ڪتاب جو نالو: لڙڪن جي زبان
مصنف: عبدالحق ساريو
ڇپائيندڙ: سرسوتي ساهت گهر، ڏوڪري
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 02 اپريل 2017 ع
پڙهيو ويو: 433 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 145 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
مرحوم عبدالحق ساريو صاحب جي نظمن جو ڪتاب ”لڙڪن جي زبان“ حاضر آهي.
هو حساس دل جو مالڪ هو، هن وٽ هر انسان جو مرتبو اعلى درجي جو هو. هن وٽ ڪنھن ذات پات، مذهب، نسل ۽ دولت جي بجاءِ هڪ محبت جو پوتر جذبو هو. جنھن انسانن سان محبت جا ڪيترائي مثال قائم ڪري ڇڏيا هئا. هو جڏهن پنھنجو اظھار لفظن سان نه ڪري سگهندو هو، تڏهن قلم ۽ لڙڪن جي زبان هن جي اظھار جو وڌيڪ بھتر ۽ مؤثر ذريعو هئا. هو فطرت، سماج ۽ حضرت انسان جي پوڄا جي حد تائين احترام رکندو هو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب جا حق۽ واسطا
  • انتساب
  • پبلشر جي ڊيسڪ تان
  • عبدالحق ساريو جو مختصر تعارف
  • سائين عبدالحق ساريو : وِڇڙيو آهي وِسريو ناهي
  • منهنجو آئيڊيل (Ideal): ”منهنجو بابا سائين“
  • مھاڳ : ساريي جي سارَ ۽ سندس لـُڙڪن ڀنل شاعري
  • Adieu!
  • نظم

  • زنده رهڻ جو حق
  • Diplomacy-ڊپلوميسي
  • مسافر پکي
  • وساري نه سگھندس
  • دعــا
  • نفرتون
  • پٿرن سان پيار
  • جفائن سان پيار
  • دستڪ
  • ڀيانڪ ۽ ڌنڌلو
  • چاندنيءَ جو نور
  • لهولهان
  • اڃ
  • دل جو بار
  • بڙ جي گھاٽي ڇانو َ
  • من جو سرسبز وڻ
  • فَرق ُ
  • ڪچو گھڙو
  • ٿوهر آڇيندڙ هٿ
  • اوسيئڙو
  • شهزادي
  • جيون
  • صدين جو ٿڪ
  • خوشيون ۽ بهارون
  • سپر مارڪيٽ
  • شــفــا
  • مصلحتن جو لباس
  • نٽهڻ اس
  • موت ۽ حيات
  • لڙڪن جي زبان
  • پرتوو
  • رنگ اڌارا
  • ڪاسائي
  • معصوم حسرتون
  • سفيد لباس
  • ڪمپرومائيز-Compromise
  • وفا جي مهڪ
  • زندگي
  • تقدس
  • سحر
  • مسڪراهٽ
  • الوداع
  • ڳڀا ڳڀا
  • حسين نانءُ
  • ڪيهون
  • زخمي مور
  • توکان پوءِ
  • زندگيءَ جو الميو
  • توبن
  • تو پڄاڻان
  • ٻيو جيون
  • ڪاڙهو
  • خانه بدوش ٿي ويل خواب
  • مـوٽ
  • ڌرتي دوزخ جو ڏيک
  • سپنن جا گلاب
  • اعــلان
  • ايڪويهين صديءَ جو الميو
  • تهذيب يافته دنيا
  • ماتم ڪندڙ ماءُ
  • ڪهڪشان ۾ بسيرو
  • محبت ڪڏهن مرڻي ناهي
  • ڪائنات جي دلڪشي
  • ڪجھه به نه بچيو آهي
  • جنم ڏڻ
  • گلاب پتيون هِن وِکريون
  • صدين جي اڃ
  • ننڍي کنڊ جو ماتم
  • ڌرتيءَ جو نوحو
  • تون ۽ مان
  • آڇ
  • موت جي قريب
  • خوابن جو مقتل گاهه
  • بوڪ ليٽ
  • الوداعي ملاقات
  • سندر ساڀيان
  • رُڪ اسٽيشن
  • منهنجا نيڻ ڀنڀور
  • روم ۽ نيرو
  • نظر انداز
  • وقت جا سفاڪ ڪُنَ
  • صدين جا مالڪ
  • مصر جي بازار
  • لازوال گيت
  • “Valentine Day”
  • شڪتي ۽ مڪتي
  • عادي زبان
  • جاڳ ۽ ساڀيا
  • وڇوڙي جو درد
  • سپنن جا ستارا
  • تو بن زندگي
  • غـرق
  • ڪفارو
  • سندرتا جو نور
  • ياد ۽ موسم
  • وفا جا رابيل
  • ساٿ جا پوپٽ
  • سنڌوءَ جي پوڄا
  • اعتبار جي چيچ
  • چپن جي مَڌُ
  • جيون جي ٻيڙي
  • دعائن جو محور
  • طواف
  • سراب
  • مستجاب
  • فلسطين سڏڪي رهيو آهي
  • جيون جي سُڌَ
  • مضطرب روح
  • ڪوڙهيل رسمون
  • لُڇَ پـُڇَ
  • جيون جو رولو
  • آس نراس جي سرحد
  • جوڪ
  • ڪبير گناهه
  • موت
  • تو سوا مرڻ به ناهي وس ۾
  • جيون مُهين دڙي جو اسٽوپا
  • اڪيلائين جو عذاب
  • ٻاٻيهو
  • زنـدگـي
  • نئون کنيل ٻَارِ
  • چوٿين اپريل جو سِجُ
  • مسيحا جيون ۾ ڪو، اتساهه نه هو، اڻ کٽ درد، گهاٽي ڪوهيڙي وانگي، سموري وجود کي ويڙهي ويو رهيو. ڊگهي سزا مليل قيديءَ جيان، لمحو لمحو روح کي ڏنڀيندو هو. چوڏس وکريل ڪروڌ، اوپرائپ ۽ کهرائپ، هر ماڻهوءَ کان ملي جنھن منهنجي من اندر کي وڍ ڏنا. اڪيلايون ئ
  • تون
  • ٿوهر جو گل
  • وجود
  • دل جي تڙپ
  • سوچ جو محور
  • لڪير
  • انتظار جا بادل
  • ٽمندڙ لڙڪ
  • موٽ
  • ياد جا پير!
  • وفا جي مهڪ
  • لهو لهو ٿيل احساس
  • ويران ۽ ٻُسي زندگي
  • بي رخي
  • زهره
  • تو بنا
  • رڃ ۽ رڙيون
  • مرگھه ترشنا
  • آدرشي تهذيب جي وارث سنڌ
  • دل رت ۾ وهنتل آهي
  • آخري چڻنگ
  • سوليءَ چڙهيل آدرش
  • ڪائنات جي سونهن
  • سونهن راڻي
  • خـواب
  • ڪوه ڪاف جون پريون
  • ناڪام حسرتون
  • مرليءَ جا سر
  • مٺاس
  • پوڄا
  • خوشفهمي
  • الودائي نظم

  • ڪتاب جا حق۽ واسطا

    هن ڪتاب جا حق ۽ واسطا عام ڪجن ٿـا

    ڪتاب جو نالو : لڙڪن جي زبان
    موضوع : شاعري
    شاعـر : عبدالحق ساريو
    ڇاپو : پھريون
    ڳاڻيٽو : هڪ هزار
    سال : 15-فيبروري 2016ع
    ڇپائيندڙ : سرسوتي ساهت گهر - ڏوڪري، ضلعو لاڙڪاڻو

    مُلھه : 150 روپيه


    رابطي لاءِ:
    عيسى ميمڻ: 7553879-0333


    (هي ڪتاب ادل سولنگي ۽ علي بخش پٺاڻ سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري پاران
    ڪراچي مان ڇپرائي لاڙڪاڻي مان پڌرو ڪيو)


    انتساب

    شهيد پروفيسر علي ڏنو شر
    جي نانءِ،
    جيڪو بيرحم گوليءَ جو
    بيڏوهي نشانو بڻيو.

    پورب ئي مارياس، ڪنھن دَرِ ڏيان دانهڙي،
    مَتيون ڏيندي لوڪ کي، چَري پاڻ ٿِياس،
    جنھين نه جيهاس، لَنئون لڳي تِن سين.
    (شاهه عبداللطيف ڀٽائي)

    عبدالحق ساريو


    پبلشر جي ڊيسڪ تان

    مھين جي دڙي جي زمين جيتري ثقافت جي ڏس ۾ سنڌ سميت سڄي دنيا جي امامت ڪري رهي آهي اوتري سائنس، ادب ۽ فنونِ لطيفه ۾ پڻ مثالي رهي آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌو جي ڪپ تي (مھين جو دڙو) دنيا ۾ پھريون، پھريون ”ويد“ لکيا ويا، جيڪي اڄ به ادب جو شاهڪار آهن. دڙي جي کوٽائيءَ مان ان دؤر جي سائنسي ترقي، ڏاهپ ۽ فنِ مھارت جو جلوو پڻ پسي سگهجي ٿو. اڄ به پنج هزار سـال قـديـم تـھـذيــب جـي آسـپـاس ۾ رهـنـدڙ مـاڻـهـن جـي عـلـم، ادب ۽ فـنـونِ لـطـيـفـه جا رنگ نکريل نظر اچن ٿا. دڙي جي اولهه ۾ ايشيا کنڊ جي ڏاهي ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻيءَ جو جنم پڻ پنج هزار عظيم تھذيب جو تسلسل نظر اچي ٿو. ڪامريڊ سومرو جنھن لاءِ بنگال جي قومي رهنما رابندر ناٿ ٽئگور ”Man from Moen Jo Daro“ جھڙا سونھرا لفظ ارپيا هئا. اڄ اهو ڪامريڊ سوڀو پڻ سنڌ جي زرخيز مِٽيءَ جو اهڃاڻ ”Symbol“ بڻجي ويو آهي.
    انھيءَ ڪامريڊ سوڀي جڏهن سياست ۽ ادب جا ڏيئا ٻاري پنھنجو سفر شروع ڪيو هو، ان وقت ڪنھن به نه ٿي ڄاتو ته سندس ڳوٺ ۾ هڪ تعليم ۽ ادب جو چراغ ٻري اٿندو، جنھن کي عبدالحق ساريو جي نالي سان سڃاتو ويندو. عبدالحق ساريو جيڪو مزاجن سنڌ جي دراوڙي نسل جو ماٺيڻو، سلڇڻو ۽ پيار توڙي محبت جو ڀنڊار هو، ان جي اندر ۾ خوبصورت شاعر، خوبصورت خيالن ۽ سوچن جو پکي هميشه پرواز ڪندو رهيو. سندس نفاست ۽ نرم مزاجيءَ سندس شاعريءَ ۾ پڻ جهلڪندي نظر اچي ٿي. عبدالحق ساريو جي آزاد نظمن جي هر سِٽَ هانءَ ۾ کُپي ٿي وڃي. ان جي خيالن کان متاثر ٿيڻ کان رهجي نه ٿو سگهجي.
    ان ڪري اسان اداري پاران اهو فيصلو ڪيوسين ته عبدالحق ساريو جي شاعري ءَجو ڪتاب سندس پھرين ورسيءَ جي موقعي تي هر حال ۾ ڇپرائي، پنھنجو قومي فرض ادا ڪنداسين. اسان کي اهو به افسوس رهندو ته هي ڪتاب سندس حياتيءَ ۾ نه آڻي سگهياسين. اسان پنھنجي هر ڪوشش جيان هي به ڪوشش ۽ ڪاوش اوهان جي نظر ٿا ڪريون ته اوهان اوهان اسان کي موٽ ڪھڙي ٿا ڏيو. اسان سمجهون ٿا ته سائين عبدالحق ساريي جي شاعري سنڌي ادبي ۾ پنھنجي الڳ جڳهه والاريندي. اسان کي خوشي آهي ته اهڙي املهه ماڻڪ جو پھريون ڪتاب شايع ڪرائڻ جو اعزاز اسان جي اداري کي حاصل ٿيو آهي.
    وڌيڪ لاءِ اوهان جي موٽ جو اوسيئڙو رهندو.

    ادارو
    سرسوتي ساهت گهر، ڏوڪري
    ضلعو لاڙڪاڻو.
    15- نومبر 2015ع


    عبدالحق ساريو جو مختصر تعارف

    عبدالحق ساريو جو مختصر تعارف


    نالو : عبدالحق ساريو
    ولد : فقير راڻو خان ساريو
    جنم جي تاريخ : 9- جولاءِ 1964ع
    جنم جو هنڌ : ڳوٺ گلڻ واهڻ (ٻِنڊي) تعلقو ڏوڪري.
    وفات جي تاريخ : 15-فيبروري 2015ع
    تعليم : ايم.اي اردو-1993ع
    شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور.
    بي.ايڊ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد- 1995ع .
    اولاد : 4 پٽ، 7- نياڻيون
    لکڻ جي شروعات : 1997ع کان باضابطه لکڻ جي شروعات
    لکڻ جو موضوع : شاعري، ڪھاڻي، مضمون، ڪالم
    ڪرت : J.S.T 1993ع کان 1997ع تائين.
    ليڪچرار (اردو) 1997ع کان 15- فيبروري 2015ع تائين.
    ڇپيل ڪتاب : سنڌي شاعري ”لڙڪن جي زبان“ 2016ع .
    (اردو شاعري جو مجموعو ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ آهي.)

    تنظيمي سرگرميون:
    سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري سان 1997ع کان وفات تائين .
    جوائنٽ سيڪريٽري ۽ ڪائونسلر مختلف وقتن تي.
    SPLA ۾ 1997ع کان ميمبر مرڻ گهڙيءَ تائين.
    ڳوٺ سڌار سنگت ڳوٺ ٻنڊي جو بنيادي ميمبر 2011ع کان.
    ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي لائبريري ٻِنڊي جو بنيادي ميمبر.

    تعارف: منير ”ايس“ سومرو


    سائين عبدالحق ساريو : وِڇڙيو آهي وِسريو ناهي

    هن ڪتاب ”لڙڪن جي زبان“ تي هي ٻه اکر به اصل ۾ سائين عبدالحق سارئي کي ئي لکڻا هئا، پر ساڻس زندگيءَ وفا نه ڪئي جو هي سندس جيئري ئي پورهيي جي ساڀيان ڏسي نه سگهيو. موت وحشي عقاب پکيءَ وانگر زندگيءَ تي هر وقت لامارا ڏيندو ٿو رهي، خبر ناهي ڪير ۽ ڪڏهن هن جي وحشي چنبن جي ور چڙهي، هزار خطرن هوندي به زندگيءَ جو سفر جاري رهڻو آهي ۽ جاري رهيو آهي. موت زندگيءَ کي شڪست ڏئي به نه ٿو سگهي. ڇاڪاڻ ته حضرت انسان زنده رهڻ لاءِ ڪيترائي جواز پيدا ڪري ورتا آهن. ”تخليق“ ۽ ”ڪردار“ به خود موت کي شڪست ڏيڻ لاءِ انسان جي پيداوار آهن. انسان مري وڃي ٿو پر سندس تخليق ۽ ڪردار کيس هميشه امر بڻائن ٿا. سائين عبدالحق سارئي تخليق ۽ ڪردار جي ذريعي سماج ۾ پنھنجو الڳ مقام ٺاهي ورتو آهي. اهو مقام ڪڏهن به موت کان شڪست نه ٿو کائي سگهي.
    هي حساس دل جو مالڪ هو، هن وٽ هر انسان جو مرتبو اعلى درجي جو هو. هن وٽ ڪنھن ذات پات، مذهب، نسل ۽ دولت جي بجاءِ هڪ محبت جو پوتر جذبو هو. جنھن انسانن سان محبت جا ڪيترائي مثال قائم ڪري ڇڏيا هئا. هو جڏهن پنھنجو اظھار لفظن سان نه ڪري سگهندو هو، تڏهن قلم ۽ لڙڪن جي زبان هن جي اظھار جو وڌيڪ بھتر ۽ مؤثر ذريعو هئا. هو فطرت، سماج ۽ حضرت انسان جي پوڄا جي حد تائين احترام رکندو هو. هن کي ان سماج جي منافقتن ۽ روين ان حد تائين ايذايو هو جو هن مذهب ۾ پناهه ورتي هئي نه ته هي روشن خيال ماڻهو هو، جنھن جي شعور توڙي عمل ۾ ڪامريڊ سوڀي جا اثر هئا پر جڏهن انسان سماج سان وڙهڻ جو ست ساري نه سگهندو آهي تڏهن اهو گهڻي قدر ڪنھن نشي يا مذهب ۾ ئي پناهه وٺندو آهي. هن مذهب ۽ نشي ۾ پناهه ورتي هئي، تنھن باوجود به هن پاڻ کي ڪڏهن پرسڪون نه بڻائي سگهيو هو!!
    هي جيڪو سماج جي خوبصورت اڏاوت لاءِ هميشه ڪوشان رهيو. هن ڪڏهن پنھنجي تر ۾ علم جون ڏياٽيون روشن ڪيون ته ڪڏهن لائبريري قائم ڪري سماج کي ٻين برائين کان بچائي، روشن راهه ڏسڻ لاءِ متحرڪ رهيو. هن جي اندر ۾ سدائين هڪ تڙپ رهي. جيڪا تڙپ هن کي سدائين عمل ۾ رکڻ لاءِ تڙپائيندي رهي هئي. هن جڏهن پنھنجي اظھار لاءِ قلم جو سھارو ورتو هو تڏهن سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ ۾ پنھنجو ادبي ٺڪاڻو قائم ڪيو هئائين. جيتوڻيڪ اُتي به هن کي روين جو شڪار بڻجڻو پيو هو تڏهن به هن ڪنھن کي ميار ڏيڻ بجاءِ ڪُنڊائتو ٿيڻ کي پسند ڪيو هو.
    هن کي شاعريءَ جا ڀلي گُرَ نه ايندا هجن پر پوءِ به هن جي شاعري ۾ اظھار جو زبردست ڏانءُ آهي. جيتوڻيڪ اسان جا ڪجهه ڏاها ”آزاد نظم“ کي شاعري ئي نه ٿا سمجهن پر شايد انھن بي سمجهه سمجهوئن کي ڄاڻ ناهي ته جڏهن شاعر وٽ اظھار ڪرڻ لاءِ زبردست خيال موجود هجن ته اهو اظھار ڪنھن حدبندين جو محتاج ناهي هوندو. ٽي ايس. ايلٽ کان وٺي رابندر ناٿ ٽئگور، توڙي شيخ اياز کان عبدالحق سارئي تائين آزاد نظم ۾ هنن زبردست اظھار ڪيو آهي.
    سائين عبدالحق ساريو جڏهن هو هاڻ اسان جي وچ ۾ موجود نه آهي تڏهن به سندس يادون، تخليق ۽ ڪردار اسان جي وچ ۾ موجود آهن. هي ڪتاب اسان جو ساڻس محبت جو هڪ اظھار به آهي ته اسان جو فرض به آهي. هن ڪتاب کي آڻڻ ۾ سائين عبدالحق سارئي جي لائق فرزند ڊاڪٽر امتياز سارئي جو خاص ڪردار آهي. ڪتاب جو مھاڳ لکڻ لاءِ سنڌ جي نامياري شاعر، اديب ۽ ڪھاڻيڪار سائين محمد علي پٺاڻ جا لک احسان آهن جنھن اسان جي حجت کي مانُ ڏيندي ۽ جلد کان جلد مھاڳ لکي ڏنو، حقيقت ۾ سندس مھاڳ ڪتاب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن. ٻه اکر لکي ڏيڻ لاءِ پروفيسر ڄام جمالي جا به ٿورا جنھن پنھنجي دوست کي لفظن جي صورت ۾ ڀيٽا ڏني آهي. اميد اٿئون ته هي ننڍڙي ڪاوش ئي سھي، اوهان وٽ گهربل مانُ ضروري ماڻيندي.

