اولهه جي تهذيب اسان جي سامهون آهي جيڪا تحقيق جي سائنسي طريقي سان فطرت جي قوتن تي پهچ حاصل ڪري، انهن سان جبلتن جي حيواني گھرجن جي پورائي واري عمل ۾ لڳي پئي آهي.
    • ٽيون پاسو: خدا جي تصور جو ٽيون پاسو انساني معاشري جي باري ۾ آهي. الخلق عيال الله موجب الله تعالى انسان کي پيدا ڪيو ۽ ان جي پالڻ لاءِ وسيلا به پيدا ڪيا، جنهن جو مطلب اهو آهي ته هر ماڻهو انهن وسيلن مان فائدو وٺي، پنهنجي مادي ۽ جسماني ضرورتن کي حاصل ڪري ۽ انهن ضرورتن جي پورائي کان پوءِ عبادت ۽ نفس جي پاڪائيءَ جي مدد سان الله ڏانهن موٽڻ جي تياري ڪري.
    جيڪڏهن پيداواري وسيلن تي عوام جي گڏيل ملڪيت جي بدران ڪن ٿورڙن ماڻهن جو قبضو ٿي وڃي ۽ معاشري ۾ متضاد مفاد رکڻ وارا معاشي طبقا پيدا ٿي وڃن، ته پوءِ تمام ٿورڙي تعداد وارا ماڻهو، پيداواري وسيلن تي قابض ٿي وڃن ٿا ۽ گھڻائي انهن وسيلن مان فائدو ماڻڻ کان محروم رهجي وڃي ٿي. انهيءَ اڪثريت وٽ رڳو پنهنجي محنت هوندي آهي، جنهن کي اها پيداواري وسيلن تي قابض اقليت کي وڪڻي، پنهنجو پيٽ پالي ٿي. اهڙي طرح اڪثريت حيواني سطح کان هيٺ ٿي، انساني مرتبو حاصل ڪرڻ کان محروم ٿي وڃي ٿي.
    زرعي دور کان وٺي انسان آقا ۽ غلام جي ٻن طبقن ۾ ورهائجي ويو هو. آقا تي ٻڌل طبقي وٽ دولت جي جھجھائي هوندي هئي. اُن جي قبضي ۾ علم ۽ تهذيب جا ادارا به هوندا هئا. جڏهن ته غلام طبقو گھڻائي ۾ هجڻ جي باوجود به علم ۽ تهذيب کان محروم هوندو هو. معاشرتي ارتقا سان گڏوگڏ آقا جاگيردار ۽ ڪارخانن جو مالڪ بڻجي ويو، جڏهن ته غلام زرعي غلام ۽ پگھاردار غلام بڻجي ويو.
    مشين جي ايجاد ٿيڻ کان پوءِ معاشري جا ٻه طبقا وڌيڪ واضح ۽ مٿاهين حيثيت اختيار ڪري ويا، ڇو ته هڪ ڪارخاني جي ڇت جي هيٺان سوين مزدور گڏجي ڪم ڪندا هئا ۽ تحقيق جي سائنسي طريقي جي ڪري هن ڳالهه جي خبر پئي ته دولت اچي ڪٿان ٿي؟ اهڙيءَ طرح ثابت ٿيو ته اها غلام، زرعي غلام ۽ پگھاردار غلام جي محنت جي استحصال جو نتيجو هوندي آهي.
    زرعي معاشري جي شروعات کان ئي غلام پنهنجي مالڪن جون ٻنيون کيڙيندا هئا، انهن جي لاءِ محلات جوڙيندا هئا. سندن فوجن ۾ ڀرتي ٿي انهن جي بادشاهت کي وڌائيندا هئا. مالڪ انهن تي تمام گھڻا ظلم ڪندا هئا. انهن کي قتل ڪندا، لڱ ڪانڊاريندڙ سزائون ڏيندا ۽ وڪرو به ڪري ڇڏيندا هئا. اهڙيءَ طرح انسان جو انسان تي ظلم وڌندو ويو ته انهيءَ صورتحال کي بدلائڻ جي لاءِ نبين سڳورن کي موڪلڻ جي شروعات ٿي. اهي پاڪباز ماڻهو هر ملڪ، هر قوم ۽ هر وسنديءَ ۾ آيا. انهن سڀني جي دعوت ساڳي ئي هئي. هُنن ٻڌايو ته هن ڪائنات جو خالق هڪڙو ئي آهي. هيءُ خالق سڀني قومن جو خالق پڻ آهي. هُنن توحيد الاهي جي تصور تي زور ڏنو. جيئن ته هر قبيلي ۽ هرقوم جا بت جدا جدا هئا، جن جي اهي پوڄا ڪندا هئا ۽ هر قوم يا قبيلو پنهنجي بُت جي، ٻين قومن ۽ قبيلن جي بتن تي وڏائي ثابت ڪرڻ لاءِ جتن ڪندو رهندو هو، تنهن ڪري انهن جو پاڻ ۾ جنگين ۽ فسادن جو سلسلو هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين هلندو ايندو هو.
    نبين سڳورن توحيد الاهي جي تصور کي پيش ڪيو ۽ ٻڌايو ته سڀني قومن جو خلقيندڙ هڪ آهي، جنهن جي پوڄا ڪرڻ گھرجي. انهيءَ ڪري توحيد الاهي جو تصور حقيقت ۾ انساني اتحاد جو تصور هو. توحيد الاهي جي تصور کي جڏهن معاشري تي لاڳو ڪيو ويو ته توحيدي معاشرو وجود ۾ اچي ويو، جيڪو متضاد مفاد رکڻ واري معاشي طبقي جي ڇڪتاڻ کان پاڪ ۽ صاف هو پر ٿيو ائين جو مذهب جي پاڪباز بانين ۽ سندن ٿورڙن سچن پيروڪارن کان پوءِ، مذهبي پيشوائن پنهنجي دنياوي زندگي جي سهولتن ۽ آسائشن جي لاءِ، پيداواري وسيلن تي قابض طبقي جي مفادن کي تحفظ ڏيڻ جي خيال سان مذهب جي بنيادي نظريي کي پٺيءَ پويان ڦٽو ڪري ڇڏيو جنهن موجب خدا جي وحدانيت جو مطلب معاشري کي متضاد طبقن کان پاڪ ۽ صاف ڪرڻ آهي. اهڙي لوڀي مذهبي پيشوائيت عوام کي ٻڌايو ته غربت، جهالت ۽ مسڪيني الله تعالى سندن تقدير ۾ لکي ڇڏي آهي، جنهن کي بدلائي نٿو سگھجي. غربت ۽ دولت جي جھجھائي انسان کي الله تعالى جي طرفان ئي ملندي آهي. غريب کي ان جي تڪليفن ۽ پورهئي جو اجر مرڻ کان پوءِ ملندو، تنهن ڪري کيس صبر ۽ خوشيءَ سان زندگي گذارڻ گهرجي ۽ کيس پنهنجي مالڪ يا آقا جو فرمانبردار ٿي رهڻ گهرجي. سڀني مذهبن جا مذهبي اڳواڻ ۽ پيشوا اڄ تائين اها تعليم ڏيندا رهيا آهن پر هاڻي علم جي ترقي ۽ تحقيق جي سائنسي طريقن، انهيءَ ٺڳيءَ کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي ۽ چٽائي ڪري ڇڏي آهي ته غربت ۽ حڪومت اصل ۾ محنت جي استحصال جي ڪري ئي آهي. جيڪو طبقو محنت جو استحصال ڪري ٿو سو امير آهي ۽ محنت وڪرو ڪندڙ غريب رهجي وڃي ٿو.
    خدا جي وحدانيت يا توحيد الاهي جي عقيدي جو معاشرتي مقصد معاشري کي متضاد معاشي طبقن کان پاڪ ڪري محنت ڪرڻ وارن فردن تي مشتمل غير طبقاتي معاشرو قائم ڪرڻ آهي. رڳو زباني طور خدا جي توحيد جو اقرار، هڪ ڳجھو ۽ اجايو عمل آهي. سوشلسٽ فلسفي معاشري کي غير طبقاتي بڻائڻ جي عمل مان خدا جي تصور کي ڪڍي ڇڏيو، جنهن جي ڪري ڪيترا ئي ناڪاري اثر ظاهر ٿيا ۽ سوشلسٽ معاشرو اخلاقي ڇڙواڳيءَ جي ڪري پريشاني جو شڪار ٿي ويو.


    خدا بابت قرآن جو تصور:

    خدا جي وجود کي مڃڻ جو فائدو تڏهن ئي ٿي سگھي ٿو، جڏهن معاشرو توحيدي حيثيت اختيار ڪري وٺي. اهو معاشرو فرد کي اخلاقي ترقيءَ ۾ مدد ڏئي ٿو. جيئن ته استحصال کان پاڪ ۽ صاف معاشرو قائم نه ٿي سگھيو ۽ جيڪو ٿيو سو به خدا کان انڪار تي ٻڌل هو، تنهن ڪري خدا پرست ۽ خدا کان انڪاري، ٻن شڪلين ۾ معاشرو طبقاتي ٽڪراءَ سان پيدا ٿيل غيراخلاقي ۽ غير انساني اثرن کان پاڪ نه ٿي سگھيو. قرآن جو خدا بابت تصور قبائلي ۽ قومي نه آهي پر عالمگير آهي. اهو دنيا جي سڀني قومن جو خلقيندڙ ۽ پالڻهار آهي. انهيءَ تصور مان هڪ اهڙي تهذيب وجود ۾ اچي ٿي، جيڪا انساني اتحاد جو بڻياد بڻجي ٿي. اهو ئي خدا علم جو سرچشمو به آهي. دنيا ۾ امن، ترقي ۽ خوشي کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته قومن جي وچ ۾ سياسي اتحاد قائم هجي ۽ اهو سياسي اتحاد اخلاقي اتحاد تي دارومدار رکي ٿو. پهرين وحيءَ ۾ اهو ٻڌايو ويو ته سڄي دنيا ۾ سياسي ۽ ثقافتي اتحاد رڳو هِن ئي تصور تي قائم ٿي سگھي ٿو ته، سڀني انسانن جو ۽ سڀني قومن جو آقا اهو ئي هڪ خدا آهي جيڪو هر شيءِ جو خلقيندڙ آهي. قرآن ٻڌايو ته مخلوق هجڻ جي حيثيت ۾ سڀئي انسان هڪجهڙا آهن ۽ ڪا به قوم ٻي قوم کان مٿاهين نه آهي. خدا جي انهي تصور کي محدود ڪرڻ جي ڪوشش، انسان جي آزاديءَ کي مٽائي ڇڏي ٿي. اها ظلم، خواري ۽ بزدليءَ جي علمبردار آهي. ڪائنات جي خالق جي وحدت ئي انساني وحدت ۽ انساني عظمت رکڻ واري آهي. انهيءَ تصور تي صحيح عمل سان ئي نفرت ۽ ظلم مِٽجي وڃي ٿو ۽ محبت ۽ عدل پيدا ٿئي ٿو. اهو ئي تصور ثقافتي وحدت جو بنياد آهي ۽ اهو ئي خدائي قانون ۽ حق وارو دين آهي.
    خدا جي انهيءَ تصور کي رسول الله ﷺ جن مختلف منزلن ۽ ڏاڪن جي ذريعي دنيا تائين پهچايو ۽ اِن ئي تصور تي مديني ۾ رياست قائم ڪئي. اِن ئي تصور جي روشنيءَ ۾ ميثاق مدينه به ترتيب ڏنو ويو جنهن ۾ يهودين ۽ مشرڪ قبيلن تي ٻڌل هڪ اتحاد قائم ڪيو ويو، جنهن کي ”امت واحده“ جي لفظن ۾ بيان ڪيو ويو هو. افسوس جو يهودين جي غداريءَ جي ڪري اهو تصور اڳتي وڌي نه سگھيو. ان کان پوءِ اڳتي هلي خلافت راشده جي جاءِ تي بادشاهت جا بنياد قائم ڪيا ويا.
    اسان جي دؤر ۾ وحدت انساني جي قيام لاءِ ”ميثاق مدينه“ هڪ روشن نموني جي حيثيت رکي ٿو پر مسلمان عالمن جي تنگ نظريءَ جي ڪري انهيءَ تي عمل نه ٿي سگھيو.


    خدا کي مڃڻ جو مقصد:

    خدا کي مڃڻ جو رڳو اهو مطلب نه آهي ته هر وقت الله جو ورد ڪيو وڃي يا ٻين معبودن کي مڃڻ وارن تي تشدد شروع ڪيو وڃي. ان جو مطلب اهو آهي ته جڏهن هيءَ ڳالهه سمجھه ۾ اچي وڃي ته سڀني قومن جو خلقيندڙ هڪ آهي، انهيءَ جي تعليم به هڪ آهي ته انهيءَ هڪڙي خدا يا الٰه جو ئي حڪم مڃڻ گھرجي. انسان ذات سان محبت ڪرڻ خدا کي خوش ڪرڻ جو ذريعو آهي. ٻين سان نفرت نه ڪرڻ گھرجي، پوءِ ڀلي ان جو بنياد مذهبي ۽ قومي اختلاف ئي ڇونه هجي. خدا جي مرضي ۽ حڪم جي نافرماني ڪندي، ٻين کي نقصان ڏئي پنهنجو فائدو حاصل ڪرڻ، جيئن مزدور جو استحصال ڪري دولت حاصل ڪرڻ، ڪنهن به صورت ۾ جائز نه آهي.
    الله تعالى نٿو گھري ته انسان ان جي نالي تي هڪ ٻئي کي قتل ڪن ۽ ڦرمار ڪن. هوش حواس ۽ عمل جا دروازا انهيءَ لاءِ انسانن تي کوليا ويا آهن ته جيئن سمجهه سرت جو استعمال ڪري، اخلاقي ۽ سماجي ترقي ماڻجن... پر انسان خدا جي مرضي جي خلاف پنهنجو پاڻ کي متضاد معاشي طبقن ۾ ورهائي ڇڏيو. هڪ ننڍڙي ٽولي خدا جي طرفان انسانن جي فائدي جي لاءِ پيدا ڪيل وسيلن تي قبضو ڪري گھڻائيءَ کي محروم ڪري ڇڏيو ۽ انهن محروم فردن جي محنت جي استحصال سان دولت گڏ ڪرڻ شروع ڪئي. اهڙي طرح معاشرو ٻنهي گروهن جي گڏيل مفادن جي ڇڪتاڻ ۾ پريشانيءَ جو شڪار ٿي ويو ۽ اها حالت ان وقت تائين قائم رهندي، جيستائين پيداواري وسيلن تي عوام جو قبضو نٿو ٿي وڃي.
    متضاد مفاد رکڻ وارن انهن طبقن جي پاڻ ۾ ڇڪتاڻ جي ڪري فرد هڪ منو ٿي خدا ڏانهن به متوجهه نٿو ٿي سگهي ۽ اهڙي طرح هو اُن قرب الاهي کان محروم رهجيو وڃي جيڪو ان جي زندگيءَ جو مقصد آهي. ائين معاشري جي گھڻائي، پيداواري وسلين کان محروميءَ جي ڪري، غربت ۽ جهالت ۾ ڦاٿل رهي ٿي ۽ تهذيب جي برڪتن کان پڻ محروم رهجيو وڃي.
    مذهبي پيشوائن، پيداواري وسلين تي قابض طبقي جي مفاد کي، مذهبي نقطه نظر سان تحفظ ڏنو ۽ عوام کي عبادت ۽ رسمن جي ادائگيءَ سان مطمئن ڪري ڇڏيو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ دنيا جا سڀئي مذهب محنت جي استحصال کي جائز سڏي رهيا آهن ۽ غربت ۽ حڪومت کي خدائي تقدير تصور ڪن ٿا. تنهن ڪري خدا کي مڃڻ جو مقصد ئي اهو آهي ته پيداواري وسيلن کي ٿورڙن فردن جي قبضي مان ڪڍي، عام مزدور طبقي جي ملڪيت ۾ ڏنو وڃي ته جيئن هر ماڻهو پنهنجي جسماني ۽ مادي ضرورتن جي پورائي سان مطمئن ٿي، عبادت الاهي ڏانهن متوجهه ٿي سگھي. اهڙي طرح هو پنهنجي علم ۽ عمل سان پنهنجي مالڪ الله سان ويجھو ٿيندو وڃي، جيڪو ان جي تخليق جو اصل مقصد آهي.


