ڪتاب جو نالو: نه وڃڻ جو پڇتاءُ
مصنف: يوسف سنڌي
ڇپائيندڙ: نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2011
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 28 مارچ 2017 ع
پڙهيو ويو: 372 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 162 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”نه وڃڻ جو پڇتاءُ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ پبلشر يوسف سنڌيءَ جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي.

نذير ڪهوٽ لکي ٿو:
”يوسف سنڌي جون بي باڪ لکڻيون پڙهي مون کي ان ڳالهه جي اڃا تائين حيرت آهي ته کيس منٽوءَ جيان اڃان سوڌي ڪنهن ڪينگرو ڪورٽ ۾ ڇو ناهي گهليو ويو. ڪوڙ، منافقت ۽ دوکي تي ٻڌل هن ڳجهه جهڙي سماج تي ليکڪ جي گهري نظر آهي. هن پنهنجي تجربي، مشاهدي ۽ فڪر مان جنم وٺندڙ مواد کي وڏي نفاست سان لفظن جي قالب ۾ وڌو آهي. هو سڌو سنئون لکي ٿو، پر سٺو لکي ٿو، اوهين سندس ڪهاڻين کي پڙهڻ شروع ڪندا ته ختم ڪرڻ کان اڳ رهي نٿو سگهجي. انساني فطرت جون ڪهاڻيون اعتماد ۽ گهري ذهانت سان تخليق ڪيون ويون آهن، اهي ڪهاڻيون هن تشدد تي آماده سماج ۽ ان سان گڏ هن سماج جو الميو ۽ اعمال نامون آهن، تنهن ڪري اسين انهن کي مقصديت جو علمبردار ادب به چئي سگهون ٿا. اسين سڀ اهڙا ئي آهيون، جهڙو يوسف سنڌي پنهنجي ڪهاڻين جي ذريعي اسان کي پيش ڪيو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

سٽاءُ

  • حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • مهاڳ ڪهاڻيون: جيڪي اسين پڙهڻ چاهيون ٿا..!
  • ڪهاڻين جي ڪهاڻي جيڪڏهن اهي ڪهاڻيون آهن!؟
  • ڪهاڻيون

  • صليب تي ٽنگيل زندگي
  • مئل نوڙيون
  • گم ٿيل خواب
  • مهديءَ جو انتظار
  • پولار ۽ پاتال جي وچ ۾
  • هڪ ڏينهن جو نوحو
  • شڪست
  • نه وڃڻ جو پڇتاءَ!
  • ڀاڳ جو ڀونڊو
  • فلرٽ
  • ورهاست
  • مارڪو
  • مون کي به جيئڻ ڏيو....!

  • سٽاءُ

    حق ۽ واسطا

    ڪتاب جو نالو : نه وڃڻ جو پڇتاءُ
    موضوع : ڪهاڻيون
    ڪهاڻيڪار: يوسف سنڌي
    ٽائيٽل ڊزائن: انعام عباسي
    تعداد: هڪ هزار
    ڇپجڻ جي تاريخ: فيبروري 2011
    پاران: نئون نياپو اڪيڊمي،
    D-1 سچل ڳوٺ گلشن اقبال ٽائون ڪراچي
    Cell # 0346-2103811


    ارپنا

    علي پرويز
    جي نالي


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”نه وڃڻ جو پڇتاءُ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ پبلشر يوسف سنڌيءَ جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي.

    نذير ڪهوٽ لکي ٿو:
    ”يوسف سنڌي جون بي باڪ لکڻيون پڙهي مون کي ان ڳالهه جي اڃا تائين حيرت آهي ته کيس منٽوءَ جيان اڃان سوڌي ڪنهن ڪينگرو ڪورٽ ۾ ڇو ناهي گهليو ويو. ڪوڙ، منافقت ۽ دوکي تي ٻڌل هن ڳجهه جهڙي سماج تي ليکڪ جي گهري نظر آهي. هن پنهنجي تجربي، مشاهدي ۽ فڪر مان جنم وٺندڙ مواد کي وڏي نفاست سان لفظن جي قالب ۾ وڌو آهي. هو سڌو سنئون لکي ٿو، پر سٺو لکي ٿو، اوهين سندس ڪهاڻين کي پڙهڻ شروع ڪندا ته ختم ڪرڻ کان اڳ رهي نٿو سگهجي. انساني فطرت جون ڪهاڻيون اعتماد ۽ گهري ذهانت سان تخليق ڪيون ويون آهن، اهي ڪهاڻيون هن تشدد تي آماده سماج ۽ ان سان گڏ هن سماج جو الميو ۽ اعمال نامون آهن، تنهن ڪري اسين انهن کي مقصديت جو علمبردار ادب به چئي سگهون ٿا. اسين سڀ اهڙا ئي آهيون، جهڙو يوسف سنڌي پنهنجي ڪهاڻين جي ذريعي اسان کي پيش ڪيو آهي.
    هي ڪتاب 2011ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون نئون نياپو اڪيڊمي جي سرواڻ انعام عباسيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com 


    مهاڳ ڪهاڻيون: جيڪي اسين پڙهڻ چاهيون ٿا..!

    سنڌي ٻولي ۽ ادب سان منهنجي گهري دلچسپيءَ جا ڪيترائي سبب آهن، پر ان جو بنيادي سبب يا مرڪزي نقطو ”سنڌي ڪهاڻي“ آهي، جيڪا ڏاڍي تيزيءَ سان نه رڳو قومي ادب ۾ نمايان اهميت والاري چڪي آهي، پر اعليٰ تخليقي معيار جي حامل هئڻ سان گڏ هوريان هوريان معياري عالمي ادب ۾ پنهنجي جاءِ پيدا ڪري رهي آهي. سٺي ڪهاڻي پڙهڻ ۽ جيڪڏهن ڪا وڌيڪ سٺي لڳي ته اها ٻيهر پڙهڻ منهنجي ڪمزوري آهي.
    يوسف سنڌي جي يارهن ڪهاڻين، جو اردو ترجمو منهنجي سامهون آهي، جن ۾ ”ورهاست“ ، ”صليب تي ٽنگيل زندگي“ ۽ ”مارڪو“ اهڙيون ڪهاڻيون آهن، جن کي مون ورائي ورائي پڙهيو. ”ورهاست“ کي پڙهي منهنجو ڌيان سعادت حسن منٽوءَ جي ذاتي زندگيءَ ڏانهن ويو. منٽو به وفات کان پوءِ پويان پنهنجي لازوال تخليقن جي، ٻيو ڪو به ورثو نه ڇڏيو هو، جيڪي اسان جا ڪجهه يار ورائي ورائي ڇاپي امير بنجي چڪا آهن. ناانصافي، بي قدري، بي حسي ۽ مايا جي موهه ۾ چريو ٿي ويل اسان جي هن سماج ۾ جڏهن ڪو مفڪر، اديب ۽ فنڪار پنهنجي سڄي زندگي جي ميڙي چونڊي، يعني پنهنجو تخليقي سرمايو ورثي طور ڇڏي هن جهان مان موڪلائي ٿو وڃي ته ان جا پونئير ”ورهاست“ جي شاعر جي ميڙي چونڊي جيان ان تي ڳجهن جيان ڪيئن نه جهپا ٿا هڻن، اوهين به پڙهو:
    ”هونهه! هيڏانهن ڪر... هن ۾ هڪ هڪ ڪلام لک روپين جو آهي، ڪروڙ روپيا هن جي قيمت آهي... ٻڌو ڪو نه اٿئي... هاٿي جيئرو لک، مري ته سوا لک.“
    ان هڪڙي ئي مڪالمي ۾، هڪ سڄي زوال پذير سماج جو ڪارو منهن اسان کي سڙندو نظر ٿو اچي. مايا جي موهه ۾ چريو ٿي ويل هن فسادي معاشري جا مختلف ڪردار پاڻ کي ”ورهاست“ ۾ اگهاڙا نظر اچن ٿا. ٻي ڪهاڻي ”هڪ ڏينهن جو نوحو“ جو مرڪزي ڪردار ”همير“ سهپ ۽ درگذر کان ڪم وٺندڙ هڪ شخص آهي، ڳوٺان، شهر ڏانهن ڀاڳ آزمائڻ جي لاءِ ايندڙ... آئون ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته ڳوٺن مان شهرن ڏانهن لڏي ايندڙ هر ”بهادر“ يا هر ”مهم جو“ جو انجام هڪجهڙو ڇو ٿو ٿئي. اهي ماڻهو پنهنجي روح ۾، پنهنجي ڌرتي، پنهنجو ڳوٺ، پنهنجي وسندي ۽ ويڙهو ڇڏي، سڄي زندگي پل صراط تي هلندا رهن ٿا، ۽ جڏهن ڪاميابي جي منزل جي ويجهو پهچن ٿا ۽ جڏهن پويان مڙي ڏسن ٿا ته هو پنهنجو سڀ ڪجهه هارائي چڪا هوندا آهن. ڀاڳ ته ڪنهن ڪنهن کي ئي ڀيڙو ڏيندو آهي.
    ”هڪ ڏينهن جو نوحو“ انساني جذبن، قدرن ۽ انسانيت جي احترام جي ڪهاڻي آهي. ڪهاڻيءَ جي مرڪزي ڪردار جي نظر ۾ ”جذبن جو قتل مها پاپ هوندو آهي.“ کيس سڀ ڪجهه خبر هئي، پر هو اڻ ڄاڻ بنيو رهيو، جو ان ڪهاڻيءَ ۾ آفيسن ۾ هلندڙ گندي سياست، تنگدلي، حسد، ڪينو ۽ بغض جي مختلف ڪردارن جي ذريعي انساني فطرت جي اونداهن پهلوئن جي مڪالمن جي صورت ۾ وڏي مهارت سان تصوير ڪشي ڪئي ويئي آهي. ”هڪ ڏينهن جو نوحو“ ۾ هڪ مختصر ناول جو روپ ڏيڻ جا سڀيئي ترڪيبي جزا موجود آهن.
    ساڳئي نموني ”فلرٽ“ به هڪ دلچسپ ڪٿا آهي. هن معاشري جي، جنهن ۾ دل لڳي ۽ دلربائي جي دوران سامهون دريءَ ۾ نظر ايندڙ چنڊ جهڙو چهرو وڏو غضب ٿو ڪري. فلرٽ ۾ ٻارهن فوٽن جي فاصلي تي لکين ميلن جي دوريءَ وارو اصطلاح واهه جو ٺهي ٿو اچي، جو اسين ان نازنين جي جدائي جي غم ۾ ٿڌا ساهه ڀريندي، پاسا ورائيندي زندگي جو وڏو قيمتي حصو گذاري ٿا ڇڏيون، جنهن رڳو دريءَ مان مکڙو پسايو هوندو آهي، يا هن جي ڪا ٻي قاتل ادا زندگيءَ جي دفتر ۾ داخل ٿيندڙ جي سڄي زندگي درهم برهم ڪري ٿي ڇڏي ۽ پوءِ نوس نوس جي بنيادن تي هڪ اهڙي زندگي گذارڻ جي عادت پئجي ٿي وڃي، جيڪا بهادر شاهه ظفر چواڻي:
    عمر دراز مانگ کے لائے تھے چار دن،
    دو آرزو میں کٹ گئے دو انتظار میں۔
    فلرٽ جي هيري جي زندگي ۾، جڏهن ڪتاب جي جاءِ تي سامهون دريءَ مان ايندڙ فلرٽيه گولي بازيءَ اچي والاري ته، هوش ۽ هواس گم، پر جڏهن هڪ وک اڳتي وڌيو ته هن جو مٿو حيرت جي پهاڙ سان ٽڪرائجي وڃي ٿو. ان ڪهاڻي جي پڄاڻي بي حد ڇرڪائيندڙ آهي. اها ڏاڍي سٺي ڪهاڻي آهي، جنهن کي پڙهڻ سان مون کي موپاسان جي ڪهاڻي ”هيرن جو سيٽ“ ياد اچي ويئي، جنهن کي پڙهي مون کي خوشگوار حيرت ٿي. عملي زندگيءَ جي دفتر ۾ داخل ٿيندڙ جڏهن دفتر جو وقت ختم ٿيڻ کان پوءِ به زبردستي اوور ٽائيم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهو سندس لاءِ ڪو خوشگوار تجربو نه هو. تجربي ۾ ڪڏهن شڪست ته ڪڏهن فتح ٿيندي آهي. ’شڪست‘ ڪهاڻي جي ”رضا صاحب“ جهڙن ڪردارن سان سڄو سماج ڀريو پيو آهي. اسان کي وک وک تي ”رضا برمنافقت“ جهڙن روشن ۽ ”مهربانن“ سان واسطو پوي ٿو. اڃا تائين دنيا ۾ اهڙو ڪو قانون نه ٺهيو آهي، جيڪو انساني روح کي زخمي ڪندڙ انسان نما حيوانن کي سزا ڏيئي سگهي. يوسف اها ڪهاڻي لکي انسانيت تي اسان جي ٽٽندڙ ايمان کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪا هڪ وڏي اديب جي اندر موجود هڪ وڏي انسان جي به هڪ جهلڪ ڏيکاري ٿي.
    ”نه وڃڻ جو پڇتاءُ“ غربت، بي وسي ۽ محرومي جي باهه ۾ جلندڙ هن ملڪ جي ڪروڙين ماڻهن جو نوحو آهي، جن کي پنهنجي انا، خودداري، غيرت ۽ شرم اڏوهيءَ جيان کائي رهي آهي. ”ڀاڳ جو ڀونڊو“ اسان جي سماج جي انهن بدڪردار ماڻهن جي آرسي آهي، جيڪي ڪجهه سِڪن جي عيوض پنهنجو ضمير ته ڇا، پنهنجو پاڻ کي به وڪڻڻ جي لاءِ تيار ٿي ويندا آهن. ”مارڪو“ ڪهاڻي ۾ يوسف سنڌي طبقاتي ڇڪتاڻ ۽ مٿينءَ طبقي جي مڪروهه چهري کي ظاهر ڪيو آهي ۽ دل کي ڇهندڙ ڳالهه ڪئي اٿئين ته: ”هر شخص پوءِ اهو امير هجي يا غريب، هاري هجي يا وڏيرو، مالڪ هجي يا نوڪر، ڪٿي نه ڪٿي ٽٽي ٿو پوي.“ جيئن مارڪو جي ”سانئڻ“ نيٺ به ٽٽي پوي ٿي. ”پولار ۽ پاتال جي وچ ۾“ هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي، جيڪا جنهن به زاويي کان پڙهبي، هڪ اعليٰ ۽ عمدي ڪهاڻي لڳندي، جنهن ۾ سٺائي يا برائي جي رستي جي چونڊ به ڪهاڻيڪار وڏي ذهانت سان پڙهندڙ تي ڇڏي ٿو ڏي ۽ پنهنجي پڙهندڙ کي غير محسوس طريقي سان اهو موقعو ٿو ڏي ته هو پنهنجي اندر جي سٺائي يا خرابيءَ کي پنهنجي هٿن سان ئي بي نقاب ڪري سگهي، ۽ اهو موضوع به اهڙو آهي، جنهن تي لکڻ جي ڪري منٽوءَ کي عدالت ۾ گهيليو ويو.
    يوسف سنڌي جي اندر هڪ وڏو ڪهاڻيڪار لِڪو ويٺو آهي، پتو ڪونهي ته ڪڏهن، اوچتو سندس قلم مان ڪو لافاني شاهڪار جنم وٺي. هڪ وڏي ڪهاڻيڪار جيان هو به پنهنجي پڙهندڙ کي چوواٽي تي آڻي بيهاري ۽ کيس فيصلو ڪرڻ جو اختيار ڏيئي اڳيان وڌي ٿو وڃي. ”مئل نوڙيون“ هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ انهن حوا زادين جي ڪٿا آهي، جن کي هن سماج ۾ جانورن ۽ غلامن کان به خراب حالت ۾ رکيو ۽ استعمال ڪيو ويندو آهي. اهو سماج جيڪو نڪاح جا ٻه ٻول پڙهائي ڄڻ عورت کي بازاري وکر يا ٻانهيءَ جيان استعمال ڪرڻ جو لائسنس حاصل ڪري ٿو وٺي، ٻنهي صورتن ۾ نقصان ۾ وري به عورت ئي هوندي آهي. ٿڌي عورت گهر جي نارمل مرد کي اندران ئي اندران کوکلو ڪري ٿي ڇڏي ۽ هو بازاري عورت ڏانهن يا ڪنهن ٻي عورت ڏانهن ڏسڻ ٿو لڳي، ۽ ٿڌو مرد پنهنجي گهر جي شريف زاديءَ کي پنهنجي ڪوڙي مردانگي جي زور تي مئل مڙهه ۾ بدلائي، جيئرو ئي قبر ۾ پوري ٿو ڇڏي، متان وري ظلم اهو به آهي ته مٿس ڪاري هئڻ جي ڪهاڙي به هر وقت اُڀي هوندي آهي. ”مهديءَ جو انتظار“ پڙهي احساس ٿيو ته اسان جا مسيحا ڪهڙا ڪهڙا نه ماڻهو آهن، جيڪي رهبرن جي روپ ۾ رهزن آهن. ڪوڙ، مڪر، دوکي، ڪرپشن ۽ ظلم جي بنيادن تي بيٺل هن سماج جي منهن تي هيءَ ڪهاڻي هڪ زوردار ٿـڦـڙ آهي. هن ڪهاڻي ۾ يوسف سنڌي سماج جي انهن بي عمل ماڻهن کي آرسي ڏيکاري آهي، جيڪي سڀ ڪجهه ”الله“ جي حوالي ڪري، پنهنجي حالت بدلائڻ جي لاءِ تيار نه آهن ۽ جنهن جي نتيجي ۾ تباهي سندن ڀاڳ بنجي چڪي آهي، بي همت ۽ بي عمل ماڻهو زواليت جو شڪار سماجن ۽ قومن جي علامت هوندا آهن، جيڪي ”گم ٿيل خواب“ ڏسڻ جا عادي هوندا آهن. هيءَ ڪهاڻي مرد جي آوارگي ۽ هوس پرستيءَ جي ختم نه ٿيندڙ ڪهاڻي آهي، جنهن جو شڪار هن سماج جي مظلوم ۽ بي وس عورت آهي. جيڪي به گم ٿيل خوابن کي وساري ٿا ڇڏين، تن کي ڪجهه به نٿو پلئه پوي. انهن جي ساڀيان وري ڪهڙي؟ اسين ته پنهنجا قدر، سڀيتا، سچ ۽ نيڪي سڀ وساري چڪا آهيون... اسان جي سامهون ”صليب تي ٽنگيل زندگي“ اسان جي زندگي آهي، جنهن ۾ زندگي واقعي ئي هڪ پيالو آهي، جيڪو سقراط بنا ڪنهن هٻڪ جي پي ڇڏيو.
    ”تو ڪڏهن سوچيو آهي ته اوهان مردن وٽ اڌ قوم غلام آهي. اوهين پهرين انهن کي آزاد ڪريو، کين پنهنجا حق ڏيو.“ هي مڪالمو، هن ظالم رياست کي دوڏيءَ ڇڏيندڙ اڌ آبادي جي ڀوائتي رڙ آهي، جيڪا هن ديس ۾ تصور کان به وڌيڪ تباهي، بربادي ۽ پرماريت جو شڪار آهي. هن هڪ جملي ۾ ڏسو.
    ”صليب تي ٽنگيل زندگي“ جي مرڪزي ڪردار ”سيمي“ جي موت ۽ زندگي جو ڳجهه لڪيل آهي. جنهن جي زندگي جو تصور انيڪ رعناين سان ڀرپور هو. يوسف سنڌيءَ، سنڌي ۽ پاڪستاني سماج ۾ عورت جي مجبوري ۽ بيوسيءَ جي ڪهاڻي دل جي رت مان قلم ٻوڙي لکي آهي، سنڌ ۾، اسان جي ملڪ ۾ اڻ ڳڻيون ”سِيميون“، اڻ ڳڻيون ”بختاورون“، دريائن، پلين، ٽرينن ۽ ريلن تان ٽپا ڏيو، اڻ ڳڻيون ڪهاڻيون پنهنجي دلين ۾ دفن ڪري پنهنجي زندگيءَ جو انت آڻي ٿيون ڇڏين، پر عورت جو گلو دٻائي رکندڙ هي ذليل سماج پنهنجي ڪرتوتن تي ڦڪو ٿيڻ جي بدران پنهنجو رويو بدلائڻ جي لاءِ تيار ڪونهي. ”صليب تي ٽنگيل زندگي“ ان ناڪام سماج جي هڪ دکدائڪ ڪهاڻي آهي. اها مرد جي اسهپ هئي؟ جيڪڏهن نه ته سيمي ۽ سندس ڌيءَ جي موت جي پويان ڪهڙي ڪهاڻي لڪيل آهي؟ اها ئي ته هوءَ پڙهيل ڳڙهيل هئي ۽ پنهنجو حق گهريو هوندائين. ان سان جهيڙو ٿيو هوندو، ذهين ۽ پڙهيل لکيل عورت ڪن ”مردن“ جي مردانگي جي لاءِ موت هوندي آهي. نڪاح وجهڻ کان پوءِ مرد جيڪو هڪ وڏيرو هوندو، سيميءَ کي پنهنجي جتيءَ جي نوڪ سمجهي ٻانهي يا داشته جيان استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي. هن پنهنجي مردانگي جو جهنڊو، هن جي زبان بند ڪري هن جون روح ڇني کوڙڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي، ۽ اهڙو اهو سڀ ڪجهه برداشت نه ڪري سگهي هوندي يا سمجهوتو نه ڪري سگهي هوندي ۽ پنهنجي ڌيءَ سميت پاڻ کي درياءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو هوندائين. ڇا ڪنهن مرد ڪڏهن اهو سوچيو آهي ته سندس هڪ ڊزن ٻارن جي ماءُ، ڪنهن آشنا سان ڇو ٿي ڀڄي وڃي يا هن اڌ ڊزن ٻارن سان گڏ آپگهات ڇو ڪيو؟ هڪ سوال هيءَ به آهي ته هن مئل ضمير واري سماج ۾ ڇا اسان جو سماج هڪ عورت لاءِ ڳجهن جهڙو سماج نه ٿي چڪو آهي؟ ان ڳالهه مان ثابت ٿئي ٿو ته ايڪيهين صديءَ جو مرد پٿر جي دور جي وارثي ڪري رهيو آهي، ۽ وڏي بي حيائي ۽ نڪ جي پڪائي سان پاڻ کي سڌارڻ جي بدران، پنهنجن ڪِنن ڪرتوتن کان توبه ڪرڻ جي بدران، پنهنجن ڪِنن ڪرتوتن کان جند آجي ڪرائڻ لاءِ تيار ڪونهي. سِيميءَ خودڪشي ڪئي ته اها به پنهنجي ڌيءَ بختاور سان گڏ، ڇو؟ ان جي جانچ جونچ ڪرڻ پڙهندڙ جو ئي ڪم آهي. اهو ئي انجام ان ڪهاڻي جو ڪلائمڪس آهي، جيڪو کيس هڪ وڏي ڪهاڻي بنائي ٿو.
    آئون بنا ڪنهن هٻڪ جي يوسف جي تخليق ڪيل ڪهاڻين جي هن مجموعي جو شمار هڪئي وقت معياري ۽ ترقي پسند ادب ۽ قومي ادب ۾ ڪندس. انهن ڪهاڻين سنڌي ادب کي تخليقي موڙي فراهم ڪئي آهن. انهن ڪهاڻين جو خالق ڪٿي خلا ۾ نٿو ڀٽڪي، هن جي سامهون چؤڏس پکڙيل تلخ ۽ اڻ وڻندڙ حقيقتون آهن، جن کان هو پنهنجو دامن بچائي نه سگهيو آهي. اهڙيون حقيقتون، جن تي قلم کڻڻ جي لاءِ هڪ منٽو جي ضرورت هوندي آهي، ۽ جن تي کُلي لکڻ سان گهڻن ئي وڏن وڏن جو پتو پاڻي ٿيڻ لڳندو آهي. يوسف جي قلم مان هي جيڪي خوبصورت ۽ اثرائتيون ڪهاڻيون تخليق ٿيون آهن، اهي پڙهندڙ جي دل ۽ دماغ تي هڪ جهڙو اثر وجهن ٿيون. يوسف انهن ڪهاڻين ۾ زندگي جو ڪڙي کان ڪڙو رستو طئي ڪيو آهي، هو لفاظي کان ڪم نٿو وٺي، ڪو يوٽو پيائي (خيالي) محل نٿو اڏي، پر سادي سوڌي، پر انتهائي محتاط ۽ چونڊيل مڪالما ڪردارن جي زبان سان ادا ڪري ميلو مچائي ٿو ڇڏي. يوسف سنڌي جي ڪهاڻين ۾ تهذيب، سياست، معاشرت، انسانيت، نيڪي، بدي، شرافت مطلب ته هر شئي جو ڪڙو احتساب ٿئي ٿو، پر احتساب ۽ اصلاح جي جوش ۾ هوش جو پلئه به هٿن مان نٿو ڇڏيو وڃي، ۽ نه ئي پنهنجي قلم کي ڀٽڪڻ ٿو ڏي. سنڌي سماج ۾ عورت سان نا انصافي جي ڪهاڻي بيان ڪندي هن سنڌي عورت جي گهايل روح تي مرهم رکڻ جي به ڪوشش ڪئي آهي ۽ سبب ڳولهي پاڙ تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. منٽو به سبب ڳولهڻ جي ڪوشش ڪندو هو. يوسف حقيقت جي دنيا جو راهي آهي، هن جي لکڻين ۾ حقيقت نگاري جو چٽو عڪس ملي ٿو. هن پنهنجي ڪهاڻين ۾ زندگي کي مسئلو بنائڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي، پر ان جو احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. يوسف جي لکڻ جو بيان سماجي حقيقت نگاري، خاص ڪري هيٺين طبقي، وچولي ۽ مٿين طبقي جي باري ۾ اعليٰ درجي جي آهي. سندن ڪهاڻين کي پڙهي ايئن ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ هو سنڌ نه پر سڄي پاڪستان جي سماج جي عڪاسي پيو ڪري ته بدي، ۽ بڇڙائي يا شيطانيت جو منهن مهانڊو ڪراچي کان وٺي خيبر تائين هڪجهڙو آهي، هم شڪل آهي، هم نفس آهي، انتهائي مڪروهه ۽ ڊيڄاريندڙ آهي. يوسف سنڌيءَ جي سماج تي ڳوڙهي نظر آهي. هن جي ڪهاڻين جا ڪردار اهڙا آئينا آهن، جن ۾ اسين سڀ پنهنجا پنهنجا چهرا ڏسي سگهون ٿا، ۽ ڪردارن جي زبان مان ادا ٿيندڙ مڪالما اهڙا لفظ آهن، جيڪي هر وقت اسان جي ڪنن ۾ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ پوندا رهندا آهن. لفظن جي چونڊ ۾ هو بي حد محتاط آهي، جنهن جي ڪري هن جي ڪهاڻين ۾ ڪٿي به دلچسپي جو عنصر گهٽجي نٿو. انساني نفسيات کي سمجهائڻ جي ڪوشش ۾ هو پنهنجي قلم يا ڪردارن يا انهن جملن کي آپي مان ٻاهر نڪرڻ نٿو ڏي، پر انهن تي سخت پڪڙ رکي ٿو. ڪهاڻين جي خوبصورتي ۽ انفراديت سان هو کهري بيانيا انداز ۾ پنهنجي ڳالهه ڪرڻ جو گُر ڄاڻي ٿو. ڪردارن جي زبان جو خاص بيانيا انداز سندس لکڻين جي خاص خوبي آهي. هن پنهنجي ڪهاڻين ۾ فڪري ميلان سان گڏ سماجي حقيقت نگاري، شهري ۽ ڳوٺاڻي سماج ۽ انساني جبلتن ۽ حقيقت جي تصوير ڪشي ڏاڍي ڀرپور انداز ۾ ڪئي آهي. سماج جو ناڪاري پهلو هن جي قلم جي نوڪ جي زد ۾ آهي، جنهن تي هو ڀرپور وار ڪرڻ کان پاسو نٿو ڪري. منٽو به اهو ئي ڪندو هو، اوهينري ۽ موپا سان به ان ئي راهه جا پانڌيئڙا هئا. يوسف سنڌي سماج جي گهر جو شاهد آهي، هن جون ڪهاڻيون پڙهي شدت سان اهو احساس ٿئي ٿو ته هو عصمت چغتائي جيان اک ٻوٽ کان ڪم نٿو وٺي، پر سعادت حسين منٽوءَ جيان سڌو دل ۽ دماغ تي وار ٿو ڪري، فساد جي پاڙ تي حملو ٿو ڪري ۽ انساني ضمير کي جهنجهوڙي ٿو ڇڏي. اها ئي سندس هڪ وڏي اديب هئڻ جي علامت آهي. انهن ڪهاڻين ۾ لڪل مقصديت ظاهر ڪري ٿي ته لکندڙ هن سماج جي سڌاري جو خواهشمند آهي، جيڪو لفط حقيقت نگاريءَ سان ٻڌل لکڻين جي مطالعي مان حاصل ٿئي ٿو، اهو ٻي ڪنهن لکڻيءَ ۾ نٿو ملي. يوسف سنڌي جون لکيل ڪهاڻيون روز مرهه زندگي جون ڪهاڻيون آهن، اهي سماجي سچايون آهن، جن سان اسين اڪثر منهان منهن ٿيڻ کان لنوائيندا آهيون. سنڌي ادب، پاڪستان جو قومي ادب آهي، ۽ يوسف جون اردو ۾ ترجمو ٿيل ڪهاڻيون به پاڪستاني ادب ۾ نه رڳو وڏي اهميت واريون آهن، پر ان ۾ هڪ خوبصورت ۽ نئين باب جو واڌارو به آهي. يوسف علائقي يا تجريدي ڪهاڻين ۾ پناهه نه ڳولهي آهي، پر هو حقيقت نگاري جي راهه جو پانڌيئڙو آهي. هو ڪردارن جي زبان مان ادا ٿيندڙ چئن جملن جي ذريعي برائي جي احتساب جي زبردست عوامي عدالت لڳائي ٿو ۽ فيصلو ڪرڻ کان سواءِ عدالت ختم ٿيڻ نٿو ڏي. سندس ڪردار گهرائي جي زبان ڳالهائين ٿا ۽ جدوجهد ۾ رڌل، جيئڻ يا مرڻ جي دل ۾ خواهش سانڍيو ويٺل اهي ڪردار، مونجهاري جو شڪار ناهن، پر پنهنجي پلئه ۾ هڪ سڄي سماج جو الميو سمايو ويٺا آهن. يوسف به اڪثر لکندڙن جيان هيٺين ۽ وچولي طبقي کي پنهنجي افسانن جو موضوع بڻايو آهي، جيڪو هر جائز ۽ ناجائز طريقي سان، هڪ ڏاڪو وڌيڪ مٿي چڙهڻ جي لاءِ ناجائز هٿڪنڊا استعمال ڪن ٿا. اهو وچولو طبقو جاڳ ۾ خواب ڏسندو آهي ۽ گهڙيال جي پينڊولم جيان خلا ۾ لڙڪيل رهندو آهي، پر تجربي ۽ مهم جوئي کان باز نٿو اچي، جو مهم جوئي، وچولي طبقي جي فطرت ۽ سرشٽ ۾ شامل آهي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ان جي اها ئي خوبي يا خامي ڪن سماجن ۾ بنيادي تبديلي يا انقلاب جو سبب بنجي ويندي آهي.
    يوسف سنڌي جون بي باڪ لکڻيون پڙهي مون کي ان ڳالهه جي اڃا تائين حيرت آهي ته کيس منٽوءَ جيان اڃان سوڌي ڪنهن ڪينگرو ڪورٽ ۾ ڇو ناهي گهيليو ويو. ڪوڙ، منافقت ۽ دوکي تي ٻڌل هن ڳجهه جهڙي سماج تي ليکڪ جي گهري نظر آهي. هن پنهنجي تجربي، مشاهدي ۽ فڪر مان جنم وٺندڙ مواد کي وڏي نفاست سان لفظن جي قالب ۾ وڌو آهي. هو سڌو سنئون لکي ٿو، پر سٺو لکي ٿو، اوهين سندس ڪهاڻين کي پڙهڻ شروع ڪندا ته ختم ڪرڻ کان اڳ رهي نٿو سگهجي. انساني فطرت جون ڪهاڻيون اعتماد ۽ گهري ذهانت سان تخليق ڪيون ويون آهن، اهي ڪهاڻيون هن تشدد تي آماده سماج ۽ ان سان گڏ هن سماج جو الميو ۽ اعمال نامون آهن، تنهن ڪري اسين انهن کي مقصديت جو علمبردار ادب به چئي سگهون ٿا. اسين سڀ اهڙا ئي آهيون، جهڙو يوسف سنڌي پنهنجي ڪهاڻين جي ذريعي اسان کي پيش ڪيو آهي. سندس ڪهاڻين جي زبان روز مره جي زبان آهي، بيان جو ڍنگ منفرد ۽ نرالو آهي، ڪٿي سڌو ته ڪٿي تکو، ڪٿي تکو ته ڪٿي ڪڙو ۽ ڪٿي مٺو، پنهنجي پنهنجي تجربي ۽ مشاهدي جي ڳالهه آهي، جنهن جو اظهار يوسف جي افسانن ۾ ٿئي ٿو ۽ پڙهندڙ انهن جي اثر کان بچي نٿو سگهي. سڄي ماحول تي ان جي گهري پڪڙ آهي ۽ پڙهندڙ ڪردارن سان گڏ هلندو ٿو هلي، بي شڪ يوسف اهڙين ڪهاڻين جو خالق آهي، جيڪي اسين سڀ پڙهڻ ٿا چاهيون.
    ادب انساني زندگيءَ جو آئينو، حقيقت جو علمبردار ۽ مقصديت جو سرچشمو هوندو آهي ۽ يوسف سنڌي بجا طور تي ان ميدان جو شهه سوار آهي. منهنجي دلي تمنا آهي ته ان کيتر ۾ وڏيون ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون يوسف جو ڀاڳ بنجن.