    (لاڙڪاڻو 5- نومبر 2015ع)


    منهنجو آئيڊيل (Ideal): ”منهنجو بابا سائين“

    سنڌ جي قديم تھذيبِ يافته مُھين جي دڙي ويجهو ڳوٺ گلڻ واهڻ (ٻِنڊي) ۾ 9- جولاءِ 1964ع تي جنم وٺندڙ پروفيسر عبدالحق ساريو هڪ پورهيت، راڻي خان جو پٽ هو. جنھن جي امڙ ٻنھي پيرن کان معذور هئي، امڙ جي پيرن جون کُڙيون ته زمين کي سڄي عمر ڇُھي نه سگهيون هيون پر هن جي همت آسمان کي ڇھي ڏيکاريو هو. اُها پنھنجي پٽ کي روز تيار ڪري ناشتو ڪرائي اسڪول موڪليندي هئي. پروفيسر عبدالحق ساريو پنھنجي ابتدائي تعليم ڳوٺ گلڻ واهڻ جي سرڪاري اسڪول مان حاصل ڪئي هئي. پنھنجي انگريزي تعليم مُھين جي دڙي جي سرڪاري اسڪول مان حاصل ڪئي. اُن کانپوءِ يارهين ۽ ٻارهين جي تعليم لاڙڪاڻي جي ڊگري ڪاليج مان حاصل ڪئي، جنھن کانپوءِ پنھنجي بيچلر (B.A) جي ڊگري شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان حاصل ڪئي. 1989ع ۾ مسجد (Mosque) اسڪول ڳوٺ بھڻ تعلقه ڏوڪري ۾ ٽيچر ٿي خدمتون سرانجام ڏيڻ شروع ڪيون. 1993ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول باڊهه ۾ جونيئر اسڪول ٽيچر (J.S.T) طور تعليمي خدمتون ڏنائين. 1997ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ اردو ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچرار طور پڻ خدمتون سرانجام ڏنائين.
    بابا سائين، هڪ انسان دوست ماڻهو هيو. ننڍن سان پيار ڪندڙ ۽ وڏن سان عزت ۽ احترام سان پيش ايندو هو. ڪيترن ئي غريب ۽ بي پھچ شاگردن جي مدد ڪري اُنھن کي منزل تائين پڻ پھچايائين.
    ڳوٺ جا اڪثر ماڻهو پنھنجا دفتري، تعليمي، صحت ۽ سماجي مسئلا بابا سائينءَ سان شيئر ڪندا هيا ۽ هو اُنھن جي هر ممڪن مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. نه ڏينھن ڏسندو هو ۽ نه وري رات. جيئن لطيف سائينءَ جي چوڻي آهي ته ”تـَتيءَ ٿـَڌيءَ ڪاهِه، ڪانهي ويلَ ويھَڻَ جي.“، ڳوٺ ۾ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي نالي سان هڪ لائبريري پڻ قائم ڪيائين ۽ ڊيوٽي کان بعد گهر ۾ شام جي وقت ڳوٺ جي ٻارن کي مفت تعليم ڏيندا هئا ۽ کين ڪتاب ۽ قلم سان تمام گهڻو پيار هوندو هو. آزاد نظمن جو شاهڪار هو، ڪالم، ڪھاڻيون ۽ شاعري جو شوق ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ مرحوم پروفيسر عبدالرزاق مھرجيڪو پڻ وڏو ڪھاڻيڪار ۽ اديب هو، جي صحبت ۾ پيدا ٿيس. اُن پنھنجي اولاد ۽ ڀرپاسي جي سڀني ڳوٺ جي ماڻهن کي بھترين تعليمي ماحول مھيا ڪيو جنھن جي نتيجي ۾ ڪيترائي نوجوان ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ آفيسر ٿيا.
    بابا سائين، ”ساريو ڪميونٽي“ جي تعليمي يافته ماڻهن سان گڏجي ڪري هڪ تنظيم ”ساريو ويلفيئر آرگنائيزيشن“ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. اُن آرگنائيزيشن جو مقصد غريب، پورهيت، مزدور ۽ هارين جي تعليمي، سماجي، سياسي ۽ صحت جي شعبن ۾ مدد ڪرڻ هو.
    بابا سائين تمام گهڻو مھمان نواز هو، دوستن سان تمام گهڻو پيار ڪندو هو. جڏهن به ڪو لاچار يا مجبور ماڻهو وٽس ايندوهيو ته پنھنجي ضرورتن کي محدود رکي ڪري به اُن جي مالي مدد پڻ ڪندو هو. بابا جي خواهش هئي ته پنھنجي زندگيءَ ۾ پنھنجي تخليق کي ڪتابي شڪل ڏئي سگهي، پر پنھنجي سموري پگهار پنھنجي اولاد، غريب، مزدورن ۽ لاچارن جي جائز مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ خرچ ڪري ڇڏيندا هئا، جنھن ڪري سندس اها خواهش اڌوري رهجي ويئي.
    بابا جو چوڻ هو ته پنھنجي لاءِ ته هر ڪو جيئندو آهي، پر ٻين لاءِ جيڪو جيئندو اُهو ئي حقيقي انسان آهي. منھنجو خواب آهي ته بابا جي نقشِ قدم تي هلندي اُن جي رٿيل ۽ سوچيل ڪمن کي پنھنجي منزل تائين رسايان.
    بابا سائين جو هي ڪتاب ”لڙڪن جي زبان“ جي نالي سان جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي، هن ڪتاب متعلق بابا سائين کي هميشه اُڻ تڻ هوندي هئي ۽ سندن دلي خواهش هئي ته هي ڪتاب سندس جيئري ئي ڇپجي، پر نه زندگيءَ کيس مناسب وقت ڏنو ۽ نه ئي وري مھلت ڏني. افسوس جو ان جي جيئري هي ڪتاب اچي نه سگهيو. بابا جي وفات بعد اسان جي ڀاءُ عيسى ميمڻ جي ڪوششن سان هي ڪتاب ”لڙڪن جي زبان“ اوهان تائين پھتو آهي. جيڪڏهن عيسى ميمڻ هن ڪتاب جي ڇپائيءَ جي سمورن ڪمن ۾ دلچسپي نه وٺي ها ته هوند بابا جو هي پورهيو ضايع ٿي وڃي ها. آءٌ تھدل سان عيسى ميمڻ سميت سڀني دوستن جو شڪرگذار آهيان جن هن ڪتاب کي اوهان جي هٿن تائين پھچائڻ ۾ سھڪار ڪيو.

    ڊاڪٽر امتياز ساريو
    ڳوٺ گلڻ واهڻ (ٻِنڊي)
    تعلقو ڏوڪري.
    30-آڪٽوبر 2015ع


    مھاڳ : ساريي جي سارَ ۽ سندس لـُڙڪن ڀنل شاعري

    ڌنڌلو ڌنڌلو ياد ٿو پويم 1980 ع جي ڏهاڪي جو شروعاتي زمانو، جڏهن مشهور اديب، صحافي ۽ نقاد هدايت منگيءَ جي ننڍڙي ڳوٺ بگيءَ ۾ سندس ننڍي ڀاءُ، شاعر ۽ سوشل ورڪ ۾ اڻ ڳڻيون خدمتون انجام ڏيندڙ پنھنجي ويجهي دوست حاڪم منگيءَ پاران ڳوٺ ۾ قائم ڪيل سنڌي ادبي سنگت جي دستوري توڙي خاص گڏجاڻين ۾ وڃڻ ٿيندو هو ته اتي ماڻهن جي ميڙاڪي ۾ معصوم صورت وارو، عمر ۾ مونکان ڪجهه ننڍو، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي ڳوٺ ٻنڊيءَ لڳ گلڻ واهڻ ڳوٺ جو رهاڪو عبدالحق ساريو اڪثر ويٺل نظر ايندو هو.
    هو ادبي ڪلاسن ۾ تنقيدن لاءِ پيش ڪيل لکڻين تي سدائين لڄارو ٿيندي ”سٺي آ“ يا ”سٺو آ“ جهڙو مختصر جواب ڏيڻ کان ته تِرُ به اڳتي نه وڌندو هو، پر پوءِ جڏهن چانهه جو يا بي ضابطه ڪچهريءَ جو دور هلندو هو، ته به پنھنجي هاٺي ڪاٺيءَ ۾ سنهڙو ۽ سانوِرڙو مڇن جي ريههَ وارو هي ڇوڪرو ”هان “، ”هون“ کان وڌيڪ ڪجهه به ڳالهائي نه سگهندو هو.
    گهڻاگهڻا سال پوءِ جڏهن مان ليڪچرار بڻيس ۽ سڪرنڊ، دادو ۽ رتو ديرو جي ڪاليجن ۾ پنهنجا فرائض انجام ڏئي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج، لاڙڪاڻي ۾ پھتس ته اتي اڳواٽ موجود سنڌيءَ جي ليڪچرار، پنھنجي جگري دوست، سنڌ جي مشهور ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار رزاق مھر سان گڏ ”سنڌي ڊپارٽمينٽ“ بجاءِ اردوءَ جي اڪيلي ليڪچرار منظور قريشيءَ جي ”اردو ڊپارٽمينٽ“ کي بيٺڪ بڻائي ويٺس.
    ائين ڪجهه سال منظور قريشيءَ جھڙي انتھائي کلمک شخص جي سنگ ۽ ساٿ ۾ گذريا ته هڪ ڏينهن هو جوانيءَ ۾ ئي دل جي دوري سبب اجل جي راههَ وٺي اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو!
    ۽ منظور قريشيءَ جي لاڏاڻي کي ڪو گهڻو عرصو نه گذريو ته ان جي خالي جاءِ تي عبدالحق ساريو اردوءَ جي ليڪچرار جو آرڊر کڻي پهتو.
    انوقت مونکي حيرانگيءَ سان گڏ گهڻي خوشي انڪري به ٿي ته نِجُ ٻهراڙيءَ سان واسطو رکڻ جي باوجود عبدالحق ساريي اردوءَ ۾ نه رڳو ايم اي پاس ڪئي هئي، پر پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان به ڪواليفاءِ ڪيو هئائين.
    هاڻي هو اسانجو نه صرف ڪليگ ٿي ويو، پر هوريان هوريان دوستيءَ جي دائري ۾ به داخل ٿي ويو.
    پوءِ هڪ ڏينهن اوچتو هن سان گڏ حاڪم منگي به آيو. جنهن مونکي پاسي تي وٺي وڃي چيو،”ڀائو، هي عبدالحق ساريو ڏاڍو لڄارو آهي. کيس شعروشاعريءَ سان بيحد چاههُ آهي ۽ پاڻ ڪجهه آزاد نظم لکڻ جي ڪوشش به ڪئي اٿائين. جيڪي چاهي ٿو ته توهان جي توسط سان ڪٿي شايع ٿين. انڪري مان هي سندس پارت لاءِ ئي خاص سيڙجي آيو آهيان.“ مون حاڪم کي چيو،”اسانجو ته ڪم ئي ڏيئي مان ڏيئو ٻارڻ آهي. سو تون بي فڪر ٿي وڃ.“
    ان بعد مون باضابطه طور عبدالحق ساريي جا ”آزاد نظم“ پڙهڻ شروع ڪيا ۽ ڪٿي ڪٿي اصلاح جي ضرورت محسوس ٿي ته سندس رضامنديءَ سان اها به ڪيم. جنهن سان گڏ مختلف ادبي رسالن، ڪتابن ۽ اخبارن ۾ هن جي شاعري به موڪلڻ شروع ڪيم. جيڪا جيئن جيئن شايع ٿيندي وئي، ته عبدالحق ۾ لکڻ جو جوش ۽ جنون تيئن تيئن وڌندو ويو.
    سال سوا جي ان سرگرميءَ کانپوءِ مون عبدالحق ساريي کي وزن بحر سيکارڻ جي ڪوشش ڪئي، پرسدائين ناڪامي انڪري نصيب ٿي، جو هن جو ان ۾ پئسي جيترو به سکڻ جو جذبو پيدا ٿي نه سگهيو.
    ۽ جڏهن مون اهو ڏٺو ته پوءِ کيس رڳو ئي ”آزاد نظم“ لکڻ جو چيم. جنهن تي عمل ڪندي هن ڪيترائي ڪاغذ ڪارا ڪري ڇڏيا.
    عبدالحق ساريي جو لکڻ جو هي سلسلو اڳتي هلي مضمون نگاري، ڪتابن تي تبصرا، خاڪن ۽ ڪهاڻيءَ پاسي به وڌيو ۽ هن ان ڏس ۾ ايترو گهڻو لکيو، جو اهو سهيڙجي ته پنج ست ڪتاب جُڙي سگهن ٿا.
    ”لڙڪن جي زبان“ نالي وارو هي ڪتاب، جنهن ۾ عبدالحق ساريي جا رڳو ئي ”آزاد نظم“ شامل آهن ۽ جيڪو هن پنھنجي حياتيءَ ۾ ئي سهيڙي ڇپائڻ لاءِ ”سرسوتي“ ساهت گهر ڏوڪري جي روح روان عيسيٰ ميمڻ جي حوالي ڪيو هو، جڏهن مهاڳ لکڻ لاءِ منھنجي ٽيبل تي آيو ته هو ڄڻ پاڻ منھنجي اڳيان اچي بيهي رهيو.
    ۽ اهڙي مھل ۾ منھنجي ڪيفيت ”لڙڪ نه لکڻ ڏين، ڪريو پون قلم تي“ واري ٿي وئي. مان هن جي ڪُمھلي لاڏاڻي تي دل ئي دل ۾ هڪ ڀيرو ٻيھر ڀڄي ڀُري پيس ۽ سالن جي رفاقت جا ڪيترائي واقعا ۽ يادگيريون ڏک جا ڪارونڀار ڪڪر بڻجي ذهن جي ڪنڊ ڪڙڇ تي ڇانئجي ويا...“
    اڙي، هي هاڻي ته هتِ ويٺو هو. کلڻو ملڻو. ڪيڏا نه ڀوڳ چرچا ٿي ڪيائين. ڪلاس وٺڻ لاءِ تڙ تڪڙ ۾ ڪتاب کڻي ڏسو ته، تيز تيز وکون کڻندو، ذري گهٽ ڊوڙندو پئي ويو.
    ۽ هيءَ بورڊ توڙي امتحانن واري موسم”عبدالحق ادا، منهنجو پٽ...“ ڪو ڪليگ چوندس. ”حاضر سائين، فڪر نه ڪريو...“ عبدالحق پيارا، هي منهنجو ڀاءُ...“ ڪو واقفڪار يا دوست سنگتي منٿ ڪندس. ”پرواههَ نه ڪر...“
    ائين ڪنهن به غرض ۽ لالچ کانسواءِ سڀ سان نڀائڻ وارو. انڪري هن جي دوستن جو حلقو تمام گهڻو وسيع. جتان به گذرندو. هرڪو پيو ”سائين..سائين..“  چوندس. ٻانھن ۾ هٿ وجهي چانهه يا ٿڌو ضرور پيئارڻ کان اڳ ۾ وڃڻ نه ڏيندس.
    ايڏي عزت ۽ مانُ ماڻيندڙ عبدالحق، جنهن جي چھري تي سدائين خوشگواري پئي جهمريون پائيندي هئي، سو نامعلوم سبب جي ڪري اداس اداس رهڻ لڳو، ته ٽاري ٽاري، هڪ ڏينهن ٽاري نه سگهيس ۽ پڇي ويٺو مانس، ”عبدالحق، توکي ٿيو ڇا آهي، جو هيئن غمگين، غمگين رهڻ لڳو آن؟“
    اکيون کڻي مونڏانھن ڏٺائين ته ٻه ڳوڙها اکين جا بند ڀڃي ڳلن تي لهي آيس.
    ”اڙي، تون روئين ٿو چريا.“
    مان سندس چهري کي پنھنجي ڀاڪر ۾ وٺي ڇڏيو ۽  هو سڏڪن ۾ ٻڏي ويو.
    گهڻي دير کانپوءِ جڏهن کيس پرچائڻ ۾ ڪامياب ٿيس  ته روئڻ جو ڪارڻ پڇيومانس. پر هزارين ڪوششن باوجود  ڪجهه نه ٻڌايائين.
    پوءِ ان سُٽ کي سلجهائڻ لاءِ سندس ويجهي دوست ۽ رازدار پروفيسر عبدالودود ميمڻ کان پڇيم ته هميشه وانگر کلندي اهو به ڪجهه ٻڌائڻ کان لنوائي ويو.
    عبدالحق جي ان اداسيءَ واري حالت پوءِ اتي دنگ نه ڪيو ۽ وڌندي وڌندي اهڙي هنڌ پهچي وئي، جو هن جي ويجها رهندڙ سڀ ماڻهو حيران پريشان ٿي ويا.
    هاڻي هو ڪاليج مان گهڻيون موڪلون ڪرڻ ۽ ماڻهن جي گهماگهميءَ کان پري ۽ پاسائتو رهڻ لڳو. پنھنجي مُنهن سان روئڻ ماڻهن کان لڪائي ڳوڙها اگهڻ هن جو معمول ٿي ويو.
    انھن ئي ڏينهن ۾ هڪ نما شام جو فون ڪري چيائين،”سائين، صبحاڻي پنھنجي ڳوٺ ۾ ڪجهه دوستن جي دعوت جو بندوبست ڪيو اٿم، سو اوهان طالب حسين چني (جيڪو منهنجو ۽ عبدالحق جو گڏيل۽ ويجهو  دوست آهي) سان گڏ لازمي اچجو.“
    ۽ دعوت ۾ جو ويس ته ڇا ڏٺم، اندازن سَوَ کان مٿي ماڻهو مدعو ڪيل، جن سائين پڃل شاهه عرف پير متاري جھڙو ٻاجهارو شخص به شامل، (جنهن سان پهريون دفعو ميل ميلاپ ته اتي ٿيو، پر بعد ۾ دوستيءَ جو ناتو اڃان گهڻو گهاٽو ۽ گھرو ٿيندو رهيو آهي) ته پروفيسر منير احمد ڀٽو به پنھنجي ٽولي سميت موجود، جن ۾ ڄام جمالي، عبدالودود ميمڻ ۽ عبدالواحد ميمڻ سميت ڪجهه ٻيا ليڪچرار به شامل، ان کانسواءِ ايڊووڪيٽ عبدالنبي ساريو، حاڪم منگي، ڊاڪٽر عبدالرشيد ابڙو ۽ ٻيا ڪيترائي تَرَ راڄ جا پڙهيل لکيل توڙي اڻ پڙهيل معتبر ماڻهو به هڪيا تڪيا حاضر هئا.
    دعوت جي شروعات ۾ عبدالحق جي گهر مان مختلف ٿانون ۾ پڪل طعام سندس پٽ ڊاڪٽر امتياز، ڀاءُ عبدالرزاق ۽ ٻين پٽن جي هٿان جيئن جيئن پهچندا ويا، ته ڏسندي حيرت جو مانڊاڻ مَن کي وڪوڙي ويو. تڏهن رڙ ڪري اتي ئي عبدالحق کي چيم، ”يار، هي ته شاهي دعوت ٿي وئي.“
    کلندي وراڻيائين،”اوهان سميت هي دوست به ته قيمتي آهن. سو دل ته اڃا به گهڻو ڪجهه ڪرڻ پئي گهريو،. پر جيڪو حال حَبيبان، سو پيش پريان.“
    اندازن لک رپين کان مٿي خرچ واريون اهڙيون ڪجهه ٻيون به دعوتون عبدالحق پنھنجي ڳوٺ ۾ ڪيون. جن ۾ مون سميت لڳ ڀڳ ساڳين ئي ماڻهن شرڪت ڪئي.
    دعوتن وارن انھن ڏهاڙن ۾ منھنجي محبوب دوست انور پيرزادي جي طفيل اسان جي سنگ ۽ ساٿ ۾ آيل دوست ۽ لاکيڻي لطيف جي ڀِٽ جا رهواسي برادي قمبراڻي ۽ الهه رکيو ملاح منهنجا مهمان ٿي آيا ۽ مهين جو دڙو گهمڻ دوران عبدالحق سان جو مليا ته هو کين زوريءَ مون ۽ طالب حسين چني سميت پنھنجي ڳوٺ وٺي هليو ۽ اهڙي خاطر توازح ڪيائين، جيڪا ياد ڪري برادي ۽ ملاح جڏهن ملندا آهن ته عبدالحق جون ساراهون ڪندي نه ڍاپندا آهن...
    انھن جي سِڪ۽ حُب ۾ هڪ ڏينهن مونکي ۽ طالب کي فون ڪري چيائين،”ڀٽائي سرڪار جي صبحاڻي واري جنم ڏينهن تي ڀٽ شاهه هلڻو آهي.“
    اسين سندس ان حڪم نما حُجت کي ٽاري نه سگهياسون ۽ ويگن رستي خيرپور واري پل جو دڳ وٺي ڀٽ شاهه لاءِ نڪري پياسون.
    هي عبدالحق سان منھنجي حياتيءَ جو پهريون ۽ آخري سفر هو.
    اسان موري پهتاسين ته اوچتو الهه رکيو ملاح منھنجي سيل فون تي چيو،”سائين برادي صاحب ۽ مون اوهان جي آمد جو انتظار پئي ڪيو ته اچانڪ برادي صاحب کي دل جو دورو پئجي ويو آهي ۽ مان کيس کڻايون حيدرآباد جي راجپوتانه اسپتال پيو وڃان.“
    الهه رکيي جي ان حادثاتي اطلاع اسان ٽنهي کي پريشان ڪري ڇڏيو ۽ اسان پنھنجي سفر جو رخ الهه رکيي جي گهڻو ئي چوڻ جي باوجود ڀٽ شاهه بجاءِ حيدرآباد ڏانھن ڪري ڇڏيو.
    راجپوتانه اسپتال ۾ برادي قمبراڻيءَ سان ملي منھنجي اکين مان لڙڪن جون لڙهون اڃان ٺهڻ مس لڳيون ته عبدالحق صفا هٿن مان نڪري ويو ۽ کيس ٻار وانگر پرچائڻ ۾ طالب ۽ مونکي ڪيترو ئي وقت لڳي ويو.
    اها رات اسان برادي صاحب سان ئي راجپوتانه اسپتال ۾ گذارڻ پئي چاهي، پر براديءَ سامت ۾ اچڻ کانپوءِ چيو ،”اوهان واپس وڃو ۽ مان ٺيڪ ٿيان ته پوءِ ڀٽ ڌڻيءَ جي ڇانوَ ۾ ئي ڪچهريون ڪبيون.“
    ساڳي رات اسان پوءِ سيوهڻ شريف آياسون. جتي قلندر شهباز جي درگاهه تي هڪ فقير عبدلحق آڏو هٿ ٽنگيو ته هن کيسي ۾ هٿ وجهي هزار رپين جو نوٽ ان جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيو.
    عبدالحق جي اهڙي درويشي ۽ فقيريءَ واري انتهائي حساس ۽ انسان دوست طبيعت جا ٻه مثال ٻيا به منھنجي ذهن ۾ محفوظ ٿيل آهن. جن مان هڪ رزاق مهر جو لاڏاڻو ۽ ٻيو علي ڏني شر جي شهادت. (جنهن کي هي ڪتاب منسوب ڪيو اٿائين)
    وڏي عرصي تائين عبدالحق انھن ٻن شخصن کي ساريندي روئي روئي راههَ پاڻين جا ڀريندو رهيو.
    حياتيءَ جي بعد واري سفر ۾ به عبدالحق انھن مان رڳو ڪنهن جو نالو ئي ٻڌندو هو ته اوٻاڪين پئجي ويندو هو.
    ڪاليج جي نوڪريءَ واري سڄي دور ۾ سواءِ بيماريءَ وارن ڏينهن جي، عبدالحق ڪڏهن به ڪو ڪلاس مِس نه ٿو ڪيو. سياري توڙي سانوڻ صبح جو سوير ئي پنھنجي ڳوٺ مان نڪري ڪنهن نه ڪنهن سواريءَ تي ڏوڪريءَ لڳ چنا پل تي پهچندو هو. جتان ڪڏهن ويگن، ته ڪڏهن ڪوسٽر يا بس ۾ چڙهي ڪاليج ۾، ڪاليج ٽائيم کان به اڳ داخل ٿي ويندو هو.
    ۽ هن جي بيماري وري ڪهڙي؟ يعني شگر يا ذابيطس نه؟ بس، اها اهڙو ته هن ذهن تي حاوي ٿي وئي، جو هو ڀٽائي سائينءَ جي هن بيت،
    اڳي ايئن هُياس، جهوڪَڪ، جهوڙا، ڪتيين،
    هاڻي ايئن ٿِياس، سانجهيئڙي جيئن سُپرين
    جي هوبھو تصوير بڻجي پنھنجي ذات تائين محدود ٿي ويو. محفلون، ادبي سنگتون، ماڻهن جا ميڙاڪا هن کي ڀانءِ نه پئي پيا. هو انھن جي وچ ۾ پنهنجو ساههُ منجهندو محسوس ڪندو هو . تڏهن ئي ڳوٺ ۾ يعني گهر جي اڪيلي ڪمري ۾ ئي رهڻ کي ترجيح ڏنائين ۽ آخري دم تائين ماڻهن جي ميلن ۾ هن جي واپسي ممڪن نه ٿي سگهي.
    انھن ڏينهن ۾ طالب ۽ مان زورو ڪري هن سان ملڻ ويندا هئاسين ته اسانجا نالا ٻڌي مجبور ٿي ٻاهر نڪري ايندو هو، نه ته ٻيو ڪير به خاني خان در تي ايندو هوس ته پاڻ کي کٽ تان نه اٿڻ جهڙو ڄاڻائي، ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندو هو.
    عبدالحق جي يادگيرين جا اهي سلسلا سمنڊ جي لهرن وانگر بي انت آهن. جيڪي جيڪڏهن گوڏو ڀڃي لکڻ ويهجن ته چڱو خاصو ضخيم ڪتاب وجود ۾ اچي سگهي ٿو. پر هِتي جيئن ته مونکي هن جي شاعريءَ جي ڪتاب بابت پنهنجا رايا پيش ڪرڻا آهن، انڪري سوچ جورخ ڪتاب طرف موڙيان ٿو ۽ اکيون هن جي “ موت ” عنوان واري پهرين آزاد نظم تي ڄمي وڃن ٿيون. جنهن ۾ عبدالحق چيو آهي ته،
    توڙي جو مان،
    موت کان،
    ڏاڍو ڊڄندو آهيان،
    ليڪن،
    جڏهن تون،
    وڇڙڻ جو ڳالهيون
    ڪندي آهين،
    تڏهن مونکي موت ئي،
    نجات جو
    اڪيلو ذريعو
    سمجهه ۾ ايندو آهي...
    ۽ ان سان لاڳيتو ٻيو نظم ”جوڪ“ ۽ ”ڪبير گناهه“ پڙهان ٿو ته عبدالحق پنھنجي ”لڙڪن جي زبان“ سان پنھنجي اندر جا بنهين ڳجها راز سليندي نظر اچي ٿو ۽ اهو سڀڪجهه ٻڌائي ڇڏي ٿو، جيڪو اسان ۽ ٻيو ڪو به ماڻهو هن کان معلوم ڪري نه سگهيو.
    يعني ته ۽ ٻين لفظن ۾ سنڌ جي سرتاج شاعر ڀٽائي سائين جي هن بيت جي به لڳ ڀڳ ڪيفيت ساڳي ئي آهي ته،
    جي تو سِڪڻ سِکيو، ته ڪاتيءَ پئي مَ ڪنجهه،
    سُپريان جي سورَ جو، ماڻهن ڏجي نه منجهُه،
    اندر ايءُ اهنج، سانڍج سُکائون ڪري.
    خبر ناهي عبدالحق جو اهو ”پرين“ ڪير هو؟، جنهن جي سور کي هن سڄي عمر “ سکائون ڪري سانڍيو ۽ ڪڏهن به ماڻهن کي ان ”اهنج“ جو ”منجهُه“ نه ڏنائين.
    ۽ جڏهن هو هيئن چوي ٿو،
    تو چيو هو،
     ”وري ٻيهر،
    ملڻ جي،
    ڪوشش به نه ڪجانءِ...“
    ان ويل،
    ايئن لڳو هيم
    تون مونکان،
    زندهه رهڻ جو،
    حق کسي
    رهي آهين...
    ته هن سورائتي سفر جي راز جوسُٽ ڪجهه وڌيڪ سلجهندي محسوس ٿئي ٿو.
    ائين ڏک جي تيل ڪڙهائيءَ ۾ ڪڙهندي هن جا شاعراڻا احساس ”پٿرن سان پيار، نظم ۾ اظهار جو ههڙو انوکو روپ به اختيار ڪن ٿا،
    جڏهن،
    زماني سان گڏ،
    تنهنجي نرم
    ۽ نازڪ هٿن ۾
    پٿر ڏٺم،
    انوقت کان
    آءٌ،
    پٿرن سان
    پيار ڪرڻ لڳو آهيان...
    ساڳي طرح هن جو نظم “ لهو لهان ” پڙهجي ٿو ته ڪجهه وقت لاءِ ذهن هن جي لفظن مان اڀريل درد جي اونهي عميق ۾ ٻڏي وڃي ٿو ۽ سوچ بي اختيار ٿي هن جي ساراهه سان ڀرجي وڃي ٿي. ڏسو ته ڪيڏي نه نمرتا مان چوي ٿو:
    توهان،
    ڀل مونکي
    لھو لھان ڪيو
    ليڪن،
    مان ته گلن جو،
    عاشق آهيان...
    هاڻي سوچيو ته سھي، ”گلن جي عاشق“ کي اسان جو زمانو ڏئي ته ڇاٿو؟ رڳو ئي پٿر ۽ لهو لهان ڪرڻ جو سامان، ٻيو ڪجهه ڀي نه.
    سو آزاد نظم جي هيءَ صنف، جنهن کي منهنجو استاد انور پيرزادو ”خيال جي شاعري“ ڪوٺيندو هو ۽ جنهن سان عبدالحق پنهنجو ناتو ساهه جي تند ٽٽڻ تائين جَرَ ۽ پکيءَ وارو رکيو، ان ۾ هن پنھنجي اڻکٽ سورن جون ۽ پيار واري جذبي جون سوين صورتون اڀاريون آهن ۽ پنهنجن خيالن کي لهرن وانگر لکين لباس پهرايا آهن، جنهن جو اندازو انتهائي نويڪلائيءَ ۾ هن جو زير نظر ڪتاب پڙهندي بار بار ٿئي ٿو.
    ائين ڪتاب جي ورق گرداني ڪندي نظر جڏهن هن جي ”ڪچو گهڙو“ نظم مٿان اچي ٿي ته ”ابوءِ“ چئي ماڻهو پنھنجو اکيون ٻوٽي ڇڏي ٿو. سادن سودن لفظن ۾ ڏسو ته هو فڪر سان مالا مال ڪيڏي نه وڏي ڳالهه ڪري ٿو ڇڏي. چوي ٿو،
    جي،
    سهڻيءَ جو پيار،
    پڪو نه هجي ها،
    ته هوءَ،
    ڪچو گهڙو کڻي.
    ڪنن ۾ ڪيئن ڪاهي پوي ها....
    ۽ جڏهن هو زماني جي ستم ظريفيءَ تي سوچيندي پنھنجي اندر جي نفيس دنيا ۾ ڀڄي ڀري چُور چُور ٿئي ٿو ته لفظ هن جي مَنَ جي جوڳيءَ سان ”سپر مارڪيٽ“ نظم ۾ هيئن گهايل لھجي ۾ ڳالھائيندي تخليق ٿين ٿا،
    او جوڳي،
    پنھنجي وفا
    ۽ ارمان
    نفسا نفسيءَ جي هن دور ۾
    نفرتن جي هن سپر مارڪيٽ ۾
    پيرن هيٺان
    لتاڙجڻ جي لئه
    ڇو رکيا اٿئي؟
    هڪ هنڌ تي عبدالحق جون معصوم اکيون جڏهن مسيحا کي پنھنجي اصل منصب کان پري مال ميڙو ۽ ماڻهوءَ مار ڪاسائڪي ڪرت ۾ رڌل ڏسن ٿيون ته سندس سوچ ”ڪاسائي“ نظم ۾ هنن لفظن جو لباس پائي آڏو اچي ٿي،
    او مسيحا،
    بيمار ماڻهپي
    جي علاج بجاءِ
    تون ته هاڻي
    ڪاسائي ٿي ويو آهين...
    ”لڙڪن جي زبان“ يعني هن ڪتاب جي ٽائيٽل وارو نظم ته ڇهن سٽن ۾ فڪري لحاظ کان انتهائي اوچي پَدَ تي بيٺل نظر اچي ٿو. جنهن ۾ هو چوي ٿو،
    او پرين،
    اکين جا اشارا
    ته خوب ٿي ڄاڻين
    ڪڏهن
    لڙڪن جي زبان به
    سمجهندي ڪر...
    هن نظم جي سادن سودن لفظن ۾ ”اکين جي اشارن“ ۽ ”لڙڪن جي زبان“ جو تضاد ڏاڍي انوکي انداز ۾ پيش ڪري شاعر هر عام توڙي خاص پڙهندڙ کان ”واهه... واهه ...“ ۽ ”داد“ ته بي ساخته ۽ ڀرپور حاصل ڪري ٿو، پر سوچيندڙ ذهنن جو ”لڙڪن جي زبان“ يعني ڳوڙهن جي ٻوليءَ طرف جيڪو ڌيان ڇڪرائي ٿو، سو نه فقط سنڌي شاعريءَ ۾ نئون ۽ نرالو آهي، پر شاعر جي زندگيءَ کي به ”لافانيت“ جي تحفي سان شاعريءَ جي تاريخ ۾ نشانبر ڪندڙ آهي.
    اهڙي طرح عبدالحق ساريي جو ”معصوم حسرتون“ نظم به هن جي غير معمولي شاعراڻي اڏام کي اسان آڏو پڌرو ڪري ٿو. ڇا ته اظھار جو انداز آهي،
    موٽي آءُ،
    ان کان پھرين،
    جو نا اميديءَ جي صحرا ۾،
    معصوم حسرتون
    اڃايل هرڻيءَ جيان،
    ڀٽڪي ڀٽڪي مري نه وڃن...
    تمام ٿورن لفظن ۾ ڪنهن اتانھين جبل جيڏي ڳالهه ڪرڻ عبدالحق جي قلم جو ڪمال آهي. هي نظم ئي پڙهو،
    مون
    ڪڏهن سوچيو به نه هو
    ته رابيلن جھڙي
    ڇوڪري
    وفا جي مھڪ کان
    خالي هوندي....
    هن نظم ۾ ”وفا جي مهڪ کان خالي رابيلن جھڙي ڇوڪري“ جو ڪردار چند سٽن ۾ ڪنهن ضخيم ناول جو بيحد ئي ”چالاڪ“ ، ”سفاڪ“ ۽ روح کي رنج پھچائيندڙ  ۽ خوابن ۽ احساسن کي وڍيندڙ ۽ ڪپيندڙ ڪردار لڳي ٿو.
    هونئن به شاعري ان کي ئي چئبو آهي. لفظن کي ائين ئي ساهه کڻڻ کپي ۽ شاعر جي دانھن ان طرح ئي گرمٽ وانگر ٻڌندڙ يا پڙهندڙ جي دل ۾ سوراخ ڪري داخل ٿي ويندي آهي.
    ”ڳڀا ڳڀا“ نظم ۾ پنھنجي ملڪ جي عدالتي وهنوار تي پنھنجو ردعمل ظاهر ڪندي عبدالحق اجهو هيئن به لکي ٿو،
    مان
    عدالتن ۾
    انصاف کي
    ڳڀا ڳڀا
    ٿيندي ڏٺو آهي
    ۽
    جتي انصاف
    بي موت مري رهيو هجي
    اتي
    امن جو مسافر پکيئڙو
    زندهه رهي سگهندو...
    ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته عبدالحق جي نظر پنھنجي شاعريءَ واري محبوبه جي ”چنڊ چھري“ تي رهڻ سان گڏوگڏ پنھنجي اوسي پاسي ٿيندڙ ظلمن ۽ زيادتين تي به ساڳي گھرائيءَ واري رهي آهي ۽ هو پنھنجي سڄي شاعراڻي سفر ۾ ڪٿي به ”غفلت جي چادر“ پائي ڪنهن ”بي خبري“ جي وڻ هيٺان ستل نظر نٿو اچي.
    سو روشن خياليءَ جو مثال بڻيل، يارن جي يارَ، پنھنجي اولاد لاءِ دوستن جھڙي پيءُ، پرائمري استاد کان ڪاليج ليول جي شاگردن لاءِ شفيق استاد جي سڃاڻپ رکندڙ اسانجي عبدالحق ساريي جو هي ڪتاب ”لڙڪن جي زبان“ ڪيترن ئي حوالن سان اسانجي سنڌي شاعريءَ ۾ خوبصورت اضافو آهي ۽ اهڙو اثاثو آهي، جنهن تي شاعريءَ جي تاريخ ناز ڪندي آهي.

