ڪتاب جو نالو: گورک مٿي چنڊ
مصنف: عزيز ڪنگراڻي
ڇپائيندڙ: نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 30 مارچ 2017 ع
پڙهيو ويو: 470 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 247 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”گورک مٿي چنڊ“ نامياري شاعر، ليکڪ ۽ ڊراما نگار عزيز ڪنگراڻي جي شاعريءَ جو ٻيو مجموعو آهي. عزيز ڪنگراڻي جي سڃاڻ صرف شاعر واري ناهي رهي، هو سٺو ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار، تنقيد نگار، مقالانگار ۽ محقق به آهي. هو شاعريءَ ۾ فطرتي حسناڪين کي خوب انداز سان بيان ڪري ٿو، سندس تعلق ڪاڇي جي علائقي جوهيءَ سان آهي تنهنڪري هن وٽ لفظن رواني ۽ رنگن جو ميلاپ به موجود آهي. هو احساسن جو شاعر آهي جنهن ڳوٺن ۾ زندگيءَ کي ويجهي کان نه صرف پرکيو آهي پر پاڻ به ڏکن ۽ سکن سان ناتو نڀايو آهي. هن ڪاڇي ۽ گورک جي سونهن ۽ سندرتا سان گڏ محبوب جي خمار کي به بيان ڪيو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • پنهنجي پاران
  • سنڌ سلامت پاران :
  • بيت

  • ڪاٿي آن سڄڻي، سار به ڄڻ تلوارآ،
  • ايندي هُئينءَ تُون پاڻ، مست محبت موج ۾
  • گورک مٿي چنڊ، تڪيو بيٺي پاڻ کي
  • ڇڏ مِٺِي ڇيڏڪ، مان هان وڃڻو ماڳ ڏي
  • خالي گاگھر ڪَڇ تي، گُهوري بِيٺو گھر،
  • دُور تون رکجان ديس کان، دُوئي دوکو داءُ،
  • احساسن جي تند سان، اُڻيل دل ۾ ديسُ،
  • ڪاڇي منجهه تَلُور، پرڏيهان آيل پکي
  • شام جو لهندڙ سج کي، .منڇر روئي چيو،
  • ڦُٽا وؤنڻ وڻن ۾، چونڊن تر واريُون،
  • وايون

  • سُڳنڌ بڻجن ڌڙڪنون، سُرها سُرها ساھ!
  • ڪاڇي جو پٽ ٻوڙيو، بارش راتوڪِي!
  • سنگ ڪَڪوريا لاب پيا، موسم ۾ ٿي ڦير!
  • اُڻ تُڻ آ هيڪاند،
  • تُنهنجي نالي جو، سِجُ نه لهڻو آ!
  • درد پسي دور جو، پيا اندر منجهه اَنبُور!
  • ماڻهو منهنجي ڏيھه جو، ڪو به ڏکيو هوندو!
  • غزل

  • تنهنجي خوشبو ۾ هِير وِهنتِي آ.
  • گلاب پوکي ڪنڊا لُڻياسين.
  • ڪَنڌِي دل جِي پائن اُڪِيرُون عزيز.
  • تو سِوا ساريون خوشيون پڄرِي ويون.
  • ڇُهي تنهنجي مون چهري تي حجابن جون چَڪِيون پوکيون.
  • ڪوبه توسان نه رابطو آهي.
  • اسان ننڊ مان پاڻ جاڳيا ڪٿي هُون؟
  • رات جو پويون پهر۽ دل.
  • ياد ريشم کان ريشمِي تنهنجي.
  • تنهنجي وِجُود جي خوشبوءِ منهنجي ساهن ۾.
  • هيڪل جيئڙو پُل ۽ مان.
  • زندگي ماڻ جا عزيز ملي.
  • ياد تنهنجي به چاتڙي آهي.
  • سوچ ۾ گُم سُم گهر هوندس.
  • عشق ڇِپ ٿي مٿان ڊَٺو هوندو.
  • ماڻهو حَسِينَ آهن.
  • سوچ ٿي جي اَجھل نَدِي ويندي.
  • وسيا مينهڙا وفائن جا.
  • ڏورؤن تنهنجو اشارو چمڪيو.
  • حالتن جي اڳيان جُهڪِي نه سگهيو.
  • عشق تنهنجو عُقاب آ پياري.
  • ڪِٿ شهر زندگي.
  • سدائين ڪاڇي ٿر واسي وطن ۾ بي وطن آهن.
  • گُونگن جي شهر تَر ۾ ٻئي چَپَ سِبي ڇڏيم.
  • سار ستائي ٿي.
  • پيار تنهنجو جي پرين گهٽجي وڃي.
  • ڪاوڙ تُهنجي سِگرِي آهي.
  • وڇوڙو ونگ آ سانئڻ.
  • پاڻ وڇڙياسي سو عجيب نه هو.
  • درد ٿو ڀڙڪي ڄَر جهڙو.
  • پيارتنهنجي پناهه ۾ رهجي.
  • پيار گُلشن ڪري مِلي آهي.
  • تُون وَئِي آن دنيا هلِي وئِي آ.
  • هل ته دل درد سان مِلِي ڏسجي.
  • ڏُور پل نه هجين دل گُهري روز ٿي.
  • من ۾ پائي وئي لِئو آهي.
  • سمنڊ مان تانگھڙو ناهيان.
  • وَيا جي پَلَ سي وَرِي نه ورندا.
  • وقت خيبر جي آ ڳَلِي وانگي.
  • حوصلو تلوار ڪر.
  • نانءُ اتهاس ۾ اچي ويو آ.
  • عشق منهنجو بڻيو جي رب آهي.
  • حُسن تنهنجو روشني آ.
  • شعر جڏهن جهونگاريا هوندم.
  • عشق ڪڙڪِي ڪِريو ڳڙي وانگي.
  • جيون ڄڻ ته بتيلو آ،
  • اکيون ٻئي سمنڊ جيئن آهن.
  • پاڻ جڏهن کان وڇڙي وياسين.
  • پنهنجي پياري مرڪ ته ڏس!
  • عشق سانڍيو سُرور پنهنجو آ.
  • عشق درياھ کڻي ايندو هان.
  • عزيز تڙپي لکڻ ڇڏي ڏئي.
  • سار ٿي سُرهڻ وکري وئي آ.
  • توکي ساري ڳاٽ ڳڙي پيا
  • سامهون تنهنجي ديد سدائين.
  • دوستي غم ڏِئي وٺِي ڇڏجي.
  • درد ڇيرون ٻَڌيون ته نَچِي زندگي.
  • چئوسٽا

  • وطن سان مُحبت ضمير ۾ آ.
  • تاريخ ڪئي چيخ بگاڙيو ڇو ٿا؟
  • روشن کي ڪو اونداهه چوي بيٺو،
  • لوڪ پُهتو ڪفن ڏيڻ کانپوءِ،
  • تو چيو هو ڪڏهن غم تي نه سوچجان،
  • دؤر ڀڙڪي مفاصلا وڌائي ٿو،
  • قوم هڪڙي ديس هڪڙو سوچجي،
  • روز مونکي جي نفرتون ڏيندين،
  • ترائيل

  • هر سُهاڻي شام تنهنجي مهڪ آ،
  • گاج ڪپ تي ڄڻ صدين کان انتظار،
  • محبتُن جي ٿي اچي ورکا ڪرين،
  • شفق جو ڍڪيو ياد کهنبو پرين،
  • سُونهن مُون ۾ ساھ اوتي ٿي ڇڏي،
  • هيل ڀي اچ شام گورک تي مِٺي گڏ گهاريون،
  • رَوِش دهشت گرد تُنهنجِي ڄڻ يزيد آ،
  • ٿر ۾ ٽوڙيو دم ڪندي ڪِنجھڪار ٻار،
  • هائيڪا

  • سنِڌُوءَ جو ڪِنارو هو
  • سارو ٿر اُماس
  • جيئن تو هٿ جهليوم،
  • گوري صبح سوير
  • گرمي گُهٽ ٻُوساٽ
  • مان ڀي هان توساڻ.
  • خواب خوشيون خاڪ
  • آهين اڄ اوجهل،
  • ساگر جيڏو سوڳ،
  • آزاد نظم

  • زندگي بندگي
  • ڏُک
  • وساريان ڪِئين؟
  • او! پيارا پرين!!
  • منهنجي ڌرتي
  • مان نه هوندس
  • ڪٿي آهين سڄڻي؟
  • جوهي
  • او! گورک جي ٽَڪري!!
  • ماءُ توکي آ سلام
  • ڌَرُ-جِي مِٽي
  • سِپ ۽ موتي
  • هوءَ منهنجي نه هئي
  • وقت
  • نِنڊ مِٺي
  • جيت
  • جُستجُو
  • تنهنجي نانءِ
  • انڌ ڌُنڌ
  • ياد جي خوشبُوءِ
  • متفرق شعر

  • ارپنا

    استاد بخاريءَ
    جي نانءِ


    پنهنجي پاران

    ڪتبو
    منهنجي قبر جو ڪتبو پڙهي،
    منهنجي داناءُ،
    دشمن ڀڻڪيو،
    مار!! اڃا هيءُ جيئرو آهي!!


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (360) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ڪتاب ”گورک مٿي چنڊ“ نامياري شاعر، ليکڪ ۽ ڊراما نگار عزيز ڪنگراڻي جي شاعريءَ جو ٻيو مجموعو آهي.
    عزيز ڪنگراڻي جي سڃاڻ صرف شاعر واري ناهي رهي، هو سٺو ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار، تنقيد نگار، مقالانگار ۽ محقق به آهي. هو شاعريءَ ۾ فطرتي حسناڪين کي خوب انداز سان بيان ڪري ٿو، سندس تعلق ڪاڇي جي علائقي جوهيءَ سان آهي تنهنڪري هن وٽ لفظن رواني ۽ رنگن جو ميلاپ به موجود آهي. هو احساسن جو شاعر آهي جنهن ڳوٺن ۾ زندگيءَ کي ويجهي کان نه صرف پرکيو آهي پر پاڻ به ڏکن ۽ سکن سان ناتو نڀايو آهي. هن ڪاڇي ۽ گورک جي سونهن ۽ سندرتا سان گڏ محبوب جي خمار کي به بيان ڪيو آهي.
    هي ڪتاب نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ ڪراچي پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري دوست انعام عباسيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي، مهربانيون سائين عزيز ڪنگراڻيءَ جون جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    بيت

    ڪاٿي آن سڄڻي، سار به ڄڻ تلوارآ،

    ڪاٿي آن سڄڻي، سار به ڄڻ تلوارآ،
    جُدائي اَگني، انگ انگ آ آڙاهه ۾.

    تو بن منهنجو جيئڙو، تو لئه ٿو لوچي،
    هر پل ٿو سوچي، تنهنجو پيار پريتڻو.

    تنهنجي هر هڪ ياد آ، خوشبوءِ جو احساس،
    سُرها سڀ حواس، جنهن پل يادُون ٻَک ۾.

    بُوءِ بدن جي موتيو، ساهه گُلن جو واسُ،
    روز ملڻ جي آسُ، واجهائي دل وِسڪِڻي.

    تهنجي ڳل تي چپ رکي، ماکي لار چکيم،
    ڀاڪِي پائي وتم، واس تنهنجي وجود جو.

    هِينئڙو ڍنڍ مَکي، يادُون ڇُلندڙ ڇولِيُون،
    تنهجو پيار پَکي، روز لهي ٿو شام جو.

    هٿ چُمي هو تو چيو، تون وسارين متان،
    ساجن هاڻ ڪِٿان، آندءِ ويسر ايتري.


    ايندي هُئينءَ تُون پاڻ، مست محبت موج ۾

    ايندي هُئينءَ تُون پاڻ، مست محبت موج ۾
    رُوح جھٽيندو روز هو، ساهَن جي سُرهاڻ،
    ڪِيئن وساريَئِي هاڻ، محب ملڻ جا ڏينهنڙا؟

    تنهنجا انگ انگُورِيَل، منهنجا چپ هيراڪ،
    مِٺيُون منهنجيُون ماڪ، تنهنجا ڳَل گُلاب ها.

    ڪوئل پئي ڪُوڪيو، گورگ جي وڻڪار ۾.
    اندر پئي ٻڙڪيو، تو بن ٿڌڙي هير ۾.

    هُوءَ جا گاج ندي، دهشت منجهه درياھ جان
    گوڙ ڪندِي گجندِي، وهندي صدين کان اچي.

    نيڻ بڻيا ڪڪرِين جيان، گورک ٽَڪرِي مَنُ،
    تو بِن تتل تَنُ، ۽ ڪڻ ڪڻ نيڻ ڪنار مان.

    گورک مٿي سج، لهندي گورگ کي چيو:
    مان هان ٽِڪو گَجُ، تون آن ٽِڪرِي جنّتي.

    مان ۽ تُون ٻئي ڀاڪُرين، مهڪيا چوڏس مَنڊُ،
    گورگ مٿي چنڊ، تڪيو بيٺي پاڻ کي،


    گورک مٿي چنڊ، تڪيو بيٺي پاڻ کي

    گورک مٿي چنڊ، تڪيو بيٺي پاڻ کي
    تُون جهوليءَ ۾ ننڊ، منهنجا خواب خماريل.

    تو بن موسم درد جي، نيڻن ۾ ڪڻ ڪڻ،
    گهيريل منهنجي جيءُ کي، اُڻ تُڻ تي اُڻ تُڻ،
    دُورِيءَ جي هڻ کڻ، ڏنگيو هر پل ڏِيل کي.

    چپن جي چُرپُر مِٺِي، ڇيڙيا مَڌُر ساز،
    نيڻ پڙهيا نماز، تنهنجي ورق وِجُود تي.

    تو نه سُڃاتو عشق کي، تو نه پرکيو نينهن،
    عشق ته لوچ آ دائمي، ڳولا راتيان ڏينهن،
    عشق وفا جو مِينهَن، عشق سچائي سوجهرو.

    سڄڻي تهنجي سار، سهڪو ڊهڪو ساھ جو
    دل جا سڀ دُوار، تنهنجا آهن منتظر.

    وڇڙي توکان جي مُئس، سو ڄڻ ڪوجهو مؤت،
    تنهنجي جهولي جوت، مؤت به پوءِ ڄڻ زندگي.

    پاءِ نه چنڊ لِئا، منهنجو چنڊ مون جهول ۾
    دشمن کوڙ ٻيا، تون ته نه رھ ايئن تاڙ ۾.


    ڇڏ مِٺِي ڇيڏڪ، مان هان وڃڻو ماڳ ڏي

    ڇڏ مِٺِي ڇيڏڪ، مان هان وڃڻو ماڳ ڏي
    تون ته منهنجي پيار جي، بيشڪ آن هيرڪ،
    چاهت جي چِيٽڪ، مور نه مٿي ديس کان.

    هڪڙو منهنجو ٿر، ابر تنهنجي آسري
    ٻيو آ ڪاڇو گھر، جنهن جي جُوهه وِسوڳ ۾.

    رات به ٻوڙان ٻوڙ، وُٺو ٿر ڪاڇي مٿان
    مؤلى مِهران جوڙ، سنگهارن کي سک سان.

    نه سو پاڻيءَ پيڄ ۽، نه سو رائو ريج،
    بنجر ڀُونءِ پُڪاريو، سُرتيا سَڏُ سُڻيج،
    ڏلهڪِي نياپو ڏيج، اُلرِي اُڃ اُجاڙِيو.

    ساروڪاڇو سوڪ، ساري روز سُڪارکي
    پاڻي لَپُ جي ڪاڻ پيو، لِيلائي ٿو لوڪ،
    مهر منجهاران موڪ، آڻي مينهن مندائتو.

    موٽي آئي سانوڻي، موٽئين تون نه مَنَ،
    گرجِي گورک گاج تي، بادل ٿا برسن،
    ڪڙڪِي گوڙون چؤطرف، ڇيرون ٿيون ڇيڙن،
    تو بن ڪيئن گذرن، هيڪل پل هِن مند ۾.


