ڪتاب جو نالو: اَهنجِي ڌرتي
مصنف: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر
ڪيٽيگري: تاريخ، فلسفو ۽ سياست
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 01 اپريل 2017 ع
پڙهيو ويو: 351 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 184 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”اَهِنجي ڌرتي“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ محقق ڊاڪٽر محبت ٻرڙي پاران انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل مضمونن جو مجموعو آهي. ”اهنجي ڌرتي“ جي نالي سان آڇِي ويندڙ، سياسي مضمونن جي هيءَ ننڍي سهيڙَ؛ پڙهڻ ۽ سمجھڻ جوڳي آهي هر ان ماڻهوءَ لاءِ، جيڪو ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ واسين جي اَهنجن، ايذائن، تڪليفن، ڏُکيائن، مسئلن ۽ مامرن کي ڪجهه قدر جاچڻ ۽ کوجڻ چاهي ٿو. ڌرتي؛ دنيا-گولو به آهي، مختلف کنڊَ به آهي، ننڍا وڏا ڏيهه به آهي، ته رياستون، صوبا ۽ علائقا به. ڪنهن به قوم يا ملڪ اڳيان، ايڪي جو ننڍو يا وڏو هئڻ ٻي ۽ هيٺين درجي جو بڻجي ٿو پوي، جيڪڏهن اها قوم يا ملڪُ پنهنجو انسان-دوست ڪردار صحيح طرح ادا ڪري ٿو. اهو ڪردار ئي ان قوم يا ملڪ ۽ ان جي ماڻهن جي پهريت سڃاڻپ آهي: چڱي هلت ساراهه لائق ۽ لڱي هلت نندڻ جوڳي آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • سنڌ سلامت پاران
  • ٻه اکر
  • ڀاڱو پهريون

  • روايت اڃا جيئي پئي
  • سوويت يونين کان پالهي ڌرتي
  • مهانگائي ـــ يلتسن لاءِ مسئلو
  • ڀاڱو ٻيو

  • ”مددگار“ جٿو ــــــ سي آءِ اي
  • جنسي حراسپ
  • ڀاڱو ٽيون

  • سنڌ ۾ پنجاب کي گم ڪرڻ
  • سنڌ ۾ چور - کڏا ۽ خطرا
  • سنڌ ۾ للڪار
  • اهنجي ڌرتي سُورِهَه ساري ٿي
  • رِڍن جي ماٺ
  • سنڌ جي صورتحال جا بنياد
  • اوپرا همبستر
  • پاڪستان ۾ نسلائپ جون پاڙون
  • ڪٽرپڻو ــــــ هڪ قوم خلاف
  • آخري پنو

  • حق ۽ واسطا

    ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي(رجسٽرڊ) قنبر جو ڪتاب نمبر (38)
    © ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي (رجسٽرڊ) قنبر 2014ع

    ]هِي ڪتاب ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي 17-هين
    ورسيءَ جي موقعي تي ڇپائي پڌرو ڪيو ويو.[

    ڪتاب: اهنجي ڌرتي
    سنڌيڪار: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
    سهيڙيندڙ: رياضت ٻرڙو
    پهريون ڇاپو: اپريل 2014ع
    ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر

    قيمت: 120 رپيا

    “Ahanji Dharti” (Translated Articles in Sindhi Language)
    By: Dr. Muhabbat Buriro
    Compiled by: Riazat Buriro
    1st Edition: April 2014 A.D
    Published by: Dr. Muhabbat Academy®, Kambar
    E-mail: dm.academy@yahoo.com
    riazatburiro@yahoo.com

    هـيءُ ڪـتـاب ڊاڪـٽـر مـحـبـت اڪيـڊمـي قنـبـر جي چـيئـرمئـن عبدالحميد ميمڻ
    ڪراچيءَ مان ڇپائي، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران پڌرو ڪيو.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”اَهِنجي ڌرتي“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ محقق ڊاڪٽر محبت ٻرڙي پاران انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل مضمونن جو مجموعو آهي.

    ”اهنجي ڌرتي“ جي نالي سان آڇِي ويندڙ، سياسي مضمونن جي هيءَ ننڍي سهيڙَ؛ پڙهڻ ۽ سمجھڻ جوڳي آهي هر ان ماڻهوءَ لاءِ، جيڪو ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ واسين جي اَهنجن، ايذائن، تڪليفن، ڏُکيائن، مسئلن ۽ مامرن کي ڪجهه قدر جاچڻ ۽ کوجڻ چاهي ٿو. ڌرتي؛ دنيا-گولو به آهي، مختلف کنڊَ به آهي، ننڍا وڏا ڏيهه به آهي، ته رياستون، صوبا ۽ علائقا به. ڪنهن به قوم يا ملڪ اڳيان، ايڪي جو ننڍو يا وڏو هئڻ ٻي ۽ هيٺين درجي جو بڻجي ٿو پوي، جيڪڏهن اها قوم يا ملڪُ پنهنجو انسان-دوست ڪردار صحيح طرح ادا ڪري ٿو. اهو ڪردار ئي ان قوم يا ملڪ ۽ ان جي ماڻهن جي پهريت سڃاڻپ آهي: چڱي هلت ساراهه لائق ۽ لڱي هلت نندڻ جوڳي آهي.

    هي ڪتاب 2014ع ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي سترين ورسيءَ جي موقعي تي ڊاڪٽر محبت اڪيڊميءَ پاران چپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري دوست رياضت ٻرڙي جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ٻه اکر

    ”اهنجي ڌرتي“ جي نالي سان آڇِي ويندڙ، سياسي مضمونن جي هيءَ ننڍي سهيڙَ؛ پڙهڻ ۽ سمجھڻ جوڳي آهي هر ان ماڻهوءَ لاءِ، جيڪو ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ واسين جي اَهنجن، ايذائن، تڪليفن، ڏُکيائن، مسئلن ۽ مامرن کي ڪجهه قدر جاچڻ ۽ کوجڻ چاهي ٿو. ڌرتي؛ دنيا-گولو به آهي، مختلف کنڊَ به آهي، ننڍا وڏا ڏيهه به آهي، ته رياستون، صوبا ۽ علائقا به. ڪنهن به قوم يا ملڪ اڳيان، ايڪي جو ننڍو يا وڏو هئڻ ٻي ۽ هيٺين درجي جو بڻجي ٿو پوي، جيڪڏهن اها قوم يا ملڪُ پنهنجو انسان-دوست ڪردار صحيح طرح ادا ڪري ٿو. اهو ڪردار ئي ان قوم يا ملڪ ۽ ان جي ماڻهن جي پهريت سڃاڻپ آهي: چڱي هلت ساراهه لائق ۽ لڱي هلت نندڻ جوڳي آهي.
    ڌرتيءَ جي ٻِن ملڪن سوويت يونين ۽ پاڪستان، ۽ پاڪستان ۾ خاص طور اسان جي سنڌ ڌرتيءَ جي اهنجن بابت سهيڙيل هنن چوڏهنِ مضمونن مان 13 مضمونَ، اسان جي سڄاڻ اديب ۽ محقق ڊاڪٽر محبت ٻرڙي پاران روزاني ”ڊان“ اخبار مان ترجمو ڪيل آهن ۽ هڪ (آخري) مضمونُ ڊاڪٽر محبت جو تخليقي-تنقيدي آهي ۽ ترجمو ڪيل هڪ مضمون جي ڇنڊڇاڻ آهي، ته جيئن پنهنجو نُڪتي نظر به پيش ٿِي سگهي.
    ڊاڪٽر محبت جي بنيادي سڃاڻپن ۾ هڪ اهم سڃاڻپ سياسي تنقيدنگار ليکڪ جي به هئي. هن نه صرف سنڌ جي سياست بابت تجزيائي ڪتاب ــــــ ”...جيڪو سچ چوي“، ”سنڌي عوام جو قومي اتحاد ۽ ڪي سازشي“، ”سنڌيو متحد ٿيو“، ”ڄاڻي سڃاڻي ويهان ڪيئن ماٺ ڪري“، ”سنڌي مار سورما“، وغيره ــــــ ۽ تمام گهڻا مضمون لکيا، پر سنڌ جي حوالي سان ”پاڪستاني“ پرنٽ ميڊيا ۾ ڇپيل انيڪ مضمون ترجمو به ڪيا، ان مقصد سان ته سنڌ-دوست يا سنڌ-دشمن نُڪتي نظر کي به ڄاڻي سگهجي، ۽ ڪجهه ٻين اهم ملڪي ۽ غيرملڪي معاملن جي به آگاهي وٺي سگهجي. گڏوگڏ ڪجهه ڪتاب ترجمو پڻ ڪيا. هُن اهڙو اظهار ترجمو ڪيل هڪ ڪتاب ”اٽڪ قلعي کان“ (1990) ۾ هنن لفظن ۾ ڪيو: ”عام طرح جيڪو به چڱو ڪتاب ڪنهن به ٻوليءَ ۾ پڙهندو آهيان، پڙهڻ کان پوءِ سوچيندو آهيان ته جيڪر اهو ڪتاب سنڌي ۾ به هجي ته جيئن گهڻي کان گھڻا سنڌي پڙهي سگھن. انهن ئي جذبن هيٺ ڪجھ ڪتاب، مضمون، پمفليٽ وغيره ترجمو ڪيا اٿم.“(ص-1)
    هن ڪتاب ۾ آندل 14 مضمونَ؛ ٽن ڀاڱن ۾ ورهايا ويا آهن: پهرين ڀاڱي ۾ ڪَٺي ڪيل ٽي مضمون سوويت يونين جي حوالي سان آهن، ٻي ڀاڱي ۾ ٻه مضمون پاڪستان جي مسئلن کي نِروارن ٿا، ۽ ٽئين ڀاڱي ۾ آندل نوَ مضمون سنڌ بابت آهن، جن مان اڪثر ۾ خاص طور 1992 واري فوجي آپريشن جو، مثبت يا منفي، ذڪر آهي. جڏهن ته ان ڀاڱي جو پهريون ۽ بيحد اهم ليک ”سنڌ ۾ پنجاب کي گُم ڪرڻ (بالادست سامراج جو هڪ صديءَ تي پکڙيل داستان)“ پاڪستان جي وڏي صوبي پنجابَ جِي، 1947ع ۾ ڪاميابي ماڻڻ تائين، ساندهه ڪئي ويندڙ سازش جي ڪٿا ٻڌائي ٿو. ان سازش جي ڪاميابيءَ، نيٺ، اسان کي ان ابتر حال تي پهچايو آهي جو سنڌ جي جاگرافيائي بيهڪ تي به وارَ ٿي رهيا آهن ۽ سنڌي ٻوليءَ کي استحصالي ٻوليءَ کان لاحق خطرا، خطري جي انتهائي حد ڏانهن وڌي رهيا آهن.
    هِن ڪتاب کان اڳ، 2006ع ۾، ڊاڪٽر محبت جي لکيل سنڌ بابت سياسي مضمونن جِي هڪ سهيڙ ”سنڌ: حڪمران، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي عوام“ جي نالي سان پيش ڪري چُڪا آهيون، جنهن ۾ ڊاڪٽر محبت جا لکيل 21 مضمون گڏ ڪيا ويا هئا.
    ڊاڪٽر محبت مسلسل لکندڙ ۽ نه ٿڪجندڙ ماڻهو هو. ان ڪري سندس تخليقي ۽ ترجمو ڪيل سياسي مضمونن جو چڱو تعداد مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ٽـڙيو پکڙيو پيو آهي. اسان جي ڪوشش آهي ته انهن سياسي مضمونن کي به سهيڙي ڇپيندا وڃون.

    مهرباني.
    رياضت ٻرڙو
    12 مارچ 2014، لاڙڪاڻو


    ڀاڱو پهريون

    روايت اڃا جيئي پئي

    روايت اڃا جيئي پئي

    ڪارل مارڪس مري ويو آهي. مارڪسمَت عملي طرح سڪرات جي سورن ۾ آهي، پر هن نظريي جو مَنڊ اڃا به ايڏو ئي جيئاڪ آهي، جيڏو هو. عمل ۾ مارڪسمت پنهنجن سپنن جي ساڀيان ڏسڻ ۾ ناڪام ٿيو آهي، پر نظريي ۾ ماڻهوءَ ذات جي سڀ کان وڌيڪ گنڀير تجربن منجهان هڪ ٿي رهندو.
    هن جو نراڙ وڏي گنجي قبي جيان آهي ۽ مٿو مائيدار، ڏاڙهي، جيڪا تپيل جبلن تان وهندڙ لاوا (ڳاڙَ) جيان، لهرون ٺاهيندي ۽ هيٺ مٿانهيون ڪندي ڳلن کان هيٺ لهي ٿي. ڪرڙيون اکيون ۽ انهن اکين ۾ شڪتيءَ وارو هيءُ هڪ مڪمل وس-رکندڙ منهن آهي جيڪو هن گهڙيءَ به دنيا کي گهڻي ئي مصيبت ڏيڻ گهري ٿو.
    ڪميونزم جو تجربو هر نموني ناڪام ثابت ٿيو آهي، تڏهن به ماڻهو اڃا سوڌو اڻکٽندڙ ڳڻپ ۾ کين مڻيا ڏيندڙ ــــــــ ڪارل مارڪس ـــــــ جي مزار آڏو اچي بيهن ٿا جيڪا اتر لنڊن ۾ هاءِ گيٽ قبرستان جي وڙ وڪڙ (منجهائيندڙ) ٿڌڪڙي باغ ۾ آهي.
    ڪي ماڻهو نبيرو (پرچاءُ) ڪرڻ ايندا آهن، ڪي تيرٿ واسي (زيارتي) هوندا آهن. گهڻا رڳو ان شوق ۾ ايندا آهن ته بت تراش لارينس براڊشا جو ٺاهيل ان ماڻهوءَ جو ٻنگاري مجسمو ڏسن، جنهن دنيا کي بدلائڻ جو وچن ڪيو هو ـــــــ ۽ بدلايائين به، جيتوڻيڪ بهتريءَ ۾ نه.
    مجسمي جو منهن ڌنڌ ۽ جهڪور جي ڪري ڪاراٽجي ويو آهي. اهو جوان جماڻ ايش وڻن جي (ٽارين ۽ پتن جي) جهالرن منجهان جهاتيون پائيندي نظر اچي ٿو. عشق پيچ جهڙا گلن ڀريا ٻوٽا سندس وڏي، پڪي مقبري (جنهن ۾ سندس زال جيني، سندس پٽن مان هڪ، هئري ۽ سندس خانداني ”گهر-سنڀاليندڙ“ هيلينا ڊيمٿ پڻ پوريل آهن) پٺيان ننڍڙين قبرن کي لڪائي ڇڏين ٿا.
    سماق پٿر مان ٺهيل سندس مقبري جي پٿريلي پاڙ وٽ ڇهه گلن جون ڪونڊيون کيس خراج عقيدت پيش پيون ڪن. جيڪي رواجي حساب سان ڪي قدر گهڻيون آهن. اها ڳالهه فرينڊس آف هاءِ گيٽ سيميٽري (هاءِ گيٽ قبرستان جا دوست) نالي رضاڪار تنظيم جي چيئرپرسن ”جيئن پئٽمئن“ چئي. رضاڪارن جي هيءَ تنظيم مري ويل نامور وڪٽورين سان ڀريل هن عجيب هنڌ جي سار لهندي آهي.
    ”سرڪاري وفدن ۽ رسمي پارٽين جي اچ وڃ گهٽجي وئي آهي.“ جين چوي ٿي، ”پر فرد جي صورت ۾ ايندڙ لنڊن ۾ رهندڙ ماڻهن جي عوامي دلچسپيءَ ۾ اسان ڪا به کوٽ محسوس نه ڪئي آهي.“
    هوءَ مختلف ٻولين ۾ لکيل لکيتن ۽ وڌل صحيحن سان ڀريل هڪ وزيٽرس بوڪ (ملاقاتين، ايندڙن، زيارتين جو ڪتاب) مهيا ڪندي آهي. چيني لکيتون ۽ صحيحون گهڻيون آهن. اهي اڃا سوڌو سرڪاري پارٽين ۾ ايندا آهن.
    ان ڪتاب تي هڪ صحيح يوسف دائود جي آهي جيڪو ڏکڻ آفريقي ڪيمونسٽ پارٽيءَ جو پايو وجهندڙ هو. هن جي وفاداري انتها درجي کي پهتل هئي. هو هاءِ گيٽ قبرستان ۾ پنهنجو هڪ زمين جو ٽڪرو ولارڻ (قبر ۾ پوڻ) لاءِ موٽي آيو. سندس قبر ان پيچري جي پاسي ۾ آهي جيڪو سمورن انقلابين جي تپڻي ۽ (ڪاوڙ ۾) ڳاڙهسري ديوتا جي سامهون آهي.
    ويساهه رکندڙ وفادار ماڻهو اڃا تائين ايندا رهن ٿا. سڄيءَ دنيا ۾ مارڪس جي خيالن کان جيڪو انڪار ٿيو آهي ته ان جي کين پرواهه ئي ناهي. اهي ان بابت ڇا پيا سوچن؟ اهي سوويت يونين، مارڪسي اصولن تي بيٺل پهرين عظيم ڏيهه ۾ ٿيل ٽوٽ ڦوٽ بابت ڇا پيا سوچن؟ ۽ ممڪن آهي ته اهو مارڪسي اصولن تي هلندڙ ڏيهَن لاءِ آخري به ثابت ٿئي.
    ”ان (ٽوٽ ڦوٽ) جو مون تي ڏاڍو اثر ٿيو،“ هڪ جاگرافيءَ جي ماهر مارڪسي، آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي ڀاتي، ڊيوڊ هاروي چيو. سياسي طور اها نجات ڏياريندڙ هئي، ان معنيٰ ۾ ته ان اسٽالني رويي جي ردي پاسن کي ختم ڪيو. ٻي پاسي اها ڏاڍي هڪ ناڪاري اثر وجهندڙ هئي ڇو ته سوويت يونين گهڻين قومپرستين ۾ ٽٽي رهيو آهي، جيڪو ڪجهه ٿئي پيو اهو ڏاڍو ڏک ڏيندڙ آهي.“
    هن وڌيڪ چيو، ”پر ذهانت جي حوالي سان ان (سوويت يونين جي سرحدن ۾ موجود هل بکيڙي) منهنجي نظرياتي سمجهه کي ڪو به ڌڪ نه رسايو آهي. ان ذري جيترو جهوٻو به پيدا نه ڪيو آهي.“
    هاروي کاٻي ڌر جِي سڄي دنيا ۾ اڳواڻي ڪندڙ هن فلاسافر (مارڪس) بابت ڪيترائي شرعي ڪتاب لکيا آهن. هو سينٽ پيٽرس ڪاليج ۾ جاگرافي (خاص ڪري شهري اوسر بابت) ۽ ان سان گڏ مارڪسمت، ٻئي آڪسفورڊ ۽ جاهنس هاپڪن يونيورسٽين ۾ سيکاريندو پڙهائيندو آهي.
    ”دنيا ۾ ٿيندڙ واقعن جي ڦيري نه ته هن جي شاگردي ۾ کوٽ آندي آهي ۽ نه ئي وري انهن جي اتساهه ۾.“ هو چوي ٿو.
    اهي ماضيءَ واري ساڳي رويي، ان کي پنهنجائڻ جي سڪ سان يا (ان کي رد ڪرڻ جي) وير سان نه ايندا آهن. ان (مارڪسمت) هڪ عظيم دئت، هڪ ڀوت جو درجو وڃائي ڇڏيو آهي. ماڻهو ان کي سرمائيداريءَ جي هڪ سٺي تنقيدنگار جي حيثيت سان ڏسڻ ايندا آهن.“
    ”هاڻي سوال هي آهي ته،“ هو چوي ٿو، ”سرمائيداريءَ جو متبادل ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. مارڪسمت هڪ انتهائي ڳوڙهو ۽ شاهوڪار سرشتو آهي ۽ اهو اسان کي سمجهائي سگهي ٿو ته اڳيان آئيندي ۾ ڇا آهي.“
    چيٽر ”مارننگ اسٽار“ هڪ کاٻيءَ ڌر جي اخبار، جيڪا اڳوڻيءَ ڊيلي ورڪس جهڙي آهي، جو ايڊيٽر آهي. ان اخبار جون لنڊن ۾ ڏهاڙي 9-هزار ڪاپيون کپنديون آهن.
    مارڪس، هو پڪ رکي ٿو ته، هڪ وهم (Ideologue) نه هو جنهن جا خيال موضوع هيٺ واقعن جي سوالن سان ختم ڪري سگهجن. ”مارڪس هڪ سائنسدان هو.“ هن چيو. هن (مارڪس) سماج اندر جيڪو ڪجهه ٿيو پئي ان جي ڇنڊڇاڻ (تپاس) ڪئي. هن سچايون گڏ ڪيون. هن انهن مان نتيجا ڪڍيا. ”گڏيل نموني مارڪس جيڪو ڪجهه چيو اهو جيڪو ڪجهه ٿيو هو ان منجهان ڄاول هو.“ هن طبقاتي جدوجهد جي وجود کي سڃاتو، چيٽر چيو. ”هن بيان ڪيو ته ڪيئن سرمائيداري ڪم ڪري ٿي، سرمائي جو هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ ۽ رچجڻ.“
    چيٽر ڀروسو رکي ٿو ته طبقاتي جدوجهد اڄ سوڌو برطانيا ۾ (به) هلي رهي آهي، جيتوڻيڪ ان جو ڇوهه گهٽ آهي. اها پنهنجو پاڻ کي مختلف شين، جيئن (Poll- Tas) خلاف پورهيت طبقي جي رنڊڪ ۾ پاڻ کي ظاهر ڪري ٿي، هن چيو:
    هُو به هاروي جيان پڪ ٿو رکي ته سوويت يونين ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو سڀ جو سڀ مارڪس وادين وٽ خراب ڪونهي.
    ”سوويت يونين سان لاڳاپيل انڌي عقيدي پرستي موڪلائي وئي آهي ۽ انڌي عقيدي پرستي سائنس جي ويري آهي،“ هن چيو، ”اسين سمجهون ٿا ته اتي جيڪو ڪجهه ٿيو اهو انهيءَ ڪري ٿيو جو سوشلسٽ آدرش بگاڙيو ويو هو.“
    سنڌيڪار پاران: ”مارڪس دنيا کي مصيبت ۾ ڦاسائڻ گهريو، ڪميونزم جو تجربو ناڪام ٿيو آهي، مارڪس دنيا کي بدلائڻ گهريو پئي پر انسان ذات جي بهتريءَ ۾ نه، وغيره“ جهڙن ليکڪ جي خيالن سان مون کي ڪو به اتفاق راءِ ڪونهي، بلڪ ان جي ابتڙ خيال رکان ٿو. هو سرمائيدار دنيا سان واسطو رکي ٿو ۽ آءٌ مظلوم سنڌي قوم جي پورهيت گهراڻي سان ـــــــ ظاهر آهي ته ابتڙون ٿينديون. ليکڪ جي خيالن کان سواءِ هن مضمون ۾ هاروي ۽ چيٽر جا خيال به آهن ته مارڪس جي آخري آرام گاهه جو ڪجهه تفصيل به، ۽ اهي ئي سنڌي پڙهندڙن تائين پهچائڻ جي نيت رکي، ترجمو ڪيو اٿم. ترجمي جو فرض پنهنجيءَ ڄاڻ آهر ايمانداريءَ سان نڀايو اٿم. سڌ رکان ٿو ته ڪاش اسان جو هر سنڌي ماڻهو ۽ خاص ڪري سياسي ڪارڪن نه رڳو ڪارل مارڪس، فريڊڪ اينجلس، ولاديمير لينن، مائوزي تنگ، هوچي منهه، ڪم ال سنگ، فيڊل ڪاسترو ۽ اهڙن ٻين مسئلن تي سوچي، سنڌ جي سياسي، سماجي، اقتصادي، اخلاقي ۽ ٻين سڀني شعبن کي پرکي پر اهي ٻڌائي ۽ لکي به. اختلاف رکندڙن کي ضرور پڙهڻ گهرجي جو ڪنهن ڏاهي جي چوڻ موجب کيس جاهلن ئي ڏاهپ سيکاري. جهالت ڏاهپ جو اختلاف آهي. هن وقت ڏاهپ کي ڏک ملن ٿا ۽ ڏنگيو وڃي ٿو پر اهو وقت پري ناهي جڏهن ڏاهپ سک ڏسندي ۽ مانُ ماڻيندي، جنهن لاءِ لطيف سائين دعائون گهريون آهن. آخر ۾ ڪجهه سوال، جيڪي هن مضمون جي روشنيءَ ۾ اڀرن ٿا، پڙهندڙن آڏو رکڻ گهران ٿو، ته ڇا واقعي:
    - مارڪس دنيا کي مصيبت ۾ ڦاسائڻ گهريو پئي؟
    - ڪميونزم جو تجربو ناڪام ثابت ٿيو آهي (پئرس ڪَميون جي ناڪاميءَ کان پوءِ به ائين چيو ۽ هُلايو ويو هو)؟
    - مارڪس دنيا کي بدلائڻ گهريو پئي پر انسان ذات جي بهتريءَ ۾ نه!؟

    (ڇپيل: روزاني ”جاڳو“ ڪراچي، 30 مارچ 1992ع)


    سوويت يونين کان پالهي ڌرتي

    سوويت يونين کان پالهي ڌرتي
    ليکڪ: مشتاق احمد

    جڏهن روم ناس ٿيندو ته ڌرتي به تباهه ٿي ويندي، رومين پنهنجيءَ سلطنت، جنهن دنيا کي پنهنجي سدائين ويڪري ٿيندڙ ڀاڪر ۾ ڀري پئي ورتو، جِي اجيتيءَ بابت ائين پئي محسوس ڪيو. روسين يا ٺيڪ ٺيڪ چئجي ته سوويتن اها اميد پئي رکي ته دنيا کي پنهنجي وڌندڙ ڀاڪر ۾ ڀري وٺندا، اهو سوچڻ کان سواءِ ئي ته روس پنهنجي سر پاڻ ئي پنهنجي نظرياتي ويرين جي جلهه آڏو جُهڪي (جُهري) پوندو. بهرحال، سوويت يونين وڏو ۽ سگهارو ٿيندو پئي ويو، ايڏو ٻلوانُ جو پنهنجي ڌرتيءَ تي ڪاهي آيل نازي بدمعاشن کي تڙي ڦٽو ڪري ۽ پنهنجو پاڻ کي بچائيندي، حقيقت ۾ دنيا کي بچائي وٺي.
    واٽر لو مان ڀاڄ کان پوءِ ويلنگٽن جي سوڀ نپولن بونا پارٽ ڪو نه مڃي هئي پر اهو چوندي ته پنهنجيءَ هار جو ڪارڻ هو پاڻ ئي هو، هن پنهنجي جنگي هنرمنديءَ سان گڏ پنهنجي جنرلن جي زِٽن (ڌُڪن) جي ناڪاميءَ کي به باسي ڇڏيو هو. واشنگٽن-لنڊن-پئرس بان محور (مرڪز) ڪريملن ۾ ٻل-اڏاوت جي ڊاٿ کي ڪو نه وڌايو هو. پنهنجي اندر مان اڀرندي، اهو هڪ نموني پنهنجو پاڻ کي رضاڪارانه طور ڊاهڻ هو ـــــــ هڪ اهڙو يڪراءِ ٺهراءُ جيڪو سوشلسٽ جمهوريائن جي يونين جي عيوضي چونڊيندڙن مٿان ٻاهرين دٻاءَ بدران پنهنجي اندرين زور جي ڪري ڌار ڪندڙ راهن کي گڏ رکڻ جي نيت سبب وجود ۾ آيو هو ۽ اهڙيءَ طرح انهن کي ڇڪي ڇني ڌار ڪري هڪ پاڻ تي ڀاڙيندڙ ۽ پنهنجو اقتدار اعليٰ رکندڙ رياست ٺاهي ڇڏي.
    سوشلزم جي قلعي، جنهن جون ڀتيون ڌرتيءَ جي انتهائي گهراين ۾ پيهي ويل آهن، کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي ذميوار قوتن کي چڱيءَ طرح سڃاڻڻ ۾ گهڻو ئي وقت لڳي ويندو. سوويت يونين کان ٻاهر ويٺلن مان ڪو به اهو ڪاٿو ڪري نه پئي سگهيو جيڪو ڪجهه اندر ٿي چڪو آهي. رڳو اندر ويٺلن کي ئي ٿيندڙ واقعن جي رازن جي پروڙ هئي. اهي راز جيڪي اولهه جا انتهائي منظم ۽ پيهي ويندڙ کوجي ادارا پنهنجن انتهائي پکڙيل اورکن (جاسوس) تاندورن ۽ ڇنڊڇاڻ ڪندڙ ڀڙ عالمانه ذهانت هوندي به پرکڻ ۽ پروڙڻ لائق نه هئا.
    1917ع ۾ پنهنجي جنم ڏينهن کان وٺي سوويت يونين ڳُوڙهي اڀياس ۽ وڌيل اورکائپ جو موضوع ٿي رهيو آهي. ان واقعي (انقلاب) سرمائيدار دنيا کي سندس انتهائي پاڙن تائين ڌوڏي رکيو هو ۽ اهي (سرمائيدار رياستون) لاڳيتو ان ڊپ ۾ ورتل هيون ته اڳي پوءِ ان جي گهيري ۾ اچي وينديون. بالشويڪ انقلاب مغربي سامراج لاءِ ان جي بيٺڪي راڄن ۾ سڀ کان وڌيڪ اثرائتي ڌمڪي پيدا ڪري رکي هئي. اهي پوئتي پيل راڄ سندس اثر ۽ سگهه جي زورائتي ايراضي هئا جن جو بچاءُ اولهه (مغرب) جي جيئاپي لاءِ انتهائي اهم هو. انهن جي آزاديءَ ۾ اولهه کي پنهنجي تباهيءَ ۽ زوال جي شروعات نظر پئي آئي.
    مغربي ۽ ٻين سامراجي قوتن پاران نازين خلاف جنگ ان لاءِ ڪو نه وڙهي وئي هئي ته دنيا کي جمهوريت لاءِ محفوظ رکيو وڃي، جنهن (جمهوريت) کان سلطنت جا لکين ڦريل ماڻهو ۽ ڏيهه پري رکيا ويا هئا. اهو ڪنهن به ضروري ۽ ڦورو لاچار (جيڪو منجهس سمايل هو) کان سواءِ نه هو، جو هن هيبتناڪ ڇڪتاڻ جي وچ ڌاري چرچل ڏاڍو زور ڏئي ۽ فخر سان اعلان ڪيو هو ته هو هِز مئجيسٽي جو ڪو پهريون وزير ڪو نه هو جنهن برطانوي سلطنت جي ٽوٽ ڦوٽ جي صدارت ڪئي هجي. هن جي تقرير، جڏهن جنگ پوري ٿي، ان اعلان جي اعليٰ پڄاڻي هئي. هن جي سمجهه موجب لوهي پردي جي هن پار کان سوويت يونين کي چتاءُ ڏيڻ گهرجي ته پنهنجا هٿ (گهٽ ۾ گهٽ اهي پنهنجا ڳجها رستا جيڪي هن سلطنت تائين پهتا ٿي) اولهه جي سلطنتن کان پري رکي.
    سوويت يونين جي اٽل نظرياتي اپيل ۽ تاريخي رنڊڪ فاشي چاڙهه جي چڙهندڙ وير کي پوئتي موٽائي ٺيڪ ان برلن تائين پهچايو جتان اها چڙهي (اٿلي) هئي ۽ سڄي يورپ کي ٻوڙي ڇڏيو هئائين. پنهنجي تباهه ڪُن هار کان پوءِ چرچل ۽ سندس ڪنزرويٽوِ (قدامت پسند/پراڻيار) پڙهيا ڪڙهيا سکر ماڻهو پنهنجن چونڊيندڙن (ووٽرن) جي گهڻي ئي لعنت ملامت جو شڪار ٿيا هئا. روسين هن کي اهڙيءَ هڪ سراهه جو مزو مهيا ڪيو هو جيڪو هن ڪڏهن به نه چکيو هو.
    هڪ مٿير ماڻهوءَ هڪ وڏي (شاندار) دَور کي اها راهه ڏيکاري هئي. اهو ڪميونسٽ دَور هو جنهن جي نکار (اڀرڻ) کان هن (چرچل) ۽ (سندس) سلطنت اڏيندڙن کي ڏاڍو ڊپ هو.
    سڀني قوتن ۾، جنگ جي پڄاڻيءَ جنهن نئين دَور جو اعلان ڪري ڇڏيو هو، سوويت تصور بنا ڪنهن سوال (اعتراض) جي هڪ سڀ کان وڌيڪ سگهارو هو، جنهن اپکنڊ ۾ برطانوي انڊين سلطنت (جنهن جو اسين اڻٽٽ حصو هئاسون) سميت سڀني سلطنتن جي موت (پڄاڻيءَ) ۾ تيزي آندي. انگريز ڪڏهن به انهن حدن تائين ايڏي تيزيءَ سان هٿ کڻڻ يا قبضو ڇڏڻ لاءِ تيار نه هجن ها جن کي اڄ ڪلهه پاڪستان ۽ ڀارت سڏجي ٿو. هڪ ساندهه وڌندڙ ۽ جهوريندڙ ڀؤ هو ته علائقي ڇڏڻ ۾ جيتري دير اوتري ئي ڪميونسٽ سوچ وڌڻ جا موقعا.
    انهن کي جيڪڏهن ڀڄڻو ئي هو، انهن سوچيو، وڌيڪ بهتر اهو هو ته حڪومتون اهڙي اڳواڻيءَ (اڳواڻن) جي هٿن ۾ ڏنيون وڃن جن کي اڃا به عوام تي قبضو هو ۽ جن سان سڪارتا لاڳاپا رکي سگهجن پيا ۽ اهڙا ٺاهه ۽ اتحاد ڪري سگهجن پيا ته جيئن ”سوشلسٽ بگهڙ“ کي پاڻ کان پري رکي سگهجي. پوءِ وارن سالن ۾ بين الاقوامي سياست جي واڌ (تعليم) ان دليل جي اهميت کي گهڻو وڌايو آهي. چين ۾ گهرو ويڙهه جي ڪرڙائيءَ پڪي طرح مڃرايو ته ڪميونسٽ روس سان اتحاد اولهه ۾ سهنج سهولت پيدا ڪرڻ واري هنرمندي هئي ۽ اوڀر ۾ چيني ڪميونسٽن خلاف يانگ ڪائي-شيڪ سان (ڏوهه ۾) شراڪت هڪ اعتقاد (ڏوهي ٺهرائڻ) جو معاملو.
    ڌرتيءَ جي سڀ کان وڌيڪ آباديءَ واري ڏيهه (چين) ۾ جيڪڏهن نظريي سوڀ ماڻي ورتي، ته پوءِ ان جا اثر تنهن گهڙيءَ بيٺڪي ٻانهپ ۾ ٻڌل ڏيهَن ڏانهن به وڌڻ گهرجن (تنهنڪري) ڦرلٽ جي جهان مان هٿ وقتائتو ڪڍي وڃڻ سياسي ڏاهپ ۽ معاشي (ڌَنيري) لاڀ وارو عمل هو، وڌيڪ دير هڪ مهانگو ۽ اجايو (نسڦل) جوکو کڻڻ هجي ها.
    سوويت يونين جي موجودگي ان صورتحال ۾ جيتوڻيڪ فيصلي ڪُن عنصر نه هو پر جنگ کان پوءِ واري دنيا، جنهن ۾ اڻ-ڀاڙڻ (انڊپينڊنس) وارين تحريڪن سگهه ماڻي ورتي هئي، تي پڪ سان وڏو واهرو-عنصر ثابت ٿي سگهي پئي. اسين تڪرار کي خيالي تاريخ ۾ سکڻي عياشي چئي رد ڪري نه ٿا سگهون ته ڪميونزم جي بين الاقوامي افق تي چمڪندڙ اولڙي کان سواءِ بيٺڪي سلطنتن ۾ آزاديءَ جون هلچلون ايڏي تپرس ڏيندڙ تيزيءَ سان سوڀ ماڻي سگهن ها. هڪ ڪميونسٽ روس، ان ڪري ترقيءَ لاءِ اتساهيندڙ سگهه سان گڏ عالمي سياست ۾ مضبوطي (پائداري) ڏيندڙ عنصر پڻ هو.
    هر هڪ سولائيءَ سان سوچي سگهي ٿو ته لينن گراڊ کان ولاديواسٽوڪ تائين سوويت يونين جون ڪشاديون سرحدون جوڙيندڙ پندرهن عوامي جمهوريائن تي اختيار هلائيندڙ سوويت ڪميسارن جي ڀيٽ ۾ ڇا دنيا جي حالت ساڳيءَ طرح هجي ها، جيئن سامراجي (روسي شهنشاهن) جي ڏينهن ۾ جيڪي پيٽرسبرگ کان وٺي اولهه ۾ بالٽوڪ سمنڊ تائين پکڙيل سلطنت تي حڪمراني هلائي رهيا هئا؟ اها سلطنتن جي هڪ دنيا هجي ها جيڪي ٻيو ڪو چارو نه ڏسي امن ڀرين ۽ شڪي بقاء-باهمي (سهه-وجودي، ڪو-ايگزسٽينس) جي مونجهارن هيٺ رهنديون هجن ها. جيئن هن وقت تائين آهي تيئن سياسي ڳري-ڇڪ (گريويٽيشن) جو ڳڙهه هجي ها، پر ان وٽ اهو ڳري-ڇڪ جو زور نه هجي ها جيڪو وٽس هو. اسين ڪميونسٽ فلسفي کي مڃون يا نه، پر ڪميونسٽ روس کان اهو اعزاز (اها پت/معتبري) کسي نه ٿا سگهون جيڪو جنگ کان پوءِ واري دنيا ۽ ان جو نئون نقشو جوڙڻ جي سلسلي ۾ مختلف خدمتون ڏئي هن ماڻيون آهي.
    سوويت يونين ڪو زاراڻي ليسي آٿن(Czarist Leciaathan) جو ٻيو جنم نه هو جيڪو پنهنجي جوڙيندڙ (خالق) جو پنهنجي ئي ڀنجو ۾ ماري پوريل هجي ۽ جنهن کي ٻيهر جيئاري نه سگهجي. پراڻي جي کنڊرن تي نسريل جيڪو نئون روس ٺهيو ان وٽ هڪ نڪور خاڪو (تصور) هو جنهن سرحدن کان پراهن يا ويجهن ڏيهَن جي ڏتڙيل طبقن کي سگهه ۽ اميد ڏني. سندس ڦرلٽ کان پاڪ معيشت ۾ اولهه ۽ ان جي ايشيا، آفريڪا، لاطيني آمريڪا وارين (بيٺڪي) رياستن جي ڦرلٽ واري سرشتي ۾ ڪا به (انتهائي ڏورانهين پڻ) هڪ جهڙائي نه هئي.
    غير روسي عوامي جمهوريائون، قوت جي جوڙجڪ ۾ انهن جو ڪيترو به حصو هجي، جيڪي ڪن ڏينهن ۾ روسي سلطنت (سامراج) جو حصو (ڳنڍ، چَتي) هيون، هاڻي جيڪڏهن واڌاري ۽ ترقيءَ ۾ برابر ڀائيوار نه به هيون، ته به حصو وٺندڙ (شريڪ) ضرور هيون. اهي برطانيا، فرانس ۽ آمريڪا جي بيٺڪن جيان پوئتي پيل ۽ گهٽ اسريل پر پنهنجن وڏن مشيني ۽ بجليائي ڳتاڻن (ڪامپليڪس، ڳتاڻو) جن سندن ڌنيري (معاشي) حالتن کي سگهارو ۽ جٽادار پئي بنايو، صنعتي طرح وڌيل ۽ ترقي ڪيل هيون ـــــــ آزاديءَ جي نعمت سان مالا مال. اسان جيتوڻيڪ 1947ع ۾ ٻڙيءَ کان پنهنجو اقتصادي سفر شروع ڪيو پر مرڪزي ايشيائي جمهوريائون نيوڪليئر سگهه سميت هلڪي توڙي ڳري صنعت ۾ اسان کان گهڻو اڳتي آهن ۽ دنيا جو هڪ اهڙو سڌريل سماجڪ (سوشل) حصو جنهن عام ماڻهن لاءِ سنساري پَڙهپ (يونيورسل لٽريسي) صحت جون سهولتون ۽ روزگار جا وسيلا مهيا ڪري رکيا آهن. هڪ غير طبقاتي راڄ (سماج) ۾ (مخصوص) طبقن هٿان عوام جي ڦرلٽ جو ڪو به اهڃاڻ ڪونهي ۽ نه ئي وري هڪ علائقي پاران ٻئي علائقي جي ڦرلٽ جو. جڏهن ڦرلٽ نه ٿا ڳولي سگهن تڏهن مغربي عالم روس تي ثقافتي سامراج جي تهمت هڻن ٿا. ان عوامي جمهوريا تي جيڪا هاڻي جمهوري سڌاري جي انتهائي مٿين سري طور ساراهي پئي وڃي، اهو وساريندي ته اولهه جون آزاد ڪيل بيٺڪون ٻوليءَ ۽ ٻين نمونن سان اڃا سوڌو سندن ثقافتي برتريءَ جي غلبي هيٺ آهن ۽ اها مٿانئن مڙهيل سياسي ۽ معاشي سامراج جو اڻٽر انگوريل ٻج آهي.
    سوويت يونين جي موت تي دنيا کي هڪ اڻتڻ (ڳڻتي) ۽ جهوٻي (صدمي، شاڪ) جي حالت ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي، جنهن مان نڪرڻ ۾ کين خاشو وقت لڳي ويندو. ان (سوويت يونين) جي گمشدگيءَ سان گڏ عالمي سياست مان هڪ مقابلو ڪندڙ قوت پڻ، بي پهچ (نٻل) قومن کي هڪ طرفي (يونيپورل) دنيا ۾ پاڻ کي بچائڻ جو جتن ڪرڻ لاءِ اڪيلو ڇڏي، گم ٿي وئي آهي. جيتوڻيڪ گڏيل قومن جي چارٽ ۾ سڀ لاءِ سلامتيءَ (تحفظ) جو نظام موجود هوندي به ڪڏهن حقيقت نه بڻيو آهي، ٻئي مٿير قوتون (سپر پاورس) هڪ ٻي تي نظرداري (چڪاس /رنڊڪ) جو ڪم ڪندي ننڍين رياستن کان پنهنجين پاليسين کي سهارو ڏيارڻ لاءِ ڪلها هڻي رهيون هيون. پڙ ۾ هاڻي رڳو هڪ مٿير قوت موجود هئڻ سبب ان جي ڳالهين (حڪمن) جي مڃتا (تابعداري ) لازمي ٿي پوندي يا جهيڙن جي حل لاءِ اميد جي جاءِ ورلڊ آرگنائيزيشن (دنيا جي تنظيم ”قومن جي ايڪي واري تنظيم“؟) جيڪڏهن پوري طرح ختم نه به ٿئي ته به اها ڪمزرو ٿي پوندي. عراق جي تباهي وچ-ايشيا ۽ ٻين هنڌن جي رياستن لاءِ چٽي نشان طور اسان جي سامهون آهي. پٺئين پاسي ويهي ڏسڻ سان اهو چٽيءَ طرح ڪٿي سگهجي ٿو ته سوويت يونين اڳ ئي هڪ گهوٽالي جي چنبي ۾ هو جنهن يونائيٽيڊ اسٽيٽس (گڏيل آميريڪي رياستن ـــــ يو ايس اي، گ-ا-ر) کي وچ-ايشيا ۾ ڇُوٽ (کليل آزادي) ڏئي ڇڏي ۽ پڻ اهو به ته يُو-اين (يونائيٽيٽڊ نيشنس، ايڪي ۾ آيل قومن جي تنظيم) کي پنهنجن چڙهتو ارادن لاءِ هڪ هٿيار طور ڪم آڻي سگهي.
    (ڇپيل: روزاني ”جاڳو“ ڪراچي، 01 مارچ 1992ع)


    مهانگائي ـــ يلتسن لاءِ مسئلو

    مهانگائي ـــ يلتسن لاءِ مسئلو

    ليکڪ: چارلس قئسٽ اداد


    يلتسن انتظاميا پاران نئين سال جي ابتدا ۾ شين جي مُلهه کي جائيتو رکڻ وارو قبضو هٽائڻ جي ڪري هڪ وڳوڙي لقاءِ پيدا ٿي ويو. اگهن ۾ واڌ جي ٽين ڏينهن تي ئي سينٽ پيٽرسبرگ جي گهٽين ۾ رولو ڪتن ۽ ٻلين جي ڳڻپ تيزيءَ سان وڌي وئي. مهانگائيءَ سبب تنگي ۾ ورتل ٻلونگڙا-پاليندڙ، جيڪي مهانگي جانوراڻي کاڌي جي خريداريءَ جو بار سهي نه پيا سگهن، گذريل سال جي اپريل ۾ ئي پنهنجا ٻلونگڙا تڏهن اڇلائي ڦٽو ڪرڻ شروع ڪيا، جڏهن پريميئر والينٽن پاولوف پاران بنيادي گهرجون پوريون ڪندڙ شين جي اگهن ۾ 200، 300 سيڪڙو واڌ ڪئي ٿي وئي.
    پنهنجن مالڪن پاران اپريل ۾ ڇڏي ڏنل ٻلونگڙا هن ڀيري به ڀاڳڀريا نه ٿي سگهيا آهن، ڪيترائي گهٽين ۾ ڀٽڪي رهيا آهن. سندن مالڪن محسوس ڪري ورتو ته سڏيو ويندڙ پاولوفائي روڳ ـــــــ هڪ اهڙي صورتحال جنهن جي پيدا ڪرڻ لاءِ حڪومت مُلهن ۾ واڌ آڻي ٿي ته جيئن دڪان سامان سان سٿجي وڃن پر اهي اڳ جيئن خالي رهن ٿا ـــــــ پاڻ کي ورجائڻ وارو آهي.
    نون اگهن جي اعلان کان ٽي ڏينهن پوءِ خريداري ڪئي ۽ ڏٺو ته گهٽيون جيتوڻيڪ رولو ڪتن ۽ ٻلين سان ڀريل هيون ۽ ڪيترن ئي قسمن جا پرڏيهه کان گهرايل بيئر (جون جو شراب) ۽ شيمپو (وارن جو گهوٽو) وڪامجي رهيا هئا پر کاڌو ڪو نه هو.
    مون ڏٺو ته دڪان بنيادي گهرج جي شين جيئن آنن، گوشت، سڻڀن، پروٽين (گوشتاڻا، گوشت ٺاهڻ جا بنيادي ڪيميائي مرڪب) قورمن ۽ صوفن کان وانجها هئا جڏهن ته ڪجهه وڙ جيئن ڀاڄين جو تيل، ملائي ۽ روٽي آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ اگهن تي وڪامجڻ لاءِ تيار رکيا هئا. مثال طور 2 جنوري 1992ع تي ڀاڄيون 24 روبل في ڪلو، ملائي 40-50 روبل في ڪلو ۽ نارنگيون 19-20 روبل في ڪلو وڪامي رهيون هيون.
    65-سيڪڙو کان به وڌيڪ روسي ــــــ جن جي ماهوار پگهار 35 روبل ٿئي ٿي، پوري طرح جيئي به نه ٿا سگهن. گهڻن پينشنرن ۽ بيروزگار ماڻهن لاءِ نون اگهن جو مطلب اهوئي هوندو جنهن کي روسي ماڻهو سڄو ڏينهن ”روٽي ۽ کير تي ويهڻ“ چوندا آهن.
    بس ڊرائيور يوري ڪافتونوف، 37 ورهيه، چوي ٿو، ”اسان (مان ۽ منهنجي زال) جي ڏهاڙي مزدوري اگهن ۾ واڌ کان ٿورو اڳ ٻيڻي ڪئي وئي هئي. هاڻي اسين مهيني ۾ 12 سؤ روبل ڪمائيندا آهيون، پر نوان اگهه مزدوريءَ ۾ واڌ جو احساس نه ٿا رکن. ڪڪڙ جي چوڳيءَ جيترو اهو کاڌو گهر جو پيٽ ڀري به سگهي، ته به مان پنهنجي ٻار جيترو ۽ پنهنجي زال کي ڪپڙا ڪٿان آڻي اوڍايان؟“
    پينشر پاڻ ساڳي ئي سختيءَ سان سٽيل آهن. آئگر ڪرليو، 67 ورهيه، ماهوار پينشن 4 سؤ روبل، پُر اميد ذهن رکندڙ بهترين ماڻهو چوي ٿو، ”مان ٿورَ خرچو ماڻهو آهيان. مون سمجهيو پئي ته پنهنجي پينشن تي گذارو ڪري سگهندس. محشر جي ڏينهن بابت ٿيندڙ اڳ ڪٿين کان مان بيزار آهيان. اسان گذريل وقت ۾ رڳو اڻڀيءَ روٽيءَ تي گذارو نه ڪيو آهي ۽ هاڻي به اسين، ڪنهن به حالت ۾ رڳو روٽيءَ تي گذارو نه ڪري سگهنداسين.“
    انيسا اوانوونا، جيڪا اڳي وڪامجندڙ شين ۾ واهر ڪرائڻ جو ڪم ڪندي هئي، جمهوريت پسندن (ڊيموڪريٽس) سان سخت ڪاوڙيل آهي. اهي (ڊيموڪريٽس) سُڃار کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهن. انهن سراڄارن ۽ سُراڄار سرشتي کي تباهه ڪيو ۽ هاڻي انهن پنهنجو اهو تباهه ڪندڙ ڌيان عوام ڏي ڦيرايو آهي. (هڪ فلسفيانه نظريو جنهن موجب سمجيو وڃي ٿو ته ڪنهن به شيءِ کي حقيقي وجود ڪونهي، رڳو سُڃ ئي سُڃ آهي. ان فلسفي کي ’سُڃ مَت‘ (يا نهلزم) سڏجي ٿو ۽ اهو مڃيندڙن کي ’سُڃارُ‘ يعني سُڃَمت واري فلسفي جو پوئلڳ سڏجي ٿو، جنهن ۾ هر شيءِ، ڳالهه، عمل کي شڪ جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ ان بابت شڪ رکيو وڃي ٿو. ’سُراڄمت‘ يعني سٺو راڄ جوڙڻ بابت فلسفانه نظريو، جنهن کي عام طرح ڪميونزم سڏيو وڃي ٿو، جيڪو هن نظريي کي مڃي ان کي ’سراڄار‘ سڏجي ٿو.)
    اوانوونا رڳو 50 ورهين جي آهي. هوءَ پڪ رکي ٿي ته تاريخ ”ڪوڙن جمهوريت پسندن جي هن ٽولي بابت سڀ کان وڌيڪ سخت فيصلو“ ڏيندي.
    جيڪڏهن اوانوونا جي ڪاوڙ کي عوامي سطح تي ظاهر ڪجي ته سندس ڏهاڪين لکن رِيسواسي متان ٺڳ ثابت ٿين.
    (دنيا جي ڪيترن ئي ڏيهَن ۾ اخبارون، رسالا، ريڊيا ۽ ٽيوِيون هلائيندڙ ادارا ڪيترن ئي واسطيدار ماڻهن وٽ يا خطن وسيلي مختلف مسئلن تي عوام جي راءِ وٺندا آهن جنهن جي بنياد تي ڪيترائي نتيجا ڪڍندا آهن. انهن کي ”راءِ چونڊون“ سڏجي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن حڪومت پاران به راءِ چونڊون ڪرايون وينديون آهن.)
    راءِ چونڊون ۾، جيڪي نيوسڪو ورميا ڇپي پڌرا ڪيا، ڄاڻ ملي ٿي ته ماڻهو هڪ وڏيءَ ڳڻپ ۾ جمهوريت پسندن کان چڙندا پيا وڃن.
    رڳو 4-سيڪڙو ماڻهن چيو آهي ته اهي جمهوريت پسند حڪمرانيءَ مان مطمئن آهن. يلتسن ۽ بجليءَ جي جهٽڪي سان علاج ڪندڙ سندس ٽيم لاءِ وڌيڪ ڳڻتي پيدا ڪندڙ ڳالهه شايد اها آهي ته روسين مان رڳو 32-سيڪڙو ماڻهو اهڙا آهن جيڪي قيمتن ۾ ڇڙواڳي پسند ڪن ٿا.
    لڳ ڀڳ 78-سيڪڙو ماڻهو اگهن ۾ واڌ جي ڪري حياتي گذارڻ جي حالتن ۾ سوڙهه پيدا ٿي پوڻ جي ڳالهه ڪن ٿا ۽ 50-سيڪڙو ماڻهو چون ٿا ته انهن اڻ رچيل آگسٽ بغاوت جي حمايت پئي ڪئي.
    ٻي راءِ ـــــ چونڊن ۾ ظاهر ٿيو ته 35-65 ورهين تائين ڄمار وارا روسي پڪ رکن ٿا ته گورباچوف ۽ جمهوريت پسندن جي اسٽالن، خروشيف ۽ برزنيف جي حڪمرانيءَ دوران حياتي گهڻي سٺي هئي. پوڙهن ماڻهن ۾ پراڻن سنهرن ڏينهن بابت پنهنجائپ وڌي وئي آهي، جيڪي ماٺ ميٺ ۽ اسٿرتا (ٽڪاءَ، پائداريءَ) وارا هئا ۽ (هر شيءِ ۾) نسبتن وڌيڪ ججهائي پئي رکيائون.
    جيڪڏهن راءِ چونڊون ڪا اهم نشاني آهن، پارکو چون ٿا ته، (پوءِ) جمهوريت پسندن جو آئيندو ڏاڍو خراب آهي. ان جو مطلب اهو به ٿي سگهي ٿو ته .... جي نئين ٽيم لاءِ حمايت وڌي ويندي جيڪڏهن اهي اگهن ۾ تڪڙي بيهڪ (اواڌ) ۽ کاڌو مهيا ڪرڻ جو وعدو ڪن.
    اليگزيندر رٽسڪي، يلتسن جي نائب صدر، اگهن ۾ ڇڙواڳيءَ واري اگر گيڊر ۽ هارورڊ جي معاشي ماهرن جي ٽيم جي جوڙيل حڪمت عمليءَ تي سخت ڇوهه ڇنڊيا آهن. هو زور ڏئي چوي ٿو ته ان کي عمل ۾ اچڻ گهرجي. پر رياستي ملڪيت جي نجڪاريءَ، هڪ هٽي رکندڙ (معاشي) اڏاوت جي تباهيءَ ۽ ڪلڇڻي (ڪرپٽ) ۽ چٽيءَ جهڙي ڪامورا شاهيءَ جي ڇانٽي کان پوءِ.
    ٻي حالت ۾، مافيا، جيڪا اڳ ئي هڪ هٽي واري وارڇُو، (ورڇيندڙ) سرشتي سان ڳنڍيل آهي پنهنجو وجود برقرار رکندي ايندي ۽ ان سان گڏ هٿرادو کوٽون خلقيندي رهندي، ته جيئن عام ماڻهوءَ جي ڪمائيءَ تي سڻڀا ٽڪر کائي سگهي.
    جيتوڻيڪ جنرل ۽ افغان جنگ جو سورهيه ٿي رهيو آهي پر رسٽڪي پنهنجي ان ڪردار کي سختيءَ سان رد ڪري ٿو. وڌِي پڪي ٿيندڙ سوچ اها آهي ته هو ڪجهه سراڄارن سان گڏجي يلتسن کي ڊاهڻ جي سٽا ڪري رهيو آهي، رسٽڪيءَ يلتسن جي نوجوان وزيرن کي ”مواڙ مڙسن جي سلوار ۾ ٻار“ سڏيو آهي.
    اگهن ۾ واڌ گهڻو اڳ رٿي وئي هئي، پر ”پورهيتن جي ڪاوڙ“ جي ڊپ گورباچوف کي کُٽل ۽ وڏي پيماني تي زيان ۾ گهيريل (سوڙهيل ڪيل) رياستي ملڪيت تي ڪهاڙو وهائڻ کان جهلي رکيو هو.
    معاشي اڳ ڪٿيون ٻڌائن ٿيون ته جيتوڻيڪ قيمتن ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان ڪونهي پر پاولوفائي روڳ يلتسن جي انتظاميا تي ڪجهه وڌيڪ وقت لاءِ واسو ڪيو ويٺو هوندو.
    سوويت سلطنت مان ڀاتي ڏيهَن (رياستن) جي ڌار ٿي وڃڻ اڳوڻين سوويت عوامي جمهوريائن جي وچ ۾ سڌن سنون ڳانڍاپن کي تباهه ڪري ۽ روسي معيشت کي منڊي بدڪ بنائي رکيو آهي.
    ان سڀ ڪجهه باوجود، امڪان اهي آهن ته گهڻائي روسي اگهن ۾ واڌ هوندي به ماٺا رهندا. گذريل ڊسمبر ۾ يلتسن جڏهن اگهن ۾ واڌ تي بحث پئي هلايو تڏهن ڪيترن ئي پنهنجا فريزر ۽ ٽراياج (ٿاڌلا ۽ چونڊا) ٻن مهينن تائين گهرجون پوريون ڪري سگهندڙ محفوظ کاڌي سان ڏٽي رکيا هئا.
    حڪومت لاءِ اوٿ اٿڻ تڏهن ممڪن آهي جڏهن اهي پنهنجا سنڀالي رکيل کاڄ کائي چُڪندا ۽ مقامي اسٽورن (ڀانڊن ۽ دڪانن) ۾ خالي ڪٻاٽن جو منهن ڏسندا.