    محمد علي پٺاڻ
    لاڙڪاڻو
    24 آڪٽوبر 2015ع


    Adieu!

    Late Prof. Abdul Haq Sario was one of my best friends. He was very meek, moderate, genial, gentle and genteel in his nature.
    He had had an admirable proclivity, rather avidity to be helpful for others in resolution of their problems and he did it practically.
    He extended helping hand to many indigent students to pursue their studies. He was not a spendthrift to squander hard earned money, instead, he had had a keen sense of sympathy for the youth of Sindh, so he felt it an obligation to be generous to brighten future of the architects of the nation.
    I found him a broadminded, large hearted, friendly and sympathetic colleague. He had all enlightened attributes and commendable qualities of a good person for which Alexander Pope had prayed for in his following poetic lines.
    “Teach me to feel an other’s woe
    To hide the faults I see
    That mercy I to others’ show
    That mercy show to me”.
    As far as his poetry is concerned, it is indeed, a tears’ tongue. Voltaire has rightly said.
    “Tears are the language of grief”
    Sario was really a lovelorn swain, his blank verses are illustrative of it. He was a sensitive soul, so he could not bear a shock of lifelong separation of his beloved. That is why a major portion of his poetry appears to be an elegy of an anguished and aggrieved lover composed in a state of carks and cares in the wake of infidelity shown by a disloyal damsel.
    It is an established fact that parting moment for a lover is a agonizing as the death throes and last breathing hiccups of a dying person for life. Late Abdul Haque Sario has portrayed his parting time plight in his blank verse “Alvida Adieu” in this way:

    Adieu!
    …. And when
    Sweet heart,
    In her valedictory visit,
    Having sad good bye,
    Began to part,
    At that moment,
    Sweet dreams,
    Began to fall,
    From my eyes
    Drop by drop!
    Frederic Peterson has sadly, rather, soulfully depicted this melancholic moment of separation in these touching lines:
    “The sweetest flower that blows,
    I give you as we part,
    For you it is a rose,
    For me it is my heart”.
    Last but not least, late Sario’s poetry does not seem to be tied to his beloved’s skirt’s hem, but it is also concerned with holistic mundane matters. It presents a sad scenario of Palestinians’ pogrom. It censures cunning and cruel role of super powers at global level and it satires at our social setup where extremism and injustice reign ruthlessly.
    The poem “Gabha Gabha” cut into pieces, given below is expressive of poet’s vast vision and the concern he had had for motherland and mankind.
    Cut into pieces!
    I
    Have seen
    In courts justice
    Being cut into pieces
    And
    Where justice
    Dies of indignities
    How can there
    A migratory bird of amity
    Stay alive??

    Jam Jamali
    Larkano
    4th November 2015


    نظم

    زنده رهڻ جو حق

    تو چيو هو،
    ”وري ٻيهر،
    ملڻ جي،
    ڪوشش به نه ڪجانءِ...“
    ان ويل،
    ايئن لڳو هيم
    تون مون کان،
    زندهه رهڻ جو،
    حق کسي،
    رهي آهين.


    Diplomacy-ڊپلوميسي

    تنهنجي نيڻن ۾،
    مون لئه،
    ليئا پائيندڙ،
    پنهنجائپ،
    ۽ اٿاهه پيار.....
    ڇا؟؟؟
    ان کي به
    تنهنجي ڊپلوميسي چئجي!!
    تنهنجي نيڻن مان،
    ليئا پائيندڙ پيار،
    ۽ پنهنجائپ،
    هير ڏکڻ جي،
    سرور بخشيندي آهي.
    پر تنهنجي بي رخي،
    خودڪشي لاءِ،
    سوچ اڻڻ تي،
    مجبور ڪري ڇڏيندي آهي.


    مسافر پکي

    تو بن!
    منهنجي حالت،
    ان مسافر پکيءَ جهڙي،
    ٿي ويئي آهي
    جيڪو بيرحم شڪاري جي،
    نشاني تي اچي،
    ويو هجي!


    وساري نه سگھندس

    ڀل تون،
    ڀلجي به مون کي،
    ياد نه ڪر،
    ليڪن آءُ،
    ڀلجي به تو کي،
    وساري نه سگهندس.


    دعــا

    تو چيو هو ته،
    ”مان،
    زندگيءَ ۾،
    ڏاڍا ڏک ڏٺا آهن.“
    ۽ مون ان ويل،
    ڪل ڪائنات جي مالڪ کان،
    تنهنجي حصي جا،
    سڀ ڏک،
    پنهنجي لئه گهريا هيم.
    هاڻ!
    جڏهن تون مون کان،
    هميشه هميشه لئه،
    وڇڙي وئي آهين
    ۽ ڏک مون کي،
    وڻ ويڙهيءَ وانگر،
    وڪوڙي ويا آهن
    ته سوچيان ٿو!!
    ڇا؟ خدا وند ڪريم،
    منهنجي اها دل مان،
    نڪتل دعا،
    قبول ڪري ورتي آهي؟
    شل ايئن ئي هجي.....


    نفرتون

    اسان جي،
    سماج جي بيهڪ،
    ته ڏسو!
    جتي،
    نفرتون اڻ گهريون،
    ملن ٿيون،
    پر پيار،
    خيرات ۾ به،
    نٿو ملي....!!!


    پٿرن سان پيار

    جڏهن!
    زماني سان گڏ،
    تنهنجي نرم،
    ۽ نازڪ هٿن ۾،
    پٿر ڏٺم.
    ان وقت کان،
    آءُ،
    پٿرن سان،
    پيار ڪرڻ لڳو آهيان.


    جفائن سان پيار

    منهنجون وفائون به،
    تو کي،
    جفائون ٿيون لڳن
    ۽،
    مون کي،
    تنهنجين جفائن سان به،
    پيار ٿي ويو آهي.


    دستڪ

    پيار جي حاصلات لئه،
    مون کي،
    واچوڙي وانگر،
    بن بن ڀٽڪڻو پيو،
    ۽ نفرتون،
    منهنجي دروازي تي،
    آنڌيءَ مانجهيءَ،
    دستڪ ڏينديون رهيون.....!