    خالي گاگھر ڪَڇ تي، گُهوري بِيٺو گھر،

    خالي گاگھر ڪَڇ تي، گُهوري بِيٺو گھر،
    صدين کان ڇو پِياس ۾، ٿاريلِي ۽ ٿر،
    پاڻي ڍُڪ جي تلاش ۾، تڙپي سارو تَر،
    پُورا ٿِيَنَ پَهَر، جِيئڻ ڪارڻ جُهد ۾.

    ٿاريلين سِر ٻيلهڙا، کِههُ ۾ کڻن پير،
    پاڻي ڪوهين ڏُور پر، ڀَرِن ديرسوير،
    سار لهي ٿو ڪير، سندن ڏک ڏهاڳ ۾.

    جيئين ٽِڪا گَجُ، تيئين من ۾ آس آ
    اندر منجهه اهنجُ، ٻاهر اُجرا اولڙا.


    سُورن منجهه ساڻيهه، ته به ٿي سانڍيان ساهه ۾
    ٻاجھاران سرسبز ٿئي، منهنجو ڏکيو ڏيهه،
    ساريان روز سنگهار ٿي، ڇِڪ جو ناهي ڇيهه،
    رُوح ٽُٽل کي ريهه، اچي ڏيندم اوڏڙا.

    مؤلى منهنجي سنڌ کي، لڳي نه ڪوسو واءُ،
    گهاڻو گهنگهر گهاءُ، دُور تون رکجان ديس کان.


    دُور تون رکجان ديس کان، دُوئي دوکو داءُ،

    دُور تون رکجان ديس کان، دُوئي دوکو داءُ،
    صدين تائين ساءَ، ٻکي سرتي سنڌ کي.

    پندرهن جي پُور۾، سورنهن جو سُڻڪاٽ،
    ٽوڙي سڀ ٽڪساٽ، رکجان ديس اُتامرو.

    جِتي ڄمِي مُون، ويهِي نُور نِچوڙيو،
    ڪاڇي سندي ڀُونءِ، رهندي سدا ساهه ۾.

    جيءُ اندر جوتُون، سِري وِڇولي لاڙ جون
    سنڌڙي جندڙي تُون، تنهنجو وِردُ وِجُود ۾.

    دل ۾ ديس وَسي، رڳ رڳ ڀيرو ڀُونءِ جو،
    لاڏَؤن روز لُڏي، ڌڙڪنن جي پينگهه ۾

    دل من ۾ ديرا، دلبر پنهنجي ديس جا
    جوڙيل آهن جيءُ ۾، وسنديون واهيرا،
    اکيُون آکيرا، ڌرتي سرتي سِيم جا.

    پرينءَ سان گڏ ديس لئه. ڏک جي چِت ۾ چيخ ،
    تور ِ ڪندي تاريخ، پرکي پيار پريتڻو.


    احساسن جي تند سان، اُڻيل دل ۾ ديسُ،

    احساسن جي تند سان، اُڻيل دل ۾ ديسُ،
    سُرهِي سوچ سُويسُ، تاڃي پيٽو پيار جو.

    ڀاڳُو ڀان ڀڳت، ڳاتا ڀَڄن ڀُونءِ جا
    پن ڇڻ کي للڪارِيو، آڻيو رُت بِسنت،
    پر نه اڃا انت، آيو اهنج عذاب جو.

    جيڪو تاتيو تو، روشن سورج سوچ ۾
    ناهي اڀريو سو، ڀڻڪِي ڀُونءِ ٻُڌائيو.

    اڀري پوندو نيٺ سو، ساڃهه جو سورج،
    اوندهه سان اورج، ڄاڻ سهڙيو سوجهرو.

    ڪِينُ ڪڏهن ارمان، ڪر تون ديرسويرجو
    اوٿر نه اُٿيو آھ سو، ميڙج سگهه مهان،
    همت هُو ڏس حوصلا، ڄڻ تاڻيل تير ڪمان،
    جيتر هيءُ جَهان، تيتر لاهه نه آسرو.

    دنيا جي آ ڀيٽ ۾، صديون پوئتي سوچ،
    هيڪر اهڙي حال تي، لَهُو ڏيئي لوچ،
    تون نه ته پونيو پوچ، پڪ سان پسندو روشني.








    پُختو رک ويساهه تون، ڦُٽندي اُجري باک،
    سُرت کئين آ ساک، سوچ سُهائو سوجهرو.

    اڃا اوراهون ٿو لڳي، پنهنجو سوچيل پنڌ،
    مُور نه ويجهو هَنڌ، آڇي جو آسُودگي.

    جيسين تنهنجو دم، جاري رک جاکوڙ کي
    اِيءُ ته ڪوجهو ڪم، جو ننڊون ڪرين نانهن ۾.

    ساڃهه جو اهڃاڻ، بڻجي سُرتيا سوچ تون
    آجي جا ڌرتي رَهِي، سا تُون سنڌ سُڃاڻ،
    جنهن وٽ پنهنجو سمنڊ هو، صحرا اُڀ مهراڻ،
    اؤج اُنهيءَ ڪاڻ، سُڏڪي ڏلهڪي سنڌ ٿي.

    ظالم ڀل زبرو، وڙهبو وڏ ويڙهاند ۾
    ورڇيندو جو سنڌ کي، سو آ بي خبرو،
    تبري تي تبرو، هلندس پيو تاريخ ۾.

    هُو جي ڪالهه هُيا، ٻولِيُون ٻولِيندڙ پکي،
    نيڻ تَڪيندي اڄ ٿَڪا، واهيري نه وَرِيا،
    قَضا قيدڪَيا، نه ته موٽن ها سي مهل تي.


    ڪاڇي منجهه تَلُور، پرڏيهان آيل پکي

    ڪاڇي منجهه تَلُور، پرڏيهان آيل پکي
    نسل ڪُشي هر سال ٿئي، ڪيڏو آهه ڪلُور،
    هِن جو آهه قصور، سنڌ ۾ پاند پناهه جو.

    ماءُ! تنهنجي ياد، دل ۾ ڄڻ ته ڪربلا
    موت نه ٽرڻو آ ڪڏهن، چيو آدجڳاد،
    ناهه وڄائي ناد، سُر وِکيريا سوز جا.

    دل جي ڪربل ۾ لڳي، دُکندڙ درد يزيد،
    هرپل محرم ماهه جان، جذبا سڀ شهيد،
    سختيون سُور شديد، همت آھ حُسين جي.

    نانءُ نه آ نيڙي، هر ڪُنڊ ڪَنڊا ٻاٻري،
    ڏنا پار پهاڙ ٿي، هِن چاڙهي هُن ڇيڙي،
    همت سان جهيڙي، پهتو نانءُ نشان کي.

    درد ته منهنجو دادلو، درد آ گهر ڀاتي
    ڄمندي جنهن پاتي، جهاتي منهنجي جيءُ ۾.

    هِت ٽانڊو، هُت چاتڙي، جيڏهن ڪيڏهن باھ،
    جيئون ڄر ۾ ڄراٽجي، ڪانه سُجهي ٿي واھ،
    پڄرڻ منجهه پساھ، سڙڻ منجهه به سوجهرو.


    شام جو لهندڙ سج کي، .منڇر روئي چيو،

    شام جو لهندڙ سج کي، .منڇر روئي چيو،
    منهنجو اؤج ويو، آر بي او ڊي جي ڇوڙ سان.

    تڙپڻ جا تحفا ڏنا، جيون جي هر سال،
    ماضي گذريو حال، دردن کي دارون ڪندي.

    عمر ننڍيءَ جا ڌڪ، پوڙهپ ۾ پڌرا ٿيا
    هيءَ به هڪڙي سِڪ، سُور سنڀاليندو اچي.

    “نڪي ڪُن فَيڪُون هو، نڪي لڱ لحم،”
    انهيءَ اونهي راز جي، اوک ۽ ڊوک ڪيم،
    نه ڪا ڪن بَلير پئي، نه سُڻڪو سوچ فهم،
    ڳوليئي ڪين لڌم، انوکي اسرار کي.

    انوکي اسرار جو، پَردن منجهه پڙلاءُ،
    ورهين کان ورجاءُ، ڳوڙهي انهيءَ ڳجهه جو

    ڳوڙهي انهيءَ ڳجهه کي، اکين ڪين پَسيو،
    ڇهين حِس ڇهيو، آنهه ۽ نانهه عميق کي.


    ڦُٽا وؤنڻ وڻن ۾، چونڊن تر واريُون،

    ڦُٽا وؤنڻ وڻن ۾، چونڊن تر واريُون،
    مِلُون جوڙن ٿانَ پيون، ڀريل بازاريُون،
    واجهائن ٿيون ريڙ لئه، ويٺيون ويچاريُون،
    هر پل غربت گهيريون، محنت جون ماريُون،
    اُڊڙيل چولا انگ تي، ۽تَنُ ۾ تاساريُون،
    ڪالهه به ڏَڏَريون ڏُک سي، اڄ به آزاريُون،
    مانُ نه وڪڻن مُور سي، توڙي بُک ماريُون،
    آهُون ڄڻ آرِيُون، سيد سُڻج لطيف تُون.

    پنهنجن جو پنهنجو ڳهي، روڙي رهڙي ماس،
    ڪهڙو ڏوھ آ عام تي، هِت دانشمند اُداس،
    رت رُنو آڪاس، ٻڙڪِي ڀُونءِ ٻاڪاريو.

    جيڪو سوچي ذات، تِنهن جي سوچ تراکڙي
    جو ڀاڪِي وجهي ڀُونءَ کي، سو نه کائي مات،
    تَنُ ۾ تر جي تات، صدين تائين سوجهرو.

    آءُ ڪيان ڪيئن عيد، مارُو اڪثر مامري
    جهوپن، چؤرن چؤٺ تي، دردوندي هر دِيد،
    غربت ساري غرق ڪئي، خوشي توڙي خريد،
    ڪير ڪندو ترديد، درد جنهن وٽ ديس جو.
    ***


    وايون

    سُڳنڌ بڻجن ڌڙڪنون، سُرها سُرها ساھ!

    سُڳنڌ بڻجن ڌڙڪنون، سُرها سُرها ساھ!
    جنهن پل آهين ڀاڪرين!
    پيئن پيئارن روز ٿا، چپ چُسڪِي چاھ!
    جنهن پل آهين ڀاڪرين!
    وَهيءَ وراڪا وڄ جا، ڀڙڪِي بُت ۾ باھ!
    جنهن پل آهين ڀاڪرين!
    ٻانهن ۾ ڇُلڪي پيو، جوڀن مست درياھ!
    جنهن پل آهين ڀاڪرين!
    تاڙيندي آهي پرين، ناوڪ لوڪ نگاھ!
    جنهن پل آهين ڀاڪرين!
    ڇيڙن ڇير عزيز ٿا، جذبا جوش اَٿاھ!
    جنهن پل آهين ڀاڪرين!


    ڪاڇي جو پٽ ٻوڙيو، بارش راتوڪِي!

    ڪاڇي جو پٽ ٻوڙيو، بارش راتوڪِي!
    سار لڌي آ سانوڻي!
    اُس ۾ سُڪائي نينگري، چُنرِي آڊوکي!
    سار لڌي آ سانوڻي!
    ميهوڳيءَ جي مؤج ۾، ڇَرَ ڄڻ چانڊوڪِي!
    سار لڌي آ سانوڻي!
    ڪاڇي جي مند ڍوليا، ماڻيون هيلو ڪِي!
    سار لڌي آ سانوڻي!


    سنگ ڪَڪوريا لاب پيا، موسم ۾ ٿي ڦير!

    سنگ ڪَڪوريا لاب پيا، موسم ۾ ٿي ڦير!
    توڇو لاتا ڏينهڙا؟
    پڄران ياد جي باھ ۾، تو بن منهنجو ڪير!
    توڇو لاتا ڏينهڙا؟
    گهاريان ڪاڇي هيڪلي، سارُون صبح سوير!
    توڇو لاتا ڏينهڙا؟
    ڪنڌي ڀانيان ڪوڙڪِي، هينئڙي تنهنجي هير!
    توڇو لاتا ڏينهڙا؟
    تو لئه چونڊي مون رکيا، ڍوليا پيرون ڍير!
    توڇو لاتا ڏينهڙا؟


    اُڻ تُڻ آ هيڪاند،

    اُڻ تُڻ آ هيڪاند،
    ڀِنا نيڻ پلاند!
    تو ڪيئن وسريس ڍوليا؟
    رِيڙِ نه آهي زندگي،
    جيون ناهي راند!
    تو ڪيئن وسريس ڍوليا؟
    تو بن آ هي هرگھڙي،
    من ۾ مونجهه ۽ ماند!
    تو ڪيئن وسريس ڍوليا؟
    جهوراڻي جي جند ۾،
    وَر وَر آ ويڙهاند!
    تو ڪيئن وسريس ڍوليا؟
    ڄر۾ جذبا ريشمي،
    ڪُڻڪيس ڏيندي ڪانڍ!
    تو ڪيئن وسريس ڍوليا؟
    اچ ته جوڀن ماڻيون،
    ڪڙهان تو بن ڪانڌ!
    تو ڪيئن وسريس ڍوليا؟


    تُنهنجي نالي جو، سِجُ نه لهڻو آ!

    تُنهنجي نالي جو، سِجُ نه لهڻو آ!
    صَديُون وٺنديُون روشني!
    تُنهنجي خُون کَٿُور جو، ڏِيئو ٻرڻو آ!
    صَديُون وٺنديُون روشني!
    جِيون، سوچ، شعُور ڄڻ، جوت جو جھرڻو آ!
    صَديُون وٺنديُون روشني!
    جو ڀِي پل تو گھارِيو، روشن ڪِرڻو آ!
    صَديُون وٺنديُون روشني!
    مؤت هُجي يا زندگي، جَرڪِي جِيئڻو آ!
    صَديُون وٺنديُون روشني!
    جو به خَمِيرآ سنڌجو، مَرڪي ملهڻو آ!
    صَديُون وٺنديُون روشني!


    درد پسي دور جو، پيا اندر منجهه اَنبُور!

    درد پسي دور جو، پيا اندر منجهه اَنبُور!
    روڪيو انڌ انڌير کي!
    کامي ڀتر ڀينڊ ويو، بڻي ڀُونءِ تَنُور!
    روڪيو انڌ انڌير کي!
    ڪک پن ويو آهي ٻري، سڙيا سلا ٻُور!
    روڪيو انڌ انڌير کي!
    ٻيرا ٻيرا ماڻهپو، جذبا چڪنا چُور!
    روڪيو انڌ انڌير کي!
    اڄ به لال ڪُنوارٿو، ڪُهي ڪِيسُ ڪَلُور!
    روڪيو انڌ انڌير کي!


    ماڻهو منهنجي ڏيھه جو، ڪو به ڏکيو هوندو!

    ماڻهو منهنجي ڏيھه جو، ڪو به ڏکيو هوندو!
    جُهريو هوندو جيئڙو!
    ڏاڍ جڏهن بي ڏوھ ڪو، ڪُونڌ ڪُٺو هوندو!
    جُهريو هوندو جيئڙو!
    تڙپي سُرڪِي ٿڃ لئه، ڪو ٻار رُنو هوندو!
    جُهريو هوندو جيئڙو!
    دنيا هيڏي وشا ل ۾، ڪو پيٽ بکيو هوندو!
    جُهريو هوندو جيئڙو!
    ڀونءِ جي گولي تي ڪٿي، ڪو بم ڪريو هوندو!
    جُهريو هوندو جيئڙو!
    ڪاڇي مينهن وُٺو نه جي، ۽ ٺوٺ سُڪو هوندو!!
    جُهريو هوندو جيئڙو.!
    ڪارونجهر جي ڪور تي، ٿر جو مور اُڃو هوندو!!
    جُهريو هوندو جيئڙو!


    غزل

    تنهنجي خوشبو ۾ هِير وِهنتِي آ.

    تنهنجي خوشبو ۾ هِير وِهنتِي آ.
    ۽ گُهلي مهڪي مون ڏي پهتِي آ.