    علم ڇا آهي؟

    پهرين وحيءَ وجود ۽ علم جي باري ۾، جيڪي علم بنسبت فلسفي جا بنيادي مسئلا آهن، پنهنجو نقطه نظر پيش ڪيو آهي. وجود به الله تعالى جو آهي ۽ علم جو سرچشمو به الله تعالى جي ذات آهي. وحي الاهي رڳو اهو نه چيو ته خدا تعالى انسان کي علم ڏنو آهي پر ان کي علّم بالقلم چيو آهي.
    اسلام جي ظاهر ٿيڻ وقت يوناني عقليت هر طرف ڇانيل هئي. ارسطو جيتوڻيڪ منطق جي ٻنهي قسمن يعني داخلي منطق (Inductive Logic) ۽ استخراجي منطق (Deductive Logic) جو ذڪر ڪيو آهي پر معاشرتي حالتن جي ڪري داخلي منطق وڌي ويجھي نه سگھيو، ان جي بدران استخراجي منطق سوچڻ جو اوزار بڻجي ويو.
    ٻنهي ۾ فرق اهو آهي ته استخراجي منطق گھڻائي کان هيڪڙائي ڏانهن اچي ٿو، جڏهن ته داخلي منطق هيڪڙائيءَ جي مطالعي سان گھڻائي کي ترتيب ڏئي ٿو: مثال طور جيڪڏهن چيو وڃي ته انسان فاني آهي، ته استخراجي منطق انهيءَ مان اهو نتيجو ڪڍي ٿو ته جيئن ته سمورا انسان فاني آهن انهيءَ ڪري زيد به فاني آهي جو اهو ”هڪ“ انسان آهي. پر داخلي سوچ جو ذريعو زمين جي هر خطي جي هر انسان جو مطالعو ڪري ٿو ۽ انهيءَ جي تفصيلي مطالعي مان اهو نتيجو ڪڍي ٿو ته سمورا انسان فاني آهن. ارسطو جي زماني ۾ پيغام رساني ۽ لڏپلاڻ جا وسيلا به ترقي يافته نه هئا، انهيءَ ڪري هيڪڙائي وارو مطالعو تمام ڏکيو هو، جنهن ڪري داخلي منطق وڌيو ويجھيو، جنهن ۾ هيڪڙائيءَ جي تفصيلي مطالعي جي ضرورت نه هئي.
    ڄاڻايل ٻنهي منطقن جي باري ۾ سترهين صديءَ جي محقق فرانس بيڪن چيو آهي ته استخراجي منطق جو مثال هڪ ڪوريئڙي وانگر آهي، جيڪو هڪڙي ڪنڊ ۾ ويهي پنهنجي اندران پِڪَ ڪڍي پنهنجي شڪار کي ڦاسائڻ جي لاءِ ڄارو اڻيندو رهندو آهي. اهڙيءَ طرح استخراجي محقق به پنهنجي ڪمري ۾ ويهي گھڻائيءَ مان هيڪڙائي نتيجو ڪڍندو رهندو آهي. جڏهن ته داخلي محقق جو مثال ماکيءَ جي مک وانگر آهي جيڪا سوين گلن ۽ ميون مان رس چوسي پنهنجي ماناري ۾ ماکي ٺاهي ٿي. داخلي محقق ڪنهن وڏي واقعي (General Proposition) مان نتيجو ڪڍڻ جي لاءِ تفصيلي مطالعو ڪندو آهي، جنهن ۾ ان کي ڪيترين ئي جاين جو سفر به ڪرڻو پوندو آهي. تحيق جي داخلي طريقي کي تحقيق جو سائنسي طريقو سڏيو وڃي ٿو.
    علم بالقلم جو مطلب تحقيق جو داخلي طريقو آهي، ڇو ته قلم تفصيلي تحقيق جي نتيجن کي لکي ٿو، جنهن مان ڪو نتيجو نڪري ٿو. قلم بنا حاصل ٿيڻ وارو علم تجربي ۽ مشاهدي تي ٻڌل نه هوندو آهي، جڏهن ته قلم جي ذريعي حاصل ٿيندڙ علم تجربي ۽ مشاهدي تي ٻڌل هوندو آهي. پهرين وحي علم بالقلم چئي ڪري سائنسي علم جو ڏس ڏنو آهي، يعني غير سائنسي يا غير داخلي علم کي پيش نه ڪيو آهي. اصل ۾ تحقيق جو داخلي طريقو وڏي يا ننڍي نتيجي جي معروضي يا مادي حقيقت سان مطابقت نٿو رکي. مثال طور جيڪڏهن چيو وڃي ته وڻ دسترخوان هوندا آهن (وڏو نتيجو) هي به وڻ آهي؛ (ننڍو نتيجو) انهيءَ ڪري هي به دسترخوان آهي. (نتيجو) جيستائين وڏي نتيجي ۽ ننڍي نتيجي جو تعلق آهي، نتيجو صحيح آهي پر وڏو نتيجو معروضي حقيقت جي مطابق نه آهي، وڻ دسترخوان نه هوندا آهن، انهيءَ ڪري نتيجو معروضي حقيقت مطابق نه آهي.
    انهيءَ جي مقابلي ۾ تحقيق جي داخلي يا سائنسي طريقي موجب جيڪڏهن وڏو نتيجو معروضي حقيقت سان هڪجهڙائي نٿو رکي ته سائنسي طريقو نتيجي کي قبول نه ڪندو آهي ۽ ان کي غلط سڏيندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اولهه واري تحقيق جي سائنسي طريقي جي استعمال سان، صحيح علم کي اخذ ڪيو آهي جنهن جي ڪري يورپ تمام گھڻي ترقي ڪري ويو آهي. ڇو ته سائنسي طريقي سان حاصل ڪيل علم فرضي ڳالهين تي ٻڌل نه هوندو آهي، پر پڪين حقيقتن تي ٻڌل هوندو آهي ۽ تجربي ۽ مشاهدي سان اُن جي سچائيءَ کي پرکي سگھجي ٿو.
    پر افسوس هيءُ آهي ته اسان جي عالمن ۽ مفسرن علم بالقلم جي حقيقت کي سمجھڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي آهي، جنهن جو نتيجو هيءُ نڪتو آهي جو مسلم معاشرو اڄ ڏيڍ هزار سال گذري وڃڻ کان پوءِ به پوئتي پيل ۽ غير ترقي يافته آهي. مسلم ملڪن جي يونيورسٽين ۾ جيڪي علم پڙهايا وڃن ٿا اهي سڀئي علم اولهه جي محققن جا تحقيق ڪيل آهن. پهرين وحيءَ جي انهيءَ علمي حقيقت جي نشاندهي جي باوجود، مسلم عالم ۽ محقق عام طور استخراجي عقليت جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل رهيا. ايتري تائين جو اڄ به ديني مدرسن ۾ استخراجي عقليت کان ئي ڪم ورتو پيو وڃي ۽ ان جي لاءِ دليل اهو پيو ڏنو وڃي ته خدا جي هستي ۽ طبعيات کان هٽي ڪري ٻيا عقيدا، تجربن ۽ مشاهدن سان معلوم نٿا ڪري سگھجن. جڏهن ته اها ڳالهه بلڪل ئي غلط آهي. قرآن ڪريم وري وري فطرت جي مطالعي جي تاڪيد ڪئي آهي. جيتوڻيڪ امام غزالي ۽ ڪانٽ ٻڌايو آهي ته طبعيات کان هٽي ڪري، حقيقتن کي ڄاڻڻ جي لاءِ عقل ڪم نٿو ڏئي سگھي پر غزالي ۽ ڪانٽ پاڻ به وجدان جي واڌويجھه جي ذريعي، طبعيات کان پوءِ وارين حقيقتن جو مشاهدو ڪرڻ جي امڪان جو اظهار ڪيو آهي. دنيا جي هر مذهب جي صوفين سڳورن انهن حقيقتن جو مشاهدو ڪري ثابت ڪيو آهي ته اهي حقيقتون ڪنهن فرضي ڳالهه تي ٻڌل نه، پر صحيح معنى ۾ حقيقتون آهن. تنهن ڪري علم بالقلم تجربي ۽ مشاهدي تي ٻڌل هوندو آهي، پوءِ ڀلي اهو عقل جي ذريعي حاصل ٿئي يا وجدان جي ذريعي حاصل ٿئي. وري جيڪڏهن مشاهدن تي غور ڪيو وڃي ته انهن مشاهدن جي هڪجهڙائي انهيءَ ڳالهه جو دليل بڻجي وڃي ٿي ته طبعيات کان پوءِ واريون حقيقتون فرضي ڳالهيون نه آهن پر ڪي حقيقتون آهن جيڪي زندگيءَ تي پنهنجو اثر ڇڏينديون آهن.
    برگسان وقت (Time) جون ٻه شڪليون ٻڌايون آهن. انهن مان هڪ زمان متسلسل (Serial Time) ۽ ٻيو زمان خالص (Duration) آهي، جنهن جي ذريعي حواس ۽ عقل جو واسطو زمان متسلسل سان رهندو آهي، جيڪو رات ۽ ڏينهن ۾ ورهائبو آهي. زمان خالص جو تعلق وجدان سان هوندو آهي. زمان متسلسل شيءِ (Thing) کي ان جي جزن ۾ ڏسندو آهي. اُن جي پهچ سڀ (Whole) تائين ناهي هوندي. جڏهن ته زمان خالص حقيقت کي سڀ جي حيثيت سان ڏسندو آهي. تنهن ڪري ڪانٽ ۽ غزالي جو هيءُ موقف صحيح آهي ته عقل ۽ حواس حقيقت تائين پهچ حاصل نٿا ڪري سگھن، ڇو ته انهيءَ جي لاءِ وجدان جي ضرورت آهي. وحي الاهي وجدان سان تعلق رکي ٿي پر هيءَ حقيقت ياد رکڻ گھرجي ته وجدان جو تعلق به تجربي ۽ مشاهدي سان آهي. اهو غير عقلي نه آهي جيتوڻيڪ ظاهر ۾ عقل کان مٿاهون آهي.
    جيئن ته هن کان پهريان بيان ٿي چڪو آهي ته انقلاب جي جزن مان سڀ کان پهريون جز نظريو هوندو. انهيءَ نظريي ۾ انقلاب جو فلسفو ۽ نصب العين جو تفصيل هوندو آهي. نظريي تي سهمت ٿيڻ وارن فردن جي جماعت يا پارٽي جوڙي ويندي آهي جيڪا سياسي جاکوڙ سان انقلاب آڻڻ جي ڪوشش ڪندي آهي.
    غار حرا ۾ نازل ٿيڻ وارين پنجن آيتن ۾ اسلامي انقلاب جو مڪمل نظريو ۽ نصب العين ڏنو ويو هو. جيئن ته ايران ۽ روم جي پاڻ ۾ جنگين جي ڪري واپاري رستا بند ٿي ويا هئا. قريش جي سردارن جي معاش جو ذريعو رڳو حج جو ميلو ۽ واپاري قافلا هئا. انهيءَ ڪري پاڻ ڪريم ﷺ جن سوچيو ته جيڪڏهن هن وقت کين بت پرستي کي ڇڏي ڏيڻ جي صلاح ڏني وئي ته اهي سمجھندا ته انهن جي روزيءَ جو آخري سهارو به ختم ڪيو پيو وڃي، تنهن ڪري فيصلو اهو ڪيو ويو ته ڪجھه عرصي تائين چپ چپات ۾ ڪم ڪيو وڃي ۽ جيڪي به ماڻهو انقلاب جا ٻانهن ٻيلي هئا، انهن تي ٻڌل هڪ جماعت جوڙي وڃي. ان کان پوءِ حالتون بدلجندي ئي عليٰ الاعلان جاکوڙ شروع ڪئي وڃي.
    ڪوهه صفا جي ڪڇ ۾ ابو الارقمؒ (اسدي) جي گھر ۾ نبي ڪريمﷺ جن نويڪلائي اختيار ڪئي ۽ هتان کان ئي ڳجھي دعوت پکيڙي پئي وئي. حضرت ابو بڪرؒ جي ڪوششن سان ڪجھه آزاد ۽ غلام ماڻهن انهيءَ دعوت کي قبولي ورتو. شروع ۾ مؤمن يا مسلم جي بدران سچار جو لفظ استعمال ٿيندو هو. دعوت هيءَ هوندي هئي:
    (1) گھڻن ئي پالڻهارن جي جاءِ تي رڳو هڪڙي ئي پالڻهار جي پوڄا ڪئي وڃي ۽ ارباب من دون الله جي ٻانهپ ۽ غلاميءَ جي خلاف بغاوت ڪئي وڃي. مقصد هيءُ هو ته الله جي جوڙيل نظام حيات جي مقابلي ۾ اهي مشرڪ آهن جن زندگيءَ جو نظام پنهنجي مرضي موجب بڻائي ورتو هو. خدا جي نظام ۾ رزق حاصل ڪرڻ جا ذريعا سڀني لاءِ کليل ۽ عام هئا. هر ماڻهو پنهنجي جسماني ۽ ذهني قابليت موجب انهن مان فائدو ماڻي سگھي پيو. انساني معاشري ۾ متضاد معاشي مفاد رکڻ وارا طبقا ڪونه هئا. يعني آقا ۽ مالڪ جو وجود نه هو پر انهن ”ارباب من دون الله“ معاشري کي آقا ۽ غلام ۾ ورهائي ڇڏيو هو. انهيءَ ورڇ مطابق گھڻائي غلامن تي ٻڌل هئي جڏهن ته آقائن جو تعداد تمام ٿورو هو. جيئن ته انهن آقائن جو رزق، علم ۽ تهذيب جو وسيلن تي قبضو هو، اِن ڪري انسانن جي گھڻائي غربت، جهالت، غلامي، مسڪيني ۽ ڪسمپرسي جي حالت ۾ جڪڙيل هئي.
    ”ارباب من دون الله“ اهي مالڪ هئا، جن کي مذهبي پيشوائن، بتن ۽ انهن تي قائم ڪيل مذهبي اڳواڻيءَ واري نظام کي سردارن تائين محدود ڪري ڇڏيو هو ته جيئن آقائن جا مفاد محفوظ رهن. ان کان پوءِ معاشري جي ارتقا سان گڏوگڏ اهي آقا، جاگيردار، صنعتڪار ۽ ڪارخانن جي مالڪن واري حيثيت اختيار ڪري ويا ۽ غلام، زرعي غلام ۽ پگھاردار غلام جي شڪل اختيار ڪري ورتي.
    ”ارباب من دون الله“ جي خلاف بغاوت اصل ۾ معاشي طبقاتي نظام ۽ بتن جي حمايت ۽ حفاظت ڪرڻ واري مذهبي اڳواڻي واري نظام جي خلاف بغاوت هئي، جنهن اڄ بت پرستيءَ جي خاتمي کان پوءِ هاڻي مذهبي پيشوائيت جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي. گڏوگڏ اهو به ته اڄ جا ”ارباب من دون الله“ جن جي قبضي ۾ رزق جا وسيلا، جهڙوڪ زمين، ڪارخانا، ڪوئلو ۽ ٻيون معدني کاڻيون، پيٽرول ۽ گيس جا ذخيرا، ٻيلا ۽ دريا وغيره آهن، سي انهيءَ جاگيردار، صنعتي سرمائيدار، وڏن واپارين جيڪي اسٽاڪ ايڪسچينج جي وڏي جوئاخاني سان تعلق رکن ٿا، شاهوڪار نظام رکندڙ بينڪرن ۽ سمگلرن وغيره جي نالن سان به سڏيا وڃن ٿا. اڄ به انسانن جي اڪثريت هارين ۽ مزدورن تي مشتمل آهي، انهن سان گڏ وڏو تعداد پوئتي پيل ۽ نادار انسانن جو آهي.
    معاشي طبقن تي ٻڌل هن نظام انسانن جي وچ ۾ هڪجهڙائيءَ کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ نظام خود غرضي، حسد ۽ نفرت کي هٿي ڏني، جنهن جي نتيجي خوف، ڳڻتي ۽ بک جو هر طرف راڄ آهي. نيڪي ۽ شرافت جا جذبا دٻجي ويا آهن.
    (2) جيڪي ماڻهو انهيءَ ڳالهه جي تصديق ڪري وٺن ته رڳو رب الخالق المعلم جي پوڄا ڪئي وڃي، انهن کي گهرجي ته ٻين کي به شرڪ ۽ ڪفر جي اونداهيءَ مان ڪڍن ته جيئن انساني هڪجهڙائي قائم ٿي سگھي ۽ طبقاتي معاشرو توحيدي معاشري ۾ بدلجي وڃي. پيداواري وسيلا ٿورڙن ماڻهن جي قبضي مان نڪري مزدورن ۽ عوام جي ملڪيت ۾ اچي وڃن ۽ ائين ڪيني، نفرت ۽ خودغرضي جي جاءِ محبت، نيڪي ۽ شرافت والاري وٺي. اهڙي قسم جي تبديلي ئي بک، خوف ۽ جهالت کي ختم ڪندي.
    (3) هن دعوت کي عام ڪندڙن جي جماعت جا امام نبي ڪريم ﷺ جن پاڻ هئا، جيڪي رب الخالق والمعلم جا موڪليل پيغمبر هئا. اهو رحماني پيغام انسانيت کي اونداهي ۽ ڪفر مان ڪڍي سوجهري ۽ ايمان ڏانهن، اڻڄاڻائيءَ مان ڪڍي علم ڏانهن ۽ اڻ ڳڻين آقائن جي غلامي ۽ ذلت مان ڪڍي رڳو هڪ آقا (الله) جي غلامي جي شرف ڏانهن وٺي وڃي ٿو. اها ئي ڳالهه اسان جي دؤر ۾ جاگيردارن ۽ صنعتي سرمائيدارن جي غلاميءَ مان ڇوٽڪارو ماڻڻ آهي. اسلام جي شروعاتي دؤر ۾ مڪي جا پيداواري وسيلا واپار تي مشتمل هئا. مڪي ۽ مديني ۾ زمين پيداواري وسيلو نه هئي. ان جي باوجود به نبي ڪريم ﷺ جن زمين جي باري ۾ اهو فيصلو ڏنو ته پوکي ڪرڻ جي بدران جيڪڏهن زمين کي هارپي تي ڏنو وڃي ته اهو معاملو ربوا (وياج) جو آهي، تنهن ڪري ڪڙمت کي ناجائز سڏيو ويو ۽ ٻڌايو ويو ته زمين جو مالڪ اهو آهي جيڪو ان کي پاڻ کيڙي ٿو... پر بادشاهي نظام جي دٻاءَ ۾ اچي، جنهن ۾ غلامن جي ادارن کي مستقل بڻايو ويو هو، جڏهن ته قرآن فديي يا احسان سان غلام کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، امام ابو يوسفؓ ڪڙمت جي اجازت ڏئي ڇڏي، جنهن سان مسلمانن ۾ جاگيرداري نظام قائم ٿي ويو. اصل ۾ انهيءَ جي شروعات دمشق جي خلافت کان ئي ٿي وئي هئي پر انهيءَ جي تڪميل عباسي خلافت ۾ ٿي.
    نبي ڪريم ﷺ جن ڪڙمت کي وياج تي مبني ڪاروبار سڏيو هو جنهن جو نتيجو اهو ٿيو ته حضرت عمرؒ جي زماني ۾ جڏهن عراق، شام ۽ مصر وغيره جي زمينن جي ورهاست جو مسئلو اڳيان آيو ته حضرت عمرؒ انهيءَ ورهاست مان مطمئن نه ٿيو، ايتري تائين جو کين قرآن حڪيم مان ڄاڻ ملي ته اِنهن زمينن ۾ انهن جو به حصو آهي، جيڪي هن کان پوءِ اچڻ وارا آهن. تنهن ڪري سڀئي زمينون گڏيل ملڪيت ۾ ورتيون ويون ۽ خلافت راشده تائين مسلم معاشرو جاگيرداري جي لعنت کان محفوظ رهيو.
    جن ماڻهن حضرت رسول الله ﷺ جي دعوت تي ڪن ڏنو ۽ ڳجھي پارٽيءَ جا ميمبر بڻجي ويا، انهن جا نالا هيٺ ڏنا ويا آهن. انهن اصحابن جي باري ۾ تفصيل سيرت جي عام ڪتابن ۾ ملي ويندو. انهن ۾ ڪيترا ته اهڙا ماڻهو به آهن، جن تي لڱ ڪانڊاريندڙ ظلم ڪيا ويا:
    1. حضرت خديجة الڪبرىؒ ، نبي ڪريم ؐ جي شريڪ حيات.
    2. حضرت زيدؒ بن حارث، نبي ڪريم ﷺ جو آزاد ڪيل غلام.
    3. حضرت عليؒ بن ابي طالب، نبي ڪريم ؐ جو سؤٽ.
    4. حضرت ابوبڪرؒ بن قحافه، نبي ڪريمؐ جو ننڍپڻ جو سنگتي ۽ ساٿي.
    5. حضرت عثمان بن عفان (4 محرم 24 هه ۾ حضرت عمرؒ کان پوءِ خليفا چونڊيا ويا ۽ 8 ذي الحج 35 هه ۾ شهيد ڪيا ويا).
    6. حضرت زبير بن العوام (اسدي) رسول الله ﷺ جي پڦيءَ جو پُٽ. هن سخت سور سٺا. 36 هه ۾ سجدي جي حالت ۾ شهيد ڪيو ويو.
    7. عبدالعزى بن عوف (زهري) اسلام کان پوءِ ان جو نالو عبدالرحمان رکيو ويو. حضرت عمرؒ جي خلافت کان پوءِ ڪنڊائتو ٿي ويهي رهيو.
    8. طلحه بن عبيد اللهؒ (تميمي) حضرت ابوبڪرؒ جو مائٽ هو. احد جي جنگ ۾ رسول الله ﷺ کي بچائيندي سندس آڱريون ڪٽجي ويون. حضرت عليؒ جي زماني ۾ خلافت جو اميدوار هو پر حضرت زبيرؒ جي الڳ ٿي وڃڻ سان هي به پاسي تي ٿي ويو. شهيد ڪيو ويو.
    9. ابو عبيده عامر بن الجراحؒ (فهري). نجران وارن جي لاءِ معلم ٿي ڪري ويو. شام جي فوجن جو سالار بڻيو. بيت المقدس کي صلح سان فتح ڪيو. 8 هه ۾ وفات ڪيائين.
    10. سعد بن ابي وقاصؒ (زهدي) فاتح ايران.
    11. عمير بن ابي وقاصؒ، مائٽيءَ ۾ پاڻ سڳورن ﷺ جو مامو هو. ڪوفي کي آباد ڪيائين ۽ 55 هه ۾ مديني کان ٻاهر ڪنڊائتو رهندي وفات ڪيائين.
    12. ابو سلمه عبد الله بن عبدالاسدؒ. رسول الله ﷺ جو پڦاٽ ۽ رضاعي ڀاءُ هو. جنگ احد ۾ زخمي ٿيو ۽ 4 هه ۾ وفات ڪيائين.
    13. ام سلمهؒ. ام المؤمنين هئي. پاڻ سڳورن ﷺ سان نڪاح ۾ اچڻ کان اڳ ابوسلمه جي زال هئي.
    14. عثمان بن مظعونؒ.
    15. سائبؒ ۽ ان جا ٻه ڀائر
    16. قدامهؒ.
    17. عبد اللهؒ. سؤٽ هو.
    18. معمر بن الحارثؒ 2هه ۾ وفات ڪيائين. هو تهجد گذار ۽ روزا رکندڙ هو.
    19. عامر بن فهيره (ازدي) حضرت ابوبڪرؒ ان کي خريد ڪيو ۽ آزاد ڪيو هو. غار ثور وارن ڏينهن ۾ اهو ئي ٻڪريون چاريندي هجرت جي موقعي تي کير پياريندو هو. 4 هه ۾ جڏهن ستر (70) قاري شهيد ٿيا ته هيءُ به انهن ۾ شامل هو.
    20. ابو حذيفهؒ بن عتبه شروع ۾ اسلام جو سخت مخالف هو پر ايمان آندائين. 54 سالن جي عمر ۾ مسيلمه ڪذاب سان وڙهندي شهيد ٿيو.
    21. رقمؒ بن ابي ارقم (اسدي) پيءُ جو نالو ابو ارقم هو. صفا جبل جي هيٺان سندس گھر هو. اتي ئي رسول الله ﷺ جن پناهه ورتي هئي. 83 سالن جي عمر ۾ وفات ٿيس. 140هه ۾ خليفي منصور عباسي سندس يادگار گهر کي خريد ڪري ورتو هو.
    22. غلامن ۽ عورتن جي طرفان تصديق. وقفي وقفي سان ٿورڙا غلام ۽ عورتون به انهيءَ انقلابي برادريءَ ۾ شامل ٿيند رهيا. غلامن مان:
    (أ‌) عمار بن ياسرؒ 20 هجريءَ ۾ ڪوفي جو والي بڻيو. هن پنهنجي پر اثر تقريرن سان تقريباً ڏهه هزار ڪوفين کي حضرت علي ؒجو حامي بڻائي ورتو. 90 سالن جي عمر ۾ جنگ جمل ۾ شهيد ٿيو.
    (ب‌) صهيبؒ بن سنان (رومي) موصل جو رهاڪو هو. حضرت عمرؒ جي شهادت کان پوءِ خلافت جي فيصلي تائين خليفو رهيو. 38هه ۾ مديني ۾ 72 سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائون.
    (ت‌) بلال حبشيؒ، اميه بن خلف جو غلام هو جيڪو مٿس لڱ ڪانڊاريندڙ انداز سان ظلم ڪندو هو. حضرت ابوبڪرؒ کيس خريد ڪري آزاد ڪري ڇڏيو هو.
    (ث‌) ان کان سواءِ ڪيترائي غلام هن انقلابي هلچل ۾ شامل ٿي ويا ۽ تڪليفون برداشت ڪرڻ کان پوءِ به حق تي قائم رهيا. اسلامي دؤر ۾ انهن کي عزت ۽ مرتبو مليو.
    (ج‌) اسماء بنت عميس، حضرت جعفر بن ابي طالب سان گڏ حبشه ڏانهن هجرت ڪئي. هن، ڪيترن ئي سالن تائين جلاوطني برداشت ڪئي. 7 هجريءَ ۾ رنڙ ٿي وئي ۽ حضرت ابوبڪرؒ جي نڪاح ۾ آئي.
    (ح‌) ام الفضلؒ زوجه عباسؒ، عورتن مان حضرت خديجه ؒ کان جلد پوءِ مسلمان ٿي وئي هئي. ياد رهي ته هيءَ ۽ ٻيون عورتون پنهنجن مڙسن کان پهريان ئي انهيءَ جماعت ۾ شامل ٿي ويون هيون ۽ پنهنجي خلاف هر قسم جي خانداني مخالفت کي برداشت ڪيائون.
    (خ‌) اسماء بنت حضرت ابوبڪرؒ جو ايمان آڻڻ وارن ۾ ارڙهون نمبر آهي. هي انهيءَ عبدالله بن زبير جي ماءُ آهي، جنهن يزيد جي خلافت جو انڪار ڪيو ۽ شهيد ڪيو ويو.
    (د‌) رسول الله ﷺ جون ٻه نياڻيون بي بي رقيهؒ ۽ بي بي ام ڪلثومؒ به انهيءَ ٽولي ۾ شامل هيون جيڪي اسلام آڻڻ کان پوءِ سخت تڪليفن ۾ مبتلا ٿيون.
    (ذ‌) عائشه ؒ بنت ابي بڪرؒ پاڻ پيدائشي مسلمان هئي. پاڻ نبي ڪريمﷺ جي سڀ کان ننڍي عمر واري گھرواري هئي. جنگين ۾ زخمين کي پاڻي پياريندي ۽ انهن جي ملم پٽي ڪندي هئي. 11 هه ۾ نبي ڪريم ﷺ جن سندن ڪوٺيءَ ۾ ئي دفن ٿيا. بيواهيءَ جا 48 سال گذارڻ کان پوءِ 62 سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين. پاڻ وڏي فقيهه هئي.
    (ر‌) فاطمهؒ بنت خطاب، حضرت عمرؒ جي ڀيڻ هئي. هن حضرت عمر ؒ کان پهريان اسلام قبوليو هو.
    (ز‌) امينهؒ بنت خلف به شروعاتي مسلمانن مان هئي. پنهنجي ڀاءُ اميه بن خلف جي سخت مخالفت جي باوجود مسلمان ٿي وئي. پنهنجي مڙس خالد بن سعيد سان گڏ حبشه ڏي هجرت ڪيائين.
    هن فهرست تي هڪ نظر وجھڻ سان اها ڳالهه چٽي ٿي وڃي ٿي ته اسلامي انقلاب هڪ عوامي انقلاب هو. اهو رعايت يافته طبقي جي مفادن جي حفاظت جي لاءِ نه آيو هو. ڪڙمت کي ربوا (وياج) سڏڻ جو مطلب ئي اهو هو ته انهيءَ دؤر ۾ جيئن ته پيداواري ذريعو صرف زمين هئي، تنهن کي مزدور يعني عوام جي قبضي ۽ ملڪيت ۾ ڏنو وڃي ته جيئن جاگيرداري نظام قائم نه ٿي سگھي. رعايت يافته طبقي جا ڪجھه فرد، جيڪي انقلابي جاکوڙ ۾ شامل هئا سي نيڪ دل ۽ انسان دوست هئا ۽ هيءُ ٿورڙو تعداد هر عوامي انقلاب ۾ شامل رهيو آهي. اهي ماڻهو اصل ۾ زمين جا مالڪ نه هئا جيڪي محنت جي استحصال جو ذريعو بڻبا رهيا آهن، پر واپاري هئا. هن دؤر جي واپار ۾ محنت جي استحصال جو تمام ٿورڙو شبهو هو. اهو واپار قافلن جي صورت ۾ هوندو هو، جنهن کي حڪومت پنهنجي قبضي ۾ وٺي نٿي سگھي.
    اسلامي انقلاب تي، رعايت يافته طبقي حضرت عثمانؒ جي خلافت جي آخري سالن ۾ قبضو ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪري ڏني هئي. سندن شهادت کان پوءِ جنگ جمل ۽ جنگ صفين ۾ انهيءَ طبقي خلافت تي قبضو ڪري ورتو ۽ انهيءَ کي مديني کان دمشق کڻي ويا، جتي انهيءَ عوامي انقلابي جمهوريت کي بادشاهت ۾ بدلائڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي وئي.
    ڳجھي دعوت جو دؤر لڳ ڀڳ ٽي سال جاري رهيو. انهيءَ عرصي ۾ غلام، عورتون ۽ مرد سڀئي هن نئين اڀرندڙ انقلابي تحريڪ ۾ شامل ٿي رهيا هئا. خوف، بک، جهالت ۽ نالي چڙهين مذهبي پيشوائن کان آزاديءَ جو پروگرام بڻجي چڪو هو ۽ الله تعالى، جيڪو پالڻهار، خالق ۽ ڪريم هو، تنهن جي ٻانهپ جي ڳجھي تياري ٿي رهي هئي.
    اُن دؤر ۾ وحي الاهي جي ذريعي جيڪي سورتون نازل ٿيون، انهن جو خطاب نه ته اميرن سان هو ۽ نه عام ماڻهن سان. اهي رڳو رسول الله ﷺ جي دل کي ڏڍ ڏيڻ ۽ کين انقلاب جي ڏکين مرحلن مان گذارڻ جي لاءِ دل ٻڌائڻ خاطر هيون. اهي سورتون والضحى، الم نشرح، الفلق، الفيل ۽ القدر وغيره هيون، جن جو مفهوم هيءُ هو ته انقلاب جي مقصد ۽ حڪمت عمليءَ جي باري ۾ رسول الله ﷺ جي دل کي ڪشادو ڪيو وڃي. پڪ سان سندن ڳالهه مٿانهين هوندي. ڏک ۽ سک جو اچڻ انساني زندگيءَ جو حصو آهي. کين يتيميءَ جي حالت ۾ پناهه ملي. انقلاب جو دڳ نه ملڻ تي کين دڳ ڏسيو ويو. مسڪينيءَ کان شاهوڪاري ملي. اهڙي طرح هر اچڻ وارو دؤر پهرين دؤر کان ڀلو ٿيندو ويندو. خدا جادوگرن ۽ حاسدن کان کين پنهنجي پناهه ۾ رکندو ۽ اهي هاٿين وارن وانگر تباهه ٿي ويندا. جادوگرن وغيره جو مقابلو انهيءَ سلامتيءَ واري تعليم سان ڪيو ويندو، جيڪو الروح آهي، يعني قرآن سان. ساڻن گڏ ملائڪ آهن جيڪي امن، سڪون ۽ سلامتي پيدا ڪندا آهن.


