ڪتاب جو نالو: چؤواٽي تي
مصنف: نند جويري
ڇپائيندڙ: پبلشر بابت ڄاڻ موجود ناهي
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 16 مئي 2016 ع
پڙهيو ويو: 744 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 349 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
شيخ اياز جي لکيل مهاڳ سان نند جويري جي لکيل ڪويتائن تي مشتمل ڪتاب ”چئو واٽي تي“ ونڊ ڪجي ٿو۔
پنهنجي ابهام (Vagueness) جي باوجود نند جي شاعريءَ کي سنڌيت سان ڀرپور ڪمٽمينٽ آهي. اِنهيءَ ڪمٽمينٽ کان سواءَ سنڌي ادب هوا ۾ انهيءَ غباري (Baloon) وانگر آهي، جنهن کي ڪوئي طرف نه هجي جو اُڏامي اَنت ۾ ڦاٽي پوندو ۽ هوا سان هوا ٿي ويندو.

شيخ اياز
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • مهاڳ
  • مــان
  • نِجُ – 1
  • نِجُ ــ 2
  • نِجُ ــ 3
  • نِجُ ــ 4
  • منهنجي مان
  • مان باهه آهيان
  • مسافر لاءِ بس
  • مان
  • تون ۽ مان
  • مائي پائي
  • چؤواٽي تي گهر
  • ڪڇو
  • پئرس ۾
  • ايوڌيا ڪٿا ــــ 1
  • ايوڌا ڪٿا ــــ 2
  • ايوڌيا ڪٿا ــــ 3
  • ايوڌيا ڪٿا ـــــ 4
  • ماڻهو بهانا ٻڌائيندا آهن
  • گهوڙو هن جو نه هو
  • پاليل نانگ
  • سپنا تو وڪيا آهن
  • مان ڪوئي به ٿي سگهان ٿو
  • ورهاڱي جي رات
  • اوندهه ۾
  • وڇوٽي
  • اِنتظار
  • من جي سنسان گهٽيءَ ۾
  • اُس
  • او شڪارپور
  • جتي
  • کٽ
  • ڌرتي
  • مان ڏيئو ٻاريندس
  • تنهنجو سڏ
  • اُهوئي سڏ اُهوئي پڙاڏو
  • هڪ ساڌوءَ جي ساڌٻيلي کان واپسي
  • اَڀياسي تقرير : چؤواٽي تي ڦٽندڙ چؤ واٽي جي واٽ ــــ هرش واسواڻي
  • نند جويريءَ جي چؤواٽي تي مهورتي تقرير : گنو سمتاڻي
  • نند جويريءَ جي چؤ واٽي تي سرسري نظر : اوکه ڊکه ــــــــ ايم ـــــ ڪمل
  • چؤواٽي تي بيٺل هڪ نينگر : هري موٽواڻي
  • چترڪار مينگهراج تلريجا جو شري نند جـويـريءَ ڏانـهـن خـط
  • رچنا رچنا ۽ ڪٿ : ستيش روهڙا
  • ”چؤواٽي تي“ جون ڪوتائون ــ هڪ سمالوچنا : پريم تولاڻي
  • ”چؤواٽي تي“ علي بابا جي نظر ۾
  • خط : هري همٿاڻي
  • خط : جهمو ڇڳاڻي
  • خط : پريم پرڪاش

  • ارپنا

    ارپيان ٿو

    هر اُن شخص کي
    جنهن جي اکين ۾
    سنڌ جي نقشي لاءِ
    آدر آهي.

    ـــ نند جويري


    مهاڳ

    انسان هونءَ ته ازلي جلاوطن آهي، پر جڏهن پنهنجي ڌرتيءَ تان به جلاوطن ٿئي ٿو ۽ جدائي هن لاءِ وڌيڪ اَسهيه ٿي پوي ٿي، هو پنهنجون جڙون ڳولهڻ ۽ پنهنجي تشخص (Identity) لاءِ بي چئن رهي ٿو. نند جويريءَ جي هن مجموعي ۾ اُهي ٻئي ڪيفيتون ملن ٿيون. هن جي فلسفي وارو ’مان‘ پنهنجي اصليت جي تلاش ۾ آهي، جنهن کي هو ’نج‘ ڪوٺي ٿو:

    ”شروعات ۾ مان نه پاڪ هوس
    نه ئي ناپاڪ هوس.
    مان نج هوس“

    اُهو نج هر ڪنهن مابعد الطبيعاني حقيقت (Metaphysical reality) وانگر ڌنڌ ۾ ويڙهيل آهي. جنهن جي پٺيان مايا سمنڊ وانگر آهي، جنهن تي ڪنهن وقت گهٽائن مان ويندڙ چنڊ جا پاڇا پون ٿا ۽ ڪجهه ڌنڌليون ٻيٽاريون نظر اچن ٿيون ۽ جڏهن چنڊ گهٽائن ۾ ڇپي وڃي ٿو ته اُهي غائب ٿي وڃن ٿيون. پنهنجي ڌرتيءَ تي رهي به اِهو سوال ته ’آءُ‘ ڇا آهيان ۽ منهنجو اَنتُ ڇا آهي؟ ماڻهوءَ جي روح کي بي چئن ڪندو رهندو ۽ ورلي به ماڻهو اِنهيءَ سوال جو جواب ساڳيو ڏيندا. پر جڏهن اِنسان پنهنجي ڌرتي تان ڌڪاڻجي وڃي ٿو ته اِن سوال جي نه رڳو معنى بدلجي وڃي ٿي پر ان جي اهميت به وڌي وڃي ٿي. نازي جرمنيءَ مان فراڊ، ٿامس مئن ۽ ٻيا ليکڪ جلاوطن ٿي، انهيءَ پوئين سوال جي جواب ۾ سرگردان رهيا هئا. روسي اديب نبوڪوف جيڪو مشهور ناول ’لوليتا‘ جو مصنف هو، اهو به پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ ان سوال کان پريشان آهي. اربندو گهوش وانگر ان سوال جي تلاش برابر ڏکي آهي پر سباش چندر بوس کي ان سوال جي جواب لاءِ جيون جي بازي لڳائڻي پئي ۽ آزاد هند فوج ٺاهيائين. پهريون سوال اِنسان جي من کي ڪنهن نه ڪنهن وقت ڏاڍو تڙڦائي ٿو، جيئن نهروءَ جي من کي تڙڦايو هئائين. جيئن هو ڪملا جون هاٺيون هوائي جهاز ۾ کڻي ٿي آيو؛ پر انسان جيڪو رت پنءَ جو پتلو آهي ان لاءِ جيءَ جي جلاوطني وڌيڪ پريشان ڪندڙ آهي. جيءَ جي جلاوطني مون پنهنجي ڌرتيءَ تي رهي به ڀوڳي آهي. پر نند ۾ ڌرتيءَ کان ڌڪجي؛ اُها مونکان به وڌي وئي آهي ۽ هو جتي ڪٿي پنهنجيءَ شڪارپور کي ڳولهي رهيو آهي:

    ”آخر ڀي
    شڪارپور آهي ڪٿي؟
    توهان کي خبر آ
    شڪارپور ڪٿي آ
    .....هر شڪارپوري
    شڪارپور ۾ ڄائو هو
    پر هر شڪارپوري
    شڪارپور ۾ ڪونه جنميو آ
    ڪهڙو فرق ٿو پوي
    اگر
    ڀوگول واري شڪارپور
    ڀومي گرست ٿي چڪي آ
    ڪهڙو فرق ٿو پوي
    اگر شڪارپور جو نالو بدليو ويو هجي
    ڪهڙو فرق ٿو پوي
    اگر ڪنهن کي
    شڪارپور اُتر اولهه جي بدران
    ڏکڻ اوڀر ۾ ملي
    ماڻهن کي شڪارپور گهرجي
    صرف شڪارپور
    ته پوءِ هو ڇو ڪونه ٿا
    هٿ لکيل پُرزي تي
    وشواس ڪن
    ڇو ڪونه ٿا ڪنهن ويٺل ڏانهن
    هٿ ڊگهيڙن
    هٿ ڊگهيڙي ته ڏسن
    چتَ ۾ پائيندا شڪارپور
    شڪارپور ڪنهن زمين جو نالو هو
    ڪنهن زمين جو نالو ناهي
    ڪنهن سرير جو نالو هو
    ڪنهن سرير جو نالو ناهي
    شڪارپور ڪنهن روح جو نالو هو
    ڪنهن روح جو نالو آهي
    .......شڪارپور کي ڳولهڻ لاءِ
    شڪارپوري هئڻ ضروري آ
    هٿ ڊگهيري ڏسو

    شڪارپور سنڌ ۾ نند لاءِ ماتا جي ٿڻ وانگر هئي. هو منهنجو ۽ سامي جو ڳوٺائي آهي ۽ ٻنهي جو ساءُ هن جي ڪويتا ۾ ملي ٿو:

    سامي شير تي
    اَٽي جي چؤ مکي ڏيئي جي لاٽن مان
    چؤ طرف
    بجليءَ جو تارون ڦهليل هيون
    لٽڪيل ڏيئي جي پيٽ راري ٽنگ مان
    جو چوڏهين آگسٽ تي مون ڪيو هو
    تيل جو ننهن سوسڙو ڦڙو
    رکي رکي اڃان به ٽپڪي رهيو هو
    مون هٿ وڌائي
    اُن ڦڙي کي تريءَ تي کنيو
    پر هو کن ۾ ئي پار نڪري ويو
    منهنجي سيتل ماس مان“

    اربندو گهوش لاءِ پنهنجي ’مان‘ وڌيڪ معنى رکي ٿي ۽ هن لاءِ پانڊيچري (جيڪا ان وقت فرينچ ڪالوني هئي) جي ڪا اهميت نه هئي. نند لاءِ پنهنجي ابدي ’مان‘ کان به وڌيڪ شڪارپور جي اهميت آهي، جتي هن جي مان ’مان‘ جي اوسر ٿي هئي ۽ جنهن کان ورهاڱي کانپوءِ هو اوچتوڪٽجي ويو. هن جو ’ڌرتي‘ نظم هڪ شاهڪار نظم آهي ۽ شڪارپور سان سان ئي واڳيل آهي ۽ سئليوڊار ڊاليءَ جي سرريئليسٽڪ (Surrealistic) پينٽنگ وانگر لڳي رهيو آهي. پڙهندڙ نند جي ”جتي“ نظم ۾ شرناٿيءَ جي پيرن ڏانهن ڏسي ڄڻ ساڳيو اندر جو عذاب ڀوڳي ٿو جو هن پنهنجو ملڪ ڇڏڻ کان پوءِ ڀوڳيو آهي:

    ”باقي جُتي
    اسان جي پيرن لاءِ هوندي به يا نه
    انهيءَ ۾ شڪ آهي
    وقت اُن جو مقدار گهٽائي
    ۽ اسان جي پيرن کي وڌائي ڇڏيو آهي
    تڏهن مون هن جي پيرن ڏانهن ڏٺو
    هنن کي پير هئا ئي ڪونه
    هو به مون وانگر اَپنگ هئا“

    شڪارپور وارا مسلسل نظم پڙهي محسوس ٿيندو ته اها ڌرتي هن جي ”مان“ جو حصو آهي جنهن کي هو ڳولي ٿو. هو ڪڏهن ٿڪجي ٿو پوي ته ڪڏهن مايوس ٿو ٿئي:

    ”لکي در تي گهنٽا گهر
    منجهند جو ٻي بجي
    شام جا پنج گهنڊ ڇو ڪونه هنيان؟
    اُنهيءَ کي به بخار هو
    يا لقوي جي مرض ۾
    ريڙهيون پائيندي
    لاچاريءَ جو اظهار ٿي ڪيائين
    مون وانگر“

    ڪڏهن گهاٽي جهڙ مان نڪرندڙ چنڊ جهڙي آس هن کي پنهنجي جهلڪ ڏيکاري ٿي. جيئن هن جو جنم کانپوءِ هن کي ٻي جي پڪ آهي، ائين هن کي شڪارپور ۾ پنهنجي ٻي جنم ۾ شڪ آهي. پر شڪ ۾ يقين جو هڪ عنصر هوندو آهي ۽ اِنسان انهيءَ عنصر تي ئي تڳي سگهندو آهي ۽ جڏهن اهو عنصر گم ٿي ويندو آهي. تڏهن زندگي پنهنجو اَنت آڻيندي ويرم نه ڪندي آهي. نند جي دل ۾ اهڙو يقين نظر اچي ٿو.
    ترنم واري شاعري ۽ اُن جي فني خوبين کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. پشڪن کان فردوسي تائين، ڪاليداس کان ليوپارڊيءَ تائين، ترنم واري شاعري اِنسان جي روح ۾ خنجر وانگر کپي وئي آهي، پر جديد دؤر ۾ جا نثري شاعري ٿي رهي آهي، اُن کي پنهنجي اهميت آهي. ان جي مرڪزي خيال ۾ اها شعريت آهي جا ترنم جي محتاج نه آهي.جذبات جو ترنم نثر ۾ آڻي سگهجي ٿو. بودليئر جي ڪتاب ’Flowers of Evil‘ ۾ هن جون ’پئرس جون راتيون‘ ترنم وارا شاهڪار نظم آهن، پر ساڳي وقت هن جي مجموعي ۾ هن جا نثري نظم به اوترائي خوبصورت آهن. فرانس جي شاعر رامبوءَ کان وٺي جديد آمريڪا جي شاعر ڪارل شيپيرو تائين ڪيترن شاعرن خوبصرت نثري نظم لکيا آهن جن خيالات ۽ جذبات جي مصوري ڪئي وئي آهي ۽ جي ماڻهوءَ جي من کي ائين ٿا اُڀارن جيئن ترنم واري شاعري ڪندي آهي. نند جا ڪجهه poetic images هيٺ ڏيان ٿو:

    ”ڀريل گهر
    بگيءَ تي کڻي
    ٽيشن تي خالي ڪري
    بگيءَ واري
    وري ورائي نه ڏٺو
    ته ڪو خالي ماڻهو
    ڀريل گهر ڊوهيندو
    سرحد پار هلي ويو“

    ــــــــــ

    ”سانت
    ”....................“
    سانت جا برهما جي
    ننڊ کان پوءِ هوندي آهي
    ان سانت کي چيريندو گهوڙو
    جڏهن ننڊ لاءِ طبيلي تي پهتو
    تنهنجي لڳايل ڏور اڃان هن جي ڏاٺن ۾ هئي
    سانت
    سانت جا برهما جي سجاڳيءَ کان اڳ هوندي آهي
    ان سانت کي چيري
    ڇا بگيءُ جو گهوڙو
    وري اُٿندو
    ڪو ڀريل گهر
    ڪو خالي ماڻهو ڊوهڻ لاءِ ٽيشن ايندو؟
    او شڪارپور!“

    ــــــــ

    اسان جي ٽهڪن سان
    باغ ۾ گل
    ڇڻي نه پون ۽ وري ڪائي
    لنبي عرصي واري خزان نه اچي
    اسان صرف من ئي من ۾
    مسڪرايو آهي
    ۽ جڏهن ساهه جو احساس ٿيو
    من اندر جي مشڪ وڪڻي به
    اسان پراون سان
    واعدا ڪرن لاءِ
    بهانا ڳولهيا آهن
    او شڪارپور!“

    ــــــــ

    ” اهو ئي ته رواج آهي
    تنهنجو منهنجو
    تن کي به تن تان لاهي
    موڙي تي رکي اچ
    ۽ اچ ته پيار ڪريون
    او شڪارپور!“

    ــــــــ
    ”شبد پنهنجا نقش
    خاموشءَ جي
    ڪئنواس تي
    ڇٽيندي ڇٽيندي
    پنهنجو پاڻ ۾ ئي
    پيهي ويا ..... وقت جي ڏر کان“

    ”موسيقي
    ڪنهن گهٽيءَ جي
    ڪنهن ڪسيءَ جي
    گهنگهرن جو آواز هو“

    ”هاڻ گرميءَ ۾ ماڻهو
    سم اوڍي
    سم تي سمهندا آهن ماڻهو
    سائي سم
    سائي لڳل پٽ
    سائي رنگ جا ماڻهو
    ڪيئين رنگن جا سوال کڻي
    هڪ ئي رنگ
    ”سائي“ جو جواب پائي جيئندا آهن“

    ـــــــ

    ”پوترتا تنهنجي آتما هئي
    ۽ مان
    هاڻ پوتر نه رهيو آهيان
    هاڻ جڏهن جڏهن
    مان تو وٽ اچان ٿو
    مونکي لڳي ٿو
    مان پنهنجي ئي
    مردهه سرير ۾
    پرويش ڪري رهيو آهيان

    او سنڌو پُتر ساڌ ٻيلا !
    ياد ڪر
    مان تو وٽ هوس
    مون چيو هو گلن کي
    سڀ ٽڙي پئو
    ۽ سڀ ٽڙي پيا هئا
    بن بادلن آڪاش کي ڏسي
    مون چيو هو مورن کي
    نچو
    مورن ناچ ڏيکاريو هو

    اهڙي ئي ڪوشش
    مان هر دفعي ڪريان ٿو
    جڏهن جڏهن مان تو وٽ اچان ٿو
    ۽ مان اسڦل ٿي موٽان ٿو
    اِن احساس سان
    ته هڪ مردو ٻئي مردي سان
    وڀچار ڪري موٽيو آهي“

    ــــــــ

    ”ائين ته هر سڏ تي
    مئا موٽندا آهن
    ڪي اڌورا ته ڪي پورا
    موٽڻ هڪ سمجهوتو آهي
    جيئڻ جي لالسا لاءِ
    تنهنجو سڏ ٿيندو
    ۽ مان موٽي ايندس
    ڪجهه تياڳي
    ڪجهه پائڻ لاءِ
    تو اهو ڪيئن سمجهيو؟
    تنهنجي سڏ جي هِجي
    مان پڙهي سگهان ٿو
    توکي به منهنجو موٽڻ
    پڙهڻ گهرجي
    اگر مان تنهنجي سڏ تي
    موٽي اچان
    مان موٽندس
    جڏهن اُهو سڏ ٿيندو
    جيڪو هِجي نه ٿيو هُجي
    مان پنهنجو موٽڻ به بنا هِجي جي چاهيان ٿو
    مان ڪونه موٽندس
    ڪونه موٽندس
    پر
    مان هوندس
    هوندس
    آڪاس ۾ اهو اَنادي آواز
    آڪاس به مان هوندس
    اُهو سڏ به مان هوندس
    اُهو سڏ جو هِجي نه ٿيندو
    تون وڃي ڪائي ڪُکه ڳولهه
    مون سان ملڻ لاءِ“

    مٿين ڪويتا جون پويون ٻه سٽون ڪيتريون نه خوبصورت آهن !
    ڄڻ اتهاس جو ماضي ۽ مستقبل انهن مان گهوري رهيو آهي.
    مون مٿي ڪجهه سڄا نظم ڏنا آهن ڇو ته انهن کان سواءِ نند جو تصور مٺ ۾ نه اچي سگهي ها. پنهنجي ابهام (Vagueness) جي باوجود نند جي شاعريءَ کي سنڌيت سان ڀرپور ڪمٽمينٽ آهي. اِنهيءَ ڪمٽمينٽ کان سواءَ سنڌي ادب هوا ۾ انهيءَ غباري (Baloon) وانگر آهي، جنهن کي ڪوئي طرف نه هجي جو اُڏامي اَنت ۾ ڦاٽي پوندو ۽ هوا سان هوا ٿي ويندو.

    شيخ اياز


    مــان

    سُڃاڻپ

    منهنجو نالو
    منهنجي سُڃاڻپ نه آهي
    اِهو ڏنل نالو
    صرف اُهو ڏس آهي
    جنهن طرف هنن کي وڃڻو هو

    هاڻ
    جنهن طرف مون پير کنيا آهن
    اُنهن پيرن جا نشان ئي
    منهنجي سڃاڻپ
    ڏيئي سگهن ٿا

    تون منهنجا پير پڙهين
    ۽ اُنهن جو ترجمو
    لفظن ۾ ڪرين
    اِهو ڪيئن
    ۽ ڪيترو ممڪن آهي ؟

    هر لفظ کي معنى به
    هنن جي ڏنل آهي
    هر ڏنل وستوءَ سان ڏيندڙ جي
    آشائن ۽ اِڇائن جي پرمپرا
    جڙيل هوندي آهي
    تون اُنهن معنائن سان
    پنهنجا احساس جوڙي
    ڪن شبدن ۾
    منهنجو ترجمو ڪرين
    اِهو ڪيئن ۽ ڪيترو ممڪن آهي ؟

    اُهي شبد
    جن کي
    هنن معنى ڏني هئي
    يا ............ تو
    انهن معنائن سان
    پنهنجا احساس جوڙي
    لفظن کي نئون روپ ڏنو هو
    اُهي به هر پل
    پنهنجو پاڻ کوهي رهيا آهن
    ۽ وري وري
    پنهنجو پاڻُ پائي رهيا آهن
    لفظ به سفر ڪندا آهن
    هنن کي به پير ٿيندا آهن
    تون منهنجا پير پڙهين
    ان کان اڳ توکي
    لفظن جا پير پڙهڻا پوندا
    ڇا اِهو ممڪن آهي

    شبدن سان
    منهنجو ترجمو ممڪن نه آهي
    شبدن سان
    تون صرف
    منهنجو سرجڻ ڪري سگهين ٿو
    آشائن ۽ اِڇائن جي پرمپرا سان
    صرف منهنجو
    سرجڻ ڪر سگهين ٿو

    تون مونکي ڪهڙو به نالو ڏين
    اُهو تنهنجو ئي هوندو
    اُهو ڏسُ
    جنهن طرف توکي وڃڻو آهي

    اڄ مان به
    پنهنجي سرجڻ ۾ لڳل آهيان
    پنهنجن آشائن ۽ اِڇائن جي پرمپرا سان
    پاڻ کي نالو ڏيڻ لاءِ
    پر اِهو به ڪيئن ۽ ڪيترو ممڪن آهي ؟


    نِجُ – 1

    منهنجو جنم
    جڏهن جتي ٿيو ــــ بس ٿيو

    شروعات ۾
    مان نه پاڪ هوس
    نه ئي ناپاڪ هوس
    مان نج هوس

    ٻنڌن نرٻندن کان اڳ
    مون اڃان
    پهريون پير ئي مس کنيو هو
    ته هن پنهنجي ڏسڻيءَ سان
    مون کي پنهنجي سوچَ ڏيکاري
    ۽ پوءِ
    هن جي ئي ڏس جو ڪجهه
    منهنجي سوچَ سان
    جڙيل رهجي ويو
    ۽ پوءِ ائين ٿيو
    جو منهنجي ئي هڪ خيال
    اُن نج کي ڀرشٽ ڪري ڇڏيو.


    نِجُ ــ 2

    منهنجا شبد
    منهنجا خيال کڻي
    نه اُڏندا
    ايترو ئي
    مون چاهيو هو
    تون منهنجن شبدن جا
    پَرَ نه ڳڻين ته بهتر آ
    متان اُنهن کان نه چاهيندي به
    ڪا هنسا نه ٿي وڃي
    ۽ تون به مون وانگر
    ڀرشٽ نه ٿي پوين.


    نِجُ ــ 3

    اُهي جي بازار ۾
    نعرا ٿا هڻن
    ڪن خيالن جا ڏکويل
    ڪن خيال کان
    دوا ٿا چاهين
    مان هنن جي ويجهو به
    وڃي نٿو سگهان
    جو ڊپ اٿم
    متان مان به بيمار نه ٿي پوان
    ۽ هنن کان ڀڄڻ به ممڪن ناهي
    جو ڊپ اٿم
    مان اڪيلو ٿي ويندس
    مان اڪيلو هوس
    اڪيلو ڪونه آهيان
    نج هوس
    نج ڪونه آهيان
    نه ئي مان شونيه آهيان
    مان ڪارڻ هوس
    مان ڪارڻ آهيان
    مان ڀرشٽ ئي سهين
    مان ڪارڻ آهيان
    هر اُهو نج هو
    جنهنجو ونش آهي
    هو اهو ڪارڻ آهي
    جنهنجو نتيجو آهي
    مان ڪارڻ وس ڪارڻ آهيان
    مان ڪارڻ رهندس
    مان نعرو هڻندس
    ان نج يا
    ان ڀرشٽ نج جي نالي
    مان نعرو هڻدس.


    نِجُ ــ 4

    جڏهن جڏهن نج کي
    ڪنهن رومال ۾ ويڙهي
    وڪيو آهي
    تڏهن تڏهن تو ۽ مان
    صرف رومال جي ئي
    قيمت لڳائي آهي
    نج سدا
    اَڻ ڇُهيو ئي رهيو آهي

    شايد
    هر نج کي
    يا ......
    ڀرشٽ نج کي
    ٻاهريون ويس ٿو گهرجي


    منهنجي مان

    منهنجي مان
    هڪ بي انت آڪاش
    جنهن کي تو ٻنا ڏنا
    پوءِ تنهنجي ئي ڏنل چؤکٽ
    منهنجي هوندَ بڻي

    منهنجي هوندَ
    هڪ اڏندڙ .... پکي
    پکي
    اُڏي ته ڏارون پون ...... آسمان ۾
    اسٿر رهي ته ٿئي ولين ...... ڌرتيءَ ۾

    منهنجي مان
    هڪ گهرو ساگر
    سانت ساگر
    تنهنجي ڏنل هوندَ
    هن کي لوڇ ڏني
    ڇول ڏني

    منهنجي مان جي
    ناهي ڪا شروعات
    تو منهنجي هوندَ کي
    کن کن ۾ ونڊي
    کن کن سان جوڙي
    منهنجي مان جي عمر ڳڻي

    منهنجي مان
    هڪ بي آڪار چڻگ
    تو ڏيئا ٻارائي
    منهنجي هوندَ کي
    روپ ڏنو
    ۽ وقت پُڃاڻي
    جڏهن اوندهه ٿي
    ته تو سمجهيو ـــــــ مان مري ويس !