    ٽهڪ گورک تي بُوندباري جان،
    مُرڪ بارش ٿي دل تي برسِي آ.

    پيار آ ڪائنات جذبن جي،
    سُونهن رنگن ڀري سُمرتِي آ.

    دِل خوشي ۾ نَچِي ٻَڌِي گُهنگهرُو،
    پاڻ مون سان اچي هُو پرتِي آ.

    هرڻ جان ياد من ۾ ڇال ڏنا،
    دل به تنهنجي اُڪِير ورتِي آ.

    انتظاري اُماڙيُون بڻجي،
    منهنجي نيڻن ۾ روز ترسِي آ.

    حوصلن جي عزيز ميڙن ۾،
    مون ملهائي ڏُکن جي ورسِي آ.


    گلاب پوکي ڪنڊا لُڻياسين.

    گلاب پوکي ڪنڊا لُڻياسين.
    رکي اکين تي چُمي چُڻياسين.

    پريت پنهنجيءَ جا تاڃي پيٽا،
    رنگين ا حساس سان اُڻياسين.

    جُدائي پن ڇڻ ٿي گهيريو جڏهين،
    پرين پنن جان ڇِڄِي ڇَڻياسين.

    نچِي رڳن ۾جي هيڪلائي ،
    ته بي خودي ۾ اچِي نچياسين.

    عزيز دردن جي رنگتن ۾،
    اسان به هولي جا رنگ بَڻياسين.


    ڪَنڌِي دل جِي پائن اُڪِيرُون عزيز.

    ڪَنڌِي دل جِي پائن اُڪِيرُون عزيز.
    سمنڊ جون جئين لهرُون وِيرُون عزيز.

    رُسِي ننڊ مون کان وئي تو جيان،
    ٿيون راتيون وجهن من ۾ سِيرُون عزيز.

    ڀنل وار جنهن پل ٿي کولي ڇَنڊين،
    اچن ٿيون کڻي خوشبُوءِ هِيرُون عزيز.

    گُليلي نگاهون ڌَڪِيو دل وِجهن،
    ڏسين وجهندي ٽَورِيءَ ۾ پيرُون عزيز.

    قلم جي تِکي نوڪ سان موت جون،
    ميساري ڇڏيون تو لڪِيرُون عزيز.

    اچي واس ڪَتَرَڻ جو تِن مان جَجهو،
    زماني ڏنيون جي به جِهيرُون عزيز.

    اُڪنڊ گُل جي سُرهڻ سنديون ساھ کي،
    سدائين وِڪوڙيل زنجِيرُون عزيز


    تو سِوا ساريون خوشيون پڄرِي ويون.

    تو سِوا ساريون خوشيون پڄرِي ويون.
    سوڳ ۾ سڀ موسمون گذري ويون.

    پِيڙِ سُرهي سار جي من ۾ وَڌِي،
    ساھ ۾ ڄڻ سُرهڻُون وکري ويون.

    ڄڻ گُلن جو کيت آ تنهنجو بدن،
    هِيرُون هُٻڪارُون کڻي پکڙي ويون.

    درد جا گُل من جي آڳُر تي کِڙيا،
    رُوح جون رنگِينيون نکري ويون.

    ساٿ مشڪل وقت ۾ ڪوئي ڏئي،
    غلط فهميون ذهن مان نِڪرِي ويون،

    روڳ جي بارش ۾ وهنجي ڌوپجي،
    هيڪلائي جون گهڙيون اُجري ويون.

    وقت کان پوءِ تُون ملينءَ مونسان عزيز،
    سڀ اُداسيُون پَرُ ڪري اُڏري ويون.


    ڇُهي تنهنجي مون چهري تي حجابن جون چَڪِيون پوکيون.

    ڇُهي تنهنجي مون چهري تي حجابن جون چَڪِيون پوکيون.
    چپن سان ٿي ڳلن تي تو گلابن جون چَڪِيون پوکيون.

    غمن جي ڇال ڏئي وهندڙ اجهل دريا ڪنارن سان،
    سدائين سهپ ساهَس جي ئي انبن جون چَڪِيون پوکيون.

    وڇوڙي جون جڏهن دل من ۾ ويرانيون ڦُٽي ڦهليون،
    ملڻ جي آس ۾ نيڻن ۾ خوابن جون چَڪِيون پوکيون.

    عمر ڀر سونهن ۽ سوڀيا جي پُوڄاري عزيز آهن.
    حُسن آڳُر ۾ سجدن جي ثوابن جون چَڪِيون پوکيون.


    ڪوبه توسان نه رابطو آهي.

    ڪوبه توسان نه رابطو آهي.
    هر گهڙي درد ڀرجهلو آهي.

    باھ ٻيلي ۾ سِرڪندي آ جئين،
    روڳ تيئن دل ڏي سِرڪندو آهي.

    پيار ماڻِي سدائين چَرڀيلي،
    پر نه رُڪڻو هي سلسلو آهي.

    مُون ڇُهيو هو اکين سان سُرهو بدن،
    ساھ سُرهو پرين يَڪو آهي.

    دل جي دڳ تان عزيز يادن جو،
    گذرندو روز جو قافلو آهي.


    اسان ننڊ مان پاڻ جاڳيا ڪٿي هُون؟

    اسان ننڊ مان پاڻ جاڳيا ڪٿي هُون؟
    نڪو ولولو جوش ساڳيا ڪٿي هُون؟

    کڙھ کي لتاڙي وڃن مال ڪاهيو،
    عُقابي نظر وارا ڀاڳيا ڪٿي هُون؟

    سَمڪ جي ڌَنوَڻ ساڻ جذبا تپايون،
    اُهي آڳڙيا ۽ سي آڳيا ڪٿي هُون؟

    مڃيم کوڙ خود ٿا اُجالا اُڏاريون،
    مگر ڪو ٻُڌائي اُجاڳيا ڪٿي هُون؟

    اڃا آ انڌيري ۾ بر ٿر ۽ ڪاڇو،
    سُڄاڳي اچي ڪيئن اوجاڳيا ڪٿي هُون؟

    ٻَڌِي جِي اُڻيون تند پختي عزيز،
    مُحبت جا مظبوط ڌاڳا ڪٿي هُون؟



    • اُجاگڻ يا اُجاڳڻ معنى چمڪڻ، چلڪڻ، ڪامياب ٿيڻ
    • آڳيا معنى آڳ وارا، اڳ ڪڍندڙ، خبروار


    رات جو پويون پهر۽ دل.

    رات جو پويون پهر۽ دل.
    سُڃ سمورو شهر ۽ دل.

    ساروڻين جون سرد هَوائون،
    تنهائي جو زهر ۽ دل.

    امن جي اڃ ۾ روز لُڇن ٿا،
    ڪاڇو ڪچو بر ٿر ۽ دل.

    ڳل ڳراٽيون رڳ رڳ ڇيرُون،
    رقص ۾ هر منظر ۽ دل.

    ٻانهن سيراندي جهوليءَ ۾ تُون،
    چپڙن جي چُرپُر ۽ دل.

    تنهنجي عزيز هُڳاءُ ۾ گهيريل،
    منهنجو من مندر ۽ دل.


    ياد ريشم کان ريشمِي تنهنجي.

    ياد ريشم کان ريشمِي تنهنجي.
    کاٽ دل کي هڻي ڪَمِي تنهنجي.

    ڪيترو ڏُور تون هجين ليڪن،
    ساڻ مون سان خوشِي غَمِي تنهنجي.

    هار ٻانهون ڪري بدن تو هو ڇُهيو ،
    اڄ به احساس ۾ نمي تنهنجي.

    شاعري ۾ مِٺاڻ اوتيو آ،
    لار ماکي مِٺِي مِٺِي تنهنجي.

    جي نه سگهندس عزيز تو بن مان،
    ديد ۾ ديد لازمي تنهنجي.


    تنهنجي وِجُود جي خوشبوءِ منهنجي ساهن ۾.

    تنهنجي وِجُود جي خوشبوءِ منهنجي ساهن ۾.
    تنهنجو پيارآ پويَل پياري دل جي ڌاڳن ۾.

    مان ته ڊڄان ٿو لوڪ لَکا کان هر لمحي،
    بي ڊپ ٿي تون مونکي ٻکين ٿي ٻانهن ۾.

    مان نه پُنهون، ميهار ڪٿي هان مان جاني،
    پر تُون سهڻي روز سَسَئيءَ جي راهن ۾.

    پيار جي گُل جي خوشبوءِ پنهنجي آهه الڳ،
    عشق جي مُشڪ جي بُوءِ ڪٿي آ بهارن ۾.

    جذبا جُهومي کنوڻين وانگي خُوب کِلن ٿا،
    جنهن پل سڄڻي پاڻ ملون ٿا تارن ۾.

    چَپ چُمي ٿو نيڻ چُمانءِ جنهن پل مان،
    تنهن پل هر هڪ منظر آهي خُمارن ۾.

    سِيپارن سان ڀيٽ اکين جي نا ڪافي،
    اکڙين جي آ پؤترتا ڄڻ سيپارن ۾.

    گھاءُ عزيز وساري ٽهڪون مهڪون سڀ،
    فرق ڪيون ڪجهه خوشين ۽ اوسارن ۾.


    هيڪل جيئڙو پُل ۽ مان.

    هيڪل جيئڙو پُل ۽ مان.
    وهندڙ سنڌُوءَ جَل ۽ مان.

    ياد ۾ جذبا دار تي لٽڪيَل،
    درد ۾ دِل جا بُل ۽ مان.

    تنهنجي پيار جي واس ۾ واسيل،
    اِحساسن جا گُل ۽ مان.

    اڄ به رهُون ٿا اوسيئڙي ۾،
    عشق اَجھل جا پَل ۽ مان.

    روز عزيز جا پار پُڇُون ٿا،
    اکڙين جا بادل ۽ مان.


    زندگي ماڻ جا عزيز ملي.

    زندگي ماڻ جا عزيز ملي.
    هَڙِ يا هاڻِ جا عزيز ملي.

    درد جي کير ۾ ملائي ڇڏ تون،
    سُکَّ جي سِباڻ جا عزيز ملي.

    هُن جو جوڀن گُلن جي کيت جيان،
    سُرڪ سُرهاڻ جا عزيز ملي.

    ماتمي گيت کي ٻَڌي گنگهرُو،
    تند نئين تاڻ جا عزيز ملي.

    غم ۾ توکان به وڌ غني هوندا،
    جيءُ خوشي ساڻ جا عزيز ملي.

    سونهن ساگر جي ڇلڪندڙ ڇولين مان،
    مِرڪَ مهراڻ جا عزيز ملي.

    من اُداسين جي سرد موسم ۾
    قُرب ڪوساڻ جا عزيز ملي.



    (هڙ يا هاڻِ = گهڻي يا گهٽ، هاڻِ = اڻ لکي، مِرڪ = ٿورِي، مهراڻ = گھڻِي)


    ياد تنهنجي به چاتڙي آهي.

    ياد تنهنجي به چاتڙي آهي.
    دل جُهريل ڪا جُهوپڙي آهي.

    تو سِوا موسمون به زخمي هِن،
    درد ڀاڪُر ۾ هر گهڙي آهي.

    تون نه آهين ته چنڊ لڳندو آ،
    جسم اُڀ جي ۾ رَت ڳَڙي آهي.

    زندگي جا به، جيتري به ملي،
    گيت سان جيت سان جَڙي آهي.

    ڊپ اَڄاتو عزيز دنيا جو،
    توڏي هر وِکّ ٿاٻڙي آهي.
    .


    سوچ ۾ گُم سُم گهر هوندس.

    سوچ ۾ گُم سُم گهر هوندس.
    تڏهن به ڪاڇي ٿر هوندس.

    درد جي شدت جي گهيري ۾،
    جڏهن به تڙپيس ڌَرُ هوندس.

    جو به امن جي ڪاڻ اُڏاڻو،
    اُنهيءَ پکيءَ جو پَر هوندس.

    ليڪ ته ڇا مان ٽُبڪو ناهيان،
    جي هوندس شعر ۾ تَرُ هوندس.

    شعرجي جنهن به اُهمڪ ماپِي،
    اڻ ڪٿ اونهو جر هوندس.

    سنڌ جي نقشي کي مَت ڇيڙين،
    لڱ لڱ لونءِ لونءِ ڄَر هوندس.

    عشق عزيز جڏهن ڀي اُلريو،
    پهتو تنهنجي در هوندس.


    عشق ڇِپ ٿي مٿان ڊَٺو هوندو.

    عشق ڇِپ ٿي مٿان ڊَٺو هوندو.
    حوصلو پاڻ سان گڏ ڏِٺو هوندو.

    جو به سُقراط ٿيو زماني ۾،
    گھاءُ جِيون ۾ اُن سَٺو هوندو.

    درد ڪيڏو ٿڌو ٻُڌائيندو سو،
    باھ جو جنهن ڏٺو بَٺو هوندو.

    پاڻ ماڻهو جڏهن چڱو آ هي،
    لوڪ ڀِي پوءِ سڄو سُٺو هوندو.

    موڪلايو عزيز کان تو جڏهين،
    درد بادل جِيان وُٺو هوندو.


    ماڻهو حَسِينَ آهن.

    ماڻهو حَسِينَ آهن.
    جذبا مَشِينَ آهن.

    تِيلِي ڏين ٿا دل کي،
    جي دل نَشِينَ آهن.

    ڏُک جو تَپي ڀلي سِج،
    سوچُون زمينَ آهن.

    تو ئِي ڇُهِي بڻايا،
    جذبا رنگِينَ آهن.

    جن وٽ مُنافقي آ،
    ڪنهن جا به ڪِينَ آهن.

    ملندا عزيز دل کي،
    دوکا سنگِين آهن.


    سوچ ٿي جي اَجھل نَدِي ويندي.

    سوچ ٿي جي اَجھل نَدِي ويندي.
    زندگي پوءِ صديون پِي ويندي.

    سنڌ جا ڳوٺ جي ڏِئا بڻجي پيا،
    چؤطرف پوءِ روشني ٿي ويندي.

    جي وِڪامي وَيُس گرنهه سڻڀي تي،
    سنڌ جي وارثي اَوَسُ هلي ويندي.

    ذات ۽ پات جِي، جي جَڙُ اُکڙي پئي،
    قوم وٽ جيت خود پُڄِي ويندي.

    سوچ هڪڙِي ويهه واٽُون هِن،
    سگھه ڪيئن نه ٽُٽِي کُٽِي ويندي؟

    ٿي سگھي جو عزيز توکان ڪر،
    پاڻ تاريخ ئي سَڄِي لِکِي ويندي.


    وسيا مينهڙا وفائن جا.

    وسيا مينهڙا وفائن جا.
    ٽڙي پيا گُل ميلاپن جا.

    خزان دردن جي گهيري ٿي،
    ته وکرن پن خُوابن جا.

    اسان جو درد گهر ڀاتي،
    اسان پيارا عذابن جا.

    کڙيا گُل پيار جِي مند ۾،
    جذبن جي گُلابن جا.

    هي چاهت فرق چا ڄاڻي،
    زمين ۽ آسمانن جا.

    سچائي درد ميڙي ٿي،
    دُکي دل جي ڪنارن جا.

    ملين جنهن پل عزيز سان تون،
    ٿا مهڪن رنگ فضائن جا.


    ڏورؤن تنهنجو اشارو چمڪيو.

    ڏورؤن تنهنجو اشارو چمڪيو.
    منهنجو شوق اُڃارو چمڪيو.

    نينهن جي چڻگ دکي ڀڙڪي ته،
    منهنجي من جو انڌارو چمڪيو.

    عشق سمنڊ ۾ سارون لهرون،
    اٿلي آس ڪنارو چمڪيو.

    اڀ ۾ چنڊ ۽ ڀر ۾ تون آن،
    هر هڪ خوب نظارو چمڪيو.

    مينهن ۾ منهنجي ڳلن تي تنهنجين،
    چمين جو وسڪارو چمڪيو.

    سونهن ۽ موهت فطري سنگم،
    سونهن سبب جڳ سارو چمڪيو.

