ڪتاب جو نالو: آزاديءَ جو صبح
مصنف: پرويز
ڇپائيندڙ: نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 03 اپريل 2017 ع
پڙهيو ويو: 385 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 216 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
سنڌي ڪهاڻي اڄ جنهن اوج تي آهي، ان اوج ۾ ٻين اڻڳڻين ڪهاڻيڪارن سان ٻٽ ٻيٺل اسان جو پرويز پڻ آهي. جنهن لڳاتار ڪهاڻيون لکيون آهن ۽ بنا ڪنهن ساهيءَ جي، هو ڪهاڻين سان گڏوگڏ اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ ائين سنڌي ڪهاڻيءَ جو کاتو ڪنهن نينهن نهوڙيل ڇوڪريءَ جي جهول وانگر رنگ برنگي گلن سان ڀرجندو ٿو وڃي ۽ اڄ جي ڪير سنڌي ڪهاڻيءَ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندو ته، ان ۾ کيس هر رنگ جون ڪهاڻيون ساهه کڻندي محسوس ٿينديون ...
هي ڪهاڻي ڪتاب : ”آزاديءَ جو صبح“ پڻ ان لهر جي هڪ لار ئي ته آهي... پرويز هميشه حقيقت پسند لکت جو ساٿاري رهيو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ هن ان ڳالهه جو پڻ خاص خيال رکيو آهي ته، پڙهندڙ کي ڇا ڏجي ۽ ڇو ڏجي... هن جا مڙوئي ڪتاب پنهنجي پنهنجي جاءِ تي وقت جي گُهر آهن ڪوبه ڪتاب يا سندس لکڻي بنا ڪنهن ڪارج جي ناهي
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

سٽاءُ

  • حق ۽ واسطا
  • انتساب
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر جو نوٽ
  • پنهنجن ڪتابن جا مهاڳ : ليکڪ پاران
  • پروفائيل : آءُ پاڻ پرويز.....!
  • ڪهاڻيون

  • آزاديءَ جي صبحَ جي ويجهو....!
  • نازِلَ ۽ دادِلَ....!
  • ڪجهه به ڪو نه ٿيو...
  • پَوَنِ ۽ ڪرشمه
  • مرگهه ترشنا
  • حيوان جيتري گيريت....!
  • مِٺيءَ جي مِٺيِ....!
  • عشق انوکو رنگ
  • ڌرتي ماءُ
  • چڪيا چاڪ چيهون ڪري....!
  • مُلههَ مهانگو سپرين

  • سٽاءُ

    حق ۽ واسطا

    ڪتاب جو نالو: آزاديءَ جو صبح
    موضوع : ڪهاڻيون
    ڪهاڻيڪار : پرويز
    تعداد: هڪ هزار
    ڇاپو پهريون : نومبر 2015ع
    ڪمپوزنگ: تنوير بليدي

    ڇپائيندڙ:
    نئون نياپو اڪيڊمي،
    C-4 سچل ڳوٺ، گلشن اقبال ٽائون، ڪراچي سنڌ
    Ph # 021-32624153, 34690389
    Cell # 0333-32115821


    Rs. 150/=


    انتساب

    سنڌ ۾
    قومي ۽ طبقاتي آزاديءَ
    جي جدوجهد ۾
    پهرين صف ۾ بيهي
    لازوال ڪردار ادا ڪندڙ
    ۽ شاندار سوڀن جا بنياد رکندڙ
    ڪامريڊ علي سائين (علي سوڍو) مرحوم،
    ڪامريڊ جبل سنڌي (رسول بخش ڏيٿو) مرحوم،
    ڪامريڊ ابو ملاح مرحوم ۽
    ڪامريد سائين علي محمد ميرانخور مرحوم
    جي نالي انتهائي عقيدت ۽ احترام سان
    لفظن جي هيءَ ڀيٽا پيش ڪيان ٿو.

    پرويز


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”آزاديءَ جو صبح“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار پرويز جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. انعام عباسي لکي ٿو:
    ”سنڌي ڪهاڻي اڄ جنهن اوج تي آهي، ان اوج ۾ ٻين اڻڳڻين ڪهاڻيڪارن سان ٻٽ ٻيٺل اسان جو پرويز پڻ آهي. جنهن لڳاتار ڪهاڻيون لکيون آهن ۽ بنا ڪنهن ساهيءَ جي، هو ڪهاڻين سان گڏوگڏ اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ ائين سنڌي ڪهاڻيءَ جو کاتو ڪنهن نينهن نهوڙيل ڇوڪريءَ جي جهول وانگر رنگ برنگي گلن سان ڀرجندو ٿو وڃي ۽ اڄ جي ڪير سنڌي ڪهاڻيءَ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندو ته، ان ۾ کيس هر رنگ جون ڪهاڻيون ساهه کڻندي محسوس ٿينديون ...
    هي ڪهاڻي ڪتاب : ”آزاديءَ جو صبح“ پڻ ان لهر جي هڪ لار ئي ته آهي... پرويز هميشه حقيقت پسند لکت جو ساٿاري رهيو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ هن ان ڳالهه جو پڻ خاص خيال رکيو آهي ته، پڙهندڙ کي ڇا ڏجي ۽ ڇو ڏجي... هن جا مڙوئي ڪتاب پنهنجي پنهنجي جاءِ تي وقت جي گُهر آهن ڪوبه ڪتاب يا سندس لکڻي بنا ڪنهن ڪارج جي ناهي“.

    هي ڪتاب 2015ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون نئون نياپو اڪيڊمي جي سرواڻ انعام عباسيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر جو نوٽ

    سنڌي ڪهاڻي اڄ جنهن اوج تي آهي، ان اوج ۾ ٻين اڻڳڻين ڪهاڻيڪارن سان ٻٽ ٻيٺل اسان جو پرويز پڻ آهي. جنهن لڳاتار ڪهاڻيون لکيون آهن ۽ بنا ڪنهن ساهيءَ جي، هو ڪهاڻين سان گڏوگڏ اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ ائين سنڌي ڪهاڻيءَ جو کاتو ڪنهن نينهن نهوڙيل ڇوڪريءَ جي جهول وانگر رنگ برنگي گلن سان ڀرجندو ٿو وڃي ۽ اڄ جي ڪير سنڌي ڪهاڻيءَ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندو ته، ان ۾ کيس هر رنگ جون ڪهاڻيون ساهه کڻندي محسوس ٿينديون ...
    هي ڪهاڻي ڪتاب : ”آزاديءَ جو صبح“ پڻ ان لهر جي هڪ لار ئي ته آهي...
    پرويز هميشه حقيقت پسند لکت جو ساٿاري رهيو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ هن ان ڳالهه جو پڻ خاص خيال رکيو آهي ته، پڙهندڙ کي ڇا ڏجي ۽ ڇو ڏجي...
    هن جا مڙوئي ڪتاب پنهنجي پنهنجي جاءِ تي وقت جي گُهر آهن ڪوبه ڪتاب يا سندس لکڻي بنا ڪنهن ڪارج جي ناهي...
    انڪري ئي نئون نياپو به سندس چاهڪن منجهان وڏي وقت کان لڳاتار آهي...
    نئون نياپو اڳ به سندس چار ڪتاب پڌرا ڪري چڪو آهي ۽ هي ڪتاب به سندس سان ان ئي چاهه جو اولڙو سمجهيو وڃي...
    ۽ ايندڙ وقتن ۾ به نئون نياپو سندس ڪتاب پڌرا ڪندي سرهائي محسوس ڪندو...
    ان آس پٽاندڙ هي ڪتاب پڌرو ڪجي ٿو ته، اڳين مڙوئي ڪتابن جيان هي به اوهان جي من آڳر تي ڪنهن ڪبوتر جيان لهي سگهندو...

    اوهان جو
    سنڌي انعام
    چيئرمين
    نئون نياپو اڪيڊمي


    پنهنجن ڪتابن جا مهاڳ : ليکڪ پاران

    1960ع، ستر ۽ اسي وارن ڏهاڪن ۾ سنڌي ڪهاڻيءَ تي ڪيئن تجربا ڪيا ويا. وڏا وڏا ڪهاڻيڪار ميدان ۾ لٿل هئا. امر جليل، حميد سنڌي، غلام رباني، نجم عباسي، قمر شهباز، طارق اشرف، قادر جوڻيجو، عبدالحق عالماڻي، شوڪت حسين شورو، علي بابا، سراج، رسول بخش پليجو، جيجي زرينه، ماهتاب محبوب، خيرالنساءِ جعفري، نورالهديٰ شاهه سميت ٻيا به ڪيترائي ناميارا ڪهاڻيڪارَ سنڌي ڪهاڻيءَ کي ترقي وٺرائڻ جي ڪوشش ۾ لڳا پيا هوندا هئا. ائين کڻي چئجي ته اُهو دور، جن حالتن مان گذري رهيو هو، انهن مطابق سنڌي ڪهاڻيءَ لاءِ تجرباتي دور هو. وڏن وڏن ڪهاڻيڪارن سان گڏ اسان جهڙا سيکڙاٽ ڪهاڻيڪار به پنهنجي وِتِ ۽ وَسَ آهر اُن ساٿ سان سلهاڙيل هئا.
    اُن مهل ڪن ڪهاڻيڪارن حڪومتي ڏاڍ ۽ جبر جي عتاب کان بچڻ لاءِ پنهنجي ڪهاڻين ۾ مقصد جي ڳالهه کي گهمائي ڦيرائي، رومال ۾ ويڙهي ٿي پيش ڪيو. ڪن ڪهاڻيڪارن وري نون آيل مسلمانن جي فتوا جي عالمن جي ڪفر جي فتواحن کان بچڻ لاءِ حيلا ٿي هلايا ۽ ڪن ته وري سمورين ڏاڍائين جي پرواهه نه ڪندي سڌي ڳالهه سونٽي جي ٿي ڪئي. ڪن ڪهاڻيڪارن ابتا جملا لکي سنڌي گرامر جي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ٻيڙي پئي ٻوڙي، ڪن پئي چيو ته ادب ۽ سياست ٻه الڳ الڳ شيون آهن. تنهن ڪري سياست کي ادب ۾ گهلي اچڻ ضروري ڪونهي. ڪن چيو ته ادب براءِ زندگي هجڻ گهرجي ۽ جيئن ته سياست پڻ زندگيءَ جو هڪڙو اهم پهلو آهي تنهن ڪري سياسي معاملن کي پڻ مختلف ادبي صنفن جي ڍانچي ۾ سموئڻ گهرجي.
    بهرحال، ڪهاڻيءَ جو سفر هلندو رهيو. سيکڙاٽ ڪهاڻيڪار پوڙها ٿي ويا ۽ پوڙهن ڪهاڻيڪارن مختلف سببن جي ڪري ڪهاڻي لکڻ تان ئي هٿ کڻي ڇڏيو. ڪي ته مرڳو هي جهان ئي ڇڏيا ويا. وري نون لکندڙ جون کيپون ظاهر ٿيڻ لڳيون آهن. هن وقت لکڻ تي ڪا گهڻي پابندي ڪانهي. تنهن ڪري لکندڙن کي پنهنجي ماڻهن ۽ ڌرتيءَ جي ڳالهه ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو وڃي ۽ لکندڙ بي خوف ٿي محبت، نفرت، انتقام، ڏاڍ، جبر، بالادستي، والار، ڪرپشن، دهشت گردي، قبضه گيري، ڀته خوري، ٻه- نمبري سياست، قوم پرستيءَ جي آڙ ۾ ڌنڌي بازي ۽ مذهب جي غلط استعمال سميت هر موضوع تي کليءَ دل سان لکي سگهي ٿو. ماحول ۾ موجود گدلائڻ، نشو ۽ جسم فروشيءَ کان وٺي زندگيءَ جي هر ننڍي وڏي پهلوءَ تي لکي سگهي ٿو. قوم ۽ ڌرتيءَ کي درپيش خطرن ۽ انديشن جي باري ۾ لکي سگهي ٿو. حڪومتي وائڙپ، قانون جي لتاڙ ۽ وڏيرن جي پيدا ڪيل معاشري ۾ پستيءَ ۽ زواليءَ بابت به لکي سگهي ٿو.
    تنهن ڪري اڄ جي نئين ٽهيءَ جي ليکڪن کي ڪالهه جهڙي مشڪل صورتحال سامهون ڪانهي. ماهوار، سلسليوار، هفتي وار، پندرهن روزه ۽ ٽماهي رسالا به جام نڪرن پيا. تنهن کان سواءِ تمام گهڻين روزانه سنڌي اخبارن ۾ به هفتيوار مئگزين ۽ ادبي ايڊيشن به شايع ٿين پيا. سو ڪلهه جي ڀيٽ ۾ اڄ اسان کي لکڻ ۽ پڙهڻ جا موقعا وڌيڪ آهن. اهڙي صورتحال ۾ ٿيڻ ته ائين کپندو هو ته رڳو اديبن۽ شاعرن جي اڪيلي سر ئي ايتري ڳڻپ ۽ تعداد هجي ها، جو رڳو اسين اديب ۽ شاعر ئي سندرو ٻڌي اٿي پئون ته ڪر ڪيترائي اسان جي قوم ۽ ڌرتيءَ جا مسئلا حل ڪري وجهون ها. پر هن بدقسمتيءَ کي، يا وڏيرڪي سازش کي ڇا چئجي، جو اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ تعليم بدران نشي، هٿيارن، ڪاپي ڪلچر، ڀته خوري ۽ بدڪرداريءَ جهڙيون وبائون پلجي رهيون آهن. جتان ٻار پڙهي انسان ٿي نڪرڻ بدران وحشي جانور۽ دهشتگرد ٿي پيا نڪرن. اهڙن وحشي جانورن کي ادب ۽ شاعريءَ جي، قوم ۽ ڌرتيءَ جي مسئلن کي سمجهڻ، پروڙڻ ۽ حل ڪرڻ جي ڪهڙي پرواهه!؟
    ان جي باوجود به، هينئر به پراڻن شاعرن، ڪهاڻيڪارن ۽ ليکڪن سان گڏ ڪافي نوان نالا به سامهون اچن پيا جن پنهنجي پنهنجي ميدان ۾ چڱا چوکا پير ڀريا آهن. نالن جي ڊگهي لسٽ آهي. پر رڳو ڪهاڻيءَ جي ميدان ۾ ج-ع منگهاڻي صاحبه کان وٺي رسول ميمڻ، غفور ميمڻ، انور شيخ، انور ابڙو، منظور ڪوهيار، عبيد راشدي، حسيب ڪانهيو، سلام ٿهيم، شوڪت لوهار، اختر حفيظ تائين ۽ ٻيا ڪيترا دوست وقت جي گهرجن کي سامهون رکي مختلف موضوعن کي ڪهاڻيءَ جي تاڃي پيٽي ۾ سموئي پيش ڪن ٿا. جن سان موجوده سنڌي قوم ۽ سنڌ ڌرتيءَ کي درپيش مسئلن، خطرن، انديشن ۽ امڪانن جي پروڙ پوي ٿي.
    آئون به اِن سلسلي ۾، پنهنجي جهڙي تهڙي حال سان اِن سفر جي ساٿين سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي هلڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيو آهيان. اِهو سفر، جيڪو مون پنهنجي پهرين ڪهاڻي ”اونڌاهي رات“ ماهوار ”بادل“ حيدرآباد ۾ مارچ 1967ع واري پرچي ۾ شايع ٿيڻ سان شروع ڪيو هو، سو اڃا جاري آهي. ان سفر دوران هيءُ منهنجو نائون ڪهاڻي ڪتاب شايع ٿيو آهي. ڪيئن آهي؟ ڪهڙو آهي؟ اُن راءِ جو اظهار ڪرڻ لاءِ اوهان پڙهندڙن کي منهنجي نماڻي گذارش آهي.

    پرويز
    سنڌ ميڊيڪل اسٽور
    ميرپوربٺورو،
    سجاول- سنڌ
    موبائيل: 3065201-0308
    اپريل 2015ع


    پروفائيل : آءُ پاڻ پرويز.....!

    تڏهن، جڏهن ٽنڊوڄام واري موجوده زرعي يونيورسٽي اڃا يونيورسٽي ڪا نه بڻي هئي ۽ اڃا سنڌ زرعي ڪاليج هو، آءُ اتي پڙهندو هوس (1963ع کان 1968ع). اوڻيهه سئو چوهٺ، پنجهٺ وارو زمانو هو. اسين ڪاليج جا ڇوڪرا ويڪ ايند ملهائڻ لاءِ حيدرآباد وڃي فلم شو ڏسندا هئاسين ۽ واپسيءَ مهل ڪراچيءَ کان ميرپورخاص ويندڙ مهراڻ ايڪسپريس ۾ بنا ٽڪيٽ سفر ڪري ٽنڊوڄا۾ ايندا هئاسين. ٽنڊوڄام ۾ رهندڙ ميمڻ برادريءَ جا ٻه ٽي ڇيڳرا ٺاهوڪڙا ڇوڪرا، اسان ڪاليجي ڇوڪرن سان اسٽيشن تي چيٽنگ ڪندا هئا ۽ هر ڪنهن کي چوندا هئا: ”توهان کي ”پرويز“ سلام ڏنا آهن“. هڪ ڀيري مون کي به ڦري آيا ۽ چيائون ”توهان کي پرويز سلام ڏنا آهن.“. پڇيو مانِ ”پرويز ڪهڙو؟“ چيائون ”پرويز کي ڪو نه سڃاڻين؟ هُو ته توکي گهڻو سڃاڻي....!“ ”پر پرويز آهي ڪٿي؟“ وري پڇيومان. چيائون ته ”ڪُنري ۾.“ اهڙي طرح هو ته ڀوڳ ڪندا، کلندا هليا ويا ۽ آءٌ به هاسٽل ڏانهن وڃڻ لڳس. پر هلندي هلندي هڪ تجسس دل ۾ جنم وٺڻ لڳو. ”پرويز....!“ هڪ ته نالو مون کي ڏاڍو وڻيو. ٻيو ته اڻ ڏٺي شيءِ کي ڏسڻ جو تجسس، اشتياق ۽ خواهش ڪَرَ موڙڻ لڳي. پر اوڏيءَ مهل پرويز کي ڪُنريءَ ۾ وڃي ڏسڻ منهنجي وس کان ٻاهر هو. ڳچ ڏينهن پرويز منهنجي حواسن تي ڇانيل رهيو ۽ پوءِ.... پوءِ.... مون پنهنجو پاڻ لاءِ پنهنجو ادبي نالو پرويز طئي ڪري ڇڏيو. خالي پرويز.... نه اڳيان ڪجهه ۽ نه پٺيان ڪجهه.
    ڳچ سال پوءِ، منهنجو ڪنريءَ وڃڻ ٿيو. يار محمد خاصخيلي ۽ سندس سئوٽ جان محمد خاصخيلي منهنجا دوست هئا ۽ ڪنريءَ جي پاسي ۾ ٻهراڙيءَ ۾ سندن زرعي فارم تي رهندا هئا. آءٌ هفتو کن سندن زرعي فارم تي رهيو پيو هوس. هڪ ڏينهن مون کي پيٽ ۾ سور ٿي پيو. جان محمد چيو ته هلون ٿا ڊاڪٽر پرويز وٽ. پرويز جو نالو ٻڌي منهنجا ڪن کڙا ٿيا. پڇيومانس:
    ”اهِو ڊاڪٽر پرويز ڪير آهي؟“
    ”ٽنڊي ڄام جو ميمڻ آهي. پهريائين سندس والد ڊاڪٽر هو ۽ هاڻي پاڻ ڪلنڪ هلائيندو آهي“. جان محمد چيو ۽ آءٌ ٽٻيءَ ۾ پئجي ويس.
    ۽ جيڏي مهل اسان سندس ڪلنڪ ۾ گهڙياسين ته مون کي انتهائي خوبصورت، گول مٽول ۽ هڪڙو ڳوري رنگ وارو واهه جو ٺاهوڪڙو نوجوان سندس ڪرسيءَ تي ويٺل نظر آيو. اُن پهرئين پل ۾ ئي منهنجي دل خوش ٿي ويئي پاڻ تي پنهنجو ادبي نالو پرويز رکڻ واري فيصلي تي.
    ملياسين ۽ حالي احوالي ٿياسين. منهنجي پيٽ جي سور جو علاج به ٿيو. ”هُن پرويز.... ڊاڪٽر پرويزَ مون ڪهاڻيڪار پرويز جي فراخدليءَ سان خاطر توازه ڪئي. جڏهن مون پاڻ پرويز بنجڻ جو قصو کيس ٻڌايو ته ڏاڍو محفوظ ٿيو. اُها اسان جي پهرين ۽ آخري ملاقات هئي، شايد 1979ع ۾.
    ها، آءٌ ئي اُهو پرويز ڪهاڻيڪار آهيان، جنهن پاڻ تي پنهنجو ادبي نالو به پرايو چورائي رکيو آهي. نالو ته برابر مون پرايو چورايو آهي، پر ادبي پورهيو مون پنهنجو پاڻ ڪيو آهي. اُن تي ڪنهن کي شڪ گمان نه هئڻ گهرجي ۽ هينئر تائين منهنجي کاتي ۾ هيٺيون پورهيو ۽ ثمر شامل ٿي چڪو آهي ۽ اڃان سفر جاري آهي. جيستائين سرير ۾ سگهه باقي آهي:
    آءُ علي محمد ميمڻ، 1945ع ۾ ڄايس ۽ ڪاليج جي تعليم دوران 1965 ۾ ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيم ۽ اڃا لکان پيو. 25 آڪٽوبر 2013ع تي هِن لکڻيءَ کان اڳ به سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ چار ڪهاڻيون لکيون اٿن. منهنجا اٺ ڪهاڻي ڪتاب ڇپيل آهن ۽ نائون هيءُ آهي.
    1: سڻي تنهنجو سڏ (1978ع)
    2:رت جا ڦڙا (1989ع)
    3: وڃايل مُرڪ (2006)
    4: ماڃرجي حُور (2007)
    5: منهنجو پاڻي بند نه ڪجانءِ (2007)
    6: دل جي دري (2008)
    7: ڳوڙهن جا ڪبوتر (2011)
    8: اکين ۾ رهجي ويل عڪس
    هڪ ناول- لُڙڪن آجا نيڻ (2006) پنهنجي آتم ڪٿا ”پيهي جان پاڻ ۾...“ پهريون حصو 2010ع ۾ شايع ٿيو آهي. آتم ڪٿا جي ٻئي حصي تي ڪم جاري آهي. 2 ناول پريس ۾ آهن، (مارچ 2015ع ۾ ”اڃا پنڌ ۾ آهيون“ ۽ ٽياس تي ٽنگيل“ شايع ٿي چڪا آهن) خاڪن، تاثرن، اڀياس ۽ مضمونن تي مشتمل هڪ ڪتاب ڇپائي لاءِ تيار آهي. ان کان سواءِ 1: ”پراڻو ڳوٺ نئون ڳوٺ“ انگريزي مان ترجمو، (2) ”فلسطين، جدوجهد آزادي“ انگريزي مان ترجمو، (3) ”پنڌ اڙانگاپٻ جا“ انگريزيءَ مان ترجمو، (4) ”شاهراهه دهلي“ انگريزي مان ترجمو، (5) ”پيءُ جا ڌيءَ ڏي خط“، انگريزي مان ترجمو (6) ”ڏونگر منجهه ڏيئو“، اردوءَ مان ترجمو، (7) ”اسپارٽيڪس“ اردوءَ مان ترجمو (8) ”وڇوڙي جا وڍَ“ اردو مان ترجمو شايع ٿيل آهن. گڏوگڏ:
    (1) حفيظ خان جون ڪهاڻيون ”ويندڙ رت جي شام“ سرائيڪي ڪهاڻين جو ترجمو (2) ”تمهاري شهر ۾“ (ناول) جو سنڌيءَ مان اردوءَ ۾ ترجمو به شايع ٿي چڪا آهن. (1) هل ته دهلي گهمون (سفرنامو) جو سنڌيءَ مان اردوءَ ۾ ترجمو، (2) انقلابي پارٽي ۽ ڪارڪن (ليڪچر، رسول بخش پليجو) جو سنڌيءَ مان اردوءَ ۾ ترجمو به پريس ۾ ڇپائي هيٺ آهن.
    ڪجهه نظم (ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل) به منهنجي فائيل ۾ شامل آهن.
    1967ع کان وٺي هيستائين سنڌيءَ ۾ نڪرندڙ تقريبن هر هفتيوار، پنڌرهن روزه، ماهوار، ٻه ماهي، ٽه ماهي رسالن، ڊائجسٽن ۽ اخبارن جي ادبي صفحن ۾ منهنجون ڪهاڻيون شايع ٿينديون رهنديون آهن.
    روشني پبليڪشن، نيو فيلڊس پبليڪيشن، سچائي اشاعت گهر ۽ نئون نياپو اڪيڊمي، عظمت اڪيڊميءَ فڪشن طرفان منهنجا ڪتاب ڇپرايا ويا آهن. ماهوار امرتا، ماهوار اديب، ماهوار سوجهرو، هفتيوار سنڌو ڊائجسٽ، پنڌرهن روزه عبرت ميگزين۽ ٽه ماهي سرهاڻ سميت مختلف رسالن ۾ انٽرويوز، سيلف انٽرويوز، ۽ ڪارنرس شايع ٿي چڪا آهن.
    ۽ مون پرويز کي (1) سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران اسپارٽيڪس جي ترجمي تي بهترين مترجم جو ايوارڊ ڏنو ويو. (2) ماهوار سوجهرو پاران بهترين ڪهاڻيڪارجو ايوارڊ، (3) شاهه عنايت پريس ڪلب ميرپوربٺورو پاران ڪهاڻي سيڪشن جو ساحر پريمي لائف اچيوِمينٽ ايوارڊ، (4) انيس انصاري اڪيڊمي پاران ڪهاڻي ڪانفرنس ۾ بهترين ڪهاڻيڪار جو ايوارڊ، (5) سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران بهترين آتم ڪٿا (ناول) جو ايوارڊ، (6) ڀٽائي آرٽس ڪائونسل سنڌ طرفان بهترين ڪهاڻيڪار جو ايوارڊ، (7) سنڌي ادبي سنگت سنڌ ڪهاڻي ڪتاب ”ڳوڙهن جا ڪبوتر“ تي بهترين ڪهاڻيڪار جو ايوارڊ به ڏنو ويو آهي. پر انهن ايوارڊس کان وڌيڪ انهن قربدارن جي قرب ۽ محبت جو احسانمند آهيان، جن مختلف موقعن تي مون کي شاباش ڏيئي منهنجي همت افزائي ۽ حوصله افزائي ڪئي، جن ۾ محمد ابراهيم جويو، تاج بلوچ، رسول بخش پليجو، الطاف شيخ، اختر جانوري، انور بلوچ، نجم عباسي۽ ٻيا شامل آهن.
    آءُ پرويز، انهن قبردارن جو ٿورائتو آهيان جن مون تي مختلف وقتن تي آرٽيڪل لکيا۽ انهن جو به، جن منهنجي ڪهاڻين تي تنقيد ڪئي. سندن ٿورا ٿورا نه چئبا.

    (ماهوار سوجهرو جي ٿورن سان، ڪجهه وڌايل ۽ تاريخن جي درستگي سان)

    پرويز
    25 آڪٽوبر 2013ع
    3065201-0308


    ڪهاڻيون

    آزاديءَ جي صبحَ جي ويجهو....!