    مان باهه آهيان

    مان باهه آهيان
    باهه مان آهي

    تون دير سان آئين
    اِن دير ۾
    منهنجي ساسن جو ڇا ٿيو ؟

    اڄ منهنجي ساسن جو قدُ
    ايڏو ته وڌي ويو آهي
    جو هر ماپ پٽي اَڻپوري آهي
    نختي ۾ نختو...... نختي ۾ نختو
    ...... ...... ..... ..... .....
    ...... ...... ..... ..... .....
    اُنهيءَ سان به نختو
    اِهو آڪار آهي اُنهن جو
    هاڻ ڪير ڪنهن کي ماپيندو
    هاڻ انهن
    ساسن کي نه ڇُهِج
    باهه کي ٻاري رهيا آهن
    منهنجا ساس

    وقت آيو هو
    پر اُهو به دير سان آيو
    ان کان اڳ ئي
    مون پنهنجن ساسن کي
    ڇهي ورتو......... چکي ورتو
    هاڻ
    ساس مونکي ٿا ٻارين
    مان ساسن کي ٿو ٻاريان

    هيءَ باهه
    برف جيان سيتل اٿئي
    سيتل باهه ۾
    جيئڻ ۽ جلڻ
    سڀ برابر آهي
    اهو ائين آهي
    جيئن
    پاڻي پاڻيءَ ۾ ٻڏي
    پاڻي پاڻي ۾ تري
    اڄ مونکي
    جيئڻ ۽ مرڻ لاءِ
    ڪو بهانو نه گهرجي
    سڀ بهانا
    جيڪي ناتن جا نتيجا هئا
    جلي چڪا آهن
    ان دير ۾
    ڪهڙا ڪهڙا اسم جليا
    ڳڻڻ مشڪل آهي
    ضرورت به نه آهي

    ان دير ۾
    مون جيڪي وڃايو آهي
    وڏي ملهه جو آهي
    جيڪي پاتو آهي
    اهو به بي ملهه آهي
    اڳي
    باهه باهه هئي
    مان مان هوس
    هاڻ ..... مان باهه آهيان
    باهه مان آهي

    تون دير سان آئين
    منهنجا خدا!
    هاڻ منهنجن
    ساسن کي نه ڇهج.


    مسافر لاءِ بس

    هن بس جي اڳين سيٽ تي ويٺل
    ڊرائيور مان آهيان
    ۽ پوئين سيٽ تي براجمان
    ڪنڊڪٽر به مان آهيان
    اڳين ۽ پوئينءَ سيٽ جي وچ۾ ويٺل
    هر مسافر به مان آهيان
    اِها منهنجي واقفيت آهي

    هر اسٽاپ تي
    ڪو مسافر لهي ٿو
    ڪو مسافر چڙهي ٿو
    هر اسٽاپ تي .... مان
    ڪجهه ڇڻجان پيو
    ڪجهه جڙجان پيو
    اِها ئي منهنجي
    گهاٽي واڌي جي ڪهاڻي آهي

    مان ’ڊرائيور‘ هوڪو ٿو ڏيان
    ۽ مان بس جو ’ڪنڊڪٽر‘
    هوڪي جي پستي ٿو ڪريان
    آخرين اسٽاپ جو اعلان
    رٽائر ٿيڻ جو وقت

    مان بس مان لهان ٿو
    هر اسٽاپ تي ’ڇڻيل مان‘
    هر اسٽاپ تي ’جڙيل مان‘
    مان بس مان لهان ٿو
    هڪ ٻيو ئي ’مان‘
    شروعاتي ’مان‘ جو هڪ حصو
    پنهنجي واٽ وٺي
    اڳتي ٿو وڌي
    پنهنجي بئنڪ بئلنس سان

    پوءِ مان بس جو ڊرائيور
    مان بس جو ڪڊڪٽر
    بس کي ورائي
    چانهه جو ڍُڪُ پي
    پنهنجي نئين وجود جو اعلان ٿو ڪريان
    وري مان پنهنجي پاڻ کي ڇنڊيندو
    پنهنجي پاڻ کي جوڙيندو
    مان بس جو ڊرائيور
    مان بس جو ڪنڊڪٽر
    مان بس جو مسافر
    اڳتي ٿو وڌان

    بس جو ڪارڻ مسافر
    مسافر لاءِ بس.


    مان

    اهو ’مان‘ هڪ عجيب جانور
    جڏهن ڄائو ته هزار هٿن سان
    ۽ اهو ’مان‘ پوئٽريٽ وقت
    جڏهن مُئو
    ته ٻن ضعيف هٿن سان
    باقي هٿ
    هن جي زبان تي ٿئي لٽڪيا.


    تون ۽ مان

    اگر تون ۽ مان
    هن کان اڳ ڪٿي مليا آهيون
    ته ايندڙ وک
    شايد گڏ کڻنداسين

    اگر تنهنجو قدم
    منهنجي کنيل قدم جي برطرف به پوي
    ته به برطرف ٻرانگهه ڀرڻ لاءِ
    توکي
    منهنجي وک جو طرف سڃاڻڻو ئي پوندو

    تون ڪيڏي به وڏي ٻرانگهه ڀرين
    توکي منهنجي وک جي فاصلي کي
    اورانگهڻو ئي پوندو
    تون چاهين يا نه
    مونکي پٺيان ڇڏي نه ٿو سگهين
    منهنجي وک جي رفتار جي ڍلائي
    تنهنجي تيز تکي ٻرانگهه جي
    يٿارٿ جو پاڇو ئي هوندو

    روشنيءَ جي ٻئي ڪنڊ کان
    ليئو پائيندين ته
    منهنجي ڍِلي ٻرانگهه جو قد
    تنهنجي تيز تکي ٻرانگهه جي قد کان
    گهڻو گهڻو وڏو هوندو ...... شايد

    تون ۽ مان وقت جا پاڇا آهيون
    پاڇن جي گهٽجندڙ
    ۽ وڌندڙ مقدارن جي ڏڦير ۾
    تنهنجو منهنجو وجود ڦهليل آهي
    تون مونکي پٺيان ڇڏي نه ٿو سگهين
    ۽ نه ئي تون
    منهنجي پٺيان رهي سگهين ٿو

    تنهنجي هستي
    منهنجي هستيءَ ڏانهن
    ۽ منهنجي هستي
    تنهجي هستيءَ ڏانهن جوابدار آهي
    ان سان ئي
    تنهنجي منهنجي
    سڃاڻپ آهي.


    مائي پائي

    توکي شايد ياد هجي
    منهنجا پيارا ڀاءُ
    اسانجي ٻنيءَ تي
    هڪ مائي پائي به
    رهندي هئي
    هوءَ اسان جا فصل
    سنڀاليندي هئي
    اسان سڀني جا
    پيٽ ڀريندي هئي

    جڏهن هن جو
    موت ٿيو هو
    ملڪ آزاد ٿيو هو

    پوءِ
    برابر ڏهه سال
    هن جي لاش کي
    سنڀالي رکيو ويو هو
    سڀني کي آس هئي
    مائي پائي وري اُٿندي
    اسا سڀني جا
    خالي پيٽ ڀريندي
    پر هوءَ ڪونه اُٿي
    ۽ اُئين ڪونه ٿيو

    ان وچ۾
    هن جي ڪٽنب جا
    باقي بچيل ڀاتي به
    وڏا ٿيندا ويا
    ۽ آخر ۾
    مري کپي ويا
    پر شڪر آهي
    اُنهن جو شِراد
    ڪنهن نه ڪنهن ڪيو

    پر هاڻ رپيو
    جو مائي پائيءَ جو
    جنم وٺي آيو آهي
    اِهو به سڀاڻي مرندو
    هر ٻڍو ــــ مرندو جو آهي
    ڇا هن جي شراد لاءِ
    ڪنهن ’يين‘ يا ’ربيل‘ کي
    گود وٺڻو پوندو ؟

    انهيءِ کان بهتر آهي
    منهنجا پيارا ڀاءُ
    متان ڪوئي وديشي
    وري گهسي اچي
    اچ ته اسان
    پيءُ کي ايڊاپ ڪريون
    پوءِ شايد
    بازار ۾
    اسان جي ڳڻپ ٿئي.


    چؤواٽي تي گهر

    ڪالهه تائين
    منهنجو گهر
    هڪ چؤواٽي تي هو
    پر اڄ صبح جو
    گهر جي ٻاهران
    لٺ واري چوڪيدار بدران
    بندوق ڌاري جوان بيٺو هو
    ۽ چؤواٽو گم هو

    راتون رات
    امرجنسي جي تحت
    غيرقانوني ڀاڄي مارڪيٽ کي
    اُتان هٽايو ويو
    انڪري
    گهوڙي گاڏي اسٽينڊ جي
    ضرورت ئي نه رهي
    ڪالهه تائين
    چؤواٽي جي شورغل ڪري
    جيئڻ جنجال هو
    هاڻ سانت آهي
    اڄ رات هڪ ڪويتا لکبي
    ڪالهه واري رات ۾
    سڀ واٽون ميساري
    چوڌاري باغ پوکيا ويا
    اڄ ڀوگول تي
    صرف گل ئي گل آهن
    چوڌاري خوشبوءِ آهي
    ڪوئل آهي ..........گيت آهن
    مور آهي ............ مورڻي آهي
    ته ناچ به آهي
    هاڻ مان پنهنجي گهر کي
    نواس بدران
    محل چئي سگهان ٿو
    مان خوش آهيان
    جو منهنجي گهر واري به خوش آهي
    جو هاڻ هوءَ راڻي جو ڪوٺائبي
    سڀ کان وڌيڪ
    اسانجي ننڍڙي ڪڪي خوش آهي
    جو هاڻ
    اسانجي گهر ۾
    اسڪول وڃڻ جي واٽ
    ڪنهن کي خبر نه آهي.


    ڪڇو

    ڪڇي جو فلسفو
    تمام پراڻو آهي
    سڀ کان پهرين
    مِرونءَ کي جڏهن
    ماڻهو جي مهما ملي
    تڏهن هن پهريون جهاپوڙو
    ڪڇي تي هنيو
    ماڻهو ۽ ماڻهوءَ جي نظر جي وچ۾
    ڍال
    صرف ڪڇو ئي ٿي سگهي ٿو
    پر ماڻهو ماڻهن کان
    صرف انگ اُگهاڙي ئي
    ڪونه شرمائيندا آهن

    اسان سڀ
    ڪنهن نه ڪنهن جنس جو
    ڪڇو پائيندا آهيون
    پاڻ کي سوگهو رکڻ لاءِ
    ڪچهڙيءَ ۾
    بحث مباحثي ۾
    ڪڇي کي ڇڪي ٻڌندا آهيون
    جيئن اسانجي شخصيت
    ڇڙو ڇڙ نه ٿي وڃي
    ڏيکاريندا صرف
    ٻاهران ڪپڙا آهيون
    ظاهري پوشاڪ
    اهو اسانجو ٻاهريون ايمان آهي

    هر اهو ماهر
    جو پنهنجي ٻَنيءَ جو پاڻ ٻَنو آهي
    ٽين ٽُڪر تي
    ڏَڪرُ هڻي
    پنهنجي ڏَڪرُ هئڻ جي
    هام هڻندو آهي
    اِهو صرف تيسين تائين
    ممڪن هوندو آهي
    جيسين تائين اِٽي ڍڪيل هوندي آهي

    اڄ به هر نعرو
    ڪنهن نه ڪنهن
    ڪڇي جي برئنڊ (Brand) جو
    نالو آهي.

    ائين ته هو
    ننگو ئي ڄائو هو
    جيئن هرڪو هن سنسار ۾
    جنميو آهي
    پهرين ماءُ
    هن کي ڪڇو پهرائي
    هن جا انگ ڍڪيا
    پوءِ ئي هن کي
    ڪنهن ڪن ۾
    سندس نالو ٻڌايو ويو
    جيئن
    سنسار جي زير زبر کان
    هو بچيو رهي
    هن کي ڪڇي جو
    مهاتم ٻڌائي
    هٿياربند ڪيو ويو
    تڏهن هو پهريون دفعو
    ڪڇي جي ضرورت ڏانهن
    سُچيت ٿيو

    ڪڇو مردانگيءَ کي
    محفوظ رکڻ لاءِ
    ضروري اوزار آهي
    انهن لفظن کي
    هن پنهنجو ايمان بڻايو
    پوءِ جيئن جيئن
    هو وڏو ٿيندو ويو
    هن کي ڪڇي جي عادت پئجي ويئي
    هاڻ هن جي وک جو فاصلو
    اوترو ئي هوندو آهي
    جيترو هن جي ڪڇي جي ڍِلَ
    هن کي اجازت ڏيندي آهي

    اُنهيءَ ڏهاري
    هن کي اچي وهم ورايو ته
    هن جهنگل ۾
    اُهو شيهن ڏٺو آهي
    جنهن کي ڪڇو پهريل هو
    پر اِهو ڪيئن هوندو
    هن پڪ سان ئي
    غلط ڏٺو هوندو
    ڪڏهن ڪڏهن
    پالتو جانون کي
    سندن مالڪ
    ڪڇو پائيندا آهن
    جيئن پالتو
    ڪنهن درجي تائين
    پنهنجن مالڪن جي مخالفتين سان
    برابري ڪري سگهن
    ۽ اُهي مالڪ
    ٻين مالڪن کي
    ٻڌائيندا آهن ته
    هنن جا پالتو
    بدلجي رهيا آهن

    اِها
    انسان ۽ انسان جي
    وچ جي ڍُڪ
    تڏهن شروع ٿي هئي
    جڏهن مِرونَ
    ماڻهو ٿيڻ لاءِ
    وک کنئي هئي

    پر جهنگل ۾
    هو هڪ اهڙو به هو
    جو شايد
    ڪڇو ڪونه پائيندو آهي
    جڏهن هن کي
    گولي هنئين ويئي هئي
    تڏهن سڌانتي وڻ جي ٽارين
    سس پس ڪئي
    ۽ وڻ جي پنن آواز ڪيو
    ”هي رام“

    هاڻ اسان کي
    هر ان اُديوگ کي
    ڄاڻڻ گهرجي
    جتي اسان لاءِ
    ڪڇا تيار ٿيندا آهن
    مرهيءَ ۾..........مٺ ۾
    مسجد ۾ ........مندر ۾
    ڪانگريس ۾ ........ليگ ۾
    يا ڪاڪٽيل پارٽيءَ ۾
    اسان پاڻ به
    پنهنجا پنهنجا ڪڇا جوڙيندا آهيون

    اڄ مان ڏسان ٿو ته
    هن جو وهم
    وهم نه هو
    اڄ شهر ۾
    شهر جا سڀ شينهن
    پنهنجي پنهنجي ڪڇي سان
    سوگها آهن
    ڇو جو
    هرهڪ شينهن کي وهم آهي
    ته شڪار صرف
    ننگي شينهن جو جو ئي ٿيندو آهي.


    پئرس ۾

    پهرين کِنَ

    منهنجي اِنتهائي
    نفس ڀري ڪلپنا
    ساڪار روپ ۾
    اسٽيج تي آهي
    سازن جون سموريون ڌنون
    هن سان ننگو ناچ نچي رهيون آهن
    ۽ منهنجو کليل وات
    هوا لڳل خون جي بوند وانگر
    ڄميل ئي رهجي ٿو وڃي.

    ٻئي کِنَ

    سازن جون مڌر ڌنون
    مونکي ڇُهن ٿيون
    ۽ مان ڌن جي سهاري
    ڪلپنا جي ساڪار روپ کي ڇُهان ٿو
    انڌ جي گهوڙي تي چڙهيل
    منهنجو گهوڙو
    پنهنجي منهن مان
    ڪجهه سرجڻ لاءِ
    بوند بوند ڪري
    ڪا پوترتا ڇڻڪائي ٿو
    (سائي اجائي ٿي وڃي)
    ۽ ساگر جون
    آڪاش کي ڇهندڙ گجندڙ لهرون
    اِبدتا کي
    جنم ڏين واري گجيءَ کي کوهي
    شانت ٿي وڃن ٿيون.

    ٽئين کِنَ

    درياهه ۾
    لڙهندڙ آلو بُـنـڊ
    جنهن کي
    باه ٻارڻ جي
    باه ۾ ٻرڻ جي
    ڪا عادت ڪانه آهي
    ائين ئي
    مان پنهنجو پاڻ کي پايان ٿو
    هِنَ کِنَ


    ايوڌيا ڪٿا ــــ 1

    جيسين تائين راجا هو
    راڄ هو
    سڀني کي پڪ هئي
    سُک آهي
    سُک رهندو
    راجا جي موت کان پوءِ
    لڳاتار ٻارهان ڏينهن رودن جاري رهيو
    مردي کي جلائڻ هنن کي منظور نه هو
    هنن کي پڪ هئي
    راجا جي مردي کي جلائڻ
    سک کي جلائڻ آهي
    نئين راجا کي اِهو پسند نه هو
    هن سک جو جامو پائي
    عوام کي دلاسو ڏنو
    عوام کي لڳو
    سک اڃان زندهه آهي
    جڏهن ته سڀني جي گهرن ۾
    ان وچ جي ٻارهي ۾
    ٻڌل گانءِ مري چڪي هئي.


    ايوڌا ڪٿا ــــ 2

    راجا ڇو ٿو مري
    راجا کي مرڻ نه گهرجي
    جڏهن راجا مري ٿو
    ته ماڻهن
    ۽ ماڻهن کان پوءِ جناورن
    جناورن کان پوءِ جيت جنتن
    ۽ بي فُرني ڳهيلن جي
    پيٽ ۾ ــ به
    فُرنا ٿا پيدا ٿين
    ”هاڻ الاجي
    گهاڻي جو ڏاند
    ويهي ته نه رهندو ؟“


    ايوڌيا ڪٿا ــــ 3

    جو جنميو آهي
    سو ئي مرندو آهي
    پوءِ اُهو ڀل
    ايوڌيا جو راجا ڇو ڪونه هجي

    منتري ايندا پراٿنا ڪندا
    پوجاري ايندا پوجا ڪندا
    پرجا ايندي گل چڙهيندي
    گهاڻي جو ڏاند
    اوهو ئي ليڪو ڪٽيندو
    شوجي ڏاند جي سواري ڪندو.


    ايوڌيا ڪٿا ـــــ 4

    مان
    جو ڪجهه ڏسان ٿو
    ڇا سڀ سچ ئي ڏسان ٿو ؟
    گذريل پلَ جي ڪلَ سان
    مان هن پلَ جو سورج ڏسي
    ڪالهه واري راجا کي
    اڄ جي ايوڌيا تخت تي وهاري
    ڇا مان چئي سگهان ٿو
    ته مون
    راجا کي ئي
    تخت تي وهاريو آهي ؟


    ماڻهو بهانا ٻڌائيندا آهن

    ماڻهو
    بهانا ٻڌائيندا آهن
    ۽ مان
    آڱوٺو ڏيکاريندو آهيان

    ماڻهو ماڻهن کي پرپٺ
    حرامي چوندا آهن
    ۽ مونکي منهن تي
    حرامي چوندا آهن
    مان به
    ماڻهن کي ٻڌائيندو آهيان
    ”توهان سڀ حرام جو ٿا کائو“
    جنهن لاءِ به ماڻهو
    بهانا ٻڌائيندا آهن.


    گهوڙو هن جو نه هو

    هُنن جي خيالَ
    هُن کي اُهو ڏنو
    جيڪو هُن جو نه هو

    ڏنل گهوڙي سان
    هن کي ٻڌايو ويو
    ته
    اِهو صرف تنهنجو آهي

    هاٿي هن جو نه هو
    نه ئي شينهن هن جو هو

    هاٿيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ
    هن گهوڙي جي سواري ڪئي

    هاٿيءَ کانپوءِ شينهن
    شينهن کان پوءِ هرڻ
    هرڻ کانپوءِ باندر
    باندر کان پوءِ پولنڊ
    پولنڊ کي
    هڙپ ڪرڻ لاءِ
    لڙيو هو هٽلر


    پاليل نانگ

    اڄ وري
    منهنجي پاليل نانگَ
    کل بدلائي آهي
    ۽ هو
    اوپرو ٿو باسي

    اڄ وري سچ
    ڪوڙ ٿو باسي
    ۽
    ڪوڙ سچ ٿو باسي.


    سپنا تو وڪيا آهن

    مڏيون ڪاتيون
    تکا ڇوڏا
    هاڻ سِرَ رڍينداسين
    ڇوڏن سان

    ڏنگَ ـــ نانگن جا مِٺا آهن
    هاڻ ڏنگينداسين
    اشارن سان

    اهي سڀ سپنا ئي ته آهن
    جن سان هڪ عرصي جي
    گئرنٽي آهي
    جا تو وڪي آهي
    ۽ مون خريد ڪئي آهي.


    مان ڪوئي به ٿي سگهان ٿو

    ساگر کي چُهي
    آڪاس کي نير پهچائڻ وارو
    سون ورڻي ڳَرُ واري
    ڀوري ڌرتيءَ جو ڏس
    هاريءَ کي ڏيئي
    اَڻ ڇهيل پوتر گرڀ ۾
    هاري ءَ کان
    نوڪدار هر هلارائي
    ٻج ڇٽرائي
    ٻج کي پچائڻ وارو
    مان ڪير آهيان
    پهرين کان ڏهين
    آئيندهه کي جنم ڏيڻ لاءِ وياڪل
    ڏهينءَ کان ويهين
    چنتائن ۾ وڪوڙيل
    ڀوشيه تي مضمون لکڻ وارو

    ويهين کان ٽيهين
    مجبورين کي ڍوئيندي
    گرڀ ڪيرائڻ جي ڪريا کي
    پشتي ڏيڻ وارو
    مان ڪير آهيان ؟

    برهمانڊ جي
    هڪ وڏي فئملي پلئننگ تحرڪ جو
    هڪ شڪار
    مان ڪوئي به ٿي سگهان ٿو
    مان سورج به ٿي سگهان ٿو.


    ورهاڱي جي رات

    اها هڪ دفعي جي ڳالهه آهي
    ڪهاڻي نه پر حقيقت آهي
    خوفناڪ رات
    جا اچڻ واري هئي
    اُن جي ٻوجهه
    پهرين ماڻهن کي
    پوءِ ڪوئن، ٻلين
    ۽ ڪتن کي به پئجي ويئي

    اُها خوفناڪ رات
    جا اچڻ واري هئي
    اِهو خيال ۾ رکي
    ماڻهن صرف رنگ بدلايو
    ڪارن مان گورا ٿيا
    راڄ ڪرڻ لاءِ
    اهو ضروري هو

    ڪوئن پڇ ۽ مڇون ڪٽايون
    شايد اِهو ضروري هو
    سرحد پار ڀڄي وڃڻ لاءِ

    ٻلين به سَنهنجي ڳالهه ڪئي
    ڌرتيءَ جي هنج ڇڏي
    مالڪن جي هنج ۾ پناه ورتي

    ڪتن ايمانداريءَ سان
    پڇ لوڏيو
    پنهنجن مالڪن جو
    ساٿ ڏنو
    ۽ ماڻهن سان عيد منائي
    مٺي کيرڻي کاڌي
    هاڻ
    مڇ ڪٽيل لنڊا ڪوئا
    خوش آهن
    جو ايمان سان
    هنن نوان سهڻا
    ٻر جوڙيا آهن

    ٻليون به خوش آهن
    جو نئين هنج ۾
    نئين ايمان سان
    سندن پٺي مهٽي ٿي وڃي

    پر ڪتا دکي آهن
    جو مٺي کيرڻي کائي
    وار ڇڻائي
    نه گهر جا رهيا
    نه گهاٽ جا

    ماڻهن جو راڄ
    اڃان برقرار آهي
    اُهو ئي لاٽون آهن
    اُهي ئي چگهه آهن

    پر منهنجو پاڻ کان سوال آهي
    مان ڪهڙي طبقي جو آهيان ؟


    اوندهه ۾

    پريه !
    هن اوندهه ۾
    لکندو ٿو وڃان
    اکرن مٿان اکر
    لکندو ٿو وڃان
    ڪير سمجهندو
    هيءَ لپي
    هيءَ ڀاشا
    شايد تون به نه
    پريه !
    انهن ليڪن کي پڙهڻ ڇڏي
    پيهي ڏسج انهن ليڪن ۾
    منهنجو مهانڊو پائيندين !
    اکرن مٿان اکر
    ليڪن مٿان ليڪون
    ڦٿڪندڙ ليڪن ۾
    منهنجو چيٿاڙيل پيار
    تون پائيندين پريه !


    وڇوٽي

    جهوٽي ۽
    ننڊ جي وچ ۾
    جا سجاڳي آهي
    اِها به
    هڪ وڇوٽي آهي

    اِن وڇوٽيءَ کي
    ماڻڻ جو درد
    مونکي رکي ويٺو آهي
    سجاڳ


    اِنتظار

    اِنتظار ـــــ اِنتظار
    اونهارو ويو
    سيارو ويو
    ويئون ڪيئين بهارون گذري
    ننڊ نه آئي نيڻن ۾

    پوءِ ....
    ..... ۽ پوءِ
    مونکي وڌائون بٺيءَ ۾
    ۽ مونکي ننڊ اچي ويئي.


    من جي سنسان گهٽيءَ ۾

    من جي سنسان گهٽيءَ ۾
    مان اڪيلو
    هڪڙي بتي ..... ٻُر ٻُر ڪندي
    ڪڏهن ڪڏهن اُجهامي ٿي
    آبادي به لڏي ويئي
    هڪ عرصو ٿيو
    خوف نااُميد ٿي نڪري ويو
    شايد هر ڪنهن کي
    آڌار ٿو گهرجي
    ۽ مان هر روز
    هڪ قبر ٿو کوٽيان
    پنهنجي ئي هڪ اُميد کي
    دفنايان ٿو
    من جي سنسان گهٽيءَ ۾
    وري وري تنهنجي ياد
    آڻي ٿي بهاري هن موڙ تي.


    اُس

    اُس سؤ پيريءَ جيان
    ڌرتيءَ جي ڇاتيءَ تي
    وڌندي ٿي اچي

    ياد ..... تنهنجي ياد
    اُس جيان باهه مچائيندي ٿي اچي

    تنهنجو
    آلن وارن جي بهاني کُڏ تي اچڻ
    ۽ کن پل ۾ ئي
    اُس جو جو هِل جيان اُڏي وڃڻ

    او ! هو !!
    اڳه به اُها اُس هئي
    هاڻ به اها اُس آهي
    هڪ سؤ پيري ـــ هڪ هِلِ


    او شڪارپور

    او شڪارپور

    جيئن شڪارپور ۾
    شڪارپور جو شاهي باغ
    لکيدر جي گهنٽاگهر ۾ سج
    مَٽَ ۾ سلوڪ
    گئوشالا ۾ ڳئو
    مرهيءَ ۾ سنتن جو ٿانءُ
    اُئين ئي ...... مان .....
    پنهنجو پاڻ ۾

    ڪنهن مسيحا چيو آ
    ”تون پنهنجا ڪپڙا لاهي
    تن کي به تن تان لاهي
    موري تي رکي اَچُ
    ۽ اَچُ ته پيار ڪريون“
    اهو ئي ته رواج آهي
    تنهنجو منهنجو
    تن کي به تن تان لاهي
    موڙي تي رکي اچ
    ۽ اَچُ ته پيار ڪريون
    او شڪارپور !