    هن دوءر جون ڪي خاصيتون

    هن دوءر جون ڪي خاصيتون
    (1) هن دؤر ۾ خدا جي لاءِ واحد جو لفظ استعمال نه ڪيو ويو، پر اڻ سڌي طرح توحيد الاهي جي تصور تي زور ڏنو ويو ته خلقيندڙ اڪيلو آهي. ٻيو ڪو به خالق نه آهي. وجود به انهيءَ جو آهي ۽ علم جو سرچشمو به اهو ئي آهي.
    (2) خدا جي سڀني صفتن ۾ صفت ”رب“ تي وڌيڪ زور ڏنو ويو، ڇو ته رب جي معنى آقا آهي. انهيءَ دؤر ۾ غلامي عام هئي. روم، ايران، مصر وغيره وڏيون تهذيبون غلام بڻائيندڙ به هيون ۽ غلامن تي ٻڌل پڻ هيون. سندن مالڪ انتهائي ظالم ۽ مطلبي هئا. سندن مقابلي ۾ رب جو تصور وڏي ٻاجھه ۽ مهرباني وارو هو، جيڪو خالق به هو ۽ علم ڏيڻ وارو ۽ معلم به هو. جيتوڻيڪ ڪجھه مالڪ مهربان به هئا پر الله ڪرم ڪندڙ هو يعني ان جهڙي بي حساب مهرباني ڪرڻ وارو ٻيو ڪو به مدمقابل نه آهي. اِن ڪري انهيءَ (ڳجھي دعوت واري) دؤر ۾ انساني آقائن جي مقابلي ۾ الله تعالى کي رب (آقا) سڏيو ويو آهي ته جيئن غلام پنهنجي دنياوي آقائن کان بغاوت ڪري. ظالم، خونخوار، خود غرض ۽ انسانيت کي علم ۽ تهذيب جي برڪتن کان محروم رکڻ وارا اُن هڪڙي آقا جي بندگيءَ ۾ اچي وڃن جيڪو خالق آهي، مهربان آهي، اڃا به انتهائي مهربان آهي ۽ علم ڏيڻ وارو معلم پڻ آهي.
    (3) هتي رڳو علم نه چيو ويو، پر علم بالقلم چيو ويو آهي. قلم تجربي توڙي مشاهدي ۽ انهن جي نتيجن کي محفوظ ڪرڻ جو ذريعو هو ته جيئن اچڻ وارا نسل انهن تجربن ۽ مشاهدن مان فائدو ماڻي علم کي وڌيڪ ترقي ڏين. انهيءَ ڪري علم مان مراد سائنس ۽ تاريخ بابت علم آهن. يورپ مسلمانن کان استفادو ڪري تجربي ۽ مشاهدي تي ٻڌل علم يعني سائنس کي، جنهن کي استقرائي علم به چيو وڃي ٿو، تمام گھڻي ترقي ڏني. انسان زمين ۽ سمنڊن جو مطالعو ڪرڻ کان پوءِ فضا کي به فتح ڪري چنڊ تي پير رکيو. سائنس تحقيق جي داخلي طريقي جو ٻيو نالو آهي. استخراجي طريقو سائنسي مطالعي جي برخلاف، ان جو ضد آهي. اُن تي تفصيلي نوٽ پهريان گذري چڪو آهي.
    (4) قرآن جي پهرين ئي وحيءَ اخلاقيات کي اقتصاديات سان وابسته سڏيو آهي. جيڪڏهن معاشرو اهڙي اقتصاديات تي ٻڌل هوندو، جنهن ۾ محنت جو استحصال ڪيو ويندو هوندو ۽ معاشرو آقا ۽ غلام جي طبقن ۾ ورهائجي ويو هوندو، يعني هڪ طبقو جيڪو تمام ٿورڙي تعداد باوجود سمورن پيداواري وسيلن ۽ اقتدار تي قابض هجي ۽ ٻيو طبقو اهو جنهن ۾ مزدورن ۽ پوئتي پيل محروم انسانن جي تعداد جو نوي سيڪڙو هجي، ته اهڙي اقتصادي ۽ معاشي نظام ۾ سڀئي اوڳڻ جهڙوڪ خون خرابو، ويڙهه جھيڙو، جنسي ڇڙواڳي، جوئا بازي، ڦرمار، شراب نوشي، عزت جي نيلامي، ڪمزورن جي مال تي ڏاڍ سان قبضو ڪرڻ وغيره شامل هوندا. اڃا به ائين چئجي ته اهو طبقاتي معاشي نظام ئي انهن بيمارين کي پيدا ڪندو آهي. انهيءَ جو اصل سبب پيداواري وسيلن تي قابض طبقي (آقا، جاگيردار ۽ صنعتڪار) جي مفادن ۽ انهن وسيلن کان محروم اڪثريت جيڪا پنهنجي محنت وڪڻي ڪري پيٽ پالڻ وارن (يعني غلام، زرعي غلام ۽ پگھاردار غلام) جي طبقي تي ٻڌل، جي وچ ۾ ٿيندڙ طبقاتي ڇڪتاڻ آهي.
    جيڪڏهن پيداواري وسيلا عوام جي ملڪيت ۾ هجن ته طبقاتي ڇڪتاڻ ختم ٿي ويندي ۽ معاشري ۾ امن، برابري، محبت، پاڻ ۾ تعاون، جنسي صحتمندي، ڪمزور جي مدد ڪرڻ وارا انسان پيدا ٿيندا، تنهن ڪري اخلاقي نظام جو چڱو يا خراب هئڻ معاشي نظام جي طبقاتي يا غيرطبقاتي هئڻ تي دارومدار رکي ٿو. قرآن انهيءَ نظريي تي چڱيءَ طرح روشني وڌي آهي ۽ عياش ۽ وڏائي ڪندڙن جي مقابلي ۾ ڪمزورن، عام انسانن ۽ گھڻائي وارن طبقن جي وضاحت ڪئي آهي ۽ مقصد هيءُ ٻڌايو آهي ته عياشن جي طبقي کي ختم ڪري معاشري کي غيرطبقاتي معاشري ۾ بدلايو وڃي پر خلافت جي دمشق ڏانهن منتقل ٿيڻ ۽ اسلام جي انقلابي اڳواڻي تي مراعات يافته طبقي جي قبضي، طبقاتي معاشري کي توحيدي يا غيرطبقاتي معاشري ۾ بدلائڻ جي تصور کي ئي ختم ڪري ڇڏيو ۽ بادشاهت جي اداري کي دائمي طرح مضبوط ڪري ڇڏيو. اهو ئي سبب آهي جو ڏيڍ هزار سالن کان مسلمان معاشرو طبقن ۾ ورهائبو آيو آهي، جنهن ڪري هر طرح جي بداخلاقي ۾ ڦاٿل آهي. جيستائين اهو طبقاتي نظام قائم رهندو، اها ڇڙواڳي ۽ بد اخلاقي به قائم رهندي.
    (5) اسلام جادو جي اثرن کي مڃي ٿو پر جادوگر کي انسان دشمن سڏي ٿو ۽ کين پنهنجي جادوگري ختم ڪرڻ جي هدايت ڪري ٿو. هيءُ ڪاروبار نه رڳو انساني معاشري، پر مسلم معاشري ۾ اڄ تائين پنهنجا پير ڄمايون بيٺو آهي. قرآن ضد آهي جادو ۽ منتر وغيره جو. اها تعليم جيڪا حق هجي، هدايت ۽ نور هجي، جنهن جي پڙهڻ سان جبل به هلڻ لڳن، سو ڪلام پڪ سان الله تعالى جي طرف کان هوندو. ” وَلَوْ اَنَّ قُرْاٰنًا سُيِّرَتْ بِہِ الْجِبَالُ“ (الرعد:31). ڪافر قرآن کي جادو چوندا هئا ۽ جادو ڪوڙ هوندو آهي ”وَلَىِٕنْ قُلْتَ اِنَّكُمْ مَّبْعُوْثُوْنَ مِنْۢ بَعْدِ الْمَوْتِ لَيَقُوْلَنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْٓا اِنْ ھٰذَآ اِلَّا سِحْــرٌ مُّبِيْنٌ“ (هود:7)
    (6) ملائڪَ يا ملائڪُ (جمع ۽ واحد) اُهي طبعي قوتون آهن جيڪي سموري ڪائنات ۾ ملن ٿا. يهودي ۽ عيسائي انهن کي جسم وارو سمجھندا هئا ۽ اهو ته اهي الله جون فرمانبردار روحاني قوتون يا فرشتا آهن. جهالت جي زماني ۾ عرب انهن کي ماديون سمجھندا هئا ۽ پنهنجي ديوين (لات، منات ۽ عزى) کي ملائڪَ چوندا هئا. سندن خيال هو ته اهي الله جون ڌيئر آهن ۽ انهن جي ماءُ هڪ جنڙي آهي ”فَاسْتَفْتِہِمْ اَلِرَبِّكَ الْبَنَاتُ وَلَہُمُ الْبَنُوْنَ“ (الصافات: 149) ڄڻ ته خدا ۽ جن جي مائٽي ڳنڍي، ٻنهي کي خوش ڪرڻ گھرندا هئا ” وَجَعَلُوْا بَيْنَہٗ وَبَيْنَ الْجِنَّۃِ نَسَـبًا۝۰ۭ “ (الصافات:158)
    قرآن ڪيترائي دفعا سڪينه يعني دل جي اطمينان ۽ جنود الله يعني الله تعالى جي عطا ڪيل همٿ جي نزول جو ذڪر ڪيو آهي. اهڙي طرح ملائڪن سان گڏ الروح يعني خدا جي قوت يا جبرئيل جو ذڪر آهي. انهيءَ ڪري الروح کي امر رب يا وحي چيو ويو آهي. اهڙي طرح ”يُنَزِّلُ الْمَلٰۗىِٕكَۃَ بِالرُّوْحِ مِنْ اَمْرِہٖ عَلٰي مَنْ يَّشَاۗءُ مِنْ عِبَادِہٖٓ“ (النحل:2)، ”قُلِ الرُّوْحُ مِنْ اَمْرِ رَبِّيْ“ (بني اسرائيل:58) ۽ ”وَكَذٰلِكَ اَوْحَيْنَآ اِلَيْكَ رُوْحًا مِّنْ اَمْرِنَا“ (الشورى:52) به چيو ويو آهي. مطلب ته قرآني اصطلاح ۾ ملڪ يا فرشتو اها خدائي قوت آهي، جيڪا انسان جي دل ۾ اطمينان، ڀروسو، همٿ ۽ استقامت پيدا ڪري ٿي. موجوده زماني جي اصطلاح ۾ انهيءَ کي ضمير يا وجدان چئي سگھجي ٿو يا استعاري طور هي خدائي آواز آهي، جيڪو هر انسان ٻڌي سگھي ٿو ”فَاَلْہَمَہَا فُجُوْرَہَا وَتَقْوٰىہَا“ (والشمس:8)
    هاڻي انهن سورتن جي مفهوم جي ٿورڙي وضاحت ڪجي ٿي. وڌيڪ وضاحتون توهان کي تفسيرن ۾ به ملي وينديون.
    (1) غار حرا ۾ آيل پهرين وحي الاهي پنجن آيتن تي ٻڌل هئي، جنهن ۾ فلسفي جي ٻن بنيادي سوالن جو جواب ڏنو ويو هو: هڪ اهو ته وجود ڇا آهي؟ ۽ ٻيو اهو ته علم ڇا آهي؟
    هستي ۽ معرفت يعني وجود ۽ علم جي هيئت جي ڳولا ۾ انسان فلسفي جا ڪيترا ئي فڪري مڪتب پيدا ڪري ورتا هئا. انهن مختلف مڪتبن انساني ذهن کي پريشاني ۾ وجھي ڇڏيو هو. پهرين وحيءَ حقيقت سان گڏوگڏ اهوبه ٻڌائي ڇڏيو ته وجود توڙي علم جو سرچشمو رب، الخالق ۽ المعلم جي ذات آهي. اُن خالق جي حڪمن جي فرمانبرداري طبقاتي معاشري کي، جيڪو سڀني بداخلاقين جو بڻياد آهي، توحيدي معاشري ۾ بدلائي ڇڏيندي ۽ اهڙيءَ طرح انسان بک، جهالت، خوف ۽ غلاميءَ جي لعنت کان ڇوٽڪارو ماڻيندو.
    ڄاڻايل پنجن آيتن جي نزول کان پوءِ، انهن ۾ ٻڌايل زندگيءَ جي فلسفي ۽ ڪائنات جي تصور ۽ نصب العين کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ، ڳجھو طريقو پنهنجايو ويو. انهيءَ عرصي ۾ نبي ڪريم ﷺ جن جي دل کي ڏاڍو ڪرڻ ۽ انقلاب جي ڳري بار کي کڻڻ جي لاءِ سندن دل کي ڪشادو ڪيو ويو.
    (2) والضحى: انهيءَ سلسلي ۾ ٻي سورة والضحى نازل ٿي. پهرين وحي کان پوءِ وحيءَ جو سلسلو ڪجھه عرصي جي لاءِ بند ٿي ويو هو.
    نبي ڪريم ﷺ سمجھيو ته شايد انقلابي جاکوڙ ۾ خدائي هدايت جو سلسلو بند ٿي ويو آهي. اها سورة انهيءَ ئي فڪرمندي جو جواب آهي، ته فطرت (الله) ۽ ان جون قوتون جڏهن انساني معاشري ۾ انقلابي هلچل شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري وٺنديون آهن، ته پوءِ انهيءَ هلچل کي ظالم طبقي هٿان تباهه ۽ برباد ٿيڻ لاءِ بي سهارو نه ڇڏيو ويندو آهي. دنيا جي سماجي انقلابن ۾ به اهو ئي عالمگير قانون ڪم ڪندو رهيو آهي. رسول الله ﷺ کي تسلي ڏني وئي آهي ته فطرت جا مظهر ۽ ان جو ڄاتل سڃاتل وهنوار انهيءَ ڳالهه جو دليل آهي ته هيءُ انقلاب ضرور ڪامياب ٿيندو. اهڙي طرح تيرهن سالن جي سخت جاکوڙ کان پوءِ رسول الله ﷺ کي مديني ۾ انهيءَ فڪر تي ٻڌل هڪ رياست قائم ڪرڻ جو موقعو ملي ويو. ائين اها اڳڪٿي ته ”توهان کي جلد ئي خوشخبري ڏني ويندي“، پوري ٿي وئي.
    هونئن به رسول الله ﷺ جي زندگيءَ ۾ شروع کان ئي هڪ ڳجھو هٿ ڪم ڪندي نظر اچي ٿو، جيڪو حفاظت ۽ جاکوڙ جي هر موڙ تي سندن نظرياتي رهنمائي ڪندو هو. پاڻ يتيم هئا، ڪو معمولي واقعو به هن بي سهاري ۽ يتيم جي زندگيءَ کي اُجھائي نه سگھيو، اڃا به کين مضبوط پناهه ڏني وئي. انسانيت کي ذلت جي اوڙاهه مان ڪڍڻ جو صحيح طريقو ۽ صحيح فڪر جي خبر نه هئي؛ ڪيترائي رستا موجود هئا، جن مان هڪڙو ئي صحيح گس هو، جنهن کي چٽو ڪري ٻڌايو ويو. پاڻ مسڪين هئا، انقلابي هلچل شروع ڪرڻ لاءِ مالي پريشانيءَ مان ڪنهن حد تائين ڇوٽڪارو ضروري هو ته جيئن پوري توجھه سان هلچل جي انقلابي ۽ جاکوڙي فڪر جي بنيادن کي مضبوط ڪري ۽ هڪ پڙ تي آڻي بيهاري سگھن، کين آسودو ڪيو ويو. هن انقلاب جو مقصد ۽ نصب العين به ٻڌايو ويو ته مظلوم، يتيم ۽ پوئتي پيل ۽ غلام طبقي جي حالت کي تبديل ڪرڻ آهي ته جيئن اهي مالي خوشحالي، هڪجهڙائي، پاڻ ۾ محبت، علم ۽ تهذيب جي برڪتن مان فائدو ماڻي پنهنجي ذات جي تڪميل ڪري سگھن.
    آخر ۾ ٻڌايو ويو ته اسلامي انقلاب تاريخ جي ٻين غير ديني انقلابن کان الڳ آهي. ٻين دنياوي انقلابن جو مقصد رڳو مادي خوشحالي ۽ امن ۽ سڪون حاصل ڪرڻ هوندو آهي پر نبوي انقلاب مادي خوشحالي ۽ علم ۽ تهذيب جي برڪتن سان گڏوگڏ عبادت الاهي جي ذريعي پنهنجي زندگيءَ جي روحاني پاسي جي تڪميل ڪرڻ پڻ آهي، ته جيئن انسان اهو قرب الاهي حاصل ڪري سگھي، جيڪو ان جي زندگيءَ جو مقصد آهي، ڇو ته مرڻ کان پوءِ کيس پنهنجي مالڪ جي اڳيان پيش ٿيڻو آهي. سورة مزمل ۾ رسول الله ﷺ جي راتين جو عبادت ڏانهن اشارو ڪندي، ڏينهن واري انقلابي جاکوڙ جي لاءِ انهيءَ کي گهٽائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
    اسان جي دؤر ۾ اشتراڪي انقلاب جو نصب العين رڳو عوام جي خوشحالي هو. انساني نفس ۾ عبادت جي ذريعي اخلاقي ۽ روحاني گڻن کي واضح ڪرڻ ان جو مقصد نه هو. انهيءَ ڪري ئي اهو ناڪام ٿي ويو ۽ انسان وري معيشت جي استحصالي نظام واري ڌٻڻ ۾ ڦاسي ويو.
    (3) ٽين سورة الم نشرح آهي، جنهن سان اسلام جي نظريي کي سمجھڻ ۽ ان کي زندگيءَ تي لاڳو ڪرڻ ۽ زندگيءَ کي ان جي گھرجن موجب تبديل ڪرڻ لاءِ صحيح گس ۽ طريقيڪار تي ذهن جي چٽائي بابت شرح صدر آهي. حضرت شاهه عبدالعزيز ؓ الم نشرح جي تفسير ۾ ٻڌايو آهي ته نبي ڪريم ﷺ جو چار دفعا سينو کوليو ويو. (1) حليمه سعيده وٽ جڏهن پاڻ اڃا ٻالڪ هئا. (2) ڏهن سالن جي عمر ۾ جڏهن ٻالڪپڻ جو دؤر ختم ٿيو ۽ پاڻ ابو طالب سان گڏ شام ويا. (3) وحي جي نازل ٿيڻ کان پهريان، يعني چاليهن سالن جي عمر کان پهريان، جڏهن پاڻ مڪي ۽ ان جي اوسي پاسي جي ماڻهن کي هدايت ڪرڻ وارا هئا. (4) طائف مان موٽڻ کان پوءِ جڏهن سورة اسراء نازل ٿي ۽ پاڻ ﷺ جن ٻين قومن ۾ اسلام جي تبليغ تي ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو. انهيءَ جو مطلب اهو آهي ته انقلابي جاکوڙ جي هر موڙ تي سينو کلندو رهيو. ڇو ته انقلابي جاکوڙ ۾ انقلابي ڪارڪنن ۽ انقلابي نظرين جي پيروڪارن جي سلامتي انهيءَ ڳالهه تي دارومدار رکندي آهي ته انساني مسئلن جو صحيح حل پيش ڪرڻ وارو انقلابي نظريو ۽ ان کي ڪامياب ڪرڻ وارو صحيح رستو ٻئي صحيح هجن، نه ته انقلاب جي ناڪاميءَ جي صورت ۾ انقلابي ڪارڪنن کي مخالفت چٿي ڇڏيندي آهي، تنهن ڪري تباهيءَ جو تصور ئي انقلابي رهنما جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏيندو آهي. انهيءَ کان سواءِ اهو ٻوجھه جنهن کي پاڻ ڪريم ﷺ جن محسوس ڪري رهيا هئا، سو هيءُ هو ته نه رڳو مڪي ۽ حجاز ۽ عرب ۾ ئي انساني زندگي شڪست کاڌل هئي پر عرب کان ٻاهر به پاڻ ﷺ جن پنهنجي واپاري سفرن ۾ مشاهدو ڪري ڏٺو هو ته هر جاءِ تي غلاميءَ جو نظام رائج آهي ۽ معاشري جي مظلوم طبقن تي هر قسم جا ظلم ڪيا پيا وڃن. جنسي ڇڙواڳي عام آهي. ماڻهن جي سامهون زندگيءَ جو ڪو اعلى مقصد بنهه نه آهي. جبلتن جي حيواني گھرجن جي پورائي لاءِ سموري جاکوڙ ڪئي پئي وڃي. پنهنجي عملن جي جوابدهيءَ جو تصور اڻلڀ هو. مذهبن جا پيروڪار پڻ آخري زندگيءَ جي تصور کي وساري چڪا هئا. معاشري کي طبقاتي ڇڪتاڻ مان ڪڍي، ان ۾ وحدت پيدا ڪرڻ واري نصب العين کي مذهبي اڳواڻن، مراعات يافته طبقي جي مفادن جي تحفظ جي لاءِ، ديني فرضن وانگر عوام جي نظرن کان پري رکيو هو. رڳو ظاهري عبادتن جي ادائگي ۽ عبادتگاهن جي اڏاوت ۽ سينگار کي ئي آخرت واري زندگيءَ ۾ ڇوٽڪاري جي ضمانت سڏيو ويو هو. مذهبن جي پاڻ ۾ اختلاف تي تشدد ڀريا ٽولا بڻجي پيا هئا ۽ دين جي وحدت جي تعليم جو تصور ختم ٿي ويو هو، جنهن تي وحدت انسانيت جو قيام ممڪن ٿي سگھي پيو.