    ”او ننڍپڻ جا ساٿيئڙا، .... اسين ياد آهيون يا وسري وياسين...! اسين ياد آهيون يا وسري وياسين....!...... (ماٺ)...... اسين...... ياد آهيون..... يا....!“ (سڏڪو) ۽ سڏڪي باقي لفظ ڳيهي ڇڏيا ۽ سهڻي، جيڪا فوزيه سومرو جي ڳايل ڪلام جا ورلاپ دل ئي دل ۾ آلاپي رهي هئي، تنهن کان، سڏڪي نڪرڻ کان اڳ ۾ صرف ”اسين ياد آهيون يا...“ جا لفظ ئي آواز جي صورت اختيار ڪري سگهيا هئا. تيستائين سندس ضبط جواب ڏيئي ويو ۽ هوءَ اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي.
    سهڻي سندن گهرن کان ٿورڙو پرڀرو ٻنيءَ تي وڃي رهي هئي. وهير جو ريج ڀڳل هو. ٻن ڏينهن کان وهير جاري هئي. فجر جون ٻانگون سوير ڀرو اچي چڪيون هُيون. پر سج نڪرڻ ۾ به اڃا ڪجهه دير هئي. آسمان تي هلڪا هلڪا ڇانيل ڪڪر هوا تي ڏکڻ کان اتر طرف ڊوڙي رهيا هئا. ڏکڻ جي ڇيڳري هوا پنهنجي ٿڌاڻ سان بدن ۾ ڪتڪتايون ڪري رهي هئي. سانوڻ جي اچڻ جا آثار آهستي آهستي چٽا ٿيندا پئي ويا. لاڙ جي علائقي ۾ رونبو شروع ٿي چڪو هو. جون جو پهريون هفتو هلي رهيو هو. هن مهل جا ڏينهن سخت ڪاڙهي ۽ گرميءَ جي ور چڙهيو ٿي ويا. پر هِن موسم جون راتيون هوادار ۽ ٿڌيون اهڙيون، جو جيڪو جِت ڪريو سو تِتِ الله واهي! وڃي ٿيا ست خير! صبح جو پَٽيو پَٽيو اٿارجي، ته به همراهه پير ئي نه جهلي. پڇاڙڪي رات جي ننڍ جي ڳهر به اهڙي، جو ڇٽيون ڳالهيون! اڃا مڇرن جو مارو به شروع ڪو نه ٿيو هو.
    سهڻي اڄ معمول کان اڳ ۾، اڪيلي گهران نڪري ٻنيءَ تي وڃي رهي هئي. هُن احتجاجن صبح واري چانهه جو به انتظار ڪو نه ڪيو ۽ اڳي وانگر ٻين سان گڏجي وڃڻ لاءِ به ڪا نه ترسي. رات کان وٺي سندس ڇيهه ڇڄي پيا هئا. هُن سڄي رات روئندي روئندي گذاري هئي. هُوءَ اڄ ڏاڍي اداس هئي. سندس وياڪل من تي مڻن جو بوجهه محسوس ٿي رهيو هو. هُوءَ ٻنهي پاسان ٻارن ۾ موجود پاڻيءَ جي وچان پڪو ٻنو وٺي اڳيان وڌي رهي هئي. هوءَ لاڳيتو ڍِڪون ڏيئي روئندي پئي ويئي. هن جون هينئون اڌ اڌ ٿي رهيو هو. لڙڪ سندس سانورين مِٽِنِ کان لڙي رهيا هئا. هُن کي اڄ، رات کان وٺي، گلاب بيحد ياد اچي رهيو هو. هُن، انهن اوڇنگارن، سڏڪن۽ اُسِڙِڪَن جي وچان، پنهنجي وهلورجي ويندڙ جذبن کي ٻيهر آواز جي صورت ڏني:
    ”اچ ڙي جانيئڙا، جدا ئي ٿي ماري
    ورڙي ساٿيئڙا، وڇوڙو ٿو ماري....“
    وڏي ڍِڪَ ۽ پوءِ مسلسل سڏڪا، سندس وهلورجي ويندڙ جذبا وکرڻ لڳا.... لڙڪن جون سَرِيون ٿميون ئي ڪو نه ٿي....
    ”او ننڍپڻ جا ساٿيئڙا.... اسين ياد آهيون يا.....
    وسري .... وياسين...!“
    سهڻي ان ٻاري تائين پهچي ويئي هئي، جنهن ۾ اڄ کين وهير ڪرڻي هئي. هُن گوڏن تائين سٿڻ جا وَرَ مٿي کنيا. سندس گول گول، لسيون لسيون، گوڏن کان هيٺ ماسيريون ۽ ملوڪڙيون ٽنگون لياڪا پائڻ لڳيون. هُن پنهنجي پوتيءَ کي ورائي سريکو ڪري چيلهه سان ٻڌو ته جيئن ڪپڙا گِپ چڪ ۾ خراب نه ٿين.
    هُوءَ جُتي لاهي ريج ٿيل ۽ گراڙا ڇَٽلَ ٻاري ۾ لهي پيئي ۽ هڪ ڪُنڍ کان بيهي وهير ڪرڻ ۾ جُنبي ويئي، پر..... پر گلاب جي ياد هڪ پل لاءِ به سندس پيڇو ڪو نه پئي ڇڏيو ۽ گڏوگڏ گهر ۾ راتوڪي ٿيل کانجاڻ به کيس پريشان ڪري رهي هئي.
    سهڻي ويهن سالن جي ڀلوڙ زال هئي. رنگ، سو سانورو ضرور هوس، باقي ٻيون ڇٽيون ڳالهيون، حسن بي مثال هوس. ٻن ڀائرن جي اڪيلي ۽ ٻنهي کان ننڍي ڀيڻ هئي. ماءُ پيءُ جي لاڏلي ۽ ڀائرن۽ ڀاڄائين جي دادلي هئي. سڄو گهر کيس ڀائيندو هو. ٺپ ٻهراڙيءَ جو ماحول هو. تعليم ڇوڪرن لاءِ ئي اڻ لڀ هئي ته ڇوڪريون وري ڪٿان پڙهنديون! جن جن ڳوٺن ۾ اسڪول هئا، تن ۾ وري ماستر غير حاضر هئا، جي ماستر هئا ته ٻار ڪو نه ٿي آيا. ڪٿي مائٽن جو توجهه ڪو نه هو ته ڪٿي سرڪار ماسترن کان منٿليون وٺي ڄاڻي واڻي اسڪول بند ڪرايو ويٺي هئي. مختلف جاين تي مختلف سبب هئا، پر نتيجو اِهو نڪتو آهي جو تعليم زيرو پوائنٽ تي ئي ديرو ڄمايو بيٺي آهي. سو سهڻي به پڙهي ڪا نه سگهي هئي. سندس ڀائر ۽ ڀاڄايون به اڻ پڙهيل هئا. سندس ماءُ ۽ پيءُ به اڻ پڙهيل هئا. زميندار جي زمين جي هڪڙي ڪنڊ تي هڪڙو ڪکائون گهر اڏي اچي ويٺا هئا. پر، پر هڪڙي ڳالهه منجهن نرالي هئي، ساهيءَ ته، توڙي جو سڄو گهر اڻ پڙهيل هو، پر تنهن هوندي به اهو گهر فضليت ڀريو هو، ساڃانونڌ هو. سندن ڪو به عمل، ڪا به گفتارَ ڪنهن جي رنج ۽ ڏنج جو سبب ڪا نه ٿي بڻي. کين اهڙي ڪا مائٽاڻي سُتي پيٽ ۾پيل هئي، جو هو ڪڙو ٻولڻ ته سکيا ئي ڪو نه هئا. اصل پرائي کان ڀڳل. نه ڪنهن جي گلا نه غيبت، نه ڪنهن جي هنئيءَ ۾ ۽ نه ڪنهن جي کنئيءَ ۾!. بنهه پنهنجيءَ ۾ پورا، تنهن ڪري کين ڀانئڻ وارا گهڻا هئا.
    گلاب به سندن مِٽيءَ مان هو. پر هُو وٽانئن ڏهه ٻارهن ڪلوميٽر پري هڪڙي ننڍي شهر جهڙي ڳوٺ ۾ رهندو هو ۽ سندن وچ ۾ اچڻ وڃڻ چنڊاڻي جمعاڻي، ڪنهن شادي مراديءَ تي يا ڪنهن جي موتي فوتيءَ تي ٿيندو هو. انهيءَ اچ وڃ دوران گلاب جي خوشبوءَ سان سهڻيءَ جو سراپا واسبو رهيو. آهستي آهستي، بنهه ٻليءَ پير ٻليءَ پير، گلاب جون نگاهون پنڌ ڪري سهڻيءَ جي سانوري چهري جي چوڌاريءَ پيون چڪر ڏينديون هيون۽ ڪيڏي ڪيڏي مهل، جيڏي مهل سهڻيءَ جي جوانيءَ جي مخمور نگاهن سان ٽڪراءُ ٿيندو هو، تيڏي مهل ماٺاري پاڻيءَ ۾ ڪريل ڪنڪر جيان مانڌاڻ مچي ويندو هو. موٽ ۾ سهڻيءَ جي اکين ۾ وِڄ وراڪا ڏيڻ لڳندي هئي ته سانورن چپڙن تي اڻ لکي مرڪ مهڪي پوندي هئي.
    هڪ ڀيري گلاب سهڻيءَ جن جي ڳوٺ ڀرسان موجود هڪڙي درگاهه تي لڳندڙ سالياني ميلي جي موقعي تي اچي وٽن مزمان ٿي ٽڪيو هو. سائي سومر (چنڊ واري مهيني جو پهريون سومر) جي رات ميلو لڳندو هو. سج لٿي کان وٺي سو مهڻيءَ تائين زيارتين لاءِ عام خيرات جي ماني جو بندوبست هوندو هو. پوءِ عالم سڳورا وعذ فرمائيندا هئا ۽ ان بعد مولودن جي محفل شروع ٿيندي هئي، جيڪا فجر جي اذان تائين جاري رهندي هئي. گلاب سج لٿي ڌاري هنن وٽ پهتو هو. پوءِ هُو سهڻيءَ جي ڀائرن سان گڏجي درگاهه تي ويو. لنگر پاڻي به اُتي ڪيائين. رات سڄي مولودن جي محفل ٻڌائين. صبح جو سوير اچي هنن جي گهر سهڙيو. واپس ڳوٺ ورڻ جي ڪيائين پر موڪل ڪا نه مليس. چيائونس: ”سڄي رات جو اوجاڳو آهي، سو هينئر سمهي ڪر ننڍ. ٻپهري کائي پوءِ شام جو شهر مان چڪر چاڙي ڏيئي اچجو گهر. رات جو ڪنداسين ڪچهري. صبح جو اول خير، جي وڃڻ جي اجائي تڪڙ هجي ته هليو وڃجانءِ. هونئن به پويان تنهنجا ڪهڙا سنها ٻچا آهن جيڪي توکي ساريندا. توکي آهي ڊهڻو، سوجهڙو هُتي، تهڙو هِتي!“.
    اهڙي طرح گلاب اُتي ٻي رات به رهي پيو. دل ۾ ته اڳي ئي راضي هو، پر جيڪا ٻاهرئين ٻني نه نه پئي ڪيائين، تنهن تان به هٿ کڻي ويو ۽ ٽِڪي پيو. وچئين ٽاڻي، هڪ موقعي تي گلاب ۽ سهڻي بنهه نويڪلائيءَ ۾ آمهون سامهون اچي ويا هئا. گهر جي گهٽيءَ کان ٿورڙو ٻاهر لڳل پاڻيءَ جي نلڪي مان سهڻيءَ پاڻي پئي ڀريو ۽ گلاب سهڻيءَ جي ڀاءُ سان گڏ ٻنيءَ تان چڪر هڻي، پيرَ ڌوڙ مٽيءَ ۾ ڀري اچي پهتو هو. سو کيس پير ڌوئڻا هئا. سهڻي هَٿَ، نلڪو هلائي گهڙو ڀري رهي هئي. ڀاڻس ته سٽ ڏيئي گهر اندر هليو ويو. پر گلاب اتي بيهي نلڪو وانڌو ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. ائين بيٺي بيٺي پاڻيءَ جو گهڙو ڀرجي ويو ۽ هارجڻ به لڳو. پر پوءِ به نلڪو لاڳيتو هليو پئي. گلاب هارجندڙ گهڙي کي ڏسڻ لڳو ۽ پوءِ وري سهڻيءَڏانهن نهاريائين. هن جا هٿ بي اختيار هلي رهيا هئا ۽ اکيون هڪ ٽِڪَ گلاب کي گهوري رهيون هيون. گلاب هن ڏانهن نهاريو ته نگاهون ٽڪرائجي ويون. نه رڳو ٽڪرائجي ويون، پر ٻکجي ويون. رڳو نلڪي جي ڇَڪِڙِ ڇَڪِڙِ جي آواز مان خبر پئي پئي ته نلڪو هلي رهيو آهي. پر ٻيو ڪنهن کي ڪو هوش ڪو نه هو. هوڏانهن نلڪي جو پاڻي گهڙي مان پلٽي هارجي رهيو هو ته هيڏانهن وري نينهن اُڇلون ڏيئي، اوهيرا ڪري وسي رهيو هو. هو ٻئي هڪ ٻئي جي اکين ۾ وڃائجي ويا هئا. الاجي ڪيتري دير تائين.... نيٺ گلاب چيو:
    ”پاڻي هارجي پيو...“
    ”سا ته اکين ڏٺي ڳالهه آهي، گهڙو ڀربو ته پلٽندو ته ضرور!“ سهڻي مُرڪي پيئي ته ٻئي مرڪي پيا. آس پاس مرڪي پيئي. سڄي ڪائنات مرڪي پئي. ڪرينا ڪپور جي (هندوستاني فلمي اداڪاره) مرڪ مانڌ پئجي ويئي، آها، آها... ڇا ته مرڪ هئي سهڻيءَ جي. هُن جي سانورن چپن تي حيا ۽ حجاب ڀري مُرڪ! هُن جي اکين ۾ پيار جا ڀريل سمونڍ!! هُن جي انگ انگ مان ڦٽي نڪرندڙ، ٽڙيل ڏاڙهون جا گل!!! ۽ گلاب سندس اکين جي مئي جي مستيءَ ۾ گم ٿي ويو.
    ”مون کي پير ڌوئڻا آهن“. گلاب مرڪندي چيو.
    ”ڪي ڪي ماڻهو ته ساري ڄمار ڪنهن جا پير ڌوئي پيئڻ لاءِ سڪندا رهجي ويندا آهن. پر تون هليا، نلڪو هلي پيو.“
    ”مون سمجهيو ڪو نه!“ گلاب نلڪي کي ويجهو ٿيندي چيو.
    ”انگريچي ته مون په ڪو نه ڳالهائي آهي، جو نٿو سمجهين!“
    ”سهڻي!“
    ”جي چُئانءِ“.
    ”تون ڪيڏي ملوڪ اَهيئين، اِها ڪا کبر اَهيني؟“
    ”هٿ هٿن کان ڀلا پيا آهينِ. آئون ڪيڙي باگ (باغ) جي موري آهيان؟ مون کي ڪير ٿو پڇي؟!“
    ”بروبر، اِڃَ ته آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن شيءِ جو دنگ به ٿيو وڃي. مون جي نظر ۾ ته حُسن په تو وٽ پهچي دنگ جو ليڪو ڪڍي ڇڏيو آهي.“
    ”اِهو تون جي نظر جو دوکو آهي. نه ته ٻيو ڪير ته مون ڏانهن اک کڻي په ڪو نه نهاريندو آهي.“ سهڻي پهريائين مُرڪي ۽ پوءِ اهڙي ته ملوڪڙي کِل کليائين، جنهن گلاب جا وڻ وڄائي ڇڏيا. هُو رڳو سندس منهن ۾ نهاريندو رهيو.
    ”اِها ڳالهه تون جي په سچي. پر سچ پڇين ته آئون تون جي اجائي واکاڻ جان (يا) ڪوڙي خوشامند ڪو نه پيو ڪريان. اِها تون ئي اَهيئين، جنهن مون جي دل جي در کي ڏنل ڪڙو لاهي، نه رڳو اندر جهاتي پاتي آهي، پر مرڳو ديرو ڄمائي ويهي رهي آهين.“
    ”ڏسج!“
    ”نورَ ڀٽاري جو سُونهن، چئين ته اڃا مسيت ۾ په گهڙان!“
    ”بنهه اڃ!“
    ”تون ڇاتي سمجهين! آئون ته دل جون سموريون سچايون پيو ساڻين سليان، اڃا په جي توکي ڪو شڪ گمان هجي ته جيئن وسهين، تيئن توکي وسهايان.“
    ”ائي الا! ويچارا ماڙهو!“
    ”تون ڀلي ٽوڪون ڪر، پر هن گريب جي دل جي مڙيوئي پارت هجنين“ مُرڪون مُرڪي پيون. سهڻيءَ گهڙو ڪڇ تي کنيو ۽ گلاب پير ڌوئي چمپل پاتي ۽ پوءِ ٻئي هڪ ٻئي پٺيان گهر اندر داخل ٿيا.
    اها رات اُتي رهي، گلاب ٻئي ڏينهن روانو ٿي ويو.
    ٻيءَ رات جڏهن سهڻيءَ جو وڏو ڀاءُ ۽ ڀاڄائينس اچي هنڌ ڀيڙا ٿيا، تڏهن جوڻس مڙسهينس جا ڪن کڻايا ته گلاب، جيڪو چنڊاڻي جمعاني پيو لاماراڏي، سو ڪو اِڃَ ئي ڪونهي. تو الاجي اِن ڳال جي ڊوکا ڪئي آهي ڪه نه، پر آئون سمجهان تي ته گهر جي ٻئي ڪنهن په ڀاتيءَ کي ڪا سڻس ئي ڪانهي. پر مون جي پهرئين ڏينهن کان وٺي مٿس نگاهه آهي. هُو سهڻيءَ لاءِ مانڌو آهي ۽ پانجي ڇوري په منجهس راضي آهي. پر الله جو ڏينهن رکيو آهي، مون کي مري جباب ڏيڻو آهي ته گلاب ڪڏهن په ڪا ٽرڙپائي ڪا نه ڪئي آهي. ڇوڪرو فضيلت ڀريو آهي. اخلاق وارو آهي. باقي جو ڪير، ڪا شيءِ پسند ڪري تو، ته اُن ۾ ڪو ڏوهه ڪونهي. ڏسڻو رڳو اِهو آهي ته هُو نمونو ڪيڙو تو هلي. پانجي سهڻيءَ ۾ په پان سڀني جو ڀروسو آهي ته ايڙي ڇيڳري ڪانهي، پر آءُ ڏسان پئي ته هوءَ په راضي آهي. سوجي تون جي مرضي هجي ته پوءِ ڪا ٽِويڙهه ڪجي. وڌيڪ آنجي خوشي.“
    ”جي اِڃَ آهي ته پوءِ امان کان پوءِ گهر جي وڏي تون آهيئين. سو جي تون مناسب سمجهن تي ته ڀلي ابا ۽ امان جي اڳيان سُر کڻ، وري په گهر جا وڏا ته اُهي آهن نه!“.
    ”ها اِڃَ ته آهي. پر مون جي دل تي چوئي ته ماسي په جباب ڪا نه ڏيندي. سڀاڙي ڳالهائي ڏسانس.“
    اڃا هي پانجيءَ ٻڌڇوڙ ۾ هئا ته ٽئين چوٿين ڏينهن گلاب جي ماءُ ۽ پيءُ ٺڪاءُ اچي ڪيو. ايندي ساڻ لِڪ ته اها ڪيائون ته درگاهه تي سلام ڀرڻ آيا آهيون. پر پوءِ جڏهن رات جي ماني ٽِڪيءَ کان وانڌا ٿي ڪچهريءَ ۾ کُليا ته اڇا ڪارا پڌرا ٿي پيا. چي: ”اسين سهڻيءَ جو سڱ گهرڻ آيا آهيون پانجي گلاب لاءِ. پان پانجا پاڻ ۾ آهيون. ڄاڻو سڃاڻو تا، بدو اسان وٽ ڪونهي. بدي جي کَپَ آنکي په ڪونهي. اسان جي آهي گنڌي ڳچيءَ ۾. اسان تي وڙ ڪريو. يا ڄمار آنجو اهو ٿورو پيا ڳائينداسين. پانجا حال هڪ ٻئي کي ساريا پيا آهن. وڏيون ڍاڙون هڻي ماڙهو پاڻ وڏو ڪو نه ٿيندو آهي. اسين آنجا اڀرا ڀائر آهيون. پر جهيڙو حال آهي، حال ساروُ ڪنڌ ڪڀي په ڪو نه ڪڍائينداسين. مڙس ڀاڙيئي جي مال (مهل) تي کبر پوندي آهي. کُدا ڪيندو ته اسين پاڻ تي ويڻ ڪو نه سهنداسين.“ گلاب جي پيءُ يڪساهيءَ ۾ سمورو حال احوال ڪري کڻي دنگ ڪيو. سڀني گهر وارن خبرون ٻڌيون. پوءِ نويڪلائيءَ ۾ صلاح صولي ٿي ۽ پوءِ کير وهي وڃي ڀت ۾ پيو.
    ”ابا مبارکيون،“
    ”بابا آنکي په مبارکيون“.
    ***

    اِن ڳالهه کي پنج مهينا گذري ويا.
    تازو 22 مئي 2012ع تي ڪراچيءَ ۾، هڪڙي سياسي پارٽيءَ طرفان، لياريءَ جي بلوچن ۽ سنڌين خلاف ٿيندڙ خونخوار سرڪاري آپريشن ۾ بي حساب شهيد ٿيندڙ بيگناهن سان يڪجهتيءَ جي اظهار طور، سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي سازش ۽ ٺٽي ۾ ذوالفقار آباد ٺاهي ڌارين کي ورسائي سنڌين کي اقليت ۾ آڻڻ جي سازش خلاف ۽ سنڌ جي ٻين ٻرندڙ مسئلن متعلق لياريءَ کان پريس ڪلب تائين هڪ پرامن جلوس ”محبت سنڌ ريلي“ ڪڍي ويئي هئي. ان ريليءَ ۾ ڪراچيءَ جي سنڌين ۽ بلوچن سان گڏ ٺٽي ضلعي جا ڪارڪن به شريڪ ٿيا هئا. لکين ماڻهن جي اُن ”محبت سنڌ ريليءَ“ ۾ تمام وڏي تعداد ۾ سنڌياڻيون به شريڪ ٿيون هُيون. لکين ماڻهن سان گڏ، گلاب به اُن امن جي ڪاروان ۾ پنهنجي وطن سان حُب جي اظهار طور، سنڌ جي حقن تي لڳندڙ ڌاڙن جي خلاف احتجاج طور ۽ سنڌ جي حڪومتي وڏيرن طرفان سموري سنڌ جا وسيلا دهشتگردن جي حوالي ڪرڻ جي خلاف آواز بلند ڪرڻ خاطر، دهشتگردن خلاف نفرت جي اظهار طور شريڪ ٿيو هو. هُو نه صرف شريڪ ٿيو هو، پر وڌي چڙهي حصو ورتو هئائين، پارٽيءَ جو جهنڊو هٿ ۾ هوس ۽ هُن کي سنڌياڻين جي حفاظت ڪرڻ تي مامور جٿي ۾ شامل ڪيو ويو هو.
    محبت سنڌ ريلي جيڏي مهل لي مارڪيٽ جي پان منڊي ۽ ڊينسوهال وٽان گهٽين مان اڳتي وڌڻ لڳي، اوڏي مهل دنيا جي بدنام زمانا دهشتگرد تنظيم، جنهن جي لاءِ ”تڪبير ميگزين ڪراچي“ پنهنجي هڪ مضمون ”ڪراچي بچايو، ايم ڪيو ايم تي پابندي لڳايو“ ۾ لکيو آهي ته ”ايم ڪيو ايم پاڪستان جي واحد ٽيررسٽ جماعت آهي. جنهن ضياءَالحق جي دور ۾ پروش پائڻ کان پوءِ اڄ ڏينهن تائين 6374 پٺاڻ، 6753 سنڌي، 2713 بلوچ، 3763 اردو ڳالهائيندڙ، 1908 پنجابي، ڪُل ملائي 21457 ماڻهن کي شهيد ڪري چڪي آهي. پاڪستان جي سڀني جماعتن جي اڳواڻن، NGOs، مذهبي پيشواهن، اقليتي اڳواڻن، صحافي برادريءَ جي بيباڪ اڳواڻن ۽ ٻين مشهور شخصيتن کي ڳولي ڳولي مارڻ ۾ ملوث رهي آهي. لينڊ گريبنگ، ايڪسٽوريشن، فريڪُئينٽ رائوٽس ۽ سنڌ ۾ جناح پور صوبو ٺاهڻ جي سازش ۾ وڌي چڙهي حصو وٺندي رهي آهي...” جي دهشتگردن بند جاين جي مختلف ماڙن تان، ڇتين تان، اڳواٽ ٺهيل مورچن مان ۽ مسجدن مان هٿين خالي سنڌين ۽ سنڌياڻين تي پنهنجي جديد هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا ۽ وطن جي محبت جي جذبي سان سرشار سنڌي ۽ سنڌياڻيون بيدرديءَ سان روڊن تي ڪرندا رهيا ۽ ڪراچي پوليس، جيڪا به دهشتگردن جي مرضيءَ سان ڀرتي ٿيل هئي، سا خاموش تماشائي بني ڏسندي رهي. اوڏي مهل هڪ بهادر سنڌياڻي چوڌاريءَ گولين جي وسندڙ مينهن جي پرواهه نه ڪندي وڌي وڃي هڪ پوليس آفيسر کي چيو ته ”توهان اسان جي حفاظت ڪرڻ لاءِ مقرر ٿيل آهيو. اسان هٿين خالي ۽ پرامن ماڻهن تي گولين جي برسات پئي وسي ۽ توهان خاموش بيهي تماشو پيا ڏسو. گوليون هلائيندڙ دهشتگردن خلاف جوابي ڪارروائي ڇو نٿا ڪريو؟“ موٽ ۾ اُن انسانيت کان ڪريل ذهنيت رکندڙ پوليس اهلڪار وراڻيو ته ”اسان کي گولي هلائڻ جو آرڊر ناهي.“ تڏهن ان بهادر نياڻيءَ بُجو ڏيئي اُن بي شرم پوليس اهلڪار کان سٽ ڏيئي رائيفل کسي ورتي ۽ بلڊنگ جي دريءَ مان گوليون هلائيندڙ دهشتگرد جو نشانو وٺڻ لڳي، تيستائين ٻي بلدنگ جي ڇت تي مورچو ٺاهي ويٺل دهشتگرد، سنڌ جي نئين تاريخ لکندڙ بختاور، سنڌ امڙ تان سرگهور ڪندڙ سدا حيات نياڻي ڀيڻ غزاله بتول صديقيءَ تي گولين جو مينهن وسائي ڇڏيو ۽ شهيد ڀيڻ غزاله بتول صديقي موقعي تي ئي دم ڌڻي حوالي ڪري امر ٿي ويئي. اوڏيءَ مهل ستار انڙ ۽ گلاب، جيڪي شهيد غزاله صديقيءَ کان ٿورڙو ئي پريان هئا ۽ امن قافلي جي ڀينرن جي نگراني ڪري رهيا هئا، تن جو ڏٺو ته ڀيڻ غزاله گولين جي وسڪاري ۾ ٽپي پئي آهي، سي ڇلانگ ڏيئي، روڊ تي گيلاٽيون ۽ قلابازيون کائيندا وڃي ڀيڻ غزاله مٿان ڍال بڻيا. پر تيستائين دشمن وار ڪري چڪو هو ۽ شهيد ڀيڻ جو ريٽو رت ڏامر جي ڪاري رستي تي ريلا ڪري وهي رهيو هو. دهشتگردن جي گولين ستار انڙ ۽ گلاب کي به پرڻ بنائي ڇڏيو هو. پارٽيءَ جي ساٿين ٻنهي سخت زخمي ساٿين کي اسپتال پهچائڻ جو بندوبست ڪيو. پر دير ٿي چڪي هئي. ستار انڙ به ڀيڻ غزاله جيان سنڌ تان سرگهور ڪري سرخرو ٿيو. سيني تي کاڌل سڌين گولين مان وهندڙ ڀيڻ غزاله ۽ ستار انڙ سميت 12 ٻين شهيدن ۽ 50 کان وڌيڪ زخمين جي سرخ رت پنهنجي ڌرتي بچائڻ جي پراڻي روايت قائم رکندي دنيا کي ثابت ڪري ڏيکاريو ته سنڌي اڄ به سنڌ ڏانهن کڄندڙ ميري اک جو مقابلو ڪري سگهن ٿا. گلاب سخت زخمي هو. پر دهشتگردن جي قبضي ۾ ڪراچيءَ جي اسپتالن محبت سنڌ ريليءَ جي زخمين جو علاج ڪو نه پئي ڪيو. تنهن ڪري کيس حيدرآباد شفٽ ڪيو ويو هو. جتي هو زير علاج هو ۽ چيو پئي ويو ته گولين سان چچريل سندس ٽنگ کي ٺيڪ ٿيڻ ۾ چار پنج مهينا لڳي سگهن ٿا.
    ۽ گهر ۾ متل راتوڪي کانجاڻ جو سبب به گلاب ئي هو.
    گلاب جي مڪمل علاج لاءِ ڏوڪڙن جي ضرورت هئي ۽ اهڙو نياپو سهڻيءَ جي مائٽن کي پهتو هو ته: ”جي پنج پئسا هڪيا هڙ ۾ هجن، ته حال هڪيو اسان جي ٽيڪ ڪريو. الله خير ڪري، ڪَتيءَ ۾ آن سان پائي پائيءَ جو وهنوار چڪتو ڪينداسين. اسپتال ۽ دوائن جو خرچ ته پارٽيءَ وارا پيا ڀرين، پر جيڪي ٻه ماڙهو ساڻس گڏ رهيا پيا آهين، تن کي په ته چانهه پاڻي ۽ ماني ٽڪيءَ لاءِ پنج پئسه کپن. اهو په الله جو شڪر جو ساهه جي تند بچي پيئي. سو هاڻ جيئن ساهه بتو آهي، تيئن ماهه په ٿي پوندو. ڊاڪٽر چون ٿا ته خطري جي ڳالهه ڪانهي.“
    جيئن ئي ڪالهه شام جو اِهو نياپو پهتو هو، تيئن مرڳو گهر ۾ ٻڙدڪ مچي ويو هو. سهڻيءَ جو پيءُ، سندس ننڍو ڀاءُ ۽ ماڻس اِن ڳالهه تان ڪروڌ ۾ اچي ويا هئا ته گلاب اهڙن ڦڏن ۾ پيو ڇو آهي؟ جي هن جا اِهي اڦال (افعال) رهيا ته پوءِ سُڀاڙي اسان جي سهڻيءَ کي ڪير سنڀاليندو؟ مرڳو....!
    ”اي آئون ته چُئان (چوان) تي ته پُٺ جي ڀُونڊي کان مُنهن جو ڀُونڊو ڀلو، شاديءَ کان پوءِ ويهي گُونههَ ڦَلورجن، تنهن کان اِن کاساري مان هڃر ئي جند ڇڏائي ڍاريو. صڦا کُتو جباب ڏيئي ڇڏيون، ته اسان جو اڄ په آسرو نه ڪن، نڪوئي سڀاڙي ڪن. اسان کان گلتي (غلطي) ٿي جو ها ڪري ويٺاسين. اسان کي مور اِها کبر ڪا نه هئي ته ڇورو ههڙن کنامن ۾ هٿ وجهندو ڀُوڻي.“ سهڻيءَ جي ماءُ اڄ پهريون ڀيرو ڪروڌ ۾ اچي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳي هئي.
    ”ڀيڻيان ڪا ڳالهه هجي ته کڻي مڃجي په، ڀلا پان گريبن جو ڇاتو وڃي سياست ۾؟! اسين آهيون، جو هتي اٽي ۾ جهليا پيا آهيون هيءُ مڙس آهي سو نارا (نعرا) هڻندو ڀُوڻي، گولين جي وسڪاري ۾ ٽِپَ ڏيندو ڀُوڻي، گولي ڪنهن جو منهن ٿورو ئي ڪو رکندي آهي. هروڀرو ماڙهو اچي وڃي ڪنهن ڏچي ۾، تنهن مان ڦاعدو ڪيڙو؟! وڏي ڳالهه ته اڳيان هجي ڪو مڙس ماڙهو، جيڪو سامهون نڪري اچي سندرو ڏي،ته اُن سان جنگ ٺهي په ٿي. پوءِ مڙس مڙس جو مٽ آهي، جيڪو کٽي. هي ته بي ننگا، بي وڙا ۽ بي گيريتا دهشتگرد آهين، جيڪي گهرن مان لڪي تا گوليون هلائين. تن سان ڪيڙو مقابلو ڪبو!؟ هي پانجا همراهه ته بنهه ڪي چريا آهن، جيڪي خالي هٿن سان انهن منافقن ڏانهن ويا هئا. انهن کدڙن سان اِڃَ ٿورو ئي ڪو وڙهبو آهي! اُهي ڪي مڙس چئبا، جيڪي هٿين خالي ست قرآنين نياڻين تي گولين جا برسٽ تا هلائين. انهن کدڙن ۽ ڀڙون جو ايلاج (علاج) ئي ٿورو آهي. بس رڳو ڪراچي جي چوڌاريءَ گهيرو ڪري ويهي رهجي. هر قسم جي رسد بند ڪري ڇڏجي ۽ بس پوءِ پاڻيهي مڙس ۽ ڀاڙيئي جي کبر پُوندي. جي مڙس هوندا ته گهرن مان نڪري اچي ميدان ڪندا. ڀلا جي کدڙا هوندا ته تاڙ وڄائي وڄائي ڀلي مري وڃن. کدڙن تي هٿ کڻڻ مڙسن جو شان ناهي...!“ ساڳي طرح سهڻيءَ جي پيءُ به اڳوڻو لحاظ ڇڏي، اڄ، دهشتگردن طرفان سنڌ جي نياڻين تي لڪي لڪي گوليون هلائڻ واريءَ ڪانئرتا تي ڇوهه ڇنڊيندي بنهه اگهاڙي وات ڳالهايو.
    ”ها ٻيو، ابا ٺيڪ ته چوئي تو. هِڃرَ پيپلن پان کي ڪيڙيون موڙون ٻڌايون آهن، جو سڀاڙي ٻيا اچي اسان کي هار وجهندا. پان هڃر په وهِينيرَ ۾ آهيون ۽ سڀاڙي په ڪمائينداسين، تڏهن کينداسين، اسان کي اٽي جي ٻوري نڪو هِنن هڃر پڄائي آهي ۽ نه ڪو وري سڀاڙي ٻياڪي پڄائيندا. تنهن ڪري پاڻ مسڪين ماڙهو وٺون پانجيءَ ڪرت کي. هيءُ ته کڻي رب ڪو رحم ڪيو جو همراهه بچي ويو. پر آئون سمجهان تو ته هي رهندو ڪو نه. مون کي اِن پارٽيءَ وارن جي کبر آهي. جيڪا ڳالهه ڪيندا، تنهن تان هٽندا مور ڪو نه، پوءِ ڀلي دنيا اٿلي پوئي. سو اسين گريب ماڙهو سڀاڙي هن جي ڏچن ۾ ڦاسي وڃون ۽ ڪنهن آزار ۾ اچي وڃون، تنهن مان ڪيڙو ڦاعدو! تنهن ڪري صلاح ايڙي ڪريو، جو مرڳو جند ئي ڇُٽي پوئي.“ سهڻيءَ جي ننڍي ڀاءُ پنهنجي سمجهه آهر ڳالهايو.
    ”پر چاچا، آئين (اوهين) گهر جا وڏا آهيو، هيڏانهن چاچي په گهر جي وڏي آهي. پانجي گهر جي هڪڙي ساک آهي. اِها ڳال پانجا دشمن په قبول ڪن ٿا. هاڻ جي اسين پانجي رضا خوشيءَ سان ڪيل سڱاوتي ٽوڙي کين جباب تا ڏيون ته پوءِ اسان جو ڀرم ۽ اسان جي ساک ته ڌوڙ ۾ ملي ويندي. پوءِ سڀاڙي پان تي ٻيو ڪير اتبار ڪيندو. اِڃَ ته پاڻ ڳوٺن راڄن ۾ بڇڙا ٿي رهنداسين. وڏي ڳالهه ته گلاب ڪنهن سان ڪا بڇڙي ڪا نه ڪئي آهي، ڪنهن جي ڪا چوري ڪا نه ڪئي آهي. ڪنهن جو لوڙهو ڪو نه لتاڙيو آهي. ڪنهن ننڍي وڏي سان ڪڙو ڪو نه ٻوليو آهي. ڪنهن سان ٺڳي جان (يا) دوکو ڪو نه ڪيو آهي، جو هُو اسان لاءِ کلاساريءَ جو سبب بنيو هجي. هُن ته پاڻ مڙسي ڪري بهادريءَ جو ڪم ڪيو آهي. هُن ته پاڻ نياڻين کي بچائيندي پانجو پاڻ تي گوليون سٺيون آهن. هن ته پاڻ اسان جو ڪنڌ مٿي ڪيو آهي. سو آئون سمجهان ٿي ته هن ايڙو ڪو وڏو ڏوهه ڪو نه ڪيو آهي. جو کيس ڏنل سڱ ڦري وٺجي. اسان کي پاڻ پانجي پڄت سارُو سندس ٽيڪ ڪرڻ کپي. وري په آئين وڏا آهيو، جيڙو په فيصلو ڪريو. پر هڪڙي ڳال زاد رکجا ته فيصلو ايڙو ڪجا، جو اسان جي گهر جي ساک ۽ ڀرم ساڳيا رهن.“ سهڻيءَ جي وڏي ڀاڄائيءَ پانجي راءِ ڏني. جنهن سڀني جا ڄُٻا (وات) بند ڪري ڇڏيا.
    ”ماما، آئون عمر ۾ ننڍي آهيان ۽ وڏن جي وچ ۾ ننڍن کي ڳالهائڻ ته نه کپي، پر هيءُ معاملو ئي ايڙو آهي، جنهن تي سڀني کي ڳالائڻ کپي، پانجي گهر ۾ ڪڏهن په ايڙيون ڳاليون ڪو نه ٿيون آهن، سو مون کي ٻي ته کبر ڪانهي ته ملڪ ۾ ڇا پيو وهي واپري، پر هڃر ڪراچيءَ ۾ سنڌي ماڙهن۽ ماين جو جيڪو جلسو نِکَتو (نڪتو) هو، تنهن جي جيڪو تيڪو ڳال پيو ڪري. چون ٿا ته ڪي پناهه گير وِلات مان ڏتڙجي هتي آيا هئا. سي هاڻ چُون ٿا ته ملڪ اسان جو آهي. مائي، هيڙو ڪو ناحق ٻيو ٿيندو! ايڙن گُنِ نه مڃيندڙ ماڙهن کي جباب ڏيڻ لاءِ هتان جيڪي پانجا سنڌي وڃي ڪراچيءَ ۾ گڏ ٿيا هئا، تن کي ته پاڻ شابس ڏيڻ کپي. انهن جي پٺي ٺپرڻ کپي ۽ اسين جو هتي ويٺا داٻا ڏيون ته گلاب هِڃَ ڪو ڪيو، هُڃَ ڪو ڪو نه ڪيو. سو ڪٿي اسين گلط ته ڪو نه پيا ڪريون. آئون چُئان تي ته اِهو صحيح ڪونهي. وري په آنجي کُوشي!“.
    ”ابا.....! ابا آئين گهر جا وڏا آهيو. الله ڪري ته آنجي ڇان سدائين مٿانهيون (اسان مٿان) هجي. هن کان اڳ په جيڪو آن مناسب سمجهيو ۽ ڪيو آهي، ڪنهن په آنکي ورندي ڪا نه ڏني آهي ۽ هاڻ په الله ڪيندو ته اِڃ ئي ٿيندو. پر ابا، تِرَ جي گٿي سئو چوٽون کائي. جي تڪڙ ۾، جان ڪاوڙ ۾، جان اوٻلائيءَ ۾ (بي خبري) اسان کان ڪا گلط ڳالهه ٿيو تي وڃي ته اسين ماڙهن جي اکيا پئجي وينداسين. هڪڙو ڀرڪو اکيا پيل ماڙهو سدائين لاءِ ڏاميچ (داغدار) ٿيو پوئي. سڀاڙي ٻيو ڪو اسان تي اتبار ڪيئن ڪندو؟ هر ڪو اڃ چوندو ته هي همراهه ڳالهه جا ڪچا آهين. ڳالهه تان ڦريو وڃن. اڃ اسان جي کواري ٿيندي. ٻي ڳال ته، جيئن سويل منهنجي گهرواريءَ ڳال ڪئي، ته آکر گلاب بڇڙي ڪيڙي ڪئي آهي؟ سو جي ايمانداريءَ سان ڏسجي تو ته واقعي گلاب ايڙي ته ڪا په بڇڙي ڪا نه ڪئي آهي، جنهن جي ڪري کائنس مرڳو سندس مڱ کسي وٺجي! هُڃَ په گلاب ايڙو بي اڦالو ڪونهي، پر هِن ڀيري ته مرڳو هُن اسان کي سونو ڀُولو پارايو آهي. هُڃ په پانجا وڏڙا پانجن دنگن، ننگن۽ سامِنِ تان سر گهوريندا رهيا آهن. سو گلاب په پانجي وڏڙن جي ريت نڀاهي آهي. هُن ڪا ڪچي ڪا نه ڪئي آهي. هُو جنگ جي ميدان مان پٺ ڏيئي ڀڳو ڪونهي. هن کي ڀاڄ ۾ پٺيان ڌڪ لڳل ڪونهي. هن پانجي سيني تي ۽ بدن تي گوليون سٺيون آهن. هُن ته پاڻ ايڙو ڪم ڪيو آهي، جيڪو اسان سڀني کي اڳ ۾ ئي ڪرڻ کپندو هو. پر خير، هاڻ په اسان کي ايڙو قدم کڻي کپي، جنهن سان اسين پنهنجي ڌرتيءَ جي بچاءَ واري جنگ ۾ شامل ٿي سگهون، ته اهڙي سٺي ٻي ڳالهه ٿي نٿي سگهي. پر جي اسين اِڃَ نٿا ڪري سگهون ته گهٽ ۾ گهٽ اسين ٻين کي شاباش ته ڏيون، جيڪي پانجي جان جوکي ۾ وجهي جنگ ۾ ڪاهي پيا آهن. پر جي اِڃَ په نٿا ڪري سگهون ته پوءِ په ٻين جا گس ته بند نه ڪريون. جيڪي ماڙهو سر جو سانگهو لاهي پانجي دنگن جي بچاءُ لاءِ وڙهن پيا، تن لاءِ ڏچا ته پيدا نه ڪريون. تنهن ڪري آئون ته چُئان تو ته اسان کي ايڙو ڪو په ڪم نه ڪرڻ کپي، جنهن سان ماڙهن ۾ اسان لاءِ ڌڪار پيدا ٿئي. سهڻي اسان کي ڪال په ڏيڻي هئي ۽ سڀاڙي په ڏيڻي آهي. ٻي په ڪيڙي کبر ته گلاب کان ڇڏائي وري جي ٻئي ڪنهن کي ڏنيسين، سو اڄ کڻي ڪيڙو په ڌوتو پوتو هجي، پر جي سڀاڙي لنب لوڦر ٿي تو پوي، جان ڦورُو ڌاڙيل تو ٿئي، ته پوءِ پان ڪڄاڙو ڪينداسين؟ سو آئون ته چُئان تو ته سُڀا، پرينهن جيڪي ڍڳيءَ جا پئسا ملڻا آهن، تن مان پنج ڏهه هزار کڻي هڃر ڏکيءَ مال ۾ گلاب جي ٽيڪ ڪريو. پوءِ په پئسو، پئسو ٿيندو، ماڙهو ماڙهو ٿيندو. وڏي ڳالهه ته گلاب هاڻي ڪو ڌاريون ڪاريندو رهيو ڪونهي. هُو اسان جو نياڻو آهي. اسان جو ٻچو آهي. هڃر اسين سندس واهر نه ڪينداسين ته ٻيا ڪير اچي مٿانهس نوٽ گهوريندا ڪيئن؟! کدا پنا (پناهه) ڏي، پر جي هِڃَرَ مون کي ڪا تڪليف تي ٿئي، ته په آئين دل مٺي ڪيندا ته اسان جو ڪڄاڙو وڃي؟! اِڃَ ڪو نه ٿيندو. سڀاڙي ڪڄاڙو ٿيندو؟ سا ڪيڙي کَبَرَ؟! ٿي سگهي ٿو ته اسين پانجي ننگن۽ دنگن جي ويڙهه ۾ ٻارين ٻچين گلاب کان په اڳيان هجون!“ سهڻيءَ جي وڏي ڀاءُ ڏاڍي، ٿڌي، برجستي ۽ جذباتي انداز ۾ پنهنجو ڪيس پيش ڪيو ۽ جنهن ۾ هُن گلاب جي ۽ محبتِ سنڌ ريليءَ جي مقصد جي کُلئي طرح سان حمايت ڪئي. جنهن کان پوءِ ڪنهن کي به مخالفت ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪا نه ٿي.
    ۽ سهڻيءَ اِهي سموريون ڳالهيون ماٺ مٺيءَ ۾پئي ٻڌيون.
    هُوءَ مختلف ڳالهيون ٻڌي مختلف ڪيفيتن مان گذري رهي هئي، جيڏي مهل ڪنهن جي گلاب جي خلاف ٿي ڳالهايو ته سندس هِينئون جُهريو ٿي پيو، پر جيڏي مهل ڪنهن گلاب جي حمايت ۾ ٿي ڳالهايو ته جهڙوڪر منجهس ساهه پئجيو ٿي ويو.
    ۽ جڏهن ڀاڻس وڏي ڳالهائي دنگ ڪيو ۽ ٿوري دير لاءِ سانت واسو ڪري ويئي، تڏهن سندس دل سَٽون کائڻ لڳي ته هوءَ به ڪجهه ڳالهائي. پر دل جهليو ڪا نه پئي سگهي. ٻن ڪکائين ڪوٺين جي مهندان خلاصي اڱڻ تي کٽون پيل هيون. يارهين تاريخ جي چنڊ جي سُهائي ماحول تي سحر جهڙي ڳهر جي ورکا ڪري رهي هئي. ڏکڻ جي ٿڌي هوا ٻڪريءَ جي ڇيڳرن ڇيلن جيان ٽاپي پائي رهي هئي. ڏکڻ جي هوا جي ٿڌاڻ ۽ چنڊ جي چانڊاڻ، واهه! پر سهڻيءَ جي دل ۾ سِرِنِ جو کُورو جلي رهيو هو. نيٺ ڳِيتون ڏيندي ڏيندي، همت ڪري دل جهليندي چيائين: ”امان لئي...!“ ڳالهائڻ جو ربط ٽٽي ويو. ٿوري دير لاءِ وري سانت ڇانئجي ويئي ۽ پوءِ همت ڪندي چيائين: ”امان لئي، چڱا ماڙهو چئي ويا آهن ته ڌيءَ کي هڪڙو ڀرڪو گار ڏبي آهي. سو مون کي په آن جيڪا پهريون دڦو (دفعو) گار ڏني آهي، سا ڏئي چڪا. هاڻ مون جو مرڻ جيئڻ گلاب سين آهي. گلاب کي ڏسي وائسي په آن پاڻ قبول ڪيو هو. آئون ڪا ساڻس نِکتي (نڪتي) ڪا نه پئي ويس. پر هاڻ، هاڻ گلاب ڪيڙو په آهي! جيڙو په آهي، مون جو ور آهي ۽ اِها په ڳال آنکي ٻڌائي ڇڏيان ته سڀاڙي ٿيندڙ ننگن ۽ دنگن جي جنگ ۾، جي گلاب جي مرضي هوندي ته آئون په ساڻس گڏ هونديس.“ سهڻي چوڻ کي ته چئي ويئي، پر مرڳو ساهه مان اُڦِجي پئي. سو ڳالهه پوري ڪري پنهنجن ساهن کي سانتيڪو ڪرڻ لڳي.
    ”ائي امان، ائي امان هاجون کاشيون (خاصيون) ٿيون! ڏسو پيا نينگريءَ جا ڪم! هاڻ هيءَ جوءِ په تي ڪراچيءَ وڃي ”لَڇِ لَڇِ“ ڪرڻ! ائي ٻڙي، اسين پيا گلاب تي ڪاوڙجون ته ڪو وڃي هاڃي ۾ پيو آهي. سو ته پري رهيو، پر مرڳو ئي هيءَ ڇوري په تي هٿن مان پئي وڃي. ابا هيڙو ڪو سانگ ڏٺان!؟ اي، تون ڪو چپ سُبيو ماٺڪو ويٺو آهين! پانجي ٻارن کي سنڀال، متان سڀاڙي سڀ پانجي ناڙي بيهي رهن،“ سهڻيءَ جي ماءُ پهريائين سهڻيءَ تي ڇُوهه ڇنڊيا ۽ پوءِ سندس مڙس تي ڏاڪا ٻڌي چڙهي ويئي۽ مڙسهينس ڏنڌ ڪڍيو پئي کليو، اِتي سهڻيءَ جي وڏي ڀاڄائي وري ڳالهايو.
    ”امان، تون اسان جي وڏي اَهيئين، تون هاڻ اسان کي رڳو دعائون پئي ڪر، باقي هڪڙي ڳال چِٽي پئي آهي ته جڏهن اسان جا مڙسالا پنهنجي ننگن ۽ دنگن جي جنگ تي ويندا ته پوءِ پويان اسين ڪنهن جي آسري تي ويهنديون سين. پر آئون ته چئان تي ته تون۽ بابا په اسان سان گڏ هلجو، پر گڏ په ڪو، آئين ماڳهي اسان جي مانڌان هلجو، اسان جي اڳواڻي ڪندا هلجو. جي اسان جي ڌرتي اسان جي هٿ ۾ هوندي ته اسان جو مرڪڻ په سونهي ٿو. پر پانجي ڌرتيءَ تي ٻين جو غلام ٿي رهجي، ان کان وڌيڪ ٻي ذلت ڪيڙي ٿيندي! اِن ذلت جي جيئڻ کان عزت وارو موت سئو ڀيرا ڀلو!“
    ”ها امان، ڏيراڻي سچ ته چوئي پيئي. جي سُڀاڙي ڪو بي ننگو ۽ بي وڙو اسان جي هن اڀري، سڀري، ڀُونگيءَ تي حملو تو ڪري ته ڇا اسين ماٺ ڪري ويهي ڏسنداسين ته پرديسي آهي، ڀلي اچي اسان جي اَجهي ۾ ويهي. اسين نڪريو تا ٻاهر نٽهڻ ڪاڙهي ۾ کلي آسمان هيٺان بيهو رهون! نه، هرگز نه، حال هڪيو ته اسين حملي ڪندڙ جا داڻا ڪڍي ڇڏينداسين، پوءِ په ڏٺو وڃبو. ساڳئي طرح هيءَ ڌرتي، هيءُ سنڌ ملڪ په پانجو اسان جو آهي. اُن تي جيڪي قبضي ڪرڻ جي ڳالهه تا ڪن، تن جي زبان تارونءَ کان ڇڪي ڪڍي وٺڻ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي وڙهڻو پُوندو.“ سهڻيءَ جي ننڍي ڀاڄائيءَ چيو.
    ”اباڙي، آءُ ڏسان پيو ته آئين سڀ هڪڙي پاسي ٿيندا وڃو ۽ ايڙو ڀاڙيو ته آئون په ڪو نه آهيان جو هرو ڀرو اُٺ جو پير ٺاهي ”پينئي“ ڪري ويهي رهان ۽ نڪي ماڻهين په ليڪو ڪڍي ويهڻ جيڙي جوءَ آهي. جي آن سڀني جي مرضي آهي ته پوءِ يا بسم الله! سڀ کان اڳ ۾ آئون هوندس.“ سهڻيءَ جي پيءُ چيو.
    ”ته پوءِ چڱو، ڏينهن ٻن ۾ ڪجهه ڏوڪڙ هٿ ڪري، ابا، تون ئي وڃي اسپتال ۾ کيس ڏسي په اچ، ته ڏوڪڙ په ڏيئي اچ“ وڏي پٽ چيو.
    ”پرابا..... ”سهڻي جي ڳالهه اڌ ۾ رهجي ويئي. ”پر ابا، مون کي په گلاب ڏانهن وٺي هلو. اسپتال ۾ مون کي په هڪڙو ڀرڪو وٺي هلو...“ ڪجهه ساعتون سهي، وري سهڻيءَ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ”ائي امان، سو ڪو؟ ڪنواري نينگري ڪا پانجي منڱيندي جي مُنهن لڳندي ڪه؟ ماڙهو ڪڄاڙو چُوندا؟“ ماڻس پراڻين ريتن جي پوئيواري ڪندي چيو.
    ”امان لئي، اُهي پراڻا زمانا ويا هليا. هاڻ نئون دور آهي، هاڻ اِڃَ ٿئي پيو.“ ننڍي ڀاڄائيءَ ڳالهايو.
    ”هاڻ ڇڏيو انهن ڳالهين، پهرين ڏوڪڙن جو بِلو ڪريو. پوءِ اِها ڳالهه په پري ڪانهي. هاڻ اُٿو، وڃي هنڌ ڀيڙا ٿيو. سڀاڙي سوير ڀرو وهير تي وڃڻو آهي، اول کئر!“ سهڻيءَ جي وڏي ڀاءُ ڪچهريءَ کي کُٽائيندي چيو ۽ پوءِ سڀ ڪو وڃي پانجي پاٿاريءَ تي ڊهي پيو.
    سهڻيءَ جي سوال جو نبيرو ٿي ڪو نه سگهيو هو. تنهن ڪري هوءَ سڄي رات رني هئي. هُن جي دل چاهيو پئي ته پکيءَ وانگر پَرَ ڪري هڪدم اڏامي وڃي گلاب وٽ پهچي. پر هوءَ بيوس هئي. ٻهراڙيءَ جي ريتن رسمن ۾ جڪڙيل سماج ۾ ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي نسبت طئي ٿيڻ کان پوءِ شاديءَ کان اڳ تائين مڱ ۽ مڱيندو پاڻ ۾ ملي ڪو نه سگهندا آهن. سو سهڻيءَ جي دل لک ڀيرا چاهيندي به گلاب سان ملڻ کان لاچار هئي. کيس وڏي ڀاءُ ۽ ڀاڄائيءَ ۾ وڏي اُميد هئي ته من ڪو بِلو ڪري وٺن. جو هُنن مڙسي ڪري ڦٽندڙ معاملي کي ٺاري ڇڏيو هو. پر گلاب سان ملڻ وارو مامرو اڌ ۾ رهجي ويو هو. تنهن ڪري هوءَ وياڪل هئي.
    سهڻيءَ جو صبحَ سويرَ گهر کان نڪري وڃڻ، چانهه نه پيئڻ ۽ ٻين سان گڏجي وڃڻ جو انتظار به نه ڪرڻ، به، احتجاج جي انهيءَ سلسلي جي ڪڙي هئي ته جيئن هوءَ وڏي ڀاءُ ۽ ڀاڄائيءَ تي بار وجهي سگهي. ڇو ته هوءَ ٻئي کيس تمام گهڻو ڀائيندا هئا ۽ موٽ ۾ هوءَ به مٿانهن قربان قربان پئي ٿيندي هئي.
    ”سهڻي ڪا نه تي ڏسجي؟ ڪيڏانهن ويئي آهي؟“ وڏي ڀاڻس پنهنجي گهرواريءَ کان پڇيو، جيڪا چانهه جو پيالو کڻي اچي سندس اڳيان بيٺي هئي.
    ”هوءَ سويل ئي ٻنيءَ تي وئي هلي آهي،“
    ”سو وري ڪو؟“
    ”راتوڪي ڳال تان ڪاوڙيل آهي، چئي تي ته مون کي په گلاب ڏانهن وٺي هلو،“
    ”چري آهي ڪَه؟ ماڙهو ڇا چُوندا؟“
    ”اي ماڙهن کي جيڪي چوڻو هو، سوچئي چُڪا! اڃا ٻيو ڪڄاڙو چُوندا. پر اسين ماڙهن جي ڳالين تي ڪو ته لڳون؟ ماڙهو ڪپڙا لاهي اگهاڙا هلندا ته پان په اڃ ڪينداسين ڪيئن؟ پان کي پانجي زندگي پانجي نموني سان جيئڻي آهي. تون په ٿورو ٿڌيءَ دل سان سوچ، رڳو پانجيءَ دل تان اچ. آءٌ جي اسپتال ۾ پيل هجان ۽ مرڻ ۾ هجان، ته ڪَرَ توکي هتي سک اچي؟ اهي وري ڪيڙيون ريتون رسمون، جيڪي، ڪومري ته ڀلي مري وڃي، پر جيئري رڳو منهن په ڏسڻ کان روڪينديون هجن. وڏي ڳال ته هوءَ پان سان گڏجي هلندي. اسپتال ۾ انُ مان ڪير ٽڪر ڪوري ڪو نه وٺندو. آئين په هروڀرو ليڪو نه ڪڍو. موڪل ڏيوس ته ڪنهن سان گڏجي وڃي ملاقات ڪري اچيس. ايڙي په سنڌ گدڙن ڪا نه کاڌي آهي، جو انهيءَ ڀيل مان ڇُٽي نه سگهون. تون رڳو پير جهل!“
    ”تون جي ڳالهه ته سهي آهي پر امان، ابا کي ڪير گس تي آڻي؟“
    ”اي امان ابا ته اِن ڳالهه تي په ڪو نه ٿي بيٺا ته ڪو گلاب سان ناتو جوڙيو رکيو وڃي. پر پوءِ جڏهن رات پان مڙسي ڪئي ۽ ڳالهيون نِکَتيون تڏهن ماملو هڪڙي پاسي ٿيو نه! تون رڳوهاڪر، باقي امان۽ ابا کي آئون پاڻيهي ٺمريون هڻيو تي راضي ڪيان.“
    ”هئو ٻيلي، اَهيئين ته تون په وڏي شئي! مون کي ئي ماٺ ڪرايو. ڇڏئين، سو امان ابا تو مانڌان ڪٿي تا بيهو سگهن. ٻيلي، وارو ڪر، ڳالائي ڏس ٻنهي سان. سهڻيءَ کي په ته رنج ڪونهي ڪرڻو نه!“
    ”چڱو، اِهو ڪم مون جو.“
    ***