    مان
    ساهه کڻان ٿو
    اڄ
    اِن جو احساس ٿيو آهي
    هاڻ خطرو
    صرف مون لاءِ نه آهي
    خطرو تو لاءِ به آهي

    پر ڇا
    ائين ممڪن آهي
    ته تون ۽ مان
    مري وڃون
    بنا ڄاڻ جي
    ته اسان ٻئي
    چاڙو چڙي رهيا آهيون
    او شڪارپور !

    جڏهن تنهجي
    اک ڇنڀ تي
    رڪندو هو وقت
    توکي
    وقت جي وياڪلتا جو
    احساس نه هو

    هاڻ جڏهن
    مان تو وٽ اچي به
    موٽي چڪو آهيان
    توکي منهنجي
    غيرحاضريءَ جو
    احساس ٿيو آهي
    او شڪارپور !

    مون جو توکي آڇيو هو
    سو ئي تو
    اَسويڪار ڪيو هو
    ۽ تون
    جو اڄ
    مونکي آڇين ٿي
    مونکي اَسويڪار آهي
    سج
    جي لٿا هئا
    چڙهيا هئا
    ان وچ۾
    ساڳيا ته نه هئا
    او شڪارپور !

    هِردو ۽ هانڊو
    هانڊو ۽ هِردو
    تنهنجون ٻه شرابي
    وکون ئي ته هيون
    او ! ڀانگوڙي شڪارپور!

    اسان جي ٽهڪن سان
    باغ ۾ گل
    ڇڻي نه پون ۽ وري ڪائي
    لنبي عرصي واري خزان نه اچي
    اسان صرف من ئي من ۾
    مسڪرايو آهي

    ۽ جڏهن
    ساهه جو احساس ٿيو
    من اندر جي مشڪ وڪڻي به
    اسان پراون سان
    واعدا ڪرڻ لاءِ
    بهانا ڳولهيا آهن
    او شڪارپور!“

    توکي ياد هوندو
    وڇوڙي وقت
    تنهنجي مُٺ ۾
    سڀ ڪجهه هو
    مون کي ڏيڻ لاءِ

    شبد پنهنجا نقش
    خاموشيءَ جي ڪينواس تي
    چٽيندي چٽيندي
    وقت جي ڏر کان
    پنهنجو پاڻ ۾
    پيهي ويا
    ۽ اهو سڀ ڪجهه
    تو وٽ ئي رهجي ويو
    اڄ مان آيو هوس
    مُٺ ڀر شبد
    پنهنجي پلوَ ۾
    پائڻ لاءِ

    هڪ اَسهاس رولاڪ
    پنهنجي ئي خيالن جي
    ڊپ ۾ وڪوڙيل
    سنسار جو پهريون ڪافر
    اُهو چارواڪ
    پنهنجي واپسيءَ کي
    هڪ رولاڪ جي واپسي ڳڻي
    آيو هوس تو وٽ او ديوي !
    او شڪارپور !
    پر منهنجي واپسي
    هڪ مسافري بڻجي ئي رهجي ويئي

    تو وٽ ڪجهه به ته نه هو
    مونکي ڏيڻ لاءِ
    او ديوي !
    او شڪارپور!

    جن کي مرڻو هو
    مري چڪا آهن
    جن کي جيئڻو آ
    جيئي رهيا آهن
    اتي به
    هتي به
    توکان سواءِ
    او شڪارپور !

    ائين ناهي
    ته تنهنجي
    ڇايا ئي صرف
    ڀوڳيو آهي
    تون به ته بيمار آهين
    او منهنجي شڪارپور !

    تون ڳورهاري هُئينءَ
    جڏهن
    نڪتو هوس مان اِتان
    هاڻ پيٽ کي
    ڇڏي ڏي
    ڇاتيءَ تي هٿ رکي ڏس
    توکي شڪ ٿيندو
    پنهنجي جيئڻ تي
    او شڪارپور !

    هوا
    اکيون ٻوٽي
    لنگهي چڪي
    تنهنجي قبر تان
    اتهاس به لنگهي ويو
    بنا سجدي
    ۽ تون ڪنبندڙ هٿن سان
    رڌل آهين
    پنهنجو ماضي لکڻ ۾
    او شڪارپور !

    تون
    سنڌ واهه ئي ته هئينءَ
    تون
    کوهه ڪونر به ته هئينءَ
    تو ن
    شاهي باغ به ته هئينءَ
    سامي شير به ته هئينءَ
    سڀ ڇيت ڇيت ٿي ويا
    ۽ پوءِ به
    هڪ ڇيت به نه چڀي
    منهنجي ڪافور ٿيل سرير ۾
    جڏهن مون توکي ڇهيو هو
    او شڪارپور !

    آسمان تي لکيل
    اِهو ته تو پڙهيو هوندو
    ’سور اُهي ئي ٿيندا آهن
    پوءِ ڀلاشڪ
    ڪُک حرامي ڇو ڪونه هجي

    ڏُکَ ڪائي ڇِپَ نه آهي
    جا ڪري آهي ..... تو مٿان
    نه ئي ڏک ڪو درياهه آهي
    جنهن ٻوڏان ٻوڏ آندي آهي

    ڏک ته
    اسان ئي پوکيندا آهيون
    موريءَ وانگر بصر وانگر
    ۽ صرف
    اَسويڪار ڪندا آهيون
    پنهنجي ’پيٽ‘ کي
    ’ڪَرَڻَ‘ کي
    حرامي چئي
    او شڪارپور !

    ڇا ڪُلُ ئي مڪتي
    اِنسان لاءِ
    ضروري نه آهي
    جيئن هو
    ابتدا کان اڳ
    ۽ انتها کان پوءِ به
    شاهه جي مارئي وانگر
    جيئرو رهي سگهي
    جيئن زندگيءَ جي
    ڪُليت جي ڪُلُ جوڙ ۾
    ڪُلُ ئي جيئي سگهي ؟

    تون
    منهنجي پٺيان
    ڇو ڪونه ٿي اچين
    او شڪارپور !

    هيءُ جو
    تو ڪاوڙ ڪري
    ڪڍي ڇڏيو .... مونکي
    پنهنجي ئي گهر کان ٻاهر

    اڙي او شڪارپور
    ٻُڌُ مان به
    غير قانوني قبضو
    رکي ويٺو آهيان
    هي سراءِ تي

    سدائين گڏ آهيون
    اِهو هڪ واعدو
    اجنبي نه هوندي به
    نه ڪري سگهياسين
    او شڪارپور !

    هن دفعي
    شڪارپور جي شهر۾
    ڍڪ بازار ۾ ٻوڏ هئي
    ۽ ماڻهو
    پاڻيءَ ۾
    پاڻيءَ مان
    پنڌ ٿي ويا

    چرين ٻانڀڻن واريءَ
    گهٽيءَ جي هن ڀر
    ٽيڪچند پاٺشالا ۾
    ماستر سانولداس
    بيد جي لڪڻ بدران
    لٺ جي سهاري
    ڪرسيءَ تان اُٿيو
    ۽ منهنجا هم ڪلاسي
    اُڏهي کادل ڪاري بورڊ ۾
    پيهي ويا
    وقت
    بورڊ تي
    ڪاري رنگ ۾
    ڏڦير وجهي
    منهنجي هم ڪلاسين کي
    منهنجي ئي برعڪس بڻايو
    ڪارو بورڊ ۽ منهنجو ڪلاس
    ٻئي
    هڪ ئي قانون جا شڪار آهن

    سامي شير تي
    اَٽي جي چؤ مکي ڏيئي جي لاٽن مان
    چؤ طرف
    بجليءَ جو تارون ڦهليل هيون
    لٽڪيل ڏيئي جي
    پيٽ واري ٽنگ مان
    (جو چوڏهين آگسٽ تي مون ڪيو هو)
    تيل جو ننهن سوسڙو ڦڙو
    رکي رکي اڃان به ٽپڪي رهيو هو
    مون هٿ وڌائي
    اُن ڦڙي کي تريءَ تي کنيو
    پر هو هڪ کن ۾ ئي پار نڪري ويو
    منهنجي سيتل ماس مان.

    هن دفعي
    لکيدر تي گهنٽا گهر
    منجهند جو ٻي بجي
    شام جا پنج گهنڊ ڪونه هنيان
    اُنهيءَ کي به بخار هو
    يا لقوي جي مرض ۾
    ريڙهيون پائيندي
    لاچاريءَ جو اظهار ٿي ڪيائين
    مون وانگر

    هن دفعي
    شڪارپور جي شهر ۾
    باغات هئي
    سائي نه هئي
    ڪاري هئي
    ڪاري باغات
    جيئن مون ڏٺي
    ڪاري جهنگل جي
    ڳاڙهي ڌرتيءِ تي
    چيريل ڦاڪ ۾
    مون ٻج پوکڻ ٿي چاهيو
    ان زهر کي
    جيئن مان ئي پي سگهان
    مان ئي ........مان ئي
    صرف مان ئي

    هن دفعي
    شڪارپور جي شهر ۾
    آسمان ۾ سج ڏٺم
    هڪ ليڪيل ليڪ وانگر
    جيئين ٻاراڻي مورت ۾
    ۽
    منهنجي اندر جو چنڊ
    پاڻي ڇنڊي کان پوءِ
    وسايل ٽانڊي جيئان
    جِئي رهيو آهي

    ٻپهريءَ جي ٻوساٽ ۾
    خاموشي نچي رهي هئي
    ۽ ٽانڊن تي ڍڪ بازار ۾
    گهٽجي رهيو هو ــــ منهنجو گلو
    تڏهن مون
    هڪ ئي ڳيت ۾ هوڪو ڏنو
    ”جهليءَ وارو ......و........و“
    ۽ ڪنهن در پٽي گار ڏني
    ”چريءَ جو پُٽُ“

    هن دفعي
    شڪارپور جي شهر ۾
    مون پدوءَ کي چيو
    ”ٻڍي ٿي وئي آهين آهين ؟“
    ۽ هن موٽ ۾ ورائي چيو
    ”اِها به ڪا ڳالهه آهي
    ائين ئي ته ٿيندو آهي“
    ۽
    منهنجي من جي آرسي ٽٽي پيئي
    او پدمڻي !
    او منهنجي شڪارپور !

    شڪارپور هڪ ٽيشن آ
    هڪ رواجي ٽيشن
    مون شڪارپور جي ٽيشن تي
    لکيل شڪارپور جي نالي سان
    اَکر جنڪشن جوڙي ڇڏيو

    جنڪشن تان رخ ڦيري
    ڇٽل گاڏي الاجي
    وري ڪڏهن واپس به ورندي
    جڏهن ڇٽل ريل کي به
    خبر پئجي چڪي آ
    شڪارپور هڪ ٽيشن آ
    هڪ رواجي ٽيشن

    شڪارپور ۾
    گهر کان ٻاهر
    ڏسڻ لاءِ
    دري کولڻ جي ضرورت
    ڪونه هوندي هئي
    دريءَ جي تاڪ جي وچ۾
    چير هوندا هئا
    ماڻهو ننڊ ۾ به
    گهٽيءَ ۾ ايندڙ ويندڙ
    جي سوچ کي
    سُئي سگهندو هو
    شڪارپور ۾
    شڪارپور جو شڪارپوري

    شڪارپور جو شڪارپوري
    هاڻ به سوچيندو آهي
    دريءَ جي تاڪ جي
    وچ۾ چير کي
    هميشھ هميشھ لاءِ
    بند ڪرڻ لاءِ

    الاجي ڇو
    مان روز روز سپنو
    ڏسندو آهيان
    جڏهن ته
    اڄ به صبوح جو
    تنهنجو پتو
    وهاڻي هيٺان هو

    لکيل ٺڪاڻو به صحيح آ
    ٽڪليون به ٺيڪ ٺاڪ لڳل آهن
    پر پوءِ به
    لفافو ڇو آيو آهي موٽي

    هن دفعي
    شڪارپور ۾
    سڀني جون نظرون
    مون تي هيون
    جنهن جنهن گهٽيءَ ۾
    مان ويس
    صرف سڀني کي
    شڪ هو
    پنهنجي پنهنجي
    اعتبار تي

    مون لکي هئي
    پنهنجي نالي
    پنهنجي پتي
    پنهنجي ڳوٺ
    هڪ چٺي
    نند جويريءَ ڏانهن
    لو هن جي حاويلي ۾
    جا ڍڪ بازار ۾ آهي
    شهر شڪارپور ۾

    موٽ ۾
    اُتان به آيو هڪ لفافو
    (جو اڄ ڏينهن تائين ڪونه کوليو آهي)
    بمبئيءَ ۾ منهنجي پتي تي
    الله بخش سومري ڏانهن
    شيام نواس جو واسي
    وارڊن روڊ تي وسيل
    شهر بمبئيءَ ۾

    لکي در تي ...... پڙهي واري
    هڪ پڙهو پڙهيو
    ”ٻڌو ڀائرو ٻڌو
    هو اچي چڪو آهي
    ٽيشن تي لهي چڪو آهي
    پنهنجي سموري فوج
    ۽ بارود سان
    پهچي چڪو آ
    الاجي ڪنهن ڏنو هو هن کي ڏس
    پر اسان به ڪچائي ڪئي هئي
    شهر جي ضمير سان گڏ
    ٽيشن جو نالو به
    بدلڻ کپندو هو
    هاڻ الاجي ڇا ٿيندو
    سرڪار جو اعلان آهي
    ”هرڪو پاڻ سان
    جوابدار رهي
    سرڪار هٿ کڻي چڪي آهي
    هاڻ الاجي ڇا ٿيندو ؟
    هاڻ الاجي ڇا ٿيندو ؟“

    ”ٻڌو ڀائرو ٻڌو
    هاڻ خبر آئي آهي تازي
    هو ڀڄي ويو آهي
    پنهنجا سڀ هٿيار
    ڦٽا ڪري
    واپس وڃي چڪو آهي
    هن کي شهر جي
    نئين ضمير جي ڄاڻ
    اُتي ئي ملي چڪي هئي
    ويچارو
    چريو هو ـــــ چريو ٿي پيو
    سڀني کان پڇندو پڇندو واپس ويو
    شڪارپور ڪٿي آهي ؟
    شڪارپور ڪٿي آهي ؟
    ائين ئي پڇندو پڇندو
    موٽي ويو
    هاڻي سڀئي وڃي
    سک سان سمهون“

    اُهو هڪ وقت هو
    شڪارپور ۾ هر روز
    مرندا هئا ماڻهو
    روز روز جنم وٺندا هئا ماڻهو
    جيئن باقي شهرن ۾ ٿيندو آ
    ڀائي اوڌوداس تاراچند ڇاٻڙيا
    جڏهن ٻيهر ڄائو ته
    اسپتال جي ڏاڪن تي ڄائو
    ۽ اڄ تائين
    روز روز
    رونديو ويندو آهي
    اسپتال جي ڏاڪن تي
    امرتا رکندڙ پيرن
    ڪڏهن به هن تي ديا ڪونه ڪئي

    اڄ اگر مان
    توکي ٻڌايان
    ساميءَ کي
    ساڙيو نه ويو هو
    پر
    دفنايو ويو هو
    ۽ هن جي قبر تي
    اڄ به روز
    گل ٽرندو آهي
    ته ڇا تون
    هن جي قبر تي
    سجدو ڪرڻ ويندينءَ

    يا
    توکي اهو به ٻڌايان ته
    تنهنجي بابي جي بابي
    ۽ اُنهيءَ جي بابي جي بابي کي
    دفنايو نه ويو هو
    پر ساڙيو ويو هو
    اُتي
    جتي
    تون وسرام ٿو ڪرين
    بر جو گهاٽو وڻ
    اُڀري چڪو آهي
    ته ڇا
    تون ننڊ تياڳي
    پنهنجي نئين نسل کي
    ٻڌائيندين
    ته ساميءَ کي ڇو
    ساڙيو ويو هو
    ۽ هاڻ جڏهن
    ساميءَ کي روز
    دفنايو ويندو آهي
    شڪارپور ۾

    سامي شير تي
    وسايل ڏيئي جي وٽ مان
    اُپيلُ سفيد پوش دونهون
    نه ٻولي ٿي سگهيو
    نه ٻاڪاري
    پنهنجي ئي ڀومي گرست پيرن کان
    لاچار هو
    ۽
    منهنجو پنهنجو ئي پنجو
    بي خوديءَ مان
    منهنجي پنهنجي ئي ڇاتيءَ تي
    روح
    ڳولهي رهيو هو

    منهنجي شهر شڪارپور ۾
    ماڻهو اُهي ئي هئا
    پر هنن
    ماس کائڻ ڇڏي ڏنو هو

    سمو ڪاٺ کي
    کائي نه سگهيو هو
    پر ماڻهن
    ڪاٺ کائي ڇڏيو هو

    گهر اُهي ئي هئا
    پر در اُهي نه هئا
    در بنا ٻانهن هئا
    بي نور دريون هيون
    نه ڀاڪر هئا
    نه قرب ڀريون نظرون
    درن درين جي گلڪاري
    سامي - فاني - اياز
    سڀ لڏي چڪا هئا
    منهنجي شهر شڪارپور مان

    پيڙت لکيدر جو گهنٽاگهر
    کاڄيل ماس جو پتلو هو
    هنن هن کي عجائب سمجهي
    پاڻيءَ کان رهت رکيو هو
    گهنٽاگهر جي ڇايا کان رهتِ
    سنڌ واهه سڪي ويو هو
    ماڇين واري پل ۽ ريلوائي پل
    ٻنهي کي پنهجي هوند تي اعتراض هو
    سنڌ واهه تي ليپي لڳل
    آسائشي ڪوٺيون
    ڊهي چڪيون هيون
    سندن موت تي
    نه باهه ٻري
    نه ڪنهن قبر کوٽي
    لاوارث لاش کي
    ميونسپالٽيءَ به لاوارث ڇڏي ڏنو
    هنن شاهي باغ کي
    ڪنهن شهيد جو نالو بخشي
    باغ ۽ شهيد کان
    پاڻ کي آجو ڪيو هو

    نه کوهه هئا
    نه ڪونر هئا
    ماڻهو اُهي ئي هئا
    پر جانور نوان هئا
    جانورن کي سنتوش هو
    ڪنهن گٽر جي هوند تي

    نه هانڊا هئا
    نه ڏياريءَ جا ڏيئا
    موسيقي
    ڪنهن ڪسيءَ جي
    گهنگهرن جو آواز هو
    عطر رابيل
    گلاب موتيو
    ڪنهن ڪتاب جي پني تي
    لکيل ڪي بي معنى لفظ هئا
    ڪاغذ جا گل به
    لڏي چڪا هئا پنهنجو وطن
    هاڻي گرميءَ ۾ ماڻهو
    سم اوڍي
    سم تي سمهندا آهن
    سائي سم
    سائي لڳل پٽ
    سائي رنگ جا ماڻهو
    ڪيئين رنگن جا سوال کڻي
    هڪ ئي رنگ
    ’سائي‘ جو جواب پائي
    جيئندا آهن ماڻهو
    سائي سوچ
    سائو پهراءُ
    سائي رنگ ۾ رنڱيل
    منهنجي شڪارپور
    سائيءَ جو شڪار
    منهنجي شڪارپور

    ڪئلاش کان مانسروور ۾
    مانسروور کان سنڌوءَ ۾
    سنڌوءَ ۾ منهنجا ترندا
    منهنجا سپنا
    جڏهن سنڌ واهه تي پهتا
    منهنجن ئي حواسن
    انهن کي ٻوڙي ڇڏيو

    پٿر سان سنڱ نه ڪج
    او شڪارپور !

    آخر ڀي
    شڪارپور آهي ڪٿي ؟
    توهان کي خبر آ ؟
    شڪارپور ڪٿي آهي ؟

    سڪندر يونان ۾ ڄائو هو
    يونان اُهو آهي
    جتي سڪندر ڄائو هو
    ان کان وڌيڪ
    ڄاڻ رکڻ ضروري به نه آهي

    هر شڪارپوري
    شڪارپور ۾ ڄائو هو
    پر هر شڪارپوري
    شڪارپور ۾ ڪونه جنميو آ

    ڪهڙو فرق ٿو پوي
    اگر
    ڀوگول واري شڪارپور
    ڀومي گرست ٿي چڪي هجي

    ڪهڙو فرق ٿو پوي
    اگر شڪارپور جو نالو
    بدليو به ويو هجي
    ڪهڙو فرق ٿو پوي
    اگر ڪنهن کي
    شڪارپور
    اُتر اولهه جي بدران
    ڏکڻ اوڀر ۾ ملي
    ماڻهن کي شڪارپور گهرجي
    ته پوءِ
    هو ڇو ڪونه ٿا
    هٿ لکيل پرزي تي
    وشواس ڪن
    ڇو ڪونه ٿا
    ڪنهن ويٺل ڏانهن
    هٿ ڊگهيڙين
    هٿ ڊگهڙي ڏسن
    چِتَ ۾ پائيندا
    شڪارپور

    شڪارپور
    ڪنهن زمين جو نالو هو
    ڪنهن زمين جو نالو ناهي
    شڪارپور
    ڪنهن سرير جو نالو هو
    ڪنهن سرير جو نالو ناهي
    شڪارپور
    هڪ روح جو نالو هو
    هڪ روح جو نالو آهي
    .....؟.......!.......؟
    .....!.......؟.......!
    منجهڻ سڀاوڪ آ
    جو شڪارپور کي ڳولهڻ لاءِ
    شڪارپوري هئڻ ضروري آ
    هٿ ڊگهيڙي ڏسو

    ”ڀريل گهر
    بگيءَ تي کڻي
    ٽيشن تي خالي ڪري
    بگيءَ واري
    وري ورائي نه ڏٺو
    ته ڪو خالي ماڻهو
    ڀريل گهر ڊوهيندو
    سرحد پار هلي ويو“

    ”سانت
    ”....................“
    سانت جا برهما جي
    ننڊ کان پوءِ هوندي آهي
    ان سانت کي چيريندو
    گهوڙو
    جڏهن ننڊ لاءِ
    طبيلي تي پهتو
    تنهنجي لڳايل ڏور
    اڃان هن جي
    ڏاٺن ۾ هئي

    سانت
    ”....................“
    سانت جا برهما جي
    سجاڳيءَ کان اڳ هوندي آهي
    ان سانت کي چيري
    ڇا بگيءُ جو گهوڙو
    وري اُٿندو ؟
    ڪو ڀريل گهر
    ڪو خالي ماڻهو
    ڊوهڻ لاءِ
    ٽيشن ايندو
    او شڪارپور ؟

    انتهائي خاموشيءَ ۾
    منهنجي مؤن ورتي
    رڙهندي رڙهندي
    شهر جي اُن چؤواٽ تي
    پهچي ٿي
    جتي اڪيچار اِنسانن کي
    صليب تي چاڙهيو ويو آهي

    مان پيغمبر کي ٿو ڳولهيان
    جيئن سجدو ڪري
    پنهنجي مؤن ورت کي ٽوري
    سنسار کي چلائي چلائي ٻڌايان
    اهو پيغمبر تون ئي آهين
    جنهن کي تو ئي
    صليب تي چاڙهيو آهي
    او شڪارپور !


    رات جي پوئين پهر جي
    اک جي پوئين پلڪ
    مان ئي هوس
    پرڀات جي
    پهرين پل جي
    پهرين پلڪ به مان ئي هوندس
    تنهنجي اک جي هر وک
    مان ئي هوندس
    او شڪارپور !