    جنهن پاسي تون مرڪي گذرين،
    تنهن پاسي هر چارو چمڪيو.

    هيرعزيز چپن مان پيئڻ جي،
    رُوح لُڇِي هانيارو چمڪيو.


    حالتن جي اڳيان جُهڪِي نه سگهيو.

    حالتن جي اڳيان جُهڪِي نه سگهيو.
    حوصلو کير ٿر لُڏي نه سگهيو.

    بغض جي لشڪرن ته ڇاھ ڏني،
    ڏانءُ درياهه هو رُڪِي نه سگهيو.

    مڻ مِٽِيءَ جا وجهي لَٽي به ڇڏيوس،
    هيرو هرگز ڪڏهن لِڪِي نه سگهيو.

    کنڀ سارھ جا وجهي اُڏاريَوَ ته سهي،
    ڦٿڙيو ڏاڍو مگر اُڏي نه سگهيو.

    دوستي دان ۾ ڀلا ڇا ڏيندي،
    نانءُ اتهاس جي لکي نه سگهيو.

    هُو ته ڊوڙيو گهڻو ئي تيز عزيز،
    ڏُور منزل هُئي پُڄي نه سگهيو.


    عشق تنهنجو عُقاب آ پياري.

    عشق تنهنجو عُقاب آ پياري.
    وِڄ جهڙو شباب آ پياري.

    نيڻ سنڌُو جيان هڻن ڇوليون،
    باک وانگر حجاب آ پياري.

    ورق چهري جا مان پڙهيو ٿو پڙهان،
    آسماني ڪتاب آ پياري.

    درد پنهنجا ڏئي خوشيون کڻ تون،
    توسان ڪهڙو حساب آ پياري.

    دم تي ويسهه عزيز ڪونهي ڪو،
    زندگي ڄڻ ته خواب آ پياري،


    ڪِٿ شهر زندگي.

    ڪِٿ شهر زندگي.
    ڪِٿ آ بَر زندگي.

    ماڻهپي ۾ بحر،
    ڪارگر زندگي.

    ڪاڇي ٿر ۾ ڏُڪر،
    دربدر زندگي.

    مُرڪ آ ڪائنات،
    ۽ نظر زندگي.

    جي ڪَڙِي ته به مِٺِي،
    خوب تر زندگي.

    موت کي مات ڏِئي،
    ٿِي اَمَر زندگي.

    بي حِسي ۾ لِڪَل،
    بي قدر زندگي.

    ڀاڪرن ۾ عزيز،
    پُر سِحر زندگي.


    سدائين ڪاڇي ٿر واسي وطن ۾ بي وطن آهن.

    سدائين ڪاڇي ٿر واسي وطن ۾ بي وطن آهن.
    دفن ٿي ويون فضائن ۾ صدائون بي ڪفن آهن.

    ٿي مَڇَر گندگي ڍورو رُٺا کانئس سکيا ڏينهڙا،
    اُلا ٿر ۾ ڦَڪيا اُڃ جاترايُن تَل ڀِٽُن آهن.

    هلي دل بي حِسي جي ئي مُقامن ۾ دعا گهرجي،
    مفادن جي ڪفن ۾ جِت سڀئي رشتا دفن آهن.

    ڪُکُون ٻَئي ٻَسُ ٿريليءَ جون ٿڃن ۾ ٿڃ ڦُڙِي ناهي،
    چَڳڙ ڏئي ٻارڙي خالي جيئڻ جا ڪيا جَتن آهن.

    خدا دستُور جوڙيو يا زمانو اوچو نيچو آ؟
    ڦَڪن ڪي باھ بُک جي ٿا ڪي عيشن ۾ مَگن آهن.

    عوام ۽ قوم جي دعوى ڪندا سارا عزيز آهن،
    مگر ذاتي مفادن جي غلامي جا سي بَن آهن.


    گُونگن جي شهر تَر ۾ ٻئي چَپَ سِبي ڇڏيم.

    گُونگن جي شهر تَر ۾ ٻئي چَپَ سِبي ڇڏيم.
    ٻُوٽي اکين ڪَنن ۾ ڪپّهه وجهي ڇڏيم.

    هوڪا ڏنم ته مون کان محبت مَڻين وَٺو،
    ڪنهن نه وتي ته واپس دل ۾ رکي ڇڏيم.

    هڻندو آ هام هرڪو سَهنجن ۾ ساٿ جي،
    اَهنجن ۾ ڪم اچي ڪو سمجِهي سِکي ڇڏيم.

    برباد نيڪيُن تي جي وقت پَئي رُنو،
    مُرڪي پئي وقت جا ڳوڙها اُگهي ڇڏيم.

    مقدر جي راند آهي يا ڀيل حالتن جي،
    ڇالئه ڏجن ميارُون خود کي چئي ڇڏيم.

    لڇ پُڇ سَمُنڊ جهڙي آواز اُڀ ڇُهيو،
    ڄَرڪِي عزيز ڄِڀ کي تالو ڏئي ڇڏيم.


    سار ستائي ٿي.

    سار ستائي ٿي.
    روڳ وڌائي ٿي.

    واس کڻي تنهنجو،
    هِير پُڄائي ٿي.

    ياد ٻَڌي ڇيرُون،
    روز نچائي ٿي.

    سوڳ وِسوڳِي مُند،
    نيڻ ڀِڄائي ٿي.

    ننڊ وئي توسان،
    رات لُڇائي ٿي.

    ميڻ بتي ڏک جي،
    جوت جڳائي ٿي.

    لوڪ ميار عزيز،
    رُوح رنجائي ٿي.


    پيار تنهنجو جي پرين گهٽجي وڃي.

    پيار تنهنجو جي پرين گهٽجي وڃي.
    دل دُکي ڦٿڪي ڦِسي ڦَٽجي وڃي.

    ڇيڙ نه هرگز رُسڻ جي ڳالهه ڪڏهن،
    ڌڙڪنن جو ٿو رڌم رُڪجي وڃي.

    زندگيءَ ۾ ماڻهو ماکي ٿا ملن،
    وقت سان گڏ ٿي روش مَٽجي وڃي.

    خوبين جا مڻ ڏسي ڪوئي نه ٿو،
    خامي اڌ تي ٿي نظر پئجي وڃي.

    ٻانهون مالهائون ڪري ڀاڪِي ته وِجهه،
    رُوح جي جيئن پياس ڪجهه گهٽ ٿي وڃي.

    حوصلا ديواربڻجي اڀ چُمن،
    جسم خاڪي نيٺ ٿو جَهٽجي وڃي.

    آزمائش جي ڪَڻيءِ ۾ دوستي،
    لوهه وانگر ٿي سَڄِي ڪَٽجي وڃي.

    چَپَ ٿي ڀؤنرا گُل ڳلن جا ٿا ڇُهن،
    ساھ ۾ سُرهاڻ ٿي ڀَرجِي وڃي.

    حالتن جا اُڪربا صحرا عزيز،
    ٿَڪ نه ڀڃبو لوڙھ ڀل لَٽجي وڃي.


    ڪاوڙ تُهنجي سِگرِي آهي.

    ڪاوڙ تُهنجي سِگرِي آهي.
    پرچڻ وسندڙ ڪَڪرِي آهي.

    دِل جي گِهٽين ۾ سرد هوائون،
    مُحبت گورک ٽَڪري آهي .

    جذبا ڇڙجي اُجرا ٿين ٿا،
    عشق به اُکرِي مُهرِي آهي.

    کنڊر بڻجي ويون ديوارُون،
    دل ڄڻ اُجڙيل نگرِي آهي.

    پِيش جِيان اِحساس ڪُٽي ٿو،
    درد به ڄڻ ته مُڳرِي آهي.

    درد ۾ دُکندڙ هيءُ دل، جاني،
    ڪانڊيرن جي بُگرِي آهي.

    دل جو ديس عزيز ستابو،
    پيار به فاتح نفرِي آهي.


    وڇوڙو ونگ آ سانئڻ.

    وڇوڙو ونگ آ سانئڻ.
    وڇُون جو ڏنگ آ سانئڻ.

    ڏکن ۾ ٽهڪُون مُرڪُون ٿا،
    جيئڻ جو ڍنگ آ سانئڻ.

    جهٽيو تنهنجي ڳلن جو ئي،
    شفق پڻ رنگ آ سانئڻ.

    هوا ۾ ڪڻڪ جو لُڏندڙ،
    سُنهري سنگ آ سانئڻ.

    عزيز آڇيندو سُرهاڻون،
    تنهنجو انگ انگ آ سائڻ.


    پاڻ وڇڙياسي سو عجيب نه هو.

    پاڻ وڇڙياسي سو عجيب نه هو.
    گهڻگهرو پيار جو نقيب نه هو.

    واءُ تنهائي جو گهليو جڏهين،
    درد ۾ ڪوئي ڀي قريب نه هو.

    دل جگر جان جي هُئي پُونجي،
    پيار پُکراج هو غريب نه هو.

    رِڻ وِڇوڙو نه تو نه مون چاهيو،
    مڃڻو پيو ته ملڻ نصيب نه هو.

    نظرُون دنيا سنديون بڻيُون خنجر،
    ڪونه هو ڪوبه جو رقيب نه هو.

    ذڪر نڪتو جڏهن ڇڄڻ جو عزيز،
    سُور ساڳيو هو بس صَلِيب نه هو.


    درد ٿو ڀڙڪي ڄَر جهڙو.

    درد ٿو ڀڙڪي ڄَر جهڙو.
    رُوح ڪَکائين گهر جهڙو.

    هڪڙو بوسو بُوند جيان،
    من آ تاسو بَر جهڙو.

    من جي سِپ ۾ سپنو موتي،
    اُجرو سنڌُوءَ جَر جهڙو.

    دشمن جي بندوق به چُهنڊِي،
    ڪَکُ سڄڻ جو خنجر جهڙو.

    سنڌ تي کڄندڙ هٿ لڳي ٿو،
    ڪاريهر جي ڪَر جهڙو.

    ڏات ڏئي جي جوت پئي جلندي،
    وقت اچي ڀل اوٿر جهڙو.

    تنهنجو عزيز آ اوسيئڙو،
    دار کي آيل ڍر جهڙو.


    پيارتنهنجي پناهه ۾ رهجي.

    پيارتنهنجي پناهه ۾ رهجي.
    محبتن جي نگاهه ۾ رهجي.

    درد حملا ڪري ڀلي هر هر،
    پر نه اُن ساڻ ٺاھ ۾ رهجي.

    اَڏُ ڪَسِي ڪُور کان بهتر،
    حوصلن جي درياهه ۾ رهجي.

    جو کڄي هر صَديءَ جي سيني ۾،
    دوست! اهڙي ئِي ساهه ۾ رهجي.

    وقت جي ڪنهن يزيد کان بهتر،
    حُسين تُهنجي ئي راهه ۾ رهجي.

    سُور ڪيڏو اجھل هُجي به عزيز،
    سهپ ساگر اَٿاهه ۾ رهجي.


    پيار گُلشن ڪري مِلي آهي.

    پيار گُلشن ڪري مِلي آهي.
    هير خوشبوءِ کڻي گُهلِي آهي.

    اڄ مِلِي آن اُداس لمحن ۾،
    مور جان دل ٽِڙي ٽِلِي آهي.

    جنهن به پاڙي منجهان پرين گذرين،
    واسجي ويندي هر ڳلي آهي.

    نظرِيا ڇانو بادلن جي ڄڻ،
    بيوسيءَ ۾ جُهڳي جُهڳي آهي.

    مُون بخاري بلال کان ورتي،
    درد ۽ هوش جي سُتي آهي.

    پيار پنهنجو عزيز امرِت آ،
    ڳالهه هرهنڌ وئي هُلِي آهي.


    تُون وَئِي آن دنيا هلِي وئِي آ.

    تُون وَئِي آن دنيا هلِي وئِي آ.
    زندگيِءَ کان خوشي رُسِي وئي آ.

    باهه احساس جي لڳِي ديري کي،
    دل جي ديوار هَر جَلِي وئي آ.

    جِهيرُ من ۾ منافقت جا گَهَرا،
    دوستيءَ تان ئي دل کڄِي وئي آ.

    عمر وارِي جيان هٿن مان ڪڏهن!
    مان نه چوندس ته هارجِي وئي آ.

    قوم ۾ وِيرِيُون وڌي ويُون آهن،
    ڌارِيَن کي تڏهن وِٿِي مِلِي وئي آ.

    اذيَتُن جي بَٺيءَ مان گُذري ٿي،
    زندگي پوءِ به پچي رَچِي وئي آ.

    درد جِيون جِيان عزيز آهي،
    درد سان دل هِرِي مِرِي وئي آ.


    هل ته دل درد سان مِلِي ڏسجي.

    هل ته دل درد سان مِلِي ڏسجي.
    درد کي درد آ پُڇي ڏسجي.

    پيار ۾ کوڙ پل خوشيون ماڻيَئي،
    ڪي ته لمحا به مَن لُڇي ڏسجي.

    باس پُوري ڪجي جُدائيءَ جي،
    آڳ تنهائي ۾ نَچِي ڏسجي.

    ها ٻُڌو ٿم ته عشق گهاڻو آ،
    آءُ هينئڙا ته گهائجي ڏسجي.

    جسم تُهنجو کٿورِي ۽ خوشبو،
    هير وانگي کڻي گُهلي ڏسجي.

    لوڪ تاڪُو ۽ هُوءَ تانگهي پئي،
    واءُ ۾ ئي چُمي لکي ڏسجي.

    هُن چيو هو وسارجان نه عزيز
    مجنون ٿي اڄ گهٽي گُهمي ڏسجي.


    ڏُور پل نه هجين دل گُهري روز ٿي.

    ڏُور پل نه هجين دل گُهري روز ٿي.
    آس من ۾ جِئي ۽ مَري روز ٿي.

    ٿيون گلابي ڳلن جون هُرَن رنگتون،
    ياد پوپٽ جيان پئي ڇُهي روز ٿي.

    نانءُ پنهنجو اچي ديد جي ڌار سان،
    دل جي ديوار تي هوءَ لکي روز ٿي.

    گرم ڳُڙ جي تَتِي چاش جان، سار آ،
    من تي ٽپڪي ٽِمي ۽ ڪِري روز ٿي.

    کيرڌارا بدن ۽ ستارا چُميون،
    اکّ رنگين منظر ڏِسي روز ٿي.

    رات جي سانت ۾ ساھ سهڪا ٻُرن،
    ڌڙڪنن جي صدا پئي نچي روز ٿي.

    مون چيو ته دنيا باھ آهي عزيز،
    هُن چيو هونئن ڪهڙو ٺَري روزٿي.


    من ۾ پائي وئي لِئو آهي.

    من ۾ پائي وئي لِئو آهي.
    ياد طوفان دل ڏئو آهي.

    اڄ به احساس ٿو جئي جڳ ۾،
    ڪنهن چيو ماڻهپو مُئو آهي.

    سو فنا نه ٿيو اُصول جيوت جو.
    حالتن سان جو جُڙي جِئو آهي.

    وَٽِ سان ڪهڪشان جيان شيشا،
    چنڊ چهرو ۽ اُڀ رَئو آهي.

    هت ته منصف به روز ڀوڳي ٿو،
    ڊپ ۾ ڌرتي تَتل تَئو آهي.

    هُن پياريو اکين چپن سان عزيز،
    اڄ به نيڻن ۾ سو مَئو آهي.


    سمنڊ مان تانگھڙو ناهيان.

    سمنڊ مان تانگھڙو ناهيان.
    ۽ صحرا سھنجڙو ناهيان.

    ڪئين ڌرتي وساريندس،
    مان هرگز بي وڙو ناهيان.

    محبت کي پَرُوڙيو ڀل،
    مان بارش هان ڳڙو ناهيان.

    شُريلو چنگ ٻيجل جو،
    ڀڳل ڪوئي چڙو ناهيان.

    ٺلهيون ڀڀڪيُون وجھن ڀوري،
    ها ڀُرڻو ڪو کڙو ناهيان.