    ڀيانڪ ۽ ڌنڌلو

    اڄ جي،
    ماڻهوءَ جي سڃاڻپ،
    تن،
    چاندنيءَ جهڙو،
    اڇو اجرو
    ۽ من اوڻٽيهين رات جي،
    اوندهه جهڙو،
    ڀيانڪ ۽ ڌنڌلو.


    چاندنيءَ جو نور

    جاڳندي نيڻن سان،
    سپنا اڻيندي،
    ورهيه ٿيا،
    ليڪن،
    ساڀيا جي،
    چاندنيءَ جو نور،
    نکرڻ ئي،
    وساري ويٺو آهي.


    لهولهان

    تو هان!
    ڀل مون کي،
    پٿرن سان،
    لهو لهان ڪيو
    ليڪن،
    مان ته گلن جو،
    عاشق آهيان.


    اڃ

    هي ڪهڙي،
    منهنجي من کي،
    اڃ ڏئي وئي آهين
    جو، مٽ پاڻيءَ جا،
    پيئڻ کان پوءِ به،
    اها لهي ئي نه ٿي....!!


    دل جو بار

    آءٌ!
    تو سوا،
    لڙڪ لاڙي،
    دل جو بار،
    هلڪو ڪندو آهيان
    سوچيان پيو!!
    ننڍڙي ٻار واريون عادتون،
    مون ۾،
    گهر ڪري ته نه ويون آهن؟
    ڇاڪاڻ ته،
    ٻار به،
    سڏڪي سڏڪي،
    دل جو بار،
    هلڪو ڪندو آهي....!


    بڙ جي گھاٽي ڇانو َ

    ڇا
    تو ڪڏهن،
    نٽهڻ اس ۾،
    بڙ جي گهاٽي ڇانو ۾،
    ڪي گهڙيون آرام ڪيو آهي؟
    منهنجو پيار،
    به تولئه،
    ان بڙ جي،
    وڻ وانگر آهي.
    ليڪن! افسوس جو تون،
    بي رخيءَ جي ڪهاڙيءَ سان،
    ان کي پاڙئون،
    وڍي رهي آهين.


    من جو سرسبز وڻ

    ڇا
    تو ڪڏهن،
    کنوڻ کي،
    ڪنهن وڻ مٿان ڪرندي،
    ڏٺو آهي؟
    ايئن،
    تنهنجي وڇوڙي به،
    منهنجي من جي،
    سر سبز وڻ کي،
    ڪوئلا ڪري،
    ڇڏيو آهي.


    فَرق ُ

    تنهنجي ۽ منهنجي،
    سوچ ۾،
    زمين ۽ آسمان جيڏو،
    فرق آهي،
    تو!
    مون سان واپار ڪيو،
    ۽ مون،
    بس تو سان پيار ڪيو.


    ڪچو گھڙو

    جي!
    سهڻيءَ جو پيار،
    پڪو نه هجي ها،
    ته هوءَ،
    ڪچو گهڙو کڻي،
    ڪُنن ۾ ڪيئن ڪاهي پوي ها!!


    ٿوهر آڇيندڙ هٿ

    آءٌ!!
    محبتن جا گلاب،
    ورهائي ورهائي نه ٿڪبو هوس،
    ليڪن!
    اوچتو ئي اوچتو،
    منهنجو پنهنجو جهول،
    ٿوهرن سان ڀرجي ويو،
    ۽،
    ٿوهر آڇيندڙ هٿ،
    ٻه اهي هئا،
    جن کي مون،
    پنهنجن چپن،
    ۽ نيڻن سان،
    سدائين چاهتون آڇيون هيون،
    ۽ بي حد چميو هو.


    اوسيئڙو

    يقين ڄاڻ،
    مُئي پڄاڻان به،
    تنهنجي اوسيئڙي ۾،
    منهنجا نيڻ،
    کليل ئي رهندا...!!


    شهزادي

    جي آءٌ،
    تنھنجي جيون جو،
    شھزادو ٿي نه سگهيس،
    ته پوءِ ڇاهي،
    تون!
    ته منھنجي خوابن جي،
    شھزادي آهين.....


    جيون

    تون،
    چوين ٿي،
    آءُ ماضيءَ کي،
    وساري ڇڏيان،
    اهو ماضي،
    جنهن جي حسين لمحن،
    جي نيڻن کي،
    منهنجي چپن،
    بيحد چميو.
    منهنجي جيون کي
    ”جيون“ عطا ڪيو!


    صدين جو ٿڪ

    او جوڳي!
    جنهن جي،
    هڪ جهلڪ،
    پسڻ سان،
    تنهنجي نيڻن جي،
    صدين جو ٿڪ،
    لهندو هو.
    سا ته،
    تنهنجي خوابن کان به
    وڏي محل جي،
    قيمتي گلدان ۾،
    سجائي ويئي آ.


    خوشيون ۽ بهارون

    تنهنجو!
    خوشين ۽ بھارن جو،
    ڪيڏو نه،
    گهرو تعلق هيو،
    تو پڄاڻان !
    منهنجي اڱڻ،
    خوشيون ۽ بھارون به،
    اچڻ وساري،
    ويٺيون آهن....!!


    سپر مارڪيٽ

    او جوڳي!
    پنهنجي وفا،
    ۽ پنهنجا ارمان،
    نفسا نفسيءَ جي هن دور ۾،
    نفرتن جي هن سپر مارڪيٽ ۾،
    پيرن هيٺان، لتاڙجڻ لئه،
    ڇو رکيا اٿئي!!


    شــفــا

    تنهنجي،
    هٿن ۾،
    ايڏي شفا آهي،
    جو ڇهڻ سان ئي،
    مان!!!
    وري جي پيو آهيان.


    مصلحتن جو لباس

    او جوڳي!
    دَرِ دَرِ سين هڻي،
    ڪنهن کي ٿو ڳولهين.
    هو !!
    ته مصلحتن جو لباس اوڍي،
    تنهنجي ارمانن جي لال لهوءَ سان هٿ رڱي،
    دنيا جي رنگينين ۾،
    ڪڏهوڪو،
    گم ٿي ويئي آهي.


    نٽهڻ اس

    تنهنجي! زلفن جي،
    ٿڌڙي ڇانوري ۾،
    ٿورڙا لمحا،
    گذارڻ کانپوءِ،
    ساري حياتي،
    آءٌ!!
    وڇوڙي جي نٽهڻ اس ۾،
    تندور جيان،
    تپندو رهيو آهيان


    موت ۽ حيات

    اسين ٻئي،
    محبت، خدا،
    موت ۽ حيات،
    جي فلسفي تي،
    اڪثر ڊگها ڊگها بحث،
    ڪندا هئاسين،
    هڪ ڏينهن،
    هن پڇيو!
    موت جي معنيٰ ڇا آهي؟؟
    مون چيو هو!
    ”تنهنجو وڇوڙو!“


    لڙڪن جي زبان

    او پرين!
    اکين جا اشارا،
    ته خوب ٿي ڄاڻين،
    ڪڏهن،
    لڙڪن جي زبان به،
    سمجهندي ڪر.


    پرتوو

    ڪاش!
    منهنجي شاعري،
    تنهنجي بي پناهه حسن جو،
    پر توو،
    بڻجي پوي.....!!


    رنگ اڌارا

    او ڳهيلي!
    پنهنجي گلابي،
    چپن تي،
    سرخي ڇو لاتي اٿئي؟؟؟
    ڇا!
    گلاب کي به،
    ڪڏهن،
    رنگ اڌارا،
    وٺڻ جي ضرورت
    پيش آئي آهي.....؟؟


    ڪاسائي

    او مسيحا!
    بيمار ماڻهپي،
    جي علاج بجاءِ،
    تون ته هاڻي،
    ڪاسائي ٿي ويو آهين!!


    معصوم حسرتون

    موٽي آءُ!
    ان کان پهرين،
    جو نااميديءَ جي صحرا ۾،
    معصوم حسرتون،
    اُڃايل هرڻيءَ جيان،
    ڀٽڪي ڀٽڪي مري وڃن!!
    **


    سفيد لباس

    مون جڏهن،
    چمپا گل کي ڏٺو،
    ته ان ويل،
    ايئن لڳم
    ڄڻ تون سفيد لباس اوڍي
    منهنجي اڳيان،
    اچي بيٺي آن!!!


    ڪمپرومائيز-Compromise

    تون!
    اڪثر چوندي هئين ته،
    ”آءٌ!
    مصلحت پسند نه آهيان“
    ڏس!
    تو پڄاڻان،
    مون زندگيءَ سان،
    ڪنهن معذور وانگي
    ڪيئن نه ڪمپرومائيز ڪيو آهي.


    وفا جي مهڪ

    مون!
    ڪڏهن سوچيو به نه هو،
    ته رابيلن جهڙي،
    ڇوڪري،
    وفا جي مهڪ کان،
    خالي هوندي...!!


    زندگي

    زندگي،
    جيڪا تنهنجي گلابي چپن تي،
    رقصان مسڪراهٽ سان،
    شروع ٿي هئي،
    سا،
    ناڪام حسرتن جي،
    بند ڳليءَ ۾،
    الجهي،
    واريءَ تي ليڪن وانگر،
    ڊهي رهي آهي!!!


    تقدس

    تو!
    چيو هو ته،
    ”مان پنهنجي دامن تي،
    تِرَ جيترو داغ،
    به نه سهي سگهندس.“
    ۽
    مان تنهنجي ڳليءَ مان،
    گذرندي،
    ٿڌا ساهه به نه کڻندو آهيان،
    ڇو ته،
    متان
    منهنجا ٿڌا ساهه،
    چغلي هڻي
    تنهنجي حرمت تي حرف آڻڻ جو سبب نه بڻجن


    سحر

    تنهنجي!
    سندر نگاهن ۾،
    ڪيڏو نه سحر هيو،
    جو مان!
    اڃان!
    ڊگهي وڇوڙي کانپوءِ به،
    پاڻ سنڀالي،
    نه سگهيو آهيان.


    مسڪراهٽ

    تون جي،
    مسڪرائڻ ڇڏيندينءَ،
    ته يقين ڄاڻ،
    دنيا ۾،
    گل
    ٽِـڙڻ وساري ويهندا!


    الوداع

    .......۽ جڏهن،
    هوءَ،
    آخري ڀيرو،
    الوداع چئي،
    وڃڻ لڳي،
    ان وقت،
    منهنجي نيڻن مان،
    سپنا،
    ٽيپو ٽيپو ٿي،
    ڪرڻ لڳا.


    ڳڀا ڳڀا

    مان!
    عدالتن ۾ ،
    انصاف کي،
    ڳڀا ڳڀا،
    ٿيندي ڏٺو آهي
    ۽
    جتي انصاف،
    بي موت مري رهيو هجي،
    اتي،
    امن جو مسافر پکيئڙو،
    زندهه ڪيئن رهي سگهندو؟؟


    حسين نانءُ

    مُکڙيءَ جي،
    بند چَپن تي،
    تنهنجو حسين نانءُ،
    لکيل ڏٺم.
    ۽،
    جڏهن مُکڙي،
    جوڀن رَسي،
    ۽ گلاب کِڙيو ته،
    هوبهو،
    تو جهڙو سُندر لڳو....!!


    ڪيهون

    مون کي!
    راهن ۾،
    پيل پٿرن وانگر،
    نه ٿڏيو،
    منهنجا معصوم احساس،
    ڪيهون ڪري،
    جاڳي پوندا...!!


    زخمي مور

    مون توکي چيو هو ته،
    مان توکانپوءِ،
    ايئن روئيندس ۽ رڙندس،
    جيئن ڪارونجهر ڪور تي،
    ڪو زخمي مور...!!


    توکان پوءِ

    مون،
    گلابن کي،
    تنهنجي چپن تي،
    ٽِڙندي ڏٺو آهي.
    مون،
    چاندني کي،
    تنهنجي مُک مان،
    نِکرندي،
    ڏٺو آهي.
    ۽ شفق کي،
    تنهنجي ڳلن مان،
    ڦٽندي ڏٺو آهي.
    تنهنجو چهرو،
    پسڻ کانپوءِ،
    مان ڀلا،
    ڪيئن يقين ڪيان ته،
    ڪو ٻيو به چنڊ،
    هن ڪائنات ۾،
    موجود آهي!!!


    زندگيءَ جو الميو

    اسان جي،
    زندگيءَ جو الميو،
    بک ۽ ڏک،
    ذلت ۽ ظلمات،
    نفرت ۽ ڌڪار،
    ۽،
    تنهنجي زندگيءَ جي،
    ٽريجڊي،
    ٿولهه ۽ پوڍائپ.
    تون!
    Dieting ڪري،
    ٿولهه کي گهٽائين ٿو،
    ۽ منهنجا ٻچا،
    بک وگهي،
    مري رهيا آهن.


    توبن

    تو بن!
    منهنجو من
    ڦِٽل شهر جي،
    آثارن جيان،
    ويران،
    خالي خالي
    ۽ اداس ٿي پيو آهي....!!


    تو پڄاڻان

    تو پڄاڻان!
    وقت مون لئه،
    ان بيرحم ڪاسائيءَ،
    جهڙو ٿي ويو آهي،
    جيڪو هر پل،
    منهنجي لڱ لڱ کي،
    اَڏيءَ تي رکي،
    ڪپي رهيو آهي.


    ٻيو جيون

    جيون ۾،
    مون کي ٻيو حاصل به،
    ڇا ٿيو آهي؟
    جو مان توکي به،
    وساري ويهي رهان......!!


    ڪاڙهو

    تو سوا،
    زندگي مون لئه اُٺي جي هِيرَ،
    نه پَرُ،
    جُونِ جو سخت ڪاڙهو،
    ٿي ويئي آهي...!!


    خانه بدوش ٿي ويل خواب

    تو پڄاڻان سانئڻ!
    خواب خانه بدوش ٿي،
    درد جي مسافتن ۾ ڀٽڪي،
    ساڀيا جي آس ۾،
    اڌ مئا ٿي پيا آهن.....
    ۽
    زندگيءَ جي جهول ۾
    نا اميديءَ جا ٿوهر
    گڏ ٿي،
    روح کي رهڙي،
    گهايل ڪري رهيا آهن
    ۽ آءُ ٽٽل ستاري جيان،
    بي سمت،
    بي منزل،
    ڀٽڪي ڀٽڪي،
    ساڻو ٿي
    تاريڪيءَ جي سمنڊ ۾
    گم ٿي رهيو آهيان....!!


    مـوٽ

    مون تنهنجي لئه،
    تنهنجي راهن تي،
    گلاب پوکي،
    پنهنجي خوابن سان،
    انهن جي آبياري ڪئي
    ۽،
    تو نفرت جي ٿوهرن سان،
    منهنجي محبت جي دامن کي،
    تار تار ڪري ڇڏيو...!!


    ڌرتي دوزخ جو ڏيک

    جڏهن،
    سورج اوسيئڙو ڪاٽي،
    محرومين جي چادر ۾ ويڙهجي،
    اولهه جي دامن ۾،
    سميٽجي،
    پنهنجي وجود جي گمشدگي تي
    ماتم ڪرڻ لڳو ............ ۽
    ۽ اولهه جي سينڌ تي،
    شفق رنگ نکريا،
    ان ويل
    ڊگهي ۽ اڻ کٽ اوسيئڙي جو،
    وڇوڙي جو،
    ڪنڊن ڀريل رستو،
    منهنجي اڳيان وڇائجڻ لڳو
    ۽ ڌرتي مون لئه،
    دوزخ جو ڏيک بڻجي ويئي....!!


    سپنن جا گلاب

    نيڻن جي ڌرتيءَ تي،
    سپنن جا گلاب،
    اڃا ٽـڙڻ ئي مس لڳا
    ته خزائن جي شوخ جهونڪي،
    ساڀيا جو چنڊ چهرو،
    سڀن کان اڳ،
    گهڻو اڳ
    گلابن جي پنکڙين کي،
    وکيري ڇڏيو،
    ورهائي ڇڏيو
    ۽ بي خواب زندگيءَ جون،
    تتل مسافتون طئه ڪندي،
    لڱ لڱ ساڻو،
    ۽ پير پـِٿُون ٿي ويا آهن
    ۽ وصل کان اڳ،
    فراق جي عذاب،
    منهنجي زندگيءَ جي پل پل کي
    فالج سٽيل مريض جيان،
    ڪوجهو،
    اڻ وڻندڙ
    ۽ مصيبت ماريل بڻائي ڇڏيو آهي......!!


    اعــلان

    اسان جي بي ڪفن محبت،
    راهن ۾ ٿـُڏجي پيئي،
    ڀٽڪي اسان جي بي مُلهه
    وفا جي چِتا،
    ڄڻ سالن ڪنان جلي پئي،
    اسان جا بي تعبير سپنا،
    چاهتن جي اڪيلي ڪونج جيان،
    سرمئي آڪاس جي،
    بي پناهه وسعتن ۾ ڀٽڪن پيا،
    اسان جا احساس،
    ڪنهن ناجائز ٻار جيان،
    ڪنهن اونداهي گهٽيءَ جي موڙ تي،
    رکيل ڊسٽ بن ۾،
    زندگيءَ خلاف ڪيهون ڪري،
    ڄڻ احتجاج ڪري رهيا آهن.
    هر لمحو موت کان به بد صورت،
    وڇوڙي جا عذاب کنيو،
    ڪاريهر جيان ڏنگي پيو،
    ۽ پنهنجي شهر جي،
    هر ماڻهو جو هٿ،
    پنهنجي خون جگر ۾ ٻڏل ڀاسي ٿو،
    ويران صبح،
    هٿ ۾ ڊگهي تلوار کنيل وحشيءَ جيان،
    منهنجي اداس وجود تي وار ڪرڻ لاءِ آتو آهي.
    ٻن پهرن جي ساڙيندڙ نٽهڻ اس،
    اسان جي بي سڪون من،
    ۽ سڃاڻپ وڃايل تن کي،
    ساڙڻ جو ڄڻ قسم کڻي چڪي آهي.
    نما شام،
    اڻڀا وار کولي
    ڪنهن وڌوا جيان پاراتا پيئي ڏيئي،
    ۽ گهٽ ۽ ٻوسٽ ۾ ويڙهيل ڪاري رات،
    ڪنهن ڏانئڻ جيان،
    پنهنجي ڊگهن ننهن سان،
    منهنجي جسم تان،
    ماس روڙڻ لاءِ،
    ڄڻ منهنجي مٿان اچي ڪڙڪي آهي،
    ۽ آءٌ اڃا ڪنهن معجزاتي وصل،
    جي راحت کي،
    مسلسل محسوس ڪري،
    من اندر جي اجڙيل گلشن ۾،
    محبتن جا گلاب پوکي،
    بي رحم شهر جي هر چوڪ تي بيهي
    وري مهڪندڙ محبتن جا،
    اڻ کٽ چاهتن جا،
    نه جهرندڙ جذبن جا،
    اعلان پيو ڪريان....!!


    ايڪويهين صديءَ جو الميو

    ايڪويهين صدي
    جنهن ۾ هر فرد
    ڏينهن رات نفسا نفسيءَ ۾،
    جُٽيل آ،
    ناڻي جي ڊوڙ ۾،
    رت جا رشتا به،
    ڀُلايا پيا وڃن،
    انساني دماغ،
    ڪمپيوٽر جيان بي حس ٿيندو پيو وڃي،
    ذاتي مفادن جي ڪوهيڙي ۾،
    انسانيت ويڙهبي پئي وڃي،
    سياسيات،
    سماجيات،
    ۽ اقتصاديات جي چوٻول ۾
    معصوم زندگيون کسيون پيون وڃن.
    انسانيت،
    گند جي ڍير تان،
    سڪل ڳڀا ڳولهي،
    بُـک اجهائي رهي آ،
    سماجي انصاف سان،
    ريپ ڪيو پيو وڃي،
    لاشن جي سياست تي،
    ناز پيو ٿئي،
    ان هوندي به او بي خبر!
    مون تو کانسواءِ،
    ڪجهه به نه سوچيو آ،
    پيٽ بکيءَ جو سانگ
    نه ڪيو آهي
    تنهنجي سندر ڪنول جهڙو چهرو
    ڀنل نيڻن آڏو،
    نه ڪڏهن هٽيو آ
    ساهه گهٽيندڙ ۽ ٻرندڙ هن ماحول ۾
    تنهنجون يادون ڏڍ ۽ آٿت جيان رهيون آهن،
    انهيءَ جياپي جي جنگ ۾،
    مون اڃان تائين نه هارايو آ.