    نذير احمد ڪهوٽ
    ڪراچي
    31 مارچ 2009ع


    ڪهاڻين جي ڪهاڻي جيڪڏهن اهي ڪهاڻيون آهن!؟

    آئون بنيادي طور ڪهاڻيڪار ناهيان، پر ڪهاڻيءَ سان منهنجو شروع کان ئي واسطو ۽ لاڳاپو رهيو آهي.
    ننڍي هوندي جڏهن اڃا دڙي ۾ بجلي نه آئي هئي، تڏهن سانجهي ٿيندي ئي کير ڀت کائي، بستري تي ڊهي پئبو هو، سيارو هوندو هو ته گهر جي وڏي ڪمري ۾، جتي سڀني گهر ڀاتين جون کٽون، کٽن سان لڳ پيل هونديون هُيون، ۽ اسين گهر جا سڀ ڀاتي امان، ناني، بابا، منهنجون ٻيئي وڏيون ڀينرون مريم ۽ غلام فاطمه، انهن تي سمهندا هئاسين. آئون امان سان گڏ سمهندو هوس. امان مامتا سان ڀريل لوليون ڏيئي مون کي سمهاريندي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن وري کير پيارڻ لاءِ مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪري، بهانا ڪندي، لالچون ڏيندي هئي، ته ڪڏهن وري ڪهاڻي ٻڌائڻ شروع ڪندي هئي. ”هڪڙو هو بادشاهه!... اصل بادشاهه ته الله جي ذات آهي، پر هن ڪوڙي دنيا جو بادشاهه... جنهن کي ست ڌيئرون هيون...“ ۽ پوءِ اها ڪهاڻي هلندي ئي آئون ننڊ جي گهيرٽن ۾ وٺجي، ننڊ جي جهان ۾ هليو ويندو هوس.
    پر جي گرمين جي مند هوندي هئي ته گهر جي اڱڻ ۾ نم جي وڏي وڻ جي هيٺان کٽون وجهندا هئاسين. اسان جي گهر جي اڱڻ ۾ نم جو هڪ شاهي وڻ بيٺل آهي، هاڻ ته صفا جهونو ٿي ويو آهي، پر جوانيءَ ۾ ان وڻ جي ڇانوَ ۽ ڏيا به ڏسڻ وٽان هوندي هئي.
    منهنجي ننڊ جي آغوش ۾ هليو وڃڻ کان پوءِ، امان ڪهاڻي پوري ڪندي هئي يا اڌ ۾ ڇڏي سمهي پوندي هئي... خبر ڪونهي. ايئن اڪثر ٻي يا ٽي ڏينهن منهنجون ڀينرون به امان کي آکاڻي ٻڌائڻ جي لاءِ چونديون هيون، ۽ امان ٻڌائڻ شروع ڪندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن وري جڏهن امان جوموڊ نه هوندو هو يا گهڻي ٿڪل هوندي هئي ته هو پٺن تي هٿ ڦيري ٻڌائڻ شروع ڪندي هئي:
    آکاڻي،
    گهگهرداڻي،
    گهگهر ٺلهو،
    مڇي پلو.
    آکاڻيءَ نما اهو ڊگهو نظم ٻڌائي چوندي هئي: ”هاڻ سمهي پئو... آکاڻي سڀاڻي....“
    ڪڏهن ڪڏهن وري ڇهين يا ٻارهين مهيني، اسان جي گهر چوهڙ جماليءَ مان هڪ جهونڙو ايندو هو، گهير واري وڏي سٿڻ پاتل، هٿ ۾ لٺ، ڇاپئين ڏاڙهي، مٿي تي پٽڪو ۽ هٿ ۾ هر وقت ناس جي دٻلي.... امان کيس ”ماسڙ مامون“ چئي سڏيندي هئي.
    ”ماسڙ مامون“ وڏو دلچسپ ماڻهو هو. کيس ڪيتريون ئي آکاڻيون ياد هونديون هيون. رات جو جڏهن ماني ٽڪي کائي وانڌا ٿي کٽن ڀيڙا ٿيندا هئاسين ته ”ماسڙ مامون“ آکاڻي کڻندو هو... آکاڻيءَ ۾ ايندڙ مختلف موڙن، ڏکن ۽ سُکن جون ڳالهيون به هو ان ئي لهجي ۾ بيان ڪندو هو... ۽ وچ وچ ۾ ڏور يا بيت به ڏيندو ويندو هو. ماسڙ مامونءَ کي ڪهاڻي کڻڻ جو ڪو ڏانءُ هو ڇا...؟ ۽ اسين اهي آکاڻيون وڏي چاهه ۽ ڌيان سان ٻڌندا هئاسين. آئون اڪثر آکاڻي هلندي ئي سمهي پوندو هوس. ٻي رات وري ماسڙ مامون اتان ئي آکاڻي کڻندو هو، جت رات ڇڏي هوندي هئائين يا وري نئين آکاڻي... جيترا ڏينهن ماسڙ مامون ٽڪيل هوندو هو، روزانو رات جو اهو سلسلو جاري رهندو هو.
    ڪجهه وڏو ٿيس ته ڇٺي ڇهه ماهي، امان سان گڏ حيدرآباد وڃبو هو، جتي منهنجي جيجي يعني امان جي ڀيڻ رهندي هئي. اتي منهنجي هڪڙي ماسات وٽ ٻارن جي ڪهاڻين جاننڍا ننڍا تمام گهڻا ڪتاب هوندا هئا، جن جا ڪوَر ڏاڍا سهڻا ۽ اهي گهڻا اردوءَ ۾ هوندا هئا، جيڪي هوءَ اسان کي پڙهڻ جي لاءِ ڏيندي هئي. مون کي ڪتابن پڙهڻ جي چوس اُتان پيئي. هوءَ اسڪول ويندي هئي ته آئون سندس پر پُٺ به سندس ڪتابن وارو ڪٻٽ کولي ڪتاب کڻي پڙهندو هوس. ڪتابن واري ان ڪٻٽ ۾ ڪتابن سان گڏ ڪيترائي اردوءَ ۾ ٻارن جا رسالا ”جگنو“، ”نونهال“ ۽ ”تعليم و تربيت“ به پيل هوندا هئا، ممڪن آهي ته ڪو سنڌيءَ ۾ ٻارن جو رسالو به هجي، پر منهنجي ياد گيريءَ ۾ نقش ٿيل ڪونهي. ڳوٺ ايندو هوس ته کانئس پڙهڻ جي لاءِ ڪجهه ڪتاب اڌارا وٺي ايندو هوس. ايئن منهنجي ڪتابن سان سنگت پڪي ٿيندي ويئي... ۽ مون کي ڪتابن پڙهڻ جي ايتري ته چوس هوندي هئي جو اتي رات جو سمهڻ مهل، جيجي زوري بتي بند ڪري، مون کي سمهڻ جي لاءِ چوندي هئي... نه ته جيستائين روشني هوندي هئي، ڪتاب منهنجي اکين جي اڳيان ٽنگيل هوندو هو.
    ڪتابن پڙهڻ جي ان چوس سبب منهنجي سڄي خرچي، جيڪا ايتري گهڻي به نه هوندي هئي، ڪتابن جي بلي ٿي ويندي هئي، ۽ ڪتابن وٺڻ جي لاءِ حيدرآباد ۾ گاڏي کاتي، يا وري لطيف آباد ۾ ستين نمبر ويندو هوس. جيجيءَ جو گهر پنجين نمبر ۾ هوندو هو ۽ جڏهن به ڪو ڪتاب خريد ڪري موٽندو هوس ته اهو گهر کڻي نه ويندو هوس، پر گهر جي پاسي ۾ بيٺل ديوين جي وڻن وٽ ڪنهن وڏي پٿر جي هيٺان يا ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ لڪائي پوءِ گهر ۾ گهڙندو هوس... گهر ۾ کڻي وڃڻ سان دڙڪن ملڻ جو امڪان هوندو هو.
    دڙي ۾ وري خرچي ميڙي سجاول ويندو هوس، جتي بس اسٽينڊ تي هڪ مهاجر جو ”سخاوت بوڪ اسٽال“ هوندو هو. دڪان تي ويٺل چاچو ڏاڍو سٺو ماڻهو هوندو هو، يا وري ٺٽي ويندو هوس ته مرحوم عبدالله قريشي جو ”شمس بوڪ اسٽال“ وڃي ڦلهوريندو هوس. پوءِ مون کي لکڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ سڄو ڏينهن ويٺو پنا ڪارا ڪندو ۽ ابتيون سبتيون ڳالهيون پيو لکندو هوس.
    اسڪول ۾ مون کي پهرين کان ٻي ڪلاس تائين سائين شفيع محمد ميمڻ ۽ ٽي کان پنجين تائين سائين ڪريم بخش ”پياسي“ مڱڻهار جهڙا بهترين اُستاد مليا. سائين شفيع محمد ميمڻ ڪتابن جو وڏو شوقين هوندو هو، وٽس هر وقت ڪو نه ڪو ڪتاب هوندو هو، ۽ هو انهن ڪتابن تي ڏاڍي سٺي جلد بندي ڪندو هو... ۽ سائين ڪريم بخش ’پياسي‘ بهترين استاد هئڻ سان گڏ شاعر، ڊراما نويس، سٺو اداڪار، سٺو مقرر ۽ مولودي پڻ هو. سندس ڪجهه شاعري هٿ ڪري مون پنهنجي ڪتاب ”پسي تنهنجي تجلي“ ۾ تعارف ۽ فوٽوءَ سميت ڇپي... انهن ٻنهي استادن جي علم دوستي ۽ ادب دوستيءَ جو مون تي سٺو اثر پيو.
    منهنجي پهرين ڪهاڻي، ٻارن جي رسالي ”گل ڦل“ ۾ 1979ع جي ڪنهن شماري ۾ ”عظيم سوکڙي“ جي نالي سان ڇپي هئي، جيڪا ’ماخوذ‘ ڪيل هئي. پوءِ ٻارن جي لاءِ ٻيون به ڪهاڻيون لکيم ۽ ترجمو ڪيم، جيڪي پوءِ ”شهيد جي ماءُ“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيون.
    ان دوران وڏن جي لاءِ به ڪجهه ڪهاڻيون لکيم، پر انهن مان گهڻين کي پرڏيهي پسمنظر ڏنم، فلسطيني فدائين جو. اڳتي هلي ٻه ناول ”تو ڇو پيار ڪيو“ ۽ ”ڪجهه اندر ڪجهه ٻاهر“ لکيم. ”تو ڇو پيار ڪيو“ 2007ع ۾ ”نيو فيلڊس پبليڪيشن“ پاران ڇپيو ۽ ”ڪجهه اندر، ڪجهه ٻاهر“ اڻ ڇپيل آهي.
    منهنجي لکيل ڪهاڻين مان ڪجهه ڪهاڻيون پنجن ڪهاڻيڪار (ذوالفقار ڪانڌڙو، اصغر گگو، رشيد آزاد، موٽو مل ڪنول ڪوهستاني ۽ يوسف سنڌي) جي گڏيل مجموعي ”حياتي جي ڦاٽل ورقن جون ڪٿائون“ ۾ ڇپيون (جيڪي هن ڪتاب ۾ پڻ شامل آهن). اهي ۽ ڪجهه ٻيون ڪهاڻيون منهنجي دوست ننگر چنا اردوءَ ۾ ترجمو ڪيون، جيڪي پوءِ ”نوحه گر“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيون، جنهن جو مهاڳ پنجابي ٻوليءَ جي مشهور ناول نويس ۽ منهنجي دوست نذير ڪهوٽ لکيو. جيڪو پڻ هن ڪتاب ۾ ترجمو ڪري شايع ڪيو ويو آهي، انهيءَ ڪتاب جو هاڻي پنجابي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي، جيڪو لاهور مان ڪتابي صورت ۾ ڇپجي رهيو آهي.
    پنهنجي لکڻين جي حوالي سان گاريون به کاڌم ته ڪيسن ڦڏن کي به منهن ڏنم. 1992ع ۾ جڏهن هندستان ۾ بابري مسجد جو سانحو ٿيو ته روزاني ’عبرت‘ ۾ هڪ ڪالم لکڻ جي ڏوهه ۾ نه رڳو ڪفر جون فتوائون جاري ٿيون، پر ميرپور خاص ۽ بدين جي ڪورٽن ۾ داخل ٿيل ڪيسن جون شنوايون به ڀريم، جيڪو به هڪ دلچسپ قصو آهي. منهنجي ڪهاڻي ”هڪ ڏينهن جو نوحو“ هڪ لحاظ کان ان دلچسپ قصي جو مُنڊ آهي.
    هڪ ٻي ڪهاڻي ”ويساهه جي شڪست“ ڇپي، جنهن ۾ مون پنهنجي چٿيل جذبن جو اظهار ڪيو هو ته ڪجهه يارن، منهنجي هڪ بهترين استاد ۽ دوست کي منهنجي خلاف خوب برغلايو ته ”يوسف اها ڪهاڻي تو تي لکي آهي.“ نتيجي ۾ منهنجو اهو دوست ان ٽولي جي چوڻ ۾ اچي مون کان گهڻو بدظن ٿيو، جنهن جو مون کي سدائين افسوس رهيو.
    منهنجي هڪ ڪهاڻي ”پولار ۽ پاتال جي وچ ۾“ جڏهن ماهوار ’امرتا‘ ۾ ڇپي ته منهنجي ڳوٺ دڙي جي ڪجهه يارن کي ان ۾ پنهنجا عڪس نظر آيا، تن نه رڳو فونون ڪري فقير محمد ڍول کي ڌمڪيون ڏنيون، پر ڪيترائي ڏينهن مون تي به ڦوڪبا شوڪبا ۽ اکيون ڦوٽاريندا رهيا.
    مون آخري ڪهاڻي اها ئي لکي هئي ”پولار ۽ پاتال جي وچ ۾....“ پوءِ منهنجو ڌيان ڪهاڻي طرف نه رهيو، (هونئن آئون ڪهاڻي لکڻ ڏانهن ڪڏهن به سنجيدو نه رهيو آهيان)، ۽ هاڻ تازو هڪ ڪهاڻي لکيم ”مون کي به جيئڻ ڏيو...“ لکيم ڇا؟ انعام عباسيءَ زوري لکرائي... هاڻ اندر ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڄڻ ڪهاڻي جي سُتل جراثيمن جاڳڻ شروع ڪيو آهي، ذهن ۾ ولوڙ پيدا ٿيڻ شروع ٿي ويئي اٿم... ٿي سگهي ٿو، ڪجهه ڪهاڻين جو جنم ٿئي.
    هي ڪتاب، ان جو نالو، ترتيب، سڀ انعام عباسي جي مهرباني آهي، مون ته سندس حجت تي اڌو گابريون ڪهاڻيون فوٽو اسٽيٽ ڪرائي سندس حوالي ڪيون، هاڻ جي ڪتاب پسند پيو ۽ وڪرو ٿيو ته به انعام عباسيءَ جي کاتي ۾... جي نه وڪرو ٿيو ۽ نقصان ٿيس... ته کٽن پياري انعام عباسي جا ڀاڳ... آئون ته ”جيئي انعام عباسي“ چئي آجو پاجو آهيان.

    يوسف سنڌي

    دڙو
    2010/10/18
    Cell: 0301-3640468


    ڪهاڻيون

    صليب تي ٽنگيل زندگي

    هوءَ جيڪا گُل جي پنکڙين جيان نازڪ هئي، هوءَ جيڪا ڪنهن شاعر جي سپني جي ساڀيان هئي. هوءَ جيڪا سرءُ جي مند ۾ ڦلاريل پيلا گُل هئي. هوءَ جيڪا بهار جي منڌ ۾ ٽڙندڙ گلاب جيان هئي. هوءَ جنهن جي چال اڳيان ڊيل به پنهنجي ٽور وساري ويهندي هئي. هوءَ جنهن جي هڪ ادا سان يونيورسٽين جا ڪئين جوان ڪسجي ويندا هئا. هوءَ جيڪا منهنجي ڪلاس ميٽ هئي سيمي، جنهن زندگي گذارڻ جا انيڪ سپنا ڏٺا هئا، جنهن جي زندگيءَ جو تصور انيڪ رعناين سان ڀرپور هو. سيمي جنهن اڄ پنهنجي ننڍڙي ڌيءَ بختاور سان گڏ سنڌوءَ ۾ ٽپو ڏيئي پنهنجو انت آڻي ڇڏيو. هوءَ جيڪا چوندي هئي ته زندگي اهڙو پيالو آهي جنهن کي سقراط جيان بي کٽڪو پي وڃڻ کپي.
    مان اڃان مس اچي آفيس ۾ ويٺس جو مونکي فون آئي. ”هلو-ڪير؟“
    ”مجيد پيو ڳالهايان....“
    ”مجيد....سيميءَ سنڌوءَ ۾ پنهنجي ننڍڙي بختاور سميت ٽپو ڏيئي پنهنجو انت آڻي ڇڏيو...“
    ”هان...؟“ مون کان اهو به پڇيو نه ٿيو ته اهو فون تي ڳالهائڻ وارو ڪير هو.
    مان توهانکي ٻڌايان ٿو پورو قصو. مون وٽ هاڻ ٻيو بچيو به ڇا آهي. بس اهو ئي ته؛ جيڪو ڪجهه ٻڌائڻ وارو آهيان.
    مان توهانکي اهو پي ٻڌايو ته سيمي پنهنجي ننڍڙي بختاور سميت پنهنجو انت آڻي ڇڏيو!
    سيمي جيڪا زندگي هئي....سيمي جيڪا جڏهن پيرڊ اٽينڊ ڪرڻ ڪلاس ۾گهڙندي هئي ته ڪئين اداس ۽ اُڃايل اکيون ڍاپي پونديون هيون.
    بس اڃان ٻه سال اڳ جي ته ڳالهه آهي، سندس هٿن تي ميندي لڳي هئي، سندس مٿي تي بنديا سجي هئي. هوءَ هڪ اهڙي ماڻهوءَ سان پرڻي هئي، جنهن پيار ڪرڻ سکيو ئي نه هو، هوءَ جڏهن شاديءَ کان اڳ مون سان ملي هئي...ته مونکي چيو هئائين، ”مجيد! منهنجو پاند هڪ اهڙي شخص سان اٽڪايو پيو وڃي، جيڪو نه فقط مون کان وڏو آهي، پر سندس اڳوڻي زال به موجود آهي، مونکي هن سان گڏ سندس اڳوڻي زال جي به چاڪري ڪرڻي پوندي.“ تڏهن چيو هومانس ”انڪار ڇو نه ٿي ڪرين بغاوت ڇو نه ٿي ڪرين....تون چئو...تون نه چئو مونکي اهو رشتو منظور نه آهي.“
    ”انڪار....“ هن ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو هو.
    ”تون ڇو نه ٿو سمجهين مجيد! منهنجو انڪار وڏو طوفان برپا ڪري ڇڏيندو....ڪئين گهر اجڙي ويندا....“
    ”پر تون ڇو ٿي قربانيءَ جو ٻڪرو بڻجين...“
    ”مجيد تون نه ٿو سمجهين سگهين....اهي ڪتابي ڳالهيون آهن. توهان مرد قوم جي آزادي جي ڳالهه ٿا ڪريو...پر تو اهو ڪڏهن سوچيو آهي ته اوهان مردن وٽ اڌ قوم غلام آهي. پهرين توهان ان کي آزاد ڪريو. ان کي پنهنجا حق ڏيو....مجيد رڳو تقريرون ڪرڻ ۽ ٺهراءُ بحال ڪرڻ سان نه حق ملندا، نه هن قوم کي ڪو حقن جو احساس ٿيندو...“
    (2)
    ٽي سال اڳ واري يونيورسٽيءَ جي ماحول ۽ هآڻوڪي ماحول ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. آمريتي دور جي ڪري روز ڇاپا، گرفتاريون، جواب ۾ هڙتالون ،بائيڪاٽ، جنرل باڊيون روز جو معمول هيون. مان هڪ شاگرد تنظيم جي سرگرم ڪارڪنن ما ن هئس، هر مسئلي تي اڳيان هوندو هوس، ڪتابن سان چاهه هئڻ سبب ٻيا سياسي سنگتي دانشور سڏيندا هئم.
    ان ئي ماحول ۾ منهنجي سيميءَ سان ملاقات ٿي، هوءَ منهنجي ڪلاس ميٽ هئي، اڪثر ڪلاس ۾ منهنجي ۽ سيميءَ جي چٽا ڀيٽي ٿيندي هئي. پيرڊ جي پڄاڻيءَ تي اڪثر اسان بحث ۾ ڳنڍجي ويندا هئا. شاگرد اسانکي بحث ڪندو ڏسي چوندا هئا، ”دوستو هلو ته هلون، پاڻهي ڪامريڊ مجيد منهن ڏيندو.“ ۽ پوءِ اک هڻي روانا ٿي ويندا هئا ته” موج ڪر!.“
    شاگردياڻيون چونديون هيون، ”سيميءَ جي هوندي اسانکي ڪهڙي پرواهه...“
    هڪ ڏينهن لئبريريءَ ۾ ايندي سامهون ڪرسيءَ تي ويهندي شرط چيائين، ”ڪامريڊ! مونکي ٻڌاءِ سنڌ ۾ انقلاب ڪڏهن ايندو؟“
    مون سندس ان سوال تي حيرت مان ڏانهنس ڏٺو، اچرج ۾ پئجي ويس، کن ترسي وري چيائين، ”ڪامريڊ! تنهنجي ڪلهه واري جنرل باڊيءَ ۾ ڪيل تقرير مان ائين پئي لڳو ڄڻ انقلاب ڄامشوري ڦاٽڪ تي اچي پهتو آهي، رڳو ڦاٽڪ کلڻ جي دير آهي...“ ان سان گڏ طنزيه مرڪ به چپن تي ڦهلجي ويس.
    ”ڇو سيمي! توکي انقلاب ۾ ڀروسو ڪونهي ڇا؟“
    ”بلڪل بلڪل! مان مشرف به انقلاب آهيان ۽ انقلاب تي پڪو ڀروسو اٿم، پر ڪامريڊ مان کي اهو ٻڌاءِ ته پاڻ وارو هو انقلاب آڻيندو ڪير...؟“
    ”سنڌي عوام!“ مون جهٽ جواب ڏنو.
    ”پر مان کي اهو ته ٻڌاءِ ڪامريڊ، تنهنجو عوام تي ايمان آهي.“
    ”ڇو نه!......منهنجي نظريي موجب انقلاب جو سرچشمو عوام ئي آهي.“
    ”اهو تو وارو انقلابي عوام اهو انقلاب ڪنهن جي اڳواڻيءَ ۾ آڻيندو.“
    ”پورهيت پارٽيءَ جي اڳواڻيءَ ۾.“
    ”ڪامريڊ! ٻڌو اٿئي ان چيني سيلانيءَ جو قصو، جنهن گڏهه کي ڌوڪو ڏيئي هزارين ميل سفر ڪيو هو.“
    ”نه ديشياڻي کڻي ٻڌاءِ.... پنهنجي علم جا خزانا کول!“ مون ٽوڪ طور چيومانس.
    ”ٻڌ ڪامريڊ ٻڌ! ان چالاڪ چيني سيلانيءَ جوئر جو هڪ سنگ ڪاٺيءَ ۾ ٻڌو ۽ پاڻ گڏهه جي پُٺ تي چڙهي ويٺو. جوئر جو سنگ گڏهه جي آڏو جهليائين. گڏهه ان سنگ کي کائڻ لاءِ اڳيان وڌيو ۽ پوءِ سنگ کائڻ جي لالچ ۾ هلندو رهيو، هلندو رهيو. ايستائين جو اُن چالاڪ چيني سيلانيءَ ان گڏهه جي پُٺ تي هزارين ميلن جي مسافري ڪئي....ته ڪامريڊ! مون توهانکي اهو پي چوڻ چاهيو ته پاڻ واري انقلاب جو قصو به ائين آهي. ڪارڪن جنهن کي اصل پارٽي چيو ويندو هو ۽ پوءِ خبر پئي ته رهنما جي اصل پاڪ شخصيت ئي پارٽي هئي....ڪامريڊ! ناراض نه ٿج! توهان ڪارڪن به ان گڏهه مثل آهيو ۽ جوئر جو سنگ توهان جي لاءِ انقلاب جي نشاني آهي. جنهن جي طرف توهان جيترو ٿا وڌو، پر فاصلو اوترو ئي اوترو، ڪئين سال لنگهي ويا آهن ۽ اوهان گڏهه نما ڪارڪن انقلاب جي سَنگ جي پويان هلندا پيا هلو ۽ توهان جا اڳواڻ توهانجي پُٺ تي سوار آهن....“
    ”نه سيمي! ائين ڪونهي، اهو تنهنجي مشاهدي ۽ مطالعي جي کوٽ جي ثابتي آهي. تو پارٽين کي ويجهو نه ڏٺو آهي....ڪارڪن ئي اصل پارٽي آهن ۽ اڳواڻ فقط اڳواڻي ڪن ٿا....“
    ”تون چئي سگهين ٿو....اهو منهنجي مطالعي ۽ مشاهدي جي کوٽ آهي. پر ڪڏهن ان سوال تي ويچاريو اٿئي ڪامريڊ ته پارٽيون ڇو ٿيون ٽٽن. ماڻهو ڇو ٿا پارٽيون جوڙين. پهرين مشاهدي ۽ مطالعي جي کوٽ سبب ماڻهو ها ۾ ها ملائيندا آهن. ۽ پوءِ جڏهن مطالعو ۽ مشاهدو وڌندو اٿن، هو ڳالهائڻ، سمجهڻ ۽ سوچڻ سکندا آهن ته هوپارٽي اڳواڻن سان اختلاف راءِ رکندا آهن پارٽي ضابطن ۽ اصولن جي ڳالهه ڪندا آهن، شخصيت پرستيءَ کي قوم لاءِ ۽ پارٽي لاءِ زهر سمجهندا آهن ۽ هو اهو موقف رکندا آهن. نتيجي ۾ اڳواڻ جيڪو پارٽي به هوندو آهي ته پاليسي ساز ادارو به هوندو آهي تنهن جي اشاري تي سندس سيکڙاٽ ۽ بي سمجهه ڪارڪن جيڪي پڙهايل طوطن مثل هوندا آهن سي حرڪت ۾ اچي ويندا آهن ۽ انهن اختلاف رکندڙن جي خلاف وٺ پڪڙ شروع ڪندا آهن. انقلاب دشمن، وطن دشمن، مهاجرن ۽ پنجابين جا ايجنٽ، فوج جا ڇاڙتا، غدار وغيرهه جهڙا ٺهيل ٺڪيل الزام لڳائيندي دير ئي نه ڪندا آهن ۽ سندن سالن جون قربانيون کن پلڪ ۾ وسري وينديون اٿن. ڄڻ اهي ڄمندي ئي غدار هئا....“
    ”سيمي تون چوين ٿي! ٺيڪ آهي مڃيوسين، پر انهن اڳواڻن به ته گهڻو ڪجهه سٺو آهي....۽ مان سمجهان ٿو ته شخصيت جو هئڻ ايڏو خراب به ته ڪونهي....“
    ”اهو تنهنجو نظريو ٿي سگهي ٿو....پر ڪنهن باشعور ماڻهوءَ جو نه! جتي شخصيتون پارٽيءَ جي تابع هئڻ بدران، پارٽيون شخصيت جي تابع هجن، سڄي جدوجهد ۽ ڪم جو مرڪز اڳواڻ جي ذات يا شخصيت هجي....اتي جدوجهد جو تباهه ٿيڻ يقيني آهي....شخصيت پرستي ۽ مهم جوئي وقتي طرح ڏاڍي دلڪش ۽ پرڪشش هوندي آهي، پر ان جا نتيجا ڏاڍا ڀيانڪ هوندا آهن.....مونکي اهو ٻڌاءِ ڪامريڊ! اسان وٽ ڪهڙي شخصيت پارٽي جي تابع آهي يا ڪهڙي اڀريل شخصيت پارٽي جي اهم عهدي تي فائز ڪونهي. اهو مثال ته تنهنجي اڳيان آهي ته آزاد ٿيڻ کانپوءِ نيلسن منڊيلا کي آفريقن نيشنل ڪانگريس جو نائب صدر چونڊيو ويو ۽ هن چيو ته مان پارٽيءَ جي تابع آهيان ۽ منهنجو مستقل پارٽيءَ جي هٿ ۾ آهي. ڇا اسان وٽ ڪو اهڙو مثال ٻڌائي سگهندين... ڪامريڊ مان هڪ ڳالهه چوين ٿي، ڀلي نه مڃ! پر انهيءَ شخصيت پرستيءَ ۽ مهم جوئي جي ڪري اسانجي قومي جدوجهد تباهه ٿي چڪي آهي ۽ جلد وڏن وڏن ناليرن ليڊرن جي قومپرستيءَ جو ڀانڊو ڦاٽڻ وارو اٿئي.“
    اها ڳالهه هن ٻه سال اڳ چئي هئي ۽ اڄ نظر ڦيرائجي ٿي ته حيرت ٿي لڳيم...هن ٿورن لفظن ۾ ڪيڏو نه صحيح تجزيو ڪيو هو.
    پوءِ هڪ ڀيري ملي ته مان لئبريريءَ ۾ ويٺو مئڪسم گورڪيءَ جي ناول”امڙ“ جا پنا اٿلائي رهيو هئس. ايندي ئي ڪتاب زور سان ميز تي رکيائين، ”سائين جن مطالعي ۾ محو آهن ڇا؟“
    ”بس ائين ئي وانڌو جو ويٺو هئس...“
    ”ناول امڙ ڪيئن لڳو.؟“
    ”امڙ هر دؤر جو بهترين ناول آهي. لينن هن ناول لکڻ تي گورڪيءَ کي مبارڪون ڏنيون هيون....“مون چيو.
    ”هائو ڪامريڊ! مان کي پتو آهي، پر مان توکان اهو ٿي پڇڻ چاهيو ته ڇا هن دؤر ۾ روسي انقلاب جهڙو ڪو ڪرشمون ٿي سگهي ٿو....يا اهڙيون حالتون پيدا ٿي سگهن ٿيون جو ٻي ڪنهن ملڪ جي اديب کي ”امڙ“ جهڙو ناول لکڻو پئجي وڃي...“
    ”سيمي! مان توکي اڳ ۾ چيو ته پورهيت انقلاب هڪ اڻٽر حقيقت آهي...اهو ڪو خواب ڪونهي، انقلابي سائنسي چوي ٿي ته هر ملڪ ۾ اتي جي حالتن موجب انقلاب ايندو ۽....“
    ”بلڪل بلڪل!....اهي رٽيل جملا نه ورجائي.“ سيمي منهنجي ڳالهه ڪٽيندي چيو، ”پر هاڻ پرستروئيڪا جو دؤر آهي... ڇا هينئر به اوهين پرولتاري انقلاب جي سَڌ رکو ٿا يا چين جي هاري انقلاب جي طرز تي جدوجهد هلائڻ ٿا چاهيو....مان ڀانيان ٿي هاڻ اهو ممڪن نه رهيو آهي، ته ڪو دنيا ۾ ڪٿي پرولتاري انقلاب اچي....هينئر تنهنجو گنجو گورباچيف سوشلزم جي تابوت ۾ آّخري ڪل هڻڻ جي تياري پيو ڪري...“
    ”تنهنجي ڀل آهي سيمي! سوشلزم نه ناڪام ٿيو آهي ۽ نه ڪو ختم ٿيو هي، بس حالتن آهر ڪجهه تبديليون آنديون پيون وڃن ۽ ان سڌاري يا تبديلين جي ڪري ماضيءَ جون ڪجهه ڇرڪائيندڙ حقيقتون پڌريون ٿيون آهن...۽ اها شئي جيڪا جامد ٿي ويئي هئي تنهن ۾ لهرون اُڀريون آهن.....بس انهن اڀرندڙ لهرن ۽ ڇولين کي سامراجي ميديا سوشلزم جي ناڪاميءَ جو نالو پيئي ڏي....اڄ جڏهن سڄي دنيا ۾ اسٽالنزم جا بت ڊٺا آهن ته آمريت جا پوئلڳ ان جمهوري واءُ جي خلاف سينو ساهي بيٺا آهن....“
    ”ڪامريڊ! مان توسان سهمت نه آهيان، تون اسٽالن کي آمر چئي سگهين ٿو، پر اسٽالن جيڪو ڪجهه ڪيو، سو تنهنجي گنجي گوربا چيف ڪجهه ئي سالن ۾ ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو، ها ڪامريڊ مجيد! اسٽالن، لينن کانپوءِ سوشلزم جو اڏيندڙ هو، سڄي دنيا جي غلام ۽ مظلوم قومن جي آزاديءَ جي آس هو. ۽ سامراج جي اک جو ڪنڊو هو، هن سامراج جي اڳيان هڪ اهڙو بند ٻڌو هو. جنهن کي تنهنجي گنجي گوربا چيف خود پاهوڙا هڻي ڊاهي پٽ ڪيو آهي.....باقي تنهنجي گوباچيف جي جمهوريت پسنديءَ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي....ڇا سندس جمهوريت ۽ پروستروئيڪا آذربائيجان تي فوج ڪشيءَ جو حق ڏنو ٿي. لئٿونيا جي آزادي روڪڻ جو حق ڏنو ٿي....هن ته سامراج کي ڇيڪ ڇڏي ڏنو آهي ته هو سڄي دنيا ۾ غنڊهه گردي ڪندو وتي. پنهنجي مرضيءَ سان حڪومتون ٺاهيندو ۽ ڊاهيندو وتي. ڪامريڊ مجيد منهنجي اها ڳالهه ڌيان سان ٻڌ، ڪو وقت اهڙو به ايندو جو تون خود گنجي گوربا چيف ۽ سندس پروستروئيڪا جي خلاف ڳالهائيندين.....تنهنجي گورباچيف جي انهيءَ بي ڍنگي پاليسيءَ جي ڪري نه رڳو سڄي دنيا جون مظلوم قومون هڪ وڏي سهاري کان محروم ٿي ويون آهن، پر سندس ان پاليسيءَ جي ڪري آمريڪا بهادر کي اها جرئت ٿيندي ته هو جتي چاهي اُتي ڪاهي وڃي.“
    (3)
    موسم سٺي هئڻ سبب يونيورسٽيءَ جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ٽولن جا ٽولا ٿيو، مختلف هنڌن تي ويٺا هئا، جُهڙ هئڻ سبب ماحول ۾ عجيب انتظار جو عالم هو. مان ڪينٽين مان ٻاهر لان ۾ ويهڻ لاءِ نڪتس جو سامهون مونکي سيمي نظر آئي. اڄ هوءَ معمول کان وڌيڪ سهڻي لڳي رهي. مون ويجهو وڃي هيلو ڪيومانس، مرڪي وراڻيائين، ”موسم ڪيئن آهي؟
    ”ڪاش مينهن پئجي وڃي.“ مون وراڻيو.
    ”پوڻ کپي.“
    ”سيمي هليا ته لان ۾ هلي ويهون.“
    اسان لان ۾ وڃي ويٺاسين، پڇيومانس، ”سيمي گريجوئيشن ڪرڻ کانپوءِ ڇا ارادو اٿئي....“
    ”ارادو ڪو به ڪونهي.“
    ”نوڪري نه ڪبي ڇا؟.“
    ”اهو حالتن تي مدار رکي ٿو.“
    ”ڇو؟“
    ”ڪامريڊ مجيد!...ان جو جواب مون وٽ ڪونهي...“ هوءَ مايوس ٿي ويئي. ڪنڌ هيٺ جهڪائي ڇڏيائين. مون محسوس ڪيو ته منهنجي ان سوال جو جواب ڳولهڻ لاءِ سيمي عميق گهراين ۾ هلي ويئي آهي. يا جواب هوندي به هوءَ جواب ڏيڻ بابت اڻ تڻ جو شڪار آهي. جڏهن ڪنڌ مٿي کنيو هئائين ته مونکي ان ۾ هڪ جهلڪ نظر آئي، بي وسيءَ ۽ بيچارگيءَ جي جهلڪ....مون سندس نيڻن ۾ ڪئين سپنا ۽ سوال ڏٺا هئا.
    هڪ ڏينهن چيومانس سيمي دل چوي ٿي ته، المنظر تي هلجي، پاڻ فقط مرڪي هئي. زبان سان ڪا به ورندي نه ڏني هئائين. شام جا پاڇا لڙي رهيا هئا، سج ٻُڏ ٻڏان ۾ هو، اسان المنظر تي سنڌوءَ جي سيني تي بتيلي ۾ خاموش ويٺا هئاسين هاڻ هوءَ اڪثر خاموش رهندي هئي، مون محسوس ڪيو ته منجهائنس اها چنچلتا موڪلائيندي پئي وڃي. مون ڏٺو ته سيمي ٻڏندڙ سج کي ڏاڍي ڌيان سان ڏسي رهي هئي. ٻڏندڙ سج جي لالاڻ دريا جي اٿندڙ هلڪين لهرن مٿان پئي، عجيب منظر پيش ڪري رهي هئي. ”سيمي!“ مون خاموشي ٽوڙيندي چيو، ”سيمي تون هر وقت خاموش ڇو رهندي آهين.“
    ”هُون....بس ائين ئي.“ هن ڇرڪي مونڏانهن ڏٺو هو.
    ”سيمي!“ مون وري چيو، ”سيمي ڪڏهن پاڻ بابت سوچيو اٿئي...؟“
    ”اهو ئي ته راهه هلندي گڏياسين ۽ راهه هلندي ئي وڇڙي وياسين.“
    ”نه سيمي ائين نه چئو....ملڻ کانپوءِ وڇڙڻ جي تمنا....آخر ڇو؟“
    ”ٻيو سوچي به ڇا ٿو سگهجي.....سنڌي عورت سوچي به ڇا ٿي سگهي....جيڪڏهن ڪجهه سوچيندي به ته اهو ڪو نه ٿيندو....تون ڇو نه ٿو سمجهين ته سنڌي عورت ٻٽي غلاميءَ ۾ آهي....سنڌي عورت جي زندگي ٿوهر کان به ڪساري آهي....هوءَ چاهي، تڏهن به غلاميءَ جون اهي زنجيرون ٽوڙڻ سندس وس کان ٻاهر آهن.“
    ”سيمي ڇا جيون گڏ گذارڻ جو فقط سپنو ئي ڏٺو هوسين.“
    ”سپنا ڪڏهن به ساڀيان نه ٿيندا آهن!“
    ”پر تون اهي پابنديون ڇو ٿي قبول ڪرين....تون ته.....تون ته...“
    ”بس.....“ هن ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو هو. کن ترسي وري چيو هئائين، ”ڪامريڊ مجيد.“
    ”جي!“
    ”ڪڏهن سمجهين سگهيو آهين زندگيءَ کي... زندگيءَ ۾ وڏا راز سمايل آهن الوراجي غفائن کان وٺي موهن جي دڙي جي خاموش مهرن تائين وڏا راز آهن...“
    پوءِ اسان ڪجهه به نه ڳالهايو هو، مون پنهنجو هٿ سندس هٿ مٿان رکي ڇڏيو هو. ٻيڙي ڪنڌي سان لڳي چڪي هئي سامهون پل تان ايندڙ ويندڙ گاڏين جي هيڊ لائيٽس جي تيز روشني خاموش لهرن کي چلولائي تي مجبور ڪري رهي هئي. سج ڪڏهوڪو لهي چڪو هو، هلڪي هوا ۾ سيميءَ جي ڳل تي وارن جي چڳ شرارت ڪري رهي هئي ۽ اسان خاموش اچي رستي تي بيٺاسين.
    (4)
    پوءِ اها شوخ چنچل، بحث مباحثو ڪندڙ سيمي اوچتو ئي اوچتو يونيورسٽيءَ مان گم ٿي ويئي، منهنجا ڏينهن صحرا ۾ ڀٽڪندڙ ان مسافر جيان گذرڻ لڳا جنهن کان اوچتو ئي اوچتو منزل گم ٿي ويئي هجي. مان پاڻ کي بي چين محسوس ڪندو هئس. سيمي منهنجي وجود جو حصو ته ٿي نه سگهي هئي پر هن کان سواءِ مان پاڻ کي اڻپورو محسوس ڪندو هئس. ڪجهه ڏينهن ته يونيورسٽيءَ ۾ سيميءَ جي نه اچڻ بابت ڀُڻ ڀُڻ ٿيندي رهي. پر پوءِ خاموش ٿي ويئي.
    پر مان کيس ڳولهيندو رهيس....
    ڏيڍ سال کانپوءِ، اڄ کان ڇهه مهينا اڳ هوءَ مونکي ملي هئي. گاڏي کاتي ۾ رڪشا جو انتظار ڪندي. مونکي ڏٺائين ته منهن ٻي پاسي ڪري ڇڏيائين مون ويجهو وڃي چيومانس،”سيمي! ڏيڍ سال کانپوءِ نظر آئي آهين، ته به ائين ٿي منهن موڙين.....“
    ”هاڻ تون منهنجي لاءِ نامحرم آهين....“
    ”ها، پر سيمي ڪٿي آهين زندگي ڪيئن پئي گذري؟“
    ”مجيد! مان جي شادي ٿي چڪي آهي، هڪ ننڍي ڌيءَ به اٿم بختاور، بس خوش آهيان.“
    تيسين رڪشا اچي بيٺو، هوءَ ٽپ ڏيئي ان ۾ چڙهي ويٺي. ”خدا حافظ مجيد.“ مون ڏٺو ته سندس مُک تي ڏک ۽ ڪرڀ جو ريکائون اُڀري آيون هيون ۽ اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا هئس.
    هوءَ هلي ويئي هئي، مون نه ٿي ڄاتو ته ڪو هوءَ ڏيڍ سال کانپوءِ ملندي، پر ائين بي رخي مان، پر مان هن جي مجبوري سمجهي ٿي. مونکي سندس لفظ ياد اچڻ لڳا ته، ”راهه ويندي گڏياسين وڇڙي وياسين.“
    هاڻ ٿورو اڳ فون آئي اٿم، ”ڪير سيمي....سيمي پنهنجي ڌيءَ بختاور سميت خودڪشي ڪري ڇڏي آهي.“
    آئون سوچيان پيو ڇو.؟ هن خودڪشي ڇو ڪئي....هوءَ ته زندگي هئي.....زندگي، ڪڏهن مري سگهي ٿي.