    توحيد الاهي، آخرت ۽ رسالت تي ايمان جي باري ۾ پاڻ ﷺ جن الله تعالى جي خاص مهربانيءَ سان سمجھي ورتو هو ته اهو ئي زندگيءِ جي هر بگاڙ جو علاج آهي. الله تعالى جي انهيءَ رهنمائيءَ سان سندن ذهن جو ٻوجھه هلڪو ٿي ويو. الله تعالى ٻڌايو ته هر اهنجائيءَ کان پوءِ سهنجائيءَ جو اچڻ لازمي آهي ۽ حضور جن جو انقلابي ڪم اڳتي وڌي رهيو آهي ”وَرَفَعْنَا لَكَ ذِكْرَكَ“ جڏهن پاڻ کليل دعوت جي شروعات ڪيائون ته مڪي جي غلام بڻائيندڙ سردارن جي پاسي کان سخت مخالفت هوندي به انقلابي هلچل ۾ شامل ٿيڻ وارن جو تعداد لڳاتار وڌندو رهيو.
    آخر ۾ زور ڏنو ويو ته جڏهن به توهان انقلابي ڪمن يا ذاتي ضرورتن مان واندڪائي حاصل ڪريو ته پنهنجي خالق حقيقيءَ ڏانهن متوجهه ٿيو. انهيءَ سان هڪ ته انقلابي تعليم ۽ عمل جي باري ۾ سينو کلندو ۽ ٻيو عبادت ۾ الله تعالى سان رابطو قائم ٿيندو جيڪو صحيح فڪر ۽ عمل جو سرچشمو آهي ته رهبر به آهي.
    (4) سورة فلق: جادو ۽ ٽوڻي جو عمل تمام آڳاٽو آهي. انسان پنهنجي تجربي سان هيءَ ڳالهه سمجھي ورتي هئي ته جيڪڏهن نفس کي قابو ڪيو وڃي ته انهيءَ جي اثرن سان ڪم ڪڍي سگھجي ٿو، جيئن اڄ ڪلهه مسمريزم جو عمل آهي. جيڪڏهن توجهه کي هڪ جاءِ تي مرڪوز ڪرڻ جي سگھه پيدا ڪئي وڃي ته انهيءَ قوت کان هو پنهنجي مرضيءَ موجب ڪم وٺي سگھي ٿو. اسلام جادو يا سحر ۽ اُن جي اثرن کي مڃي ٿو، جو دشمن کي زير ڪرڻ يا تباهه ڪرڻ جي لاءِ اهو به هڪ حيلو هو.
    رسول الله ﷺ تي هڪ يهودي لبيد بن اعصم ۽ ان جي ٻن ڀينرن جادو ڪيو هو، جنهن سان پاڻ ڪريم ﷺ جن جي جسم تي اُن جا اثر ظاهر ٿيا. انهيءَ واقعي جو تفصيل تفهيم القرآن ۾ ڏنو ويو آهي. قرآن ۾ بابل جي هاروت ۽ ماروت جو ذڪر آهي، جن کان ماڻهو جادو سکندا هئا. اِهو به حضرت موسى ؑ جي سامهون جادوگرن لٺيون ۽ رسا اڇلائي انهن کي نانگن بلائن جي شڪل ۾ بدلائي ڇڏيو هو ۽ سوين ماڻهن جي هجوم تي سندن جادوءَ جو اثر ٿيو هو. ايتري تائين جو حضرت موسى ؑ به انهن لٺين ۽ رسن کي نانگ سمجھي رهيو هو. وحي الاهي کين لٺ اڇلائڻ جو حڪم ڏنو جيڪو هڪ اجگر بلا بڻجي ويو ۽ جادوگرن جي نانگن کي کائي ويو هو.
    اسلام ٽوڻي ڦيڻي ۽ جادو وغيره کي پنهنجو ڌنڌو ٺاهي، دولت ڪمائڻ جو ذريعو بنائڻ کان منع ڪئي آهي. اها ڳالهه پڌري هجي ته جادوءَ جو اثر نبي ڪريم ﷺ جي جسم تائين محدود هو، سندن نبوت جي ڪمن تي ان جو ڪوبه اثر نه ٿيو هو.
    فلق جو مطلب آهي: تخليق جو عمل ٽٽي جدا ٿيڻ يا جدليات (Dialectics) سان ٿيندو آهي. انهيءَ عمل ۾ مثبت مان ان جو منفي پيدا ٿيندو آهي ۽ ٻنهي ۾ ٽڪراءَ سان طفره (ٽپي) جي ذريعي هڪ نئون ميلاپ وجود ۾ ايندو آهي جيڪو پنهنجي خاصيت ۽ شڪل، ٻنهي ۾ پنهنجي مثبت ۽ منفي کان الڳ هوندو آهي. اهو ميلاپ تخليق ۾ هڪ واڌارو هوندو آهي جيڪو ان کان پهريان موجود ڪونه هو.
    برائي سراسر منفي يا ناڪاري شيءِ آهي. برائي جيڪڏهن پنهنجي اندر هاڪاري خاصيتون نٿي رکي ته اها سراسر برائي ئي آهي. برائيءَ جو وجود انهيءَ ڪري آهي جو هر شيءِ عيبدار ۽ هڪ حد اندر آهي. انهيءَ ڪري پنهنجو ناڪاري پاسو به رکندي آهي. پنهنجي تڪميل جي عمل ۾ هاڪاري ۽ ناڪاري پاسا پاڻ ۾ ٽڪراءُ ۾ اچي ويندا آهن، جنهن سان نئين تخليق ٿيندي آهي، جيڪا ما قبل کان وڌيڪ مڪمل هوندي آهي. اقبال چيو آهي ته:
    کائنات ابھی ناتمام ہے شاید
    کہ آ رہی ہے دمادم صدائے کن فیکون
    بڇڙائي پسند جماعتون ۽ ماڻهو پنهنجي بڇڙائي پکيڙڻ جي لاءِ رات جي وقت جي چونڊ ڪندا آهن. نفث في العقد جو مطلب جادوگر جماعتن کان سواءِ انقلابي فڪر جي خلاف سٽون سٽڻ واريون جماعتون به ٿي سگھن ٿيون. ساڙولو ماڻهو ٻئي ڪنهن کي پنهنجي مرتبي کان وڌيڪ مرتبو حاصل ٿيڻ تي پيو سڙندو ۽ پڄرندو آهي ۽ مختلف حيلن سان انهيءَ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ابوجهل به انهيءَ ڪري ئي مخالف هو ته هو رسول الله ﷺ جي قبيلي کي، پاڻ سڳورن ﷺ کي نبوت ملڻ جي ڪري، پنهنجي قبيلي کان مٿاهون سمجھندو هو ۽ اها ڳالهه سهي نٿي سگھيو، تنهن ڪري مخالفت تي لهي آيو هو. نبي ڪريم ﷺ کي الله تعالى جادو ۽ حسد جي باهه کان آخري گھڙيءَ تائين محفوظ رکيو.
    اها ڳالهه ياد رهي ته هر انقلابي هلچل جي خلاف حسد ڪرڻ وارا ۽ اُن هلچل کي ناڪام ڪرڻ جي لاءِ مختلف ٽوڙ ڦوڙ وارا حربا هلائڻ وارا ماڻهو موجود هوندا آهن پر آخرڪار اهي ناڪام ٿيندا آهن.
    (5) الفيل: هيءَ پاڪ سورت ٻڌائي ٿي ته فطرت جن انقلابن کي پاڻ پيدا ڪرڻ گھرندي آهي، انهيءَ سان انسانيت جي هر قسم جي سگهه ۾ ارتقا ۽ واڌويجھه جو عمل پيدا ٿيندو آهي. انهن انقلابن ۾ اهڙا واقعا پيدا ٿيندا آهن، جيڪي انقلاب لاءِ جاکوڙيندڙ ماڻهن ۽ قوتن جي مرضي ۽ وس کان ٻاهر هوندا آهن پر اهي واقعا انقلاب جي ڪاميابيءَ جي لاءِ ضروري هوندا آهن. ابرهه جو حملو ۽ ان جي تباهي به اهڙن ئي واقعن مان هڪ آهي.
    پهرين مهاڀاري لڙائيءَ ۾ روسي فوجن جي هار ۽ انهن جي ڏتڙيل حالت وغيره، اهڙا واقعا هئا جو ڪامريڊ لينن جي وس کان ٻاهر هئا، پر اهي ئي واقعا اشتراڪي انقلاب جي ڪاميابيءَ جي ضمانت پڻ بڻيا.
    رسول الله ﷺ جي پيدائش کان چاليهه ڏينهن پهريان هيءُ حملو ٿيو هو. هاٿين جي فوج کي هارائڻ عربن جي وس کان ئي ٻاهر هو. عبدالمطلب ته رڳو پنهنجا اٺ واپس وٺي آيو. جيڪڏهن ابرهه پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي وڃي ها ته اسلامي انقلاب آڻڻ ممڪن ئي نه هو، ڇو ته هو پنهنجي سگھه سان انهيءَ کي چٿي ڇڏي ها. تاريخ ۾ اهو ڏسجي ٿو ته غلامن ۽ پوئتي پيل طبقن جي انقلابن کي ڇڙواڳ حڪومتن پنهنجي سگھه سان چٿي ڇڏيو. انهيءَ ڪري ابرهه جي تباهي اسلامي انقلاب جي ڪاميابيءَ جي لاءِ سراسر الله تعالى جي طرفان ڀلائي هئي.
    (6) القدر: اسلامي انقلاب جي اهميت ۽ عظمت تي روشني وڌي وئي آهي. اها رات يا گھڙي جنهن ۾ انسانن جي تقدير کي بدلائڻ لاءِ انقلابي پروگرام ۽ جاکوڙ جا طريقا جڙندا آهن، سا سڀني غيرانقلابي راتين يا گھڙين کان وڌيڪ ڀلاري ۽ مانائتي هوندي آهي.
    غار حرا ۾ اها رات، جنهن ۾ پهرين وحي نازل ٿي، مڪي، حجاز يا عرب نه پر سموري دنيا جي تقدير کي بدلائڻ واري رات هئي ۽ اها ئي انهيءَ جي عظمت هئي. اهڙيءَ رات ۾ ملائڪ انسانن جي تقدير بدلائڻ جي لاءِ خدائي تعليم کڻي انقلابي اڳواڻ جي دل تي نازل ٿيا. ايتري تائين جو انقلابي جاکوڙ، جهالت جي اونداهي رات کي ختم ڪري، انسانن جي لاءِ امن، سلامتي، ترقي ۽ عظمت جي روشن صبح کي نروار ڪري ڇڏيو. دنيا جا سڀئي انقلاب، جن انساني ترقي ۽ سلامتيءَ جي لاءِ نوان پروگرام ڏنا آهن، انهن انقلابن جا پروگرام جوڙڻ واريون گھڙيون صحيح اندازن واريون گھڙيون هونديون آهن ۽ امن ۽ سلامتي واريون هونديون آهن. سورة دخان ۾ ليلة القدر کي ”ليلة المبارڪة“ به چيو آهي.
    دعوت واري ڳجھي دؤر ۾ جيڪي سورتون نازل ٿيون، انهن سڀني مان گڏيل طور تي هدايت ۽ انقلابي جاکوڙ جا جيڪي قانون ۽ نصب العين جڙيا سي هي آهن:
    (1) دنيا جي سڀني قومن جو خالق ۽ مالڪ هڪ آهي.
    (2) انسان جي سڀني ڏکن ڏاکڙن جو علاج علم، محبت، پنهنجي مالڪ جي فرمانبرداري ۽ غلاميءَ جو خاتمو ڪري انساني برابري قائم ڪرڻ ۽ پيداواري وسيلن تي عوامي ملڪيت قائم ڪرڻ ۽ نفس جي پاڪائي آهي. (پهرين وحي)
    (3) انقلاب جو مقصد توحيد الاهي جي بنياد تي، هر ماڻهوءَ جي لاءِ علم جي روشني، جبلتن جي حيواني گھرجن تي اعلى اخلاقي گڻن جو ضابطو، انهيءَ مقصد جي لاءِ حيواني گھرجن جي غيرانساني ۽ غيراخلاقي حدن کان پاسو ڪرڻ ۽ گھڻائيءَ سان عبادت ۽ خدائي ياد کي اپنائڻ (والضحى، الم نشرح). ٻين لفظن ۾ غلاميءَ واري نظام جو خاتمو آڻي عوامي جمهوريت کي قائم ڪرڻ.
    (4) انقلاب جي دشمن قوتن، جهڙوڪ پيداواري وسيلن تي قبضو ڪرڻ وارن جادوگرن، ڀوپن، ساڙسڙين، مذهب جي نالي تي غيرعقلي وسوسا پکيڙيندڙن، سياسي ڏاڍ جي ذريعي شخصي ۽ قومي آزادي کسڻ وارن، جنسي ڇڙواڳي ۽ بيحيائي پکيڙيندڙن، علم جي واٽ ۾ رڪاوٽون وجھڻ وارن، قوم ۾ نفرتون پکيڙيندڙن ۽ مزدورن جي محنت جو استحصال ڪرڻ وارن جو خاتمو ڪرڻ. (الفلق)
    (5) انقلابي نصب العين کي حاصل ڪرڻ واري جاکوڙ دوران انهيءَ ڳالهه تي ويساهه رکڻ ته فطرت (الله تعالى) اٽل ۽ اڏول آهي ۽ مخالف قوتن کي اک ڇنڀ ۾ ختم ڪري سگھي ٿو. (الفيل)
    (6) انهيءَ رات جي برڪت سان، جنهن ۾ پهرين وحي نازل ٿي هئي، پنهنجي نصب العين سان مضبوط وابستگيءَ کي تازو ڪرڻ ۽ عبادت ۽ ذڪر الاهيءَ جي ذريعي پنهنجي نفس ۾ نوراني ڪيفيت پيدا ڪرڻ. (القدر)
    نوٽ: غار حرا ۾ نازل ٿيڻ وارين پنجن آيتن ۽ ”ڳجھي دعوت“ واري زماني ۾ نازل ٿيندڙ ٻين پنجن سورتن ۾ قيامت جي ڏينهن جو تصور نه آهي، پر الله سان لاڳاپو قائم ڪرڻ لاءِ سختيءَ سان تاڪيد ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي سمورو قرآن انهن سورتن جو تفصيل آهي. خاص ڪري پهرين وحي جي پنجن آيتن جي تشريح سڄو قرآن آهي. انهيءَ جو مطلب اهو آهي ته قرآن جي نظر ۾ مرڻ کان پوءِ واري زندگي هن دنيا واري زندگيءَ جو ئي هڪ سلسلو آهي. انهيءَ دنياوي زندگي ۾ ماڻهو ۽ قوم جي نفسيات ۾ اعلى اخلاقي ۽ روحاني گڻن کي سگھارو ڪرڻ ئي آخرت واري زندگيءَ ۾ ڇوٽڪاري جي ضمانت آهي. اڄ جي جديد ٻوليءَ ۾ قرآني انقلاب جو نصب العين هي آهي:
    (1) پيداواري وسيلن ۽ روزيءَ جي سرچشمن مان شخصي ملڪيت کي ختم ڪري مزدور يعني عوام جي ملڪيت کي قائم ڪرڻ.
    (2) انهيءَ معاشي انقلاب کان سواءِ سياسي ڏاڍ ۽ جبلتن جي حيواني گھرجن جي انسان جي اعلى تخليقي صلاحيتن تي بالادستي ختم نٿي ٿي سگھي. ڇو ته هن معاشي انقلاب کان سواءِ دولت گڏ ڪرڻ واري لالچ ۽ جذبو ختم نٿو ٿي سگھي.
    (3) عوامي جمهوريت قائم ڪرڻ جيڪا مزدورن جي اجتماعي نظام جي سياسي شڪل آهي. (نماز جو قائم ڪرڻ اصل ۾ هڪ اجتماعي نظام پڻ آهي.)
    (4) علم حاصل ڪرڻ لاءِ هر قسم جي رڪاوٽ جو خاتمو ۽ علم جي اشاعت کي عام ڪرڻ.
    (5) فنون لطيفه جو اعلى اخلاقي گھرجن جي حدن ۾ رهندي اظهار ڪرڻ.
    (6) عورت کي سڀني معاشي ۽ سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي اجازت پر جاهليت جي لوڏ کان روڪڻ. جاهليت جي لوڏ قرآن جو اصطلاح آهي، جنهن جو مطلب آهي: ظاهري ٺاهه ٺوهه ۽ هار سينگار ڪري ٻاهر اچڻ، اڌ اگھاڙو ويس پهرڻ وغيره. انهيءَ جو علاج هيءُ آهي ته چادر ڍڪي، جنهن سان سمورو جسم پردي ۾ اچي وڃي ٿو، ٻاهر اچجي. منهن کليل رکڻ جي اجازت آهي.
    (7) زندگيءَ جو مقصد آخرت واري زندگيءَ ۾ ڇوٽڪارو ماڻڻ آهي، ڇو ته فرد جي محدود ”انا“ جو حق تعالى جي لامحدود ”انا“ ڏانهن چاڙهو ضروري آهي. انهيءَ جي لاءِ سماجي ذميوارين جي پورائي سان گڏوگڏ عبادت ۽ خدا جي ياد سان روح ۾ نورانيت پيدا ڪرڻ ضروري آهي. علامه اقبال قرآن جي تعليم کي هيٺ ڄاڻايل ڀاڱن ۾ بيان ڪيو آهي. جاويد نامه ۾ قرآني جهان جي شعبن جو عنوان ڏنو آهي. پهريان ٻه حصا ڇهين خطبي جي آخر ۾ ڏنا آهن:
    (1) ڪائنات جي مادي تصور جي مقابلي ۾ ان جو روحاني تصور.
    (2) رڳو مادي ۽ جسماني ضرورتن جي پورائي جي مقابلي ۾ انسان جو روحاني ڇوٽڪارو.
    (3) خلافت آدم يعني اهڙي عالمي حڪومت ۽ انساني وحدت قائم ڪرڻ جنهن جو بنياد وحدتِ دين آهي.
    (4) الاهي حڪومت (ميڪاولي جي مطابق روحاني ۽ اخلاقي گڻن تي ٻڌل حڪومت ۽ اهي گڻ سڀني مذهبن ۾ ساڳيا ئي آهن) ۽ عوامي جمهوريت جو قيام.
    (5) الارض لله: ”الارض“ جو مطلب رڳو زمين نه پر زمين جي هيٺان ۽ ان جي مٿان، قدرت جيتريون به شيون پيدا ڪيون آهن، اهي سڀئي زمين جي لفظ ۾ شامل آهن؛ جهڙوڪ ڪوئلو ۽ معدني کاڻيون، پيٽرول ۽ گيس جا ذخيرا، ٻيلا وغيره. جڏهن ته ”لله“ جو هتي مطلب عوام آهي، نه ڪي ٿورڙا ماڻهو، جيڪا شيءِ الله ڏانهن منسوب ٿي وڃي سوا عوامي بڻجي ويندي آهي.
    (6) حڪمت وڏي ڀلائي آهي (سائنسي علمن جي ذريعي معلوم ڪيل سڀني علمن ۽ فنن کي انسان کي ٽوڙڻ جي بدران ان جي جوڙڻ ۽ اڏاوت ۽ ترقي جي لاءِ استعمال ڪرڻ، ايٽم جي ٽوڙڻ سان ايٽم بم بڻائڻ جي بدران ان سان بجلي پيدا ڪرڻ ۽ ٻين ڪمن ۾ استعمال ڪرڻ). پر سرمائيداري نظام ۾ اهو سڀ ڪجھه ناممڪن آهي، ڇو ته سرمائيداري نظام ۾ شين جي پيداوار، زمينون، ڪارخانا يا تحقيقي ادارا وغيره، مالڪ جي ذاتي نفعي جي لاءِ قائم ڪيا ويندا آهن. جڏهن ته سماجي معيشت ۽ عوامي جمهوريت ۾ پيداوار عوام جي گھرجن جي پورائي لاءِ ڪئي ويندي آهي، نه ڪي نفعو حاصل ڪرڻ جي لاءِ.
    حضرت علامه پاڻ چيو آهي ته قرآني جهان جي شعبن جو هيءُ نظام اڃا تائين زمين تي قائم نه ڪيو ويو. اشتراڪي انقلاب اهو خواب پورو ته ڪيو هو پر انهيءَ انقلاب جي نظرين جو بنياد ماديت جي فلسفي تي رکيو ويو هو، جنهن ۾ رڳو مادي گھرجن جي پورائي کي ئي انساني ڇوٽڪاري جو ذريعو سمجھيو ويو هو. اُن جو نتيجو اهو ٿيو جو آخرڪار اهو نظام به ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي ڪري ختم ٿي ويو.
    هاڻي اهو مسلمانن جو فرض آهي ته اهي زندگيءَ جي هن نظام کي ديني نقطه نظر سان خدائي حڪم سمجھندي قائم ڪن. باقي شريعت جي نفاذ ۽ اسلام کي ٻيهر رائج ڪرڻ جون زباني دعوائون، بي مقصد بحث کان وڌيڪ ڪا حيثيت نٿيون رکن.