    تهذيب يافته دنيا

    هي ڇا پيو ٿـئي!!
    هي تهذيب يافته دنيا.
    پنهنجي ڊگهن خونخوار ننهن سان،
    انسانيت جي معصوم ۽ زرد چهري کي،
    رهڙون پائي،
    ان کي بدصورت،
    ڪري رهي آ،
    هي ڇا پيو ٿئي!!
    هن خوبصورت ڪائنات جي،
    وجود کي،
    برباد ڪرڻ جا مڪروه ارادا،
    ميزائيلن جو مينهن،
    بمن جا وسڪارا،
    معصوم ٻارڙن جون هنيانءَ ڏاريندڙ چيخون،
    تيرهن سالن جي اڪيلي پٽ جي لاش تي،
    ساري دنيا کان بي نياز،


    ماتم ڪندڙ ماءُ

    ”مان ته توکي ڇولن وڪڻڻ
    لاءِ موڪليو هو“....
    ڀينرن جي سڪل چپن مان نڪتل
    اوسارا،
    ٻـُڍڙي پيءُ جي اداس نيڻن مان،
    لڙڪ ٽمندڙ
    نوجوانن مٿان،
    موت جي خوفناڪ ڳجهن جا لامارا،
    ڪائنات سموري،
    گيڙو رتا ڪپڙا اوڍي،
    منهن مونن ۾ ڏيئي،
    سڏڪي پيئي.
    هي ڇا پيو ٿئي!!
    هر طرف موت جا پاڇولا،
    لاشن جا انبار،
    سڙيل انساني گوشت جي ڪچي بوءِ،
    ساڙيو ۽ ماريو جون هڪلون،
    خوبصورت ڪپڙا اوڍيل وحشي،
    سڌريل دنيا جا،
    اڻ سڌريل حڪمران!!!
    انسانيت جو وجود فنا ڪرڻ لاءِ آتا،
    ۽ ماڻهپي جي موت تي،
    واڇون ٽيڙي ٽهڪ ڏين پيا.....
    اپاهج بڻجي ويل،
    پوڙهي ڌرتيءَ جون،
    هنيانءَ ڏاريندڙ دانهون،
    فضا ۾ ڦهلجي،
    ڪنن جا پردا چيري رهيون آهن!!!!


    ڪهڪشان ۾ بسيرو

    منهنجي اداس نيڻن ۾،
    پنهنجي خوبصورت چاهت جا،
    سمورا شفق رنگ ٽاڪي،
    منهنجي سپنن ۾،
    پنهنجي وجود جي مهڪ.
    مهڪائي،
    ساهن کي،
    چاهت جي سهڻي سئيءَ سان سبي،
    منهنجي من اندر جي،
    پاتال ۾ پـيـھي،
    رڳ رڳ ۾،
    سمائجي،
    منهنجي نيم مرده حسرتن کي،
    جرڪائي،
    زندگي جي هر لمحي کي،
    گلن جهڙي تازگي بخشي،
    جانان!
    ڪٿي گم ٿي وئي آهين....؟؟؟


    محبت ڪڏهن مرڻي ناهي

    ايسلر ڪوٽزي
    ۽ ليزا هولکيٽ،
    مادي پسند دنيا ۾،
    چاهه جي راهه جا پانڌيئڙا،
    جن جي چپن تي،
    ماکيءَ لار جهڙيون چميون،
    دم ٽوڙي ويون،
    سندن سنگيت جهڙيون مسڪراهٽون،
    هوائن ۾ تحليل ٿي ويون،
    ۽ سندن ارمانن جو تاج محل،
    غريب جي جهوپي جيان،
    قسمت جي زلزلي جي،
    سٽ نه سهي ڊهي پيو
    ليڪن!
    محبتن جي تاريخن ۾،
    ان کي امر ڪري،
    وفائن جو ڳاٽ،
    اوچو ڪري ويا.
    ۽ آخري لمحن ۾،
    پنهنجي سندر سپنن کي،
    سهڻي ساڀيا جو روپ بخشي،
    يادن جي گهنگهور گهٽائن جهڙن،
    زلفن ۾ ويڙهي،
    اداس نسل جي،
    بيمار ۽ ٿڪل ذهنن مان،
    خودڪشين جا خيال روڙي،
    سندن ويران نيڻن ۾،
    چاهنا ۽ اتساهه جو
    هڪ “يونيورسل ميسيج” دهرايو
    ”ته محبت ڪڏهين به مرڻي ناهي....”
    ڇو ته جسماني موت،
    روح جي رشتن کي
    شڪست ڏيئي سگهندو ناهي......!


    ڪائنات جي دلڪشي

    اچي ڏس! سپنا، ساڀيائون،
    خواب تعبيرون،
    حاصل لا حاصل،
    مسڪراهٽون،
    انڊلٺ جا رنگ،
    گلن جي سرور بخشيندڙ سرهاڻ،
    چاندنيءَ جو مٺو ۽ ٿڌو نور،
    بهارن جو لمس،
    موسيقيءَ جو رڌم،
    غزل جا چونڊ شعر،
    ڪوئل جي مٺڙي لات،
    مور جو ناچ،
    سانوڻ مينهن جي اوت،
    جوانيءَ جي نشي ۾ مست،
    خوبصورت جوڙا،
    دلڪش ڪلبن ۾،
    ساقيءَ جا جام،
    هر جام سان گڏ،
    ڇلڪندڙ ۽ محو رقص جوانيون،
    ڪائنات جي سموري دلڪشي،
    ۽ حسناڪي
    تو بن،
    صرف توبن،
    ڪيڏي نه ويڳاڻي،
    اداس ۽ بي معني ٿي لڳي.


    ڪجھه به نه بچيو آهي

    جانم!
    تو پڄاڻان پاڻ وٽ،
    چند اڻپورن سپنن،
    وکريل ارمانن،
    درد ٻڏل احساسن،
    مرجهايل مکڙين،
    اداس چاندني،
    هنجون هاريندڙ باکن،
    رت ٻڏل ۽ غريب شامن،
    سڏڪندڙ سنجهائن،
    لڱ ساڙيندڙ لُڪن،
    نامهربان موسمن،
    بند نيڻن ۾ لڙڪن،
    روح جي تازن زخمن،
    پٿر ٿي ويل مرڪن،
    بي وسين ويچارڳين،
    مڌرتا وڃايل سرن،
    اڌورن گيتن،
    اڻ چيل ڳالهين،
    نَوَ سَوَ نوي گهاون،
    ذلتن، ظلمتن،
    بي حد ڪرب،
    چرين چاهتن،
    سورن ماريل سوچن،
    ۽ تولئه چپڙن تي رهجي ويل دعائن،
    کانسواءِ ڪجهه به نه بچيو آهي
    ڪجهه به نه بچيو آهي!!!


    جنم ڏڻ

    کير جهڙي،
    اڇي اجري ڇوڪري،
    تنهنجي مبارڪ جنم ڏڻ تي،
    منهنجي چپن تي،
    تولئه هزارين دعائون آهن.
    ۽ نيڻن منجهه،
    موت برابر انتظار جا اولڙا،
    ۽ من اندر،
    اڻ کٽ پيار آهي.
    جنهن جي شايد،
    هينئر توکي ضرورت نه آهي.
    ڇاڪاڻ ته،
    هينئر تولئه ڪيتريون ئي،
    نگاهون منتظر،
    ۽ ڪيتريون ٻانهون،
    کليل آهن
    ڪيترن ئي چپن تي،
    مڌر گيت
    ۽ ڪيترين ئي راهن ۾،


    گلاب پتيون هِن وِکريون

    او ڳهيلي ڇوڪري!
    جنهن ويل،
    زندگيءَ جي ڪنهن موڙ تي،
    خدا نه ڪري،
    تون اڪيلي ٿي وڃين،
    ۽ تنهنجي نيڻن ۾ اداسي
    اماس رات وانگر،
    لهي اچي
    ۽ سموريون موسمون تو مٿان،
    نامهربان ٿي پون.
    ۽ تنهنجي مٺڙي آواز مان
    مڌرتا ۽ سحر گم ٿي وڃي
    وقت جي بيرحم نٽهڻ اس
    تنهنجي تن بدن کي جلائڻ لڳي.
    ان وقت به منهنجو پيار
    بڙ جي گهاٽي وڻ جيان
    تو لئه منتظر هوندو........


    صدين جي اڃ

    من اندر جي ڌرتيءَ تي،
    تنهنجي چاهت جي گلابي گلڙن کي،
    مون ڪيڏو اتساهه سان پاليو هو،
    تنهنجي سندر يادن کي،
    زندگي جي ڪل موڙي سمجهي.
    سالن کان، ساهن جيان
    سانڍيو هو،
    توڙي جو زندگي
    هڪ ڊگهي سزا کان گهٽ نه هئي.
    ليڪن پوءِ به توکي پائڻ جي احساس سان،
    من اندر ۾ سوين سُر ٻـُري پوندا هئا.
    ڪائنات سموري،
    رقص ڪندي محسوس ٿيندي هئي.
    ٽاري ٽاري ڳاڙها گل،
    ٽڙي پوندا هئا.
    هر موسم مهربان ڀاسندي هئي.
    تنهنجي چاهت نيڻن منجهه
    انڊلٺ جا سمورا رنگ اوتيندي هئي.
    ۽ تنهنجي سڪ،
    من اندر ۾ وري جيئڻ،
    مُرڪي پوڻ جا احساس
    اُڻيندي هئي،
    ڏکڻ هير ڳراٽڙيون پائي،
    ڏک شيئر(Share) ڪندي هئي.
    ۽ آءٌ تنهنجي نيڻن مان،
    صدين جي اڃ،
    ايئن لاهيندو هيس،
    جيئن ٿر جي ڏڪاريل ڌرتي، مينهن ڦڙين مان
    ليڪن اوچتو ئي اوچتو،
    منهنجي هٿن مان تنهنجو هٿ،
    سرڪڻ لڳو.
    ۽ مون کي ايئن ڀاسيو،
    جيئن مان اِجهو ئي،
    ڀوانٽيون کائي،
    ڪنهن اونداهي غار ۾،
    هميشه هميشه لاءِ غرق ٿي ويندس.
    ليڪن سانئڻ!
    منهنجي زرد چهري تي،
    موت جو خوف نه آهي.
    منهنجي جسم ۾ ٿورڙي به، لرزش نه آهي
    ڇاڪاڻ ته مون کي،
    موت کي مرڪي قبول ڪرڻ لئه
    سوين سبب مليا آهن.


    ننڍي کنڊ جو ماتم

    تاريخ جي پيشانيءَ تي،
    چوڏهين جي چنڊ جيان،
    جڳمڳائيندڙ ننڍو کنڊ!
    پنهنجي ئي ريٽي رت ۾،
    سوين دفعا لهو لهان ٿيو،
    شاهه ڀٽائي،
    سچل سرمست،
    نظام الدين اولياءَ،
    بابا فريد،
    بلهي شاهه
    ۽ خواجه معين الدين چشتيءَ جو تصوف
    گيڙو رتيون الفيون اوڍي،
    تڏهن دنيا تياڳي ويو.
    جڏهن محبتن جي پيامبر،
    ڪنور ڀڳت کي،
    رڪ اسٽيشن تي ڪٺو ويو هو.
    ۽ جڏهن ڀڳت سنگهه،
    چندر شيڪر آزاد
    سڀاش چندر
    ۽ هيمون جي لازوال قربانين
    رنگ لاتو.
    ۽ انگريز سامراج جي
    ڀوري ڪتي ڀونڪڻ بند ڪيو.
    تڏهن حرامي سامراجين،
    سازشن جي نئين ڪوفي،
    ”بئڪنگهم پئليس“ ۾ ويھي.
    ننڍي کنڊ جي روح کي وڍي،
    ٿالهين ۾ سجايو،
    ۽ ڪشمير کي اڻ نبريل ڇڏي،
    هميشه هميشه لاءِ نفرتن جو ٻج ڇٽي،
    نئون سامراجي روپ وٺي،
    ڀيانڪ ڏند ڪڍي بڇڙا ٽھڪ ڏنا.
    ۽ پوءِ ڪشمير
    ننڍي کنڊ جي مقدس روح ۾،
    ناسور جي شڪل ورتي،
    تڏهن کان،
    شاهه ڀٽائي جي سپني جھڙي سنڌ
    جي ڪپھه جھڙن نرم ۽ نازڪ پيرن ۾،
    غلاميءَ جا زنجير،
    هڪ ڀيرو وري وڌا ويا.
    5 لک بنگالي ڪنواريون ناريون،
    مائرون بڻجي،
    انساني ضمير تي چٿرون،
    ڪنديون رهيون.
    اڃا ننڍي کنڊ جا لڙڪ
    نه سڪا هئا ته
    شيو سينا ۽ ”بي جي پي“ جو
    ناجائز جنم،
    نهروءَ جي سيڪيولرازم جي روح ۾،
    بد نما داغ جيان پڌرو ٿيو،
    جن عبادتگاهن جي تقدس کي پائمال ڪري،
    بابري مسجد،
    گولڊن ٽيمپل
    ۽ چرچن کي مسمار ڪري،
    انساني ڀائيچاري جي بدن تي،
    خوفناڪ جانورن جيان چڪ هنيا.
    ۽ ڌرتي ماتا کي رت ۾ وهنجاريو.
    هينئر گجرات ۾ وري،
    هندو انتهاپسنديءَ جو سوئر،
    معصوم انسانيت جي ماس ۾
    پنهنجا ڀيانڪ وڄ کپائي،
    ان جي خوبصورت ۽ دلڪش چهري تان،
    ماس روڙي،
    دنيا جي وڏي ۾ وڏي جمهوريت جي پَتِ کي،
    وائکي ڪري رهيو آ
    ايٽم بم جي خالق،
    عبدالڪلام کي،
    ننڍي کنڊ جي تاريخ جي روح ۾،
    خوفناڪ تباهيون ڦهلائڻ لاءِ،
    هندوستاني صدارت جي ڪرسي تي،
    ويهاريو ويو آ،
    ڏور ڪٿي،
    دهلي جي ڦٽ پاٿن تي،
    غريبن ۽ اڇوتن جي بستيءَ ۾،
    گانڌيءَ جي ”اهنسا“ وارو نظريو
    اڻڀا وار کولي،
    سيني تي ڌڪ هڻي
    ماتم ڪري رهيو آ.
    ۽ ٽيليويزن اسڪرين تي
    ٻنهي ملڪن جا جنگي ماهر،
    پهرين ۽ ٻئي ايٽمي حملي،
    جي تباهه ڪارين جي اڳڪٿي
    ايئن ڪري رهيا آهن
    ڄڻ ڪنهن مزاحيه فلم جي،
    پريميئر شو تي ڳالهائي رهيا هجن.....!!!


    ڌرتيءَ جو نوحو

    فلسطين!
    پيغمبرن جي ڌرتي
    رت ريٽي ۾
    گذريل پنجن ڏهاڪن کان
    گولي جي ٻولي.
    نه سينڌ ڪا سرهي،
    نه زندگي جو رقص.
    آه روز اڻپوري.
    خوشي بلڪل اوپري
    پنهنجي ئي ڏيهه ۾
    ڪيمپن ۾ قيد زندگي.
    ڄڻ ماريءُ جي ڄار ۾ هيسيل هرڻي
    ٻالڪپڻ ۾
    موت جو بک بڻيل حياتي.
    معصوم ڀاءُ جي چچريل لاش تي
    ننڍڙي ڀيڻ جو،
    ٻاروتڻي ٻولي ۾ ماتم
    پيءَ جي رت ۾ وهتل لاش مٿان چنبڙيل
    معصوم ڀائرن جون چيخون.......
    ور کان وڇڙيل ونيءَ جون
    پڪارون.....
    مائرن جي نيڻن مان
    آسون ۽ اميدون
    لڙڪن سان گڏ وهندڙ....
    نوجوانن جي چهرن تي
    مرڪ بدران ڪروڌ جا تاثر....
    نوجوان نارين جي نيڻن ۾
    ڪنوار بڻجڻ بدران
    آزاديءَ جا سپنا
    شهادت جو شوق
    آزادي جيڪا کانئن رت گهري ٿي.
    سمورو ست گهري ٿي.
    هن بد نصيب ڌرتيءَ تي
    ڪڏهن گل نه ٽڙيا آهن.
    ڪڏهن ڪي چاهه جا چنگ
    نه ٻريا آهن.
    ڪڏهن ڪا ڪوئل جي صدا
    نه ٻري آ
    ڪڏهن ڪي سرهائيءَ جا گيت نه
    گونجيا آهن.
    بس هر گهٽيءَ مان
    روز نئون لاش کڄي ٿو.
    روز نئون ڪونڌر ڪسي ٿو.
    ۽ ڌرتيءَ جون هنيون هڄي ٿو.
    ڌرتيءَ ڌڪاڻيل
    ذلتن ماريل ماڻهو
    نوحه، مرثيه ۽ ڪيڏارا ڳائي ڳائي
    ساڻا ٿي پيا آهن....
    پر اڃا به دنيا جو ضمير سُتل آ....؟؟؟


    تون ۽ مان

    تنهنجي دنيا!
    ڪوڙ، دوکو، فريب،
    ٻه چاپڙائي، منافقي، خود غرضي
    غرور، وڏائي
    ۽ انسان دشمن روين تي ٻڌل آهي...!
    ۽ منهنجي دنيا!
    سچ، پيار، قرباني،
    نياز ۽ نوڙت جي عالمي اصول،
    ۽ انسان دوست روين تي مبني آهي.
    تون اجالن کان،
    باکن کان،
    صبح جي مرڪندڙ ڪرڻن کان،
    ماڪ ۽ وهنتل گلابن کان،
    ڊڄين ٿو
    ۽ آءٌ،
    باکن،
    ڪرڻن جي نور ۽ روشنيءَ ۾،
    ٻهه ٻهه ڪري ٻهڪان ٿو،
    تنهنجي دنيا ۾،
    ڪي رنگ نه آهن.
    تنهنجي دنيا ۾ سهڻا گل
    سرور بخشيندڙ سرهاڻ
    ۽ رنگ برنگي پوپٽ،
    نه آهن.
    تنهنجي دنيا ۾،
    تو سوا ٻين لئه،
    اڻ کٽ ڏک،
    بيحال ڪندڙ بک،
    ماتم، آهه و زاري،
    ۽ لڙڪن جا ڊگها سلسلا آهن.
    تنهنجي گدلي سوچ،
    وڻ ويڙهيءَ وانگر،
    انسانيت جي نرم ۽ نازڪ صلن کي
    گونچن ۽ مکڙين کي وڪوڙي
    بي ستو ڪري رهي آهي.
    ۽ منهنجي دنيا انڊلٺي رنگن،
    گلن ۽ رابيلن جي سرهاڻ سان،
    واسيل ۽ آباد آهي.
    منهنجي دنيا ۾،
    انسانن لاءِ،
    سواءِ ڪنهن امتياز جي،
    اڻ ڳڻيا سک ۽ ٽهڪ آهن.
    تون وقتي طور ته،
    مون کي شڪست ڏيئي سگهين ٿو.
    ليڪن،
    اي وقت جا يزيد....!
    ياد رک،
    تاريخ تو لئه،
    تئو ۽ طوق،
    سانڍي رکيو آهي!


    آڇ

    جانم!
    توکي آڇڻ لئه،
    ڪي گلابي گل
    چنڊ، تارا ۽ ڪهڪشائون،
    مرڪندڙ شفق جا رنگ،
    باک جو نور،
    سرنهن ڦولارجي پيلاڻ،
    مهڪندڙ فضا،
    مڌر سر،
    لئه ڀريل گيت،
    سندر آبشار،
    ڪي نيل ڪنول،
    شهد ٻڏل ٽهڪڙا،
    مصريءَ جهڙا ٻول،
    ۽ چاندنيءَ جي ڀيني خوشبو،
    مون وٽ نه بچي آ........


    موت جي قريب

    اسان جيڪي خوابن جي سهاري،
    زندگيءَ جا ڏکيا بکيا
    ۽ هنيون ڏاريندڙ لمحا
    زهر جي پيالي جيان
    ڍڪ ڍڪ ڪري
    نڙيءَ منجهه اوتيندا آهيون
    ليڪن،
    جڏهن سپنا به کسيا وڃن
    ۽ دل جي گلشن جا سمورا گلڙا
    پيرن هيٺان چيڀاٽيا وڃن.
    پوءِ ڀلا جيئڻ لئه
    ڪهڙو سبب بچي ٿو.
    هونئن به،
    زندگي ڀلا ڪا گهٽ،
    نا مهربان ته ڪو نه هئي.
    هونئن به،
    مايوسين جا ڪوهيڙا ڇڊا ته
    ڪو نه ٿيا هئا.
    هونئن به ناسور من اندر جا
    ڇٽا ته ڪو نه هئا
    هونئن به،
    لڙڪ نيڻن جا سڪا ته
    ڪو نه هئا
    جو ويتر پوري زندگيءَ جو وڇوڙو!
    هاءِ الا!!!
    ان جو احساس ئي ڪيڏو نه ڀوائتو
    ۽ هنيانءَ ڏاريندڙ ٿو ڀاسي
    جيئن ڪو لڱ لڱ کي،
    ڏنڀيندو هجي
    جيئن دماغ جون رڳون،
    ڦاٽڻ تي هجن
    ۽ دل جي دڙڪن،
    بند ٿيڻ تي هجي،
    ليڪن،
    تون ڇا ڄاڻين،
    او بي خبر!
    ته آءٌ موت جي ڪيترو،
    قريب ٿيندو پيو وڃا.......!!!