    (ڇپيل: روزاني ”جاڳو“ ڪراچي، 30 اپريل 1992ع)


    ڀاڱو ٻيو

    ”مددگار“ جٿو ــــــ سي آءِ اي

    ليکڪ: حسن مجتبى ۽ او.ٽِي. صديقي


    سي آءِ اي ــــــ ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي (ڏوهه جاچ اَيجنسي ــــــ ڏ.ج.ا) پنجاهي ڏهاڪي جي ابتدائي ورهين ۾ انهن منجهل ڪيسن کي جاچ هيٺ آڻڻ جي نيت سان ٺاهي وئي، جن کي پوليس حل نه ڪري سگهي هجي. ان جو مهندار هڪ پوليس سپريڊنٽ کي مقرر ڪيو ويو ۽ سندس مدد لاءِ ٻيا اهي ماڻهو رکيا ويا جن کي پوليس نوڪري ڪندي ڏوهن جي جاچ ڪرڻ جو چڱو تجربو هو.
    سي آءِ اي کي پوليس قاعدن جي دائري ۾ رهي ڪم ڪرڻو هو، ان کي ايترو اختيار به مليل نه هو ته ڪنهن ڏوهاريءَ کي ڪنهن قانوني عدالت ۾ چالان ئي ڪري سگهي. ان جو فرض رڳو ايترو هو ته ڏوهه جي جاچ ڪري ۽ هٿ ڪيل ڄاڻ ۽ سڀ شاهديون/ثبوت واسطيدار پوليس اداري جي حوالي ڪري. بهرحال، ان نظام بلڪل ٺيڪ، ڪارائتي ۽ رٿيل نموني ڪم نه ڪيو ۽ ترت ئي بي قاعدگين/لاقانونيت جون رپورٽون عام ورتاءُ بنجي ويون.
    ڦاٽ تڏهن ڦاٽو جڏهن سي آءِ اي پاران قيد ڪيل هڪ مقامي واپاري نور محمد سي آءِ اي جي تحويل ۾ هوندي ئي مري ويو. اها پنجاهي واري ڏهاڪي جي ئي ڳالهه آهي. سي آءِ اي جي تحويل ۾ اهو پهريون رڪارڊ ٿيل موت هو ۽ سمجھيو ويو ته نور محمد کي اذيتون ڏئي ماريو ويو هوندو. انهن ڏينهن ۾ سي آءِ اي جي ڊپٽي سپريڊنٽ پوليس (ڊي ايس پي) اقبال شاهه ۽ ٽن ٻين ڪارندن تي قتل جي الزام آيو. انهيءَ قتل تي ايڏو ته عوامي ردعمل/احتجاج ٿيو جو جڏهن به ملزمن کي سندن ڪيس جي ٻڌڻيءَ لاءِ ڪورٽ نِيو ويندو هو، تڏهن رستن تي گھمندڙ ماڻهو مٿن آنن ۽ سڙيل ٽماٽن جو وسڪارو لائي ڏيندا هئا. ”انهيءَ کان پوءِ سي آءِ اي هڪ راڪاس جي صورت اختيار ڪرڻ شروع ڪئي،“ هڪ سينئر سِي آءِ اي آفيسر چوي ٿو.
    ستر واري ڏهاڪي ۾ سي آءِ اي کي نئين ٺاهيل ”شاهين فورس“، جيڪو سي آءِ اي جيڏو ئي بدمعاش هو، سان ڳنڍيو ويو، پر اها جوڙجڪ ترت ئي ختم ڪئي وئي. وقت گذرڻ سان گڏ سِي آءِ اي سينٽر بابت زوريءَ گھلڻ، بند ڪرڻ، اذيتون ڏيڻ، ڦُرڻ، اغوا ڪرڻ ۽ غير قانوني ڏنڊ وجھڻ جون رپورٽون هڪ عام وهنوار بڻجي ويون. هڪ پاسي ڪجھ اهڙا سينئر سي آءِ اي آفيسر به هئا جن ڪي چڱايون ڪيون پئي، انتهائي بدمعاش ڏوهاري ٽولن کي تباهه ڪرڻ تي سندرو ٻڌيو بيٺا هئا، ته ٻي پاسي ڪي هئا جن انهن بدمعاشن کي هر قسم جون رعايتون پئي ڏنيون. ضروري ناهي ته رعايتون هر واري قانوني ئي هجن. اهڙن مان گھڻا آفيسر هاڻي ڪروڙ پتي آهن ۽ ظاهر آهي ته سندن قسمتون پگهارن جي پيڙهه تي اڏيل ناهن.
    ڪڏهن ڪڏهن، بهرحال، قانون جي سگهه مٿان سَرنديءَ وارن جي سگهه برتر ثابت ٿيندي رهي. انسپيڪٽر نور احمد شيخ هڪ ڀيري رانا اشرف جي ڊفينس هائوسنگ اٿارٽيءَ واري جاءِ تي هڪ وڏي جوئا جي ٽڪريءَ کي ڳولي لڌو، جتي سيٺ عابد به موجود هو، ۽ رانا اشرف ۽ ان جي دوستن کي ڪروڙين روپين سان گڏ سڳ سوڌو پڪڙي ورتو. بهرحال، ملزم جي سرنديءَ کي جس هجي، ترت ئي اهو ڪيس ٻهارجي ويو ۽ انهن ڏينهن ۾ پوليس جي انسپيڪٽر جنرل (آءِ جِي) ڪراچي، بشير احمد صديقي کي اسلام آباد بدلي ڪيو ويو.
    آگسٽ 1990ع ۾ بينظير حڪومت جي خاتمي کان پوءِ سنڌ جي وڏي وزير ڄام صادق علي جي ڏينهنِ ۾ بدمعاش سي آءِ اي، جيتري سدائين هئي، هن ڏيهه جي هڪ اهڙي تنظيم ٿي اڀري جيڪا سڀ کان وڌيڪ ڊيڄاريندڙ ۽ هيبائتي هئي. انهن ڏينهن ۾ اعلى عهديدار صدر غلام اسحاق خان جي نياڻي عرفان الله خان مروت کي وڏي وزير جو گھريلو معاملن وارو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو.
    آفيس والارڻ کان ترت پوءِ ڄام صادق علي ڪيترن ئي ايس ايس پي عملدارن کي گھرايو ۽ کين حڪم ڏنو ته اهي آصف علي زرداريءَ کي غلام حسين انڙ ڪيس سان گڏ ٻين ڪيترن ئي ڪيسن ۾ ملوث ڏيکاري گرفتار ڪن. توڙي جو ڄام صادق علي انهن پوليس آفيسرن کي حڪم جي پوئواري ڪرڻ سبب مبينه طرح سخاوت ڀريا انعام ڏنا، پر رڳو هڪ ماڻهو هو جيڪو مامري کي سٺي نموني نباهي سگهيو، اهو هيو سِي آءِ اي جو ايس ايس پِي سليم اختر صديقي، جنهن بابت ٻڌو پيو وڃي ته کيس پ پ جي پير مظهرالحق ۽ ڪجھ ٻين پ پ اڳواڻن خلاف شخصي وير هو. آصف علي زرداري ۽ سندس سنگتين ۽ نوڪرن کي قيد ڪرڻ جو معاملو هن پنهنجي هٿ کنيو.
    صديقيءَ بابت چيو ٿو وڃي ته هن شخصي طرح ڪيترن ئي پ پ اڳواڻن ۽ سرگرم ڪارڪنن کي، جن ۾ اهي به شامل هئا جن تي آگسٽ 1990ع ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪئمپن تي فائرنگ ڪرڻ جي تهمت آندل هئي، اذيتون ڏيڻ جو حڪم ڏنو. عيوضي ۾، هڪ جونيئر آفيسر کي ٽڪڙي ۽ وڏي ترقي ڏئي حيدرآباد علائقي جو ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل (ڊِي آءِ جِي) مقرر ڪيو ويو، جتي هن هڪ سؤ کان وڌيڪ ماڻهن کي فرضي مقابلا ڏيکاري اهو الزام هڻي قتل ڪري ڇڏيو ته اهي ڌاڙيل هئا. اهو به چيو وڃي ٿو ته صديقيءَ کي ڪيل خدمتن جي عيوض ڄام صادق علي هڪ ڪروڙ روپيا عنايت ڪيا ۽ سندس نالو قائداعظم ميڊل لاءِ تجويز ڪيو.
    توڙي جو سي آءِ اي پنهنجي نئين تازي سربراهه، ايس پِي ممتاز برنيءَ جي سربراهيءَ هيٺ هن وقت هيٺين سطح تي رکيل آهي پر ان ايجنسيءَ جي ڪم جو طريقو، ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته گھٽ ئي تبديل ٿيو آهي. سميع الله مروت ۽ سندس ٺڳ ٽولي کي هٽائڻ به هن تنظيم کي ڪيترين ئي براين کان نجات نه ڏياري آهي. توڙي جو سرنديءَ وارا فرد هاڻي ڌار ڪيا ويا آهن، پر عام ماڻهو اڃا به سخت هراسپ جو شڪار آهن. سِي آءِ اي جا اهلڪار شهر اندر ٿيندڙ ڪيترن ئي ڏوهن ۾ ساٿاري آهن. غير قانوني والار (اينڪروچمينٽ) ۽ ٽرئفڪ جي ڀڃڪڙين کان ويندي منشيات جي ڏي وٺ، چڪلا هلائڻ ۽ هٿيارن جي وڪري تائين سمورا ڏوهه ان جي مڪمل ڄاڻ ۾ آهن ۽ اڪثر ڪري سندس چشم پوشي سبب ٿين ٿا. اها چشم پوشي ڀَتي (رشوت) جي ڪري آهي جيڪو ڏهاڪين لک روپين ۾ هوندو آهي. روليڪس واچن ۽ ڳچين ۾ ڳرين سونين زنجيرن جي نمائش ڪندي، هٿ ۾ انسٽافون رکندڙ سِي آءِ اي جا انسپيڪٽر ايترا ئي امير ٿي سگهن ٿا جيترا ڪي امير ترين شهري صنعتڪار. اهي ٺاهوڪي/ريس ڪرڻ جوڳي حياتي گذارن ٿا، اهي شهر جي فائيوِ اسٽار هوٽلن ۾ تفريحون ڪن ٿا، مهانگا بوسڪيءَ جا وڳا اوڍن ٿا ۽ ڪي ڊي ايس پِي ته پنهنجون شخصي پجيرو ۽ لئنڊ ڪروزر گاڏيون رکن ٿا. پنهنجي جاءِ تان تازو هٽايل هڪ اڳوڻو سِي آءِ اي انسپيڪٽر مڃي ٿو ته ”منهنجي پگهار ڪل 32 سؤ رپيا في مهينو هئي پر منهنجي (مٿڪي) ڪمائي چار کان پنج لک رپيا ماهوار هوندي هئي.“
    سي آءِ اي پنهنجي مخصوص اصطلاح سازي ڪري ڇڏي آهي. هفتيوار رشوت کي اهي ”هفتو“ سڏيندا آهن. سي آءِ اي جا ماڻهو رستي تي والار ڪري ويٺل ماڻهن کان هر هفتي 50 رپيا اڳاڙيندا آهن ۽ ڪل اوڳڙ سوين هزارن ۾ ٿيندي آهي. ”اسين رڳو صدر جي ٽن گھٽين مان هر هفتي ٽي لک رپيا رڳو انهن کان وصول ڪندا آهيون جيڪي رستي تي والار ڪري ويٺل هوندا آهن. اهي جيڪڏهن ڀتو نه ڏيندا ته انهن کي غير قانوني والار جي ڏوهه ۾ ڇڪي وٺندا آهيون.“ سِي آءِ اي جي اختياريءَ هيٺ سڄي ايراضي ”سيڪٽرن“ ۾ ورهايل آهي جن مان هر هڪ سيڪٽر تي انسپيڪٽر نظر رکندا آهن. هر هڪ انسپيڪٽر هيٺ هيڊڪانسٽيبل ۽ ڪانسٽيبل ۽ عوام مان خابرو (انفارمر) رکيل آهن، جيڪي ان لاءِ ڪم ڪندا آهن. اهي نه رڳو انسپيڪٽر کي اها خبر ڏيندا رهندا ته سندس ايراضيءَ ۾ ڇا ڇا پيو ٿئي، پر سِي آءِ اي سينٽر ۾ واڙيل ماڻهن کي اذيتون ڏيڻ ۾ حصو پڻ وٺندا آهن. اهو ڄار، سِي آءِ اي جي اصطلاح ۾ ”پارٽي“ سڏيو وڃي ٿو. جڏهن ڪو انسپيڪٽر پنهنجي ايراضيءَ جي دوري تي نڪرندو آهي تڏهن ايراضيءَ جي رهاڪن پاران سندس تِري سڻڀي ڪئي ويندي آهي. هڪ وهنوار جنهن کي ”چاٽو“ سڏيو وڃي ٿو. ايراضيءَ جي ٻي درجي وارن هوٽلن مستقل طرح انسپيڪٽرن لاءِ ڪمرا خالي رکيل هوندا آهن جتي کين عورتون ۽ جام پيش ٿيندا. غير-سي آءِ اي ماڻهو اڪثر ڪري پاڻ کي ”سِي آءِ اي وارا“ سڏائيندا آهن، جيئن اڻ شَڪي مقامين کان پئسا ۽ حمايت وٺي سگهن، توڙي جو سي آءِ اي جا سمورا ماڻهو ڊيوٽي تي هجڻ مهل وردي پائي رکڻ لاءِ پابند آهن پر اهي ورلي ڪنهن قاعدي کي مڃيندا، جيئن ان قسم جي ڌوڪي لاءِ سولو بهانو ٺاهي سگهن.
    ڪي ايراضيون سي آءِ اي عملدارن لاءِ ڏاڍيون لاڀائيون آهن. هوائي اڏو ۽ سامونڊي بندرگاهه (سمگلنگ جا مکيه اڏا)، سهراب ڳوٺ (جتان رات پيٽ ۾ ريتي بجريءَ جون ٽرڪون غير قانوني طرح ڀرجي نڪرنديون آهن)، ڪيچِي ڳوٺ (سهراب ڳوٺ ۽ گڏاپ ويجهو، جتي منشيات لاهي ذخيرو ڪئي ويندي آهي)، ”ڳاڙهي“ بازار، نيپيئر روڊ ۽ شاهه فيصل ڪالوني ۽ لسٻيلي ۾ جوئا جون ٽڪريون ۽ منشيات جا اڏا، جن کي هلائيندڙ ڄاتل سڃاتل ”دادا“ سيف الرحمان، دلدار خان، حنيف گل خان ۽ اسلم ناٿا حقيقي طرح سونَ جون کاڻون آهن.
    سِي آءِ اي آفيسر پنهنجو ڌنڌو جاري رکڻ لاءِ مختلف قسمن جون کيڏون ڪندا آهن. هڪ اندرين ماڻهوءَ جي چوڻ موجب (جنهن اهو به مڃيو ته سينٽر ۾ واڙيل قيدين تي تشدد ٿيندو آهي)، سِي آءِ اي جا آفيسر مختلف نشئي ماڻهن کي باقاعدگيءَ سان ”دوائون“ مهيا ڪندا رهندا آهن، ته جيئن سي آءِ اي پاران ڪورٽ ۾ آندل ڪيسن جي شاهد طور پيش ڪري سگهجن.
    سي آءِ اي ۽ مختلف پوليس اسٽيشنن پاران هلائجندڙ رشوت جي مامرن بابت ”انٽيليجنس“ (هڪ جاسوس کاتو) جي رپورٽ ٻڌائي ٿي ته بلوچستان ۾ آر سِي ڊي هائوس جي ٻاهرين پوليس چوڪي ”موچڪو“ (هڪ ايراضي جتي هٿيارن، بارود ۽ منشيات جي سمگلنگ هڪ وڌندڙ ڌنڌو آهي) مان هر مهيني اٺن کان ڏهن لکن رپين تائين اپت ٿيندي آهي، ريتي بجريءَ ۽ حب ندي ۽ کيرٿر جبلن مٿان هٿيارن ۽ بارود جي سمگلنگ جي ڌنڌي مان گڏاپ پوليس اسٽيشن جي آمدني اٺن کان نوَ لک رپيا في هفتو آهي. سپر هاءِ وي تي هٿيارن ۽ منشيات جي سمگلنگ سميت مختلف قسمن جي غيرقانوني سرگرمين ۽ ريتي بجريءَ جي ٽرڪن تان ايندڙ گلزار هجري پوليس اسٽيشن جو ڀتو ٻِن کان ٽن لک رپين تائين ٿئي ٿو. هوائي اڏي تي اسمگلنگ جو اجورو ۽ مسافرن کان گڏ ڪيل ڀتو ويهنِ کان پنجويهن لک رپين تائين پهچي ٿو. جئڪسن ۽ ٽِي پِي ايڪس پوليس اسٽيشنون هر مهيني سمنڊ ڪناري غير قانوني سرگرمين، عام طرح اسمگلنگ مان ٻن کان چئن لکن تائين ڪمائينديون آهن ۽ نيپيئر روڊ ۽ ڪالا ڪوٽ پوليس اسٽيشنون رنڊي بازيءَ (چڪلا هلائڻ) ۽ جوئا جي ٽڪرين تان وَيو وَيو ويهه ته به ڏهن کان ٻارهن لک رپيا وصول ڪنديون آهن.
    هٿ ڪيل مال مختلف حصن پتين ۾ ورهايو ويندو آهي. گڏ ڪيل مايا جو 50 سيڪڙو ڊي ايس پِي صاحبن ۾، 20 سيڪڙو هيڊڪانسٽيبلن ۾ ۽ 10 سيڪڙو ڪانسٽيبلن ۾ ورهايو ويندو آهي. باقي ڏوڪڙ انسپيڪٽر کڻندا آهن جن کي نه رڳو ”ڌنڌو“ جاري رکائڻو هوندو آهي پر پنهنجن صاحبن جون گھرجون به پوريون ڪرڻيون هونديون آهن.
    صدر ڪراچيءَ ۾ مکيه سِي آءِ اي سينٽر لڳ ڀڳ 30 آفيسرن/جاچيندڙن جي سهڪار وسيلي ڪم ڪري ٿو. هر هڪ کي پنهنجي آفيس سان گڏ هڪ ڪوٺڙي آهي جتي شڪي ماڻهن جون ”جاچون“ ڪيون وينديون آهن. اها ڪاروائي اڪثر ڪري سج لٿي کان پوءِ، جڏهن ٿورڙا ماڻهو موجود هوندا، شروع ڪئي ويندي آهي. پکي ۾ ابتو لڙڪائي ٻڌڻ، پيرن ۽ دڏ تي رٻر جي لٺ سان ڪُٽڻ ۽ ٿرڊ ڊگري اذيتن جا ٻيا مختلف طريقا آزمايا ويندا آهن. ”اذيت کان سواءِ آڏي پڇا ناممڪن آهي،“ هڪ سينئر سِي آءِ اي جاچُو زور ڏئي چوي ٿو، ”توهين جيستائين عذاب نه ٿا ڏيو، هڪ شڪي ماڻهوءَ جي وات مان سچ نه ٿا اوڳرائي سگهو. اهو سڄيءَ دنيا ۾ ٿئي پيو.“ هو زور ڏئي ٻڌائي ٿو ته عمل بهرحال راين سان ٺهڪي نه ٿو. ”اسين شڪي ماڻهن جي اهڙن عضون کي ڏکائيندا آهيون جيڪي ڏسڻ ۾ نه اچن، جيئن ڪو به مئجسٽريٽ سندس جسم تي اذيت جا نشان ڳولي نه سگهي، اذيت ڏيڻ به هڪ فن آهي.“

    (ڇپيل: روزاني ”برسات“ ڪراچي، 11 اپريل 1994)