    دڙو 18/03/1991


    مئل نوڙيون

    هو بتي ٻاري ٿو ته هوءَ ڇرڪ ڀري پاڻ کي ڪپڙن ۾ لڪائڻ ٿي لڳي.
    ”هي ڇو؟“ هو پڇي ٿو.
    ”اون هون!“ هوءَ بتيءَ ڏانهن اشارو ٿي ڪري.
    ”ته ڇا ٿي پيو؟“
    ”نه ائين نه!“
    ”پوءِ ڪيئن؟“
    ”بتي بند ڪر.“
    ”تو ۽ مون ۾ ڪو فرق آهي ڇا؟“
    ”نه...“
    ”تون منهنجي زال آهين ۽ زال مڙس کان لڪيل ته نه هوندي آهي.“
    ”شرم ٿو ٿئي؟“
    ”هاڻ ڇڏ شرم کي.“ هو هن کي ڀاڪر پائي ٿو، پر هوءَ پاڻ ڇڏائي ٿي ۽ چادر سان هيٺينءَ حصي کي لڪائڻ جي ڪوشش ٿي ڪري.
    ”هون! ڀيڻسان ڄٽڻ!“ هو سوچي ٿو.
    ”هليا ڀلا!“
    ”بتي بند ڪر ته پوءِ.“
    ”بتي بند ڪرڻي ئي پوندي.“ هو ڀڻڪي ٿو ۽ بتي بند ٿو ڪري. اونداهيءَ ۾ هن کي ڪا به شئي نظر نه ٿي اچي. هوءَ هوريان هوريان کٽ تي اچي ٿي ويهه. هي ڀاڪر پائي کيس ليٽائي، ڇاتين تي هٿ ڦيرڻ ٿو لڳيس، پنهنجا چپ هن جي چپن تي ٿو رکي. هن جا هٿ ڇاتين کان ٿيندا، هيٺينءَ حصي ڏانهن وڃن ٿا ۽ اتي حرڪت ڪرڻ ٿا لڳن. اوچتو هن جي هٿ کي ڪنهن ڄڻ پٽي پري ڪيو.
    ”ڪهڙين رنن تي ٿو وڃين....روز نوان نخرا سکي ٿو اچين.“
    هو خاموش.
    هو هن جي مٿان ليٽي ٿو پوي. چيلهه کان هٿ ڏيئي مٿي ٿو کڻيس ۽ بدن تي هٿ ڦيرڻ ٿو لڳيس....هوءَ خاموش پيئي هئي. هو پنهنجي ڪرت ۾ جنبيل رهيو، ۽ چپ چپن تي رکيائينس. ته هن ٻنهي هٿن سان پري ڪندي چيس، ”هٽ پري....ساهه ٿو گهٽيم. اون!“
    هن کي سخت چڙ اچي ٿي، ”ڀيڻسان ڄٽڻ!“
    گهڙي کن ترسي پڇيس ٿو، ”مزو اچي ٿو!“
    ”ڌوڙ مزو ايندو.....سڄو ڏينهن گهر جي ۽ ٻارن جو گيس مارو ڪيان ۽ رات جو تنهنجا هي نخرا سهان....هاڻ جهٽ ڪر ڀلا.“ ائين چئي هوءَ هن کي پري هٽائڻ ٿي لڳي..ته هو زور سان چنبڙي ٿو پويس...
    ”تو مان ڪو اچي ڦاٽي آهيان....ڇڏ!“
    ”ٿورو ترس....!“
    ”نه بس گهڻيئي ٿيو....اُٿ ڇڏ!“
    ”منٽ...“
    هو بنا ساهيءَ جي پنهنجي ڪرت ۾ جنبي ٿو وڃي ۽ پوءِ هن جي مٿان ليٽي ٿو پوي. کيس شڪست جي احساس سان گڏ، پنهنجي جواني به فضول ٿي محسوس ٿئي.
    *
    هو، هوريان هوريان، هن جي سيني تي اُڀارن کي هٿ سان ڇيڙڻ ٿو لڳي. هن جا چپ هن جي چهري جو طواف ڪندي ،نرڙ کان ٿيندا، هيٺ تائين هليا ٿا وڃن. هو، هن کي کڻي پاڻ مٿان ٿو ليٽائي، جواب ۾ هوءَ کيس چمڻ ٿي شروع ڪري.
    ”بتي بند ڪريون ڇا؟“ هو پڇيس ٿو.
    ”ڇو...؟“
    ”متان بتيءَ تي هريل نه هجين.“
    ”واهه....آفريقا کان آيو آهين ڇا؟“ ائين چئي هوءَ ٽهڪ ٿي ڏي.
    ”مون ائين ئي پڇيو هو...“
    هو وري پنهنجا چپ هن جي کاڏيءَ تي ٿو رکي. ٽيوب لائيٽ جي روشنيءَ ۾ هن جا چپ مٿان کان ترڪندا، ڇاتين کان هيٺ هليا ٿا وڃن.
    جواب ۾ هوءَ به ائين ٿي ڪري.
    ”تنهنجا وار وڏا آهن؟“
    ”بس واندڪائي جو نه ٿي ملي.“
    ”گهر نه اٿئي ڇا!؟“
    ”آهي...“
    ”گهر هوندي به اوهين اسان جهڙين تي ڇو ٿا اچو!؟“ هوءَ هن جي وارن سان ڀريل ڇاتين تي ڳل رکندي پُڇي ٿي. هن کان ڪو به جواب نه ٿو سُجهي ۽ خاموشيءَ سان هن جي لسي بدن تي هٿ ڦيرائيندو ٿو رهي.
    ”ڳالهه نه وڻي ڇا!؟“
    ”نه نه....بس ائين ئي.“
    هو اُٿي کيس ليٽائي ٿو. ساهه ڌنوڻيءَ وانگر شروع ٿي وڃن ٿا.
    هن جا هٿ چيلهه کان هيٺ کپي ٿا وڃنس....جسمن جي گرمي، سرير ۾رت جو دورو تيز ڪري ٿي ڇڏي.
    کن ترسي ٿو.
    سگريٽ دکائي ڊگهو ڪش هڻي، دونهون هن جي منهن ۾ هڻي ٿو، ۽ جواب ۾ هڪ مرڪ جهٽي ٿو.
    ”ناراض ته نه ٿينءَ!؟“
    ”نه....“
    هو جهٽڪي سان هن جي مٿان ليٽي ٿو پوي.
    *
    ڪرسي تي ويهي، هڪ فاتحانه مرڪ چپن تي آڻي، سگريٽ جو زوردار سوٽو هڻي سوچي ٿو، ”مئل نوڙين بدران جيئرن نانگن سان کيڏڻ ئي زندگي آهي.“

    حيدرآباد 1994. 8. 22


    گم ٿيل خواب

    کٽ تي ليٽيو پيو هو، سندس نظرون ڇت ۾ کتل هيون، پکو پوري اسپيڊ سان هلي رهيو هو، پر سندس نرڙ تي پگهر جا ڦڙا پوءِ به موجود هئا. هو ڪنهن اونهي سوچ ۾ غرق هو. اڄ هو جڏهن آفيس کان موٽيو هو ته نوابوءَ ڏانهن وڃڻ جو خيال ٿيس، اتي ويو ته نوابوءَ جي گهر جي در تي تالو لڳل ڏسي، سامهون ڪئبن واري کان پڇيائين، خبر پيس ته هوءَ اتان هلي ويئي آهي.
    ”ڪيڏانهن؟“ هن بي اختيار ٿي پڇيو هو.
    ڪئبن وارو جنهن کي سُڌ هئي ته نوابو جا هن سان ڪهڙا تعلقات هئا، تنهن ٻڌايس ته رات، جاءِ مالڪ جي حوالي ڪري، هوءَ راتو واهه سامان کڻائي ڪيڏانهن هلي ويئي.
    کيس سخت ڌچڪو لڳو هو اها ڳالهه ٻڌي، نوابو جنهن کيس زندگيءَ جا ڪئين خوبصورت رخ ڏيکاريا هئا، نوابو جنهن کيس مڪمل مرد بنايو هو. اها نوابو هلي ويئي، پر ڪيڏانهن.؟
    کيس ياد ٿو اچي، سال ڏيڍ اڳ جو اهو واقعو، جيڪو سندس نوابو سان واقفيت جو سبب بنيو هو....سندس دوست واتان اڪثر ٻڌندو هو ته هڪڙي ڪا نوابو آهي، جيڪا ضرورت مهل کيس خوش ڪندي آهي. هو اڪثر کيس نوابوءَ سان پنهنجي هر ملاقات ائين ٻڌائيندو هو. ڄڻ ڪنهن فلم جي اسٽوري ٻڌائي رهيو هجيس.
    ”وڏو ڪو لاهه آهين، ڪڏهن منهنجو خيال به ڪيو اٿئي....آئون به تو جيڏو آهيان......منهنجي به ته ضرورت آهي....ويهاڻن سان وڙهندي هاڻ ته ساڻو ٿي ويو آهيان....“
    هن چيو هو.
    ”ٺيڪ آهي....سڀاڻي هلبو، تون به ڇا ياد ڪندين...ڪنهن سان دوستي اٿئي.“دوست وراڻيو هئس.
    ”پر هڪ شرط آهي...!“ هن سندس منهن ۾ ڏسندي چيس.
    ”ڪهڙو....؟“
    ”گڏ نه ڪنداسين...“
    ”مون نه سمجهيو....؟“
    ”ڏس پاڻ ٻئي ڀائپيءَ جون دعوائون ٿا ڪيون....ٻه ڀائر ڪنهن هڪ تي....اها ڳالهه مون کي نه ٿي آئڙي.“ هن وراڻيو.
    ”ابو....ڏيوس منهن....هڪ اڻ دعوتيو، مٿان وري ڪرياتو....پوءِ ڇا ڪيون ڀلا....؟“
    ”اهو مسئلو تون ئي حل ڪر....“
    ”پر ان ۾ ڪهڙي اربع خطا آهي.... نوابو وٽ ته ٻيا به وڃن ٿا....“
    ”ٻين جو مسئلو الڳ آهي ۽ پنهنجو الڳ....“
    ”يار هي ته ماڊرن دؤر آهي، هاڻ ته پراڻا قدر بدلجي ويا آهن...“
    ” پر منهنجي دل نه ٿي مڃي!“
    ”ٺيڪ آهي.....اهو پوءِ حل ڪنداسين.....في الحال سُر ته ملائينس....“
    ائين ٻي ڏينهن هو نوابوءَ جي گهر پهچي ويا. نوابوءَ جي ماءُ آميءَ هنن جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ کين اوطاق ۾ آڻي ويهاريو.
    ”هي منهجو دوست نويد آهي....“ سندس دوست هن جو آمي سان تعارف ڪرايو ۽ اکين ئي اکين ۾ ڪي اشارا ڪيائينس ۽ سئو جو نوٽ ڪڍي ڏيندي چيائين، ”وٺ وڃي ٻيڙي ماچيس ڪر...۽ ها ٻيو ڪير اچي ته اتان ئي ٽارينس.“
    ”پر اوهين تي ٻه آيو ۽ هي سئو روپيا ته.....“ آميءَ چيو.
    ”نه، آئون نه آهيان....اڄ منهنجو موڊ نه آهي.“ ائين چئي هن آميءَ جي گهيل کي سمجهندي پنجاهه جو ٻيو نوٽ ڪڍي ڏانهس وڌايو.
    ”اجهو ٿي موڪليانس!“ ائين چئي آمي گهر اندر هلي ويئي.
    ”نه ائين نه ٿيندو!“ نويد چيس.
    ”ڇا نه ٿيندو؟.....جڏهن ڪو مرد ٻئي جي عورت ۾ اکيون وجهي ٿو ته اتي اخلاق جا سڀ قدر ختم ٿيون وڃن....اهو صحيح آهي ته اسان جا لاڳاپا ڀائراڻا آهن، پر هڪ ڀاءُ ٻي ڀاءُ لاءِ قرباني به ڏيئي سگهي ٿو....اڄ کان پوءِ منهنجو نوابو سان هر قسم جو ناتو ختم ۽ هاڻ هوءَ تنهنجي آهي....هاڻ هو احساس ختم ڪري تياري ڪر....“
    ايتري ۾ در کُليو. هن ڏٺو ته هڪ نهايت ٺاهوڪڙي هنن جي سامهون بيٺي هئي. قد جي پوري پني، نڪ بينو، وار وڏا چيلهه تائين لڙڪيل، اکيون ننڍيون، ڀريل ڇاتيون، هن کي ڏسي، هن جي بدن ۾ عجيب ڪتڪتايون پوڻ لڳيون.
    ”اچ نوابو....“ دوست اٿي بيهي نوابوءَ جو آڌرڀاءُ ڪيو.
    نوابوءَ هوريان هوريان هلندي، هنن جي سامهون ڪرسيءَ تي اچي بيٺي.
    ”هيءَ منهنجو دوست نويد آهي....بلڪل نئون اٿئي...پارت هجئي...“
    نوابوءَ هن ڏانهن ڏسي ٿي. هن کي لڳو ڄڻ نوابو جي نظرن جا تير هن جي بدن ۾ کپي ويا هجن.
    ”چڱو نويد.....توهان ڪچهري ڪريو مان هلان ٿو.“ ائين چئي سندس دوست ٻنهي کي اڪيلو ڇڏي هليو ويو. کن پل کان پوءِ، نوابو اٿي در اندران ٻيڪڙيو ۽ ڪرسيءَ تي اچي هن جي ڀر ۾ ويٺي ۽ هن جي هٿ مٿان هٿ رکيائين. هن جي بدن جا وار اُڀا ٿي ويا، اهو پهريون موقعو هو، جو ڪنهن عورت جي هٿ هن کي ڇهيو هو. هي پنهنجي اندر ۾ عجيب ڪيفيت محسوس ڪرڻ لڳو. ڊپ جو هڪ اڻ لکو احساس سندس اندر ۾ رڦڻي پيدا ڪري چڪو هو. ”نوابو کي منهن ڏيئي سگهندس الائجي نه.“ هن سوچيو ”واپس ڇو نه هليو وڃان.“ هڪ ٻيو خيال ذهن ۾ آيس. ”ڇا منهنجي مردانگي ايتري ئي آهي؟“
    ايتري ۾ نوابو اٿي سامهون پلنگ تي وڃي ويٺي ۽ هن کي خيالن ۾ بڏل ڏسي چيائين، ”ڇا ائين ئي ويهي وقت وڃائيندين....!“ انهن لفظن هن کي خيالن مان ڪڍي حقيقت جي دنيا ۾ آندو. هي اُٿيو ۽ پلنگ تي نوابو جي ڀر ۾ وڃي ويٺو ۽ نوابو کي ڀاڪر ۾ ڀري، پنهنجا چپ زور سان نوابو جي چپن تي رکيائين ۽ نوابو کي پاڻ مٿان ليٽائي ڇڏيائين.
    پوءِ، جڏهن هو اتان واپس گهر آيو ته هن پاڻ کي بيحد خوش محسوس ڪيو هو، بيحد هلڪو، هشاش بشاش، ڄڻ بادلن جو رٿ تي سوار ٿي، آسمانن جو سير ڪيو هئائين. اهو هن لاءِ نه رڳو نئون تجربو هو، پر هن کي بيحد سڪون به مليو هو. هن محسوس ڪيو ته هن جا ڪئين روڳ ختم ٿي ويا هئا. هن جي اندر هڪ نئين انسان جنم ورتو هو. هن پنهنجي زندگيءَ جي خزان ۾ بهار جي آمد محسوس ڪئي. ڪئين گلُ ٽڙندي محسوس ڪيائين. هن محسوس ڪيو ته عورت کان سواءِ حياتي صفا سُڃي آهي. هيستائين ڄڻ هو ڪنهن رڻ ۾ پئي ڀٽڪيو. هاڻ ڄڻ کيس ڇانورو نظر اچي ويو هجي.
    هاڻ، نوابوءَ ڏانهن وڃڻ هن جو معمول بنجي ويو. هن محسوس ڪيو ته نوابو جو رويو هن ڏانهن ڪاروباري انداز بدران پنهنجائپ وارو ٿيندو پي ويو. هوءَ ڏانهنس ڪاروباري نظرن بدران ڪن ٻين نظرن سان ڏسندي هئي. هو ويندو هو ته هوءَ کيس ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهاري ڇڏيندي هئي ۽ هي جڏهن به ويندو هو، هن کان انڪار نه ڪندي هئي، هاڻ ته هيءَ ٻين گراهڪن کي در تان موٽائڻ لڳي هئي.
    ”هاڻ آئون فقط تنهنجي آهيان....منهنجي هر شئي تنهنجي آهي.“ نوابوءَ کيس چوندي هئي ”تون مون سان وچن ڪر ته فقط منهنجو ٿي رهندين....“
    ”ها نوابو! تو مون کي مڪمل مرد بنايو آهي. هڪ نئين توانائي بخشي آهي... مون تو کان اڳ نه ڪنهن عورت کي ڇهيو آهي نه ٻي ڪنهن کي ڇهندس.“ هو چوندو هئس.
    ائين هڪ ڏينهن هن پنهنجي اندر ۾ بي چيني محسوس ڪئي. هو نوابو جي گهر ويو ته اُتي نوابو سان گڏ هڪ ٻي ڇوڪري ويٺل ڏٺائين، ”نويد هيءَ منهنجي سئوٽ گلشن آهي، فرسٽ ايئر ۾ داخلا ٿي اٿس، هاڻ هتي اسان سان رهندي.“ نوابو هن جو گلشن سان تعارف ڪرايو. نويد ڏانهنس ڏسندو ئي رهيو. هن کي لڳو گلشن هن جي اندر ۾ هڪدم واسو ڪري ويئي آهي، هو ڄڻ ڪنهن فيصلي تي پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. ”چڱو ادي مان هلان ٿي.“ نوابو جي اشاري تي گلشن اندر هلي ويئي ۽ نوابو سُري اچي هن جي ڀر ۾ ويٺي. ”ڇا پيو سوچينءَ....؟“
    ”ڪجهه نه!....“ هن ڄڻ ڇرڪ ڀري چيو. ۽ مرڪي پيو. نوابو سڀ ڪجهه سمجهندي به ڄڻ اڻڄاڻ بڻجي هن مٿان ليٽي پيئي هئي.
    ان کان پوءِ هن جي ذهن ۾ هر وقت گلشن جو تصور ڦرڻ لڳو. هن جون اکيون هن جا چپ هن جون ڇاتيون!.
    نوابوءَ ڏانهن ويندو هو ته نوابو بدران گلشن سان ڪچهري ڪندو هو. ڪوشش ڪري اهڙي ٽائيم تي ويندو هو، جنهن ٽائيم تي نوابو ٻاهر هوندي هئي. هن ڪڏهن نوابو کي اهو محسوس ٿيڻ نه ڏنو ته ڪو هو گلشن ۾ دلچسپي وٺي رهيو آهي. هن نوابو کي رنجائڻ نه ٿي چاهيو. ”پر اها ڳالهه آخر ڪيستائين نوابو کان لڪي سگهندي.“ هو سوچيندو هو، ”نوابو ڪا منهنجي نڪاح ٻڌي زال ته ڪانهي جو رڳو ڏانهنس وڃان...“
    سندس ذهن ۾ خيال ايندو هو. هڪ ڏينهن جيئن ئي نوابو ٻاهران آئي ته هن اوطاق جو در اندران ٻيڪڙيل ڏٺو، اندران ايندڙ ٽهڪ هن جي ڪن تي پيا، هوءَ ڇرڪي پيئي. سري وڃي در وٽ بيٺي ۽ تالي جي سوراخ مان اندر ڏسڻ لڳي. هن ڏٺو ته گلشن نويد جي ٻکن ۾ هئي، هو مٿس چمين جو آبشار وسائي رهيو هو. نويد جا هٿ تيزيءَ سان حرڪت ڪري رهيا هئا، گلشن هڪ عجيب سرور ۾ مبتلا هئي. هن جا هٿ گلشن جي ڇاتين کان ٿيندا، گلشن جي رانن تائين پهتا....گلشن هڪ گهڙيءَ جي لاءِ تڙپي ويئي.
    ”ڇڏ!....نوابو نه اچي وڃي!“ گلشن هن کي روڪيندي چيو.
    ”نوابو...“ نويد هلڪو ٽهڪ ڏيندي چيو ”اهو پاروٿو گوشت ڇا ڪندو....هوءَ نه ايندي.....جي آئي به ته ڀلا ڇا ٿي پيو؟“ ائين چئي هن کيس ڪپڙن کان آجو ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ به ڪپڙن کان بي نياز ٿي ويو.
    اهو ٻڌي گلشن ڄڻ مطمئن ٿي ويئي هئي. پر نوابو جي اندر ۾ هڪ طوفان برپا ٿي ويو ، ڄڻ ڪنهن کيس گولي هڻي ڪڍي هجي. هو ڪرندي ڪرندي بچي ۽ وڌيڪ ڪجهه ڏسي نه سگهي. نويد جا لفظ سندس دماغ مٿان هٿوڙا بڻجي وسڻ لڳا. الائجي ڪيئن هلندي اچي ڪرسيءَ تي ويٺي. سندس ذهن ۾ طوفان برپا ٿي ويو. ”مرد ڪيڏو نه بي وفا آهي... پنهنجي مطلب جو....جڏهن مطلب هوندو اٿس ته سڀ ڪجهه بڻجي ويندو آهي....پر جڏهن مطلب نڪرندو اٿس ته ڄڻ اڻ ڄاڻ بڻجي ويندو آهي....مون نويد جي لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو .... هو ڇا هو کيس ڇا ڪيم...کيس ته ڪا به خبر نه هئي....مون کيس مڪمل مرد بنايو....ڪيڏو نه بي وفا نڪتو هو...چوندو هو توکان سواءِ ٻي ڪا مورت من ۾ اٿم ئي ڪين....بس رڳو توکي ئي ڇهيو اٿم. جيسين تون آهين تيسين ٻي ڪنهن کي به نه ڇهندس.... پر مون کي ڪهڙي خبر ته مرد ڊرائيور مثل آهي، جنهن لاءِ گاڏي بدلائڻ ڪو مسئلو ڪونهي....کيس ڪيترا به طعام ڇو نه هجن پر کيس ڍؤ ٿيڻو ئي ناهي.....پر هي ڇا ٿيو. مون ته گهاٽ گهاٽ جو پاڻي پيتو آهي. مون کي ته ان ڏينهن ئي سمجهڻ کپندو هو. جنهن ڏينهن گلشن آئي هئي....نويد جي جاءِ تي ڪو ٻيو مرد هجي ها ته شايد اهو به ائين ئي ڪري ها. مان به عجيب ۽ بي وقوف عورت آهيان. منهنجو ڪم ئي آهي گراهڪن کي خوش ڪرڻ. پوءِ هي ڪيئن نويد سان پيار جا پيچ پائي ويهي رهيس....نويد جي ڪري ته سڀ ڪجهه ڇڏي ڏنو اٿم. پتو ڪونهي نويد مون تي ڪهڙو جادو ڪري ڇڏيو هو. جو سندس سحر ۾ ڦاسي ويس“....الائجي ڪيتري دير تائين هو خيالن ۾ اکيون ٻوٽي ويٺي هئي پيرن جي هلڪي کڙڪي تي اک کليس ته سامهون گلشن بيٺي هيس. هن نهايت غور سان گلشن کي ڏٺو، ڇاتيءَ جا اڀار، سڊول جسم، چپ سنها، چيلهه ڊولائتي....اکين ۾ ڄڻ خمارن جا کيپ هئس، هن جي جواني جي مکڙي ٽري چڪي هئي. هن جي اکين ۾ ڪو به ڀؤ نه هو. پوءِ هوءَ پاڻ کي گلشن سان ڀيٽڻ لڳي، ”اهو صحيح آهي ته مان گهڻو هلي آهيان، ڪيئي مرد منهنجي جسم سان کيڏيا آهن....منهنجي ڪشش گهٽ ٿوروئي ڪا هئي، مون تي ڄڻ قطارون هونديون هيون...پر سالن تائين هلڻ کان پوءِ....شايد مان پاروٿي ٿي چڪي آهيان...مون ۾ اها ڪشش نه رهي آهي...پر گلشن ۾ بهار هاڻ آئي آهي. ......پر هاڻ ڇا ڪرڻ گهرجي.“ هوءَ ڪو فيصلو ڪرڻ لڳي، ”مون کي هتان وڃڻ کپي....ان هنڌ رهڻ مان ڪهڙو فائدو جتي رڳو بي وفايون پلئه پون....مون کي هتان وڃڻ کپي....بنا ڪنهن دير جي....مون وٽ اهو ئي طريقو آهي...احتجاج جو....“ ائين چئي هوءَ اٿي ۽ وڃي سامان ٺاهڻ لڳي.