    خوابن جو مقتل گاهه

    خوابن جي مقتل گاهه ۾،
    معصوم ۽ ماڪ ڀنل،
    گلاب جي گل جهڙا،
    حسين سپنا
    هڪ ئي ڌڪ سان،
    قتل ڪيا وڃن ٿا،
    خواب!
    جيڪي غريب جي زندگيءَ جو
    ڪل حاصل هوندا آهن.
    خواب!
    جيڪي فيڪٽريءَ ۾ (OVER TIME) ڪندڙ
    مزدور جي نيڻن ۾ جڳمڳائيندا آهن.
    ۽ جڏهن سندس مقدس پيشانيءَ تان
    پگهر ڦڙا،
    ترڪندا، ٿـڙندا، ٿاٻڙجندا
    سندس ٿڪل ۽ اداس نيڻن ۾،
    اچي ڪرندا آهن.

    ته هراسيل خواب اتان به،
    ڪنهن اوچتي مصيبت جي احساس کان،
    آويلي مهل واهيرو ڇڏيندڙ،
    پکين جيان،
    اوچتو ڀڙڪو کائي اُڏري ويندا آهن.
    آرسي سامهون رکي
    ڀنڀور زلفن مان،
    چاندني چونڊيندڙ،
    غريب جي نياڻي،
    جيڪا غربت سبب ڪڏهن به ڳاڙهو وڳو،
    اوڍي نه سگهي،
    تنهنجي نيڻن جي چائنٺ تي پھچندي ئي خواب
    دم ٽوڙي ويندا آهن،
    هاڻي ته اسان جي ديس ۾،
    خوابن جي فصل کي به،
    اُلڪن جي اڏوهي کائي وئي آهي.
    ۽ ساڀيائون سياهه راتين ۾،
    ڪاريون ڪري ڪُٺيون ويون آهن!


    بوڪ ليٽ

    سانئڻ!
    زندگيءَ جي بي نانءَ،
    بوڪ ليٽ جو،
    احساس جي لال لهوءَ سان،
    اڪريل،
    اهڙو ورق آهين،
    جو جيڪڏهن،
    وقت جي ڪنهن بد نصيب لمحي ۾،
    منهنجي زندگيءَ جي بوڪ ليٽ مان،
    غائب ٿي وڃي ته،
    يقيناً،
    سموري زندگي،
    پنهنجي وقعت ۽ معنيٰ
    وڃائي ويهي رهي.


    الوداعي ملاقات

    آخري ڀيرو،
    جڏهن تون ملي هئينءَ ته،
    ڏاڍي بي رخيءَ سان،
    تو چيو هو،
    وساري ڇڏجئين.
    هر اهو سون ورنو لمحو،
    جنهن ۾ سپنن جا گلاب،
    پوکيا هئا،
    گڏجي ساڀيا جا،
    پوپٽ پڪڙيا هئا،
    خوشبوئن جا رنگ،
    وکيريا هئا،
    چاهتن جا پرچم لهرايا هئا،
    خوشي جا گيت ڳايا هئا،
    مسرتن جا ۽ پرهه جا ڳل چميا هئا،
    ۽ مون ان ويل،
    توکي التجائي نگاهن سان،
    چيو هيو ته،
    جنهن پل،
    تنهنجي زندگي !
    جُونِ جي جهولي ۾،
    پڄرڻ لڳي
    ۽ موسمون نا مهربانين جا،
    جهول ڀري،
    توکي ٻانهن جي گهيري ۾ آڻي،
    ڀڪوڙڻ چاهين،
    محبتون ۽ چاهتون،
    تو لئه اوپرا لفظ بڻجي پون،
    ۽ سمورا سهارا ڪک پن،
    ٿيندي ڀانئين،
    ان ويل،
    صرف ان ويل،
    او منھنجي سانئڻ!
    مون کي ياد ڪجائين،
    منهنجو پيار،
    منهنجي محبت،
    وسندڙ بادل جيان،
    تنهنجي اوسيئڙي ۾ هوندي.....!!!


    سندر ساڀيان

    تون!
    منهنجو سپنو نه،
    منهنجي سپني جي،
    سندر ساڀيا،
    آهين.


    رُڪ اسٽيشن

    منهنجي دل،
    رڪ جي ڦٽل،
    ريلوي اسٽيشن وانگر،
    اجڙي ويئي آهي،
    جتان،
    توکان پوءِ،
    ڪو به مسافر،
    هڪ پل لاءِ به،
    ڪو نه گذريو آهي.....!


    منهنجا نيڻ ڀنڀور

    منهنجي نيڻن جا دوار
    تنهنجي دستڪ جي،
    انتظار ۾،
    سدائين اوجاڳيل رهيا
    ليڪن،
    منهنجي نيڻن جو مقدر،
    ڀنڀور جيان ڦٽل آهي
    جو تنهنجي نازڪ آڱرين جي،
    ڇهاءَ کي به ڪڏهن،
    چمي نه سگهيا.....!!
    تو پڄاڻان!
    منهنجي حالت،
    ان معصوم هرڻيءَ جيان،
    ٿي ويئي آهي،
    جنهن جون ٻئي اکيون،
    سفاڪ شڪاريءَ ڪڍي،
    تتل ريگستانن ۾،
    ڇڏي ڏنو هجي
    ۽ ان کي،
    دوکو ڏيڻ لاءِ ئي سهي
    ليڪن،
    سراب به نظر نه ايندو هجي.......!


    روم ۽ نيرو

    منهنجو مَنُ،
    روم شهر جيان
    جلي رهيو آهي
    ۽ تون
    نيرو وانگر بانسري وڄائي پنهنجي محل جي دريءَ مان،
    اهو منظر ڏسي
    لطف اندوز ٿي رهي آهين.....!!!


    نظر انداز

    مان سورج مکيءَ جيان،
    صرف ۽ صرف،
    توڏانهن تڪيندو رهيس
    پر تو هر دفعي،
    ڪنڌ کي جهٽڪو ڏئي،
    منهنجي وجود کي،
    نظر انداز ڪري ڇڏيو!


    وقت جا سفاڪ ڪُنَ

    بند مکڙي جي،
    پنکڙين جيان،
    گڏ هئاسين،
    ليڪن اوچتو،
    درياءَ جي ٻن ڪنارن جيان،
    ڏور ٿي وياسين.
    ۽ جڏهن
    مون تنهنجي گلابي چپن تي،
    چميون ڏيڻ چاهيون ته
    وقت جي سفاڪ ڪُنَنِ،
    مون کي پائڻ شروع ڪيو.


    صدين جا مالڪ

    تنهنجي چاهت،
    منهنجي هٿ ريکائن ۾،
    نه هئي،
    مون قسمت جون،
    سموريون لڪيرون ڪٽي ڇڏيون،
    هٿ رتورت ٿي ويا،
    ليڪن،
    تو ۾ ۽ مون ۾،
    اڃان به صدين جو،
    فاصلو!!!


    مصر جي بازار

    منهنجي چاهت،
    مصر جي بازار ۾،
    سر عام نيلام ٿي ويئي،
    ۽،
    منهنجا لڙڪ
    حضرت يعقوب وانگر،
    روئندي روئندي سـُڪي ويا آهن.


    لازوال گيت

    زماني جي سموري نفرت،
    ملي به،
    منهنجي من مان،
    تنهنجي محبت کي،
    ڪپي ڪوري ڪڍي نه سگهي
    بس ازل کان،
    منهنجي چپن تي،
    تنهنجي چاهت جا
    لازوال گيت ٻرندا ئي رهياآهن ....!!


    “Valentine Day”

    مون،
    توکي گل آڇيا،
    تو،
    موٽ ۾،
    تيز چڀندڙ ڪنڊا ڏنا،
    جن کي سنڀاليندي سنڀاليندي،
    منهنجا هٿ،
    رَتو رَت ٿي ويا.
    وري جڏهن،
    منهنجي هٿن مان،
    رت ٽمي ڌرتيءَ تي ڪريو،
    ته اتان به گلابي گل ڦٽا،
    ليڪن،
    تو وٽان،
    نفرتن جا ڪنڊا،
    ختم ٿي وڃن،
    ته ڪنهن ”ويلنٽائين ڊي“ تي،
    انهن گلن مان هڪ گل پٽي،
    پنهنجي گهنڊيدار زلفن ۾،
    ضرور سجائجانءَ،
    مان سمجهندس ته،
    منهنجي محبت،
    سڦلتا ماڻي ورتي.


    شڪتي ۽ مڪتي

    سهڻي جيان،
    وچ درياءَ ۾،
    هوندي به،
    منهنجو من پيا سوئي رهيو،
    ۽،
    تنهنجا سپنا،
    ساهس بڻجي،
    مون کي،
    قهري ڪنن سان،
    وڙهڻ جي شڪتي،
    ڏيندا رهيا
    مون کي مڪتي،
    تڏهن ملندي،
    جڏهن،
    تون ڪنڌي تان ئي سَهِيِ
    ٻئي هٿ وڌائيندين.


    عادي زبان

    منهنجي زبان،
    تنهنجي نانءَ جو مٺاس،
    چوسڻ جي،
    عادي ٿي ويئي آهي،
    هاڻ!
    جي ڪو ٻيو نانءُ،
    وٺڻ جي ضرورت محسوس،
    ٿئي ٿي ته،
    زبان تارونءَ سان،
    وڃي لڳي ٿي،
    ۽ ڪو ٻيو نانءُ
    مورڳو اچاري،
    نه ٿو سگهان.


    جاڳ ۽ ساڀيا

    صدين کان،
    منهنجي نيڻن جي،
    مقدر ۾،
    جاڳ لکيل آ،
    ليڪن تنهنجو سندر سپنو پسڻ،
    ۽ ساڀيا جي تلاش ڪرڻ به،
    منهنجو نصيب،
    ٿي نه سگهيو،


    وڇوڙي جو درد

    وڇوڙي جو درد،
    موت کان به،
    ڀيانڪ ٿيندو آ.
    توکان پوءِ ئي، سمجهي سگهيم.....!!!


    سپنن جا ستارا

    تنهنجي،
    سپنن جا ستارا،
    نيڻن ۾ جرڪندا ئي رهيا
    اوچتو،
    وڇوڙو سياري ۾،
    ڪوهيڙي جيان،
    وڪوڙي ويو
    نيڻ کليا ته،
    سپنن جا مسافر پکيئڙا،
    هڪ پل ۾ ئي،
    اڏري ويا.


    تو بن زندگي

    تنهنجي ساٿ ۾،
    زندگي،
    ماکيءَ لار کان وڌيڪ،
    مٺڙي لڳندي هئي،
    پر تون بن!
    هاڻي زندگي ٿي لڳي
    واهيات
    ۽ سموري بڪواس،
    ڪوڙي سياستڪار جي،
    ڊگهي تقرير جيان ......!


    غـرق

    تون!
    منهنجي دنيا جو،
    چنڊ آهين
    مان توکي ٻنهي هٿن سان
    پڪڙڻ ٿو چاهيان
    ان خواهش ۾،
    اڏرندي اڏرندي،
    منهنجا سڀ کنڀ،
    هڪ هڪ ٿي ڇڻي ٿا پون.
    ۽ مان اوچتو وري،
    اونداهن غارن ۾،
    غرق ٿي ٿو وڃا.


    ڪفارو

    سپرين!
    توکي وسارڻ،
    ڪبيرو گناهه آهي.
    جنهن جو ڪفارو به،
    ادا ڪري نه ٿو سگهجي.


    سندرتا جو نور

    تون،
    منهنجي من جي،
    ڪائنات جو،
    چنڊ آهين،
    مون کان ڪيڏو ڏور،
    پوءِ به،
    تنهنجي سندرتا جو نور،
    منهنجي چوڏس،
    ڇانيل آهي...........!


    ياد ۽ موسم

    تنهنجي سندر ياد،
    موسم جي پهرين،
    گل جيان،
    تازي،
    وڻندڙ
    ۽ مهڪندڙ ڀاسندي اٿم.


    وفا جا رابيل

    جي!
    تون مون تي
    اعتبار ڪرين ها ته،
    مان تنهنجو دامن،
    وفا جي رابيلن سان،
    ڀري ڇڏيا هان.....!!!


    ساٿ جا پوپٽ

    تنهنجي،
    ساٿ جا پوپٽ،
    منهنجي هٿن مان،
    اوچتو اڏري ويا،
    ليڪن،
    تن جا سندر رنگ،
    منهنجي هٿن تي،
    رهجي ويا
    جيڪي هاڻ!
    تنهنجي ياد جي صورت ۾،
    وڌيڪ چٽا ۽،
    گهرا ٿيندا پيا وڃن.


    سنڌوءَ جي پوڄا

    سنڌو!
    تنهنجي سندر مورتي ٺاهي،
    گوڏا ڀڃي،
    ڪنڌ جهڪائي،
    نيڻ نماڻي،
    ٻئي هٿ ٻڌي،
    زمانن کان،
    تنهنجي پوڄا ڪندو رهيس.
    ليڪن خبر ئي نه پئي
    ڪنهن راوڻ،
    تنهنجي مورتي
    مون اڳيان هٽائي ڇڏي
    افسوس!
    من اندر جي،
    سموري سچائيءَ هوندي به،
    منهنجي پوڄا،
    مڪملتا ماڻي نه سگهي.


    اعتبار جي چيچ

    اي رات جي راڻي!
    جي آءٌ گلاب جو گل،
    ناهيان ته،
    ڪنڊا به ناهيان
    تون اعتبار جي،
    چيچ پڪڙي،
    جي منهنجي هم سفر ٿي ها،
    ته مان وفا جي مهڪ سان
    تنهنجي وجود کي،
    مهڪائي ڇڏيان ها،
    ۽ تون اَڄُ
    پتي پتي ٿي نه ڇڻي ها.


    چپن جي مَڌُ

    تنهنجي،
    چپن جي مَڌُ،
    آب زم زم کان به،
    مٺي لڳي،
    جنهن منهنجي من اندر کي،
    رقص در ويشان جيان،
    جهومائي ڇڏيو.....!!!


    جيون جي ٻيڙي

    منهنجي دوستن،
    مون کي چيو!
    ”ڇو اداس ويٺو آهين“؟
    ”ڪهڙو کنڊ جو جهاز ٻڏي ويو اٿئي“
    مون انتهائي ڏک وچان وراڻيو
    ”نه سپنن جا سڙهه سڙي ويا آهن“
    هاڻ!
    منهنجي جيون جي ٻيڙي،
    اجهو ٻڏڻ واري آهي“
    ايئن چئي مان سڏڪي پيس....!!!


    دعائن جو محور

    مون،
    جيڪو پنهنجي مالڪ کان،
    گهريو،
    مون کي مليو
    ليڪن صرف تنهنجي آرزو،
    اڻپوري رهجي ويئي،
    تڏهن ته،
    تنهنجي محبت جي حاصلات ئي،
    منهنجي دعائن جو،
    محور رهي آهي.


    طواف

    تنهنجي،
    هستيءَ مان،
    گلاب جي گل جي،
    مهڪ ايندي اٿم.
    تڏهن ئي ته،
    منهنجي من جو ڀؤنر،
    تنهنجي حسين وجود،
    جو طواف ڪندي
    نه ٿو ٿڪجي....!!!


    سراب

    تو پڄاڻان!
    اميدن جي صحرا ۾،
    ڪي خيابان نه،
    صرف ئي صرف،
    سراب مليا......!


    مستجاب

    منهنجي،
    هڪ به دعا،
    مستجاب ٿي نه سگهي
    يقيناً،
    جي منهنجي هڪ به دعا
    مستجاب ٿئي ها ته،
    اڄ مان،
    تنها تنها،
    اداس اداس نه هجان ها،
    ڇاڪاڻ ته هر دعا ۾،
    مان سنڌ ئي ته،
    گهري آهي.....!!!


    فلسطين سڏڪي رهيو آهي

    اڄ وري،
    محمود درويش جي شاعريءَ،
    جي نيڻن مان،
    رت گاڏڙ لڙڪ،
    ٽمي رهيا آهن.
    اڄ وري،
    فلسطين جي ڌرتي،
    وار کولي،
    ڪارو ويس اوڍي،
    سيني تي ڌڪ هڻي،
    ماتم ڪري رهي آهي.
    اڄ وري،
    سرمئي آڪاش تي،
    شهيدن جي لهوءَ جي،
    ڳاڙهي رت جا نشان،
    چٽا ٿي اڀريا آهن.
    اڄ وري،
    سموري ڪائنات سوڳوار آ،
    اڄ وري،
    تاريخ منهن مونن ۾ ڏيئي،
    رڙي رهي آهي،
    اڄ وري،
    فضائن ۾ سڏڪا گونجيا آهن
    اڄ وري،
    ماءَ جي ڇاتيءَ سان،
    چهٽيل ٻارڙن،
    ڇرڪ ڀري،
    آزاديءَ جي آذان کي،
    لبيڪ لبيڪ چيو آ،
    اڄ وري،
    پوڙهو پيءُ Suicide attack کانپوءِ،
    ڏڪندڙ هٿن سان،
    پنهنجي جوان پٽ جي،
    وجود جي حصن کي ڳولهي،
    ڪفن ۾ گڏ ڪري رهيو آ،
    اڄ وري،
    ماءُ سجدي مان سِرُ کڻي،
    پنهنجي اڪيلي سهاري جي،
    جسم کي،
    بارود سان سينگاري،
    ”آزادي يا موت“ جو،
    وچن وٺي رهي آهي.
    اڄ وري، محبوبائن پنهجي سپنن جي شهزادن،
    جي چيلهن ۾،
    بم ٻڌي،
    وهندڙ لڙڪن سان،
    الوداع ڪيو آ،
    اڄ وري،
    فلسطين سڏڪيو آ،
    اڄ وري،
    عرفات جهريو آ
    اڄ وري ”العتش العتش“ جي صدا
    اڄ وري ”هَلِ مِن ناصِر يَنصُرِنا“
    اڄ وري شام غريبان،
    اڄ وري ڪربلا ڪربلا......!!


    جيون جي سُڌَ

    تنهنجي جوڀن جي مستيءَ،
    مون کي مست الست،
    ڪري ڇڏيو.
    هاڻ ته پنهنجي وجود جي،
    سڌ به وڃائي ويٺو آهيان.
    سواءِ تنهنجي.......!


    مضطرب روح

    تنهنجي ياد جون مٺيون،
    جڏهن منهنجي روح تي،
    ثبت ٿين ٿيون ته،
    صدين کان،
    مضطرب روح کي،
    چين اچيو وڃي ٿو.....!


    ڪوڙهيل رسمون

    اداس شام جي،
    پڇاڙڪن لمحن ۾،
    تنهنجون يادون،
    تنهنجيون ڳالهيون،
    تنهنجا ٽهڪڙا،
    ساٿ ۾،
    ۽ لڙڪ ڦڙا منهنجي نيڻن ۾،
    اڄ جو سج به لهي ويو،
    راهه تڪيندي،
    جاڳندي نيڻن سان،
    سپنا اُڻيندي
    ليڪن،
    تون نه آئين ڪو بادل بڻجي،
    يا بهار جي پهرين جهونڪي سمان،
    يا اٺي جي هير جيان،
    جانم!
    من اندر جو ڀنڀور،
    اجڙي ويو آهي
    پر جي پنهنجي وچ ۾،
    ڪو سنڌو به هجي ها ته،
    سھڻي جيان،
    واڳن سان،
    قهري ڪُنن سان،
    جوٽـڻي جوٽيان ها
    ۽ سسئي جيان
    ڏونگر ڏاري
    تو تائين سانول رَسان ها
    ليڪن سماج جي،
    ڪوڙهيل رسمن سبب
    ۽ چاهتن جي ڀرم خاطر،
    ٿورڙي مفاصلي هوندي به،
    تنهنجي گلاب جهڙي مک کي
    پسي نه ٿو سگهان.
    تنهنجي بدن جي سرهاڻ جو
    واس وٺي نه ٿو سگهان
    تنهنجي گلابي پنکڙين جهڙن چپن کي،
    چمي نه ٿو سگهان،
    توکي ڇهي،
    سندر سپنن کي ساڀيان،
    ڏيئي نه ٿو سگهان.