    او پيارا ڀائو اياز
    توکي ياد هوندو
    جڏهن گلاب کي
    گلابي رنگ مليو هو
    لهو جو پکڙيل هو
    سيج تي سفيد چادر تي
    منهنجي جنم ڏينهن تي
    پوءِ اُهو ئي رنگ
    اُهائي سڳنڌ بڻي هئي
    توکي ياد هوندو شايد
    او منهنجا پيارا ڀائو اياز

    وقت
    چادر تي پکڙيل لهوءَ کي
    ڌوئي ڇڏيندو شايد
    پر گلاب ته
    خوشبوءِ ڪونه وڃائيندو
    ۽ تون
    ڪنهن پنکڙيءَ کي کڻي هنج ۾
    ڇا ڪنهن طوطلي ٻوليءَ ۾
    پنهنجي نئين نسل کي
    ٻڌائيندين
    گلاب گلابي ڇو ٿيندو آ ؟
    گلاب خوشبوءِ ڇو پاتي هئي ؟
    جيئن وري
    شڪارپور جي شاهي باغ ۾
    گلاب جا گل
    موٽي اچن

    اُن رات
    شڪارپور ۾
    هوا به مايوس ٿي
    سمهي پيئي
    ۽ اچانڪ
    منهنجن ساسن جي
    هڪ ڀڻڪ مونکي چتايو
    خدا اڃا جيئرو آهي

    مٽيءَ جون ڪچيون سرون
    هو ڪلهي تي ڊوهيندو
    هڪ طرف رکندو ٿي ويو
    خچرن جو نظرون
    سرن تي هيون
    خچرن جا ڪن ڌرتيءَ ڏانهن هئا
    خچرن جي اکين ۾ نير هو
    تڏهن مون هن کان پڇيو
    ”او خدا تون ائين ڇو ٿو ڪرين ؟“
    چيائين ”هان هن دڙي کي
    مون کان سوءِ ٻيو ڪير ڊوهيندو ؟“


    جتي

    جتي

    پلئٽفارم تي
    بيٺل ريل گاڏي
    هلي نه ٿي هلي

    تڏهن مون بابا کان پڇيو
    ”ريل ڪڏهن هلندي ؟“
    بابو به بي خبر هو
    پر ته به چيائين
    ”جڏهن ريل جي ڌٻي تي
    لکيل لفظ
    صحيح پڙهيا ويندا
    هيءَ ريل هلندي“

    مون اُهي لفظ
    نه پڙهي به پڙهيا
    شايد ٻين به ائين ئي پڙهيو
    سڀ غلط هئاسين
    سڀ غلط ٿياسين
    ريل ڪونه هلي

    تڏهن هڪ گهورڙيي به
    اُهي لفظ پڙهيا
    ۽ وڏي واڪي چيائين
    ”هندو پاڻي.....مسلمان پاڻي“
    ۽ ريل هلي پيئي

    جڏهن ريل هلي هئي
    هنن چنڊ رات ڪئي
    چنڊ ڀٽڪيل ريل گاڏيءَ مٿان
    چانڊوڪيءَ جا گل
    ڇڻڪائيندي ڇڻڪائيندي
    پنهنجي وجود کي
    ڌرتيءَ تي
    ٽڪر ٽڪر ڪري
    کوهي ڇڏيو
    تڏهن مون چنڊ کان پڇيو
    ”تنهنجي هستيءَ جو ڇا ٿيو ؟“
    چيائين
    ”ريل گاڏيءَ تي لکيل لفظ
    مون به پڙهيا هئا
    مان به دوکو کائي
    هلندڙ گاڏيءَ ۾
    چڙهي پيو هوس
    پنهنجي چاندنيءَ تي
    بي ڀروسي ٿي
    لوهي جي چمڪندڙ پٽن تي
    ڀروسو ڪيو هوم
    اسيم سک ۽ ڀوڳتا
    اسان جي آتما کي
    پاڻ وٽ گروي رکي
    پنهنجي ڇانوَ ۾
    اسان کي آسرو ڏيندا آهن
    مون به اُن اُپڀوڳتا ۾
    پاڻ وڃائي
    پنهنجو آتم
    کوهيو آهي
    ۽ هاڻ پنهنجي آڪار کي وٽوري
    ڀٽڪندو ٿو رهان
    ڀٽڪندو ٿو رهان ....“
    ۽ ان کان پوءِ
    چنڊُ
    ڪڏهن به پنهنجي آتما سان
    ڪونه اُڀريو

    مان.....
    مان اُن گاڏيءَ ۾
    ڪونه چڙهيو هوس
    پر چاڙهيو ويو هوس
    عمر ئي اهڙي هئي
    اُن وقت
    بابي به جهٽ پٽ ڪئي
    تڪڙ ۾ هن جي جتي
    پلئٽفارم تي رهجي ويئي
    اُن وقت منهنجي ننڍڙين اکين
    اُن جتيءَ کي چتائي ڏٺو هو
    منهنجي وک ايڏي وڏي نه هئي
    جو جتي به کڻان ۽ ريل به کڻان
    بابي جي جتي
    منهنجي آئيندهه جي پونجي
    اُتي ئي رهجي ويئي

    ريل مان لٽڪندڙ
    منهنجون ڄنگهون
    نئين هوا جي تيز رواتن سان
    گسي ..... گسي....
    اڄ پنهنجو آڪار
    کوهي چڪيون آهن
    چوندا آهن
    ننڍي هوندي جي وِڏَ
    ورثو ٿي پوندو آهي
    اڄ ــــــــ مان به
    وارثي اپاهج آهيان
    جنهن جو علاج
    الاجي آهي يا نه آهي

    سچ ته منهنجي مٿي ۾
    اِها بيماري آهي ئي ڪونه
    پر پوءِ به
    منهنجي پوين کي
    اها بيماري
    پنهنجي مٿي تي
    کڻڻي ئي پوندي

    اڄ منهنجي نظر
    صرف بيمار ماڻهو ئي
    ڏسي رهي آهي
    مون اُنهن ماڻهن کان پڇيو
    ”توهان بيمار ڪيئن ٿيا ؟“
    چيائون
    ”اسان به ريل گاڏيءَ تي
    لکيل لفظ
    غلط پڙهيا هئا
    پر ريل هلي پيئي
    سواري ٿيندي
    شيل ٿيندو
    اِها پڪ هئي
    رفتار تي سواري
    سوروير ئي ڪندا آهن
    اسان به رفتار تي سوار ٿياسين
    پر سواريءَ لاءِ
    جا سگهه گهرجي
    اُها ته سوين سال اڳه
    اسان وڃائي ڇڏي هئي
    اسانجي جتي به
    پلئٽفارم تي رهجي ويئي آهي“
    ”ته پوءِ زنجير ڇڪيون ؟“
    ” نه......نه.......
    ائين هرگز نه ٿيڻ گهرجي
    پلئٽفارم ته
    گهڻو گهڻو پٺتي
    رهجي ويو آهي
    وقت به گذري چڪو آهي
    باقي جتي
    اسانجي پيرن لاءِ هوندي به يا نه !
    (انهيءَ ۾ به شڪ آهي)
    وقت اُن جو مقدار گهٽائي
    ۽ اسانجي پيرن کي وڌائي
    ڇڏيو هوندو“
    تڏهن مون
    هنن جي پيرن ڏانهن ڏٺو
    هنن کي پير هئائي ڪونه
    هو به مون وامگر اَپنگ هئا

    پر پوءِ به
    الاجي ڇو
    مونکي وشواس هو
    بابي جي ڇڏيل جتي
    مان ڪم آڻي سگهندس

    مان رڙهندو رڙهندو
    پلئٽفارم تي پهتس
    ڏينهن جي تيز تپت ۾
    ڌرتي باهه ۾ ٿي ٻري
    بابي جي جتي
    وچ پلئٽفارم تي پئي هئي
    شايد ان کانپوءِ
    اُتان ڪا ريل گاڏي
    ڪونه گذري هئي
    ۽ هو
    اُهو ئي گهورڙيو
    جتيءَ جي اڳيان ويٺو هو
    هو اُن جتيءَ کي
    چتائي ڏسي رهيو هو
    ٿر ٿر ڪنبي رهيو هو
    ڀيانڪ ٿڌ
    جا شايد ريل جي وڃڻ کانپوءِ
    هن جي سرير کي وڪوڙي ويئي هئي
    هن جي جهريل ماس تي
    ٿڌ جو اڻڀو خشڪ تهه
    صاف نمودار هو
    هو پنهنجا پير
    وري وري جتيءَ ۾
    ڦهڪائي رهيو هو
    تڏهن مون هن کي
    هڪل ڪئي
    ۽ هن مونکي سڃاڻي ورتو
    منهنجي بابي جي جتي
    پنهنجن هٿن ۾ کڻي
    هو منهنجي آڏو اچي بيٺو

    سانت
    سانت جا برهما جي سجاڳيءَ کان
    اڳه هوندي آهي
    اُن سانت کي برقرار رکي
    هن پنهنجي اڌ ٻوٽيل نظرن سان
    منهنجي بيمار اکين کي ڏٺو
    هن جون نطرون
    ڌيري ڌيري
    منهنجي سرير تان سفر ڪندي
    منهنجي اَپنگ پيرن تي اچي اٽڪيون
    هن جي نظرن ۾
    طنز هئي، قياس هو
    ڌڪار هئي، پيار هو
    اُهو سڀ
    منهنجي لاءِ
    پنهنجن اکين ۾ سمائڻ
    ناممڪن هو
    مون شرم کان
    پنهنجون اکيون کڻي ٻوٽيون
    تڏهن
    ويندي ويندي چپ ئي چپ ۾
    هن جون نظرون چونديون ويئون
    ”پورڻتا پيرن سان ٿيندي آهي“

    ۽ مان اَپنگ
    بابي جي جتيءَ کي ڇهڻ لاءِ
    رڙهندو رهيس
    رڙهندو رهيس
    ۽ رڙهي رهيو آهيان
    پورڻتا کي پائڻ لاءِ .


    کٽ

    کٽ

    مان سمهي نٿو سگهان
    ممبئي شهر ئي اهڙو آ
    مان ڳوٺ مان نڪتو هوس
    کٽ کڻي نڪتو هوس
    پر جنهن به زمين تي پهتس
    ممبئيءَ ئي پهتو هوس

    ممبئي شهر ۾
    ڪوئي ڪونه سمهندو آهي
    اِهو ئي هتي جو سرشتو آهي
    هتي
    ڪڏهن ڪوئي ڪونه سمهندو آهي
    سرشتي جي تحت
    هنن سڀني
    ڳوٺ مان
    کٽون آنديون ئي ڪونه آهن
    هنن سڀني جا ڳوٺ
    وڏي پنڌ تي آهن
    پوءِ به سڏ پنڌ تي آهن
    ۽ وقت ٿيو
    منهنجو ڳوٺ
    منهنجي برعڪس جزن ۾
    ولين ٿي چڪو آهي

    اڪثر ممبئيءَ ۾ ماڻهو
    ڇٻي کي کٽ لاءِ کڻي
    سنتوش ڪندا آهن
    مون کٽ کي ڇٻو ٺاهي
    پنهنجو وجود قائم رکيو آهي
    هتي جي سرشتي ۾
    ڇٻو وجود آهي
    ۽ ماڻهو صرف اُنهيءَ جو پاڇو
    رات جو
    ڇٻو ننڊ ڪندو هوندو شايد
    پاڇو
    برعڪس روشني جي ڊپ کان
    ڍڪندو ئي رهندو آهي
    هتي اوندهه ٿيندي ئي ڪونه آهي
    هتي صرف حادثا ٿيندا آهن
    روشنيءَ سان
    يا اوندهه سان
    پاڇي ۾
    ڏار پوندا آهن

    رات جو انڌڪار نه ٿئي
    انهيءَ لاءِ
    ڏينهن جو ماڻهو
    سرنگهون لڳائيندا آهن
    مون به معنى خيز
    ارٿ سرشتي واري
    سرنگ لڳائي آهي

    هن شهر ۾ مان ڌاريو آهيان
    ٻيا به ڌاريا آهن
    زمين کان ڌاريا
    پنهنجو پاڻ کان ڌاريا

    هرهڪ کي ڊپ آهي
    مون کي به ڊپ آهي
    ارٿ پورڪ ارٿ سرشتو
    جو سويل صبح
    زمين دوز لڳايو هو
    متان اُن سرنگهه تي
    ڪنهنجو پير نه پئجي وڃي
    ۽ هڪ ئي ڌماڪي سان
    ڪنهن جا سپنا
    ڪنهن جي هستي
    چور چور نه ٿي پوي

    پر اڄ مان
    بي انتها مزوريءَ کان پوءِ
    ٿڪجي پيو آهيان
    مونکي ننڊ ٿي اچي
    منهنجو ڳوٺ
    منهنجي برعڪس جزن ۾
    ولين ٿي چڪو آهي
    منهنجي کٽ
    مون سان ساڻ آهي
    اڄ کٽ
    کٽ به ٿڪجي ٽٽجي
    وسرام ٿي چاهي
    پر اهو
    ڪيئن ممڪن آهي
    مان سمجهي سگهان ٿو
    مان نه ٿو چاهيان
    منهنجي کٽ
    ڪنهن بارود لڳل
    منحوس راهه تي
    سمهي پوي
    مان سمهي نٿو سگهان
    ممبئي شهر ئي اهڙو آ
    مان ڳوٺ مان نڪتو هوس
    پر جنهن به زمين تي پهتس
    ممبئيءَ ئي پهتو هوس.


    ڌرتي

    ڌرتي

    ڌرتي
    غرق ٿي وڃي ها
    ته اتهاس جو
    حصو هجي ها
    جيئن ائٽلانٽا
    پنن جي ڇاتيءَ تي

    اُن غرق ٿيل
    ڌرتيءَ جو
    ڪوئي ٻچو
    هوندو ڪٿي باقي بچيل
    اتهاس جا پنا
    جنهن جي ڪلهن تي نچن ٿا

    مارؤ جبل جا وارث
    ڪجه ڪجهه نظر اچن ٿا
    سنڌوءَ جي ٿڻ جي اُپج
    اڃا ته چٽي صاف آ

    اتهاس مري چڪو آ
    اِهو ڪيئن قبوليندس آءٌ
    مان بي سمجهه جناور ئي سهين
    ڊڀُ ته اڄ به اتي اُڀري ٿو

    نه غرق ٿي آهي
    نه مان ئي
    ڇنڊجي ڇيڻ ٿيو آهيان
    ۽ ماروءَ جي وارثن کي
    پڪ آهي
    سڀاڻي وري اُڀرندي اها زمين
    منهنجي ته سامهون آ
    ساکيات آهي
    سڀاڻي لاءِ ڇو ترسان مان
    ڪکه ڪائي کڏ ڪانهي
    جنهن ۾ ٽپي پيو آن آءٌ
    هاڻ غرق ٿيندس
    يا نئون سنئو
    سڀاڻو ٻڌائيندو
    ته مون ڇا خريديو آ
    عقيدو؟ .... يا .... اتهاس ؟


    مان ڏيئو ٻاريندس

    مان ڏيئو ٻاريندس

    مون جهاز تي پيتو هو
    ڏاڍو پيتو هو
    ان کان اڳ
    مون گهر ۾ به پيتو هو
    هاڻ جڏهن
    پنهنجي ڀوميءَ تي پهتس
    تڏهن به پيتو
    خوب پيتو
    مون اياز کي ٻڌايو
    ڪالهه اُتي
    هُنن ڏياري ڪئي هئي
    اڄ مان
    هتي ڏياري ڪندس
    مون کي ڏيئو ڏي
    مان ڏيئو ٻاريندس
    هٽريءَ تي
    اَکو چاڙهي
    سون چاندي کير ڇٽي
    مان ڏياري ڪندس
    مون کي ڪانا ڏي
    مان ڪانا ٻاريندس
    مون کي ڪانا ڏي
    مان ڪانا ٻاريندس
    ونش ونش کان
    مون ڪانا ٻاريا آهن
    منهنجو ايندڙ ونش به
    ڪانا ٻاريندو
    مونکي ڪانا ڏي
    مان ڪانا ٻاريندس
    ڪالهه اُتي
    هنن ڏياري ڪئي هئي
    اڄ مان
    هتي ڏياري ڪندس

    ۽ هو
    هڪ نئون وڳو
    سلوار ۽ قميص جو
    مون لاءِ ڇڏي ويو

    مون اُن رات به
    ڏيئو ڪونه ٻاريو
    اُن رات به پيتو
    خوب پيتو
    هاڻ به روز پيئان ٿو
    خوب پيئان ٿو
    ڪڏهن ته
    کيپ ٽٽندو منهنجو
    ۽ ڪڏهن ته مان
    ڏيئو ٻاريندس.


    تنهنجو سڏ

    تنهنجو سڏ

    ”ائين ته هر سڏ تي
    مئا مٽندا آهن
    ڪي اڌورا ته ڪي پورا
    موٽڻ هڪ سمجهوتو آهي
    جيئڻ جي لالسا لاءِ

    تنهنجو سڏُ ٿيندو
    ۽ مان موٽي ايندس
    ڪجهه تياڳي .... ڪجهه پائڻ لاءِ
    تو اهو ڪيئن سمجهيو؟

    تنهنجي سڏ جي هجي
    مان پڙهي سگهان ٿو
    توکي به منهنجو موٽڻ
    پڙهڻ گهرجي
    اگر مان تنهنجي سڏ تي
    موٽي اچان

    مان موٽندس
    ضرور موٽندس
    جڏهن اُهو سڏ ٿيندو
    جيڪو هِجي نه ٿيو هُجي
    مان پنهنجو موٽڻ به
    بنا هِجي جي چاهيان ٿو

    مان ڪونه موٽندس
    ڪونه موٽندس
    پر
    مان هوندس ......
    مان هوندس
    آڪاس ۾ اَنادي آواز
    آڪاس به مان هوندس
    اُهو سڏ به مان هوندس
    اُهو سڏ جو هِجي نه ٿيندو
    تون وڃي ڪائي ڪُکه ڳولهه
    مون سان ملڻ لاءِ .


    اُهوئي سڏ اُهوئي پڙاڏو

    ڀت جي هن ڀر کان
    ور ور اچي ٿو آواز
    تون موٽي اچ
    موٽي اچ
    موٽي اچ

    اُهو ئي سڏ اُهو ئي پڙاڏو
    سڏ ۽ پڙاڏي جي
    وچ جي وڇوٽي ــــ شڪ
    شڪ سان گڏ اچرج

    سائيڪل کان پوءِ
    هر ڍڪيل رفتار تي اچرج
    اچرج سان گڏ شڪ
    پوءِ ٻاڦ واري انجڻ هجي
    يا بنا دونهي
    لفظن جي رفتار
    هر رفتار تي اچرج
    هر دونهي ۾ شڪ

    ماضي آهي مهاٻلي
    نٻل آهي حال

    وري وري اچي ٿو
    اُهو نڀاڳو سپنو
    ـــ هڪ نڌڻڪو ٻالڪ
    بيٺو آهي
    پنهنجي گهر ٻاهران
    گهر
    جنهن جي ديوارن تي
    صرف لٽڪيل آهن دروازا
    ۽ اندران اچن ٿا آواز
    تون موٽي اچ
    اندر اچ .....اندر اچ
    اُهو ئي سڏ اُهو ئي پڙاڏو
    سڏ ۽ پڙاڏو
    وچ جي وڇوٽي ــ ڊپ
    ڊپ جو احساس
    متان وري ائين نه ٿئي
    جو اونهاري ۾ سيءُ پوي
    گرميءَ خاطر
    ماڻهو ماڻهوءَ جو خون پيئي

    اونهاري جو سيءُ
    وڪوڙي ويو هو سرير کي
    هنن مونکي
    مردو سمجهيو
    هڪ ڊي ــ فرجڊ اِنسان
    هڪ وستو
    وستو ڀوڳڻ لاءِ

    وستو ۽ ڀوڳ جي
    وچ۾ جا وڇوٽي
    هڪ بي شڪل ڇڪتاڻ
    نتيجو ڪجهه وناش
    وناش پٺيان ڪجهه نرماڻ
    وستو هڪ وجود
    ڀوڳه هڪ وناش
    وناش هڪ تبديل
    تبديل هڪ نئون جيون رس
    جيون رس هڪ نرماڻ
    وناش ۽ نرماڻ جي وچ جي وڇوٽي
    اُهو ئي سڏ اُهو ئي اهو ئي پڙاڏو
    زمين ،،،،، زمين......زمين


    هڪ ساڌوءَ جي ساڌٻيلي کان واپسي

    هڪ ساڌوءَ جي
    ساڌٻيلي کان واپسي

    پوترتا تنهنجي آتما هئي
    ۽ مان
    هاڻ پوتر نه رهيو آهيان

    هاڻ جڏهن جڏهن
    مان تو وٽ اچان ٿو
    مونکي لڳي ٿو
    مان پنهنجي ئي
    مردهه سرير ۾
    پرويش ڪري رهيو آهيان

    او سنڌو پتر ساڌ ٻيلا !
    ياد ڪر
    جڏهن مان تو وٽ هوس
    مون چيو گلن کي
    سڀ ٽڙي پئو
    ۽ سڀ ٽڙي پيا هئا
    بن بادلن آڪاش کي ڏسي
    مون چيو هو مورن کي
    نچو
    مورن ناچ ڏيکاريو هو

    اهڙي ڪوشش
    مان هر دفعي ڪريان ٿو
    جڏهن جڏهن
    مان تو وٽ اچان ٿو
    ۽ مان اسڦل ٿي موٽان ٿو
    اِن احساس سان
    ته هڪ مردو ٻئي مردي سان
    وڀچار ڪري موٽيو آهي.