    مهديءَ جو انتظار

    لڳي ٿو ته ماحول سڄو دونهاٽجي ويو آهي، دونهاٽيل ماحول ۾ ٻيرا ٻيرا ٿيل ۽ سڙيل گوشت جي ڌپ ماڻهن جي ناسن ۾ گهڙي آئي آهي. آسمان به ته ڄڻ رت ٿو ڳاڙي، زمين ڄڻ تپي ٽامون ٿي ويئي آهي. باقي ڇاهي جيڪو بچيو هجي.
    هاڻي بچيو به ڇاهي، جتي هو رهي، دونهاٽيل ماحول، سڙيل گوشت جي ڌپ، آسمان مان ڳرندڙ رت، تپي ويل زمين ۽ ان ڳرندڙ رت جي ڪري زمين اڃا به غضب ۾ اچي گرم ٿي رهي آهي.
    او منهنجا خدا! جڏهن ڌرتي تپي ٽامون ٿي وڃي....سج سوا نيزي پاند اچي بيهي ته اها قيامت چئبي، يا قيامت جي نشاني! اهي لفظ هن جي اندر مان ڪنهن اوڀڙ جيان نڪرن ٿا.
    جڏهن زمين تي ظلم وڌي وڃي، ڀاءُ ڀاءُ جو ويري ٿي وڃي. ننڍي ننڍي ڳالهه تان ڪنڌ ڪپيا وڃن، جذبن جو قتل عام ڪيو وڃي. ماڻهوءَ جو رت جو رنگ بدلجي وڃي. ماڻهوءَ جي طبيعت موسمن جيان تبديل ٿئي، پوءِ به ڌرتي نه تپي؟
    هن جي اندر مان ٻيو آواز اچي ٿو.” ڌرتي ته ان داتا آهي. ان داتا جڏهن بگڙجي پئي، ناراض ٿي پئي...ته پوءِ ماڻهوءَ جي جيئڻ لاءِ بچيو ئي ڇا؟ هو گهو ماٽجي وڃي ٿو.
    ماڻهوءَ جو قتل ته عام ڳالهه آهي، پر جيڪڏهن ماڻهوءَ جي قتل کان به وڌيڪ ٻي ڪاشي هجي، جنهن جو قتل معاف ٿيڻ جوڳو نه هجي...” هن جي اندر مان سوال اڀري ٿو . هو اُٿي در کولي ٿو. هڪ ٿڌي هوا جو جهونڪو سندس سرير کي ويڙهي ٿو وڃي. تازي وٺل مينهن سبب مٽيءَ جي سڳنڌ هن جي نڪَ جي ناسن سان ٽڪرائجي، هن کي مدهوش ڪري ڇڏيو.
    هو اکيون ڦوٽاري ٻاهر ڏسي ٿو. سامهون چهچ ساوڪ سبب کيس ڌرتيءَ جو رنگ تبديل ٿيل ٿو نظر اچي. اکيون ڦوٽارڻ سبب سندس اکين جا دوڏا ڄڻ ٻاهر ٿي نڪتا.
    ”جڏهن آسمان مان رت وهي ۽ زمين تپي ٽامو ٿي وڃي. ماڻهو ماڻهوءَ کي کائڻ اچي....ماڻهوءَ جي رت جو رنگ بدلجي وڃي ته پوءِ زمين جو رنگ به بدلجڻ کپي. ماڻهوءَ ۾ ٿيل تبديلي جو اثر زمين تي به پوڻ کپي...“
    پر زمين جو رنگ ڇو بدلجي! زمين ته ان داتا آهي. ان داتا کي تبديل ٿيڻ جي ڪهڙي ضرورت......!؟
    ياد آيو جڏهن مون کي جڏهن دلوراءِ جي نگريءَ ۾ ظلم وڌي ويو هو. ته اها ڦاٽي پيئي هئي. ان ڪري جو کيس ڪو به مسيحا نه مليو هو. جن ماڻهن مسيحا جو ٻهروپ ڪيو هو، سي خود ان ظلم جي پٺڀرائي ڪري رهيا هئا. ڇو ته اسان جا مسيحا......اسان جا رهبر.......اصل ته رهزن ئي آهن......پوءِ هو سڀ غرق ٿي ويا هئا. ڌرتي ظلمن جو تاب نه سهي ڦاٽي پئي هئي. ماڻهو حيرت ۾ مري ويا هئا......۽ صديون پوءِ جڏهن هو پنڊپهڻ جي صورت ۾ ڪڍيا ويا ته حيراني سندن پيشانين مان ظاهر هئي....! هن جي سوچن جو وهڪرو ڪنهن گليشئر جيان هلندو ٿو هلي.
    اُف منهنجا خدا! منهنجو ته مٿو ٿو ڦاٽي.......هر شئي جي حد ٿيندي آهي....۽ اڄ آئون حد کان وڌي ويو آهيان......ڇا اهو سڀ گهڻو پيئڻ جي ڪري نه ته ٿيو آهي. هن جي ذهن ۾ سوال ٿو اُڀري، پر وري ٻيو خيال ٿو اڀريس. هو ته سدائين پيئندو رهيو آهي. پيئڻ کانسواءِ هو جيئڻ کي اڌورو ٿو ڀانئي......کيس ياد آيو تازو هڪ اخبار جي سرخي ”هن حڪومت ٽن مهينن ۾ شراب جا نوي گتا کولڻ جا اجازت ناما جاري ڪيا آهن.“ پر هيءَ حڪومت ته اسلام جي حفاظت جي نالي تي حڪومت ڪري رهي آهي.حڪمران پارٽيءَ جو نالو به اسلامي آهي ته سندن منشور به اسلامي ۽ هن جو هو وزير هر تقرير ۽ بيان ۾ ملڪ ۾ اسلامي نظام جي نفاذ جي ڳالهه ٿو ڪري.
    .....پر هي سڀ ڇا.........منهنجو انهن ڳالهين مان ڪهڙو واسطو.....پر ايترو شراب ڪير ٿو پيئي......هو مٿي تي هٿ ڏئي ويهي ٿو رهي. ڪجهه گهڙيون ويٺو ٿو رهي. ڪجهه سوچي هو ڀڙڪو ڏيئي اٿي ٿو. ڪٻٽ کولي هڪ هڪ ڪتاب کڻندو کوليندو ڏسندو ڪمري جي وچ ۾ اڇلڻ ٿو لڳي.....ڄڻ ڪتابن وڏو ڏوهه ڪيو هجي. سڄي دنيا ۾ لکين ڪروڙين ڪتاب شايع ٿيا آهن. پر ڇا ٿيو آهي. اهي ماڻهن جي سوچ تبديل ڪري سگهيا آهن.....نه......پر هي جيڪو هيترو قتل ۽ غارتگري ٿيو آهي سو به ته انهن ڪتابن جي ڪري ٿيو آهي.
    هٽلر به ته پنهنجي ڪتاب وسيلي جرمن قوم جو هيرو بڻيو. ميڪاوليءَ جي ڪتاب ”پرنس“ دنيا ۾ جيڪي تباهيون مچايون....هر آمر جو اهو پسنديده ڪتاب آهي.....هو ڀُڻ ڀُڻ ٿو ڪري. ڪتابن به ته ماڻهن جي ذهنيت کي نه بدلايو آهي....اسان وٽ ته ڪوڙ، ڪُپت، گلائون، هڪ ٻئي جا گلا ڪٽڻ جهڙن ڪڌن ڪمن ۾ گهٽتائي بدران واڌارو آيو آهي.....اڻ پڙهيلن تي ته ميار ئي ڪونهي، پر پڙهيلن کي ته اهي مرض وڻ ويڙهي جيان ويڙهي ويا آهن. هو سوچيندو ڪتاب اڇلي ڍڳ ڪندو پئي ويو گهڙي کن ۾ سڄو ڪٻٽ خالي ٿي ٿو وڃي. هاڻي هنن کي باهه ڏيڻ کپي.....جيڪي ڪتاب ماڻهن سان ڪٽرپڻون، منافقتي، مڪاري، خوف، ذلالتون، ذاتي انائون، ڪوڙ ۽ ڪپت ختم نه ڪري سگهن، جيڪي ڪتاب ماڻهون کي ماڻهپو ڏيئي نه سگهن، اهڙن ڪتابن کي باهه ڏجي ته بهتر......هو لوءَ پائي بورچيخاني مان اسٽوپ کڻي انهي مان گاسليٽ ڪتابن جي ڍڳ مٿان هارڻ ٿو لڳي ۽ ماچيس جي تيلي ٻاري انهي مٿان ٿو اڇلي....کن پل ۾ ڪتاب ڀڀڙ بڻجي ٿا وڃن ۽ باهه جا شعلا فليٽ جي ڇت سان وڃي ٿا لڳن، دونهين سبب دم گهٽجڻ ٿو لڳي...... هو ڏسندو ٿو رهي......سندس ذهن ۾ عجيب خيال ٿو اڀري. ڏيان باهه ۾ ٽپو. وري خيال ڦيرو ٿو کائيس، ڪنهن مذهبي ڪتاب ۾ پڙهيو هئائين جڏهن دنيا ۾ ظلم وڌي وڃي. هر طرف بڇڙائي، بدڪاري، فريبڪاري، فتويٰ بازي، ڪوڙ، دوکو، وڌي وڃي ٿو ته سمجهو مهدي اچڻ وارو آهي. هو ڊوڙندو ٻاهر ٿو وڃي، در وٽ بيهي سڙندڙ ڪتاب ڏانهن هڪ نگاهه ٿو وجهي ۽ رڙ ڪري چوي ٿو ”اوهان مسيحا بڻجي نه سگهيا.....۽ اوهان جو حشر اهو ئي ٿيڻ گهرجي.....هاڻ ڪنهن مسيحا جي ضرورت آهي....۽ آئون وڃان ٿو ان مسيحا جي ڳولا ۾ جيڪو مهديءَ جي روپ ۾ اچڻو آهي“....ان سان گڏ دروازو زور سان بند ٿئي ٿو ۽ هو ٻه ٻه ڏاڪا لهندو هيٺ ماڻهن جي ڀيڙ ۾ گم ٿي وڃي ٿو.


    پولار ۽ پاتال جي وچ ۾

    ”جيڪڏهن آئون مري وڃان ته مونکي قبر ۾ اهي ماڻهون لاهين، جيڪي منهنجا ويجها دوست آهن. جن سان آئون محبت ٿو ڪريان، آئون چاهيان ٿو ته آخري سفر تي وڃڻ کان اڳ، منهنجي اکين جي ماڻڪين ۾ منهنجي دوستن جا ئي عڪس هجن. نه ڪي انهن ماڻهن جا، جيڪي پروفيشنل گورڪن آهن. يا اهي ماڻهون، جن زندگيءَ ۾ مونکي ڪڏهن پُڇيو به ناهي. يا بس روايتي نموني هليا آهن.“ هڪ سئو چار ڊگريون بخار ۾ ڌڳندي هن سوچيو.
    ”پر اهي ڪهڙا ماڻهون آهن. ۽ مرڻ کانپوءِ ته هر ماڻهون اها ئي دعويٰ ڪندو آهي ته هو مرڻ واري جي سڀ کان وڌيڪ ويجهو هو. ڪٿي ائين نه ٿئي، جو اهي ساڳيا ماڻهون ئي تنهنجي جسم کي قبر ۾ لاهين، جن کان تون ڀڄين ٿو. تنهنڪري انهن جا نالا لکي وڃ!“ اندر مان آواز آيس.
    ”هائو، اهو صحيح آهي. نالا لکڻ مناسب رهندا. هونئن به تون اڪيلائين جو شڪار شخص آهين. اڪيلايون تنهنجي اندر ۾ واسو ڪري ويون آهن.....۽ تنهنجا دوست ئي ڪيترا آهن، آڱرين تي ڳڻڻ جيترا....هڪ هٿ ۾ پنج آڱريون.....هن سڄي ڪائنات ۾....ها بلڪل صحيح.....انهن مان ٽن ۾ هڪ عجيب مشترڪه ڳالهه آهي،....آهي نه عجيب....انهن مان ٽن جي نالن جا پهريان اکر ڳنڍي.....تو هڪ نالو تخليق ڪيو هو...........باقي.....انهيءَ تي تنهنجي ”ع“ دوست توکي مذاق ۾ چيو هو.....انهيءَ نالي تي اسين تبرا ڪندا آهيون.....صدين کان ڪندا پيا اچون. تون ڇو ٿو مونکي پاڻ تي تبرو ڪندڙن ۾ شامل ڪرينءَ.“ هن سوچيو ۽ سخت بخار هوندي به مُرڪي پيو.
    ”پر اهو دوست شايد تنهنجي مرتئي ته پهچي نه سگهي....جو هو ايترو پري آهي....۽ کيس ايترو جلد اطلاع به ملي نه سگهندو....هو ته تنهنجي دفنائجڻ جي ٻي ياٽي ڏينهن ئي مس پهچي سگهي.
    ”هائو، اها ڳالهه ته آهي....پر تون هڪ مشهور ماڻهون آهين.....تنهنڪري اخبار وارا تنهنجي مرڻ جو ٻُڌي ئي خبر موڪلڻ لاءِ ڊوڙندا (جي تو اڳ ۾ فيڪس جا ويهه روپيا جمع ڪرايا هوندا ته!).....۽ ٻي ڏينهن اها خبر اخبارن ۾ اچي ويندي.....۽ اهو دوست پهچي ويندو.....“ خيال ذهن ۾ اڀريس ٿو.
    ”واهه! تون ڳوٺ جي صحافين جي ڪهڙي ٿو ڳالهه ڪرينءَ.....اهي ته توکان هونئن به چڙيل رهندا آهن....توکي ڏسي ۽ تنهنجو نالو ٻڌي ڪتي جيان باهوڙ جي ڀونڪڻ لڳندا آهن....سي تنهنجي مرڻ تي خوشيءَ مان ٽپ ڏيندا.....سي خبر ڪيئن موڪليندا.“
    ”خير آهي....خبر سان ڇا ٿو ٿئي....فون نمبر لکي ٿو وڃان....پر هروڀرو اهو دوست ڇو....هتي جا دوست گهٽ آهن ڇا....اهي تنهنجو خواهشن کي ضرور اهميت ڏيندا.“
    ”پر مري ويندڙ ماڻهونءَ کي بنهه گهٽ ماڻهون ويجهو ايندا آهن....لاش کي ته رڳو ڪجهه ماڻهو ئي ڇُهندا آهن....ضروري ڪونهي ته تنهنجا اهي دوست تنهنجي لاش کي ڇهن ۽ پنهنجي هٿن سان قبر ۾ لاهين.....ٿي سگهي ٿو ته هو روايتي ماڻهن جيان پريان بيٺا هجن....يا ڏک ۾ کين تنهنجي اها وصيت ياد ئي نه رهي.
    ”ته پوءِ ڇا ڪجي ؟“ ذهن ۾ خيال ٿو اڀريس.
    ”پر اهو ضروري به آهي ڇا ته جيئن تون چاهين ٿو، تيئن ٿئي....ڪٿي ائين ته ڪونهي ته تنهنجي انهيءَ خواهش جي پويان به تنهنجي اها لالچ هجي....جيئن تون هينئر آهين....خو بصورتين جي پويان ڀڄندڙ. (خوبصورتين جي پويان ڀڄڻ به هڪ قسم جي نفسياني خواهش آهي....۽ويجهن ۽ خوبصورت ماڻهن جي هٿن جو ڇهاءُ ۽ انهن جي ويجهڙائپ....مرڻ کانپوءِ به تون اهو ئي ٿو چاهين. ڇاڪاڻ ته تنهنجي ذهن ۾ فقط ڪن مخصوص دوستن جا نالا آهن....اهي دوست جيڪي ظاهر جا خوبصورت آهن (اندر جا به.....اها مونکي پڪ آهي.) پر ضروري ڪونهي ته اهي توسان محبت به ڪندا هجن....“
    ”ته پوءِ ڇا ڪجي؟“ وري ساڳيو سوال ذهن ۾ ٿو اُڀريس. ”اها وصيت اجائي آهي....تنهنجا ته ٻيا به ڪافي دوست آهن...خاموش....ماٺيڻا....پُر وقار......پر تون انهن تي ڌيان ئي نه ڏيندو آهين....هو توسان محبت ڪندا آهن....پر تون هنن سان ناهين ڪندو....تنهنڪري بهتر آهي ته اها ڳالهه ذهن مان ڪڍي ڇڏ.“
    ”اهو به ٺيڪ آهي!“
    ”ياد اٿئي ان ڏينهن تو مذاق ۾ پاڻ سان ويٺل دوستن کي چيو هو، جيڪڏهن آئون مري وڃان ته اوهان مان مونکي ڪير مس ڪندو.؟“
    ”آئون ته نه ڪندس!“ هڪ دوست کلندي چيو هو، ”ڪجهه ڏينهن ياد رهندين....پوءِ وسري ويندين!“
    جواب ۾ تون کلي پيو هئين. پر دل ۾ چيو هئي،“ ”نه، ائين نه ٿيڻ کپي!“
    ”اسين ته تنهنجي ورسي به نه ملهائينداسين.“ هن وري توکي چيڙائيندين چيو هو.
    ”پر جي کڻي ڪنهن ملهائي به ته انهيءَ ۾ ”گڊو گرناري“ کان مقالو ضرور پڙهائجو....ٿي سگهي ته، ”گچ ٻال“ کان به، جنهن جو سڄو مٿو اچي اڇو ٿيو آهي.....پُٽ جوان ۽ اولادي ٿي ويا اٿس، پر اڃان تائين فتني خوري ۽ ڇيڻا ڀوري نٿو ڇڏي....هن جي اندر ۾ ايترو ته ڪينو آهي جنهن سندس جسم جو ماس ئي ڳاري ڇڏيو آهي.....جيئن هو منهنجي لاءِ پنهنجي اندر جي سموري باهه اوڳاڇي سگهن ۽ سڪون سان مري سگهن!“
    ”تو اڃان تائين ان کي معاف ناهي ڪيو....تون ته چوندو آهين ته تون هر ڪنهن کي معاف ڪري ڇڏيندو آهين.“ ويٺل دوست چيو هئس.
    ڪجهه لمحن جي لاءِ خاموشي.
    ”تون ئي ته چوندو آهين ته معاف ڪرڻ سان اندر شانت ٿو رهي.“ ساڳئي دوست وري چيس.
    ”توکي هڪ قول ٿو ٻڌايان.“ هن چيو هئس. ”اين لينڊر چيو آهي ته ڊگهي ڄمار جو هڪ راز اهو آهي ته رات جو سمهڻ مهل اوهين هر شخص جي خطا معاف ڪري ڇڏيو.“
    ”تون انهي تي عمل ناهين ڪندو ڇا.؟“
    ”عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان.“
    (لڳي ٿو ته مون هيستائين ڪنهن کي به معاف ناهي ڪيو. شايد ماڻهون ڪنهن کي به معاف ناهي ڪندو. تڏهن ته پنهنجي سوچن ۾ شهر جي خارشي صحافين کان وٺي گڊوگرناري ۽ گچ ٻال تائين ويٺو هنن کي لوئينءَ)
    ”ها ته ٻيو ڪير توکي مس ڪندو؟“
    ”شايد هڪئي دوست ڊگهي عرصي تائين مس ڪندو رهي....ذوالفقار جيڪو شايد تنهنجي مرڻ کانپوءِ پنهنجي ماٺيڻي طبيعت جيان....پنهنجا لڙڪ به خاموشي سان اگهندو رهي...“ هو وراڻي ٿو.
    ”پر جي تو مٿينءَ قول تي عمل ڪيو ته پوءِ آنڊي جيڏي ڊگهي ڄمار ماڻيندين. تنهنڪري في الحال اها سوچ ڇڏي ڏي.“
    ويٺل دوست چوي ٿو.
    ”اڙي هي ڇا....!؟“ دوست رڙ ٿو ڪري ۽ گڏوگڏ کلي ٿو.
    هن ڏٺو ته جذبن جي گهرائي ۽ لاشعوري طور تي هن پنهنجو هٿ دوست جي هٿ مٿان رکيو.
    ”اڙي ڀتر.....ڀتر.....تو ۾ شايد ڀتر جو روح واسو ڪري ويو آهي.“ سڀ کلن ٿا (ٽهڪن جا پڙاڏا.)
    (دوست! اهو به هڪ جذبو آهي. ڇهڻ به هڪ جذبو آهي. فرائڊ ڀلي چوي ته ڇهڻ سيڪس جي هڪ شعوري/ لاشعوري ڪوشش آهي. پر ڇهڻ پيار جي پالوٽ ۽ اندرينءَ محبت جو هڪ انتهائي خوبصورت احساس آهي.)
    ”پر توکي سهڻي ڇوڪرن ڏانهن ڇو ڪشش ٿيندي آهي.؟“
    (نه ڪو ائين ته ڪونهي. وهم اٿئي!)
    ”پر مونکي ته ڇوڪرين ڏانهن به ڪشش ٿيندي آهي!“
    ”پر اها نظر ته ناهي ايندي.!“
    ”هر شئي جو نظر اچڻ ضروري به آهي ڇا.!“
    ”ماڻهون ته ٻلي ماريندا آهن ته به وڏيون ڊاڙون هڻندا آهن.“
    ”اصل ۾ اهي جنسي ناآسودگيءَ جو شڪار هوندا آهن. هو انهن ڳالهين مان لذت وٺندا آهن. هنن ڪڏهن به ٻلي ناهي ماري هوندي.....ها باقي هنن ٻليءَ جا رانڀوٽا ضرور سٺا هوندا.“
    ”ڪٿي تون به جنسي طرح نا آسودو ته ناهين.؟“
    ”هر ماڻهون جنسي نا آسودو هوندو آهي....جنسي نا آسودگي جو علاج فقط پيار ئي آهي....عورت جو پيار.....۽ جن کي عورت جو مڪمل پيار نصيب ٿيندو آهي، اهي وري جنسي اور ڪانفيڊنس جو شڪار هوندا آهن.“
    ”جيئن تنهنجو هڪ دوست هو....جنهن جي ٽين اک هئي.“
    ”ان جهڙو جنسي طرح ناآسودو ۽ جنسي روڳي ته ٻيو ڪو هو ئي ڪو نه. هن جي جنسي نام آسودگيءَ ته سندس زال کي خود ڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪيو، هن وٽ فقط ڪهاڻيون هيون....جنسي ڪهاڻيون....هن کي ته خبر ئي نه هئي ته عورت جو پيار ڇا ٿيندو آهي!؟“
    ”ته پوءِ ان ڏينهن تو ڪهڙي دوست جي ڳالهه پي ڪئي.!؟“
    ”مون ته هڪئي دوست ڏٺو آهي. جنسي طور آسودو هو، هو چوندو آهي ته مونکي ٽرپل ايڪس فلم ڏسڻ جي ضرورت ڪونهي/ شوق ڪونهي.“
    ”خبر اٿئي ته هن کي اها آسودگي ڪٿان ملي.....بدصورتين کان. جنس جهڙي خوبصورت آسودگي.....هڪ خوبصورت شخص کي....جنهن جي پويان خوبصورتيون ڀڄنديون وتيون....انهي کي بدصورتيءَ مان ئي جنسي آسودگي ملي. هن مونکي ٻڌايو ته هڪ ڪاري عورت....جيڪا ڪاري رنگ جي ڪامپليڪس ۾ مبتلا هئي....تنهن کيس ايترو ته پيار ڪيو جو هن مان سڀ ڪامپليڪس ۽ هن جي ناآسودگيءَ جا احساس ئي ختم ٿي ويا.“
    ”واقعي!“
    (ڊگهي خاموشي.)
    ”تون لکندڙ آهين....هڪ ڳالهه ته ٻڌاءِ.....لکندڙ ڇوڪرن جا شوقين ڇو هوندا آهن.!؟“
    ”مرداني حسن جي پنهنجي ڏيا ۽ وجاهت هوندي آهي.....اهو سلسلو ازل کان هلندو پيو اچي....هر هنڌ....ڪن مذهبي صحيفن ۽ صوفياڻي شاعريءَ ۾ به محبوب جو تصور ان ڪرئي هوندو آهي....پوءِ جي ڪن ويچارن اهو ڏٺي جو شوق ڪيو ته مڙيئي خير آهي.“ (جسٽي فڪيشن سُٺي آهي!)
    پاسو ٿو ورائي، بخار سبب بي چيني وڌڻ جو احساس ٿو ٿيس.
    ”موسمون ڇو ٿيون بدلجن...؟“
    ”الائجي! پر منهنجي لاءِ ته فقط هڪ ئي موسم بدلجي ويندي آهي...پنجين موسم.....باقي چار ئي موسمون قائم آهن.“
    ”مون اندر جي موسم جي ڳالهه ٿي ڪئي.“
    ”شايد انهيءَ ڪري ته ماڻهوءَ کي گهربل پيار ناهي ملي سگهندو تڏهن...!“
    خاموشيءَ جو ڊگهو وقفو.
    ”پيار جو ملڻ ته منهنجي لاءِ سڄي زندگي روڳ رهيو آهي. اظهار ناهيان ڪري سگهيو...۽ اڳ جڏهن ڪيم ته انهي کي مذاق سمجهي ٺڪرايو ويو.“
    ”اڇا.!“
    ”هائو.!“
    ”هاڻ سمجهيم.“
    ”ڇا سمجهئي.؟“ چئيس ٿو.
    ”تنهنجي وصيت.....انهي جي اصليت....انهي جي پويان لڪل جذبو تون چاهين ٿو ته تنهنجا دوست لازمي طور تي توکي پيار سان دفن ڪندا.... انهن جي هٿن جي ڇهاءُ مان سڄي عمر حاصل نه ٿيندڙ پيار جي حسرت پوري ڪرڻ ٿو چاهين ائين نه!؟“
    (خاموشي.)