    جنسي حراسپ

    جنسي حراسپ

    (ڪم ڪندڙ عورتن جو مونجهارو)
    ليکڪ: فرح ناز زيدي


    شيخوپوره هاءِ اسڪول جي هڪ هيڊماستر بابت چيو وڃي ٿو ته هن پنهنجي اسڪول جي ڪيترين ئي نوجوان ڇوڪرين جون عزتون لٽيون ۽ انهن مان ڪيترين جا اگھاڙا ۽ اڌ اگھاڙا فوٽو ڪڍي کين دهشتزده ڪري خاموش رهڻ تي مجبور ڪيو ۽ انهن مان ڪيترين ئي ڇوڪرين کي بليڪ ميل ڪري ان ڳالهه تي مجبور ڪيو، ته اهي ساڻس جنسي لاڳاپا رکن. جڏهن معاملو گھڻو وڌي ويو، ته انهن مان ڪجھه ڇوڪرين مجبورن راز فاش ڪيا ۽ شرم کان اسڪول وڃڻ ئي ڇڏي ڏنو. جڏهن ته هيڊماستر وري ڪنهن اسڪينڊل جي زد ۾ اچڻ بنا ساڳي ئي اسڪول ۾ پنهنجن سمورين ڪڌپائن، ڪميڻپائن ۽ بيحيائين سان بالم بڻيو ويٺو رهيو.
    ان بعد اهو ڪيس انساني حقن جي هڪ تنظيم جي سرگرم اڳواڻ ۽ وڪيل عاصمه جھانگير جي ليگل ايڊ سينٽر (قانوني مدد واري مرڪز) تي آيو. ان ڪيس جي مطالعي کان پوءِ عاصمه جھانگير ان نتيجي تي پهتي ته مذڪوره هيڊماستر ڪيترين ئي معصوم نياڻين جي لڄالٽ جي ڪڌي حرڪت جو مرتڪب رهيو آهي، ان ڪري ان کي وڌيڪ ڍر ڏيڻ ڪنهن به طرح ٺيڪ نه آهي.
    ٽي مهينا اڳ هڪ نوجوان خوبصورت آرٽسٽِ ٽيليويزن تي پروگرام حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ۽ پوءِ هڪ ڏينهن اوچتو هن پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن جي عمارت جي ستين ماڙ تان ٽپو ڏئي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر انهيءَ موقعي تي هن جي زندگي بچائي وئي ۽ پوءِ جڏهن ان نوجوان ۽ خوبصورت فنڪاره جي خودڪشيءَ جو ڪارڻ سامهون آيو، ته پتو پيو ته پي ٽي ويءَ جي هڪ سينيئر پروڊيوسر سندس زبردستي لڄ لٽڻ پئي چاهي، جنهنڪري هن پنهنجي عزت ۽ عصمت بچائيندي پي ٽي وي عمارت جي ستين ماڙ تان ٽپو ڏنو هو.
    ملڪي قومي ايئر لائين جي پر ڏيهه ويندڙ هڪ اڏام ۾ هڪ مرد مسافر، خاتون فضائي ميزبان کي پاڻ وٽ گھرايو ۽ پنهنجي پينٽ کي لاهيندي خاتون فضائي ميزبان کي چيو، ته هن وٽ هڪ شيءِ آهي، جيڪا کيس ڏيکارڻ چاهي ٿو.
    هڪ سينيئر سرڪاري آفيسر پنهنجي آفيس جي هڪ 21 سالن جي ڪنواري ملازم ڇوڪريءَ سان زوري زنا ڪئي. بعد ۾ اها ڇوڪري جڏهن ”اميد“ سان ٿي، ته ان جو ٻار ڪيرايو ويو.
    ملڪ جي هڪ وڏي اڙدو اخبار جي هڪ خاتون صحافيءَ کي ان ڪري جبري طور استعيفيٰ ڏيڻ تي مجبور ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته پريس جي امير ماڻهوءَ، جيڪو اخبار جو مالڪ پڻ آهي، لڳاتار ان خاتون صحافيءَ کي چيو ته هوءَ هن سان جنسي لاڳاپا قائم رکي، نه ته هن جو جيئڻ جنجال بنايو ويندو.
    گذريل حڪومت جي دَور ۾، سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ پرائمري استادن جي جاين لاءِ درخواستون گھرايون ويون هيون، جنهن بعد وڏي وزير جي هڪ خصوصي صلاحڪارَ خاتون اميدوارن کي پاڻ وٽ پئي گھرايو ۽ انهن کي چيو ته، جيڪڏهن انهن کي نوڪري کپي ته اهي ساڻس هڪ نجي انٽرويوءَ لاءِ سندس رهائشگاهه تي هلن. جڏهن ان غير روائتي واقعي تي خاتون اميدوارن احتجاج ڪيو ته سنڌ جي وڏي وزير ان واقعي بابت تحقيقات جو حڪم ڏنو.
    اهڙي قسم جا واقعا، اسڪولن، سرڪاري ۽ نجي ملازمتن جي آفيسن، فيڪٽرين ۽ شريف گھراڻن ۽ ٻنين ٻارن توڙي سِرن وارن بٺن... انهن سمورن هنڌن تي روزانو ٿيندا رهن ٿا جتي عورتون ڪم ڪن ٿيون، جتي ساڻن ڏاڍايون ٿين ٿيون، عزتن تي حملا ٿيندا رهن ٿا ۽ سندن عزتن ۽ عصمتن کي تار تار ڪيو وڃي ٿو. ماڻهن جا انبوهه اڪثر معنيٰ خيز بيهودي مرڪ مرڪندي نظر ايندا، انهن جون چُڀندڙ شهوتي نگاهون ڪپڙن پار گذرندي محسوس ٿينديون آهن. ”وَن سِي تان چڙهندي“، ”حادثاتي طور“ توهان کي اڌ درجن ڪپڙن پاتل جنسي بگھڙ، پنهنجي موجودگيءَ جو احساس ڏياريندا هلندا.
    پنهنجي آفيس جي ڪم ڪرڻ واري جاءِ ۾ داخل ٿيڻ سان آفيس جي صفائي ڪندڙ جو آواز توهان جو آدرڀاءُ ڪندو. پاسي ۾ هڪ مخصوص انداز ۾ ڪو انڊيا جو فلمي گانو جھونگاري رهيو هوندو ۽ ان جون چور نظرون، ڪپڙن اندر نسواني خدوخالن جو جائزو وٺي رهيون هونديون. جڏهن توهان آفيس جي پٽيوالي معرفت ان جو وات بند ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندَو ته اهو به اچڻ سان آڏو ويهي ڏند ٽيڙي کلندو ۽ ڪجھه چوڻ جي صورت ۾ نه ختم ٿيندڙ ورانڊي جي ڪنڊ ۾ وڃي بيهندو ۽ پوءِ ان جي هجڻ جو ڄڻ ته ڪو فائدو ئي ڪونهي. نه... توهان اهو نه سوچيو ته ڪو سمورو گند اتي اچي ختم ٿي ويو. 60 سالن جو باس، فائل ڏيندي هٿ وڌائيندو ته ڄاڻي ٻجھي هو پنهنجو هٿُ هٿ سان ڇهائيندو. توهان اچرج ۾ ڇو ٿا پئو؟ ”ڇا مان ڪو غلط ٿو چوان؟“ پوءِ جيڪڏهن ان وقت توهان ان جي ان عمل تي خاموش رهو ۽ پنهنجو پاڻ ”نروس“ ٿي ويؤ ته پوءِ هو چنبڙي پوندو ۽ توهان جي مٿي تي اوڍيل اڍائي والن جي رئي کي پڪڙي لاهڻ جي ڪوشش ڪندو. جيڪي ڳالهيون مان ڪريان/لکان پئي، ممڪن آهي توهان سان اهڙو واقعو پيش نه آيو هجي يا جنسي تشدد جو نشانو نه بنايو ويو هجي.
    ”جنسي ڏاڍ آهي ڇا!“ ان جي ”آمريڪي ايمپلائيمنٽ اپرچونٽي ڪميشن“ 1980ع ۾ بلڪل بنيادي تشريح ڪئي آهي. ان جو چوڻ آهي ته، ”شعوري طور جنسي عمل جو مرتڪب ٿيڻ“، ”جنسي عمل لاءِ زبردستي هٿ وجھڻ“، ”زباني يا عملي طور جنسي حرڪتون ڪرڻ“ وغيره، اهي سڀ ڳالهيون جنسي جُلهه جي تشريح ڪن ٿيون. جپان جي ليبر واري وزارت تازو ان جي تشريح هن ريت ڪئي آهي ته جنسي جلهه، هڪ اهڙي اڻ چيل ڳالهه، جيڪا جنسي عمل ڪرڻ جي حوالي سان اشارن ڪناين سان چئي وڃي ۽ ڪم ڪار جي معاملي ۾ ڏکيائي پيدا ڪري.“ ۽ جڏهن ڌرتيءَ جي گولي تي ان فطري ڏاڍائي خلاف سجاڳي پيدا ٿي ته نتيجي طور ڪيترن ئي ملڪن جي عدالتن ان کي تسليم ڪندي قبول ڪيو.
    تحقيق بعد سامهون آيل انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته پاڪستان اندر ڪم ڪار لاءِ گھر کان ٻاهر قدم رکندڙ ڪيترين ئي عورتن کي جنسي ڏاڍ جو نشانو بنائي، سندن زندگيون زهر ڪيون ويون. هڪ خاتون ليکڪ ڪيٿرائن مئڪنن پنهنجي لکيل هڪ ڪتاب ”عورت جي ابتر حالت“ بابت مختصر طور لکي ٿي ته ”معاشري ۾ عورت جو ڪارج صرف جنسي محرڪ طور سمجھيو وڃي ٿو بلڪل ائين، جيئن مڇي پاڻيءَ ۾ ئي رهي سگھي ٿي... هر عورت، هر وقت جنسي ڏاڍ جي خوف ۾ مبتلا آهي.“
    پاڪستاني عورتن جو جنسي ڏاڍ بابت نُڪتي نظر ڇا آهي؟ ڪراچي ڪاليج جي هڪ پروفيسر نجمه صديقيءَ جو ان باري ۾ چوڻ آهي ته، بدقسمتيءَ سان هيءَ اها لاعلاج بيماري آهي، جنهن جي شڪار صرف عورت ٿئي ٿي ۽ اها ئي ان کي محسوس ڪري سگھي ٿي ۽ ائين نه آهي ته اها صرف ڪم ڪار وارن هنڌن کان شروع ٿئي ٿي. ان جو عمل زندگيءَ ۾ گھڻو اڳ کان شروع ٿئي ٿو، جڏهن توهان جو ٻالڪپڻو هجي ۽ مرد ملازم اها ڪوشش ڪندا آهن ته جڏهن توهان جي والده توهان جي ڀر پاسي ۾ نه هجي، ته هو توهان کي ڀاڪر ۾ وٺي ڳلن تي چميون ڏين. جنسي ڏاڍ جي سرگم ۾ اهڙا ته لڱ ڪانڊرايندڙ سر به سامهون آيا آهن، جن ۾ جسماني جنسي حرڪتن ۽ جذباتي بليڪ ميل وسيلي محرم عورتن کي به جنسي ڏاڍ جو شڪار ڪرڻ جھڙا ڳرا مثال سامهون آيا آهن، پر ان ڏاڍائيءَ خلاف عورتن کي احتجاج ڪرڻ جو حق به نه ڏنو ويو آهي ۽ انهن کي ڪنهن نه ڪنهن طرح خاموش رهڻ تي مجبور ڪيو ويندو آهي.
    هڪ فري لانسر ليکڪ زرميناح شاهد جو نڪتي نظر ظاهر ڪري ٿو ته جنسي ڏاڍ کي سندن جنس جي حوالي سان زندگيءَ جو هڪ حصو سمجھي ٿي. ”ائين مون سان ڪڏهن نه ٿيو آهي ته اسان جي به ڪا پسند هجي يا اسان ان جي حاصلات لاءِ ويڙهاند ڪري سگھون. ان ڪري مون ته اهو ئي سکيو آهي ته اسان سان اهي رويا به زندگيءَ جو هڪ حصو آهن، جنهنڪري اسان کي انهن کي قبول ڪرڻو پوندو. ان گھرن ۾ عجيب قسم جي لٽڪيل زندگي، ويندي پٺيان ’ڪسيل‘ مخصوس آواز، رويا، سوچون، ڇا اهي هاڻ اسان وٽ روايتي نه ٿي ويا آهن. ان ڪري انهن ڳالهين کي هاڻي سنجيدگيءَ سان وٺڻ ڇڏي ڏنو آهي. مان انهن سان منهن ڏئي نٿي سگھان.“
    هڪ گھريلو عورت تبسم حسين ان بابت پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته جنسي ڏاڍ بابت اسين ان ڏوهه جون پاڻ ڏوهاري آهيون، ڇاڪان ته اسان عورتن ڪڏهن به ان بابت آواز نه اٿاريو آهي؟ هن چيو ته، ”اسان ان کي جنس يا ائين کڻي سمجھو ته زندگيءَ جو هڪ حصو سمجھيو آهي.“ هن چيو ته اسان اهو ٿيون سمجھون ته اهو مردن جو حق آهي ته اسان سان اهو سلوڪ روا رکن ۽ اسان جي جسمن کي ننهن کان چوٽيءَ تائين رنڀوٽيندا ۽ تسڪين حاصل ڪندا رهن. ڪجھه عورتون ته ان کي اعزاز، خوشامد ۽ ساراهه سمجھن ٿيون، جڏهن مرد وٽن اچن ٿا ۽ تسڪين حاصل ڪن ٿا، پوءِ اسان مردن تي ڀلا اهو الزام ڇو ڌريون؟
    هڪ اسلامي اسڪالر ساجده بانو، گذريل 11 سالن کان قرآن جو درس ڏئي رهي آهي. ان جو چوڻ آهي ته، ”اهو صحيح آهي ته مرد جي اها عادت رهي آهي ته عورتن کي ڏاڍ جو نشانو بڻائي. مان ته اهو ٿي سمجھان ته ان خلاف عورت کي تحفظ ڏيڻ بابت به قانون هجڻ گھرجي، جن سان کين تحفظ ملي سگھي ۽ هو پنهنجي گھر کان بنا ڊپ ڊاءُ قدم ٻاهر ڪڍي سگھن، پر دراصل اهو سوچن جو نتيجو آهي، ڇاڪاڻ ته الله تبارڪ و تعاليٰ ان ڪري ئي ته عورتن کي حڪم ڪيو آهي ته پنهنجو پاڻ کي مڪمل طور پردي ۾ رکو، سو ان جو مقصد اهو ئي آهي.“ اهڙو هڪَ انتهائي مذهبي، گھريلو خاتون مقصوده سلطان ۽ ان جي ماءُ، جن ڪڏهن به گھر کان ٻاهر ڪم ڪار سانگي به پير نه ڌريو آهي، جو ان بابت خيال آهي ته عورتن ۽ مردن جي حقن بابت الله تبارڪ و تعاليٰ قرآن ۾ چٽيءَ ريت بيان ڪيو آهي، جنهن موجب ته، مرد روزي حاصل ڪندو ۽ عورت گھر سنڀاليندي. انهن قدرتي قانونن جي ڀڃڪڙي گمراهيءَ طرف وٺي وڃي ٿي. ان جو وڌيڪ چوڻ آهي ته، عورت جو اصل مقام ان جو گھر آهي. جيڪڏهن هوءَ پنهنجي لاءِ ان کان سواءِ ڪو رستو چونڊي ٿي، ته ظاهر آهي ته کيس مسئلن سان منهن ڏيڻو پوندو. جيڪڏهن هن لاءِ حالتون اهڙيون آهن جو هن لاءِ گھر کان ٻاهر نڪرڻ اڻٽر آهي، ته پوءِ ظاهر آهي ماڻهن جون اکيون ته ڪڍي نه ڇڏبيون. پوءِ جيڪڏهن ان سان مرد معاشري ۾ ڪي ڏاڍايون ٿين ٿيون، ته اها ڳالهه ڪا اڻ ٿيڻي نه آهي.
    صباح واسطِي هڪ ملٽي نيشنل ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪندي آهي. تازو هن کي طلاق ملي آهي. هيءَ چوي ٿي ته ”طلاق کان پوءِ مون لاءِ مسئلا پيدا ٿي ويا آهن. جڏهن منهنجي باس کي خبر پئي ته مان شادي شده آهيان ته هي (باس) مون کي پنهنجي ڌيءُ ڪري ڪوٺيندو هو، پر هن کي جڏهن منهنجي طلاق جي خبر پئي آهي ته هن جو رويو يڪدم بدلجي ويو آهي. هاڻ منهنجي باس جا فون بنا ڪنهن سبب جي گھر ايندا آهن. هاڻ باس منهنجو ڀليڪار هڪ معنيٰ خيز مرڪ سان ڪندو آهي، پر مون اڃا استعيفيٰ نه ڏني آهي، ڇو جو اها نوڪري منهنجي ضرورت آهي، بلڪه هينئر ان نوڪريءَ جي مون کي وڌيڪ ضرورت آهي ۽ هُو ته چڱيءَ طرح سمجھي ٿو.“ پر صباح جا مسئلا اتي ئي ختم نه ٿا ٿين. سندس ساٿي، جيڪي هن سان گڏ آفيس ۾ ڪم ڪن ٿا، هن جي ۽ باس جي لاڳن کي پنهنجيءَ تنقيد جو نشانو ٿا بنائين، هن مٿان ٺٺوليون ٿا ڪن. اهو هن لاءِ وڌيڪ ايذاءُ رسائيندڙ آهي، ڇاڪاڻ جو هوءَ زنده رهڻ لاءِ ساڳيءَ جڳهه تي ڪم ڪندي رهندي ۽ هيءَ انهن ڳالهين کان ڪيترو به پاسو ڪري، پر بچي نٿي سگھي.
    هڪ ڪنواري سيڪريٽري حنا جو چوڻ آهي ته اوهان پاڻ سان ”مسز“ جو اکر ڳنڍي پاڻ کي تحفظ ڏيو ٿا. مرد اسان جي باري ۾ جيڪو سوچين ٿا سو ”مسز“ چوڻ کان پوءِ بدلجيو وڃي، پر طلاق يافته عورت لاءِ ته وڏو مسئلو پيدا ٿيو وڃي. هيءَ حقيقت آهي ته اهو مسئلو اهم آهي. هڪ سوشالاجيءَ جو ماهر چوي ٿو، ”معاشري جي ڪمزوريءَ جو پهلو هِي آهي ته عورت کي وڌيڪ مسئلي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو خاص ڪري ان عورت کي جنهن کي ڪا پٺ نه هجي. جھڙوڪ پيءُ يا مڙس جو ڏڍ. اهڙي حال ۾ اسان پاڪستان جي ڳالهه ٿا ڪريون، ته پاڪستاني عورت کي، معاشري کي به منهن ڏيڻو پوي ٿو. هتي جي عورت هونئن به معاشري جي قدرن ۽ سوچ جي جَنڊ ۾ پيڙهجي ٿي ۽ جيڪڏهن ڪا عورت گھر کان ٻاهر پير رکي، ته هن کي ته ٻيڻو سماج سان وڙهڻو ٿو پوي.“
    جنسي ڏاڍ جا واقعا اُتي وڌيڪ اهميت اختيار ڪري ٿا وٺن جنهن معاشري ۾ سماج اوهان کي ان ڳالهه جي اجازت نه ڏي.
    جاچ ڪرڻ کان پوءِ خبر پئي آهي ته جنسي ڏاڍ جا واقعا اتي وڌيڪ ٿيندا آهن جتي عورت وڌيڪ دير لاءِ ڪم ڪار ڪري ٿي، جھڙوڪ نرس. هيءُ اهڙو پيشو آهي جنهن ۾ جنسي ڏاڍ جا واقعا رونما ٿي سگھن ٿا. ان عمل ۾ نرس سان گڏ ڪم ڪندڙ ماڻهو، مريضُ ۽ مريض سان لاڳاپيل ماڻهو اچي وڃن ٿا، ۽ جيڪڏهن ڪا پرائيويٽ نرس آهي ته هن لاءِ وڌيڪ مسئلو پيدا ٿيندو ڇاڪاڻ جو هن کي مريض جي گھر وڃي ان جي تيمارداري ڪرڻي ٿي پوي.
    هڪ نرس پاڻ سان ٿيل ورتاءُ ٻڌائي ٿي ته ڪهڙي نموني رات جو هن جي مريض هن جو هٿ جھلي ورتو ۽ هن سان ڪِريل ڳالهيون ڪرڻ لڳو، ڇو جو هن جي گھر وارن کي ڪنهن رات جي مانيءَ جي دعوت ڏني هئي ۽ سڀ گھر وارا اوڏانهن ويل هئا. چئي سگھجي ٿو ته هيءَ خوش قسمت هئي جو هن ڪجھه وڃائڻ کان پهرين گھڻو ڪجھه ڪري پاڻ کي بچائي ورتو، پر جڏهن هن مريض جي مائٽن کي هن جي رويي جو ٻڌايو ته مريض مورڳو ڪاوڙجي پيو ۽ هن کي چور ۽ الائي ڇا ڇا چوڻ لڳو. اها نرس هاڻ ان واقعي کي تمام خراب اکرن سان ياد ڪري ٿي. هوءَ چوي ٿي، ”خدا جو شڪر آهي جو ڪجھه خراب ڪم نه ٿيو. ان واقعي کان پوءِ مون گھرن ۾ ڊيوٽيون ڏيڻ ڇڏي ڏنيون. جيتوڻيڪ نرسنگ کي ماڻهو مقدس پيشو سڏين ٿا، پر سندن سلوڪ نرسن جي پيشي کي غلط نالو ڏي ٿو. نرسون جھڙي نموني تيمارداري ڪن ٿيون، ته ماڻهو انهن کي ڪِريل ٿا سمجھن ۽ اهي نرسن سان غلط سلوڪ ڪرڻ کي صحيح ٿا ڄاڻن. مريض به نرسن تي پنهنجو حق سمجھن ٿا، ويندي ڊاڪٽرن تائين سڀ نرس کي غلط نظرن سان ڏسن ٿا.“ تازو ڪراچيءَ جي هڪ خانگي اسپتال ۽ ڪوئٽه جي اسپتال ۾ ٻن نرسن جي لڄالٽ وارا واقعا ان ڳالهه جو ثبوت پڻ آهن.
    جنسي ڏاڍ جو دائرو صرف نرسن تائين محدود ڪونهي، بلڪ جونيئر فيميل ڊاڪٽر کي به ان مسئلي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. پنهنجي ڊيوٽيءَ دوران جونيئر فيميل ڊاڪٽرياڻي کي پنهنجي سينئر جي رويي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.
    فضائي ميزبان جي ناتي، اسان وٽ ايئرهوسٽس جي باري ۾ گھڻائي خواب اسان جي ذهنن ۾ هوندا آهن، پر خود ايئرهوسٽس پاڻ چون ٿيون ته ايئر هوسٽس جو پيشو هن ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ جنسي ڏاڍ جو شڪار ٿئي ٿو. ”سچيءَ دل سان ٻڌايان ته اهو مونجھارو آهي ته اوهان مسئلن کي ڪيئن ٿا منهن ڏيو.“ هڪ سينيئر ايئر هوسٽس راشده صغير چيو، ”اسان وٽ ٽن قسمن جون فضائي ميزبان آهن. هڪ اهڙيون جيڪي پاڻ سان گڏ ڪم ڪندڙ مردن جي روين کي سختيءَ سان نظرانداز يا رد نه ٿيون ڪري سگھن، ڇو جو ان سان انهن جي نوڪريءَ جو مسئلو هوندو آهي. ٻيون اهي، جيڪي هن پيشي ۾ صرف مزي يا مڙئي وقت پاس ڪرڻ لاءِ آيون آهن ۽ اهڙيون انهن ڳالهين کي وڌيڪ اهميت نه ڏينديون آهن، بس دل جي مرضي هوندي اٿن. ٽيون اهي، جيڪي ڊپلوميسي ڪرڻ ڄاڻن ٿيون. پائلٽ يا پنهنجي آفيسر پاران ڏنل رات جي مانيءَ جي آڇ کي سولائيءَ سان ٽاري يا ان کي مطمئن ڪري سگھنديون آهن. اهڙيءَ طرح اهي دوستيءَ جي نالي ۾ سينيئرن کان گهڻو ئي حمايت حاصل ڪري وڃن ٿيون ۽ موٽ ۾ ڪجھ به نه ٿيون ڏين.“
    جيستائين ٽين وڻڪ واريون ميزبان (عورتون) آهن، انهن بابت ٿورو ڳالهائڻ ئي وڌيڪ بهتر آهي. انهن کي اوهين ٻين عملي جي ماڻهن سان، جتي به جهاز وڃي ٿو انهن سمورن اهم ماڳن تي ڊسڪوٿيقن ۾ چولولائيون/ناز نخرا ڪندي ڏسي سگھندؤ. اهي ڇوڪريون پنهنجيءَ نوڪريءَ لاءِ هر شيءِ جي قرباني ڏيڻ تي تيار هونديون آهن. ثمينه عالم هڪ اڳوڻي اسٽيوارڊيس (جهاز ۾ نظرداري ڪندڙ) چوي ٿي، ”اسان جو سينئر پائلٽ زور ڀريندو هو ته هن سان گڏ ڪاڪپٽ (جهاز جو اڳيون حصو جتي پائلٽ ويهي) ۾ ويهان“ ۽ پوءِ جوانيءَ جا ٽوٽڪا/قصا بيان ڪرڻ لڳندو ته ڪيئن هو ڇوڪرين کي ريجھائيندو/پيار ڪندو هو ۽ پوءِ، انهن سان جيڪو ڪجھ ڪندو هو اهو ڏاڍي چٽي تفصيل سان بيان ڪندو هو. ”هو بيمار هو. مون کي پنهنجيءَ شاديءَ، پنهنجيءَ زال ۽ ويندي پنهنجن ذاتي مسئلن بابت ٻڌائيندو هو. اهو ئي سبب آهي جو مون شادي ٿيندي ئي نوڪري ڇڏي ڏني.“ عاصمه جهانگير، وڪيل ۽ انساني حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ، چوي ٿي، ”هر ٽن فضائي، ميزبان (عورتن) مان هڪ پنهنجو گھر هلائي ٿي ۽ گھراڻي جو سهارو آهي. اهي ڪم ڪرڻ لاءِ مالي طرح باندي آهن.“ ثمينه جي حالتن کيس اهو موقعو مهيا ڪيو ته نوڪري ڇڏي سگھي. سوين ٻيون فضائي ميزبان آهن جيڪي اهڙو موقعو ملڻ جي نعمت نه ٿيون ماڻي سگھن ۽ ان ڪري اڻکٽ جنسي هراسپ/ستاءُ لوڙينديون رهن ٿيون.
    هوڏانهن، شوبزنس (نمائشي ڌنڌي جيئن فلم، ٽي وي ۽ اشتهاربازي ۾ ڪم ڪندڙ) ۽ ان سان واسطيدار ڌنڌن ۾ ڪم ڪندڙ عورتون تهائين وڌيڪ جنسي ستاءَ جو شڪار ٿين ٿيون. انهن بابت عام ويچار اهو آهي ته اهي بي دماغ بمبو آهن جيڪي پنهنجن نگاهن/نهارن مان کاڌ خوراڪ/جياپو ماڻن ۽ ان ڪري ڌيان ڇڪائي رکڻ گھرن ٿيون ۽ پوءِ ان (ڌيان) جي فطرت جهڙي به هجي ايتريقدر جو اهي عورتون جيڪي ٻي ڇيڙي تي ۽ ان ڏوهه جون مخالف آهن ڪڏهن ڪڏهن پاڻ به شڪار ٿي وڃن ٿيون.
    اها چڱيءَ طرح ڄاتل حقيقت آهي ته مهاجر قومي موومينٽ (ايم.ڪيو.ايم) جون ڪيتريون ئي ڪارڪن عورتون پنهنجن ليڊرن پاران جنسي استحصال هيٺ آيون. حقيقت ۾ ايم.ڪيو.ايم (حقيقي) دعوى ٿي ڪري ته ايم.ڪيو.ايم (الطاف ٽولي) سان سندس اختلاف اهڙن ئي عملن جي ڪري شروع ٿيو هو.
    ساڳيءَ طرح، هڪ کاٻي ڌر واري پارٽيءَ جي عورتن واري تنظيم جي ڪارڪن (عورتن) بابت اڳوڻي پارٽي اڳواڻ پاران چيو ٿو وڃي ته هر هر جنسي هراسپ/ستاءَ جو شڪار ٿينديون رهيون جنهنڪري ڪيتريون ئي عورتون اها پارٽي ڇڏي ويون.
    پر مالياتي ڏاڪڻ جي سڀ کان هيٺين ڏاڪي تي اهي به عورتون آهن جن کي انتهائي گھٽ درجو مليل آهي. ڪراچيءَ ۾، ڊفينس فيز-1 کان ايندي ڪورنگي روڊ تان گذرندي هر هڪ جو ڪورنگي انڊسٽيريل ايريا ۾ قطعي مختلف قسم جي دنيا سان واسطو پئجي وڃي. وڏين فئڪٽرين جي ڀتين پٺيان نظاري ۾ اڀري ايندڙ نقطن جيان هزارين عورتون پنهنجين حالتن کان مجبور ٿي ڪم جي انهن هنڌن تي پنهنجي ڄمار جو وڏو حصو غلامانه انداز ۾ گذاريو ڇڏين، پر اهڙيءَ طرح جيئن اهي پنهنجن گھرن ۾ ٻارن جو خيال رکنديون آهن. موٽ ۾ اجوري طور جيڪو ڪجھ کيس ملندو آهي اهو سندن مردن پاران ڪمايل ناڻي جي اڌ جيترو هوندو توڻي جو انهن کان انتهائي ڪِريل ڪم ورتا ويندا آهن. پر سندن بدحاليءَ جو اهو سڀ کان وڌيڪ خراب ڪم ناهي. انهن مان گھڻيون جنسي ستاءَ جي انتهائي ردي نمونن جو شڪار ٿينديون آهن. پر انهن جي ڏاکڙن/اهنجن بابت ساڻن ڳالهايو ته پهريائين اهي رُکي انداز ۾ مرڪنديون. ”اسان کي ڪوبه مسئلو ناهي.“ اهي چون ٿيون، ”سپروائيزر صاحب هڪ پيءُ جيان آهي ۽ همڪار ساٿي اسان جا ڀائر آهن.“ اچتو هڪ ڇيڙيندڙ/ڀڙڪائيندڙ هندي گانو چولي ڪي پِيڇي ڪيا هي... هڪ پراڻيءَ ڊيڪ جي لائوڊ مان گجڻ لڳي ٿو. اهو ڪنهن هلايو؟ ”هنن ڇوڪرين هلايو هوندو.“ اها عورت ڏوهي انداز ۾ قبول ڪري ٿي. ٻاجھاري انداز ۾ ٿورو پرچائڻ کان پوءِ 45 ورهن جي گوهر خاتون اوچتو ڦاٽ کائي ٿي. ”باجي، مان هتي گذريل سورهن ورهن کان ڪم ڪندي اچان ۽ مون گهڻو ڪجھ ٿيندي ڏٺو آهي. مرد وري به مرد ئي رهندو، اهي جنسي مريض آهن، اهو سندن نقص ناهي، اهي ته ڄاوا ئي اهڙا آهن، ٺيڪ آهي، اهي اسان کي ستائن ٿا پر اسان انهن کي قابو ڪرڻ سکي ورتو آهي. هتي ڪيل پندرهن ورهن جي ڪم دوران مون کي ياد ٿو پوي ته رڳو هڪ سپروائيزر ئي ڏاڍو سلڇڻو ماڻهو هو. هن هڪ ماڻهوءَ کي مون سان بدتميزي ڪندي پڪڙيو ۽ کڻي کيس ٻاهر ڦٽو ڪيو، پر هاڻوڪو نگران هڪ نج پج ماڻهو آهي ۽ تون سمجھي سگھين ٿي ته ڇا ٿيندو هوندو.“ 34 ورهن جي پاروتي چوي ٿي ته عورت کي بهرحال پنهنجيءَ حالت ۾ حصيدار سمجھڻ گھرجي. ”فئڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙ هنن ڇوڪرين مان گھڻيون بدڪردار آهن. اهي مرد جون پيش قدميون/چڙهتون همتائن ٿيون ۽ اهي لباس پهرن ٿيون ڄڻڪ عيد هجي يا ڏياري، توڻي جو اهي ڪم ڪرڻ اچن ٿيون. انهن کي چڱي هلت ڌارڻ ۽ هڪ مفاصلو رکڻ کپي.“ پاروتي چوي ٿي.
    جھنگ شهر جي رهاڪو بشيران، 16 ورهين جِي هڪ نوجوان پورهيت، اسان کي هڪ ڪنڊائتي پاسي وٺي وڃي ٿي. جيئن ئي هوءَ شروع ڪري ٿي سندس اکين ۾ ڳوڙها تري اچن ٿا. ”توهين مون کان منهنجيءَ حياتيءَ بابت پڇو ٿيون. منهنجي ته ڪا حياتي ئي ناهي. آئون رڳو کاوان ٿي، ڪم ڪيان ٿي ۽ سمهان ٿي... ۽ نيٺ به ته مون کي جاب جي گھرج آهي، ان ڪري لاچار هتي موجود مردن جي حمايت وٺان ٿي. پر ان موضوع تي ڳالهائڻ جي ڪهڙي گھرج آهي! توهان ته مون کي واريءَ جي ان ڪن مان ڪڍي نٿيون سگھو جنهن ۾ آئون ڦاٿل آهيان. آئون اهو سڀ ڪجھ هتي پنجاب ۾ رهندڙ پوڙهي ماءُ پيءُ لاءِ ڪيان ٿي. مون کي جيئرو رهڻ لاءِ جيڪو ڪجھ ڪرڻو پوي ٿو، جيڪڏهن کين ان جي سمڪ پئجي وڃي اهي شرم کان ٻڏي مري ويندا. مان توهان کي اهو ضرور ٻڌائينديس ته ڪالهه ڇا ٿيو...“
    هن جو آواز هڪ مشين آپريٽر جي زور سان کنگھڪر جي ڪري بند ٿي وڃي ٿو جيڪو ان مهل اتان اچي مٽيو. انهن سڙٻاٽن ۾ هڪ انوماني/معنى ڀريو نياپو آهي. ان کان پوءِ دنيا جي ڪا طاقت ناهي جو بشيران کي هڪ وڌيڪ لفظ ڳالهائڻ تي آماده ڪري سگھي.
    پڌرو آهي ته هراسپ/ستاءُ رڳو اڪيلو ناهي جيڪو عورتون لوڙين ٿيون. کين ماٺ ۾ رکڻ لاءِ دڙڪو هڪ ٻي هٿيار طور ڪم آندو وڃي ٿو.
    سوسن برائون ملر جي زوري زنا بابت لکيت ”اسان جي خواهش“ خلاف، جنهن ۾ هوءَ زوريءَ زناڪار جي سگھ جي حيثيت جو ڇيد ڪري ٿي، جنسي هراسپ جي سلسلي ۾ سٺو تجزيو مهيا ڪري ٿي. هوءَ لکي ٿي، ”ڪن زوريءَ زناڪارن وٽ جسماني قوت کان وڌيڪ ڪجھ ٻيو هوندو آهي. اهي هڪ قسم جو نظام جوڙي رکن ٿا جيڪو سندن مفاد ۾ ڪم ڪري ٿو ۽ اهڙيءَ حالت ۾ ڦاٿل شڪار کي ڪو وجھ نٿو ملي جو پنهنجا ڏک سور اوري سگھي... يا هڪ ڀاڙيندڙ ناتيداريءَ ۾ ڦاسائي رکن ٿا جيڪا کين هڪ مخصوص ذهني برتري جو درجو، هڪ مختيار ڪُل ڍانچو جوڙي ڏي ٿي جنهن ۾ شڪار جي مذاحمت گھٽجي وڃي ٿي.“
    حياتي انهن لکين عورتن لاءِ به بهتر ناهي جيڪي پنهنجي جياپي لاءِ گھريلو نوڪر طور شريف گھراڻن ۾ ڪم ڪن ٿيون. گھريلو نوڪرياڻين جون جنسي ستاءَ بابت اڻکُٽ ڪهاڻيون آهن، جنهن ۾ اهي گھر-مالڪن، انهن جي ڇوڪراٽ پُٽن، جيڪي حياتيءَ جون سڌيون/اصلي حقيقتون ڄاڻڻ گھرن ٿا يا خود ٻين مرد نوڪرن هٿان زوريءَ زنا جو شڪار ٿين ٿيون ۽ ڪي ته ڳهراريون به ٿي پون ٿيون.
    ثريا، جيڪا اتر ناظم آباد ۾ ڊي سلوا ٽائون ويجھو هڪ ڪچي آباديءَ ۾ رهي ٿي ۽ گذريل ڏهن ورهن دوران هڪ ٻهاري ڏيندڙ عورت طور 25 کان وڌيڪ ڪم ڪري چڪي آهي، جي چوڻ موجب نوڪر-رکندڙ بدران پاڻ نوڪر وڏو مسئلو آهن. اسين نوڪرن کي سنڀالي سگھون ٿيون، ته جيئن گھڻو جوکم نه رسائي سگھن پر ڀاڪر ۾ ڀرڻ يا پٺيان ٿپڪيون ڏيڻ جهڙا عمل، يا ايتري قدر جو ڪڏهن ڪڏهن ته مختلف رسالن ۾ اعتراض جوڳا فوٽو ڏيکارڻ هڪ عام عمل آهي. جيڪڏهن اسين چئون ته مالڪياڻيءَ کي اهڙي شڪايت ڪنديونسين ته اهي اسان کي ڊيڄاريندا ۽ دڙڪا ڏيندا ته اهي هن کي وري اسان جي بدڪردار هجڻ بابت قصا گهڙي ٻڌائيندا ۽ اسان جون مالڪياڻيون پنهنجن مڙسن جي سلسلي ۾ ايڏيون ته غير محفوظ/بي اعتبار آهن جو اهي جيڪڏهن ان قسم جي ڪا ڳالهه ٻڌن ته اسان کان وڌيڪ انهن مرد نوڪرن تي پت ڪنديون. ان ڪري اسين انهن کي ڪجھ ٻڌائي نه ٿيون سگهون ڇو ته اهي پنهنجي گھر ۾ هڪ چڱي-ڏيکارجندڙ (سهڻي منهن مهانڊي واري) عورت رکي، پنهنجي شاديءَ خلاف جوکم کڻي نٿيون سگھن.
    شايد اهو ئي ڪارڻ آهي جو گھريلو نوڪرياڻيون بدلائڻ جو رجحان ايڏو وڌيل آهي. ”ماڻهو شڪايت ٿا ڪن ته اسين پنهنجي نوڪري ڪندي هڪ هنڌ ڇو ٽڪي نٿيون رهون. ڇا اسان کي پنهنجيءَ پسند جو حق آهي؟“ 20-ورهن جي پرڪشش رشيدان پڇي ٿي، جنهن کي هڪ سال ۾ چار نوڪريون بدلائڻيون پيون. ”اسين ته پنهنجن مڙسن کي رڳو ايتري دانهن به ٻڌائي نه ٿيون سگھون ته اسان کي ڪو جنسي طرح هرسايو وڃي ٿو.“ بلقيس چوي ٿي، جيڪا ڊفينس ويجھو گھٽ آمدنيءَ وارن جي رهائشي ايراضي ”اعظم بستي“ ۾ رهي ٿي. ”امڪان اهي آهن ته هو اهو سمجھندا ته اسان ان مصيبت کي پاڻ ئي سڏ ڏنو آهي.“
    حقيقت ۾، عورتن کي گھڻن ئي محاذن تي جنگ وڙهڻي پوي ٿي. پنهنجي ڪم واري هنڌ جنسي طرح اهي عورتون پنهنجي مڙسن (يا مائٽن) کي ان ڊيڄڙي مان ڪڍڻ جي دانهن نه ٿيون ڏئي سگھن، ڇو ته اهي به خود کين ئي ڌيان ڇڪائڻ جو ذميوار سڏيندا. جنسي هراسپ هڪ اهڙي قسم جو ڏوهه آهي جنهن جو نقص، عام سمجھ موجب، اڳرائي ڪندڙ کان وڌيڪ ان جي شڪار ٿيل ۾ سمجھيو وڃي ٿو. ڊاڪٽر عُنيزه نياز انور، هڪ ڪنسلٽنٽ سائڪياٽرسٽ چوي ٿي، ”عورتون اهڙن روين جي ڪري پنهنجيءَ شڪايت ڏانهن خصوصي ڌيان/ردعمل جي اميد رکنديون آهن ۽ اهو، جڏهن ان حقيقت سان ملائجي ٿو ته جنسي ستاءُ اڪثر ڪري اڻ برابر قوت وارن ناتن ۾ جنم وٺندو آهي، هڪ اهڙي فضا پيدا ڪري ٿو جنهن ۾ گھڻا شڪار ڳالهائڻ بند رکن ٿا، بس اڪيلي سر سانڍي رکن ٿا.“ ڊاڪٽر عنيزه وڌيڪ ٻڌائي ٿي ته عورتون پنهنجي بي عزتيون انهيءَ ڊپ کان ماٺ مٺيءَ ۾ لڪائي رکن ٿيون ته متان راڄ ڀاڳ ۽ گھريلو ماحول ۾ سندن قدر کي سخت هاڃو رسي. ڊاڪٽر عنيزه جي چوڻ موجب جنسي بدنامي هڪ اهڙو هٿيار آهي جيڪو عورت کي پنهنجيءَ عزت جي سلسلي ۾ لاڳيتي ڊپ سان ٺاهه ڪرائي رکي ٿو، ڇو ته اهو سندس نوڪري يا گھريلو سهارو يا هن ساڙيلي دنيا ۾ سندن جياپو ئي ختم ڪري سگھي ٿو.
    ڊاڪٽر عنيزه جي مريضن مان هڪ نوجوان ڇوڪري انهيءَ صورتحال جو جيئرو مثال آهي. جڏهن اها ڇوڪري هڪ مقامي اسپتال ۾ سائڪياٽرڪ مدد (من-روڳ جي علاج) لاءِ آندي وئي تڏهن هوءَ اڳواٽ ئي شديد نراسانيءَ/اداسيءَ (ڊپريشن، اندروني گُھٽ) جي مريض ٿي چڪي هئي جنهن ۾ پاڻ مارڻ جو لاڙو سمايل هو. هن جو اڪيلو نقص رڳو اهو هو ته هن کي بس اسٽاپ تي ڪنهن نوجوان سان ڳالهائيندي ڏٺو ويو. هن جي پاڙيسريءَ، جنهن کيس ڏٺو، اهو واقعو وڌائي چاڙهي بيان ڪيو. ڪهاڻي هن جي ماءُ پيءُ تائين پهتي ۽ انهن کي هن جي نقص جي ايتري ته پڪ ٿي وئي جو هنن سندس ڳالهه ٻڌڻ کان ئي نابري واري ڇڏي. هوءَ ته رڳو عام رواجي هراسپ جو شڪار ٿي هئي، ان جو سبب نه هئي. خود پنهنجن سڀ کان وڌيڪ ويجھن لاڳيتن مهڻن، طعنن ۽ بدنامين جي ڪري هن جو من گھائجي پيو. ٻاهرين اثرن کي پري رکو، ڪيترين عورتون ته پنهنجي اندر جي اونهائين ۾ پيهي ويل ڊپ رکنديون آهن ته اهي پاڻ ئي پنهنجيءَ بدحاليءَ جون ڏوهاري آهن. ”هي هڪ ڏاڍو، پراڻو مونجھارو آهي، هڪ روڳ. ”جيئن ته اسان پارن ماڻهن جي ثقافت ماءُ ۽ زال هجڻ کان سواءِ عورت جي ٻي هر حق کي رد ڪري ٿي، ان ڪري هن تي فرد جي حيثيت ۾ مرڪوز ٿيل ڪوبه ڌيان/عزت منجھس گھِري شڪ جو احساس جاڳائي ڇڏي ٿو.“ هڪ من-ڄاڻڪ (سائڪالاجسٽ) چوي ٿي. من-ڄاڻڪ ثمينه متين چوي ٿي، ”جن عورتن کي جنسي طرح ستايو ويو آهي اهي ڏوهه، نراسائيءَ ۽ شرم جي احساسن هيٺ وٺجي/گهٽجي وڃن ٿيون.“
    حالتن سان ٺهڪائڻ ۽ عورتاڻي من بابت ڳالهائي جيئن سوسن برائونملر پڌرو ڪري ٿي، ”عورتن کي اهڙي سکيا ڏني ٿي وڃي جو اهي زوري زنا جو شڪار ٿي سگھن.... سنيهو صاف صاف آهي. زوري زنا کي اسان جي جنس سان ڪجھ ڪجھ ڪرڻو آهي. زوري زنا خواتين سان ٿيندڙ هڪ هيبتناڪ شيءِ آهي... ۽ جيستائين اسان پنهنجي قدم کي سنڀاليون، ان کان اڳ ئي اها اسان جي تقدير/قسمت بنجي وڃي ٿي.“
    ڪنهن مرد سان جنسي جلهه بابت ڳالهائي ڏسو، پوءِ اهو سمجھڻ ڏکيو ناهي ته عورتون ڇو ان بابت ائين سمجھن ٿيون. ڪيترن ئي مردن سان انٽرويو ڪندي خبر پئي ته اڪثر عورتون ان آپدا جي شڪايت ڪن ٿيون. ”اهي پهريائين پيش قدمي جي دعوت ڏينديون ۽ ان کان پوءِ مرد تي تهمت آڻينديون ته غلط رويو رکي ٿو. هر آرگنائيزيشن ۾ اهڙيون عورتون اوس هونديون جيڪي ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هراسيون وڃن ٿيون. ڪڏهن سوچيو اٿوَ ته ڇو؟ مان اهو نه ٿو چوان ته عورتون ڪو هراسيون نه ٿيون وڃن، پر نه ٿو قبوليان ته اهي هر واري رڳو شڪار هونديون آهن.“ ظفر زيدي، هڪ اڪائونٽنٽ، چوي ٿو، جيڪو مڃي ٿو ته هن پنهنجي ڪيترين ئي همڪار ساٿي عورتن ڏانهن پيش قدمي ڪئي آهي پر هن جي نيت هراسڻ ناهي. ”مان ڇوڪريءَ سان لهه وچڙ ۾ اچڻ کان اڳ ان جو نمونو/قِسم سمجھڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان ۽ ان کان پوءِ ان پٽاندڙ کيس رسندو آهيان. فضيلت ڀريون ڇوڪريون عزت لهڻن ٿيون ۽ اهي مون جهڙن ماڻهن کان اها ماڻن ٿيون.“
    اهڙي قسم جي پارسا رهڻي ڪهڻي جيڪا سمورو بار عورت تي اڇلائي ڇڏي، پاڻ ۾ جنسي غلط ڪاري سان واسطيدار سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ ڏند ڪٿا جو جوهر رکي ٿي ته ڪابه عورت پنهنجيءَ خواهش خلاف ناپاڪ نٿي ڪري سگھي. ڪئٿرين مئڪينن جي چوڻ موجب: ”زوري زنا ڪيل عورتن کي اهڙين نظرن سان ڏٺو وڃي ٿو ڄڻڪ انهن اهڙي گُھر ڪئي هجي... مردَ، جيڪي جنسي طرح ستائن ٿا، اٽلو وري اهو چون ٿا ته عورتون کين ئي جنسي طرح هراسن ٿيون. انهن جو مطلب آهي ته منجھن ”جاڳ“ اهي ئي عورتون پيدا ڪن ٿيون جيڪي وري کين ڌتاريو ڇڏن.“ فرائيڊين ڏوهڄاڻڪ (ڪرمنالاجسٽ) چوي ٿي ته جيڪي زوري زنا جهڙي مامري کان پاسو ڪندڙ هئا، انهن پاڻ جنسي طور جُلهه ڪندڙن ۽ زنا ڪارن کي ڏوهه جو خطادار سمجھڻ بدران شڪار سڏڻ شروع ڪيو. ”جنسي حملي آور ۽ ان جا حملا“ ۾ بينجامن ڪارپمن لکيو، ”(زوري زناڪار) هڪ مرض جو شڪار ٿيل آهي جنهنڪري انهن مان گھڻا پنهنجي شڪار کان وڌيڪ پاڻ لوڙيندا آهن.“ چِٽو آهي ته هڪ صدي گذرڻ باوجود جنسي بدڪاريءَ ڏانهن مردن جو رويو ڪو خاص نه سڌريو آهي.
    ڊاڪٽر عنيزه محسوس ڪري ٿي ته هيءَ هڪ جنگ آهي جنهن ۾ عورتن کي مجموعي طرح مرد جي پاسي کان رڳو معمولي/ٿورڙي مدد جي ئي اميد رکڻ گھرجي. هوءَ چوي ٿي ته اهو ان ڪري ئي ٿئي ٿو جو مردن ۾ هڪ ٻي کي تحفظ ڏيڻ جو لاڙو موجود آهي. عورتن کي گھرجي ته عورتن جو سهارو ٿين. هوءَ وڌيڪ چوي ٿي، ته مرد عورتن مان ان ڪري غير واجبي فائدو وٺن ٿا جو اهڙين حالتن ۾ اهي ورلي ڪو هڪ ٻي جي بچاءَ ۾ اڳتي اچن ٿيون. هر عورت ڪوشش ڪري ٿي ته پنهنجن مفادن جو بچاءُ ڪري، بنا اهو محسوس ڪرڻ جي ته ڀيڻپي ۾ سگھه وڌيڪ آهي.
    ڪراچي ۾ رهندڙ گھڻين عورتن لاءِ ”بوهري بازار“ وڃڻ وارين اوائلي يادن ۾ اها شامل هوندي ته کين چُهنڊڙيون لڳنديون ۽ ٿيلها/ڌڪا ايندا ۽ ڪونه ڪو ”دوپته گليءَ“ کان وٺي ”چاٽ ڪارنر“ تائين سندن پويان پيو ايندو ۽ ساڳيو ماڻهو ٽي ٽي ڀيرا به ساڻن ڪلها گسائيندو. اها ڳالهه لڳ ڀڳ سمورين مقامي بازارن، فن فيئرز يا اهي هنڌ جتي پيهه ٿئي ٿي، بابت سچ آهي.
    مسئلو انهن عورتن لاءِ وڌيڪ شديد آهي جن کي ڪم ڪرڻ لاءِ ڊگھي پنڌ تي وڃڻو پوي ٿو. هڪ جائزو ٻڌائي ٿو ته جنسي هراسپ جي ڪجھ بدترين واقعن مان ڪي بس اسٽاپن تي ۽ بسن ۾ ٿين ٿا. سلمه مختلف آفيسن ۾ گذريل ٽن ورهن کان هڪ رسيپشنسٽ (ڪنهن ڪم واري هنڌ آڌرڀاءُ ڪندڙ) واري ڊيوٽي پئي ڪئي آهي. هن کي ڊيوٽيءَ تي پهچڻ لاءِ ايف 16 بس ۾ سفر ڪرڻو پوي ٿو. هوءَ چوي ٿي، ”جڏهن توهين بس اسٽاپ تي انتظار ڪري رهيا آهيو، مرد نه رڳو تبصرا ڪن ٿا پر اهي توهان کي ڌڪا به ڏيندا، ايتري قدر جو چنبو به هڻي ڪڍندا، ۽ ڪوبه واهر ڪرڻ وارو ناهي، پوليس به نه. سمجھيو ٿو وڃي ته بسن ۾ ڪي سيٽون عورتن لاءِ محفوظ رکيل هونديون آهن، پر مرد سدائين اهي والاري ويهندا آهن. سيٽ جي گُھر ڪرڻ معنى نظارو خلقڻ، تنهنڪري آئون جيڪو ڪجھ ڪري سگھندي آهيان، اهو هيءُ ته ماٺ ڪري ڪنهن ڪنڊ ۾ بيهي رهان ۽ ڏهاڙي الله کي ياد ڪندي رهان، ته مون کي هراسپ کان بچائي.“
    جنسي هراسپ جو درجو ۽ شدت پنهنجين شهر واسي ڀينرن جي ڀيٽ ۾ ڳوٺ واسي عورتن کي شايد وڌيڪ ڏسڻو پوي ٿو. ٻنين ۾ ڪم ڪندڙ عورتون، خاص طرح جيڪي گھٽ ذاتين سان واسطو رکن ٿيون، جيئن سِرن جي بٺن تي ڪم ڪندڙ، عادتن هراسيون وينديون آهن ۽ ايتري قدر جو کين زوري زنا ۽ اذيت/تشدد جو به شڪار ڪيو ويندو آهي. اهڙن ڪيسن جي سلسلي ۾ داخل ڪيل ايف آءِ آرون هيئن شروع ٿينديون: ”مان پنهنجين ٻڪرين کي چارائي رهي هئس جو مون تي حملو ڪيو ويو...
    عاصمه جهانگير پڪ رکي ٿي ته ڳوٺ واسي عورتن جي ڀيٽ ۾ شهر واسي عورتن کي مليل فائدا گھٽ آهن، ڇو ته ڳوٺاڻين عورتن وٽ گھٽ ۾ گھٽ ڪجھ اهڙا طريقا موجود آهن جو اهي ڪنهن به اهڙي قسم جي بگاڙي کي منهن ڏئي سگھن. ڳوٺن ۾ هر هڪ ٻي ماڻهوءَ کي سڃاڻي ٿو تنهنڪري سڄي راڄ ۾ شرمندو ٿي پوڻ جو تصور موجود آهي، پر اهڙي ڳالهه شهر ۾ وجود نه ٿي رکي. گھٽيءَ ۾ ٿيندڙ ڏوهه کي ماڻهو لاتعلقيءَ سان ڏسندا. شهرن ۾ عورتون وڌيڪ اڪيليون ۽ ڇڳل آهن. سول قانوندان فيض عيسى ان نظريي جي تصديق ڪئي. ”توهان جيڪڏهن ڪوئٽا يا بلوچستان جي ڪنهن ڳوٺ ۾ سينڍ وڄايو ٿا، اهو هڪ قبائلي جھيڙي کي چڻنگ ڏيارڻ هوندو، پر جيڪڏهن اهڙو ئي عمل صدر بازار ڪراچيءَ ۾ ڪبو، ته ان عمل کي نندڻ وارو ڪوبه نه هوندو.
    هڪ عورت کي جنسي هراسپ جيڪو جذباتي ۽ ذهني ڌڪ رسائي ٿي، ان کي پاسيرو رکندي، اهو به هڪ عملي مسئلو آهي ته اها ڪيئن سندس ڪم جي لياقت تي اثر وجھي ٿي. ملڪ جي هڪ گھڻ قومي اداري مان هڪ سيڪريٽري ٽي مهينا اڳ نوڪري ڇڏي هلي وئي، ڇو ته سندس چوڻ موجب هن جي باس/بالاعملدار لاڳيتو کيس ستايو پئي ۽ سندس لاءِ ڪم ڪرڻ ناممڪن بنائي ڇڏيو. جيئن ته هن جي ڪم جي اپت واري سطح گهٽجي وئي ان ڪري کيس پاڻهرتو شڪ ٿيو ته شايد سندس لياقت ختم ٿي وئي آهي. سندس باس ۽ سندس اندروني مونجھارن جي لاڳيتي دٻاءَ جي وچ ۾ پيسجندي، هوءَ ڪم ڪرڻ لائق نه رهي جنهنڪري اهو جاب کيس ڇڏڻو پيو جنهن سندس حياتيءَ ۾ هڪ اطمينان پيدا ڪيو.
    هڪ مشهور من-ڄاڻڪ چوي ٿي، ته اهڙين حالتن ۾ ڪيتريون ئي عورتون پنهنجو جاب ڇڏي ڏين ٿيون، توڻي جو ائين ڪرڻ اهي برداشت به نه ٿيون ڪري سگھن. ”جيڪي ان باوجود نوڪري جاري رکيو اچن، اهي سک محسوس ڪرڻ بدران ڏاڍي بيچينيءَ ۽ مونجھ ۾ رهن ٿيون. انهن جي ڌيان گھرندڙ هنرن تي اثر پوي ٿو ۽ ان سان گڏ هن جي ٻاهرين زندگيءَ تي به اثر پوي ٿو. اهو مٿن من روڳي اثر پڻ وجھي سگھي ٿو.“ هوءَ چوي ٿي.
    نيٺ جواب ڪهڙو آهي؟ جيئن جيئن وڌيڪ عورتون گھرن کان نڪري ڪم واري هنڌ اچن ٿيون ــــــ هڪ اهڙو عمل جيڪو ضرورتن ۽ عورتن جي ڄمار ٻنهي جي تقاضا آهي ــــــ جنسي هراسپ جو مامرو بحث هيٺ اچڻ لاءِ وڌيڪ اهميت وٺندو وڃي.
    مسئلي جو حل موٽ کائي، هار مڃي، گھرن جي تحفظ هيٺ لڪڻ ۾ ناهي ــــــ جيئن بنياد پرست پرچار ڪندا رهندا. هيءَ هڪ جنگ آهي جيڪا نه رڳو وڙهڻي، پر کٽڻي به آهي.
    هڪ من-روڳ ڄاڻڪ چوي ٿو، ”خبرداري ۽ سچيتائي ئي اها ڪُنجي آهي جيڪا هن تمام حقيقي مسئلي جو حل آهي. جنسي هراسپ کي هڪ ڏوهه طور مڃڻو پوندو. جيئن ته اهو تمام لازمي آهي ته عورتون پنهنجن تجربن بابت ڳالهائڻ شروع ڪن. مثال طور، اهڙو ڪو واقعو جيڪڏهن راهه هلندي ٿي پوي، ته ستايل شڪار کي گوڙ ڪرڻ گھرجي. عورت کي اتي موجود مرد جهڙو مثال قائم ڪرڻ ۽ رکڻ گهرجي. ان کان پوءِ ڪا حرڪت ڪرڻ کان اڳ مرد کي ٻه ٽي ڀيرا سوچڻو پوندو.“
    من-روڳ ڄاڻڪ ثمينه متين ٻڌائي ٿي ته ڪيئن سندس ڪار جي ڪڍ مردن جو (واهيات) ٽولو پئجي ويو ۽ کيس هراس ڪرڻ لڳو، جڏهن هوءَ اڃا شاگردياڻي هئي. ۽ هڪ گھريلو نوڪرياڻي ٻڌائي ٿي ته ڪيئن پنهنجي بچاءَ ۾ پنهنجو اڪيلو هٿيار ڪم آڻيندي هئي، جڏهن ڪو مرد کيشٽ ڪندو هو. اهو هٿيار هو هڪ پلاسٽڪ جي ٿيلهي؛ ٻوڙ سان ڀريل.
    هڪ من-ڄاڻڪ چوي ٿي، ”مان ٻن سطحن تي ڪم ڪندي هئس. پهريون، آئون اهي واهون جاچڻ شروع ڪندي هئس ته جيڪو ماڻهو هراس گھڙي ٿو، ان کي ڪيئن ان جو ذميوار به قرار ڏياري سگھجي ۽ ان ڪوشش ۾ ڪيئن ٻي ماڻهوءَ جي سهڪار هٿ ڪجي، ۽ جذباتي سطح تي، آئون شڪار ٿيل عورتن سان ڳالهيون ڪري کين ان عمل تي آماده ڪندي هئس، اهو سندس نقص نه هو، ته جيڪو ڪجھ ٿيو، ان بابت پاڻ تي تهمت نه آڻين ۽ انهن کي پنهنجن احساسن کان ڊڄڻ نه گھرجي.“
    ڏڍ بنجندڙ ٽولا اهو اهم وسيلو آهن، ان ڪري ساڳيءَ حالت ۾ ڦاٿل ٻين عورتن سان ويجھا ناتا قائم ڪرڻ گھرجن. مسئلن کي سڃاڻڻ، همدردي ڪرڻ ۽ هراسپ کي ختم ڪرڻ لاءِ حل ڏيڻ، شڪار ٿيل عورتن جي مدد ڪرڻ آهي ۽ ممڪن آهي ان نموني مسئلو حل ٿئي.
    عاصمه جهانگير چوي ٿي، ”جنسي هراسپ ملڪ ۾ عورتن جي عمومي/گڏيل قدرن جي موٽ آهي. ڪنهن به تبديليءَ پيدا ڪرڻ لاءِ روين ۾ تبديلي، عورتن جي تصورن ۾ تبديلي آڻڻي پوندي. قانون کي بدلائڻ پنهنجي سر ڪو موٽ-جواب ناهي. ان کي عورتن جي گڏيل واڌاري/سڌاري لاءِ به ڪجھ نه ڪجھ ڪرڻو پوندو. هڪ مضبوط عورت کي جنسي هراسپ جو موضوع نه ٿو بنائي سگھجي، ڇو ته مرد چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو ته هوءَ هاڻي ان وسيلي ستائي نه سگھبي.“ (”نيوز لائين“، جنوري 1994ع جي ٿورن سان)
    (ڇپيل: ”عبرت ميگزين“ حيدرآباد ۾، 1 ۽ 15 فيبروري 1994 ۾، ٻن قسطن ۾)


    ڀاڱو ٽيون

    سنڌ ۾ پنجاب کي گم ڪرڻ

    سنڌ ۾ پنجاب کي گم ڪرڻ
    (بالادست سامراج جو هڪ صديءَ تي پکڙيل داستان)
    ليکڪ: پروفيسر ڊاڪٽر صاحب خان چنو


    هيءُ مضمون پڙهڻ کان پوءِ
    سمجھ ۾ اچي ٿو ته: بنگال کي بيدرديءَ سان ڦرڻ، مارڻ ۽ اڌ ڪُٺو ۽ تباهه ٿيل حالت ۾ ڦٽي ڪرڻ جو اصل سبب ڪهڙو هو ــــــ ”عظيم پنجاب“ منصوبي جي ور چڙهي ويل مفت جو مال!
    سوال ٿو اٿي ته: ”عظيم پنجاب“ جي هن منصوبي ۾ حصو وٺندڙ ۽ هٿ ونڊائيندڙ سنڌي سياستدانن کي اٻوجھ سڏجي، احمق سڏجي يا پنجاب ۽ انگريز جو باشعور ڇاڙتو؟
    سوچڻ گھرجي ته: ڪشمير لاءِ ”ويڙهه“ جو ڪارڻ ڪهڙو آهي؟
    ۽ جيڪڏهن ڪي... هي مضمون پڙهڻ کان پوءِ به عظيم پنجاب جي خدمت گذاري ڪندا رهن، ته انهن کي ڇا سڏجي؟
    - سنڌيڪار
    1843ع ۾ سنڌ کي جيتيو ۽ برطانوي انڊين سلطنت سان ڳنڍيو ويو. سنڌونديءَ تي قبضو ڪري علائقي ۾ روسي اثر خلاف هڪ بچاءُ بند قائم ڪرڻ ۽ موٽ ڏئي سگھڻ لاءِ سامراج جو برج (Bastion) ٺاهڻ ئي برطانوي پاليسي جي عمل جو ڪارڻ هو. ترت ئي، پنجاب، جيڪو افغانستان منجھان روسي دڙڪي دهمان خلاف ڏينهون ڏينهن بهتر پرزو پئي ڏٺو، نيٺ جيتيو ويو ۽ 1849ع ۾ انڊين سلطنت سان ڳنڍيو ويو.
    پنجاب تي جيت افغانستان ڏانهن سولي متبادل راهه مهيا ڪرڻ سبب، سنڌ جي حيثيت (Nature) ۽ اهميت تمام گڻي وڌائي ڇڏي. سنڌ پنجاب سميت سڄي انڊيا جي اتر-اولهه ڏانهن هڪ قدرتي رستو ٿي پئي. سنڌ هاڻي نه رڳو اتر-اولهه سرحد جي بچاءَ لاءِ پر انڊيا جي هن حصي ۾ سپاهين جي اچ وڃ ۽ پهچاءَ لاءِ پڻ وڏي اهميت واري ٿي پئي. ان ڪري ترت ئي سامراجي جنگي ماهرن محسوس ڪري ورتو ته سنڌ کي هڙپ ڪري وڌايلُ ۽ سگھاريلُ پنجابُ بمبئي پريزيڊنسي ۾ رکيل اميدن جي ڀيٽ ۾ بهتر ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو. نتيجي ۾، 20 فيبروري 1856ع ۾ ئي، لارڊ ڊلهوزي انڊيا جي گورنر جنرل (1848ع-1856ع)، اها صلاح ڏني ته پنجاب کي چيف ڪمشنرشپ (وڏي اختياري) مان ليفٽيننٽ گورنرشپ (نائب حاڪمي) تائين وڌايو وڃي ۽ سنڌ ان حڪومت هيٺ هجي. هن اعلان ڪيو ته ”پنجاب ۽ سنڌ پنهنجي مائٽاڻي/نسبتي جاگرافيائي بيهڪ جي لحاظ کان قدرتي طرح انڊين سلطنت جي اولهندي پاسي سرحد صوبو ٺاهن ٿا.“ ڊائريڪٽرن جي ڪورٽ، بهرحآل، مالي سببن جي ڪري ان منصوبي جو مزو ماڻڻ لاءِ تيار نه هئي، پوءِ به، ان قبول ڪيو ته ڪنهن ٻي مرحلي تي ان بابت سوچي سگھجي ٿو.
    اها صلاح ان وقت وري ورجائي وئي جڏهن 1857ع جي اٿل کان پوءِ نئين سر انتظامي جوڙجڪ ڪئي وئي. 1857ع جي بغاوت نه رڳو انڊيا کي قبضي هيٺ رکڻ لاءِ برطانوي سامونڊي قوت جي اهميت تي زور ڊرامائي انداز ۾ وڌرائي ڇڏيو پر ڪراچي بندر ۽ پنجاب جي وچ ۾ ڳنڍپون (Communications) سڌارڻ جي گھرج پڻ وڌائي ڇڏي. 1857ع وارا واقعا هلندي جڏهن بنگال بغاوت هيٺ هو، اتر-اولهه صوبن (يو-پي = اتر پرديش) ۽ ڪلڪتي جي وچ ۾ سموري سڌي ڳنڍپ تباهه ٿي وئي. ”اڻٽر نموني ڪراچي وات ٿي پئي“ ۽ سنڌ ”اها نـڙي جنهن منجھان ئي پنجاب جي فوجي قوت وڌائي ۽ رسد پهچائي سگھي پئي ۽ ڪلڪتي يا لنڊن ڳالهائي سگھجي پيو.“ نتيجي ۾ سنڌ کي پنجاب سان گڏائڻ جو خيال سامراجي مفادن کي ڏاڍو وڻڻ لڳو ۽ ان جِي انگلئنڊ ۽ انڊيا جي ڪجھ اخبارن وسيلي ڏاڍي ڌام ڌوم سان وڪالت ٿيڻ لڳي. 1857ع جي بغاوت کي چيڀاٽڻ جي بي مثل خدمتن ان صلاح کي وڌيڪ زور وٺايو.
    1857ع جي بغاوت کي چيڀاٽڻ ۾ پنجاب جون خدمتون نيٺ هن نموني انعاميون ويون جو اتر-اولهه صوبن (يو-پي) جو ڳڻپ جوڳو ڀاڱو ان جي حوالي ڪيو ۽ ان کي ليفٽيننٽ گورنرشپ جي درجي تي پهچايو ويو. پنجاب سان سنڌ کي گڏائڻ جو سوال وري ڌيان هيٺ آندو ويو پر سنڌ ڳنڍپ وسيلن جي پوئتي پيل حالتن جي ڪري لارڊ ڪئننگ، انڊيا جي گورنر جنرل ۽ پهرين وائسراءِ (1856ع-1862ع)، پنهنجي رضا ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ان ڪري ’جيئن هو تيئن‘ برقرار رکيو ويو. تڏهن به انڊيا ۾ بيٺڪي انتظاميا سان ويجھو واسطيدار ڪجھ نمايان برطانوي آفيسرن پنجاب-سنڌ گڏپ جي وڪالت جاري رکي. گڏپ لاءِ ان لِيلاءَ جو مقصد نج سياسي ۽ لشڪري (Military) بنيادن تي بيٺل هو. ان جو اتم مقصد انڊيا جي پوءِ ٺهيل اتر-اولهه سرحد جي پوري پکيڙ تي عمل ۾ ٻڌيءَ کي مضبوط رکڻ هو. بهرحال، ان کان پوءِ، بڇڙا ارادا رکندڙ حلقن، خاص طرح پنجاب ۽ سنڌ جي يورپي واپاري برادريءَ پاران اهو معاملو پڻ کنيو ويو.
    1879ع ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ ريل-راهه ٺهي چڪڻ سبب پنجاب جو ڏيهي پرڏيهي وڻج واپار وڏو زور وٺي ويو. انهيءَ ترقيءَ بڇڙا ارادا رکندڙ مفادن جي سنڌ-پنجاب گڏائڻ واري رٿا کي ڇِٻي ڏني. انهن جي ٻولڙين، سول ۽ ملٽري گزيٽ لاهور ۽ ان جي ٻالڪيءَ سنڌ گزيٽ ڪراچي، ان رٿا جي پوئواريءَ ۾ هڪ سلسلو شروع ڪري ڏنو. اڳ جيڪو ڪجھ رڳو لشڪري ۽ انتظامي سببن جي ڪري اهم ڄاڻايو پئي ويو، اهو هاڻي جاگرافيائي، نسلي، سياسي ۽ واپاري سببن جي ڪري اهم ڄاڻائجڻ لڳو.
    پنجاب سان سنڌ کي گڏرائڻ جي سوال سنڌ جي آئيندي بابت هڪ غير يقيني ڪيفيت پيدا ڪئي. خطري کي پنهنجي مٿان محسوس ڪندي سنڌ سڀا، 1882ع ۾ ٺهيل سنڌين جي سرواڻ غيرفرقيوار تنظيم، سنڌ جي مفادن لاءِ آواز اٿارڻ ۽ انهن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ اهڙيءَ حرڪت تي سخت اعتراض ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي. ان اهو اعلان ڪرڻ ضروري ڄاتو ته سنڌ جا ماڻهو سنڌ کي پنجاب جو ماتحت بنائيندڙ اهڙي هر حرڪت جي سخت خلاف هئا. ان بمبئي حڪومت کي ”پنجاب ڏانهن سنڌ جي تبديلي خلاف پنهنجن سببن ۽ دليلن جي هڪ خاص ياداشت ڏياري موڪلي.“ لارڊ ڪرزن جي ڏينهن ۾، جيڪو 1899ع ۾ انڊيا جو گورنر جنرل ۽ وائسراءِ ٿيو، سمورين اڳوڻين صلاحن کي پوريءَ طرح ڌيان ۾ آڻيندي نيٺ اهو فيصلو ڪيو ويو ته پنجاب کان سرحدي ضلعا ڌار ڪري سنڌوءَ مٿان نئون سرحدي صوبو ٺهرايو وڃي. نئين صوبي 9-نومبر 1901ع ۾ وجود ورتو.
    اتر-اولهه سرحدي صوبي جي ٺهڻ پنجاب کي سندس سرحدي ضلعن جي نقصان جي عيوضي جو سوال اٿاريو. سنڌ جي قسمت پنجاب سيڪريٽريٽ جي قبضي هيٺ ڏيڻ لاءِ موقعو ڏاڍو مناسب سمجھيو ويو. ڪرزن، بهرحال،ان خيال جو هو ته چناب، جهلم، لوور باري دوآب ۽ سنڌ ساگر منصوبن جي ڪري پنجاب ۾ آيل شاندار واڌارن ۽ ان جي نتيجي ۾ پنجاب سيڪريٽريٽ جي وڌيل ڪم کي ذهن ۾ رکندي عيوضي جو سوال انتهائي اجايو هو، تنهنڪري اهو فيصلو ڪيو ويو ته ڪوبه عيوضو ضروري ڪونه هو.
    1911-1912ع ۾ پنجاب کي عيوضي ڏيڻ جو سوال تڏهن وري نسرڻ لڳو جڏهن ڊسمبر 1911ع جي دهلي درٻار ۾ انڊيا جي گادي ڪلڪتي کان دهليءَ تبديل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. لڳ ڀڳ سڀني پنجاب جي مادري ۽ انگريزي اخبارن، جن ۾ سول ۽ ملٽري گزيٽ لاهور؛ ٽرائبيون لاهور؛ پنجابي لاهور ۽ پايونيئر الهه آباد پڻ شامل هيون، ڏاڍي ڌوم ڌڙڪي سان ٻٽيڪو مچايو. معاملي کي 1914ع تائين تازو رکيو ويو، تان جو بين الاقوامي ڇڪتاڻ ان کي ماٺو ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو. خاص لفظ ۾، پنجاب جا مطالبا اتي پهتا هئا ته: 1- جيئن ته بنگال جي ورهاست منسوخ ڪئي وئي آهي تنهنڪري پنجاب جي ورهاست به منسوخ ڪئي وڃي، جنهن موجب پنجاب کان وڍي ڌار ڪيل پنج ضلعا وري پنجاب سان ملايا وڃن، ۽ 2- پرڏيهي برتري واري سرحد دهلي (Delhi Enclave) جي علحدگي سبب پنجاب کي عيوضي طور سنڌ ڳنڍي ڏني وڃي.
    1912ع، 1913ع ۽ 1914ع جي پهرين اڌ ورن سالن ۾ سنڌ، پنجاب ۽ بمبئي پريزيڊنسي جي اخبارن ان سوال تي شد مد سان بحث ڪيو. ان بحث جو پڙاڏو ڪلڪتي ۽ لندن جي اخبارن ۾ پڻ ٻُڌجڻ لڳو. پنجاب ڏانهن سنڌ جي رٿيل تبديلي جي خلاف سنڌ جا احساس تمام سخت هئا. سنڌي ان جس ”سخت مخالف“ هئا ۽ ”سنڌ جي سڀني“ مادري توڙي انگريزي اخبارن ان رٿ خلاف ”سخت احتجاج“ ڪيو. هِتي، پنجاب سان سنڌ جي گڏجڻ جي حمايت ۾ ڳالهائڻ (خيال رکڻ) وارو ڪو به ڪو نه هو. ”عملي طرح سنڌ جو سڄو ڍانچو“، مقامي يا غيرمقامي ”ان رٿ خلاف ۽ ناٺاهي هو“. بهرحال، 1914ع ۾ پهرين مهاڀاري جنگ ڇڙڻ ۽ انڊين قومي جدوجهد جي واڌ جي ڪري ۽ اخبارن، ماڻهن ۽ حڪومت جو ڌيان ڦري وڃڻ سبب پنجاب ۾ سنڌ کي ضم ڪرڻ جو معاملو پاسي تي پئجي ويو.
    1917ع ۾ منٽاگ پڌراءَ جي ظاهر ٿيڻ انڊيا ۾ ٿيندڙ لقائن جي صورت بابت ڇتو بحث شروع ڪري ڇڏيو. پنجاب پريس گڏپ جو پراڻو راڳ نئين سر آلاپڻ شروع ڪيو. اهو بحث، بهرحال، 1919ع جي انڊيا ايڪٽ واري حڪومتي ٺاهه وسيلي بند ڪيو ويو.
    سنڌي ماڻهن جي سخت مخالف نُڪتي نظر باوجود، پنجاب سان سنڌ ڳنڍڻ جي رٿ، تڏهن به، نوان ٻهروپ ڪيل ۽ ويس پهريل حمايتي آڻي 1920ع دوران وري اڀاري وئي ۽ ان کي اڀريل موضوع بنايو ويو.
    سکر وٽ لئائڊ بئريج جي اڏاوت جي شروعات ان موضوع لاءِ وري هڪ تيز ڇِٻي هئي. ڏهاڪين لک ايڪڙ ٻي زمين به آباديءَ هيٺ اچڻي هئي. ان سان گڏ هزارين هزار نيون نوڪريون ملڻيون هيون. پنجاب جي وڌندڙ آباديءَ ۽ قبضي گير پنجابي زميندارن جون لالچي نظرون هن مهان منصوبي تي کتل هيون.
    ٻي ڇٻي (کَڙه) بمبئي حڪومت جو پنجاب جي ان ڇڙواڳ ارادي کي تابع ڪرڻ لاءِ سخت موقف هو، جنهن موجب پنجاب سنڌ جي ضرورتن ۽ انڊين حڪومت (جنهن وٽ بمبئي ۽ پنجاب جي وچ ۾ سنڌوءَ جي پاڻيءَ جي پهچ/ورڇ سان واسطيدار ڪنهن به تضاد کي نبيرڻ جو انتهائي اختيار هو) جي ٺهراءَ کي نه ليکيندي هو پنهنجي واهپي لاءِ سنڌوءَ ۽ ان جي ڀرتو شاخن جو جيئن ۽ جيترو وڻيس تيئن ۽ اوترو پاڻي ورائي ۽ کڻي سگھي. ان ايڪٽ سبب پنجاب ۾ ڪو به زرعي منصوبو بمبئي حڪومت جي مرضيءَ کان سواءِ پورو ڪرڻ جو حق نه هو ڇو ته سکر کان مٿين وهڪري تي ڪو به نئون منصوبو سکر بئريج جي ڪرت کي نقصان پهچائڻ وارو هو.
    سدا آباد ڪراچي جي بندر کي پنهنجي ئي نموني جو دلبو (Lure) هو. پنجابين ريلوي تي پنهنجو قبضو برقرار رکڻ پئي گھريو.
    هاڻي وري پراڻي رٿا کي اهو ٻهروپ ڏنو ويو ته مسلمان گھڻائي وارن علائقن سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ اتر-اولهه سرحد صوبي تي ٻڌل عظيم اتر-اولهه صوبو ٺاهيو وڃي. پنجاب جي مسلمان ليڊرن کي پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ اتر-اولهه سرحدي صوبي تي ٻڌل هڪ ٺوس بلاڪ جي گھرج هئي ته ”جيئن عظيم پنجاب جوڙي سگھجي.“
    رٿيل عظيم پنجاب لاءِ مختلف وقتن تي ڌار ڌار نالن جي تجويز رکي وئي. مثال طور ڊسمبر 1858ع ۾ بمبئي اسٽينڊرڊ بمبئي ان کي ”پنجاب پريزيڊنسي“ سڏيو، فيبروري 1912ع ۾ مسٽر ايم.ڊي.پي. ويب ان جو نالو ”اِنڊَستان“ (انڊس-ستان) رکيو ۽ آگسٽ 1930ع ۾ ڊيلي گزيٽ ڪراچي ”سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جي اتر-اولهه پريزيڊنسي“ سڏيو.
    1928ع ۾ اها رٿ نهرو ڪاميٽي جي آڏو رکي وئي. سڄي اتر ۽ اتر-اولهه تي پکڙيل ”ايڏي وڏي صوبي جي تخليق“ جي تجويز کي نهرو ڪاميٽي ساراهي نه سگھي. بهرحال، انڊيا جي مسلمان علائقن جي ٻڌيءَ جو ٻهروپ ـــــ عظيم اتر-اولهه انڊين مسلم صوبي ــــــ جي خيال جي پنجاب پريس پاران هر هر وڪالت ڪئي پئي وئي. مثال طور، ڊسمبر 1928ع ۾ روزانه انقلاب لاهور ”هندي مسلمانن لاءِ وطن جي گھرج“ جي سري هيٺ ڪيترائي مضمون ڇپيا.
    وري 1930ع جي وچ ڌاري لاهور جي اخبارن انقلاب، سياست ۽ مسلم آئوٽ لُڪ پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ اتر-اولهه سرحدي صوبي جي نمائندن تي ٻڌل اَپر انڊيا جي مسلمانن جي تنظيم ڪرڻ ۽ ڪانفرنس سڏائڻ جي صلاح ميدان تي آندي. ان صلاح پويان متحرڪ ذهن سر ڊاڪٽر محمد اقبال هو جنهن ان وقت ۽ هر هر اهڙي ڪانفرنس جي ضرورت تي زور پئي ڏنو.
    ڪيترين ئي ڪوششن باوجود اهڙي ڪانفرنس ڪونه ٿي سگھي. بهرحال، رٿ هيٺ آيل ڪانفرنس جي صلاحڪار سر ڊاڪٽر محمد اقبال کي ڊسمبر 1930ع واري الهه آباد ۾ سڏايل آل انڊيا مسلم ليگ جي گڏجاڻي جي پليٽفارم تان پنهنجو اهو خيال ظاهر ڪرڻ جو وجھ ملي ويو. 19-ڊسمبر تي پنهنجي تقرير ۾ سر ڊاڪٽر محمد اقبال ”پنجاب، اتر-اولهه سرحدي صوبي، سنڌ ۽ بلوچستان کي هڪ رياست ۾ گڏائڻ جي چاهه ڀري خواهش ظاهر ڪئي.“ هن چيو، ”پاڻ ۾ گڏيل اتر-اولهه انڊين مسلمانن جي رياست جي جوڙجڪ برطانوي سلطنت منجھ يا ان کان ٻاهر سيلف-گورنمينٽ منهنجي نظر ۾ مسلمانن، گھٽ ۾ گھٽ اتر-اولهه انڊيا جي مسلمانن جي آخري منزل هئڻ گھرجي.“ پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ اتر-اولهه صوبي تي ٻڌل گڏيل صوبي جو خيال چوڌري رحمت علي ۽ سندس دوستن 1933ع ۾ ڪئمبرج (برطانيا) مان هاڻي يا ڪڏهن به نه جي سِري هيٺ ڇپيل هڪ ليفليٽ (پني) وسيلي اڃا اساريو جنهن ۾ مٿي ڄاڻايل صوبن سان گڏ ڪشمير به شامل ڪيل هو.
    هن رٿا ۾ سامراجي مفادن کي خيال ۾ رکندي، پراڻي صلاح جي نون پوئلڳن انهيءَ رٿيل جوڙجڪ جي ان پاسي تي قائل ڪندڙ ۽ زور ڏيندڙ انداز ۾ خاص ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو. اهڙي جوڙجڪ، انهن دليل ڏنو، اتر کان ايندڙ ڪميونسٽ خطري کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ڏئي سگھندي: ”اتر-اولهه انڊيا جي مسلمانن جي هيءَ مسلمان فيڊريشن، ڪنهن به پاسي کان ايندڙ خيالن توڙي هٿيارن جي مداخلت خلاف هڪ بفر رياست جو بنياد مهيا ڪندي.“ ساڳي قسم جو دليل اڳواٽ ئي سر ڊاڪٽر محمد اقبال وسيلي پيش ڪيو ويو هو، جنهن زور ڏئي چيو هو ته اهي (رياستون/صوبا؟) ”انڊيا خلاف ڪنهن به قسم جي مداخلت، پوءِ اها خيالن جي هجي يا سنگينن جِي، جي خلاف بهتر بچاءُ ثابت ٿينديون.“ هن پرڏيهي ڪاهه خلاف انڊين سلطنت جي بچاءَ جي سلسلي ۾ اتر-اولهه انڊين مسلمانن پاران اهڙي بچاءَ واري امڪان کي پوري ڌيان سان ڪٿڻ جي اپيل ڪئي. هن جي خيال موجب ”انڊيا جي مسلمانن جو انتهائي جاندار ميڙ (Concentration)، جنهن جي لشڪري ۽ پوليس خدمتن... ملڪ ۾ برطانوي حڪمراني کي ممڪن بنايو، نيٺ انڊيا سان گڏوگڏ ايشيا جو مسئلو پڻ حل ڪندو.“
    برطانوي حڪومت کي سدائين پنجاب سان سنڌ جي گڏپ واري رٿ سان همدردي رهي هئي. رايل اسٽئچوٽري ڪميشن، جنهن کي عام طرح سائمن ڪميشن جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، کي اهو خيال سدائين ذهن ۾ رهيو. اها ساڳي حالت سنڌ جي انتظامي ڪميٽي ۽ پارليامينٽ جئائنٽ سليڪٽ ڪميٽي سان به رهي. پر ڪهڙو به ٻهروپ يا ويس هجي سنڌ جا ماڻهو پنجاب سان سنڌ جي گڏپ جا انتهائي مخالف رهيا.
    حقيقت ۾ انهن جي مخالفت ايڏي جوشيلي هئي جو ان رٿ سان بي انتها همدرديءَ باوجود برطانيا حڪومت ان وقت هن رٿ کي عمل ۾ آڻڻ نامناسب سمجھيو. ان ڪري سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪري 1935ع جي ايڪٽ هيٺ نون آئيني سڌارن وسيلي خودمختيار (Autonomous) صوبو بنايو ويو.
    ڌار گورنر جي صوبي طور سنڌ جو آئين، بهرحال، سامراج جي حرفت جي خاتمي جو نشان نه هو. نئين اڀرندڙ سوويت يونين جهڙي زبرست سياسي-معاشي نظرئي سان هٿياربند قوت جي منهن مقابل برطانيا سامراج جي معروضي سياسي صورتحال انڊين سلطنت جي اتر-الهندي سرحد تي هڪ بفر علائقي جي تخليق کي حڪمت عملي (جنگي هنرمندي) جي لحاظ کان اهم بنائي ڇڏيو.
    سنڌ جي بمبئي کان ڌار ٿيڻ ۽ آئيني طرح خودمختيار صوبي بنجڻ جي نتيجي ۾، مجموعي طرح مسلمان آباديءَ جي گھڻائي سبب سنڌ جي قسمت نيٺ ”مسلم انڊيا“ ۽ سوچيل ڌار ”مسلم وطن“ سان پوريءَ طرح ڳنڍجي وئي.
    نئين مسلمان رياست، جيڪا 14-آگسٽ 1947ع تي دنيا جي نقشي مٿان ظاهر ٿي، فطري طرح انڊيا جي جنگي اهميت جو گھڻو ڪجھ پاڻ وٽ رکي پئي. انڊيا جي جنگي اهميت اڳ ئي پهرين مهاڀارت جنگ ۾ ميسوپوٽيميا (عراق) وارين فوجي خدمتن ۽ ٻِي مهاڀاري جنگ هلندي عراق ۽ پرشيا (ايران) ۾ اتحادين جي چرپر دوران ثابت ٿيل هئي. جيئن ته نار (گلف) سئون سڌو ڪراچي وٽ کُلي ٿو ۽ ان جي پوزيشن دنيا جي وڌ ۾ وڌ تيل پهچائيندڙ ــــــ وچ اوڀر (مڊل ايسٽ) ـــــ ڏانهن ايندڙ سوويت يونين جي چرپر کي ڌڪ رسائي سگھڻ جهڙي آهي، تنهنڪري ايراني نار(پرشين گلف) يا وچ-اوڀر جي بچاءُ بند طور انڊيا (نئين مسلم رياست کان) وڌيڪ اهم نه رهي.
    قبضي گير (وسعت) لاءِ تيل جي گھرج جيئن ته پڌري هئي، دنيا سوڙهي پئي ٿي ۽ پاڇا ”اتر“ کان ڊگھا پيا ٿين (Shadows lengthen from “North”) ان کي ترت ئي پراڻي بيٺڪي نظام جي تباهيءَ کان پوءِ نئين وڏي طاقت جي حيثيت ۾ اڀري آيل گڏيل اميريڪي رياستن (گ-ا-ر) محسوس ڪري ورتو ته علائقي جي پائداري انهن رياستن سان ٻڌي يا قبوليت نامو ڪرڻ ۾ آهي جيڪي تيل ــــــ ايراني نار ــــــ جي اهم پاڻيائي رستي چوڌاري موجود آهن. ان قبوليت نامي نيٺ بغداد ٺاهنامي جو روپ ورتو (جيڪو پوءِ فيبروري 1955ع ۾، سينٽرل ٽريٽي آرگنائيزيشن، سينٽو ۾ بدلايو ويو).
    ان ئي سال جي آڪٽوبر ۾ اهو ٿيو ته پنجاب سان ملائڻ جي رٿ، نيٺ، اڳواڻن ملڪ جي اوڀر ۽ اولهه پاسن جي وچ ۾، جن هاڻي ترتيبوار، بنگلاديش ۽ پاڪستان سڏجي ٿو، ”هڪ ڪَري برابري“ (پئرٽي) هٿ ڪرڻ جي بهاني ”ون-يونٽ“ جي نالي عمل ۾ آڻڻ جوڳي ڏٺي وئي، جيڪا ئي هڪ صديءَ کان سامراج جي منشا رهندي پئي آئي.