    لُڇَ پـُڇَ

    نماشا ويل
    جڏهن آڪاش تي،
    تنهنجي ڳلن جھڙي لالاڻ،
    ڇائنجي وئي تڏهن،
    ذهن جي جهروڪن تي،
    تنھنجي سرهي سرهي سار،
    تري آئي،
    ها مان!!!
    سالن پڄاڻان،
    توکي چوڏهين جي چنڊ جيان،
    کڙندي جرڪندي ۽ چمڪندي،
    ڏٺو هو،
    ان خوبصورت احساس،
    ان وڻندڙ ويچار
    منھنجي سموري وجود کي،
    مس الست ڪري ڇڏيو.
    ۽ مون ان ويل
    سموري ڪائنات کي،
    رقص ڪندي،
    جهومندي محسوس ڪيو هو.
    ۽ مان توکي ڪينجهر ڪناري،
    اتر واءَ جي ڀاڪرن ۾،
    پنھنجي ٻانھن تي ستل،
    ۽ تنھنجي،
    گهنگهور گهٽائن جھڙن زلفن ۽،
    چڳن کي آڱرين تي ويڙهندي،
    ۽ تنھنجي مکڙي جي،
    ڪنول کي پنھنجي ٻَکَ ۾،
    ٽڙندو محسوس ڪيو
    مان ته تصور ئي تصور ۾،
    انهن سون ورنن لمحن کي،
    هٿ ترين وچ ۾ ڀڪوڙڻ ٿي چاهيو.
    لھندڙ سج جي لامن کي،
    نير ۽،
    ڪي ڊگهيون سنگهرون وجهي،
    روڪڻ چاهيو،
    ليڪن وقت واريءَ جيان،
    منھنجي آڱرين جي وٿين مان،
    وهي هليو،
    ۽ منھنجي چوڏس،
    پاتالن کان پولارن تائين،
    ججو بلاڙن جھڙي ڊيڄاريندڙ،
    اڻ کٽ سانت سان گڏ،
    گهاٽي ڪاري ڪوجهي،
    اونداهي ڇائنجي ويئي،
    ۽ مان ڀيانڪ رات جي،
    ساهه گُهٽيندڙ هنج ۾،
    سڏڪا ڀري روئيندو رهيس
    لڇندو رهيس......
    پچندو رهيس......


    جيون جو رولو

    جيئن،
    سمنڊ مان ڪو ميڙي سپون،
    ڳولهي موتي،
    ايئن ئي توکي ڳولهيو آ،
    واچوڙي جيان وو ڙيو آ.
    ڪيڏو اڪيلو ڊوڙيو ها.
    اکين منجهه اوجاڳا،
    تڙپن ٿا،
    ۽ ٺوٺ چپن تي
    تنهنجو مٺڙو نانءُ
    ڄڻ ٿر تي ڪو سارنگ وريو آ
    ڪارونجهر جي ڪور تي
    ڪو مور ٽليو آ
    تو لئه،
    ڪيڏو جيون روليو آ،
    ڪيڏا درد ۽ سورَ سَٺا هِن
    آءُ،
    ته ساوڪ رت ۾ سانولا،
    ڪي ٽهڪ وکيريون،
    مُرڪون ميڙيون.


    آس نراس جي سرحد

    آس نراس جي،
    سرحدن وچ ۾،
    تنهنجي ياد،
    ڪنهن ٻالڪ جي،
    گلابي چپڙن تي،
    معصوم مرڪ جيان ترندي،
    منهنجي سمورن احساسن کي،
    ڇهندي،
    جهنجهوڙيندي،
    جهومندي،
    ۽ نچندي رهي،
    ۽ مان!
    اماس رات جي،
    پوئين پهر جي،
    ماڪ ڀنل لمحن ۾،
    ننڊ اکڙن ۽،
    بند نيڻن ۾،
    سندر سپنن جي،
    ساڀيان ڳولهيندي،
    سمورين سماجي اڻ برابريءَ،
    وارين ديوارن کي،
    برلن جي ديوار جيان،
    ٽوڙڻ لئه،
    سسئي جيان،
    ڏونگر ڏارڻ لئه،
    سگهه سهيڙيان ٿو،
    سانئڻ!
    تون نه هنيو هارجانءِ،
    لڙڪ نه لاڙجانءِ،
    پير نه پسارجانءِ،
    مان وري ورندس،
    ٿر جي ٺوٺ ڇاتيءَ تي،
    وسندڙ،
    سانوڻ جي مينهن جي،
    پهرين بوند سان.....!!!


    جوڪ

    تنهنجو رسڻ،
    ۽ تنهنجو پرچڻ،
    تولئه،
    ڀل ته وندر (Joke) هجي
    ليڪن،
    مون لئه ته،
    زندگي ۽ موت جو،
    مسئلو آهي.


    ڪبير گناهه

    تو!
    اهو به نه سوچيو ته،
    ڪنهن کي،
    زندگيءَ جا خواب ڏيکاري،
    موت جي واديءَ ۾،
    ڌڪڻ،
    ڪبير گناهه آهي.


    موت

    توڙي جو مان
    موت کان ،
    ڏاڍو ڊڄندو آهيان.
    ليڪن،
    جڏهن تون،
    وڇڙڻ جون ڳالهيون،
    ڪندين آهين،
    تڏهن مون کي موت ئي،
    نجات جو،
    اڪيلو ذريعو،
    سمجهه ۾ ايندو آهي.


    تو سوا مرڻ به ناهي وس ۾

    سمنڊ ڪناري،
    سپن جي بند چپن ۾،
    جيئن هوندو موتي آ،
    تنهنجي سڪ سپرين،
    سيني ۾ ايئن سانڍي رکي آ
    پوپٽ جي پرن ۾،
    جيئن جرڪندي رنگت آ،
    تيئن ئي رنگن ڀريل،
    منهنجي چاهت آ،
    جيئن ڪڻڪ جو،
    سون ورنو سنگ آ
    تيئن مٺا تنهنجو رنگ آ
    ۽ تنهنجي ئي مساڳ مهٽيل
    گلابي چپن کان،
    اڌرا رنگ گلاب کي مليا آهن
    يقيناً تنھنجي مٺڙي مرڪ،
    ڄڻ رابيل جي مھڪ آ
    سنڌو ڪناري،
    تنهنجو ڏسي هلڻ،
    وساري ويٺا مور به ٽلڻ
    تنهنجي سونهن سانول،
    لازوال آ،
    جو ڏسي سو چوي،
    قدرت جو ئي ڪمال آ،
    تنهنجون سنڌوءَ جهڙيون،
    گهريون وڏيون ننڊ اکڙيون اکيون،
    تن کان کلڻ،
    بند مکڙيون سکيون،
    تنهنجا ڊگها ڪارا وار،
    ڄڻ برکا رت ۾ ڪڪر ڪارونڀار
    تنهنجو سندر سندر چهرو،
    سالن پڄاڻان به،
    نه مون کان آ وسريو
    موٽي ڏس!
    ڪيئن گذرن پيا لمحا،
    آخري پساهه نڙيءَ ۾،
    ڪيئن اٽڪجي پيا آهن
    تو سوا جي نه سگهيس
    تو سوا مرڻ به نه آ رهيو
    منهنجي وس ۾....!!!


    جيون مُهين دڙي جو اسٽوپا

    تنهنجي وڇوڙي جي،
    درد آڏو،
    ڪيڏو جهڪو،
    ڪيڏو نه اڻ لکو لڳي ٿو،
    ٻين جو غم،
    آڪاش جي سيني تي،
    جرڪندڙ چنڊ ۽ ستارا،
    پهرين پهر جي سج جا،
    مرڪندڙ ڪرڻا،
    پرهه ڦٽيءَ جو گُهلندڙ ٿڌڙي هير.
    ڪوئل جون مٺڙيون صدائون.
    ڌرتيءَ جي ڇاتيءَ تي وکريل سونهن،
    چوڏس وکريل سرنهن جي پيلاڻ پيلاڻ،
    هي مرڪندڙ،
    جرڪندڙ مڌ ڀريون محفلون،
    هي سنها سنها ٽهڪڙا،
    هي هٿ ۾ هٿ ڏيئي ٽلندڙ جوانيون
    چاهتن جي جذبن سان،
    ڇلندڙ ڇاتيون،
    جوڀن ڀريل ڪارين ڪجلين اکين جون شرارتون
    ۽ اهي راحتون
    گلابي ڳلن تي اڪريل،
    عجب چاهتن جون علامتون،
    اڇن اجرن نازڪ هٿن جون کيچلون،
    هي سون ورنيون ساعتون،
    توبن ڪيڏيون ويچاريون،
    ڪيڏيون اوپريون،
    ڪيڏيون ٻسيون
    ڪيڏيون درد ٻڏل، تڙپائيندڙ
    ۽ ڪيڏيون نه عذاب ڏيندڙ ڀاسن ٿيون،
    مان ته!
    موهن جي دڙي جي اسٽوپا جيان،
    ڄڻ پنجن هزارن سالن کان،
    تنهنجي طويل انتظار ۾،
    بيٺو رهيس،
    ليڪن اسٽوپا جيان،
    وس وارن جي بي حسيءَ سبب،
    ڄڻ ڀڄي ڀري پيو آهيان،
    ۽ منهنجي ڀڳل ٽٽل،
    موهن جي دڙي جھڙي وجود کي،
    دنيا جو ڪو به،
    آرڪيالوجي جو ماهر،
    جان مارشل کان جان مائيڪل تائين
    بچائي نه ٿو سگهي،
    سواءِ توکان .... !!


    اڪيلائين جو عذاب

    مون توکان،
    بس ساٿ
    گهريو هو
    پر تو تپندڙ صحرا ،
    ساڙيندڙ لڪن کي ڏسي،
    منهن موڙي ڇڏيو.
    ڪاش!
    تون مهربان وقت،
    ٿڌڙن ڇانورن ،
    ۽ ڀريل بادلن جي،
    اميد رکين ها
    ۽ مون کي،
    تنها تنها نه ڇڏين ها
    ته اڄ اڪيلائين جو عذاب
    نه ڀوڳين ها...........!


    ٻاٻيهو

    ڊگهي ڏڪارَ کانپوءِ،
    جڏهن اوچتو،
    ٿـر جي آڪاش تي،
    ڪارا ڪارا بادل وسڻ جا ويس ڪري ايندا آهن،
    کنوڻ کيج ڪندي آهي،
    اتر اوتون ڏيندو آهي،
    ۽ ڏڪاريل ڏيهه جي،
    ماروئڙن جي نيڻن ۾،
    خوشيءَ ۽ سک جا تاثر،
    لڙڪن جي صورت ۾،
    ظاهر ٿيندا آهن،
    ۽ جيئن ٿر جا ٻاٻيها لاتون لنوڻ لڳندا آهن
    تنهنجو اچڻ مون لئه ايئن هوندو آهي...
    پر جيئن،
    ڪارا ڪارا بادل،
    بنا وسڻ جي موٽي ويندا آهن،
    کنوڻ جا کيج ختم ٿي ويندا آهن،
    اتر جي اوت،
    اميدن ۽ آسن کي،
    اڏاري ويندي آهي،
    ٿرين جي نيڻن ۾ لڙڪ تري ايندا آهن،
    سندن ٻچن جو آئيندو،
    واريءَ جي ذرڙن سان گڏ،
    واچوڙن ۾
    اُڏامي ويندو آهي!
    ٻاٻيھا ٻولي ٻولي بي ساها ٿي پوندا آهن!!
    تنهنجو وڃڻ مون لئه،
    ايئن ئي هوندو آهي....!!!
    ايئن ئي هوندو آهي....!!!


    زنـدگـي

    جڏهن مون کي دوا جي ضرورت هئي،
    تڏهن تو مون کي گهرا گهاءَ ڏنا،
    جڏهن مون کي مسڪراهٽ گهربي هئي،
    تڏهن تو رت گاڏڙ لڙڪ ڏنا،
    جڏهن مون کي محبت جي ضرورت هئي
    تڏهن تو نفرتن جا عذاب بخشيا،
    جڏهن روشني جي آس هئي
    تڏهن تو تاريڪي ڏني،
    جڏهن گلن جي ضرورت هئي،
    تڏهن تو ڪنڊا عطا ڪيا.
    جڏهن گهري ننڊ جي گهرج هئي،
    تڏهن تو جڳن جي جاڳ ارپي
    جڏهن آشياني جي ضرورت هئي،
    تڏهن تو صدين جون ڊگهيون مسافتون بخشيون
    جڏهن اڃايل هيم.
    تڏهن تو سراب ڏنا.
    اي زندگي!
    اڃان تو وٽ مون کي ڏيڻ لاءِ ڇا ڇا آهي؟
    تون ڇو ڪنھن يتيم ٻار جي آهه جيان،
    ۽ ڪنھن نوجوان بيواهه جي پار جيان،
    پنهنجن سمورين نا مهربانين سان،
    صدين کان منهنجو پيڇو ڪري رهي آهين ....؟؟


    نئون کنيل ٻَارِ

    منهنجي ذهن جي،
    اڱڻ تي،
    تنهنجون يادون،
    ايئن لهنديون آهن.
    جيئن ڪنهن هاريءَ جي،
    نئين کنيل ٻارِ جي،
    پٽيءَ تي پاريهر ۽ ڳيرا
    ولر ڪري لهندا آهن.


    چوٿين اپريل جو سِجُ

    ذوالفقار!
    جڳ جرڪائڻ وارو،
    موتين جهڙو، ماڻهو،
    من هيو کير جھڙو، اجرو جنهن جو،
    ضمير ڪڏهن ستو نه هن جو،
    جهڪيو نه هو ڪڏهن ڪنھن جابر آڏو-
    لفظ سندس اُجالا هئا،
    جن بدلائي ڇڏي،
    ڪروڙين انسانن جي تقدير-
    سندس اداس نيڻن منجهه
    بک، بيماري، ذلتن ۽ ظلمتن،
    خلاف جهلڪنديون هيون،
    سوين بغاوتون،
    هو صدين کان پيڙهيل لوڪ لاءِ
    امن، عزت، عظمت ۽ غيرت
    جو اهڃاڻ هيو،
    للڪار هيو ،
    بي ضمير وقت جي واڳن لئه،
    هو گهري رات ۾،
    منصور حلاج جيان مرڪي،
    سوليءَ چڙهيو-
    بي وس عوام،
    رت جي لڙڪن سان
    ڀيٽا ڏني سدا هُن کي،
    احتجاجن پاڻ ساڙيو،
    ڦٽڪن ۽ گولين جا گهاوَ سَٺا
    قيد و بند ۾ جوانيون ڳاريون
    شيطانيت پوءِ به جئري رهي
    ڌرتيءَ تي ظلمت قابض رهي!
    ڦوهه جوڀن ۾،
    معصوم شاهنواز جي نڙيءَ ۾،
    زهر اوتيو ويو،
    هن جي ساهن جي،
    چوليءَ کي اڍيڙيو ويو،
    فضائن ۾ چوڏس سڏڪا اُڀريا،
    ڪائنات ماتمي ويس ڍڪيو
    هن جي ماءُ وري سڏڪي، رت رني،
    اسان پنهنجي ميرن هٿن سان،
    ٺپا هڻي،
    اقتدار جي ايوانن ۾،
    بي خوف بهادر بي بيءَ کي پهچائي،
    سمجهيوسين ته فتح ٿي وئي،
    شهيدن جو سرخ رت،
    سجايو ٿيو.
    اسان پنهنجو فرض به پورو ڪيو
    ليڪن وري به يزيديت،
    پنهنجي بڇڙي روپ سان،
    ڀوائتا ڏند ڪڍي،
    رقص ڪرڻ لڳي،
    بيڏوهي مرتضيٰ تي،
    گولين جو مينهن وُٺو،
    گلشن لٽيو،
    مکڙيون رنيون،
    ويران روڊ تي ڦٿڪندو رهيو،
    لڇندو رهيو،
    جڳ جڳ جيئڻ وارو،
    لاوارثن جيان،
    ساٿين سان گڏ مرڪندي شهيد ٿيو،
    اڄ وري،
    ان ساڳي رات جي اونداهيءَ ۾،
    چوٿين اپريل جو سج اڀريو آهي-
    جيڪو اسان کا تقاضا ڪري ٿو
    نئين وچن جي،
    نئين آواز جي،
    اچو ته وري،
    سر هٿن تي کڻي،
    نئين سج اڀارڻ لاءِ،
    ميدان ۾ ڪُڏي ڪاهي پئون
    ۽ ڌرتيءَ جو قرض لاهيون.


    مسيحا جيون ۾ ڪو، اتساهه نه هو، اڻ کٽ درد، گهاٽي ڪوهيڙي وانگي، سموري وجود کي ويڙهي ويو رهيو. ڊگهي سزا مليل قيديءَ جيان، لمحو لمحو روح کي ڏنڀيندو هو. چوڏس وکريل ڪروڌ، اوپرائپ ۽ کهرائپ، هر ماڻهوءَ کان ملي جنھن منهنجي من اندر کي وڍ ڏنا. اڪيلايون ئ

    روح ۽ پير
    بي خواب زندگي،
    ايئن آهي،
    جيئن ڪوئي پيرين اگهاڙو مسافر،
    هجي ۽ ان مٿان،
    سِجَ نيزي پاند،
    اچي ويو هجي.
    ۽ ان جي اکين اڳيان،
    وسيع صحرا ۾،
    واڪا ڪندو هجي
    ۽ ٻرندڙ صحرا تي،
    ڄڻ سندس روح ۽
    پير ٽچڪندا هجن.


    تون

    تون!
    جيئن آهين،
    جهڙي حال ۾ آهين.
    جيڪا به آهين
    منهنجي آهين
    ڪوئي ڀلا پنهنجي زندگيءَ سان به،
    نفرت ڪري سگهي ٿو ڇا؟


    ٿوهر جو گل

    مون ته پنهنجي چپن سان،
    گلابي گلن کي چمڻ چاهيو،
    ليڪن زندگيءَ جي،
    تپندڙ صحرا ۾،
    چمڻ لاءِ،
    ٿوهر جو گل به نه مليو!


    وجود

    تو سوا،
    منهنجي زندگي،
    ٻرندڙ ڏيئي جي وٽ جيان،
    جلي رهي آهي،
    روشني آهي ته چوڏس
    ليڪن،
    منهنجي روح جي،
    انتهائي گهراين ۾،
    اداسيون،
    نراسايون،
    ۽ تاريڪيون واسو،
    ڪري ويون آهن.
    وجود آهستي آهستي جلي،
    مٽجي رهيو آهيان.


    دل جي تڙپ

    خبر ئي نه پيئي منهنجو،
    منهنجيءَ دل تي،
    اختيار ئي نه رهيو،
    جڏهن مون کي ڄاڻ هئي،
    ته تون منهنجي ناهين،
    مون لئه ناهين.
    پوءِ به تو لئه،
    دل جي ايڏي تڙپ،
    ايڏو عذاب
    يا خدا!
    هي مون کي ڇا ٿي ويو آهي....!!!


    سوچ جو محور

    منهنجي سوچ،
    منهنجي نظر،
    ڪڏهن به ڀٽڪڻ نه سکيو آهي،
    ازل کان،
    تون ئي منهنجي سوچ جو محور،
    ۽ تون ئي نگاهن جو مرڪز آهين.
    سورج مکيءَ جيان،
    منهنجي نظرن صرف،
    توکي ئي پسڻ چاهيو....
    توکي ئي چمڻ چاهيو....


    لڪير

    تون چاهين ته،
    منهنجي زندگيءَ جي،
    ورق ورق کي،
    پنهنجي ڪپهه جهڙن هٿن سان،
    ڦاڙي ڇڏ،
    ليڪن مان پوءِ به،
    تنهنجي پيشانيءَ تي،
    اداسيءَ جي هڪ لڪير،
    بڻجي ضرور اڀرندس.....!!!


    انتظار جا بادل

    اتر به اوت لاتي آهي.
    سَرَ به نسري ويا آهن
    ليڪن،
    اڃان به،
    انتظار جا بادل،
    وڃن ٿا،
    گهرا ٿيندا.....


    ٽمندڙ لڙڪ

    زندگي!
    تو سوا،
    ڪنهن خوبصورت ناريءَ جي،
    گلابي چپن تي،
    ٽڙندڙ مسڪراهٽ جيان،
    نه پر،
    يتيم ٻار جي،
    نيڻن مان،
    ٽمندڙ لڙڪ وانگر آهي.....!


    موٽ

    مون تنهنجي لئه،
    تنهنجي راهن ۾ گلاب پوکي،
    پنهنجي خوابن سان،
    انهن جي آبياري ڪئي،
    ۽ تو نفرت جي ٿوهرن سان،
    منهنجي محبت جي دامن کي،
    تارِ تارِ ڪري ڇڏيو.....


    ياد جا پير!

    منهنجي دل جي اڱڻ تان،
    جڏهن تنهنجي ياد جا پير،
    به ڊهي ويندا
    ته ان ويل،
    دل جي ويرانين ۾،
    وڌيڪ اضافو ٿي ويندو....


    وفا جي مهڪ

    اومورک!
    وفا جي مھڪ،
    امپورٽيڊ سينٽ ۾ ٻڏل،
    خوبصورت ۽ محو رقص،
    جسمن ۾ نه ڳولهه،
    اها مھڪ ته،
    توکي ڦٽيون چونڊيندڙ،
    ڪپھه جھڙن،
    هٿن ۾ ئي ملندي....!


    لهو لهو ٿيل احساس

    زندگي!
    تازي گلاب جي ڳل تي،
    جرڪندڙ شبنم نه پر،
    ڪنھن ڪاري قرار ڏنل،
    ڳاڙهي ڇوڪريءَ جو،
    لھو لھو ٿيل احساس آهي....!