    هڪ ڏينهن جو نوحو

    هو ٿڪل ٿڪل قدمن سان هوريان هوريان هلندو، آفيس مان ٻاهر نڪتو، سندس ذهن تي پٽيوالي جا اهي لفظ سوار هئا، جيڪي اچڻ مهل هن کيس چيا هئا. ”هونءَ ته صاحب! منهنجي اکين تي اچي ويهو، پر توهان کي هن آفيس جي قاعدن ۽ قانونن جي ته خبر آهي.....هاڻي توهان آفيس لاءِ اجنبي بڻجي چڪا آهيون....!“
    هو سوچي ٿو. ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن هو هن آفيس ۾، هڪ ماهوار رسالي جو ايڊيٽر هو ته آفيس جو هر ماڻهو سندس اڳيان پويان پيو هلندو هو، نوان ۽ سيکڙاٽ اديب، پنهنجيون لکڻيون ڇپرائڻ لاءِ، هن جون تعريفون ڪندي نه ٿڪبا هئا. کيس چوندا هئا ته توهان جهڙو، محنتي ۽ ڄاڻو ماڻهو هن آفيس ۾ ٻيو ڪو آهي ئي ڪو نه! تنهنجي اچڻ سان رسالي کي چار چنڊ لڳي ويا آهن.
    پر هاڻي آفيس جي هر شئي، آفيس جا پٽيوالا، آفيس ۾ ساڻس ڪم ڪندڙ ٻيا دوست، هن لاءِ اجنبي ۽ هو انهن لاءِ اجنبي بنجي چڪو هو. جڏهن هو نوڪريءَ مان نڪرڻ کان هفتو پوءِ پنهنجي رهيل پگهار وٺڻ آفيس ويو ته آفيس جي در تي پٽيوالي کيس اهي لفظ چيا ۽ هو در تي ئي بيهي رهيو. ڪي گهڙيون ته بيٺو رهيو. پوءِ پٽيوالي کي چيائين، ”صاحب کي چئو ته همير آيو آهي، سندس رهيل پگهار کيس ملندي يا نه....!“
    پر پٽيوالو سندس اها ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري، در تي بيٺل ٻي همراهه سان ڳالهائيندو رهيو.
    ڪجهه گهڙيون ته هو بيٺو رهيو. هن وري به پٽيوالي کي چيو، پر ڪو به کڙ تيل نه نڪتو. ايتري ۾ اڪائونٽنٽ ايندو ڏٺائين، هن کيس پنهنجي رهيل پگهار جو چيو، پر هن به سندس ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي.
    ”ڇا ڪيان.....!؟“ هو پٽيوالي ۽ اڪائونٽنٽ جي رويي تي سوچي ٿو. ”ڇڏي ڏيان.....ٻن هزارن کي ڪير ٿو پُڇي....!“ پر گهڙي کن کان پوءِ وري خيال ٿو اچيس. ”بي روزگاريءَ جي حالت ۾ ٻه هزار ڇڏڻ پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻڻ جي برابر آهي...!“
    اهو سوچي هو ٻاهر اُس ۾ پيل ڪرسيءَ تي وڃي ويهي ٿو. گهڙي کن کان پوءِ، آفيس جو هڪ ٻيو ملازم جيڪو آفيس پئي ويو، کيس ٻاهر ويٺل ڏسي، وڌي اچي ساڻس ملي ٿو ۽ کانئس حال احوال وٺِ ٿو.
    ”يار حڪيم! اندر وڃين ٿو نه....جي رسول بخش هجي ته کيس ٻاهر موڪل......چئينس همير آيو آهي...“
    ”ٻيو ڪم هجي ته حاضر آهيان.“
    ”نه بس! رڳ رسول بخش کي موڪل!“
    ٿوري دير کان پوءِ رسول بخش اچي ٿو. ڏاڍي حب ۽ اڪير مان ساڻس ملي ٿو. ”ڇو همير! هتي ٻاهر ويٺو آهين؟.“ هو پڇيس ٿو.
    ”بس يار ائين ئي سيءَ هو. سو هتي اُس ۾ ويهي رهيس.“
    ”ٻيو ته خير آهي نه، پگهار ورتئي...!“
    ”نه يار! ان لاءِ ته آيو آهيان.....مهرباني ڪري صاحب کان پڇي ته ٻڌاءِ....“
    ”ها، هڪ منٽ ترس! اجهو ٿو پڇي اچان!“
    ائين چئي رسول بخش اندر وڃي ٿو. سوچي ٿو ماڻهن جي روين تي. ڪلهه تائين اهو پٽيوالو ۽ اڪائونٽنٽ سندس اڳيان پويان پيا ڦرندا هئا، ۽ اڄ هڪ خسيس ڪم لاءِ ڄڻ ليلائي پيو. کيس ياد آيو ته غير سنڌي رفيق پٽيوالي جي جڏهن زال بيمار ٿي هئي ته رفيق کانئس ڪجهه پئسا اُڌارا گهريا، ته هن پنهنجو سڄُو پگهار. کيس ڏيئي ڇڏيو هو. ان ڳالهه کي هڪ سال اچي ٿيو آهي. پر نه هن پاڻ پئسا واپس ڪرڻ جي ڪئي ۽ نه وري هن کيس واپس ڏيڻ لاءِ چيو. هو هر مهيني پگهار وارن ڏينهن تي کانئس اهي پئسا گهرڻ لاءِ سوچيندو هو، پر وري اهو سوچي نه گهرندو هوس ته، غريب آهي، شايد ڏيئي نه سگهي....ڀلا هن جي زور ڀرڻ تي ڏي به کڻي، ته پوءِ هن جو گذران ڪيئن ٿيندو...ٻن هزارن جي ڳالهه آهي. ڏکيو سکيو وقت پيو گذرندو، ڪنهن کي تنگ ڪرڻ ٺيڪ ڪونهي. اڄ اُن ساڳئي رفيق پٽيوالي جو رويو ڏسي، کيس سخت ڌچڪو لڳو. کيس پنهنجي دوست هالار جا اهي لفظ ياد آيا، جيڪي هن کيس نوڪري تان برطرف ٿيڻ کان پوءِ هڪ هوٽل تي چانهه پيئندي چيا هئا. ”همير! توکي پنهنجي اصل حيثيت جي خبر هاڻي پوندي. جو بيٺل جو هر ڪو آهي. پر ڪريل جو ڪير به ڪونهي.“
    ”همير! هليا اندر اچ!“ رسول بخش کيس سڏي ٿو. ڪريمي صاحب چوي ٿو، ته، ”ٿورو انتظار ڪيو. هيڊ آفيس مان پگهار گهرائي ٿو ڏيانءِ....!“
    ۽ هو ٻئي مٿي وڃي ويهن ٿا. ٿوري دير کان پوءِ رسول بخش کانئس گهڻي ڪم هئڻ جو چئي، موڪلائي ٿو ۽ هو اتي پيل اخبارون ڏسڻ لڳي ٿو.
    ڪجهه دير کانپوءِ هو اخبارون ڇڏي، اکيون پوري ڪرسيءَ تي آهلجي پوي ٿو ۽ هن جي ذهن جي اسڪرين تي آفيس ۾ گذاريل اڍائي سالن جي يادن جي ريل هلڻ شروع ٿئي ٿي.
    سندس ڪجهه لکڻيون، جيڪي رسول بخش پنهنجي رسالي ۾ ڇپيون هيون. پڙهندڙ، کي ايترو ته وڻيون، جو ڪريمي صاحب رسول بخش کي سندس ڳوٺ موڪلي کيس گهرائي پنهنجي اداري جي هڪ مئگزين جي ايڊيٽوريل بورڊ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ چيو ۽ رسول بخش تي اهم ڪم رکيائين ته هو کيس هر حال ۾ بورڊ ۾شامل ٿيڻ لاءِ راضي ڪري. جنهن ۾ پوءِ هو رسول بخش سان صلاح ڪري، ڪافي سوچ ويچار کان پوءِ شامل ٿيو هو. پوءِ هو ڏينهن رات محنت ڪندو رهيو. کيس اداري جي مختلف رسالن ۽ اخبارن جي صفحن جون ذميواريون ڏنيون ويون، جيڪي هو ڪاميابيءَ سان نڀائيندو رهيو. نيٺ گذريل مهيني کيس ايڊيٽر جي عهدي تي ترقي ڏني ويئي، جيڪا ڳالهه هن اداري ۾ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن لاءِ حيرت جو باعث هئي، ۽ هو اهو سوچي به نه ٿي سگهيا.
    پر هو هڪ آدرشي ۽ فقيرتن ماڻهو هو، عهدا هن جي نظر ۾ اچڻا وڃڻا هئا. هن وٽ عهدن جي ڪا به اهميت نه هئي، پر سندس اڳيان اصل اهميت انساني جذبن جي هئي. هن عهدي جي آڌار تي ڪنهن جا جذبا قتل ڪرڻ نه ٿي چاهيا. ان حد تائين جو هو پنهنجي نائب کي رڳو ان ڪري ڪو ڪم نه وٺندو هو. جو هن کي سزا طور بدلي ڪري سندس هيٺان رکيو ويو هو ۽ هو ان سزا سان سهمت نه هو. ۽ هو فل فليج هوندي به هر ڳالهه ۾ پنهنجي نائب نثار جي گهڻي رکندو هو ۽ پنهنجا فيصلا بدلائي نائب جي فيصلن کي اهميت ڏيندو هو. رڳو ان ڪري ته هن پنهنجي نائب جي ان احساس کي ختم ڪرڻ ٿي چاهيو ته سندس ڪا به اهميت ڪونهي ۽ وڏي ڳالهه ته هو جذبن جي قتل جو قائل نه هو. هن جي نظر ۾ جذبن جو قتل ”مهاپاپ“ هو. کيس خبر هئي ته، جذبا قتل ٿي وڃڻ کان پوءِ ماڻهو ماڻهپي ۾ نه رهندو آهي.
    پنهنجي نائب سان اهو رويو ڏسي سندس دوست کيس ٽوڪيندا هئا. ته تنهنجو نائب نثار دوستي جي روپ ۾ ڪارو نانگ اٿئي، وجهه ملندس ته ڏنگي وجهندئي ۽ کيس نائب جي ڪيترين ئي حرڪتن جا مثال به ڏنائون. پر هو اهو چئي دوستن کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته ”ٺيڪ آهي، هو ڇا به آهي، سندس ذهنيت ڪيتري به سازشي ڇو نه هجي، پر هو هن جو نائب آهي ۽ نائب کي تنگ ڪرڻ يا اهميت نه ڏيڻ سندس اصولن جي ابتڙ آهي.“
    جنهن ڏينهن هن چارج ڇڏي ته اول هو پنهنجي نائب کي ڪرسي ڏني ۽ پوءِ ٻيو سامان سندس حوالي ڪيو. هن ڏٺو ته هو من ۾ ڏاڍو سرهو هو ۽ هو به نائب جي، جيڪو هاڻ سندس جاءِ تي انچارج هو. تنهن جي خوشيءَ تي خوش هو. جو هن جي نوڪري وڃڻ سان ڪنهن جي اندر جي خواهش پوري ٿي ۽ سندس خوشي نکرجي پئي هئي. اها خوشي هن کي سڪون بخشي رهي هئي. هفتو اڳ جڏهن هڪ مضمون لکڻ ۽ ڇپڻ جي ڏوهه ۾ آمريتي سرڪار جي سخت اعتراض تي، کيس بنا ڪنهن نوٽيس جي ڪڍيو ويو ۽ چارج وٺڻ مهل سندس نائب نثار کانئس پڇيو هو. ”همير صاحب! ڀلا ڊائريڪٽر صاحب سان ملاقات ۾ وري اچڻ جو ڪو آسرو مليو يا نه....“ هن سوال تي نائب ڏانهن ڏٺو. جڏهن هن جون اکيون پنهنجي نائب جي اکين سان مليون ته هو ان سوال جي تهه تائين پهچي ويو ۽ کلندي وراڻيو هئائين. ”ها! هڪ مدو مقرر ڪيو اٿن، تنهن کان پوءِ وري موٽي اچبو.....جيسين گوڙ ختم ٿئي.“
    هن ڏٺو ته سندس ان جواب تي نائب جو ٻهڪندڙ منهن هڪدم ڪومائجي ويو ۽ هن کي بيحد ڏک ٿيو. جو هن جو جواب، نائب جي اندر ۾ ٻرندڙ خوشيءَ جي ديپن کي، ڦوڪ ڏيئي اجهائي ڇڏيو هو.
    هن جي ذهن جي اسڪرين تي هلندڙ فلم جو هڪ ٻيو پارٽ شروع ٿيو. جڏهن نثار ۽ ابرار گڏجي مرتضيٰ کي نوڪريءَ مان ڪڍرائڻ يا کيس ٻي شعبي ۾ بدلي ڪرائڻ جي رٿا رٿي هئي. ۽ مرتضي جي ڪم کان ناڪام قرار ڏيئي، هو ٻئي صاحب وٽ پنهنجو منصوبو کڻي ويا هئا ته کين مرتضيٰ وارو پراجيڪٽ ڏنو وڃي. صاحب بس ٻڌندو ئي رهيو ۽ معاملي جي تهه تائين پهچي، کين سوچڻ جو چئي ٽاري ڇڏيو هئائين.
    پوءِ هنن ٻنهي ساڻس رابطو ڪيو ۽ کيس چيو ته هو ان معاملي ۾ هنن جو ساٿ ڏئي جيئن هو مرتضيٰ کان اهو پراجيڪٽ کسي سگهن.....کيس اهو به ياد ڏياريائون ته مرتضيٰ سندس دوست هالار کي نوڪريءَ مان ڪڍائي، پنهنجي دوست بخاريءَ کي ان جي جاءِ تي رکايو هو.
    پهرين ته هو ساڻن ساٿ ڏيڻ تي راضي ٿي ويو هو، پر پوءِ سوچيائين، ”جيڪڏهن آئون رڳو ان ڪري هنن جو ساٿ ڏيان، جو مرتضيٰ منهنجي دوست هالار کي نوڪريءَ مان ڪڍرايو آهي.....اهو ته ذاتي بدلو ٿيندو. پر مجموعي طرح ڏٺو وڃي ته نثار کان وڌيڪ مرتضيٰ اهو پراجيڪٽ هلائڻ جي اهل هو ۽ هو ڪنهن اهل ماڻهو کي ڪڍرائڻ جي سازش ۾ ڪنهن نا اهل ماڻهوءَ سان شامل ٿئي، اهو عمل اخلاقي لحاظ کان غلط هو. ڪاغذن ۾ پلان ٺاهڻ ۽ ان کي عملي طرح پورو ڪرڻ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي....۽ ٻيو ته نثار جنهن پراجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيو آهي. اهو اداري جي سڀني پراجيڪٽن کان وڌيڪ ناڪام وڃي رهيو آهي.....۽ هو پنهنجي ناڪاميءَ کي لڪائڻ لاءِ ٻي جي ڪاميابيءَ سان هلندڙ پراجيڪٽ تي راتا هو هڻڻ ٿو گهري، سو به، پنهنجي روايتي سازشي طبيعت جي آڌار تي....۽ هو ٻئي سندس ڪلهي تي بندوق رکي هلائڻ ٿا چاهين....۽ پوءِ هن ساڻن شامل ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ هنن ٻنهي جي منهن لهي ويا هئا.
    ڪجهه وقت کان پوءِ هن جو اندازو صحيح ثابت ٿيو. نثار کي، سندس پراجيڪٽ کي ناڪام قرار ڏيئي. ان پراجيڪٽ تان هٽائي، سندس نائب مقرر ڪيو ويو ۽ هن کي ترقي ڏيئي ايڊيٽر ڪيو ويو.
    ڏاڪڻ تي ڪنهن جي چڙهڻ جي آواز، سندس ذهن جي اسڪرين تي هلندڙ فلم کي اڌ ۾ ڪٽي ڇڏيو. هو سامهون در ڏانهن نهاري ٿو. شايد پٽيوالو پگهار کڻي پيو اچي، پر در کلڻ سان کيس پنهنجي نائب نثار جو چهرو نظر آيو، جيڪو هاڻ سندس جاءِ تي مقرر هو.
    ”هيلو همير صاحب! ڪهڙا حال اٿو!“ هن کي اتي ويٺل ڏسي نثار توائيءَ مان پڇي ٿو.
    ”بس ٺيڪ آهيان!“ هو جواب ڏيڻ سان گڏ اٿي بيهي ساڻس هٿ ملائي ٿو ۽ گڏوگڏ هن جي چهري جا تاثرات پڙهڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. جنهن انداز سان ڏاڪڻ تي پيرن جي ٿڦ ٿڦ پي ٿي، ان مان لڳو ٿي ته هو بيحد خوشيءَ مان مٿي اچي رهيو هو ۽ هينئر هن جي منهن مان ڳوٺ ئي لڏي ويو هو. ”نثار صاحب آئون پنهنجو رهيل پگهار وٺڻ آيو آهيان.“ هن چيو ۽ ڏٺائين ته نثار جي منهن جي رونق موٽڻ شروع ڪيو.
    ”وقت ڪيئن پيو گذري.“
    ”تنهنجي دعا آهي. “
    ”صاحب سان ملاقات ٿي يا اوهانجي واپسي جو ڪو آسرو.؟“ نثار پڇيس ٿو. پهرين سوچي ٿو ته وراڻيانس، بس هفتي کانپوءِ ٻيهر اچان پيو پر وري سوچي ٿو ته ان سان هن جي منهن مان ٻيهر ڳوٺ لڏي ويندو. هو چويس ٿو: ”نه في الحال ان موضوع تي ڪچهري نه ٿي.“
    پوءِ خاموشي ڇائنجي وڃي ٿي، هو نثار ڏانهن ڏسي ٿو جيڪو ميز جو خانو کولي رهيو هو. هن محسوس ڪيو ته هٿ هن جو ساٿ نه پيو ڏي. هو اتان نظرون هٽائي دريءَ کان ٻاهر ڏسڻ ٿو لڳي ۽ ڪافي دير ڏسندو رهيو، ان وچ ۾ هن محسوس ڪيو ته نثار هر ٻي گهڙي، هن ڏانهن چور نظرن سان ٿي ڏٺو.
    ٻاهر نهاري جڏهن ٿڪجي ٿو ته هو نثار کي چئي ٿو ”يار نثار پٽيوالي کي گهراءِ ۽ چوينس ته صاحب کان پڇي ته منهنجي پگهار جو ڇا ٿيو؟“
    ”ها ها.......ڇو نه!“ ائين چئي نثار هٿ وڌائي گهنٽي وڄائي. گهڙي کن کانپوءِ رفيق پٽيوالو آيو.
    ”رفيق چاچا!.....صاحب کان پڇو ته همير صاحب جي پگهار جو ڇا ٿيو؟“ نثار چويس ٿو.
    ”حاضر صاحب....!“ ائين چئي پٽيوالو هليو ٿو وڃي ۽ هو وري دري کان ٻاهر ڏسڻ ٿو لڳي......۽ ائين هو ڪافي دير تائين دري کان ٻاهر ڏسندو رهيو. سندس ذهن خالي ٿو ۽ سندس نظرون سامهون مسجد جي منارن تي کتل هيون.
    ”ڪافي دير ٿي ويئي آهي.....ڪو جواب ئي نه مليو آهي.“ هو ڀڻڪي ٿو ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ ٿو لڳي.”هن آفيس ۾ ڪافي يار دوست آهن ۽ هن وقت سڀ موجود هوندا، ڪو ته اچي کانئس حال احوال وٺي ها....کانئس پڇي ها ته همير هاڻ ڇا پيو ڪرين.....ڪهڙا حال اٿئي.....رسول بخش کي به ٻه ڪلاڪ ٿيا آهن هيٺ ويندي.......متان هو اهو سوچي نه آيو هجي ته ايتري دير ۾ همير پگهار وٺي هليو ويو هوندو.“ سوچون هن جي ذهن جي ڪئنواس تي اچڻ ۽ وڃڻ لڳن ٿيون، هو وري نثار ڏانهن ڏسي ٿو ۽ کيس ٻيهر گهنٽي وڄائي پٽيوالي کي گهرائڻ لاءِ چوي ٿو.
    ”رفيق چاچا......صاحب کان پڇ ته منهنجي پگهار جو ڇا ٿيو؟ ۽ ها رسول بخش ۽ يعقوب کي مون ڏانهن موڪلج!“ هو گهنٽي جي آواز تي آيل پٽيوالي کي چئي ٿو، ”ها صاحب....!“ چئي پٽيوالو ويو ته هو وري دري کان ٻاهر ڏسڻ ٿو لڳي.....هو نثار جي بدليل رويي تي سوچڻ ٿو لڳي. اڳ ته جيتري دير ويٺا هوندا هئاسين، هو هروڀرو مونسان ڪنهن نه ڪنهن موضوع تي ڳالهائيندو رهندو هو، پر اڄ الائجي ڇو ايترو بدلجي ويو آهي، کيس شايد ڊپ آهي ته متان آئون ٻيهر موٽي نه اچان، هن سوچيو ته کيس ٻڌايان ته في الحال منهنجي اچڻ جا ڪي به امڪان نه آهن ۽ تون دل لڳائي ڪم ڪر. پر هو چئي نه سگهيو ”همير صاحب! مون رسول بخش کي چيو آهي ۽ هو معلوم ڪرڻ صاحب ڏانهن ويو آهي....باقي يعقوب صاحب چوي ٿو ته ڪو ڪم هجي ته ٻڌائي واندو نه آهيان.....“ پٽيوالي مٿي ايندي چيو.
    ”ٺيڪ آهي!“ هو وراڻي ٿو. يعقوب جي نه اچڻ ڄڻ کيس ابتي لپاٽ وهائي ڪڍي هجي. هو سڄو وسامي وڃي ٿو......خواهه مخواهه يعقوب کي سڏايم.....کيس خبر هئي ته آئون آيل آهيان. جي اچڻو هجيس ها ته پاڻهي اچي ها.....خواهه مخواهه نثار جي سامهون بي عزتي ٿيم. هو سوچي ٿو.
    ”همير گهڙي کن ويهه بس اجهو همراهه پئسا کڻي ٿو اچي.“ رسول بخش در مان منهن ڪڍي چئي وري هليو ٿو وڃي. هو وري به نثار ڏانهن ڏسڻ لڳو، جنهن جي اندر جي آنڌ مانڌ ۽ هورا کورا سندس منهن مان پڌري هئي. هو هر هر خانو کولي ۽ بند ڪري رهيو هو. من ۾ اچيس ٿو هليو وڃان.......ڇڏ کڻي ٻن هزارن کي.....خواهه مخواهه منهنجي ڪري همراهه جو ساهه ئي سُڪو پيو آهي.. وري ٻي گهڙي کيس بي روزگاريءَ جي رڃ ياد ٿي اچي ۽ هو اهو خيال ذهن مان ڪڍي ٿو ڇڏي.
    ”اچو همير صاحب هيٺ پگهار وٺو!“ پٽيوالو در کولي کيس چئي ٿو ۽ هو جهڙپ ڏيئي ٿيلهي کڻي اٿي ٿو ۽ بنا ڪجهه ڪڇڻ پڇڻ جي هيٺ وڃي ٿو ۽ صاحب جي روم جو در کولي اندر گهڙي ٿو. کيس ڪريمي صاحب باٿ روم جو در کولي اندر ويندو نظر آيو. هو هلندو ڊگهي ميز جي سامهون بيهي ٿو. هڪ پاسي اڪائونٽنٽ ۽ ٻي پاسي صاحب جو پي اي ويٺو هو. ٻنهي مان ڪنهن هڪ اک کڻي به هن ڏانهن نه ڏو. هن کي ايندو ڏسي اڪائونٽنٽ پي اي کان پڇي ٿو. ”همير صاحب جا گهڻا ڏينهن آهن.؟“
    ”28 ڏينهن!“ پي اي ڪنڌ کڻڻ کان سواءِ وراڻي ٿو.
    ”ٻن ڏينهن جو پگهار ڪٽبو!“ اڪائونٽنٽ ڀڻڪي ٿو. هو ڪابه ورندي نه ٿو ڏي.
    اڪائونٽنٽ ٿوري دير ڪلڪيوليٽر تي حساب ڪندو رهيو ۽ پوءِ ٿيلهي مان پگهار ڪڍي ٻن ڏينهن جو ڪٽي کيس ڏيئي ٽڪلي تي صحيح ڪرڻ لاءِ چوي ٿو. هو صحيح ڪري در کولي ٻاهر نڪرڻ لڳو ته اوڏي مهل باٿ روم جو در کليو ۽ کيس ڪريمي صاحب اتان نڪري ڪرسيءَ طرف ويندو نظر آيو.
    هو هوريان هوريان ڪنهن کان موڪلائڻ کانسواءِ هلندو آفيس کان ٻاهر نڪتو، سندس ذهن ۾ رفيق پٽيوالي جا لفظ ٻري رهيا هئا،” توهان کي آفيس جي قاعدن جي ته خبر آهي....هاڻ توهان آفيس لاءِ اجنبي بنجي چڪا آهيو.“