    سيرت پاڪ جو تت

    سيرت پاڪ جو تت

    اسلام جي پس منظر جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته دنيا ۾ شروع کان ئي ٻن قسمن جا مذهب ۽ نظريا ۽ ٻن قسمن جا ماڻهو موجود رهيا آهن، جن مان ڪي ماڻهو ته سموري انسانيت جي ڀلائيءَ جو سوچيندڙ هئا ۽ ڪي وري رڳو ننڍڙي جماعت جو ڀلو سوچڻ جي صلاحيت رکندا هئا، پر انهيءَ سان ٻين انسانن کي نقصان ٿيندو هو. تنهن ڪري اهو دين ۽ فڪري ڳالهيون جيڪي اهي سيکارين ٿا ته سمورا انسان برابر ۽ ڀائر آهن ۽ جن جو مقصد معاشي برابري، سياسي آزادي ۽ ذهني آزادي وارن قدرن کي انسانن ۾ رائج ڪرڻ آهي، سي سچائيءَ تي آهن ۽ نور هدايت جي واٽ ڏيکارين ٿا.
    اِن جي برخلاف جيڪي مذهب ۽ فڪري سوچون تنگ نظري ۽ رڳو هڪ خاص ٽولي جو ئي ڀلو گھرن ٿيون ۽ انسان جي معاشرتي زندگيءَ کي ناهموار ورڇ ڪري برابريءَ وارن حقن ۽ ترقيءَ کي روڪين ٿيون سي باطل آهن ۽ اونداهي ۽ گمراهيءَ ڏانهن وٺي وڃن ٿيون.
    سموري دنيا جي آخرت ۽ دنيا جي ڀلائيءَ جي لاءِ رسول الله ﷺ به اهو ئي محبت وارو پيغام دنيا اڳيان آڻي پيش ڪيو جيڪو انساني تاريخ جي شروع کان ئي هر هادي ۽ مصلح (نبي) پيش ڪندو آيو آهي ته:
    (1) هڪڙي الله جا فرمانبردار يعني مسلم ٿي وڃو.
    (2) اهو مڃو ته هر چڱي ڪم جو اجر ۽ هر بڇڙي ڪم جي سزا ضرور ملندي، پوءِ اها هن دنيا ۾ ملي يا آخرت ۾.
    الله تعالى جو فرمانبردار يا ٻانهو ٿي رهڻ جو اهو مطلب آهي ته سمورا انسان پاڻ ۾ برابر آهن. يعني انساني حيثيت ۾ ڪنهن انسان يا قوم کي ٻين انسانن يا قوم تي رنگ، نسل، وطن جي لحاظ کان ڪابه فوقيت حاصل نه آهي. آدم جو اولاد هئڻ جي ڪري پاڻ ۾ ڀائر بڻجي رهو. مال دولت ۽ اقتدار ۾ واڌاري جي لاءِ پنهنجي ڀائرن جي رت ۾ هٿ نه رڱيو. محبت جو مطلب آهي ته محبوب جي ڀلائي سامهون هجي. محبت انهيءَ کي چوندا آهن جنهن ۾ ماءُ پيءُ وانگر اهڙو جوش، جذبو ۽ قربانيءَ جو جذبو پيدا ٿي پوي جو ٻار جي خدمت ۽ پالنا جي مصيبت به راحت لڳي.
    دنيا جي تاريخ ۾ رڳو رسول عربي حضرت محمد ﷺ جن کي ئي انهيءَ سلسلي ۾ ڪاميابي ملي سگھي جو رڳو مختلف نبين، ڏاهن، هادين، سڌارڪن ۽ فلسفين وانگر خالي محبت ۽ رحمت جو پيغام ئي نه ڏنائون، پر هڪ اهڙو انقلابي معاشرو جوڙيائون جنهن ۾ اها صلاحيت هئي ته اهو نفرت ۽ خود غرضي، جنسي ڇڙواڳي، مال جي حُب، ڏيک ويک ۽ حرص ۽ هٻڇ جو خاتمو ڪري ڇڏي. اُن معاشري پنهنجي انهيءَ مقصد کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ مديني ۾ هڪڙي رياست قائم ڪري ورتي جيڪا ڊاڪٽر خليفي عبدالحميد اشتراڪيءَ چواڻي: هڪ اشتراڪي جمهوريت هئي پر افسوس جو انهيءَ رياست يا انهيءَ خلافت کي، جيڪا نبوي طريقي تي قائم هئي، انقلاب دشمن قوتن ختم ڪري انهيءَ جي جاءِ تي بادشاهت واري حڪومت قائم ڪري ڇڏي جنهن جي شروعات حڪومت جي گادي مديني کان دمشق ڏانهن کڻي وڃڻ سان ٿي.
    نبي ڪريمﷺ جن پنهنجي زندگيءَ ۾ اهو عظيم الشان ڪم ڪهڙي طرح پورو ڪيو، سو سيرت جي مطالعي مان چڱيءَ پر پروڙي سگھجي ٿو پر انهيءَ لاءِ شرط اهو آهي ته انهيءَ کي قرآني نزول جي تاريخي ترتيب سان پڙهجي. پاڻ ڪريمﷺ جن جي مختلف دؤرن مان گذرندڙ جاکوڙ، سندن تعليم ۽ انهيءَ تعليم جي نتيجي ۾ جيڪا انقلابي جماعت جڙي، تنهن تي روشني وجھڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي.
    سيرت جو مطالعو ڪرڻ وقت انهيءَ ڳالهه کي ذهن ۾ هر وقت رکڻ گھرجي ته رسول الله ﷺ جن جنهن حق تي مبني دين جي تعليم ڏني، انهيءَ جو مقصد رڳو ظاهري عبادتن ۽ رسمن جي ادائگي ۽ مسجدن جي ٺاهه ٺوهه ۽ سينگار ڪرڻ نه هو پر سموري اسلامي دنيا مان مذهب ۽ ملت جي لحاظ کان جهالت، غربت، مسڪيني، خون خرابي، جنسي ڇڙواڳي، شراب نوشي، جوئا بازي، محنت جي استحصال، مذهبن جي وچ ۾ نفرت ۽ جارحيت، فڪر ۽ عمل جي آزادي جي انڪار فساد ۽ ويڙهه جھيڙي جو خاتمو ڪرڻ هو پر ٻين مذهبن وانگر ڪن مذهبي قوتن بادشاهت واري نظام جي پٺڀرائي ڪري اسلام کي هڪ مذهبي ٽولي جي حيثيت ڏئي ڇڏي. جڏهن ته ختم نبوت موجب اسلام انقلاب جي هڪ بين الاقوامي هلچل هئي. ان جو مقصد معاشري ۾ اهڙي تبديلي آڻڻ هو ته جيئن هر ماڻهو پنهنجي مادي ۽ جسماني ضرورتن کان مطمئن ٿي، پنهنجو توجهه ۽ تعلق الله تعالى سان قائم رکڻ جي لائق ٿي وڃي. ڇو ته هن زندگيءَ جو مقصد انا لله و انا اليه راجعون مطابق پنهنجي دل ۾ الله تعالى جو خوف پيدا ڪرڻ آهي.
    رسول الله ﷺ پنهنجي واپاري سفرن ۽ مڪي ۾ حج اڪبر جي موقعي تي لڳندڙ بازارن (سوق عڪاظ ۾ مختلف ملڪن کان ايندڙ واپاري قافلن جي ماڻهن سان ملاقاتن دوران سندن مذهبن ۽ فڪرن جي باري ۾ معلومات وٺي الله تعالى جي فضل ۽ ڪرم سان اهو نتيجو ڪڍي ورتو هو ته تاريخ جي شروع کان علم ۽ دولت هڪ ننڍڙي طبقي ۾ محدود ٿي چڪي آهي، جنهن ڪري اُن ننڍڙي مالدار ۽ غلام ساز طبقي کانسواءِ انسانن جي گھڻائي غلام بڻجي چڪي آهي ۽ اهي غلام ۽ پٺتي پيل انسان معاشي بدحالي، جهالت، غربت ۽ محڪومي ۾ ڦاسي پيا آهن.
    اهڙي طرح مالدارن ۽ پروهتن يعني مذهبي پيشوائن جي ور چڙهيل طبقو نه رڳو پاڻ ئي خود غرضي ۽ هٻڇ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پوي ٿو پر جاهل ۽ غريب مظلومن جي سوچ ۽ فڪر کي به اپاهج ڪري ڇڏي ٿو ۽ اهي سڀئي شيطاني طريقن سان زنده رهڻ جا منصوبا تيار ڪرڻ لڳندا آهن. اهڙي طرح پنهنجو پاڻ ۾ ڇڪتاڻ، جنگ ۽ غربت جي شڪل ۾ ظاهر ٿي ٻنهي کي تباهه ڪري ڇڏي ٿي. انساني تاريخ انهيءَ ئي طبقاتي ڇڪتاڻ ۽ انهيءَ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ خون خرابي، بغاوت ۽ رتوڇاڻ سان رتو رت ٿي وئي آهي.
    دنيا کي خوف (جنگ ۽ ويڙهه جھيڙي) کان امن ڏانهن، بک کان معاشي خوشحالي ڏانهن، جهالت جي تاريڪيءَ کان علم ۽ عقل جي روشني يا ايمان ڏانهن وٺي وڃڻ ڪو آسان ڪم نه هو. انهيءَ انقلابي ڪوشش ۾ پاڻ ڪريمﷺ جن ٽيويهه سال لڳائي ڇڏيا. وک وک تي مذهبي پيشوائن جي هٿ يرغمال بڻيل جماعتن رڪاوٽون وڌيون ۽ تشدد ڪيو. ايتري تائين جو کين قتل ڪرڻ جون سازشون به ڪيون. مٿن ٺٺوليون ڪيون ويون ۽ پنهنجي لوفر ڇورن کي پاڻ ڪريم ﷺ جن کي تنگ ڪرڻ لاءِ سندن پويان لڳائي ڇڏيو.
    اِن سلسلي ۾ عرض ڪيو وڃي ٿو ته سيرت نبويءَ کي طبقاتي معاشري کان توحيدي معاشري ۾ بدلائڻ واري هڪ انقلاب پسند داعي الي الله جي حيثيت سان مطالعو ڪيو وڃي ته جيئن اها خبر پئجي سگھي ته قرآني يا آسماني انقلاب ڪهڙن ڏکين منزلن مان لنگھيو ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جن ڪهڙي طرح انسانذات کي جهالت ۽ ڏتڙيل حالت مان ڪڍي علم ۽ خوشحالي جي سڌي واٽ تي وٺي آيا هئا ۽ نفرتن جي ٻاٽ اونداهيءَ کي محبت ۽ رحمت جي چانڊوڪيءَ سان روشن ڪري ڇڏيو هو.
    جيڪڏهن سيرت پاڪ جو انهيءَ انقلابي نظر سان مطالعو ڪيو وڃي ته هر دؤر جو مسلمان پنهنجي دؤر جي معاشري کي توحيدي معاشرو بڻائڻ ۾ روشني حاصل ڪري سگھندو. انهيءَ لاءِ شرط اهو آهي ته مسلمان اسلام جي انقلابي ۽ عالمگير ڪردار کي سامهون رکي ۽ اهو سمجھي ته معاشري کي بدلائڻ لاءِ جاکوڙ انفرادي عبادت کان وڌيڪ اهم آهي. جيئن ته الله تعالى پاڻ به سورت مزمل ۾ رسول الله ﷺ جن کي پنهنجي عبادت جو وقت گهٽائڻ جي تاڪيد فرمائي آهي ته جيئن معاشري جي تبديليءَ واري عمل ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺي سگھن.
    اهو ياد رهي ته مذهبي ٺيڪيدارن وٽ يرغمال بڻيل جماعتن ۽ تبديلي ۽ انقلاب جي دشمن قوتن کي قائم رکندي، معاشري ۾ ڪابه تبديلي نٿي آڻي سگھجي. انهن جي موجودگيءَ ۾ اسلام جي جياپي ۽ شريعت جي نفاذ جون سموريون ڪوششون ناڪام ٿينديون رهنديون.
    انهيءَ دؤر جون قرآني سورتون هي آهن:
    (1) سورت علق جون پهريون پنج آيتون: جسماني بک ۽ غلامي، روحاني خوف ۽ مذهبي ٺيڪيدارن کان آزاديءَ جو پروگرام بڻجي چڪو هو. آزاد ۽ غلام، عورت ۽ مرد سڀئي رسول الله ﷺ جي تصديق ڪري رهيا هئا ۽ جهانن جي پالڻهار ۽ خلقڻهار جي ٻانهپ جي ڳجھي تياري جاري هئي.
    (2) والضحى: پڪ سان توهان جي ڳالهه ئي آخرڪار مٿانهين ٿيندي. جهڙي طرح يتيميءَ جي حالت ۾ توکي پناهه ملي ۽ حق جي ڳولا ۾ تڙپ کان پوءِ توکي هدايت ملي، غربت کان پوءِ توهان کي شاهوڪاري ملي، اهڙي طرح ايندڙ زمانو پوئين زماني کان ڀلو هوندو.
    (3) الم نشرح: انهيءَ زماني ۾ الله تعالى جي طرف کان سندن دل کي سگھه ڏني پئي وئي. چيو ويندو هو ته توهان جو سينو کوليو ويو آهي. ڏک کان پوءِ سک جو اچڻ لازمي آهي.
    (4) الفلق: فلق جو پالڻهار توکي حاسدن ۽ جادوگرن کان پناهه ۾ رکندو.
    (5) الفيل: توسان حسد يا ساڙ ڪندڙ جادوگر اصحاب فيل (هاٿين وارن) وانگر تباهه ۽ برباد ٿي ويندا.
    (6) القدر: انهن حسد ڪندڙن ۽ جادوگرن جو مقابلو تون انهيءَ اسلامي تعليم سان ڪري سگھندين جيڪو الروح يا قرآن آهي. انهيءَ سان گڏ ملائڪ آهن جيڪي امن ۽ سلامتي پيدا ڪن ٿا. انهيءَ سموري خدائي ڪلام کي پاڻ ﷺ جن کُليءَ طرح اسلام جي دعوت واري زماني ۾ ماڻهن کي ٻڌايو.
    هاڻي اسلامي انقلاب جي مڪي ۽ مدني دؤرن تي روشني وڌي وڃي ٿي. انهن دؤرن جو هر هر مطالعو ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن قرآني فڪر جي نوعيت ۽ انهيءَ بنياد تي معاشري جي نئين سر اڏاوت ڪرڻ واري جاکوڙ کي سمجھي سگھجي.


    اسلامي انقلاب جي پهرين منزل: ڳجهي دعوت:

    جيئن ٻڌايو ويو آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن مختلف قومن ۾ واپاري سفر ڪرڻ کانپوءِ الله تعالى جي فضل ۽ ڪرم سان اهو محسوس ڪري ورتو هو ته تاريخ جي شروعات کان وٺي دنيا ۾ ٻه ٽولا موجود رهيا آهن. انهن مان هڪڙو اهو آهي جيڪو خدائي حڪمن تي عمل ڪري ٿو ۽ ٻيو اهو آهي جيڪو پنهنجي نفس کي خدا بڻائي”مَنِ اتَّخَذَ اِلٰـہَہٗ ہَوٰىہُ“ شيطان جو ٻانهو بڻجي وڃي ٿو. اڄڪلهه جي ٻوليءَ ۾ انهن ٽولن يا طبقن کي پيداواري وسيلن تي قابض طبقو، جيڪو تعداد ۾ سموري انساني آباديءَ جي لڳ ڀڳ ڏهه سيڪڙو رهيو آهي، غلام بڻائيندڙ آقا، پوءِ جاگيردار ۽ ان کان پوءِ صنعتڪار جي شڪل ۾ موجود رهيو آهي. جڏهن ته ٻيو انهن پيداواري وسيلن (زمين، ڪارخانن، کاڻين، گيس ۽ پيٽرول جي ذخيرن، ٻيلن وغيره) کان محروم رهيو آهي، جنهن جو تعداد نوي سيڪڙو کان به وڌيڪ آهي. ڄاڻايل ٻنهي طبقن ۾ هڪ پاسي دولت جي جھجھائي ۽ ٻئي پاسي غربت ۽ ڏتڙيل حالت هجڻ جي ڪري نبين جي انقلابي تعليم کان نفرت ڪرڻ وارا ماڻهو به موجود رهيا آهن.
    ڊاڪٽر علي شريعتي تفصيل سان ٻڌايو آهي ته قابيل پنهنجي ڀاءُ هابيل کي قتل ڪرڻ کان پوءِ تاريخ کي ٽن شڪلن ۾ وري وري اڀاريندو رهيو آهي ۽ اڄ به اڀري رهيو آهي. يعني حڪمران طبقو (فرعون)، مالدار يا سرمائيدار طبقو (قارون) ۽ مذهبي پيشوا طبقو (بلعم باعور يا هامان) جي شڪل ۾. معاشري ۾ سمورن اخلاقي قدرن جي تباهيءَ جو سبب اها ئي طبقاتي ورڇ آهي.
    اسان جي دؤر ۾ سوشلسٽ معيشت جي پٺڀرائي ڪرڻ وارن، مذهب جو انهيءَ ڪري انڪار ڪيو جو سمورن مذهبن جي تاريخ ۾ مذهبي پيشوائن پاڻ وٽ يرغمال بڻايل جماعتن جي مفادن کي ديني نقطه نظر کان تحفظ ڏئي ڇڏيو آهي.
    اِن ڪري انهيءَ صورتحال کي بدلائڻ لاءِ جڏهن پاڻ ﷺ جن کي الله تعالى ايمان ۽ يقين جي واٽ تي آڻي ڇڏيو ۽ نصب العين ۽ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ انقلابي طريقي کي چٽو ڪري ڇڏيو ته ڳجھيءَ طرح سان پنهنجي ڪن خاص دوستن کي ڪم ۾ شامل ڪرڻ شروع ڪيو ته جيئن دنيا کي الله جو ٻانهو بڻايو وڃي ۽ شيطان پرستي يعني خود پرستي ۽ نفرتن کان بچايو وڃي. اُن دؤر ۾ فڪر ۽ عمل جو بنياد انهيءَ عقيدي تي رکيو ويو ته هن دنيا ۽ انسانن، ٻنهي جو خلقڻهار هڪ الله ئي آهي. هر چڱي ڪم تي اجر ۽ هر بڇڙي ڪم تي سزا نه رڳو هن دنيا ۾ ملندي پر جيڪڏهن هتي نه ملي سگھي ته مرڻ کان پوءِ آخرت واري زندگيءَ ۾ ضرور ملندي. سورت علق جي پهرين پنجن آيتن ۾، جيڪي حرا واري غار ۾ نازل ٿيون، ڪائناتي، شهري ۽ نفسياتي ڳالهين کي ذهن نشين ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ ٽن سالن جو وقت لڳي ويو ۽ رڳو ڪن ٿورڙن ماڻهن ايمان آندو جن ۾ غلام ۽ آزاد ٻنهي قسمن جا ماڻهو شامل هئا.
    اِن عرصي دوران نازل ٿيڻ وارين سورتن ۾ ڳالهه ٻولهه جو رخ رسول الله ﷺ جن جي ذات پاڪ سان هو ته جيئن انقلاب جي اهميت، ان جي حاصلات جي ڏس ۾ پيش ايندڙ ڏکيائين ۽ انقلاب جي ڪاميابيءَ ۾ الله تعالى جي غيبي مدد تي روشني وجھي سگھجي.


    اسلامي انقلاب جي ٻِين منزل اعلانيه دعوت:

    ٽن سالن جي ڳجھي تبليغ کانپوءِ پاڻ ڪريم ﷺ جن ڊيڄاريندڙ ۽ پاڪ ڪندڙ جي حيثيت سان اعلانيه تبليغ جي شروعات ڪري ڇڏي هئي. انهيءَ اعلانيه دعوت واري دؤر ۾ رسول الله ﷺ جن جي حيثيت گناهن ۽ الله تعالى جي نافرمانين جي نتيجن کان ڊيڄارڻ واري ۽ نيڪ ڪم ڪرڻ وارن کي پاڪ رهڻ جي ڪري الله تعالى وٽان ملندڙ اجر جي خوشخبري ڏيڻ واري رهنما جي هئي. اُن دؤر ۾ پاڻ ﷺ جن قريشن کي سمجھايو ته جن قومن پروهتن (مذهبي ٺيڪيدارن)، بادشاهن ۽ سردارن، غلام ۽ مزدور جي محنت جي استحصال سان گڏ ڪيل دولت کي پنهنجي لاءِ خاص ڪري ڇڏيو، سي تباهه ٿي ويون. جيڪڏهن قريشن به اِن ئي طريقي تي پنهنجي قوم کي رکيو ته اهي به تباهه ٿي ويندا.
    انهيءَ صورتحال جو علاج ڪرڻ لاءِ توحيد ۽ عملن جي جزا ۽ سزا لاءِ مرڻ کان پوءِ ٻيهر جيئرو ٿي اٿڻ جو تصور ڏنو ويو. قريشن کي چيو ويو ته پنهنجي معبودن جي پيدا ڪيل ڪا شيءِ ڏيکارين ۽ جيڪڏهن ظالم کي ان جي ظلم جي سزا هن دنيا ۾ پوريءَ طرح نه ملي ته اهو ظلم ٿيندو پر جيئن ته الله تعالى ظالم نه آهي، انهيءَ ڪري آخرت واري زندگيءَ ۾ انهيءَ سزا جو پورائو ڪيو ويندو. اِن جي لاءِ ضروري آهي ته ڀوپن ۽ جادوگرن جي ٺڳين کان ماڻهن کي آجو ڪري انساني عقل کي انهن شيطانن کان ڇوٽڪارو ڏيارجي.
    پهريان ته قريشن اهو سمجھو ته رسول الله ﷺ جن به ٻين وانگر ڪي ڀوپا يا جادوگر آهن، جنهن پنهنجو پيٽ پالڻ لاءِ اهو ڍنگ رچايو آهي پر پوءِ جڏهن انهن ڏٺو ته مظلوم طبقن جا ماڻهو جھجھائيءَ سان ۽ عام آزاد شهري گھٽ تعداد ۾ رسول الله ﷺ جي تعليم کان متاثر ٿي، سندن ساٿاري ٿي رهيا آهن، ته انهن پاڻ ڪريم ﷺ جن جي مخالفت شروع ڪري ڏني، کين ڪوڙو سڏيو ۽ مٿن ٺٺوليون ڪرڻ شروع ڪيون.
    (1) قريشن جو چوڻ هو ته عملن واري جزا جي ڪابه پرواهه نه آهي، تنهن ڪري نه ته مرڻ کان پوءِ ڪا زندگي آهي ۽ نه ئي ڪو اهڙو خدا موجود آهي، جيڪو اسان جي ظلم ۽ عيش عشرت تي اسان کي ڪا سزا ڏئي سگھي. جيڪڏهن اهڙو ڪو خدا هوندو به ته اهو اسان جي ديوين لات ۽ عزى جو پيءُ آهي ۽ اهي ديويون پنهنجي پيءُ وٽ سفارش ڪري اسان کي بچائي وٺنديون.
    (2) سندن چوڻ هو ته اسان اڄ تائين اهڙي ڳالهه نه ٻڌي آهي ته الله تعالى به ڪنهن سان ڳالهائي ٿو. باقي اسان جي شاعرن ۽ جادوگرن سان شيطان ۽ جن ڳالهيون ڪندا رهندا آهن. اهڙن سوالن جا جواب وحيءَ جي ذريعي دليلن سان ڏنا ويا سي مختصر طور هن طرح آهن:
    أ‌. هيءُ قرآن قول فيصل آهي، هزل نه آهي. (الطارق) جهڙي طرح موسى جي تختين ۾ لکيل توريت جي تعليم هئي، اهڙي ئي تعليم قرآن ۾ پڻ موجود آهي. (البروج) اهو ڪلام پراڻن قومن جا قصا نه آهن پر ذڪر ۽ نصيحت آهي ۽ انهيءَ ۾ اهڙا دليل آهن جن سان الله تعالى جي هستي ۽ قيامت جو ثبوت ملي ٿو. اهو ڪو جادو نه پر هڪ نصيحت آهي (القلم) اهو خدائي ڪلام آهي جيڪو هڪ امانتدار ملائڪ کڻي اچي ٿو. شيطان يا جن جو ڪلام نه آهي. (التڪوير) آئون ڀوپن يا شاعرن وانگر هن تعليم جو ڪوبه معاوضو ڪونه ٿو وٺان. (الذاريات)
    انهيءَ دؤر ۾ خدائي وحيءَ جي ذريعي جيترو ڪلام نازل ٿيو سو الله تعالى جي ثبوت ۽ قيامت جي قائم ٿيڻ ۽ مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ ۾ چڱن بڇڙن عملن جي جزا ۽ سزا ملڻ تي روشني وجھي ٿو. جيڪڏهن انهن دليلن تي گهرائيءَ سان غور ڪيو وڃي ته اهو مڃڻ کانسواءِ ٻيو ڪوبه چارو نه آهي ته اها قريشن جي هٺ ڌرمي هئي جو هو اِن خدائي ڪلام جو انڪار ڪندا هئا.
    ب‌. قرآن قريش جي شاعرن، جادوگرن ۽ ڀوپن کي للڪاريو ته هن ڪلام جهڙو ڪلام ٺاهي پيش ڪن! رسول الله ﷺ جن فرمايو ته هن ڪلام جو الله تعالى جي طرف کان هئڻ جو ثبوت اهو آهي ته جيڪڏهن مان ڪوڙ هڻان ته الله تعالى مون کي تباهه ڪري ڇڏيندو. هيءَ وحي انهيءَ خدائي وحيءَ وانگر آهي جيڪا سمورن رسولن تي نازل ٿيندي رهي آهي. انهيءَ للڪار جي شروعات سورت الحاقه سان ٿئي ٿي. رسول الله ﷺ جن کي حڪم ڏنو ويو آهي ته هو نه مڃيندڙن کان منهن موڙين.
    بهرحال جيڪي ماڻهو دولتمند ۽ اولي نعمة آهن، اهي نه ته مسڪينن کي کاڌو کارائين ٿا ۽ نه ئي اهو اهو مڃن ٿا ته الله تعالى موجود آهي جيڪو انهن کي سندن عملن جو بدلو ڏيندو. جيئن ته قريش تشدد ۽ ٺٺوليون ڪرڻ ۾ حد کان لنگهي ويا هئا، انهيءَ ڪري رسول الله ﷺ جن الله تعالى جي حڪم سان انهن کان منهن موڙي پنهنجي ڪلام جو رخ عيسائين ڏانهن ڪري ڇڏيو.