    ”اچ ڙي جانيئڙا، جدائي ٿي ماري،
    وري ڙي ساٿيئڙا، وڇوڙو ٿو ماري....“
    سهڻي اڪيلي هئي. ٻاري جو چڱو خاصو مُهاڙو ٻني تي پهچائي، وري اچي ٻئي مهاڙي ۾ بيٺي هئي. اڪيلائيءَ ۾ پنهنجي دل کي پرڀائڻ لاءِ پنهنجي بنهه سُريلي ۽ جيءَ ۾ جهيرَ وجهندڙ وڏي آواز ۾ هوءَ مٿيان ٻول آلاپي رهي هئي. بادلن سان آسمان ڇانيل هو. ڏکڻ جي ٿڌڙي هوا هلي رهي هئي. سج اڀري چڪو هو. سهڻيءَ جو مُنهن، گهرن کان ٻنيءَ ڏانهن ايندڙ گس کي پٺيرو هو، ٻيو ته وهير ڪندي سندس ڪنڌ هيٺ جُهڪيل هو، تنهن ڪري سندس گهرڀاتي، جيڪي ٻني تان قطار ڪريو اچي رهيا هئا، سي کيس ڏسڻ ۾ ڪو نه آيا. هوءَ پنهنجي ئي ڌُن ۾، گلاب جي خيالن جي گهيري ۾ بلند آواز ۾ بي ربط جملا، ڪا سِٽَ ڪنهن ڪلام جي ته، ڪا سِٽ ٻئي ڪلام جي، جيڪو کيس ياد ٿي آيو، يا ائين کڻي چئجي ته جنهن سندس دل جي ترجماني ٿي ڪئي، سا جهونگاري ۽ آلاپي رهي هئي.... ”او ننڍپڻ جا ساٿيئڙا، اسين ياد آهيون يا وسري وياسين...! اسين ياد آهيون يا.....“
    ”ياد آهيئين، ياد آهيئين، ڪا نه تي وسرين، مانڌي نه ٿي، هليا، چانهه جو ڍُڪ پيءُ ....!“ سندس وڏي ڀاڄائيءَ ويجهو پهچي کيس وڏي آواز ۾ ٽوڪيو ته سڀني ۾ ٽهڪڙو مچي ويو.
    سهڻيءَ کان ڇرڪ نڪري ويو. هُوءَ هڪدم سڌي ٿي بيهي هنن ڏانهن نهارڻ لڳي. هوءَ ڏاڍي ڦِڪي ڦِڪي ٿي رهي هئي. جهڙوڪر سندس چوري پڪڙجي پيئي هئي.
    ”هليا، ڀيڻ مٺي ڪا نه آهيئين، هليا چانهه پيءُ، پوءِ توکي هڪڙي ڳال په تي ٻڌايان،“ وڏي ڀاڄائينهس چيو.
    پوءِ هوءَ آڌياڙيءَ مان بچيل مرانهون هڻي ٻاهر نڪتي. وهندڙ اَڏَ مان هَٿَ مُنهن ڌوئي، گنڌيءَ جي پلانڌ سان اُگهي ڀاڄائينس ڏانهن اچڻ لڳي. اِن دوران ٻيا سڀئي آيل ور کڻي، پوتيءَ سان ڀينڊي ٻڌي، باقي پوتيءَ کي چيلهه وٽ ٻڌي وهير ڪرڻ ۾ جُنبي ويا. ڀاڄائيهنس سهڻيءَ وٽ ويهي رهي. ٿرماس مان چانهه جو پيالو اوتي ڏنائينس ۽ پڻ ٻه پاپا به گنڌيءَ جي پلانڌ مان ڇوڙي ڏنائينس.
    سهڻي ڪنڌ هيٺ ڪريو، پاپو چانهه مان ٻوڙيو آهستي آهستي کائڻ لڳي. پر لڳو پئي ته جهڙوڪر پاپو سندس نڙيءَ کان هيٺ لٿو ئي ڪو نه پئي، ڀاڄائي رڙهي کيس ويجهي ٿي ويٺي.
    ”سهڻي، تو جڏهن کان وٺي گلاب جي زخمي ٿيڻ جي ڳالهه ٻڌي آهي، تنهن کان وٺي تون ملول آهيئين. ڀلا تون جي اِڃَ پريشان ٿيڻ سان مسئلو حل ته ڪو نه ٿي ويندو.“
    ڀاڄائينهس جي رڳو ڳالهه ڪرڻ جي دير هئي، سهڻيءَ جون اکيون ڀرجي آيون ۽ لڙڪ سَرَيُون ڪري ڳڙڻ لڳا. چانهه ۾ ٻڏل پاپو ڳري هيٺ ڪري پيو ۽.....۽...... سهڻي پاڻ تان ضبط وڃائي ويٺي. زوريءَ ۽ زبردستيءَ وٽائنس هڪ زورائتي اوڇنگاري نڪري ويئي ۽ پوءِ هُوءَ ڍِڪون ڏيئي روئڻ لڳي.
    ”نه رُوءُ مون جي مِٺي، آئون آهيان نه ويٺي تون جي جيڏل، نه رُوءُ مون جي ڀيڻ، نه رُوءُ“.
    ”ڀاڄائي، ڀاڄائي مون کي گلاب وٽ وٺي هل، نه ته مون جو هينئون ڦاٽي پُوندو. آئون مري پُونديس.“ ۽ هُوءَ سڏڪا ڀري روئڻ لڳي.
    ”مرن تون جا دشمن، تون الاجي ڪوٿي مرين مون جي هوندي! توکي چئيم نه ته آئون جا ويٺي آهيان تون جي جيڏل، تون ڪو الڪو نه ڪر. مون ڀاڻهين سان ڳالايو آهي. باقي ابا ۽ امان سان په اڄ ڳالايان تي. تون رڳو دم جهل، مانڌي نه ٿي، جيسين توڻي پيسين جو ڪو بلو ٿئي، تيسين توکي موڪل آئون وٺي ڏيندس. پوءِ ته بس، شابس، مون جي ڏاهي ڀيڻ هاڻ روئڻ ڇڏي، خوشي ٿي ۽ چانهه پيءُ، مرڳو جوءِ هٿن مان پئي وڃي. ڏس، هيڏانهن نهار.“
    سهڻيءَ ڏانهس نهاريو ته مُرڪ سندس ماسيرن چپن تي پکڙڻ لڳي.
    ”او اِڃَ..... شاباش..... هاڻ لڙڪ اگهه، ٿورڙو کِلِ....!“
    سهڻيءَ پنهنجي هٿ جي تِريءَ سان لڙڪ اگهيا ۽ خوشيءَ وچان وهلور جي کلڻ لاءِ پنهنجا سانورا چپ کوليا ته جهڙوڪر صبح جي اڀرندڙ سج تان هلڪا گهاٽيرڙا ڪڪر هٽي ويا ۽ سندس سهڻا اڇا ڏند سج جيان جرڪي پيا.

    20 جون 2012ع


    نازِلَ ۽ دادِلَ....!

    ”نازِلَ لئي نازِلَ، هليا ته مريڙو پٽڻ هلون.“ دادِلَ اچي نازِلَ کي سڏ ڪيو. ساڻس پاڙي جون ريمي ۽ حلُو به گڏ هيون. ۽ پوءِ چارئي ڄڻيون وڏي واهه جي ڪپرن تي موجود وارياسي مٽيءَ جي ڊٻن تي، انهن ڊٻن جي هيٺائين ۽ مٿاهين تي ۽ لاهين چاڙهين تي برساتن جي ڪري پاڻمرادو موري ايندڙ مريڙي جو ساڳ پٽڻ ۽ کهنبيون ڳولڻ ۾ جُنبي ويون. ائين مريڙو پٽيندي پٽيندي هڪڙي ڊٻ تان ٻيءَ تي ۽ ٻيءَ تان ٽيءَ تي لهندي چڙهندي هو چارئي ڄڻيون سندن ڳوٺ کان ڪلوميٽر کن هيٺ لهوارو ڪاڇيل (ڏکڻ طرف) ڏانهن هليون ويون. اُن سال مينهن به مينهن وٺا هئا. تنهن ڪري وڏي واهه جي وارياسي ڊٻن تي مريڙي، ..... ۽ کُهنبين جا نُونَر (انبار) لڳا پيا هئا. کُهنبيون ڳوليندي ڳوليندي، پاڻ ۾ کِل ڀوڳ ۽ مشڪري چرچا ڪندي، هڪ ٻئي کي چهنڊڙيون چُمرڪا وجهندي وجهندي ۽ حُرُون هڻي کلندي ٽهڪڙا ڏيندي ڏيندي پنهنجي جوڀن جي مستيءَ ۾ ايترو ته وهلورجي ۽ خمارجي ويون جو کين اِها به خبر ڪا نه پئي ته اڳيان واهه تي وڏو تڙ آهي، جتان ڪيترن ڳوٺن جو مال وجهو اچي پاڻي به پيئي ٿو ۽ واهه ۾ لهي ويهڪ به ڪري ٿو. اتي اوڏي مهل ڀروارن ٻن ڳوٺن جو مال هيڪاندو اچي ٻن پهرن وارو پاڻي پيئڻ لاءِ سهڙيو هو. مينهنِ جو اوپرا وهٽ ڏٺا ته هر ڪا نرا کڻي، اکيون ڦوٽاري، ڪنڌ کي ٽيڙائيءَ تي موڙي، هڪ ٻئي سان وڙهڻ لاءِ سانڀاها ڪرڻ لڳيون. ڪِن سِڱَ سڱن سان ٽڪرايا ته ڪي پري کان ئي ڊپ نه جهلي وٺي ڀڳيون. ڪي وري سندن پويان لڳيون. ائين ڍورن ۾ ٻڙڌڪ مچي ويو. دراڙ رڳو پري کان ئي هڪلون ڪري مال کي پاڻ ۾ وڙهڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. پر مينهون شينهن ڍور، سو ڪٿي ٿيون مُڙن، مال ۾ ڀڄ ڊُڪ ۽ ڇڪتاڻ متل هئي.
    اوڏي مهل ئي پريان زميندارن جا ٻه نوجوان ڇوڪرا موٽر سائيڪل تي چڙهيو وڏي واهه جو ڪپر وٺيو شهر ڏانهن وڃي رهيا هئا. تڙ تي ڍورن جي افراتفري متي پئي هئي. دراڙن جون هڪلون پئي پيون. ڍور بنهه سنوت ئي نه پيا ڪن. نوجوان موٽر سائيڪل جهلي گس آجو ٿيڻ جي انتظار ۾ بيهي رهيا. هوڏانهن نازِلَ، دادِلَ، ريمي ۽ حلوُ پڻ مٿي ڊٻ تي بيهي ڍورن جو رونشو ڏسڻ لڳيون. جيڏي مهل هڪڙي بنهه سَگهي، ٿُلهي متاري گُجر مينهن، جيڪا هڪ سِڱ کان ٿوري ڏَٻي پڻ هئي، هڪڙي ڪاري ڪُنڍي مينهن سان اچي نرو ڏنو، تڏهن ڪاري مينهن مقابلي جي سگهه نه ساري وٺي هڪ طرف ڀڳي. گُجر مينهن به اچيو ٿي پٺيان لڳيس. ٻنهي جو يڪو سِراڙو، نيٺ گجر مينهن ڊوڙائي ڊوڙائي وڃي ڪاريءَ کي واهه ۾ ڪيرايو. تڏهن اتي بيٺل دراڙن، گابارن، واٽ ويندڙ ماڻهن، موٽر سائيڪل وارن ڇوڪرن ۽ مريڙو پٽيندڙ ڇوڪرين کان هيڪاندا ٽهڪ نڪري ويا. انهن هيڪاندن ٽهڪڙن ۾ به نازِلَ جو ٽهڪ سڀني کان گوءِ کڻي ويو. جهڙو سگهارو ٽهڪ هو، تهڙو ئي سُريلو آواز هو. موٽر سائيڪل تي اڳيان ويٺل نور حسن جو توجهه اُن ٽهڪ ڏيندڙ ڇوڪريءَ ڏانهن ڇڪجي ويو. نور حسن جي جيئن ئي نگاهه نازِلَ تي پئي ته جهڙو ڪر مٿس ڪو جادو ٿي ويو ۽ هو پنڊپهڻ ٿي ويو. هو ته چار ئي ڄڻيون پنهنجي مُنهن کلي رهيون هيون، پر نور حسن جو رڳو وات ڦاٽو پيو هو. ڪجهه ئي ساعتن ۾ مال ڍورَ ڪي پاڻيءَ ۾ لهي ويهي رهيا ته ڪي پاڻي پي ويندا رهيا. رستو آجو ٿي ويو. اتي موجود ماڻهو به هر ڪو پنهنجي گس روانو ٿيو، پر نور حسن کان موٽر سائيڪل هلائڻ واري ڄڻ ڳالهه ئي وسري ويئي. هن جون اکيون رڳو هڪ ئي هنڌ کتيون پيون هيون، نازِل تي، نازِل جي ملوڪڙي چهري تي، نازِلَ جي بانس جهڙي ڊگهي قد تي ۽ نازِل جي ڇيٽ جي سوڙهي گهاگهريءَ مان اُڀري ظاهر ٿيندڙ ڇاتين جي اُڀارن تي.
    ”ابا، هاڻ هل به کڻي، يڪو بيهي رهين.“ موٽر سائيڪل تي پٺيان ويٺل جان عليءَ نور حسن کي هڪل ڪئي. جنهن کي اِها ته خبر ئي ڪا نه هئي ته ڪو نور حسن ڪنهن ڪاري ڪڪر وچان چمڪاٽ ڪندڙ وِڄِ جي مَنڍَ ۾ منڍ جي هوش حواس وڃائي ويٺو آهي.
    ”ها، هلون ٿا،“ ايئن چئي نور حسن موٽر سائيڪل اسٽارٽ ڪيو. پر سندس نظر اڃا تائين نازِلَ جي سراپا تي ڄميل هئي. جڏهن موٽر سائيڪل اُن ڊٻ جي بلڪل ويجهو پهتو، جنهن تي نازِلَ جن بيٺل هيون، تڏهن موٽر سائيڪل وري بيهي رهيو. هاڻي نور حسن نازِلَ کي چٽي طرح ڏسي پئي سگهيو، جو ٻنهي جي وچ ۾ مڙيئي ڪو ويهن پنجويهن فوٽن جو فاصلو باقي هو. نور حسن کي ايئن هڪو ٻڪو ٿي، اکيون ڦاڙي لاڳيتو نازِلَ ۾ نهارڻ کي سڀني ڇوڪرين هيڪاندو محسوس ڪيو ۽ اها ڳالهه سڀني کي ڪا نه وڻي. سو پهرين ته سڀني لڄ ۽ حيا جي ڪري پنهنجي پوتين سان پنهنجي ڇاتين کي پردو ڪرايو ۽ پوءِ هڪ ٻئي ۾ نهاري پاڻ ۾ چڻ ڀڻ ڪرڻ لڳيون. پر جڏهن ڏٺائون ته موٽر سائيڪل وارو ڇوڪرو بدتميزيءَ جي حد تائين کين يڪو تڪي رهيو آهي، تڏهن دادِلَ کان رهيو نه ٿيو سو هڪل ڪري چيائين:
    ”ڇوابا، پهريون ڀرڪوڪي ماڙهو ڏٺا ائيني ڪيئن، جو مرڳو وات ڦاٽي ويو ائيني.“
    ”رڳو نهاريان ئي ته پيو، ٻيو ڇا پيو ڪريان جو آڪڙجين پئي.“ نور حسن به ساڳئي انداز ۾ چيو.
    ” پر په ڪو ته پيو نهاريئين، تو نجي گهر تونجون ماءُ ڀينرون ڪونهي ڪهَ؟“
    ”اي ڇوري، وات بند ڪر نه ته وجهان ني نه ڪا مصيبت. جوءِ په آهي ٺاهوڪڙي، جو وات پئي هڻي. توکي پڇي ڪير تو جو بڪ بڪ پئي ڪريئين. آئون ته جنهن ۾ نهاريان پيو، تنهن ۾ نهاريان پيو. تون ڪو اچي مانڌي ٿي آهئين؟“ نور حسن دادِلَ کي داٻو ڏنو.
    ”اي، مٿو ڦِريو ائيني ڪه، نياڻين جي ڪا حيا حقيقت ڪجي، سو ته ڇُٽو، مرڳو وڙهڻ پيو اچين. تون سمجهين ڇا تو پاڻ کي. سٺو اٿئي ته ماٺ ڪري فضيلت سان هليو وڃ، نه ته ڏاڍو بڇڙو ٿيندين.“ ريميءَ ڪاوڙ مان نور حسن ڏانهن نهاريندي چيو.
    ”ڀلا جوءِ! زال ته ڏسو ڳالهائي ڇا پئي. اي توجهڙين کي ته آئون کنگهان ئي ڪو نه. توکان وڌڪ ڀلوڙ ڇوريون اسان جي اڳيان پويان پيون ڦِرن. توکي پڇي ڪير تو! مون کي جنهن ڪُٺو آهي، تنهن ۾ پيو نهاريان. آئين اجائي تڪڙ ڪو پيون ڪريو؟“ نور حسن ٺڙپڙ جواب ڏنو ۽ وري به نازِلَ ۾ يڪ ٽِڪَ نهاريندو رهيو.
    ”ائي ادي دادِل، ڇڏيو کڻي کاساري کي، ڀلي پيو مئو نهاري، اسان جو ڪيڙو ٺُٺيو وڍيندو. هلو ته پان هلون.“ نازِلَ ٻين کي منٿ ڪئي ۽ هلڻ لاءِ زور ڀريو.
    ”واهه واهه، سبحان الِلهِ! واهه جو ڳالهائڻ ائيني. ها، تون ڪجهه ڳالهائي ته ڪا دل ٺري. باقي هي ته ڀلي پيون وِلَلَ ڪن. ها، سو نالو ڪڄاڙو ائيني؟“ نور حسن دادِلَ ۽ ريميءَ جي داٻن کي نظرانداز ڪندي نازِلَ کي چيو.
    ”آئون ڀانيان تي ته اڄ کُٽي کڻيو بيٺي ائيني، شرافت سان تون سمجهندين ڪو نه. بڇڙو ٿيندين تڏهن ڳال ڍول ۾ ويهندي ني.“ دادِلَ بنهه ڪاوڙ ۾ ڳاڙهي ٿيندي چيو.
    ”ڀلي ڀلي! جوءِ ته ڏسو!! انهيءَ مُنهن سان بڇڙو ڪنديئين. سو په مون کي؟ کبر ائيني ته ڳالهائين ڪنهن سان پئي؟“.
    ”مون کي کبر هجي جان (يا) نه هجي ته تون ڪيڙي باگ (باغ) جي موري اَهيئين، باقي توکي ته اِجها تِي کبر پوئي ته تونجو واسطو ڪنهن سان پيو آهي.“ ايئن چئي دادِلَ مريڙي واري ٿيلهي پٽ تي ڇڏي ۽ سٽ ڏيئي ڀر ۾ پيل ٻٻر جو ڪنڊن وارو شاهي ڍنگهر ٻنهي هٿن سان کنيو ۽ ڊٻ تان لهي موٽر سائيڪل ڏانهن وڌڻ لڳي.
    نور حسن دادِلَ ڏانهن نهاري وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳو. نه رڳو ٽهڪ ٿي ڏنائين پر مٿانئن چٿرون ۽ مشڪري ڪرڻ لڳو. ايتري ۾ نازِلَ، ريمي۽ حَلوءَ پڻ تَلَڙِ، دُڪو ۽ بانٺو، جنهن کي جيڪو هٿ لڳو، کڻي دادِلَ جي پٺيان وڃڻ لڳيون. جڏهن دادِلَ ڊٻ تان هيٺ لهي نور حسن کي ويجهو پهتي، تيڏي مهل پهريون ڀيرو نور حسن جي چهري تي فڪرمندي ظاهر ٿيڻ لڳي. هُن ته ڪڏهن سوچيو به ڪو نه هو ته ڪي هي هارين جون ڇوريون، جيڪي سندن اوڀارن ٽڪرن تي ٿيون پلجن، سي هن نموني ۾ مٿس حملو به ڪري سگهن ٿيون. سندس تصور ۾ به ڪو نه هو ته ڪو وڏن ماڻهن جي رڳو اک جي اشاري سان ”حاضر سائين حاضر سائين“ ڪندڙ هي غريب هارياڻيون به ايئن لٺيون دُڪا کڻي مٿس هليون اينديون. هن کي اعتبار ئي ڪو نه پئي آيو ته هن قسم جي واردات به ساڻس ٿي سگهي ٿي. هُو بنا بچاءُ وٺڻ جي بي پرواهيءَ سان ايئن ويٺو رهيو. پر جان علي اِها حالت ڏسي موٽر سائيڪل تان هيٺ لٿو ۽ هڪل ڪري چيائين:
    ”متان ويجهو آيون آهيو. هي وڏي زميندار جو پٽ آهي نور حسن. جي وڏيري کي خبر پئي ته آنجي کَلَ لاهي ڇڏيندو. تنهن ڪري چڱيءَ کي مرو ته ننڍي زميندار کان ماڦي (معافي) وٺو ۽ جيئن هو چئي تيئن ڪريو. نه ته پوءِ آنجو کئر ڪونهي.“
    ”هاها، ماڦي په وٺئون تيون. سندس چوڻ په ڪريون تيون. اسان جي ته سر جو سائين آهي. پر ٿورو بيهي ته سهي ته هڪڙو هٿ هٿ ڪري وٺون.“ ايئن چوندي چوندي دادِلَ اچي نور حسن جي مٿان چڙهي ۽ ٻنهي هٿن سان ڪنڍن وارو ڍنگهر مٿي کڻي ٺڪاءُ ڪرايائينس مٿي وارو نور حسن ڪنڍن کان بچڻ لاءِ منهن اڳيان ٻانهن آڏي ڏني، پر پوءِ به نور حسن ڌڪ سان ئي موٽر سائيڪل سميت وڃي هيٺ ڍٺو. تيستائين چئن ئي ڄڻين بانٺن، تلڙن، ڌُڪن ۽ ڍنگهرن جي سٽ سٽ لاهي ڏني. پنهنجي ڦونڊ ۾ آڪڙيل نوجوان پنهنجو ڪو به بچاءُ ڪري نه سگهيا ۽ ائين ڪٽبا رهيا، جيستائين تڙ تي بيٺل دراڙن ڊوڙي اچي ماين کي منٿون ڪري، پلانڌ وجهي کانئن تلڙ ۽ بانٺا وٺي پري اڇلايا، تيستائين ڇورين هڻي ڇورن کي سٽي ڪٽي سوڙهو ڪري ڇڏيو هو. مس مس وڃي جهيڙو ٽريو ۽ دادِل واريون مريڙي جون ٿيلهيون ۽ کُهنبين جا ڇُنگا کڻي پنهنجو گس ڏيئي واپس هليون ويون. باقي پويان نور حسن جي ڌَڙَ پئي پَئي ته ”آئون آنکي ڏسي رهندس. آئين کاڄو ڇا سان؟ جو مون تي تيون حملو ڪريو. آنجي ته اڳين پوين کي ٺاهيو تو گڏجان، پر رڳو بيهو!“ ايئن وڦلندي وڦلندي پَٽَ تي ڪريل موٽر سائيڪل سڌو ڪيائين ۽ پنهنجا ڪپڙا ڇنڊڻ لڳو. کيس ڏنڊن بانٺن کان سواءِ ڪافي ڪنڍا به بدن جي مختلف هنڌن تي ڀڄي پيا هئا. سندس سڄو بدن رڦيو پئي. تڏهن اتي بيٺل هڪڙي ڪُراڙي ڌراڙ چين: ”اباڙي، هي ماين جو بي ڏاڙهيو ڪٽڪ آهي، انهن کان مڙيئي جڏهن ڪڏهن په پاسو ڪيندا وڃو. هجي ڪو اڳيان مرد ماڙهو، جنهن سان اڳين پوئين په ماڙهو کڻي ڪري، هاڻ ماين تي جي هٿ کڻ ته په کُواري (خواري) ۽ جي نه کڻ ته په کواري. سو بابلا ايڙين هِچائن کان اڳتي مڙيئي پاسو ڪيندا وڃو.“
    ”پر ڪاڪا، تون رڳو اِهو ٻڌائي ته اِها ڍنگهر واري ڇوري ڪنهن جي ڌيءَ آهي. پوءِ تون ڇٽو آهيئين. اسين پاڻيهي تا انهن جو بلو ڪريون.“ جان عليءَ پوڙهي ڌراڙ کان پڇيو.
    ”بابلا، ساکاتو پاڻ ڪو نه سُڃاڻونِ. اِهي ڇوريون ته مون ڏٺيون ئي پهريون ڀرڪو آهينِ. اتان ئي پئي آيون ۽ ايڏانهن پيون وڃن. باقي ڪير آهينِ، ڪيڙي ڳوٺ جون آهينِ. مون کي کبر ڪانهي ڪا.“ ڌراڙ ورندي ڏني.
    ”چڱو اِن ڳالهه کي په ڏسون تا. وينديون ڪيڏانهن؟ انهن جو جيڪو حشر ڪينداسين، سو ته راڄ مِڙي ڏسندا، پر رڳو کبر وٺون ته آهينِ ڪير!“ ايئن چئي نور حسن ۽ جان علي موٽر سائيڪل تي چڙهي روانا ٿي ويا.
    ***