    ***


    شڪست

    هو گذريل اڌ ڪلاڪ کان لڳاتار ان ٻُڏتر ۾ هو ته کيس چوان ته ڪيئن چوان. هڪ ته ساڻس جنهن بي رخيءَ سان مليو هو، تنهن سندس همت ٽوڙي ڇڏي هئي. مٿان وري هو جيئن ئي هڪ ڪيس جو فائيل کڻي پڙهڻ ويٺو تيئن لڳاتار اهو پڙهندو ۽ ان جا نوٽس وٺندو رهيو هو. ان وچ ۾ فقط هڪ ڀيرو هن ڪنڌ مٿي کڻي، نظر واري چشمي کي اکين تان هٽائيندي، اکيون مهٽيندي پڇيو هو.
    ”ڏي خبر......ڪيئن اچڻ ٿيو......چانهه پيئندين!؟“
    ”نه! بس ائين ئي!“ هن وراڻيو هو.
    پوءِ وري به هو عينڪ پائي فائيل پڙهڻ مشغول ٿي ويو. ڪافي دير کانپوءِ هن کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو ته ان مهل کيس ڇو نه چيائين ته هو وٽس هڪ اهم ڪم سان آيو آهي. جيتوڻيڪ کيس، سندس رويي تي بي حد ڏک به ٿي رهيو هو. هڪ ته هو ساڻس نهايت بي رخيءَ سان مليو هو. مٿان وري کيس ڪا به اهميت نه ڏني هئائين، پر پوءِ به هو اهو سوچي مطمئن رهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو ته: ٿي سگهي ٿو، کيس سڀاڻي ڪورٽ ۾ ڪو اهم ڪيس اُڪلائڻون هجي. ان سلسلي ۾ کيس اهو فائيل هر حالت ۾ اک مان ڪڍڻون هجي.
    ”پر پوءِ به، آئون جو گذريل هيتري دير کان ويٺو آهيان ته لازمي ڪو ڪم ئي هوندم، مون کان پُڇي ڇو نه ٿو؟“ هو دل ئي دل ۾ دليلبازي ڪري ٿو، ”پڇيو ته هئائين!“
    ”پر منهنجو جواب ٻڌڻ بنائي، ڪنڌ جهڪائي وري پڙهڻ کي لڳي ويو هو.“
    ”ڪٿي ائين ته ڪونهي. هو مون مان جند ڇڏائڻ ٿو چاهي. جيئن آئون ويهي ويهي ٿڪجي بيزار ٿي هليو وڃان.”
    اڳ به ڪافي دوستن کان هن اهڙيون ڳالهيون ٻڌيون هيون ته رضا صاحب جڏهن کان نوڪري ڇڏي وڪالت جو پيشو اختيار ڪيو آهي. تڏهن کان سندس روين ۾ ڪافي تبديلي اچي وئي آهي. پر هن ڪڏهن به انهن تي اعتبار نه ڪيو، هو کين چوندو هو ته سرڪاري نوڪري ٻي ڳالهه آهي، جنهن ۾ محنت ۽ پٽ کوهه گهٽ ڪرڻي ٿي پوي. پر ان جي ڀيٽ ۾ وڪالت ڪافي محنت طلب ۽ گورک ڌنڌو آهي، جنهن ۾ ماڻهو ڪورٽن جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي ٿو پوي، ممڪن آهي ته اوهين جنهن مهل رضا صاحب وٽ ويا هجو، ان مهل هو بي حد ٿڪل هجي ۽ اوهين سندس ان ٿڪاوٽ کي سندس رويي سان ڀيٽيندا هجو.
    پر هاڻ کيس ائين محسوس ٿي رهيو هو ته واقعي به دوستن جون ڳالهيون صحيح آهن. گذريل ڪيتري دير کان هو جنهن سائين علي رضا جي توقع ڪري رهيو هو، هي سائين علي رضا ته ان جي بلڪل ابتڙ هو.
    کيس ياد ٿو اچي ته سائين علي رضا ،جنهن کي سڀ احترام وچان ”سائين“ چوندا هئا، تنهن سان سندس واسطو گذريل تيرنهن چوڏهن سالن کان هو. هو سندس بي حد ويجهو به رهيو هو. ڪيترن ئي اهم سفرن ۽ معاملن ۾ به سائينءَ سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هليو ويو. سائين به کيس سندس ايمانداري ۽ سادگي جي ڪري نه رڳو ڀائيندو هو، پر سندس ڪافي همت افزائي به ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته ائين به محسوس ٿيندو هو ته سندس زبان مان نڪتل لفظ سائين علي رضا جي ئي نمائندگي ڪن ٿا. ۽ اڪثر سنگتي کيس ٽوڪيندا هئا ته تون ”سائين“ جو ”اسپوڪمين“ بنجي ويو آهين.
    هاڻ هو ڪيتري دير کان ويٺو رضا صاحب جي رويي سان گڏ پنهنجو پاڻ تي به سوچي رهيو هو، ته ڪٿي کانئس ڪا اهڙي غلطي ته ناهي ٿي، جنهن سبب رضا صاحب مٿس ناراض هجي، پر کيس ڪا به اهڙي ڳالهه ياد نه ٿي اچي.
    کيس ياد ٿو اچي ته ڪجهه مهينا اڳ به هو رضا صاحب وٽ چڪر هڻڻ آيو هو. هو جڏهن به پريشان يا غمگين ٿيندو هو ته سائين علي رضا وٽ هليو ايندو هو ۽ سندس شخصيت جي بَڙ جهڙي گهاٽي ڇانوَ ۾ ڪجهه گهڙيون ويهي، تازو توانو ٿي موٽي ويندو هو. اُن ڀيري کيس محسوس ٿيو هو ته سائين علي رضا جو رويو مڙيئي آگ لاهڻ وارو هو. هن اهو به محسوس ڪيو هو ته ”سائين علي رضا“ جي چؤياري ۾ ويٺل همراهه اهي علم و ادب، راڳ و رنگ وارا باذوق نه پر بلا جا مئي نوش هئا. ان ڀيري جڏهن هو کانئس موڪلائي اٿيو هو ته هن جو اندر خالي خالي هو ۽ هن گهر اچي پنهنجي ڊائري ۾ لکيو هو. ”مونکي ائين ٿو لڳي ته منهنجي آخري پناهه گاهه سائين علي رضا به هاڻ بدلجي ويو آهي.“
    پر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ اتفاق سان ڪنهن شاديءَ جي تقريب ۾ جڏهن سندس سائين علي رضا سان ملاقات ٿي هئي ته هن کيس سٺي موڊ ۾ ڏسي کلندي چيو ”سائين! مونکي لڳي ٿو، اوهين ڪافي بدلجي ويا آهيو.“
    سندس ان شڪايت تي سائين علي رضا ڪافي وضاحتون ڪيون هيون ۽ ان کي سندس غلط فهمي قرار ڏنو هو، پر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هن محسوس ڪيو ته سندس رويا ٻيهر ساڳيا ٿي ويا آهن.
    هڪ ڀيري جڏهن سندس هڪ ڪلائنڊ ويٺو هو ته هو سندس آفيس ۾ گهڙي ويو هو، پر هو ساڻس ايتري ته بي رخيءَ سان مليو هو، جو هن جي بدن تي ڄڻ ماڪوڙيون سُرڻ لڳيون هيون ۽ هو جهٽ کن ويهي اٿي آيو هو. ٻاهر اچي هن ائين محسوس ڪيو هو، ڄڻ هو مينهن وسڻ کانپوءِ، جڏهن هوا بند ٿي ويندي آهي ۽ گهٽ ۽ ٻوسٽ پيدا ٿي ويندي آهي ۽ پوءِ ساهه ٻوساٽجڻ لڳندو آهي. اهڙي ماحول مان نڪري ٿڌيري ۽ فرحتي هوا ۾ پهچي ويو هجي.
    پر اهي سڀ ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي، پر هينئر هو جنهن ڪم سان آيو هو. اهو ايترو ڪو اهم به نه هو، هو جيڪڏهن چاهي ها ته ڪنهن ٻي دوست هٿان سندس اهو ڪم ٿي پي سگهيو، پر الائجي ڇو، هن ان ڪم جي لاءِ سائين علي رضا وٽ وڃڻ ئي مناسب سمجهيو، سبب شايد اهو هو ته کيس پڪ هئي ته هو کيس زبان مان ٻيو لفظ ڪڍڻ ئي نه ڏيندو، اها به سندس مجبوري هئي، نه ته هو ڪنهن جي اڳيان هٿ ٽنگڻ کي سدائين عيب سمجهندو رهيو هو. هو بي حد خوددار شخص هو. پر اڄ سندس اڪيلو ۽ سڪيلڌو پُٽ بخار ۾ ٻن ڏينهن کان ٿڙڪي رهيو هو ۽ هن وٽ سندس علاج واسطي هڪ پئسو به نه هو.
    ”سائين؟ ڪهڙا حال آهن!؟“ هڪ اڻڄاتل آواز هن کي خيالن مان ڪڍي حقيقي دنيا ۾ آندو.
    ”ٺيڪ! ٻڌائي....ڪيئن اچڻ ٿيو؟“ رضا صاحب، ڪنڌ مٿي کڻي مرڪندي ايندڙ کي سوال جو جواب ڏنو.
    ”هتان لنگهڻ ٿيو، ڏٺم توهان ويٺا هئا....چيوسين توهانکي سلام ڪندا وڃون....هونئن به هاڻ اوهان الائجي ڇو اسان کان ڪاوڙيل آهيو؟“
    ”نه نه ڪاوڙ ڇاجي؟“
    ”تڏهن ته رات اوهان اڪيلو ويٺي پيتو.....دريءَ مان هلڪي روشني ته آئي پي....آئون مال پاڻ سان کڻي آيو هئس.....پر در بند ڏسي سمجهيم ته متان منهنجي موجودگي ڪباب ۾ هڏي نه بنجي وڃي.....پوءِ واپس هليو ويس.“ ايندڙ همراهه مرڪندي شڪايتي لهجي ۾ چيو.
    ”خير محمد جو موڊ هو ته اڄ اڪيلو ويهي ڊرنڪ ڪجي....ٻيو ته دوست هاڻ ڏاڍو تنگ ٿا ڪن....“
    ”اسين پنهنجو شيئر ڏيڻ لاءِ تيار آهيون....اهڙي ڳالهه هجي ته چوندا ڪريو!“
    ”ٺيڪ آهي، پوءِ ڀلي هليا اچو؟“
    ”ڏسان ٿو، جي مال آهي ته پوءِ موٽي ٿو اچان.....”ايندڙ همراهه اُٿندي چيو.
    ”صحيح!“
    هو هليو ويو ته هن ٻيهر رضا صاحب ڏانهن ڏٺو. هو وري فائيل ۾ گم ٿي ويو ”چوانس!“ هن جي سوچن ڀڻڪو ڪيو. جي وري ٻيو ڪير اچي ويو ته پوءِ موقعو ئي نه ملندو. اهو سوچي هن هٿ هوريان هوريان سائين ڏانهن وڌائي ڄڻ ٻاڏائڻ واري انداز ۾ چيو ”سائين.........منهنجو هڪڙو ننڍڙو ڪم آهي.“
    ”ها......ٻڌائي.!“
    ”سائين مونکي ڪجهه پئسا کپن!“ هو اکيون پوري چئي ٿو ڏي. رضا صاحب، فائيل مان اکيون ڪڍي هن ڏي ڏسي ٿو، ڄڻ ننڊ مان ڇرڪ ڀري اٿيو هجي.
    ”يار! اڄڪلهه پئسا صفا ڪونهن، خرچ وڌي ويا آهن، رٽائر مينٽ کانپوءِ ڪافي دوستن پئسا اُڌارا ورتا، پر اڃا واپس نه ٿيا آهن.....ٻيو ته اڄڪلهه خير محمد به ايم.ايڊ پيو ڪري.....سندس پگهار به بند آهي. ان کي به خرچ مونکي ٿو ڏيڻو پوي.“ رضا صاحب يڪساهيءَ چئي ويو.
    ”پر سائين، مونکي تمام ٿورا پئسا گهرجن. فقط پنج سؤ رپيا....“
    ”پنج سؤ ڪا وڏي ڳالهه ڪونهي...... ٻڌايم پي ته گاڏيءَ جي قسط به ڏيئي نه سگهيو آهيان....ڀلا چانهه هلندي.....“
    هن جي ها يا نه ڪرڻ کان اڳ، هو چانهه چوڻ لاءِ اٿيو. هي پنهنجو پاڻ تي ڦڪو ٿيڻ لڳو. ڄڻ بازار جي وچ ۾ ڪنهن کيس ننگو ڪري ڇڏيو هجي. کيس رضا صاحب جي رُکي جواب ۽ وضاحتن تي ڏک ٿيڻ لڳو.
    ”اڄڪلهه ٻيون ڪهڙيون مصروفيتون آهن....؟“ رضا صاحب ڪرسيءَ تي ويهندي پڇيو ۽ گڏوگڏ فائيل هيٺ مٿي ڪرڻ لڳو.
    ”بس سائين، اها انڌي اهو جنڊ!“
    ”ماستري هلي پيئي؟“
    ”هائو.....“
    ”اسلام عليڪم!“ هن جو جملو اڌ ۾ رهجي ويو.
    ”وعليڪم السلام“
    ”واهه سائين واهه! اوهان به واهه جي ڪئي.......رات اڪيلائي اڪيلا.....اڄ ته وهنجنداسين.....“
    ”هي هي هي.....!“
    ”پوءِ ڪڍو ڀلا.....“ايندڙ همراهه ناز مان هٿ ڦهلائيندي چيو.
    ”عطولي اچي ٿو....هو هينئر اٿي ويو آهي.....“
    ”مونکي مليو هو.....مون کانئس ورتا آهن.“ ايندڙ همراهه ڏند ٽيڙيندي وراڻيو.
    ”اڄ پروگرام نه ڪجي نه ڪر چڱو.“
    ”اڄ ته ٿيندو.!“
    ”يار ڏس نه.......!“
    ”سائين! ڏس ٻس نه....اڃا ڪالهه اوهانکي ڏهه هزار مليا آهن رات اوهان خير محمد سان محفل ڪئي...باقي اسان ڇٽاسين.“
    ”چوين ٿو ته ٺيڪ آهي.....باقي سچ ته اڄ صفا موڊ ڪونهي.“
    اهو چئي هن پاسيري کيسي ۾ هٿ وڌو ۽ پنج سئو جو نوٽ ڪڍي. ايندڙ همراهه جي هٿ تي رکندي چيو:
    ”مرغي ته تون ٺهرائيندي نه!“
    ”سڀ بندوبست آهي!“
    اهو سڀ ڏسي، هن کي سخت جهٽڪو لڳو. هن ائين محسوس ڪيو ته رضا صاحب وٽ سندس سڀني سچائين، محرومين ۽ مجبورين جي اهميت هڪ پئگ کان به گهٽ آهي.

    دڙو _ 14 جنوري 1998ع


    نه وڃڻ جو پڇتاءَ!

    پهرين ته هو ويو ئي ڪو نه. سوچيو هئائين گذريل ڀيري به ڪيتري نه سختي هئي، پر تنهن هوندي به ڪيترائي ماستر ڪو نه آيا هئا. انهن جي جاءِ تي ٻين کي کڻي ڇڏيو هئائون. ۽ جيڪي نه آيا هئا. تن کي ڪجهه به ڪو نه چيو ويو، ۽ هينئر ته ان جي ڀيٽ ۾ سختيءَ جو نالو نشان به ڪونهي. پاڻهي هن جي جاءِ تي ڪو ٻيو کڻي ڇڏيندا. البت هن ايترو سو ضرور ڪيو هو. جو جنهن ڏينهن کيس اچڻ جو سڏ ٿيو هو. انهيءَ ڏينهن سرڪاري اسپتال جي واقف پرچي ڪلارڪ کان پنجين روپين واري پرچي ڪڍرائي، ڊيوٽي تي موجود هڪ ڊاڪٽر کي ڏيکاريو هئائين. جيتوڻيڪ کيس ڪا به بيماري وغيره نه هئي، پر اهو انهيءَ ڪري ڪيائين ته جي ضرورت پئي ته نه اچڻ جي بهاني طور بيماري جو سرٽيفڪيٽ پيش ڪري ڇڏجي.
    هونئن به انهن ڊيوٽين مان فائدو به ڪهڙو. ٻه ڏينهن سڄا سارا ذليل ٿيڻون ٿو پوي. پهرينءَ ڏينهن وڃي ڏٻا، بيلٽ ۽ باڪس کڻي پولنگ اسٽيشن تي پهچ ۽ رات ڪنهن ٻهراڙي ۾ مڇرن جي آزار ۾ گذاري. پوءِ جي ڪنهن ڳوٺاڻي کي ڪهل آئي ته ماني ٽڪر به ملندو، جي نه ته بکيو اُڃيو، ٻي ڏينهن پولنگ ڪرائي، سڄو ڏينهن ٻهراڙي جي مآڻهن سان مٿو هڻي، شام جو ڳڻپ ڪري، ساڳيو ئي سامان ڍوئي، واپس مرڪز تي اچي، رپورٽ حوالي ڪرڻ سان ئي جند ڇٽندي، وري ملندو ڇا، اهي ئي پوڻا ٻه سئو روپيا.
    گذريل ڀيري به جڏهن اهو پوڻا ٻه سئو روپيا معاوضو وٺڻ ويو هو ته پهرين ڪلارڪ ويٺو رهيو. ڪلاڪ کن کانپوءِ ڪلارڪ کيس پنجين سئين رپين جو نوٽ کليو وٺي اچڻ لاءِ چيو. جڏهن هو کليو وٺڻ جي ٻاهر نڪتو هو ته ڪلارڪ پويان هڪل ڪري چيو هئس، ”ماستر! ٻه پان ته وٺيو اچجئين!“
    پئسا کليا ڪرائي ۽ پان وٺي موٽيو ته ڪلارڪ هن کي هڪ سئو چالهه روپيا ڳڻي ڏنا.
    ”ڇو سائين!؟“ هن پڇيو هو.
    ”پنجويهه روپيا ٽڪلين جا ۽ ڏهه روپيا پان! ڇو ناراض آهين ڇا؟“ ڪلارڪ وراڻيو.
    ”نه سائين! سڀ پئسا اوهين ئي کڻو، ناراضگي وري ڇاجي!“
    ائين هو پوڻن ٻن سون جي جاءِ تي هڪ سئو چاليهه روپيا وٺي موٽيو هو. تنهن ڪري هن ڀيري پهرين ته هو لنوائي ويو هو، پر ڪلهه کان وٺي سندس گهر ۾ محشر متو پيو هو، سندس ٻئي ڌيئرون ۽ هڪ پٽ خرچي نه ملڻ سبب اسڪول ئي نه ويا هئا. پگهار مان جيڪي ٻه سئو روپيا بچائي رکيا هئائين، سي زال جي بيماري سبب ڊاڪٽر جي فين ۽ دوائن تي خرچ ٿي ويا هئا ۽ هاڻ وٽس روپيو به ڪو نه هو. جو کڻي ٻارن کي ڏي، جوڻس وٽ ڪجهه پئسا ضرور هئا. پر هوءَ اڳ وانگر ڪڍڻ جي لاءِ تيار نه هئي.
    ”مون ڪهڙو ٺيڪو کنيو آهي، ٻار اسڪول وڃن يا نه.......پڙهن نه پڙهن....منهنجو تنهن ۾ ڇا.....ٻه روپيا ڏٺا اٿئي ته مٿي ۾ سور پئجي ويو اٿئي. پگهار سڄو ٻين جي بُرن ڀرڻ ۾ خرچ ڪرينءَ.......باقي....“
    ٻارن جي رڙين کان تنگ ٿي. جڏهن هن جوڻس کي پئسن ڏيڻ جي لاءِ چيو ته هوءَ شروع ٿي ويئي ۽ هاڻ ماٺ جي مهر ئي نه ٿي لڳيس، کيس انهيءَ ڳالهه جي ڪاوڙ ته هن هفتو کن اڳ پنهنجي اڪيلي ننڍڙي ڀاڻج کي پنجاهه روپيا خرچي ڇو ڏني هئي.
    ”اهڙي اولاد کي گهٽو ڏيئي ماري ڇڏ......خرچ ڀري نٿو سگهين ته ٻارن کي پڙهائينءَ ڇو ٿو.....؟“
    ”پر جي هڪ اڌ ڏينهن خرچي نه ملي ته ڇا ٿي پيو....ماڻهو پنهنجي حال تي هلي.....خرچي ملي پوندي.“ هن ڪاوڙ ۾ اچي زالهنس کي وراڻي ڏني ۽ پوءِ ڏنڊو کڻي ٻنهي ڌيئرن تي وارو وار لاهي ڏني هئائين. کيس ڌيئن جي رڙين کان وڌيڪ زال جي ڳالهائڻ تي ڪاوڙ هئي. جنهن سندس ۽ سندس مائٽن جا اتا پتا ڪڍي رکيا هئا.
    اهو پهريون ڀيرو هو، جو هن ٻنهي ڌيئن کي مار ڪڍي هئي، نه ته اڳ ڪڏهن هن انهن کي دڙڪو به نه ڏنو هو، انهن کي مار ڪڍڻ مهل هن ائين محسوس ڪيو. ڄڻ هو اهي ڏنڊا ڌيئن کي نه پر زالهنس کي پيو هڻي ۽ سندس ڳالهايل لفظن جو بدلو پيو وٺي.
    هاڻ جڏهن کيس خبر پئي ته پئسا اڳواٽ ادا ڪيا ويندا ۽ ڊيوٽي به ايتري سخت ڪونهي ته هن کي پڇتاءُ ٿيڻ لڳو ته هو ڇو ڪو نه ويو. هڪ ته پئسن جي کيس گهڻي گهرج هئي، جو پگهار ۾ اڃا هفتو کن هو، ٻيو ته زالهنس جي جهيڙي کانپوءِ هن گهر کان پري رهڻ ٿي چاهيو، جيئن ڌيئن کي مار ڪڍڻ واري ڳالهه وساري سگهي.
    پر مسئلو اهو هو ته جيڪي همراهه سڏ تي نه آيا هئا. انهن جي جاءِ تي ٻين آيلن کي کنيو ويو هو ۽ هاڻ کيس ڊيوٽي تڏهن ئي ملي سگهي ٿي. جڏهن عين موقعي تي ڪو همراهه ڪنهن سبب جي ڪري نه اچي يا ڪو ٻيو سبب ٿئي. پر انهي جي لاءِ به ضروري هو ته هو فالتو اسٽاف طور اتي ئي موجود هجي.
    هاڻ هو، گذريل ٽن ڪلاڪن کان، مختيار ڪار جي آفيس جي ٻاهران لڳل شامياني ۾، سخت گرمي جي هوندي به ويٺو هو. هن واسطيدار عملدار سان ڳالهايو هو، جنهن کيس ويهڻ جي لاءِ چيو هو، جيئن جيڪڏهن ڪنهن پولنگ جو اسٽاف جيڪڏهن گهٽ آيو ته هو کيس انهي جي جاءِ تي موڪليندو.
    واري واري سان مختلف پولنگ جي نمبر سڏڻ تي عمل آيو ٿي ۽ پولنگ جو سامان کڻيو، سامهون واري آفيس مان اڪائونٽنٽ کان ايڊوانس طور ملندڙ ٻه ٻه سئو روپيا وٺندو ۽ ٻهڪندو پي ويو. ٻي پاسي وري عملي لاءِ اسٽاف ڀت جون ٿيلهيون ورهائي رهيو هو.
    ”هنن روز روز جي چونڊن ۽ ريفرينڊمن مان به اچي ڦاٿا آهيون.“ هن جي پاسي ۾ ويٺل جهوني ماستر پنهنجي واري جي اوسيئڙي ۾ ويهي ويهي بيزار ٿي ڀُڻ ڀُڻ ڪري چيو.
    هن اهو ٻڌي ان ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ وري سامهون ڏسڻ لڳو، ڄڻ جهوني ماستر جي ڳالهه ئي نه ٻڌي هئائين.
    ”ليڊرن کي ڇا آهي، هو ته آفيسرن سان گڏجي مليل فنڊن مان گهوٻيون هڻي جاوا ڪندا ۽ پنهنجا ڀڀ ڀريندا آهن ۽ گڏوگڏ مٿين وٽ پنهنجي ليڊري ۽ ڪرسي پڪي ڪندا آهن....باقي ويچارا ماڻهو....سو ڪير ٿو حاڪم ٿئي تنهن سان ڪو ٻڌل آهن. هو ته پنهنجي دال روٽيءَ ۾ ڦاٿا پيا آهن.“ هن کي خاموش ڏسي، ساڳئي جهوني ماستر هن ڏانهن منهن ڪندي چيو.
    ”ها سائين! ڳالهه ته صحيح ٿا ڪريو. پر اهو سڀ ڪجهه پنهنجي وس ۾ ڪونهي، ۽ جن جي وس ۾ آهي تن کي پاڻ جهڙن جي اهڙن خيالن سان ڪنهن به قسم جي ڪا دلچسپي ڪونهي. هونئن به ليڊر عوام جي نالي ۾ ووٽ وٺي.... عوام جي لاءِ ئي مسئلا کڙا ڪندا آهن. ۽ انهيءَ کي ئي وڌيڪ پيڙهيندا آهن.“ هن جهوني ماستر جي ڳالهه جي جواب ۾ چيو.
    ”ها، بابا! جيڪو ٿو اچي، تنهن جا پروگرام ئي پنهنجا....ڄڻ سندس پروگرام ۾ ڪو آسماني ڪتاب هجي ۽ هو وري اڳين حڪمرانن کي ست سريون ٻڌائي، سڀني خرابين جي جڙ ئي انهن کي قرار ڏيندو آهي ۽ پاڻ کي عوام جو ۽ ملڪ جو صحيح ۽ سچو همدرد ۽ هڏ ڏوکي قرار ڏيندو آهي ۽ وري ڦرڪو ڦرندو آهي ۽ نئون ايندڙ حاڪم ڄڻ اها ئي ساڳئي ڪيسٽ پنهنجي آواز ۾ ڀري وڄائڻ شروع ڪندو آهي.“ جهوني ماستر هن کي پنهنجي ڳالهين ۾ دلچسپي وٺندو ڏسي، جوش ۾ اچي جواب ڏيندي چيو.
    ”اهو ته آهي....“ هن وراڻيو.
    ”هاڻ ڏسو ته رئيس الهداد خان....اڃا ڪلهه ڪلهوڻي ڳالهه آهي، ڪنهن سان گڏ هو، کيس سونا تاج پارايائين، اجرڪون اوڍايائين، سندس حمايت ۾ جلسا ۽ جلوس ڪڍرايائين ۽ اڄ.....اڄ......ڪلهه تو اخبار ته پڙهي هوندي، جنهن ۾ بيان ڏنو هئائين ته اڳوڻن حاڪمن ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو هو. سندن پارٽيءَ عوام جا ڪي به ڪم ڪو نه ڪيا هئا، انهيءَ جي دؤر ۾ مهنگائي ۽ بي روزگاري وڌي ويئي هئي. تنهن ڪري عوام جا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ هاڻوڪي حاڪم جي پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو آهيان.....ڏسين ٿو ابا.......نه دين، نه ايمان.....نه حيا، نه شرم.....مڙس اهو جيڪو ڏک سک ۾ گڏ رهي ۽ پنهنجي زبان کي پاڻي ڏي.“ جهوني ماستر چيو.
    ”سائين اوهان به درويش آهيو ۽ ڪهڙيون ٿا ڳالهيون ڪريو. هتي ته درياءُ ئي سڪي ويا آهن. سو ويچاري پاڻ واري رئيس ۾ پاڻي هجي ته انهيءَ کي پاڻي ڏي، اوهين زماني جا ماڻهو آهيو. رئيس ته خير ڳالهه ئي ٻي آهي، پر رئيس جو پيءُ مولا داد خان ڪو وري گهٽ هو ڇا.....؟“ هن وقت گذارڻ لاءِ جهوني ماستر کي سُر جهلايو.
    ”ها! مون اهو به اکين ڏٺو هو ۽ جڏهن ووٽن ۾ بيٺو هو. تڏهن به مون ڊيوٽي ڪئي هئي.....“ ائين چئي جهوني ماستر هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو ۽ کن ترسي وات هن جي ڪن جي ويجهو ڪندي چيائين، ”ڀيڻسان ايڏو ته ظالم هو، جو مخالف پارٽي وارن کي جهلي، سندن سلوارون لهرائي هڪ ٻَنيءَ ۾ ڇڏيائين ۽ کين چيائين ته پنهنجي ويهڪ واري جاءِ سان ٻنيءَ جو جهر جهنگ صاف ڪيو...“
    ”پوءِ ته هو ڪري پيو هوندو..!“ هن امالڪ چئي ڏنو.
    ”هونهه! سڄي سنڌ ۾ پهريون نمبر ووٽ کڻي چڙهيو....“ جهوني ماستر وراڻيو.
    ”پولنگ نمبر 44 جو عملو حاضر ٿئي.“ جهوني ماستر ڳالهه ختم ئي نه ڪئي هئي، جو سندس ڪن تي مختيار ڪار جي نائڪ جو آواز پيو ۽ هو تڪڙ ۾ هن کان موڪلائڻ کانسواءِ اٿي هليو ويو. هن هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو، پنڊال ۾ باقي ڪي ٻه ٽي ڄڻا وڃي بچيا هئا ۽ هي اٿي جهوني ماستر جي پويان هلڻ لڳو.
    ڪجهه دير تائين هو پولنگ نمبر 44 جي عملي سان گڏ بيٺو رهيو. انهي دوران عملو پنهنجي حاضري لڳرائي، پولنگ جو سامان کڻي وڃڻ لڳو. ”سامهون ڪلارڪ کان وڃي ڊي.اي وٺو.“ عملو روانو ٿيو ته پٽيوالي کين هٿ سان اشارو ڪندي چيو. اوڏي مهل هن ڏٺو ته عملدار فائيل بند ڪري ٿڌو ساهه کنيو ۽ ڪرسيءَ تي آهلي پيو ۽ هُن جي نظر اچي هن تي پيئي.
    ”ها بابا ڪر خبر......ڪو ڪم!؟“ عملدار هن کي ڏسي پڇيو.
    ”سائين! آئون فالتو اسٽاف طو رهئس.“ هن وراڻيو.
    ”پر بابا! فالتو اسٽاف جي ته هاڻ گهرج ڪونهي، آخري پولنگ جو عملو به روانو ٿي ويو....خير آهي پاڻ جهنجهٽ کان بچي پين.“ عملدار هن کي چيو.
    دل ۾ آيس چويس ته انهيءَ جهنجهٽ کان بچڻ ته هيڏو انتظار ڪرايو. پر چئي نه سگهيو ۽ هوريان هوريان هلندو ٻاهر نڪري ويو. هن ڏٺو ته سامهون پٽيوالو پولنگ 44 جي عملي کي ڀت جون ٿيلهيون ڏيئي رهيو هو. هن کي هڪدم بُک جو شديد احساس ٿيو ۽ بنا ڪجهه سوچڻ جي تڪڙو هلندو وڃي انهي عملي سان بيٺو ۽ پٽيوالي هڪ ڀت جي ٿيلهي هن ڏانهن وڌائي، هن اها ورتي ۽ پٽيوالي کي ڏٺو. کيس محسوس ٿيو ته ڄڻ پٽيوالي سندس چوري جهلي ورتي هجي ۽ اجهو ٿو تڙي ڏيس، اهو سوچي هو تکو تکو هلندو پولنگ عملي سان شامل ٿي ويو.