    اسلامي انقلاب جي ٽِين منزل رحمان پرستن سان دوستي:

    مشرڪ رسول الله ﷺ جن تي ايمان آڻيندڙ مؤمنن تي تشدد ڪرڻ ۾ حد کان لنگھي ويا هئا پر مؤمنن کي پڪ هئي ته ظلم ۽ نفرت جو آخري نتيجو بڇڙو ئي ٿيندو آهي. جيڪڏهن ظالم دنيا ۾ انهيءَ نتيجي کان کڻي بچي به وڃي ته به مرڻ کان پوءِ الله تعالى کيس سزا ضرور ڏيندو.
    اُن زماني ۾ رسول الله ﷺ جن کي قرآن ڪريم المبشر جو لقب ڏنو. ان سان گڏوگڏ رسول الله ﷺجن عيسائين ڏانهن ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو ۽ کين ٻڌايو ته اسان به رحمان کي مڃون ٿا ۽ ان جا ٻانها آهيون. رحمان الله تعالى جو نالو آهي ۽ اسان به عيسى ؑ کي الله تعالى جو ٻانهو سمجھون ٿا پر کيس الله تعالى جو پٽ نٿا مڃون. الله تعالى هر شيءِ تي وسوارو آهي، اِن ڪري هو انهيءَ ڳالهه تي به وسوارو آهي ته بنا پيءُ جي پٽ پيدا ڪري، جيئن هن ڪراڙي ۽ سنڍ پيءُ ماءُ جي گھر ۾ يحيى کي پيدا ڪيو (سورت مريم). اهو ساڳيو ئي بحث مديني ۾ نجران جي عيسائين جي وفد سان به ٿيو هو. ايمان آڻڻ وارن حبشه ڏانهن لڏپلاڻ شروع ڪئي. اُن دور ۾ هيٺيون ڳالهيون بحث هيٺ آيون:
    أ‌. شفاعت ۽ ڪفارو: ڪافر گھرن پيا ته پاڻ ڪريم ﷺ جن انهن ديوين جي شفاعت کي مڃن. پاڻ ڪريم ﷺ جن پڻ انهن جي باري ۾ ڪجھه نرمي رکن پيا پر نه رڳو قريشن، پر عيسائين کي به چئي ڇڏيائون ته ظالم جي ڪوبه سفارش نٿو ڪري سگھي. جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي وارو اصول سڀني جي مٿان لاڳو ٿئي ٿو. شفاعت ۽ ڪفارو ڪابه معنى نٿو رکي.
    ب‌. الله تعالى جي وجود جون نشانيون (آيتون): ڪافر چوڻ لڳا ته الله تعالى جي موجودگيءَ جو ڪهڙو ثبوت آهي. قرآن انهن کي چيو ته ڇا الله نه ته توهان جون ديويون خلقيندڙ آهن؟ (العلق) ڇا پکين کي اڏامڻ جي طاقت الله کانسواءِ ٻيو ڪو ڏئي ٿو؟ (الملڪ) هر هڪ مخلوق ان جي نشاني (آيت) آهي ته ڪائنات جي اندر هڪ خالق آهي (يٰسين، رعد، الشعراء) ڇا انهيءَ ڳالهه کي ثابت ڪرڻ لاءِ ته هر عمل جي جزا يا سزا ملندي، ڪنهن ٻئي دليل جي ضرورت آهي؟ پڪ سان جيڪڏهن توهان نه مڃيندؤ ته توهان تي الله تعالى جو عذاب ايندو (الدخان). مرڻ کان پوءِ ٻيهر جيئرو ٿي اٿڻ برحق آهي (الحجر). جانورن کي ڏسو، ٻيڙين تي نظر وجھو، اهي سڀئي الله تعالى جي خالق هجڻ جا اهڃاڻ آهن.
    ت‌. ڪافرن جو عذاب گھرڻ: ڪافرن مرڻ کان پوءِ واري زندگي ۽ الله تعالى جي قيامت جي ڏينهن جو مالڪ هئڻ جو انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته اسان تي الله تعالى جي طرف کان ڀلي ته پٿر وسراءِ. قرآن انهن کي چيو ته جڏهن وقت آيو ته توهان تي عذاب به اچي ئي ويندو. (الحجر) ۽ بداعماليءَ جو ضرور مزو چکندؤ (الڪهف). مالدار ماڻهو ئي آخرت جي عذاب کي نٿا مڃن، ڇو جو اهي ظالم آهن. تنهن ڪري اهي مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ جا ئي انڪاري آهن. ياد رکو ته الله تعالى عدل ڪرڻ وارو آهي تنهن ڪري هو هر شيءِ جو بدلو ڏيندو. ان لاءِ ڪنهن دليل (معجزي) جي ضرورت نه آهي. (الانبياء)
    ث‌. قرآن جي تعليم خدائي تعليم آهي: رسول الله ﷺ جن فرمايو ته مان چوان ٿو ته ظلم نه ڪريو، اڃا به بڇڙائيءَ جو بدلو نيڪيءَ سان ڏيو. ڇا هيءُ جنن ۽ شيطانن جو ڪلام آهي؟ (المؤمنون) هيءُ ڪلام هڪ ملائڪ جي ذريعي مون کي ملي ٿو. شاعرن وانگر اهو شيطاني ڪلام نه آهي. اهو خدائي ڪلام آهي ۽ ظالمن کي ظلم کان ڊيڄاري ٿو. اهو ڪم شاعر نه ڪندا آهن. (الشعراء) اهو ڪلام صاف ۽ آسان (عربي) ٻوليءَ ۾ آهي. ڀوپن واريون ڪي منجھيل ڳالهيون نه آهن. اهو آڳاٽن رسولن تي موڪليل وحي وانگر ئي آهي (الشورى، الانبياء) جيڪڏهن توهان جي ڀوپن ۽ شاعرن وٽ نيڪي ۽ محبت ڏانهن وٺي ويندڙ ڪلام آهي ته اهو کڻي اچو (اها للڪار الاحقاف ۾ آهي: (اِيْتُوْنِيْ بِكِتٰبٍ مِّنْ قَبْلِ ھٰذَآ اَوْ اَثٰرَۃٍ مِّنْ عِلْمٍ اِنْ كُنْتُمْ صٰدِقِيْنَ) اها تعليم عيسائين جي لاءِ ڪتاب يا انجيل واري آهي (الڪهف). ياد رکو ته الله تعالى ڪنهن انسان سان ناهي ڳالهائيندو يعني هيءُ الله جو ڪلام برزبان الله ناهي. باقي الله تعالى وحيءَ جي ذريعي دل ۾ هڪ علم ۽ جز پيدا ڪندو آهي. اهو هڪ ڪلام آهي جيڪو پردي پٺيان (من وراءِ الحجاب) ايندو آهي. يعني قرآن ”ڪلام من عندالله“ آهي. اهو خدائي الهام آهي خدا جو ڪلام نه آهي. (الشورى). اهو حق ۽ سچ آهي، جادو نه آهي. ان جي تعليم اها آهي ته ظلم کي ڇڏي ڏيو (السباء) الله تعالى جنهن تي گھري پنهنجو ڪلام (روح) نازل ڪري ڇڏي (المؤمن) اهو قرآن ٽيڏو ڦڏو ڪلام نه آهي. ان ۾ اڳين نبين جي تعليم کي هر هر ورجايو ويو آهي ۽ انهن سان هڪجهڙائي (مشابه) رکي ٿو. (الزمر: كِتٰبًا مُّتَشَابِہًا مَّثَانِيَ). مطلب اهو ته 7 نبوي تائين قريش ظلمن ۾ حد کان لنگھي ويا ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جن سان بائيڪاٽ ڪيائون. پاڻ شعب ابي طالب ۾ 10هين نبوي تائين قيد رهيا.


    اسلامي انقلاب جي چوٿين منزل بائيڪاٽ ۽ يهودين ڏانهن ڌيان:

    رسول الله ﷺ جن جي مٿان هيءَ منزل تمام سخت هئي. بهرحال، اسوه ابراهيمي ۽ يوسفي، يعني قتل ۽ قيد جي منزلن مان به پار پوڻو هو. ان کانسواءِ موسوي طريقي تي هلندي هجرت ۽ جهاد جي واٽ به وٺڻي هئي. انهيءَ دؤر جون مصيبتون ڄڻ ته پاڻ ڪريم ﷺ جن کي سبق ڏئي رهيون هيون ته بنا سهاري ۽ آسري جي به حضرت يوسف وانگر اهو چوڻ گھرجي ته صبر ۽ ثابت قدمي ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي ۽ ڪافر ڀلي مڃن توڙي نه مڃن، اها ڳالهه پڪي آهي ته الله تعالى کانسواءِ ٻيو ڪوبه فيصلو ڪرڻ وارو (حاڪم) نه آهي. اهو ئي قيامت جي ڏينهن ظالمن کي سزا ڏيندو.
    اِنِ الْحُكْمُ اِلَّا لِلہِ ﴿يوسف: 40﴾
    لَآ اِلٰہَ اِلَّا ہُوَ۝۰ۭ لَہُ الْحَمْدُ فِي الْاُوْلٰى وَالْاٰخِرَۃِ۝۰ۡوَلَہُ الْحُكْمُ وَاِلَيْہِ تُرْجَعُوْنَ
    ﴿القصص: 70﴾


    اسلامي انقلاب جي پنجين منزل : مختلف قبيلن ۾ خدائي قانون (دين) جي تبليغ:

    هاڻي 10هين نبويءَ جو اهو زمانو اچي ويو هو جڏهن پاڻ ڪريم ﷺ جن کي شعب ابي طالب مان آزادي ملي وئي هئي پر ابوطالب جي وفات کانپوءِ کين ڪوبه خانداني سهارو نه رهيو هو. تنهن ڪري پاڻ مختلف قبيلن ۾ اُن الهامي قانون جي تبليغ شرو ع ڪري ڏنائون ته ”حڪم“ يعني بادشاهت رڳو الله تعالى جي آهي. ڪوبه انسان جيڪڏهن هن دنيا ۾ خدائي قانون جي خلاف ڪنهن تي ظلم ڪندو ته الله تعالى، جيڪو سمورن انسانن جو مالڪ ۽ خالق آهي، سو قيامت جي ڏينهن آخري فيصلو ڪندو. تنهن ڪري شيطان کان بچو (الاعراف). انهيءَ زماني ۾ رسول الله ﷺ جن مختلف قبيلن کي هن ريت چيو:
    الف- بني اسرائيل: کي چيو ته توريت به خدائي قانون آهي ۽ ٻڌايو ته شيطان جي ڪوڙڪي ۾ اچي ظلم ڪرڻ جو نتيجو بڇڙو هوندو آهي. هن ۾ بني اسماعيل جي امي نبيءَ جو ذڪر آهي، جيڪو نيڪيءَ جو حڪم ڏيندو ۽ بڇڙائيءَ کان روڪيندو، تنهن ڪري اچو ته اسان سڀئي هڪ ٿي وڃون ته اهڙيءَ طرح توهان غلاميءَ مان ڇوٽڪارو ماڻيندؤ. (الاعراف). توريت تي عمل ڪرڻ وارا سٺا ماڻهو آهن (الفاطر) اي بني اسرائيليو، جيڪڏهن توهان قيامت جي ڏينهن تي ايمان رکو ها ته پوءِ ظلم نه ڪريو ها ۽ غلاميءَ واري زندگيءَ ۾ ٽي دفعا خوار نه ٿيو ها. مون کي وحيءَ جي ذريعي خبر پئي آهي ته جيڪڏهن بني اسرائيل الله تعالى سان بغاوت ڪرڻ ڇڏي ڏين ۽ مسلمانن سان هڪ ٿي وڃن ته انهن جي لاءِ اها ڳالهه ڏاڍي سٺي ٿيندي. مڪي کان يروشلم تائين الله تعالى جو قانون (دين) نافذ ٿي ويندو (سورت اسراء).
    ب- مجوسي: مجوسين کي چيو ويو ته ٻن خدائن جي پوڄا نه ڪريو ۽ نه سج ۽ چنڊ کي سجدو ڪريو. (السجده) اونداهي ۽ سوجهرو الله تعالى جا ئي پيدا ڪيل آهن، اهي خدا نٿا ٿي سگھن (الانعام).
    ت- طائف جي مشرڪن جو پاڻ سڳورن ﷺ جي دعوت قبولڻ کان انڪار ۽ معجزا ڏيکارڻ لاءِ مطالبو: معجزا ڏيکارڻ الله تعالى جي ئي اختيار ۾ آهن. انهيءَ ڳالهه جو ثبوت ته الله تعالى موجود آهي، اهو آهي ته جڏهن مشرڪ ٻيڙين ۾ سوار ٿيندا آهن تڏهن اهي الله تعالى کي ئي سڏيندا آهن (العنڪبوت). مان به هڪ انسان آهيان، انهيءَ ڪري معجزو نٿو ڏيکاري سگھان. اهو ڪم رڳو الله تعالى جو ئي آهي. ڀلا انهيءَ ڳالهه ۾ معجزي جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ مان ته چوان ٿو ته دشمن سان به ڀلائي ڪريو ته هو توهان جو دوست بڻجي ويندو (السجده). ڳجھه جون ڳالهيون رڳو الله تعالى ئي ڄاڻي ٿو. ايتري تائين جو اهي جِنَ جيڪي توهان جي شاعرن وغيره کي ڳجهه جون ڳالهيون ٻڌائڻ جا پابند آهن، سي پڻ انهيءَ ڳالهه جا قائل آهن ته اهي ڳجھه نٿا ڄاڻن. ڳجھه جي ڄاڻ رڳو الله تعالى وٽ ئي آهي (الجن). پوءِ الله تعالى جي موجود هئڻ جي ثبوت لاءِ معجزي جي ڪهڙي ضرورت آهي. ذري ذري مان الله تعالى جي قدرت جون نشانيون ظاهر آهن (الجاثيه). الله تعالى جي قدرت جي ثبوت طور معجزا نه ڏيکاريا ويندا، باقي الله جي وجود جا نشان (آيتون) سموري ڪائنات ۾ پکڙيل آهن. اکيون اَٿوَ ته ڏسو (بني اسرائيل، الجاثيه). مون کي پڪ آهي ته الله تعالى پنهنجي وجود جون نشانيون انڪار ڪندڙن تي ظاهر ڪري ڇڏيندو (النمل). ڏسو، الله تعالى جي قدرت جون نشانيون سموري ڪائنات ۾ پکڙيون پيون آهن ۽ هر شيءِ اُن جي قانون تي هلندي، ان جي اڳيان سجدي ۾ آهي ۽ هر شيءِ ان جي مقرر ڪيل قانون ۾ جڪڙيل آهي. (بني اسرائيل). ڏسو، انهيءَ ڳالهه کي ثابت ڪرڻ لاءِ هر عمل جي جزا يا سزا ضرور ملندي، اِن لاءِ ڪنهن معجزي جي ضروت نه آهي. مرڻ کان پوءِ جيئرو ٿي اٿڻ پڪي ڳالهه آهي. (يونس) الله تعالى کي انهيءَ ڳالهه جو اختيار آهي ته هو توهان تي عذاب ڪري. مان جيڪڏهن زمين ۾ چُر هڻي گھڙي وڃان يا آسمان تي چڙهي وڃان، تڏهن به توهان لاءِ ڪو معجزو آڻي نٿو سگھان. مان ته رڳو خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ آهيان. مان نه ته ڳجھه جي ڄاڻ رکان ٿو ۽ نه ئي ڪو ملائڪ آهيان، پر هڪ انسان آهيان (الانعام) کليل حقيقت جي لاءِ معجزي جي ضرورت ئي نه آهي.
    هي شيطاني ڪلام نه پر رحماني تعليم آهي. (للڪار)
    الڪتاب خدائي ڄاڻ کي چيو ويندو آهي (الفاطر). انسان کي علم الله تعالى ڏئي ٿو (العلق). انهيءَ ڳالهه کي جِنَ به مڃن ٿا ته انهن کي ڳجهه جو علم نه آهي، اڃا به الله تعالى ئي ڳجھه جو علم رکندڙ آهي (الجن). اها رحماني تعليم آهي، ”روح“ آهي. اها ئي وحي آهي. توهان کي تمام ٿورڙي ڄاڻ ڏني وئي آهي. توهان اها ڳالهه سمجھي نه سگھندؤ ته اهو ڪلام يا روح يا وحي ڪهڙي طرح نازل ٿئي ٿو. بهرحال، وري به توهان کي للڪاريو وڃي ٿو ته توهان جا شيطان ڀلي توهان جي ڪيتري به مدد ڪن، اسان جي نازل ڪيل نيڪ عملي، انصاف ۽ محبت واري تعليم جو مقابلو نٿا ڪري سگهن. سچا يهودي ۽ عيسائي اها ڳالهه مڃن ٿا ته اها تعليم روح القدس (جبرائيلؑ) جي آندل آهي ۽ رحماني تعليم آهي (بني اسرائيل). جيڪڏهن توهان لاءِ اها ڳالهه ممڪن آهي ته هن جهڙيون ڪي ڏهه سورتون ٺاهي آڻيو (هود). جيڪڏهن اهو به ممڪن نه هجي ته پوءِ توهان هن قسم جي نيڪ عمليءَ جي تعليم ڏيڻ واري هڪ ئي سورت ٺاهي آڻيو (يونس). هيءُ قرآن روح القدس جي ذريعي الله تعالى وٽان آيو آهي. مان يهودين جي هٿ ٺوڪين ڳالهين کي الله تعالى جي وحيءَ واري حڪم سان بدلايان ٿو. جيڪو ڪجھه آڻيا ٿو، سو پاڻ نٿو لکان ۽ نه ئي وري نفساني خواهش سان ائين ڪريان ٿو. الله تعالى جي ٻانهن تي شيطان جو ڪوبه وس نٿو هلي. (النحل).


    الله تعاليٰ جنهن لاءِ گھري ان تي وحي نازل ڪري سگھي ٿو:

    اهو ضروري نه آهي ته الله تعالى شاهوڪارن تي ئي وحي نازل ڪري. (الزخرف) هر امت ۾ الله تعالى جي واٽ سونهائيندڙ هڪڙو پيغامبر ايندو رهيو آهي (يونس). توهان نٿا ڄاڻو ته پوءِ اهل ذڪر (يهودين ۽ عيسائين وغيره) کان پڇي وٺو (النحل). هيءَ ڪا نئين تعليم نه آهي پر هيءَ ته الله تعالى جي بندگيءَ ڏانهن سڏيندڙ ابراهيم جي تعليم آهي (الانعام).