    اَڀياسي تقرير : چؤواٽي تي ڦٽندڙ چؤ واٽي جي واٽ ــــ هرش واسواڻي

    منهنجا مانوارا مترو،
    ڪتاب جي مهورت جي، هيءَ جيڪا رسم آهي ان کي توهين به هڪ رسم ڳڻيو يا هڪ سنجوڳ يا هڪ اتفاق مڃيو، مان پنهنجي سؤد پنهنجي موجودگيءَ کي هتي هڪ نقاد جي طور قبوليان ٿو. نقاد هڪ هرو ڀرو هڪ معتبر شخص ئي آهي ، اهو ضروري ڪونهي. مغرب جا ڪيترا اديب نقادن کان کان ڪنارو ڪندا آهن. هڪ ته انهن کي پرجيوي (Parasite) به ڪري ڪوٺيو ويو آهي. سندس چوڻ آهي تهي نقادن کي شاعرن ۽ ليکڪن جو شڪرگذار هجڻ کپي، جي کيس پنهنجو رچنائون مهيا ڪري ٿا ڏين، جن تي هو پنهنجو پيٽ پاليٿو. ان حساب سان جيڪو ڪم مونکي آخر ڪرڻو آهي اُهو مان پهرين ڪري ٿو وٺان. مان شڪر گذار آهيان ديپ شکا پبليڪيشن جو خاص طور نند جويريءَ جو جنهن لکي هي پل پلجڻ لاءِ ڏنا آهن.
    موليئر جي ناٽڪ ۾ هڪ ڪردار اچيٿو جنهنکي عرصي کان پوءِ ڪوئي ٻڌائي ٿو ته سڄي عمر هو نثر ئي ڳالهائيندو رهيو آهي. اهو ٻڌي هن کان ڇرڪ نڪري ٿو وڃي: ڇا ! سڄي عمر مان نثر ئي ڳالهايو آهي: اسين جيڪي ڳالهايون ٿا اهو نثر ئي آهي. ڇرڪڻ جي ضرورت تڏهن محسوس ٿئي ٿي جڏهن لڳي ٿو شايد اهڙو ڪجهه رهجي ويو آهي جيڪو اسان نه ڳالهائي سگهيا آهيون. صرف ان ڪري ڇاڪاڻ ته نثر سڀ ڪجهه ڳالهائي ئي نه سگهندو آهي. هيڏانهن نئين ڪويتا جي دؤر بعد شاعريءَ ۾ اسان وٽ اهڙا شاعر شوقيا شامل ٿي ويا آهن، اهي جيڪڏهن نه ڇرڪن ته مان چوڻ چاهيندس ته هو نثر ئي لکي رهيا آهن شاعري ڪونه ڪري رهيا آهن. خود شيخ اياز کي به مهاڳ ۾ هنن ڪويتائن کي کليءَ طرح سان شاعري چوندي هٻڪ ٿي آهي. دراصل نثر ۽ نظم ۾ فرق ڪرڻ جو آخرين ماپو مشڪل آهي شايد ان ڪري.
    لفظ Poetry جنهن گريڪ ڌاتوءَ مان اُسريو آهي اُن جو مطلب آهي That Which makes you upجيڪو توهان کي مٿي ٿو کڻي ان زمين کان جنهن تي توهين بيٺا آهيو. ان زمين کان الڳ اهو توهان کي سچاين جي هڪ اهڙي ليول تي پهچائي ٿو، جنهنجو اوهين تصور نه ڪري سگهو ته اُهو نظم آهي. شعر آهي. اِن کي سڃاڻڻ ڪا ڏکي ڳالهه نه هئڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ان جي سڃاڻپ ان جي پراسيس يا ان جي رچنا پرڪريا ۾ لڪل هوندي آهي. ساڳيو سوال هڪ دفعي آمريڪا جي هڪ نامياري شاعر کان کان پڇيو ويو ته اڄڪالهه نثر ۽ شاعريءَ ۾ ڪو فرق ئي ڪونه ٿو نظر اچي. ان جي فرق کي ڪيئن سڃاڻجي ؟ چيائين ڪو وڏو مسئلو ڪونهي. دراصلthere are some prose habits and some poetry habits. اسين پنهنجن انهن عادتن کان آجا ئي نه ٿي سگهيا آهيون. تڪليف اتان ئي ٿي پيدا ٿئي. ورنه جماليتي طور ٻنهي کي الڳه ڪرڻ مشڪل نه آهي، ڇا ڪاڻ ته ٻنهي جي رچنا پرڪريا الڳه آهي ، هڪ ٻئي کان مختلف هئڻ جي حد تائين.
    هاڻ مون پڻ هن ڪتاب تي نظر ثاني ڪندي ساڳي طرز اپنائڻ چاهي آهي. رچنا کي کولڻ چاهيو اٿم جيئن ٻڌائي سگهان ته شاعري، شاعري ڪيئن آهي، ماهريت جي دعوى کان سواءِ Post Modren Theory ۾ رواهڪ ويچار (Cocept) Desconstruction جو پڻ ذڪر ڪندس. What Writer Constructs Cirtic should Deconstruct. علاوه شئلي وگيان ۽ Structuralism جا ڪي نوان ماپا به اسان جي سامهون آيا آهن. وري چوان ته ماهريت جي ڪنهن به دعوى کان سواءِ ڪتاب نسبت منهنجي ويچارن پٺيان رليل مليل تثرات رهيا آهن. اهڙو ئي هڪ ردعمل آهي جيڪو مان توهان جي اڳيان رکي رهيو آهيان.
    ڪنهن به شعر کي ڏسڻ لاءِ ٿلهي ليکي جو هڪ ٽڪنڊو ٺهي ايندو آهي. ان ۾ ٽي چيزون هونديون آهن. هڪ آهي شعر جو Psyche جنهن کي اسين سنڌيءَ ۾ چت چونداسين. ٻي شعر جي جماليت ۽ ٽيون Age (عمر) يا زمان. ڇاڪاڻ ته هر شاعري بنيادي طرح زمان سان ڳنڊيل (Time Related) هوندي آهي. جيستائين اِها ائين ڪانهي ته ان ۾ لا انتها (Time less) هئڻ جو ٻج ڳولهڻو پوندو آهي.
    اسين نند جويريءَ جي جي چت ۽ جماليت جي باري ۾ ڳالهائي سگهون ٿا. پر جي اول ان ۾ زمان کي ڳولهجي ته لڳندو ته زمان جا جيڪي مختلف روپ يا جيئن ان جو وجود آهي اهو نند جي شاعريءَ ۾ پڙاڏي جي روپ ۾ آهي يا ته آهي ئي ڪونه ، يعني غير حاضر آهي. اسان جي چوطرف جيڪا زندگي آهي، ان جو پيچيده سٽاءُ آهي، سياسي، سماجڪ، مالي مسئلا آهن، سازشون ۽ ڪشيدگيون آهن. انجو ڪو سڌو حوالو هن ڪتاب ۾ ڪونهي، ائين مٿاڇري تي ڏسڻ سان لڳي ته ڪويتائون پنهنجي وقت سان جڙيل نه آهن. پر وقت يا انجي اثرن مان اُڀرندڙ ڪي احساس ڪيئن باريڪ يا Diluteٿي شاعر جي روح يا چت سان جڙي ويا آهن، اهو اسان کي ڇيد ۾ نظر ايندو.
    ڪتاب کي پڙهي وڃڻ بعد مون انکي پنهنجي سهوليت لاءِ ٻن حصن ۾ ورهايو آهي، احساس جو مناظر (Landscape of Feeling) فڪر جو مناظر (Landscape of Idias) هڪ وڏو اتفاق اهو آهي، اهي ٻئي حصا هڪ ٻئي جي برعڪس آهن. فڪر جي مناظر ۾ جتي جتي ناڪامياب ويو آهي، احساس جي مناظر ۾ اوترو ئي ڪامياب ويو آهي. هن جون اوڻايون فڪر واري حصي ۾ آهن جن ۾ مون ”مان“ کان وٺي ”اوندهه“ تائين واريون ڪويتائون رکيون آهن. ”اوندهه“ کان وٺي ”سڏ پراڏو“ تائين ٻئي حصي ۾ آهن. جيتوڻيڪ سطحي طور ساڌٻيلي واري ڪويتا احساس واري خاني ۾ اچڻ کپي. پر جيئن ڪويتا بيٺي آهي تيئن انجو شمار به فڪرمند ڪويتا ۾ ڪرڻ کپي. ڇاڪاڻ ته انجو مقصد به خيال تي چوٽ ڪرڻ آهي. فرق هيءُ آهي جيڪي احساس واريون ڪويتائون آهن جيئن شڪارپور، جُتي وغيره اُنهن ۾ سندس شخصي انڀوتي انجي اظهاري ۽ اُن جي صداقت (Authenticity) کي ڪنهن به ثبوت جي ضرورت نه آهي. انڀوتيءَ جي شدت ايتري صاف، شفاف آهي جو ان کي محسوس ڪرڻ ۾ ڪنهن مشڪل جي گنجائش ئي ڪانهي. جيڪڏهن ڪوئي ائين چوي ته هيءَ ڪويتا ڪويءَ جي ياد ـــ وطن (Nostalgia) مان پيدا ٿي آهي ته مان انڪار ڪندس. هيءَ ڪويتا سمرتيءَ جي ڪويتا آهي ئي ڪانه. هيءَ ڪويتا ڇا آهي انجو خلاصو اڳتي ڪندس. گهٽ گهٽ اها سمرتيءَ جي ڪويتا ڪانهي. ڪويتا ۾ شخص پنهنجن جڙن کي ڳولهي نٿو . هو پنهنجن جڙن سان پابند آهي پر جڙ ــ هيڻتا (Rootlessness) جيڪا تواريخي پراسيس آهي انجي تشخيص ٿو ڪري پر اُها ايتري سهڻي، ايتري موضو نموني جذبي سان اُڻجي آئي آهي جو لڳي ٿو گويا اهو سندس ڪو شخصي ـــ درد هجي. ٻئي طرف فڪر واريون ڪيتائون اهڙو اعتقاد پيدا نه ٿيون ڪن.
    اول ته ڪي اهڙا سوال آهن جن جا ڪي آخري جواب آهن ئي ڪونه ، شاعر انهن تي شاعري ڪرڻ چاهي آهي. ويچار جي شاعري ممڪن آهي. شعر ڪوبه ويچار ڏيڻ لاءِ آزاد آهي. پر اُن ويچار لاءِ وشواس پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ ڀاوَ ياترا ضروري آهي. ويچار جذباتي سچائيءَ مان ئي پختگي حاصل ڪندو آهي. نند جي ڪويتائن ۾ انهيءَ سچائيءَ جي کوٽ آهي. مثلن مجموعي جي ڪن ڪويتائن مان ”مان“ ۽ ”نج“ ئي وٺو. هاڻ جيڪڏهن ڪوئي چوي ته ته مان پهرين نج هوس هاڻ نج نه آهيان انجو جواب لامحدود آهي. گوتم ٻڌ لامحدود جوابن کان هميشهه پاڻ کي پري رکيو ۽ صرف محدودگين مان پيدا ٿيندڙ سوالن جي مقابل ٿيڻ پسند ڪيو.نند جويريءَ بدقسمتن پاڻ کي لامحدود جوابن ۾ اُلجهايو آهي ۽ ان مان ڪي تضاد پيدا ٿي ويا آهن ۽ ڪي منطقي چڪون به. چڪون انڪري ٿيون آهن جو نند شبد طرف لاپرواهي ڏيکاري آهي. ڪويتا ۾ شبد جي وڏي اهميت آهي. مونکي آڊين (Auden) جي ياد ٿي اچي. هو چوندو هو ته مون وٽ جيڪڏهن ڪوئي اچي ائين چوي ته منهنجي شاعريءَ ۾ هيءُ زبردست خيال آهي يا مون وٽ هيءَ هڪ گهري تخيل آهي ته مان ان تي ڪپ ڌيان ڪونه ڏيندس ڇاڪاڻ ته شاعريءَ ۾ ڪا چيز ننڍي يا وڏي ڪونه ٿيندي آهي. دراصل مان اهو ڏسڻ چاهيندس ته هن ڪنهن شبد جو پيڇو ڪيئن ڪيو آهي، اهو ڪويتا ۾ ڪا نئين ارٿ ـــ وينجنا ڏئي ٿو يا نه.
    مثل نند هڪ لفظ ڪتب آندو آهي، ڀرشٽ يا Corrupt هاڻ مان پڇان ٿو ته ان لفظ جو مطلب ڇا آهي. ڪويتا مان اها ڳالهه اُڀري ٿي ته ڪي سماجڪ اثر آهن، ٻين جا اثر آهن جيڪي مونکي ڀرشٽ ٿا بڻائين. I say no. اهو ضروري ڪونهي. مهرباني ڪري اوهين سماج کي صرف ٻاهر نه ڳولهيو. اڄ هر انسان جي زبان تي آهي: سماج سڙي چڪي آهي مان ڇا ڪريان. مان ٿو پڇان ته اهو سماج آهي ڪٿي جيڪو سڙي چڪو آهي. جيڪڏهن هرڪو انسان ”مان“ جي صورت ۾ ڪاٽو ٿو ڪري. اصل ۾ اسان جي اندر ۾ ئي انفرادي آتم ۽ سماجي آتم جا ٻه سوروپ موجود آهن، جيڪي خود پڻ تشدد ۾ اچن ٿا. هڪ سوسائٽي within (اندر) آهي هڪ سوسائٽي ودائوٽ (کان سواءِ) آهي. اهو چوڻ ٻاهريان اثر ئي انسان کي ڀرشٽ ڪن ٿا ڪو مطلب ڪونه ٿا ڇڏائين. ڪير ڪنهن کي ڀرشٽ نٿو ڪري؟ وري ڪويتا چويٿي ته اهو قدامت جي ابتدائي کِنن کان پئي ٿيو آهي ته ڳالهه منطقي سطح کان مٿي کڄي Metaphysical ليول تي پهچي ٿي. اها سڄي اوک ڊوک ڪنهن به جذباتي آنڌ مانڌ کان خالي آهي. ان حالت ۾ ڪويتا تهائين نٻل ٿي ٿي وڃي. نند جي ڪويتائن ۾ اها مخصوص ڪمزوري آهي.
    هاڻ ان جي برعڪس شڪارپور ۽ ٻيون احساسن واريون ڪويتائون ڏسو. ڀاوَ جي ڪوملتا مٿان ڪٿي به لفظ ڀاري ڪونهي. هڪ ٻڻ لفظن جي مطابقت ڇڏي ڏجي، پوري ڪويتا ۾ ڪٿي ڪو وزندار لفظ ڪونهي. اهائي ٻولي آهي جيڪا احساس کي خود ئي ٻولي ٿي. ٻولي جنهن ۾ انسان فيل (Feel) ڪندو آهي. جڏهن ڪ فڪراتي ڪويتا ۾ تضادي لفظ آهن، تشنيهون آهن. شڪارپور واري ڪويتا۾ نند اُن۾ ديوي ۽ پدمڻي جهڙيون صفتون جوڙي ڪويتا کي ڪمزور بڻايو آهي. شڪارپور پدمڻيءَ کان به وڌيڪ آهي. هڪ پوري تهذيب جي اڳيان پدمڻي ڇا آهي؟ ثقافت جي مرتيو وڌيڪ دردناڪ Phenomenou آهي. تواريخ جي جهيڻن سوترن جي Conceteness کي پڪڙڻ سولو نه آهي. ٻيءَ طرح ناٽڪ ۾ هڪ Inner Tension موجود هوندو آهي. جيسين تائين ناٽڪي Coflict ان ٽينشن جي نقطي تائين ڪونه پهچندو آهي. ڊراما پنهنجو اثر ڇڏي ڪونه سگهندو آهي. نند هن ڪويتا ۾ ٽينشن سرجيو آهي، ڪنفلڪٽ جي ذڪر کان سواءِ آهي. اهو نند جويري نه آهي جيڪو شڪارپور ۾ پاڻ وڃائي رهيو آهي. اها نند جويريءَ جي Identity نه آهي جيڪا ختم ٿي رهي آهي. شڪارپور پنهنجو پاڻ کوهي رهي آهي. شڪارپور جي Identity ختم ٿي رهي آهي. هاڻ شڪارپور جي علامت طور وٺبو ته وڏيون معنائون خود ظاهر ٿيڻ لڳنديون. تاريخ جا Challanges سامهون ايندا. اتهاس جي اڳيان سوالن جون نشانيون اُڀرنديون. دور وڃبو ته واديءَ جي سنڌو سنسڪرتي پنهنجي سود ڪيئن کاڄي رهي آهي ان جو چٽ ملندو. شڪارپور پرتيڪ آهي. ان ۾ پدمڻيءَ کي آڻي جذباديت اوتڻ جي ضرورت نه آهي. شايد Oversight آهي. مونکي خبر ناهي ته ڪويتا کي ڪنهن خانه بنديءَ ۾ رکڻ ضروري آهي يا نه.اسان وٽ allegory هڪ نوع آهي. فارمل معنى ۾ شڪارپور Allegory ڪانهي پر انجي ڀاوَ ـــ ياترا جي پٺيان جيڪا Impulse آهي اُها Allegorical Impulse آهي. ڪويتا ٻن درجن تي گڏ ٿي هلي. انجو هر بند هڪ ٻي معنى کي سمائي ٿو هلي، علامتي معنى کي ان حساب سان هيءَ ڪويتا ماڊرن Allegory جو تجربو آهي.
    هتي اياز صاحب جي مهاڳ کي نظر انداز ڪرڻ مشڪل آهي. اياز جتي نند کي هو بهو ڪوٽ ڪيو آهي اتي هن سان منهنجي اسهمت ٿيڻ جو ڪو سبب ڪونهي. جتي هن نند کي ڇڏي ٻين جي باري ۾ ڳالهايو آهي اُتي اسهمت ٿيڻ جي مونکي ڪا گنجائش نظر نٿي اچي. پر نند نسبت هن جو ڪجهه چيو آهي ان جي ٻن نقطن کي وٺي مونکي سخت اعتراض آهي. هڪ ته هن شڪارپور جي ڪويتا جي جيڪا مشابهت Surreallstic Paiting سان ڪئي آهي سا غلط آهي. جيئن Surrealist شاعر Tzara چيو آهي هو ته Surrealism جو مطلب آهي اوهانکي جيڪو سڌو صحيح ضمير ڀريو ٿو لڳي اهو Nonsensible آهي. توهانکي هر چيز کي اُلٽو يعني Upside down ڪرڻو آهي . هر صورت حال ڀيانڪ آهي ۽ ضمير ته وڌ ۾ وڌ. شڪارپور سان اها ڳالهه لاڳو ڪرڻ مشڪل آهي. ان ڪويتا ۾ جذباتي پريشانيءَ باوجود ذهن ۽ ضمير جا سوال اُٿاريا آهن. Surrealism جي صحيح معنى جي بجاءِ ڪويتا ۾ ڪن شبد چترن جي ڪولاز کي ڏسي اياز ڪويتا کي Surrealist قراريو آهي. اياز جو چوڻ آهي ته نند جي ڪويتا ۾ سنڌيت جي ڀرپور ڪمٽمينٽ آهي . ٺيڪ آهي. پر سندس اهو چوڻ ته ”انهيءَ ڪمٽمينٽ کان سواءِ سنڌي ادب هوا ۾ انهيءَ غباري وانگر آهي جنهن کي ڪوئي طرف نه هجي ۽ جو ادب انت ۾ ڦاٽي پوندو ۽ هوا سان هوا ٿي ويندو.“ وڏي اختلاف جو مستحق آهي.مان ان سان بلڪل اسهمت آهيان. ڪمٽمينٽ ڪيڏي به وڏي چيز هجي ڪويتا جو انت نه آهي. ان جو مطلب ته اهو ٿيندو ته سنڌيت جو ڪويتائون ئي ڪويتائون آهن ٻيون نه. اُلٽو سنڌي ڪويتا اهڙي ڪنهن به ڪمٽمينٽ کي جيترو پار ڪندي اوترو وڌيڪ ڪويتا ٿيندي ويندي. ائين ته شاهه صاحب سنڌيت طرف ڪمٽيڊ ڪونه هو. شاهه جي سنڌيت طرف ڪا ڪمٽمينٽ ڪانه هئي.هو سنڌيت ۾ زندهه هو. ان ڪري سنڌيت جو سرجن ڪري سگهيو هو نه ڪِ ڪنهن ڪٽمينٽ سبب.
    ڪمٽمينٽ ڪنهن حد کان پوءِ هڪ نقلي چيز بڻجي ويندي ٿي وڃي. انڪري انجي ڪويتا به اوتري ئي نقلي بڻجي ويندي. وري سنڌيت کي ايڏو وڏو ماڻ بڻائي ڇڏجي جو باقي ڪويتا هوا ۾ اڏامندڙ غبارو ٿي وڃي ! مبالغي جو مبالغو آهي. شاعري ته اننت چيز آهي، اوترو ئي اننت جيترو آڪاش. جيئن آڪاش کي جهلي نه ٿو سگهجي، اُنکي ڪن ٿنڀن تي بهاري نٿو سگهجي، تيئن ڪويتا کي ڪن ٿنڀن تي اڏي نه ٿو سگهجي. شڪارپور ۽ ٻيون ڪويتائون ڪيتريون به سٺيون ڪويتائون هجن اُهي سنڌيت جي ڪري عظيم آهن، چوڻ هڪ قسم فريب آهي. شاعر جڏهن پنهنجي ڪمٽمينٽ کي Transcend ڪندو انکان ٻاهر ويندو تڏهن ئي پنهنجي اندر جي نين سمتن کي حاصل ڪري سگهندو. ”چؤواٽي تي“ جي احساسن ۽ فڪر جي ڪويتائن ۾ به اهوئي فرق آهي. شڪارپور هڪ طرف ڏانهن وڌندڙ ڪويتا هوندي به Multi-dimensional ڪويتا آهي جڏهن ٻيون ڪويتائون ان جي اُبتڙ وڏن ويچارن واريون ڪويتائون هوندي به Uni-dimensional آهن. ڇاڪاڻ ته اهي ارٿ کان ٻاهر ڪو ارٿ نٿيون ڏين. ويچارن (۽ احساسن واريون ڪويتائون) جيئن شڪارپور ڪنهن ارٿ جي اندر قيد ڪانه ٿي رهي. اها ڳالهه ”جتي“ ڪويتا لاءِ به چئي سگهجي ٿي.
    هڪ ٻئي فرق تي به توج ڏيئي سگهجي ٿي. پهريون ڪويتائون (فڪر واريون) ۾ هڪ قسم جي نفرت يا ضد يا گهٽ ۾ گهٽ جنگه جو ئيءَ جو هڪ مونڊ آهي پر انجو ڪو سبب ڪونهي. شاعر جي جنگه جو ئي پنهنجن ڪن خيالي وشواسن کي وٺي آهي. پوين (احساسن وارين) ڪويتائن ۾ نفرت يا ضد ڪونهي پر Sense of betrayal وشواس گهات مان پيدا ٿيندڙ Anguish آهي ۽ اُها وڌيڪ اپيل ٿي ڪري. ويچار جي درجي تي به محض بغاوت يا انحارفي جون ڳالهيون ائين ئي ڪونه اثردائڪ بڻجي وينديون جيستائين پختي شعراڻي جامي ۾ ني آهن.ان مان هڪ تفاوت جڙي ٿو. پهريون ڪويتائون شخصي وشواس (Fath) جون ڪيتائون آهن، پويون ڪويتائون شاعر جي شخصي ڀوڳنا Suffering جون ڪويتائون آهن. وشواس ڪو به آخري نٿو ٿي سگهي. پنهنجن ئي وشواسن جي به جيڪڏهن ڪو غلامي ڪري ٿو ته هو پنهنجي ستنترتا وڃائي ٿو ويهي ۽ غلط راهه تي اچي ٿو وڃي.
    ان ڪري ظاهرا طور پهرين ڪويتائن ۾ پنهنجي سيلف تي تلاشيندو نظر اچي ٿو پر ان سان حقيقي مقابلو پوين ڪويتائن ۾ ٿئي ٿو . سيلف پوين ڪويتائن ۾ آهي انجو صرف ذڪر پهرين ڪويتائن ۾ آهي.
    اهڙي ئي ريت پهرين ڪويتائن ۾ ڇاڪاڻ ته اعتماد (Conviction) کان سواءِ آهي، ان ڪري ڪويتا مٿان ٻوجهه آهي. پويون ڪويتائون گيان جي بار کان آجيون آهن ته به زبردست ٻوڌڪ سوال کڻي ٿيون اچن. Identity يا Roots جون ڳالهيون ڪري فڪر جي ڦيڻ ميڙي سگهجي ٿي. پر انڀو يا ڀوڳنا جو فڪرهڪ ٻئي قسم جو سچ آهي جنهن لاءِ جيئن مان الڳه چئي چڪو آهيان ته ڪنهن ثبوت جي ضرورت نه ٿي رهي. پهرين ڪويتائن ۾ اهڙي ذڪريل سچ ٻڌڻ کان پوءِ به من ۾ شنڪا رهجي ٿي وڃي ته انجي ائين هئڻ جي ڪهڙي گارنٽي آهي. ڪويتائن ۾ ازخود هڪ سگهه هوندي آهي جيڪا اهڙين شنڪائن جو جواب هوندي آهي ۽ اهڙي سگهه پوين ڪويتائن ۾ آهي.
    هڪ تفاوت اهو آهي ته نند پهرين ڪويتائن ۾ لفظن جي چونڊ ۾ اَساوڌان آهي. مثال هيءَ سٽ وٺو. جڏهن نج کي رومال ۾ ويڙهي وڪيو آهي هاڻ ”نج“ ۽ ”رومال“ ! نج کي شايد ڪور جي ضرورت ٿئي پر ڇا ان جو ڪور رومال ٿيڻ کپي؟ خريد ڪرڻ ۽ وڪڻڻ سندس پيارا لفظ آهن جن جو ور ور پئي استعمال ڪيو آهي. اهڙي هڪڙي هنڌ هو چوي ٿو ”مون اعتقاد خريد ڪيو آهي يا اتهاس خريد ڪيو آهي“ اعتراض اهو آهي ته ڇا وشواس ۽ اتهاس وڪڻڻ ۽خريد ڪرڻ جو چيزون آهن؟ جيڪڏهن ان اظهار ۾ ڪا وينجنا آهي ته ان خريد فروخت جي پٺيان چڪايل قيمت جو هڳاءُ هئڻ کپي. اهڙي لاپرواهيءَ جو هڪ ٻيو مثال وٺو جتي هو چوي ٿو ته نج اڇوت رهيو آهي. لاشڪ اتي اڇوت جي اُها معنى نه آهي جيڪا هندو سماج ۾ روا آهي It is not untouchable but untouched انسان جيئن آد کان سماجي پراڻي رهيو آهي انڪري Untouched self هڪ مٿ (Myth) آهي. اهڙي ڪنهن به چيز جي ڪلپنا ڪرڻ ممڪن نه آهي جا اَڻ ڇهي رهي هجي. انساني حوالي ۾ Untouched ناممڪن آهي.
    مسافر لاءِ بس هونءَ هڪ گهڻي سٺي ڪويتا آهي:
    مان بس مان لهان ٿو
    هر اسٽاپ تي ڇڻيل مان
    هر اسٽاپ تي جڙيل مان
    بس مان لهان ٿو هڪ ٻيو ئي مان
    شروعاتي مان جو هڪ حصو
    پنهنجي واٽ وٺي
    اڳتي وڌي ٿو پنهنجي بئنڪ بئلنس سان

    اتي بئنڪ بئلنس سان ڪويتا ۾ هڪ وڏو جهوٻو اچي وڃي ٿو. ڪٿي جڙيل مان ڪٿي ۽ ڪٿي ڇڻيل مان ۽ ڪٿي بئنڪ بئلنس! موزون ئي نٿو لڳي.
    ٿيو ڇا آهي جوته جو نئين ڪويتا جي فئشن سان اسان وٽ ڪي لفظ ٽريڊي (Tradey) ٿي ويا آهن، انهن کان نه بچي سگهڻ به هڪ ڪمزوري آهي. ڌماڪائي لفظن جو استعمال به ساڳي ئي نند جي ڪمزوري آهي. ”مان“ سري واري هڪ ننڍي ڪويتا ۾ لاجواب تخيل آهي. اتي ”مان“ کي جانور چوڻ سان انجي پاڪيزگيءَ کي زخم رسي ٿو. توهين ڪجهه به سوچيو جانور لفظ مان Sublime معنى ڇڏائڻ مشڪل آهي. ڀل جانور سان اسين نفرت نه به ڪريون. شبد جون اهڙيو لاپرواهيون شعر کي هڪ Thinking snobbery جي ويجهو ٿيون آڻين.
    خوش قسمتن احساسن وارين ڪويتائن ۾ نند اهڙين ڪمزورين کان مڪت آهي. انهن ڪويتائن ۾ شخصي انڀوتي ،درد ۽ وشواس جو ذڪر آهي. پر اتي سندس فرد ۾ سندس سماجي سيلف به باريڪيءَ سان سمويل آهي، اها ڳالهه خاص ڌيان ٿي ڇڪائي. انکي سمجهڻ ضروري آهي. شڪارپور واري ڪويتا مثال ڪري وٺو. ڇا جي ويدنا آهي؟ تاريخ جي، ثقافت جي، بحران جي، جيڪي اجتماعي مثال آهن، گڏيل سرمايو آهي، باوجود هڪ فرد جو درد سچو آهي!
    هڪ ٻئي طرف به منهنجو ڌيان ڇڪيو آهي. جيتوڻڪ اهو خود ۾ ڪنهن قسم جو ڪو قسم جو سقم ڪونهي. هڪ صفت آهي جنهن کي اڻ ڏٺو نٿو ڪري سگهجي. سندس سڀ ڪويتائون ڪنهن نه ڪنهن کي مخاطف ٿيل آهن. يا وري انهن جو فاعل ”مان“ ئي آهي. اهو ڏسي ٿورو اچرج ٿو ٿئي ته شاعر هڪ به ڪويتا تون ۽ مان جو ضمير ڪتب آڻڻ کان سواءِ ڇو ڪونه ٿو لکي سگهي. دنيا جون بيشمار حقيقيتون آهن پر انهن سڀني جي وچ۾ شاعر هڪ به مڪمل خارجي نوع واري ڪويتا نه لکي ته ڇا انکي شاعر جي چت (Psyche) سان جوڙي سندس من ڀوميءَ جي ڪنهن نفيس پيچري ڏانهن وڃڻ کپي. هو آخر پاڻ کان ٻاهر ڇو نه ٿو اچي؟
    اهڙي ريت هڪ ڳالهه مون اها به مارڪ ڪئي آهي ته نند لفظن جي Conotation ۽ Denotation جي فرق ڏانهن سچيت ناهي. جيئن:
    تون منهنجا پير پڙهين
    ۽ انهن جو ترجمو
    لفظن ۾ ڪرين
    اِهو ڪيترو ممڪن آهي؟
    اسين سڀ ڄاڻون ٿا ته ترجمو پوءِ جو ڪرتب آهي. پهرين آهي اظهار جو ٻوليءَ ۾ آڪار وٺڻ. نند جو اصل مطلب به اهو آهي ته ڪنهن جا پير پڙهي انجي تاثر کي آڪار نٿو ڏيئي سگهجي. انجي سڃاڻپ يا Identication نٿي ٿي سگهي. پر ان قسم جي آڪار جو وجود ترجمي جي اول شرط آهي. اتي ترجمي کي ان ارٿ ۾ به سويڪار ڪجي ها بشرطيڪ نند جون هي سٽون ان بعد نه اچن هان:
    شبدن سان
    منهنجو ترجمو ممڪن نه آهي
    شبدن سان
    تون صرف
    منهنجو سرجڻ ڪري سگهين ٿو.
    جنهنجو ترجمو ممڪن نه آهي انجو سرجڻ ڪيئن ممڪن آهي؟ اوليت ڇا جي هئڻ کپي؟ يا ته وري سرجن غير موزون آهي. اها ساڳي تڪليف ڪويتا ۾ پرمپرا لفظ کي وٺي درپيش آهي. ”چؤواٽي تي گهر“ جو آخري سٽون Thought faliacy جهڙو اثر ڇڏين ٿيون. ائين وڏن موضوعن تي لکيل ڪويتائون پر ـــ پڪ نه بڻجي سگهيون آهن.
    انجي مختلف احساس وارين ڪويتائن جا سادا يا سڌا سنواٽا اظهار پڻ زبردست اثر ڇڏين ٿا. مثال اسين ان طبقي جي سرمور ڪويتا شڪارپور کڻنداسين. ان ۾ هڪ هنڌ چوي ٿو:
    پر ڇا
    ائين ممڪن آهي
    ته تون ۽ مان مري وڃون
    بنا ڄاڻ جي
    ..............
    اهائي سنڌي ثقافت جي ٽريجيڊي آهي. هڪ عام سنڌي انسان ۽ انجي ڪلچر جي وچ۾ موت پسار ڪري رهيو آهي. رفته رفته ذرو ذرو ٿي موت پنهنجي ڪرت ۾ رڌل آهي. پر ان جو ڪو نوٽيس ڪونه ٿو وٺي. ڪير ڪنهن سان گڏ مري رهيو آهي، انجي ڪنهن کي لکه نه ٿي پوي. اها ڳالهه سنڌ سان به لاڳو آهي. ڇاڪاڻ ته شڪارپور پنهنجي سڄي اُڻت ۾ هڪ متحرڪ سمبالزم سمائي ٿي هلي. اها لاشڪ هڪ عظيم ڪويتا آهي. It is fine allegory of a different kind اها شخصي سڃاڻپ (انفرادي مجموعي) ۽ سنسڪرتيءَ (ڀؤن ۾ ڳتيل بنياد سميت) جي ٽڪنڊي کي گهڻين سيمتن تي ڇهي ٿي. ڪويتا جي ڊڪشن (Diction) پنهنجي سموريت ۾ Pictorial Diction آهي اهڙي ڪا ڳالهه ڪانهي جا ڪويتا ۾ بنا ڪنهن تصوير جي ايندي هجي پوءِ ڀل اها آوازي تصوير هجي. شايد ڪويتا جو اهو نوع ئي اياز کي غلط راهه ڏانهن ڏوري ويو آهي جو هن ان جي مشابهت Surrealist Painting سان ڪئي آهي. ان ڪويتا جو هڪ سٻل نقطو اهو موڙ آهي جو ڪنهن به شاعر جو هڪ معيار ٿي سگهي ٿو ، اهو آهي خيال ۽ تصور جو پاڻ ۾ جذب ٿي وڃڻ. ڪويتا پڙهندي علم ئي نه ٿو رهي ته ويچار جي پنکه تي ڪلپنا بيٺي آهي يا ڪلپنا جي پنکه تي ويچار. ڪويتا تصورن جو هڪ اهڙو Mosic آهي جنهن ۾ ڪي ناياب تشبيهون آهن. انهن مان ڪي مون گهرائيءَ سان ماڻيون آهن ۽ انهن کي جيڪڏهن وسيع حوالن ۾ کڻجي ته فلاسفي چائنٺ جي نزديڪ اچي ٿو وڃجي. هڪ هنڌ هو چوي ٿو:
    اهو ائين آهي جيئن
    پاڻي پاڻيءَ ٻڏي
    پاڻي پاڻيءَ ۾ تري
    اها سٽ شاهه جي شعر جي ڪنهن سٽ جهڙي آهي.
    تصور ڪريو:
    پاڻر اچي ٿو پاڻيءَ ۾ ٻڏي ٿو
    پاڻي اچي ٿو پاڻيءَ مٿان تري ٿو.
    پاڻي پاڻي ئي آهي فرق ڇا جو آهي؟ ٻڏڻ جو ترڻ جو؟ ڇا ۾؟ اهو ڇا آهي، هڪ وهم يا وحدت يا ٻئي؟ اهڙيون خوبصورت تشبيهون ٻيون به آهن ، انهيءَ سلسلي ۾
    هن دفعي
    شڪار پور جي شهر ۾
    ڍڪ بازار ۾ ٻوڏ هئي
    ۽ ماڻهو
    پاڻيءَ ۾
    پاڻيءَ مان
    پنڌ ٿي ويا.
    ماڻهو پنڌ تي آهن يعني جفاڪشي ڪري رهيا آهن حفاضت لاءِ. پي پنهنجي وناش ۾ ئي کين حفاضت نظر اچي رهي آهي. هو ڪجهه به ڪن آخرات ۾ سڀ ڪجهه ٻڏي رهيو آهي. نظر ڪجهه اچي رهيو آهي، ٿي ڪجهه رهيو آهي. آڀاس ۽ حقيقت جو فرق هڪ نشتر جيان ذهن کي چيري ٿو. اهڙي ريت منجهند جو ٻي بجي لکيدر جو ٽاور پنج ٺڪاوَ ڇو نه ٿو هڻي؟
    اها ڪهڙي ماجرا آهي. گهڙيال هلي ٿو انجو ثبوت اهو آهي ته اهو ٺڪاءُ هڻيٿو. پر ٻي بجي پنج ٺڪاوَ ان حقيقت ڏانهن اشارو آهي ته ڪنهن وقت شڪارپور ۾ ٻي بجي مجهند جو به شام جي پنجين بجي واري فضا هوندي هئي يا چهر بهر جو هڳاءُ هوندو هو اڳه.
    شڪارپور ۾
    گهر کان ٻاهر ڏسڻ لاءِ
    دري کولڻ جي ضرورت ڪونه هوندي هئي
    دريءَ جي تاڪ جي وچ ۾
    چير هوندا هئا
    ماڻهو ننڊ ۾ به
    گهٽيءَ ۾ ايندڙ ويندڙ
    جي سوچ کي سوچي سگهندو هو
    ۽ هاڻ
    شڪارپور ۾ شڪارپوري
    هاڻ به سوچيندو آهي
    دريءَ جي تاڪ جي وچ۾
    چير کي
    هميشهه هميشهه لاءِ
    بند ڪرڻ لاءِ
    انساني ڀاونا جو مڪت ونهوار سنسڪرتيءَ جو بنيادي شرط آهي. اُها اڳه هئي. زندگيءَ جي ونڊ ورهاست ان حد تائين هئي ته ماڻهو ننڊ ۾ به هڪ ٻئي جي سوچ ۾ شريڪ ٿيندا هئا. اڄ اتي ڊنل انسان رهجي ويو آهي.جيڪو ٻئي جي چرپر کان به ڪنبي ٿو. هو خوف ذدهه انسان آهي. جو تاڪ جي چير کي به بند ڪرڻ ٿو چاهي. انساني من جي Freeplay جو رڪجي وڃڻ ئي حقيقي دشا هيڻتا آهي ۽ اها شڪاپور سنڌ ۽ سنڌين کي آزادي جي نالي نصيب ٿي آهي!
    اتي شعرجي اندر هڪ مفڪر ويٺو آهي، جيڪو شاعر مٿان حاوي نه آهي. اهو ئي هن جو بلند مقام آهي.
    آخر ۾ مان پنهنجي پسنديءَ جي هڪ ڪويتا اوهان اڳيان رکندس. اياز کان معافي وٺڻ جي ضرورت ٿي ٿئي. جنهن چيو ته سنڌيت طرف ڪمٽمينٽ کان سواءِ اعلى ڪويتا ممڪن نه آهي. جا ڪويتا پيش ٿو ڪريان مون من اعلى ڪويتا جو ئي مثال آهي.
    جهوٽي ۽
    ننڊ جي وچ۾
    جا سجاڳي آهي
    اها به هڪ وڇوٽي آهي
    اُن وڇوٽيءَ کي
    ماڻڻ جو درد
    مونکي رکي ويٺو آهي سجاڳه.
    ۽ مونکي پنهنجي تقرير جي آخرات هيئن ڪرڻي آهي:
    توهانجي جهوٽن
    ۽ منهنجي سجاڳيءَ جي وچ۾ به
    هڪ وڇوٽي آهي
    توهين ماڻيو يا نه ماڻيو پر پنهنجي وڇوٽيءَ کي ماڻڻ جو درد بهاري بيٺو آهي مونکي سجاڳه !