    “اَئي ڇوري، تون ته مرڳو ڪا ويڙهاڪ آهئين، بس اِڃَ (ايئن) کڻندي ڍنگهر سڌو وڃي ٺڪاءَ ڪرائيس. جي اسين توسين گڏ نه هجون ها ته ڪرڪيڙو حال ڪنين ها!“ نازِلَ واپس ورندي گس ۾ دادِلَ کي چيو.
    ”ايتري ته چري آئون به ڪانه آهيان، جو هيڪلي ڄڻي ٻن مڙسالن سان اڃَ ٻُوٿَ ماري ڪريان ها.اهو ته آنجي ڏڍ تي ڍنگهر کڻي اڳيان ٿي هُيس. چڱو جو آنکي الله مت ڏني، جو پَئيِنيَرَ (بانٺا) کڻي اچي وارو ڪيان.“ دادل سڀني ڏانهن نهاري کلندي چيو ۽ سڀئي ٽهڪ ڏيڻ لڳيون.
    ”آئي ٻڙي، ڪم ته ڏاڍو کراب ڪيو ائينون، پر هاڻ کُدا (خدا) پيو کئر ڪري. جي وڏيري توڻي (تائين) ڳالهه ٿي پُڄي ته پوءِ الاجي ڪيڙا حال ٿيندا سينون. هرا ڀران (هرو ڀرو) پنهنجا مڙسالا ڪنهن ڏچي ۾ نه اچي وڃن.“ ريمي خدشو ظاهر ڪندي چيو.
    ”تڏهن ته مون آنکي چيو پئي ته ڇڏيوس کڻي. مئو کڏس (وڃي کڏ ۾ پوي)، ڀلي پيو مئو نوس نوس ڪري. پر سائينءَ کي چُئان دادل ڪا جهل ڏي ڪيئن! هاڻ الاجي ڪڄاڙو ٿيندو؟ پان (پاڻ) هُڃَ (هونهن) په مشڪين مارهو، ماڳهي اچي نه وڃون ڪنهن ٻُوهي (هاڃي) ۾.“ نازل ڳڻي ظاهر ڪندي چيو.
    ”اي ڪو نه تو اُڀ ڏري، نڪا ڌرتي تي ڦاٽي. آئين ڦِڪر (ڳڻتي) نه ڪريو. ڪجهه ڪو نه ٿيندو. ايڙن ٽرڙن ۽ لُوسي ٽَٽُو ڇورن کي جيسين ايڙي سيکنڌ (سيکت) نه ملندي، تيسين ڪنهن نياڻي سياڻيءَ جي حيا حقيقت ڪو نه ڪيندا. ڀلي جيڪا ڦاهي ڏيڻي هجين، سا مون کي ڏين. آئون پاڻيهي سامهون ٿيندي سينِ. پر هڪڙي ڳال ته ٻڌايو! آنجو ڪيڙو کيال آهي ته اسان سان ڪو اِڃَ شودَ پئي ڪري ۽ اسين وري کيس مٿي تي کڻي هلون، اِڃَ نه؟ نه، اِڃَ ڪو نه ٿيندو. کڻي اڳي جي اِڃَ ٿيندو په هوندو ته ڀلي، باقي هاڻ اسان کي اِڃَ ٿيڻ نه ڏيڻ کپي. آئين سڀ ڇوڪريون ڪن کولي ٻڌي ڇڏيو ته جيڪو په اڳتي اِڃَ ٽرڙ پئي ۽ بدمعاشي ڪنهن سان ڪري ته ڪنهن کي په بشڪ (بخش) نه ڪجا. ايڙا ته واڄٽ وڄائجانِ جو يا ڄمار ڀلي پيا زاد ڪن.“ دادل جوش ۾ اچي وڏي واڪي چيو.
    ”ٻڙي، آئون ته مرڳو گهر کان ٻهار (ٻاهر) ئي ڪا نه نڪرنديس. هيءَ سڄي کانجاڻ مون جي ڪري ته ٿي آهي. مون کي ايڙن ڏچن کان مرڳو ڊپ تو ٿئي.“ نازل چيو.
    ”نه ادي نه، ڊڄڻ جي ڳالهه نه ڪريو. هاڻ ڊپ دل مان ڪڍي ڇڏيو. هاڻ پانجو بچاءُ پاڻ ڪبو. دادِلَ ٺيڪ تي چئي ته هاڻ مڙسي ڪري منهن ڏبو. ايئن وڏيرن جي ڇورن جان (يا) ڪمدارن اڳيان ليزم (بي عزت) ڪو نه ٿبو. هاڻ پانجي مڙسي ڪري پانجي زندگي جيئڻي پوندي“. هيءَ حلو هئي، جنهن دادل جي پٺڀرائي ڪئي.
    ”ته پوءِ ٺيڪ آهي“ اچو ته پان چارئي گڏجي هڪڙو جوڙ ٺاهيون. اڳتي پان مان ڪنهن تي په ڪا ڏکي مال (مهل) اچي ته پاڻ چارئي گڏجي صلاح ڪري، ان مامري کي مُنهن ڏيون. ڪيئن ٺيڪ آهي نه!“ دادِل سڀني اڳيان راءِ رکي.
    ”ٺيڪ آهي، ٺيڪ آهي، اِڃَ ئي ڪنديونسين،“ سڀني گڏجي چيو.

    22 جنوري 2012


    ڪجهه به ڪو نه ٿيو...

    ”توهان کي شرم نٿو اچي اهڙي گنڌي حرڪت ڪندي؟“ اڇي مٿي واري هڪ پوڙهي ڊاڪٽرياڻي، جڏهن هڪڙي انتهائي خوبصورت ۽ انتهائي ڪِيُوٽِ (معصوم) اڻ پرڻيل ڇوڪريءَ جو ايبارشن ڪيس (ٻار ڪيرائڻ) اُڪلائڻ کان پوءِ پرائيويٽ اسپتال جي هڪ ڪمري ۾ آئي ۽ بيڊ تي پيل اُن حسين ڇوڪريءَ جو بلڊ پريشر چيڪ ڪرڻ لڳي هئي. تڏهن هُوءَ اُن ڇوڪريءَ تي مرڳو ڏاڪا ٻڌي چڙهي ويئي: ”توهان کي ماءُ پيءُ ڄڻي، پالي، تاتي انهيءَ لاءِ وڏو ڪيو ته توهان انهن جي پوتي ۽ پڳ جي لڄ ڌوڙ ۾ ملائينديون رهو؟ توهان جي صورت ته ڪيڏي نه سهڻي آهي، پوءِ توهان جي سيرت کي ڇا ٿيو؟ توهان جي ڳالهائڻ جو لهجو ڪيڏو نه مٺو، پوءِ توهان جي فضيلت ۽ اخلاق ڪيڏانهن ويو؟ توهان کي پنهنجي ماءُ جي اکين مان وهندڙ نِيرن جي نارن جو ذرو به احساس ڪو نه ٿو ٿئي؟ حيف آهي توهان جي زندگيءَ تي.“ ڊاڪٽرياڻيءَ بلڊپريشر چيڪ ڪري بي پي. ايپريٽس (رت جو دٻاءُ چڪاسڻ وارو اوزار) هڪ پاسي رکندي چيو ۽ پاڻ پاسي ۾ پيل ڪرسيءَ تي ويهي رهي.
    ”ڊاڪٽر صاحبه، اوهان کي اڃا ڪجهه چوڻو آهي؟“ بيڊ تي پيل ڇوڪريءَ تمام ٿڌي لهجي ۾ ۽ انتهائي صبر ۽ تحمل سان پڇيو.
    ”اڃا ٻيو ڇا چوان توهان کي؟ منهنجي خيال ۾ ته حيا واريءَ لاءِ اِهو به گهڻو آهي.“ ڊاڪٽرياڻيءَ ڪروڌ واري انداز ۾ چيو.
    ”ڊاڪٽر صاحبه، جي اوهان دل ۾ نه ڪريو ته آءٌ اوهان جي ڪيل جُٺ جي وضاحت ڪريان!“
    ”چور ٿوروئي ڪو ڀاسيندو ته مون چوري ڪئي آهي. توهان به پنهنجي بدافعالن جو بوجهه ٻين تي اڇلائينديون. ٻيو ڇا چوڻو آهي توهان کي،“ ڊاڪٽرياڻيءَ وري به مٿس حملو ڪيو.
    ”ڏسو ڊاڪٽر صاحبه، هيءَ اوهان جي پرائيوٽ اسپتال آهي. هتي اوهان معاوضو وٺي پوءِ علاج ڪنديون آهيو. اسان به اوهان جي هاسپيٽلٽي ۽ ٽريٽمينٽ (اسپتال ۽ علاج جو خرچ) جي ادائيگي ڪري چڪا آهيون. تنهن ڪري اوهان کي اِهو حق ڪو نه ٿو پهچي ته اوهان پنهنجي مريض کي هِن طرح بي عزتو ڪريو. ٻي ڳالهه ته ڪنهن جي ذاتي زندگيءَ ۾، بنا سموري ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي، ايئن مداخلت ڪرڻ جو به حق اوهان کي ناهي. اوهان جو ڪم آهي مريضن جو علاج ڪرڻ، پوءِ يا کيس چڱو ڀلو ڪري يا لاشو بنائي روانو ڪرڻ. ڪنهن جي عيبن ثوابن يا سٺن ۽ بڇڙن عملن بابت وعذ ڪرڻو ڪونهي. پر جي هروڀرو به اوهان کي، اسان کي بي عزتو ئي ڪرڻو آهي ته پوءِ گهٽ ۾ گهٽ اسان کي انهيءَ بري عمل جي پٺيان ڪار فرما حقيقت ٻڌائڻ جو ته موقعو ڏيو.“ بيڊ تي پيل ڇوڪريءَ انتهائي سنجيدگيءَ ۽ شائستگيءَ سان نرم لهجي ۾ چيو ۽ ڊاڪٽرياڻيءَ جي اکين ۾ اکيون وجهي نهاريندي رهي.
    ”اڇا....! مان توهان کي بي عزتو پئي ڪريان!! حيرت آهي!!! هڪ اڻ پرڻيل ڇوڪري، جيڪا پنهنجي بدافعالن جي ڪري ٿيل ناجائز ٻار کي ڪيرائڻ آئي آهي، سا پيئي چوي ته مان کيس بي عزتو پئي ڪريان! ڏاڍي مُنهن جي پڪي آهين. ڇا توهان جهڙين ڇوڪرين جي به ڪا عزت هوندي آهي؟“ پوڙهيءَ ۽ حد کان وڌيڪ پُراعتماد ڊاڪٽرياڻيءَ نوجوان ڇوڪريءَ جي اکين سان اکيون ملائي، انتهائي چڀندڙ لهجي ۾ کائنس پڇيو.
    ”ڏسو ڊاڪٽر صاحبه، جيڪڏهن اوهان رڳو اِهو ئي سوچي آيون آهيو ته مون کي سَتَ سُريون ئي ٻڌائڻيون آهن، ته پوءِ ٺيڪ آهي. اوهان وڏيون آهيو. جيڪي مناسب سمجهيو ۽ جيڪي وڻيوَ، سو ڀلي چئو. آءُ ٻڌان پئي.“
    ”ٻڌڻ کان سواءِ ٻيو توهان ڪري به ڇا ٿيون سگهو.“ ڊاڪٽرياڻيءَ اڃا به ڪروڌ مان چيو.
    انتهائي حسين ڇوڪريءَ ڪو به جواب نه ڏنو ۽ خالي خالي نظرن سان پنهنجي چهري تي ڪو به تاثر آڻڻ بنا ڊاڪٽرياڻيءَ کي ڏسندي رهي.
    ”هڪ بدڪردار ڇوڪري، جيڪا شاديءَ کان اڳ ۾ پيٽ سان ٿي آهي، سا سواءِ ڪوڙو فسانو ٻڌائڻ جي، ٻيو ڇا ٿي چئي سگهي.“
    نيٺ ڊاڪٽرياڻي به، ڇوڪريءَ طرفان ڪو ردعمل نه ڏسي خاموش ٿي ويئي ۽ ڪجهه دير لاءِ مڪمل سانت ڇائنجي ويئي. پوءِ ڊاڪٽرياڻي بي پي ايپريٽس ۽ اسٽيٿاس ڪوپ کڻي هلي ويئي.
    ڊاڪٽرياڻيءَ جو ڪمري مان نڪرڻ کان پوءِ، نوجوان ڇوڪري، جيڪا انتهائي خوبصورت ته هئي، پر ايبارشن ڪيس ۾ ڪجهه خون ضايع ٿيڻ جي ڪري بي ستي پئي لڳي ۽ چهري تي هلڪي هلڪي پيلائڻ ڏسڻ ۾ پئي آئي، ڊاڪٽرياڻيءَ کي پٺيرو ويندي ڏسي رهي هئي، گڏوگڏ سوچيائين به پئي ته: ”مرد ته مرد آهن، جن کي سواءِ پنهنجي مقصد پورو ڪرڻ جي، عورت جي مجبورين جي ڪا به پرواهه ڪا نه هوندي آهي. پر جڏهن عورت به ٻي عورت جي مجبوريءَ کي ٻڌڻ ۽ ڄاڻڻ کان سواءِ ئي اُن تي بدڪاريءَ جو ٺپو هڻي ڇڏي ته پوءِ ڇا ڪجي؟ هاڻ هن ڊاڪٽرياڻيءَ کي ڪهڙي خبر ته مون کي اِهو ٻار ڪيئن ٿيو آهي؟ مارَ پويس رڳو گارين جي ڊٻ لاهيو بيٺي آهي. ڪجهه سُڻڻ ٻُڌڻ لاءِ تيار ئي ڪانهي، ته پوءِ کيس ڪيئن سمجهائجي.. پر هي پوڙهيون، جن پنهنجي جواني ته ڀرپور نموني ۾ گذاري هوندي آهي، پر جڏهن باقي وٽن ڪجهه به نه رهندو آهي، تڏهن نوجوان ڇوڪريون جون رڳو ۽ رڳو اوڻائيون ئي ڏسي سگهنديون آهن ۽ انهن تي ڦِٽَ لعنت ئي ڪري سگهنديون آهن.“
    پوءِ هوءَ چار مهينا اڳ آيل 2010ع واري درياهي مها ٻوڏ ۾ سندن حويليءَ جي اجڙڻ جي خيالن ۾ گم ٿي ويئي:
    ڪوٽ عالمو وٽان، مرڪزي سرڪار، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ صوبائي سرڪار جي منصوبابندي، رضامندي ۽ نگرانيءَ هيٺ سرڪاري ڪرينن ذريعي، پٿرن سان پچنگ ٿيل بند ٽوڙي آنڌل هٿرادي ٻوڏ جن علائقن ۾ پاڻيءَ ذريعي تباهي مچائي، تنهن کان ته سڄي دنيا واقف ٿي چڪي آهي. پر جيڪي علائقا پاڻيءَ جي زد کان پري هئا، تن جي ماڻهن کي به سرڪاري اعلانن ذريعي هڪدم گهر خالي ڪري ڀڄي وڃڻ جي حڪمن جيڪا تباهي آنڌي، تنهن جا مثال به دنيا ۾ ملڻ مشڪل آهن.
    هوءَ ٻوڏ جي پاڻيءَ کان بچي ويل علائقي ۾ پنهنجي اباڻي زميندارن جي شاهي حويليءَ ۾ رهندي هئي. هوءَ پڙهي لکي بااخلاق ڇوڪري هئي. اوچتن اعلانن تر جي سموري عوام وانگر هُن جي مائٽن کي به مت مان ڪڍي ڇڏيو. هر طرف کان ڀڄ ڀڄان ۽ وٺ وٺان واري افراتفريءَ ۾ هُوءَ پنهنجي گهرڀاتين سميت مڪليءَ تي، قومي شاهراهِ جي پاسي ۾، ڊگري ڪاليج ٺٽو جي اڳيان هڪ تنبوءَ ۾ پناهه وٺي اچي ويٺي هئي. پڻس هٿ جو ٿورو پڪو هو، تنهن ڪري مسواڙ تي ڪا جاءِ وٺي ويهڻ ۾ سستي ڪيائين ته جايون به سڀ هٿ مان نڪري ويون. پوءِ هو هڪ شاندار حويليءَ جا رهاڪو، پينڙيات فقيرن جهڙي جُهڳيءَ ۾ رهي حالتن کي مُنهن ڏيڻ لڳا. اڀري سڀري جهڳي ڏسي هر خيراتي ادارو، امداد ورهائڻ وارو ادارو، ٻاهريون مالياتي ايجنسيون ۽ اين جي اوز وارا هنن کي امدادي سامان، کاڌ خوراڪ ۽ پئسه ڏوڪڙ ته جام ڏيو پئي ويا، پر انهيءَ انساني همدرديءَ ۽ انساني خدمت جي عيوض هُنن هِنَ خوبصورت ۽ انتهائي حسين ڇوڪريءَ کان جيڪا قيمت وصول ڪئي، تنهن انسانيت جو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو. ٿيو هيئن جو هڪڙي سنجها ويل، انساني خذمتگارن جي روپ ۾ هڪ جلادن جو ٽولو، تيار ٿيل کاڌو ۽ شربت جو ڪُولر ڀري هنن کي ڏيئي ويا. ڪلاڪ ٻن کان پوءِ کاڌي ۽ شربت ۾ شامل نشه آور دوا جي اثر هيٺ سمورا ڀاتي ننڍ پئجي ويا ۽ پوءِ هڪ شاندار ڪار آئي ۽ اچي هنن جي جهڳيءَ وٽ بيٺي، ڊرائيور ۽ ٻيو همراهه هيٺ لٿا، جهڳيءَ اندر گهڙيا. هُن معصوم ڇوڪريءَ کي کڻي ڪار جي پٺئين سيٽ تي ليٽايائون ۽ ڪار هلي ويئي.
    مڪليءَ تي ئي هڪ حويليءَ نما بنگلي ۾ ٻوڏ جي ستايلن جي خدمت ڪندڙ سڄي رات انسانيت کي اگهاڙو ڪري، وسڪيءَ جي ڍُڪن ڀرڻ، جاڙا جاڙا ٽهڪ ڏيڻ ۽ نياڻيءَ جي لڄ جي تذليل ڪرڻ سان گڏ هنبوڇيون هڻندا رهيا ۽ پوءِ رات ختم ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي هُن کي واپس تنبوءَ ۾ ڇڏي ويا.
    ڪجهه به ڪو نه ٿيو، نه مائٽن جي احتجاج ڪو رنگ لاتو، نه سماجي فلاحي ادارا ڪجهه ڪري سگهيا، نه پوليس ۽ انتظامي سرڪاري مشنري حرڪت ۾ آئي، نه مذهبي ۽ روحاني پيشوا پنهنجون ڪرامتون ڏيکاري سگهيا. نه ئي ڳاڙهين اکين وارن ۽ ڪاٽن پائيندڙ قوم پرست ڪامريڊن ڪو ٻوٽو ٻاريو ۽ .... ۽ نه ئي وري خدا جي خدائيءَ پنهنجو جوش ۽ جلال ڏيکاريو.
    تنهن ڪري ڪجهه به ڪو نه ٿيو.
    ۽ جيڪو ٿيو، تنهن هُنَ انتهائي خوبصورت ۽ انتهائي حسين ڇوڪريءَ کي، هِن پوڙهي ڊاڪٽرياڻيءَ جي گارين ٻڌڻ لاءِ آڻي هِن اسپتال تائين پهچايو، جيڪا ٻي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ناهي.

    (نوٽ: ڪهاڻي لکڻ شروع ڪئي ويئي 26 سيپٽمبر 2010
    -ڪهاڻي مڪمل ٿي مئي 2012 جي 17 تاريخ.
    اهڙي طرح هِن مختصر ڪهاڻيءَ مڪمل ٿيڻ ۾ هڪ سال
    ست مهينا ۽ ويهه ڏينهن ورتا.
    (600 ڏينهن)
    پرويز)


    پَوَنِ ۽ ڪرشمه

    ”بابا!“ ارڙهن سالن جي سُنِيتا سندس پيءَ کي رات جي ٿالهيءَ مهل ڏاڍي لاڏ مان چيو.
    ”جي بابا!“ سيٺ پِرِڀُوءَ پنهنجي لاڏلي ڌيءَ کي جواب ڏنو.
    ”بابا، ڀاءُ ستيشَ جي ننڍڙي ڪرشمه ڄائي آهي. اُن کي ڪپڙا ۽ خرچي ڏيڻي آهي. هو به پاڻ کي اهڙن موقعن تي گهڻو ڪجهه ڏيئي ويندا آهن.“
    ”ها پٽ، پوءِ اِن لاءِ تون پريشان ڇو پئي ٿئين. شهر وڃڻ ٿئي ته ٻه ٽي جوڙا وٺي اچجانءِ. ٻه ٽي سئو ته خرچ ٿيندا!....“
    ”هان....!؟ ٻه ٽي سئو...!؟ بابا، هينئر ننڍڙن ٻارڙن جا ڪپڙا ته مرڳو وڏن کان به مهانگا آهن. پنج پنج، ست ست سئو رپين ۾ رڳو هڪڙو جوڙو ٿو ملي!....“
    ”ها ته پوءِ ڇا ٿي پيو پٽ! جيتري ۾ به ملن، وٺڻا ته آهن. ٺيڪ آهي نه پٽ!“
    ”بابا، هنن طرفان خرچي به هڪ هزار رپيه ڏنل آهي.“
    ”اڙي بابا، هروڀرو پيئي پريشان ٿئين. تون کڻي ٻه هزار رپيه ڏيئي اچجانِ. بس ڳالهه به ايتري....!“.
    ”چڱو بابا.“ سُنِيتا چانورن جو گرهه وات ۾ وجهي، سنڌڙي انب جي وڏي ڦارِ کي چڪ هڻڻ لاءِ پنهنجي وات ڏانهن وڌايو. هُوءَ کانو کائيندي ڪيڏي نه ملوڪڙي لڳي رهي هئي.
    ***
    سائيڪلون ڪرائي تي هلائيندڙ ۽ سائيڪلن جي مرمت ڪندڙ مستري لَڇُو مل جي گهر پهريون پٽڙو پَوَنِ ڄائو هو. غربت ۽ اڻ هوندي جي ڪري، بک ۽ بدحاليءَ جي ڪري سندس گهرواري انيتا کي گهربل غذا ۽ دوا درمل بروقت نه ملڻ ڪري بيحد ڪمزوري ۽ رت جي ڪميءَ سبب سندس وِيَم فطري عمل ذِريعي نه پر ميجر آپريشن ذريعي ٿيو هو. اسپتال جي ضرورتن کي پورو ڪندي ڪندي مستري لڇومل پنهنجو الهو تلهو داءَ تي لڳائي ڇڏيو هو ۽ هاڻ وٽس ايترو به ڪجهه ڪو نه بچيو هو، جو هُو رڳو پنهنجي پهرئين پُٽڙي کي ڪو نئون وڳو وٺي پهرائي سگهي. تنهن ڪري هُن کي پاڙي جي ئي ڪنهن گهر مان مليل، لاٿلَ پراڻا ڪپڙا پنهنجي پوڻيٺڙيءَ جي پٽ کي پائڻا پيا هئا.