    سنڌ ۾ چور - کڏا ۽ خطرا

    سنڌ ۾ چور - کڏا ۽ خطرا
    ليکڪ: آءِ اي رحمان


    چار ڪتابان عرشون لٿيان،
    پنجوان لٿيا ڊگها ڊنڊا،
    چار ڪتابان ڪجهه نا ڪِيتا،
    سڀ ڪجهه ڪيتا ڊگها ڊنڊا.

    سرائيڪي/سنڌي لوڪ چوڻي جيڪا ظالم حاڪمن سان گڏ سندن ان رويي کي ظاهر ڪري ٿي جيڪو انهن عوام سان جاري رکيو.
    ائين ٿو لڳي ته ڍاري پنهنجو فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ ۾ هڪ آپريشن (وڍ ڪُٽ/مهم) هلائي وئي آهي، جنهن گهڻن ماڻهن کي ڳنڀير ڀَوَن ۾ ڀڪوڙي ورتو آهي. ان جو سبب هي آهي ته اهو عمل انهيءَ هٿ ٺوڪي احساس تي بيٺل آهي ته سنڌ ۾ بي قانونيءَ شهري حياتيءَ ۽ ناظميا (ايڊمنسٽريشن) جي ڪارڪرت کي ناس ڪري ڇڏيو آهي. حقيقت اها آهي ته سنڌ ۾ بي قانوني (جيئن ڪنهن به وقت ڪنهن به ٻي هنڌ) شهري انتظام هلائيندڙ ادارن (مئنيجمينٽ) پاران اختيارن ۽ قاعدن جي ڀڃڪڙيءَ جو نتيجو آهي.
    سنڌ جي هن ڳريءَ آزمائش جو پهريون سبب قانون-ٽوريندڙ ناهن، انهن ته رڳو گوڙ فساد (انارڪي) واري صورتحال جو فائدو پئي ورتو آهي. گوڙ فساد جي اها صورتحال غلط حڪمرانيءَ جي نتيجي ۾ پيدا ٿي آهي ۽ ان کي گهريون پاڙون رکندڙ سماجي-معاشي-سياسي روڳ ته ائين وڌيڪ گدلو ڪري ڇڏيو آهي. هڪ ڀيرو وري به ڏسجي پيو ته اختياريءَ (اٿارٽي) انهن خطرن کي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي نتيجن کي سبب سمجهي علاج ڪرڻ جي ڪري پيدا ٿيندا آهن.
    سنڌ بابت ائين پيو سمجهيو وڃي ڄڻڪ ان تي قانون-ٽوريندڙن جو قبضو ٿي ويو آهي. اهو غلط ناهي پر سچ جو رڳو هڪ حصو آهي. سنڌ جي سڀني اهنجن جي ڳوڙهي تپاس کان سواءِ اهو ممڪن ناهي ته حالتن کي ٺيڪ ڪري سگهندڙ ڪا ٺهڪندڙ حڪمت عملي تيار ڪري سگهجي. هيءُ هڪ اهڙو سماج آهي جنهن ۾ گهڻن ئي قسمن جي معاملن وسيلي هڪ ڇتو سمنڊ پيدا ڪري سڀني سماجي پرتن کي پنهنجا انتهائي حربا آزمائڻ جي حد تائين مجبور ڪيو ويو آهي. انهن مان ڪجهه ڌيان هيٺ آڻڻ جوڳا معاملا هي آهن:
    • سڄي ملڪ اندر سنڌ جا ماڻهو ئي آهن، جيڪي وڏيرا شاهي جي بدترين روپ هيٺ حياتي گذارين ٿا.
    • هن صوبي ۾ وڏن وزيرن جي مرڻ جي رفتار باقي ٻين سڀني جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي.
    • سنڌ ۾ پناهگير آباديءَ جي نسبت نه رڳو باقي سڀني کان وڌيڪ آهي، ايتري حد تائين جو ڏيهي (اصلي رهاڪن جي) آبادي نسلي-ثقافتي-لساني سڃاڻپ وڃائي ويهڻ جي خطري ۾ وٺجي وئي آهي، پر ان سان گڏ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ کي مجبور ڪيو پيو وڃي ته سڄي ملڪ مان لڏي اچي هتي آباد ٿيندڙ (سيٽلرس) کي گهڻي کان گهڻي زمين ۽ ٻيا پيداواري وسيلا ڏي.
    • پاڪستان ۾ ٻيو ڪٿي به غير مسلم آباديءَ کي ايڏا ڏوجهرا ڏسڻا نه پيا آهن جيترا سنڌ ۾ رهندڙن کي، ۽ رڳو ان ڪري جو هنن پنهنجي ڌرتي تي رهڻ (ان کي نه ڇڏڻ) جي همت ڪئي آهي.
    • سڄي ملڪ اندر سنڌ ۾ گريجوئيٽ آباديءَ جي نسبت گهڻي آهي ۽ ان سان گڏ پڙهيلن جي بي روزگاري جي شرح به اوتري ئي وڌيڪ آهي.
    ۽ سنڌ ئي آهي جنهن ڪنهن به ٻي صوبي جي ڀيٽ ۾ سيڪيورٽي فورسز پاران ( جن ۾ سندن نمائندگي اڄ ڏينهن تائين گهٽ ۾ گهٽ آهي) گهڻي کان گهڻيون هر هر ٿيندڙ آپريشنون سَٺيون آهن.
    اهنج ڀرين انهن معاملن مان ڪجهه مخصوص ڀرمن، پاليسين ۽ روين ۽ قانونپ، انصافپ ۽ رنڊڪ کي ڄڻيو آهي. سنڌ کي اڄوڪي دڳ تي آڻي بيهاريو آهي. اهو ئي هڪ حوالو آهي، جنهن کي وسيلو بنائي سنڌ ۾ قانون ۽ حڪم (امن و امان) جي مسئلي جي فطرت ۽ ان جي گهرائي تپاس گهرجي.
    سنڌ جو ڪو به حصو ۽ ان جي آباديءَ جو ڪو به پرت قانون-ٽوڙيندڙن جي ڦرمار کان بچيل ناهي. اجايو قتل، ڀنگ لاءِ اغوا، ڪار-چوري، ٻار-کَس، گهل-زنا، زوريءَ ڦر ۽ نجي ملڪيت کي نقصان جا واقعا شهري توڙي ڳوٺاڻي حدن ۾ رپورٽ ٿيا آهن. ان درجي بنديءَ ۾ ايندڙ ڪيترائي واقعا اڃا تائين ظاهر به نه ٿيا آهن. ۽ اڃا به ٻيو گهڻو ڪجهه خاص طرح ٻهراڙيءَ ۾ ٿئي پيو جنهن کي مورڳو رپورٽ لائق سمجهيو ئي نه ٿو وڃي.
    ڳوٺاڻي آباديءَ شهري جي ڀيٽ ۾ گهڻو وڌيڪ لوڙيو آهي، ڇو ته ان کي اهو ليڙون ٿيل انتظامي بچاءُ به مليل ناهي، جيڪو شهرن کي مليل آهي. ڳوٺن ۾ ڪنهن به وقت، ڪجهه نه ڪجهه، ڏهڪائيندڙ-واقعي ٿيڻ جي لاڳيتي ڊپ عام حياتيءَ کي حقيقي ٿيندڙ لاقانونيءَ جي واقعن کي وڌيڪ هاڃو رسايو ۽ پنهنجي ڦنڊي ۾ ڦاسائي رکيو آهي. دهشت جي اهڙيءَ هڪ بي يقين فضا ۾ سڀاڻي بابت ڪو به سوچي نه سگهندو. هر دڪاندار هر گهڙيءَ ڪنهن اهڙي ملاقاتيءَ جي پهچڻ کان ڊنل رهي ٿو جيڪو پنهنجي اڳ ئي ڪيل گُهر کي پورو ڪرڻ لاءِ بندوق جو جهلڪو ڏيکاري.
    ڳوٺ ۾ اچڻ ۽ اتان نڪرڻ جا ٻيا سڀ رستا بند ڪري، هڪ يا ٻه ڇڏيا ويا آهن ۽ گهمڻ ڦرڻ جي آزادي ڄڻڪ اڻلڀ ٿي وئي آهي. هر ماڻهوءَ کي سانجهيءَ کان اڳ گهرن ۾ بند ٿيڻ جي تاڪيد ڪئي وڃي ٿي. اسڪولي ٻار ڳوٺاڻي حد تان ٻاهر راند جي ميدان ۾ وڃي ۽ کيڏي به نه ٿا سگهن. هر مالدار ماڻهوءَ کي هر وقت زبرو هٿياربند پهرو ويهارڻو پوي ٿو. ڪيترائي هٿياربند ماڻهو گهڻن ئي مٿاهن هنڌن تي پيها ٺاهي روشنيون ٻاري سڄي سڄي رات پهري سجاڳ رهن ٿا.
    پنهنجي پسند کان وڌيڪ وقت پنهنجين کُڏڙين ۾ بند رهڻ تي مجبور ڪيل گهڻا ڳوٺاڻا گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پاڻ سان ٿيندڙ عقوبتن ۽ گهرن ۾ هَٿ ڇُٽ روين کي ياد ڪندي گذارين ٿا. صدين کان وٺي هر هاريءَ جي اها سڌ رهي آهي ته کيس پنهنجو ٻنيءَ ٺڪر هجي. ”ان سپني جي ساڀيان تان هٿ کڻڻ ممڪن نه هو،“ 70-ورهين جي پوڙهي ڪمدار ٻڌايو، ”پر اسان پنهنجي فنا قبولي ورتي ۽ پنهنجن ٻارن کي اسڪول موڪلڻ شروع ڪيو، اهو به اتي جتي وڏيرو اعتراض نه ڪري.“ ان پوڙهي پنهنجن چئني ٻارن کي پڙهايو. ان کان پوءِ کين نوڪري ڏيارڻ لاءِ ڊگهي ڀڄ ڊڪ ۾ اڙجي ويو. ڪنهن به سندس واهر نه ڪئي. نيٺ هر پٽ کي پرائمري استاد جي نوڪري ڏيارڻ لاءِ کيس ڏهن کان ٻارهن هزار رپيا رشوت طور ڏيڻا پيا. هاڻي اهي ويجهن ڳوٺن ۾ پاڙهين پيا. هر شام ڌاري پوڙهي کي ڊپ جا نانگ ورائي وڃن ٿا تان جو سندس پٽ پنهنجي گهر موٽي اچن. ان قسم جا هزارين داستان آهن پر هي ان ڪري چونڊيو ويو جو هن قصي سان لاڳاپيل ماڻهو انهن چوٽيءَ جي سياستدانن کي ووٽ ڏيندا رهيا آهن، جيڪي نه رڳو وزير ٿيا پر وزيراعظم به ٿيا آهن.
    اهو ضروري ناهي ته ڪنهن هڪ ماڻهوءَ سان ڳالهائي حقيقي طرح هو سڀ ڪجهه سمجهي سگهجي جيڪو تشدد ۽ بي قانونيءَ جي ڀوت سان ڪيو آهي. ڪراچيءَ کان ٻاهر نڪرندي ئي ڪجهه ڪجهه ڪلوميٽرن جي وٿيءَ تي نيون ٻه-ماڙ پوليس چوڪيون ڏسي سگهجن ٿيون، جن جي زميني ڦاٽڪن تي ڪنڊيدار لوهي در چڙهيل ۽ ڏيوڙيءَ جي ڀتين ۾ بندوق هلائڻ لاءِ جارا ٺهيل آهن. لڳ ڀڳ 150 ورهين کان پوءِ پوليس وارو قانون-ٽوڙيندڙ سان منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي قلعي کان ٻاهر کليل ميدان ۾ آيو آهي، جنهن کي اختياريءَ جا چاپلوس وري قلعي بند ڪرڻ گهرن ٿا ته جيئن ميدان ڇُٽي ليکي ڏوهارين جي حوالي هجي. روڊ جي پاسن سان موجود هر پيٽرول اسٽيشن (جن مان گهڻيون ته بند ٿي ويون) يا فيڪٽريءَ ۾ انهن جي مالڪن هٿياربند محافظن لاءِ منارا ٺهرائي ڇڏيا آهن. ڪيتريون ئي شيون (ڳالهيون) پنهنجي حقيقت وڃائي ويٺيون آهن. ڪيتريون ئي ريلوي راهون آهن جن تي ڳڻپ جوڳي وقت کان ريل گاڏي نه هلي آهي. ڪيوڙي جي وڻن سان ڏٽيل ويڪريون ٻنيون ميوي جي معيار سبب نه، پر ڌاڙيلن جي لِڪ طور ڄاتيون وڃن ٿيون.
    سنڌوءَ مٿان نئين (دادو-مورو) پل چيو وڃي ٿو ته هاءِ وي (دڳ) جي مسافرن کي هڪ ضلعي مان ٻي ضلعي ۾ ترت پهچڻ جي سهوليت مهيا ڪرڻ لاءِ ٺاهي وئي هئي. ”ويندي اسان جا آسمان به اسان جي روايتي پکين کان تياڳجي ويا آهن.“ هڪ جهونو سنڌي صحافي زاري ڪندي چوي ٿو. سرڻيون، مثال طور، ڪراچي لڏي ويون آهن، جتي باقي صوبي جي ڀيٽ ۾ گهڻا جانور ڏهاڙي ذبح ڪيا وڃن ٿا، ڪير آهن سنڌ جي هن ذلت جا ذميوار؟
    جيتوڻيڪ ائين پيو ڏيکارجي ڄڻڪ سنڌ ٻن، شهري ۽ ڳوٺاڻي حصن ۾ ورهائجي وئي آهي، پر ٻئي حصا بنيادي طرح هڪ جهڙي ڌاڙيل مسئلي کي منهن ڏئي رهيا آهن. ٻنهي حصن ۾ ڏوهارين جا منظم ٽولا دولت کسڻ ۽ رعايتون ماڻڻ لاءِ بنهه هڪ جهڙي انداز ۾ قوتون گڏ ڪري رهيا آهن. فرق رڳو اهو آهي ته شهري علائقي ۾ ڇانيل ٽولي اقتدار ۾ حصيداريءَ سبب رياستي مشينري کي پنهنجي واهرو طور ۽ ڍڪ طور ڪم آڻڻ سکي ورتو آهي، جڏهن ته ڳوٺاڻن علائقن ۾ وڏي گهڻائي اڃا سوڌو رياستي وهڪرن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ پاڻ پتوري رهي آهي.
    پنهنجي شهري تمثيل جي ڀيٽ ۾ ڳوٺاڻي قانون-ٽوڙيندڙ کي جيئن ته ڊگهي ڏند ڪٿا جي پٺ آهي تنهنڪري هو سڃاڻپ جي هر پريڊ ۾ اڳيان نظر اچي ٿو.
    سنڌ ۾ ڌاڙيل جهونن ايامن کان وٺي موجود رهيا آهن. پاڻ وهيڻائي ملڻ (ورهاڱي) مهل صورتحال اها هئي جو بي زمين هاري هڪ اهڙي جَنڊ ۾ پيسجي رهيو هو، جنهن جو هڪ پُڙ گڏيل طرح وڏيري-پير پئي ٺاهيو ۽ ٻيو پڙ شهري شاهوڪار-دولتمند (گهڻي ڀاڱي غير مسلم) طبقن ڏانهن لاڙڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو. ان سان گڏ وڏيرن منجهان گهڻا ڏيوالو نڪتل هئا. کسڻ لائق هر شيءِ ڪنهن ٻي هنڌ هئي.
    پاڻ وهيڻائي (انڊپينڊنس) جي پهرين سالن ان مساوات (اِيڪئيشن) ۾ ڳڻي سگهڻ جوڳي تبديلي آندي. زميني ذخيرن جي وڌيل واهپي، جن کي نئين قسم جي مالڪن (اونرس)/ياڻن (ڪلٽيويٽرس) سان متعارف ڪرايو ويو هو، گهڻي ريجي پاڻي جي پهچ ۽ سڌاريل ڪرت جي سهولت ميسر هجڻ ڌرتيءَ (ٻنيءَ) جي اڃ ۽ بک اجهائڻ سا گڏوگڏ ڌاڙيلن کي به گهٽائي ڇڏيو. ٿيل بي انصافيءَ ۽ سماجي ڌڪار جي رد عمل طور ڪي ماڻهو ڏوهه ڏي وڌندا رهيا پر ڌاڙيلپ جو معاملو گهٽجي ويو. ان وقت سرگرم ڌاڙيلن جو واسطو يا ته وڏيرن جي دائمي اٽالي سان تعلق رکي پيو يا ته وري ڳوٺاڻي آبادي جي انتهائي بکين پرتن سان، جن کي رڳو ايترو گهربو هو ته مناسب رهڻي ماڻي سگهن، جيڪا ٻي نموني ملي نه پئي سگهي.
    گذريل لڳ ڀڳ پندرهن ورهين کان ڌاڙيلن جو ڏيکارجندڙ سڄي جو سڄو فصل پراڻي ٻج مان پيدا ٿيل ناهي. بي زمين هارين جو حصو گهٽجي ويو آهي ۽ انهن جي ڳڻپ وڌي وئي آهي جيڪي بي انصافيءَ ۽ محروميءَ جو بدلو وٺڻ لاءِ ٺڳيءَ جو شڪار ٿي ويا آهن. ان ۾ وڏو حصو ته انهن پڙهيل نوجوانن جو آهي، جيڪي ٿوري پورهئي ڪرڻ سان گهڻو مال ملڻ جي ڏٽي ۾ اچي ويا آهن. انهن سان اهي زميندار به گڏ آهن جن وٽ سوين ايڪڙ زمينون آهن ۽ سياسي طور تحرڪ ۾ آندل قانون-ٽوڙيندڙ جو سڄو نئون نسل پڻ موجود آهي. ٺوس حقيقت اها آهي ته انهن ڌاڙيل جي وڏي گهڻائي پيدائشي ڌاڙيلن جي درجي ۾ نه ٿي اچي، نه ئي وري اهي اهڙا آهن جو سماج جا ڪارائتا ڀاتي نه ٿي سگهن.
    ذميواريءَ جو مسئلو
    نوان ڌاڙيل ڪيترين ئي ڳالهين ۾ روايت کان پري ٿي ويا آهن. ڦرمار ۽ زور زبردستيءَ جو مقصد بدلجي چڪو آهي. هاڻي اهو هستيءَ جي بقا لاءِ گذران جو واجبي وسيلو هٿ ڪرڻ نه رهيو آهي. دولت ان ڪري کسي پئي وڃي ته جيئن نکمڻي دولتمند جي معيار ۽ نموني جهڙي حياتي گذّاري سگهجي.
    ڪيترين ئي حدن ۾ هٿياربند ڌاڙا، ڀنگ لاءِ اغوائون ۽ اجايا قتل ان ڪري ڪيا پيا وڃن ته جيئن زمين تي قبضو ڪري سگهجي. ننڍن مالڪن کي زمين تان دهشت وسيلي ڀڄائي سگهجي ٿو ۽ وڏن (گهڻي ڀاڱي غير حاضر) زميندارن جي قبضي جي خاتمي لاءِ سندن هارين/کيت مزدورن کي زمين کان تـڙيو وڃي ٿو. مطلب ته نشاني ۾ هاڻي وڏن واپارين ۽ ڌنڌي وارن سان گڏ هاري ۽ کيت مزدوربه شامل ڪيا ويا آهن. پراڻو سنڌي ڌاڙيل لازمي طرح قاتل به هجي، ائين نه هو ۽ هن هر حالت ۾ خواتين جو احترام ٿي ڪيو. ٽي مکيه جزا آهن جن جي ڪري هاڻي قتلن ۽ عورتن جي بيحرمتيءَ ۾ واڌ آندي آهي.
    پهريون حياتيءَ سان لاڳاپيل تقدس، جيڪو ڪنهن دَور ۾ گهڻو هو، اهو هاڻي کاڄي کپي ويو آهي. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته ”قانون تي هلندڙ“ پاران قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ کي جيڪا عزت ملندي هئي، اها هاڻي گهڻي گهٽجي وئي آهي. ساڳيءَ طرح ڌاڙيل به پنهنجن پوين سان گهڻي قدر ساڳيو ئي ڌڪار وارو رويو رکي ٿو، جهڙو کيس مليو آهي. جيڪي تشدد ۽ دهشتگردي ڪن ٿا، انهن مان گهڻا اهو ڀروسو رکن ٿا ته جنهن مقصد سان اهي لاڳاپيل آهن ان جي آڏو حياتيءَ جو ڪو مُلهه ئي ناهي.
    ٻيو، قانون-ٽوڙيندڙن جي سامان ۾ باهي-هٿيارن جي واڌ غير ضروري ۽ ڪڏهن ڪڏهن اڻ-سوچيل قتل جو امڪان وڌائي ڇڏيو آهي.
    ٽيون، ڌاڙيل پاڻ کي اڳ جي ڀيٽ ۾ گهڻو غير محفوظ سمجهي ٿو. ماضيءَ ۾، وڌ ۾ وڌ خراب حشر جيڪو هُو سمجهي پيو اهو هو گرفتاري ۽ مقدمو. اڄ هو جيڪڏهن پڪڙيو ته ٿڌي تي موت اٿس. قتل ۽ عورتن سان زنا پنهنجي اندورني خوف تي غالب پوڻ جو وسيلو آهن. انهن وسيلي هو پاڻ کي پَت ٿو ڏياري ته کيس ٻين جي حياتيءَ تي خصوصي اختيار آهي.
    گذريل ڪجهه سالن ۾ جيڪا اهم تبديلي ڏسي سگهجي ٿي، اها هيءَ ته ڌاڙيلن جي پراڻن طريقن ۾ ڪجهه نواڻ آئي آهي. ڌاڙيلن وڏيرڪي ماتحتيءَ ۾ ڪم ڪيو ان وقت تائين، جيستائين وڏيري کي سرڪاري مشينريءَ تي اثر هجي. جيڪڏهن ڪنهن کي گرفتار ڪرڻو هو، يا مٿس ايف آءِ آر داخل ٿيڻ واري هئي ته پوليس وڏيري تائين وڃي ٿي پهتي. انتظاميا وٽ وڏيري جي ان سَرنديءَ ڌاڙيل کي بچاءَ جي لائق بنايو پئي ۽ ٿورن ڪيسن ۾ ڪجهه اجورو پڻ ڏنو پئي.
    گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ وڏيرو ڪجهه ڦٽجي (هيڻو ٿي) پيو آهي. هن جي تباهي شايد چونڊن ۾ هارائڻ سان گڏ شروع ٿي. قانون-ٽوڙيندڙن شايد ڄاڻي ورتو ته سياسي چَٽيءَ (ڍڪ) کان سواءِ وڏيرو بيڪار هو. اڃا به ائين ته، رڳو حڪمران پارٽي سان واسطيدار ايم اين اي يا ايم پي اي وڏيرو ئي پارليامينٽ کان ٻاهر خصوصي رعايتون وٺي سگهي ٿو. جيڪي مخالف ڌر ۾ آهن، اهي ڪجهه به ناهن. اهي ته حقيقت ۾ ڌاڙيلن کان وڌيڪ غير محفوظ هئا ۽ انهن کي ائين شڪار ڪري سگهجي پيو، جيئن ننڍا ڏوهاري.
    آخر ۾، ڌاڙيلن ڄاڻي ورتو ته قانون نافذ ڪندڙ ايجنسيون پنهنجي سر پاڻ ئي ڪنهن به الزام (زور بار) کان بچائڻ لاءِ سندن تحفظ ڪرڻ تي تيار هيون. ويجهڙ وارن مهينن ۾ ڪيترائي وڏيرا، جن ۾ ڪيترائي وڏا زميندار/جاگيردار به شامل آهن، چيو ٿو وڃي ته پنهنجي ڪٽنبن جي باسلامت اچ وڃ لاءِ ڌاڙيل-گَهلُن کي مقرر رقمون (ڏنَ) ڏين، اڄوڪو قاعدو هي آهي ته ڪو به وڏيرو تيستائين ڌاڙيل پالي نه ٿو سگهي، جيستائين سندس سياسي حيثيت جي ڪري يا سندس سماجي اختيار جي کوٽ جي ڪري پوليس ساڻس ٺهري ۾ ناهي.
    سياسي طرح تحريڪ ۾ آندل ڌاڙيل، جنهن کي دهشتگرد سڏجي ٿو، خاص ڌيان ڏيڻ جي گُهر ڪري ٿو. پنجين ڏهاڪي جي وچ واري سنڌ کي ٿورو عنصر اهڙو مليو، جيڪو قومپرستيءَ کان ڪجهه مٿيرو هو، جنهن پنهنجن خوابن جي حاصلات لاءِ ضروري ڪنهن به وسيلي کي ڇڏڻ نه پئي گهريو. قومي سڃاڻپ جي دٻجڻ سبب پيدا ٿيل ڏکن کان ويندي خودمختياريءَ (آٽونامي) جي مڃتا تائين، تان جو پاڪستان کان علحدگي تائين 83ع واري ضرب کان پوءِ ۽ مٿان وري شهري هٿياربندن جي واڌ سبب سندس قطارون ڊگهيون ٿيڻ لڳيون. هو (دهشتگرد؟) ڦرلٽ ۾ ڪاهي پيو ته جيئن پنهنجيون تنظيمي گهرجون پوريون ڪري سگهي ۽ اڃا به وڌيڪ اهم هي ته پُرتشدد وسيلن سان پنهنجا پوئلڳ پيدا ڪري سگهي.
    اهو ڄاتل سچ آهي ته ڪيترن ئي سالن تائين سنڌ جي راجسٿان سان ملندڙ سرحد تان ناجائز وهڪرو جاري رهيو آهي. اها سرحد سدائين سمندڙ رهي آهي. اڄ چيو ٿو وڃي ته اُن کي سيل مهر ڪيو ويو آهي پر ان کي اڃا به سخت ٻنجي جي گهرج آهي. ان وهڪري ۾ سڀني قسمن جا ماڻهو شامل آهن. ٻنهي پاسي انصاف کان ڀڳل ڏوهارين، سمگلرن، مال هڻندڙن، جاسوسن، منحرفن ۽ ڦيٽارو وجهندڙن جا ٽولا. ساڳي ئي قسم جو وهڪرو مقامي ماڻهن جي وطن دوستيءَ تي شڪ جي دعوت يا ڊپلوميٽڪ گهاٽي واڌي کي جنم ڏيڻ کان سواءِ رحيم يار خان سان ملندڙ راجسٿان جي سرحد تي به جاري آهي.
    سنڌ جو شهري قانون-ٽوڙيندڙ پنهنجيءَ ڳوٺاڻي تمثيل جي ڀيٽ ۾ مختلف آهي. پنهنجي بڻ بنياد ۾ ۽ پاڻ مٿان ايندڙ خصوصي دٻائن جي ڪري، هن جو رويو عورتن ڏانهن وڌيڪ وحشياڻو آهي. هن پنهنجي ابتدا بي روزگارن جي گند (ڍونڍ) ۾ ننڍڙي چور جي حيثيت سان ڪئي ۽ مشڪل سان ئي سڃاپجي سگهجي پيو، تان جو هن پنهنجا منظم مربي ڳولي ورتا، جيڪي مخصوص سياسي ۽ معاشي مفادن تي زور ڏئي اڀريا هئا. اهي بدمعاش ٽولا، رياستي زمين جي غير قانوني والار ۽ ورهاست ڪندڙن جي چوڌاري وڃي گڏ ٿيا، پوءِ منشيات، هٿيارن ۽ ٽرانسپورٽ مافيا وٽ ۽ نيٺ نسلي-سياسي تنظيمن وٽ وڃي پهتا.
    اهي بدمعاش ٽولا گروهي معاشي مفادن جي بچاءَ لاءِ ڪم آندا ويا، پر ترت ئي سياسي اڳواڻي ڄمائڻ ۽ برقرار رکڻ لاءِ پيسا ڦرڻ ۽ طاقت جو مظاهرو ڪرڻ ضروري ٿي پيو. شهري قانون-ٽوڙيندڙن ترت ئي واڙڻ ۽ اذيت ڏيڻ وارين ڪوٺڙين سميت اهڙي تنظيم منظم ڪري ورتي، جيڪا ڳوٺاڻن ڌاڙيلن کان گهڻي مٿير هئي. ڳوٺاڻن قانون-ٽوڙيندڙن جي ابتڙ شهري ڊاڪُن وٽ دائمي ٺڪاڻا هئا ۽ سولائيءَ سان سڃاپجي سگهڻ جي ڪري انهن پاڻ کي ڳوٺاڻن ڏوهارين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ غير محفوظ پئي سمجهيو. نتيجي طور وٽن پنهنجا شڪار قتل ڪري ڇڏڻ جي نمائش وڌيڪ آهي ۽ ان سان گڏ عورتن سان زنا ڪري انهن کي مارڻ جو لاڙو پڻ.
    سنڌ ۾ خطرناڪ معاملو هي آهي ته: قانون-ٽوڙيندڙن جي ڪري ڪيتري بدنظي ٿي آهي ۽ ڪيتري حد تائين ٻين سڌي طرح يا پنهنجن ويس ڌاري قالبن وسيلي ان ۾ حصو ورتو آهي.
    سنڌي قانون-ٽوڙيندڙن، غير قانوني هٿيارن جي مَڏي ڪو نه ٺاهي آهي. هٿيار انهن کي پهچايا پئي ويا. ممڪن آهي ته ڪجهه ماڻهن سرحد پار راجسٿان مان ڪجهه هٿيار آندا هجن پر تمام گهڻي پهچ ان جي ابتڙ پاسي کان ٿي. اها انتظاميا جي ذميواري هئي ته هٿيارن جي پالوٽ کي روڪي. نه رڳو اهو ته انتظاميا پنهنجي ذميواري نڀائڻ ۾ ناڪام رهي آهي پر اهڙيون شاهديون به آهن ته انهن هٿيار ۽ تشدد ڪرڻ جا وسيلا حاصل ڪرڻ لاءِ اڻوڻندڙ عنصرن کي وڏيون وڏيون رقمون ڏنيون آهن.
    اهو ظاهر آهي ته قانون جو شان ۽ شوڪت قانون ٺاهيندڙن ۽ قانون نافذ ڪندڙن جي لياقت تي دارومدار رکي ٿي ته اهي پوريءَ طرح لاڳو ڪن. ان جو رڪارڊ سنڌ ۾ سراسر بد دل ڪندڙ آهي. ڌاڙيلن کي ڏوهه ڏئي نه ٿو سگهجي، جيڪڏهن ڪراچي واسي پنهنجي بنا ليسن ڪارن ۾ ريڊيا (وائر ليسون) ڪم آڻيندا رهيا آهن يا ڪارن ۾ رنگين شيشا ڪم آڻين ٿا، يا پنهنجي نجي مقصدن لاءِ عوامي وسيلا ڪم آڻي رهيا آهن. جيڪڏهن زمين جي ڍل گڏ نه ٿي ٿئي ۽ رعايتون مليل ماڻهو بجلي ۽ ٽيليفون جا پيسا به نه ٿا ڀري ڏين، ته ان لاءِ ذميوار ڌاڙيل ناهن.
    هڪ عام ماڻهو دستور ۽ قانون لاءِ ڀلا ڪهڙي عزت ڏيکاري! جيڪڏهن هڪ وفاقي وزير پڌرو ٿو ڪري ته دستور سندس بوٽ کان وڌيڪ عزت نه ٿو لهڻي يا جيڪڏهن هڪ وزيراعظم ماڻهن کي ٻڌائي ٿو ته اهي بنيادي قانونن جي ضمانتن جي پرواهه ئي نه ڪن؟
    قانون ڏانهن رعبت جو رويو هڪ رات ۾ خراب يا سٺو ٿي نه ٿو سگهي. اهو ذاتي تجربي جي بنياد تي ڊگهي عرصي ۾ جُڙي ٿو. اڻڳڻ ماڻهن سنڌي عوام جي من تي 1983ع جي رياستي دهشتگرديءَ وسيلي وڌل اثرن بابت لکيو آهي. مٿان وري ڏنل ڦٽن کي سڙي خراب ٿيڻ لاءِ کليل ڇڏيو ويو آهي. جيڪو ڪجهه سوين غريب ڳوٺاڻن انهن ڏينهن ۾ لوڙيو، سڀني ماڻهن جي اکين آڏو قانوني دهشتگردي هئي.
    هاڻي ظاهر پيو ڪيو وڃي ته سنڌ پوليس پاتال تائين گندي ٿيل آهي. اهو پاڻ وزيراعظم چيو آهي. هن جي چوڻ موجب جن ڏوهارين جي لاءِ جيئري يا مئي پڪڙجڻ لاءِ ٽن لکن تائين انعام آڇيل آهي، اهي پوليس فورس ۾ ڀرتي ڪيا ويا آهن. گند اڃا به ڪجهه اڳ گڏ ٿيو هوندو ۽ ڏوهاري پنهنجو پاڻ ته پوليس مئن طور ڀرتي ڪو نه ٿي ويا هوندا؟ هر ماڻهو ڄاڻي ٿو ته بس ۽ ٽرڪ ڊائيور سنڌ جي روڊن تي پوليس کي رشوت ڏين ٿا. سنڌ جي پوليس جنهن قسم جي طاقت عام شهرين تي ڪم آڻي ٿي، ان جو تصور به ٻي ڪنهن صوبي ۾ نه ٿو ڪري سگهجي، ايتري قدر جو پنجاب ۾ به نه، جتان جي پوليس ٿرڊ ڊگري طريقا آزمائڻ جي سلسلي ۾ سڄي اپکنڊ اندر هڪ ريڪارڊ رکي ٿي. ان قسم جا معاملا پيدا ڪندڙ اڃا تائين مليل رعايتن جو مزو ماڻي رهيا آهن.
    انهي ۾ شڪ آهي ته لاقانونيت جي سڀني قدمن جو الزام سڄي پوليس تي وڌو وڃي. حڪومت جڏهن بيگناهه (معصوم) ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ پوليس کي ناجائز ڪم آڻي ٿي، سياسي سردار جو ريچڪ پورو ڪرڻ لاءِ انهن کي بند ڪري ۽ اذيتون ڏئي ٿي، ته پوءِ پوليس پاڻ به ان قانون جي عزت نه ڪندي جيڪو کيس نافذ ڪرڻو آهي. اهو ڪو راز ناهي ته مخالف صوبائي اسيمبلي ميمبرن جا فصل ناس ڪرڻ لاءِ سنڌ پوليس کي موڪليو وڃي ٿو. پنهنجيءَ حڪومت جا سياسي مقصد پورا ڪرڻ لاءِ جيڪو ڪجهه پوليس کي چيو ۽ ان کان ڪرايو ويندو تهڙا ئي ڪم هوءَ پنهنجا فائدا پورا ڪرڻ لاءِ به ڪندي. ساڳيءَ طرح، جيڪڏهن وزير صاحبان به ڌاڙيلن کي پالن ٿا ته پوءِ ائين ڪرڻ ۾ پوليس به عيب نه سمجهندي.
    ڪيترن ئي شعبن ۾ واسطيدار معاملن لاءِ اختياريءَ وارن اهڙا ردي مثال قائم ڪيا آهن. گهڻا ئي سال ٿيا آهن حيدرآباد جي پراڻن ۽ نون سنڌين پنهنجن پنهنجن گهرن کي، جتي اهي اقيلت ۾ هئا، ڇڏڻ شروع ڪيو، يا ڊاڪٽرن پنهنجي نسلي ٽولي کان سواءِ ٻي کي طبي مدد ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ڇا انتظاميا ڪجهه ڪيو يا نجي سنگتن هن چريائپ کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي؟ اهڙيءَ طرح، سياسي هراس جي مثالن سان گڏ سياسي مفادن لاءِ قانوني عمل جي غلط واهپي جا ڪيترائي مثال هڪ رسم بنجي چڪا آهن.