    مهرباني.


    نند جويريءَ جي چؤواٽي تي مهورتي تقرير : گنو سمتاڻي

    دوستو، مان سچ پچ ته منجهيل آهيان. جيڪو ڪتاب اسـانجـي سـامـهـون آهـي، اُن تـي اڳُ مـقـرر ڪـيـل ويـچـار ڌارا (Pre-Conceived Notions) مان تحت ڳالهائڻ مشڪل آهي. ان ڪري مان منجهيل آهيان، ڪٿان، ڪيئن شروع ڪيان. جنهن رات مون ڪتاب پڙهيو، جنهن رات مون ڪتاب پڙهي پورو ڪيو اُن وقت رات جا ساڍا ٻارهان يا هڪ ٿيو هوندو، اُن مهل منهنجي من ۾ خيال آيو نند کي ٽيلفون ڪريان پر پاڻکي روڪي ويس. ٻئي ڏينهن صبح جو فون ڪئي مانس. اٺ کن ٿيا هوندا، نند گهر مان نڪري چڪو هو. مونکي سچ ته اها به ڄاڻ نه هئي ته نند کي ٽيليفون تي ڇا چوندس. فون تي نياپو ڇڏڻ سبب نند جڏهن پاڻ مونکي فون ڪئي مان صرف ايترو ئي چئي سگهيس ”نند، ٿئنڪ يؤ ويريمچ That is all. “
    مان ڪرٽڪ ته نه آهيان. پر هرش واسواڻي جو سلسلو وٺي ڪجهه چوڻ چاهيندس. هرش ڪرٽڪ جي باري ۾ چيو ته هو پرجيوَ (Parasites) آهن ته هو ليکڪن جي رچنائن سبب زندهه آهن. پر مان چوڻ چاهيان ٿو ته ادب ۽ تنقيد ٻنهي جي جيڪا Terminology آهي ، ٻنهي جا جيڪي Perceptions آهن اهي بلڪل الڳه الڳه آهن. مونکي ياد آهي ــــ توهان به پڙهيو هوندو ــ ته فلاابر جي ناول ”مدام بو وري“ جي باري ۾ ڪنهن ڪرٽڪ لکيو هو ته ان جهڙو Realistic ناول اَڄ تائين فرانس ۾ لکيو نه ويو آهي. فلابر جواب ڏنو : مان ۽ Realism ? ...... Realism is vulgarity.
    ٻيو مثال آهي: ٽي. ايس. اِلبٽ "West Land" ڇپجڻ بعد ايزرا پائونڊ ۽ ٻين ڪرٽڪس البٽ کي هڪ زبردست Modrenist شاعر ڪري ظاهر ڪيو. پر سڀني کي ڄاڻ آهي ته البٽ، Catholic Royalist ۽ Conservative, Traditionist هو. البٽ ماڊرنسٽ نه هو.
    اهي ڪرٽڪ ئي آهن جيڪي ليکڪن جي رچنائن کي Brand ٿا ڪن، انهن تي Lablels ٿا لڳائين. اها هڪ ڪلاسيڪي حقيقت آهي ته "Creation becomesmore powerful than the creator" اها حقيقت نقادن سان به لاڳو آهي. اهي Parasites جيڪي ليکڪن سبب پيدا ٿيا آهن. ليکڪن کان وڌيڪ طاقتور ئي رهيا آهن. انهن نقادن جا Lablels پڙهندڙ لاءِ هڪڙي حد ــ بندي مقرر ڪري ٿا ڇڏين. پڙهندڙ کي Conditioned (حدبند) ڪر ي ٿا ڇڏين. پاٺڪن جا Reflections ۽ Responsesانهن حد بندين اندر يا ان جي آس پاس ئي ٿين ٿا. توهان کي اگر ڪوئي نقاد ٻڌائي ته فلاڻي ڪويتا، جديد ڪويتا آهي، مونکي پڪ آهي توهين ان ڪويتا کي پڙهندي، ان تي سوچيندي، ان نقاد جي مقرر ڪيل حد بند ٿي ويندا.
    ان هوندي به ڪڏهن ڪنهن وقت بعد، ڪوئي اهڙو ڪتاب اسان جي سامهون اچي ٿو، جيڪو اسان کي ڪجهه ٻئي نموني سوچڻ لاءِ ڪجهه ٻئي نموني Response ڪرڻ لاءِ مجبور ٿو ڪري، ڪجهه ٻين ماپن ماڻڻ جي تقاضا ٿو ڪري.
    مون جڏهن هن کي ”ٿئنڪ يؤ“ چيو، تڏهن انهن ڳالهين جو ذڪر ڪونه ڪيومانس. پر مون محسوس ڪيو هو.هن ڪتاب مونکي سوچ جي حد ــ بندين مان آزاد ڪيو هو. منهنجا Reflections and Responses مڪت ۽ خود مختيار هئا. I am now free man. ان ڪري نند کي گهٽ ۾ گهٽ ”ٿئنڪ يؤ“ ته چوان.
    نقادن بنسبت مونکي خوشي آهي ته هرش واسواڻي جيڪو سنڌي نئين ڪويتا جو باني لاکيو ويندو آهي ـــ ۽ آهي به ــــ تنهن جهوني ۽ نئين جي مقرر ٿي ويل سنڌن کي ته ڏٺو؛ جديد ادب جا جيڪا طئه ٿيل ماپا ۽ ماڻ آهن انهن سان هن نند جي ڪتاب کي نه پرکيو . هرش Structuralism جي بنياد تي ــ پر ڪنهن حد تائين، پوري طرح نه ــ ڪتاب کي پرکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر هرش کي مان With humality هڪ ڳالهه ٻڌائي ڇڏيان ته Stractural Criticism جي Aplication جي سڀ کان وڌيڪ بنيادي ضرورت Cultural Anthropology آهي، جنهن جو باني Levi Strauss آهي. ٻوليءَ جو De-construction ۽ Construction جنهن جو ذڪر هرش ڪيو اهو Cultural Anthropolgy جي مد نظر ئي ممڪن آهي. انهن بنيادن کي نظر انداز ڪرڻ سان Stractural Criticism جي پرکه پوري طرح ٿي نه سگهندي.. مثلن : هريش ٻن لفظن ” ترجمو “ ۽ ” سرجن “ جي ڳالهه ڪندي چيو ” سرجڻ “ ”ترجمي“ کان وڌيڪ اهم آهي. مان مڃا نٿو، ٻوليءَ ۾ جيئن اهي لفظ آهن، هريش صحي آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن ــــ ڪڏهن ڇا، هميشھ ائين ٿيندو آهي ـــ ٿيڻ کپي ته Poet لفظن کي پنهنجون معنائون بخشيندو آهي جيڪي شبد ــ ڪوش جي معنائن کان وڌيڪ Creative هونديون آهن.
    نند ”ترجمو “ لفظ جنهن حوالي ۾ ڪم ڪتب آندو آهي ان جي معنى جيئن مان سمجهان ٿو Translate نه آهي، پر ”سمجهڻ“ آهي. ۽ مان سمجهان ٿو، ڪنهن کي سڃاڻڻ ڪنهن خبر کي سمجهڻ Creation کان وڌيڪ اهم آهي. اسين پيدا (Creat) ٿيا آهيون پر ان Creation کي سمجهڻ وڌيڪ اهم آهي.اسانجي ڌرم ۽ اسان جي ڪلچر اسان کي هميشھ آگاهه ڪيو آهي. ”پاڻ سڃاڻڻ“ (Know Thyself). ان حوالي ۾ نند جنهن ارٿ سان ”ترجمو“ لفظ ڪم آندو آهي، ان ۾ مونکي غلطي نظر نٿي اچي.
    نند جي ڪتاب تي ڳالهائڻ ۾ هڪ مشڪلات اها آهي جو اسان اهو ڪتاب پڙهيو آهي. ۽ توهان ڪونه پڙهيو آهي. انڪر ڳالهائيندڙن (جن ڪتاب پڙهيو آهي) ۽ ٻڌندڙن (جن ڪتاب ڪون پڙهيو آهي) جي وچ ۾ پورو Communication شايد ٿي نه سگهي. توهين سوچيندا هوندا اسين آخر ڳالهائي ڇا يا ڇا تي رهيا آهيون. ڪويتائن جا حوالا به توهان لاءِ سمجهڻ ممڪن نه آهي انڪري مان سمجهان نه ٿو اها ڳالهه ٿوري غلط ٿي ويئي آهي. ڪتاب شايع ٿيڻ بعد هيءَ ميٽنگه رکي وڃي ها ته توهان ۽ اسانجي وچ ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪنهن ٻئي نموني ٿئي ها، شايد بهتر ٿي سگهي ها. خير!
    نند جون ”مان“ ڪويتائون Thought Level تي آهن، Feeling انهن ۾ گهٽ آهي. پر انهن ۾ Anguish ڪونهيPersonally experienced anguish ڪونهي، مان اها ڳالهه نٿو مڃان. توهين اُهي ڪويتائون پڙهي ڏسو، توهانکي لڳندو ته اُهي هستيواد جي ان هڪ aspect تي اتري ٿيون اچن جنهن کي سارتر چيو آهي : Hell is others توهين منهنجي آزادي، منهنجي سوچ، منهنجي ڪرم جي، منهنجي پيار جي آزادي ـــــ پيار ۾ منهنجي محبوبا منهنجي آزادي، منهنجي ستنترتا کسي ٿي وٺي يا مان هنجي، ان ڪر پيار ممڪن نه آهي ـــــ منهنجي Pure freedom ڦُري ٿا وٺو ان ڪري You are hell for me يا Hell is others .
    ”مان“ ڪويتائن ۾ ”نج“ ڪويتا پڙهندي مونکي هڪ چرچو سجهي آيو. مونکي لڳو نند جويريءَ جي نالي جو Short form ”نون“ ۽ ”جيم“ نج بڻجي آيو آهي. پر چرچي کي الڳ رکي توهان ”نج“ ڪويتا ۾ Existential auguish کي محسوس ڪندا. جان پال سارتر Existence precedes essens ۽ نه ڪِ Essenses precedes Existance زندگيءَ جا essenses ته سچ ڳالهايو، وڏن جو ادب ڪيو، ڀڳوان جي پوجا ڪريو وغيرھ اسانجي ڄمڻ سان کان اڳه ئي اسانجي لاءِ رکيا ويا آهي. پر هستيود اُن کي reverse ٿو ڪري Existence precedes essens ڇو ته We are codemned to born free. نند جي ”مان“ جو ”نج“ ڀرشٽ ٿي ٿو وڃي ڇو ته ”شروعات ۾ ..... مان نج هوس ....... هن پنهنجي ڏسڻيءَ سان...مون کي پنهنجي سوچ ڏيکاري .... ۽ پوءِ ...... اُن نج کي ڀرشٽ ڪري ڇڏيو. (نج ـــ 1)
    هريش واسواڻيءَ رومال جي ڳالهه ڪندي چيو، رومال هڪ چيپ (Cheap) چيز آهي. تنهنجي وجود، تنهنجي ”نج“ جي حساب سان رومال برابر هڪ سستي چيز آهي. پر هريش رومال کي صرف رومال ڪر ڪيئن سمجهو سو ما نٿو ڄاڻان. نند رومال کي چمري تي چاڙهيل نقاب جي Symbol ڪر پيش ڪيو آهي. توهين اگر مونکي اجازت ڏيو ته ان ڪويتا (نج 4) جو آخرين سٽون پڙهان :
    ” شايد هر نج کي
    يا ڀرشٽ نج کي
    ٻاهريون ويس ٿو گهرجي
    ائين ئي
    تون ۽ مان سمجهون ٿا.“
    رومال ٻاهريون ويس آهي، نقاب آهي، اهو جيڪو اسين پاڻ آهيون رومال لفظ ...... شايد بهتر لفظ ڪم آڻي سگهي ها.انهن ننڍين ننڍين ڳالهين هوندي به ”مان“ ڪويتائون يا ٻئي ڪويتائون .... شڪارپور کي ڇڏي ـــــــــ جنهن سطح تي هلن ٿيون ته سان نقاب پائي جيئون ٿا ته اسان جو نج ڀرشٽ ٿي ويو آهي، ته اسان جو Existential angyish آهي، وغيره، اِهي سڀ ڳالهيون هاڻي ڪافي Common ٿي ويون آهن. اهي ڳالهيون اسين گهڻيئي دفعا ٻڌي چڪا آهيون، پڙهي چڪا آهيون ۽ انهن جو اثر جيڪو نئين ڪويتا ڪافي شدت سان اسان تي ڪيو هو، هاڻي گهٽجڻ لڳو آهي، گهٽجي ويو آهي. انهن ڳالهين طرف اسانجي Sensitivity جهڪي ٿيڻ لڳي آهي، اهي هاڻ گهٽ ڇهن ٿيون.
    ڪن ڪويتائن ۾ نند Conclusive ٿو ٿئي جنهن سبب ڪويتا جي پڇاڙي ڪافي گهرگهلي ٿي لڳي. مان گهڻا مثال نه ڏيندس. هڪڙو مثال ڪافي ٿيندو، ان ڪويتا جو جيڪا هريش واسواڻيءَ کي سڀني ڪويتائن وڌيڪ وڻي. ڪويتا ڪافي سٺي آهي، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي. ڪويتا جو عنوان آهي ”وڇوٽي“ :
    جهوٽي ۽
    ننڊ جي وچ ۾
    جا سجاڳي آهي
    اها بي هڪ وڇوٽي آهي
    ان وڇوٽيءَ کي
    ماڻڻ جو درد
    مون کي رکي ويٺو آهي
    سجاڳ“
    Beautiful, I agree پر ان جي پڇاري ڏسو:
    ”ڇا
    اها توکي
    خبر آهي.“
    مون کي خبر نٿي پوي هي پويون سٽون جوڙڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. سٺي ڪويتا کي ان پڇاڙيءَ واريون سٽن گهرگهلو بڻائي ڇڏيو آهي. ”ان وڇوٽي کي ماڻڻ جو درد مونکي رکي ويٺو آهي سجاڳ“ ڪويتا اتي ختم ٿيڻ کپندي هئي. ” ڇا اها توکي خبر آهي“ It is a loose end. اهڙيو فالٽون سٽون يا Conclusions ڪن ڪويتائن ۾ ڪن نتيجن تي پهچڻ لاءِ Deductive نموني جوڙڻ ڪنهن به سجاڳه شاعر لاءِ ڪمزوري آهي.نند کي ان کان بچڻ گهرجي.
    مان ”شڪارپور“ تي ضرور ڳالهائيندس. ڪتاب کوليندي پهرين پهرين ارپڻ ــ پتر ”هر ان شخص کي جنهن جي اکين ۾ سنڌ جي نقشي لاءِ آدر آهي“ ان بعد شيخ اياز جو مهاڳ ڏسندي مونکي هڪ ڊپ وٺي ويو Oh not again. اهائي سنڌ جي ڳالهه ٻڌائيندو؛ اها ئي Nostalgia هوندي، اهو ئي رودن هوندو: هاءِ اسان مري وياسين، ڌرتيءَ بنا جيئرا ڪيئن رهنداسين، وغيره.
    مان وڌيڪ پڙهڻ لاءِ تيار نه هوس. ان ڪري ”شڪارپور“ مون پڇاڙيءَ جو پڙهي. مونکي خوشي آهي، منهنجو ڊپ غلط هو. ”شڪارپور“ هڪ اهڙي ڪويتا آهي جيڪا Epic Dimensions ۾ آهي. مان ڄاڻا ٿو Epic جو هڪ خاص مفهوم آهي. ان حوالي ۾ ڪويتا کي نه پرکي به مان چوان ٿو ”شڪارپور“ Epic Dimension رکي ٿي.
    هڪ يگ جو بدلجڻ، هڪ يگ جو ناس ٿيڻ، هڪ پوري ڪلچر جو نابود ٿيڻ ان سڃاڻپ کي سويڪار ڪرڻ، اهو به جذباتي بڻجڻ بنا، آسان ڳالهه نه آهي. اسان جا ڪيترا ادبي دوست ۽ اڳوان ان سچائيءَ کي accept ڪري نه سگهيا آهن. اسين زندهه رهنداسين زندهه آهيون، اسان وٽ شاهه آهي، اسين سنڌو سڀيتا جا وارث آهيون. انهن Illusions کي مڃي هلڻ سولي ڳالهه آهي. پر پنهنجي پوري ڪلچر، پوري وجود، ٻولي ۽ اتهاس جي Fall and decay جي سچائيءَ کي قبول ڪرڻ آسان نه آهي. ان قبوليت پٺيان درد آهي، پيڙا آهي ۽ مان سمجهان نٿو ، اهائي هن ڪويتا کي Epic Dimensios بخشي ٿي. توهان Gibbon جو Rise and Fall of Roman Empire پڙهيو هوندو. مونکي شڪاپور پڙهندي ان ڪتاب جي ياد آئي هئي. ”شڪارپور“ ۾ سمايل پرسنل درد ايترو ته وشو ــــ وياپي بڻجي ٿو وڃي جو شڪارپور هڪ Symbol بڻجي ٿو پوي. ڪنهن لاءِ به جنمن جو ڪلچر يا زمين، ملڪ يا تهذيب ناس ٿي ويا هجن، ان لاءِ هيءَ ڪويتا پنهنجي ڪويتا بڻجي ويندي.صرف شڪارپور جو لفظ ڪڍي ڇڏيو، هن جي پنهنجي شهر ، پنهنجي ڳوٺ جو نالو وجهو ڪويتا Universal بڻجي ويندي.
    ڪويتا ۾ Metaphores, Symbols, Imaginations هڪدم نوان، هڪدم اڻچٽا آهن.ايترا نوان جو توهين ڇرڪ ڀريندا. ۽ مزو ۽ عجب اهو آهي، جيئن هريش واسواڻي چيو آهي ڪٿي به ڪو ڳؤِڙو لفظ ڪونهي، سڌي سئين چيز، ساديءَ ٻوليءَ ۾ سڀاوڪ نموني هلندي ٿي رهي. ڌارا ڪٿي روڪجي نٿي، ڪٿي ڪوئي جهوٻو نه ٿو اچي. اها ٻوليءَ جي حاصلات آهي، اظهار جي حاصلات آهي. مونکي ائين لڳو It just happens. اسان کي هريش ڪويتا جا ٻه وياکيا ٻڌايا. هڪ چيو Defination جيڪو مونکي وڻندو آهي سو آهي Poetry is that which just happens جنهن ۾ ڪو effort نه لڳي، جيئن Spontaneous چيز هجي، جنهن ۾ ائين نه لڳي ته ان پٺيان ڪائي محنت ڪئي ويئي آهي، جيئن توهانجي من تائين سڌي پهچي وڃي. It just happens حوالا مان نه ڏيندس، ان لاءِ وقت لڳي ويندو. ان ڪري مان صرف هڪ ڳالهه چئي پنهنجي تقرير پوري ڪندس.
    ”شڪارپور“ ۾ ڪلپنا (Imagination) ، ڀاؤ ــ احساس (Feelings) ۽ ويچار (Thought) ايترو ته هڪ ٻئي ملي جهلي ويا آهن، سمائجي ويا آهن جو اهو معلوم نٿو ٿئي، محسوس نٿو ٿئي ته آخر ويچار، ڀاؤ ــ احساس مان نڪتو آهي يا ڀاؤ ــ احساس، ويچار مان ڦٽو آهي. ۽ مان سمجهان ٿو جنهن به تمام سٺي ۾ سٺي ڪويتا اهو هڪ گڻ آهي، خصوصيت آهي، حاصلات آهي.

    ــــــــ ٿئنڪ يؤ.