    5- جولاءِ 2012


    مرگهه ترشنا

    ڊاڪٽر جي هدايت موجب آءٌ روز صبح جو سوير اٿي واڪ ڪرڻ ويندو آهيان.
    اُن ڏينهن به حسبِ معمول صبح جو سويل اٿي واڪ ڪرڻ لاءِ نڪتو هوس. پنهنجي ڳوٺ کي ويجهو ئي گذرندڙ پڪي روڊ کي ڪراس ڪندڙ گنج بحر ناليءَ تي، روڊ جي بلڪل ڀرسان ئي ٻه ٽي ڪچا گهر ٺهيل آهن. اتي مسڪين هاري ۽ پورهيت ماڻهو رهندا آهن. مون کي سلوار ۽ گنجي پاتل هئي. موبائيل فون منهنجي هٿ ۾ هئي ۽ اُن ۾ Save ٿيل عابده پروين جو ڳايل ڪلام ”ميڏا عشق وي تُو، ميڏا يار وي تُو....“ پئي هليو. ڪلام جي ٻولن جي مِٺاسَ، عابده پروين جي آواز جي سحر انگيز ترنم ۽ سازن جي لئي تي آءٌ مست ٿيو جُهومندو، هڪجهڙي رفتار سان اڳيان وڌندو پئي ويس. آس پاس ۾ سارين جي فصل جو رونبو ٿي چڪو هو. هر طرف هريالي هئي. ڌرتيءَ سائي چادر اوڍي ڇڏي هئي. اڌ جولاءِ جو جُهڙالو ۽ ڏاڍو خوب صورت صبح هو. ساڍا پنج ٿيا هئا. ماحول تي ٿوري گهڻي ڌنڌ ڇانيل هئي. سج اڃا ڪو نه اڀريو هو. وايو منڊل ۾ ٿڌاڻ جي ورکا ٿي رهي هئي. ڏکڻ جي هلڪي هلڪي ۽ چنچل هِيرَ گُهلي رهي هئي. پنڌ ڪندي، قميص بنا بدن تي ٿڌڙي هِيرَ جو ڇُهاءُ مون کي انتهائي فرحت ۽ سڪون مهيا ڪري رهيو هو.
    ”اي....!“ اوچتو مون محسوس ڪيو ته جهڙوڪَرَ ڪنهن مون کي سڏ ڪيو هجي.
    آءُ ڪلام جي سُرن سازن، ٻولن ۽ آواز جي سحر انگيزيءَ مان جهڙوڪر ڇرڪ ڀري جاڳي پيس. مون آس پاس توجهه ڏيڻ لاءِ لؤنڻا ڦيريا. انهن غريباڻن ڪچن گهرن جي، نه هئڻ جهڙي ڍينگهرن جي واڙ اندران، ڄار (کٻڙ) جي گهاٽي ٻوٽي جي ڀر ۾ ڪا نوجوان ڇوڪري بيٺي هئي. اسان جي وچ ۾ ڪو سئو کن فوٽن جو فاصلو هو. منهنجا قدم هلندي هلندي رُڪجي ويا، ۽ آءٌ ان ڇوڪريءَ ڏانهن غور سان نهارڻ لڳس. ڏٺم ته هُن شرمائي ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو. ٻئي لمحي هڪ خوشگوار مسڪراهٽ منهنجي چپن تي پکڙڻ لڳي ۽ آءٌ پنهنجي گس سان وڃڻ لڳس، سوچيم ته شايد رانگ نمبر لڳو آهي. تنهن ڪري آءٌ وري ڪلام جي سحر انگيزي ۽ ماحول جي خوشگواريءَ ۾ مست ٿي واڪ ڪرڻ لڳس. روزانو واري مقرر هنڌ تي پهچي آءُ واپس وريس. واپسيءَ مهل انهن گهرن وٽ پهتس ته بي اختيار منهنجي نگاهه ان گهر ڏانهن کڄي ويئي ۽ ڏٺم ته اُها ڇوڪري اڃا ساڳي جاءِ تي بيٺي هئي. سج هاڻ اُڀرڻ جا سانڀاهه پئي ڪيا پر اڃا نڪتو ڪو نه هو. پر تنهن هوندي به آس پاس جون شيون پهرئين کان وڌيڪ چٽيون ۽ صاف نظر اچي رهيون هيون. مون ڪو گهڻو خاص توجهه ڏانهس ڪو نه ڏنو. پر پوءِ به پنهنجي چپن تي ڇڙواڳ ۽ ڇيڳري مرڪ کي پکڙجڻ کان روڪي به ڪو نه سگهيس. مون پاڻ کي پنهنجي پهروڪي مستيءَ ۾، سر، ساز، آواز ۽ ڏکڻ جي هِيرَ واري مستيءَ ۾ گم ڪرڻ پئي چاهيو. پر هن ڀيري ائين ڪري نه سگهيس. مون کي خيالن جا واچوڙا ڌِڪي 55 سال پوئتي کڻي ويا، جڏهن انهن ساڳين پڊن تي ڪا ”لالان“ رهندي هئي ۽ 12 سالن جو آءٌ، جو انهيءَ ساڳئي رستي تان پنڌ ڪري پڙهڻ ويندو هوس. ها، البته تڏهن اِهو رستو ڪچو هو ۽ هاڻي پڪو روڊ آهي.
    مون کي ذاتي طرح اِها خبر ڪانهي ته ليليٰ (مجنون واري ليليٰ) ڳوري هئي يا ڪاري هئي. ڇو ته اُن زماني ۾ آءٌ موجود ڪو نه هوس. پر روايتن ۽ ڪتابن مان پتو پوي ٿو ته هُوءَ رنگ جي ڪاري هئي. باقي مُنهن مُهانڊا، نيڻ نقشا ۽ آرڪاڻا ته ظاهر آهي، ڀلا ئي هوندس. تڏهن ته مجنو مٿس عاشق ٿيو هو. پر چون ٿا ته ليليٰ رنگ جي ڪاري هئي. بهرحال، ڪاري هئي يا ڳوري، منهنجو ڇا؟! هاڻي ته هڏ ئي سڙي ڳري ختم ٿي ويا هوندس! خير.... پر جنهن ليليٰ جي ڳالهه آءٌ ڪرڻ وارو آهيان، سا به اتفاق سان رنگ جي ڪاري هئي. سانوري ڪاري نه، پر بنهه چوپ ڪاري! ۽ اسين سنڌي ماڻهو وري پنهنجي لهجي ۽ مزاج مطابق ليليٰ کي ڪڏهن ”لالان“ چئون ته ”ليلان“ چئون ۽ ڪڏهن ته مرڳو ”لالي“ چئون. پر بهرحال، مجنونءَ واري ليليٰ ته مصر جي پاسي جي هئي ۽ چون ٿا ته ڏاڍي خوبصورت هئي ۽ خوبصورت شيءِ تي هر ڪو عاشق هوندو آهي. پر پاڻ تائين رڳو مجنوءَ جو نالو پهتو. باقي ٻين جي خبر هڪڙي ليليٰ کي ۽ ٻي خدا کي!.
    هِن ليليٰ، جنهن کي سموري تر جا ماڻهو، رنين توڙي آهيرين، ”لالان“ چوندا هئا. لالان سِلو ٽولَ واري، تي به راڄ عاشق هئا. رنگ، سو ته برابر چوپ ڪارو هوس، پر باقي نيڻ نقشا.... بس ڇُٽيون ڳالهيون! سندس ڪٽاريون اکيون، سندس ننڍڙو وات، ماسيرا چَپَ ۽ اڇا کير جهڙا ڏنڌ! سبحان الله! مسڪراهڻ يا کِلڻ مهل جڏهن، سندس ننڍڙا، سنهڙا ۽ خوبصورت ڏنڌ ظاهر ٿيندا هئا ته ايئن لڳندو هو، ڄڻ سچن موتين جون لڙيون جَرڪي پونديون هيون ۽ ڇا ته سندس ڊگهي ڳچي هوندي هئي! گهڻا ماڻهو ته رڳو سندس اِن ڪُونج جهڙي ڊگهي ڳچيءَ تي مست هوندا هئا.
    تڏهن، جڏهن لالان جي جواني هئي ۽ سندس جوڀن جهل ئي ڪا نه ٿي ڏني ۽ سندس اکيون اڻ پيتي جي نشي ۾ صبح توڙي شام مخمور هونديون هيون. سندس انگ انگ مان مستي ايئن ڦٽيو پئي نڪتي، جيئن جهرڻن مان پاڻي اڀَڪي نڪرندو آهي، تڏهن سندس رڳو هڪڙي سنئين نگاهه لاءِ ماڻهو مري پوندا هئا ۽ تڏهن آءٌ ننڍو هوس. شهر جي مڊل اسڪول ۾پڙهڻ لاءِ روز صبح جو سوير اٿي ڳوٺ جي ٻين ڇوڪرن سان گڏجي ٻه ميل پنڌ ڪري پهچڻو پوندو هو ۽ لالان جي گهر جي ڀرسان اسان کي لنگهڻو پوندو هو. رستي تان مٽيندڙ ماڻهن جي نگاهه سندس غريباڻي گهر جي پناهه لاءِ ڏنل ڍنگهرن جي اڀري سڀري نالي ماتر واڙ کي اورانگهي سندس ٿلهي تائين بنا رنڊڪ جي پهچي ويندي هئي. آءٌ به کيس ڪڏهن ڪڏهن ٿلهي تي بيٺل ڏسندو هوس ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته، جڏهن ناليءَ ۾ پاڻي هوندو هو، ۽ هُوءَ سوير ئي گهر جا ٿانوَ ٿپا کڻي اچي تڙ تي ويهي ڌوئندي هئي، تڏهن، کيس بنهه ويجهڙائيءَ کان ڏسڻ جو موقعو ملي پوندو هو.
    اُن عرصي دوران مون کي ”دنيا جهان“ جي ڪا گهڻي خبر چار ڪا نه هوندي هئي. باقي ڳوٺ ۾ هَٽَ تي ايندڙ ماڻهن جي ڪچهريءَ ۾ لالان لاءِ الاهي ڳالهيون ۽ ڳالهيون به قسمن قسمن جون، عجيب عجيب ڳالهيون، کِلائيندڙ ڳالهيون، خوش ڪندڙ ڳالهيون ۽ اُن وقت به، بدن ۾ سُر سُر پيدا ڪندڙ ڳالهيون ٻڌي لالان کي ڏسڻ جو اشتياق وڌندو هو. ڇو اشتياق وڌندو هو؟ سا خبر ڪا نه ٿي پئي. جيڪي ٻه ٽي ٻيا ڇوڪرا مون سان گڏ پڙهڻ هلندا هئا، تن ۾ وري به سمجهه ڀريو آءٌ ئي هوس ۽ خوشحال گهر جو هئڻ ڪري ڪپڙي گنڌي پهرڻ سنوارڻ ۾ به ٻين کان مڙيئي اڳتي هوس، ته وري مُنهن مهاندي جو به ڀلوڙ هوس. تڏهن اسڪول جي ڊريس ڪارَسِري، رنگ جي مليشا ڪپڙي جي مقرر ٿيل هئي. منهنجو ڳورو رنگ ڪاري ڊريس ۾ گهڻن ماڻهن کي الاهي وڻندو هو. لالان کي به وڻندو هو. لالان ۽ اسان ڳوٺ راڄ جا ماڻهو هئاسين. ڳوٺ گڏيا پيا هئا. مرڻي پرڻي هڪ ٻئي جا ڪانڌي ۽ ڄاڃي ٿيندا هئاسين. هوءَ اسان جي گهرن ۾ ايندي هئي ۽ اسان جي ڳوٺ جون عورتون سندس گهر وينديون هيون. سو اسان جي وچ ۾ عمر کان سواءِ ٻي ڪا گهڻي اوپرائپ ڪا نه هئي. مون ٻه ٽي ڀيرا محسوس ڪيو هو ته هوءَ ٿانوَ ڌوئندي مون ڏانهن ڏاڍي چاهه ۽ حسرت سان پيئي ڏسندي هئي. پر مون کي، اوڏيءَ مهل، سندس انهن نگاهن جي معنيٰ ۽ مفهوم ته سمجهه ۾ ڪو نه ايندو هو، پر ايتري ڳالهه ضرور سمجهندو هوس ته ڪنهن عورت جي عام رواجي نهارڻ ۽ لالان جي نهارڻ ۾ الاهي فرق هوندو هو. ايئن لڳندو هو ڄڻ مون کي ڪير ڪِتِڪِتائي ڪندو هجي ۽ مون کي بي اختيار کِل اچي ويندي هئي.
    هڪ ڀيري جڏهن آءٌ سندن تڙ وٽ پهتس ته مون کي سڏ ڪيائين:
    ”اي ڇوڪرا، ٿورو هيڏانهن اچ.“
    ۽ آءٌ گس ڇڏي کيس ويجهو وڃي بيٺس، وري به هُن ڳالهايو:
    ”نالو ڪڄاڙو ائيني؟“ ڏاڍي مٺاس ڀريئي لهجي ۾ پڇيائين.
    ”حميد“ مون مختصر جواب ڏنو ۽ سندس مُنهن ۾ نهاريندو رهيس.
    ”جِلُوڙيءَ“ جو پٽ اَهئين نه!؟“ هُن منهنجي ماءُ جو نالو وٺي پڇيو.
    ”ها“ مون وري به مختصر جواب ڏنو.
    ”ڪيڏو نه ملوڪڙو اَهئين!“ ڏٺم ته هُن سندس مٿئين چپ تي زبان پئي ڦيري، آءٌ ڦِڪو ڦِڪو ٿي شرمائڻ لڳس ۽ ڪو به جواب ڏيئي ڪو نه سگهيس. وري به هُن ڳالهايو:
    ”اِشڪول مان ورندي مال (مهل) گهر اچج. آءٌ تونجي لاءِ جيتُونَ (زيتون) ڳولي رکنديس“.
    سندن گهر ۾ زيتون جو وڻ بيٺل هو. وري چيائين: ”ايندين نه! ضروڙ اچج. متان نه ڳال (ڳالهه) وسري وڃني“.
    آءٌ بنا ڪو جواب ڏيڻ جي آهستي آهستي ٿي کِسِڪڻ لڳس ۽ رستي تي چڙهي تِکو تکو وڃڻ لڳس. ٿوري دير کان پوءِ اُها ڳالهه منهنجي ذهن مان ئي نڪري ويئي. اسڪول مان 2 وڳي موڪل ملندي هئي. اوڏيءَ مهل هڪڙو ته بک تنگ ڪندي هئي ۽ ٻيو ته ٻه ميل پنڌ به ڪرڻو پوندو هو. پوءِ ڀلي سياري جو سيءُ ڪڙڪا ڪري ڪِرندو هجي يا اونهاري جي چاليهي جا سخت ڪاڙها هجن. برساتن جو اوڙڪون وسنديون هجن يا گپن چِڪِن جي ڪري گس بند هجن. تڏهن سواري جي به سهوليت ڪا نه هئي ته اسڪول مان غير حاضري به برداشت ڪا نه ڪئي ويندي هئي. اڄ وانگر نه ته گهر ويٺي امتحان ڏبا هئا ۽ نه ئي ڪاپي ڪلچر جو ڪو نالو نشان به هو. سو سخت محنت ڪرڻي پوندي هئي. پنڌ ڪرڻاپوندا هئا. بکون اُڃون ڪاٽڻيون پونديون هيون. تڏهن مون کي صرف ٻه آنا خرچي ملندي هئي. هيءُ 58-1957ع وارو زمانو هو. مون کي انهن ٻن آنن مان رسيس ۽ موڪل مهل به گذارو ڪرڻو پوندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته پاڻ ٽڪو پئسو بچائي به کڻي ايندو هوس ته جيئن ڳوٺ ۾ موجود هٽ تان شام مهل ڀڳڙا يا کَٽَمِٺيِون وٺي سگهان. اِها صورتحال اسان جي خوشحال گهر جي هئي اُن وقت. بهرحال، اُن ڏينهن مون کي مفت ۾ زيتون ملڻ جو آسرو مليو هو. سو ڏاڍو خوش خوش ڳوٺ ڏانهن پنڌ پيس. تڪڙو تڪڙو هلندو جڏهن اچي لالان جي گهر کي ويجهو پهتس، تڏهن مون تي هڪڙي عجيب ڪيفيت طاري ٿيڻ لڳي. سوچڻ لڳس ته سندن گهر وڃان يا نه وڃان. وڃان ٿو، پوءِ ڇاهي؟ زيتون ڏنائين ته ٺيڪ، نه ته ٺهيو ٻيو! هونئن به زيتونن کان سواءِ ڪو نه پيو هلان ڇا؟! وڃي ته ڏسان، ته ڏي ٿي يا نه. اوڏيءَ مهل منهنجي ذهن ۾ رڳو زيتون پئي ڦريا، باقي ٻي ڪنهن ڳالهه جي سوچ ئي دماغ ۾ ڪا نه هئي. سو بهرحال، منهنجا قدم رستو ڇڏي خودبخود سندس گهر ڏانهن مڙيا ۽ عجيب اتفاق به اهڙو جو مون اڃا ٻه قدم ئي مس کنيا ته هوءَ سندن گهر جي گهٽيءَ مان ٻاهر نڪتي. بانٽو سندس هٿ ۾ هو ۽ هُوءَ ڪُتيءَ جي هڪڙي ننڍڙي گُلِرَ کي ڌڙڪا ڏيندي، مٿس بانٺو ٺلهو اُلاريندي کيس گهر کان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. ننڍڙي گلر جا ڪونڪاٽ پئي پيا.
    جيئن ئي هُن مون کي ڏٺو ته ٽِڙي پئي. گُلر کي اتي ئي ڇڏيائين ۽ مون ڏانهن وڌي آئي. ”هليا هليا حميد هليا، مون تون جي لاءِ وڻ مان پڪل ۽ هاٻوڙل جيتون پٽي رکيا آهن.“ ايئن چئي مرڳو منهنجي هٿ مان جهلي مون کي گهر وٺي ويئي. زيتون جي وڻ هيٺان ٿلهي تي، ڪاٻار جي واڻ سان واڻيل منجو پيل هو. مون کي اتي ويهڻ لاءِ چئي، پاڻ اڀري سڀري ٺهيل ڪوٺيءَ جو ڏاڪائو در کولي اندر گهڙي ويئي. پراڻي ڪپڙي جي هڪڙي ننڍڙي ٽڪر ۾ ٻڌل زيتونن جي ننڍڙي هَڙَ، جنهن ۾ پنج ست زيتون پيل هئا، کڻي اچي منهنجي پاسي ۾ رکيائين. گهر ۾ ٻيو ڪير به اوڏي مهل ڪو نه هو. مون کي سخت اڃ لڳي هئي، سو پئي لونثا ڦيريم ته پاڻيءَ جو گهڙو يا مٽ ڪٿي رکيل آهي. اِها ڳالهه محسوس ڪندي پاڻ ئي پڇيائين.
    ”پاڻي پيئندين؟“
    ”ها“ مون هن ڀيري به مختصر جواب ڏنو.
    پاڻ اُٿي ۽ جست جو گلاس کڻي ورانڊي جي ڪُنڍ ۾ رکيل مَٽَ مان ڀري آڻي مون کي ڏنائين. مون پاڻي پيتو ۽ پوءِ هُوءَ اچي منهنجي پاسي ۾ ويٺي. اِن وچ ۾ ڪا به ڳالهه ٻولهه ڪا نه پئي ٿي. منهنجي ذهن ۾ رڳو اِهو هو ته جيترو جلد ٿي سگهي، آءٌ زيتون کڻي هليو وڃان ۽ بس، باقي ٻئي پاسي ته ڪيڏانهن منهنجو ڌيان ئي ڪو نه هو. سو مون اڃا اٿڻ جو بهانو پئي ڳوليو، تيستائين هُن بي ساخته مون کي کڻي پنهنجي ڀاڪرن ۾ ڀڪوڙيو ۽ منهنجي ڪاڙهي ۾ تپي ڳاڙهو ٿي ويل چهري کي بي اختيار چمڻ لڳي. آءٌ هُن جي هِن اوچتي ڪارروائيءَ جي ڪري حيران به ٿيس ته پريشان به. پر جيڪا مزاحمت ڪرڻ کپي يا پنهنجي جند ڇڏائڻ لاءِ جيڪا ڇڪتاڻ ڪرڻ کپي، سا مون ڪا نه ڪئي، اُن ڪري جو، يا ته هُن جي هِن اوچتي ڪارروائيءَ تي منهنجا حوصلا خطا ٿي ويا هئا ۽ مون کي سمجهه ۾ ڪجهه ڪو نه پئي آيو ته ڇا ڪريان! ۽ يا ته وري هُن جي ماسيرن چپن جي لذت ڀريئي ڇهاءَ مون کي هڪڙي عجيب قسم جي تسڪين پئي پهچائي، بهرحال، هُن دل ڀري مون کي چميو ۽ چَٽِيو ۽ جڏهن ڍو ڪيائين، تڏهن پاڻ ئي ڀاڪر ڍرا ڪري مون کي ڇڏي ڏنائين. آءٌ لڄ کان پاڻي پاڻي پئي ٿيس ۽ اکيون کڻي منجهس نهاري به ڪو نه پئي سگهيس. هُن کي منهنجو اِهو شرمائڻ اڃا به وڌيڪ وڻڻ لڳو ۽ هُن اٿي بيهي، پنهنجي ٻنهي هٿن سان منهنجو چهرو مٿي کڻي، هڪڙو ڀيرو وري به جُهڪي منهنجي چپن تي چميو ۽ ڪنهن انتهائي آسودگيءَ واري سرشاريءَ ۾ غرق ٿيندي، خماريل اکيون زوريءَ پٽيندي چيائين:
    ”حميد، سڀاڻي وري اچج. آئون تونجي لاءِ جيتون پٽي رکنديس.“
    ۽ آءٌ زيتونن جي ننڍڙي هَڙَ کڻي گهر ڏانهن روانو ٿي ويس.
    اُن مڊل اسڪول ۾ منهنجو اُهو آخري سال هو. امتحان تائين واري باقي عرصي دوران آءٌ فقط ٻه ٽي ڀيرا ئي ”زيتون کڻڻ“ وڃي سگهيو هوس، جنهن دوران هُوءَ پنهنجي تسڪين ماڻي سگهي هئي. باقي ڪيترائي ڀيرا چاهيندي به، ڪنهن نه ڪنهن جي موجودگيءَ سبب مون کي ”زيتون“ نه ملي سگهيا هئا.
    پوءِ آءٌ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي شهر هليو ويس. جتي مون کي ڳچ سال لڳي ويا. تعليم دوران ڳوٺ ته ڪڏهن ڪڏهن ايندو هوس، پر منهنجي مصروفيتن، مشغولين ۽ شوقن ۾ ترجيحات ٻين مامرن کي هوندي هئي ۽ لالان جو فقط ڪڏهن ڪڏهن ڪٿي ذڪر ٻڌي سگهندو هوس. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد، جيستائين ڪا ڍنگ جي نوڪري ملي، تيستائين ڪجهه وقت گهر ويهي گذاريم. تڏهن مون کي خبر پئي ته لالان جي ڌيءَ بانان، جيڪا تڏهن اڃا پنجن ڇهن سالن جي مس هئي، جڏهن آءٌ ”زيتون کڻڻ“ سندن گهر ويندو هوس، جي هاڪَ پئي ٻُري ۽ جڏهن هڪڙو ڀيرو هڪ ٻئي کي بنهه ويجهڙائيءَ کان ڏٺوسين، تڏهن مون کي منجهانئس ماڻس لالان لياڪا پائيندي نظر آئي هئي. بانان تڏهن پنڌرهن سورهن سالن جي هئي.
    خير پوءِ مون کي نوڪري ملي ويئي ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي. شادي ٿي، ٻار ٿيا، ٻار پڙهيا، جوان ٿيا، پرڻيا، مون نوڪريءَ مان خوب پئسو ڪمايو. ڳوٺ ۾ ڀلوڙ جاءِ ٺهرايم. وڏن شهرن ۾ بنگلا ٺهرايم، گاڏيون ورتم. زمينون ورتم، پلاٽ ۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه، رٽائر ٿيس. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ ڳچ عرصو شهر ۾ رهيس. هاڻي طبيعت ۾ ٿوري گهڻي گڙٻڙ محسوس ڪيم ته ڊاڪٽرن سان صلاح مشورو ڪيم ۽ ڊاڪٽرن جي صلاح مشوري تحت ئي ڳوٺ اچي رهڻ لڳو آهيان ۽ انهن جي هدايتن تي ئي روزانو واڪ ڪرڻ ويندو آهيان.
    اُن ڏينهن جڏهن، لالان واري ساڳئي گهر مان ڪنهن نوجوان ڇوڪريءَ مون کي سڏ ڪيو ته مون کي هڪدم لالان ياد اچي ويئي. اُها لالان، جنهن مون کي جڏهن پهريون ڀيرو زيتون ڏنا هئا، تڏهن سندس عمر چوويهه پنجويهه سال هئي ۽ سندس جوانيءَ جو جوڀن ڀرپور ۽ ڇلڪندڙ جام جهڙو هو ۽ آءٌ تڏهن فقط ٻارهن سالن جو ٻار هوس، جنهن جي واڇن مان اڃا کير پئي ڳڙيو ۽ هِن ڀيري جڏهن، مون کي ڪنهن 15-16 سالن جي بنهه نوجوانڙي ڇوڪري سڏ ڪيو آهي، تڏهن منهنجي عمر 67 سال آهي. آءٌ اُن وقت به لالان جي ڪنهن به ”ڪم“ جو ڪو نه هوس. ۽ آءٌ اڄ به، هِن ڇوڪريءَ جي ڪنهن به ”ڪم“ جو ڪو نه آهيان، جيڪا شايد منهنجي ننڍي قدَ، ڦڙتيلي جسمَ، ڪلر ٿيل ڪارن اسٽائلش وارن ۽ ڪلين شيو هجڻ ڪري نظر نه ايندڙ اڇي ڏاڙهيءَ جي ڪري ڀلجي مون کي نوجوان ڇوڪرو سمجهي، پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. بهرحال، مرد ڪيترو به پوڙهو ڇو نه هجي، پر هُو پاڻ کي پوڙهو ڪو نه سمجهندو آهي. سو اُن ڏينهن ته خير مون کيس نظرانداز ڪري ڇڏيو هو. پر رکي رکي هوءَ وَرَ ڦِرَ ڏيو وريو ياد اچيو ٿي ويئي ۽ اُن ڏينهن کان پويان ايندڙ رات منهنجي ڏاڍي عجيب طرح جي خيالن جي اچ وڃ ۾ گذري.
    خيالن جي هڪڙي وِيرَ چڙهي ٿي، ته ٻي لٿي ٿي، خيالن جون ڌارائون واچوڙن وانگر ونگ وجهي رهيون هيون. ڪنهن خيالَ ڪٿان ڪَرَ ٿي کنئي ته ”ڀاڳ ڀليرو اٿئي جُهونا، جو هِن عمر ۾ به نوجوان ڇوڪري پئي سڏ ڪري.“ وري ٻئي پاسان سُرٻاٽ ٿيو: ”ٻيلي حميد، ڳالهه ٻڌ! اجايو وهلورنه وڃ. هُوءَ ڇوڪري ڀُلي آهي. پري کان ڌنڌ ۽ اڻ چٽي روشنيءَ جي ڪري، تنهنجو ننڍو قد ڏسي توکي ڪو ننڍو نيٽو نوجوان ڇورو سمجهي ويٺي آهي...“ وري ٻي ڪنڊپاسي کان آواز آيو: ”اي نه نه، ايئن ڪونهي. مڙس ڪي پوڙها ٿيندا آهن ڇا!؟ وري به آءٌ ته اڃا ڀُورَلِ لڳو پيو آهيان. ڪير ٿو چوي ته آءٌ پوڙهو ٿي ويو آهيان....“ پر هِن ڀيري انهن لفظن ۾ جهڙوڪر پهروڪي واري برجستگي ڪا نه هئي. ايئن، جيئن چور چوري ڪندي پڪڙجي پوي، پر پوءِ به اجائي مُنهن جي پڪائي ڪندو هجي. تيستائين وري آواز اُڀريو: ”ڀلي مڙس....! اهڙيون ڍاڙون ٻين سان هڻ، جن کي ڪا خبر نه هجي، تنهن جي حالن جي سڀ خبر آهي. اُٺ اُٿي ئي ڪو نه، چي: ”سيٺ ڀاڙو ڏي، ....“ اهڙن فضول خيالن جي لهرن ۾ لڙهندو آءٌ هڪ ڀيرو وري پنهنجي ماضيءَ ۾ وڃي نڪتس.
    خوشحال گهر جو ته آءٌ هئس ئي. وڏي شهر جي هاءِ اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائيءَ دوران پئسي ڏوڪڙ جي فراواني. شڪل ۽ صورت ڏسڻ پسڻ جهڙي. پڙهائيءَ ۾ نمايان حيثيت ۽ دل کولي خرچ ڪرڻ جي ڪري هاسٽل، ڪلاس، ڪئنٽين توڙي تفريح دوران منهنجي پويان ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين جو چڱو خاصو ميڙاڪو هر وقت موجود هوندو هو. اهڙي ماحول ۾ رهندي ڪنهن جو به پٽڙيءَ تان لهي وڃڻ ڪا اڻ ٿيڻي ڳالهه ڪا نه هوندي آهي. سو آءٌ به پنهنجي خوشحالي ۽ ملنساريءَ کي خوب ڪيش ڪرائڻ لڳس ۽ رڳو زبان خرچيءَ سان آس پاس موجود هر ميوي جو ذائقو چکڻ جو بنا رنڊڪ جو موقعو ملڻ ڪري الاجي ڪٿان جو ڪٿي وڃي پهتس. ۽ پوءِ نيٺ، سول انجنيئرنگ ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪري، مائٽن جي پيسي جي زور تي روڊس کاتي ۾ ملازمت حاصل ڪري ورتم ۽ هِن پاسي جو ته وري جهان ئي نرالو هو. شراب، شباب، رَمي ۽ رچ فوڊس. کائڻ جي شوق ۽ شهري زندگيءَ جي رنگينين، پئسي ڪمائڻ جي حَوس ۽ تعلقات وڌائڻ جي حِرصَ ۾ ايترو ته غرق ٿي ويس جو بنهه پنهنجن اباڻن، مائٽاڻن ماڻهن ۽ اوڙي پاڙي کي به وساري ويهي رهيس. بس جي ڳوٺ اچڻ ٿيو ٿي ته به ڪنهن ويجهي عزيز جو ڪانڌي ٿيڻ يا ڪنهن سئوٽ ماسات جي شاديءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ بنهه مختصر عرصي لاءِ. نه ته سال گذريو ٿي ويا پر ٻيو مڙيو ئي ٿيو خير! سو اوسي پاسي ۽ تر جي راڄن کان بنهه ڪٽجي اڪيلو ٿي ويو هوس. جنريشن گيپ جي پوئين ڇات مان نه مون ڪنهن کي ٿي سڃاتو ۽ نه ئي مون کي ڪنهن ٿي سڃاتو. اهڙي طرح تر جي سواءِ ڪن چند بچيل پوڙهن جي، باقي ٻين ماڻهن لاءِ آءٌ اوپرو ۽ ڌاريون ٿي پيو هوس. تنهن ڪري ممڪن آهي ته واقعي ئي ڇوڪريءَ مون کي نه سڃاتو هجي. پر بهرحال، انهن اُبتن ۽ سبتن خيالن ۽ سوچن جي ڪيڏي مهل تيز طوفاني وهڪرن ۾ وهندي، ته ڪيڏي مهل ماٺارين لهرن تي لُڏندي مون رات گذاري، مَسَ مَسَ ڪري، جيئن تيئن ڪري.... اڌ ننڍ ۽ اڌ جاڳ ۾.... ڪيڏي مهل ملڻ جي آسَ جي لذت جا چسڪا ۽ ڍُڪ ڀريندي ته ڪيڏي مهل اوسيئڙي جي عذابن جا ڏنگ سهندي.
    ٻئي ڏينهن صبح جو سوير، حسب معمول آءٌ اُٿي، مُنهن کي پاڻيءَ جو ڇنڊو هڻي واڪ لاءِ نڪري پيس. اڳي ۽ اڄ جي وچ ۾ ٻي ته ڪا خاص ڳالهه ڪا نه هئي، پر اڄ مون کي ايئن لڳي رهيو هو، ڄڻڪ ڪير پريان منهنجو انتظار ڪري رهيو هجي. يا مون کي ڪنهن کي ڏسڻ جو انتظار هجي. بس اِن قسم جي انتظار يا اشتياق جهڙي ڪيفيت هئي منهنجي.
    يڪسان رفتار سان قدم کڄندا رهيا. گنج بحر نالي ويجهي ٿيندي پئي ويئي. هلڪي ڌنڌ ۾ گهر ۽ انهن ۾ بيٺل ڄارين جا ٻوٽا چٽا ۽ ظاهر ٿيندا پئي ويا. ٿورو پري کان ئي مون ڏٺو ته ڪا عورت گهر جي اڱڻ تي هيڏانهن هوڏانهن هلي ڦري رهي هئي ۽ مون کي ايندو ڏٺائين ته ڪوٺيءَ جي ڀت ڀرسان رکيل پاڻيءَ جو گهڙو کڻي ڪڇ تي رکيائين ۽ گهر جي گهٽيءَ ڏانهن وڃڻ لڳي ۽ جڏهن آءٌ کيس ويجهو پهتس، تيستائين هُن هڪڙو گهڙو ناليءَ مان ڀري، سينهون رکي مٿي تي رکيو هو ۽ ٻي ننڍي گهڙي اڃا هيٺ رکي هئي. منهنجي ويجهو پهچندي ئي، پاڻ بي حجاب ٿي سڏ ڪيائين: ”اي ....، هيءَ گهڙي ته مون کي کڻائي.....!“
    آءٌ، جنهن جو سمورو توجهه پهرئين کان ئي اوڏانهن هو، سو دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيس. پر پاڻ کي ضبط ۾ رکندي، چپن تي بنهه هلڪي مسڪراهٽ آڻي ڏانهس وڌيس. ويجهو وڃي گهڙي هٿن ۾ کڻي مٿي جهلي، پر کيس ڏيڻ کان اڳ ۾ هڪ لاڳيتي ۽ ڀرپور نگاهه سان سندس گهري ڪاري رنگ واري چهري کي گهورڻ لڳس. ايئن لڳوم ته ڪر لالان کي پيو ڏسان جيڪا 25 سالن جي جوان زال هئي. يا بانان کي پيو ڏسان، جيڪا سندس 15-16 سالن جي نوجوان ڇوڪري هئي. پر هيءَ نه ته لالان هئي ۽ نه ئي سندس ڌيءَ بانان هئي. پر هيءَ ته سندس پوٽي ڄامان هئي، جا پڻ 15-16 سورهن سالن جي ٽِڙندڙ ڪلي هئي ۽ لالان ۽ بانان جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي. ڏٺم ته سندس ملوڪڙو پر گهري ڪاري رنگ وارو چهرو، وڌيڪ دونهانٽجي بي رونق ٿي ويو هو. سندس ڪيفيت اُن ٻارڙي جهڙي پئي لڳي، جنهن جي هٿ مان سندس پيارو رانديڪو ڪِري ڀَڄي پيو هجي! ۽ هُو پنهنجو پاڻ تي ڪاوڙيل هجي. جڏهن گهڙي ڏيڻ ۽ وٺڻ جي وچ ۾ ڪجهه پل وڌيڪ لڳي ويا، تڏهن هُن بيزاريءَ مان چيو:
    ”ڪڄاڙو پيو ڏسين پوڙها....!؟ مت ڇڏي ويو اَهئين ڪَ....!؟“
    ۽ مون بنا ڪجهه ڪڇڻ پڇڻ جي، گهڙي ڏانهس وڌائي. هُن گهڙي وٺي ڪڇ تي رکي ۽ گهر ڏانهن وڃڻ لڳي، پر ويندي ويندي به پنهنجي مُنهن ڳالهائيندي پئي ويئي. جن مان آءٌ فقط هي ٻه ٽي لفظ ئي ٻڌي سگهيو هوس: ”هيءُ ته مئو ڪو پوڙهو کَکِ آهي... مون ته هن کي ڪو جوان ڇورو سمجهيو هو....!“
    ۽ واپسيءَ مهل گِرِ جي گِرِ جي کڄندڙ منهنجي قدمن مان مون سمجهيو ته آءٌ واقعي پوڙهو ٿي چڪو هوس.

    16 جولاءِ 2012ع


    حيوان جيتري گيريت....!

    ”امان لئي امان، اڄ مُشالن (مشعلن) واري عيد آهي. اسان کي په مُشالا ٺاهي ڏي. ڏس پاسي واريون مايون سندن ٻارن لاءِ مُشالا پيون ٺاهين.“ اٺن سالن جي صالحان ننڍي ڀاڻس کي وٺي ماڻس مِٺان وٽ ويئي. جنهن ٽي سِرُون اُڀيون رکي ٺاهيل چُلهه ۾ ڪک ڪچرو وجهي منجهند جي ماني تيار ڪرڻ لاءِ ٽانڊو ٻارڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. ٽانڊو ٻريو ڪو نه پئي ۽ دونهن کيس بيزار ڪري وڌو هو. صالحان ۽ ڀاڻس کي ڪو جواب ڪو نه مليو. هو ٻئي ماڻس جي پيڙاهه ۽ پريشانيءَ کان ته بي خبر هئا، پر دونهن کان سندس اکين ۾ لڙڪ ڏسي هيسجي ماٺ ڪري بيهي رهيا. ٿوري دير کان پوءِ جڏهن ٽانڊو ڀڙڪو ڏيئي ٻري پيو، تڏهن هُن پنهنجي ٻارن ڏانهن توجهه ڏنو. اٺن سالن جي صالحان رڳو هڪڙي سُٿڻ ۾ هئي. پر چئن ورهن جو بالُو ته مرڳو اگهاڙو هو. مِٺان جا ڇيهه ڇڄي پيا. هُن سوچيو: ”مُشالا ته کڻي ٺاهي ڏيانِ، پر گاسٽيل (گاسليٽ) ڪٿان ايندو جو مُشالا ٻاربا، چُون تا ته سئو رپين کان مٿي گاسٽيل جو لِيٽرَ آهي. سو گهٽ ۾ گهٽ، ته په ويهن پنجويهن رُوپن جو ته کپي ئي کپي، سي ڪٿان ايندا!؟.... مِٺان اٿي ۽ ٻنهي ٻارن کي ڀاڪرن ۾ ڀڪوڙي، واري واري سان ٻنهي کي چُميائين ۽ پنهنجي وهلور ويندڙ جذبن تي ڏاڍي مشڪل سان قابو پائي کين چيائين: ”جِيئَن بچن منهنجا سڪيلڌا، کوڙ مشالا تي ٺاهيان آنجي لاءِ، رڳو ماني پچائي وٺان. نِساتَ (اِن ساعتَ ئي) پڻهين ڪم تان ايندو. بک لڳي هونديس ڏاڍي . صبح جو په نيرانو ويو آهي ڪم تي. شابس بابلا، آئين هلي ٻار (ٻاهر) راند ڪڏو، تيسين آءٌ مانيون پچائي وٺان...!“ مِٺان ٻارن کي ته ماتِرائي (پرچائي) ٻاهر روانو ڪيو، پر پاڻ سوچڻ لڳي:.
    ”ڪيڙي (ڪهڙي) ڪم تي ويو آهي هُو...؟! ڪم ته هُو ڪري ئي ڪو نه. جي هُو ڪو نه ڪو ڪم ڪندو هجي ها، ته ڪَرَ مون کي هيئن روز مرڻو جيئڻو ڪو نه پوي ها...! پر هُن ڪميني، زال جي ڪسب جي ڪمائي کائي ڏٺي آهي، سو هاڻ وٽانئس ڪو ڪم پڄندو په ڪو نه. چُون ٿا ته لَڄَ ڀولڙي کي په پياري هوندي آهي. پر هِن کي ته حيوان جيتري په گيريت (غيرت) ڪانهي. هيءُ جو زال جي ڀاڙَ وٺي کائي مِٺايو آهي، تنهن کي ڪيڙي لَڄَ ليههَ....! هي ته پاڻ ڳوليو گراڪَ (گراهڪ) وٺيو اچي ٿو... پاڻ پئسا وٺيو، ٻارن کي شيءِ وٺي ڏيڻ جو بهانو ڪريو ٻار (ٻاهر) نڪريو وڃي. باقي پويان آءٌ اَيان (آهيان) جيڪا، دوزک (دوزخ) جي باهه ۾ پئي سڙان ۽ پچان.... روز ٻه گهمرا په ته ڪڏهن ٽي په....! ڪيترا ڀِرڪا چئيم ته مُنهن ڪري ڪيڏانهن ڀڄي وڃان. پر وڃان په ڪيڏانهن....!؟ اڳيان پٺيان ته ڪير آهي ڪو نه، جو ويهاري ٽڪر کارائي. جيڏانهن وينديس ته وري په بکئي پيٽ لاءِ اٽي چپٽي ته کپي. سا ڪا مفت ۾ ڪير ڏيندو په ڪه!؟ پني وڃي پيٽ پاريان. پر هيڪلي جوان ڦڪيرياڻيءَ کي ڪير ڇڏيندو....؟ نه اجهو نه اوتارو....! شهر ۾ اِڃَ (ايئن) وچَ پَٽَ تي ستل جوان زال کي ڪير ڇڏيندو...؟ تنهن کان پوءِ هتي ئي چڱي....! پانجي اجهي ۾ ته پئي ايان. باقي غربت جي زندگي، سا ته هونئن په زهر جو ڍڪ آهي، سو جهڙو هُتي ڀرڻو ٿيو، تهڙو هِتي پيئڻو ٿيو...! اڃا په جي ٻار نه هجن ها ته کڻي ڪنهن سان نڪري په وڃجي ها. پر ڪيڙي کبر (خبر) ته جنهن تي اتبار (اعتبار) ڪري هي ڪَکَ په ڇڏيان، سو په جي هن کان په وڌيڪ چڪلائي نڪري پوي ته پوءِ...!؟“ ايئن سوچيندي سوچيندي هُن جي اکين مان لڙڪ لارون ڪري ڳڙڻ لڳا......
    مِٺان چانورن جي اٽي مان ٽي مانيون پچائي رکيون ۽ هاڻ ننڍڙي تَئيءَ (تَرَڻي) ۾ ڪُتِرِ ٿيل پٽاٽا، لوڻ، مرچ ۽ پاڻي وجهي کڻي چُلهه تي رکيائين ته جيئن اڀري سڀري چَهَرَ سان رُکي ماني کائي سگهجي. مڙسهينس گهر ۾ صرف ٻن ويلن لاءِ اٽو ۽ پٽاٽا ئي وٺي ايندو هو باقي سڀني پئسن جو ٺرو ۽ سگريٽ وٺندو هو. هُو روزانو رات جو ٺرو پي پوءِ آپي مان نڪري سڄا هٿ پيو ڪندو هو.
    ترڻي اڃا چُلهه تي چڙهيل ئي هئي، تيستائين هُو اچي ويو. ٻُوٿ بڇڙو ڪري چيائين: ”ڪيڏي مال ٿي آهي، اڃا پئي ماني پچائين....! جلدي ڪر، ماڙهو ڪي وانڌا ويٺا آهينِ ڪَه، جو تونجو ويهي انتظار ڪندا.... سِگهي ٿي، ٻاهر ماڙهو بيٺو آهي....!“.
    مِٺان ماٺ مٺيءَ ۾ ڪچن ڦِڪَن پٽاٽن جي ترڻي چُلهه تان لاهي هيٺ رکي ۽ تڪڙ تڪڙ ۾ ٽِڙيل پکڙيل ٿانوَ ٿپا ٺِڪِرَ پاسيرا ڪري رکيا. پاڻ وڃي مُنهن کي پاڻيءَ جو ڇنڊو هڻي، پوتيءَ جي پلانڌ سان مُنهن اگهي، اڀري سڀري ڪوٺيءَ اندر هلي ويئي. جتي پٽ تي ئي مهمانن کي ”ٽِڪائڻ“، جي پاٿاري پٿريل هئي.

    20 جولاءِ 2012ع


    مِٺيءَ جي مِٺيِ....!