    تباهيءَ جا مقصد ماڻڻ
    هن کليل ٺڳيءَ جي ٺاهه ۾ ڦاسائڻ لاءِ سياسي منحرفن (ناٺاهَن، مخالفن) کي ڏوهي الزامن هيٺ آندو وڃي ٿو. پوليس ڄاڻي ٿي ته تهمت ڪُوڙي آهي ۽ ان تان هٿ کڻي سگجهي ٿو، جيڪڏهن شڪار (ناٺاهي) دٻاءَ ۾ اچي آڻ مڃي وٺي. ايم پي اي حنيف سولجر، پير مظهر الحق ۽ خواجا محمد ۽ راحيلا ٽوانا ۽ خورشيد بيگم جهڙين خاتون ڪارڪنن سان جنهن قسم جو ڏنڀيندڙ رويو رکيو ويو، ان جو ڪو مثال، ايتري قدر جو اڻڇڊي (سخت) مارشل لا ۾، به نه ٿو ملي.
    جمهوري قدرن کي بگاڙڻ کان بچائڻ لاءِ سنڌ جي ڪيل جمهوري جدوجهد جي ”ڏوهه“ طور، سچ اهو آهي ته، اختيارن جي زبري بد استعمالي وسيلي سنڌ کي ڏاڍي ڳري سزا ڏني پئي وڃي. سنڌ خلاف ان ڏوهه ۾ وڏو حصو ته انتظاميا جو آهي پر سياسي پارٽيون ۽ سماجي سنگتون، تان جو ليکڪ ۽ دانشور به هن ڏوهه کان آجا سڏي نه ٿا سگجهن.
    پاڪستان ۾ اهو فيشن ٿي پيو آهي ته ماضيءَ جا مثال ڏيئي اڄوڪي فضوليات کي عين انصاف سڏيو وڃي. سچ ته سنڌ ۾ سموريون حڪومتون، هڪ ٻي جي ڀيٽ ۾ گهٽ يا وڌ، غلط حڪمرانيءَ جي مجرمانا احساس ۾ ڦاٿل آهن. بهرحال، اهي جن وٽ اقتدار آهي، ڪڏهن به مڪروهه ورثي جو لاڳيتو ذڪر نه ڪندا. اهي صورتحال درست نه رکڻ جو ذميوار ڏوهي، رڳو عهديدار کي سڏيندا پوءِ ڇو نه واقعن بابت ان جي مؤقف ۾ ڪجهه سچائي هجي.
    ان کان ڪو به ڪنڌ ڪڍائي نه ٿو سگهي. سنڌ جي سموري آبادي تشدد ۽ لاقانونيءَ کان بر بيزار ٿي پئي آهي. ان صورتحال مان نجات جي سڌ ايڏي سگهاري آهي، جو کيس محفوظ رکڻ لاءِ تجزيو ڪري حل ڳولڻ جي موڪل ڊگهي عرصي تائين نه ٿي ڏيئي سگهجي. گهڻا ئي ماڻهو موجودهه آپريشن جي دائري ۾ وسعت، تان جو مارشل لا جي به حمايت ڪندا. ان قسم جي ويڳاڻن (نراس، محروم) آوازن ۾ موجوده فريب (لالچ) کي ضرور نندڻ گهرجي.
    موجوده آپريشن وسيلي ڄاتل قانون-ٽوڙيندڙن، جن جي ڏوهن ۾ شڪ ناهي، جون سرگرميون اوس گهٽجڻ گهرجن. اهڙي ڪا به پڪي ضمانت ناهي ته تباهي جا مقصد ٿورڙي عرصي ۾ ماڻي سگهجن ٿا. اڳ ئي لشڪر (ملٽري) جو امر ته ڇهن ڇهن مهينن کان وڌيڪ عرصو ٽڪي سگهجي ٿو پڌرو ڪيل آهي ـــــ ۽ اهڙي ڪا به ضمانت ناهي ته اڄ طاقت وسيلي دٻجي ويندڙ اهڃاڻ وري ظاهر نه ٿيندا ۽ اهو به ته اڃا وڌيڪ بدتر صورت ۾، تنهن مٿان مسئلو وري هيءُ ته ڇا پاڪستان اهڙي آپريشن جي سياسي قيمت ڀري سگهندو؟
    بدقسمتيءَ سان، آپريشن جي ابتدا اهڙي ٿي آهي جو حڪومت ۽ لشڪر ٻنهي کي شرمندگي ڏسڻي پئي آهي. سنڌ کي لشڪر جي حوالي ڪرڻ واري فيصلي کان هڪ مهينو اڳ تائين وزيراعظم ڏاڍو خوش هو ته سنڌ ٻن سالن کان ٿيندڙ علاج جي ڏاڍي سٺي موٽ ڏني آهي. هن پاران ترت سرجري (وڍ ڪُٽ) گهرندڙ خطرناڪ ناسور جي کوجنا سندس آبرو کي اونڌو نه ڪيو. لشڪر، جنهن ڪجهه عرصو اڳ زورائتو مطالبو ڪيو هو ته آئين جي 245-آرٽيڪل کان گهٽ ڪنهن به ٻي شق تي ڪنهن به سياسي اختياري سان اتفاق نه ڪندو، ان ذرو ڌيان ڪري هاڻي 147-آرٽيڪل هيٺ عمل ڪرڻ قبوليو آهي.
    اڃا وڌيڪ چئجي ته ڪنهن به اختياريءَ هن وقت تائين آپريشن صحيح مقصد نه ٻڌايا آهن. وفاقي اختياريءَ کي ڪيل سنڌ حڪومت جي عرض جو متن عوام تائين نه پهچايو ويو آهي. چيو وڃي ٿو ته هيءَ سڀ ڪجهه آئين جي آرٽيڪل-147 هيٺ ڪيو پيو وڃي. آرٽيڪل-147 (پاڻ کان اڳ واري آرٽيڪل-147 جيان، جيڪو صوبي جي عرض تي صوبي جون ڊيوٽيون وفاق کي کڻڻ جي موڪل ڏي ٿو) وفاق کي صوبائي معاملن ۾ ڪُلي اختيار ڏيڻ بابت ڪم آڻي نه ٿو سگهجي. هن فقري هيٺ ڪهڙيون صوبائي ذميواريون وفاق جي حوالي ڪيون ويون آهن، اهي صاف صاف پڌريون هئڻ گهرجن. ايتري قدر جو جيڪڏهن ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ (ڏوهي هلت بابت قانون) ۽ پوليس ايڪٽ هيٺ مهيا ڪيل پوليس جا اختيار لشڪر کي ڏنا وڃن ٿا ۽ ان کي اڃا به وڌيڪ اختيار ڏيڻ (جيئن ڪيس هلائڻ وغيرهه) جي گهرج، اڄ ئي وفاقي اختيار هيٺ هلندڙ ترت-اُڪلاءُ وارين ڪورٽن جي موجودگيءَ ۾، محسوس ڪئي وڃي ٿي، ته اها به عوام کي ٻڌائڻ گهرجي.
    غير فوجي (شهري) رهواسين کي عام طرح عدليا ۽ خاص طرح، اهو حق آهي ته آپريشن جا قانوني ماڻ ڄاڻي سگهن. هن نُڪتي تي وضاحت جي کوٽ ۽ اختياري پاران گوٿناٿ جا اهڃاڻ رڳو شڪ گمان (بي اعتباري) پيدا ڪري سگهن ٿا.
    پوري پوري غير جانبداريءَ بابت گهڻو ڪجهه چيو ويو آهي پر اختيارين پاڻ ئي اهڙي فضا ٺاهي ڇڏي آهي، جنهن ۾ پوري پوري غير جانبداري لڳ ڀڳ ناممڪن آهي. جنهن شڪار کي تباهه ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي، ان ۾ عام ڏوهاري نه، پر دهشتگرد، پرڏيهه ۾ سکيا ورتل ٿيا هيا (تخريبڪار) ۽ ٻيا اهڙا شامل آهن. ممڪن آهي ته ڪجهه انهن هيبتناڪ وصفن تي پورا لهن، پر جيڪي پورا نه ٿا ٺهڪن اهي پڻ، ممڪن آهي ته مقدمي هلائڻ کان اڳ، حقيقت ۾ گهڻي فاصلي کان ئي ڏوهي نظر اچن.
    اهڙي قسم جي فضا جي تخليق، پنهنجي طاقت ۽ هٿيار ڪم آڻيندڙ سيڪيورٽي فورسز کي پنهنجن اپائن (خبردارين، احتياطن) ۽ شائستگيءَ جي احساس کان ٻاهر نڪري وڃڻ جو سولو دڳ ڏئي ڇڏيندي. ڪيترائي مثال اهو ڏيکارڻ لاءِ ڏئي سگهجن ٿا ته جتي به دهشتگردن ۽ راڄ ڊوهي ماڻهن کي پڪڙڻ جو ڪم سيڪيورٽي فورسز تي رکيو ويو آهي، اتي ان کان ڪجهه وڌيڪ ٿي پوڻ کان بچي وڃڻ ممڪن نه رهيو آهي. اهڙي حالت ۾ هڪ ڊزن قانون-ٽوريندڙن کي فنا ڪرڻ جي سٺن نتيجن جي ڀيٽ ۾ ڪنهن هڪ به بيگناهه ماڻهوءَ جو موت ملڪي سالميت ۽ سيڪيورٽي فورسز بابت تصور کي وڌيڪ جوکو رسائيندو.
    اهو فسانو ته هر ڪرت سنڌ جي وڏي وزير جي هدايتن هيٺ ڪئي پئي وڃي، پنهنجي خوبي وڃائڻ جو اڃا به ٻيو ڪارڻ ٿيندو. ڏوهاري ۽ انهن جا مربي (سهائڪ) جيڪي سندس اتحادي آهن، انهن جي خلاف وڃڻ جي لياقت منجهس موجود هجي، اهڙي اميد رکڻ ڏاڍي ڏکي آهي. عوام چٽي نموني ٻڌڻ ٿو چاهي، ته هن پوري پوري غير جانبدار آپريشن وسيلي ڪهڙو مقصد پورو ڪرڻو آهي. ڪنهن به غلطڪار کي جيڪڏهن ڀڄڻ جو ڪو به ٻلکڙو نه ڏنو ويو ته پوءِ سنڌ جي سياسي پاٿاريدارن جو هڪ وڏو حصو جيلن ۾ نظر اچڻ گهرجي. جيڪڏهن آءِ جي آءِ حڪومت جي ڀائيوارن کي سانت (مطمئن) ڪرائڻ جا هاواڻا هلندا رهيا ته پوءِ عوام وٽ انهيءَ ڀروسي رکڻ جا ڪيترائي سبب هوندا ته سنڌ کي (سليڪٽوِ رٽريبيوشن) جو ٻيو ڊوز ڏنو پيو وڃي.
    هڪ اڻ چٽو امرُ (مئنڊيٽ) يا هڪ اهڙو امر جيڪو صوبائي يا وفاقي حڪومت لاءِ اهڙو موقعو مهيا ڪري جو سندس آپريشن ۾ مداخلت ڪري سگهي، قبول ڪري لشڪر هڪ تمام وڏي جوکم جو ڪم ڪيو آهي. لشڪر هڪ اهڙي فضا ۾ ڪم ڪر ي رهيو آهي جيڪا قومپرستانا جذبي سان ڏٽيل آهي ۽ معموليءَ کان معمولي گمان به آباديءَ جي جوش کي ڀڙڪائي سگهي ٿو. اهڙيءَ صورتحال ۾، پنهنجيءَ خواهش جي خلاف لشڪر ڪنهن اڍنگي جهيڙي ۾ ڦاسي وڃي، رد نه ٿو ڪري سگهجي. جيڪڏهن ٻيلن کي باهيون ڏيڻ يا انهن کي تباهه ڪرڻ جون رپورٽون ڪنهن به طرح صحيح آهن ته پوءِ امن امان جي هن صورتحال ۾ (جيڪا اندورني جهيڙي جي ڀيٽ ۾ به گهٽ سمجهي وڃي ٿي) لهسيل ڌرتيءَ جي ڦٽن تي ملم رکڻ جي ذميواري تان هٿ کڻن ايڏو سولو نه هوندو.
    سنڌ لاءِ هڪ سوکڙي ــــــ نوڪريون ڏيندڙ ۽ ترقي ڪرائيندڙ ــــــ اعلانن وسيلي وزيراعظم ڪجهه دير سان مڃي ورتو آهي ته صوبي جا سماجي-معاشي مسئلا ڊگهي عرصي کان ترسايل آهن ـــــ پر گاڏي گهوڙي اڳيان جوٽي وئي آهي. اسان کي ايوب خان پاران اوڀر بنگال جي ”احساس محرومي“ بابت غلط (بدنظميءَ واري) رويي کان سکڻ گهربو هو ته خود-حڪمراني جي ٺيڪ ادارن جي غير حاضري ۾ انتظاميا (ايگزيڪيوٽوِ) وسيلي دولت جو وسڪارو ڇليل دلين جا ڦَٽ ڀري نه ٿو سگهي. جيڪڏهن دولت جي عنايت ۽ حڪومت جي پسنديده عنصرن لاءِ روزگار جي تخليق ماڻهن ۾ احساس محرومي ختم ڪري سگهن ٿا ته پوءِ منعم خان بنگالي قومپرست اٿل کي تاڙي وٺڻ ۾ ناڪام نه ٿئي ها.
    نه رڳو بنگال پر سنڌ ۾ به ساڳي قسم جي هٿ ناٽ جو تجربو اسان کي ٻڌائي ٿو ته سياسي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ فورسز کي ميدان ۾ آڻڻ نه رڳو انتها پسندن کي مضبوط ڪري ٿو پر وچٿرن سياسي ماڻهن، سندن جيترو به اثر آهي، ان کي گهٽائي ٿو. 1983ع ۽ 1986ع وارين آپريشنن جي نتيجي ۾ سنڌ جا سياسي محاذ ورهائجي ويا. ساڳي قسم جو عمل هاڻي به پڌرو آهي. ڪو به سياڻو ماڻهو ان نظريي سان سهمت نه ٿيندو ته ماڻهن کي ننڍڙن ٽولن ۾ ورهائڻ ڪو سٺو ڪم آهي. اهڙي قسم جا حربا سياسي مفاهمت حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيدا ڪندا ڇو ته ڪا به اهڙي پارٽي نه هوندي جنهن سان ڳالهائي سگهجي.
    وفاقي حڪومت جو مونجهارو سمجهڻ ڏکيو ڪم ناهي. سنڌ (۽ جتي ڪٿي ٻي هر هنڌ) لاقانونيت ان جي سموري معاشي رٿابندي کي ڊانواڊول ڪري ٿي. بين الاقوامي مدد-ڏيندڙن اهو صاف صاف چيو آهي ته پاڪستان کي مدد تڏهن ڏئي سگهجي ٿي، جڏهن اتي گهريلو امن ۽ اسٿرتا موجود هجي. حڪومت ڄاڻي ٿي ته سنڌ ۾ لاقانونيت ايڏو وڏو مسئلو ناهي، جيڏو اهو انتظامي سرشتو، جيڪو عوام کي قبول هجي. اها اهو پڻ ڄاڻي ٿي ته صوبائي حڪومت حڪمرانيءَ جي اڻ سڌريل روايت سان لاڳاپيل هجڻ جي ڪري ۽ صوبائي اختياري خلاف ڪجهه ڪرڻ کان ڊنل هئڻ سبب نااميد ٿي لشڪر وٽ پهتي آهي، اهو تاريخي سبق پوري طرح وساريندي ته جڏهن به اهو (لشڪري) پتو استعمال ڪيو ويو تڏهن اها رڳو غير فوجي (شهري) حڪومت ئي آهي، جيڪا تاس جي ٿهيءَ مان فالتو جوڪر جيان نڪري ظاهر ٿئي.
    سگهاري حقيقت اها آهي ته امن امان قائم ڪندڙ ايجنسيون، غير فوجي يا فوجي، رڳو پيشيور قانون-ٽوڙيندڙن کي ئي پڪڙي سگهن ٿيون. سنڌ ۾ لاقانوني پکڙيندڙ عنصرن ۾ گهڻائي انهن عنصرن جي آهي جيڪي غير پيشيور، ٿورَ وقتي مهم جُوئي ڪن ٿا. انهن کي پڪڙي نه ٿو سگهجي. انهن خلاف انتهائي قوت جو واهپو کيس ڪل-وقتي ڏوهاري ٺاهي ڇڏيندو. انهن جو واسطو وڏي گهڻائيءَ سان آهي. انهن کي سمجهڻ سمجهائڻ ۽ سندن ڏکن جي تلافي وسيلي سڌاري سگهجي ٿو ۽ سڌارڻ گهرجي.
    هيءُ به ياد رکڻ گهرجي ته ڪا به پوليس/ملٽري آپريشن اهي سبب دور ڪرائي نه سگهندي، جيڪي عام ماڻهن کي ڏوهه ڏانهن ڌڪين ٿا. اها ڳالهه اڄ کان 150-سال اڳ انگريز گورنر جنرل ڄاتِي پئي، جنهن کي اهو اعزاز مليل آهي ته هن ٺڳن جو خاتمو ڪري ڇڏيو. هو ٺڳن ۽ پندارين کي ٽنگي سگهي پيو پر هن قانون-ٻڌل ماڻهن جي حياتي محفوظ ڪئي. جڏهن ته ٻئي رستا ڌار هئا. اڄ سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ڇوٽڪاري لاءِ گوڙ ڪن ٿا، نه رڳو ڌاڙيلن کان پر ڪُلڇڻن (ڪرپٽ) تپيدارن، ايريگيشن آفيسرن، پوليس وارن، ٽرانسپورٽرن، موڪل لاءِ ڪاغذ وڌائي سگهندڙ ڪلارڪن، حقيقت ۾ سڄي آفيسر بادشاهيءَ کان به، جيڪا رڳو اهو ڄاڻي ٿي ته عام شهرين جي حياتي وڌيڪ وهه ڪيئن ڪجي. ۽ اهي ٻئي رستا ـــــ ڏوهارين کي ختم ڪرڻ ۽ ٻاجهاري تقدير جي جوڙجڪ ـــــ هڪ ٻئي کان مختلف ۽ ڌار ڌار آهن.
    صورتحال جي حقيقي ڪَٿ (تڪ تور) ان نتيجي تي پهچائي ٿي ته سنڌ ۾ سرنگهه جي پڇڙيءَ وٽ ڪو به سوجهرو ناهي. هلندڙ ٻوڏ جو نتيجو قومي مفادن لاءِ موتمار ٿي سگهي ٿو. شين کي سٺو ڪرڻ جي اميد تيستائين نه ٿي ڪري سگهجي جيستائين جيڪي شيون اول ڌيان لهڻن ٿيون. انهن کي پهريائين نبيريو نه ٿو وڃي، ۽ سنڌ جي ماڻهن جي سڀ کان پهرين گهرج اها آهي ته کين بنهه پنهنجي حڪومت هجڻ جو ممڪن حد تائين پورو پورو احساس ڏياريو وڃي. اهو رڳو تڏهن ممڪن ٿي سگهي ٿو، جڏهن شهري ۽ ڳوٺاڻن، پراڻن توڙي نون سنڌين جي مٿير سياسي هستين جي وچ ۾ اقتدار جي ورهاست جي حوالي سان سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جو ڪم ٿئي. اهو خيال وِسهڻ جوڳو نه سمجهيو ويو ته سنڌ، هڪ مضبوط جمهوريت ۽ امن ڀري سماج جي حيثيت ۾ پاڪستان جي آئيندي تي ڏينهون ڏينهن وڌيڪ بدسوڻ سواليا نشان ڇڏيندي ويندي.

    (ڇپيل: روزاني ”جاڳو“ ڪراچي، 07-08 جولاءِ 1992ع، ٻن قسطن ۾)


    سنڌ ۾ للڪار

    سنڌ ۾ للڪار
    ليکڪ: سينيٽر پروفيسر خورشيد احمد

    پاڪستان اڄ ڪلهه هڪ انتهائي نازڪ دَور مان لنگھي رهيو آهي. سنڌ هڪ آڙاهه ۾ اچي وئي آهي. وڏي پيماني تي بنا روڪ لاقانونيت جي ڇهن سالن کان پوءِ حڪومت قانون ۽ حڪم (امن ۽ امان) قائم ڪرڻ لاءِ فوج کي سڏ ڪرڻ تي لاچار ٿي پئي آهي.
    گذريل هڪ سال ۾ رپورٽ ڪيو ويو آهي ته ڀُنگ لاءِ اغوا جا ٽن هزارن کان وڌيڪ واقعا ٿي چڪا آهن. ڪيترائي سَوَ ماڻهو قتل يا دائمي جڏا ڪيا ويا آهن. ماڻهن جي ڪوس لاءِ نجي فوجون ٺاهي انهن کي مڪمل اختيار ڏنا ويا آهن. انتظاميا ارڌانگي (نستي) ٿي چڪي هئي ۽ اها گھڻي قدر رڳو طاقتور ناجائز مفادن جي هڪ اوزار طور ڪم اچي رهي هئي. قومي نُڪتي نگاهه کان اها هڪ ڏاڍي ڳنڀير صورتحال هئي ۽ ترت ڌيان لهڻي پئي. حڪومت ۽ مخالف ڌر جي پارٽين ۾ اميد رکي پئي وڃي ته اهي پنهنجن تڪڙن سياسي مفادن کان مٿانهيون ٿينديون ۽ هن للڪار کي حقيقي قومي روح سان منهن ڏينديون.
    سماج جي سولين (شهري، غير فوجي) مسئلن جي حلَ لاءِ فوجي مهم کي مناسب گھربل طريقي طور قبول نه ٿو ڪري سگھجي. تنهن هوندي به حالتون ايتريون ته خراب ٿي ويون هيون، جو ماڻهن فوجي مداخلت لاءِ ٻاڏائڻ شروع ڪيو هو. پاڪستان جي تاريخ ۾ هيءَ پهرين فوجي مهم آهي جنهن جي ملڪ جي لڳ ڀڳ سڀني سياسي قوتن (سواءِ ايم ڪيو ايم جي) آجيان ڪئي آهي. تمام ٿورن، ڪجھ شرط رکڻ کان پوءِ ان جي پٺڀرائي ڪرڻ جو چيو آهي. تڏهن به گھڻا ماڻهو ان خيال جا آهن، ته آپريشن (مهم، وڍ ڪُٽ) اڻٽر ٿي پئي هئي. لاقانونيت، ڦرمار، اغوا، قتل ۽ چندي جي نالي ۾ ڏوڪڙ-کس کان مجموعي طرح سڀ ماڻهو ايڏا ته بِر بيزار ٿي چڪا هئا جو جڏهن لشڪري مهم جاري ڪئي وئي تڏهن انهن وڃي ڪو سک جو ساهه کنيو.
    هن مهم جو ٻيو مثبت پاسو هي آهي ته اها آئين جي اختيار هيٺ ۽ ملڪي قانوني سرشتي اندر رهندي هلائي پئي وڃي. آئين ۾ جن انساني حقن جي ضمانت ڏني وئي آهي، انهن سان هٿ چراند نه ڪئي وئي آهي ۽ نه ئي وري عدالتي سرشتي تي زور بار وڌو ويو آهي. پريس جي آزادي موجود آهي ۽ پارليامينٽ ۾ بحث به. قومي اسيمبلي ان تي ذري پرزي ويچار هيٺ آڻي رهي آهي. اهي مثبت پاسا آهن جيڪي هاڻوڪي لشڪري مهم کي يگانو ٺاهن ٿا.
    اهو، بهرحال، سوِل لشڪري اختيارين جي ذميوارين ۾ ان هڪ ڀروسي جو واڌارو آڻي ٿو جيڪو قوم فوج ۾ رکيو آهي. اميد ٿي ڪجي ته ان کي بگاڙيو نه ويندو. هن مهم جي ناڪامي پاڪستان سهي نه سگھندو. ڌڻي معاف ڪري، جيڪڏهن اها سوڀاري نه ٿي، ته پوءِ آئين ۽ ان سان گڏ سياسي عمل جوکم ۾ پئجي ويندا. فوج جي ناماچاري ۽ عزت پڻ آزمائش هيٺ آهن. ساڳيو مسئلو سياسي قيادت سان لاڳو آهي. جيڪڏهن مهم جي نتيجي ۾ قانون ۽ حڪم (امن ۽ امان) بحال نه ٿيا، ته پوءِ ماڻهو خود فوج ۾ ايمان وڃائي ويهندا. فوج، جنهن کي اهي ملڪ جي سالميت بچائڻ وارو آخري ادارو سمجھن ٿا ۽ جيڪڏهن نااميدي (لاچار) جي حالت ۾ فوج ڏينهون ڏينهن وڌ کان وڌيڪ اختيار وٺندي وئي، ته اهو عمل لشڪري حڪومت ٺهڻ ۽ آئيني سرشتي جي پڄاڻيءَ ڏانهن وٺي وڃي سگھي ٿو ۽ ان وٽ ملڪ جي ٻڌيءَ ۽ ايڪتا لاءِ ڏاڍا خطرناڪ نتيجا هوندا.
    اهڙي وقت ۾ ٻاهرين مداخلت جو خطرو پڻ اجايو نه ٿو سمجھي سگھجي. حقيقت ۾، هيءَ مهم ايڏي ته حساس ۽ ايڏي ته ڪٺن آهي جو ان جي سوڀ لاءِ هر پاسي کان هر ممڪن جتن ڪرڻ گھرجي. ان جو اڪيلو مقصد رڳو قانون ۽ حڪم (امن ۽ امان) جي بحالي هجڻ گھرجي ۽ جيڪي صوبي ۾ خون ريزي، لاقانونيت، ڌاڙيلپ، باهيون ڏيڻ ۽ قتلن لاءِ ذميوار آهن انهن کي اوس پڪڙڻ گھرجي. ايتري قدر جو مون پارا ماڻهو به جيڪي سول معاملن ۾ لشڪري مداخلت جا مخالف آهن، محسوس ڪن ٿا ته سنڌ ۾ قوم کي هڪ خصوصي حالت سان منهن ڏيڻو آهي ۽ اها اسان جي دعا ۽ اميد آهي ته پنهنجا مقصد ماڻڻ ۾ لشڪري مهم سوڀاري ٿئي.
    جيئن ته اسين فوج تي ڀروسو رکون ٿا ۽ ان ڏانهن هر طرح سهڪار جو هٿ وڌايون ٿا. اها ڳالهه ڌيان لهڻي ٿي ته فوج نه رڳو هڪ ڏکي ۽ ڳُوڙهي للڪار سان منهن ڏيئي رهي آهي پر ملڪ جي قيادت مرڪز توڙي صوبي ٻنهي ۾ مسئلي بابت ڏاڍي دُورانديش ناهي. لشڪري آپريشن گھڻو اڳ ٿيڻ گھرجي ها، ڇو ته حالت گذريل ڪيترن ئي سالن کان تيزيءَ سان خراب ٿي رهي هئي. بدقسمتي آهي جو ڪجھ مهينا اڳ تائين به معاملن جي ٻيڙيءَ جي سکانُ سنڀالي ويٺل ماڻهو ــــــ صدر، وزيراعظم ۽ سنڌ جي وڏي وزير سميت ــــــ هام هڻي رهيا هئا ته حالتون سڌري رهيون آهن، ۽ اها هام حقيقتن جي ابتڙ هئي. سياسي قيادت ۾ جوان مَرديءَ (بردباري) ۽ گھربل گھڙيءَ ٺهڪندڙ فيصلي جي اڻهوند صورتحال کي بدتر ڪري ڇڏيو آهي.
    اها به بدقسمتي ئي آهي جو آپريشن گھربل کان به وڌيڪ گوڙ سان شروع ٿيو آهي. بهتر ائين ٿئي ها ته وچٿري نموني ڪم هلائجي ۽ معاملن کي منهن ڏجي ها. جنهن نموني ڪم ٿيو ان ڏوهين کي حقيقي چيڀٽ کان اڳ ئي خبردار ڪري ڇڏيو ۽ نتيجي ۾ انهن جو وڏو انگ صوبو يا مورڳو ملڪ ئي ڇڏي ڀڄي ويو، اهم دستاويز لڪايا ويا، مورڳو ختم ڪيا ويا هوندا. ايتري قدر جو هٿيارن ۽ بمن جو وڏو ذخيرو لڪايو ويو آهي. ان سڀ ڪجھ فوجي آپريشن جي اوکايُن ۾ واڌارو ئي ڪيو آهي.
    ائين پيو ڏيکارجي ته انتهائي مٿين حڪومتي قيادت بي يقينيءَ ۽ گڙٻڙ ۾ ڦاٿل آهي. اهو ٻڌايو ويو آهي ته اهم فيصلا جنرل هيڊ ڪوارٽرز ۾ 19-مئي 1992ع تي ڪيا ويا 21-مئي 1992ع تي مهراڻ رينجرس کي چرپر ڪرائي وئي ۽ رسمي اعلان اڃا به پوءِ 28-مئي 1992ع تي ڪيو ويو. هڪ لشڪري ترجمان تازيءَ بريفنگ (مختصر ڳالهه يا سمجھاڻيءَ) ۾ ٻڌايو ته حقيقي آپريشن 25-جون 1992ع تي شروع ٿيو ــــــ اهو سڀ ڪجھ ڏاڍو منجھائيندڙ آهي.
    ڄڻڪ اها سموري مونجھ به ڪجھ نه هئي، جو وزير لشڪري مهم جي قانوني پاسن بابت متضاد ۽ منجھيل بيانن ۽ وضاحت سان نڪري نروار ٿيا.
    شروع ۾، اندرين معاملن جو وزير پاڪستان پينل ڪوڊ (پاڪستان ڏوهي قاعدو) جو سيڪشن 131-اي کڻي آيو، اهو ڄاڻڻ کان سواءِ ئي، ته اهو سيڪشن هاڻي قانون-ڪتاب ۾ رهيو ئي ناهي. نيٺ آئين جي آرٽيڪل-147 جي شڪل ۾ وضاحت ظاهر ٿي. ان هوندي به ڪيترن ئي پاسن کان آيل بيان ٻڌائن ٿا ته فوج جيڪي حقيقي اختيار هلائي پئي، اهي آرٽيڪل-245 هيٺ اچي وڃن ٿا، جنهن کي اڃا ظاهر نه ڪيو ويو آهي. بچاءَ لاءِ پيداوار جو وزير هڪ اهڙي بيان سان ميدان تي آيو آهي جنهن آپريشن جي غيرجانبداريءَ ۽ معروضيت بابت شڪ شبها پيدا ڪري ڇڏيا آهن. ايم ڪيو ايم، جنهن جي جوڙيل اذيت گھرن ۽ ٻين ڪٺور ڏوهن بابت عوامي سطح تي ڄاڻ ڏني وئي آهي، اڃا سوڌو وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۾ حصيدار آهي. ان جي سڄي قيادت، جيڪا هيبتناڪ ڏوهن لاءِ ذميوار آهي، جيئن هاڻوڪي ۽ اڳوڻي چيف آف آرمي اسٽاف بيان ڪيو، اڃا تائين حڪومت جو ماٺو (ڳجھو) بچاءُ ماڻي رهي آهي.
    اها ڳالهه پڻ ڌيان لهڻي ٿي ته انهن ماڻهن سامهون جيڪو ڪجھه ٿي رهيو آهي، اهو خود ماضيءَ ۾ به ڪو راز نه هو ۽ چڀندڙ سچ اهو آهي ته اهي سول حڪومتن جي بچاءَ (ڇانوَ، ڍڪ) هيٺ ڪم ڪري رهيا هئا، پوءِ اها حڪومت بينظير ڀٽو هيٺ پ پ پ جي هجي يا هاڻوڪي. جيئن ته ايم ڪيو ايم قيادت انهن ڏوهن بابت ذميوار سمجھي وڃي ٿي، تنهنڪري ڇا مرڪز توڙي صوبي ۾ اڳوڻي توڙي هاڻوڪي حڪومتن کي سندن ڏوهن ۾ شريڪ هجڻ بدران بيڏوهه سڏي سگھي ٿو؟ ماڻهو ڄام صادق-ايم ڪيو ايم حڪومت جي اڳوڻي صلاحڪار ، جيڪو اڃا تائين ساڳي سرڪاري حيثيت رکي ٿو، جي ڪنٽرول هيٺ سي آءِ اي جي اذيت گھرن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو پئي، ان بابت پڻ پريشان آهن. اهو ڏاڍو ڏکوئيندڙ آهي ته ماڻهن کي، ملڪ جي ڪجھه ٻين حصن جيان سنڌ ۾ به ايم ڪيو ايم، پي پي آءِ، پ پ پ، جيئي سنڌ ۽ ٻين پاران ڏهڪايو ويو آهي ۽ حڪومت ماڻهن جي حياتي، ملڪيت ۽ عزت محفوظ رکڻ ۾ پوريءَ طرح ناڪام ٿي وئي آهي.
    ڪراچيءَ جي اذيت گھرن جي ڪهاڻيءَ سڄي قوم کي شرمندگيءَ ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي ۽ اهو پڻ ڏاڍو ڏکوئيندڙ هوندو جيڪڏهن انهن ڏوهن کي همتائيندڙ (وڌائيندڙ) ۽ انهن جا ڪندڙ ۽ اهي پڻ جن ڏوهين کي بچاءُ ڏنو، ڪنهن به فرق کان سواءِ پڪڙيا ۽ سزايا نه ٿا وڃن.
    ڪيترن ئي بد-اتفاق، آپريشن تي شڪ جي ڪارهه چاڙهي ڇڏي آهي. انهن مان وڌيڪ اهم ٽنڊي بهاول وارو دکدائڪ واقعو آهي. ساڳيءَ طرح لشڪري حراست ۾ آيل ماڻهن جو موت آپريشن تي داغ آهي. فوجَ ٽنڊي بهاول ڪيس ۾ پنهنجي چُڪ مڃي هڪ سٺو مثال قائم ڪيو آهي. ان ڪري عوام جو ڀروسو بحال ٿيو آهي. فوج انهن واقعن کي خبرداريءَ جو چتاءُ سمجھي، ڇو ته اهڙين غلطين جو ورجاءُ آپريشن تي اثر وجهندو ۽ فوج جي ناماچاريءَ کي ڌڪ رسائيندو.
    جيئن ته قانون ۽ حڪم (امن ۽ امان) جي بحالي لشڪري مهم جو پهريون مقصد آهي، تنهنڪري لشڪري اختياريءَ وارن جو اهوئي نج مرڪزي نقطو رهڻ گھرجي. سنڌ مسئلو سياسي ۽ سماجي-اقتصادي للڪارن کي، جيڪي ان جو پيڙهائتو ڪارڻ آهن، منهن ڏيڻ کان سواءِ حل نه ٿو ڪري سگھجي. مسئلو ڏاڍو ڳتيل (چيڙهالو) آهي، ان کي امن امان جو رڳو هڪ سادڙو مسئلو سمجھي حل نه ٿو ڪري سگھجي. سنڌ جي ماڻهن ڏاڍا ڏک ڏٺا آهن. جيڪي حڪمرانيءَ ۽ معيشت جي شعبن ۾ ڊگھي محروميءَ جي ڪري وڌيڪ چيڙهالا ٿي ويا آهن. سنڌ کي هڪ خصوصي حالت سان منهن ڏيڻو پئجي ويو آهي. اها هيءَ ته ان جي لڳ ڀڳ اڌ آبادي انهن ماڻهن تي ٻڌل آهي جيڪي ڀارت يا ملڪ جي ٻين حصن مان لڏي آيا آهن.
    ڪا به اهڙي سنجيده ڪوشش نه ٿي آهي، جنهن وسيلي آباديءَ ۾ وڏي ثقافتي ۽ سماجي ميل ميلاپ جي راهه ڪڍجي ۽ هڪ ٻي ڏانهن رچيل ويساهه پيدا ڪجي. اها هڪ اهڙي شيءِ آهي جيڪا شروع ۾ ته موجود هئي پر سالن کان وٺي گندي ٿيندي رهي آهي بدقسمتيءَ سان اها نسلي ۽ لساني اپ-قومپرستي جي صورت ۾ ظاهر ٿي آهي. 1960ع ۽ 1970ع وارن ڏهاڪن ۾ جاري ڪيل زرعي سڌارا چڱيءَ طرح لاڳو نه ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ هارين ۽ بي زمين سرڙين جي بدحالي رحم جوڳي ٿي وئي. نَيُن بيراجن جي جڙت جي نتيجي ۾ آباديءَ هيٺ آيل ٻنيون اهڙيءَ طرح نه ورهايون ويون آهن جو مقامي آباديءَ کي مطمئن ڪري سگھن. ڳوٺاڻي سنڌ جي صنعتڪاري نه ٿي آهي. ايتري قدر جو بنيادي سهوليتون (حق) به آباديءَ جي وڏي حصي کي مليل نه آهن.
    شهرائي سنڌ پڻ ڏاڍن وڏن مسئلن ۾ ڦاٿل آهي. خاص طور تي تعليمي سهوليتن ۽ روزگاري-موقعن جي کوٽ واري سلسلي ۾، حقيقت ۾ نوجوانن جي بيروزگاري، شهرائي توڙي ڳوٺاڻي سنڌ ۾ هڪ جهڙي، وڏن مسئلن مان هڪ آهي. ان نوجوانن کي منفي ۽ سماج-مار چرپر ۽ سرگرمي ڏانهن ڌڪڻ ۾ پڻ ڪردار ادا ڪيو آهي.
    ووٽ (عوامي راءِ) جي پوترتا پڻ مختلف طريقن سان بيمان ڪئي وئي آهي ۽ ماڻهن کي احساس ٿي ويو آهي ته اهي اهڙي حالت ۾ ناهن جو پنهنجي آئيندي جو فيصلو پاڻ ڪري سگھن. محروميءَ جو احساس مارشل لا جي ڊگھي ورجاءَ سبب گھرو ٿيو آهي. ان جا پويان-اثر اڃا تائين ماڻهو محسوس ڪري رهيا آهن. اهو سڀ ڪجھه هڪ اهڙيءَ سياسي سوکڙيءَ جي گُھر ڪري ٿو جيڪا چيڙهالي مسئلي جي سڀني پاسن کي صحيح نموني حل ڪري سگھي. فوج اهڙي سوکڙي نه ڏئي ٿي سگھي ۽ نه ئي وري ان کي اهڙي ڌنڌي ۾ ڦاسي پنهنجون آڱريون ساڙڻ گھرجن. فوج کي پنهنجو جتن رڳو قانون ۽ حڪم (امن ۽ امان) جي بحاليءَ لاءِ سيڙائڻ گھرجي. اها ذميواري سياسي پارٽين جي آهي ته صوبي کي سياسي ۽ معاشي گھوٽالي مان ڪڍڻ لاءِ پيشقدمي ۽ اڳواڻي ڪن. اهي ئي آهن جيڪي قومي سرچاءُ ماڻڻ لاءِ سوکڙي ڳولي ڪڍن. گھوٽالو رڳو ان حال ۾ حل ڪري سگھجي ٿو. جيڪڏهن سياسي حقن جي ضمانت ڏني وڃي ۽ ماڻهن کي اها پڪ هجي ته سندن مسئلا بنا ڪنهن تفريق جي حل ڪيا ويندا.
    اها ڳالهه ضرور محسوس ڪرڻ گھرجي ته اهو رڳو سياسي سرشتو (عمل) ئي آهي جنهن وسيلي اهي مسئلا حل ڪري سگھجن ٿا. بهرحال، اهو واجب آهي ته جن ماڻهن سياست کي زور بار وسيلي يا نجي فوجون منظم ڪرڻ وسيلي يا لساني، نسلي يا فرقيوارانه جذبا ڀڙڪائڻ وسيلي پنهنجي مفاد ۾ ڪم آندو آهي، انهن کي سختيءَ سان دٻايو وڃي ۽ ان سان گڏ حقيقي سياسي ۽ معاشي ڏاکڙا به ذهانت سان ئي حل ڪرڻا آهن. تشدد جي سياست کي ختم ڪرڻ ئي صحتمند سياسي عمل جو منڍ آهي.
    سياسي سائنسدان چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا ته لشڪري قوت جو واهپو ڪجھه سياسي دوکن (وڏين چُڪن، بِلنڊرس) کي عارضي طرح ٺيڪ ڪري سگھي ٿو، پر ملڪ جي صحتمند حڪومت هلائڻ لاءِ فوجي قانون (لشڪري حڪمراني) ڪو متبادل ناهي. حڪومت ۽ مخالف ڌر جي پارٽين کي ڪنهن به حالت ۾ هن للڪار ڏانهن مثبت موٽ ڏيڻ گھرجي.
    منهنجي سوچ موجب لشڪري مهم جي سوڀ ڪيترن ئي قدمن تي دارومدار رکندي ۽ آءٌ انهن مان ڪجھه وڌيڪ اهم قدمن جي نشاندهي ڪرڻ پسند ڪندس:
    1. آپريشن هر حالت ۾ پوريءَ طرح بي ريا، ايماندار ۽ سياسي طرح غيرجانبدار هئڻ گھرجي. ڪنهن هڪ ٽولي جي مدد ڪرڻ ۽ ٻين تي ڏنڊ ڏوهه مڙهڻ جهڙي عمل ۾ اها شڪتي آهي جو سڄي آپريشن کي بي اثر ڪري سگھي. توهان ڪنهن جي چونڊ ڪري پوءِ ان سان انصاف ڪيو، ائين ٿي نه ٿو سگھي. اندرين معاملن جي وزير پنهنجا انديشا ظاهر ڪيا آهن ته سندس پنهنجيءَ پارٽيءَ جا ڪي وزير متان پنهنجون وفاداريون تبديل ڪن، جيڪڏهن انهن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، جيڪي سندس تحفظ هيٺ آهن. ان قسم جي چونڊ انصاف کان وڌيڪ موتمار ٻي ڪا به شيءِ ٿي نه ٿي سگھي. ڏوهاري، جتي به آهن ۽ جنهن به پارٽي ۾ هجن، سزا هيٺ اچڻ گھرجن. سول آباديءَ خلاف، ايم ڪيو ايم، ڪيترن ئي سخت ۽ هاڃيڪار ڏوهن جي ذميوار رهندي آئي آهي. ٻين ڪيترن سان گڏ جماعت اسلامي ۽ اسلامي جمعيت طلباء جي ڪارڪنن ان (ايم ڪيو ايم) جي ڪري پئي لوڙيو آهي.
    جڏهن اسين محسوس ڪيون ٿا ته انصاف ضرور ڪيو وڃي، تان جو ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن سان به، پوءِ ڇو نه اهو ايم ڪيو ايم جي عام وهڪري ۾ هجي يا ان جي منحرفن (مخالفن) ۾. ڪير به ذميوار هجي ۽ تشدد جي سياست ۾ ملوث هجي، ان کي بنا ڪنهن امتياز جي بند ڪرڻ گھرجي. ساڳيءَ طرح، ڪنهن به پارٽيءَ سان واسطيدار ماڻهو، پوءِ حڪومت ۾ هجن يا مخالف ڌر ۾، جيڪو تشدد جي سياست ۾ ملوث آهي قانون موجب سزا هيٺ اچڻ گھرجي. جڏهن ته بنا ڪنهن فرق جي ڏوهاري عمل جاري رکندڙ کي سزا ڏيڻ هن آپريشن جو وڏو مقصد آهي. تنهنڪري هر ممڪن احتياط ڪيو وڃي ته ڪو به بيگناهه ماڻهو، پوءِ ڀلي هو ڪنهن تشدد ڪندڙ سياسي پارٽيءَ سان ئي واسطيدار ڇو نه هجي، کيس هن عمل هلندي ڪنهن به قسم جو نقصان نه پهچڻ گھرجي. ساڳيءَ طرح ٽولن ۾ امتياز ۽ هڪَ ٽولي کي ٻي خلاف استعمال ڪرڻ هن آپريشن جي يڪجهتيءَ تي اثر وجهندو. اهڙن عملن کان پاسو ڪرڻ گھرجي.
    2. آپريشن جي ڪاميابي پنهنجو گھڻو دارومدار اطلاعن جي درستيءَ ۽ اطلاع ڏيندڙ وسيلي جي مؤثر هجڻ تي رکي ٿي. سوير ئي ٿي ويل غلطيون، ائين ٿو لڳي ته لڳ لڳاپي (ڳنڍپ، ڪميونيڪيشن) ۾ ناڪاميءَ ۽ ڪجھه ناجائز مفادن پاران عهدي جي غلطڪاريءَ جي نتيجي ۾ ظاهر ٿيون آهن. ان قسم جا ناجائز مفاد رکندڙ پوليس، سِول انتظاميا ۽ سياسي پارٽين ۾ موجود آهن. فوج کي انهن بابت هوشيار رهڻ گھرجي ۽ پنهنجيءَ مهم لاءِ پنهنجا سڌا اطلاع ڏيندڙ وسيلا جوڙڻ گھرجن.
    3. احتساب جو عمل بنا ڀڃڪڙيءَ، اثرائتو ۽ کليل رهڻ گھرجي. ان جو مطلب آهي ته پريس آزاد، پر ذميوار هجڻ گھرجي. اسين هڪ ڳنڀير قومي صورتحال (بدحالي) ۾ ڦاٿل آهيون ۽ اهڙي وقت ۾ پريس پاران ڪوبه بگاڙو يا جانبداريءَ جو اظهار جوکائتو ٿيندو. پريس جي آزادي اڻٽر (ضروري) آهي. عوام پاران احتساب جو اهو هڪ اهم فورم (بحث جي جاءِ) آهي. ساڳيءَ طرح قومي اسيمبليءَ ۽ سينيٽ جي گڏجاڻي جاري رهڻ گھرجي، اهڙي نموني جو سياسي احتساب جو سرشتو ٺاهڻ جي سلسلي ۾ سندن عمل وڌيڪ کليل (پڌرو) هجي. اهو ڏاڍو اهم آهي ته آپريشن ۽ ان جي نتيجن بابت لوڪ کي لکا پوندي اچي. اهو عمل آپريشن جي سوڀ کي يقيني ڪندو. هڪ سبق، جيڪو اسان کي اڳوڻين اوڀر پاڪستان ۽ بلوچستان وارين لشڪري مُهمن مان سکڻ گھرجي، هي آهي ته جيستائين فوج کي عوام ۽ سندن سرگرم سهاري جو ڏڍ مليل ناهي، تيستائين اهڙيون مهمون سوڀاريون ٿي نه ٿيون سگھن. فوج جو عوام سان لاڳاپو ۽ انهن کي اطلاعيل رکڻ ڀروسي ۽ سهڪار جو اهو روح برقرار رکڻ ۾ مدد ڏيندو. احتساب فوج ۾ ماڻهن جو ڀروسو ۽ ايمان اڃا به وڌائيندو.
    4. وقت جو جزو پڻ ڏاڍو اهم آهي. آپريشن مختصر ۽ تڪڙي هئڻ گھرجي. جيڪڏهن ان کي حد کان وڌيڪ اينگھايو ۽ ڊيگھاريو ويو ته پوءِ متان اها فوج کي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏي. آپريشن، ڳوٺن توڙي شهرن ۾، هر ممڪن ٿوري وقت اندر پورو ڪري وٺجي ــــــ فوج کي اها صلاح ٿي ڏجي.
    5. فوج کي اهو پڻ ڏسڻ گھرجي ته حياتيءَ جو نقصان گھٽ کان گھٽ ٿئي. آپريشن جي ڊگھو عرصو اثر رکندڙ، سوڀ تڏهن هوندي جو ڏوهارين کي جيئرو پڪڙجي ۽ انهن کي واجبي سزائون ڪورٽ وسيلي ملن، خصوصي ڪورٽن سميت، جيڪي ٻارهين ترميم هيٺ قائم ڪيون ويون آهن.
    6. غير قانوني هٿيار ۽ بارود ۽ بم هٿ ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڏاڍي ڍر پئي ٿئي. گذريل ڏهن سالن کان سنڌ جي شهرن توڙي ڳوٺن ۾ ڪم ڪندڙ نجي فوجن وٽ موجود ناجائز هٿيار جو رڳو ٿورو حصو ڳوليو ويو آهي. ناجائز هٿيار پڪڙڻ آپريشن جو اهم نشانو هئڻ گھرجي. ساڳيءَ طرح ٻيلن سان گڏ ڌاڙيلن ۽ پرڏيهي ايجنٽن جي شهري پاڙن جي صفائي وڏو مقصد هجڻ گھرجي. نجي فوجون ۽ زير زمين تنظيمون هن آپريشن دوران پوريءَ طرح ناس ٿيڻ گھرجن.
    7. اهو به اهم آهي ته جيڪي ڏوهاري سنڌ مان پنجاب يا بلوچستان ڏانهن ڀڄي ويا آهن، انهن کي پڪڙيو وڃي ۽ ملڪ جي ٻين حصن سان گڏوگڏ ڀارت مان به هٿيارن ۽ بارود جي پهچ جون راهون بند ڪيون وڃن.
    8. ٻي ڌيان ۾ رکڻ جوڳي ڳالهه، جيڪا فوجي قيادت جي ذهن ۾ هجڻ گھرجي، اها هيءَ ته آپريشن جي رٿابندي اثرائتي ۽ چِٽي هجڻ گھرجي. اهو اڪثر ڏٺو ويو آهي ته کيڏ جي اصولن کي چوٽيءَ جي عملدارن وٽ به چٽو رکيو وڃي ٿو، پر اهي اصول انهن بنيادي ڪارڪنن تائين صحيح نموني نه ٿا پهچايا وڃن، جيڪي عام ماڻهن سان سڌي واسطي ۾ اچن ٿا. هن قسم جي آپريشن ۾ گھڻو سيڪ نان ڪميشنڊ آفيسرن، صوبيدارن ۽ جوانن کي اچي ٿو. اهم آهي ته انهن بنيادي ڪارڪنن کي کيڏ جا قانون چڱيءَ طرح سمجھايا وڃن ۽ اهو به ٻڌايو وڃي ته عوام سان رويو ڪهڙو رکن. اهو سندن سچائي (ايمانداري) ۽ همدردانه رويو ئي آهي، جيڪو فوجي آپريشن جي حمايت ۾ ماڻهن جون دليون کٽي سگھندو، ٻيءَ حالت ۾ کين انهن کي پري ڌڪي ڇڏيندو. اهو ڪارڪن لڏو ئي فوج جو حقيقي نمائندو (ايلچي، سفير) آهي ۽ جنهن انداز ۾ کين رويو رکندي عوام محسوس ڪندا ته اِهي کين ئي بچائيندڙ آهن ۽ ميدان ۾ ان ڪري لٿا آهن جو کين ڌاڙيلن ۽ نجي فوجن کان محفوظ رکي سگھن. منهنجي راءِ آهي ته فوجي قيادت کي منهنجين هنن گذارشن تي گمڀير ڌيان ڏيڻ گھرجي.
    آخر ۾، فوجي آپريشن جي سوڀ لاءِ دعا گھرندي، اهو صاف ڪرڻ ٿو گھران ته فوج کي پنهنجين ڪوششن جو خاص ڌيان قانون ۽ حڪم (امن ۽ امان) جي بحاليءَ ۽ ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين کان سماج کي پاڪ ڪرڻ تي سيڙائڻ گھرجي. جيستائين سماجي ۽ سياسي سوکڙيءَ جو واسطو آهي اها ملڪ جي سياسي پارٽين ۽ قومي قيادت جي ذميواري آهي. اها رڳو فوج نه آهي، جيڪا آزمائش ۾ هجي. سڄي ملڪ جي سموري سياسي قيادت پڻ آزمائش هيٺ آهي ۽ اميد رکان ۽ دعا ڪيان ٿو ته سياستدان پنهنجي پارٽي مفادن کي مٿانهان ٿي رڳو قومي مفاد ۽ اثرائتي ابتدا جي سلسلي ۾ سوچيندا ته جيئن سياسي گھوٽالو حل ڪري سگھجي. مسئلن جي ذميوار سببن جي خاتمي لاءِ پروگرام تيار ڪري سگهجي ۽ هڪ اهڙي سياسي بندوبست تي پهچي سگهجي جيڪو تشدد جي سياست ختم ڪري ۽ صوبي کي آئين ۽ صحتمند سياست جي اصولن موجب هلڻ لائق بنائي.

    (ڇپيل: روزاني ”جاڳو“ ڪراچي، 16 ۽ 21 آگسٽ 1992ع، ٻن قسطن ۾.)