    نند جويريءَ جي چؤ واٽي تي سرسري نظر : اوکه ڊکه ــــــــ ايم ـــــ ڪمل

    نند جويريءَ جو هيءُ ڪتاب ”شعري مجمعو“ ڄاڻايو ويو آهي Poems by Nand Javeri. صفت ”نئين“ کان آجو. ڇندن، رديفن ۽ ڪافين جي پيڙا کان مڪت. ڪو وقت هو اهڙين رچنائن کي ”ڪويتا“ چوڻ لاءِ همٿ سارڻي پوندي هئي ۽ ڊپ کان اَهڙين رچنائن کي ”نئين“ صفت منهن آڏو رکڻ جي ضرورت پڻ محسوس ڪئي ويندي هئي. مگر هاڻي اِها ”نئين“ صفت پراڻي ٿي چڪي آهي ۽ غير ضروري ڀي. اَڄ پڙهندڙڪويتا ۾ محض ”ڪويتا“ جا عناصر ڳولهي ٿو، شعري تسڪين حاصل ڪرڻ لاءِ. اسان جي هڪ عالم هڪ ٻي ڳالهه ڀي همٿ ساري ڪئي آهي نئين ڪويتا جي سلسلي ۾ ــــ چي ”نئين ڪويتا جي اُڻت سان فلاڻي ڪويءَ جي رچنا پيش ٿي آهي.“ هيءَ نئين ڪويتا جي اُڻت ڇا آهي ؟ اِن جا ڪهڙا ڏس پار آهن، ڪهڙيون نشانيون آهن، جن سان يڪدم اها فتوى ڏجي، اعلان ڪجي ته هيءَ ”ڪويتا“ نئين آهي. اِهو ته منجهيل سُٽَ ۾ هڪ ٻي تند اُلجهائڻ ٿي ......... نوائڻ جو عبارت سان واسطو ناهي ........هرو ڀرو اِئين نه آهي، پر پوءِ ڀي هيءَ نئين ڪويتا جي مڪمل پڇاڻ ڏيڻ کان ناقص آهي. شعر ۾ خيال پان سان گڏ اِظهار لاءِ انداز ــــ بيان ڀي کڻي ايندو آهي، ته Form ڀي کڻي ايندو آهي. تجربي جو بنياد نئين هوشمندي، نئين شعور تي، نئين احساس تي آهي ته زبان جي گهڙت، نيون ترڪيبون، نيون تشبهون ۽ استعارا ڀي اُن سا گڏ اُڀرندا آهن ...... سڄي رچنا کي اُن حوالي ۾ پرکڻ سان ئي ..... ڪا راءِ جوڙي سگهجي ٿي، جو مرڪزي نقطي يا تخليق جي پئدا ڪيل فضا مجموعي اثر مان محسوس ٿئي ٿي، رچنا جي ڪنهن هڪ ٻن جملن ۾ آيل انوکي جوڙجڪ يا هڪ ٻن حسين رنگين لفظن مان نه ــــ اُن کان اڳه ته نند جي رچنائن ۾ ڇا آهي،مان اِهو ٻڌائڻ چاهيندس ته سندس رچنائن ۾ ڇا نه آهي. ليکڪ زبان جي آرائش نه ڪئي آهي، نه لفظن جي ڪلابازيءَ جا ڪرتب ڏيکاريا آهن ۽ نه اُلجهاوَ جي ڄار پکيڙي آهي ـــ يعنى پنهنجي دانشوريءَ جي ڏيکاوَ سان اڻ سڌو پنهنجي علميت جو پڙهندڙ تي رعب ڄمائڻ جو جتن نه ڪيو آهي. سادي سؤليءَ سنڌي زبان ۾ هر تصور کي شعري اُهاءُ سان پنهنجي داخلي ڪيفيت کي روشن ڪندو اڳيان وڌي ٿو ـــ اهو تڏهن ممڪن ٿي سگهندو آهي جڏهين شعري، تجربي ۽ اظهار جي سچائيءَ ۾ هم آغوش هوندي آهي، جڏهين احساس ۾ شدت هوندي آهي. احساس جي شدت جر تپت کان وانجهيل رچناڪار پنهنجي خيال، فڪر ۽ سوچ جي اِظهار کي ذهني داوَن پيچن سان منطقي حساب سان وکون کڻائيندي، رچنا کي گهيلندو آهي. اهڙين رچنائن ۾ ذهن ممڪن آهي، ڪجهه جنبش پائي، شعر جي هنرمنديءَ ۽ ڄاڻ کص سارهائجي، پر شعري تسڪين، جزباتي سڪون، اُنهن مان حاصل هرگز ڪين ٿئي ٿو.
    مونکي هن مجموعي مان شعري تسڪين پڙ پئي آهي. ذهني چاهي جذباتي طرح، اِهو ڪيئن؟ ان سوال جي اُتر ۾ مان ٽوڪي ۾ پنهنجي اِن راءِ کي رسڻ جو بيان پيش ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. ڪتاب جي سلسلي ۾ آيل ڪويتائن تي روشني وجهڻ جو جتن ڪريان ٿو.
    ”چؤواٽي تي“ پهرين ”مان“ سان ملاقات ٿئي ٿي. هر حساس گرم ذهن، باشعور ۽ سجاڳ ليکڪ، ڪنهن نه ڪنهن طرح پنهنجي ”مان“ طرف سان غور فرمان ضرور ٿيو آهي. ڪن ليکڪن ”مان“ کي صرف خارجيت جي حوالي ۾ پيش ڪيو آهي جيئن مان هڪ مشين جو پرزو ــــ ما هڪ اجنبي، اِهو ته هڪ وقت فئشن هو وغيره وغيره . ڪن پاڻ کان ٻاهر نڪري پنهنجي ٻئي کي آرسي ڪري عڪس باز ٿيا آهن. ڪن پاڻ کي سماجي، قوم، اتهاس، وقت ۽ حالتن جي حوالي ۾ خود کي تمام رشتن ناتن ۽ مجموعي تهذيبي فڪر تي ويچار ڪري، خود کي ڪٿي بهاري، ڪن سان گڏ پاڻکي شماري،پنهنجي ڪٿ ڪئي آهي. پنهنجي حاصلات، ڪاميابي، ناڪاميابي اڳيان پويان چوپڙا کولي حساب ڪتاب ڪيو آهي، ۽ ڪي بس پنهنجي اندر جي اوندهين ۾ ٽپي پيا آهن ۽ پوءِ ويا آهن ملاقاتي ٿيندا ڪنهن نه ڪنهن فڪر يا سوچ سان. اِنهيءَ پرڪريا ۾ ، انهيءَ پراسيس ۾ سندن Subconscious ڪارفرما آهي جنهن کان هو خود ئي بي خبر آهن. پنهنجي مان تي فڪر آمدا ٿيڻ جا ڪارڻ الڳ الڳ آهن، ان ڪري اُنهن جا دڳ به جدا جدا. نند پوئين طرح مان آهي، يعني هو اندر ۾ ٽپي پيو آهي. من جي کاهيءَ ۾ سندس پهرين ملاقات پنهنجي نالي سان ٿي ٿئي. نانءُ سندس نانءُ آهي؛ اُتي هو نه بيٺو آهي پر پنهنجي نجپڻي جي فڪر سان اڳيان وڌيو آهي. اَڄ جو انسان نجپڻي تي سوچي اِهو بزاتي خود سوچڻ جو نقطو آهي. جڏهين ” اؤئان اؤئان“ کان وٺي ”را رام سنگه“ تائين اِنسان نجپڻي کان جدا رهيو آهي، وڇڙجي ويو آهي، وڇوريو ويو آهي. نند پنهنجي ”نج“ کي، ڇڏائجي وڃڻ واري حالتن، پنهنجن خيالن ۽ لفظن تي غؤر ڪندي ڪي گمان، ۽ يقين جون ڪي جاچنائون ڏنيون آهن. ۽ هو وڃي ٿو پنهنجي کاهيءَ ۾ لهندو ۽ پنهجي نسبت ۾ سوچيندو. بي انت آڪاش هئڻ، چوکٽ ٿيڻ، باهه هئڻ پنهنجن ساسن کي ڇهڻ جهڙو آڪار سمجهڻ ڪجهه وڃائڻ پائڻ ... وغيره. هن ”مان“ جي ڀاڱي ۾ ”مسافر لاءِ بس“ مونکي نهايت اعلى رچنا محسوس ٿي، هيءَ رچنا سڀني حواسن کي چورڻ جو ست ــــ سگهه رکي ٿي. فڪر جو ڦهلاءُ گيرائي ئي نه پر گهرائي ڀي محسوس ٿئي ٿي ۽ آخرين جملو ” بس جو ڪارڻ ..... مسافر ..... مسافر لاءِ بس“ هيءَ منطقي فتوى سهج سڀاءُ سان اچي ٿي.مونکي ائين نه لڳو ته شعر اول اِهو نقطو طئه ڪيو آهي ۽ پوءِ اُن تي پنهنجي رچنا جي عمارت کڙي ڪئي آهي. مونکي راهيءَ جو مشهور نظم ”سنڌي آيا سنڌ ڏسڻ“ هن رچنا جي برعڪس لڳندو آهي يعني اول اُهو نقطو سوچي پوءِ اُن تي منطقي سِرَن سان اَڏاوت ڪئي ويئي آهي. اِن سلسلي ۾ مان اڳتي هلي ان نقطي کي وڌيڪ واظع ڪندس ڪنهن ٻئي شاعر جي حوالي ۾.
    ٻئي ڀاڱي ”چؤواٽي تي “ ۾ پيش ڪيل ڪي ڪويتائون ”مان“ جي ڀاڱي ۾ جڳهه ولارڻ جي يوگيه آهن. ”ماڻهو بهانا ٻڌائيندا آهن“ ”پاليل نانگه“ ”مان ڪوئي ڀي ٿي سگهان ٿو“ ۽ ڪي ننڍڙيون ڪويتائون ڊائريءَ جي ورق جيان جيئن ”وڇوٽي“ ”اِنتظار“ جي فڪر سان ٽمٽار آهن. ”من جي سنسان گهٽيءَ ۾“ رچنا مونکي سطحي جذبي ۽ شدت کان عاري ۽ گهڻي حد تائين فئشن زده لڳي. اُنهيءَ جي اُبتڙ ڪويتا ”ڪڇو“ نه صرف موضوع جي خيال کان نواڻ واري آهي، پر سندس ڦهلاءُ، تمشيلي، علامتي۽ معنى خيز ۽ جاڱنائن سان ڀرپور آهي.
    ڪتاب جي نهايت ئي چوريندڙ تخليق، جنهن کي احساس جي مڪمل سپردگي ٿيل آهي، اُها آهي ”او شڪارپور“. شڪاپور شاعر جي معشوقا جي صورت اختيار ڪئي آهي جا وڇڙجي ويئي آهي، پر اَڄ جڏهن ميل ٿيو آهي ته سندس اڳيون زيب ۽ صورت حال جي زبون حالت ڏسي جو درد جاڳيو آهي، سو جدائيءَ جو درد کان گهڻو ٿو لڳي، گهڻو محسوس ٿو ٿئي. هر، وطن کان وڇڙيل سنڌيءَ کي، جو سنڌ ۾ ڄائو ۽ نپنيو آهي، هڪ معشوقا آهي، پنهنجي هڪ شڪارپور آهي؛ هيءَ شڪاپور سڄي سنڌ جي علامت بڻجي پئي آهي. هيءَ تخليق شاعرانا قوت، اعلى سنجيدگي ۽ احساس ۽ اظهار جي سچائيءَجو زوردار ثبوت آهي. رچنا ۾ ”او شڪاپور“ جو دهراءُ هر ڀيري وره جي مئٽ کي وڃي ٿو ويڪرو ۽ اونهون ڪندو . اسانجي ساهت ۾ وطن جي وڇوڙي جي درد جو ڪي جهلڪون شروعاتي دؤر ۾ اسانکي ملن ٿيون جيئن فانيءَ جو جواب، شيخ اياز هڪ ڪويتا ڏيهي پرڏيهي ٿيا، يا سڳن جو شعر غلاميءَ جي سکن تي سوچڻو پيو آهي، يا هڪ ٻيو شعر ”هاءِ اسانجي آزادي سنڌور مليو ۽ سينڌ ويئي.“ هن موضون تي گهڻيون رچنائون لکيون ويون آهن. هڪ وڏي ڪويتا الائي ڪهڙن ماپن تي اُتاري منجهس کنڊ ڪويتا جا عنصر ٻڌايا ويا آهن، اُن جو رچاءُ هن ڪويتا جي برعڪس آهي يعني اُتي شاعر پنهنجو مقصد طئه ڪيو آهي، پوءِ اُن جون ڪنڊون پاسا جاچيا آهن ۽ پوءِ اُنهن جي اظهار لئه حسين ترڪيبون ، تشبيهون گڏ ڪيون آهن، ۽ چيدا سهڻا لفظ انتخاب ڪيا آهن يعني هن شاعري ڪئي آهي ۽ ” او شڪارپور “ ۾ ڪئي نه ويئي آهي، مگر شعري ٿي ويئي آهي. اِهو ئي ڪارڻ آهيجو منجهس شاعراڻو اظهار پوري شباب سان جرڪي ۽ مهڪي پيو آهي.
    چند مثال: (1) هوا اکيون ٻوٽي .... لنگهي چڪي .... تنهنجي قبر تان .... اتهاس به لنگهي ويو .... بنا سجدي. (2) آسمان ۾ سج ڏٺم هڪ ليڪيل ليڪ وانگر ..... جيئن هڪ ٻاراڻي مورت ۾ ..... (3) ٻپهريءَ جي ٻوساٽ ۾ ..... خاموشي نچي رهي هئي ..... ٽانڊن تي ڍڪ بازار ۾ ..... ۽ گهٽجي رهيو هو منهنجو گلو ..... (4) شهر جي ضمير سان گڏ ..... ٽيشن جو نالو ڀي .... بدلڻ کپندو هو ..... شهر جي ضمير جو اِشارو سياسي بدل فضا ڏانهن آهي، جنکي مڪان نه آهي، پر انهن جو در درين جو شيشم ڪاٺ کپندو هو، اُن جو سنگمرمر کپندو هو، کين درخت جي ڇانؤ نه اُ جو ڪاٺ گهربو هو.
    شاعر جي ٻي خوبي اها آهي ته شاعر هن وڇوڙي جي درد جي اظهار ۾ Sentimentalism جو شڪار نه ٿيو آهي نه ته هي درد، رودن ۽ پٽڪو وڏن سڏڪن جا ڳوڙها ڳارڻ يا پار ڪڍي روئڻ جي سرحد تي وڃي ساه پٽي ها. شاعريءَ ۾ رنج و غم جو اظهار هڪ نزاڪت ۽ نفاست جي هنرمنديءَ وانگر آهي. درد جيسين رچناڪار ۾ ڪڙهي ڪاڙهي، ٺري ۽ آٺرجي نه بيٺو آهي تيسين شاعري کيس لبن تي نه آڻيندي. جيڪي مير تقي مير ۽ فانيءَ جي اُردو شاعريءَ کان واقف هوندا سي ان فرق کي بخوبيءَ محسوس ڪري سگهندا. درد جڏهن سهپ کان ٻاهر ٿي ويندو آهي ته اُن جو اظهار غصي يا طنز جو سهارو وٺندو آهي. سُر سامونڊيءَ ۾ جڏهن نائڪا جو غم برداشت ڪرڻ کان ٻاهر ٿو ٿئي ته سنديس پهريون سر وارو ٻول چال بدلجي ٿو وڃي يعني پهرين چوي ٿي:
    آيَلِ! ڪَريان ڪِيئن؟ منهنجو نِينهُن اَپليو نه رهي.
    ويو وَڻِجارو اوهِرِي، مونکي چاڙهي چِيئَن؛
    سامُونڊين جي سَڱَ کي، رُئان راتو ڏِينهن؛

    ۽ غصي ۾ ٿي اچي چوي ٿي:
    وَڻجاري جِي ماءِ، وَڻجارو نه پَـلِئين؟
    آيو ٻارهين ماهِ، پڻ ٿو سَفَرِ سَنبهَي!
    اچو ته شڪارپور جي رچنا کي اِن حوالي ۾ ڏسون.
    هڪ هنڌ شاعر چوي ٿو:
    اَڄ اگر
    مان
    توکي ٻڌايان
    ساميءَ کي ساڙيو
    نه ويو هو
    پر
    دفنايو ويو هو
    ۽ هن جي قبر تي
    اَڄ به هرروز گل ٽڙندو آهي
    ته ڇا تون
    هن جي قبر تي
    سجدو ڪرڻ
    ويندين ؟
    يا
    توکي اَهو ٻڌايان
    ته
    تنهنجي بابي جي بابي جي
    ۽ بابي جي بابي
    ۽ انهيءَ جي بابي جي بابي کي
    دفنايو نه ويو هو
    پر ساڙيو ويو هو
    هيءُ اظهار تڏهن ٿو اچي جڏهن درد پنهنجي حد پار ڪري چڪو آهي، تڏهن غصي جي روپ ۾ اسان جي اڳيان اچي ٿو. درد جو انداز بدلجي ٿو وڃي. هن وستار سان منهنجو مطلب شعر جي احساس ۽ اظهار جي سچائيءَ کي واظع ڪرڻو هو. شڪارپور جي تباهيءَ جي انتها اُن حد تي رسيل آهي جو نند کي شڪ آهي ته خود خدا ڀي شايد کيس سنواري نه سگهي. ڪويتائن جي بلندي فڪر ۽ ذهني ولوڙ جي گج جيان ٿي وينديون آهن، جو ڪارڻ اِهو آهي ته ڪي ڀي فلسفاڻا نقطا شاعرجي ذاتي تجربي ، روز مره جي زندگيءَ جي ڀوڳڻا يا ماڻڻ جي احساس مان اُپجندا آهن، مگر شعر اُنهن کي محض پنهنجي پسنديءَ يا پنهنجي ڄاڻ جتائڻ لاءِ شاعري ڪرڻ جو سانگه رچيندو آهي. اُها اؤر ڳالهه آهي اگر سندس خاص تجربي ۽ فڪرسان ڪا جاچنا، ڪو فڪر، خيال، ڪنهن فلسوفيءَ سان هم، رڪاب ٿي وڃي ٿو ته اهڙي رچنا دل و دماغ تي ڀاري رکائپ جي احساس اُڀارڻ بدران راحت اَفزا ۽ سڪون بخش ٿي پوي ٿي. نند جون تمام رچنائون اِن عيب کان آجيون آهن. پر هڪ رچنا ”اُهو ئي سڏ اُهو ئي پراڏو“ ۾ هو ان موهه ڃار کي ٽوڙي نه سگهيو آهي ۽ ڪويتا جون آخرين سٽون وناش .... ڀوڳه .... تبديل جا ڀاري فقرا ويو آهي اُڇلائيندو. ۽ فشن زده فڪر کي فٽ ڪوندو ويو آهي. جتي سندس رچنائون ”کٽ“ يا ”جتي“ تمام علامتن پٺيان ڇڏيل پلن ... اتهاس .... تدبيل ... گذشته عمر جون پر فڪر ۽ درد مند تصويرن سان پيش ٿيون آهن، اُتي هيءَ رچنا ڦڪي پئجي ويئي آهي. اُن رچنا جيان جنهن جنهن جو ذڪر مون اڳه ڪيو آهي يعني ”من جي سنسان گهٽيءَ ۾“ واري تحرير . هرهڪ رچنا تي وچور سان خيال آرائي ڪرڻ منهنجو هتي مقصد نه آهي. مان صرف اُن جي ڇڏيل اثر، دل و دماغ تي چٽيل عڪس، جي هن مجموعي کي پڙهڻ کانپوءِ ڇڏيا آهن، تن کي چند لفظن ۾ هينئن بيان ڪندس: ”هن مجموعي مونکي پنهنجي شڪارپور ياد ڏياري، ماضيءَ جي ڪيترن ڪنڊن ۽ اندرين احساسن کي روشني بخشي، هڪ آرام بخش درد عطا ڪيو آهي.“
    پريه هري سنڌي نمستي،
    ڪونج پهتم، مهرباني. ”او شڪارپور !“ ٻه دفعا پڙهيم. جلاوطن، جڏهين وطن ورن ٿا، هڪ سيلاني طرح، ته ڪهرا سندن دل تي وڍ وهن ٿا، گهاو پون ٿا ـــ اُن جو شعري رد عمل، جنهنجو سچائي ــ صداق جذبي سان، بنا صفتن، تشبيهن، لفظ بازي، ۽ حسين حيفن جي گوهر فشاني کانسواءِ ـــ نند جويريءَ ڪيو آهي، سو هڪ مثال آهي اُنهن شاعرن دوستن لاءَ جي شاعريءَ ۾ هيئت ذهني اُلجهاءُ ۽ جملن جي ڪلا بازيءَ جو ڪرشمو ڪرڻ جا شائق آهن؛ در حقيقت، ڪوبه شعر، ڪنهن ڀي تخليق ۾ جيسين منجهس جذبي جي صداقت ناهي، ۽ رچناڪار ممڪن طرح پاڻ کي (ذهني ۽ جذباتي طرح ) خود کي اُن جي سپرد نه ڪيو آهي، تيسين سندس رچنا پنهنجو تاثر نه ڇڏيندي. اهو ئي ڪارڻ آهي ۽ اها ئي حالت آهي، جڏهن رچنا، بنا لفظي ٺاه ٺوه، جملن جي توڙ ڦوڙ ۽ اُلٽ پلٽ کان آزاد ٿي، پڙهندڙ کي اها درد جي لوءَ ــ چوٽ جي چپيٽ ۾ آڻيو ڇڏي. سچ ته مون کي اُميد ڪانه هئي نند جويري اهڙي تخليق ڪري سگهندو. مون کي خوشي ٿي آهي خود کي غلط ثابت ٿيندو ڏسي. ـ

    ـــــ ايم ڪمل


    چؤواٽي تي بيٺل هڪ نينگر : هري موٽواڻي

    ڏهن ورهين جو هڪ حساس نينگر هڪ چؤواٽي تي بيٺو آهي. هو ان چؤواٽي جي جنهن طرف به وک کڻي ٿو، ان طرف شڪارپور آهي. هو گهمي ڦري وري ساڳي چؤواٽي تي اچي پهچي ٿو ۽ ائين اُتي بيهندي وقت جو ڪانٽو اڳتي وڌندو رهي ٿو. ڏينهن مهنا ۽ ورهيه لنگهي وڃن ٿا ليڪن هو ان چؤواٽي تي بيٺو آهي. ان ددورانان چؤواٽي جو طرف ٻڌائيندڙ تختيون توڻي چؤواٽي تان ڦٽندڙرستا زبون ٿي ويا آهن. پر اُن نينگر جو نگاهون جو هينئر 50 عمر پار ڪري چڪو آهي، شڪارپور لفظ تي آهن، ان شڪارپور تي جتي ڍڪ بازارآهي، هاٿي در آهي، گهنٽاگهر آهي، ليڪن ان گهنٽاگهر جو گهڙيال هيئنر منجهند جو ٻي بجي پنج جا ٺڪاوَ نٿو هڻي، شڪارپور ۾ هينئر موتيءَ جي ڪلفي ڪانهي، نيوندرام جي مٺائي، رابيل جا گلن جون مالهائون ۽ سنڌ درياهه تي شئل ڪونهي. ٻيو سڀ ڪجهه شڪارپور ۾ آهي ليڪن ساميءَ جي ڏيوڙيءَ تي ڏيئو ٻارڻ وارو اُهو ماڻهو ڪونه آهن جن سان شڪارپور جو شان هو، مان ۽ مٺڙيون مٺڙيون باتيون هيون.
    نند جويريءَ ان پراڻي شڪارپور ۽ هن نئين شڪارپور جو چتر چٽيو آهي پنهنجي نئين ڪتاب چؤواٽي ۾ . ...... نند جويريءَ جي چؤواٽي ۾ ڪويتا سنسار جا ٻه مختلف طرف آهن. هڪ طرف شڪارپور وٺي ٿو وڃي ۽ ٻيو طرف ڪويءَ جي انتهه ڪرڻ ۾ ليئو ٿو پارائي.
    منهنجي ليکي سندس شڪارپور وارو طرف ايڏو زندهه آهي جو اهو ڪتاب جو يادگار حصو بڻجي پيو آهي . باقي سندس انتهه ڪرڻ ۾ ليئو پائڻ ۾ ڪي ڏياٽيون جرڪنديون نظر آيون ته راهه به روشن هئي. ليڪن جتي جتي پرڪاش نٿي پهتو ته راهه تي هٿوراڙيون پائي هلڻو ٿو پيو ، وقتي بيهي رهڻو پئي پيو.
    منهنجي سمجهه موجب شڪارپور وارو حصو جيڪو سموريءَ سنڌ جي حوالي ۾ سمبالڪ طور استمال ۾ آيو آهي شاهڪار آهي ۽ ڪويءَ کي جاوداني ٿو بخشي. سندس ٻيو حصو مان وارو حصو ان ٻير مثل آهي جنهن ۾ ڳاڙها تازا ٻير به آهن ته انهن جي پاسن کان ڪنڊا به آهن جي ٻيرن تائين پهچڻ لاءِ وچتي چڀ چڀ ڪن ٿا.


    چترڪار مينگهراج تلريجا جو شري نند جـويـريءَ ڏانـهـن خـط

    پريه متر،
    چوندا آهن ته هر شاخ جا ڪوي، ڪلاڪار/ رچناڪار خالق جا خاص خلقيل عيوضي ٿين ٿا، جي سندس ئي رچنائن جو ڀِنِ ڀِنِ طريقن سان اظهارڪن ٿا ۽ انڪري هو ايشور جي وڌيڪ اوڏو آهن. ان سبب ڪري ئي هو عام جي دلين ۾ پڻ جڳهه جوڙن ٿا. هو ڪائنات جي سونهن مان پڪون ڀري پاڻ ته پيئن ٿا، پر ان جو واس خلق کي به وٺائين ٿا. ۽ سچ پچ تڏهن ئي آنند جو مزو سندن لاءِ ٻيڻو ٿيو پوي.
    مون توهان جو ”چؤواٽي تي“ ڪاويه سنگرهه باريڪيءَ سان پڙهيو آهي. خيال جي اُڏام بيشڪ عرش کي ڇهي. خيال کي آڪار ڏيئي، لفظن ذريعي ظاهر ڪرڻ، ڪا رواجي ڳالهه ناهي. لفظ ته مڙيوئي لفظ ٿيندا آهن پر ساڳين لفظن کي بي انتها شڪتي بخشي عام جي دل ۾ درد ۽ آنڌ مانڌ پئدا ڪرڻ، آنند جي لهرن ۾ لوڏا کارائڻ شاعر جي وصف آهي. گل جي خوشبوءِ سڀني کي واس ڏيندي آهي، پر ان سڳند جو لفظن ذريعي اظهار ڪري خود لفظنن مان خوشبوءِ پئدا ڪرڻ شاعر جو ئي ڪم آهي. نظارو ساڳيو پر نظريو هرهڪ جو جدا جدا. ساڳئي نظاري يا ساڳئي وشيه کي شبدن وسيلي عظمت ۽ بلندي بخشڻ، اهو ڪم شاعر جو ئي آهي.
    شهر شڪارپور لاءِ توهان جو بي پناهه پيار (سڪ ۽ سوز جو چشمو) ان جي هر واٽ، رستي جي پٿر ۽ سر سان عشق پاٺڪ جي روح کي پڻ لوڏي ٿو. بي جان چؤواٽي کي وجود بخشي، زبان ڏيئي، نرجيو مٽيءَ مان به اکرن وسيلي هڳاءُ حاصل ڪرڻ، اهي وصفون توهان جي ڪوتا ۾ ملن ٿيون.
    گول جي گهيري ۾ مرڪز هڪ ئي ٿيندو آهي. پر مرڪز کان گهيري ڏانهن، انيڪ واٽون ٿي سگهن ٿيون. ٺيڪ ان ريت توهان جي ڪوتا جي وشين ۾ مون کي ڏسڻ ۾ آيو. وقتي پاٺڪ / پانڌيئڙو شايد مرڪز تاءِ پهچڻ جي واٽ وڃائي ڇڏي، ان ڪري رهنما جي اوس درڪار ٿئي ٿي. ڇو ته ڪويءَ جي خيال جي اڏام جي مرڪز کي جهٽڻ هرهڪ پاٺڪ جي وس جي ڳالهه ناهي. ڏکيو نه پر ناممڪن آهي. ساڳئي ويچار کي اکري جامو پهرائي، انکي ڪنڊون پاسا ڏيئي مقدار پئدا ڪري وجود بخشڻ، ۽ پوءِ ان خيال جي سوکيم مرڪز تائين خاص نظريعي جي ضرورت آهي.
    خيال ته لامحدود، بنا ڀت، ڇت ۽ ٻني جو ٿئي ٿو. خيال کي پنک لڳائي آڪاش ۾ پرواز ڪرڻ شاعر جو ڪم آهي. جنت کي عرش تي آڻي ڌرتيءَ تي درشن ڪرائڻ شاعر جو ڪم آهي. لفظن کي آتما جو اَمرُ پد بخشڻ شاعر جو ڪم آهي. توهان جون ڪويتائون ان آتمڪ آوازن جو پراڏو آهن جي روح کي ڇهڻ بنا رهي نٿيون سگهن.
    بس آءُ ته ايترو ئي چوندس ته توهان جي خيال جي ڪشتيءَ کي پنهنجو واهڻ ڪري، انيڪ لهرن تان لوڏا کارائي پنهنجي هن ڪوتا سنگرهه کي جسماني قوت بخشي آهي ۽ ڪن کي دل جي چنگه چورڻ لاءِ مجبور ڪيو آهي.
    خيال جي مرڪز کي اُهو ئي رسندو، جيڪو دنيا جي سڀني گهيرن کي لتاڙي، ايڪاگرتا سان يڪ ٽڪ مرڪز لڪشيه تي ئي نظر رکي وهندو.پوءِ ئي هو ارجن وانگر جهڙڪيءَ جو فقط تارو ئي ڏسي سگهندو. ”جتي ....... پلئٽفارم ...... نجه ...... سڃاڻپ ....... پاليل نانگه ..... مائي پائي ..... ڪڇي ڏانهن اشارو ...... انسانيت ...... شاهوڪاري غريبي مان سمجهان ٿو ته توهانجون اِهي ڪويتائون سماج ڏانهن پوشيدهه خندهه آهي ۽ ساوڌانيءَ ڏانهن لڪل اِشارا.
    مونکي لڳي ٿو ته توهان ڪوتا جي چٽيءَ سمجهاڻيءَ کي مبهم ۾ رکي ، محدود دائري ۾ قيد ڪرڻ کان آزاد رکيو آهي ته جيئن پاٺڪ خود پنهنجي ويچار شڪتي، سمجهه ٻوجهه موجب سوچڻ لاءِ مجبور ٿي، نظاري يا گهٽنا کي وسيع روپ ۾ ڏسڻ جو طريقو سکن. توهانجي نظرئي جا غلام بڻجي، هروڀرو توهان جي راءِ سان شامل نه ٿين. ڇو ته پاٺڪ هروڀرو ڪويءَ خيال / تصور سان سهمت نه به هجي. انڪري هو ڀل ته وشيه کي مختلف ڪنڊن تان ڏسي، پرکي الڳه الڳه آنند ماڻي، نه ته ته نظارو به نظر جو ئي محتاج بڻيو رهندو. هيءُ توهاجو شايع ڪيل پستڪ ڪاويه سنگرهه جي ذخيري ۾ اضافو آڻيندو، اها خاطري اٿم.