    عزيز جو به سمجھو پر،
    ٽُوھ جان پر ڪڙو ناهيان.


    وَيا جي پَلَ سي وَرِي نه ورندا.

    وَيا جي پَلَ سي وَرِي نه ورندا.
    پڪل گھڙي کي ڪَنا نه پوندا.

    دنيا جي بَستِي فنا جي ڪپ تي،
    نه دٻدٻا نه گُهمنڊ هُوندا.

    چِڪِي ڇُٽي ويا سي چاڪ دل جا،
    مگر اُنهن جا نشان رهندا.

    ڪَڙو آ سچ ڄڻ زهر جو ڳنڍو،
    سَهِي نه سگهندا ڳِهِي نه سگهندا.

    چڱائِي جا ٻِجَ ڇَٽي ڇڏيون بس،
    ڪڏهن نه سوچيُون ڪنڊا ٿي ڦُٽندا.

    حَياتِي جا جي مِليا ٻه ٽي پَلَ،
    سُنَهرِي گُذريا صديُن کي پئندا.

    عزيز هستي ڊَهِي وڃي پر،
    اَمر عمل کي زَمانَ چُمندا.


    وقت خيبر جي آ ڳَلِي وانگي.

    وقت خيبر جي آ ڳَلِي وانگي.
    آءُ گذريس گَجِي علي وانگي.

    حُسينيت ته اڄ به زنده آ،
    يزيديت ڪوٺجي مَلِي وانگي.

    ايترو دِل هِريل هَنيارِي آ،
    درد پِي ٿي وڃي اُلِي وانگي.

    جُتجُو لا تقنطُو کان سِوا،
    زندگي بڻجي ڪيئن وَلِي وانگي.

    هيڪلائي جي سرد موسم ۾،
    ياد اُڊڙيل ٽُٽل رِلِي وانگي.

    ٿيس دفن ديس جي مٽي ۾ عزيز،
    پوءِ رَهندِي قبر ڪَلِي وانگي.


    حوصلو تلوار ڪر.

    حوصلو تلوار ڪر.
    همتُون مينار ڪر.

    غم اگر درياهه ٿئي،
    مُرڪندي تُون پار ڪر.

    زندگيءَ جون اذيتُون،
    ميڙي ماکي لار ڪر.

    جو به اڳرائي ڪري،
    تُون وڌي پوءِ وار ڪر.

    ڪو به تنهنجو ڀل نه ٿئي،
    تُون حصي جو پيار ڪر.

    فتح دليُون ٿي وڃن،
    پيار کي هٿيار ڪر.

    لڙ ڪ لاڙين ڇو عزيز،
    غم کي پڻ غمخوار ڪر.


    نانءُ اتهاس ۾ اچي ويو آ.

    نانءُ اتهاس ۾ اچي ويو آ.
    شخص گمنامي کان بچي ويو آ.

    ليڪ وارڻ جي ڪئي زماني پر،
    نالو پٿر تي ڄڻ لکي ويو آ.

    وقت جي ڀيل ۾ سچو ماڻهو،
    ڀيلجي ڀيلجي مَچِي ويو آ.

    پيار خوشبُوءِ کڻي وکيريندي،
    امرتا هير ٿي گُهلي ويو آ.

    من جي آڳر تي نرتڪِي وانگي،
    نينهن مستي منجهان نچي ويو آ.

    رُوح منهنجو عزيز پورالو،
    سونهن توسان جَچي رَچي ويو آ.


    عشق منهنجو بڻيو جي رب آهي.

    عشق منهنجو بڻيو جي رب آهي.
    لوڪ وٽ ڇو غصو غضب آهي.

    آءُ قبلو ڀلا ڪئين ڀلجان؟
    سُونهن تارو چِٽو قطب آهي.

    من آ جذبن سندي بُٺي جنهن ۾،
    ياد ڪَتبي جيان نصب آهي.

    کِلندي رئندي خوشي غمي ۾ گڏ،
    قلم منهنجي جي روز نب آهي.

    رُوح مايوسيُن جو ڪمرو آ،
    آس تنهن ۾ ٻريل بلب آهي.

    ٿا گلابي عزيز جذبا ٿين،
    توملايو جي لب سان لب آهي.


    حُسن تنهنجو روشني آ.

    حُسن تنهنجو روشني آ.
    شوق منهنجو درشني آ.

    جُون ۾ ويران ڪاڇو،
    پيار بن ڄڻ زندگي آ.

    ٽهڪ تنهنجا ڇيڄ ڇيرُن،
    مرڪ تنهنجي چاندني آ.

    دُوبدُو جي ديد ٿي وئي،
    عشق ئي ڪئي رهبري آ.

    گُفتگُو ڳُڙ بات بُسري ،
    قرب سانئڻ ڪِشمِشي آ.

    اک ۾ اک ۽ چپ چپن تي،
    سُونهن ساغر مئڪشي آ.

    جڳ عزيز آ خوبصورت،
    پيار جي ئي دلڪشي آ.


    شعر جڏهن جهونگاريا هوندم.

    شعر جڏهن جهونگاريا هوندم.
    تنهنجا رُوپ سنواريا هوندم.

    پَرُ وجهي جذبن ۾ جاني،
    توڏي روز اُڏاريا هوندم.

    ياد جي وِڄّ جڏهن به ڪڙڪِي،
    تنهنجا گس نهاريا هوندم.

    ڳوڙهن جي درياھ ۾ غم جا،
    ٻيڙا پار اُڪاريا هوندم.

    شعر جي آئيني ۾ عزيز،
    تنهنجا عڪس اُجاريا هوندم.


    عشق ڪڙڪِي ڪِريو ڳڙي وانگي.

    عشق ڪڙڪِي ڪِريو ڳڙي وانگي.
    منهنجي رڳ رڳ وڳي چڙي وانگي.

    شوق منهنجو رهيو اڃارو آ،
    پيار تنهنجو ٿڌي گهڙي وانگي.

    مرڪ چهري تي تون سجائين ٿي،
    ٿي لڳي باک اولڙي وانگي.

    دل وڇوڙن جي زلزلن ۾ ٿي،
    اوپرين ڪنهن ڦِٽل دڙي وانگي.

    پيار تنهنجو عزيز امرِت آ،
    مُور ڀانيُم نه وِھ ڪڙي وانگي.


    جيون ڄڻ ته بتيلو آ،

    جيون ڄڻ ته بتيلو آ،
    ۽ وقت ندي آهي.

    نيڪي ۾ جو گذري ٿو،
    سو پل به صدي آهي.

    اوندھ ۾ دفن ٿيندو،
    جنهن من ۾ مَندِي آهي.

    سچ پچ به جِي پوندو هان،
    ڏَتُ ڏات ڪندي آهي.

    ڏک سا ئي ٿي دل سمجهي،
    جا درد وندي آهي.

    جي عزيز اَڪارج آ،
    جيون سو ردي آهي.


    اکيون ٻئي سمنڊ جيئن آهن.

    اکيون ٻئي سمنڊ جيئن آهن.
    پرهه جي منڊ جيئن آهن.

    نظر جون سحر انگيزيون،
    اسُر جي ننڊ جيئن آهن.

    اسانجون چاهتون ساريون،
    سڄڻ سرکنڊ جيئن آهن.

    ذهن ۾ ياد جا جهرڻا،
    سنڌُوءَ ۾ چنڊ جيئن آهن.

    سَنڀارُون تنهجون پکڙي ويون،
    اندر ۾ ڪَنڊَ جيئن آهن.

    ڏنئي جي چاھ ۾ مونکي،
    چُميون سڀ کنڊ جيئن آهن.


    پاڻ جڏهن کان وڇڙي وياسين.

    پاڻ جڏهن کان وڇڙي وياسين.
    عمر سموري اجڙي وياسين.

    هر پل درد جي پن ڇڻ موسم،
    پن پن ٿي من پکڙي وياسين.

    نيڻن جي ڪڻ ڪڻ ۾ سانئڻ،
    پنهنجو پاڻ کان نِکڙي وياسين.

    چاھ جي ڌاڳن ساھ سِبيا ها،
    جڳ جي سَٽِ سان اُڊڙي وياسين.

    ڪانڍ عزيز پُڳي ته ڪنڊن تان،
    گذري تو وٽ سَهڙي وياسين.


    پنهنجي پياري مرڪ ته ڏس!

    پنهنجي پياري مرڪ ته ڏس!
    الڙ وهيءَ جي مهڪ ته ڏس!

    چپ ٿي چورين ساز ڇڙن ٿا،
    سُندر پنهنجا ٽهڪ ته ڏس!

    تو بن سانوڻ سوڳ اکين ۾،
    لڙندڙ لارُون لُڙڪ ته ڏس!

    تنهنجو وڇڙڻ باھ بدن کي،
    وڍ وڇوِڙو چهڪ ته ڏس!

    جوت جو دريا آهين عزيز،
    نيڻ نهار جي جهلڪ ته ڏس!


    عشق سانڍيو سُرور پنهنجو آ.

    عشق سانڍيو سُرور پنهنجو آ.
    حُسن کي ڀي غرور پنهنجو آ.

    دل جڏيءَ جا جو بکيا اُڊيڙي ٿو،
    سوبه ماڻهو ضرور پنهنجو آ.

    ڇاڏجي دل ٽُٽڻ جو ڏوراپو،
    دل ڏني سين قصور پنهنجو آ.

    عشق ساگر اجهل گهڻو ڏاڍو،
    سِڪ ٻيڙو به جُهور پنهنجو آ.

    شاعري توڙي نثر ۾ رت ست،
    ۽ نچوڙيو مون نُور پنهنجو آ.

    هيڪلائي عزيز وِرُ ٿي وئي،
    ۽ مسيحا به ڏُور پنهنجو آ.


    عشق درياھ کڻي ايندو هان.

    عشق درياھ کڻي ايندو هان.
    توکان اُتساھ کڻي ايندو هان.

    چڻگ تنهنجي جواني سانئڻ،
    شوق گجگاھ کڻي ايندو هان.

    روز راتين جو ٿي ملين مون سان ،
    پيار اُتساھ کڻي ايندو هان.

    تون نڀائين نه نڀائين موسان،
    مان ته نيباھ کڻي ايندو هان.

    جڳ جو هر خؤف عزيز لاهي مان،
    توڏي سرساھ کڻي ايندو هان.


    عزيز تڙپي لکڻ ڇڏي ڏئي.

    عزيز تڙپي لکڻ ڇڏي ڏئي.
    لکڻ سِوا ڪيئن جئڻ ڇڏي ڏئي.

    ڪئين پرين کان رُسي سگهان ٿو،
    پرين کي چئو ته رُسڻ ڇڏي ڏئي.

    سمورا خطرا ٽري سگهن ٿا،
    جي قوم جاڳي سمهڻ ڇڏي ڏئي.

    لُڇي لکڻ تي تپي جهليو ٿا،
    سمنڊ کي روڪيو لُڇڻ ڇڏي ڏئي.

    ڳلن تي چڳ ٿي نچي هوا ۾،
    جهليوس پياري نچڻ ڇڏي ڏئي.

    دفن ٿي ويندو عزيز ٿو جي،
    زبان هوندي ڪُڇڻ ڇڏي ڏئي.


    سار ٿي سُرهڻ وکري وئي آ.

    سار ٿي سُرهڻ وکري وئي آ.
    ننڊ اکين مان اُڏري وئي آ.

    منهنجو چنڊ نه اڀريو ڇو؟
    رات به ڪافي گذري وئي آ.

    ڦُوھ جواني ٻير پڪل جيئن،
    اوسيئڙي ۾ اُڪري وئي آ.

    روءِ نه ڏات جي تنهنجي ڪهاڻي،
    ڏيهه سڄي کان وسري وئي آ.

    گڏ عزيز سان توکي ڏسندي،
    چانڊوڪي پڻ پَڄرِي وئي آ.


    توکي ساري ڳاٽ ڳڙي پيا

    توکي ساري ڳاٽ ڳڙي پيا
    لارُون لارُون لڙڪ لڙي پيا.

    تُون وڇڙينءَ ته غم سان ناتا،
    گهاٽا ۽ مضبوط جُڙي پيا.

    ورهين کان پوءِ موسان ملينءَ ته،
    من جي اڱڻ ۾ گل ٽڙي پيا.

    من اونداهي ويران کنڊر تي،
    سار جا سهسين چنڊ کڙي پيا.

    تنهنجا ٽهڪ ٻُريا ته فضا ۾،
    ڄڻ ته مَڌُر ڪي ساز ڇڙي پيا.

    تنهائي جي ڄَر ۾ عزيز جا،
    جذبا پتنگن جيئن سڙي پيا.


    سامهون تنهنجي ديد سدائين.

    سامهون تنهنجي ديد سدائين.
    ساجن مون لئه عيد سدائين.

    شوق اُڏاميو توڏي، تنهنجي،
    ڦُوھ ڪئي تائيد سدائين.

    شام گُلابي ڌاري ملون ٿا،
    جرڪِي پنهنجي جيت سدائين.

    سج چنڊ تارن جھرڻن تنهنجي،
    جوت جھٽي آ مِيت سدائين.

    رنگ بدن رنگين جا آڇڻ،
    تنهنجي رهي آ ريت سدائين.

    نيڻ عزيز ڇُلن ڄڻ ڪينجهر،
    ديد لکايا گيت سدائين.


    دوستي غم ڏِئي وٺِي ڇڏجي.

    دوستي غم ڏِئي وٺِي ڇڏجي.
    ريل دل تي وهي سَهِي ڇڏجي.

    لوڻ جي لپ کڻي جي ڪو به ملي،
    دل جي جِهيرن تي هٿ ڏئي ڇڏجي.

    مَنصبن توڙي نشو عهدن جو،
    ماڻهپي کان پري رکِي ڇڏجي.

    ڪِين خيرات ۾ کِل خوشي وٺجي،
    ڏُک کي ڀاڪِي وجهي کِلِي ڇڏجي.

    دل جا رستا سڀئي نه بند ڪجن،
    واپسيءِ جي به ڪا ڳَلِي ڇڏجي.

    حسرتون پوءِ کڻي بُٺِي تي اچين،
    اچ ته جيئري پرين مِلِي ڇڏجي.

    جي ڀِنل نيڻ درد جا نه اُگهي،
    روڙي دنيا جِي بي حِسِي ڇڏجي.

    دل جي ڪُن مان حوصلي سان عزيز،
    روڳ جي واگهه کي ڪَڍِي ڇڏجي.


    درد ڇيرون ٻَڌيون ته نَچِي زندگي.

    درد ڇيرون ٻَڌيون ته نَچِي زندگي.
    رقص جي رڌم تي وئي مَچِي زندگي.

    تو گُهريو هو پرين پل سَوا پيار ۾،
    مون ته ارپي ڇڏي آ سڄي زندگي.

    چَپ چپن تي نچيا لڱ لڱن سان نچيا،
    ناچ ڇيڙي بڻي نِرتَڪِي زندگي،

    درد کي حوصلن سان ڪيم لِيڙ لِيڙ،
    رِيڙُون رِيڙُون ڳنڍيندي بَچِي زندگي.

    هڪڙو ڀيرو ملي سا به دوزخ لڳي،
    همتن ساڻ جنت بڻي زندگي.

    دل ۾ سهسين ٽِڙيا ياد جا گل عزيز،
    گھيرجي رنگتن ۾ رَچي زندگي.


    چئوسٽا

    وطن سان مُحبت ضمير ۾ آ.

    وطن سان مُحبت ضمير ۾ آ.
    سنڏُو جو پاڻي خمير ۾ آ.
    مُئي يا جيئري اٽُوٽ رشتو،
    مِٽِي جي خوشبوءِ سَرير ۾ آ.

    صدين کان ڳڀي ڪاڻ سِڪيو آهيان مان،
    ۽ اُڃ سندي رُڃ ۾ ڊُڪيو آهيان مان،
    ٻيو ڪير نه پر ٿر تَتو ڪاڇو هان عزيز-
    پنهنجن ئي ڏنا گهاءُ لُڇيو آهيان مان.