    اهنجي ڌرتي سُورِهَه ساري ٿي

    اهنجي ڌرتي سُورِهَه ساري ٿي
    ليکڪ: سليم احمد خان


    ڪراچي ــــــ ”روشنين جو شهر“ ــــــ باقي ملڪ جي ڀيٽ ۾ سدائين نرالي سياسي واٽ تي هلندو رهيو آهي. ملڪي گادي هجڻ جي مرتبي کان محروم ٿي وڃڻ جي باوجود ان پنهنجو رتبو واپاري ۽ صعنتي مرڪز جي حيثيت ۾ برقرار رکيو آهي.
    اهو ئي سبب آهي جو پٺاڻ ۽ پنجابي وڏي ڳڻپ ۾ هتي پهچن ٿا، جيئن اهي روزگار هٿ ڪري سگهن، جن لاءِ سنڌي مناسب لياقت رکندڙ نه هئا. ڀارت ڇڏيندڙ لاڏائن جو هڪ وڏو انگ، جن کي عام طرح ”مهاجر“ ڄاتو وڃي ٿو، اڳ ئي ڪراچيءَ ۾ وسي چڪا هئا. نتيجي ۾، سنڌين پنهنجو پاڻ کي خود پنهنجي ئي صوبي جي مَها شهر ۾ اقليت ۾ بدليل پاتو. جڏهن اهي پنهنجي اڪثريت حيدرآباد ۽ سکر ۾ پڻ وڃائي ويٺا، تڏهن انتهائي قومپرستَ (الٽرا نيشنلسٽ) صورتحال کي پنهنجي فائدي ۾ اڇالڻ لائق ٿي سگهيا.
    جماعت اسلامي ۽ جمعيت علماء پاڪستان هنن ٽن شهرن ۾ چونڊن جي لحاظ کان هڪ هٽي پئي رکي، تعليمي ادارن ۾ هٿيار هلائڻ (هٿياربازي) جو اعزاز اڻٽر نموني جماعت اسلاميءَ ڏانهن وڃڻ گهرجي. سندس شاگرد محاذ ــــــ اسلامي جمعيت طلباء ــــــ هٿياربندن جو هڪ پڪو مرڪز ٺاهي ورتو، جنهن کي ٿنڊر اسقئاڊ (گجگوڙي يا ڏهڪائيندڙ جٿو) سڏيو ويندو هو. الطاف جي بنيادي سکيا ان جَٿي ۾ ٿي. چيو وڃي ٿو ته ڪراچي يونيورسٽيءَ جي فارميسي شعبي ۾ داخلا وٺندڙ 12 شاگردن ۾ اڪيلو شاگرد-اڳواڻ هو، جنهن سمورن مقرر معيارن (ڪسوَٽين) جي خلاف داخلا وٺڻ لاءِ ڊين (شعبي جي مٿين عهديدار) کي چيو، نه مڃڻ جي صورت ۾ هيبتناڪ نتيجن جي ڌمڪي ڏني. اهو 1975ع ۾ ٿيو.
    هن پنهنجي سرتن (جيڏن) ۾ داخلا وٺندي، ٿيندڙ تڪليفن خلاف ۽ سرڪاري نوڪريون وٺڻ لاءِ ڪوٽا سسٽم ۾ نوڪريءَ جي عام اڻهوند خلاف ٺهڪندڙ اهنجن کي پرکي ورتو.
    سندن ڏک ڏور ڪرڻ ۾ ناڪاميءَ جي ڪري، سندن مذهبي قيادت ڏانهن مقرر سوچون ٽُـٽي پوڻ سبب اهو احساس اڃا به وڌيو. هُن ان حالت ۾ نئين قيادت لاءِ هڪ عجيب وجهه کي سوجهي ورتو ۽ 1978ع ۾ آل پاڪستان مهاجر اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن (اي.پي.ايم.ايس.او) جو پايو وڌو، جيڪا ايتري ئي هٿياربند هئي، جيتري اسلامي جمعيت طلباء. پيپلز پارٽي ۽ سنڌي قومپرست ٽولن پوئواري ڪندي پنهنجن پنهنجن شاگرد محاذن کي هٿيار بند ڪري ڇڏيو. اسلامي جمعيت طلباء جي سختگيرن (ڇورن، غنڊن) ترت ئي الطاف کي يونيورسٽيءَ مان تڙي ڪڍيو ۽ هو مجبور ٿي پيو ته پنهنجي قسمت يونيورسٽيءَ حدن کان ٻاهر آزمائي، جنهن جي نتيجي ۾ مهاجر قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) ٺهي.
    ايم ڪيو ايم، ڪجهه پارکن جي چوڻ موجب، ٻين برادرين (پنچايتن، حقيقي قومن) کان سڀ ڪجهه کسي مهاجر مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ٺاهي وئي. اُن (ايم ڪيو ايم) سڀني جي مفاد لاءِ پتوڙڻ جي ورلي ڪا پچار ڪئي هوندي. سندن ڏک ڪيترا صحيح (جائز) آهن، ان بابت رايا مختلف آهن. اهو پرکي سگهجي ٿو ته ڪراچيءَ جي وڏن لوڪار (پبلڪ) شعبن ۾ ڪيتريون ئي ٽريڊ يونينون ايم ڪيو ايم جي قبضي هيٺ هلن ٿيون. ۽ ان ڪري انهن تنظيمن وٽ جيترا به روزگار جا موقعا آهن، انهن ۾ مهاجرن کي بهترين حصو مليل آهي.
    نجي شعبي ۾ نوڪري ڏيندڙن مان گهڻا خود پنهنجي مفاد ۾ اهو وڌيڪ پسند ڪندا آهن ته نسلي ڳڻ ڳوت ڪرڻ بدران لياقت جي بنياد تي ڀرتي ڪن، جيئن ته رسمي طرح مهاجر وڌيڪ پڙهيل آهن، تنهنڪري اهي انهن شعبن ۾ وڏو حصو وٺندا آهن. اهي مرڪز توڙي صوبي ۾ اوچي سطح جي ڪامورڪن عهدن تي به ڳڻپ جوڳو انگ والاريو ويٺا آهن. اڪيلي رنڊڪ، جنهن جي اهي شڪايت ڪري سگهن ٿا، اها هيٺين سطح جي سرڪاري نوڪرين ۾ ڪوٽا سرشتي جي هئي. هتي پڻ، سنڌين کي آباديءَ جي سيڪڙي واري بنياد تي مليل حقن کان محروم ڪرڻ لاءِ اهي پاڻ کي اخلاقي طرح به صحيح نه ٿا سڏي سگهن.
    تنهن هوندي به الطاف ٿوري عرصي ۾ هڪ ئي ڀوائتي تنظيم جوڙي سگهڻ جي لائق ٿي ويو. هن کي انبوهه اٿاريندڙ جي حيثيت ۾ سڃاتو وڃي ٿو ۽ تنظيم ڪرڻ جي زبري ڏات رکي ٿو. بهرحال، ملڪ جي ٻين پارٽين جيان، ايم ڪيو ايم جا دفتري (آفيس هلائيندڙ) چونڊيا نه ويندا آهن. اهي پاڻئون چونڊيل ”الطاف-وفادار“ هوندا آهن.
    جيئن ته ڪراچي ڪُهني ٽرانسپورٽ مسئلي مان گذرندي ئي رهندي آهي ۽ گهڻا ٽرانسپورٽر پٺاڻ ۽ مسافر مهاجر هوندا آهن، ان ڪري سندن وچ ۾ ڏند چَڪ هر هر ٿيندي رهندي آهي.
    الطاف ان صورتحال کي پنهنجي فائدي ۾ ڦيرايو ـــــ پٺاڻ ٽرانسپورٽر خلاف مهاجر (مسافر). هن حقيقي وجهه مارچ 1985ع ۾ هٿ ڪيو، جڏهن بشريٰ زيدي گاڏيءَ جي چيڀٽ ۾ اچي وئي. (اتفاق آهي جو ڊرائيور بابت فيصلو مس وڃي گذريل سال، 1991ع ۾، ٿي سگهيو ــــــ اهو ته آهي ترت انصاف!) ڪراچي ۾ قيامت برپا ڪئي وئي، پر جيئن ته پٺاڻ روايتي طرح هٿياربند رهندا آيا آهن. ان ڪري ايم ڪيو ايم نسبتن نقصان ۾ رهي. ان کان پوءِ الطاف جي بدنام تقرير ميدان تي آئي، جنهن ۾ مهاجرن کي پنهنجيون ٽِي وِيون ۽ وِي سِي آر وڪڻي ڪلاشنڪوفون خريدڻيون هيون، جنهن جي نتيجي ۾ ايم ڪيو ايم جو لشڪري محاذ ــــــ بلئڪ ٽائيگرس (ڪارا واگهه) ٺهيو.
    عامر ۽ آفاق، هاڻي ”حقيقي“ بلئڪ ٽائيگرس جا ڪمانڊر پئي سمجهيا ويا.
    ايم ڪيو ايم ڪارڪن لڏو وچين طبقي جي پڙهيل نوجوانن تي ٻڌل آهي، جن تنظيمي ضابطي جو مثال قائم ڪيو آهي. جيئن ته ان جي اڏاوت لاءِ پاڪستان جي گهڻ گهرن پاران هڪ جوشيلي هٿي مليل هئي، تنهنڪري ان وڏيرن ۽ چوڌيرن کي نيڪالي ڏيڻ جي جدوجهد ۾ ملڪ جي ٻين حصن لاءِ مهائي (اڳواڻ، روشني ڏيکاريندڙ) جي شڪتي رکي پئي.
    تحريڪ (موومينٽ) ”قومي“ ۾ بدلائڻ واري الطاف جي خيال جي جتي ڪٿي ڀليڪار ڪئي وئي. پر افسوس! تحريڪ جمهوري جدوجهد جي راهه کان ٿِـڙي فاشزم جي راهه تي هلي پئي. ان جي ڪارڪنن حد جي دڪاندارن ۽ ٻين شهر واسين کان پستول جي زور تي ڀَتو اڳاڙڻ شروع ڪيو. ان مان ”مرڪز“ ۾ ڪيترو ٿي پهتو ۽ ڪيترو حصو نوجوانن اُڏائي ڇڏيو ٿي، ان جو ڪاٿو هر هڪ پاڻ ڪري. ”مرڪز“ ان جو ڪجهه حصو ته خيراتي واهپي لاءِ رکيو ٿي، پر وڏو حصو ڏسجي پيو ته هٿيارن جي خريد تي خرچ ٿي ٿيو. دولت گڏ ڪرڻ جي ان سهنجي طريقي نوجوانن جي رهنمائي پنهنجون ”ڪورٽون“ اذيت گهر ۽ قيدخانا ٺاهڻ ڏانهن ڪئي.
    ٿورڙن سالن ۾ ئي اهي ڪارڪن طاقت جي نشي ۾ ايڏا ته مست ٿي ويا جو اهي رياست اندر پنهنجي رياست ٺاهي ويهي رهيا. جيئن هڪ هاڪاري صحافيءَ لکيو ته ”ايم ڪيو ايم شهرائي سنڌ ۾ سِڪو ۽ پاسپورٽ جاري ڪرڻ کان سواءِ باقي انتظاميا جي هر شعبي کي ڪنٽرول پئي ڪيو.“
    ڪراچي پريس ڌمڪائي (گيدِي ڪئي) وئي ۽ بِي بِي سِي جي نمائندو تـڙپايو ويو. الطاف هاڻي انهن خطائن جو الزام ”حقيقيُن“ تي هڻي ٿو، پر انهن (حقيقن) کي جڏهن تنظيمن مان ڪڍيو ويو، تڏهن هن (الطاف) اذيت گهرن کي ناس ڪرڻ لاءِ ڇا ڪيو؟ ٻي پاسي ”حقيقي“ جيڪي هاڻي دعوا ٿا ڪن ته اهي (اذيت گهر) الطاف جي دماغ جي پيداوار آهن، جيڪڏهن کين دهشتگرد سرگرمين سان اتفاق نه هو ته پوءِ اهي پرمتڙي تنظيم کي ڇڏي ڇو نه ويا؟
    معاملن کي وڌيڪ خراب ڪندي، الطاف پنهنجن پوئلڳن وٽ سچو پچو اِلَهڙو (ديوتا، خدا) ٿي پيو. جيڪڏهن هَن هڪ آڱر ٿي اڀي ڪئي ته لکن جو انبوهه ماٺ ۾ پئجي ٿي ويو. هر ماڻهوءَ، وزيراعظم ۽ وڏي وزير سميت جيڪڏهن هن سان ملڻ گهريو پئي ته پاڻ هلي اچي حاضري ٿي ڀريائين. الطاف، جيڪو پنهنجي روزاني خوراڪ طور ٻن سموسن ۽ چانهه جي هڪ ڪپ کان وڌيڪ سَهي نه ٿي سگهيو ۽ اچ وڃ موٽر سائيڪل تي ڀاڙيندڙ هو، هاڻي پجيرن جي گهيري ۾ هو ۽ کيس هٿياربند نگهبانن جي ٽولي جي گهرج پئجي وئي. سندس موجودگيءَ ۾ ڪنهن کي به ڳالهائڻ جي همت نه ٿيندي هئي، تان جو کيس اهڙي موڪل نه ملي.
    جيڪڏهن (ذوالفقار علي ڀُٽي) صنعتي ضابطي کي تباهه ڪيو، ته الطاف وري مهاجر نوجوانن کي بندوق کڻندڙ سختگير (چورن) ۾ بدلائي ڇڏيو. مهاجر، جائز طرح پنهنجي ثقافتي ورثي ۽ قانون ۽ حڪم (امن ۽ امان) سان وفاداريءَ تي فخر ڪندڙ هئا. انهن مان ڪيترائي پرت (حصا) هاڻي تشدد جي پوڄارين ۾ بدلجي ويا، پر مهاجرن تي الطاف جي پڪڙ ايتري ته مضبوط هئي جو سرتا (باهوش، سنجيدهه) ماڻهو به هن تحريڪ سان همدردي ڪرڻ لڳا.
    ڪراچي تي قبضو رکڻ لاءِ ايم ڪيو ايم پوليس سان ڏي وٺ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان ڪوشش ۾ ان حد تائين پهچي ويو جو پنهنجا نامزد ماڻهو ڀرتي ڪرائي سگهي ۽ سندن واري کان سواءِ ئي کين ترقي ڏياري سگهي.
    تان جو سندن ننڍن دفترين (آفيس هلائيندڙن) کي به انتظاميا پاران پوليس موبائيل گاڏيون ڏنيون ويون. ماڻهو ترت ئي قانون نافذ ڪندڙ ايجنسين ۾ ايمان وڃائي ويٺا ۽ جڏهن به اهي مدني (سوڪ) مسئلن ۾ ڦاسي پوندا هئا، جيئن پاڻيءَ جي کوٽ، بجليءَ جي ڦوٽ ۽ ٽرانسپورٽ جي گپاگيهه، تڏهن اهي انهن کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ قانون پنهنجن هٿن ۾ رکندا هئا، ۽ ڄاڻي ورتائون ته ائين ڪم ٺيڪ ٿئي ٿو. حڪومت جو حڪم هلڻ بند ٿي ويو.
    1986ع ۾ هٿياربند سگهه جي آزمائش ڪئي وئي، جڏهن ايم ڪيو ايم جي اڳواڻيءَ هيٺ حيدرآباد ويندڙ جلوس (سرگس) سهراب ڳوٺ جي پٺاڻن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ڪئي. انهن ڏينهن ۾ سنڌ تي حڪمراني غوث علي شاهه جي هئي، جنهن جي دَور ۾ وڏا ڏوهاري سکر جيل مان ڀڄي ويا ۽ ڌاڙيلپ چڱي اوسر کاڌي. هن سهراب ڳوٺ ۾ نشيدار شين جي خاتمي لاءِ کار کاڌي هئي.
    الطاف سنڌ ۾ پٺاڻن ۽ پنجابين ڏانهن غير دوستاڻو رويو رکيو. ان ڪري هو ”گڏيل دشمنن“ خلاف وڙهڻ جي بهاني سان جي.ايم. سيد سان سرچاءَ لائق ٿي سگهيو. سيد هن کي قابل قبول سمجهيو، ڇو ته هن پ پ پ سان منهن مقابل ٿيڻ لاءِ نويڪلو رهڻ پئي چاهيو.
    ڪراچيءَ جو جماعتي ميئر، افغاني، صوبائي حڪومت کان مالي مدد وٺي نه سگهيو هو ۽ نيٺ آفيس مان ڊوڙائي ڪڍيو ويو. 1987ع ۾ ايم ڪيو ايم شهرائي علائقي ۾ لوڪل باڊيز جي چونڊن ۾ کٽي وئي. ان جا آفيس هلائيندڙ پ پ پ حڪومت پاران فنڊن لاءِ بکيا رکيا ويا، تيستائين جو سندن اتحاد آءِ جي آءِ سان ٿيو. اها ارمان جي جهڙي ڳالهه آهي جو هي نوجوان ۽ پڙهيل آفيس هلائيندڙ ماڻهو شهر-سڌار معاملن ۾ نمايان خدمتون ڪري شهر واسين کي ڪڏهن به متاثر ڪري نه سگهيا. هنن جيڪو ڪجهه ڪيو اهو هِي ته وڏي انگ ۾ خود پنهنجي پارٽي جي ورڪرن کي ڀرتي ڪري ڇڏيائون.
    1988ع ۾ عام چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم هڪ ڀيرو وري شهرائي سنڌ ۾ پنهنجي مضبوط حيثيت ظاهر ڪئي. مرڪز ۾ پ پ پ جي پوئواري ڪرڻ بابت سندن يقين دهاني وزيراعظم طور نامزد ٿيڻ لاءِ توازن محترمه ڀٽو جي حمايت ۾ ڦيرائي ڇڏيو، جيتوڻيڪ سندس پارٽيءَ کي سادي اڪثريت به ڪو نه هئي. ايم ڪيو ايم پوءِ پنهنجي پهرين موتمار ڇڪ ڪئي. ٽن يا چئن بنيادي نُقطن تي فولادي يقين دهاني وٺڻ بدران انهن صوبي ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ 65 نقُطن واري ايجنڊا آڻي رکي.
    اقتدار جي نشي ۾ مست پ پ پ سان گڏوگڏ ڌمڪايل ”جيئي سنڌ“ هاڻي تائين پنهنجا اذيت گهر ٺاهي چڪيون هيون. ڀُنگ لاءِ اغوا ۽ ڪار-کَس جهڙن عملن جي ٽنهي پارٽين پاران سهائتا ڪئي ٿي وئي، ته جيئن پنهنجي سرگرميءَ لاءِ پيسو گڏ ڪري سگهن. ايم ڪيو ايم ۽ پ پ پ ۽ ٻين جي وچ وارو ٿيندڙ فساد ڪرفيو هڻائڻ ڏانهن وٺي ويا، جنهن شهرائي رهاڪن جي روزاني حياتيءَ ۾ تباهي آڻي ڇڏي. جڏهن ته ڳوٺاڻا علائقا سچ پچ اپهچ ٿي پيا. صعنتي ۽ واپاري سرگرميون سچ ته بيهي ويون جنهنڪري صعنتي سيڙپ نه پئي ٿي ۽ روزگار جا موقعا تهائين خراب ٿي ويا.
    اڀاڳو پ پ پ وڏو وزير، زرداريءَ جي مرليءَ تي نچندي، قانون ۽ حڪم (امن و امان) جي تيزيءَ سان بگڙندڙ حالت تي قابو رکڻ لائق نه هو. هڪ پارٽيءَ جا سرگرم ماڻهو ٻِي هٿان اغوا پئي ٿيا ۽ اذيتون ٿي سَٺائون. هڪ ڏاڪو اهڙو به هو جو ايم ڪيو ايم ۽ پ پ پ جي وچ ۾ قيدين جي مَٽاسٽا جي نگهبانيءَ لاءِ فوج گهرائي وئي ـــــ اهو تڏهن جڏهن پ پ پ اقتدار ۾ هئي! ان ڪري محترمه ڀٽو تي ڀروسو نه ٿو ڪري سگهجي، جڏهن هوءَ چوي ٿي ته کيس ان سڀ ڪجهه بابت ڄاڻ نه هئي.
    جڏهن جيئي سنڌ جي سرگرم ماڻهن ڊگهي وقت کان رهندڙ پنجابين کي اندرين سنڌ مان ڪڍڻ شروع ڪيو ته مهاجر به ان جي زد ۾ اچڻ کان بچي نه سگهيا. 30 سيپٽمبر 1988 تي ڊاڪٽر قادر مگسيءَ جي اڳواڻيءَ هيٺ جيئي سنڌ جي هڪ ڇڄندڙ ٽولي حيدرآباد ۾ 250 ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏيو. ايم ڪيو ايم ڪراچيءَ ۾ 150 ماڻهو قتل ڪري وير پاڙيو (ادلي جو بدلو ڏنو). ان ڪوس وڏيءَ حد تائين الطاف جو سپنو ٽوڙي ڇڏيو ۽ هن سهاري لاءِ غير-سنڌين ڏانهن واجهائڻ شروع ڪيو. جهِڙو ڏڍ اڄ آءِ جي آءِ حڪومت کي فوج مهيا ڪري رهي آهي، اهڙي ئي سهاري لاءِ محترمه ڀٽو پاران اسلم بيگ کي درخواست ٻُٽن ڪَنن جي حوالي ٿي وئي. لاچار ٿي پڪي قعلي تي ڪاهه ڪري هن پنهنجي حياتيءَ جي وڏي غلطي ڪئي.
    جيڪڏهن ساڳي قسم جو آپريشن سلجهيل ماڻهن جي ڪنهن ايراضيءَ ۾ ڪيو وڃي ها ته رهاڪو ڪا به رنڊڪ نه ڪن ها، پر پڪي قعلي جا رهاڪو مخصوص نموني لاڳاپيل هئا. اهي ايترا خوفناڪ هئا جو ڪاهه کي منهن ڏئي سگهن، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترين ئي زندگين جو نقصان ٿيو ۽ نيٺ محترمه ڀٽو جي تختي اونڌي ٿيڻ تي ختم ٿيو. ايم ڪيو ايم هن کي اقتدار ۾ آندو هو ۽ ان ئي کيس ڇڪي لاٿو.
    1990ع جي چونڊن ايم ڪيو ايم کي وڏي شانَ تي پهچائي ڇڏيو. زرداريءَ سان زباني مقابلي کان پوءِ ڄام صادق پ پ پ کي کاهيءَ ۾ ڦاسائي ڇڏيو ۽ صدر غلام اسحاق خان پاران وڏي خوشيءَ سان چونڊون ڪرائڻ لاءِ نگران سنڌ وزارت سرواڻ چونڊيو ويو. ۽ ان کان پوءِ آءِ جي آءِ پاران ته جيئن ايم ڪيو ايم سان گاڏڙ حڪومت ٺاهي سگهي، گاڏڙ حڪومت جي وڏي جزي طور ايم ڪيو ايم هاڻي شهرائي سنڌ جي تڪرار کان مٿڀري حڪمران ٿي پئي.
    ڄام مخالف ڌر کي دٻائڻ ۾ بيرحم هو. اهو سنڌ جي تاريخ جو سڀ کان اونداهو دَور هو. ۽ ڪيل غلط ڪارين ۾ حصيداري ضرور ڳڻڻ گهرجي. نواز شريف ۽ غلام اسحاق خان جِي جنهن جو نياڻو انهن مهاپاپن ۾ شريڪ سمجهيو وڃي ٿو.
    ڪُلڇڻائپ (ڪرپشن)، اقتدار جو نه اُڪري سگهڻ لائق ڀائيوار، ايم ڪيو ايم جي قطارن ڏانهن سُرڻ شروع ڪيو. اڳواڻ، جيڪي پنهنجي تپسيا (سادگي) جي ڪري عزتيا ويندا هئا، پنهنجا شان وڃائي ويٺا. ڪراچي جي ميئر 5 هزار مهمانن لاءِ وليمي جي ميزباني ڪئي. الطاف جي جنم-ڏينهن تي آندل ڪيڪ، ٽي ڦيٿا ٿلهو، تلوار سان وڍيو ويو! بدر اقبال، سنڌ جو ٽرانسپورٽ وزير وڏيون رشوتون وٺڻ جي الزام هيٺ آيو. آفاق ۽ عامر ڦرلٽ ۾ پنهنجي حصي جي گُهر ڪئي. ڇينڀجڻ جي ڪري انهن الطاف کي ڌمڪي ڏني ۽ ڪجهه ماڻهن جي چوڻ موجب، کيس ڦٽي وڌو.
    ”قائد“ ڊوڙي وڃي عباسي شهيد اسپتال ۾ پناهه ورتي، جتي تحفظاتي بندوبست ايترا ته سخت هئا جو فائوٽين (مس واريون) پينون به ساڻس ملندڙ صحافين کان کسي ورتيون ٿي ويون. اسپتال هڪ قلعي ۾ تبديل ڪئي وئي ـــــ نَنهه تائين هٿياربند نگهبانن سان سٿيل، فسادين ـــــ عامر ۽ آفاق ــــ جا گهر ساڙيا ويا ۽ کين ملڪ مان ڀڄي وڃڻو پيو. موٽڻ کان پوءِ انهن پنجاب ۾ پناهه وٺڻ مناسب سمجهي. افواهه اٿيو ته انهن کي قتل ڪرڻ لاءِ ايم ڪيو ايم ڪمانڊوز اسلام پوره تي ڪاهه ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 12 ڄڻا بيگناهه مارجي ويا. ائين ٿو لڳي ته انحراف (اختلاف) بلئڪ ٽائيگرس جي پِتي ۾ پيهي ويو آهي. هڪ ذڪر موجب، الطاف پنهنجي وهاڻي هيٺيان هڪ ڌمڪيءَ ڀريو خط لڌو ۽ فيصلو ڪيائين ته ملڪ ڇڏي وڃي. هو نوَن مهينن کان رموٽ ڪنٽرول وسيلي ايم ڪيو ايم کي اثرائتي نموني هلائڻ جو نه-وِسهڻ جوڳو ڪم ڪري رهيو آهي.
    20 جون 1990 تي هڪ فوجي ميجر ۽ هڪ جوان (سپاهي) جيڪي جاچ جوچ جي (کوجي) ڊيوٽي تي هئا، ايم ڪيو ايم جي هڪ مرڪزي اسيمبلي ميمبر جي نظرداريءَ هيٺ گرفتار ڪيا ويا ۽ کين ايذايو ويو. وزيراعظم، صدر ۽ فوج اها خواري پِي ويا. اذيت گهرن جي موجودي، ان ڪري انهن مان ڪنهن لاءِ به حيرت انگيز نه هوندي، ان کان پوءِ فوج بدلي جي باهه ۾ پڄرندي رهي.
    آغا خان جي نمائندي جي اغوا، مرڪزي حڪومت کي قائل ڪري ڇڏيو ته فوج وسيلي هڪ صفائي (پاڪائي) مهم هلائڻ اڻٽر هئي. ٻيو ته وزيراعظم جي صنعتي سيڙپڪاري وڌائڻ واري لاڏلي رٿا به امن امان جي خراب حالت جي ڪري پلجي نه پئي سگهي.
    ڪنهن جي ويچار تي ڀاڙيندي چئي سگهجي ٿو ته نواز شريف هڪ هوشيار سياستدان يا وري پاکنڊي (هپوڪرائيٽ) آهي. تنهن هوندي به، خود پنهنجي ذميواريءَ تي، هن قدم کڻڻ (ڌڪ هڻڻ) جو فيصلو ڪيو. ڪهڙن نمونن سان وک وِڌي وڃي، ان تي بحث ڪندي ٻن مهينن جيڏو ڊگهو عرصو لڳي ويو، جنهنڪري ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن کي پنهنجا هٿيار هيڏي هوڏي ڪرڻ ۽ اجوري واري گرمي جي موڪل ڪنهن ٿڌڙي علائقي ۾ گذارڻ لاءِ چڱو چوکو وقت ملي ويو.
    عمل غلط راهه تي هلي پيو ۽ بيگناهه ڳوٺاڻن جي موت جي صورت ۾ نتيجو ڏنائين. خطا جي ذميواري کلي عام قبول ڪرڻ ۽ ڏوهارين کي سزا ڏيڻ لاءِ سِي او اي ايس (چيف آف آرمي اسٽاف) کي شابس هجي. ايم ڪيو ايم جي آفيسن تي ”حقيقيُن“ پاران ڪاهه وسيلي عمل کي اڃا به کاريو ويو. فوج جو عذر اهو ٿي سگهي ٿو ته جيئن ته انتظاميا ايم ڪيو ايم جي ڄميل قبضي هيٺ هئي، تنهنڪري ايم ڪيو ايم جا اندريان ڳجهه ڳولي لهڻ جو اڪيلو وسيلو ”حقيقي“ ئي هئا.
    هيستائين آپريشن کي ايم ڪيو ايم جي ڳَڙهن ۽ ڪجهه ڌاڙيلن جي لڪ-جاين تائين محدود رکيو ويو آهي. پنجابي پختون اتـحـاد ۽ بـلـوچـستان موومينٽس کي ترسائي فائدو ورتو ويو آهي. پ پ پ/الذولفقار جي سرگرم ماڻهن کي اڃا تائين ڪنهن اڻڄاتل سبب جي ڪري نه ڇيڙيو ويو آهي. پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سڀني سياسي پارٽين لشڪري مهم جي حمايت ڪئي آهي. بهرحال، پ پ پ ۽ جماعت اسلامي ڏاڍيون خوش آهن. تنهن هوندي به، جيئن ته فوج وٽ ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ ۽ مقدمو هلائڻ جو اختيار ناهي، ان ڪري پوئواري لاءِ اها پوريءَ طرح مقامي انتظاميا تي ڀاڙيندڙ آهي. اهو آپريشن جي سوڀ لاءِ ٺيڪ اڳڪٿي ڪرڻ نه ٿو ڏئي. چور-گهٽُ بند ڪرڻ لاءِ هر هر مٿئين سطح جون گڏجاڻيون سڏايون پيون وڃن. آپريشن هلائڻ کان اڳ ڇا اها چِٽي رنڊڪ پوري ڌيان هيٺ نه آندي وئي هئي.
    جيئن ئي فوجي عمل شروع ٿيو، ڪجهه اوپرا واقعا ٿي پيا.
    • صدر جو نياڻو ۽ صوبائي حڪومت جو صلاڪار عرفان الله مروت، اڌ مهيني لاءِ پرڏيهه روانو ٿي ويو. هن جو مشن (خصوصي مقصد) ڪهڙو هيو؟
    • وزيراعظم الطاف سان لنڊن ۾ مليو. ڇا وزيراعظم اڻڄاڻ هو ته فوج کي ڪم سان لڳي وڃڻ جا حڪم ملي چڪا هئا؟
    • حقيقيُن ۽ فوج جو عمل لڳ ڀڳ ساڳي ئي وقت شروع ٿيو.
    ايم ڪيو ايم پاران موٽ ان جي سڀني قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن مجموعي استعيفا جي صورت ۾ هئي (سواءِ انهن جي جيڪي خريد ڪيا ويا) ـــــ يڪجهتي جو شاندار اظهار ۽ پنهنجي اڳواڻ ۾ ايمان جو ڏيک. اهو اڃا رهيل آهي ته انهن مان ڪيترا پنهنجي ارادي ۾ پختا بيهن ٿا.
    عمل، بهرحال، ڪنهن ڳڻپ جوڳي مقدار ۾ هٿيار ڳولي هٿ ڪرڻ يا ايم ڪيو ايم ۽ ”حقيقي“ اڳواڻن جي گرفتاريءَ جي سلسلي ۾ ناڪام ويو آهي، جيتوڻيڪ انهن مٿان تمام ڳرا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. چيو ٿو وڃي ته اهي روپوش ٿي ويا آهن، پر انهن جا بيان ته پريس ۾ لاڳيتو ايندا رهن ٿا! اهو مقامي انتظاميا پاران حمايت جي کوٽ سبب پيو ٿئي يا ايم ڪيو ايم سان سرچاءَ جو در کليل ڇڏيو ويو آهي؟
    اهڙيءَ طرح، ڌڪا جهوٻا کائيندي، جيئن جيئن عمل رڙهي ٿو، ماڻهن جي ذهنن کي منجهائيندڙ ڪيترائي سوال اٿندا رهن ٿا:
    • يَڪِي ايم ڪيو ايم (يا اڳواڻي ايم ڪيو ايم) جو مرڪزي وزير آفيس ۾ ويهڻ ڏنو وڃي ٿو ۽ هو ان وزارتي (ڪابينا) گڏجاڻيءَ ۾ به شريڪ رهي ٿو، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم خلاف ٿيندڙ عمل تي سوچ ويچار ٿيڻو آهي. ڇو؟
    • وزيراعظم جي سڀ کان وڌيڪ ڀروسي جوڳن ساٿين مان ٻن ــــــ وائين ۽ نثار ــــــ فوجي عمل تي تنقيد ڪئي آهي، ڇو؟
    وزيراعظم بيان ٿو ڪري ته هو ايم ڪيو ايم جي وڌيڪ عقلمند (سالم دماغ) ماڻهن سان ڳالهائڻ جي سڌ رکي ٿو ــــــ ڇا اهي عنصر ايم ڪيو ايم جي ڪيل مبينه مهاپاپن ۾ هڪ جيترا ڀاڱي ڀائيوار ناهن؟
    ائين ٿو ڏيکارجي ڄڻڪ مرڪزي حڪومت پوريءَ طرح مٿو وڃائي چڪي آهي يا وري پنهنجو سٽاءُ لڪائڻ لاءِ دونهي جو پردو ڏئي لوڪ کي گمراهه ڪيو پيو وڃي. پريس، لاڳيتو افواهه اٿارڻ وسيلي، صورتحال کي اڃا وڌيڪ منجهائي ڇڏيو آهي.
    هر هڪ جو وايون بتال آهن ته فوج جڏهن پنهنجن بارڪن ۾ موٽي ويندي، تڏهن ڇا ٿيندو. ڇا وزيراعظم وٽ اهڙي ڪا رٿ آهي جيڪا فوجي عمل کان پوءِ ڪم آڻيندو؟
    آئيندي بابت ڇا ٿا چئو؟ ايم ڪيو ايم جيڪڏهن هاڻوڪي حالت ۾ تڳي وڃي ٿي، ننڍيون-چونڊون الطاف کي ملندڙ عوامي حمايت جو سچو ماپو هونديون. پر هن کي اهو ضرور سمجهڻ گهرجي ته شهرائي سنڌ ۾ بي اعتراض لوڪ پسندي اڪيلي سر کيس قومي سياست ۾ ڪافي ڪجهه هر دلعزيزي نه ٿي ڏي، سرنگهه جي انت وٽ ڪو به سوجهرو ناهي. مٿاهين سطح جون گڏجاڻيون هٿوراڙيون هڻنديون رهن ٿيون. اسان جي فوج جي اندرين گهرُو جهيڙي ۾ ڦاسي وڃڻ تي ڀارت جي بيچين آرمي-چيف کي سرهائي ضرور ٿيڻ گهرجي.
    1947ع کان وٺي، سياسي پارٽيون صوبائي، نسلي ۽ فرقيوارانه مامرن تي هڪ ٻي جا گُلا گهٽينديون رهيون آهن. هي وقت آهي جو اهي سمجهي وٺن ته نراسي (محرومي) ملڪ جي ڪنهن هڪ خاص گروهه جي حصي ۾ نه آئي آهي. اها جتي ڪٿي پکڙيل آهي. آباديءَ جي واڌ ماني جي هر صوبي جو حصو گهٽائي ڇڏيو آهي. ٻين جي وات مان گرهه ڇنڻ بدران نجات ان ۾ آهي ته ماني وڏي ٺاهڻ لاءِ گڏيل ڪوشش ڪجي.

    (ڇپيل: روزاني ”جاڳو“ ڪراچي، 19-آگسٽ 1992ع)


    رِڍن جي ماٺ

    رِڍن جي ماٺ
    ليکڪ: شفقت اي خان

    ڪراچيءَ ۾ ويڙهه جا پڙلاءَ وري پيا ٻڌجن. لشڪري آپريشن بابت کُٽڪا خوشيءَ جي هشڪارن ۽ تاڙن ۾ بدلجي ويا آهن. سياستدانن ۽، ڏسڻ ۾ ايئن اچي ٿو ته، عام لوڪ به پنهنجي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، پر اها اميد رکندي ته آپريشن سندن حامين بدران گلاخورن کي کائي ويندو. پِي ڊِي اي (پيپلز ڊيموڪريٽڪ الائنس = عوامي جمهوري اتحاد)، جيڪو سول (غير فوجي شهرين جي) سرواڻيءَ ۾ ڪجهه ايمان رکڻ جو آخري ڀنڊار آهي، پڻ هن آزمائش کي هلڻ ڏنو آهي.
    اهڙي ئي، بدقسمتيءَ سان، واٺُو (ويڙهاڪ، ويريئر) حڪومتن جي فطرت آهي. اهي پاڻ ئي پنهنجين آبادين کي کائينديون رهيون آهن، اڻ لکي نموني پر پڪيءَ طرح، لشڪر (ملٽري) پنهنجي مٿان جھنڊو اوڍي، ان جھنڊي کي ڪنهن وقت قومي رنگ چڙهيل هوندو آهي ته ڪنهن وقت مذهبي اڪثريت جو، خاص طرح اڪثريتي صوبي ۾، انهيءَ جھنڊي پٺيان نڪري پوندي آهي ۽ سياستدانن ۽ دانشورن جا خيال ايڏا ته يَڪ روپا (يونيفارم) ٿي پوندا آهن، جيئن لشڪر جو يڪ روپو ويس. نه ماضي ياد رکيو ويندو آهي ۽ نه ئي وري ان جي نتيجن تي ڌيان ڌريو ويندو آهي. سبب، عقل کي جيئن دٻاءُ ٻوڙي ٿو، تيئن اصولن تي مصلحت ڇانئجي ويندي آهي. لشڪر سدائين سياسي جوڙجڪ ۾ ئي قانوني پاسو تاڙي وٺندو آهي ـــــ جنرل ضياءالحق پنهنجو قانوني پاسو جماعت اسلاميءَ وٽ ڏٺو ۽ ان کان پنهنجو اقتدار ۾ اچڻ قانوني طرح جائز ثابت ڪرايو. جڏهن ته هاڻوڪو لشڪري (راڄ حڪومت، رجيم) اهو آزاد خيال ۽ کاٻي ڌر وارن وٽ ڳولي رهيو آهي، ۽ نڀاڳ چئجي جو ايئن ظاهر ٿيندي نظر اچي ٿو.
    سياسي معاملن ۾ لشڪري مداخلتون سدائين پوريءَ طرح توريل تڪيل هونديون آهن، موقعي مهل جي گھرج چڱيءَ طرح جوڙي ويندي آهي ۽ دشمن (شڪار) خبرداريءَ سان چونڊيو ۽ بڇڙو ڪيو ويندو آهي. هڪڙي واري بڇڙو ڪري، مٿانئس قانونيت جو پيل هر پردو هٽايو ويندو آهي ۽ دشمن جي مڪمل تباهي اباڻي ملڪ ۾ هڪ عوامي مقصد ٿي پوندي آهي. هن ڀيري جهنڊو قومي آهي، گهرج کي امن امان جي بحاليءَ جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ عارضي طرح (في الوقت) دشمن آهي ايم ڪيو ايم. ان کي بڇڙو ڪرڻ لڳ ڀڳ غير ضروري آهي ڇو ته ارادي سان هجي يا اوڏو ايندڙ، هوءَ پنهنجو دهشتگرد تصور اڳ ئي پڪو ڪري چُڪي آهي ـــــ کيس مليل لشڪري تحفظ ۽ آءِ جي آءِ جي هنج ۾ نيپاج سبب منجهس اسريل هَٺ ۽ دهشتگرد صلاحيتن جي ڪري خوب موج ڪئي آهي.
    ”اباڻو“ ملڪ سدائين جيان پنجاب آهي، بيٺڪ يا ته سنڌ آهي يا ڪراچي، جتي اباڻي ملڪ جا رهاڪو تحفظ جي کوٽ جي دانهن ڪن ٿا ۽ ايتري قدر جو سخت قدم کڻڻ لاءِ ”اباڻي“ ملڪ ۾ عوامي راءِ به گُهر ڪري ۽ ان جي حمايت ڪري ٿي. پنجاب ۾ ترقي پسند عنصرن جي ماٺ، ان ڪري عجب ۾ وجهندڙ ناهي، جو ممڪن آهي ته اها ساڙ، ڊپ، جانبداريءَ ۽ مصلحت پسنديءَ جي ڪري هجي. ان ڪري اها ٻوڙِي ٿيندي پئي وڃي.
    هن ماٺ کي ٽٽڻ گهرجي. ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي، ضياء دَور ۾ نپايل ٻئي پاٺڪا، جن اسان کي سخت هاڃو رسايو آهي، ايم ڪيو ايم جي تباهيءَ جي نظارن تي خوشيءَ جو احساس به آهي، پر مون کي اهو به مڃڻ گهرجي ته ان کي رنڊائڻ گهربو هو. آهي ته زبري لالچ پر بهرحال رنڊائڻ گهرجي. اصولن سول معاملن ۾ فوجي مداخلت جي مخالفت ڪرڻ گهرجي. ايم ڪيو ايم سان ليکو چوکو ٺيڪ رکڻ يا وڏن توڙي ننڍن شهرن، ڳوٺن ۽ ٻيلن کي پاڪ صاف رکڻ بدران گهڻو ڪجهه داءَ تي لڳل آهي. جماعت اسلامي کي ڪو به سياسي مؤقف ناهي ۽ هن وقت تائين رڳو لشڪري حڪومت جي سهائتا يا ڪجهه طاقتور عرب حڪومتن جي پٺڀرائيءَ وسيلي جيئري رهندي آئي آهي. ايم ڪيو ايم پڻ پاڻ کي کپائي ڇڏيندي، جيئن تنظيم اندر لڪل لڙائيءَ مان پڌرو آهي.
    پوءِ، ڇو اسين پاڻ کي وڏي مامري مان ڪڍي ٻاهر ڪيون: مامرو هي آهي ته ڇا اسين سول معاملن ۾ لشڪري مداخلت، جنهن ماضيءَ ۾ ڪيل چڙهاين جا منفي اثر ڇڏيا آهن ۽ اڪثريت جي (پنجابي) غلبي ڏانهن صوبن ۾ نازڪ اثر پکيڙيا آهن، کي قبول ڪرڻ ۽ سهارو ڏيڻ جاري رکنداسون؟ ڇا اهڙي ڪا به صفائيءَ جي مهم (آپريشن ڪيلن اپ) ڪن به ڊگھي مدي وارن حَلن ڏانهن وٺي ويندي؟ ٻيو، هن کان پوءِ ڪير هوندو ۽ ڇا هوندو؟ ۽ آخري، پر انتهائي نه، هن آپريشن جو اقتصادي اگھه ڪيترو هوندو؟
    اچو ته اسين سول معاملن ۾ لشڪري مداخلت جي ڊگھي مدي وارن پاسن تي نظر وجھون. جيتوڻيڪ ڪجھه عارضي مفاد ماڻيا ويا آهن، پر ڊگھي مدي وارا اثر سڄي سماج تي اڻٽر نموني هاڃو رسائيندڙ ثابت ٿيا آهن. اسان جي حياتيءَ جي سمورن لقائن تي لشڪر جو جٽاءُ رکندڙ ۽ غلبو ڪندڙ اثر شايد انجيل جي هڪ آکاڻيءَ جي حوالي سان سٺي نموني سمجهه ۾ اچي:
    هڪ عورت هڪ ڀيري جوزبن حلفتا نالي ربي کان پڇيو، ”جيڪڏهن تخليق جو عمل رڳو ڇهن ڏينهن ۾ پورو ٿي ويو ته پوءِ ان وقت کان وٺي هن مهل تائين ڌڻي ڇا پيو ڪري؟“ هن جواب ڏنو، ”ڌڻي پنهنجو وقت ڏاڪڻيون ٺاهڻ ۾ پيو گذاري، ته جيئن ڪي چڙهي سگھن ۽ ڪي لهي سگھن.“
    وقت گذرندو رهيو ۽ پاڪستان جي تخليق کان وٺي چڙهڻ ۽ لهڻ واريون ٻنهي قسمن جون ڏاڪڻيون، اسان جي اميريڪي دوستن ۽ پنجاب ۾ رهندڙ واٺو ذهنيت جي مهرباني سان، لشڪري قوتن جي هٿن ۾ رهيون آهن.
    سول معاملن ۾، دستوري يا ڪنهن به ٻي صورت ۾ لشڪر جي شموليت وارو اسان جو ماضيءَ جو تجربو سمورن سول ۽ سياسي ادارن جي ڪمزور هجڻ جي نشاندهي ڪري ٿو. جنرل ضياء جي حڪمراني کي، ڪنهن آڳاٽي زماني جي ڳالهه ناهي، وساري نه ڇڏڻ گھرجي. هن جو راڄ پڻ احتساب ۽ امن امان جي وچن سان شروع ٿيو هو. جڏهن هن ڇڏيو، تڏهن انهن ٻنهي معاملن ۾ ابتري اڃا به وڌيل هئي.
    پنج اهم لاڙا هن جي حڪمراني هلندي نڪري ظاهر ٿيا:
    1- سول ادارا جيئن عدليا ۽ پارليامينٽ اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هيڻا هئا.
    2- اهي جيڪي ملٽري (لشڪر) جي ويجهو هئا، ان جي ارهه زور حڪمراني هلندي ۽ ضياء جي موت کان پوءِ به سياسي بگاڙي جو مکيه لاڀ کائيندڙ هئا.
    3- ايم ڪيو ايم کي سياسي منظر تي ڇانئجڻ لاءِ ئي نه، پر تعليمي ادارن تي به، جيڪي ايم ڪيو ايم جا ڄَڻيندڙ هئا، قبضو ڪرڻ لاءِ، ڪنهن حد تائين، ملٽري ايجنسين جي رٿيل ’ورهايو ۽ ويڙهايو‘ وارين پاليسين جو نتيجو هئا. ان ڪم لاءِ دهشتگرد تنظيمون خلقيون ويون، هٿياربند ڪيون ويون ۽ انهن کي بچاءُ مهيا ڪيو ويو.
    4- پنهنجي پسند جا عوامي نمائندا ڳولي ڪڍڻ لاءِ سماجي سطح کي پوئتي ڌِڪي، ابتدائي راڄوڻي برادريءَ واري قبيلائي سطح تي آندو ويو (جيئن کين سولائيءَ سان پنهنجي مرضيءَ موجب هلائي سگھجي).
    5- پاڪستان کي پنهنجن پاڙيسرين سان جنگ ۾ اڙايو ويو ۽ ان پاڻ کي عالمي ڀائپيءَ ۾ غير محفوظ ۽ ڪٽيل پئي محسوس ڪيو.
    ضياء دَور کان نڪرندي پاڪستاني سماج جو سڄو تاڃي پيٽو بگڙيل ۽ ادراڪ کان چڙهيل تبديليءَ هيٺ آيل هو. سنڌ ۽ سنڌي رياستي ايجنسين ۽ رياستي نگھبانيءَ هيٺ هلايل تنظيمن؛ جيئن جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم ٻنهي هٿان ڦٽيل ۽ معاشي اڻهوند جو شڪار ٿيل هئا. جمهوريت کي پيار ڪندڙ سمورن ماڻهن ان وقت سنڌ کي فوج جي ”گھيريو ۽ ماريو“ وارين مهمن هيٺ محسوس ڪيو. ڇا هاڻ اميدون ٻيون ٿي سگھن ٿيون؟ مان هن نُڪتي تي بحث نه ڪندس.
    ساڳيءَ طرح، جنرل يحيٰ خان جي مختصر حڪمرانيءَ، کانئس پوءِ جيڪو پاڪستان ٺهيو ان تي اڻمٽ نشان ڇڏيا. ايمان ۽ اباڻي ملڪ ٻنهي کي بچائڻ جي نالي ۾ بنگال جا مسلمان ڪُٺا. سرڪاري ۽ سماجي طرح اهڙي ته سخت پابندي پيل آهي جو ويهه ورهيه گذري وڃڻ ۽ پريس جي آزاديءَ باوجود، ايئن لکندي منهنجا لڱ پيا ڏڪن. اباڻي ملڪ جو بچاءُ جپڻ جو ڪم ذوالفقار علي ڀُٽي بلوچستان ۾ فوجي مهم هلائڻ مهل به ڪيو. ذوالفقار علي ڀُٽي، ٻيهر 1977ع ۾ قانون ۽ حڪم (امن امان) جي بقا لاءِ وري فوج کي ميدان ۾ آندو. اها ئي فوج جيڪا هن ٺاهي ۽ ڪتب آندي. نيٺ کيس ۽ انهن ادارن کي جيڪي هن ٺاهڻ پئي گھريا، ڳِهي وئي. ساڳيءَ طرح جنرل مرزا اسلم بيگ، هاڻي رٽائر ٿيل، جي اڳواڻيءَ هيٺ گذريل لشڪري ڪاهه اسان کي نمائنده چونڊيل حڪومت کان وانجهو ڪري ڇڏيو ۽ هو اسان کي هڪ اهڙي وزيراعظم سان سنجي سينگاري ويو جيڪو نه ته واسطيدار آهي ۽ نه ئي وري لائق.
    نظرياتي لاڙن ۽ ان جي اڳواڻن جي ذاتي ورتاءَ سان واسطو نه رکندي، لشڪري ذهن، پنهنجيءَ سکيا پٽاندر، سول سماج ۽ اٿندڙ اڻوڻندڙ آوازن ۽ انهن جي نتيجي ۾ ظاهر ٿيندڙ جهيڙن، خاص طرح هڪ گھڻ نسلي ۽ گھڻ لساني رياست کي، جيئن اسان جي آهي، پروڙي نه ٿو سگھي.
    چيڙهالن سماجي، معاشي ۽ تاريخي معاملن جي ميڙاڪي گوڙ جي نتيجي ۾ جيڪا اڻبڻت ظاهر ٿئي ٿي، انهن جا حل به انهن جيان چيڙهالا ٿين ٿا. اڃا تائين، لشڪري ذهن رڳو انتهائي سادڙا ۽ آخري حتمي حل ئي، جيڪي ڪردار جي لحاظ کان ڀورڙائي ڀريل ۽ ڪٺور هوندا آهن، ڳولي سگھي ٿو. ڇو، سڄيءَ دنيا ۾ اسين سوچيون ته هن ڀيري ڪجھه ٻيو ٿيندو.
    هڪ ٻيو اهم سوال هي آهي ته، هاڻي ڇا جو ۽ ڪنهن جو وارو آهـي؟ ڇـا اسـيـن تڏهن به ماٺ رهڻ پسند ڪنداسون جڏهن لشڪر ايم ڪيو ايم تي سوڀ جي نشي ۾ سرشار ٿي سنڌي قومپرستن، الذوالفقار ۽ ٻين، جن 1990ع ۾ ڊسمس ڪيل قانوني حڪومت کي بحال ڪرائڻ لاءِ جنگجوئي ڏيکاريندي غير رواجي طريقا ڪتب آندا، ڏانهن وڌندو؟
    محترمه ڀٽو جي حڪومت جي عملن لاءِ ڪنهن جو ڪهڙو به رايو هجي، پر هن جي حڪومت اصولي طرح چونڊيل ۽ لوڪار (لوڪ واري، پاپولر) حڪومتي هئي. جيڪڏهن اسين اها سڌ رکون ٿا ته ملٽريءَ پاڻ جيڪو ڪجھه خلقيو ۽ نپايو تنهن کي ڊاهي پٽ ڪرڻ لاءِ قوت ڪم آڻي، ته پوءِ هاڻوڪي حڪومت پاڻ به ان صدر، جنهن جي پ پ پ کي ڊاهڻ وارن وهمن اسان کي اڄوڪي نازڪ حالت تي آڻي بيهاريو آهي، جي غير قانوني تخليق آهي.
    هاڻوڪي حڪومت اٿندي ئي قانونپ کان وانجهيل رهي آهي ۽ هاڻي پنهنجي نالائقيءَ ۽ عوامي پاليسيءَ جي کوٽ سبب پنهنجي معتبري وڃائي چڪي آهي. وزيراعظم کي استعيفا ڏيڻ گھرجي يا کانئس ڏيارڻ گھرجي. جيڪڏهن محترمه ڀٽو جي حڪومت سڌيءَ طرح بحال نه ٿي ڪري سگھجي، ته تڪڙيون ۽ صاف سٿريون چونڊون ئي اڪيلو عمل لائق ۽ اصولي حل آهي. ايم ڪيو ايم جي دهشتگرديءَ يا ڌاڙيل جي ڊپ تي لشڪري قوت وسيلي نه، پر ٺهڪندڙ سياسي عمل وسيلي ئي غالب پئجي سگھجي ٿو.
    جوهر ۾، جمهوريت ئي اسان جي نجات جي اڪيلي واهه آهي ۽ لشڪر، ڪيترو به معصوم هجي، اسان کي ان منزل تي پهچائي نه ٿو سگھي.
    پهريون مثبت قدم هلايل آرڊر جي خلاف هجي، اختيارين (اٿارٽيز) لاءِ ڇا اهو ڏکيو هوندو ته اهي انهن عنصرن کي ڌاڙيل يا رياست دشمن يا ”را“ جا ايجنٽ سڏين ۽ اهڙو آپريشن ڪن جهڙو 1983ع ۾ هلايو ويو هو؟ ماڻهوءَ جي يادگيري ايتري ٿورڙي ته ناهي.
    هٽلر جي جرمنيءَ مان بچي نڪتل هڪ ماڻهوءَ جي ڳالهه منهنجي ذهن ۾ پئي اچي، جنهن کي مان هتي سولو ڪري لکان ٿو: اهي نازي ڪميونسٽن کي ڦري آيا ۽ انهن کي کڻي ويا. مان ما‎ٺ رهيس، ڇو ته مان نه ته ڪميونسٽ هيس ۽ نه ئي وري انهن جو حمايتي، پوءِ اهي سوشلسٽن کي ورائي ويا ۽ انهن کي ڪاهي ويا. مان ساڳين سبب جي ڪري ماٺ رهيس. پوءِ اهي يهودين کي گِھِلي ويا. مون نه ڳالهايو، ڇو ته يهودي به نه هيس. پوءِ اهي پراهين پاڙي مان ڪجهه ماڻهو وٺي ويا. مون کي انهن لاءِ احتجاج ڪرڻ جي گهرج محسوس نه ٿي، ڇو ته اهي ٻي پاڙي جا هئا. نيٺ اهي منهنجي لاءِ اچي پهتا. ان وقت ڪو به نه هو جيڪو منهنجي لاءِ آواز اٿاري ۽ مون پاڻ کي اڪيلو به ڀانيو ته اُٻاڻڪو به. اهڙي ئي آهي فطرت لشڪري ۽ واٺُو رياستن جي ۽ اهڙا ئي آهن ماٺ رهڻ جا خطرا.