    رچنا رچنا ۽ ڪٿ : ستيش روهڙا

    ”چؤواٽي تي“ جي ڪويتا ئن تي ڪڇ لکڻ وقت منهنجي ذهن ۾ هڪ سوال اُڀري رهيو آهي. ــــ آخر ڪوئي ڪوتا ڇو ٿو لکي؟ جي ڪير پنهنجي احساس کي اظهار ۾ بدلڻ چاهي ته ان لاءِ هو ڪنهن وڌيڪ سلجهليل ڍنگه ـــ ناٽڪ، مضمون، ڪهاڻي وغيره جو استعمال چو نه ٿو ڪري؟ يا جي ڪنهن ڪوتا ئي لکڻي آهي ته پوءِ هو رواتي شاعري جي رستي تي قدم ڇو نه ٿو رکي، جيڪو رستو بحر وزن جي سونت تي بيٺل آهي ۽ جنهن رستي تي قافيه رديف وغيره جا شناختي پٿر لڳل آهن؟ منهنجي خيال موجب ان سوال جو هڪ وزندار جواب اهو آهي ته ڪو به شخص نئين ڪوتا لکڻ لاءِ تڏهن مجبور ٿئي ٿو جڏهن هو پنهجي سوچ جي گهرائيءَ مان ڇتي رفتار سان اُٻڙڪو ڏئي ٻاهر ايندڙ ڳتيل ۽ هڪ ٻئي سان اُلجهيل اهڙا جذبا محسوس ڪري ٿو جن کي سلسليوار هلڪي رفتار واري بيان ۾ شاعريءَ جي فن جون پابنديون نباهيندي ظاهر ڪرڻ ڏکيو ٿو لڳي. گهٽ ۾ گهٽ ”چؤواٽي تي“ جون رچنائون پڙهندي اهڙو احساس ٿيندو ٿو رهي . مثال طور مجموعي جي هڪ ڪوتا آهي ـــــــ
    اسان جي ٽهڪن سان / باغ ۾ / گل ڇڻي نه پون / ۽ وري ڪائي / لنبي عرصي واري / خزان نه اچي / اسان صرف / من ئي من مسڪرايو آهي / ۽ جڏهن / ساه جو احساس ٿيو / من اندر جي مشڪ وڪڻي به / اسان پراون سان / واعدا ڪرڻ لاءِ / بهانا ڳولهيا آهن / او شڪارپور !
    هن ڪوتا ۾ هڪ ئي وقت انيڪ جذبا اُڀري ٿا اچن. ”ٽهڪن“ جي بيان ۾ خوشيءَ جي موجودگي، ”گل ڇڻي نه پون“ ۽ لنبي عرصي واري خزان“ جي اظهار ۾ ڏهڪاءُ ڀريل ماحول ۽ ان جو ڌٻاءُ، ؟متان” ۾ ظاهر ٿيل انديشو ۽ ڊپ، ”اندر ئي مسڪرائڻ“ جي اظهار ۾ سهج خوشي کي ڌٻائڻ جي مجبوري، ”ساه جي احساس“ ۾ پنهنجي زنده هجڻ / رهڻ جي سچائيءَ جي قبوليت، ”مشڪ وڪڻڻ“ ۾ حالتن سان ڪيل سوديبازي، ”بهانا ڳولهڻ“ ۾ مانسڪ گراوٽ جي قبوليت، ۽ ”او شڪارپور!“ ۾ پنهنجي مٽيءَ سان جڙيو رهڻ جي موه جي دانهن آهي.
    اهڙي طرح ڏسجي ته هن ڪوتا ۾ انيڪ جذبا ۽ احساس آهن جيڪي پاڻ ۾ الجهيا پيا آهن ۽ جن کي جيڪڏهن بحر وزن قافيه جي فريم فٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي ته شاعريءَ جو اهو فريم ته شايد بچي وڃي پر واسطيدار جذبا، احساس پرزا پرزا ٿي بي اثر بڻجي پوندا.
    ڇاڪاڻ جو نئين ڪوتا ۾ احساس جي شعوري گهرائي، جذبن ۾ تيزي ۽ الجهاءُ رهي ٿو ان ڪري نئين ڪوتا ۾ نين علامتن يا روپڪن (Metaphors) جي رچنا رهي ٿي. جر روپڪ عام کي سمجهڻ ۾ اچڻ جهڙا ٿين ته ڪوتا پڙهندڙ جي ذهن تي اثر ڪري ٿي نه ته اِها ڪوتا مونجهه ڀريل ۽ سمجهه ۾ نه اچڻ جهڙي بڻجي ٿي پوي.
    نند جي گهڻين ڪوتائن جا روپڪ ذهن ۾ ماپڻ جهڙا آهن يعني اهي مٿي جي مٿان لنگهي نٿا وڃن. مثال لاءِ مجموعي جي سڃاڻپ ڪوتا پيش آهي ــــــ
    منهنجو نالو / منهجي سڃاڻپ نه آهي / اهو ڏنل نالو / صرف اُهو ڏس آهي / جنهن طرف هنن کي وڃڻو هو / جنهن طرف مون پير کنيا آهن / انهن پيرن جا نشان ئي / منهنجي سڃاڻپ / ڏيئي سگهن ٿا.....
    هن ڪوتا ۾ نالو، پيرن جا نشان وغيره جا روپڪ آهن پر اظهار صاف آهي ــــ هڪ فرد جي سڃاڻپ سندس پنهنجن ڪارنامن جي اثرن ــــ نتيجن سان پنهنجن ڪارنامن جي اثرن ــــ نتيجن سان جڙيل آهي ۽ نه ڪي ڪٽنب / سماج دواران ڏنل نالي، ڌنڌي ڌرم ذات وغيره سان ڇو ته اِهي مڙيئي شيون ڏيندڙ جي روايت، سوچ ۽ اڇا جو اظهار ڪن ٿيون، اُهي فرد جي ڪا ڄاڻ / سڃاڻپ نٿيون ڏين.
    پر ائين چوڻ به صحيح نه ٿيندو ته نند جون مڙيوئي ڪويتائون صاف ۽ چٽيون آهن. اهڙيون به ڪوتائون آهن جن جا روپڪ سولا سمجهه ۾ اچڻ جهڙا نه آهن ۽ ان ڪري اهي ڪوتائون منجهيل ڀاسن ٿيون. جيئن ”مسافر لاءِ بس“ گيتائي انداز ۾ چيو ويو آهي ته:
    هن بس جي اڳين سيٽ تي ويٺل / ڊرائيور مان آهيان / ۽ پوئينءَ سيٽ تي براجمان / ڪنڊڪٽر به مان آهيان / اڳين ۽ پوئينءَ سيٽ جي وچ۾ ويٺل / هر مسافر به مان آهيان / اها منهنجي واقفيت آهي / ـــ
    نند جي ڪويتائن پنهنجيءَ مٽيءَ سان موهه ۽ ان کان الڳه ٿيڻ جو جو بيحد تکو درد آهي جنهن کي هن ”اوشڪارپور!“ جي عنوان هيٺ بيحد ڪلاتمڪ نموني اظهاريو آهي. نند هيءُ درد سندس اندر جو درد آهي ان ڪري هيءُ ان ڪتابي درد کان الڳه آهي جيڪو سنڌ سان وابسته ڪيترين ڀرڪائو ڪوتائن ۾ ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ڪتاب جي عنوان مان اهو ظاهر آهي ته نند جي من جي چؤواٽي وٽان ڦٽندڙ هر راه جو رخ شڪارپور ڏانهن آهي.
    احساس جي گهرائي، اظهار ۾ گنڀيرتا، وشئه سان مناسبت رکندڙ چست شبد ـــ رچنا، پختي، گنڀير ۽ صاف شريفاڻي ٻولي، نند جي ڪوتا جون خاصيتون آهن. شعوري سطح تي، ڪوتا کي رهسيه ميه ڍنگه سان ماڻڻ وارن کي نند جي ڪويتائن مان لاشڪ ذهين لطف حاصل ٿيندو.


    ”چؤواٽي تي“ جون ڪوتائون ــ هڪ سمالوچنا : پريم تولاڻي

    انسان نج آهي، نه پاڪ نه ناپاڪ
    سوچ سان انسان پاڪ ۽ ناپاڪ آهي!
    ”مان“ بي انت آڪاش آهي،
    پوءِ ئي تنهجي ڏنل چوکٽ
    منهنجي هوند بڻي.

    نند جويريءَ جو ”چؤواٽي تي“ ڪتاب پهريون دفعو هٿ ۾ کنيم ته ڪور ته دلڪش هو پر پڙهڻ تي ڪجهه محسوس ڪيم ته آخر لکيو ڇا اٿئي؟ نه نظم بروبر نه وري تڪ بندي ڪيل الاهي ڇا آهي؟ انهيءَ ڪري ڪتاب پاسيڙو رکيم پر ڪجهه ڏهاڙن کان پوءِ ائين من ۾ خيال آيو. ته ليکڪ شاعر ڪڏهن ڪڏهن پهرين خشڪ بي مطلب لڳندا آهن. پر ضرور ڪا گهرائي آهي جنهن جو لقاءَ يا لطف ٻاهرين نظر سان نه حاصل ٿيندو آهي انهيءَ ڪري هڪ وقت فرصت ۽ فرحتي ويل ”چؤواٽي تي“ خود کي بهاريم ۽ نند جو ڪتاب انهيءَ لنو سان پڙهڻ شروع ڪيم ته عجيب محسوسات ٿي ته .
    نند اصل جوهيري جو دماغ رکيٿو جيڪو هيري کي هر طرف کان جاچي جوچي ڪجهه انهيءَ پٿر ۾ پائي ٿو. نند جويريءَ جو دماغي خلل ۾ صرف فيلصوفيءَ جو ويچار ڪونهي پر اونهي عميق ۾ انساني خيالات اها جيڪڏهن ڪنهن تسليم ڪيل اوليا يا مهاتما جي مکه مان نڪري ته هوند هزارين ماڻهو انهن لفظن جي تتون جو جدا جدا ارٿ ترجمو يا انٽرپيشن Interpretation ڪر لوڪن اڳيان رکن ته مهاپرش ڇا ٿو چوڻ چاهي.
    مٿين چند سٽن مان اهو ظاهر آهي ته نند رواجي ليکڪ يا شاعر ڪونهي جن ٻاهرين اکين مان ڪجهه ڏٺو يا ڪو تصور ڪيو ۽ اڌما پئدا ڪيا ۽ لکيو پر سندس اونهن خيالن ۾ اها وهڪ وهي ٿي جنهن جي وهڪري ۾ وهي وڃي وٿاڻ ئي ٻيا وسائي جتي ايڪانت ۽ شانتي هجي. جتي وڻن جي ٽارين جو هلڪ هوا جي جهونڪي تي آوز ڪن پکين جي لات کي پنهنجي لنو ڪر سمجهي. پر ٻ.ڌنن ۾ جڪڙيو پيو آهي اها سندس مجبوري ۽ لاچاري آهي.
    انهيءَ ڪر پنهنجن اونهن ويچارن ۽ خيالن جذباتن لڳل لنو جو اظهار هن ”چؤواٽي تي“ ذريعي ڪيو اٿس سندس لکڻين کي پڙهي ائين لڳندو آهي ته شاهه صاحب جيڪو فرمايو آهي اهو هوبهو ۽ بلڪل تز هتي ٺهڪي ٿو . ” هٿ هاج ۾ دل يار ڏي“
    شروعات ۾
    مان نه پاڪ هوس
    نه ئي ناپاڪ هوس
    مان نج هوس
    انسان نج ڄمي ٿو هي انساني ماحول ذات بات جا ليڪا ڪڍن ٿا جيڪي ٻنا ۽ ٻنڌن ٿين ٿا جن جي ڪري نج پوءِ پاڪ ۽ ناپاڪ جي محدودين ۾ جڪڙي ٿو.
    ”منهنجي مان“ هڪ بي انت آڪاش
    جنهن کي تو ٻنا ڏنا
    پوءِ تنهنجي ئي ڏنل چوکٽ
    منهنجي هوند بڻي
    هاڻي جڏهن انساني هوند بڻي تڏهن انسان ”پنهنجي مان“ کوئي ڇڏي اهو سچ آهي هونئن ”منهنجي مان“ هڪ اڏامندڙ پکي انهيءَ کي سوارٿ ٻنا ڏنا. ۽ اها عاليشان ”مان“ بي انت مان اننت بڻجي نند جويري قهر ڪيو آهي. هن پريت جي پيچري تي پانڌيئڙن کي پرکيو آهي
    اگر تون ۽ مان
    هن کان اڳه ڪٿي مليا آهيون
    شايد گڏ کڻنداسين
    اگر تنهجو قدم
    منهنجي کنيل قدم جي برطرف به پوي
    ته به برطرف ٻرانگهه ڀرن لاءِ
    توکي
    منهنجي وکه جو طرف سڃاڻڻو ئي پوندو
    تون ۽ مان وقت جا پاڇا آهيون
    پاڃن جي گهٽجندڙ
    ۽ وڌندڙمقدار جي ڏڦير ۾
    تنهنجو منهنجو وجود ڦهليل آهي
    تو مونکي پٺيان ڇڏي نٿو سگهين
    ۽ نه ئي تون
    منهنجي پٺيان رهي سگهين ٿو.
    تنهنجي هستي
    منهنجي هستيءَ ڏانهن
    ۽ منهجي هستي
    تنهنجي هستيءَ ڏانهن جوابدار آهي
    ان سان ئي
    منهنجي توسان
    سڃاڻپ آهي
    ديش جي ورهاڱي کان پوءِ ۽ راڄنيتي رمزن ڪري ايترو اخلاق ۽ ضمير جي گراوٽ ٿي آهي جو جيڪي خوشامندڙيا آهن انهن پنهنجو وجود پنهنجي هشمت ختم ڪئي آهي انهيءَ جو ذڪر نند جويري هينئن ڪيو آهي جيڪو سندس من جو غبار آهي اکين ۾ انهيءَ ونهوار لاءِ حقارت آهي.
    مڇ ڪٽيل ننڍا ڪوئا
    خوش آهن
    جو ايمان سان
    هنن نوان سهڻا
    ٻر جوڙيا آهن
    اهو ليکڪ ۽ شاعر ئي ڪهڙو جنهن چانهه جي ڪوپ ۽ چپن تي آڻي سرڪي پيڻ جي درميان جيڪو ويڇو آهي يا اِهو ڪهڙا قهر ڪري سگهي ٿو. انهيءَ جو اظهار نه ڪيو آهي؟ نند جويريءَ هيءُ لکيو آهي.
    وڇوٽي
    جهوٽي ۽
    ننڊ جي وچ ۾
    جا سجاڳي آهي
    اها به
    هڪ وڇوٽي آهي
    ان وڇوٽيءَ کي
    ماڻڻ جو درد
    مون کي رکي ويٺو آهي ..... سجاڳ
    ليکڪ ۽ شاعر جي دل ڪٿي جهڙي ٿي، ڪٿي موه پيار سڪ ڪنهن به جڳهه سان جڙي ٿي. نند کي ماتر ڀوميءَ سان اٿاهي لنو لڳل ڪيتري اونهي جڙ سان جڙيل آهي جو سندس جنم اسٿان شڪارپور کي ياد ڪري ضرور اکين مان آب آندو اٿس ۽ هن ڪتاب ذريعي شڪارپور جي تصوير چٽي اٿس اهڙي اثراتي جو مان شڪارپور ڏٺي به ڪانهي پر ”چؤواٽي تي“ پڙهڻ سان ائين ٿو ڀاسي ته مان شڪارپور جو لکيدر ..... گهنٽاگهر ...... گئو شالا ...... چرين ٻانڀڻن واري گهٽي ..... ڀر ۾ ٽيڪچند پاٺشالا پيو ڏسان. نند ورهاڱي کانپوءِ سنڌ جو سئر ڪيو آهي ۽ شڪارپور جي موجودهه حالت ڏٺي اٿس پر سندس ٻالڪپڻي جا ارڪان کيس اُتي ڪونه مليا يا انهن ۾ اها لچڪ لذيذپڻو حاصل ڪونه ٿيو اٿس. سڄو ماحولل بدليل آهي. بس! انهيءَ جو اظهار هئين ڪيو اٿس.
    هن دفعي
    لکردر تي گهنٽاگهر
    منجهند جو ٻي بجي
    شام جا پنج گهنڊ ڪونه هنيا
    انهيءَ کي به بخار هو
    يا لقوي جي مرض ۾ رڙهندي
    لاچاريءَ جو اظهار ٿي ڪيائين
    مون وانگر
    گهر اُهي ئي هئا
    پر در اهي نه هئا
    در بنا ٻانهن هئا
    بي نور دريون هيون
    نه ڀاڪر هئا
    نه قرب ڀريون نظرون
    درن درين جي گلڪاري
    سامي اياز فاني
    سڀ لڏي چڪا هئا
    منهنجي شهر شڪارپور مان
    مان مجبور آهيان جو ”چؤواٽي تي“ سمالوچنا لکندي خود اهڙي چؤواٽي تي پهتو آهيان ته ڪهڙي راهه وڃان ــــ آخر هن لکڻيءَ کي هتي ئي ختم ڪريان ۽ سنديش ڀارت جي صفحن جي اون رکان. بس ! انهيءَ ڪري هتي لاچاري ڏيکاري قلم بند ٿو ڪريان. اهو چوندي واهه ڙي نند واهه جيءَ ۾ جلين پيو ـــ جهوڙي لڳل اٿئي پر ٻاهر ٻنڀا رکيو ويٺو آهين. شاهه چيو آهي؛
    ”نيهن نهائين کان سکه ڪنهنجا سپرين
    سـڙي سـارو ڏيـنهن ٻـاهر ٻـاڦ نه نڪـري.“


    ”چؤواٽي تي“ علي بابا جي نظر ۾

    ڀاءٌ نند،
    الله ڪري ٻچن ۽ سنڌواسين سان سدائين جُڙيو۽ جَڙيو هجين. تون آئين، مون پيٽ ڀري ڏٺو به ڪونه، وئين هليو. مونکي شڪارپور تي حسد ته نه ٿي پيو آهي. پر چئجي ريس ٿي پئي آهي.
    تنهنجو نثري نظم پڙهيم. مون ڪنهن به ڪتاب کي شايد شاهه کانپوءِ ايترا ڀيرا نه پڙهيو آهي جيترو چؤاٽي تي کي پڙهيو اٿم. هيمليٽ ۾ هڪ منظر ۾ پوليس هيمليٽ کي چوي ٿو ”واٽ آر يو ريڊنگ مائي لارڊ.“ ته هيمليٽ جواب ڏئيس ٿو ”ورڊس ....ورڊس ....... ورڊس.“ ۽ شبدن جي اِها شڪتي تنهنجي شعر پڙهڻ کانپوءِ شدت سان محسوس ٿئي ٿي. بلڪ اُٻائجي ٿي اچي.
    خط لکڻ جي ڏس ۾ آئون به تو جيان آهيان. اڳي 64-65ع ڌاري موهن ڪلپنا کي هڪ خط لکيو هوم ٻيو ذاتي خط توکي لکي رهيو آهيان. تنهنجو ساهه شڪارپور ۾ آهي ۽ منهنجو ساهه وري درياهه شاهه ۾ آهي.
    درياهه کانپوءِ ڇا آهي؟
    اونداهي کڏ آهي.
    جڏهن خط پڙهين ته سمجهجانءِ ته شڪارپور جنميل جو خط پڙهي رهيو آهين. شايد جنهن ڏيهن تو شڪارپور ڇڏي هئي آئون ڪوٽريءَ کان شڪارپور پهتو هئس. گئوسر باگڙجي سڀ گهميا هئم. انهن ئي ڏيهن ۾ موهن جو دڙو ڏسڻ کانسواءِ موهن جي دڙي تي ناول لکڻ شروع ڪيو هئم. ويهن ٻاويهن سالن جي ڄمار تائين آئون ٻئي جنم جي پيڙا جي بيماريءَ مان گذري رهيو هوس. ڪنهنکي ڪجهه ڪونه ٻڌائيندو هوس ته آئون ڇا ٿو ڏسان. سخت بيمار هوس. ڊاڪٽر يونس منهنجو علاج ڪيو هو.
    اڄ تائين شڪارپور ياد ايندي رهندي آهي. اُجڙيل ئي سهي مون شڪارپور ڏٺي. منهنجو مامو رمضان بلوچ شڪارپور ريلوي اسٽيشن تي هيڊ ڪلارڪ هو. ويچارو گذاري ويو آهي. منهنجو وڏو نياڻو ۽ ٻار اوهان کي سلام چئي رهيا آهن.

    تنهنجو پنهنجو
    خاص تنهنجو

    علي بابا
    23 مارچ 2004


    خط : هري همٿاڻي

    پريه ڀاءُ نند،
    اُميد ته مزي ۾ هوندين.
    اڄ ”چؤواٽي تي“ تي ڪتاب مليو. شڪارپور جو چؤواٽو تنهنجي سمرتين ج يادگار. ڪور تان ئي شڪاپور ۽ سنڌ جو نوُر پسجي رهيو آهي. ۽ مهاڳ لکيو آهي سنڌ هند جي مايه ناز شاعر. سچ ته سدا حيات نارايڻ شيام ۽ شيخ اياز سنڌي شاعريءَ جا روح آهن. اسان ليکڪن / شاعرن لاءِ اها خوشيءَ ۽ فخر جي ڳالهه آهي ته هن ۾ شايع ٿيل ڪتاب جو مهاڳ شيخ اياز لکيو آهي. ڀاڳ وارو آهين جو اهڙي روح رچندي جي ويجهو آهين. تو ايترو ته قربائتو آهين جو ڪنهن سان هڪ دفعو ملڻ تي به دل چورائي وٺينٿو. اسان پهرين موقعي تي مليا هئاسين ڀوپال ۾. ان کان اڳ مون تنهنجو نالو ٻڌو هو ۽ ٿورو گهڻو آزاد نظنن دئاران، وري احمدآباد ملياسين ته ڄڻ ورهين کا واقف هئاسين. تنهنجو ڪتاب مليو ته توکي روبرو پاتم. هي ڪتاب ادب ۾ پنهنجي هڪ مخصوص جاءِ والاريندو اهڙي پڪ اٿم. منهنجو شڀ ڪامنائون. دوستن لاءِ قرب ڀريا سلام

    قربن مان

    هري همٿاڻي


    خط : جهمو ڇڳاڻي

    پريه جويري،
    سدا باغ بهار ! ڪٿي لڪي ويٺو هئين يار ! ڪافي سالن جي شانت کان پوءِ تنهنجو شاهڪار شايع ٿيو آهي. دلي مبارڪون .
    اڳتي هلي شايد هيءُ شاهڪار به هئٽ ٽرڪ ڪري يعني مهاراشٽر ساهت اڪاڊمي، سي. ايڇ ڊي ساهت اڪادمي دلهي ۽ پڻ اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا جي اَعزازن کان توکي نوازيو وڃي پر تنهنجو شاهڪاراھنهن کان اعلى آهي ۽ نند جويري اعلى ترين هيءُ رد عمل رڳو ڪي منٽ پڙهڻ سان بڻيو آهي. دل سان گهر وڃين پڙهندس پوءِ توکي Detail ۾ لکندس. هڪوار هند ۽ سنڌ جي سڀني سنڌين طرفان مبارڪون ٿو ڏيانئه .

    قربن ۽ نيازن مان

    جهمو ڇڳاڻي


    خط : پريم پرڪاش

    پيارا نند،
    سچ
    ورهانڱي وقت به اسانجي اِهائي حالت هئي
    ... خالي ماڻهو
    ڀريل گهر ڊوهيندو ....
    ۽ اڄ پڻ
    تنهنجين ڪويتائن کي ڪا مخصوص سڃاڻپ آهي. اهي جيئن به آهن پنهنجيون لڳن ٿيون. بنھ پنهنجيون.
    (تڪڙ ۾ ڏسي / پڙهي هليو آهيان ــــ فلحال )
    ٻيهر پڙهي شايد ڪجهه لکي سگهان

    هڪ قرباتو ڀاڪر

    تنهنجو
    پريم پرڪاش


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259619
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386666
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