    سنڌ ساڻ حقن ڪاڻ ڀِچي بيٺو هان،
    ڌرتي تي رکي پير ڄَمِي بيٺو هان،
    هٽ ظلم منهنجي راھ تان عزيز چيم-
    هي لڱ اٿم لوھ مَچِي بيٺو هان.

    جي سُونهن مان توساڻ ٻَکين هوندس،
    پر سنڌ سڏيو پيرين اُڀين هوندس.
    تُون روح وطن ساھ عزيز آهي-
    مان سنڌ سِوا ڪيئن ڪَکين هوندس؟


    تاريخ ڪئي چيخ بگاڙيو ڇو ٿا؟

    تاريخ ڪئي چيخ بگاڙيو ڇو ٿا؟
    مرضيءَ سان حقيقت کي چٻاڙيو ڇو ٿا؟
    مان ڪُڻب قبيلي جي نه ڪنهن فرد جي آهيان-
    مان سنڌ جو ماضي هان چِيهاڙيو ڇو ٿا؟

    جي ڪُلفت جي بدبُوءِ ماڻهو وڪوڙي،
    ته الفت جي گل جي پَکِي پوکجان.
    ۽ نفرت جي ڪلراٺي ڌرتي کي کيڙي،
    تون محبت جا سورج مُکي پوکجان.

    تو محب پُڇيو حال ڪيئن گذري ٿي،
    آوِيءَ ۾ جئين ٿانءُ تِئين گذري ٿي،
    هر رات لُڇي ڏينهن پَچي گهاريان عزيز-
    فرقت ۾ بهرحال اِئين گذري ٿي.

    هڪٻئي کان ڪنارا گهڻو ڏُور ها،
    زندگي جي ندي مان تَرِي پار پيس.
    وقت فرعون هو مان نه موسى سهي،
    پر قلم جي ڇَڙِي سان سُرِي پار پيس.


    روشن کي ڪو اونداهه چوي بيٺو،

    روشن کي ڪو اونداهه چوي بيٺو،
    ۽ جِهَل کي ساڃاھ چوي بيٺو،
    چاڪاس ڪري نُور ڏسوس عزيز-
    گلزار کي هُو گجگاھ چوي بيٺو.

    درد ورتي دل جي بستي ۾ پناھ،
    پر لڳي ٿو اُن جي ميري آ نگاھ،
    جي ڪري ويساھ گهاتي پو عزيز_
    دل دُکي جو اي خدا رهجان گواھ..

    زندگي سارِي رف منجھان گُذرِي،
    درد جي روز رش منجھان گُذرِي.
    حوصلن جا هشام ڀاڪُر ۾ عزيز-
    توڙي دل ڪشمڪش منجھان گُذرِي.

    تلخ کان تلخ حالتُن کي هارايُم،
    پنهنجن هٿان هار کائي وِيُس.
    دُشمني شَهه ڏَئِي سگِهي نه ڪڏهن،
    دوستي ۾ ئِي مار کائي وِيُس.


    لوڪ پُهتو ڪفن ڏيڻ کانپوءِ،

    لوڪ پُهتو ڪفن ڏيڻ کانپوءِ،
    تون نه آئينءَ دفن ٿيڻ کانپوءِ،
    جي اچين ها ڪيان آجيان ها عزيز-
    زندگيءِ جي مان سج لهڻ کانپوءِ.

    نه جنت جون خواهشون دل ۾،
    نه جهنم جون دهشتون دل ۾،
    لمحي لمحي سٿيل رهيون سچ پچ،
    بس امڙ جون ئي محبتون دل ۾.

    وقت هر پل ڏنگيو بلا وانگي،
    حوصلو ماءُ جي دعا وانگي،
    ننڊ جو وير ڄڻ ته ڪاريهر_
    درد اوڙهي ڇڏيُم رِدا وانگي.

    دردن جو ڏنو تحفو،
    هِن سال به پر سال به،
    دردن کي ڪندي دارُون_
    ماضي به رهيو حال به.


    تو چيو هو ڪڏهن غم تي نه سوچجان،

    تو چيو هو ڪڏهن غم تي نه سوچجان،
    هر جنم ۾ ڪنديس مُرڪي مان آجيان،
    غم پهاڙن جيان پوءِ به مرڪان عزيز-
    اوءِ منهنجي امڙ ڏَسُ ٻِيو ڇا ڪيان ؟؟

    هيءُ ماءُ جهڙي عظيم هستي،
    ۽ سنڌ جهڙي عظيم ڌرتي،
    اٿاهه جذبن جا گُل وکيري-
    ڪيم نڇاور سميت سرتي.

    هر سال پِتي ۾ پٿرِي جهڙو،
    اک ۾ اٽڪيل ڪُڪَرِي جهڙو،
    او ديس دُکايل نئون سال مبارڪ-
    چوندي ڀانيُم ڪَڪَرِي جهڙو.

    ڏاڍي ٿڌي پر ڏاڍي ڏُکي پڻ،
    تون ڄڻ گورک ٽڪري آهين.
    روز هوا جو رقص ڳلين ۾،
    سونهن سُروپ جي نگري آهين.


    دؤر ڀڙڪي مفاصلا وڌائي ٿو،

    دؤر ڀڙڪي مفاصلا وڌائي ٿو،
    درد مُرڪي حوصلا وڌائي ٿو،
    ڪا رڪاوٽ اڳيان اچي ٿي عزيز_
    هوش ويتر ئي ولولا وڌائي ٿو.

    سنڌ، سرتيءَ جي ساھ ۾ رهجان
    نينهن جي تون نگاھ ۾ رهجان
    مؤت مٽجي ٿو حياتي ۾ عزيز-
    سچ جي تون پناھ ۾ رهجان.

    اِبنِ وقت کان پناھ يا رب،
    مفاد ۾ ٿس نگاھ يا رب،
    ڪوئي مذهب نه دين جنهن جو-
    لوڀ ۾ سو اٿاھ يا رب.

    نه تو ڇو ڄاتي هي رمز دنيا،
    اجاڙ ۾ به زندگي آ.
    غمن کي ڪُرڪِي پهاڙ ٿي چئين؟
    پهاڙ ۾ پڻ زندگي آ.


    قوم هڪڙي ديس هڪڙو سوچجي،

    قوم هڪڙي ديس هڪڙو سوچجي،
    ۽ ثقافت ويس هڪڙو سوچجي،
    تيلو تيلو ٿي وڃون نه ايئن عزيز –
    جوڙجي ڪو بيس هڪڙو سوچجي.

    دوست جي دلبري جهٽي وٺجي،
    پر ڪو آڱر کڻي ڪٽي وٺجي،
    جو مُڙيو سو عزيز گيدِي آ-
    جا بڪي ڄڀ سا پٽي وٺجي.

    زندگي ۾ عذاب ملندا هِن،
    پر بُٺيءَ تي گلاب ملندا هِن،
    ڪهڙو دستور آ دنيا جو عزيز-
    موت کان پوءِ خطاب ملندا هِن.

    تعزيتي ميڙ اڄ سڏايو پيا،
    ٻارها ورسيون ملهايو پيا،
    زندگي ڀر عذاب مان گذريو-
    قبر کي خوبتر سجايو پيا.


    روز مونکي جي نفرتون ڏيندين،

    روز مونکي جي نفرتون ڏيندين،
    موٽ ۾ توکي مان محبتون ڏيندس،
    تون ڪَلِيُن ۾ عزيز ڀل ڪَلُوڙا وجهه-
    مان ته توکي پيو امرتون ڏيندس.

    ڏک کڻي ڪَرُ چيو ڀُرِي پوندين،
    روز مون سان لَڙِي مَري پوندين،
    مُون چيو تون جبل سان ٿو ٽڪر جين عزيز-
    پاڻ هي تون ٽُٽي جُهري پوندين.

    کنوڻ هو ٻانهُن جو گهيرو وِڄُ نيڻن جي نهار،
    ساوڻيءَ جون بارشُون هو پيار پنهنجو بيقرار،
    رُوح ۾ اوتيون رنگينيون تو ملي ٿي روز روز_
    تون نه آهين اڄ به تنهنجو انڊلٺي آ انتظار.
    ***


    ترائيل

    هر سُهاڻي شام تنهنجي مهڪ آ،

    هر سُهاڻي شام تنهنجي مهڪ آ،
    ڳل شفق ۾ ٻئي رنڱيل سج وانگيان!
    چاندني جي ورکا تنهنجي مُرڪ آ،
    هر سُهاڻي شام تنهنجي مهڪ آ،
    ۽ جواني سنڌ نديءَ جي وهڪ آ،
    جي اچين ٿي مان ڪيان ٿو آجيان!
    هر سُهاڻي شام تنهنجي مهڪ آ،
    ڳل شفق ۾ ٻئي رنڱيل سج وانگيان.!


    گاج ڪپ تي ڄڻ صدين کان انتظار،

    گاج ڪپ تي ڄڻ صدين کان انتظار،
    هيٺ جر ۾ چنڊ تنهنجو عڪس آ!
    چاندني ۾ کيرٿر ڄڻ آبشار،
    گاج ڪپ تي ڄڻ صدين کان انتظار،
    هِير ناچُو ساز ڇيڙيو آ بهار،
    ۽ جوانيءَ جو رڳن ۾ رقص آ!
    گاج ڪپ تي ڄڻ صدين کان انتظار،
    هيٺ جر ۾ چنڊ تنهنجو عڪس آ!


    محبتُن جي ٿي اچي ورکا ڪرين،

    محبتُن جي ٿي اچي ورکا ڪرين،
    زندگي توکي مِٺي ارپي ڇڏيم!
    مون ڏي ايندي خُون سڀ کٽڪا ڪرين،
    محبتُن جي ٿي اچي ورکا ڪرين،
    سُرها جوڀن سان ڇُهي جذبا ڪرين،
    شعر تنهنجي سُونهن تي سرجي ڇڏيم!
    محبتُن جي ٿي اچي ورکا ڪرين،
    زندگي توکي مِٺي ارپي ڇڏيم!


    شفق جو ڍڪيو ياد کهنبو پرين،

    شفق جو ڍڪيو ياد کهنبو پرين،
    جُهڪِي کيرٿر کي ڏني سج چُمِي!
    گلابي بدن کي هو ڇُهبو پرين،
    شفق جو ڍڪيو ياد کهنبو پرين،
    اچي روز توسان هو ملبو پرين،
    ڳلن کي چپن جي ڏِبي هُئي نَمِي!
    شفق جو ڍڪيو ياد کهنبو پرين،
    جُهڪِي کيرٿر کي ڏني سج چُمِي!.


    سُونهن مُون ۾ ساھ اوتي ٿي ڇڏي،

    سُونهن مُون ۾ ساھ اوتي ٿي ڇڏي،
    ڀل چئو هان فطرتن عاشق مزاج!
    مُرڪ مهڪِي رُوح ڦُوڪي ٿي ڇڏي،
    سُونهن مُون ۾ ساھ اوتي ٿي ڇڏي،
    ديد وڻندڙ راھ روڪي ٿي ڇڏي،
    تون ڀلي الزام ڌر روڳي سماج!
    سُونهن مُون ۾ ساھ اوتي ٿي ڇڏي،
    ڀل چئو هان فطرتن عاشق مزاج!


    هيل ڀي اچ شام گورک تي مِٺي گڏ گهاريون،

    هيل ڀي اچ شام گورک تي مِٺي گڏ گهاريون،
    جنهن گهڙي گورک کي سورج روز جُهڪندي ٿو ڇُهي!
    تنهن گهڙي ٻئي جذبا ڇيڙي گيت گڏ جهونگاريون،
    هيل ڀي اچ شام گورک تي مِٺي گڏ گهاريون،
    آءُ نئين سر گاج جر سان نينهن کي اوجاريون،
    تون نه آهين رُوح ۾ راڪاس يادن جو گُهمي!
    هيل ڀي اچ شام گورک تي مِٺي گڏ گهاريون،
    جنهن گهڙي گورک کي سورج روز جُهڪندي ٿو ڇُهي.!


    رَوِش دهشت گرد تُنهنجِي ڄڻ يزيد آ،

    رَوِش دهشت گرد تُنهنجِي ڄڻ يزيد آ،
    پاڻ هر پل پيروي ڪئي حُسين جي!
    سَمنڊ لُڙڪن جو بڻيل هر ڪا ديد آ،
    رَوِش دهشت گرد تُنهنجِي ڄڻ يزيد آ،
    ماڻهپي کي درد گهيري ويو شديد آ،
    جذبو جذبو ٿي ويو هر هنڌ شهيد آ،
    امن جي زوري گُهٽي تو سينَ آ،
    رَوِش دهشت گرد تُنهنجِي يزيد آ،
    اسان سدائين پيروي ڪئي حُسين جي.!


    ٿر ۾ ٽوڙيو دم ڪندي ڪِنجھڪار ٻار،

    ٿر ۾ ٽوڙيو دم ڪندي ڪِنجھڪار ٻار،
    اُڀ ڏلهڪيو سُڏڪِي پيئي ڪائنات!
    مامتا جا ٿي ويا جگر جيرا تار تار،
    ٿر ۾ ٽوڙيو دم ڪندي ڪِنجھڪار ٻار،
    لڇندي ڪارونجهر ڪڍيا ٿي روئي پار،
    تو ٺٺولي ڪئي ته پيا دل من ۾ گهات!
    ٿر ۾ ٽوڙيو دم ڪندي ڪِنجھڪار ٻار،
    اُڀ ڏلهڪيو سُڏڪِي پيئي ڪائنات!
    ***


    هائيڪا

    سنِڌُوءَ جو ڪِنارو هو

    سنِڌُوءَ جو ڪِنارو هو
    پر پيار اَجھل پنهنجو-
    ڪيڏو نه اُڃارو هو.

    نه تاس گھٽي دل جي
    مهراڻ بڻي محبت-
    نه پياس کٽي پل جي.

    لهرُن جو نظارو هو
    ٻئي پاسي وري گهيريل-
    ٻانهُن جو سهارو هو.

    تنهنجي ڳل تي تِرُ
    ٻُڏل تِير ڪمانُ ۾-
    دل ۾ ڪري ويو وِرُ.

    ٿر ۾ آهه ڏُڪار،
    دوزخ ۾ هر زندگي-
    ڪو ته لهي ڪا سار.


    سارو ٿر اُماس

    سارو ٿر اُماس
    ڀِٽِ کي ڀِٽِ ڀُڻڪِي چيو-
    ڪهل ڪِٿي آ قياس؟

    هر هڪ آس نراس
    ڪارُونجهر سُڏڪِي چيو-
    مؤت پَلِيو راڪاس.

    جِيون آهه لِئو
    جيئندو وت تاريخ ۾-
    ٻاري ڏات ڏِئو.

    سُڏڪيو اڄ ڀِي سوڳ
    تُنهنجي ياد اُتامري-
    روڳ نه سمجهيُم روڳ.

    ڀرت ڀريندي،
    چُڀيَئي سُئي هٿّ ۾-
    مون ڏي تَڪيندي.


    جيئن تو هٿ جهليوم،

    جيئن تو هٿ جهليوم،
    نرم ڀڪوڙيم آڱريون-
    ڪيڏو چَين مليوم.

    اڄ به دُکي ٿو درد،
    تو هُئي پاتي چُهنڊڙي-
    آھ ڀريندي سرد.

    تنهنجا ڳاڙها ڳل
    لوهيڙي جي ٽار ۾-
    مهڪن ڄڻ ٿا گُل.

    لُڻندي لُوسڻ گاھ
    ناري نهاري اوچتو-
    ڪيڏو کاڌو ٽاهه.

    نه ٿو ڊَهڪئي هانءُ
    هر هر ڀڃي اک ٿي-
    ويهي مليندي ٿانءُ.


    گوري صبح سوير

    گوري صبح سوير
    اٽو ڳوهي ٿالهه ۾-
    ڇاتي پاتس ڇير.

    پوتي لوڏي پلاند
    بيهي ڪنڊيءَ ڇانوَ ۾-
    ڏئي ٿي بيٺي ڇاند.