    رئيس مشتاق علي خان پنهنجي گاڏيءَ ۾ ٽنڊو محمد خان کان ٿيندو حيدرآباد پئي ويو.
    فتح چوڪ کي ويجهو پهتو ته اڳيان روڊ بلاڪ هو. ٽائر پئي سڙيا، جن جي دونهن ۽ بدبوءَ سڄو ماحول سوڳوار ڪري ڇڏيو هو. اڳيان ماڻهن جي هٿن ۾ لٺيون، ڪهاڙيون ۽ ڌُڪا هئا. ٻڙڌڪ متو پيو هو. اُڀ ڦاڙ نعرن جي وٺ وٺان لڳي پيئي هئي...“ ظالمو! جواب ڏيو، خون جو حساب ڏيو...“ ”وحشي پوليس وارن تي لعنت....“ ”بي حس انتظاميه تي لعنت....“ ”گونگي ٻوڙي حڪومت تي....!“ ”ظالمو قاتلو جواب ڏيو، بي گناهه قتل جو حساب ڏيو....!! ”خبر پئي ته ويجهو ئي ڪنهن ڳوٺ جي هڪ بيگناهه ڳڀرو نوجوان کي ڪنهن جي چُرچَ تي، حد جي پوليس ڌاڙيلن جو ساٿاري ڄاڻائي، رات جو سُتن ماڻهن گهر تي ڇاپو هڻي، چادر ۽ چوديواريءَ جي تقدس کي پائمال ڪري، گهر اندر گهڙي، عورتن ۽ ٻڍڙن جي بي حرمتي ڪري، گرفتار ڪري وٺي ويئي هئي. رات، سڄي رات مٿس تشدد ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ هُو مارجي ويو. فجر مهل پوليس سندس لاش کي سندن گهر اڳيان اڇلائي هلي ويئي هئي.
    ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ اِها ڪا نئين ۽ حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه ڪا نه هئي.!!
    هونئن ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي هر دور ۾ سنڌي ماڻهن سان ڪربلائون ٿينديون رهيون آهن. پر ”پاڪستان پيپلزپارٽي“ ۽ سندس مفاهمتي دهشتگرد ٽولن جي موجوده ساڍا چار ساله دور حڪومت ۾ جيڪي ڪاريون قيامتون سنڌي ۽ بلوچ ماڻهن مٿان ڪيرايون ويون آهن، تن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! ايئن سمجهو ته ظلمن جي انتها ٿي چڪي آهي. دنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ ۾ هاڻي ته اهڙا لفظ ئي ڪو نه ٿا سُجهن، جن سان انهن ظلمن جي شدت جو صحيح اندازو ۽ مقدار ظاهر ڪري سگهجي. بنهه دنگ ٿي چڪو آهي. آخري حد تي پهچي ويا آهن. نه ڪنهن نياڻي سياڻيءَ جو ننگ و ناموس سلامت آهي. نه ڪنهن مرد جي عزتِ نفس محفوظ آهي. نه ڪو ابهم ٻار بچيل آهي ۽ نه ئي ڪو ٻُڍڙو رهيل آهي. ماڻهو جهڙا ڪر الف اگهاڙا ٽياسن تي سرِعام ٽنگيا پيا آهن.
    ۽ هِنن ماڻهن کي به ڀليءَ ڀت ۽ چڱيءَ ريت خبر آهي ته ”ٿيندو ڪجهه به ڪو نه“! اول ته پوليس ڪيس داخل ئي ڪا نه ڪندي. پر جي ڪيس داخل ٿيو به، ته جوابدار هٿ ڪو نه ايندا ۽ شاهد شاهديون ڪو نه ڏيندا، تنهن ڪري ٿيندو ڪجهه به ڪو نه!! پر پوءِ به ماڻهن سان ٿيندڙ اَنيائن جو احتجاج نوٽ ڪرائڻ لاءِ، ماڻهو لاش روڊ تي رکي، ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ويهي رهيا هئا. هُنن روڊ ته بلاڪ ڪيو هو، پر کين ڪنهن کنگهيو به ڪو نه. سرڪار کي به خبر آهي ته، ڪجهه دير کان پوءِ نٽهڻ اُس ۽ کَلَ ساڙيندڙ ڪاڙهي جي ڪري، متان نه لاش ڌپ ڪري وڃي، ماڻهو خوبخود ڌرڻو ۽ احتجاج ختم ڪري لاش کڻي وڃي قبر ڀيڙو ڪندا ۽ پوليس، انتظاميه ۽ پ پ جي يعني نالي ۾ سنڌي وڏيرن جي حڪومت جي ڪن تي جُوءُ به ڪا نه سُرندي. ڪجهه سنڌي چينل ۽ ڪجهه سنڌي اخبارون هڪ ٻه ڏينهن اُن خبر کي خبر طور کڻندا ۽ پوءِ ”ڪاڪا ڌُورا، ليکا پُورا...!“ ڳالهه ختم. ڄڻ ته همراهه ڄائو ئي ڪو نه هو! خير!.
    سو ڌرڻي سبب مشتاق جي گاڏي به اچي قطار ۾ بيهي رهي. ڊرائيور سائيڊ واري پٺئين سيٽ تي رئيس مشتاق علي خان ويٺل هو. ڪو منٽ اڌ مس گذريو هوندو جو هڪڙي ڪلٽس سوزوڪي ڪار به اچي ٽويوٽا ڪار جي پاسي ۾ بيٺي. اتفاق سان رئيس مشتاق ڊرائيور کان سواءِ اڪيلو گاڏيءَ ۾ هو ته ڪلٽس ڪار ۾ به هُن سان گڏ فقط ڊرائيور ئي هو. هُوءَ خالي سائيڊ واري پٺئين سيٽ تي ويٺل هئي. گاڏيون ٻئي برابر ۾ بيٺل هيون، تنهن ڪري هُنن ٻنهي جي وچ ۾ مشڪل سان ڪو ٻن فوٽن جو فاصلو هو. مردن کي ته هونئن به نوس نوس ڪرڻ جي عادت هوندي آهي ۽ وري جي ڪو اهڙو موقعو ملي ٿو وڃي، جنهن ۾ هو ٻئي هڪ ٻئي جي ويجهو، بنهه ويجهو، مرڳو ويجهو، ايترو ويجهو جو هڪ ٻئي جي بدن جي خوشبوءُ به هڪ ٻئي کي ڇُهندي هُجي، ته پوءِ ڪيئن ٿا ڀانيو!؟ سو هُن جي سراپا کي سرهاڻ بخشيندڙ پئرس اسپري جي ڪنول جي گلن جهڙي خوشبوءُ به رئيس مشتاق علي خان کي پهرئين ڌڪ ۾ مست ڪري ويئي. رئيس پنهنجي نڪ جي ناسن سان هڪ تمام اونهون ۽ گهرو ساهه کنيو ۽ ڏانهس نهارڻ لڳو. ”واهه! سبحان الله! سڀ ساراهون سچي ڌڻيءَ جي نالي، پر ٻيلي، ڳالهه هتي به گهڻي هئي...“ دل ۾ سوچائين.
    هُن به مشتاق علي خان جي نگاهن جي تپش کي محسوس ته ڪيو، پر بظاهر اڻ ڄاڻ بڻي ويٺي رهي. سندس نگاهون سامهون ڪنهن نقطي تي ڄميل هيون. واقعي ائين هو يا نه هو، پر مشتاق علي خان محسوس ڪيو ته هوءَ سندس بيقراريءَ ۽ کن پل ۾ ئي لڇڻ ڦٿڪڻ شروع ڪري ڏيڻ مان لطف اندوز ٿي رهي هئي ۽ پنهنجي سانتيڪي رويي ۽ سڪون سان ويهي، رئيس مشتاق سان لاتعلقيءَ جو ڏيکاءُ ڏيئي رهي هئي.
    ۽ جڏهن رئيس مشتاق جي ضبط پنهنجا پينڌ پٽائي وڌا ۽ انساني اخلاقي پابندي تان پاڻمرادو پهرا هٽي ويا، تڏهن بي اختيار رئيس مشتاق علي خان جي وات مان بنهه ڌيمي آواز ۾ هي لفظ نڪري ويا: ”واهه سائين واهه...!“
    رئيس جو آواز ٻڌي سندس ڊرئيوار ڄڻ ڇرڪ ڀري جاڳي پيو. چيائين،
    ”جي سائين، اوهان ڪجهه چيو؟“
    ”ها، مون ٿي چيو ته لهي ٿورو اڳيان وڃي ڏس ته ڪهڙي پوزيشن آهي ۽ رستي کلڻ ۾ اڃا گهڻي دير لڳندي.“ رئيس به ڊرائيور جي بدحواسيءَ مان فاعدو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي.
    مشتاق علي خان ڏٺو ته جيئن ئي سندس ڊرائيور گاڏيءَ مان لٿو، تيئن ڪلٽس ڪار جو ڊرائيور به ازخود گاڏيءَ مان لهي اڳيان وڃڻ لڳو. دل ۾ چيائين: ”واهه موليٰ، تون ڪيڏو نه ڪارساز آهين.“
    ۽ جڏهن ڊرائيور ٿورڙو ئي پرڀرو ويا، تڏهن مشتاق علي خان ڏانهس ٻيهر نهاريو. هن ڀيري هُن به رئيس ڏانهن نهاريو، هڪ اُڇاتري نگاهه سان، هڪ اڻڄاڻ نگاهه سان ۽ رئيس مشتاق علي خان انهيءَ ئي تاڙ ۾ هو. تنهن همت ڪري چيو: ”واهه رب العالمين، واقعي تنهنجي نعمتن جو ڪو پرو پانڌ ڪونهي. ڇا ته حسين آهي تنهنجي ڪائنات.... ڪيڏو نه خوبصورت جهان آهي تنهنجو.... واقعي رب، تون ۽ تنهنجي ملوڪڙي ڪائنات سجدي لائق آهيو.... پوڄا لائق آهيو..... حق موجود، حسن موجود.... سدا موجود....!“ ڏٺائين ته مُرڪ سندس محبوب چپڙن تي ڊيل جيان ٽِلي رهي هئي ۽ هُن انتهائي دلربائيءَ ۽ ڪُهي وجهندڙ ادا سان رئيس ڏانهن نهاريو ۽ پل اڌ پل نهاري، پنهنجي نيڻن کي وري پلڪن جي جهالرن ۾ لڪائي ڇڏيائين. ۽ انهيءَ ادا رئيس جي بدن ۾ باهه جا مچ مچائي ڇڏيا. بي اختيار سندس وات مان نڪري ويو ”شڪريه.... وڏي مهرباني.... انهيءَ نظرِ عنايت لاءِ....!“ جڏهن ڏٺائين ته ٻئي طرف ڪو ردِ عمل ظاهر ڪو نه ٿيو ته هڪڙو ڀيرو وري دل جهلي چيائين:
    ”معاف ڪجو، هر هر بي اختيار نگاهه توهان ڏي کڄي ٿي وڃي.... پر اکين جو به ڪهڙو ڏوهه.... توهان ته شيءِ ئي اهڙي آهيو جو هي ويچاريون اکيون بيوس ٿيون وڃن...!“
    ”ساراهه به جي، حد اندر هوندي آهي ته وڻندي آهي ۽ جڏهن حد ٽپي خوشامد ۽ مسڪا پاليسي ٿيندي آهي، تڏهن پاڻ تان جهان کلائيندي آهي.“ هُن ڏاڍي نرم لهجي، وڻندڙ آواز ۽ اهڙي مضبوط انداز ۾ چيو جو مشتاق علي خان جا تاڪ لڳي ويا ۽ هُو پاڻ کي سڳ سُودو پڪڙيل چور جيان هلڪڙو ۽ خسيس محسوس ڪرڻ لڳو. ڌڪ پچائڻ ۾ کيس ڪجهه ساعتون لڳي ويون. پوءِ وري سموري سگهه سميٽي چيائين:
    ”شايد توهان کي پنهنجي خوبصورتي ۽ نزاڪت جو اندازو ڪونهي. يا توهان ڪڏهن اِن پاسي غور ئي ڪو نه ڪيو آهي. نه ته جيڪر منهنجي دل مان نڪتل سچ کي توهان ڪوڙي خوشامد ڪو نه چئو ها....!“
    ”هروڀرو ايئن به ڪونهي. دنيا ڏاڍي وسيع آهي.“ لاغرضيءَ جو مظاهرو ڪندي چيائين.
    ”خير، توهان مڃو يا نه، پر توهان ته ”توهان“ آهيو. ٻيو ڪو به ”توهان“ ڪو نه ٿو ٿي سگهي...“ رئيس مشتاق علي خان واکاڻ جو هٿيار استعمال ڪندو ئي رهيو.
    ”هر ڪنهن ماڻهوءَ جي نگاهه جي حد پنهنجي پنهنجي هوندي آهي. جنهن جي جيتري Vision هوندي، اُن کي دنيا اوتري ڏسڻ ۾ ايندي. پر اُن نگاهه کان اڳتي به هڪڙو وڏو جهان موجود آهي، جيڪو هر ڪنهن کي ڏسڻ ۾ ڪو نه ايندو آهي. اسان کي سڄي جهان تي نظر رکڻ کپي،“ هُن سنجيدگيءَ سان وراڻيو.
    ”بي شڪ توهان درست ٿيون چئو. مڃيوسين ته اسان جي ويزن محدود آهي. پر اُن جي باوجود به، قدرت جي ڪنهن انمول شاهڪار کي ڏسي، اُن جا ۽ اُن جي خلقڻهار جاڳڻ ته ڳائي سگهجن ٿا.“
    ”مون ڪڏهن چيو ته توهان پنهنجي خلقڻڪار جاڳڻ نه ڳايو. مون ته رڳو اِهو چيو پئي ته ڪنهن شيءِ جي اجائي واکاڻ، جيڪا واکاڻ نه رهي، سا ساراهه ڪندڙ کي تِڇ ظاهر ڪري مٿانهس جڳ کلائيندي آهي ۽ اِها ڳالهه هاڻ به چوان پئي.“ ۽ هُن جڏهن اِهي لفظ چئي هڪ ڀرپور نگاهه رئيس مشتاق علي خان تي وڌي ته ڄڻ رئيس جي پيرن هيٺان زمين کِسڪڻ لڳي هئي. پر رئيس به آڙي ڪاپ هو. ڌڪ پچائي چيائين: ”خير، اِن بحث کي اِتي ئي ٿا ڇڏيون. توهان ٻڌايو، توهان جا ڪهڙا حال آهن؟“
    ”جهڙا بهتر هجڻ گهرجن، تهڙا آهن.“
    ”ڪٿي رهندا آهيو؟“
    ”مِٺيءَ ۾.“
    ”هيڏانهن ڪيڏانهن پيا وڃو؟“
    ”حيدرآباد.“
    ”ڪهڙي سلسلي ۾؟“
    ”ما سمگلنگ ڪندي ٻڌجي ٿاڻي تي ڪا نه آئي آهيان، جو صوبيدار اڳيان سڀني سوالن جا جواب ڏيڻ جي پابند هجان.“ طنزيه مرڪ سندس لبن تي کينچل ڪرڻ لڳي.
    ”ناراض ٿي ويون.“
    ”ناراض نه پر اجاين سوالن مان بيزار.“
    ”ٺيڪ آهي. وڌيڪ ڪو سوال نه ڪبو. ڀلا توهان پنهنجو موبائيل نمبر ڏيئي سگهو ٿيون؟“
    ”ڇو؟“
    ”ته جيئن رابطو ڪري سگهجي.“
    ”ضرورت ڪهڙي؟“
    ”ڀلي توهان کي ضرورت محسوس نه به ٿئي، پر مان سمجهان ٿو ته جنهن تصوير جي تصور ۾ مون ڪيترا سال رهي اوسيئڙو پئي ڪيو آهي، سا اڄ منهنجي سامهون آهي ۽ مان اُن تصوير جي حقيقي روپ کي وڃائڻ نٿو چاهيان...!“ رئيس هڪ ڀيرو وري مسڪو هنيو.
    ”اڄڪلهه جي نوجوانن کي ڪنهن تصوراتي دنيا ۾ رهي پنهنجو وقت ضايع نه ڪرڻ گهرجي. نوجوانن کي زندگي گذارڻ لاءِ اڄڪلهه وڏا چيلينج سامهون آهن، انهن کي فيس ڪرڻ گهرجي. ملڪ، قوم۽ پنهنجي ڌرتيءَ کي نوجوانن ۾ وڏيون اميدون آهن. تنهن ڪري انهن کي فضوليات کي رد ڪري صحيح ڌڳ ڳولڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.“
    ”هر ڪنهن جون پنهنجون پنهنجون ترجيحات آهن. ڪنهن کي زبردستي ته ڪنهن خاص مقصد جو پابند نٿو بڻائي سگهجي نه!“ رئيس ڏنڌ ٽيڙيندي چيو.
    ”بلڪل درست، ساڳي طرح جيڪڏهن مان به توهان جي ڪيل مطالبي جي جواب ۾ توهان جو ئي بيان ڪيل موقف اختيار ڪريان ته ڇا چوندو؟“
    ”ٻيو ته ڪجهه به نه، پر ايترو ضرور چوندس ته اڳي مان رڳو تصوراتي تصوير جي لاءِ ويراڳي بنيل هوس ۽ هاڻي توهان جي حقيقي روپ کي ڳولي لهڻ ئي منهنجي زندگيءَ جو سڀ کان اول ۽ آخر مقصد هوندو.“ رئيس مشتاق علي خان پڻ سنڌ جي روايتي وڏيرن وانگر قومي مفادن واري ڳالهه کي رد ڪري پنهنجي ذاتي عياشيءَ جي حصول جو مقصد بيان ڪيو.
    ”پر اِهو ضروري ته ڪونهي ته جيڪا شيءِ، جيڪو چاهي، تنهن کي ملي وڃي.“
    ”مليو ته ملندياس، نه ته گهوري جان جتن تان.... هونئن به آسرن ۽ اميدن تي دنيا قائم آهي. جڏهن ڪنهن خيالي تصوير جي تصور ۾ ڪي ئي سال گذاري سگهجن ٿا، ته پوءِ روبرو ڏٺل هستيءَ جي حسين ياد ۾ باقي زندگي گذاري ڇڏڻ ڪو مهانگو سوڌو ناهي.“
    ”اڻ ڄاتل ماڻهن ۾ وڏيون وڏيون توقعائون رکڻ جي عمل کي ڪنهن به عقلمندي ڪو نه ڪوٺيو آهي.“
    ”چاهڻ وارا وري ڪڏهن کان عقلمند ٿيا! چريائي ته هوندا آهن.“
    ”پر پوءِ به اڳياڙي ۽ پڇاڙيءَ جي ڪجهه ته خبر هئڻ گهرجي نه!“
    ”تڏهن ته توهان کان پڇيو هوم ته هيڏانهن ڪيڏانهن پيا وڃو. هونئن مان رئيس مشتاق علي خان آهيان. شاهه ڪريم بلڙي جي پاسي ۾ زمينداري اٿم ۽ توهان...؟“
    ”مٺي.“
    ”جي؟!“
    ”جي ها، مٺي.“
    ”توهان ته مٺي شهر جو نالو ٻڌايو هو.“
    ”ها. پر ڪي ڪي مائٽ پيار مان پنهنجي ڌيءَ تي به ”مِٺي“ نالو رکندا آهن.“
    ”اڇا....!“
    اِها ڪا حيران ڪندڙ ڳالهه ته ڪانهي جو حيران پيا ٿيو.“
    ”توهان جي مائٽن کي نالي جي چونڊ ڪرڻ تي جس ڏيڻو پوندو. واقعي، توهان جو نالو اهو ئي هجڻ گهرجي. ”مٺي“.
    ”مون پهرين به گذارش ڪئي هئي ته اجائي واکاڻ....“ هُن جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنو.
    ”ساري، ويري ساري...! ڀلا توهان پنهنجو نمبر...“ هِن ڀيري وري هُن رئيس جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي چيو:
    ”توهان پنهنجو نمبر ڏيو. مان توهان کي پنهنجو نمبر ميسيج ڪنديس.“
    ”ٿينڪس.... مهرباني.... ڀلا اِهو ممڪن آهي ته اڄ ڪٿي ويهي چانهه....!“ رئيس جي ڳالهه وري به اڌ ۾ رهجي ويئي، ڇو جو ٻئي ڊرائيور تڪڙا تڪڙا اچي گاڏين ۾ ويٺا. روڊ کلي چڪو هو. گاڏيون اڳيان پويان ٿينديون رهيون. رئيس ڊرائيور کي چيو ته ڪلٽس ڪار جي پٺيان پٺيان هلي. پر ڪافي ڀيڙ هئي، جنهن مان نڪرندي نڪرندي ڪلٽس ڪار وٽانئن گم ٿي ويئي. جنهن جو رئيس کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ هُو پنهنجي مُنهن ڀُڻ ڀُڻ ڪرڻ لڳو: ”هي عورتون به نه، وڏيون بلائون آهن. مردن کي چوتيو بنائڻ جون وڏيون ماهر هونديون آهن. ڀلا جي سڌي طرح کڻي پنهنجو نمبر ڏي ها، ته ڇا ٿي پوي ها. هاڻي.... هاڻي ميسيج ڪري به يا نه! مقصد ته حال هڪيو ته جهڙا ملياسين، تهڙا ڪو نه ملياسين.... خير، ڀلا هونئن لڳي ڪيئن ٿي؟! رَنَ ته ڀلوڙ آهي. لڳي به ڪا ميڙامار ٿي... جي بنهه ڪا ڳوڀ خدا جي هجي ها ته ڪَر ايئن ڌارئين مرد سان گس هلندي ڪٿي ڳالهائي سگهي ها... ڄاڻ به الاهي اٿس.... لڳي ڪا وڏي آڙيڪاپ ٿي.... ڀانيان ٿو ته ڪنهن نوڪريءَ ۾ آهي.... ٽيچر ٻيچر هجي، يا ڪنهن اين جي او ۾ هجي... تڏهن ته ڌارئين مرد سان ڳالهائڻ ۾ ڪو به حجاب ڪو نه ڪيائين.... نه ته گهريلو عورتون، سي به مٺيءَ جي پاسي جون، يعني ٿر جون، ايتريون فارورڊ ڪٿي هونديون آهن...! ها يار، جيڪا اڪيلي سر ڊرائيور سان هيڏي ساري پنڌ تي نڪري پئي آهي، سو سمجهان ٿو ته ضرور ڪنهن جاب سان آهي. تڏهن ته منجهس ايتري خود اعتمادي هئي..... هئو ٻيلي؟! پر ٻيلي ڙي ٻيلي، هاڻي ٺلها پيو ٺڪاءَ ڪڍين، تن مان ڇا ورندو...! هوءَ ته الاجي ڪير هئي ۽ الاجي ڪيڏانهن ويئي هلي....! نوڪريءَ واري هئي يا ڇا به هئي، پر تنهنجي ڪهڙي ڪم جي...! حال هڪيو ته خوب چوتيو بنائي ويئي اٿئي، باقي مڃين توڙي نه مڃين، سا تنهنجي آهي مرضي....! ها ٻيو... ڪري ته واهه جي ملهه ويئي آهي... هاڻ رڳو پيو ”مٺيءَ جي مٺي..... مٺيءَ جي مٺي....“ چئي پيو تسبيح سور. باقي ٻيو مڙيئي ٿيو خير.....!“
    ۽ مٺيءَ جڏهن ڏٺو ته رئيس جي گاڏي سندس پيڇو ڪندي اچي، تڏهن ڊرائيور کي چيائين ته هُو اُن ٽويوٽا کي ڊاج ڏيئي منجهانئس جان ڇڏائي، ٿوري دير کان پوءِ جڏهن ڏٺائين ته سندس پٺيان ڪير ڪونهي، تڏهن هڪ ٿڌو ڊگهو ساهه کڻي پاڻ کي آسودو محسوس ڪرڻ لڳي ۽ سوچڻ لڳي: ”هي مرد به نه، شل نه ڪا عورت کين رڳو بُل ڏي....! اصل چنڀڙيو پون. نه ڄاڻ نه سڃاڻ، پر هڪدم صدين جو تعلق جوڙڻ ۾ دير ئي ڪو نه ڪندا....! چوي پيو ته منهنجي تصور ۾ جيڪا تصوير چٽيل هئي، تنهن جو حقيقي روپ تون آهين.... هونهه....! چريو ڪٿي جو....! هوڏانهن پيو چوي ته مان رئيس آهيان ۽ زمينداري اٿم ۽ هيڏانهن وري مجنوءَ جي عشق واريون پيو ڳالهيون ڪري....! هُن جي خيال ۾ مان ايتري ڪا ٻالي ڀولي آهيان جو هُو جيڪو چوندو، تنهن کي سچ سمجهي، اعتبار ڪري مٿس ويهي ڪلما پڙهڻ شروع ڪري ڏينديس...! ڇا مون کي رئيسن جي ڪرتوتن جي خبر ڪانهي ته هو عورتن کي ڪهڙي حيثيت ڏيندا آهن....؟! هُن پئي سمجهيو ته مان سندس ڪوڙي ۽ سکڻي واکاڻ تي ڦونڊجي سندس جهوليءَ ۾ وڃي ڪرنديس. پر هُو ايئن سوچي به ڇو نه، رئيس جو ٿيو...! هُن جي نظر ۾ هر عورت سندس هارياڻي آهي، جيڪا سندس داٻي هيٺ هوندي آهي، ۽ جيڪا ڪجهه داٻي جي ڊپ کان ۽ ڪجهه واکاڻ جي ڪري پَلٽي پوندي آهي. ڇو ته ڪي ڪي هارياڻيون وري به زميندارن جي زبردستي لڄالٽ کان انهن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ ۾ ئي پنهنجي عافيت سمجهنديون آهن. بهرحال، ڪيئن به هجي، پر في الحال ته منجهانئس جان ڇٽي پئي. پوءِ جون ڳاليهون پوءِ سان... چوي پيو ته نمبر ڏي.... هونهه.... جي نمبر ڏيانس ها ته مرڳو منجهانئس ڦاسجي وڃان ها... هاڻ، هاڻ ڀلي پيو ميسيج جو انتطار ڪري.... ۽ مٺيءَ جي مٺي... مٺيءَ جي مٺي....“ ورجائي تسبيح پيو سوري.... هونهه.... ويچارو....!“
    ۽ مٺيءَ جي مٺيءَ سندس هروڀرو بنيل مشتاق کي وساري ڇڏيو. ايئن، جيئن لسيءَ مان مک ڪڍي ڦٽي ڪري ڇڏبي آهي. هونئن به هوءَ ڪنهن کي ڪنهن کي ياد رکي. سندس جاب ئي اهڙي هئي جو روزانو سندس واسطو الاجي ڪيترن مردن سان پيو پوندو هو ۽ هر ٻيو ٽيون مرد سندس حسن، جواني ۽ بي حد جسماني ڪشش رکندڙ بدني بناوت تي موهت ٿي پيو گِگوُن ڳاڙيندو هو. پوءِ ڀلا هُوءَ ڪيترن جون گِگوُنُ اگهي. سو هوءَ هر گگون ڳاڙيندڙ شخص کي فقط اوستائين ياد رکندي هئي، جيستائين سندس ڊيوٽيءَ جي تقاضا هوندي هئي ۽ پوءِ هر ڪو پنهنجي گهر. باقي هڪڙي ڳالهه هئي ته هُوءَ ڪا فلرٽ يا ٽرڙي ڇوري ڪا نه هئي. هوءَ بنهه بااخلاق، سنجيده، باشعور ۽ فضيلت واري ڇوڪري هئي. تنهن ڪري اُن فرق کان قطع نظر ته ڪنهن جو رويو کيس پسند آهي ۽ ڪنهن جو برتائو هلڪڙائپ وارو آهي، هوءَ سڀني سان پنهنجائپ وارو ۽ ڀانئڻ وارو سلوڪ ڪندي هئي ۽ اِها سندس ڊيوٽيءَ جي تقاضا به هئي. اِهوئي سبب هو جو هر عاشق جيوڙو اُن مِٺيءَ جي مٺيءَ کي رڳو پنهنجي ۽ صرف پنهنجي مٺي سمجهي سندس ياد ۾ پيو اُسڙڪندو هو ۽ مشتاق علي خان رئيس سان سندس ملاقات ته محض روڊ بلاڪ هئڻ دوران اتفاق سان ٿي هئي. تنهن ڪري کيس ياد رکڻ جو ته ڪو جواز به ڪو نه هو.
    پر رئيس مشتاق علي خان جي حواسن تي مٺيءَ جي مٺي مرڳو ديرو ڄمائي ويهي رهي هئي. پهريائين ته هُن سندس گاڏيءَ جو پيڇو ڪيو، پر گاڏي کانئس ڀيڙ ۾ گم ٿي ويئي. تنهن کان اڳ هُن فون نمبر گهريو، جيڪو به کيس ڪو نه مليو. تنهن کان پوءِ تڪڙ تڪڙ ۾ هُو کانئس سندس مڪمل ڏس پتو به پڇي ڪو نه سگهيو هو. هاڻ هُو ڇا ڪري....!؟ ۽ وري مٺي شهر ۾ يا آس پاس ۾ سندس ڪو واسطو به ڪو نه هو، جنهن جي معرفت پڇاڳاڇا ڪري سگهجي. يا اتي مهمان ٿي وڃي رهي ڪري پاڻ واءُ سواءُ وٺجي. حال هڪيو ته ايئن پئي لڳو ته ڄڻ ڪا سانوڻيءَ جي البيلي موسم جي ڇڙواڳ ڇيڳري ڪڪري اوچتي ڀرجي آئي هجي ۽ من ۾ مستي پيدا ڪندڙ ٿڌڙي ٿڌڙي سنهڙي بونڌار وسائي، سج جي تيز تِڙِڪي سبب گم ٿي ويئي هجي ۽ اُهي ئي موج ۽ مستي پيدا ڪندڙ مينهن ڪڻيون، رئيس مشتاق علي خان جي جسم کي باهه جون ڄڀيون ٿي لُوساٽي رهيون هيون. هُن جيئن جيئن ٿي مٺيءَ کي وسارڻ جي ڪوشش ڪئي، تيئن تيئن تانگهه جي آگ اُلا بڻجي ڀڙڪيو پئي ڀنڀٽ ڪيا. رئيس جو سک ۽ آرام ڦٽي پيو. شراب ۽ شباب جون محفلون ته هونئن به وٽس سَجَديون هيون. پر پوءِ به مٺيءَ جي کوٽ هن کي شدت سان ڏنڀي رهي هئي. هن جيئن ٿي گهڻو پيتو، تيئن سندس تن جي تئونس وڌندي ٿي ويئي. نيٺ جڏهن رئيس اوسيئڙي جو عذاب وڌيڪ برداشت نه ڪري سگهيو، تڏهن پنهنجي هڪڙي دوست کي ساڻ کڻي مٺيءَ ڏانهن نڪري پيو. سندس دوست جو مٺيءَ جي ڀرپاسي ۾ هڪڙو لاڳاپو هو، جتي هو ٿر گهمڻ جو بهانو ڪري وڃي ترسيا. ٽي چار ڏينهن رهي اُنهن مٺيءَ شهر جي سمورن سرڪاري، غير سرڪاري ادارن، نجي توڙي سماجي ثقافتي ادارن، سياسي توڙي ادبي تنظيمن جي ويجهڙائيءَ کان خبر چار ورتي. پر ڪٿي به مٺيءَ جي مٺيءَ جي ڪا به ڄاڻ ملي ڪا نه سگهي. آخرڪار رئيس مشتاق علي خان پنهنجي طرفان ڪيل تلاش ۽ تحقيقات کان پوءَ هن نتيجي تي پهتو ته مٺيءَ کيس پنهنجو ۽ پنهنجي شهر جو غلط نالو ٻڌايو هو. اهڙي طرح هُو ٺلهو رُلي پني واپس موٽي آيو. ڏينهن گذريا ويا.
    ۽ پوءِ هڪڙي ڏينهن رئيس مشتاق علي خان کي هڪڙو دعوت نامو اچي مليو. ٺٽو، بدين ۽ ٽنڊو محمد خان ضلعن ۾ سن فلاور (سورج مکي) جي پيداوار ۾ واڌ ويجهه لاءِ نئين ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال ۽ ناڪاميءَ جي صورت ۾ سببن جي ڇنڊڇاڻ متعلق هڪ ڏينهن جو ورڪشاپ حيدرآباد جي هڪ شاندار هوٽل ۾ ڪرايو پئي ويو. جنهن ۾ ٽنهي ضلعن جي مکيه مکيه زميندارن ۽ ناليوارن آبادگارن کي مدعو ڪيو ويو هو. ان ورڪشاپ جي ميزبان هڪ برجستي اين جي او جي ضلعي ۽ ڊويزنل مينيجمينٽ هئي ۽ ان سان سهڪار سنڌ سرڪار جو هو.
    رئيس مشتاق علي خان مقرر وقت تي هوٽل ۾ پهچي پنهنجو دعوت نامو ۽ شناختي ڪارڊ ڏيکاري اندر هال ۾ پهچي ويو. اندر داخل ٿي هُن ويٺلن تي هڪ اڇاتري نظر وڌي. کيس هڪ جاءِ تي سندس سڃاڻو ٻه زميندار ويٺل نظر آيا ۽ هُو وڌي اوڏانهن ويو. ساڻن دعا و سلام ڪري حال احوال معلوم ڪرڻ ۾ لڳي ويو. ڪجهه ئي دير ۾ لڳ ڀڳ سمورا مهمان پهچي ويا هئا، پر اڃا اچڻ وارن جو سلسلو جاري هو. ايتري ۾ سرڪاري نمائندا، ميزبان مينيجمينٽ ۽ ايگريڪلچر کاتي جا عملدار هڪ يڪي ولر جي صورت ۾ هال ۾ داخل ٿيا، جن ۾ ڪجهه عورتون به شامل هيون. مکيه مهمانن جو هال ۾ داخل ٿيڻ کان ستت ئي پوءِ پروگرام شروع ڪيو ويو. ڪجهه خاص شخصيتن کي اسٽيج تي ويهاريو ويو. هڪ خوبرو نوجوان ڪمپيئرنگ ڪري رهيو هو. جنهن سڀ کان پهريائين هڪ اين جي او طرفان ضلعي بدين لاءِ مقرر ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر صاحبه مس ندا شمساڻيءَ کي اسٽيج تي اچڻ لاءِ چيو ته جيئن هوءَ اچي اڄوڪي ورڪشاپ جي مقصد بابت بريفنگ ڏي.
    ۽ جيئن ئي ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر مِس ندا شمساڻي هال جي پهرين رو (قطار) مان اٿي هڪ فائيل هٿ ۾ کڻي ڊائس تي پهتي ته ٻين ڏسندڙن سان گڏ رئيس مشتاق علي خان جا ته مرڳو وائسر ئي ڍرا ٿي ويا. حال هڪيو ته هُو حيران ۽ پريشان ٿي ويو. سندس تصور ۾ به ڪو نه هو ته ايئن به ڪو ٿي سگهي ٿو... هُو سوچڻ لڳو ته هيءَ، جيڪا هڪ اين جي او جي ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسرياڻي مس ندا شمساڻي طور سامهون آئي آهي، سا ته ”مِٺيءَ جي مٺي“ آهي.....! جيڪا مون کي فتح چوڪ وٽ روڊ بلاڪ هجڻ ڪري ايئن اوچتو گڏجي ويئي هئي.... ۽ جنهن مون جون ننڍرون حرام ڪري ڇڏيون هيون ۽ جنهن لاءِ مان مٺيءَ تائين خوار خراب ٿيو هوس...! معنيٰ ته منهنجو اندازو سورنهن آنا صحيح نڪتو ته هُن مون کي پنهنجو نالو ۽ پتو غلط ٻڌايو هو..... هونهه...! ته چئبو ته اِها ڳالهه آهي....!
    ورڪشاپ جو پهريون اجلاس ٺيڪ ڏهين وڳي شروع ٿي ٻارهين وڳي ختم ٿيو. پوءِ 15 منٽن چانهه جو وقفو ڪري سوا ٻارهين وڳي کان سوا ٻه وڳي تي ٻيو اجلاس پچاڻيءَ تي پهتو ۽ پوءِ لنچ لاءِ شرڪت ڪندڙن کي ڊائيننگ هال ۾ آنڌو ويو. ماني کائيندي کائيندي رئيس مشتاق علي خان سُري سُري اچي مس ندا شمساڻيءَ جو پاسو ورتو ۽ جنهن مهل هنن ٻنهي جون نظرون ٽڪرايون، تڏهن رئيس مشتاق علي خان مُرڪندڙ اکين سان کيس گهوري ڏٺو ۽ هلڪي آواز ۾ چيو: ”هلو.....“
    ”هلو....!“ مس ندا پنهنجي چهري تي بنا ڪو تاثر ظاهر ڪندي چيو.
    ”توهان.... مون کي سڃاتو....!؟“
    ”معاف ڪجو..... مون کي ذهن ۾ ڪو نه پيو اچي.... دراصل اسان جي جاب ئي اهڙي آهي جو، نه ڄاڻ ڪيترا ماڻهو اسان سان روزانو ملن ٿا ۽ هر ڪنهن کي ياد رکڻ....!“ هُن ڄاڻي واڻي جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنو ۽ مانيءَ جو گراهه وات ۾ وجهندي وري چيائين: ”باءِ دي وي، توهان جو ڪو پرابلم....؟“
    ”نه. منهنجو ٻيو ته ڪو مسئلو ناهي... البت مان ”مِٺيءَ جي مٺيءَ“ کي اڃا وساري نه سگهيو آهيان... جيڪا مون کي ڪجهه مهينا اڳ فتح چوڪ وٽ روڊ بلاڪ هجڻ مهل ملي وهئي....!“ ”اوهه....!“ مس ندا اوهه لفظ کي اجائي ڊگهار ڏيندي چيو. وات ۾ پيل گراهه کي نڙيءَ مان هيٺ لاهيندي چيائين: ”منهنجي خيال ۾ توهان کي اهڙي فضوليات بدران پنهنجي زمينداريءَ تي وڌيڪ توجهه ڏيڻ گهرجي ته جيئن ٿوري ايراضي ۽ ٿوري سيڙپ مان بمپر ڪراپس حاصل ڪري سگهو. پنهنجي زمين جي زرخيزي بحال رکڻ، ڪراپ روٽيشن تي توجهه ڏيڻ ۽ هر فصل، ڀلي فصل طور کڻڻ لاءِ سوچيندو رهڻ گهرجي. اِها اسان سنڌي ماڻهن جي ضرورت آهي.... جيستائين اسان هتي موجود آهيون، توهان سان ڀرپور تعاون ڪندا رهنداسين. اسان جون ضلعي ۽ ڊويزنل آفيسون، توڙي فيلد اسٽاف توهان سان مڪمل سهڪار ڪندو. ڪيئن، ٺيڪ آهي نه!؟“
    ”خير اِهي مسئلا ته حل ٿين به پيا ۽ اڳتي به ٿيندا رهندا..... پر.....!“
    ”پر ڇا؟“ مس ندا رئيس جي ڳالهه ڪٽيندي چيو ۽ هڪ ڀرپور آفيسراڻي نگاهه رئيس مشتاق علي خان جي چهري تي ڄمائي رکي.
    ”پر.... توهان پنهنجو ....... نمبر...... ميسيج ڪرڻ لاءِ چيو هو...!“ هِن ڀيري رئيس جي رئيس پائي دم ٽوڙي رهي هئي ۽ هُن عاجزانه انداز اختيار ڪيو هو.
    ”پليز، پليز، پليز...! مائينڊ يوئر اون بزنيس. اسان وٽ ايترو فضول وقت ڪو نه هوندو آهي، جو اهڙين بي مقصد ڳالهين ۾ ويهي ضايع ڪريون....! توهان جو زمين، فصل ۽ ان سان لاڳاپيل ضرورتن جي باري ۾ ڪو مسئلو هجي ته اسان جي فيلڊ اسٽاف سان لهه وچڙ ۾ ايندا. اسان جي ڪوشش هوندي ته توهان جو مسئلو حل ٿئي.... اوڪي....“ ايئن چئي مس ندا شمساڻي، ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر صاحبه پنهنجي پليٽ ۾ وڌيڪ چڪن برياني کڻڻ لاءِ ڊائيننگ ٽيبل ڏانهن هلي ويئي.
    ۽ شاهه ڪريم بلڙيءَ جي پاسي وارو زميندار رئيس مشتاق علي خان، هوائي توائي ٿي بيوسيءَ ۽ ويچارگيءَ سان کيس پٺيرو ويندو ڏسي رهيو هو. سندس هٿ ۾ جهليل پليٽ ۾ پيل چڪن پيس کيس ٻاٻرو ٽانڊو ٿي لڳي رهيو هو....!