    (ڇپيل: روزاني ’جاڳو‘ ڪراچي، 26 جولاءِ 1992ع)


    سنڌ جي صورتحال جا بنياد

    سنڌ جي صورتحال جا بنياد
    ليکڪ: ايم.بِي. نقوي

    اهو معقول نموني صاف پيو ڏيکارجي ته فوج سنڌ ۾ اڃا به ڪجهه مهينا ترسندي. اهو گهڻي ڀاڱي ان ڪري پيو ٿئي جو سيد مظفر حسين شاهه، سنڌ جو وڏو وزير، سمجهي ٿو ته فوج جي گهرج اڃا به آهي، جڏهن ته مليٽريءَ هر هر پئي چيو آهي ته هوءَ صوبي ۾ پنهنجو ڪم پورو ڪري چڪي ـــــ صورتحال بي مثال نموني سڌري وئي آهي.
    اڄ جو اهم سوال ــــــ صوبائي اسيمبليءَ ۾ م.ق.مي (مهاجر قومي موومينٽ جي) ميمبر پاران خالي ڪيل جاين تي ڇوٽيون چونڊون ــــــ فوج جي ترسڻ يا موٽي وڃڻ تي دارو مدار رکي ٿو: جيڪڏهن فوج موٽي وڃي ٿي ۽ حالتون معمول تي سمجهيون وڃن ٿيون، ته پوءِ اهي اڃا وڌيڪ دير ٽاري نه سگهبيون. ظاهر آهي ته ڇوٽيون چونڊون هاڻي ئي ٿيڻ گهرجن. نتيجو ممڪن آهي ته اهو نه هجي جيڪو صوبائي حڪومت ۽/يا مرڪزي اختياريءَ کي خوش ڪري ڇڏي. فوج انهن سڀني اختيارين کي اڄ ڪلهه انجير جو پَن (ستر پوش) ڏئي ويٺي آهي: جيتوڻيڪ هر هڪ سنڌ ۾ امن امان (قانون ۽ حڪم) جي حالت بهتر ٿي وڃڻ جو اعزاز هٿ ڪرڻ لاءِ پريشان ڏسجي پيو، پر ڪي آهن جيڪي سڌريل حالتن جي گهر کي پورو ڪرڻ جي حمايت ڪن ٿا. يعني اهي چاهن ٿا ته صوبائي اسيمبلي (ص-ا) ۾ خالي جايون ڀريون وڃن.
    صوبي ۾ سياسي صورتحال بي-اطمينانيءَ واري آهي. (آءٌ اهو سوال نه ٿو اٿاريان، ته ڇو رڳو 21-جايون خالي آهن، جڏهن ته استعيفا 28-ميمبرن ڏني آهي.) صوبائي اسيمبليءَ (ص-ا) ۾ جڏهن ته 21-جايون بلڪل غيرواجبي نموني هڪ ڊگهي عرصي کان خالي رهنديون پيون اچن، دستوري (آئيني) گهرج آهي ته خالي ٿيڻ کان پوءِ 90-ڏينهن ۾ ان جاءِ کي ڀريو وڃي. انهن 21-جاين جي سلسلي ۾ اها دستوري گهرج وڳوڙي حالتن جي نالي ۾، جن جي ڪري فوج کي گهرايو ويو، ڇڏي ڦٽو ڪيل آهي. جيتوڻيڪ فوج ۽ ٻيا اها دعويٰ ڪندا رهن ٿا ته حالتون ايتريون سڌري ويون آهن جو فوج کي موٽي وڃڻ جو چئي سگهجي. گذريل سال جي جُون مهيني کان وٺي هن وقت تائين سڄو عرصو م.ق.م جي ڇانٽي لاءِ ڪم آندو ويو ۽ ٿوڪ نتيجو اهو آهي ته ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جا ووٽر ڪنهن وڌيڪ سياسي نمائندگيءَ کان الڳ رکيا ويا آهن، جڏهن ته انهن جي چونڊيل پارٽي گهٽ ۾ گهٽ ٻن ٽولن ۾ ورهائجي وئي آهي ۽ متان ايئن هجي ته انهن جي ڳڻپ حقيقت ۾ ٿي آهي.
    رڳو ايترو ناهي ته ڪجهه شهري ووٽر نمائندگيءَ کان محروم آهن. صورتحال ص-ا ۾ نمائندگي ڪرڻ لاءِ چونڊيل پ پ پ جي 46-ميمبرن لاءِ پڻ بهتر ناهي. انهن جي چال چلت ڪيئن رهي آهي؟ جڏهن ته اهي نسلي سنڌي ووٽر، جن بابت سمجهيو ٿو وڃي ته انهن (100-مان) 25-ميمبر جن ۾ آزاد، ن پ پ (نيشنل پيپلز پارٽي) ۽ (ا.ج.ا) اسلامي جمهوري اتحاد جا ميمبر شامل آهن، چونڊيا. اهي ججهي نموني ساوا ٿي ويا ۽ انهن جو پاسو هاڻي صوبائي اسيمبليءَ ۾ ڏيکارجندڙ اڪثريت سان صوبائي حڪومت تي قبضو رکي ٿو. حڪمران پاسو هاڻي 45-46 ميمبرن سان کيڏي ٿو جيڪي، بهرحال (صوبائي گهر) اسيمبليءَ جي ڪامل اڪثريت (55) کان گهٽ آهن، پر ايڏين خالي جاين کي نظر ۾ رکندي، اڪثريت واري حاضري رکي ٿو ۽ اڃا به ان ڪري جو پ پ پ هاڻي اصلي 46-ميمبرن مان گهٽائي (کٽائي) 31-33 تائين پهچائي وئي آهي.
    ا.ج.ا - سهارڪن (سپورٽرز) جي اها اچرج ۾ وجهندڙ واڌ انهن ووٽرن جي خرچ تي ٿي آهي جن 100-جاين مان 75- تي پنهنجا نمائندا چونڊيا هئا ۽ هاڻي 30 يا 31 تي پهچائي مخالف ڌر جي بينچن تي ويهايا ويا آهن. صوبي ۾ هيءُ نيارو انقلاب، جنهن رڳو 27-مهينن جي مدي ۾ 75-جاين کي سُسائي 30 يا 30-کن تائين پهچايو ۽ 25- جاين کي وڌائي 46- يا 47 تائين پهچائي ڇڏيو (اها اڪثريت جيڪا ص-ا گذريل ڀيري ڏٺي)، ڪو ماڻهو هن تبديليءَ کي ڪيئن سمجهائي سگهي ٿو ۽ ڪيئن اها جمهوري اصولن ۽ عملن جي تصديق ڪندي؟
    ڪا پرواهه ناهي ته اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ٿيو هوندو، پر اها پڪ اٿئون ته اهو سڀ ڪجهه، بهرحال، انهن جي مطابقت ۾ نه ٿيو هوندو جن کي جمهوري معيار (پيمانا) سڏجي ٿو. وڃائيندڙ ڌر، سنڌي ووٽرن جي گهڻائي آهي. سندن اصل پسند کي بي عزت ڪيو ۽ بگاڙيو ويو آهي ـــــ ڪنهن وسيلي ۽ ڪير پاڻ کي مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو. صوبي ۾ فوج جي داخلا چٽيءَ طرح ان لاءِ هئي ته صوبي ۾ هاڻوڪي حڪومت برقرار رکي ۽ جي ممڪن هجي ته ان کي پڪو ڪري ــــــ اها حڪومت جنهن لاءِ 1990ع ۾ ووٽرن يقينن ووٽ نه وڌا هئا.
    ڄام صادق علي جو هٿ ناٽ، هيءَ حڪومت، پهريائين ته، ڪيئن ڪا به اڪثريت هٿ ڪري سگهي؟ ان پڪ ئي جمهوريت جي يا پاڪستان جي آبرو کي پلٽو نه کارايو. اها ڳالهه خود فوج جي لاءِ ڏاڍي نامناسب آهي: اها جمهوريت ۽ حقيقت ۾ قانون جي حڪمرانيءَ کي پاڙئون پٽڻ لاءِ ڪم آندي وئي آهي. ڇا سنڌ جي ووٽرن کي اها شڪايت ڪرڻ گهرجي ته سندن پسند کي ٻين سان گڏ فوج وسيلي به اونڌو ڪيو ويو آهي؟ (جيڪڏهن ائين چون ته) ڪير کين ميار ڏيندو؟
    ان حقيقت کان جند ڇڏائڻ جو ڪو به وجهه نه آهي ته فوج کي م.ق.م جي ڇانٽيءَ لاءِ ئي گهڻو ڪي ڪرڻو هو. جنرلن، وڏي وزير، مرڪزي حڪومت، تان جو صدر پڻ، پاران ظاهر ڪيل سياسي بيانن جي ڀيٽ ۾ حقيقتون وڌيڪ زور سان پيون ڳالهائن. م.ق.م جي قيادت کي بدلائڻ جي چٽي ڪوشش ڪئي وئي آهي ـــــ هڪ قيادت جيڪا گذريل جُون مهيني ۾ اوچتو ڏوهاري ۽ ڪيترن ئي نجس ڏوهن جي ذميوار سڏي وئي. ڪنهن کي به بهرحال م.ق.م جي پسند ۾ ڪجهه چوڻو ناهي، هن قيادت ڪو ڏوهه ڪيو يا نه ڪيو، هن موضوع کان ٻاهر آهي.
    پاڪستان جي بدقسمتين مان هڪ اها رهي آهي ته صوبي ۾ گهڻيون ئي پارٽيون هن وقت، آچار ڀري ڳالهه ڪجي ته ڪيترن ئي اگرن ڏوهن جون ذميوار سڏي سگهجن ٿيون. جيڪو ڪجهه ڄام صاحب ڪيو، ان مان اسين ٿورو ڪجهه ڄاڻون ٿا. پارليامينٽ ۾ انگ (جو واڌارو) ٻوڪڙ ڪري پيو ڳالهائي، م.ق.م ۽ پ پ پ ٻئي اغوا ڪرڻ ۽ هيبتناڪ اذيتون ڏيڻ ۾ سڌيءَ طرح اڙيل رهيون. جڏهن انهن پنهنجا پنهنجا شڪار ڪور هيڊڪوارٽر ۾ مرهيات جنرل آصف نواز جنجوئا جي نگرانيءَ هيٺ آٽاماٽا ڪيا هئا. شڪ ناهي ته سنڌ ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي پارٽيون ڏوهارين کي پالڻ ۽ بچاءَ ڏيڻ جي سلسلي ۾ شڪ هيٺ آهن. نُڪتو، بهرحال هي آهي ته ڇو ڪي چٽا سياسي مقصد ماڻڻ، جيئن م.ق.م جي قيادت بدلائڻ لاءِ فوج کي گهرايو ويو؟ اهو ڪهڙي قسم جو امر هو؟ ۽ اهو ڪنهن ڏنو؟
    سنڌ صوبي ۾ هاڻي ڇا پيو هلي، جمهوريت جو بڇڙو چرچو (نقل) آهي (جنهن ۾) 20-سيڪڙو تڪن کان، تان جو نظرياتي طرح به، ووٽ جو حق کسيل آهي. ص-ا جي جن ميمبرن پنهنجن ووٽرن سان دغابازي ڪئي آهي، اهي ڪهڙي مقصد جي خدمت ڪري رهيا آهن؟ سرڪاري بينچن تي ويهندڙ 46-ميمبرن مان گهڻا ان قسم جي سياست ڪرڻ لاءِ نه چونڊيا ويا هئا جيڪا اهي ڪري رهيا آهن. صورتحال جي ٻن گهرجن کان پلئه ڇڏائڻ ممڪن ناهي. امن امان ( قانون ۽ حڪم) جي حالت سڌري آهي، فوج کي هڪدم بيرڪن ۾ موڪلڻ گهرجي، ٻيو، دستور جي پڌري ڀڃڪڙي ڪندي، ص-ا ۾ خالي ڪيل جاين کي خالي رکڻ جي موڪل نه ٿي ڏئي سگهجي: ڇوٽين چونڊن جي تڪڙي گهرج آهي ۽ حالتون، پڪ آهي ته، اهي ڪرائڻ لاءِ بهتر آهن.
    اهو ڪجهه، بهرحال سڀ ڪجهه ناهي. لوڪل باڊيز ٿورو عرصو اڳ، خاص ڪري صوبي جي وڏن شهري مرڪزن ۾ ختم ڪيون ويون هيون. انهن جون چونڊون پڻ هڪدم ٿيڻ گهرجن. صوبائي حڪومت ڳجهين ايجنسين جي صلاح تي چونڊيل ڪائونسلرن ۽ ميئرن جي روڪ لاءِ ايڊمنسٽريٽر چونڊيا هئا. اهو ته مورڳو ”گهوڙن جي سوداگري“ کان به وڏو جمهوريت جو بگاڙو آهي جنهن وسيلي هڪ ٿورائيءَ کي بدلائي گهڻائي ڪيو ويو آهي ــــــ رڳو ان ڪري جو سمجهيو ٿو وڃي ته کيس صدر ۽ ممڪن آهي ته فوج جي به سهائتا مليل هجي. جيئن ئي ص-ا جون چونڊون ڪرڻيون آهن. ساڳيءَ طرح انهن سان گڏ لوڪل باڊيز جون به ٿيڻ گهرجن ـــــ ۽ هاڻي رياستي قوتن، ڪرتن ۽ اختياريءَ جي سپردگيءَ جي اصول ڏانهن ملڪ (جي ماڻهن) جي راءِ ڊگهي عرصي کان بدليل (ڦريل) رهي آهي. حقيقت ۾ پاڪستان جهڙي هڪ وڏي ۽ گهڻ پاسائين ملڪ ۾ ڦڙتيءَ سان ڪم ڪندڙ چونڊيل لوڪل حڪومتن کان سواءِ جاندار جمهوريت کي خيال ۾ آڻڻ ناممڪن آهي. وفاقي اصول کي ايمانداريءَ سان زور وٺرائڻو ۽ ان موجب پنهنجي اندروني سياست کي وري منظم ڪرڻو آهي، پر ان کي هڪ راس ڪندڙ تبديليءَ جي اصول ۽ عمل سان به وت وٺرائڻو آهي ـــــ اهو ئي آهي ۽ حقيقت ۾ جهموريت جو مطلب به اهوئي آهي.
    سنڌين کي پنهنجن حقن جي گهرج آهي ۽ اهي پنهنجا حق گهرن ٿا. انهن کي ٻٽي ٻول وسيلي ڌڪي پري نه ٿو ڪري سگهجي، اهو چئي ته امن امان (قانون ۽ حڪم) جي حالت ڏاڍي خراب آهي، فوج ان ڪري گهرائي وئي آهي ته معاملن کي ٺيڪ ڪري ۽ ٻيو ته جڏهن فوج پنهنجا مقصد ماڻي ورتا آهن، تڏهن چيو ٿو وڃي ته ان جي اڃا به ڪجهه عرصو وڌيڪ گهرج آهي. اها ڪهڙي مقصد لاءِ گهرجي ٿي؟ ــــــ پڪ ئي، امن امان (قانون ۽ حڪم) جي سڌاري لاءِ نه. اهو جيڪو ڪجهه به آهي، پر آهي سنڌ ۽ سنڌين کي جمهوريت ڏيڻ کان انڪار.
    سنڌي ڪو گهٽ درجي جي خدا جو اولاد ناهن. اهي گهڻي وقت لاءِ بي انصافي سان روڪي نه سگهبا. صوبي ۾ نسلي ورهاست تي، ان مٿان قابو پائڻ جي ڪنهن به ڪوشش کان سواءِ، گهڻو ڪجهه ڳالهائجي چڪو آهي، ۽ نتيجي ۾، جمهوريت جا مخالف سڻڀا ٿيا آهن ـــــ حقيقت ۾ انهن (نسلي) ورهاست جي ٻنهي پاسن تي شهرين جي شهري حقن سان دغابازي ڪئي آهي. ڇا اهي (شهري) ڪڏهن به رٿابندي (سونهن) ۽ ٻڌي نه ڏسي سگهندا!؟ اختياريءَ وارن کي خبردار ٿيڻ ڏيو.
    (سنڌيڪار پاران مضمون جي آخر ۾: سنڌ سان لاڳاپيل ايم.بي. نقوي جا مضمون باقاعدي پڙهندڙ آهيان. مختلف دوستن سندس ڪيترائي مضمون سنڌيءَ ۾ ترجما ڪيا آهن. هن ماڻهوءَ جي سوچ مجموعي طرح ڪهڙي پاسي وهي ٿي، اها هن مضمون ۾ به ظاهر آهي. هن مضمون جي پڙهڻ کان پوءِ ٻين ڪيترن ئي سوالن سان گڏ هڪ سوال اهو به ذهن ۾ رهجي ويو ته ڇا هو سنڌ ۽ سنڌين سان مخلص آهي، جيئن هن ظاهر ڪيو آهي، يا سنڌ ۽ سنڌين جي ڳالهه ڪندي، ڪجهه چڱن جملن ۽ خيالن جي آڙ ۾ م.ق.م جي هڪ ”دانشور“ وارو ئي فرض نڀايو اٿائين؟ توهان به سوچيو.)

    (ڇپيل: روزاني ”جاڳو“ ڪراچي، 13 فيبروري 1993ع)


    اوپرا همبستر

    اوپرا همبستر
    ليکڪ: مزدڪ

    گذريل ڪجهه هفتن کان هر ٻيو ڏينهن اسان لاءِ خوش خبرون کنيو پيو اچي ته اڃا به هڪ ٻيو م.ق.م (مهاجر قومي موومينٽ) جو اڳواڻ مٿي (ٻاهر) نڪري آيو، بلڪل ايئن ڄڻ ته پاڻيءَ ۾ هيٺ ڪنهن هيجان جي ڪري ڇيڪ ڇڏيل سينور جا چاڻا اٻڙڪا ڏئي مٿاڇري تي ايندا هجن.
    ۽ تازو ئي سينيٽر اشتياق اظهر پاران اسان کي سُڌ ڏني وئي آهي ته الطاف حسين م.ق.م جو ڌرمي پيءُ، هتان ترت ئي پنهنجيءَ پاڻ-مڙهي رٽائرمينٽ ڇڏي (ميدان تي) نڪري اچي ۽ جلد ئي وري پنهنجيءَ سياسي سرگرميءَ ۾ رُجهي وڃي. اهو ڄاڻندي ته م.ق.م وٽ ”سرگرم سياست“ جو مطلب ڇا آهي، جيڪي ماڻهو شهري سنڌ ۾ رهن ٿا، انهن مان گهڻا ڏيکارجندڙ نظاري کان ٺيڪ نموني موهيل ناهن.
    هن مٿي (ٻاهر) اچڻ جي لقاءَ شروع ٿيڻ کان ڪو گهڻو مُدو اڳ جي ڳالهه ناهي، اسان کي م.ق.م، ان جي اڳواڻن جي ڪيل ڪيترن ئي مختلف ۽ نجس ڏوهن جا اڇا ڪارا پڌرا ڪري ڏنا پئي ويا. ڪيترن ئي مهينن دوران، اسان تي سرڪاري طرح بيان ڪئي ويندڙ دهشتگرد پارٽيءَ جي ڪارڪنن پاران ڪيل مهاپاپن جي ڇرڪائيندڙ بيانن (تفصيلن)، انٽرويوئن ۽ فوٽوگرافن جي بمباري ٿيندي رهي. اخباري نمائندن کي رهنمائيءَ هيٺ اذيت گهرن جا دورا ڪرايا پئي ويا ۽ م.ق.مي ڀاڙيتو شڪارين جا ڏوهه-باسيندڙ بيان قومي پريس جا مُک صفحا والاريندا رهيا. زوريءَ مال کسڻ جا غوغاءَ، اغوا جا واقعا ۽ ايتري قدر جو مق.مي قيادت پاران جنسي گناهڙن کي پڻ ڀوائتي نموني ظاهر ڪيو پئي ويو. ڇرڪڻ باوجود، اسان مان گهڻن پاڻ کي سگهاري انداز ۾ هن نسلي پارٽيءَ جي اڀاريل هيبت مان ڇوٽڪارو ماڻيندي محسوس ڪيو.
    ۽ اها، جنهن کي حقيقي م.ق.م سڏيو وڃي ٿو، جڏهن اسٽيبلشمينٽ جي ظاهر ظهور آسيس سان اڀرڻ لڳي، تڏهن اسان مان گهڻا انهن پارٽي-ٽوڙيندڙن لاءِ اڳوڻا بدمعاش، ڪم آڻڻ جي ترش مزاجي (ڪَرڙائپ، کهرائپ) کان ڊڄي ويا، پر محسوس ڪيو ته هن حالت ۾ سٺي مقصد لاءِ غلط طريقا پڻ هلي سگهن ٿا. گهڻي دير نه گذري، اسان هن ٽولي جي ميمبرن کي سنڌ حڪومت ۾ عهدا ڏئي اڀارڻ واري تماشي جا شاهد هئاسون، ۽ ان کان ترت پوءِ م.ق.م جا مختلف ”ٻاهر آيل“ ۽ وري-روان ڪيل اڳواڻ (ملڪ جي) صدر سان ملاقاتون ڪري رهيا هئا ۽ هن پنهنجي ڏينهن جو هڪ حصو اسلام آباد ۾ هنن کي ڏنو پئي. باقي رهيو کهيو به اسان جي سرڪار سڳوريءَ برطانيا جي اخبارن ۾ اهو اشتهار ڏئي پورو ڪيو ته موٽي اچ الطاف ڀائي، سڀ ڪجهه وساريو (معاف ڪيو) ويو آهي.
    هاڻي آءٌ ڄاڻان ٿو ته لوڪ (پبلڪ) جي يادگيري پڌريءَ طرح مختصر آهي، پر خدا جي واسطي! اسين رڳو ڪجهه مهينا اڳ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون! فوج پاران صفائي-مهم اجهو ڪي ڇهه مهينا اڳ شروع ٿي، جڏهن ڪراچيءَ تان (دهشتگردن جو) گهيرو هٽايو ويو ۽ اتان جي رهاڪن هڪ ڀيرو وري ان کي پنهنجو شهر ڀانيو. م.ق.مي اڳواڻن کي ڪيل ڏوهن جي ڪري پڪڙڻ ۽ انهن تي مقدما هلائڻ بدارن اهي ڏوهه لوڪ وٽ مشهور ڪيا ويا ۽ اسان عجيب تماشو پيا ڏسون ته اهي هڪ ڀيرو وري اسٽيج چوڌاري آڪڙجي هلڻ لڳا آهن ۽ اهو پڪ ئي هن مهل جو مسئلو آهي (هن گهڙيءَ ئي فيصلو ڪري قدم کڻڻو آهي) انهيءَ کان اڳ جو ”مرڪز“هڪ متبادل اقتدار ۽ (حڪومتي) مرڪز طور وري اڀري ۽ پريس کي هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجون مشهور ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪري.
    جيئن ته هيءَ ”رڙهندڙ بغاوت“ م.ق.م لاءِ ٻٻيون منجهائيندڙ موٽڻ آهي، پر ان سان گڏ اسان جي اقتداري دلالن جي مڪمل ترش مزاجيءَ ۽ ڪُلڇڻائپ کي پڻ اها مٿاڇري نموني ظاهر ڪري ٿي. اعلانيل ڏوهارين سان، جن جي گرفتاريءَ تي انعام رکيل آهن، انهن (ڳجهين) قربدارين تي شرمندو ٿيڻ بدران (ڪي) ماڻهو، جهڙوڪر سنڌ جو وڏو وزير، هاڻي پٺتي موڙو کائي رهيا آهن ته جيئن انهن ٺڳن جي حمايت جو مرچن-هاڻو ٻوڙ پچائي سگهن، جن کي (پاڪستاني) فوج رڳو ڪجهه هفتا اڳ گرفتار ڪرڻ جو جتن ڪري رهي هئي.
    سادي سلڇڻي نموني آواز اٿارڻ جو جوکم کڻي، ڄاڻڻ گهرندم ته صفائي-مهم جي نيتجي ۾ م.ق.مي قيادت خلاف داخل ڪيل پهرين جاچ-پڪارن (ايف.آءِ.آرن) جو ڇا ٿيو؟ آءٌ ڄاڻان ٿو ته اسان جي پوليس لاءِ ڪنهن به اهڙي ماڻهوءَ کي پڪڙڻ سولو ناهي، جيڪو تازو ئي صدر يا سنڌ جي وڏي وزير سان ملاقاتون ڪندو هجي، پر پڪ ئي انهن (صاحب اقتدار) عزت مابن کي پنهنجي صحبتي ماڻهن ڏانهن ڪجهه وڌيڪ فرق رکڻ گهرجي.
    اسان کي ٻڌايو ٿو وڃي ته جنرل آصف نواز جي مرڻي جي خبر ٻڌي ڪجهه م.ق.مي ڪارڪنن پنهنجي خوشي ظاهر ڪرڻ لاءِ مٺايون ورهايون. انهن شايد اهو سمجهيو ته سنڌ جي شهري بگاڙي (تشدد) کي ختم ڪرڻ لاءِ هن جو جانشين پنهنجي مرهيات سي.او.اي.ايس (چيف آف دي آرمي اسٽاف) وارو جهادي اتساهه نه ڏيکاريندو. وقت ٻڌائيندو، پر پڪ آهي ته سڄي فوج رڳو هڪ ماڻهوءَ (صدر؟) جي ريچڪ پٽاندر نه ٿي هلي: مهم ان ڪري هلائي وئي جو ان مهل ان کان سواءِ ٻي ڪا واهه نه هئي.
    اها حقيقت، ته م.ق.م جا گهڻا ئي اڳواڻ رات وچ ۾ بحال ٿي ويا آهن، ان نسوري سچائيءَ کي لڪائي نه ٿو سگهجي ته هيءَ نسلي پارٽي اڃا به هٿياربند خوفناڪ (جوکائتي) آهي، ۽ مظفر شاهه کي اهو ٺڳن سان ٺاهه ڀلي ڀانءِ پوي، اسين باقي جيڪي ماڻهو آهيون اهي سندن اُن ڀروسي ۾ ڀاڱي ڀائيوار ناهيون ته م.ق.م هاڻي ايتري ئي پاڪ صاف آهي جيتري وسندڙ برف-پوڻيءَ. اها ڳالهه جيڪا ٻن وڙهندڙ وڳوڙي ڌرين جي وچ ۾ گولين جي وسڪاري مهل پنج مئل ماڻهو ڏئي ثابت ٿي چڪي آهي. حيدرآباد ۾ بمن جا تازا ڌماڪا، پڻ، تاڪيدنامو آهن ته سنڌ جي شهرن ۾ امن ـــــ جيئن، حقيقت موجب، ڪناري-پٺيان (لڪل) علائقي ۾ ـــــ ان ڏاڪي تي آهي جو ان جي ضمانت نه ٿا ڏئي سگهون.
    جڏهن ته چڱيءَ پر ڄاڻون ٿا ته سنڌ جي وڏي وزير کي اسيمبليءَ ۾ وڌيڪ سهارو ماڻڻ جي اڻٽر گهرج آهي، هن کي گهرجي ته پنهنجيءَ جُهرندڙ اڪثريت کي سگهارڻ لاءِ صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبرن کي ڳرين قيمتن تي خريدڻ يا هيسائي-مڃائڻ (بليڪ ميلنگ) تي ڪڏهن نه ڪڏهن ويچار ضرور ڪري. اهڙي سولي نموني خريديل سهاري جي پورالي (ڳڻتيءَ ڀري) فطرت کان قطعي ڌار رهندي، هو اهو ياد ڪري هڪ چڱو ڪم ڪندو ته سندس ”حقيقي“ دوستن ۽ انهن جي جوڙيوالن ڪيئن ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ دهشت پکيڙي هئي ۽ فوج جي وڃڻ کان پوءِ پڪ ئي وري پکيڙيندا. فيصلو ڪندڙ قانوني وک کڻڻ جي مهل هيءَ ئي آهي، جڏهن کيس تيز ۽ سخت اپاءَ وٺڻ لاءِ جنگي قوت (فائر پاور) ۽ لوڪ جو سهارو ٻئي مليل آهن. جيڪڏهن هو م.ق.م سان قانوني حدن ۾ رهندي، اثرائتي ۽ مضبوط نموني منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجيءَ سَڌ ۽ همت کي سگهارڻ گهري ٿو ته هو اسان جي پاران احسانمنديءَ ۽ عزت جا جذبا ماڻي سهگندو. جيڪڏهن، جيئن وڌيڪ امڪان آهن، هو سدا جيان سياست (سياستبازيءَ) جي مدد وٺڻ گهري ٿو ته پوءِ اسين ڪو گهڻا نراس نه ٿينداسون، ڇو ته وڃائيندڙ اسين نه هونداسون.
    اهو سڄو دکدائڪ باب تفصيل ۾ هڪ سبق آهي، جنهن ڏانهن سياستدان اقتدار وٺڻ لاءِ وڌڻ جي سَڌ رکن ٿا، ۽ هڪ ڀيرو جڏهن انهن اهو ماڻي ورتو، ته پوءِ ڪنهن به قيمت تي نه ڇڏيندا. هڪ ڪنڊ ۾ م.ق.م آهي جنهن جي قيادت لاچار ٿي پئي آهي ته ڪنهن به ان (فرد، ڌُر) سان راهه رسم وڌائي جيڪو ساڻن ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار هجي، ته جيئن پنهنجو (عارضي طرح) وڃايل اقتدار وري هٿ ڪري سگهي. ان جي کيس ڪا پرواهه ناهي ته هن پنهنجي جاتيءَ (برادريءَ) کي ڪيڏي نه وڏي ڏکيائيءَ ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي، ۽ ٻي ڪنڊ ۾ اسٽيليشمينٽ آهي جيڪا ان اميد مان (آخري اميد طور) پنهنجي م.ق.مي اتحاد کي بحال ڪرڻ لاءِ پتوڙي رهي آهي ته جيئن گڏجي اقتدار تي قبضو پڪو ڪري سگهن.
    سچ اهو آهي ته سياست اوپرا همبستر ٺاهي ٿي. آءٌ انهن جي ڀلائيءَ لاءِ ئي ايڊز (AIDS) جي هنن ڏينهن ۾، اميد رکان ٿو ته اهي ضروري احتياطن کي عمل ۾ آڻي رهيا هوندا.

    (ڇپيل: روزاني ”جاڳو“ ڪراچي، 14 فيبروري 1993ع)


    پاڪستان ۾ نسلائپ جون پاڙون

    پاڪستان ۾ نسلائپ جون پاڙون
    ليکڪ: اقبال جعفر

    پاڪستان هڪ گهڻ-قومي سماج آهي، ۽ ساڳيءَ طرح ئي باقي ڏکڻ-ايشيا آهي. اڄ، اهو خيال ڪو نئون يا ڏاڍو رُجائي (Optimistic) نه ٿو سمجهيو وڃي پر رڳو چاليهه ورهيه اڳ ان کي هتي (پاڪستان ۾) ۽ ڀارت ۾ غداريءَ کان گهٽ نه پئي سمجهيو ويو.
    هڪَ ۽ ٻه-قومي نظرين جي وچ ۾ اٿاريل جهيڙي جي ڄَر ۽ دز ۾ اها ڳالهه ڌيان تي نه آندي وئي ته هيءُ اُپکنڊ هڪ اپار ۽ ڳتيل چٽسالي هئي جنهن ۾ هر چِٽ (ذري) کي پنهنجي هڪ چٽي نرواريل سرحد (علائقو)، تاريخ، ثقافت ۽ ٻولي هئي. ڏکڻ ايشيائي سماج جي اهائي وڌيڪ جٽادار حقيقت هئي، جيڪا پاڻ تي ڀاڙڻ (آزاديءَ) کان ترت پوءِ سياسي اڳواڻيءَ پاران ڏيهه ۾ تڏهن متعارف ڪرائي وئي جڏهن اڪيلي قومي ٻوليءَ طور ڀارتي حڪومت هنديءَ کي مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اسان ڪوشش ڪئي ته اردو مقرر ٿئي.
    پنهنجن پنهنجن ڏيهن ۾ قومي ٻوليءَ طور ٻنهي ٻولين کي هلائڻ خلاف مخالف ڌڙن جو اتساهه ۽ ڀارت ۽ پاڪستان ٻنهي ۾ سياسي اڳواڻيءَ لاءِ هڪ گستاخ (اڍنگو) جهٽڪو (جهوٻو) هو. ڀارتي ان جهوٻي مان نسبتن تيزيءَ سان نڪري آيا. ڀارت جون سموريون وڏيون ٻوليون دستوري طرح قومي ٻوليون ڪري مڃيون ويون. صوبائي حدون وري نروار ڪيون ويون، جيئن هر هڪ وڏي لساني ٽولي کي هڪ رياست هجي، ۽ ڀارتي يونين جي هڪ وفاقي اڏاوت کي نظريي ۽ عمل وسيلي مانُ ڏنو ويو.
    اسين پاڪستان ۾ پنهنجي سماج جي گهڻ-قومي ڪردار (بيهڪ) جي حقيقت کي قبول ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڏاڍا ڍرا رهيا آهيون. پاڪستان جي نسلي ڌر-نُماءُ (لئنڊ اسڪيپ) کي چٿي ميدو ڪرڻ جي ڪوشش رڳو لڪل نسلائپ کي وڌايو ۽ بنگلاديش جي تخليق، بلوچستان ۾ سزائيندڙ عملن، ويجهڙ ماضيءَ تائين سرنديءَ وارن ڪجهه پختون اڳواڻن جي اوجهڙ (اڪيلائپ)، ۽ مرڪزي حڪومت ۽ سنڌ ۾ لڳ ڀڳ دائمي جهيڙي ڏانهن وٺي وئي آهي. هاڻي، پنجيتاليهن ورهين ۽ ٽن مارشل لائي حاڪمين کان پوءِ اسان جي سياست ۾ نسلي ڪاپو سڀ کان وڌيڪ سگهارو ڪپيندڙ زور آهي.
    اچو ته پاڪستان ۾ نسلي ٽوليبنديءَ جي فطرت تي هڪ مٿاڇري نظر وجهون. عام طرح، هڪ نسلي ٽولو پيداوار آهي گڏيل ڪُڙمي (نسلي)، ثقافتي، تاريخي ۽ لساني نينهن (حق) جي، جيڪو ماڻهو جي هڪ ٽولي ۾ خصوصي سڃاڻپ هجڻ جي پروڙ پيدا ڪري ٿو. پاڪستان ۾ نسلي ٽوليبندي مکيه طرح لساني آهي، جڏهن ته ٻيا عنصر رڳو معمولي اهميت وارا آهن.
    پاڪستان ۾ نوَ وڏا (گهڻيءَ آبادي وارا) نسلي ٽولا آهن جن ۾ راولپنڊيءَ جي سول ڊويزن اندر ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ ڳُتيل آبادي رکڻ وارا پوٺوهاري ڳالهائيندڙ به شامل آهن. تنهن هوندي به، پوٺوهاري کي 1981ع واري سرڪاري آدمشماري ۾ ڳيڻو نه ويو آهي. ان آدمشماريءَ ۾ ڳڻيل (ڄاڻايل) اٺ وڏا ٽولا پاڪستان ۾ ڪل آباديءَ جي سيڪڙي طور هن طرح آهن: پنجابي، پوٺوهارين سميت 48.17 سيڪڙو، پختون 13.15 سيڪڙو، سنڌي 11.77 سيڪڙو، سرائيڪي 9.84 سيڪڙو، اردو 7.6 سيڪڙو، بلوچ 3.02 سيڪڙو، هندڪو 2.43 سيڪڙو ۽ بروهي 1.21 سيڪڙو.

    لساني خاڪو
    بلوچستان سنڌ سرحد پنجاب
    پنجابي 2.24 7.29 1.10 78.68
    پشتو 25.07 3.06 6.30 0.76
    سنڌي 8.29 52.40 0.05 0.08
    سرائيڪي 3.08 2.29 3.95 14.90
    اردو 1.37 22.64 0.83 4.27
    بلوچي 36.31 4.51 0.04 0.57
    هندڪو 0.13 0.35 18.13 0.04
    بروهي 20.68 1.08 0.13 0.01
    وسيلو: آدمشماري 1981ع

    لساني ٽولن جي صوبيدار ورهاست (ڏسو خانو) وڌيڪ معناڀري نموني سمجهي سگهجي ٿي. جيڪڏهن اسين پنهنجي ذهن ۾ نسلي ملاوت جا هيٺ ڄاڻايل پاسا رکي سوچيون:
    1. چئني مان هر هڪ صوبي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه تمام وڏا نسلي ٽولا آهن. بلوچستان ۾ ٽي آهن. هر هڪ ٽولو پنهنجي صوبي ۾ هڪ نروازيل حد ۾ سرسي رکي ٿو (ڇانيل آهي) ۽ ڪن حالتن ۾ ته ٻي صوبي جي ويجهڙ واري ايراضيءَ ۾ به پکڙيل آهي.
    2. بلوچي ڳالهائيندڙ ماڻهو بلوچستان جي آباديءَ جو ٽين پتيءَ کان ڪو ذرو ئي وڌيڪ آهن، جڏهن ته سنڌي ڳالهائيندڙ ماڻهو گهڻائيءَ جي جوکائتي سطح تي آهن جيڪا ٻين صوبن مان ڪجهه وڌيڪ انساني وهڪ سان ڊهي سگهي ٿي (ڊاهي سگهجي ٿي).
    3. اردو ڳالهائيندڙ ماڻهو جيتوڻيڪ سڄي پاڪستان ۾ پکڙيل آهن پر سنڌ جي ٻن شهرن ۾ وڌيڪ ڳتيل (رچيل) آهن.
    4. بلوچستان کان سواءِ باقي هر صوبي ۾ ٻنهي وڏن لساني ٽولن مان هڪ (بنهه وڏو) ٻي کان ڳڻپ ۾ تمام وڌيڪ آهي.
    5. سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻيو نمبر وڏا ٽولا (پهريون نمبر وڏن ٽولن کان) اقتصادي طرح اوچي سطح تي آهن، جڏهن ته پنجاب ۽ سرحد ۾ ٻيو نمبر ٽولا هيٺين اقتصادي سطح تي آهن.
    پاڪستان جو نسلي ڏيک علائقائي طرح اقتصادي ترقيءَ جي مختلف سطحن ۽ ڳنڍپ (ڪميونيڪيشن) ڄار جي ميسريءَ سان ٺهڪي اچي ٿو. سڀ کان وڌيڪ اسريل (ترقي ڪيل) ايراضيون لاهور، سيالڪوٽ، فيصل آباد جي وچ ۾ ٺهندڙ ٽڪنڊي ۾ ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾، ۽ پوءِ ڪراچيءَ جي سول ڊويزن ۾ موجود آهن. ان جي نتيجي ۾، غفلت جي لحاظ سان مٿان کان هيٺ بروهڪي، بلوچي، سنڌي، هندڪو، پشتو، پوٺوهاري ۽ سرائيڪي ڳالهائيندڙ ماڻهو آهن يعني انهن ستن ٽولن ۾ بروهڪي ڳالهائيندڙ سڀ کان وڌيڪ ۽ سرائيڪي ڳالهائيندڙ سڀ کان گهٽ بي ڌيانيءَ (غفلت) جو شڪار ٿيل آهن. سرائيڪي ۽ پوٺوهاري ماڻهن کي بهرحال ملتان ۽ راولپنڊيءَ ۾ هڪ هڪ صنعتي سرگرميءَ جو مرڪز آهي. پشتو ڳالهائيندڙن کي هاڻي گدونِ ۾ اسرندڙ مرڪز مليل آهي.
    اهو عمل ئي وضاحت ڪري ٿو ته ڇو پوٺوهاري، پشتو ۽ هندڪو ڳالهائيندڙ ماڻهو هٿياربند قوتن ۾ وڌيڪ آهن، ۽ ڇو انهن مان گهڻا روزگار جي ڳولا ۾ پنهنجين ايراضين کان ٻاهر هليا وڃن ٿا. بروهي، بلوچ، سنڌي ۽ سرائيڪي ماڻهن کي اهو اختيار پڻ مليل آهي، پر اهو رڳو هڪ لفظي امڪان آهي. سندن ڪجهه ايراضين ۾ ڳنڍپ (ڪميونيڪيشن) ڄار پوريءَ طرح غائب آهي، ۽ سندن باقي ايراضين ۾ ڳنڍپ ڄار جو دير سان ۽ اڻپوري واڌاري کين پنهنجن ڳوٺن کان ٻاهر نڪري باقي دنيا ۾ ظاهر ٿيڻ کان رنڊائي رکيو آهي. سندن اوجهڙ (نويڪلائپ، اڪيلائي) ۽ اڻ چرپر، جيئن هاڻي ڏسنداسون، سندن حياتين تي ٻين ڪيترن ئي نمونن سان پڻ اثرانداز ٿيون آهن.
    نسلي ۽ اقتصادي ڏيکن مٿان سندن سماجي ڏيک به رکي سگهون ٿا، جيڪو انهن ٻنهي ڏيکن سان ٺهڪي اچي ٿو. اهو هيئن ته اقتصادي طرح پوئتي پيل ايراضيون، جن ۾ بروهي، بلوچي، هندڪو، پشتو ۽ سرائيڪي ڳالهائيندڙ ماڻهو رهن ٿا، اڄ ڏينهن تائين سماجي واڌاري جي انهن ڏاڪن تي رهن ٿا جيڪي قبيلائي کان وٺي جاگيرائي ۽ نيم- جاگيرائي تائين پهچن ٿا.
    تنهنڪري، جيڪڏهن ٽي نقشا (نسلي، اقتصادي ۽ سماجي) ٺاهيون ته انهن جو علائقي ڏيک مواد (ڳر) جي حساب سان ساڳيو هوندو. اردو ۽ پنجابي ڳالهائيندڙ ايراضيون (جن ۾ پوٺوهاري ۽ سرائيڪي ايراضي شامل ناهي) وڌيڪ ترقي ڪيل ۽ شهري آهن ۽ وٽن چڱو چوکو ۽ اثرائتو وچون طبقو به آهي ته اڻ ٻَڌو پورهيت طبقو به، جڏهن ته باقي پاڪستان (جنهن ۾ باقي بچيل لساني ٽولا رهن ٿا) اڻ اسريل يا گهٽ اسريل آهي ۽ اهو پنهنجي سماجي بناوت ۾ قبيلائي، جاگيرائي يا نيم- جاگيرائي آهي.
    ترقيءَ جي مختلف سطحن تي ۽ نسلي سڃاڻپن وسيلي ڌار ٿيل آهي. سماجي-اقتصادي پرت مفادن جي حقيقي يا وهميل جهيڙي ۾ آهن ۽ اها حالت هڪ پاسي ڪنهن خاص ٽولي سان واسطيداريءَ جو ۽ ٻي پاسي وري ٻين ٽولن کان ڌاريائپ (اوپرائپ) جو مضبوط احساس پيدا ڪري ٿي. اهو ئي ڪجهه نسلائپ بابت چئي سگهجي ٿو.
    تيزيءَ سان وڌندڙ آبادي ۽ ڍري ۽ اڻ برابر اقتصادي ترقي اهو ئي ڪجهه آهي، جيڪو اڳيان ايندڙ آئيندي بابت چئي سگهجي ٿو، جيڪو ورهاست کي اڃا به وڌائيندو. وڌندڙ اوپرائپ کي ويساهه-لائق نموني ميسارڻ جو ڍنگ (مواد) نه هجڻ ڪري نسلي ڇڪتاڻون ايندڙ ورهين ۾ اڃا به سگهاريون ٿيڻ واريون آهن. اسين ته پوٺوهاري نسلائپ جو اڀرڻ به ڏسي سگهون ٿا جيڪا هاڻي ان ايراضيءَ جي ماڻهن جو هٿياربند قوتن ۾ هجڻ جي ڪري دٻي پئي آهي.
    اڻ برابر اقتصادي ترقيءَ جا، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته، تاريخي ۽ جاگرافيائي سبب آهن، پر گذريل 40-ورهين ۾ رٿابند ترقي به ورثي ۾ مليل اهنجن (کوٽن) جون ڪرڙايون ختم نه ڪري سگهي آهي. ترقيءَ جي اڻهوند قبيلائي-جاگيرائي ثقافت ڏانهن هڪ اڻ سوچيل لاپو (ليز) پڻ وڌايو آهي ۽ ٻنهي گڏجي پاڪستان جي اڌ کان وڌيڪ آباديءَ جي سماجي، اقتصادي حياتيءَ کي گذريل صديءَ جي ڪنهن ڏاڪي تي بيهاري ڇڏيو آهي.
    اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿو ٿئي جو نراسيءَ جي ٻنهي، اقتصادي ۽ سماجي سببن جو علاج ساڳي ئي نسخي سان ڪيو وڃي ٿو. اقتصادي پسماندگي ۽ قبيلائي-جاگيرائي ثقافت جا ٽي وڏا دشمن آهن: روڊ (رستا)، تعليم (پڙهائي) ۽ هُنر. اهي ٽئي ڪجهه اهڙي قسم جي چرپر پيدا ڪن ٿا جيڪا بيهڪ ۽ جمود کي کائي وڃي ٿي. روڊ رستا ماڻهن ۽ سامان جي چرپر ممڪن ڪن ٿا، تعليم، پڙهائي مختلف خيالن (سوچن) جي چرپر کان واقف ڪري ٿي ۽ هنر ڌنڌي ۾ چرپر آڻن ٿا، جنهنڪري هارين کي هڪ ڌنڌي ۽ هڪ ئي دنڌو-ڏيندڙ جي ٻنڌڻن کان آجپو ملي ٿو.
    سماجي تبديليءَ جون، بنا ڪنهن انقلابي اُڀار جي، اهڙيون ئي مهربان ابتدائون آهن، پر سماجي تبديليءَ جي هنن بنيادي گهرجن ــــــ رستن، پڙهائي ۽ هنرن ــــــ مان ڪنهن هڪ تي به گهربل ڌيان نه ڌريو ويو آهي. حقيقت ۾ اسان جي سماجي-اقتصادي رٿابنديءَ ۾ اهي شعبا سڀ کان وڌيڪ بي ڌيانيءَ جو شڪار رهيا آهن.
    پٺتي پيل ايراضين ۾ رستن جي ڄار جي زبري کوٽ پت ڪرڻ جهڙي ئي ناهي. زراعت بابت قومي ڪميشن ڳوٺاڻن علائقن ۾ روڊن جي کوٽ جو ڪاٿو ڪيو ته اها 2-لک 50-هزار ڪلوميٽر ٿيندي. اها کوٽ سڄي ملڪ ۾ موجود روڊن جي ڊيگهه 1-لک 40-هزار ۽ 77 ڪلوميٽرن کان به گهڻي ڊگهي آهي.
    سمورين دعوائن ۽ سڀني ڪاٿن جي ابتڙ تعليم جي شرح 1981ع کان پوءِ، جڏهن گذريل آدمشماري ڪئي وئي، شايد ئي بهتر ٿي هجي. آدمشماريءَ موجب مختلف صوبن جي وچ ۾ ڀيٽ ۽ صوبن اندر شهري ۽ ڳوٺاڻي ايراضين ۾ ڀيٽ پڙهيل آباديءَ جي سيڪڙو انگن ۾ هيٺين طرح هئي:
    شهري ڳوٺاڻي
    سنڌ 31.4 15.6
    پنجاب 27.4 20.0
    اتر اولهه سرحدي صوبو 16.7 13.2
    بلوچستان 10.3 6.2
    شايد اڃا وڌيڪ تفصيلن ۾ وڃڻ سان خبر پوندي ته خود پنجاب اندر پوٺوهار ۽ سرائيڪي ايراضين ۾ تعليمي شرح سنڌ ۽ سرحد ۾ موجود حالت کان بهتر ناهي. اهو سمجهندي ته اسان وٽ پڙهيل هجڻ بابت ڏاڍو مٿاڇڙو (ڇڙواڳ) ۽ لچڪيدار تصور آهي، هڪ ماڻهو چئي سگهي ٿو ته ڳوٺاڻن علائقن ۾ مرداڻي آباديءَ جي 5 سيڪڙو کان وڌيڪ ڳڻپ اخبار نه پڙهي سگهندي.
    ٽنهي جزن مان آخري ــــــ هنرن ـــــ بابت ڪاٿو ڪري سگهجي ٿو ته انهن تي اڄ ڏينهن تائين ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو آهي. خصوصاً ڳوٺاڻن علائقن ۾ جيڪو ڪجهه آهي، ان جو ته ماڻهن پاڻ ئي بلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ گذريل ڳڻپ مهل (1992-1991) ملڪ ۾ 930-ووڪيشنل انسٽيٽيوشن (ڌنڌيوَر ادارا) هئا. ان جي ڪري ضرورت قبيلائي-جاگيرائي ثقافت کي گهوگهو تنگ ٿيو هوندو، ڇو ته ڳوٺاڻين ايراضين ۾ ماڻهو بندش ۾ رهن ٿا، جنهنڪري پنهنجي مرضيءَ جو ڌنڌو چونڊڻ جي اڻهوند آهي.
    جيئن ته ٽيڪس هاليڊي جي ڀيٽ ۾ صنعتي-ٿيڻ لاءِ روڊن ۽ هنرمندن جي موجودي وڌيڪ هرکائيندڙ آهي، ان ڪري هر هڪ سمجهي سگهي ٿو ته هاڻوڪيون پوئتي پيل ايراضيون اقتصادي بهتريءَ ڏانهن ڪا بامقصد راهه جوڙي سگهڻ لائق ناهن. حقيقت ۾ انهن کوٽن جي ڪري خود پٺتي پيل ايراضين ۾ زرعي شعبو به بيهجي ويندو. اهو سڀ ڪجهه نراسيءَ جي احساس ۾ واڌ ئي آڻيندو، جيڪا سياست ۾ نسلائپ جي پٺيان اهم چورڻي سگهه آهي.
    آخر ۾، نسلي جهيڙي جو سياسي ۽ انتظامي پهلُو. هاڻي اهو سڄيءَ دنيا تي پڌرو ٿي پيو آهي ته هڪ گهڻ-قومي رياست رڳو وفاقي سرشتي هيٺ ئي جيئي سگهي ٿي، ۽ هڪ وفاقي سرشتو صحيح نموني ڪم رڳو جمهوري قدرن هيٺ ئي ڪري سگهي ٿو. اسان جمهوري ادارن کي هر هر پئي ڊاٿو ۽ بي عزت ڪيو آهي، ۽ ڪڏهن به وفاقي سرشتي تي ڪم ڪرڻ لائق نه رهيا آهيون. گذريل 45-ورهين دوران هڪ ڏينهن لاءِ به نه.
    هاڻي انهن ناڪامين جي ڪري اڀري آيل براين وڌڻ ويجهڻ شروع ڪيو آهي. هر شيءِ ــــــ دستوري جوڙجڪ کان انتظامي بندوبستن تائين ـــــ بابت سوال پڇيا (اعتراض ڪيا) پيا وڃن. حقيقت ۾ پاڪستان جي بنيادي تصور بابت سرحد، بلوچستان ۽ سنڌ جي علائقائي قومپرستن پاران سوال ڪيا پيا وڃن. ممڪن آهي ته اردو ۽ پنجابي ڳالهائيندڙ ماڻهن ۾ پڻ ڪي شڪُيار ماڻهو موجود هجن پر انهن جون سوچون اوطاقن ۽ هوٽلن جي ڀتين کان ٻاهر نه ٻڌيون ويون آهن.
    تڏهن به، پاڪستان جي سالميت کي ڪو سخت جوکو ناهي، پر صوبن جي سالميت صوبن جي اقليتن پاران مختلف شدتون رکندڙ داٻن هيٺ آهي. اڪيلو حل، نوان صوبا خلقڻ کان (ڪجهه) گهٽ، اهو آهي ته سول ڊويزن جي سطح تي خودمختيار چونڊيل حڪومتون متعارف ڪرايون وڃن جيڪي اتفاق سان نسلي ڊويزنن سان ٺهڪي اچن ٿيون.
    مرڪز کان وٺي صوبائي سطح تي ۽ پڻ صوبائي کان ڊويزن سطح تي اختيارن جي سپردگي هجي. ان کان پوءِ صوبن ۽ ڊويزنن کي سندن قانوني دائرن ۾ آزاديءَ سان ڪرت ڪرڻ ڏني وڃي. ان بلي کي نه رڳو نظريي پر عمل ۾ به مانُ ڏيڻو آهي، ڇو ته وفاق ۽ صوبن کي بچائڻ جو اهو ئي اڪيلو دستوري ۽ سياسي رستو آهي.