    ٻيڙي منڇر منجهه
    ڏينهن تتي جو سانوري-
    ويٺي هلائي ونجهه.

    اوڇڻ بن آ رات
    سرد مهينو جنوري-
    مٿان وُٺي پرسات.

    هيل به تو ۾ هاج
    سارِن توکي سانوڻي-
    گورک ڪارو گاج.


    گرمي گُهٽ ٻُوساٽ

    گرمي گُهٽ ٻُوساٽ
    آگسٽ مهينو اُٻ ۽-
    مڇرن جا زُوڪاٽ.

    وڻ ٽڻ ڪيڏي اُجار
    ڪوسو ڪاڇو پيو ٺَرِي-
    سانوڻ لڌي سار.

    گاج مَڌُر آ گُونج
    ڄڻ ته سنجهي ويل جو-
    ڪُرلائي پئي ڪُونج.

    هُو ڪَهُوءَ جو ڏار
    چيٽ جي چمڪي چاندني-
    ڄڻ ڪو آبشار.

    گهر تر ٽارچر سيل
    موٽي آئي سانوڻي-
    پرين نه موٽئين هيل.


    مان ڀي هان توساڻ.

    مان ڀي هان توساڻ.
    جوٽي جنگ جوان تون-
    مُور نه مڃجانءِ هار.

    اُکڙيون امن جَڙون
    اقتداري ڍونڍ تي –
    ڳجُهون کوڙ مِڙيون.

    ماڻهو موت جو کاڄ
    منهنجي دلبر ديس تي-
    دهشت جو آ راڄ.

    منهنجو ساهه سڙي
    ڀونءِ جي گولي تي جڏهن-
    ڪائي جنگ ڇِڙي.

    لُڇيو آسمان
    دهشتگرد زمين تي-
    روز ڳِهي انسان.


    خواب خوشيون خاڪ

    خواب خوشيون خاڪ
    ددهشتگردي ۾ لُڇي-
    مورڙئي جو ٿاڪ.

    لت پت رت ۾ لاش
    ڌرتي وئي آهي ڌُڏي-
    لرزي ٿو آڪاش.

    ڀڙڪِي بم جي باھ
    انسانيت جو خوف کان-
    مُٺ ۾ ٿي ويو ساهه.

    شال نسل کَريس
    انسانيت جي تڙپ تي-
    ڪين ٿو ڪهل اَچيس.

    توکي ديدُ تَڪي،
    سمنڊ ڪناري ياد ٿي-
    مُنهنجو هانءُ ڇِڪي.


    آهين اڄ اوجهل،

    آهين اڄ اوجهل،
    سمنڊ تڪينيدي ياد پيو-
    تنهنجو پيار اَجهل.

    توسان گهاريل پَل،
    سمنڊ ڏيندو شاهدي-
    مون لئه اڄ به اَمُل.

    جيسين نيڻ نهار،
    اڄ به لهرن مان اچي-
    يادن جي مهڪار.

    يادُون اوهيرا
    سمنڊ ڪناري ٽهلندي،
    دردن جا گهيرا.

    لهر لهر ۾ سار،
    سمنڊ جيان آ ڇُلڪندڙ-
    اڄ به توسان پيار.


    ساگر جيڏو سوڳ،

    ساگر جيڏو سوڳ،
    لهرن وانگر ڌڙڪنُون-
    رُوح ٿو ٻوڙي روڳ.

    اندر منجهه اُڪنڊ،
    لڙڪ ڇُلڪيا لهر ٿي –
    بڻيا نيڻ سمنڊ.

    ماڻهو ناهه مُدام،
    ٿيندي رهندي ابد تَئين-
    هُو اُفق هيءُ شام.

    المنظر هيڪل
    ياد ڏياري ٿو مِٺي-
    توسان ڪيل کيچل.

    ڪاڇو ۽ ڪچو
    هيل وُٺا هِن مند تي-
    ڏڪر ويو ڏچو.
    ***


    آزاد نظم

    زندگي بندگي

    زندگي بندگي
    او زندگي!
    تون جتي به ملينءَ،
    منهنجي مونکي لڳينءَ،
    مندرن، مسجدن ۾ ملينءَ،
    جُهريل جُهوپڙين ۾،
    بُک ڦڪيندي ملينءَ،
    توکي آرڙھ ۾ ڳَهندي ڏٺم ڳاھ ۾،
    تون مِلُن ۾ ملينءَ ٻرندي باھ ۾،
    ڌرتتيءَ جو،
    مال چاريندي پيرين اُگهاڙي ملينءَ،
    هوٽلن، سرگسن،
    ۽ فوٽ پاٿ تي،
    ناچڻيءَ جي ملينءَ ڇير ۾،
    جيڪا ڦٿڪِي پئي پير ۾،
    ڪٿ ته ڀڀڪِين ڀير ۾،
    توکي جت به ڏٺم،
    اڪثريت ۾ تون ڦاٿل،
    جئدان وارين مجبورين
    جي ڊگهي ڄار ۾،
    سسڪندڙ، سُڏڪندڙ،
    ٽچڪندڙ، پڄرندڙ،
    بُک جي آڳ ۾!!
    مان لُڇان راڳ۾!!
    شعر منهنجو سچِيءَ جي ڳڀو ٿي پوي!
    ها اجهو ۽ لٽو ٿي پوي!
    خوش ٿي وڃي جي اَگِهي زندگي،
    پوءِ ٿي وڃي
    زندگي بندگي!
    بندگي زندگي!


    ڏُک

    ڏُک
    من چيم،
    زندگيءَ جي پيچرن،
    تي اگر،
    رَمندي ڪڏهن،
    محبتن جي بارگاهن ۾ لڙي،
    جي ٿو گهارڻ گُهرين!
    محبتن کي سَهيڙ،
    سُونهن سرگم اڳيان،
    ڏات سُرندو ڪري،
    شعر شعلا ڪي ڇيڙ،
    ڏانءُ پنهنجي کي ڪيڙ!!
    شاعريءَ کي بقا جو بتيلو ڪري،
    خيال موتي ڪي ميڙ!!
    ڏک اهو آ ائين مان ڪري نه سگهيس!!
    شعر اهڙو ڪڏهن ڪِين سرجي سگهيس!!


    وساريان ڪِئين؟

    وساريان ڪِئين؟
    هُو “ريجنٽ پلازه” جو رنگين ڪمرو،
    ڪا رنگِين وادي! ٽڙيا گُل هزار،
    هُيون پوپٽي نرم جذبن اُڏارُون،
    ۽ احساس ايئن ڄڻ ته، ماکيءَ جون لارُون
    تنهنجي ڦُوهه جوڀن،جي رنگِينيُن ۾،
    گُذاريل گھڙيُون،
    سي مِصريءَ تڙُون،
    وساريان ڪئين؟؟
    اکيُون انگ انگ جا،نظارا گھُميُون،
    حُسن جي سمُنڊ جا ڪِنارا گھُميُون،
    هو آڪاس چهرو،سِتارا چُميُون
    اُڃايل چَپن جي، ڊُڪِي ڊوڙِي ڪَڪرِيُن
    تنهنجيءَ، جوانيءَ جون ٽڪرِيون ڇُهيُون
    کِڙِي ڀاڪرُن جُون،ڪتيُون ڪهڪشائُون جرڪِي لڙِيُون
    سي مِصريءَ تڙُون!!
    وساريان ڪئين؟؟
    ڀلي هاڻ مُون سان ملين نه ملين تُون،
    اچي عشق جي تو، جا سُرهاڻ آڇِي،
    هُڳائُن ۾ رهندي، سمُوري حياتي!
    تو زنجيرُون خوشبُوءَ جُون، اهڙيُون اندر ۾،پکيڙيُون،
    جڪيڙيُون،
    ۽ ويهي وِڪوڙيُون،
    ٽُٽَڻ جُون نه آهن،کُٽڻ جُون نه آهن،
    ،سڄي زندگيءَ سي، نه ڪَٽبيُون ڪڙيُون!
    سي مِصريءَ تَڙُون!!
    وساريان ڪِئين؟؟
    وساريان ڪِئين؟


    او! پيارا پرين!!

    او! پيارا پرين!!
    او! پيارا پرين!
    پنهنجي چپن جي،
    گلابن تي،
    ڳل، اکين جي موتين تي،
    منهنجي چپن جي پوپٽ کي،
    ويهڻ ته ڏي،
    منهنجي احساسن ۾ کِلندي،
    پنهنجي ساري رنگيني کي،
    منهنجي وجُود ۾ لهڻ ته ڏي!
    او! پيارا پرين!!
    تنهنجي ڪايا ڄڻ ته ڪَتَرڻ،
    تنهنجا وار ڀِنل ڄڻ سُرهڻ،
    ڇنڊڪو ڏين ته خوشبُوءِ وکري،
    وکريل خوشبُوءِ
    وٺڻ ته ڏي،
    تو وٽ جيون جوت جَجھِي،
    انڊلٺ جي آ اوت جَجھِي،
    پنهنجي جوت جھٽڻ ته ڏي!
    او! پيارا پرين!!
    ماکيءَ ٽيپو تنهنجي مِٺي ڄڻ،
    ٽيپو ٽيپو گور نَدِي ڄڻ،
    ماکي مِٺيءَ کي،
    ٽِمڻ ته ڏي،
    تو وٽ آهه مٺاس گھڻي،
    مون وٽ آهي پياس گھڻي،
    تن جي تاس اُجھڻ ته ڏي!!
    او! پيارا پرين!!
    او! پيارا پرين!!


    منهنجي ڌرتي

    منهنجي ڌرتي

    منهنجي ڌرتي!
    منهنجي سرتي!
    تنهنجي محبت،
    ريشم ڪِئين جان،
    دل جي سڀني تَهه خانن ۾،
    رُوح جي سارِيُن ديوارن تي،
    جنهن ريشم سان پيار اُڻيو آ،
    دل جي ڌاڳن ساڻ جَڙيو آ،
    تِنهن ريشم جا سي سڀ ڌاڳا،
    سارِي حياتي،
    ٽُٽُڻا ناهن،
    ڇڄڻا ناهن،
    او! ڌرتي!
    او!سرتي!


    مان نه هوندس

    مان نه هوندس
    پرھ ڦُٽندي ۽ اُقق سان،
    رات جي ڪاراڻ پيئي ڌوپبي،
    سجّ اُڀري،
    زندگيءَ جو روز پيو اھڃاڻ بڻبو،
    سرديو گرميون ۽ بهارُون پنِ ڇَڻون،
    پيون بدلبيون،
    ساوڻين جي،
    بارشن ۾ انڊلٺي رنگ پيا نکرندا!!
    پر مان نه هُندس!
    ڳوٺ ڳليون وستيون واهڻ،
    جهنگ جهر ميدان رهندا،
    شهر رهندا، سمنڊ رهندا،
    واھ ۽ درياھ رهندا،ڇولين ۾ ڇوھ رهندا،
    زندگيءَ جا نت نوان هت موھ رهندا مهڪندا!!
    پر مان نه هوندس!
    جڳّ رهندو،
    ڌرتي ۽ آڪاس رهندا،
    ڪائناتي سڀ نظارا چمڪندا ۽ جُهومندا!!
    پر مان نه هوندس!
    ها اگر پنهنجو بڻايو جنم ڀومي،
    پورهيو تخليق وارو ويو اگهامِي،
    بخرا جي اتهاس پاران جرڪندا!!
    مان نه هوندس!
    پوءِ به هوندس!


    ڪٿي آهين سڄڻي؟

    ڪٿي آهين سڄڻي؟
    ڪٿي آهين سڄڻي؟
    تنهنجي ڦُوهه جوڀن جي،
    خُوشبُوءِ اڄ ڀِي،
    هوائون کڻي روز مون ڏي اچن ٿيون،
    هُو راتيُن جُون راتيُون، يڪو پيارَ باتيُون،
    گُلابِي بدن جُون، عنابي چپن جُون،
    سَمُوريُون نِکارُون،
    اڃان ڀِي حواسن ۾ وکريل لڳن ٿِيُون،
    ڪڏهن فون تي مَڌُر ساز آواز ڇيڙي،
    وعده لکيا تو!
    ڪڏهن رُوبرُو تو، جُنبش ۾ سَڄِڻي،
    مِٺيُن سان چپن جُون پتيون سَهيڙي،
    وَچن رنگ برنگي وفا جا لکيا تو،
    اڄُ تُون ڪٿي آن؟؟
    چيو پاڻ هو تو، وِساري نه ڇڏجان!!
    پنهنجي دل جي خانن مان،
    ميساري نه ڇڏجان!!
    مگر سار جُون اڄ لَٽڪِي تَرارُون،
    ڏارِن ٿيون مونکي،
    مارِن ٿيون مونکي،
    رُئارِن ٿيون مونکي!
    جڏهن توکي سوچيان،
    منهنجي دل جي ڌڙڪن ئي بيهي وڃي ٿي،
    سوچُن ۾ سَڄڻِي،
    تنهنجي ياد ڪاتي جان پيهِي وڃي ٿي،
    اندر اڌ، جگر اڌ،جسم ٻيرا ٻيرا!!
    ڳنڍي تُون سگهين ٿي،
    اُداسِي جا گهيرا به ٽوڙي سگهين ٿي،
    ۽ مايُوس راتين جا رولاڪ پيرا،
    کڻي تُون سگهين ٿي!
    مِلي تُون سگهين ٿي!
    جُدائي آ اگني!
    ڪٿي آهين سڄڻي؟؟


    جوهي

    جوهي
    هي شهر منهنجو،
    حَسِينَ جوهي،
    امڙ جي جهولِيءَ ۾ پيار وانگر!
    سڄڻ جي جوڀن نِکار وانگر!
    گلن جي رنگين پنکڙين تي،
    هيءَ ماڪ جي ڄڻ نَمِي جيان آ
    شهر پرينءَ جو،
    پرينءَ جي پهرين چُمِي جيان آ
    سدائين منهنجو
    هيءَ ساهه رهندو
    محبتن جو گواهه رهندو
    گھٽيءَ گھٽيءَ ۾ پرهه جا پيرا
    ڳليءَ ڳليءَ ۾ ڊُڪن سَويرا
    اُفق جي اوجر اُجار جهڙو
    هيءَ پوپٽن جي اُڏار جهڙو
    آ شام ڌاري شفق جي ورکا
    فضا ۾ لالاڻ جي ٿئي ٿي برکا
    لهي ٿو سُورج سلام چوندي،
    ڌِسن ستارا خوشيءَ مان کڙندي،
    سندس مٽيءَ مان خمير منهنجو،
    ۽ اُن سان نيبهه ضمير منهنجو،
    هيءَ قربتن ۾ اَٿاهه اهڙو،
    آ سانوڻيءَ ۾ درياهه جهڙو،
    تتيءَ ٿڌيءَ ۾،
    ڏُکيءَ سُکيءَ ۾،
    رهي سدا دل نَشينَ جوهي!
    هيءَ شهر منهنجو حَسِينَ جوهي!


    او! گورک جي ٽَڪري!!

    او! گورک جي ٽَڪري!!
    او گورک جي ٽَڪرِي!!
    تون جنت جي ٽِڪرِي،
    چوانءِ ڪيئن دوزخ؟؟؟
    مگر جيڪي ابهم،
    ۽ معصوم جانيُون،
    جوانيءَ جي چؤکٽ تي پهتل حياتيون،
    ڊسمبر جي سردي،
    دُکي چڻگ وانگر،
    وڪوڙي جھڳيءَ کي،
    راڪاس وانگر ڏيئي لامارا،
    سُتل گهر جا ڀاتي،
    ڪيا خاڪ سارا،
    جلي زندگين ٿي وِڌيُن ڀُونءِ ڀاڪِيون،
    جي تنهنجي هوا ۽،
    ٿڌي جهول تاتيون!!
    آڌي جو اَويلا، ڀڀڙ باھ شعلا،
    ڪنهين نه پچڻ جون،
    ڪَنايون پُڪارُون!
    آڪاس روئي ڏنيون اوڇنگارون!
    ٿي سڏڪيا ملائڪ،
    رُنا تنهنجا پٿر،
    ڪڙهيا تنهنجا ٽَڪر،
    فضا خود ڏنيون ٿي ممڻ کي ميارون!
    هُو کاهي هُو لاهي،
    نه اوهي نه واهي،
    ڏجي ڏوھ ڪنهن تي ؟؟
    توتي يا ٻئي تي؟؟؟
    يا غربت جي پُڃَ تي؟؟؟
    يا بي حس سماجي سَمڪ تي؟؟؟
    ڀلي ڏوھ ڪنهن جو هجي نه هجي پر،
    جي جانيون ويون تن جي قيمت هُئي نه؟؟؟
    اهو سانحو ٿو،
    پُڇي سُوال پَڄَرِي!!
    او گورک جي ٽَڪرِي!!