    22 فيبروري 2004ع


    ڀاڳ جو ڀونڊو

    ”صاحب! خوش هجو....آباد هجو....اوهانکي ڏٺم ته گاڏي هڪ پاسي بيهاري.....ايس.ڊي.او صاحب کي گشو هڻي، کڻي گاڏيءَ جي اسپيڊ تي پير رکيم ۽ ٺڪ هتي...صاحب، اوهين ٺيڪ ته آهيو نه....خوش هجو...ڪافي ڏينهن کانپوءِ هٿ آيا آهيو....ڀلي آيا.....جيءَ آيا.....سدا آيا....“
    ”ڪڪو! تو وارو صاحب ڪيئن آهي....اڄڪلهه ته ڏاڍو مصروف هوندو.....پاڻي به اچي ويو آهي.“
    ”صاحب ٺيڪ آهي.....رات ڏينهن رَئي پئي پوي...سڄي رات ٿا هلون....پاڻيءَ جي چوري بند ڪرائڻ لاءِ صاحب وڏي ڪوشش ٿو ڪري.... دڙڪو داٻ....منٿ ميڙ.....ننڍا ته خير داٻي ۾ اچيو وڃن، پر صاحب، وڏا زميندار ته اهڙيون ٿا اکيون ڦوٽارين....جو صاحب....سچ پڇو ته ايس.ڊي.اي صاحب جو ساهه مُٺ ۾ هوندو آهي....فون مٿان فون....فلاڻي رئيس جي.....فلاڻي وڏيري جي.....فلاڻي ناظم جي پارت.....صاحب!“
    ”ڀلا ڪڪو! تو وارو ايس.ڊي. او صاحب، اسان وارين زمينن ڏانهن ته ڪو نه ٿو وڃي نه....ڪجهه ڪَٽون اسانجون به لڳل آهن.“
    ”نه صاحب! اوهانجي زمينن ڏانهن ڪيئن لڙندو....مونکي رڳو چئي ڏسي....گاڏيءَ سميت بئراج ۾ نه ٻوڙي ماريانس ته صاحب منهنجو نالو به ڪڪو ڪونهي. پپو صاحب! هونئن به ايس.ڊي.او صاحب اوهانجي بابا.....وڏي صاحب جو گهڻو لحاظ ڪندو آهي، وڏو صاحب جڏهن چيف هو ته اسان واري ايس.ڊي. اي کي انڪوائريءَ مان ڪيئن نه آجو ڪرائي واپس پوسٽنگ ڪرائي هئائينس....صاحب، آئون اکين ڏٺو شاهد آهيان...“
    ”ڪڪو! اها گهڻي جي گهوٻي هئي.....جنهن مان بابا کيس بچايو هو....“
    ”پپو صاحب! هزار ٻن جي هجي ها ته ڪر ڳالهه ئي ٻي هئي.....پورن ٽيهن لکن جي هئي....بند تي روڙي وجهڻي هئي. پر ايس.ڊي. اي صاحب......هي.....هي....هي پپو صاحب ڇا ٻڌايانوَ....سڀ ڪوڙا بل ٺاهي.....ٻه ٽي ٽرڪون وجهرائي......ويو....هي هي هي.......پپو صاحب جي رڳو ڏهه لک روپيا بند تي خرچ ڪري ها ته به بچاءُ ٿي وڃي ها....پوءِ ته پپو صاحب بند به اتان ٽٽو.....سورجاڻيءَ وٽان....ماڻهن جو الهه تلهو......مال، وجهو ڍور، ڍڳا.....ٻنيون ٻارا.....سڀ لڙهي ويا.....ڪيترن جا ته لاش به ڪو نه مليا......روئي پٽي ماٺ ڪري ويهي رهيا.....ڪنهن کي دانهن ڏين.....صاحب، بس صاحبن کي ڇا چئجي......ڪروڙن جو نقصان ٿيو....“
    ”ڪڪو! مون ته ٻڌو هو ته اهو گهارو ئي تو واري صاحب وجهرايو هو، هٿ وٺي، جيئن سندس گهوٻيءَ جي خبر پئجي نه سگهي....“
    ”صاحب! اهي ڳالهيون به ٿين ٿيون....پوءِ انڪوائري به ٿي.....ٿيو ڪجهه به ڪو نه.......ماڻهو ويچارا مفت ۾ تباهه ٿي ويا....صاحب ٿورو خرچ ٿئي ها....روڻيون بند ڪجن ها ته ڪر صاحب....مسڪين ڪو نه ٻُڏن ها...“
    ”ڪڪو! اهي رمزون تنهنجي سمجهڻ جون ناهن.....صاحبن جون به ضرورتون آهن.....تو واري ايس.ڊي.اي جي انهيءَ قرباني گهڻن جا گهر ڀريا.....پوءِ فلڊ جا ۽ بند واسطي پورا ٻارنهن ڪروڙ آيا هئا.....وارا نيارا ٿي ويا هئا.....“
    ”صاحب صحيح ٿو چوين........! خدا وڌايئي.....لکڻ ۾ کيڏين......موجون ڪرين........صاحب ڀلا اڃا ڪرڪيٽ کيڏو......واهه جا ڇڪا هڻندا هئا.......بال اصل گرائونڊ کان ٻاهر.....ڳولهيو نه لڀندو هو.....صاحب، اوهان ٻاهر به ويا هئا نه ڪرڪيٽ کيڏڻ....“
    ”ها ڪڪو! انگلينڊ ويو هئس.....پر هاڻ زمينون پيو سنڀاليان.....بابا جي رٽائرمينٽ کانپوءِ زمينون منهنجي حوالي آهن.....ڪرڪيٽ جو شوق بس هاڻ شوق ئي آهي.“
    ”واهه صاحب واهه! هيستائين ته اوهين پاڪستان جي وڏي ٽيم ۾ ضرور چونڊجي وڃون ها......پر صاحب اهو به صحيح.......زمينون به اوهانجون........ٻيو ڪير سنڀالي ها........ها صاحب..........وڏو صاحب ته هاڻ خوش آهي نه......“
    ”ڪڪو ڀلا اهو سين ياد اٿئي.......گرائونڊ مان کڻي بنگلي تي پهچائڻ جو........“
    ”هي هي هي.....پپو صاحب! ڪهڙيون ٿا ڳالهيون ياد ڏياريو.......بس اوهانجي اشاري جي دير هئي.......ڇوريءَ کي ٻانهن مان جهلي کڻي پوئين سيٽ تي سٽيم ۽ پوءِ.......هئي اوهانجي ڪڇ ۾..........سڀ ڏسندا رهجي ويا.........سڙي پچي ويا.........هي هي هي.“
    ”ڀلا تو وارو ايس.ڊي.او ڪيئن آهي.......مال ٻال مليس ٿو يا نه ڪڪو؟“
    ”صاحب! هڪ ڀيري چيائين ته ڪا هٿ ڪري ڏي.......بس پوءِ صاحب اهڙي ته رهڙ پٽي مانس جو بس......چيومانس ڪو ڀڙوو آهيان ڇا.........ڪو بي غيرت آهيان ڇا.......وري ڪو نه چيائين.“
    ”ڀلا! ڪڪو تون اهو پاڻ کي بُجو ڪيئن ڏيندو هئين؟“
    ”هي هي.......صاحب....هاڻ ته هٿ ئي ڪو نه ٿا ورن.........او هيئن (هو ڀونڊو گهروڙي پنهنجي منهن تي رکي ٿو) هو هو هو...“
    ”ائين نه.........ڪڪو........سڄو...“
    ”ها صاحب!.....(هو پنجئي آڱريون کولي منهن تي ٿو رکي ۽ صاحب کلڻ ٿو لڳي....) صاحب ائين منهنجو ڦوٽو به نڪتل آهي...“
    ”ڀلا انهيءَ فرمائش تي ناراض ته ڪو نه ٿينءَ نه....!؟“
    ”صاحب! ناراض ڇو ٿيان......ها صاحب.......اهي ته اسانجي ڀاڳ جا ڀونڊا آهن جيڪي سڄو ڏينهن ٿا اسانکي ملن.......پوءِ جي اوهان صاحبن جي دل خوش ڪئيسين ته ڇا ٿي پيو.....ها صاحب!“
    ”ڀلا جڏهن ڊاڪٽر وٽ ڪراچيءَ ۾ هئين........تڏهن هو توکي ڪيئن تنگ ڪندو هو.“
    ”اڙي پپو صاحب! ڪهڙيون ٿا پراڻيون خبرون پڇو......کڻي ڇڏيو...“
    ”نه نه ڪڪو ٻڌاء!“ِ
    ”ڇا ٻڌايان......آئون ڊرائيور ماڻهو.....ڊاڪٽر صاحب وڏو ڪنجوس.....سو ٻيو ڪو نوڪر رکڻ بدران ٿانو به مون کان ڌئاريندو هو. صفائي به سڄي گهر جي مون کان ڪرائي......ٻاهرين ڊوڙ ڊڪ به آئون ڪريان.....اصل ڇتو ڪري ڇڏيائين......ڏيندو وري هڪ روپيو به خرچي ڪو نه هو....صاحب وڏو آيو ته مون کڻي ليسن کولي اڳيان رکيومانس ته صاحب ڏسو هن ۾ ڇا لکيل آهي......هن ۾ ڊرائيور لکيل آهي يا ڀنگي ۽ بورچي....“
    ”پوءِ صاحب ڇا چيو....“
    ”پپو صاحب! صاحب وڏو وري ڇا چوندو........سڄي ڳالهه ٻڌي کلي کڻي ماٺ ڪيائين ۽ ڪڍي ٻه سؤ روپيا خرچي ڏنائين.“
    ”ها تو ڊاڪٽر کي گاڏي ڪيئن سيکاري هئي....“
    ”ڏسو نه صاحب! ڊاڪٽر صاحب هوندو هو صفا ڦونڊ ۾.......چيائين ڪڪو گاڏي سيکار......سو سيکاري مانس....“
    ”اهو ايڪسيڊنٽ ڪيئن ٿيو هو؟“
    ”بس صاحب! وري ڇا ڪيائين جو رش ۾ گاڏي وٺي هلائڻ لڳو......مون گهڻي ئي منع ڪئي مانس، پر نه مڃيائين ۽ چوڻ لڳو هاڻ هٿ جو پڪو ٿي ويو آهيان، پوءِ هڪ موڙ مڙندي.....مٿو ويس ڦري ۽ ٺڪا وڃي اڳيان ويندڙ گاڏي جي پويان هنيائين........ٺا......هي هي هي....“
    ”پوءِ ڇا ٿيو؟“
    ”پپو صاحب! ڇا وري ڇا ٿيو! اصل گيسي ڪري جند ڇڏائيسين....ٻه هزار ڪڙڪ ڪڙڪ ٻيا ڀرياسين.....صاحب! سچ ته اندر ئي ٺري ويم.....مرچوٽ کي وڏي مار ملي، سا به پئسي جي.....باقي ڊاڪٽر، سو ته هفتو کن ڦوڪيو وتيو.....منهنجو ته ڏوهه ڪو نه هو......واهه جو مزو آيو......“
    ”ڪڪو! ڀلا ڀونڊو وري ڏيئي ڏيکار....“
    ”صاحب! مونکي دير پئي ٿئي.....ايس.ڊي.او صاحب انتظار ڪندو هوندو....خرچي ڏيو ته وڃان....!“
    ”پئسا کليا ڪونهن ڪڪو.“
    ”گهڻا آهن صاحب!“
    ”پنج هزار روپيا.“
    ”پنج هزار روپيا....نوٽ آهي؟.“
    ”هائو...“
    ”ڏيو ته کليو ڪرائي اچان.“
    ”کليو نه ٿيندو!“
    ”پوءِ صاحب! ڪجهه ته ڏيو صفا خالي هٿين ته نه ڇڏيو.“
    ”ترس ڀلا ڏسان....ها.....سؤ روپيا آهن.“
    ”صاحب خدا وڌائيندو! سدا سکيا هوندؤ.“
    ”ها، پر ائين ڪو نه ملندئي....“
    ”پوءِ ڪيئن ڀلا صاحب!“
    ”ڏهه روپيا في ڀونڊو.......ڀاڳ جو ڀونڊو.“
    ”ٺيڪ آهي صاحب! هي ڏسو....(هو بُجو کولي پنهنجي منهن تي رکي ٿو ۽ ڳڻڻ ٿو لڳي.) هڪ ٻه ٽي چار....“

    27 جولاءِ 2002ع


    فلرٽ

    طارق روڊ تي مسلم ڪمرشل بئنڪ واري اسٽاپ تي لهي، هو تيزيءَ سان پنهنجي آفيس طرف وڃڻ ٿو لڳي. اڳيان هلي فوٽو اسٽوڊيو کان مڙي، پهرين نمبر گهٽي ۾ گهڙي ٿو وڃي. ٿورو اڳيان هلي اتي پيل گند ڪچري کان پاڻ بچائيندي، مٿي چڙهڻ جي لاءِ ڏاڪڻ طرف وڌي ٿو ۽ ٻه ٻه ڏاڪا مٿي چڙهندو ويو. پنهنجي آفيس جي در تي بيهي، هو گهڙيءَ تي نظر ٿو وجهي، تالو کولي، در کولي اندر گهڙي ٿو....”شاهين صاحب اچڻ وارو هوندو....ڪافي دير ٿي ويئي آهي.“ هو ڀڻڪي ٿو ۽ ٻُهاري کڻي جلدي جلدي هڻي، ميزون، ڪرسيون ۽ ڪتاب ٽوال سان ڇنڊڻ ٿو لڳي. ان ڪم کان واندو ٿي، هو ساڄي پاسي واري دريءَ وٽ بيهي زور سان رڙ ڪري چوي ٿو:
    ”لالا.....او لالا......ايڪ چينڪ لاؤ!“
    ”لايا بابوجي!“ هيٺ بيٺل لالو، جواب ۾ مٿي، هن تي اڇاتري نگاهه وجهي، وراڻي ٿو.
    هي سامهون دريءَ جي پردن کي ڏسڻ ٿو لڳي. جيڪي هوا سبب ٿورو لڏي رهيا هئا. دري هن کان فقط 12 فوٽن جي مفاصلي تي هئي. پر هن لاءِ ڄڻ لکين ميل پري هئي. ڪيترن ئي ڏينهن کان هو دريءَ جي ان راز کي ڄاڻڻ لاءِ بي چين هو. گذريل ٽن مهينن کان، هو دريءَ جي پردي جي هن پار واري نازنين جو مکڙو پسڻ لاءِ بي تاب هو، جنهن هن جي اندر ۾ دونهين دکائي ڇڏي هئي، هو هر وقت ان مکڙي پسڻ جي تانگهه ۾ رهڻ لڳو هو.
    هو جڏهن آفيس ۾ آيو هو ته پنهنجو آفيس ٽائيم کانپوءِ جو وقت به اڪثر آفيس ۾ ئي گذاريندو هو. ان جو سبب ٻيو ڪو نه هو، پر اهي ڪتاب هئا جيڪي آفيس جي لئبريري ۾ موجود هئا. شروعاتي ڪجهه ڏيهاڙا ته کيس، صاحب جي وڃڻ سان گڏ، آفيس مان وڃڻو پوندو هو. پر پوءِ هن جو ڪتابن سان موهه ڏسي، چاٻي سندس حوالي ڪئي ويئي ۽ چاٻي ڏيڻ وقت شاهين صاحب چيو هيس، ”بابلا! هي چاٻي وٺ......۽ هاڻ هي آفيس، ڪتاب ۽ تون......بس رڳو اهو خيال ڪج ته ڪو ڪتاب گم نه ٿئي، “ ان ڏينهن کان وٺي هو سوير آفيس ايندو هو صفائي وغيره ڪري، مئگزين جي پروفن ۽ مواد جو ڪم لاهي، ڪو سٺو ڪتاب پڙهڻ شروع ڪندو هو.
    اها هڪ مشهور هفتيوار ”مئگزين“ جي آفيس هئي. جتي سندس چاچي کيس ڪمپوزنگ سکڻ لاءِ پنهنجي دوست (ڀٽي) کي چئي ڀرتي ڪرايو هو. پر پهرين ئي ڏينهن ڀٽي کيس چيو هو، ”امر، ايندڙ چئن سالن ۾ ڪمپوزنگ جي ويليو صفا ختم ٿي ويندي........ڪمپيوٽر جي اچڻ ڪري، ڪمپوزنگ جو اهو پراڻو طريقو ختم ٿي ويندو ۽ ان تي اجائي مٿا ڪٽ ٺيڪ ڪونهي.....باقي اڄوڪي هڪ ڏينهن ۾ مون تنهنجو ڪم ڏٺو آهي ۽ محسوس ڪيان ٿو ته تو ۾ ڪم ڪرڻ جون وڏيون صلاحيتون آهن.....۽ اڄ کانپوءِ تون منهنجو اسسٽنٽ آهين....مان ايڊيٽر ۽ تون سب ايڊيٽر....“
    ائين هو، پريس کولڻ ۽ ڪمپوزنگ سکڻ جو خواب اڌورو ڇڏي، ان مئگزين جي ادبي ۽ سماجي حصي کي سنڀالڻ لڳو، جنهن ۾ ڇپجڻ ان وقت هر اديب جي خواهش هوندي هئي، ۽ ان رسالي جو ”سب ايڊيٽر“ ٿيڻ، رڳو هن لاءِ وڏو اعزاز هو. پر هن جي خواب ۾ به نه هو.
    ”بابو جي چينڪ........“لالي اندر ايندي چانهه رکندي چيو.
    هي چانهه پياليءَ ۾ اوتي سرڪون ڀرڻ ٿو لڳي.
    اڃا ٻه سرڪون مس ڀريائين، جو ٽيبل تي ڪنهن شئي جي لڳڻ جو ٺڪاءُ ٿيو. هي ڇرڪي سامهون دريءَ ۾ نهاري ٿو. هن جي ڇرڪڻ تي سامهون دريءَ جي پردي جي پويان ٽهڪن جو آبشار، شروع ٿي ويو.
    ”اڄ ان راز تان پردو کڄڻ کپي.....اهو راز جنهن منهنجو سک چين کسي ورتو آهي.“ هو سوچي ٿو ۽ چانهه جي سرڪ ڀري سامهون دريءَ واري لڏندڙ پردي ڏانهن نهاري ٿو.
    هن جي هن آفيس ۾ اچڻ کان ڪجهه ڏينهن پوءِ جڏهن هو شام جو گهڻي گهڻي دير تائين ويٺو ڪتاب پڙهندو هو ته هڪ ڏيهاڙي، جڏهن هو ڪنهن ڪتاب جي مطالعي ۾ محو هو، اوچتو هن جي ٻانهن ۾ هڪ ٻير اچي لڳو. هن ڇرڪ ڀري هيڏي هوڏي ڏٺو. ڪجهه نه سمجهي، وري مطالعي ۾ محو ٿي ويو. تيسين وري ٻي پير ٺڪا اچي ڪيو ۽ ائين پوءِ ڄڻ هن تي ڪنهن جنات ٻيرن جو وسڪارو لاهي ڏنو.
    هو اُٿيو، هن تاڻي ورتو ته ٻير ڪٿان ٿا اچن، هن سامهون دريءَ ڏانهن نهاريو. دريءَ جا پردا لڏي رهيا هئا. پر اتي ٻي ڪا به شئي نظر نه آيس، هو ڏسندو رهيو ۽ امڪاني صورتحال تي غور ڪندو رهيو. ”ڪٿان ٿا اچي سگهن اهي ٻير....“ هو سوچي ٿو، ”شيطان ته ڪو نه آهيان جو مون تي ٻيرن جو وسڪارو ٿي ويو آهي.“
    هو سامهون نهاري ٿو. پردا اڃا به لڏي رهيا هئا. ”اها ته داداگيري آهي...“ هو وڏي سڏ چئي ٿو.” نه رڳو داداگيري، پر اخلاقي لحاظ کان به اهو ڏوهه آهي ڪنهن کي تنگ ڪرڻ.“
    ائين روز جو معمول بنجي ويو. ڪڏهن ٻير لڳندا هئس ته ڪڏهن کجين جون ککڙيون. هڪ ڀيري ته هڪ ٻير اچي شاهين صاحب جي هنج ۾ ڪريو ۽ ٻي ڀيري هڪ ٻير ڀٽيءَ جي ساڄي ڳل تي لڳو.
    ”ڇا آهي ابا.......ڪنهن کي خارش کنيو آهي.“ ڀٽيءَ پنهنجي نظر جي عينڪ جي پويان، اکيون گهمائيندي، دريءَ ڏانهن معنيٰ خير نظرن سان ڏسندي ڳل کنهندي چيو.
    ”ڇا آهي ڙي.......ڪا ڦاسائي اٿئي ڇا؟“
    ”نه سائين....!“ هن گهٻرائيندي وراڻيو.
    ”پوءِ هي ٻيرن جو مينهن ڇو پيو وسي....هي اخبار جو دفتر آهي ڪو شيطان خانو ته ڪونهي.“ ڀٽيءَ چيو.
    ”اخبار وارا وري شيطانن کان ڪي گهٽ هوندا آهن ڇا؟“ اتي ويٺل جعفري سُر ملائيندي چيو.
    ”پهرين ته اهو طئي ٿئي ته وڏو ۽ ننڍو شيطان ڪهڙو آهي. پوءِ ڀلي نشانا رٿجن.“ ڀٽيءَ جعفريءَ ڏانهن ڏسندي چيو.
    ”شيطان........شيطان ئي هوندو آهي........هو پٿر جا شيطان آهن، جتي سال ۾ هڪ ڀيرو ماڻهو کين کڙيون هڻندا آهن ۽ اسين اخبار وارا ٻاروهوئي شيطان هوندا آهيون ۽ ٻارهوئي اسان تي پٿرن جو وسڪارو هوندو آهي.“ جعفريءَ پنهنجو اسڪيچ مڪمل ڪندي، وات ۾ پيل پان کي چاٻو ڏيندي وراڻيو.
    ”چڱو ننڍا شيطان.“ ڀٽي اُٿندي کيس چيو، ”ٻيرن جي وسڪاري کي منهن تون ڏي....باقي ميوو اسين پاڻهي ڇاڻينداسين.“
    ”ڀيڻسان....هاڻ ته مرڳي خوار پيا ٿيون.“ هن دل ۾ سوچيو. ”ڀٽي ڇا سوچيندو ته، ڪم بدران اهي ڌنڌا پيو ڪيان.“ کن ترسي هن وري سوچيو. ”پر ڪيان به ته ڇا ڪيان......ڳالهائڻ جي ته مون به ڪافي ڪوشش ڪئي آهي.....پر ڪو جواب ئي ڪونهي.“
    ”ٺڙڪ!“ هن ڇرڪ ڀريو. هڪ ٻير اچي لوهي ميز تي لڳو.
    هو اُٿيو. دريءَ وٽ وڃي بيٺو. ڪجهه دير سوچيائين، پوءِ دري ڏيئي موٽي، اچي پنهنجي ڪرسيءَ تي ويٺو.
    ”ڇا ڪيان......!“ هو سوچي ٿو. ”کيس ٻاهر اچي ملڻ جي آڇ ڪيان. هر شئي جي شروعات ائين ئي ته ٿيندي آهي. پهرين ٻاهر هلي گهمڻ جي آڇ ۽ پوءِ.....“
    هو وڌيڪ سوچي نه سگهيو. سندس من ۾ عجيب ڪتڪتايون ٿيڻ لڳيون. هن جي نيڻن ۾ عجيب سرور ڀرجي آيو. خوابن ۾ اڏرڻ لڳو. پاڻ کي ڪنهن سان گڏ طارق روڊ، ڪلفٽن، هاڪس بي ۽ ٻين هنڌن تي ڏسڻ لڳو. سندس من ۾ مڌر مڌر ساز وڄڻ لڳو. هو اهڙو هلڪو ٿيڻ لڳو. جيئن سخت گرمي، گهٽ ۽ ٻوسٽ کانپوءِ اوچتو واهوندا ورندا آهن ۽ مينهن ڪڻيون پونديون آهن.
    ”ٺڙڪ!“
    هو ڇرڪي، خوابن جي دنيا مان نڪري ٿو اچي.
    ”اڄ ڪجهه نه ڪجهه ٿيڻ کپي.!“ هو سوچي اٿي کڙو ٿو ٿئي ۽ هلندو وڃي دريءَ وٽ ٿو بيهي. پوءِ ڪو خيال اينديئي هو تيزيءَ سان مڙي ٿو ۽ تکيون وکون کڻندو ڏاڪڻ هيٺ لهڻ ٿو لڳي ۽ مين روڊ تان ٿيندو، گهٽيءَ ۾ اندر گهڙي ويو ۽ سامهون واري فليٽ جي در جي سامهون اچي ٿو بيهي، جتان کيس ٻير لڳندا هئا، هو گهڙي کن بيهي ٿو رهي. پوءِ در تي هلڪي ٺڪ ٺڪ ٿو ڪري، پر ڪو به جواب ڪو نه ٿو ملي. هو هڪ ڀيرو ٻيهر دروازو کڙڪائي ٿو. کيس اندران ڪنهن جي پيرن جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ۽ گڏوگڏ سُس پُس پڻ.
    هو دروازي کان ٿورو وٿيرڪو ٿي بيهي ٿو ۽ دروازو هڪ جهٽڪي سان کلي ٿو پئي. پنهنجي سامهون ڪنهن حسين نازنين بدران سخت چهري واري مرد کي بيٺل ڏسي هو گهٻرائجي وڃي ٿو.
    ”حڪم؟“ مرد پڇي ٿو.
    ”جي!........آئون سامهون آفيس ۾.........منهنجو مطلب آهي ته.....ڪير هن فليٽ مان........مطلب ته ته......“ هو منجهي بيهي ٿو رهي. ان دوران هو محسوس ٿو ڪري ته در وٽ لڳل پردي جي پويان ڪو لڳاتار کيس ڏسي رهيو هو.
    ”منهنجو مطلب آهي ته.......“ هو وري چوي ٿو.
    ”ٺڙڪ!“
    هڪ ٻير اچي هن جي نرڙ تي لڳي ٿو ۽ ان سان گڏ پردي جي پويان بيٺل ڪنهن عورت جو زوردار ٽهڪ ٻُري ٿو ۽ در تي بيٺل مرد به ان سان گڏ ٽهڪن ۾ شامل ٿي وڃي ٿو. هو گهٻرائجي تڪڙوتڪڙو ٻه ٻه ڏاڪا ٿي هيٺ لهڻ ٿو لڳي.


    30 آگسٽ 1997ع


    ورهاست

    شاعر، جڏهن جيئرو هو ۽ اسپتال ۾ داخل هو ته وٽس فقط ٻه ٽي دوست ئي پرگهور لهڻ جي لاءِ موجود هئا. سندس مٽن مائٽن مان ڪو به وٽس پرگهور لهڻ لاءِ موجود ڪو نه هو. کيس ڪو پُڇڻ به نه آيو هو. ائين به نه هو ته ڪو سندن مٽ مائٽ ڪين هئا. وڏي ڪڙم قبيلي وارو هو. ٻه ڀائر هئس. هڪ ڀيڻ هيس، چاچا ۽ ماما هئس. ڀاڻيجا ۽ ڀائيٽا، سؤٽ ۽ ماسات به هئس. پر انهن منجهان ڪو به وٽس هڪ گهڙيءَ جي لاءِ به نه آيو هو.
    شاعر جو علاج به دوستن يارن ئي ڪرايو هو. ڪجهه خرچ هڪ ناليري سرندي واري همراهه ڀريو هو. کيس داخل به ڪراچيءَ جي سُٺي اسپتال ۾ ڪيائون. پر بيماريون کيس ايترو ته وڪوڙي ويون هيون، جو هو انهن مان چڙهي نه سگهيو ۽ گذاري ويو.
    گذاري وڃڻ کانپوءِ، جيئن سدائين ٿيندو آهي، مٽ مائٽ، عزيز قريب، سڀ اچي گڏيا. ڪفن ته اڳ ۾ ئي دوست پارائي آيا هئس، ڪانڌپي جي مانيءَ جو بندوبست به انهن ئي ڪيو هو. پر جيئن ته مائٽ، وري به مائٽ هوندا آهن. ان ڪري هوئي هر شئي جا وارث هئا.
    شاعر کي دفنايو ويو، هر ڪو پنهنجي منزل ڏانهن راهي ٿيو. شاعر جا ڀائر ڀائيٽا، ڀاڻيجا ۽ سؤٽ قبرستان مان خالي کٽولو کڻي روانا ٿي ويا. پر انهن جو رخ پنهنجي گهر بدران، مرحوم شاعر جي ٻن ڪمرن جي مسواڙي گهر ڏانهن هو. جتي هو اڪيلو ئي اڪيلو رهندو هو. هاڻ اُتي ڪجهه به نه هو.
    هو پاڻ ۾ ڪل ڇهه ڄڻا هئا. ٻه ڀائر، ٻه ڀائيٽا، هڪ ڀاڻج ۽ هڪ سؤٽ!
    شاعر جي گهر وٽ پهچي، انهن مان هڪ ڄڻي، جيڪو شاعر جو وڏو ڀاءُ هو. وڌي وڃي در جو تالو کوليو، دروازو شاعر جي جهريل جسم جيان چيچاٽ ڪندي کليو، هو سڀ اندر گهڙيا. وري انهيءَ ساڳئي همراهه ڪمري جو تالو کوليو. دروازو کليو ته هن کان رڙ نڪري ويئي. ”مار ڀيڻسان! مٽي ته مٽي!“ وڏو ڀاءُ جيئن ئي اندر گهڙيو. تيئن دانهن ڪيائين ”سال ٿيا هئا. جو ٻهارو ئي نه هنيو هئائين!“
    ”پاڻ ڪڏهن هِت، ڪڏهن هُت.......زال زنڀ ته هيس ڪا نه، جيڪا پويان ٻهارو سهارو هڻيو....صفائي سڙي ڪريو ويٺي هجي ها.“ ٻي ڀاءُ وراڻيس.
    ”واهه جي ٽي وي آهي.. هيءَ ته آئون ٿو کڻان.“ اندر گهڙندي ئي ڀاڻيجي ٽي وي ڏانهن لوهه پائيندي چيو. هن ٽي وي کي ائين ڀاڪرن ۾ ڀريو ڄڻ ڇڏائجي ٿي وڃينس.
    ”تون ڇو کڻندين......تنهنجو ڪهڙو حق ٿو ٿئي....هو منهنجو چاچو ۽ بابا جو ڀاءُ هو.....پهرين حق اسانجو آهي.“ ڀائيٽي وراڻيو.
    ”ها پُٽ! اها ٽي وي اسانجي ٿي.......ٿي ڇا، آهي......سندس سڄي پرگهور اسين ته لهندا هئاسين. اوهين ته آيا ئي اڄ آهيو.“ شاعر جي ڀاءُ پنهنجي پُٽ جي ڳالهه کي وزن وٺرائيندي چيو.
    ”هو منهنجو مامون هو......اسان وٽ به ٻه ٽي سال اچي رهيو هو. ٽي وي تي منهنجو حق آهي.“ ڀاڻيج، ٽي وي هٿن مان ويندي ڏسي، پنهنجو حق جتائيندي چيو.
    ”اڙي! تنهنجو حق وري ڇا ۾ آهي؟“ شاعر جي ڀاءُ ڀاڻيجي کي رهڙ پٽيندي چيو، ”ٽي سال اوهان وٽ رهيو هو ته اوهان وري مٿس ڪهڙو احساس ڪيو هو.....سڄي کَٽي ڪمائي به ته اوهانکي ڏيندو هو....علاج تي ته اوهان ٽڪو به خرچ نه ڪيس......هاڻ آيو آهي ٽي ويءَ جو وارث........هيڏانهن جانو کڻ اها.....“شاعر جي ڀاءُ ڀڙڪو کائي چيو.
    ”تون ڇو کڻندي وريام! ٽي ويءَ تي منهنجو حق آهي. آئون وڏو ڀاءُ آهيان....پهريون حق منهنجو آهي........منهنجي گهر جي پڌر ۾ ته کيٽا ڪندو......رانديون رمندو وڏو ٿيو! هو منهنجو مٺڙو مرحيات ڀاءُ!!“
    ”وڏو ڀاءُ....آيو آهي وڏو ڀاءُ! ڪڏهن تون هڪ ٽِڪي به وٺي ڏني هيس..... مون ته وري به پڇاڙيءَ ۾ پنجاهه روپيا چانهه پاڻي لاءِ موڪليا هئامانس!“ شاعر جي ننڍي ڀاءُ چيو.
    ”ننڍو هو، سِنگهه پئي ڳڙهندي هيس.....تڏهن ته آئون ئي سنڀاليندو هوسانس......باقي شرعي حساب سان هر ڪنهن کي پنهنجو حصو ملندو....سامان جي ورهاست ۾ منهنجو حصو ته اها ٽي وي آهي. گهر ۾ هڪ ڪلر ٽي وي اڳ ۾ اٿم. پر هڪ بلئڪ ايند وائيٽ به هئڻ کپي.....باقي تون ٻيو سامان کڻ هنڌ بسترو کٽولو.....ڪولر ڪتاب وغيره......“ وڏي ڀاءُ فيصلو ڏيندي چيو.
    ”ٺيڪ آهي ته پوءِ هي هيٽر ۽ ڪرسيون به منهنجون ٿيون.“ ننڍي ڀاءُ آڻ مڃيندي انهن تي هٿ رکندي چيو.
    ”چاچا! ڀلا هيءَ ميز ته آئون کڻان نه.......مونکي دڪان ۾ دخل لاءِ کپندي....“ هڪ ڀائيٽي چيو.
    ”ڀلي کڻ....!“
    ”باقي ڇا بچيو.....“ وڏو ڀاءُ پڇي ٿو.
    ”ڪتاب ۽ ڪپڙا....“
    ”هنن ڪپڙن مان هڪ هڪ جوڙو سڀ ورهائي کڻون.....باقي پراڻا سراڻا غريبن ۾ ورهائي ڇڏيو.....خدا کيس جنت ۾ جايون ڏي ۽ شل حورون جي هنج ۾ هجي.....آمين!“
    ”ڇو ڀلا! ايڏا امير آهيون ڇا.......“ وڏو ڀاءُ وريام چوي ٿو.
    ”مئلن کان وڌيڪ جيئرن کي گهرج آهي.....آئون، مون واري ڍڳين جي واڙي جي دراڙ کي سال بسال مون وارا پراڻا ڪپڙا ڏيندو آهيان ۽ انهن جا پئسا وري سندس پگهار مان ڪٽيندو آهيان.....ڀلا پنج روپيا بچي جو پوندا....“ ننڍي ڀاءُ هلڪو ٽهڪ ڏيندي چيو.
    ”ائين نه ٿيندو......سڀ تون نه کڻندي......اڌ منهنجا ٿيا، تون به مفت ۾ ته ڪو نه ڏيندي نه.....“ وڏي ڀاءُ وريام چيو.
    ”ماما ڀلا هي بوڪ آئون کڻان.....ماما جو ڪتاب ڇپرائيندس.“ ڀاڻيجي به بوڪ کڻندي چيو.
    ”انهن ۾ ڇا آهي......؟“
    ”ادا جو ڪلام آهي....“
    ”هونهه هيڏانهن ڪر.....“ هڪ ڀائيٽي جهڙپ ڏيئي بوڪ ڀاڻيجي کان کسيا. ” هن ۾ هڪ هڪ ڪلام لک لک روپين جو آهي.....ڪروڙ روپيا هن جي قيمت آهي.....ٻڌو ڪو نه اٿئي.....هاٿي جيئرو لک، مري ته سوا لک، چاچا ته وري شاعر هو....شاعرن تي مرڻ کان پوءِ ميلا لڳندا آهن.“ ائين چئي ڀائيٽي ٻيئي بوڪ کڻي سُٿڻ جي ور ۾ هنيا.
    ”پوءِ ڀلا هي ڪتاب.....اهي ته آئون کڻان نه!“ ڀاڻيجي ٻه چار ڪتاب هٿ ۾ کڻندي چيو.
    ”تون ته هر شئي جو وارث ٿو بڻجين.......خبر اٿئي ردي پنا گهڻي ڪلو آهن....پورا چوڏهن روپيا ڪلو آهن.“ وريام هٿ جي اشاري سان چوڏهن جو انگ ٺاهيندي چيو: ”پٽ! هي ڪتاب کڻ، ميز سان گڏ دڪان تي پهچاءِ رديءَ ۾ ڪم اچي ويندا.“
    ”هاڻ ته، ڪا شئي نه بچي نه!“
    ”نه!“
    .بس ته پوءِ هلو...“
    هو سڀ وڃڻ لاءِ مُڙن ٿا . جو ڀاڻيجي جي نظر هڪ سينٽ جي شيشيءَ تي ٿي پوي. جنهن ۾ سينٽ جا باقي ڪي ٻه چار ڦڙا بچيل هئا، هو جهڙپ ڏئي اها کڻي ٿو ۽ شيشي جي ٻوچ کي دٻائيندي سينٽ ڪپڙن تي هڻندي چوي ٿو: .واهه... واهه جي خوشبو آهي. ڪيڏي نه گرمي آهي... ماما کي به اڄ ئي مرڻو هو... آها ها!“