    (ڇپيل: روزاني ”جاڳو“ ڪراچي، 12 ڊسمبر 1992ع)


    ڪٽرپڻو ــــــ هڪ قوم خلاف

    ڪٽرپڻو ــــــ هڪ قوم خلاف
    ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

    (اقبال جعفر جي مضمون ”پاڪستان ۾ نسلائپ جون پاڙون“ جي ڇنڊڇاڻ)

    اقبال جعفر صاحب جو هڪ مضمون ”پاڪستان ۾ نسلائپ جون پاڙون“ (Roots of Ethnicity in Pakistan) ترجمو ٿي ڪالهوڪي اخبار (”جاڳو“) ۾ ڇپيو آهي. مون سنڌ سان واسطيدار جيڪي ويهارو کن مضمون هن سال ترجمو ڪيا آهن، انهن لاءِ ٻين سجاڳ ساٿين جيان منهنجي به اها ئي نيت پئي رهي آهي ته جيڪي ماڻهو انگريزيءَ ۾ نه ٿا پڙهي سگهن ۽ انگريزيءَ ۾ سنڌ ۽ سنڌين جي حمايت ۾ نيڪ نيتيءَ سان جيڪو ڪجهه لکجي پيو، ان کان واقف ٿي سگهن. ڪيترن ئي مضمونن جي سڄي مواد يا ڪجهه ڳالهين سان مڪمل طرح يا ڪجهه قدر اختلاف يا اتفاق رکڻ باوجود مون پنهنجي وس آهر انهن مضمونن جو ترجمو پوري ايمانداريءَ سان ڪيو آهي. اها ئي ڳالهه ”پاڪستان ۾ نسلائپ جون پاڙون“ سان به لاڳو آهي، پر هن مضمون ۾ ڪجهه ڳالهيون اهڙيءَ ته سمجهداريءَ سان آنديون ۽ بيان ڪيون ويون آهن جو انهن کي جيستائين هر طرفي ڇنڊڇاڻ هيٺ نه ٿو آندو وڃي، تيستائين سمجهڻ ڏکيو ٿي پوندو. ان ڪري هن مضمون ۾ آءٌ اهي ڳالهيون ساٿين آڏو رکان ٿو جيڪي مون کي ويچار لائق محسوس ٿيون. (اها به سڌ اٿم ته هن قسم جي مضمونن جي جواب ۾ ۽ وطن دوست عوامي موقف جي حمايت ۾ ڪي دانشور جيڪڏهن سڌو انگريزيءَ ۾ لکي سگهن ٿا، ته ضرور لکن ۽ اهو ڪم پنهنجن پهرين فرضن ۾ شامل رکن.)
    اقبال جعفر صاحب جو ڪنهن نه ڪنهن موضوع تي هڪ مضمون سراسري طرح هر ڏهين ڏينهن روزاني انگريزي اخبار ”ڊان“ ۾ ڇپبو رهي ٿو. عمومي طرح پاڻ جيڪو ڪجهه لکي ٿو، ان کي انگن اکرن، ڪنهن نه ڪنهن نئي کوج يا دليلن جي سهاري سان پيش ڪري ٿو ۽ انهن ۾ ائين ڀاسي ٿو ڄڻڪ پاڻ ڪنهن به قسم جي نسلي ساڙ ۾ متبلا ناهي، هو هڪ وسيع ذهن جو مالڪ آهي ۽ حالتن جي ڇنڊڇاڻ معروضي طرح ڪري ٿو.
    ”ڊان“ هن سال (1992ع) جا شروع وارا ڇهه مهينا ”معاملن جي حقيقي حالت ڪهڙي آهي؟“ جي سري هيٺ هڪ سلسلو هلايو جنهن ۾ سنڌ جي موضوع تي اقبال جعفر صاحب جو، اخبار مطابق ڇرڪائيندڙ ۽ اکيون کوليندڙ مضمون ڇپيو. ان ۾ سنڌ اندر رهندڙ سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ جي حوالي سان خاص ڳالهه اها ڪيل هئي ته سنڌي ڳالهائيندڙن جو مسلمان مذهبي پس منظر سهپ، رواداريءَ ۽ ڀروسي تي ۽ اردو ڳالهائيندڙن جو شڪ، قبضي ۽ ڦرمار تي ٻڌل هو. ٻِي خاص ڳالهه اها هئي ته سنڌي ٻوليءَ سان پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ بي واجبي ڪئي وئي ۽ ٽين ڳالهه اها ته سنڌي ڳالهائيندڙن سان سياسي-سماجي سلوڪ مناسب نه رکيو ويو ۽ ساڻن ڪجهه نه ڪجهه ناانصافي ٿي هئي. پر، ان مضمون جي پڇاڙي ۾ هُن پاڪستان يا سنڌ جي سياسي-انتظامي-سماجي مسئلن جو جيڪو حل ٻڌايو هو، ان ۾ ۽ ڪالهوڪي مضمون ”پاڪستان ۾ نسلائپ جون پاڙون“ ۾ ڄاڻايل حل ۾ ڪو به فرق ناهي.
    اقبال جعفر پنهنجي مضمون ۾ جيڪي ڳالهيون ڄاڻايون آهن، انهن مان ڪجهه هي آهن:
    1. پاڪستان، باقي ڏکڻ-ايشيا جيان هڪ گهڻ-قومي سماج آهي.
    2. پاڪستان ۾ گهڻين قومن جي ڳالهه ڪرڻ غداريءَ کان گهٽ نه پئي سمجهي وڃي، پر هاڻي اهو خيال ڪو نئون ۽ رجائي (آپٽيمسٽڪ) نه رهيو آهي. پاڪستان ٺهڻ وقت ٻه قومي نظرئي جي ڄر ۽ دز ايڏي ته ڇانيل هئي جو ان وقت جيڪي حقيقي قومون هيون ــــــ نرواريل سرحدون، تاريخ، ثقافت ۽ ٻولي رکندڙ ـــــ انهن کي نه مڃيو ويو.
    3. ڀارت ۾ هندي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ طور مڙهڻ ۽ پاڪستان ۾ قومي ٻوليءَ طور اردو کي مقرر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ٻنهي ڏيهَن ۾ ڪن ڌڙن ان عمل جي مخالف ڪئي. ڀارت ته ترت ئي سموريون وڏيون (گهڻائي رکندڙ) ٻوليون دستوري طرح قومي ٻولي طور مڃي ورتيون ۽ هر هڪ لساني ٽولي کي صوبائي سرحدون نروار ڪري ڏنيون، پر پاڪستان ۾ اسين گهڻ-قومي ڪردار (بيهڪ) واري حقيقت کي مڃڻ جي سلسلي ۾ ڏاڍا ڍرا رهيا آهيون.
    4. پاڪستان ۾ هر نسلي ٽولو هڪ گڏيل ڪڙم (نسل، ثقافت، تاريخ ۽ ٻوليءَ جي ڪري پيدا ٿيل نينهن رکي ٿو جنهنڪري ان جي مخصوص سڃاڻپ ٺهي ٿي، پر اهميت وارو عنصر ٻولي آهي، باقي ٻيا سڀ فرق مٿاڇرا آهن.
    5. پاڪستان ۾ نوَ وڏا (گهڻائي رکندڙ) نسلي ٽولا آهن. پنجابي ڳالهائيندڙ 48.17 سيڪڙو (1981ع جي آدمشماريءَ ۾ پوٺوهارين کي پنجابين ۾ ملائي ڳڻيو ويو آهي، تنهنڪري انهن ٻنهي جي آدمشماريءَ جو سيڪڙو گڏيل انگن ۾ آهي).

    1. پنجابي ڳالهائيندڙ پوٺوهاري 48.17 سيڪڙو
    2. پشتو 13.15 سيڪڙو
    3. سنڌي 11.77 سيڪڙو
    4. سرائيڪي 9.84 سيڪڙو
    5. اردو 7.60 سيڪڙو
    6. بلوچي 3.03 سيڪڙو
    7. هندڪو 2.43 سيڪڙو
    8. بروهڪي 1.21 سيڪڙو
    6. سنڌ ۾ سنڌي مادري ٻولي طور ڳالهائيندڙن جو سيڪڙو 52.40 آهي ۽ اردو ڳالهائيندڙ 22.64 سيڪڙو آهن. سنڌ ۾ تعليمي شرح موجب شهري 13.40 سيڪڙو ۽ ڳوٺاڻا 15.60 سيڪڙو پڙهيل آهن. اردو ڳالهائيندڙ ٽولو اقتصادي ۽ سماجي طرح وڌيڪ اسريل آهي ۽ منجهس 80-سيڪڙو ماڻهو پڙهيل آهن.
    7. جيئن ته پاڪستان ۾ جمهوري نظام کي وڌڻ ويجهڻ نه ڏ نو ويو آهي تنهنڪري ٻين براين سان گڏ هاڻي، نسلائپ وڌي وئي آهي. ايتري قدر جو سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد جي علائقائي قوم پرستن پاڪستان جي بنيادن بابت به اعتراض اٿارڻ شروع ڪيا آهن.
    8. خطرو پاڪستان جي ٽُٽڻ جو نه، پر صوبن جي ٽٽڻ جو آهي، جنهن کان بچڻ لاءِ ۽ نسلي جهيڙن کان بچڻ لاءِ اڪيلو حل اهو آهي ته جيڪي نسلي ٽولا جن جاگرافيائي علائقن ۾ ڳتيل آبادي رکن ٿا، انهن علائقن (جيڪي اتفاق سان سِول ڊويزنون به آهن) ۾ خودمختيار چونڊيل حڪومتون متعارف ڪرائي، اختيار انهن جي حوالي ڪيا وڃن.
    ويهه ورهيه کن اڳ جي ڳالهه آهي، سنڌ ۾ هڪ مخصوص لساني ٽولي پاران پنهنجي ٻولي زوريءَ مڙهي رکڻ لاءِ پاڪستان جي حقيقي حاڪمن جي مدد سان مهاجر-پنجابي-پختون محاذ جي ڇانوَ هيٺ لساني بل جي آڙ ۾ سنڌين خلاف دهشتگرديءَ جو مچ مچايو ويو هو. تڏهن منهنجو نام نهاد مذهبي جماعت جي هڪ اهڙي ڪارڪن سان بحث ٿي پيو جيڪو پاڻ کي ڏاڍو ”فراخدل“، ”لبرل“ ۽ عالم سمجهندو هو. هن سنڌين جي قومي شعور خلاف ڏاڍيون باهيون پئي ڇنڊيون ۽ مسلمان قوم ۽ پاڪستان جي حمايت ۾ دليل جا درياهه پئي وهايا. بحث ٿيو، بحث ۾ ڦڙتي بازي نه پئي هلي سگهي، جو ڪچهري شاهد ۽ منصف هئي. بحث هلندي جڏهن فراخدل صاحب پنهنجن دليلن سان پاڪستاني قوم نه ٺاهي سگهيو، تڏهن اوچتو اعلان ڪري سڀني جون مَتيون منجهائي ڇڏيائين، ته پاڪستان ۾ حقيقي طرح ڪا قوم آهي ئي ڪا نه!.... پر جيڪڏهن ڪا قوم ٺاهڻي ئي اٿوَ ته پوءِ سنڌ ۾ ئي ويهه کن قومون ٺهي پونديون....!
    ”اهو وري ڪيئن؟“ ڪچهريءَ پڇيو.
    ”جيڪڏهن ڪنهن قوم لاءِ هڪ ٻوليءَ جو هجڻ ضروري آهي، ته پوءِ سنڌ ۾ انگريزي، اردو، پشتو، سرائيڪي، بلوچي، پارسي ٻوليون به ڳالهايون وڃن ٿيون... ۽ خود جيڪي سنڌي سڏيا وڃن ٿا، اهي سنڌي ڪٿي آهن، اترادي ٻولي ٻِي، ته ڪوهستاني ٻِي، ڍاٽڪي ٻي، ته ٿري وري ٻي، ڪاٺياواڙي، ڪڇي، گجراتي، ميمڻڪي، ٻيلائي وغيره وغيره. اڃا جي وڌيڪ چئو، ته پوءِ سما قوم، ابڙا قوم، سومرا قوم، ڀُٽا قوم، لاشاري قوم، رند قوم، چانڊيا قوم... ڇا اهي قومون ناهن؟ ٻڌايو ته سهي!“
    ڪچهريءَ ان کي چيو ته ”هاڻي وِڦلين ٿو.“
    فتوا واري انداز ۾ چيائين ته جيڪڏهن مسلمان قوم ناهي، پاڪستاني قوم ناهي، ته پوءِ دنيا ۾ ڪا به قوم ناهي، پوءِ ته اسين سنڌ ۾ ئي پنج سؤ قومون ٺاهي ڇڏينداسون، نه ته توهين به مڃو، ته سنڌي قوم نالي ڪا به شيءِ وجود نه ٿي رکي.
    چيو ويس ته جيڪڏهن قوم ٺاهڻ توهان جي هٿ-وس هجي ها، ته پوءِ ضرور ايئن ڪيو ها، پر افسوس! قومون ڪجهه دانشورن جي چوڻ سان ۽ زوريءَ نه ٺهنديون آهن.
    اقبال جعفر صاحب جو مضمون پڙهي، مون کي فراخدل صاحب ڏاڍو ياد آيو ۽ سوچيم ته سندس قبيلي جو پوکيل ٻج ڏاڍو پکڙيو آهي. جيڪڏهن سنڌي قوم آهي، ته پوءِ اردو ڳالهائيندڙ به قوم آهن، ۽ جي اردو ڳالهائيندڙ هڪ لساني يا نسلي ٽولو آهي، ته پوءِ سنڌي به هڪ لساني يا نسلي ٽولو آهي، تنهنڪري سنڌ جي ڌرتيءَ تي اردو ڳالهائيندڙ ٽولي لاءِ نرواريل سرحدون هجڻ گهرجن!
    ڪجهه عرصو اڳ مهاجر قوم جي دعويدار ۽ سنڌ ۾ دهشتگرديءَ جي جيئري سردار به ٽوڪ ڪندي چيو هو ته سنڌ جي ڌرتيءَ تي جيترو سنڌين جو حق آهي اوترو مهاجرن جو به آهي، نه ته ڀلا سنڌي پنهنجي مالڪيءَ جي سَند ته ڏيکارين؟ اڄوڪا سنڌي خود ڌاريا ڪاهيندڙ آهن. مهاجرستان ٺاهڻ جون ڳالهيون 1964ع کان وٺي موجود آهن ۽ سنڌين خلاف دهشتگردي، سنڌين کي ڪراچيءَ مان ڪڍڻ جون سازشون ۽ مهاجر سپر پاور حق ڄمائڻ جون ڳالهيون ڪنهن کان به وسريون ناهن. مهاجر قومي موومينٽ (م ق م) اڄ (29-نومبر 1992ع) وري نئين روپ ۾ جياري وئي آهي ۽ سڀاڻي مهاجريت جيڪي نازي ۽ فاشِي ڪرتوت ڏيکاريندي تنهن لاءِ اڄ ئي تياري ڪرڻ گهرجي.
    سڀاڻي جيڪڏهن غير قانوني ۽ ناجائز طرح آيل بنگالي، جيڪي سالن کان سنڌ ۾ رهيل آهن، دعويٰ ڪن ته اهي به هڪ قوم يا لساني ٽولو يا نسلي ٽولو (جيڪو توهان پنهنجو پاڻ کي قرار ڏيو) آهن ۽ کين به نرواريل سرحدون ملڻ گهرجن، ته پوءِ ڇا ٿيڻ گهرجي؟
    ساڳيءَ طرح برمي، انڊونيشي، سيلوني، تِبتي، افغاني، پختون، پنجابي وغيره به سنڌ تي پنهنجيءَ ڌرتيءَ جي دعويٰ ڪري سگهن ٿا، پوءِ ڇا ٿيندو؟
    ڇا سنڌين جي ڌرتيءَ ايڏي نڌڻڪي آهي جو جيڪو به پنهنجي ڌرتيءَ کي بک، بيروزگاري، بدامنيءَ وغيره جي ڪري يا ان تي فتنا فساد اٿاري، ڀڄي اچِي، ناجائز طرح سنڌ ۾ رهي، اهو ٻن چئن سالن کان پوءِ داداگيري ڪري سنڌ جي ٽڪري جو وارث ٿي ويهي رهي؟
    انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته اقبال جعفر صاحب پنهنجي مضمون ۾ ٻين جيان سنڌين لاءِ عمومي طرح ڪي اهڙيون ڳالهيون ڪيون آهن، جيڪي سُٺيون سڏي سگهجن ٿيون جيئن هيتري چرپر، روڊ رستن جو واڌارو ۽ تعليمي ترقي، پر اهي ڳالهيون اڄ ڪلهه ته پاڪستان جو هر حڪمران به ڪري ٿو، توڻي جو هو پنهنجي دَور ۾ زبردست ترقيءَ جي هام هڻندو هجي.
    اچو ته پهريائين ان نُڪتي کي جاچيون جنهن جو نمبر-8 آهي ۽ جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته خطرو پاڪستان جي ٽٽڻ جو نه، پر صوبن جي ٽٽڻ جو آهي، جنهن کان بچڻ لاءِ، نسلي جهيڙن کان بچڻ لاءِ، ليکڪ وٽ اڪيلو حل اهو آهي ته جيڪي نسلي ٽولا جن علائقن ۾ ڳتيل آبادي رکن ٿا انهن علائقن (جيڪي اتفاق سان سول ڊويزن به آهن) ۾ خودمختيار چونڊيل حڪومت متعارف ڪرائي، اختيار ان جي حوالي ڪيو وڃي.
    مون کي خبر ناهي ته ڪراچي ڊويزن کان سواءِ ٻي ڪهڙي سِول ڊويزن آهي جنهن ۾ ٻيو ڪو لساني ٽولو وڏي اڪثريت رکندو هجي ۽ مون کي جيئن ته ڳالهه سنڌ جي ئي ڪرڻي آهي تنهنڪري سنڌ جي حوالي سان ليکڪ جي مقصد ۾ اها ڳالهه چٽي طرح اچي ٿي وڃي، ته سنڌ جون باقي ٽي ڊويزنون ڀلي سنڌين (جن کي به ليکڪ نسلي ٽولو سڏي ۽ سمجهي ٿو) جي حوالي هجن، پر چوٿين ـــــ ڪراچي ڊويزن ـــــ ۾ اردو ڳالهائيندڙن جي لساني (جنهن کي ليکڪ نسلي سڏي ۽ سمجهي ٿو) خودمختيار چونڊيل حڪومت متعارف ڪرائي اختيار انهن جي حوالي ڪرڻ گهرجي. ڇا ان ۾ ڪا بدنيتي لڪل ناهي؟
    هن وقت ڪراچي ڊويزن جي آبادي وڌ ۾ وڌ هڪ ڪروڙ چئي وڃي ٿي، جنهن ۾ دهشتگرد سردارن جي دعويٰ موجب اردو ڳالهائيندڙن جي آبادي 55-لک آهي (حقيقت ۾ 55-لک آبادي اردو ڳالهائيندڙن جي ناهي، پر ان ۾ ڪڇين، ميمڻن ۽ اسماعيلين ۽ ٻين ناجائز رهواسين کي به زوريءَ ڳڻيو وڃي ٿو، جنهن جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته ڪراچي ميٽروپوليٽن جا ڪيترائي ڪائونسلر برمي ۽ بنگالي آهن ۽ ناجائز طرح آيل ڀارتي ۽ بهارِي ته سنڌ اسيمبليءَ ۾ به آهن). باقي 45-لک آباديءَ ۾ 20-لک سنڌي، 15-لک پنجابي، 7-لک پٺاڻ ۽ 3-لک بلوچ آهن. جيڪڏهن ڪُوڙن انگن اکرن وسيلي به پاڻ کي معمولي اڪثريت ثابت ڪري سگهندڙن جي لاءِ، جيڪي سنڌ ڌرتيءَ جا تاريخي ۽ فطري رهواسي به ناهن، هڪ خودمختيار حڪومت ۽ علائقي جي گهر ڪري سگهجي ٿي، ته پوءِ اهو مطالبو سنڌين لاءِ ڇو نه ٿو ڪري سگهجي، جيڪي سنڌ جا حقيقي، فطري ۽ تاريخي رهاڪو به آهن ته وارث ۽ مالڪ به ۽ جيڪي ڪُوڙن ۽ گهٽايل انگن اکرن موجب به هڪ اڪثريت آهن (۽ جيڪڏهن سنڌين جي ڳڻپ کي سنڌين جي مادري ٻوليءَ تائين محدود ڪرڻ بدران حقيقي سنڌي قوم جي ڳڻپ تائين وڌايو وڃي، ته ڪير اڪثريت آهن؟).
    هر هڪ تاريخي قوم کي سندس پنهنجي علائقي ۾ خودمختيار چونڊيل حڪومت ڏئي اختيار ان جي حوالي ڪرڻ جو مطالبو جائز، قانوني ۽ اصولي آهي، ان ڪري نه ٿو ڪيو وڃي جو ان تي عمل ٿيڻ جي ڪري سنڌ تي سنڌين جي کانئن کسيل مالڪي موٽڻ لڳندي جيڪا ساڙيلن، ڪٽر ۽ ڦورو حاڪمن کي ڪنهن به طرح پسند ناهي.
    ليکڪ کي صوبن جي ٽٽڻ جو خطرو نظر ڇو ٿو اچي ۽ پاڪستان جي ٽٽڻ جو ڇو نه ٿو نظر اچي؟ ٻي پاسي وري پاڪستان جي هر حڪمران کي سدائين علائقائي قوم پرستن، علحدگي پسندن وغيره کان پاڪستان ٽٽڻ جو خطرو ئي نظر ايندو آهي، سو ڇو؟
    اهو سؤ سيڪڙو سچ آهي ته بلوچستان ۾ بروهي، بلوچ ۽ پختون، پنجاب ۾ پنجابي، سرائيڪي ۽ پوٺوهاري ۽ پختونخواهه ۾ پختون ۽ هزارا پاڻ ۾ اڻبڻت ۽ ڇڪتاڻ رکن ٿا، پر منجهن موجود تضاد ايترو شديد ڪنهن به صورت ۾ ناهي جو صوبن جي ٽٽڻ جو خطرو موجود ٿي پيو هجي، جڏهن ته سنڌ ۾ دهشتگردن ۽ سندن حمايتي دانشور ۽ حاڪم لڏي جي ماڻهن جِي، بهرحال اها سڌ ئي نه پر باعمل سٽاءُ آهي ته سنڌ کي ٽوڙيو وڃي.
    چٖي سنڌ کان کسڻ جي سازش ۽ سنڌ جو وجود ميسارڻ جي رٿابندي ڏاڍي پراڻي آهي جيڪا اڄ داداگيريءَ ۽ دهشتگرديءَ سان گڏ دانشوراڻي روپ ۾ پيش ڪئي پئي وڃي. جن به ماڻهن پاڪستان ٺهندي ئي ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڇنڻ ۽ مرڪزي علائقو بنائڻ بابت سنڌ اسيمبلي ۾ ٿيل بحث جي ڪاروائي پڙهي هوندي ۽ جيڪي ماڻهو پاڪستان جي 45-سالا تاريخ جا ڄاڻو آهن، اهي پڪ سان چئي سگهندا ته اڄ ڏينهن تائين پاڪستان جي حقيقي حاڪمن پنهنجي قول ۽ لکت تان ڪمينن جيان اکيون ڦيري وڃڻ ۾ ڪڏهن به دير ئي نه ڪئي آهي، جنهن کي نظر ۾ رکندي ڪنهن چيو هو ته ”پاڪستان ۾ رڳو هڪ ڳالهه ئي پڪ سان چئي سگهجي ٿي ته پاڪستان ۾ ڪا به ڳالهه پڪ سان نه ٿي چئي سگهجي.“
    هتي هڪ ٽڪرو ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي سلسلي ۾ ٿيل ڳالهه ٻول منجهان پيش ڪرڻ گهران ٿو:
    حيدر بخش جتوئيءَ جي مضمون ”ڪراچي ۽ سنڌي ٻولي“ ۾ جيڪو 1957ع ۾ لکيو ويو ۽ تازو ئي ”سنڌ قئارٽرلي“ (انگريزي) (جلد 20، 1992ع، نمبر 4) ۾ ڇپيو آهي، اوڀر پاڪستان جي خواجه شهاب الدين جي بحث کان پوءِ ساڳي ئي ڌرتيءَ جي پٽ پروفيسر راجڪمار چڪروتي جا لفظ به آهن. خواجه شهاب الدين چيو هو ته سائين مان نه ٿو ڄاڻان ته ٻاهر ان تاثر جنم ورتو آهي ته جيڪڏهن مرڪزي حڪومت ڪراچيءَ جو ڪنٽرول پنهنجي هٿ ۾ کنيو، ته هي شهر سنڌين لاءِ اوپرو ٿي (وڃائجي) ويندو. هن اهو به چيو ته ميزبان کي ڪنهن به معاملي بابت ڊڄڻ نه کپي. تڏهن پروفيسر چڪروتي چيو: اسين ڄاڻون ٿا ته هن مسئلي تي سنڌ جي ماڻهن جا احساس ڏاڍا شديد آهن... ڪراچي سنڌ صوبي جو روح، يا شديد تنتي سرشتو آهي. ڪراچيءَ کان سواءِ سنڌ هڪ رڻ آهي ۽ رڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه. جيڪڏهن ڪراچي کسي وئي ته سنڌ پنهنجي سموري اهميت وڃائي ويهندي... ۽ جيڪڏهن سنڌ کان ورتي وئي ته پوءِ مون کي ڊپ آهي ته، اهو شايد باقي سنڌ کي اولهه پنجاب (يعني پاڪستان واري پنجاب) جي حڪومت سان ڳنڍڻ لاءِ مناسب سبب هوندو (1948ع ۾ تيز فهم پارکوءَ جيڪو ڪجهه ڄاڻايو، اهو 1955ع ۾ سچ ٿيو ـــــ ون-يونٽ جي روپ ۾ ۽ __ جي ماڻهن خلاف هر قسم جو زوربار ۽ ڌوڪو ڪم آندو ويو. - حيدر بخش جتوئي). اچو ته اسين شڪرگذاريءَ جي جذبي سان سنڌ جي ان سخي ڪردار کي مڃون جيڪو ان (پاڪستان ٺاهڻ جي) سلسلي ۾ ميزبان طور ڪردار ادا ڪيو آهي. پر هاڻي مون کي نظر اچي ٿو ته، وڏي بدقسمتي چئبي جو، مهمان پنهنجي ميزبان کي تڙي رهيو آهي. محترم خواجه شهاب الدين پاران ٻڌايل سببن مان اهو هڪ هو. هو چوي ٿو ته، ميزبان کي ڪنهن به معاملي ۾ ڊڄڻ نه کپي، رڳو (ايترو ئي ته ٿئي ٿو جو) مهمان ٿو ميزبان کي تڙي ڪڍي، نه ان کان وڌ ۽ نه ئي ان کان گهٽ. جيڪڏهن اهو هڪ سٺو منطق ۽ سٺي دليل بازي آهي، ته پوءِ سڄي دنيا جي ميزبانن کي اڄ کان پوءِ ڪنهن به مهمان جي ميزباني ڪرڻ کان اڳ هوشيار رهڻ کپي. سڄي دنيا جي ميزبانن لاءِ اهو هڪ سٺو سبق آهي....
    ليکڪ اقبال جعفر صاحب ته ڪراچي شهر بدران ڪراچي ڊويزن تي ميري نظر رکيو ويٺو آهي.
    سنڌ تي ميري نظر رکندڙن کي گهرجي ته سڄي سنڌ، پر جي سنڌ جي دل ئي کين ملي وڃي ته پوءِ اهي ڏائڻ جيان ارها نه ٿيندا ـــــ پرائي گهران ڌِڪو به ڀلو ــــــ هيءَ ته ڪراچي هوندي. سڄي ڊويزن، چار آباد ضلعا، پاڪستان جو سڀ کان وڏو صعنتي مرڪز ۽ بندرگاهه، سنڌ جي بجيٽ تي سڪيلڌن جيان پليل شهر، سنڌ جو ڪرنگهو جنهن جو هر جيو-گهرڙو سنڌين جي سگهه نپوڙي ٺهيو آهي، جنهن کان سواءِ سنڌ ڄڻڪ لُولي ٿي پوندي.
    ۽ حوالي ڪنهن جي ٿيندو؟ سنڌين، پنهنجي محسنن، پناهه ڏيندڙ جي قاتل دهشتگردن ۽ بي رحم جلادن جي حوالي، جن جي سُتيءَ ۾ ڌرتيءَ سان وفاداري آهي ڪو نه، بي پاڙا، تاريخي رولو ۽ ڀاڙيتو خوني، ڪٽر، ساڙيلا ۽ جنوني جلاد، جن جي دهشتگرديءَ کي ذهن ۾ رکندي (اهو) ليکڪ سمجهي ٿو ته صوبن جي ٽٽڻ جو خطرو آهي، تنهنڪري ان دهشتگرديءَ کي بچڻ لاءِ ضروري آهي ته ڪراچي ڊويزن انهن جي حوالي ڪئي وڃي.
    پڙهندڙن کي ياد هوندو ته ڄام صادق پنهنجي حڪمرانيءَ جي ڏينهن ۾ دهشتگردن کي سنڌ ڀيلڻ لاءِ اهم ترين وزارتون، اڃا به قائم مقام وڏ وزارت ڏئي دهشتگرديءَ وسيلي قتل واري عمل کي جهڪو ڪرڻ جي ضمانت وٺي سنڌ ۾ امن امان جي سڌريل صورتحال واريون ٻٽاڪون هڻڻ لڳو هو تڏهن ڪنهن دل جلي (سجاڳ) سنڌي صحافيءَ لکيو هو ته ڌاڙيلن کي به جيڪو ڪجهه ڦرلٽ ۾ گهرجي کين اهو ڏئي ڌاڙا بند ٿي وڃڻ جي به هام ڇو نه ٿا هڻو؟ دهشتگردي ۽ ڌاڙيل، ڦورو ۽ بدمعاش کي جيڪو ڪجهه گهرجي اهو جيڪڏهن کيس قانوني ڪري ڏنو وڃي، ته ٻيو وري ڇا گهربو!؟
    ڪارل مارڪس چيو هو ته تاريخ مان اسان رڳو هڪ سبق سکيو آهي ته اسان تاريخ مان ڪجهه به نه سکيو آهي. خود اقبال جعفر صاحب جو اهو چوڻ ته ڊويزن سطح تائين خود مختياري ڏني وڃي، ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته ملڪ هڪ زبردست ڇڪتاڻ هيٺ آهي، صوبن ۾ اقليتن پاران مختلف شدتون رکندڙ داٻ ته کيس نظر اچن ٿا، ڇو ته اها ڳالهه چوندي هو پنهنجن مخصوص مفادن جي ويجهو پهچي ٿو، پر کيس ٽن صوبن جي اڪثريتن پاران مختلف شدتون رکندڙ داٻ نظر نه ٿا اچن، جيڪي اول نظر اچڻ گهرجن.
    اقليتن لاءِ خودمختيار ڊويزنون ٺاهڻ بدران، ڇا اهو وڌيڪ بهتر ناهي ته اڪثريتن جون رياستون، جيڪي هڪ ڊگهي تاريخي عرصي کان برقرار پئي رهيون آهن ۽ پنهنجن علائقن تي تاريخي ۽ فطري حق به رکن ٿيون، نروار ڪري کين هر طرح خودمختيار بنايو وڃي؟ اهڙيءَ طرح ڪيل قول به ڪجهه پاڙجي سگهيو.
    اصل ۾ ليکڪ پارا دانشورَ ان قسم جي حقيقت پسند گُهر ڪندا ئي نه، ڇو ته اها سندن مخصوص گروهه پرست مفادن جي خلاف آهي. ليکڪ کي گروهه پرست ڇو ٿو چوان، ان جي لاءِ مون وٽ ڪيترائي سبب آهن. اچو ته انهن کي جاچيون.
    (الف) پاڪستان ۾ ليکڪ جي چوڻ موجب هر نسلي ٽولي کي هڪ گڏيل ڪڙم (نسل، RACE)، ثقافت، تاريخ ۽ ٻولي آهي.
    (ب) پاڪستان هڪ گهڻ قومي سماج آهي.
    (ث) پاڪستان ۾ گهڻ قومي سماج کي مڃڻ ۾ ڍرائي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڀارت ۾ هر لساني ٽولي کي ڌار ڌار صوبائي سرحدون نروار ڪري ڏنيون ويون.
    (ج) پاڪستان ۾ نوَ ٽولا (گهڻي آبادي رکندڙ) نسلي ٽولا آهن.
    اهي سمورا نڪتا گڏيل سوچ ۽ ڌيان گهرن ٿا.
    ليکڪ يا ته هڪ قوم، هڪ لساني ٽولي ۽ هڪ نسلي ٽولي ۾ فرق نٿو ڄاڻي، يا ڄاڻي واڻي انهن جي وچ ۾ فرق کي ظاهر نٿو ڪري يا وري هو شعوري طور ڪنهن خصوصي مقصد کي پورو ڪرڻ لاءِ هڪ قوم، هڪ لساني ٽولي ۽ هڪ نسلي ٽولي کي ساڳيءَ معنيٰ وارو ظاهر ڪرڻ گهري ٿو.
    منهنجو خيال آهي ته پويان ٻه رايا وڌيڪ صحيح نموني ليکڪ جي ذهن جي ترجماني ڪن ٿا. اها راءِ قائم ڪرڻ لاءِ مون وٽ سبب آهن.
    ليکڪ جي چوڻ موجب پاڪستان هڪ گهڻ قومي سماج آهي يعني پاڪستان ۾ ٻن کان وڌيڪ قومون آهن، انهن هڪ چٽسالي ٺاهي رکي هئي ۽ هر هڪ چٽ (ذري قوم) کي پنهنجو نرواريل علائقو، تاريخ، ثقافت ۽ ٻولي آهي.
    ليکڪ پاڪستان ۾ نسلي ٽولي بنديءَ تي نظر وجهڻ جي دعوت ڏيندي چوي ٿو ته هر نسلي ٽولو پيداوار آهي گڏيل ڪڙم (نسلي)، ثقافتي، تاريخي ۽ لساني نينهن جو، جنهن سان هر هڪ نسلي ٽولي جي سڃاڻپ ٿئي ٿي.
    ليکڪ کي نظر اچي ٿو ته پاڪستان ۾ گهڻ قومي ڪردار کي مڃڻ ۾ ڍرائي ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ڀارت ۾ هر لساني ٽولي کي صوبائي سرحدون نروار ڪري ڏنيون ويون. (هتي ليکڪ اهو مطالبو نه ٿو ڪري ته پاڪستان ۾ به هر قوم يا نسل يا لساني ٽولي کي سرحدون نروار ڪري ڏنيون وڃن ها، اهو ان ڪري جو انهن ڏينهن ۾ سندس مخصوص مفادن تي ٺهڪندڙ سندن لساني ٽولو وڳوڙ ۽ لڏپلاڻ جي حالت ۾ هو ۽ ان ڪري ان لاءِ ڪو به سرحد بند علائقو نه ٺهي پئي سگهيو.)
    ڏنل نڪتن جي روشنيءَ ۾ صاف چئي سگهجي ٿو ته ليکڪ جي خيال موجب هڪ لساني ٽولي وٽ رڳو هڪ ٻولي هوندي آهي، هڪ نسلي ٽولي وٽ گڏيل ڪڙم، ثقافت، تاريخ ۽ ٻولي ٿئي ٿي، جڏهن ته هڪ قوم وٺ انهن سڀني خصوصيتن سان گڏ هڪ خطو (علائقو) به هوندو آهي.
    دنيا ۾ هڪ لساني ٽولي، هڪ ذات، هڪ قبيلي، هڪ نسلي ٽولي، هڪ لاڏائو ٽولي، هڪ پناهگير ٽولي ۽ هڪ قوم ۾ فرق رکيو وڃي ٿو، پر ليکڪ هڪ نسل، هڪ لساني ٽولي ۽ هڪ قوم کي پاڻ ۾ انگڙو ونگڙ ڪري منجهائڻ، هڪ ٻي جو متبادل سڏڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
    مون ليکڪ ڏانهن ”ڊان“ جي معرفت هڪ خط لکيو آهي (۽ پڙهندڙن کي به هڪ خط لکڻ جو عرض ٿو ڪيان) جنهن ۾ مون کائنس پڇيو آهي ته:
    1. جيڪڏهن پاڪستان ۾ گهڻيون قومون آهن، ته انهن جا نالا ڪهڙا آهن ۽ اهي ڪيئن هڪ نسلي ۽ لساني ٽولي کان فرق رکن ٿيون؟
    2. جيڪڏهن پاڪستان ۾ وڏي آباديءَ وارا نوَ نسلي ٽولا موجود آهن، ته پوءِ قومون ڪٿي آهن ۽ لساني ٽولا ڪهڙا آهن؟
    3. مادري ٻوليءَ موجب انگن اکرن ۾ جن ٽولن کي ظاهر ڪيو ويو آهي، اهي لساني ٽولا سڏبا يا نسلي ٽولا ؟
    ليکڪ ۾ جيڪڏهن ذري جيتري به علمي فضيلت موجود آهي، ته پوءِ آءٌ اميد رکان ٿو ته هو هڪ مضمون وسيلي ان موضوع کي ساڳي ئي اخبار ۾ لکي ظاهر ڪندو.
    هن مضمون ۾ ليکڪ هڪ لساني ٽولي، هڪ نسلي ٽولي ۽ هڪ قوم ۾ فرق کان شعوري طرح نٽائي ۽ انهن کي هم مفهوم نموني پيش ڪري هڪ عملي بي ايماني ڪئي آهي.
    مادري ٻوليءَ جي بنياد تي انگ اکر ڏئي انهن کي نسل سڏڻ ۽ اهڙيءَ طرح سنڌ جي ڌرتيءَ تي سنڌي قوم ۾ سمائجي ويل اردو، پنجابي، سرائيڪي، بلوچي وغيره مادري ٻوليون ڳالهائيندڙ آباديءَ کي سنڌي قوم کان خارج رکي سنڌين کي هڪ اقليت جي ويجهو پهتل نسل يا لساني قرار ڏيڻ دانشوارنه سازش کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي.
    سنڌ ۾ اڄ به ۽ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ به ڪيترائي ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ انگريزي، پارسي، اردو، بلوچي، پشتو، پنجابي، سرائيڪي يا سنڌي ڳالهائيندڙ هئا پر اهي قوم جي حيثيت ۾ سنڌي هئا ۽ آهن ۽ اهي به بنا ڪنهن لساني ساڙ جي پاڻ کي سنڌي ئي سمجهندا هئا ۽ آهن. اصل ڳالهه به اها آهي ته ماڻهو پاڻ کي ڪهڙي قوم جي حوالي سان سڃاڻي ٿو ۽ ڪهڙي قوم جون خصوصيتون ۽ ڪردار رکي ٿو. سنڌ ۽ پنجاب ۾، سنڌ ۽ بلوچستان ۾، سنڌ ۽ پختونخواهه ۾، سنڌ ۽ ڀارت ۾، سنڌ ۽ ايران ۾، ڪيتريون ئي ذاتيون ۽ قبيلا اهڙا آهن جيڪي ساڳيو نالو رکن ٿا. قوم هڪ لساني ٽولي، هڪ نسلي ٽولي، هڪ قبيلي وغيره کان گهڻو مٿانهون سماجي ايڪو آهي. ڪيتريون ئي مادري زبانون، ڪيترائي قبيلا، ڪيتريون ئي ذاتيون، ڪيترائي نسلي ٽولا جذب ٿي هڪ قوم کي جنم ڏين ٿا. سنڌي قوم ۾ به ڪيتريون ئي ذاتيون ۽ ڪيترائي قبيلا ملي جلي ويا آهن. هڪ قوم لاءِ شرط هڪ مادري ٻولي جو نه، پر هڪ گڏيل ٻوليءَ جو آهي. سنڌ ۾ اڄ به ڪيتريون ئي ذاتيون ۽ ڪيترائي قبيلا مختلف مادري ٻوليون ڳالهائن ٿا، پر سندن گڏيل ٻولي سنڌي آهي جيڪا سنڌ ڌرتي جي حوالي سان کين سنڌي قوم جو فرد بنائي ٿي. هنن جو رشتو ناتو، اپت کاپو، مفاد ۽ ڪردار سنڌ سان ڳنڍيل آهي. اهي هڪ ذات، قبيلي ۽ نسلي يا لساني ٽولي جي حيثيت ۾ گڏجي سنڌ، سنڌي ٻولي سنڌي مفادن خلاف ڪنهن به قسم جي سازش، فتني بازي ۽ غداري نه ٿا ڪن. (هتي اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ڪجهه فردن جو ذاتي، انفرادي ڪردار گهٽ وڌ ٿي سگهي ٿو.) ساڳي ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهو علائقائي فرق جي ڪري ٻه يا اڃا به وڌيڪ قومون ٿي سگهن ٿا (جيئن عربي ٻولي ڳالهائيندڙ ڪيتريون ئي قومون آهن) ته مختلف مادري ٻوليون ڳالهائڻ باوجود ڌرتيائي ايڪي جي ڪري اهي هڪ قوم به ٿي سگهن ٿا (جيئن سوئس قوم آهي). ان ڪري جڏهن به لفظ قوم، نسل يا ٽولو اچي تڏهن انهن لفظن جو حقيقي مطلب ضرور سمجهڻ گهرجي. هر قوم کي هڪ ڊگهو تاريخي پس منظر، گڏيل ٻولي، ڌرتيءَ جو مخصوص ٽڪرو، گڏيل قومي، سياسي، اقتصادي مفاد ۽ ڪردار هوندو آهي، جنهنڪري منجهن گڏجي رهڻ جو جذبو پيدا ٿي پوندو آهي. اهو هڪ فطري عمل آهي.
    ڪڏهن ڪڏهن ان فطري ۽ تاريخي عمل کي مخصوص مفاد رکندڙ ٽولا ارادي سان زوريءَ عمل ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪندا آهن جيئن هن وقت گورا آميريڪي ۽ صيهوني اسرائيلي آهن. گورا آميريڪي ۽ صيهوني اسرائيلي آهن. جيڪڏهن دهليءَ جا ٺڳ به هجن ته ٺهي پوندو ڪٽر گروهه پرست دهشتگرد ٽولو، جيڪو زوريءَ، غير تاريخي انداز ۾، هڪ ڪوڙي قوم جي دعويٰ ڪري، سپر پاور قبضي گير حق ڄمائڻ گهري ٿو، جنهن لاءِ هو دهشتگرديءَ، قتلام، ڪوڙ ۽ پروپئگنڊا جو سهارو وٺي ٿو.
    جيڪڏهن سنڌ مان ناجائز ۽ غير قانوني رهاڪن کي ڪڍيو وڃي، سنڌ ۾ صحيح نموني آدمشماري ڪئي وڃي ۽ بدنيتيءَ سان مادري ٻوليءَ جي بنياد تي سنڌي قوم جي وڍ ڪُٽ نه ڪئي وڃي ۽ اسان مان هر هڪ پنهنجي پنهنجي سگهه آهر سنڌي قوم جي عوامي سجاڳيءَ ۽ ٻڌي لاءِ جاکوڙ ڪري، ته ڪو سبب ناهي جو سنڌي اقليت ۾ بدلائي سگهجن ۽ سنڌين کي سنڌ جو وري عملي وارث ۽ بااختيار ٿيڻ کان رنڊائي سگهجي.
    هاڻي ڇو نه اهو جاچجي، ته سنڌ يا پاڪستان ۾ نسلي ساڙ پيدا ڪرڻ جو حقيقي سبب ڪهڙو آهي؟
    پاڪستان ٺهڻ وقت هن علائقي ۾ جيڪا وڏي تبديلي آئي، اها هئي لکين ماڻهن جي لڏ پلاڻ ـــــ ڀارت جي ڪجهه علائقن مان اردو ڳالهائيندڙن جي پاڪستان ڏانهن ۽ پاڪستان حڪومت هيٺ آيل علائقن مان هندو مذهب رکندڙن جي ڀارت ڏانهن. ان وقت تائين هن سڄي ننڍي کنڊ ۾ ڪنهن به لساني يا نسلي جهيڙي جي خبرچار نه ٿي ملي ۽ سڏيو ويندڙ مذهبي جهيڙو ننڍي کنڊ ۾ جيڪڏهن موجود هيو ته اهو انهن علائقن ۾ جتي اردو ڳالهائيندڙ رهندا هئا ـــــ يُو پي، سِي پي ۽ بِهار ۽ سنڌ ۾ ماڻهو مادري ٻولي ڪهڙي به ڳالهائيندا ها پر سڀ قومي سڃاڻپ جي حوالي سان سنڌي هئا.
    پاڪستان ٺهندي ئي پهريون وڏو ڦڏو سنڌ کان ڪراچي کسڻ جي سلسلي ۾ ٿيو. سنڌ جي احتجاج باوجود سنڌ ڏانهن لڏپلاڻ بند نه ٿي، سنڌ جي مال ملڪيت تي قبضي بازي شروع ٿي ۽ سنڌ جون زمينون ۽ ڪارخانا ڌارين جي حوالي ڪندي سنڌ اسيمبليءَ جو اپمان ڪيو ويو.
    ان کان پوءِ اقبال جعفر صاحب جي لکڻ موجب، اڪيلي قومي ٻولي طور ڀارتي حڪومت هنديءَ کي مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اسان ڪوشش ڪئي ته اردو مقرر ٿئي. ان کان پوءِ سنڌ ۾ مني صديءَ کان رائج قومي ۽ سرڪاري ٻولي ــــــ سنڌيءَ ــــــ ۽ بنگال ۾ بنگاليءَ خلاف نفرت جو کرو تپايو ويو، انهن جي طرز معاشرت، تهذيب ۽ ثقافت تي گند اڇاليو ويو ۽ نيٺ ون-يونٽ ڪري سنڌيءَ کي ميساريو ويو. جمهوري عمل کي سازشن جو شڪار بنائي مارشل لا مڙهيو ويو ۽ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي جائز حقن جي گُهر ڪندڙن کي چٿڻ لاءِ هٿياربند قوتن جي ڇانوَ هيٺ سنڌين خلاف ”پنجابي-مهاجر-پٺاڻ متحده محاذ“ ٺاهيو ويو. ساڳي ئي قسم جو مهاجر فرنٽ بنگالين کي چٿڻ لاءِ اوڀر پاڪستان ۾ انهن ٺاهيو جن کي اڄ ڪلهه بِهاري سڏجي ٿو.
    بنگلاديش کي انهن جِجُن مان جند ڇڏائڻ لاءِ ڏاڍي وڏي قرباني ڏيڻي ۽ سيکت سهڻي پئي، جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ ۾ بحال ڪرڻ کان رنڊائڻ لاءِ سنڌين خلاف زبردست دهشتگردي ڪئي وئي جنهن کي نالو ڏنو ويو ”سنڌي-مهاجر جهيڙو“ يا لساني جهيڙو. ڳجهه ڳوهه ۾ مهاجرستان يا اردو ديس جي مهم هلائي وئي، جنهن موجب ڪراچيءَ تي قبضو ڪرڻو هو.
    ضيائي مارشل لا ختم ڪرڻ لاءِ سنڌين هڪ وسيع جمهوري جدوجهد هلائي، ته سندن قومي جمهوري شعور کي چيٿاڙڻ لاءِ ويهارو کن مهاجر تنظيمون، ٻه ٽي پنجابي تنظيمون ۽ ٻه ٽي پٺاڻ تنظميون ٺاهيون ويون، جن ۾ مهاجر قومي موومينٽ (م ق م) ۽ پنجابي-پختون محاذ کي ايجنسين وسيلي مضبوط بنايو ۽ ڌاڙيلن جو هڪ لشڪر ٺاهيو ويو. دهشتگردن جڏهن 1986ع کان 1990ع تائين سنڌين جو ڪوس ڪيو، ته ان کي نالو ڏنو ويو ”نسلي جهيڙو.“
    مقامي دهشتگردن جڏهن خود ايجنسين کي چَڪ پائڻ شروع ڪيا تڏهن ان ۾ سنهي ڦڙڦوٽ وجهي، ڪجهه دهشتگردن کي هيڏي هوڏي ڪري، ان کي ڪجهه ڌوئي پوئي، پاڪ پوتر بنائي نئين روپ ۾ آڏو آندو ويو آهي.
    انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان ۾ جمهوري عمل کي وڌڻ ويجهڻ نه ڏنو ويو، پر ڪير آهي جنهن جمهوريت کي وڌڻ ويجهڻ نه ڏنو آهي ۽ ڪنهن مارشل لا جي ڇانوَ ۾ پنهنجا غليظ ڦورو ۽ قبضي گير مفاد پورا ڪيا آهن.
    ايوب خان ۽ يحيٰ خان جي مارشل لائن کي ڪهڙين افرادي قوتن جي ٽيڪ هئي ۽ ڪهڙين قومن جي عوام انهن جي مخالفت ۾ ويڙهه ڪئي؟ جنرل ضياء جو مارشل لا ڪنهن هڻايو، ڪنهن ان کي مضبوط ڪيو ۽ ڪير هئا جيڪي ان جي مخالفت ۾ وڙهيا؟ پهرئين مارشل لا حڪومت کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪنهن ڪيو ۽ ٻي مارشل حڪومت کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪنهن ڪيو؟
    پهرين صاف سٿري چونڊ ۾ اولهه پاڪستان منجهه اڪثريت سان ڪنهن کٽيو ۽ ٻِي صاف سٿري چونڊ ۾ اڪثريت سان ڪنهن کٽيو؟ انهن جمهوري قوتن جي سرواڻي ڪنهن ٿي ڪئي؟
    پهرين صاف سٿري چونڊ جي نتيجي ۾ سڄي پاڪستان ۾ اڪثريت سان کٽندڙ عوامي ليگ کي ڪنهن حڪومت ٺاهڻ نه ڏنو؟
    جمهوري طريقي سان اڪثريت ۾ ٻئي ڀيرا ٺهيل حڪومت خلاف ڪهڙيون وڳوڙي قوتون ڪم آنديون ويون؟
    ڪير آهن جيڪي هن وقت تائين رڳو ڏاڍ ۽ دهشتگرديءَ جي زور تي مارشل لائن جي جهوليءَ ۾ پليا آهن؟
    جيڪڏهن انهن ۽ اهڙين ٻين ڪيترن ئي سوالن جا جواب ايمانداريءَ سان ۽ حقيقت جي روشنيءَ ۾ ڏنا ويندا، ته پوءِ مجرم پاڻ ئي اگهاڙا ٿي پوندا.
    اقبال جعفر صاحب ۾ جيڪڏهن ٿورڙي به علمي فراخدلي، فضيلت ۽ همت هوندي، ته پاڪستان ۾ نسلائپ جون پاڙون ڳولڻ لاءِ ڇاڇر ۾ ڇيرون ڪرڻ ۽ هن يا هن تي تهمت هڻڻ بدران، پاتال ۾ پيهي وڃي حقيقي ڏوهارين کي ڳولي لهندو.

    (ڇپيل: روزاني ”جاڳو“ ڪراچي، 13 ڊسمبر 1992)


    آخري پنو


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 344911
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 142358
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