    5 آگسٽ 2012ع


    عشق انوکو رنگ

    نظير پنهنجي ڳوٺ کان ٻه ميل کن پري مقاطعي تي زمين حاصل ڪئي هئي. زمين هَڏَ جي ته ڀلي هئي، پر کُٽَلَ زميندار جي بي توجهيءَ سبب ڪا خاطر خواهه آبادي ڪا نه ٿي ڏنائين. ويهن ايڪڙن تي مشتمل هڪڙو لاڳيتو ٺهيل ٺوڪيل ٽڪرو هو. سون اپائيندڙ زمين ائين ٺلهي ٺلهي پُٺا ڪڍيو پئي هوندي هئي. رڳو پرايو مال پيو چرندو هو. ٻه ٽي ايڪڙ چيٽ ۾ آباد ٿيا، ته ٻن ٽن ايڪڙن ۾ ساريال پوکي ويئي. باقي ٻيو مِڙيو ئي ٿيو خير! وچولا يا ننڍا آبادگار جڏهن جهاجهه ۾ پئي وڏا زميندار ٿيڻ جي شوق ۾ هارين نارين سان اڍنگو رويو اختيار ڪرڻ شروع ڪندا آهن، تڏهن آهستي آهستي ڪري وٽانئن هاري ناري، ڪُڙمي ڪاسبي ۽ ڪمدار ڪوٽار ڀڄي ويندا آهن. پوءِ هُنن جون زمينون ايئن رڻ ۾ رُلي وينديون آهن. سو هِن زمين جا جوان مڙس زميندار به، جڏهن سندن وڏي اک پوري، تڏهن هارين سان سوڙهين هٿين پوڻ لڳا. ايئن پنجن ستن سالن ۾ ئي صورتحال اِها وڃي بيٺي جو نيٺ هاري ويچارا رات وچ ۾ زمينون ڇڏي، ٽپڙ کڻي، مُنهن واهه ڪري ڀڄي ويا ۽ ٻيو ڪو هاري وٽن اچڻ لاءِ تيار ئي نه پيو ٿئي. تنهن ڪري لاچار ٿي هُنن کي زمينون مقاطعي تي ڏيڻون پئجي ويون. جنهن مان ويهن ايڪڙن جو هڪڙو پيس (ٽڪرو) نظير به هٿ ڪيو هو.
    نظير، 35 ورهن جو هڪڙو پڙهيو ڪڙهيو جوان مڙس هو. هن کي پنهنجي ڳوٺ ڀرسان پنهنجي مائٽاڻي ٻه ٽي ايڪڙ زمين اڳ ۾ ئي هئي ۽ کيس زمين آباد ڪرڻ جو چڱو خاصو تجربو به هو. سو جڏهن هُن مقاطعي تي زمين ورتي، تڏهن هُن پنهنجي چڱن خاصن واقفڪار هارين جي ٻن گهرن کي لڏائي آڻي پنهنجي زمين جي ويجهو هڪ سرڪاري ڀڏي تي ويهاريو. هُنن کي اڀراسڀرا ڪکن ڪانن جا گهر اڏائي ڏيڻ ۾ به سندن ٽيڪ ڪيائين ۽ زمين اڌواڌ ڪري کين هارپ تي ڏنائين. ساريالي فصل لاءِ زمينون تيار پئي ٿيون. هِن زمين جي ٽڪري ۾ ڪو گهڻو ڪم ڪار ته ڪو نه هو. پر پوءِ به زمين کي سوئي، صاف ڪري، ٻه ٽي هَرَ ڪڍرائي، ٻنا ٽيڪائي، اَڏون ۽ ڪَسِيون ٺهرائي ۽ وڏي واٽر ڪورس جي کانٽي کڻائي وقت کان اڳ ۾ ئي زمين تيار ڪرائي ڇڏيائين. وقت سر ٻيجارو پوکائي، پوري وقت تي رونبو ڪرائي ڇڏيائين. محنت سٺي ٿيل هئي. سارسنڀال به سٺي پئي ٿي. ڪيميائي ڀاڻ ۽ دوا به وقت سر ڏنا ويا. ساريالي فصل لاءِ هِن سال موسم پڻ سٺي هئي. سو جڏهن فصل لٿو، تڏهن واهه واهه ٿي ويئي. سارين جي هائبرڊ ٻجَ 90 مڻ في ايڪڙ جي سراسري سان آبادي ڏني ۽ اوڏي مهل سارين جو اگهه به سٺو هو. اهڙي طرح آمدنيءَ مان پنجن سالن لاءِ ڏنل مقاطعي جي رقم، ٻجَ، ڀاڻ، ٽريڪٽر وغيره جو خرچ ڪاٽي ۽ هارين سان حساب ڪتاب چڪتو ڪري، پوءِ جڏهن آخري انگ اکر ڏٺائين ته دل خوش ٿي ويس. پنجن ڇهن مهينن جي سيڙپ ۽ محنت جو کيس زبردست اجورو مليو هو. نظير کي ته چڱي خاصي اپت ٿي، پر هاري پڻ ڏاڍا خوش هئا. عورتن توڙي مردن هٿ کڻيو پئي نظير کي دعائون ڪيون ته سڄي ڄمار ۾ هيءُ پهريون ڀيرو هو جو، هُنن کائي پيٽ ڀريو هو ۽ سڄي سال جي تئونڻ به بچت ۾ هئي.
    ڪتيءَ مان هارين کي پيٽ جي خلاصي تئونڻ ملي ۽ پنج پئسا نظير کي به بچيا، ته هُنن ڏاڍي شوق سان ۽ محنت ڪري ڪمند جي پوکيءَ لاءِ زمين جي تياري شروع ڪري ڏني. آڪٽوبر ۾ ئي سموري زمين ۾ ڪمند پوکجي ويو ۽ جيستائين نومبر جي پڇاڙيءَ۽ ڊسمبر جا سيءَ ڪِرَن، تيستائين فصل سڄي زمين ڍڪي مٿي اٿي ويو هو. سڄي تر ۾ ڀلي فصل جا هوڪرا پئجي ويا هئا ۽ تر جا ماڻهو هليو چليو اچيو ڪمند ڏسندا هئا.
    توڙي جو نظير هڪ بااخلاق، فضيلت ڀريو ۽ سنجيدو جوان هو. پر پوءِ به سٺي شيءِ ڪنهن کي ڪا نه ٿي وڻي! سا به تڏهن، جڏهن اڳيان هڪ نوجوان، سهڻي، سدا ملوڪ ۽ ڀرپور جوانيءَ سان ٽمٽار، خوش طبع ڪنواري ڇوڪري هجي. سو جڏهن ٻنيءَ تي ايندي ويندي ٻه ٽي گهمرا نظيرَ عِجَتَ کي ڏٺو هو، تڏهن پاڻ کي روڪيندي روڪيندي به نه روڪي سگهيو هو. فطرت جي اصول موجب مخالف جنس ۾ هڪ ٻئي لاءِ خصوصي طور رکيل ڪشش واري جبلت ته ڪيڏين پابندين هوندي به پنهنجو اثرڏ يکاريندي آهي. پر هتي ته ڪا پابندي به ڪا نه هئي. هاري، مرد توڙي عورتون گڏجي يا اڪيلي سر هر وقت ٻنيءَ جي ڪرت ۾ رڌل هوندا هئا ۽ زميندار ڪيڏي مهل به نظرداريءَ لاءِ اچي نڪرندو هو. ٻه ٽي ڀيرا ته آمهون سامهون نگاهن جو ٽڪراءُ به ٿيو هو، پر پوءِ هڪڙو موقعو ته اهڙو به اچي ويو هو، جڏهن عجت جي ڀاڄائي گاهه جي ڀري کڻي گهر ڇڏڻ پئي ويئي ۽ پٺيان اڪيلي عجت گاهه پئي ڪيو ته مٿان نظير اوچتو اچي سهڙيو هو.
    ”پڻهين ڪيڏانهن ويو آهي؟“ نظيرَ عجت کي ويجهو پهچي پڇيو.
    ”ابا ته شهار (شهر) ويو آهي. تون جو ڪو نياپو هجي ته سُڻاءِ“ عجت ڏانٽو ۽ وڍيل گاهه واري مُٺ هٿن ۾ جهلي، سڌي ٿي نظير ڏانهن نهارڻ لڳي. کن پل جو، نگاهن جو ٽڪراءُ ڄڻ جُڳن جيڏو طويل ٿي ويو هو. صدين جا فاصلا هڪ لحظي ۾ سميٽجي سوڙها ٿي اورانگهجي ويا هئا ۽ گهڙين جا به ڪي مختصر حصا مس گذريا هوندا، پر لڳو پئي ته هو ايامن کان وٺي ايئن هڪ ٻئي جي سامهون خاموش بيٺا آهن، جيئن هماليه جا پهاڙ خاموش هوندا آهن. جڏهن نگاهن جا نياپا، نينهن جو نينڍون ڏيئي وٺي وانڌا ٿيا ته وري زبانون وچڙڻ لڳيون. نظير بنهه قربائتي لهجي ۾ پڇيو:
    ”نالو ڇا اٿئي؟“
    ”عجت.“ عجت مختصر جواب ڏنو. سندس اکين ۾ اوڏيءَ مهل خوشيءَ جي چمڪ پيدا ٿيڻ لڳي، پر پلڪن جي جهالر سندس اکيون ڍڪي ڇڏيون.
    ”عجت، تون مون کي الاهي وڻين ٿي. تنهنجي اکين ۾ الاجي ڪهڙو جادو آهي، جو تنهنجي نهارَ منهنجون ننڍون ڦٽائي ڇڏيون آهن. ڏينهن توڙي رات اکين آڏو رڳو تون ئي تون آهين.“
    ”هروڀرو ڪو مجنون ٿيو پيو هلندو، تنهن ۾ ٻين جو ڪُڄا؟ (ڇا)“ عجت ماڻو ڪيو. ”ٻيو ته مون ڪو توکي پٽڪو لاٿو هو ته مون جي اکين ۾ نِهار ڪَه!“ عجت شرارت مان مسڪرايو.
    ”تون پٽڪو لاهيئين يا نه، پر تنهنجي نگاهن مون کي نانجو ڪري وڌو آهي. بنهه مُڏيءَ ڪاتيءَ سان ڪهيو ٿيون وجهن. ٻي ڳالهه ته آءٌ ايترو ننڍڙو ٻار به ڪو نه آهيان جو تنهنجي نگاهن ۾ سمايل نيهن جي نينڍ نه سمجهي سگهان. تنهنجي پيار ڀري نِهارَ، تنهنجي روح جو آواز بڻجي منهنجي روح کي جهنجهوڙي وڌو آهي. چئو ته ايئن ڪونهي؟ چئو ته مون تنهنجي نينهن جي نياپن کي صحيح ڪو نه سمجهيو آهي؟“ نظير وهلور ويندي چيو.
    ”الاجي ڪڄاڙو پيو چئين؟ مون کي ته تنهنجي ڳال سمجهه ۾ ئي نه ڪانه تي اچي.“ عجت لنوائيندي چيو.
    ”آءٌ چُئان تو ته آءٌ توتي چريو ٿي پيو آهيان. هاڻ سمجهي؟“ نظير به عجت واري لهجي ۾ ڳالهائيندي چيو.
    ”ته پوءِ آئون ڪڄاڙو ڪريان ني.... پوءِ نه نهار نه مون جي اکين ۾.... ڪو ٿو نهاريئين...، جان (يا) وڃي ڪنهن ڦڪير (فقير) ٻڪير کان سڳو وٽائي ٻڌ، جان پاڻي پڙهائي پيءُ پاڻيهي سنئوت (سنوت) ۾ اچي ويندين...“ عجت مرڪندي ۽ خوش ٿيندي چيو.
    ”توکان وڌيڪ ٻئي ڪنهن جو به ڌاڳو ڦيڻو ڪو نه هلندو. منهنجي ڦَٽيءَ دل تي جڏهن تون پَهو رکنديئين، تڏهن ئي ڦٿڪندڙ دل کي سِڪون ملندو. تون ئي منهنجو آخري علاج آهين ۽ بس.“ نظير پنهنجي دل جي ڳالهه ڪري ڏني.
    ”ڏس وڏيرا، اسين گريب هاري ته برابر آهيون....“
    ”عجتَ آءٌ وڏيرو ڪو نه آهيان. آءٌ به اوهان جهڙو غريب ماڻهو آهيان. تنهن ڪري مون کي ڪڏهن به وڏيرو يا رئيس نه چئجانءِ.“ نظيرَ عجت جي ڳالهه ڪٽيندي چيو.
    ”کئر، جي وڏيرو جان رئيس ڪو نه آهيئين ته به زميندار ته آهيئين نه، سو مون تي ڳال ڪئي ته اسين گريب پورهيت ته آهيون، پر گريب ڏسي اسان ۾ اجايون اميدون نه رکجانءِ.... ۽ .....“.
    ”عجتَ، هي تون ڇا پئي چوين!؟ منهنجي نيت تي شڪ نه ڪر. آءٌ توکي دل سان چاهيان ٿو. مون کي رڳو ايترو ٻڌائي ته جي تون به دل سان مون ۾ راضي هُجين ته آءٌ پڻهين سان ڳالهايان تنهنجي سڱ لاءِ ٻي منهنجي ڪا به اجائي اميد ڪانهي تو ۾.“ نظيرَ سنجيده ٿيندي چيو.
    ”هيءُ سڄيءَ ڄمار جو مسلو (مسئلو) آهي زميندارَ، هيءَ هڪڙي ڏينهن جي ڳالهه ڪانهي، جو بيٺي پير ها جان نه جي ورندي ڏيئي ڇڏجي. مون کي موهليت (مهلت) ڏي ته جيئن آءٌ دل من پڇان اڳ پٺ سوچيان. اِڃَ نه ٿئي جو ڪو به ڦيصلو (فيصلو) ڪرڻ کان پوءِ ٻيا سڄي عمر هٿ هڻجن....“ عجت به سنجيدگيءَ سان وراڻيو.
    ”اِها ڳالهه ڀلي مون کي تنهنجي اِها وڻي، تون ڀلي دل من پُڇ، ڀلي آرام سان سڀني پاسن تي سوچ ويچار ڪر. ايتري تڪڙ مون کي به ڪانهي. باقي هڪڙي ڳالهه توکي ٻڌائي ڇڏيان ته منهنجي تو ۾ ڪا به بُري بُڇڙي نيت ڪانهي. آءٌ شاهه شاهوڪاري، پنهنجي ريتن رواجن مطابق تنهنجي مائٽن کان تنهنجي سَڱَ جي گُهرَ ڪندس. جي رضا خوشيءَ سان پنهنجو سڱ ٿئي ٿو ته واهه. ڀلا جي نه، ته به وات واري ڪو نه وڃائينداسين. وري به جيئن تنهنجي مرضي هوندي، تيئن ٿيندو. اِهو منهنجو توسان واعدو آهي. ڪيئن، ٺيڪ آهي نه؟“
    نظير سڄي ڳالهه وضاحت ڪري عجت کي ٻڌائي.
    ”ٺيڪ آهي. الله ڪري ابا گَسَ تي اچي. باقي مون کي ڳال ٺهندي ڏسڻ ۾ ڪا نه تي اچي...!“ عجت انديشو ظاهر ڪيو.
    ”سو وري ڇو؟ مون کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو پڻهين جي نظر ۾ آهي؟“
    ”نظر ۾ آهيس جان نه، سا ته مون کي کبر ڪانهي. باقي هُو جي پانجي ناڙي بيهي رهيو ته پوءِ ڪُهي کڻيس. ڪنهن جي په ڪو نه سُڻندو.“ عجت چيو.
    ”خير، اِهو پوءِ ڏٺو ويندو. پهريائين تون سوچي سمجهي مون کي ٻڌائي. پوءِ جون ڳالهيون پوءِ ڪنداسين“. ايئن چئي نظير روانو ٿي ويو.
    هڪ مهيني کان پوءِ جڏهن نظير ۽ عجت کي اڪيلائيءَ ۾ ڳالهائڻ جو موقعو مليو، تڏهن عجت کيس پنهنجي طرفان رضامندي ڏيکاريندي چيو ته هُو ڀلي ڪوشش ڪري ڏسي.
    ۽ پوءِ جڏهن نظير پنهنجي برادريءَ جا چار چڱا ماڻهو وٺي عجت جي پيءُ وٽ آيو، تڏهن عجت جي پيءُ اِهو چئي کانئن معذرت ڪئي ته: اسين پنهنجي برادر کان ٻاهر سڱاوتي ڪو نه ڪندا آهيون.
    اهڙيءَ ريت نظير ۽ عجت جو معاملو في الحال ايئن رهجي ويو.
    هڪڙي ڏينهن عجت ۽ سندس سئوٽِ هِدايَتَ ڪمند مان گاهه ۽ گنڌ ڪچرو چونڊي ڪڍڻ لاءِ ڪانڀا ٻڌي صفائي ڪري رهيون هيون. ڏهين يارهين جو ٽائيم هو. سيءَ شروع ٿي چڪا هئا، سو سج جو تِڙِڪو وڻي رهيو هو. ايتري ۾ سندن زميندار نظير موٽر سائيڪل تي زمين جي وچان ٺهيل پٽڙي وٺي اچي لنگهيو. ڳچ جيترو پَرَڀرو وڃي هُو موٽر سائيڪل جهلي لٿو ۽ زمين ۾ وڙڪڻ لڳو. موٽر سائيڪل جي آواز تي عجت ۽ هدايت ڪنڌ مٿي کڻي ڊوکا ڪئي ۽ پوءِ وري پنهنجي ڪِرِتِ ۾ جُنبي ويون. ٿورڙي دير کان پوءِ عجت ڊپ جهليندي جهليندي هدايت کي چيو:
    ”هدايتَ!“
    ”هان.“ هدايت، جيڪا سندس پاسي ۾ ئي هئي، جواب ڏنو.
    ”هدايت، هڪڙي ڳال پُڇان ني....؟“
    ”ها، ڀلي پڇ.“
    ”پر پهرين تون ساکَ ڏي ته هيءُ ذڪر ڪنديئين ڪنهن سان په ڪو نه.“
    ”پهرين تون ڳال ته ڪر سهي. آئون په سُڻان ته ڪيڙي (ڪهڙي) ڳال آهي، اڳ ۾ ساک ڪيئن ڏبي“.
    نه پهرين سِينڌ تي هٿ رکي واعدو ڪر ته پوءِ ٻڌايان ني.“
    ”اڃَ وري ڪيئن؟ ٻڙي، تون ڳال ته ڪر....“
    ”نه ته پوءِ مرڳو آئون ڳال ئي ڪا نه تي ڪريان.“ عجت هدايت جي ڳالهه ڪٽيندي چيو.
    ”اُونهه.... اونهه.... ٺهيو ڀلا ڳال ڪر. آئون ڪنهن کي په ڪا نه ٻڌائينديس.“
    ”نه.... اِڃَ نه....“
    ”ته پوءِ وري ڪيئن؟“ هدايت تِکيري لهجي ۾ پڇيو.
    ”پهرين سينڌ تي هٿ رکي، سامَهين ڏِسِ (ڪعبي طرف) مُنهن ڪري واعدو ڪر ته پوءِ ٻڌايان ني.“
    ”ڇوري، تون وڏي لُچي اَهئين... اچي، هي ڏس سامهين ڏِسِ مُنهن ۽ هيءُ ڏس سينڌ تي هٿ ۽ واعدو تي ڪريان ته ڳال ڳوٺ کان ٻَهار (ٻاهر) ڪا نه ڪڍنديس. ڀلا هاڻ ته ڦاٽِ....!“
    ”نه، اِڃَ په نه...... چئو ته ڪنهن سان ٻِڙِڪَ ڪا نه ٻولينديس، ڀلي ڇا په ٿي پوئي.“.
    ”ائي ٻڙي، تومان ته لڳي رهيس. اچي ڀلا هيءُ وٺ. سامهين ڏِسِ منهن ڪري، سينڌ تي هٿ رکي واعدو تي ڪريان ته ڪنهن سان په ٻڙڪ ڪا نه ٻولينديس. پوءِ ڀلي زمين ڦاٽي پوئي، جان آشمان ڪري پَوئي.... باهه لڳئي هاڻ ته ڦاٽِ.....“ هدايت حُجائتو ٿيندي چيو.
    ”ڏس پٽَڻَان تي ڏيئين ته ڪا نه تِي ٻڌايان ني.“ عجت ماڻوڪيو ۽ مرڪ سندس چپن تي لاڏا ڪُڇڻ لڳي.
    ”هِن ڇوريءَ مان ته مرڳو ڦاسي وياسين. شل ڪا ڪاتي پُوني، ڪا نه تي پِٽڻان ڏيان ني. هاڻ ته اوڳار.... (ڳالهائي).
    ”اِهي پٽڻان ڪونهي ته ٻيو ڪڄاڙو آهن؟“
    ”اِهي ته هونئن ئي ڀوڳ پئي ڪريان. تون سُڻائي، ڪڄاڙو تِي چوئين...!“
    ”توکي کبر ته آهي ته پانجو زميندار منهنجو سڱ گهرڻ آيو هو.
    ”ها ها، مون کي اِها په کبر آهي ته پڻهين ٺڙوپڙو جباب ڏئي ڇڏيو هو. پوءِ....؟“
    ”اباجن ته سُڪو پُڪو جباب (جواب) ڏيئي ڇڏيو هون. پر مون کي..... پانجو.... زميندار الاهي وڻي تو...!“ عجت ڳيتون ڏيئي ڏيئي آهستي آهستي پنهنجي ڳالهه پوري ڪئي ۽ نماڻان نيڻ کڻي هدايت ڏانهن نهارڻ لڳي.
    ”اَئيِ گهوڙن هيس...! ڇوري مُٺي، سچي تِي چوئين ڪَ ڀوڳ پئي ڪريئين!؟“ هدايت تعجب ۽ حيرانيءَ مان سندس مُنهن ۾ تڪڻ لڳي.
    ”ڏس هدايت، پانجا هيڪ ٻئي کان ڳُجَهه لِڪَلَ ڪونهي. مون کي تو ۾ پڪو پختو ڀروسو آهي ته تون مون جا عيب ثباب (ثواب) پانجي اندر ۾ رکنديئين. سچي ڳالهه ته هيءَ آهي ته جيئن ابا پانجي زميندار کي جباب ڏنو آهي، تنهن ڏينهن کان پئي دل مَن هئيم ته توکي ڳال ٻڌايان جان نه! تنهن کي په اڄ اچي سڄو سارو مهينو ٿيو آهي. نيٺ اڄ دل جهلي، پانجو اندر کولي تونجي مانڌان (مهندان) پئي رکان... سو ڳال هيءَ آهي ته مون جڏهن کان وٺي پانجي زميندار کي ڏٺو آهي، تڏهن کان وٺي مون جي ننڍ، مون جو آرام ۽ مون جو سُک ڦٽي پيو آهي ۽....“. عجت ڳال اڌ ۾ ڇڏي ڏني.
    ”پر هڪڙي ڳالهه ته پڻهين هُن کي تون جو سڱ ڏيڻ کان جباب ڏيئي ڇڏيو آهي. ٻي ڳالهه ته هُو ته پان (پاڻ) ڏانهن اک کڻي په ڪو نه نهاريندو آهي. پاڻِ جتي مايون بيٺل ڏسندو آهي، ته اُتان ٽاهوڪري پري هليو ويندو آهي. نه ته زميندارَ ته هِن کان اڳ ٻيا په پان ڏٺا هئا، لوُسِرَ ڪُتا، مايون ڏسيو پيا لوُس لوُس (نُوس نُوس) ڪندا هئا. پر هِن ۾ مون ته ايڙي (اهڙي) ٽرڙپائي ڪڏهن ڪا نه ڏٺي آهي. پوءِ تون ڪيئن جانٺي تي چڙهي ويئينس.“
    ”ها، اِها ڳال برابر آهي ته هُو ايڙو وايات (واهيات) ڪونهي، تڏهن ته هُو مون کي وڻي تو. ٻيو ته جباب هُن کي اباجن ڏنو آهي. پر هُو جو مون جي دل ۾ گهر ڪري ويهي رهيو آهي، تنهن کي ڪڄاڙو ڪجي؟“ عجت انتهائي معصوميت مان هدايت کي چيو.
    ”پوءِ تون ڪڄاڙو ڪنديئين؟ ڇا پاڻ ئي وڃي مانڌانئس ڪرنديئين ڪهَ؟“
    ”چُون تا ته سچيءَ دل سان ڀانئڻ وارن جا گس پاڻي ڄاڻي کُلي پُوندا آهين.“
    ”پر پوءِ په تون جو ارادو ڪيڙو آهي؟“ هدايت ورائي پڇيس.
    ”اِها ڳال سمجهه ۾ نٿي اچيم، تڏهن ته توسان ڳال ڪَئيم آهي.“
    ”ته تون جي مرضي ڪيڙي آهي! ڇا آئون آنجي وچ ۾ ڪُٽڻپو ڪريان ڪَه!؟“ هدايت کلندي چيو.
    ”شل ڪاڳنڍ نڪرني... شل ڪا وائي مُنجهني،.... اَئي مُئي، ڦِڪائي ڪا نه تي ٿِيني ايڙي ڳال ڪندي. شل زبان ۾ ڪي گڏرون پُوني. آئون توکي چُونديس ته مُونجو ڪُٽڻپو ڪر...!؟ ڪا حيا، ڪو دِيد آهيني ڪهَ نه....!“ عجت احتجاج ڪندي چيو.
    ”سُرِ ته اِهو ئي کنيو ائيني، ....! چڱو ڀلا ڇڏ اِن ڳال کي... هاڻ ٻڌائي ته آئون ڪڄاڙو ڪريان!؟“ هدايت کلندي چيو.
    وڃ، نه ٿي ڳالايان ٿي...... تو اِڃَ چيو ڪو؟“ عجت رُسندي چيو.
    ”ٺهيو مونجي موُمل ٺهيو...! مون ته مڙيئي ڀوڳ تي ڪيو. هاڻ ٻڌائي تونجو ارادو ڪيڙو آهي؟“ هدايت عجت کي پرچائيندي چيو.
    ”مون کي ڪڄاڙو ڪرڻ کپي، تنهن لاءِ ته توکي چان (چوان) پئي. مون کي ته ڍول ۾ ڳال ويهي نٿي.“
    ”پر تون مونجي ڳال تي هلنديئين سهي؟“ هدايت کانئس پڇيو.
    ”هاها، تڏهن ته پُڇان ني پئي.“ عجت وراڻيو.
    ”جي مون جي ڳاله مڃيئين، ته اِن ڳال تان هٿ کڻي ڇڏ.“
    ”سو وري ڪو؟“
    ”سو اِن ڪري ته اسان ڪيترن سالن کان ڌِڪا ٿاٻا کائي کائي مس مس هِتي اچي ڪو سولو ٽڪر کائي پيٽ سائو ڪيو آهي. سو جي هِتان په ٿِڙِياسين، ته وري په رولاڪن وانگر ڏولاون ۾ اچي، دربدر ٿي پيا رُلنداسين ۽ اڳوڻي وانگر ڌڪا ٿاٻا کينداسين (کائينداسين.)“
    ”پر اسين هِتان ٿِڙَئون په ڪو ته سهي؟، عجت ڳال نه سمجهندي پڇيو.
    ”اِن ڪري ته پڻهين زميندار کي سڱ جو جباب ڏيئي ڇڏيو آهي. جيڪو ماڙهو تونجو سڱ نٿو ڏي، سو توکي ڪيئن ڇيڪ ڇڏيندو ته تون زميندار سان پئي عشق بازي ڪر! ٻيو ته هي ڳاليون لڪڻ ڇپڻ جون ته آهنِ ئي ڪو نه، جو تون دنيا کان لڪي ڇپي ڪري سگهين. تنهن ڪري ته چُنان ني تيِ ته اِن ڳال تان لهي وڃ.“
    ”مون اِڃَ ڪٿي چيو ته آءٌ زميندار سان لڪي ڇپي عشق بازي تي ڪرڻ چاهيان.“
    ”ته ڇا تونجو ارادو ساڻس ڀڄي وڃڻ جو آهي؟“ هدايت چڀندڙ لهجي ۾ پڇيو.
    ”توبان (توبهه) ڪرمائي! تون چُئين ڪڄاڙو پيئي! مون اِڃَ ڪٿي چيو ته آءٌ ساڻس ڀڄي وينديس.“ عجت پنهنجو بچاءُ ڪيو.
    ”ڏس عجت، هاڻ جڏهن ڳال ڪئي ائيني، ته پوءِ ڳال ڪر صڦا سونٽي جي ته تون جي نيت ڪيڙي آهي؟ پڻهين هن کي جباب ڏئي ڇڏيو آهي. سو هاڻ مڃندو ڪنهن کي په ڪو نه، تون تي چوئين ته ساڻس ڀڄي په ڪا نه وينديس ۽ نڪو ڪو لڪي ڇپي ساڻس ملنديس. پوءِ ڀلا آکر (آخر) تونجي مرضي ڪيڙي آهي” ٻيو ته آئون تون جي لاءِ ڪڄاڙو ڪريان؟ اڃا په ٻي ڳال ته هاڻ ته تون مٿان چوڪسي په گهڻي ٿيندي.“ هدايت خدشو ڏيکاريو.
    ”تڏهن ته توسان حال ڪيو آهيم. تون ئي ڪو گس ڳول، آئون مرڳو مُنجهي پئي آهيان. ماڳهي سوچي سوچي چري نه ٿي پئان (پوان). هُو مون کان وسرندو ڪو نه ۽ هُو مون کي ملندو په ڪو نه.“ عجت جو گلو ڀرجي آيو ۽ هوءَ روئڻهارڪي ٿي پئي.
    ”عجتَ، آءٌ توکان وَڌَڪ عقل جي وِير ته ڪا نه آهيان پر هڪڙي ڳال مون کي په سمجهه ۾ اچي تِي ته جيترو اوڇڻ هجي اوترا پير ڊگهارجن. وَٽيون (پاڻ وٽ) ٺهي گڏاهه گاڏي په ڪو نه، سو هوائي جُهاَجَ (جهاز) ۾ چڙڻ (چڙهڻ) جا سکڻا کاب (خواب) ڏسڻ مان ڪيڙو ڦائدو (فاعدو)! تنهن ڪري دل تي پٿر رکي پاڻ کي هِڃَرَ (هينئر) ئي پلي ڇڏ. اِڃَ نه ٿئي جو تِرَ جي گُٿي، سو چوٽون کائي، وانگر تونجي ڪا مامولي (معمولي) گلتي (غلطي) تونجي سڄي زندگي زَهر ڪري ڇڏي....“ هدايت عجت کي سمجهائيندي چيو.
    ”پر هدايت، ڪنهن جو ڪنهن کي پسند ڪرڻ، جان ڪنهن جو ڪنهن کي وڻڻ ڏوهه آهي ڪَه؟ هُڃَ په (هونئن به) سڀ آڱريون برابر ڪونهي. سڀ ماڙهو هڪ جهڙا ڪونهي. اڃان لهي اُڀري پيو،“
    ”برابر لهي ۽ اُڀري پيو. ٻيو ته ڪنهن کي پسند ڪرڻ، جا وڻڻ ڏوهه په ڪونهي. پر ٻٻرن کان ٻير گهرڻ بي وڪوبي (بيوقوفي) آهي. ڀلا ٻٻرن په ڪڏهن ٻير ڏنا آهن!؟“ هدايت چيو.
    ”پر پوءِ په آئون ڪڄاڙو ڪريان؟“ عجت بيوسيءَ مان چيو. ”هُو مون کان وسرندو ڪو نه. هُو مون جي دل ۾ گهر ڪري ويهي رهيو آهي، سو نڪرندو ڪو نه. رات ڏينهن پيو اکين اڳيان ڦري. جاڳان پئي ته جاڳندي پئي ڏسانس، جي سُتل آهيان ته کاب (خواب) ۾ پئي ڏسانس. جيڙو ڪر ڀُوت وانگي مون جي بُت کي چنبڙي پيو آهي....! هاڻ ٻڌائي ته آئون ڪڄاڙو ڪريان؟“.
    ”مون جي ٿورا ٻڏي وڃي مر. چُئان ني ته پئي ته هُن جي کيالَ کي تڙي پري ڪر. پر توکي ڳال سمجهه ۾ ئي نٿي اچي. وريو په پئي پڇين ته ڪڄاڙو ڪريان؟ بس هاڻ دير نه ڪر وڃ، هُن اَڏَ ۾ پاڻي پيو وهي. وڃ، وڃي ٻڏي مر، آئون پاڻيهي گهر ٻڌائينديس ته اَڏَ مان پاڻي پئي پِيتَئين، ته مرگهيءَ جو دورو پيس ۽ ٻڏي مري ويئي. وڃ، وڃ، دير نه ڪر. مون جي جند ڇڏ، جلد ڪر.“ هدايت کيس هٿ سان ڌِڪيندي ۽ خفا ٿيندي چيو ۽ عجب رڳو نماڻان نيڻ کڻيو هدايت جي اکين ۾ چتائي ڏسندي رهي، ڏسندي رهي، تانجو سندس اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا، اکيون ڇلڪڻ لڳيون، ڳوڙها ڳڙهڻ لڳا. ڄڻ بادل برسي پيا. جهڙوڪر سنڌو پلٽي پيو. ڄن ڪينجهر کي ڪنبڻي وٺي ويئي. پر..... عجت پوءِ په هِڪِ ٽِڪَ هدايت کي ڏسندي رهي... ۽ پوءِ آهستي آهستي عجت جا چپ ڪنبڻ لڳا ۽ سندس وات جي ترتيب بگڙڻ لڳي..... ۽ ..... ۽ پوءِ نيٺ کانئس هڪڙي وڏي...... تمام وڏي ڍِڪَ نڪري ويئي ۽ هوءَ هدايت کي ڀاڪر وجهي چنبڙي پيئي. هدايت حيران ۽ پريشان ٿي ويئي. هُن کي اِها ته خبر ئي ڪا نه هئي ته عجت شروع ۾ جيڪي ٻه ٽي لفظ چيا هئا ته ”مون کي پانجو زميندار ڏاڍو وڻي تو....“ تن عجت جي من ۾ ايڏا ڪي ٻارڻ ٻاري ڇڏيا آهن، جو هوءَ عشق جي آڙاهه ۾ ايترو جلي پچي ڀسم ٿي چڪي آهي. هيءَ عجت، جيڪا بنهه ماٺيڻي، ميسڙي ۽ ڳوڀ خدا جي هئي، سا ڪا منجهه جو منجهه ايڏو پري وڃي پهتي آهي. پوءِ هدايت کيس ماترائي (پرچائي) ماٺ ڪرايو. سندس لڙڪ اگهيا ۽ کيس ڳراٽڙي پائي، سندس ڀلوڙ مُکَ کي پنهنجي هٿن ۾ جهلي تڪڻ لڳي.... ۽ پوءِ آهستي آهستي، جهلائي جهلائي بنهه نرم ۽ ماٺيڻي لهجي ۾ چيائين: ”ڏس عجت، هُڃَ (هونهن) پان سئوٽيون په آهيون، پر جيڙيون ڀيڻون آهيون. پر اِن کان وَڌَڪِ پان هڪ ٻئي جون دل واريون ساهڙيون په آهيون. آئون تونجي پيڙاهه سمجهان تِي. تونجي اندر ۾ جا ڪُني پئي ٽوڪي (ٽهڪي)، سا رڳو پانجا ڪَنا (ڪنارا) کانئيندي (ساڙيندي) آهي. اُن ڪُنيءَ جو ٻڙڪڻ (ٽهڪڻ) په رڳو تونجو اندر ساڙي، لُساتي ڦلهيار ڪري ڇڏيندو. اِن جلڻ پچڻ ۽ سڙي اڱار (اڱر، ڪوئلو) ٿيڻ مان ڪجهه په ورڻو سرڻو ڪونهي. سو آئون وري په ساڳئي ڳال چُونديس ته اِن ڳال تان هٿ کڻي ڇڏ. توڙي جو آئون ڀليءَ ڀت ۽ چڱيءَ ريت سمجهان پئي ته وچ دريا ۾ پهچي، پوءِ ٻڏڻ جو جيترو جوکم اڳتي وڌڻ ۾ هوندو آهي، اوترو ئي جوکو واپس پوئتي ورڻ ۾ په هوندو آهي. پر وري په پوئتي ورندي جي ماڙهو بچي ويو ته اچي پانجن ڀيڙو ٿيندو. پر جي اڳتي وڌندي ماڙهو بچي په وڃي ۽ پوءِ جي ڪنڌيءَ تي ڪو ڪانهن جو ڀرجهلو په نه ملي ته پوءِ ته ماڙهو ڪتن کاڄ ٿي ويندو نه! پوءِ ڪين جي بِلي (حوالي) ٿبو؟ ڪن جي تونسلي حياتي گذاربي؟ تنهن ڪري جي اڄ مون جي ڳالهه توکي ڏکي تِي لڳي ته ڀلي لڳي، پر اِها ئي ڳال تونجي ڦاعدي ۾ آهي....“ ايئن چئي هدايت عجت کي پنهنجن ڀاڪرن ۾ ڀڪوڙيندي رهي ۽ عجت اوڇنگارون ڏيئي ۽ سڏڪا ڀري ڪيتري دير تائين روئندي رهي ۽ جڏهن عجت روئي روئي پنهنجي دل جو غبار هلڪو ڪيو، تڏهن هدايت مان ڀاڪر ڪڍي، پنهنجا وهندڙ نِيرَ اگهيائين ۽ پنهنجن چپن تي هلڪي مُرڪ آڻي ۽ چمڪندڙ اکين سان هدايت جي اکين ۾ اکيون وجهي چيائين:
    ”اِن ٽوڪندل (ٽهڪندڙ) ڪُنيءَ برابر پانجا ڪَنا کانئيا آهينِ، پر ڪُنيءَ جي ته ريت ئي ڪَنا کانئڻ آهي. جا ڪُني پانجا ڪَنا نه کانئي، سا ڪُني ڪهڙي!؟ ننِگههَ ۾ مٿو رکي پوءِ مُهريءَ ڀَر ڍڄبو ڪو نه. مرڻ جو ڏينهن مقرر هوندو آهي هدايت! ماڙهن جي ڳالهين ۽ کُواريءَ (خواري) جي ڊپ کان جيڪڏهن ماڙهو محبت ڪرڻ ڇڏي ڏين ها، ته ڪر هيستائين دنيا ۾ ڪو ماڙهو ئي ڪو نه بچي ها. تونجي ميرباني، جو تو مون کي سنئون گس ڏسيو. پر.... پر.... مون جو انگ اڙجي ويو آهي، سو اڙجي ويو آهي. آءٌ پاڻ کي پلي ڪا نه سگهنديس..... پوءِ ڀلي ڇا په ٿي پوئي.....“