    ***


    مارڪو

    ”خطو.....اوخطو!“
    ”سانئڻ! اجهو پهتيس....“ خطوءَ سانئڻ جو سڏ ٻڌي رنڌڻي مان جواب ڏنو.
    ”اَئي نپٽي! ڪلاک ٿي ويا اهيني....اڃان سانجهاڻ ڪانه لاٿي اهيني.“
    ”سانئڻ! سڄي عيال جي ماني ڪرڻي ٿي پُوئيم...سانئڻ وڏيءَ لاءِ اڦراٽا ۽ بنا مرچن وارو ٻوڙ الڳ رڌڻون ٿو پوئيم.“ خطوءَ رنڌڻي مان نڪرندي گنديءَ جي پلاند سان منهن تان پگهر جا ڦڙا اگهندي وراڻيو.
    ”خير خطو، ڇڏ انهن ڳالهين کي....ڀلا سڻائي ڪا کبر....“
    ”کبرون ته گهڻيون ٻُڌيون آهينم....پر تون الائجي ڪهڙي ٿي چُوئين....“
    ”اَئي اها حليمان جي ڇوريءَ جي ٻيو وري ڪهڙي...“
    ”اَئي سانئڻ حليمان جي ڇوريءَ کي ڪڄا ٿيو...ڪوکناهه ڪيو اٿائين ڇا....؟“ خطوءَ سانئڻ جي ويجهو ايندي، راز داريءَ واري انداز ۾ پڇيو.
    ”اَئي خطل!....تون به گهرن جا گيس مارا ڪري اچي اڇن ۾ پيئي آهين....مونجو پير ته هونءَ ئي قبر ۾ آهي....بس ڪاري قيام آئي ٻيو ڇا....؟“
    ”اَئي سانئڻ!...رڳو پئي ڳجهارتون ڏيندين يا ڪي ٻڌائيندينءَ به.....“.
    ”ديجان! ٻڌايان ته پئي.“
    ”اَئي لٽي! ڳالهه ڪي مشڪري حليمان جي اها ڇوري ڦاپان جيڪا ڊاخترياڻي ڪ الائجي منڊم ٿي آهي، سا سالگرا پئي ملهائي، ڪالهه ماڻس آئي هوئي مونکي ڪانڊ ڏيڻ...ائي خطل اهڙو ڪو ويل ڏٺئي...اڃان ڪالهه اسان جا ٽڪر ٽانبا کائي وڏي ٿي آهي....سالگرائون ملهائين ته اسان شاهن ۽ رئيسن جا پُٽ ۽ ڌيئرون .....ڪه هيءَ چوڪ چنڊي اچي کري آهي...تونجو ڪو اهو نخرو ٺهي ٿو ڇا.....اَئي ! مون، حليمان جي اهڙي کر- کنئي جو منهن ڦلڙو ڪري اُٿي رواني ٿي...هان هان....“ سانئڻ يڪ ساهي چئي ويئي.
    ”آئي سانئڻ! نڀاڳيءَ وريءَ جا ڪم ڏٺا اهيني....سڄو ڏينهن اڇو کفڻ پايو پئي اسپتال ۾ مايون تپاسي....جيجل اَمان ! کُٽيءَ جو کنيم سو تنهن ڏينهان چيلهه جي سور ڪنا هلاک ٿي جا وڃان اسپتال ته ڇا رنگ ڏسان....تيل ڦليل ڪريو موئي ڌارين ڊاڪٽر جي سامهون ويٺي آهي.... مونکي جو ڏٺائين ته اُتان اُٿي اچي در وٽ کيڪاري هٿ ڏنائينم...۽ ماسي خطو، ماسي خطو چئي کبرون وٺڻ لڳي.....ائي امان آئون به. زماني جي آهيان، سو سمجهي ته ويس، ڪو کرميٽ ضرور آهي، پر سور ڪنا هُيس هلاڪ، سو ٻنهي ٻانهن ۾ ٻه ڀالا ٽنبائي موٽي آيس...باقي سانئڻ.....آئون سينڌ جلهي ٿي ڏياني ته اهو قصو اڄ ٻُڌي يا سڀان....!“
    ”اَئي امان تڏهن ته چُوان ٿي نه ته زمانو خراب آهي....شل ڪو نه کري....“
    شون شون...رنڌڻي مان آواز آيو.
    ”ائي مٽو کڏس...داغ ئي سڙي ويو.....“ ايئن چئي خطل رنڌڻي ڏانهن ڀڳي ۽ سانئڻ ڪنجهندي آهلجي پيئي.
    *
    ”خطو او خطو!“
    ”جي سانئڻ....“
    ”باهه لڳئي....آئون اڪيلي ويٺي آهيان ۽ تون الائجي ڪٿي ڦسي پيئي آهين.“
    ”اجهو آيس سانئڻ ....“ ائين چئي خطو تکي تکي هلندي، سانئڻ جي پيرانديءَ کان کٽ تي اچي ويٺي ۽ گنديءَ جي پلاند سان منهن تان پگهر اگهڻ لڳي.
    ”ڏي کبر.....“
    ”کوڙ کبرون.....تون الائجي ڪهڙي ٿي چُوئين.“
    ”اَئي اها ڦآپان جي سالگرا جي.....ٻُڌو هوم تون وئي هئينءَ!“
    ”ها سانئڻ! گس هلندي حليمان اچي ٻانهن مان ورتم....سوچيم وڃي دنيا جا رنگ ڏسي اچان....۽ سانئڻ هئا به رنگ ذات ذائفان هئي...اوڙي پاڙي واريون به گهڻيون هيون...ڊاڪٽرياڻين جو به سڄو ملڪ اچي مڙيو هو....پهرين ڦاپان ڪاتيءَ سان ڪيڪ وڍيو....ميڻ بتين کي ڦوڪون ڏيئي اجهائين......پوءِ ڇورين جي تاڙين جو ڦهڪو....کيس ڳرائڙي پائي انگريچيءَ ۾ الائي ڪُڄا چوڻ لڳيون...پوءِ ٽيپ تي پٽي چاڙهي اچي جو جهڙيون وڌائون ....لنگهين کي به مِٽي ڇڏيائون....“
    ”پوءِ خطل!“
    ”پوءِ وري ڪُڄا سانئڻ!....کاڌي پيتي کان وانديون ٿي هڪ ڏاڪترياڻيءَ کي ڪرسي ۽ ٽپائي وجهي وچ تي ويهاريائون ...جيڪا وري اوڙي پاڙي جي ماين کي تپاسڻ لڳي....چئون پي ته شهر جي ڪا وڏي ڊاڪٽرياڻي هئي....هن ماين کي ڏسي ٿي لاٿو ته ٻين وري ڀالا ٿي هنئين...دوائون به مفت ۾ پي ڏنائون.....“ مونکي آيو ريچڪ سو سُري وڃي ڀر وريدمانس......ٻه ڀالا هنيائين ۽ ڪجهه ٽڪيون ۽ هڪ شربت جي شيشي ڏنائينم....
    ”ائي ڪوفرق به ٿيو ني يا ائين ئي پئي زهر جو ٽڪيون ڦڪينءَ....“
    ” ڳالهه ڪنديس الله لڳ....اڄ ٽيون ڏينهن آهيم....حرام ڪو سور سنڀران...
    ”هونهه....!“
    ”امان جيجل! منهنجي مڃينءَ ته تنهنجو سَنڌن جو سور به انهيءَ تيل مالش سان ڪونه لهندئي....هلي ڦاپان کي ڏيکار....“
    ”چئين سچ ٿي خطل.....“
    ”پوءِ سانئڻ آئون هلان ٿي.....مونکي اڃا ڏهن گهرن جا گيس ماراڪرڻا آهن.“


    مون کي به جيئڻ ڏيو....!

    گهڻي ڪوشش جي باوجود به هو ڪجهه حاصل نه ڪري سگهيو. هڪ ته ماڻهن جي پيهه ايڏي ته گهڻي هئي، جو هو ٽرڪ جي ويجهو وڃي نه سگهيو، پر جي ٻه چار قدم اڳيان وڌيو به ٿي ته ماڻهن کيس اهڙا ته ڌڪا ٿي ڏنا، جو هو صفا پوئتي ڌڪجي ٿي ويو ۽ ماڻهن جو رويو ايترو ته بي حسي ۽ بي حيائيءَ وارو هو، جو هن کي حيرت وٺيو ٿي ويئي. ان پيهه ۾ ڪيترائي ڏسڻا واسڻا ۽ سگها ڀلا ماڻهو به شامل هئا، پر ڪنهن به ڏانهنس ڌيان نه ڏنو ۽ سڀ ڪو ٽرڪ مان امدادي سامان کي ايئن لٽڻ لڳو، ڄڻ اهو پهريون ۽ آخري ڀيرو هو، جو اهو سامان آيو هو، ۽ پوءِ وري داڻو به نه ملندن... کين ڪو روڪڻ وارو به ته نه هو.
    هي جڏهن ڌڪجي پويان ٿيو ته همت هاري ڇڏيائين ۽ بيهي رهيو. ٽرڪ آهستي آهستي هلندي ويئي، ماڻهو ٽرڪ جي پويان هوڪا ڏيندا ، رڙيون ڪندا، نعرا هڻندا، ڊوڙندا ويا ۽ ٽرڪ جي مٿان بيٺل ٻه همراهه سامان جون ٿيلهيون انهن ڏانهن ايئن اڇليندا ويا، جيئن ڀونڪندڙ ۽ رومڙ ڪري ايندڙ ڪتي کي اڳيان وڌڻ کان روڪڻ لاءِ، ڪو مانيءَ ڀور اڇلي ڏبو آهي. جيئن هو ان ۾ لڳو رهي ۽ ماني اڇليندڙ همراهه اڳتي نڪري وڃي. پر هتي اها ترڪيب به نه هلي، ماڻهو ٽرڪ کي ماڪوڙين وانگر ورائي ويا... ماڻهن جي حملي جي سٽ نه سهي ٽرڪ تي بيٺل همراهن ڀڄي جند ڇڏائي ۽ ٽرڪ منٽن ۾ سامان کان ايئن خالي ٿي ويئي، جيئن ماڪڙ جي حملي کان پوءِ وڻ پنن کان خالي ٿي ويندا آهن.
    هي، اهو سڀ ڪجهه ڏسندو رهيو.
    ٽي ڏينهن اڳ جڏهن هو ڳوٺان نڪري اچي مڪلي تي پهتا هئا ته درياءَ شاهه دادلي کان فقط بُت تي پاتل ڪپڙا ۽ ٻه چار ڪپڙن جا ٻيا پُچ ۽ پنهنجون زندگيون بچائي سگهيا هئا. اَسر ويل هو اڃان روزو رکي مسجد ۾ نماز لاءِ وڃڻ جي تياري ڪري رهيو هو، جو مسجد مان اعلان ٿيو ته ”ڳوٺ وارؤ! درياءَ جو بند ٽٽي پيو آهي... پاڻي تيزيءَ سان ڳوٺ ڏانهن پيو وڌي، جيترو جلد ٿي سگهي، ڳوٺ خالي ڪري محفوظ هنڌن تي پهچو...“
    اعلان ڇا ٿيو، ڄڻ ڳوٺ ۾ قيامت برپا ٿي ويئي.
    هيءَ به پنهنجي زال، ننهن ۽ ڏهن سالن جي پوٽيءَ کي وٺي نڪتو. پٽهنس اَدلو مزدوريءَ جي سلسلي ۾ وڏي شهر ويل هو. ماڻهن جون قطارون هيون، جيڪي بدحواسيءَ ۾ ڳوٺ خالي ڪري رهيا هئا، زائفائون هيون، جن مان ڪن جي مٿن تي هڙون هيون ته ڪن جي هٿن ۾ ٻارڙن جون آڱريون... ۽ ٻارڙا هئا، جيڪي اسر ويل اوچتو ايئن ننڊ ڦـٽڻ کان پوءِ مائٽن جي بدحواسي ۽ ڀڄ ڀڄان ڏسي زور زور سان رڙيون ڪندا ويا، پر کين ڪو به پرچائي ماٺ نه ڪرائي رهيو هو. هن ڏٺو ته ڪيترائي ٻار مائٽن کان وڇڙي ويا هئا ۽ ڪن مائٽن وري چرين وانگر پنهنجن ٻارڙن کي پي ڳولهيو.
    عجيب بدحواسي هئي چوڌاري!
    ”هيءَ ته ڪاري قيام آهي.“ هن هلندي سوچيو. ”مسيت ۾ ملئون واعظ ڪندي اڪثر چوندو آهي ته قيامت جي ڏينهن نفسا نفسي جي حالت هوندي... نه پُٽ پيءَ جو، نه زال مڙس جي، نه ماءُ ٻار جي واهرو هوندي... هر ڪو پنهنجي اعمالن جو چٺو کڻندو ڀڄندو وتندو.“
    وڏي شهر ڏانهن ويندڙ رستي تي ڪارين، سوزوڪين، موٽر سائيڪلن، سائيڪلن، بيل گاڏين ۽ گڏهه گاڏين جي ڊگهي قطار روان دوان هئي، ۽ انهن ۾ ويٺل ڇا سٿيل هئا ماڻهو، سامان، ٻڪريون... ماڻهو پاڻ بچائڻ ۽ محفوظ هنڌ تي پهچڻ لاءِ سڀ رشتا، ناتا، قدر ۽ انسانيت وساري چڪا هئا... ڪارن وارن ڪارون ايڏيون ته زور سان ٿي هلايون، جو ماڻهن کي رستي تان هٽڻ جو موقعو به نٿي ڏنائون... ايئن ڪيترائي ماڻهو پاڻ بچائيندي ڪارن سان ٽڪرجي زخمجي به پيا.
    وڏي شهر ڏانهن ويندڙ رستي تي هلندي هن جي نظر سائين، دادن شاهه، ميلا مار تي پيئي، جيڪو به ڇوهه مان وڃي رهيو هو. پٽهنس، قادن شاهه، بلا ٽار به لٺ هٿ ۾ کڻيو، ان ۾ ٻڌل گهنگهرين کي زور سان پٽ تي هڻندو وڃي رهيو هو. اڄ کيس ”حيدر حيدر“ جا نعرا هڻڻ به وسري ويا هئا، هنن جي پويان حويليءَ جون بيبيون به هيون، جن مان ڪن جي هٿن ۾ ننڍيون هڙون ته ڪن جي ڪڇن تي ٻارڙا هئا... کين صحيح پردو به ڪيل ڪو نه هو... ”اڃا ٻي ڪهڙي ڪاري قيام چئبي، جو سادات ويچارا به ٽلڪي ويا... انهن ساداتن جي حويليءَ مٿان نر پکيءَ جي اڏرڻ تي به پابندي هئي...“ هي سوچي ٿو ”اي رب سائين! تون اسان مشڪين ٻچڙيوالن تي ڪو قياس ڪر... هي ٻوڏ واري بلا اسان تان ٽار....“ اهو چئي هو توبهه توبهه ڪري اکيون ٻي پاسي ڪري ٿو ڇڏي... هو بي خياليءَ ۾ ساداتن جي حرم تي پنهنجي پيل نظر تي پڇتائڻ ٿو لڳي، ”الله مون کي معاف ڪر...“ هو دل ئي دل ۾ چوي ٿو.
    وڏي شهر ڏانهن ويندي پنڌ ئي پنڌ، سخت اُس، مٿان وري روزو، هن ايئن محسوس ڪيو هو، ڄڻ هو پنهنجو لاش گهليندو پيو وڃي ڪنهن قبر ۾ ڦٽو ڪرڻ جي لاءِ... هزارن جي تعداد ۾ ماڻهن جي رش ۾ هن ڇا ڇا نه ڏٺو... کيس سٺ سال اڳ وارو منظر ياد اچي ويو، جڏهن واڻيا ڀڳا هئا.. تڏهن هو اڃا ٻار هو ۽ پڻهنس پنهنجي ننڍپڻ جي سنگتي ڪرمونءَ کي الوداع چوڻ جي لاءِ ڪراچي ويو هو ۽ هن کي به پاڻ سان وٺي ويو هو ۽ پڻهنس ڪراچيءَ ۾ تيستائين ڪرمون ۽ سندس گهر وارن سان ڪئمپ ۾ گڏ رهيو، جيستائين هو پاڻيءَ جي جهاز ۾ چڙهي روانا نه ٿيا... ان وقت به هن ماڻهن کي ايئن ئي ٽولين جي صورت ۾ بدحواس، ويگاڻون ۽ ويچارو ٿي ڊپ ۾ سفر ڪندي ڏٺو هو... هن جي تصور ۾ به ڪو نه هو ته ڪو هو هڪ ڀيرو ٻيهر نه رڳو اهڙا نظارا ڏسندو، پر خود به انهن ۾ شامل هوندو.
    ڳچ پنڌ هلڻ کان پوءِ جڏهن زالهنس دانهن ڪئي، ”ادلوءَ جا پيءَ! ٿورو ڍرو هل... اسين ٿڪي پيا آهيون.“ ته هن کي هوش آيو هو ۽ هو رستي جي پاسي ۾ هڪ ڪَنڊ جي وڻ هيٺان ٿي ويٺا... هاڻ سندس پوٽيءَ اُڃ سبب رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون ۽ هي پريشان ٿي ويو ته ننڍڙيءَ لاءِ ڪيئن پاڻي هٿ ڪري. ماڻهو قطارن ۾، زل ڪاڙهي ۾ پگهر ڳاڙهيندا وڃي رهيا هئا. هن انهن کي ڏسڻ شروع ڪيو ته ڪنهن وٽ پاڻي هجي ته پوٽيهنس لاءِ گهري.
    ”ادلو پيءَ! ادلوءَ جي ڪا خبر ورتي ٿئي...!؟“ زالهنس پنهنجي پُٽ جي اُلڪي ۾ ڀڻڪي.
    ”ڪٿان خبر وٺان... جيئن اُٿيا آهيون، تيئن کڙين تي زور اٿئون.... ڪنهن کان پُڇان؟“
    ”پوءِ.... به...“
    ”ڪنهن ڪنڌيءَ ڀيڙا ٿيون ته ڪٿان خبر ڪڍندوس ادلوءَ جي.“
    تيسين هن جي نظر هڪ جوان مڙس تي پيئي، جنهن جي هٿ ۾ پاڻيءَ سان ڀريل ڪولر هو ۽ هن تڪڙو وڌي ان کي ٻانهن مان جهليو ”ابا پاڻي ڍڪ ڏي.... ننڍڙيءَ جو اصل ساهه ٿو وڃي.“
    ”حاضر چاچا...“ جوان مڙس بيهندي وراڻيو ۽ هي کيس پاڻ سان وٺي آيو ۽ جوان مڙس ڪولر جو ڍڪ کولي ان ۾ پاڻي ڀري ننڍڙيءَ کي ڏنو، جيڪا ايئن پيئڻ لڳي، ڄڻ ٻيهر پاڻي نه ملندس.
    ”ڏي خبر چاچا.... ڪهڙي ڳوٺ جو آهين؟“ جوان مڙس پڇيس.
    ”ارباب سانول خان جي ڳوٺ جو...“ هن وراڻيو.
    ”سانول خان ته وڏو ماڻهو آهي. تعلقي جو ناظم به رهيو آهي، هن اوهان کي سواري ڪا نه ڏني ڇا...؟“ جوان پڇيس.
    ”ابا! اسين ته ايئن ئي رات جي اونداهيءَ ۾ گهر ڇڏي نڪتا آهيون.“
    ”اوهين ڪنهن جا ماڻهو آهيو.“ جوان وري پڇيس.
    ”ارباب سانول جا... ابا اسين سدائين کيس ئي وونٽ ڏيندا آهيون.“
    ”بَلي بَلي.... ارباب سانول خان... اڳوڻا تعلقه ناظم بَلي...“ جوان مڙس طنز ڪندي چيو ۽ پوءِ پڇيو: ”ارباب سانول خان جي گهر ڀاتين به لڏيو يا هو اتي ڳوٺ ۾ رهيا پيا آهن.“
    ”ابا ڪلهه شام ٻڌوسين ته پنهنجي گاڏين ۾ ڪراچي هليا ويا...“
    ”واهه! ته چئبو کين ملائڪن اڳواٽ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو ته رات جو بند ٽٽندو.“
    هي ماٺ ۾ رهيو.
    ”۽ اهو اوهان وارو اربابڙو سانول؟“
    ”نه، اهو تبليڪ تي ويو آهي.“
    هن جي جواب تي جوان مڙس هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو، جنهن سبب ويندڙ ماڻهن گُهور ڪري جوان مڙس ڏانهن ڏٺو، ڄڻ چئي رهيا هجن: ”صفا ڪو بلا کاڌو آهين. ماڻهو پنهنجي ساهه بچائڻ جي چڪر ۾ آهن ۽ تون نڀاڳا پيو ٽهڪ ڏينءَ.
    ”ته چئبو چاچا... پاڻ وارو ارباب تبليغ تي ويو آهي، جيئن سندس لاءِ جنت ۾ جايون ٺهن، حورون ۽ غلمان بُوڪ ٿين.“
    جوان مڙس جي ان ڳالهه جو هن کان ڪو به جواب نه ٺهيو ۽ هي ماٺ ۾ رهيو.
    ”چاچا! اهي وڏا ماڻهو سڀ حرامي آهن... پنهنجي مطلب جا... هينئر ته اوهان کي پڇئون به ڪونه.... باقي ڪم پوندن... ووٽ کپندن ته مائـٽاڻان ماڻهو آهيون، چئي ڪتن وانگر اچي اوهان جا پير چٽيندا.“
    ”هائو ابا...“ هن مڙيئي جوان مڙس کي سُر جهلايو.
    ”ڏسين ڪو نه پيو چاچا... اهي وڏا ماڻهو، وڏيرا ۽ آفيسر... ڪيڏين نه وڏين گاڏين ۾... هڪ هڪ ٻه ٻه چڙهيو پيا وڃن... دل ۾ ڪو قياس هجين ته ڪر اوهان جهڙن جهونن کي پاڻ سان گڏ کڻي اڳڀرو ڪر نه ڪن... ڪنهن ڪنڌيءَ تي نه پهچائين... پر انهن حرامين کي اوهان مان ڌپ ٿي اچي ڌپ...“
    هي خاموش رهيو. جوان مڙس ننڍڙي کان ڪولر جو ڍَڪ ورتو ۽ ڀري اڳيان وڌايو، جيڪو نهڻس وٺي پيتو.
    ”چڱو چاچا... ڪجهه اڳڀرا ٿيون.“ جوان مڙس ڪولر جو ڍڪ بند ڪندي چيو ۽ ڪولر کڻي روانو ٿي ويو.
    ماڻهن جي رش، جيئن پوءِ تيئن وڌندي ويئي، ڳوٺن جا ڳوٺ لڏي آيا هئا، هي انهن ويندڙن کي ڏسڻ لڳو، جيڪي هن جيان ئي غريب هئا، بي وس هئا، ويڳاڻا هئا... ۽ کين خبر ڪو نه هئي ته هاڻ سندس آئيندو ڇا آهي؟
    ان مهل اتان سندس اڳيان هڪ ڊبل ڪئبن گاڏي ”پان پان“ ڪندي، لنگهي ويئي، جنهن جا شيشا بند هئا، ان ۾ فقط ٻه ڄڻا ويٺل هئا، هن گاڏيءَ ڏانهن ڏٺو ۽ دل ۾ خواهش ڪر کنيس ته ”ڪاش! هو کين پويان ويهاري کڻي هلن... جيئن هي پنڌ کان ڇٽي پون.“
    پر ٻي گهڙي ڪجهه دير اڳ جوان مڙس جا چيل جملا ذهن ۾ تري آيس. ”چاچا! هنن کي غريبن مان ڌپ ٿي اچي، تڏهن ته هو گاڏين جا شيشا به چاڙهيو ٿا ڇڏين...“ ۽ هي سڄو هَڄي ويو ۽ دل ۾ اُڀريل خواهش ٻي گهڙيءَ دم ٽوڙي ويس... ۽ ذهن ۾ اچيس ٿو ”غريبن جو ڪير به ڪونهي ادا... هنن کي ته ڄمڻ ئي نه کپي ها...“
    هنن ٻيهر هلڻ شروع ڪيو، ڄڻ محشر جي ميدان ڏانهن وڌي رهيا هجن! رستي ۾ ماڻهن جي ڀُڻ ڀڻ ۽ وڏي سڏ ڳالهائڻ، زائفائن پاران ولين ۽ باشاهه پير کي سڏڻ ۽ ٻارن جي رڙين ۽ ڪيڪن... سخت اُس، اُڃ، مٽيندڙ گاڏين جي ڌوڙ... هو ڪيئن مڪلي پهچندا؟، هو سوچي ٿو. ”اسان مردن جو ته خير آهي، پر زالن ۽ ٻارن جا ته لاهه ئي نڪري ويا آهن. مٿان وري راتوڪي گرهه تي...“ روزو به پاڻيءَ لپ ۽ ڪنهن کان مليل مانيءَ ڳڀي تي کوليائين.
    هو جڏهن مڪلي پهتا ته سج ڪڏهوڪو لهي چڪو هو. مڪليءَ تي ماڻهن جا هشام اچي گڏ ٿيا هئا. ماڻهن جي ايڏي ته رش هئي، جو هن کي ايئن محسوس ٿيو ڄڻ اڄ محشر جو ڏينهن آهي ۽ صدين کان مڪلي جي قبرستان ۾ سُتل سڀ مردا، حساب ڪتاب ڏيڻ جي لاءِ جاڳي پيا هجن.
    هن مڪلي پهچي هڪ وڻ جي هيٺان پوتارو وڇائي ٻارن کي ويهاريو. اها رات هنن بُک تي گذاري. هي هِتان هُتان ڀڄ ڊڪ ڪري رڳو ايترو ڀت مس هٿ ڪري سگهيو، جنهن مان رڳو ننڍڙي پوٽيهنس جي ڪک ڀرجي سگهي. هو ٻهراڙي جو ماڻهو هو، بک، ڏک، مسئلا هن جي گهر جا ڀاتي هئا، پر هن اهڙي عذابن ڀري، ڏکي ۽ کليل آسمان جي هيٺان، مڇرن سان وڙهندي، پيٽ ۾ بُک جا چڪ سَهندي ڪڏهن به رات نه گذاري هئي. هو غريب ماڻهو هو، سندس گهر ۾ دنياوي سکن ڪڏهن ڀلجي به پير نه پاتو هو، ڪجهه هارپي ۽ ڪجهه هِتي هُتي مزدوري ڪرڻ کان پوءِ ڇڪي تاڻي رکا سکا ٽي ويلا مانيءَ جا مس کائي سگهندا هئا. هاڻ ڪجهه ادلوءَ جي مزدوري ڪرڻ جي ڪري، جيڪو هن ئي شهر ۾ ڪٿي مزدوري ڪندو هو، ۽ هر جمع جي رات ڳوٺ ايندو هو، ۽ کيس مزدوري مان بچايل ايترا پئسا ڏيئي ويندو هو، جو گهر جو چرخو ڇڪي تاڻي هلڻ لڳو هو.
    جڏهن هي وٺ پڪڙ ۾ ڳوٺان نڪتا هئا ته هن جي کيسي ۾ پيل رومال ۾ ويڙهيل ويهين روپين جو نوٽ ئي هن جو ڪُل اثاثو هو. ”ويهن روپين مان ڇا ٿيندو؟“ هن سوچيو ”۽ سڀاڻي شهر ۾ ادلوءَ کي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪندس....“ پوءِ خيال آيس ته ادلو پاڻ هنن لاءِ پريشان هوندو ته ڪٿي آهن، کيس هنن جي لاءِ اُلڪي ته سمهڻ ئي نه ڏنو هوندو... ڇو ته کيس خبر پئجي ويئي هوندي ته سندس ڳوٺ ٻُڏي چڪو آهي... جنهن هنڌ تي اڳ سندن گهر هو... سايون ٻنيون هيون... چهچ ساوا وڻ هئا، اُتي هاڻ رڳو پاڻيءَ جي اڇ ئي اَڇ آهي...
    هن سڄي رات پنهنجي پُٽ جي اُلڪي ۾ گذاري ۽ ٻي ڏينهن هو چاهيندي به ادلوءَ جي خبر چار وٺڻ جي لاءِ ڪيڏانهن وڃي نه سگهيو، جو کيس ڊپ هو ته ڪٿي ماڻهن جي وڌندڙ انبوهه ۾ سندس ننڍڙو ڪٽنب گم ٿي نه وڃي. اُهو سڄو ڏينهن هن وڻ جي هيٺان ويهي آس پاس ويٺل ٻين ٻوڏ ستايلن سان خبرون چارون ڪندي گذاريو. سندن ڪو به حال ڀائي نه هو، سڀني جي ڪٿا ساڳئي هئي، سڀني کي پيٽ ۽ پٺتي جي ڳڻتي ۽ نظر سامهون روڊ تي هئي، جتي ڪنهن ڪنهن مهل وڏيون گاڏيون بيهي ماڻهن ۾ کاڌي پيتي جو سامان ورهائڻ ٿي لڳيون، پر هن جي اوستائين پهچڻ کان اڳ، سڀ ختم ٿي ويو ٿي... شام ڌاري ڪٿان ڪو ڀت جي ديگ کڻي اچي هنن ۾ ورهائي ويو ۽ هنن جي پيٽ ۾ پوندڙ بک جي چڪن کان جند آجي ٿي.
    ايئن ٻيو ڏينهن به گذري ويو... ڪو به سندن اوهي واهي نه ٿيو... بس منجهند ڌاري ڪجهه وڏين گاڏين وارا آيا ۽ هنن کي ڪجهه بسڪوٽن جا پاڪيٽ ۽ پاڻيءَ جون بوتلون ڏيئي، فوٽو ڪڍي... سندن مووي ڀريندا روانا ٿي ويا.
    هاڻ بک هنن جي سهپ کان ٻاهر ٿي ويئي هئي. پنهنجي پوڙهي زال ۽ ننهن جي لٿل ۽ مايوس چهرن، هن جي اندر ۾ وڍ وجهڻ شروع ڪيا هئا. سندس پوٽي، جيڪا گهر ۾ سڄو ڏينهن ٺينگ ٺپا پيئي ڏيندي هئي، ايئن خاموش ۽ هر ايندڙ ويندڙ کي گهوري ڏسي رهي هئي، ڄڻ ڪنهن ٻي دنيا جي مخلوق هجي.
    هن کان اهو سڀ ڪجهه ڏٺو نه ٿيو ۽ هي اُٿي روڊ تي آيو ۽ ماڻهن جي ان انبوهه ۾ شامل ٿي ويو، جيڪو سامان کڻي ايندڙ هر گاڏي تي رومڙ ڪري، ان کي چهٽي ٿي ويو، پر پنهنجن هيڻن هڏن سبب ڪجهه حاصل ڪري نه سگهيو هو ۽ هاڻ هو ٿڪي اچي رستي جي ڀر ۾ ويٺو هو ته هاڻ ڇا ڪري ۽ خالي هٿين ڪيئن وڃي؟
    هڪ ڀيرو ٻيهر ماڻهن ۾ چر پر پيدا ٿي ۽ هوليرو مچي ويو. سامان سان ڀريل ٽرڪ کي سڀ ماڻهو ايئن ورائي ويا هئا، جيئن ڍونڍ تي ڳجهون حملو ڪنديون آهن. هن هڪ ٻن لمحن لاءِ انهن کي ڏٺو ۽ پوءِ منجهس ڪا از غيبي سگهه اچي ويئي ۽ هو ”متان ويا آهيو“ چئي ڊوڙندو وڃي ٽرڪ کي پهتو ۽ سامهون ايندڙ ٻن همراهن کي ايئن ڌڪا ڏيئي پري ڪيائين، جيئن جوانيءَ ۾ ڪوڏي ڪوڏي کيڏندي، سامهون واري کي کانچائڻ لاءِ اوچتو ڌڪ هڻبو آهي. ٻي گهڙي سامان سان ڀريل ٿيلهي هو پاڻ ڏانهن ڇڪڻ لڳو...

    دڙو: 27 سيپٽمبر 2010ع


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 344916
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 142360
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