    ماءُ توکي آ سلام

    ماءُ توکي آ سلام
    او! ماءُ مِٺڙي!!
    جيترو ڀي وقت جيئندس،
    تنهنجا ڳُڻ ۽ عظمتُون پيو ڳائيندس!
    تُون حياتيءَ ۾ دُعائن جو بحر هُئينءَ بيقرار،
    ۽ مماتيءَ ۾ به گُونجي،
    تنهنجي دُعائن جي تنوار،
    اڄ به تنهنجي ئي دُعا جو آهي آسرو،
    منهنجي لئه ڄڻ بڙ جو گھاٽو ڇانورو!
    هِن دنيا ۾ لالچي رشتا سَوين،
    ماءُ تنهنجي، ڀرجهلي بي لوث رشتي،
    جو نه آ نعم البدل،
    تنهنجو رشتو، سون سان توريل تَڪِيل!
    رُوح جي تُون قريب ترآن!!
    ماءُ تُون ئي، عظيم تر آن!!
    تنهنجو رشتو آ انعام!
    ماءُ توکي آ سلام!


    ڌَرُ-جِي مِٽي

    ڌَرُ-جِي مِٽي
    ڏات جا ڪو ئي پر پکيڙي،
    شهرتُن جي آسمانن تي اُڏامي،
    ڀُونءِ کي گُهوري ڏسي ٿو،
    خوش ٿئي ٿو،
    ۽ بُلند پرواز تي خود ڦُونڊجي ٿو،
    ڪارونجهر ۽ ٿر ڀِٽُن،
    کيرٿر جي وادين،
    هُو ڪَهُوءَ جي درختن،
    ڄاڱرِي ٻيريُن ۽ ٽڪريُن،
    ۽ ڪچي ڪاڇي پڪي جي،
    انب لِيمن ۽ کجين،
    لِيار لاڻن ڄاريُن،
    بڙ جي گهاٽن ڇانورن ۽ ٽالهيُن،
    کي تَڪي ٿو،
    ٻاٻُرِي ٻيلا ڏسي ٿو، خوش ٿئي ٿو،
    سي صفا جِيتامڙا سمجهي کِلي ٿو،
    هن جي اک ۾،
    ڄڻ سنڌُو آ نالڙُو ۽ لِيڪڙو پاڻي نشان!
    ڪينجهرِي ۽ منڇرِي سارا نظارا اک جو زيان!
    خود ٿو ڀُڻڪي،
    ڪيتري نه ڌرتي ننڍڙي ٿي لڳي؟!
    ڌرتي ڀُڻڪو سو ڪَنائي ٿي وٺي،
    کيس چئي ٿي،
    ڪيتريون ڀي تُون وڏيون بُلنديون ڇُهين!
    پنهنجي پرڙن تي کڻي ڪيڏو اُڏين!
    واپسي آخر وري به،
    منهنجي جهوليءَ منجهه ٿيندءِ
    ننڊ ابدي ڪرڻي پوندءِ
    ڌَرُ-جِي مِٽي چُمڻي پوندءِ!!


    سِپ ۽ موتي

    سِپ ۽ موتي
    ياد آ موتِي،
    مُنهنجِي دل ڄڻ،
    سِپَ آ سانئڻ!
    سِپَجِي، سِرڪِي،
    دل جي ڪِنارن،
    ساڻ ٽڪرجِي،
    درد سَمُنڊ ۾ مؤج ٿِي آڻي،
    ڇوليُون ڇُلڪِي،
    دِل جي ڊهندڙ،
    دِيوارُن کي پائِن ٿِيون،
    ڪيرائِن ٿيون،
    درد ڳِهان ٿو،
    اُف نه ڪُڇان ٿو،
    خؤف دُنيا جو،
    سَپُ آ سانئڻ!
    ياد آ موتي،
    مُنهنجِي دِل ڄڻ،
    سِپَ آ سانئڻ!!


    هوءَ منهنجي نه هئي

    هوءَ منهنجي نه هئي
    پيار هُن جو سمنڊ،
    لهر لهر تي نچيون پئي،
    انڊلٺي رنگتون،
    چاھ چانڊوڪيون،
    من جي پاتال ۾ سي رهيون ڦهليل!!
    هُوءَ وَهِيءَ ۾ اَڙل،
    ڇُلڪندڙ ڦُوھ جي ڇولِيُن ۾ اُٿل،
    آءُ حُسناڪين جي،
    سحر ۾ ٻُڏل!!
    هُوءَ اُڪيرون کڻي،
    ٿي ملي جنهن به پل،
    سوئي پل بي بها، سوئي پل هو اَمُل!!
    ڪهڪشان جهول ۾،
    ڌڙڪنون هول ۾،
    لڱ لڱن سان ملن،
    چپ چپن تي سُرن،
    جوت جي اوت ۾، جوش جذبا اَجهل!!
    نِرتڪِي هئي فضا،
    رقص فطرت ڪيا،
    جُهومي جذبا پيا،
    هوش جنهن پل ٿِڙيا،
    هُن جون ٻانهون ڪنارا، سهارا اٽل!!
    بخملي ۽ نرم
    هُن جي صندل بدن،
    تي چپن سان لکيم،
    گيت دوها نظم روز وايون غزل!!
    هُوءَ هُڳ ساڻ هُئي،
    ساھ سُرهاڻ هُئي،
    زندگيءَ جي رنگن،
    جي به اهڃاڻ هُئي
    رُوح رنگينِيُن ۾ اڄ ڀي رچيل!!!
    هُوءَ منهنجي هُئي،
    مان به هُن جو هُئس،
    پيار هُن جي جو مان،
    روز گهورو هُئس،
    من جي منڇر ۾ هُئي جُهولندڙ هوءَ ڪنول!!
    حالتُن جي گَرَڻُ،
    پيار آئي ڳهڻ،
    ڪَرُوڇوڙي کنيو
    هُوءَ نه آئي ملڻ،
    اڄ به آ، آس جو ڪانُ من۾ کُتل!!
    هُوءَ اچي به نه ٿي،
    دل مڃي به نٿي،
    مان نه هُن جو هئس!!!
    هُوءَ نه منهنجي هُئي!!


    وقت

    وقت
    وقت ته ، اڄ به آ
    وقت ته ، ڪلهه به هو!!
    فرق صرف ايترو،
    جو وقت مون سان گڏ هُئو،
    سو وقت اڄ نه ساٿ آ!
    جو ساٿ ساهه پساهه هو،
    محبتُن جو ماڻ هو،
    سو ساٿ اڄ نه ساڻ آ!
    پوپٽي پرن جيان،
    محبتُون، نفرتُون، رنجشُون رُغبتُون،
    رنج رُسامن ڀريُون،
    اُڀرندڙ اذيتُون ۽ انائن سنديُون،
    کوڙ سرگوشيون،
    ڄڻ فضائن ۾ سي،
    ڇمڪندڙ ڇيريُون،
    ذهن ۾، اڄ به گُونجن پيون،
    گونجندي، ياد جا،
    سُر وکيرن پيُون!
    وقت اڄ به سونَ آ،
    لمحو لمحو قيمتي،
    فرق صرف ايترو،
    جو وقت مون سان گڏ هُئو
    سو وقت اڄ نه ساٿ آ!!


    نِنڊ مِٺي

    نِنڊ مِٺي
    تُون آن منهنجي ننڊ مِٺي،
    جيڪا سُوليءَ تي به اچي ٿي،
    پر تُون ڪٿي آن؟
    مونکان ايئن تون ڇا لئه رُٺِي آن؟
    جڏهن کان منهنجي، ماکي جهڙي،
    دنيا مان تُون اُڏرِي وئي آن،
    منهنجي وجُود تان،
    ريل ڏُکن جي گذرِي وئي آ،
    هر شئي مونکان وسري وئي آ،
    جي نه اچين ته، نيڻن ۾ نيزا، ڏينهن ٿو کوڙي،
    چين اکين جو، رات ٿي روڙي،
    تنهنجي فُرقت جِي نِٽهڻ ۾،
    ڪُرڙِي وانگر روز لُڇان ٿو،
    راهه پُڇان ٿو، منٿ مڃي تُون،
    هڪڙو ڀيرو آءُ هلي! مُون سان مٺڙي،وڃ توُن مِلي!
    تُون آن منهنجي ننڊ مِٺِي،
    ڇا لئه مون کان آهين رُٺِي!؟


    جيت

    جيت
    لهندڙ سج جي،
    روز شفق،
    مونکي ٻُڌائي ٿي
    تون ستارن ساڻ سجايل،
    راتين ۾ ملندينءَ!!
    يا ته وري،
    چنڊ جي چانڊوڪي بڻجي،
    ساھ وسيلي،
    منهنجي رُوح ۾،
    پيهي ويندينءَ!!
    پر ايئن ته سانئڻ!
    منهنجي عمر جون ڪيئي بهارون،
    گذري ويون!
    جن کي هميشه،
    هار ئِي ساڳي ريت ملي!!
    روز جدائيءَ جي لمحن کي،
    سڄڻي آهي جيت ملي!!!


    جُستجُو

    جُستجُو
    اڃا من تي اُڪريل،
    سي ننڍ پڻ جون يادون!
    نِمُن ۾ ٻڌي لوڏ هڪٻئي کي لوڏيون،
    فصل ۾ ڪندي گاھ کيچل سان کيڏون.
    ۽ سانجهيءَ جو اکٻُوٽ رانديون!
    لڀي پوءِ به سُهڻي وري پاڻ ڳوليون،
    وسريون سي ناهن، اڃا ياد آهن!
    جڏهن تو جُدائي جي اکٻُوٽ کيڏي،
    رُني دل هُئي ڪيڏي؟
    تون مونکان لِڪي وئينءَ،
    الائي ڪِٿ هلي وئينءَ، مان اڄ سُوڌو توکي،
    لهي نه سگهيو هان،
    ملي نه سگهيو هان!
    وڇوڙي ۾ سورج وهيءَ جو لهي ويو!
    هُو جوڀن جا ڏينهنڙا، اندر منجهه ڪاتيون،
    جوانيءَ جون ساريون رنگين راتيون،
    ڏنگينديون هليون ويون،
    ڪکينديون هليون ويون،
    اڃا ڀي چري دل ٻري ٿي،
    اُميدن چارا تَڪي ۽ ڳڻي ٿي،
    ملي من وڃين تون،
    لڀي من پوين تو،
    اڃا آسرو آ!
    اڃا جُستجو آ!


    تنهنجي نانءِ

    تنهنجي نانءِ
    منهنجي سانئڻ،
    چاهيان ٿو ته ساري حياتي،
    تنهنجي گهاٽن وارن جي،
    ڇانوءَ ۾ گهاريان!
    تنهنجي ٻانهن سيراند،ي ڪري،
    تنهنجي وَهيءَ جي،
    سُرهاڻ ڀريل گهنگهور گهٽائن،
    ساھ جي ٿڌڙين ٿڌڙين هِيرُن ۾،
    مان عمر سموري ننڊ ڪيان!
    لال گلابي لبڙن تي،
    ڏاڙهونءَ گل جي رنگت جهڙن،
    تنهنجن ڳاڙهن ڳلڙن تي،
    ڇاتيءَ جي اُڀارن تي،
    ساگر جهڙن اونهن گَهَرن،
    نيڻن تي،
    رنگين ۽ سُرها نظم لکان!
    پر اهڙو آڻيان ڏانءُ ڪٿان؟؟
    جو تنهنجي مٺڙي نانءِ ڪيان!
    جو ڪجهه آهيان،
    جو به لکيم سو تنهنجي نانءِ!!


    انڌ ڌُنڌ

    انڌ ڌُنڌ
    ڪنهن چيو،
    اُڀ کي هرگز نه ڪَڇِ،
    ۽ پهاڙن جون وڏيون چوٽيو ن نه تَڪ،
    رمندي بادل جي پُٺيان ايئن هرگز نه ڊُڪ،
    مون پڇيو، ڇاٿو چوين؟؟
    هُن چيو او چريا!!
    هنجهه ۽ شهباز کي سوچي سُڃاڻ،
    ڪُن توڙي ڪناري ۾ تون فرق ڄاڻ،
    نٽهڻُن کي ڇانورو،
    واقفيت کي دوستي،
    ڀلجي نه سمجهه!!
    مُون وراڻيو نه بَڪ!
    وقت آندي سَمڪ!
    جنهن چيم جو چيم،
    سو بلاشڪ سچ هو!!
    انڌ هو ڌنڌ هو!
    دل چريءَ پرکيو نه هو!!


    ياد جي خوشبُوءِ

    ياد جي خوشبُوءِ
    پنهنجائپ جي،
    خول ۾ پنهنجو پاڻ سميٽي،
    سنڌُوءَ ڪپ تي،
    مون سان مِلِي هُئينءَ،
    ياد اٿم سا شام سُهاڻي،
    توکي ڳراٽي پائي تَڪيُم،
    تنهنجو چنبيلي ول بدن،
    مهڪي پيو هو!
    تنهنجي چپن جي رنگ گُلابي،
    سنڌُوءَ جر ۾،
    لهر لهرتي رقص ڪيو هو!!
    نيڻ کنيَئي ته گُل ٽڙيا ها،
    تنهنجي تَنُ جو واس فضا ۾،
    وکري ويو هو!
    منهنجي من پاتال ۾ پيهي،
    منهنجو انگ انگ واسي ويو هو!!
    وقت پُڄاڻا،
    اڄ ڀي سانئڻ!!
    شام جو ٿڌڙي هِيرُ ڏکڻ جي،
    ياد جي خوشبُوءِ روز کڻي،
    مهڪِي مهڪِي،
    ايندي آ،
    منهنجو من واسيندي آ!
    کيپ سُرور جا آڇيندي آ!!


    متفرق شعر

    متفرق شعر

    نيڻ مُرڪي کڻندي جذبن کي ٻَڌي تو ڇير هُئي.
    بي خودي ۾ رقص جي پئي ڌڙڪنن کي هير هُئي.

    ماڪ جان لڙڪ تنهنجي ڳلن جي گُلن تي ٽِمِيا ياد ٿئي؟
    ڀؤنر منهنجي چَپن جا ڀِرِي چاھ مان پئي چُميا ياد ٿئي؟

    منهنجي نيڻن ۾ رهيو تنهنجو سدائين عڪس آ.
    ساز رڳ رڳ ۾ ڇِڙيل آ رُوح تائين رقص آ.

    جيون سندي نعمت ملي، محبت ملي، شهرت ملي،
    بس ڪِينَ تن جي لطف ماڻڻ جي، ڪڏهن فرصت ملي.

    اها دوستي دل مڃي به ڪِئين،
    جا مطلب جا هر هر چُمي پير ٿي.

    هُئا هِير هُڳساڻ جان واسطا.
    سي توقع جي آرِي ڪٽيا رابطا.

    اونداها رهي خود ڏئي جان ٻرياسين.
    چڱائي جا ڏنڊ ڏوھ دل تي ڀرياسين.

    سج ٿي يا ديپ ٿي يا چنڊ جي چانڊاڻ ٿي.
    ذهن جاڳن روشني جو منڊ ٿي مانڊاڻ ٿي.
    ***


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 538
    ڪتابن جو مشاهدو: 567570
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 216109
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