    مڪِي تعليم جو تت

    قرآن جي ذريعي پاڻ ڪريم ﷺ جن جيڪا مڪي تعليم ڏني، انهيءَ جو تت اهو آهي ته هن سموري تعليم ۾ انقلابي نظريي وارا جزا ڏنا ويا آهن. مديني ۾ انهيءَ نظرئي تي معاشري جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وئي آهي:
    الف- رحمت وارو الله: الله اهو آهي جنهن جي ڪوبه سفارش نٿو ڪري سگھي. اُن جي قدرت ۾ ڪوبه شريڪ نه آهي. اهو ظالمن کي سزا ۽ نيڪن کي اجر ڏيندو آهي ۽ قيامت جي ڏينهن آخري فيصلو ڪندو. هو سڀني تي ڪرم ڪندڙ آهي، تنهن ڪري ان جي انصاف ۾ رحمت به داخل آهي ۽ هن پنهنجي لاءِ به رحمت جو قانون جوڙي رکيو آهي، تنهن ڪري عدل سان گڏوگڏ رحم ڪرڻ به پاڻ تي لازم ڪيو اٿس. (کَتَبَ عَلٰی نَفْسِہِ الرَّحْمَۃَ). هو ڪرم ڪندڙ ۽ مالڪ آهي. هو سڀ ڪجھه ڪري سگھي ٿو پر ظلم نٿو ڪري ”وَمَآ رَبُکَ بِظَلَّامٍ لِّلْعَبِيْدِ“. هو رحم ڪندڙ آهي. هو ڪنهن هڪ ماڻهوءَ جي ڏوهه جي سزا ٻئي ڪنهن کي نٿو ڏئي، تنهن ڪري شفاعت ۽ ڪفارو بي معنى شيءِ آهي. هو سڀني قومن جو پالڻهار آهي ۽ ڪابه قوم هن جي لاڏلي نه آهي. ان جي قدرت جون نشانيون هر جاءِ تي پکڙيل آهن. معجزن جي ڪابه ضرورت نه آهي.
    ب- مرڻ کان پوءِ واري زندگي ۽ مايوسي: ظلم ۽ ڏاڍ کان مڙي وڃو. دنيا جون قومون انهيءَ جي ڪري ئي تباهه ۽ برباد ٿي ويون. اهو نه سمجھو ته ظلم جي سزا کان بچي ويندؤ. پڪ ڄاڻو ته جهڙي پوک پوکيندؤ، تهڙي ئي لڻندؤ. اها ئي الله تعالى جي سنت آهي. جيڪڏهن دنيا ۾ توهان بچي به ويؤ ته آخرت ۾ ضرور سزا ڀوڳيندؤ. مرڻ کان پوءِ جيئرو ٿي اٿڻ پڪي ڳالهه آهي پر جيڪي ماڻهو ظالم آهن سي مايوسيءَ واري دنيا ۾ آهن ۽ ٻيهر پيدا ٿيڻ واري ڳالهه جا انهيءَ ڪري ئي انڪاري آهن. انڪار سان مايوسي پيدا ٿيندي آهي.
    ٻيهر جياپو ۽ الله ۾ اميد: نيڪوڪاري (عدل سان گڏ رحمت) جو نتيجو هن دنيا ۾ خوشحالي آهي ۽ مرڻ کان پوءِ به بهشت آهي، تنهن ڪري محبت ۽ رحمت جي دنيا وسايو ۽ نا اميديءَ کي ڪفر سمجھو. خدا پرستيءَ جو لازمي نتيجو خوشي، زندگي ۽ اميد آهي. گناهه کان پوءِ توبه ڪريو، الله تعالى رحم ڪندڙ آهي، اميد آهي ته معاف ڪري ڇڏيندو. هن وٽ ڪنهن جي به سفارش جي ضرورت نه آهي.
    ت- فڪري آزادي: سمورن هادين ۽ نبين جي اها ئي تعليم رهي آهي. يعني اها ئي قرآن واري تعليم. انڪار ڪندڙن جي لاءِ نه رڳو قرآن پر سمورا حڪم ۽ خدائي ڪتاب معجزو آهن. انهيءَ ڪري اهي نه ته الله تعالى جي وجود جا قائل آهن ۽ نه ئي مرڻ کان پوءِ جيئرو ٿي اٿڻ تي ويساهه ڪن ٿا. اهي پنهنجي عقلن کي مذهبي ٺيڪيدارن ۽ ڀوپن (موجوده دؤر ۾ سائنس ۽ مذهبي پيشوائن) جي هٿ وڪڻي چڪا آهن. تنهن ڪري ڀلو انهيءَ ۾ اٿوَ ته خدائي ڪتابن کي مڃو جنهن جو لازمي نتيجو فڪري آزادي آهي. انهيءَ سان طبقاتي ڪشمڪش ختم ٿي وڃي ٿي ۽ محبت ۽ رحمت جي ڪري ضمير جو سچو آواز خدائي آواز بڻجي ويندو آهي.
    ث- محنت جي استحصال سان دولت ميڙڻ ۽ نبين سڳورن سان دشمني: مڪي ۾ نازل ٿيندڙ قرآن ۾ آسودن تي سخت تنقيد ڪئي وئي آهي ۽ معاشي طبقي جي لحاظ کان انهن کي نبين جو دشمن سڏيو ويو آهي. سورت سبا ۾ چٽائي ڪئي وئي آهي ته نبين سڳورن کي تڪليفون ڏيڻ وارا اهي ئي آسودا ماڻهو آهن. ايترو به چيو ويو ته سمورين بد اخلاقين جو بنياد اهو ئي آسودو طبقو آهي. سوال اهو آهي ته اها دولت انهن وٽ آئي ڪٿان آهي؟
    زرعي دور کان وٺي اسلام جي ظاهر ٿيڻ تائين اها دولت غلام ۽ زرعي غلام جي محنت جي استحصال سان آئي هئي. مالڪ ۽ جاگيردار انهيءَ دولت جا مالڪ هئا. اسلام کان پوءِ جڏهن يورپ ۾ تحقيق جي سائنسي طريقي جو رواج پيو ته مشينون ايجاد ٿيون ۽ پهريون دفعو هڪ ڪارخاني جي ڇت هيٺ هزارين مزدورن ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ته محنت جي استحصال ۽ انهيءَ مان حاصل ٿيندڙ دولت جي سموري عمل تي روشني پئي. اهڙي طرح خبر پئي ته دولت نه ته آسمان مان لهي ايندي آهي، ۽ نه ئي زمين مان نڪرندي آهي پر اها مزدور جي محنت مان حاصل ٿيندڙ پيداوار جي هڪ وڏي حصي تي ڪارخانيدار مالڪ بڻجي قبضو ڪري وٺندو آهي. غلام ۽ زرعي غلام جي محنت جو استحصال اهڙيءَ ئي طرح ٿيندو آيو آهي، جهڙي طرح اڄ به مزدور جو ٿي رهيو آهي. مالڪ، جاگيردار ۽ ڪارخانيدار جي سموري دولت انهيءَ استحصال جو ئي نتيجو آهي.
    قرآن ۽ ٻين پاڪ ڪتابن جي تفسير ۽ تشريح ڪندي مذهبي پيشوائن انهن ڪتابن جو انهن جي تاريخي پس منظر کان جدا ڪري مطالعو ڪيو، جنهن جو وڏو فائدو غلام بڻائيندڙ آقا، جاگيردار ۽ ڪارخانيدار کي حاصل ٿيو. قرآن ڪيترن ئي جاين تي ٻڌايو آهي ته الله تعالى رزق جا سمورا وسيلا پنهنجي ٻانهن لاءِ پيدا ڪيا آهن. هابيل جي قتل ۽ آدم جي زمين تي اچڻ کان پوءِ جيڪو معاشي نظام قائم ٿيو، اُن ۾ ڏهه سيڪڙو ماڻهن جو پيداواري وسيلن تي قبضو ٿي ويو ۽ نوي سيڪڙو اڪثريت انهن وسيلن مان فائدو ماڻڻ کان محروم ٿي وئي.
    انسان پنهنجي عملن ۾ خودمختيار آهي. اهو هن جو فرض هو ته هو اهڙو معاشي نظام جوڙي جو پيداواري وسيلا عوام کي فائدو ڏيڻ لاءِ کليل رهن ها پر ايئن نه ٿيو. قرآن پاڪ جي موجوده ترتيب اندر مڪي ۽ مدني سورتن کي پاڻ ۾ ملائي ڇڏيو ويو آهي. انهيءَ سان مڪي دؤر ۾ نازل ٿيڻ واري قرآن ۾ مالدارن تي جيڪا سخت تنقيد ڪئي وئي آهي، سا نظرن کان اوجهل ٿي وئي آهي. انهيءَ سبب جي ڪري قرآن معاشري ۾ ڪابه بنيادي تبديلي آڻڻ ۾ مدد نه ڏئي سگھيو، اڃا به غلاميءَ جو ادارو دائمي بڻايو ويو. سياسي نظام ۾ بادشاهت قائم ڪئي ويئي. عوام ۽ ان جي مفادن کي حڪومت، قانون سازي ۽ معاشي نظام جوڙڻ کان بي دخل ڪري ڇڏيو.
    جيستائين قرآن جي تعليم موجب پيداواري وسيلن کي ٿورڙن ماڻهن جي قبضي مان ڪڍي پورهيت عوام جي ملڪيت ۾ نٿو ڏنو وڃي، اها صورتحال جيئن جو تيئن قائم رهندي.
    مون پنهنجي لکڻي ”انقلاب مڪه“ ۽ ”فهم قرآن ڪي جديد طريقي“ ۾ امام ابن تيميه جي فتوى نقل ڪئي آهي، جنهن ۾ امام موصوف چيو آهي ته موجوده صحيفي واري ترتيب تلاوت جي لاءِ آهي، باقي تحقيق جي لاءِ ڪنهن به ترتيب کان ڪم وٺي سگھجي ٿو، تنهن ڪري ضروري آهي ته تحقيق جي لاءِ مڪي ۽ مدني دؤر ۾ نازل ٿيندڙ قرآن جو جدا جدا مطالعو ڪيو وڃي.
    اسلامي جي معاشي نظام جي باري ۾ اها ڳالهه سمجهي ڇڏڻ گھرجي ته مديني ۾ نبي ڪريم ﷺ جن ڪڙمت کي وياج تي مبني ڪاروبار سڏيو هو. پر بغداد واري خلافت جي دٻاءَ هيٺ اچي مجتهد فقيهن جي شاگردن ڪڙمت کي ڪن شرطن سان جائز سڏيو. جڏهن ته حضرت ابوبڪر صديق ؒ مال غنيمت جي برابر ورڇ لازم ۽ حضرت عمرؒ مصر ۽ شام مان حاصل ٿيندڙ زمينن کي بيت المال جي ملڪيت چئي ڇڏيو هو. اهو ئي عمل خيبر جي فتح کان پوءِ پاڻ ڪريم ﷺجن به اختيار ڪيو هو ته زمينن ۽ باغن کي ته رياست جي ملڪيت ۾ شامل ڪري ڇڏيو ۽ يهودي هارين کان ڍل وٺڻ شروع ڪئي.
    جيئن ته ڪڙمت کي جائز سڏيو ويو هو، انهيءَ ڪري مشين جي ايجاد کان پوءِ ڪارخاني کي به انهيءَ ئي اصول هيٺ مالڪ ۽ مزدور جي شڪل ڏني وئي. فقيهن جهڙي طرح جاگيرداري کي جائز سڏيو، اهڙيءَ ئي طرح ڪارخانيداري کي به جائز چئي ڇڏيو. هاريءَ جي محنت جي استحصال وانگر مزدور جي محنت جو استحصال به رڳو فقهي نقطه نظر کان جائز سڏيو ويو. جيستائين اها صورتحال رهندي، دولت هڪڙي ننڍڙي طبقي جي ملڪيت ۾ گڏ ٿيندي رهندي.
    قرآن چيو آهي ته ڪمزور ۽ غريب طبقي جي ماڻهن جو فرض آهي ته اهي پنهنجي شعور کي بيدار ڪن ۽ پنهنجي تنظيم قائم ڪري، هلندڙ جاگيرداري ۽ سرمائيداري معاشِي نظام جو خاتمو ڪري ڇڏين. هن دؤر جي انسان جو معاشي ڇوٽڪارو گڏيل معيشت اختيار ڪرڻ ۽ حقيقي مذهب يعني توحيد خدائي جي نظريي هيٺ اخلاقي ۽ روحاني خصوصيتون اختيار ڪرڻ يا نه ڪرڻ جي جزا ۽ سزا جي لاءِ مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ تي ايمان آڻڻ ۾ آهي. جيستائين اهي ٻئي جزا جدا جدا رهندا، انساني معاشرو تباهيءَ جي ڪُن ۾ ڦاٿل رهندو. حقيقي مذهب ۾، جنهن کي پاڪ مذهبن جي بانين رواج ۾ آندو هو، اهي ٻئي جزا گڏايا ويا آهن پر مذهبي پيشوائن انهن کي جدا جدا ڪري ڇڏيو.
    تنهن ڪري قرآن پاڪ ۽ سيرت پاڪ جو جيستائين طبقاتي نقطه نظر ۽ ترتيب نزول جي روشنيءَ ۾ مطالعو نه ڪيو ويندو، قرآن ۽ سيرت معاشري ۾ ڪابه تبديلي نٿا آڻي سگھن.


    مديني جي هجرت کان پوءِ

    مڪي ۾ اسلامي نظرئي جا جزا ٻڌايا ويا هئا. ڪوبه انقلاب نظرئي کانسواءِ نه ايندو آهي. هجرت کان پوءِ مديني ۾ ان ئي نظرئي جي بنياد تي رياست قائم ڪئي وئي جنهن مڪي تعليم جي بنياد تي معاشري ۾ اهڙا قانون نافذ ڪيا هئا، جن کي لاڳو ڪرڻ سان جهالت، بک، غلامي ۽ مسڪينيءَ جو خاتمو ٿي ويو ۽ انسان رحمت ۽ محبت جو پتلو بڻجي ويو. ڏوهاري ۽ خطا ڪندڙ جي لاءِ توبه جي ذريعي خدائي رحمت جا دروازا کوليا ويا ۽ ماڻهو نذرانن ۽ مذهبي ٺيڪيدارن جي سفارش واري جھنجھٽ مان آجا ٿي ويا.


    اسلامي انقلاب جي ڇهين منزل قومن جي سرداري:

    هجرت کان پوءِ انقلاب جو مرڪز مديني کي بڻايو ويو ۽ پاڻ ڪريمﷺ جن نه رڳو مهاجرن ۽ انصارن، پر يهودين جا به حاڪم ۽ امير بڻيا. پاڻﷺ امير العالمين جي حيثيت سان مديني جي اوسي پاسي ۾ ويٺل مشرڪن سان به دفاعي معاهدا ڪيائون. پنهنجي نظريي جي حفاظت ۽ نفاذ جي لاءِ مهاجرن جي فوجي تربيت به ڪيائون. انفاق يعني جنگي خرچن جي لاءِ چندو به گڏ ڪيائون ۽ يهودين سان اهڙو معاهدو ٿيو جنهن جي ذريعي پاڻ ﷺ جن حڪمران، جڏهن ته مسلمان ۽ يهودي هڪ ئي امت سڏيا ويا، جنهن ۾ مذهب جي اختلاف باوجود به معاشري جي ٻيهر تعمير جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. ان کي ميثاقِ مدينه جو نالو ڏنو ويو. اهو ميثاق اصل ۾ ان ڳالهه جو نمونو آهي ته مختلف مذهب، رنگ نسل، قوميت ۽ غربت ۽ سرداريءَ جي فرق جي باوجود به دنيا جي قومن کي نيڪيءَ تي گڏ ڪري سگھجي ٿو ۽ نه رڳو آدم جي خلافت پر عالمي حڪومت به قائم ڪري سگھجي ٿي.


    خوني ويڙه جو مقصد:

    خوني ويڙهه جو مقصد زندگين کي بچائڻ آهي نه مارڻ (المائده) ۽ هڪ انسان جو قتل سموري انسانيت جي قتل برابر آهي. (المائده)
    همٿ ۽ بردباريءَ سان ڪم ڪيو وڃي ته انسان دوست انقلابي نظرئي جي بنياد تي ننڍڙي جماعت وڏي جماعت کي هارائي سگھي ٿي، ڇو ته غلط نظرئي واري ڪنهن وڏي جماعت وٽ انسانيت کي ترقي ڏيڻ جو ڪوبه منصوبو نه هوندو آهي. قومي ۽ انساني مفادن تي شخصي مفادن کي ترجيح ڏيڻ سان وڏي جماعت جون پاڙون پٽجي وينديون آهن. (بقره، رڪوع 22، طالوت وارو قصو)


    اسلامي انقلاب جي ستين منزل خوني ويڙهه جي انسان دوست ڪردار تي وڌيڪ روشني:

    خوني ويڙهه جي باري ۾ وڌيڪ انقلابي قانون:

    1. انسان کي انسان جي سياسي ۽ ذهني غلاميءَ مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ خوني ويڙهه (مسلح جاکوڙ) ڪرڻي پوندي آهي (بقره، رڪوع نمبر 27) ڇو جو اظهار جي آزادي جو کسجي وڃڻ قتل جي برابر آهي.
    2. جيڪڏهن دشمن ٺاهه ڪرڻ لاءِ آماده ٿئي ٿو ته يڪدم ٺاهه ڪريو. (انفال)
    3. دشمن سان به واعدو نه ٽوڙيو (انفال، رڪوع نمبر 10)
    4. ڪنهن به ماڻهوءَ کي جنگ جي ذريعي غلام نٿو بڻائي سگھجي.
    (سورت محمد)
    5. الله تعالى جي واٽ ۾ جهاد ڪرڻ فائدي وارو واپار آهي (الصف) ڇو ته الله جي لاءِ وڙهڻ جو مطلب غلام بڻائيندڙ جماعتن جي قبضي ۽ اقتدار کي ختم ڪري عوام جي اخلاقي ۽ روحاني ۽ انقلابي ڳڻن کي حاصل ڪرڻ لاءِ آزادي ڏيارڻ آهي.
    6. جهاد يا الله تعالى جي راضپي لاءِ خوني ويڙهه ۾ خرچن لاءِ چندو ڏيڻ پنهنجي ئي مدد ڪرڻ آهي. (محمد، رڪوع 4) قتال في سبيل الله اصل ۾ قتال في سبيل العوام آهي، جنهن جي مدد سان غلام بڻائيندڙ جماعتن جي بند مان، عوامي مفادن کي آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو تاريخ جي ڪيترن ئي دؤرن ۾ مزدور ۽ غلام ۽ پٺتي پيل ماڻهن پنهنجي جماعتي مفادن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اقتدار ڌڻين، پيداواري وسيلن تي قبضو ڪري ويٺل طبقن ۽ عوام جي گھڻي حصي کي ان مان فائدو ماڻڻ کان محروم ڪرڻ واري معاشي نظام جي حامين خلاف مسلح جدوجهد ڪئي آهي.


    قومن جو اتحاد:

    اُن دؤر ۾ يهودين کي چيو ويو ته الله ۽ آخرت کي مڃيندڙن جو قبلو اهو ئي هئڻ گھرجي جيڪو سڀ کان پهريان ابراهيمؑ مڪي ۾ جوڙيو هو. يهودين ان کي نه مڃيو ۽ چيو ته يروشلم کي ئي هو پنهنجو قبلو قائم رکندا. اهي موسوي دين تي هلي رهيا هئا. پاڻ ڪريم ﷺ جن چاهين پيا ته بني اسرائيل پنهنجي پيءُ ابراهيمؑ جي دين تي گڏ ٿي وڃن، ڇو جو اهو ئي قديم دين ۽ اصل اسلام آهي.


    عيسائين ڏانهن ٻيهر ڌيان:

    يهودين جي معاهدو ٽوڙڻ جي ڪري پاڻ ڪريم ﷺجن ٻيهر عيسائين ڏانهن ڌيان ڏنو ۽ انهيءَ زماني ۾ روزا فرض ڪيا ويا، جڏهن عيسائي عيسى ؑ جي ڄمڻ جي خوشيءَ ۾ روزا رکندا هئا.
    قرآن ڪريم ۾ قومن جي اتحاد دين يعني ڪائنات جي وحدت ۽ مرڻ کان پوءِ وري جيئرو ٿي اٿڻ، عملن جي جزا ۽ سزا جي ملڻ ۽ اعلى اخلاقي ۽ روحاني ڳڻن کي مڃڻ بنياد سڏيو ويو. ان سان گڏوگڏ عبادتن ۽ رسمن جي اختلاف ۽ عقيدن جي تشريح ۽ وضاحت کي پوءِ واري حيثيت ڏني آهي.
    ”انهيءَ کانسواءِ قرآن رنگ نسل، قوميت ۽ وطنيت جي اختلاف کي قومن جي سڃاڻپ ۽ هڪٻئي سان واقفيت جي لاءِ استعمال ڪيو آهي، يعني اهڙن بنيادن تي انسانن جي ورهاڱي کي انسان دشمني سڏيو آهي. انهيءَ سان گڏ ئي قرآن ڪريم پيداواري وسيلن کي عوام جي ملڪيت سڏي ٿو.“ (بقره: 29)
    قرآن موجب قومن جو اتحاد اصل ۾ انسانيت جو اتحاد ۽ عالمگير روحاني گڏيل معاشري جو قيام آهي، جنهن کي توحيدي معاشرو به چيو وڃي ٿو.


    اسلامي انقلاب جي اٺين منزل گذريل نبين جي تصديق ۽ نبوت جو خاتمو:

    احد جي جنگ ۾ شڪست کان پوءِ وارا ٽي سال وڏين تڪليفن سان ڀرپور هئا. انهن ٽنهي سالن جو مقابلو شعب ابي طالب وارن ٽن سالن سان ڪريو ته خبر پوندي ته اسلامي انقلاب جي بنياد جي اها منزل ڏاڍي سخت هئي. شعب ۾ توريت جي تعليم مان سبق ڏنو ويو هو. هاڻي احد جي شڪست کان پوءِ انهيءَ کي عملي طرح جاري ڪرڻو هو ۽ اهڙيون حالتون پيدا ٿي ويون هيون جو جيڪڏهن انهن قانونن کي جاري نه ڪيو وڃي ها ته ابراهيمي دين خطري ۾ پئجي وڃي ها. اِن ڪري انهيءَ دؤر ۾ پاڻ ﷺ هب جو لقب خاتم النبيين ٿيو، يعني پاڻ ﷺ نبين جي تصديق ڪندڙ هئا ۽ سختيءَ سان انهن ابراهيمي قانونن کي جاري ڪرڻ گھرن پيا، جن کي يهودي مڃڻ نه پيا گھرن. هڪ پاسي يهودي غداري ڪري رهيا هئا ۽ قبلي جي تبديليءَ کان پوءِ مصدق النبيين تي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا هئا. ٻئي پاسي مسلمانن جي اندر به منافقن جي هڪ اهڙي ٽولي گھڙي آئي هئي جيڪا ڪافر قريشن سان ڳٺ جوڙ ڪري رهي هئي. ٽئين پاسي عرب جا مشرڪ ٺڳيءَ سان مسلمانن کي گھرائي قتل ڪري رهيا هئا ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي پنهنجي ئي زندگي خطري ۾ هئي. پاڻ ڪريم ﷺ جن جي لاءِ هٿياربند پهريدار مقرر هئا. اهڙين حالتن ۾ به پاڻ ﷺ جن اڳين نبين جي تصديق کان پاسيرا نه ٿيا ۽ پاڻ اعلانيه طور عمل ڪري ڏيکاريائون:
    1. يهودين کي فرمايائون ته ابراهيمي قبلو موسوي قبلي کان آڳاٽو آهي، تنهن ڪري هاڻي اڳتي به اهو ئي قبلو هوندو.
    2. پاڻ اهو به فرمايائون ته اٺ جو گوشت ابراهيم جي وقت کان وٺي حلال آهي، تنهن ڪري اهو حرام نٿو ٿي سگھي.
    3. پاڻ فرمايائون ته ڇنڇر جي ڏينهن شڪار نه ڪرڻ يا جنگ ۾ وڃڻ کان انڪار ڪرڻ غلط ڳالهه آهي. (جيئن يهودين احد واري جنگ جي معاملي ۾ بهانو ڪيو هو ته اهو سندن ڇنڇر آهي، انهيءَ ڪري پاڻ شامل ٿي نه سگھندا) اهو خدائي قانون نٿو ٿي سگھي ته ڪنهن ڏينهن ڪم نه ڪيو وڃي ۽ اهو نظريو گھڙيو وڃي ته ڇهن ڏينهن ۾ الله تعالى زمين ۽ آسمان کي ٺاهيو ۽ پوءِ هن ٿڪجي ستين ڏينهن (يوم سبت) کي ساهه پٽڻ لاءِ مقرر ڪيو! پاڻ ڪريم ﷺ جن ٻڌايو ته الله تعالى ڪڏهن به ٿڪبو نه آهي. هو نه ته ڪراڙو ٿيندو آهي ۽ نه ئي سمهندو آهي.
    4. منافقن کي پاڻ فرمايائون ته اها مشرڪاڻي رسم آهي ته پٽيلي جي زال سان نڪاح نه ڪيو وڃي. نڪاح ابراهيمي قانون آهي ۽ بني اسرائيل به انهيءَ کي مڃن ٿا. مان انهيءَ جي تصديق ڪريان ٿو ته مان زيد جو پيءُ نه آهيان ۽ ان جي طلاقيل زينب سان نڪاح ڪري ابراهيمي قانون تي عمل ڪري ڏيکاريان ٿو. مان خاتم النبيين (يعني نبين جي تصديق ڪندڙ) آهيان. مون کي خدائي حڪم جاري ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جو شرم ۽ وڏائي نٿي ٿئي. امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر مسلمانن جو فرض آهي. (آل عمران، رڪوع نمبر 12)
    5. مؤمنن کي فرمايو ويو ته زنا جي تهمت ڪنهن تي به نه لڳايو. ٻانهين جو به نڪاح ڪري ڇڏيندا ڪريو (النور). خلع واري طلاق کانسواءِ هر طلاق قابل رجعت آهي (بقره رڪوع نمبر 28 ۽ 29). جيڪو حق جي راهه ۾ قتل ٿيندو آهي سو ڪڏهن به فنا نه ٿيندو آهي. قوم جي لاءِ مرڻ دولت کان ڀلو آهي. (آل عمران، رڪوع نمبر 17)


    اسلامي انقلاب جي نائين منزل موت تي بيعت ڪرڻ وارن انقلابين جي جماعت:

    تيرهن سال مڪي ۽ ڇهه سال مديني ۾ گذارڻ کان پوءِ 6 هه ۾ هڪ اهڙي انقلابي جماعت تيار ٿي وئي جنهن شيطانيت ۽ نفرت جو خاتمو ڪرڻ ۽ اڪيلي الله جي ٻانهپ يعني محبت ۽ رحمت کي عام ڪرڻ لاءِ موت تي بيعت ڪري ورتي هئي. اها اسلام جي بنيادي ۽ سڀ کان وڏي سوڀ هئي ته پوري جماعت بيعت رضوان ڪري ورتي هئي. رسول الله ﷺجن اعلان ڪري ڇڏيو ته سموري دنيا ۾ خدائي پيغام پهچائڻ لاءِ مان رسول بڻجي آيو آهيان. (اِنِّیْ رَسُوْلُ اللّٰہِ اِلَیْکُمۡ جَمِیْعَا، سورت الاعراف) هاڻي قومن جي فاتح هئڻ جي حيثيت ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن معاف ڪرڻ ۽ احسان جا اهي خدائي قانون ماڻهن تائين پهچائي ڇڏيا.
    1. نيڪيءَ جي سڃاڻ: نيڪي تقوى کي چوندا آهن، يعني الله تعالى جي حاڪميت جي خوف ۽ ان جي رحمت جي واعدي تي ظلم ۽ نفرت کان بچڻ ۽ عدل ۽ محبت کي ترقي ڏيڻ ئي نيڪي آهي. جهالت واري، اڻڄاڻائي ۽ هَٺ کي ڇڏي اهل ڪتاب يعني تهذيب يافته ماڻهن وانگر بردباري اختيار ڪرڻ به نيڪي آهي.
    2. انصاف ڀريو قتال: قتال به نيڪي آهي پر انهيءَ لاءِ شرط اهو آهي ته اهو عدل تي ٻڌل هجي ۽ اظهار جي آزاديءَ جي حق جي لاءِ هجي (بقره، رڪوع نمبر 24).
    3. نه وڙهندڙن سان ڀلائي ۽ انصاف ڪرڻ نيڪي آهي: انهن کي علم جي دولت ڏيڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪريو. جهاد جي حقيقت الله تعالى جي نالي کي بلند ڪرڻ ۾ ئي آهي.
    4. ڪتاب وارن کي مذهبي آزادي: ڪتاب وارن کي پوري پوري آزادي آهي. سندن جان، مال، عزت جي حفاظت مسلمانن جي مٿان لازم آهي. ان جي عيوض انهن کان هڪ ٽيڪس (جزيو) ورتو ويندو جنهن جي بدلي ۾ اهي فوجي خدمت کان آجا هوندا. انهن جي مذهبي پيشوائن، مسڪينن، پوڙهن ۽ عورتن تي اهو ٽيڪس نه لڳندو. (اصل ۾ غير مسلم اقليتن سان اهو سلوڪ روا رکڻ ئي اسلام جو حڪم آهي)
    5. مشرڪن جي تاليف قلب: فتح مڪي کان پوءِ عام امن جو اعلان ڪيو ويو. جيڪي نوان مسلمان هئا يا شرڪ تي قائم هئا، تن سان معافي ۽ درگذر وارو رويو اختيار ڪيو ويو ۽ 8 هه جي حج وارو واپاري نفعو حاصل ڪرڻ کان مشرڪن کي نه روڪيو ويو. اهو مشرڪن توڙي مسلمانن جو گڏيل حج هو.
    6. ڪتابي جمهوريت جو قيام: هن وقت تائين هر سماجي ۽ سياسي مسئلي ۾ رسول الله ﷺ جن جو حڪم هڪ امير جي حيثيت ۾ هلندو هو. رضوانين جي جماعت تيار ٿي وڃڻ کان پوءِ اسلامي انقلاب کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ انهن رضوانين سان صلاح مشورور به ٿيڻ لڳو، يعني هڪ شورائي جماعت بڻجي وئي جيڪا ڪتاب الله (قرآن) جي روشنيءَ ۾ جماعت جي امير، جناب محمد رسول الله ﷺ کي مشورو ڏئي سگھندي هئي، جڏهن ته فيصلو اڪثريتي راءِ تي آڌاريل نه هو پر اصول (ڪتاب الله) جي روشنيءَ ۾ جيڪا سٺي ۾ سٺي راءِ هوندي، انهيءَ تي عمل ٿيندو هو. جيستائين دنياوي معاملن جو لاڳاپو هو، تن ۾ عام ۽ سٺين ڳالهين تي عمل ڪيو ويندو هو.
    (انتم اعلمون بامور دنياکم – مسلم)
    اصل ۾ اسلام جو هڪ سياسي نظام آهي جنهن ۾ ڪلام الله (قرآن) جي قانونن ۽ اصولن جي روشنيءَ ۾ ڀلي ۾ ڀلي راءِ کي اختيار ڪيو ويندو هو. ائين نه ٿيندو هو ته جيڪڏهن گھڻائي هڪ غلط ڪم يا بدڪاريءَ کي اختيار ڪري وٺي ته انهيءَ کي قانوني شڪل ڏني وڃي؛ جيئن اڄ ڪلهه اولهه وارن ملڪن ۾ ٿيندو آهي. اسلام جو سياسي نظام سڀني اخلاقي ڳڻن کي تحفظ ڏئي ٿو. انهيءَ ڪري راءِ جي گھڻائيءَ جي بدران، اخلاقي ڳڻن کي رائج ڪرڻ ۽ عدل ۽ محبت کي پنهنجائڻ جي لاءِ سڀ کان سٺي راءِ تي ئي عمل ٿيندو هو. دنيا جي معاملن ۾ سائنسي تحقيق جي طريقن مان ڪم ورتو ويندو آهي، جيئن کجيءَ جي وڻن ۽ ميوي جي باري ۾ رسول الله ﷺ جن فرمايو ته دنيا جي معاملن ۾ توهان پنهنجي معلومات موجب عمل ڪريو. انهيءَ ۾مذهب ڪنهن به قسم جي دخل اندازي نٿو ڪري.
    7. عدل ۽ احسان: هن ڪتابي آمريت يا اصولي شورائيت جو بنيادي مقصد عدل ۽ احسان هو ۽ مرڪزي انقلابي پارٽيءَ جو فرض هو ته دنيا مان جهالت، غربت ۽ غلاميءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ الله جي واٽ ۾ پنهنجي سر جو سانگو لاهي ڇڏي ۽ انسانيت کي علم جي دولت سان مالا مال ڪري ڇڏي ته جيئن انسان حقيقي معنى ۾ انس ۽ محبت جو پتلو بڻجي وڃي.
    انهيءَ جو اهو مطلب آهي ته اسلامي معاشي نظام ۾ پيداواري وسيلن يا دولت حاصل ڪرڻ جي سرچشمن تي ڪن ٿورڙن ماڻهن جي بدران عوام جو قبضو هوندو آهي. جيڪڏهن ڪي ٿورڙا ماڻهو ملڪيت تي قبضو ڪري وڃن ٿا ته عام ماڻهو دولت مان فائدو حاصل نه ڪري سگھندا. قرآن ڪريم ڪيترين ئي جاين تي اهو ٻڌايو آهي ته رزق جا سمورا وسيلا الله تعالى سڀني انسانن لاءِ پيدا ڪيا آهن. تنهن ڪري اهڙو معاشي نظام ترتيب ڏيڻ گھرجي جنهن ۾ هر ماڻهو انهن پيداواري وسيلن مان فائدو ماڻي سگھي. ايئن نه ٿيڻ گھرجي ته ڪي ٿورڙا ماڻهو پيداواري وسيلن تي قبضو ڪري، گھڻن انسانن کي پنهنجي محنت وڪڻڻ تي مجبور ڪري ڇڏين ۽ انهن جي محنت جي استحصال سان پاڻ ته جھجھي دولت حاصل ڪن پر اهو پورهيت ساڳيو ئي غربت ۽ مسڪينيءَ ۾ پيو گذاري.
    علامه اقبال صحيح ڳالهه ڪئي آهي ته بادشاهت جي ڪري دنيا اسلام جي معاشي نظام مان لاڀ پرائي نه سگھي آهي. جڏهن ته بادشاهت جو اهو ادارو دمشق واري خلافت ۾ ئي قائم ڪيو ويو هو، جنهن سان اڳتي هلي جاگيرداري نظام کي سگھه ملي. انهيءَ جو مطلب اهو آهي ته علامه اقبال چواڻي، مسلمانن ۾ جمهوريت رڳو ٽيهه سالن تائين قائم رهي سگھي. ڊگھي بادشاهت کان پوءِ مسلمانن اولهه وارن جي صنعتي سرمائيداري نظام تي ٻڌل نالي واري جمهوريت کي پنهنجائي ورتو، جنهن جي مزاج ۽ روح، ٻنهي تي بادشاهيت جو اثر هو. اڄ به انهيءَ سرمائيداراڻي جمهوريت جي ايوانن ۾ پيداواري وسيلن تي قابض ماڻهن جا نمائندا ويٺل آهن ۽ جيڪي پنهنجي مفادن کي تحفظ ڏيڻ جي لاءِ قانونسازي ڪندا رهيا آهن.
    اشتراڪي معاشري ۾ ڪجھ عرصي لاءِ عوامي جمهوريت قائم ٿي هئي، جيڪا ڪن سببن جي ڪري ختم ٿي وئي.
    8. الف: پراڻن بحثن جو خاتمو: سورت حديد ۽ سورت تغابن ۾ خدا ۽ قيامت (مرڻ کان پوءِ وري جيئرو ٿي اٿڻ) وارن بحثن جو خاتمو ڪيو ويو.
    ب: معجزا: آيات الله جي بحث جو آخري جواب سورت بقره جي رڪوع نمبر 20 ۾ ڏنو ويو.
    ٻ: خدائي ڪتابن جو معجزو: يعني اعجاز قرآن ۽ سمورن آسماني ڪتابن جو انڪار ڪندڙن جي لاءِ معجزو هئڻ ثابت ٿي ويو.
    (بقره رڪوع نمبر 3)
    9. پروهتي (مذهبي پيشوائيت جي) نظام جو خاتمو: ڪعبي مان پروهتي نظام ختم ڪيو ويو. عقل کي آزاد ڪيو ويو. (پر بادشاهت واري دؤر ۾ مسلمانن هڪ دفعو وري پنهنجي اندر مذهبي پيشوائيت واري نظام کي قائم ڪري ورتو آهي جيڪو سائنس ۽ علم جو دشمن آهي).


    اسلامي انقلاب جي ڏهين منزل اسلامي انقلاب جو بين الاقوامي پروگرام:

    هاڻي سڄو عرب فتح ٿي چڪو هو ۽ دنيا جي مختلف قومن ۾ اسلامي انقلاب کي آڻڻو هو ته جيئن انساني ٻڌيءَ جي ذريعي مساوات يا برابريءَ کي قائم ڪري سگھجي. علم ۽ عقل آزاد هجن ۽ پروهتن، نجومين، ڀوپن ۽ جنگ جي باهه لڳائڻ وارن شاعرن جو خاتمو ٿي وڃي. تنهن ڪري عالمي انقلاب آڻڻ جي لاءِ مختلف قومن کي هي پيغام ڏنا ويا.
    1. ڪتاب وارن کي دعوت: اي ڪتاب وارؤ، اچو ته الله مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ تي ايمان آڻي اسان هِن ڳالهه تي هڪ ٿي وڃو ته الله کان سواءِ ٻيو ڪنهن کي به پنهنجو پالڻهار نه مڃون ۽ ڪابه قوم ٻي ڪنهن قوم کان عزت واري نه سمجھي وڃي. جيڪو نيڪيءَ جي رستي تي هلندڙ هوندو، سو ئي الله تعالى وٽ وڌيڪ عزت ڀريو هوندو. (آل عمران)
    2. عيسائيو! الله تعالى ئي قادر مطلق آهي: يعني هو انهيءَ ڳالهه تي وسوارو آهي ته بنا پيءُ جي ڪنهن انسان کي پيدا ڪري. انهيءَ ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ گمان نه ڪريو ۽ الله تعالى کي عيسى جو پيءُ نه سمجھو. اهو الله ته مٽيءَ مان (به) انسان جوڙي سگھي ٿو، تنهن ڪري ان جي خالقيت جي قدرت ۾ شڪ نه ڪريو. (آل عمران)
    3. ڪتاب وارن جي هڪڙي جنتري هوندي: جهڙي طرح روزا هن زماني ۾ رکيا وڃن ٿا، اهڙيءَ طرح رکڻ گھرجن جيئن ڪتاب وارا (عيسائي) رکندا آهن. اهڙي طرح حج جو ميلو به انهيءَ زماني ۾ هجي، جڏهن يهودي، عيسائي ۽ مجوسي (چيٽ جي وچولن ڏينهن ۾) ميلو ڪندا آهن. باقي انهيءَ ۾ مشرڪ نه اچي سگھندا ۽ شرڪ بجاءِ اڪيلي الله جي ٻانهپ ٿيندي. انهيءَ ڪري هاڻي سال جا ٻارهن ئي مهينا ٿيندا ۽ نسئي جي موسم (يعني هڪ مهينو هر ٻئي ٽئين سال وڌائڻ) ختم ڪئي ويندي. انهيءَ جنتري سان ڪتاب وارا ترقي ڪندا.
    4. انفاق جو پاڻ ۾ اتحاد، زڪوات، جهاد: مؤمنن جي جان ۽ مال کي الله تعالى خريد ڪري ڇڏيو آهي (توبه) تنهن ڪري جهاد يعني دنيا مان خوف ۽ پريشانيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ کين خوشيءَ سان (الله جي راهه ۾) خرچ ڪرڻ گھرجي. (البقره، رڪوع نمبر 38) پر اهو ضروري نه آهي ته سڀئي جهاد ڪن. جهاد کان ڪراڙا ۽ عورتون آجا آهن. انفاق جي ڪابه حد مقرر نه آهي. باقي زڪوات هڪ قانوني ٽيڪس آهي جيڪو سلطنت وصول ڪندي ۽ دنيا مان خوف (جنگ ۽ فساد) ۽ بک ۽ بدحاليءَ کي ختم ڪرڻ ۾ خرچ ڪندي. بزدلن (منافقن) کان چندو نه ورتو ويندو. سندن بائيڪاٽ ڪيو ويندو. (بقره، رڪوع نمبر 26)
    مسلمانن زڪوات کي ذڪر ڪيل مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ خرچ ڪرڻ بدران پنندڙن ۽ غريبن ۾ ٿورڙن رپين جي شڪل ۾ ورهائڻ شروع ڪيو آهي. قرآن پاڪ زڪوات کي خرچ ڪرڻ لاءِ اَٺ مدوُن ڏسيون آهن جتي ان کي خرچ ڪيو ويندو.
    5. گندين شين کان پاسو ڪرڻ: مؤمنو! ڪي حرام ڪم شروع کان ئي منع ڪيا ويا آهن پر ڪن حالتن ۾ مرون جو گوشت، مردار ۽ رت به حلال ٿي وڃي ٿو. هاڻي اهو ٻڌي ڇڏيو ته شراب، جوئا، فال ڪڍڻ ۽ نجومت ايتريون ته گنديون شيون آهن جو انهن کان پرهيز ڪجو. اهي ڪنهن به طرح سان جائز نه آهن ۽ پنهنجي نفسن جو محاسبو ڪندو رهڻ گھرجي. (مائده، رڪوع: 11) (اهي حڪم رڳو مسلمانن جي لاءِ ئي نه آهن، پر هر مذهب جي مڃيندڙن جي لاءِ آهن. پر انهن جي رواج ۾ آڻڻ جي معاملي ۾ ڪوبه ڏاڍ نه آهي.)
    6. هر حال ۾ عدل ڪريو: مشرڪن سان به ڪيل پنهنجا معاهدا نه ٽوڙيو ۽ دشمنن سان به انصاف ڪريو (مائده) يهودين کي معاف ڪريو (مائده).
    7. عورت جي عزت ڪريو: عورت ۽ مرد هڪ ٻئي جو لباس آهن. جيئن ته عورت ڪمزور ٿيندي آهي، تنهن ڪري مرد تي اهو فرض آهي ته ان جي کاڌي پيتي جو بندوبست ڪري، ڪابين به ڏي ۽ مري وڃي ته ان جي ميراث ۾ به ان جو حق هجي (قرآن ۽ خطبه حجة الوداع).
    8. غلام: غلامن کي آزاد ٿيڻ جو موقعو ڏيو ته اهي ٻي ڪنهن جاءِ تي ڪمائي توهان کي توهان جو قرض ادا ڪن. جيستائين اهي توهان جا غلام رهن، ان وقت تائين جيڪو توهان کائو سو ئي انهن کي به کارايو ۽ جيڪو توهان پهريو سو ئي انهن کي به پهرايو. انهن کان انهن جي وس کان وڌيڪ ڪم نه وٺو. غلام کي به اهو حق آهي ته هو امير المؤمنين بڻجي سگھي جيئن اسامه بن زيد کي پاڻ ڪريم ﷺ جن اسلامي لشڪر جو امير بڻائي دنيا تي انساني برابريءَ جو ڌاڪو ڄمايو.
    9. الاهي خلافت: آخرڪار ٽيويهن (23) سالن جي لڳاتار محنت کان پوءِ رحمة اللعالمين ﷺ جن انسانيت کي امن ۽ ڀلائيءَ جي رستي تي روان دوان ڪري ڇڏيو ۽ اهڙي طرح محبت ۽ رحمت جي بهشت ۾ داخل ڪري ڇڏيو جنهن ۾ هر مؤمن خليفة الله في الارض بڻجي پئي سگھيو:

    براوج کمال صبح صادق مائیم حل نکت و کشف دقائق مائیم
    سرّ حق و خلق از دل مابیروں نیست مجموعہ مجموع حقائق مائیم


    ڪلام جو تت:

    رحمة اللعالمين دنيا کي نه رڳو ٻڌايو پر عملي طرح سان ڪري به ڏيکاريو ته:
    1. سمورا انسان برابر آهن، ڇو جو سڀئي آدم جو اولاد آهن ۽ سڀني جو هڪڙو ئي الله آهي.
    2. هر قوم ۾ خدائي پيغام آڻڻ وارا ايندا رهيا آهن. اسان انهن سڀني جي تعليم کي مڃون ٿا ۽ رسولن ۾ ڪنهن به قسم جو فرق نٿا ڪريون (لَا نُفَرِّقُ بَيْنَ اَحَدٍ مِّنْ رُّسُلِہ) يعني سچائي عالمگير آهي ۽ حق وارو دين هر جاءِ تي هڪڙو ئي آهي. الله تعالى جي ٻانهپ ڪريو ۽ شيطان کان نفرت ڪريو.
    3. گروهه بندي ۽ ويڙهه جهيڙي جو بنياد پروهت (مذهبي پيشوا) آهن. اهي شيطاني ڪارندا آهن ۽ ظلم ۽ سرڪشي کي پکيڙين ٿا. اهي چوندا آهن ته يهودي بڻجي وڃو ته هدايت وارا ٿيندؤ يا عيسائي بڻجو ته هدايت ملندوَ. ”كُوْنُوْا ھُوْدًا اَوْ نَصٰرٰى تَہْتَدُوْا“ پر قرآن چوي ٿو ته الله تعالى جي ٻانهپ اختيار ڪريو ته هدايت وارا ٿيندؤ ”قُلْ بَلْ مِلَّۃَ اِبْرٰھٖمَ حَنِيْفًا“.
    4. پروهتن (مذهبي پيشوائن) شفاعت جو ڍونگ رچائي رکيو آهي ۽ چون ٿا ته الله تعالى کي اسان سفارش ڪري سگھون ٿا. انهيءَ ڪري انهن آخرت کي دنيا کان جدا ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته دنياوي عملن تي ئي آخرت جو دارومدار آهي. اسلام دين ۽ دنيا جي تسلسل کي قائم رکي ٿو ۽ ٻڌائي ٿو ته محبت ۽ رحمت ئي دنيا ۽ آخرت جو قانون حيات آهي.
    5. پروهتي (مذهبي پيشوائيت جي اداري) کي ختم ڪيو وڃي ٿو ۽ علم ۽ عقل کي آزاد ڪيو وڃي ٿو. ان سان گڏوگڏ بيت المال قائم ڪري دولت ۾ هر انسان جو حق قائم ڪيو وڃي ٿو ته جيئن رڳو دولتمندن ۾ ئي دولت گردش نه ڪندي رهي.
    اِن مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ پيداواري ذريعن تي عوام جي ملڪيت قائم ڪرڻ ضروري آهي. ٻي صورت ۾ دولت مزدوري يا خيرات جي شڪل ۾ ئي هيٺين طبقن تائين پهچندي آهي. ان کانسواءِ ٽين ڪابه شڪل نه آهي جنهن ۾ محنت جو استحصال نه هجي. جيڪڏهن لميٽڊ ڪمپنيون قائم ڪيون وڃن تڏهن به محنت جي استحصال جو خاتمو نٿو ٿئي. انهيءَ جي خاتمي جي رڳو هڪڙي ئي شڪل آهي ۽ اُها اِها ته پيداواري وسيلن کي مزدورن جي هڪٻئي سان مدد واري بنيادن تي جوڙيل جماعتن جي حوالي ڪيو وڃي ۽ انهن جماعتن ۾ دانشور به شامل هجن.
    6. جهاد جو مقصد: اهو آهي ته ڪافرن جو نه، پر ڪفر جي اونداهيءَ جو خاتمو ڪري ڇڏيو ۽ علم ۽ دولت جي دروازي کي هر ماڻهوءَ تي کولي ڇڏيو. (يعني پيداواري وسيلن کي ٿورڙن ماڻهن جي قبضي مان ڪڍي پورهيت عوام جي ملڪيت ۾ ڏنو وڃي ته جيئن هر ماڻهو پنهنجي محنت مان حاصل ٿيل موڙيءَ جو پاڻ ئي مالڪ هجي)
    تنهن ڪري حق جي ڪلمي کي مٿانهون رکڻ لاءِ جهاد ڪرڻ ۽ ڪافرن (غير مسلمانن) جي ڀلائيءَ جي لاءِ انهن کي اونداهيءَ مان ڪڍڻ ئي مسلمانن جو فرض آهي.


    مديني ۾ قائم ٿيل معاشري ۽ رياست جو نقشو

    هن قرآن جي قائم ڪيل (توحيدي معاشري) ۾ نه چوري هئي ۽ نه ڌاڙيل هئا، ڇو جو ڪوبه ماڻهو هن رياست ۾ مسڪين رهي ئي نه پيو سگھي ۽ نه ئي وري شاهوڪارن کي دولت گڏ ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو هو. (کَیْ لَا یَکُوْنَ دُوْلَۃًۢ بَیْنَ الْاَغْنِیَآءِ مِنْکُمْ) هاڻي ته زنا به ختم ٿي وئي هئي جو نڪاح جو نوڙ دائمي به نه هو. عورت کي خلع ۽ مرد کي طلاق ڏيڻ جو حق مليل هو. هن معاشري ۾ اها بدترين بزدلي سمجھي وڃڻ لڳي ته ٻار جي سار سنڀال ۽ خرچ پکي جي ذميداريءَ کان پيءُ لڪي وڃي ۽ ٻار کي پنهنجي بڻ بڻياد کان محروم ڪري هڪ سادي سودي عورت جي مٿان ظلم ڪري. تنهن ڪري جيترن به ڏوهن کي مذهبي پيشوائيت، غير عادلاڻي نظام ۽ شاهوڪارن کي هٿي ڏني هئي، تن سڀني جو خاتمو ڪري ڇڏيو ويو، بلڪه اهو نظام ئي ختم ڪيو ويو جنهن جي ڪري دنيا ۾ بي ايماني هئي. دنيا امن ۽ ترقيءَ جي رستي تي هلي ان کي ٻيهر بهشت بڻائڻ لڳي هئي. نسل، رنگ، جادو ۽ بادشاهي ظلمت جون اونداهيون پيار ۽ محبت جي روشنيءَ جو تاءُ نه سگھي سگھيون ۽ سڀني عبدالرحمان جاميءَ چواڻي: ڄڻ ته يڪ آواز ٿي چوڻ شروع ڪري ڇڏيو:
    بندہ عشق شدی ترک نسب کن جامی
    کا ندریں راہ فلاں ابن فلاں چیزے نیست
    اَلَآ اِنَّ اَوْلِيَاۗءَ اللہِ لَا خَوْفٌ عَلَيْہِمْ وَلَا ھُمْ يَحْزَنُوْنَ
    “الله سان محبت ڪرڻ وارن کان خوف ۽ ڳڻتي پري ڀڄندا آهن.”
    هاڻي علم مذهبي ٺيڪيدارن جي غلاميءَ مان نڪري عام ٿي پيو هو. هاڻي ڪتابي شورائيت واري حڪومت ڪمزورن کي سگھارو بڻائي ڇڏيو هو ۽ قياس (استخراجي منطق)، استقراء (سائنسي طريقي) جي روشنيءَ سان دنيا کي دين بڻائي ڇڏيو هو. غلامن جي ڏيتي ليتيءَ جون بازارون بند ٿي ويون. عورتن کي به انساني آزادي ملي وئي. اعلان ڪيو ويو ته ڪابه ٻانهي ڪنهن به ٻار کي غلام نٿي پيدا ڪري سگھي. اهڙيءَ طرح انسان کي غلام بڻائڻ منع ٿي ويو ۽ مرد کي مڃڻو پيو ته عورت جي خدمت ڪرڻ ان جو فرض آهي جو هوءَ هڪ ماءُ آهي. انسان جو غلام بڻائڻ انهيءَ ڪري ممنوع ٿي ويو جو هو ان جو ڀاءُ آهي. ڪنهن کان به علم لڪائڻ ڪنجوسي آهي، خود غرضي آهي، هلڪڙائپ آهي، ڇو جو اهو عمل انساني شرف ۽ عزت جي خلاف آهي ۽ انسان کي غير الله جي دروازي تي جھڪائي ٿو. هاڻي علم ۽ عقل، برابري ۽ محبت، امن ۽ ترقي جي دروازن تي طاغوت جي شڪل ۾ ڪو به دربان ۽ ڀوپي جي شڪل ۾ ڪوبه شفاعت ڪندڙ باقي نه رهيو ۽ دنيا آخرت جي پوک بڻجي وئي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 468
    ڪتابن جو مشاهدو: 399840
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 161586
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