    ويران ۽ ٻُسي زندگي

    زندگي.....!
    صديون پراڻن کنڊرن جيان،
    ويران ۽ ٻسي هئي،
    ليڪن،
    جڏهن تو،
    منهنجي زندگيءَ جي،
    ويرانين ۾ پير پاتو،
    ته چوڏس،
    چانڊاڻ ٿي وئي،
    هر پاسي گلاب ٽڙي پيا،
    ۽ نوخيز بھارن،
    منهنجي سموري وجود کي،
    پاڻ ۾ ڄڻ،
    سموئي ڇڏيو آهي.......!


    بي رخي

    زندگي،
    محبوبه جي گلابي چپن تي،
    رقص ڪندڙ،
    مسڪراهٽ نه آهي.
    ليڪن،
    محبوبه جي ساهه ڪڍندڙ،
    بي رخي آهي....!


    زهره

    تنهنجي گلابي ڳل تي تِرُ،
    ايئن ٿو ڀاسي،
    ڄڻ آسمان جي پيشانيءَ تي،
    زهره (محبتن جي سياري) جو وجود.....!


    تو بنا

    تون بن!
    زندگي اسٿما (دم) جي
    مريضن جيان،
    ٿي پئي آهي،
    نه ٿي ساهن جي،
    تندُ ٽٽي،
    نه ٿو قرار ملي.....!


    رڃ ۽ رڙيون

    زندگي محبوبه جي ڳل ٿي،
    اڪريل ڪاري تر جيان نه آهي،
    زندگي اوڻٽيهين رات جي،
    گهري اونداهي آهي.
    جنهن ۾ سڀ رشتا ۽ رستا،
    وڃائجي وڃن ٿا،
    ۽ ماڻهو،
    هميشه هميشه لاءِ
    رڃ ۾ رڙيون ڪندو رهي ٿو.


    مرگھه ترشنا

    زندگي!
    صرف مور جي کنڀن جهڙي سهڻي نه آهي،
    ليڪن،
    رات جو صحرا ۾،
    سرابن پٺيان ڊوڙندڙ،
    مرگهه ترشنا به آهي.....!


    آدرشي تهذيب جي وارث سنڌ

    تاريخ جي نراڙ تي،
    کهنڀا ويس ڍڪيل،
    ڪنوار جي پيشاني تي،
    تلڪ جيان جرڪندڙ،
    موهيندڙ ۽ آدرشي تهذيب جي،
    وارث سنڌ!
    روز ازل کان سندس
    جڏهن کان تنهنجي سونهن،
    مرڪڻ سکيو،
    تڏهن کان لاشن مٿان،
    گهوڙن جا سنب،
    هاٿين جي پيرن هيٺان،
    نڙيءَ ۾ گهٽجندڙ چيخون،
    لانگ بوٽن جا ڌرتي ڌوڏيندڙ آواز،
    برهماڻيءَ مٿان،
    سڙيل انساني ماس جا،
    بانس ڀريل اڏامندڙ شعلا،
    نيرون ۽ ڪلاچيءَ منجهه،
    ڪنهن سنڌوءَ جي مٿي تان
    پوتي روڙڻ،
    ۽ چاتيون وڍيندڙ عذاب،
    ٺـٽي جي چوواٽن تي،
    ٽياس ٽنگيل آخوند جو لاش،
    شاهه عنايت جو،
    عقيدن جي اولڙي ۾ وڍيل سِرُ
    ڀٽائي تي فتوائن،
    سچل سائين تي وارن جا گهاءَ،
    لڱ لڱ تي سهندي،
    بي قصور ذوالفقار،
    سوليءَ ٽنگيل،
    معصوم شاهنواز جي نڙيءَ ۾،
    اوتيل قاتل زهر،
    مير مرتضيٰ جو ويران روڊ تي،
    گولين سان پروڻ،
    رت ۾ وهنتل،
    اڌ ڪٺل ڦٿڪندڙ،
    سوني ورني جسم کي،
    پوڙهين ٿڪل ۽ اداس،
    نيڻن سان پسندي،
    دکي ڀيڻ جا رت گاڏڙ لڙڪ،
    اڇين پنبڻن ۾ لڪائيندي،
    شهيد نذير عباسيءَ جي شيشن چڀيل،
    جهير ڏنل لاش مٿان ماتم ڪندي،
    ۽ معصوم راجيش جيڏن جي،
    لاش مٿان سڏڪندي،
    پوڙهي ماتا سنڌ لڇي ٿي
    ڦٿڪي ۽ پڇي ٿي!!
    سُرَتي سِرُ،
    ڏيڻ وارن مان آهي ڪو،
    جو ورنائي سڏ،
    سسئي وانگر ڏوري ڏونگر،
    مومل وانگي،
    مون لئه مرڪي چڙهي ڏاگهه،
    سهڻي وانگر سر جو سانگو لاهي،
    سنڌوءَ ۾ ڪاهي،
    هيمون ۽ هوشوءَ وانگي،
    بچائي سنڌ!!!
    پس منظر مان،
    ها! ها! ها! جا آواز
    ۽ اڀ ڏاريندڙ نعرا!


    دل رت ۾ وهنتل آهي

    جڏهن به،
    شاهه ڀٽائيءَ جي ڪا وائي،
    تنبوري جي تارن تي،
    ڪراڙ ڪنڌيءَ تي
    ڇـڙي پوندي آ،
    سور جي سٽ،
    من اندر تي،
    اڀري پوندي آ،
    ڄاڻان ٿو مان!
    تنهنجي ڪاڪ جي مومل کان به وڌ،
    جيڪا معصوم سونهن آ،
    سا منهنجي اجڙيل نصيب ۾،
    ناهي ليڪن!!!
    هي سٻاجهڙي دل
    مست الست تو ڪئي آ
    سانول!
    گهڻو ريجهائڻ،
    گهڻو سمجهائڻ سان به،
    نه مڃيندي آ.
    جڏهن کان،
    تنهنجي سڪ جي سرهاڻ سان،
    دل جي اڃايل ڌرتي،
    واسجي ويئي هئي،
    سچ ته،
    من اندر،
    ماڪ ڀنل پرهه ڦٽي پئي هئي،
    نصيب جي ٻاٽ اونداهين راتين ۾،
    آس جي ڪا لاٽ ٻري هئي،
    پر جڏهن کان تون،
    رٺين آهين سانئڻ!
    ڄڻ نيري نيري آڪاش تي،
    تنهنجي ڳلن جهڙي لالاڻ،
    جهڙي شفق نه نکري آ،
    نه مرڪ چپن تي،
    تري آ،
    پن ڇڻ رت جا ڪلور،
    ۽ اداس صبحن جو،
    ڪوئل جي مٺڙي ڪوڪ،
    نه ٻري آ،
    دل!
    رت ۾ وهنتل،
    اڌ ڪٺل مور جيان رڙي آ،
    من اندر جي مکڙي،
    کلڻ کان اڳ،
    گهڻو اڳ،
    مرجهائجي ويئي آ.


    آخري چڻنگ

    اجهائل نيڻن ۾،
    تنهنجي ملڻ جي آس،
    رک جي ڍير ۾ ڍڪيل،
    ڪنهن آخري چڻنگ جيان،
    دکي رهي آهي،
    تون نه ٿي ڄاڻين،
    منهنجي چوڏس
    ڌڪار جو زهر،
    ڪيڏو نه پکيڙيو ويو آ،
    تو بن،
    ڄڻ هر لمحو،
    ڪاريهر جيان ڪر کڻي،
    منهنجي وجود جي هر حصي کي،
    ڏنگي رهيو آهي.


    سوليءَ چڙهيل آدرش

    ياد اٿئي!...
    ڪڏهن ته،
    سچ، سونهن،
    ۽ سرهاڻ ڀريا سپنا،
    تنهنجا منهنجا ساڳيا هئا،
    سي ڌنڌلا ٿيندا پيا وڃن،
    سڀ آدرش،
    سوليءَ چڙهيل،
    پويان پساهه،
    نڙي ۾ اٽڪيل،
    پوءِ به تون ايڏو ڏورُ ...!؟


    ڪائنات جي سونهن

    ڪائنات جي سموري سونهن،
    سندس گھرين وڏين اکين ۾،
    سمايل هئي،
    گلاب جي سموري رنگت،
    هن جي چپن ۾ جهلڪي ٿي.
    سانوڻيءَ جي ڪارن ڪڪرن،
    جھڙي ڪاراڻ
    سندس وڏن ڊگهن زلفن ۾،
    لڪل هئي،
    ڪوئل جھڙي مٺڙي ٻولي هن جي،
    پرهه جو پيغام هئي،
    جنهن جي هڪ مرڪ سان،
    فطرت به،
    مست الست ٿي جهومندي هئي،
    هوءَ!
    يڪتاري جي تارن مان اڀرندڙ،
    شاهه سائين جي شاعريءَ،
    جو پڙاڏو هئي،
    هن جي نوريءَ جهڙي نياز،
    منهنجي وجود جي ذري ذري کي،
    موهي ڇڏيو هو،
    گڏ مرڻ ۽ جيئڻ جي واعدن سان،
    اسان گڏجي،
    آئيندي جا سُندر سپنا اُڻيا ها، ليڪن
    هوءَ،
    وقت جي ظالم وهڪري ۾،
    موتين جهڙن اڇن اجرن،
    جهرمر جهرمر لڙڪن،
    ۽ نڙي ۾ گهٽجندڙ سڏڪن سان،
    ا- ل-و-د-ا-ع
    ا- ل-و-دا-ا-ع
    چئي هٿ لوڏڻ کان به اڳ،
    ڪو آٿت،
    ڪو ڏڍ،
    ڏيڻ کان به اڳي،
    مرجهايل ۽ ڀورا ڀورا من اندر،
    وري ملڻ جي آس،
    جرڪائڻ کان به اڳ،
    ازلي درد ڏيئي،
    واچوڙي جيان،
    پويان ساراگس،
    اڻ سونها ڇڏي،
    وئي ايڏي ڏور هلي،
    چنڊ جي چانڊوڪين،
    ۽ شفق جي نکريل لالاڻ جي به،
    پويان،
    انڊلٺ جي رنگن ۾ سمائجي،
    سماج جي اتاهين ڪلاس ۾،
    پنهنجي سوچن جي،
    بلڪل ابتڙ.


    سونهن راڻي

    ايشوريا!
    اي سونهن راڻي،
    تنهنجي هڪ مسڪراهٽ،
    پسڻ لاءِ،
    پاڪستاني سيڙپڪار 28 لک روپيه،
    انويسٽ ڪري،
    پنهنجي بزنس کي،
    وڌيڪ چارمنگ ۽ پراڊڪٽو،
    بڻايو آهي،
    اي ديوي!
    مون وٽ،
    تنهنجي هڪ پل خريدڻ لاءِ،
    سواءِ اڻ پورين حسرتن،
    ٽٽل اميدن،
    رتوڇاڻ احساسن جي،
    ۽ چند گلابي گلن کانسواءِ،
    ڪجهه به ناهي،
    ليڪن،
    يقين ڄاڻ،
    جي مون وٽ ڪي،
    چند ڏوڪڙ هجن هان،
    تڏهن به
    تنهنجي گلابي مسڪراهٽ،
    خريد يان ڪو نه ها، ڇو ته
    هوءَ جا سارا جي ماءُ،
    چڙي چڙي مري رهي آهي،
    مان ان کي دوا ڳنهي ڏيان ها،
    ۽ ها پاڙي ۾،
    رمضان جو مشين ۾ هٿ اچڻ،
    کانپوءِ،
    سندس ٻچا جيڪي بک ڪاٽي رهيا آهن
    تن لاءِ سک خريد ڪيان ها
    هو جيڪو،
    منهنجي ڀرسان ئي ٻارڙو،
    گئريج ۾ ڪم ڪري ٿو
    ۽ اسڪول جي ٽائيم تي،
    خوبصورت يونيفارم پهريل
    ڪتابن جي ٿيلهي سان
    پوپٽ جهڙن ٻارڙن کي
    ڏسي روئي ٿو،
    تنهن لئه ڪتاب خريد،
    ڪيان ها،
    ايش!
    تنهنجي سونهن،
    مسحور ته ڪري ٿي سگهي
    ليڪن بک جي چڪن کي،
    گهٽائي نه ٿي سگهي،
    ۽ اميدن جي پراڻي چوليءَ کي،
    چتيون به هڻي نه ٿي سگهي !


    خـواب

    خوبصورت اکين واري ڇوڪري،
    جنهن جي نيڻن ۾،
    اهي سندر سپنا هئا ته،
    ڪا به ناري،
    ڪاري ڪري نه ماري وڃي،
    نه ئي ڪا غريب نياڻي،
    ستر سالن جي پوڙهي سان،
    پرڻائي وڃي،
    نه ڪنهن هاري جي ٻچڙن جي،
    پيٽ ۾،
    بک جا چڪ پون
    نه ئي ڪنهن مزدور جا ٻارڙا،
    ڇت کان محروم هجن
    نه ئي ڪو معصوم ٻارڙو،
    فيس ۽ ڪتابن نه هئڻ سبب
    اسڪول مان تڙيو وڃي
    نه ئي ڪو مريض

    دوا جي کوٽ سبب
    چڙي چڙي مري وڃي
    اهي خواب،
    فيوڊل لارڊ جي اکين ۾،
    چڀڻ لڳا،
    هڪ ڏينهن يونيورسٽي کان ورندي،
    کيس اغوا ڪيو ويو
    وڏي حويليءَ جي ڊيڪوريٽيڊ روم ۾،
    سندس خوابن سان ريپ ڪيو ويو،
    هوءَ لڇڻ لڳي،
    تڙپڻ لڳي،
    ۽ رت روئڻ لڳي
    ان ويل،
    ڪنول جهڙا خواب،
    سندس نيڻن مان،
    ڦڙو ڦڙو ٿي ٽِمي رهيا هئا...!!


    ڪوه ڪاف جون پريون

    ان ويل جڏهن،
    باک ناز مان،
    گهونگهٽ هٽائي،
    ساري ڪائنات کي،
    ڪرڻن جي نور سان
    جرڪائي ڇڏيندي آ
    ۽ شبنم لاڏ مان،
    مکڙي جا ڳل،
    چمندي آ
    ۽ مکڙي خوشيءَ مان ٽڙي،
    گلاب بڻجي،
    ٻهڪي پوندي آ
    ٺيڪ ان ويل سپرين
    تنهنجون يادون،
    ذهن جي ڪينواس تي،
    ڪوهه ڪاف جي سندر پرين جيان،
    پرڙا ڦڙڪائي لهنديون آهن
    پوءِ آءُ سارو ڏينهن،
    سرمستيءَ ۾ جهومندو رهندو آهيان....!!


    ناڪام حسرتون

    اداس ماحول ۾،
    تنهنجا ٽهڪڙا،
    رابيل جي مهڪ جيان وکري،
    شفق جي رنگن جيان نکري،
    فضائن ۾ عجيب مستي،
    ڀري ڇڏيندا هئا
    ساري ڪائنات،
    لوڪ ڌن تي،
    ٻانهن ۾ ڪنگڻن جي ڇِڻِ ڇِڻِ،
    پيرن ۾ ڇيرن جي ڇم ڇم ڪندي
    رقص ڪندي،
    شاهه سائين جي وائيءَ جي،
    آلاپ تي،
    وجد ۾ اچي جهومندي،
    محسوس ٿيندي هئي،
    مومل جي موهه،
    سسئي جي سڪ
    سهڻيءَ جي سچائي،
    نوريءَ جي نياز جا اولڙا
    سدا تنهنجي سندر نيڻن ۾،
    جرڪندا هئا،
    مون ته ڪڏهن تنهنجي،
    اداس نيڻن ۾،
    ليلان جي لالچ،
    ڪو نه ڏٺي هئي
    تون ته مجسمو هئين،
    پاڻ ارپڻ جو،
    قربانيءَ جو،
    مسڪراهٽن جو.
    منصورن جيان
    اوچتو ئي دل جي ڌرتي،
    ڌڏي ويئي،
    منهنجي سپنا
    لاوارث لاش جيان،
    ڦٽ پاٿ تي،
    ٿڏجندي محسوس ٿيا،
    جنهن ويل تنهنجي نيڻن ۾،
    اوپرائپ لهي آئي
    ۽ منهنجي هر سوال جو
    اڻپورو جواب ڏيئي هلي وئينءَ
    مان تڪيندو ئي رهيس،
    ناڪام حسرتن سان،
    جيستائين نظر ايندي رهئينءَ،
    انهيءَ ويساهه تي،
    ته موٽي ايندينءَ،
    سماج جي اڻ برابري واري،
    ويڇن کي ميٽي،
    هڪ ڀيرو ٻيهر،
    ارپي ڇڏيندينءَ پاڻ
    ليڪن تون نه موٽئينءَ
    مان راهه واجهائيندو ئي رهيم
    مون کي ان ويل
    سموري ڪائنات
    سمورا پهاڙ،
    سمورا آبشار،
    سموريون موسمون،
    سموريون خواهشون
    پنهنجي ئي رت ۾ ٻڏل ڀاسيون.........!!!


    مرليءَ جا سر

    او جوڳي!
    تنھنجون اداس اکيون،
    مرليءَ جا مڌر سر،
    ڊگهيو مسافتون طئه ڪندڙ
    ٿڪل قدم،
    جنھن کي ڳولهين ٿا،
    سا!
    ڏور ديس جي شھزادي،
    پٿرن جي شھر ۾،
    سماعتن کان عاري،
    بي حس ماڻهن جي،
    شور ۾،
    بند دروازن واري محل جي،
    خوبصورت ڊيڪوريٽيڊ هال ۾،
    سوين نوڪرياڻين،
    بي شمار جيڏين جي سٿ ۾،
    تنھائيءَ جي ڀيانڪ احساس ۾ ويڙهجي،
    گهٽجي گهٽجي جي رهي آ،
    جتي تنھنجي مرليءَ جا سر،
    ڪوٽن ۽ برجن سان،
    مٿو ٽڪرائي،
    لھو لھان ته ٿي سگهن ٿا
    ليڪن اندر داخل ٿي نه ٿا سگهن.....!!!


    مٺاس

    سپرين!
    تنهنجي نانءَ ۾،
    ايڏو مٺاس آهي جو،
    جڏهن به تنهنجو نانءَ،
    چپن تي رقص ڪندو آهي
    ان ويل منهنجي زبان،
    ماکيءَ ۽ مصريءَ جو ذائقو،
    محسوس ڪندي آهي.


    پوڄا

    پٿرن کي،
    پوڄڻ جي،
    منھنجي ڌرم ۾،
    جي ممانعت نه هجي ها!
    ته مان تنهنجي،
    پوڄا،
    ضرور ڪيان ها!!


    خوشفهمي

    تنهنجو پيار!
    توڙي جو،
    مون لئه،
    خوشفهمي هيو.
    ليڪن!
    مريض لئه،
    آٿت ئي ته،
    وڏو سهارو هوندو آهي...!!


    الودائي نظم

    خوابن جي
    سرزمين جا، آباد آهي.
    اڃا ويرانن جي دنيا ۾
    ڪٿي ڪٿي ٿوهرن جي چوٽيءَ تي
    ڳاڙهن ڳاڳين سان
    سھڻا گل ٽڙن ٿا.
    من جي دامن ۾ ويراني ڇانيل آهي
    ليڪن
    نيڻن ۾
    يادن جا ديپ ٻرن ٿا.
    خوابن جي دنيا
    اڃا آباد آهي.
    اڃا به من آڪاس تي
    ڪـَتيون جڳ مڳائن ٿيون.
    اڃا به بھارن جي
    ٿڌن جهوٽن تي
    رات جي ٻاٽ اونداهيءَ ۾
    جگنو اڏرن ٿا.
    اڃا به رابيل جي خوشبو
    هوائن ۾
    وارَ کولي کولي مھڪي ٿي.
    اڃا رات جي راڻيءَ جي مھڪ
    حواسن کي جنجهوڙي ٿي.
    اڃا فراق جا ڦٽَ
    اُکلي پون ٿا.
    اڃان به يادون پراڻيون
    هنيانءَ ۾ چَڪُ وِجهن ٿيون.
    اڃا به المنظر وٽان
    سنڌوءَ جي مست ڇولين ۾
    پلي جي خوشبو
    سُتل احساسن کي
    چيچ ۾ هٿ وجهي ڇڪي ٿي.
    اڃا به سپنن جي ڌرتيءَ تي
    ڳاڙها گل ٽڙي پون ٿا.
    اڃا به سونھن ڦولار جي
    آهي اڃا به
    پر دردن جو درمان نه ٿو ملي.
    اڃا خوف وچان
    ڏوهه ڏڪن ٿا.
    اڃا به سڏڪا نڙيءَ ۾ گهٽجي وڃن ٿا.
    ليڪن خوابن جي سرزمين
    اڃا به سرسبز آهي.
    اڃا به سر سبز آهي.
    **

    سائين عبدالحق سارئي، هي نظم 14- فيبروري 2015ع تي صبح جو 09:00 وڳي لکيو. جڏهن ته سندس وفات 15-فيبروري 2015ع تي ٿي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته هي نظم سندس آخري ”الودائي نظم“ آهي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 345420
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 142663
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