    لکيل 2 سيپٽمبر 2012ع
    نظرثاني- 5 ڊسمبر 2012


    ڌرتي ماءُ

    ڏينهن جا 11 کن وڳا هئا. سيپٽمبر 2012ع جي 12 تاريخ هئي، غلام، نظام، آچار، جانو جمن ۽ ستار ڪمند جي فصل وچان ڪمند ڊوهيندڙ ٽرڪن لاءِ ٺهيل ڪچي پٽڙيءَ تي ويٺا ٽرڪ ۽ ڪٽائيءَ جي ليبر (مزورن) جو انتطار به ڪري رهيا هئا ته پاڻ ۾ گپ شپ به ڪري رهيا هئا. موسم ڏاڍي سُريلي هئي، جُهڙالو آسمان هو ۽ ڏکڻ جون ٿڌيون هوائون هلي رهيون هيون. چار پنج ڏينهن اڳ چڱو خاصو وسڪارو ٿي چڪو هو. اوڏيءَ مهل ته مينهن وسڻ جو ڪو امڪان ڪو نه هو، پر پوءِ به منڌائتن مينهن تي ڀروسو به ڪهڙو! ڪيڏي مهل به ميگهه ملهاري ٿي سگهي ٿي.
    گذريل سال جو آڳاٽو پوکيل ڪمند، ڳنڍيري ۽ جُوس لاءِ تيار هو. هِن کان اڳ ۾ به ٽي چار ٽرڪون روانيون ٿي چڪيون هيون۽ اڄ به هي سمورا همراهه ڪمند جي ڪٽائيءَ لاءِ ايندڙ مزدورن جي انتظار ۾ ويٺا هئا. جڏهن ڳچ دير ٿي ويئي، تڏهن آچار چيو:
    ”غلام يار، فون ڪري خبر وٺ ته ٽرڪ ۽ همراهه اچن ٿا يا پاڻ هروڀرو ويٺا وقت وڃايون، جي اچن ته ها، ڀلا جي نه ته، ڀڄي وڃي ٻئي ڪنهن ڪم ڪار سان لڳون.“
    ”ها يار، وارو ڪر، الاهي دير ٿي ويئي آهي. جي نه اچڻ ته وڃي گاهه پٺي جو سَٺو ڪريون.“ جانوءَ به آچار جي ڳالهه کي ٽيڪو وٺرايو.
    ”آءٌ سمجهان ٿو ته اڄ ڪو نه ايندا.“ نظام چيو.
    ”سو وري ڪو؟ ايندا وري ڇو ڪو نه! سورنهن آنا پڪ ڏني اٿن.“، غلام چيو، ”وري به فون ڪري ٿو ڏسانِ“. ايئن چئي غلام پنهنجي موبائيل تي ڪال ڪرڻ لڳو.
    ”هلو.... ابا ڪٿي آهيو....؟ اڃا ڪو نه پهتا آهيو....؟ اسين هتي انتظار ۾ ويٺا آهيون“. غلام ڳالهايو ۽ پوءِ ٻئي پاسان ڳالهائيندڙن کي ٻڌڻ لڳو، ٿوري دير بعد وري پاڻ ڳالهايائين:
    ”چڱو، چڱو، جي اِها ڳالهه هئي ته سوير ئي ٻڌائي ڇڏيو ها. اسين هروڀرو صبح کان وٺي ڪم ڪار کوٽي ڪريو ويٺا آهيون. خير ٺيڪ آهي... پرينهن جي ته پڪ آهي نه؟ يا وري ڪو بهانو ڪريو...“
    ”نه نه، پرينهن اول خير، ڪو به بهانو ڪو نه ٿيندو. پڪ ئي پڪ آهي“، ٻئي پاسان جواب مليو.
    ”ڏٺَوَ، مون چيو ڪو نه، ته ڪو نه ايندا“. نظام چيو، ”ڇا ٿا چون؟“
    ”چون ٿا ته سڀاڻي 13 سيپٽمبر تي سڄي سنڌ ۾ هڙتال آهي. گاڏيون به بند هونديون ۽ منڊي به بند هوندي. پوءِ اسين ڪمند کڻي ڪيڏانهن ڪنداسين؟ تنهن ڪري پرينهن ايندا“. غلام چيو.
    ”پر هڙتال ڇاجي آهي؟ هڪڙو ته اِنهن هڙتالن مان لڳي رهيا آهيون.“ جمن پڇيو.
    ”توکي خبر ڪانهي ڇا؟ تون آهين ڪهڙي جهان ۾؟ ملڪ الاجي ڪٿي وڃي پهتو آهي ۽ تون آهين جو رڳو ڀنگ جو ڪُونڊو چاڙهيو، دنيا جهان کان آجو ٿيو پيو هلين. ڪيڏي مهل ته اکيون کوليندو به ڪر. هُن تو واري پيالي ڀائيءَ يارَ پراڻي، سموري سنڌ ڪراچيءَ جي دهشتگردن کي ڏيئي ڇڏي آهي.“ غلام جمن ڏانهن نهاريندي چيو.
    ”پر هڙتال وري ڪنهن ڪئي آهي؟“ جمن وري پڇيو.
    ”اِهي ڪاٽني ڪامريڊ (ڪاٽن جو وڳو پائيندڙ) هوندا ٻيو!“ نظام چيو جيڪو ڪاٽن جو ڪَلَفِ لڳل جوڙو پائي، مختلف بهانا بنائي شهر جي واپارين کان ڀتو اڳاڙيندڙ مقامي ڪامريڊن کان سخت چِڙِيل هو.
    ”پر هينئر رڳو اُهي اڪيلي سر ڪونهي. سڀاڻيءَ واري هڙتال جو سڏ ته ”سنڌ بچايو ڪاميٽيءَ“ ڏنو آهي ۽ انهيءَ هڙتال جي حمايت سنڌ جي سمورين قوم پرست جماعتن سان گڏ، وفاقي جماعتن، پٺاڻن، پنجابين ۽ بلوچن به ڪئي آهي. ايتريقدر جو، جيڪي جماعتون حڪومت سان مفاهمت ۾ گڏ هيون، تن به حڪومت جي اتحاد مان الڳ ٿي، وزارتن تان استعيفائون ڏيئي، سنڌ جي سودي خلاف ٿيندڙ هِن هڙتال جي حمايت ڪئي آهي“ غلام مختصر نموني ۾ وضاحت ڪئي.
    ”پر اِهو ته ٻڌايو ته منهنجي پيالي ڀائيءَ ڪهڙو سودو ڪيو اهي؟ ڪهڙو زمين جو نمبر ڌارين کي ڏنو اٿس؟ جو مرڳو مٿس وٺ وٺان لاهي ڏني اٿو. اوهان کي هونئن به اسان موالين تي خدا ڪارڻ جي ڪاوڙ هوندي ئي هوندي آهي.“ جمن پنهنجي ڍري ٿي ويل ڪانڀَ کي ڇڪي ٻَڌندي چيو.
    ”اي رڳو زمين جو هڪڙو نمبر ڇا! هِنن يارن ته يڪي ڀِينگ ڪري ڇڏي آهي. ڪراچيءَ سميت سنڌ جا ٻيا به وڏا شهر حيدرآباد، ميرپورخاص، نواب شاهه، لاڙڪاڻو ۽ سکر دهشتگرد تنظيم کي خوش ڪرڻ لاءِ لکي پڙهي ۽ قانون ٺاهي انهن جي حوالي ڪري ڇڏيا اٿن. پ پ پ وارا همراهه ايندڙ ٻيا به پنج سال حڪومت ڪرڻ جي شوق ۾ سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار آهن.“ غلام چيو، جنهن جو هڪڙو يار سنڌي هارين جي جماعت سان گڏ ڪم ڪندو آهي.
    ”ٻيلي غلام، هاڻ ٺهيو. ڇڏ ڦشريءَ کي. توکي ته هونئن ئي پ پ وارا وڻن ئي ڪو نه. هو ڇا به ڪري اچن، پر اوهان جو ڪِين جو ڪُنو چڙهيو ئي پيو هوندو آهي، سو لهندو ئي ڪونه.“ نظام غلام کي ٽوڪيندي چيو. ”سنڌ آهي اڪ جي ماکي، جيڪا سٽ ڏيئي ٽارِي پٽي لاهي وٺبي. هُنن، جو قانون ٺاهيو آهي، تنهن ۾ ڪجهه ته هوندو نه! يا رڳو تنهنجي چوڻ تي سنڌ ڌارين جي حوالي ٿي ويئي. بس ڇُٽي ڳالهه...! هونهن...!“.
    “اِهائي ڳالهه ته اسين چئون ٿا ته جيڪو ڪجهه اوهان کي سنڌ جي ڀلي لاءِ ڪرڻو آهي سو، اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ پيش ڪريو، ماڻهن اڳيان رکو، اخبارن ۾ ڏيو، پوءِ سڄي سنڌي قوم گڏجي جيڪو فيصلو ڪري، سو ئي قانون ٺاهيو. هيءُ ڪهڙو طريقو آهي ته رات جو چئين وڳي، لڪ ڇپ ۾ ڌارئين گورنر وٽ وڃي ”قبلو سائين“ مرگهيل بدنام ڍيڪڻ، ”چاغا مرڻاج بحراني، ”6 بازِ ڏوٻرو“، ”رڪيب ڦِنجَر، ”چِيرِ نذرل ڌڪ“ ۽ ”نه سار ڪهڙو“ مٺائي کائي، هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي مبارڪون ڏيئي سنڌ جي ورهائڻ جو قانوني طرح بنياد رکي آيا آهيو ۽ وري جيڪو پڇي ٿو ته ”بابلا هيءُ قهر ڇو ڪيو اٿو؟“ ته چئو ٿا ته اوهين اڻ پڙهيل آهيو. پهريائين وڃي پي ايڇ ڊي ڪريو، پوءِ ڳالهايو. ايئن ڪو ٿيندو آهي ڇا!؟“ غلام وضاحت ڪئي.
    ”پر توکي يا مون کي ڪهڙي قانون ۽ آئين جي خبر؟ ماڻهن کي ڪهڙي خبر ته ڪُڪڙ ڪٿان ٿي مُٽي(پيشاب ڪري). سنڌ جا سڀئي ماڻهو قانون جا ڄاڻو وڪيل آهن ڇا؟ ظاهر آهي ته جيڪي حڪومت ويٺا ڪن، جيڪي صدر ۽ وزيراعظم آهن، جيڪي وڏا وزير ۽ قانون جا وزير آهن ۽ جيڪي مريو جيئو ويٺا آهن، تن کي ئي خبر هوندي ته ڪهڙي ڳالهه سنڌ جي فاعدي ۾ آهي ۽ ڪهڙي ڳالهه نقصان ۾ آهي. اوهين ڇو اچي بتال ٿيا آهيو؟! ٻيلي غلام، ڳالهه ڪبي سچي، پوءِ ڀلي ڪنهن کي ڏکي ڇو نه لڳي. جيئن ڪانگ کي لُڙَ ۾ مزو ايندو آهي نه، تيئن اوهان کي به مڙيئي ڦشري کپي. ميمبر ته چوندجي سگهو ڪو نه ٿا. باقي روز ٻئي ڏينهن ڪا نه ڪا ڳالهه کڻيو، شهر بند ڪرايو، گاڏيون بند ڪرايو پيا رستن تي ۽ بزارن ۾ هنبوڇيون هڻو. ٻڌايو ته سهي، اِن مان اوهان کي ملي ڇا ٿو!؟“ نظام دل کولي پنهنجي ڳالهه سڀني اڳيان رکي.
    ”ها ٻيو، مس مس پنهنجو سنڌي صدر ٿيو آهي ته اوهان کي مرڳو اکين ۾ ڪارَ ٿي پيئي آهي. اوهين خوش ئي فوجين جي حڪومت ۾ آهيو. ميان، هينئر ٻيو جي نه ته، گهٽ ۾ گهٽ بينظير جا پئسا ته جام پيا ملن. اوهين ڀانيو ته اِهي پنَ جا پئسا به سنڌين کي نه ملن، ڀلي ٻيا کڻي وڃن.“ جمن کي تازو ٻه هزار رپيا مليا هئا، (جن مان به ٻه سئو پوسٽ وارن ۽ ٻه سئو مقامي جيالي ڪاٽي، باقي 16 سئو رپيه کيس ڏنا هئا) تنهن به نظام جو پاسو ورتو.
    ”ها ادا، سچ ٿو چوين.... ٻين قومن جا اڳواڻ حڪومت ۾ اچي پنهنجي قوم جي ماڻهن کي فرش تان کڻي عرش تي پهچائڻ ۾ رات ڏينهن هڪ ڪريو ڇڏين. پر اسان جي سنڌي وڏيرن اسان تي احسان اِهو ڪيو آهي، جو اسان سڀني کي پِنَ جي بِکيا تي فقير بنائي ڇڏيو آهي...! ڏس ڪو شرم ٿيس ٿو، ڪيڏي نه فخر سان پيو چئي ته ”پِن“ جا پئسا ته سنڌين کي ملن پيا. اي ٻڏي ڪو نه ٿو مرين جمن جاني...!“ آچار کي جو بُل لڳو، تنهن جمن کي اچي کنيو.
    ”ڀاءُ منهنجا، جي رڳو ايتري ڳالهه هجي ته به کڻي ماٺ ڪجي. هاڻ نطام ٿو چئي ته اسين وڪيل ڪو نه آهيون، اسان کي قانون جي خبر ڪانهي. برابر صحيح ٿو چوي، پر پاءُ اٽي جو ته سڀ ڪو کائي ٿو. ٿوري گهڻي ڳالهه ته هر ڪنهن کي سمجهه ۾ اچي ٿي. هاڻ مون کي رڳو هڪڙو جواب ڏيو. ٻه سال اڳ ۾هيءَ زمين، جنهن ۾ پاڻ هينئر موجود آهيون، ڪنهن جي هئي؟“ غلام پڇيو.
    ”خاصخيلين جي هئي.“ ستار ورندي ڏني.
    ”هاڻ ڪنهن جي آهي؟“ غلام وري پڇيو.
    ”هاڻ نظام جي آهي.“ ستار چيو.
    ”گذريل ٻن سالن ۾ وري ڪڏهن خاصخيلي ٻنيءَ تي آيا آهن؟“ غلام پڇيو.
    ”هاڻ وري ڇاجي لاءِ ايندا! زمين جو کاتو ڪري ڏنو اٿن. هاڻ انهن جو ٻنيءَ ۾ ڇا....؟“
    ”پوءِ جي اسان جي اسيمبيليءَ جا ميمبر پنهنجا شهر قانوني طرح لکي ڌارين کي ڏيو ٿا ڇڏين ۽ سمورا اختيار انهن جي حوالي ڪريو ٿا ڇڏين، ته پوءِ پنهنجي ڪهڙي حجت باقي رهندي! اِها ڳالهه ته اسان کي سمجهه ۾ اچي ٿي. کڻي آئين ۽ قانون اسان کي سمجهه ۾ نٿو اچي. اِن ڳالهه لاءِ به اسان کي ميهڻا ٿا ڏين سنڌي وڏيرا ته اسين اڻ پڙهيل آهيون. پهرين پي ايڇ ڊي ڪري اچون پوءِ ڳالهايون. ڇا پاڻ پنهنجي تر جي پيپلي اميدوار کي (جيڪو اليڪشن هارائي ويو هو) ڪو نه سڃاڻون ته گهڻا پي ايڇ ڊيءَ جا امتحان ڏيئي پاس ڪريو ويٺو آهي؟“ غلام چيو.
    ”ٻيلي، مڃو يا نه مڃو پر غلام چئي سچ ٿو.“ جانوءَ چيو، جيڪو هيستائين ماٺ ۾ هو.
    ”سو ته مون چيو نه، ته غلام کي پيپلا بنهه وڻن ئي ڪو نه، تنهن ڪري اهو ته ايئن چوندو.“ نظام کلندي، شرم کي پرچائيندي چيو.
    ”ٺهيو ڀلا، پيپلا پري رهيا. تون، جيڪو انهن تي ڪک نٿو سَهين، تون کڻي اسان کي سمجهائي ته ڪراچيءَ جي ميئر وٽ سمورا پاور آهن: روينيو، پوليس، فشريز وغيره وغيره. ايتريقدر جو ميئر جي ڪيل آرڊر کي سنڌ جو وزيراعليٰ به رد نٿو ڪري سگهي ۽ ٻئي پاسي رڳو فشريز کاتو ٺٽي ضلعي جي ناظم کي مليل آهي؟ جنهن جا پنج تعلقا سامونڊي پٽيءَ سان لڳن ٿا. ڇا اِهو ٻٽو نظام ڪونهي؟ ڇا اِها سنڌ کي ورهائڻ جي سازش ڪانهي؟ اِن کان وڌيڪ ٻيو ڪراچيءَ جي مالڪي ڌارين کي ڪيئن لکي ڏبي؟ جواب ڏي نه اسان کي. ٺلهي ڳالهه ويٺو ڪريئين.“ غلام پنهنجي ڳالهه برجستي نموني ۾ رکي ته نظام کي کِکو وِکو ٿيڻ لڳو.
    ”ٻيلي ڇڏيو اجائي لُڙ کي اڃا اِهو بل اسيمبليءَ ۾ پيش ٿيندو. اُتي پاس ٿيندو. پوءِ وري گورنر صحيح ڪندو، تڏهن وڃي قانون ٿيندو. هينئر ئي هٽ تاڙون۽ روڊ رستا بند پيا ٿين. سو سنڌ جا ماڻهو ماٺ ڪري ٿورو ئي ويهندا. اسين ماڻهو ٻاري جي هڪڙي اوڙ تان ئي هڪ ٻئي جون سسيون لاهيو ڇڏيون، سو ايئن ماٺ مٺيءَ ۾ سنڌ سڄي ڌارين جي حوالي ڪري ويهي رهنداسين! سنڌ ڪنهن جي بابي جي ذاتي ملڪيت ڪانهي، جيڪو خسيس مفادن خاطر اُن جو سودو ڪندو ته کيس ڦٻي ويندو. سنڌ اسان جو وطن آهي، سنڌ اسان جي ڌرتي آهي، ۽ ڌرتي ماءُ مثل هوندي آهي. پنهنجي ماءُ جو سودو ڪنهن کي به ڪرڻ ڪو نه ڏينداسين. پوءِ چاهي اڳيان ڪير به هجي!! حال هڪيو اٿيو ته هلي گاهه پٺي جو سٺو ڪريون. گهڻائي ڪوڙ ڪٽياسين ۽ الاهي ڪم جون ڳالهيون به ٻڌيونسين. هاڻ هلو ته هلون..“ ائين چئي آچار ڪانڀ کولي سٽ ڏيئي اٿيو ته ٻيا به سڀ همراهه اٿي بيٺا.

    1 آڪٽوبر 2012ع


    چڪيا چاڪ چيهون ڪري....!

    ”آءٌ واٽون سدا ويٺي نهاريان
    من منهنجا اباڻا اچن.
    من منهنجا اباڻا اچن....
    الا، من منهنجا ڏوٿيئڙا اچن....
    آءٌ واٽون سدا....!“
    صبح جا ڏهه کن ٿيا هئا. سياري جو تِڙِڪو ماڻهوءَ کي وڻي رهيو هو. ٻن پڪي ڪوٺين ۽ ورانڍي تي مشتمل جاءِ جي اڳيان هڪ خلاصو اڱڻ هو، جنهن جي هڪ طرف نم جو گهاٽو وڻ بيٺل هو ۽ ٻئي پاسي کليل حصي ۾ پيل هڪ کٽ تي نصيبان ويٺل هئي. هڪ سهڻي چِٽيل رلي سندس گوڏن تي پکڙيل هئي. هوءَ سُئيءَ سان رنگين ڌاڳن جا سيبا ڪڍي رهي هئي. اڄ ويٺي ئي ويٺي اوچتو ئي اوچتو پراڻين يادگيرين جي وِيرِن مٿس وراڙو ڪيو هو ۽ هوءَ سيبي کي ڇڏي انتهائي درديلي ۽ سُريلي آواز ۾ ڪنهن وقت جو مشهور ۽ مقبول لوڪ گيت ”آءٌ واٽون سدا ويٺي نهاريان...“ جُهونگارڻ لڳي. هُوءَ پنهنجي آس پاس کان بي نياز، لوڪ گيت جُهونگارڻ ۾ ايتري ته گم ٿي ويئي هئي، جو کيس اِها به سُڌ ڪا نه پئي ته سندس اکين مان لڙڪ سَريون ڪري سندس پوڙهين مِٽِن تان لڙي رهيا هئا. کيس اِها به خبر ڪا نه پئي ته سندس پٽ ڪمال دين ۽ ننهن شاهينه آهستي آهستي اچي سندس پٺيان بيهي سندس جُهونگار ٻڌي رهيا هئا. هوءَ جذبات جي وهڪري ۾ ايترو ته لڙهي ويئي هئي جو سندس سُريلو آواز يادن جي درد جي شدت کان وات ۾ وچڙڻ لڳو هو ۽ هوءَ سڏڪا ڀري روئڻ لڳي هئي، جڏهن ڪمال ۽ شاهينه ڏٺو ته سندن ماءُ لوڪ گيت جهونگارڻ بدران مرڳو روئي رهي آهي، تڏهن ٻئي ڄڻا ڦري سندس سامهون آيا ۽ کيس چنبڙي پڇڻ لڳا ته ”امان تون ڇو پئي روئين...؟ اسين ته تنهنجو سُريلو آواز ٻڌڻ لاءِ اچي تنهنجي پٺيان بيٺا هئاسين. پر تون ته روئڻ لڳي آهين. ٻڌائي امان، تون ڇو پئي روئين؟ توکي ڪهڙو درد آهي؟ ڪهڙي شيءِ جي توکي گهرج آهي؟ امان تون رڳو حڪم ڪر. ڇا گهرجي توکي؟“
    ”نه منهنجا ٻچڙا مون کي ڪجهه به ڪو نه گهرجي. مون کي ڪا به تڪليف ڪانهي. توهان فڪر نه ڪريو. پريشان نه ٿيو.“
    ”ته پوءِ تون روئين ڇو پئي امڙ؟“ شاهينه دلگير ٿيندي پڇيو.
    ”بس امڙ، اڄ ايئن ويٺي ويٺي پنهنجو ننڍپڻ ياد اچي ويو ته يادن جي دريا ۾ مانڌاڻ مچي ويو ۽ پراڻا ڦٽ چِڳي پيا. يادن جي ڇُٽل زخمن تان جو ڪڙيون لٿيون ته درد جون سُوٽون اڀرڻ لڳيون. يادگيرين جي واچوڙن ۾ ٿيلهجي ٿيلهجي جو زمين سَٽيَس ته سُڏڪا پاڻمرادو سُڏڪي پيا. وڇوڙي جا وسري ويل وَڍَ تازا ٿي پيا. هينئين جي هورا کورا درد ۾ ٻڏل دانهون بنجي آواز جو روپ ڌارڻ لڳيون ۽ رتوڇاڻ روح مان رسڪندڙ رت ريلا ڪري اکين جا آنسو بڻجي لڙي پيو. اِنهن مُئين يادن کي ڪير پڄي؟ اِهي ڪي روڪڻ سان رُڪجي به ڪڏهن سگهيون آهن..! بس ڙي امڙ، پنهنجي مرشد لطيف سائينءَ هڪ جاءِ تي چيو ڪو نه آهي ته:
    سُور ورهايان سرتيون، جي ورهايا وڃن
    ٻيون ڪو ٻُجهن، جنهن سنڌا تنهن سامهان..!
    سو يادگيرين جا درد ۽ سور، وڇوڙن جي چهڪن سان چهڪيل لِڱَن جا ايذاءَ ۽ اذيتون ته انهن کي ڀوڳڻيون ۽ سهڻيون پون ٿيون، جن کي پيش اچن ٿيون. اوهين پريشان نه ٿيو. شال علي مولا (رضه) اوهان جي جوڙي سلامت رکي. اوهان جي خوش هجڻ سان ئي ته آءٌ اڃا جيان پئي. نه ته هاڻي مون کي وڌيڪ جي به ڇا ڪرڻو آهي. الله ڪري سدائين ائين مُرڪندا ۽ مَرڪندا رهو.“ ايئن چئي نصيبان اکين تي پاتل عينڪ لاهي، پنهنجي پوتيءَ جي پلانڌ سان پنهنجا لڙڪ اگهيا ۽ پوءِ ٻيهر عينڪ پائي رليءَ کي سبڻ لڳي. ڪمال ۽ شاهينه پڻ ڪجهه دير کيس آٿت ڏيئي ويا هليا. جيئن ئي هو هڪ پاسي ٿيا ته ٻيهر يادگيرين جو مينهن اوهيرا ڪري نصيبان مٿان وسڻ لڳو ۽ هوءَ رلي سُبندي سبندي اوهيرن جي ڌنڌلاهٽ ۾ هٿوراڙيون هڻندي هڻندي پنجاهه سال پوئتي ڌڪجي وڃي ماڃر جي سُکَ پُور واري علائقي ۾ پهتي، جتي هوءَ ڄائي هئي، نپني هئي، پڙهي هئي ۽ پوءِ مُکڙيءَ مان ٽِڙي گل ٿي هئي.
    سُک پور هڪ چڱو خاصو وڏو ڳوٺ هو. سرسبز ۽ خوشحال ڳوٺ هو. اڀروسڀرو پرائمري اسڪول ته اڳ ۾ ئي موجود هو، پر پوءِ ڳوٺاڻن جي ڪوششن سان کيس وڌائي باقاعده اسڪول بنايو ويو ۽ پوءِ هڪڙي ڏينهن، هڪڙو جوان مڙس هٿ ۾ ٿيلهو کڻيو، پڇائون ڪندو، پنڌ ئي پنڌ، شام ڌاري اچي سک پور پهتو هو. اترادي لهجي ۾ مان تان (توهان) ڳالهائڻ جي ڪري ننڍڙا ٻار کِلَ ۾ رِڙِيو ٿي ويا. خبرون چارون ٿيون ته خبر پئي ته هُو ماستر آهي ۽ سکر ضلعي کان آيو آهي. سُک پور اسڪول تي سندس مقرري ٿي آهي ۽ هُو ڊيوٽي ڪرڻ آيو آهي. هن پنهنجو نالو نهال دين ٻڌايو هو. لاڙ جا ماڻهو، جن لاءِ اتر سنڌ جا ماڻهو چوندا آهن ته: اتر جو ڍڳو ۽ لاڙ جو ماڻهو ٻئي برابر. سي ڀلي ڪنهن جي نظر ۾ ڍڳن برابر ڇو نه هُجن، پر هو مهمان نوازيءَ جا خان هوندا آهن. تن جو ٻڌو ته ڪو اتر جو ماڻهو ماستر ٿي سندن اسڪول تي ٻار پڙهائڻ آيو آهي، سي مٿانئس قربان قربان ٿيڻ لڳا. اُن رات ته اسڪول ۾ ئي کٽ ۽ بسترو لڳائي ڏنائونس. پر ٻئي ڏينهن، اسڪول جي پاسي ۾ ئي بانٺ ۽ ڪانن جي اوطاق اڏي، ٿوڻيون کوڙي، مٿانئن لاٽڻ ۽ لڙا رکي، ڪايا هڻي، ٽوها ۽ پکا وجهي ڇِتِ ڇانئي، ان ۾ کٽ ۽ بسترو وجهي، ڪنڍ ۾ پاڻيءَ جو ڪورو مٽ ۽ گلاس رکي ڏنائونس. ٻاهر منجهه لاءِ ٺڪر ڪرو (بدنو) ۽ ٻيو به ضرورت جو حال سارو سامان مهيا ڪري ڏنائونس.
    سائين نهال دين باقاعده هڪ استاد هو ۽ سندس مقصد ٻارَ پڙهائڻ هو. ان حوالي سان هن پهريائين ڳوٺ جي ماڻهن سان ۽ پوءِ انهن جي مدد سان ڀرپاسي جي ننڍن ننڍن ڳوٺن جي ماڻهن سان ملي سندن ٻارن کي اسڪول ۾ موڪلڻ جي استدعا ڪئي ۽ تعليم جي فاعدن سان کين روشناس ڪرايو. ڳوٺن وارن ساڻس تعاون ڪيو ۽ سندس محنتن رنگ لاٿو. مهيني کن ۾ اسڪول ٻارن سان ڀرجي ويو. نهال دين هڪ خوش طبع ۽ فضيلت ڀريو ٺاهوڪڙو جوان هو. ٿورن ئي ڏينهن ۾ هُو جهڙوڪر هر ڳوٺاڻي جي دل ۾ پنهنجي لاءِ عزت ڀري جاءِ ٺاهي چڪو هو. هُو اسڪول ۾ ٻارن کي پڙهائيندو هو ۽ شام جو کين رانديون ڪُڏائيندو هو. نوجوانن سان راندين توڙي ڪچهرين ۾ سندن ساٿ ڏيندو هو. وڏي عمر جي عام ماڻهن توڙي سريالن سان ڊگهيون رهاڻيون ڪندو هو. مقصد ته هُو ڳوٺ جي هر مرد، ٻار توڙي ٻُڍي سان سندن مزاج مطابق اٿ ويهه ڪندو هو. موٽ ۾ ڳوٺ وارا به سندس هر ضرورت جو تمام گهڻو خيال رکندا هئا.
    وقت گذرندي ويرم ئي ڪا نه ٿي. اڃا جهڙوڪر نهال دين ڪلهه پئي ٿيلهو کڻيو پڇا ڪندو، پيرين پنڌ آيو هو سک پور ۾. پر اڄ کيس سک پور ڳوٺ ۾ رهندي ست اَٺ سال ٿي ويا هئا. سندس طرفان پهرئين درجي ۾ داخل ڪيل ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون به سنڌي فائنل پاس ڪري چڪا هئا. جن مان ڪن وڃي انگريزي اسڪولن ۾ داخلائون ورتيون ته ڪي وڃي نوڪرين۽ ڪرت سان لڳا. ستن اٺن سالن جي ڊگهي عرصي دوران وچ وچ ۾ نهال دين ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي بدلي ڪرائي سکر وڃڻ جي ڳالهه ڪندو هو ته ڳوٺ وارا مٿس ڪاوڙجي پوندا هئا. ناراضگي ۽ محبت جو اهڙو اظهار ڪندا هئا جو نهال دين کي پنهنجي ڳالهه تان هٿ کڻڻو پوندو هو. نهال دين۽ ڳوٺاڻن جي وچ ۾ هڪ اهڙو رشتو قائم ٿي چڪو هو، جنهن کي بظاهر ته ڪو نالو ڏيئي ڪو نه پئي سگهجيو، پر اهو بي نام رشتو ايترو ته مضبوط ۽ ايترو ته قربائتو هو، جنهن جو مثال ڳولڻ سان به ڪو نه پئي مليو. تنهن ڪري ڳوٺاڻن جي محبت ڀري ۽ قربائتي ناراضگي نهال دين کي پيرن ۾ ونگ وجهي ڇڏيندي هئي ۽ هُو چاهيندي به سکر وڃي نه سگهندو هو.
    ۽ پوءِ اُهو ٿيو، جيڪو نه ٿيڻ کپندو هو.
    اُها هڪڙي سياري جي ڪاري رات هئي. چنڊ جي ستاويهين رات هئي ۽ جنوريءَ جو پهريون هفتو هو. آسمان ڪڪرن سان ڇانيل هو. سيءُ هو اُن رات....! هوا سُڪ بند هئي. رڳو سڪو سِيءُ هو. لاڙ ۾ برف ته ڪا نه وسندي آهي، پر اُن رات لڳو پئي ته جهڙوڪر برف پئي وٺي. هر ڪو ساهه وارو پنهنجي اجهي، گڀري ۽ ڀيڻيءَ آهر سُڪڙيو سوڙهو ٿيو پيو هو. ايتري قدر جو وڻن به جهڙوڪر ساهه کڻڻ ڇڏي ڏنو هو. پن به ڪو نه ٿي چُريو. اهڙيءَ ئي خطرناڪ اونڌاهيءَ ۾، وحشتناڪ سيءَ ۾ ۽ هيبتناڪ سناٽي ۾ نصيبان هڪ وڳي ڌاري اٿي پنهنجي گهٽيءَ جي کڙاهه لاهي، سندن گهر کان ٻه سئو کن فوٽ پري اسڪول جي ڀرسان ٺهيل ماستر نهال دين جي اوطاق ۾ هلي آئي هئي. توڙي جو هُوءَ ٿلهي چنڙي گنڌيءَ ۾ ويڙهيل هئي ۽ کيس موٺڙي جي تاڪئي جي سٿڻ پاتل هئي، پر پوءِ به بي انداز سيءَ جي ڪري هوءَ ڏڪي رهي هئي. انتهائي ٿڌاڻ جي احساس کان سندس بدن مان سيسڙاٽ ۽ ڌُرِڻيون نڪريو ٿي ويون. اوطاق جو ڏاڪائو در ٻيڪڙيل هو. هُوءَ جيئن ئي در کولي اندر داخل ٿي ته در جي هلڪي چيڪاٽ جي آواز تي نهال دين پاسو ورايو. سيءَ کان ٻن سَوَڙِين ۾ سُتل نهال دين کي ساَرَ ٿي پئي ۽ هُو سُتي ئي ستي ڪنائڻ لڳو. گهڻي اوندهه هجڻ ڪري واضح طرح ڏسڻ ۾ ته ڪجهه به ڪو نه ٿي آيو، پر پوءِ به ڪجهه ساعتن بعد هن محسوس ڪيو ته ڪو ماڻهو سندس سيرانديءَ کان بيهي وڏا وڏا ساهه کڻي رهيو آهي. اُن زماني ۾ اڃا ايتري بدامني به ڪا نه هئي. ٻيو ته هٿين خالي ماستر وٽ هوندو به ڇا، جو ڪو چور چڪار اوطاق اندر گهڙي اچي. ٽيون ته ماستر جي بي داغ ڪردار جي ڪري ساڻس ڪنهن جي دشمنيءَ جو ته سوال ئي ڪو نه ٿي اڀريو. تنهن ڪري انهن خدشن تي سوچڻ کان سواءِ ئي ماستر نهال دين بنا ڪنهن خوف خطري جي سوڙون هڪ پاسي ڪري اٿي ويٺو ته کيس ڀر ۾ اوڇڻ ۾ ويڙهيل ڪو ماڻهو بيٺل نظر آيو. پهريائين ته ماستر حيران ٿيو، پريشان ٿيو ۽ ششدر ٿيو. پر پوءِ انهن سڀني ڪيفيتن تي ضبط ڪري، پُرسڪون لهجي ۾ پڇيائين: ”ڪهڙو آهين....؟“ توڙي جو کيس اِن وچ ۾ٿورا گهڻو اندازو ته ٿي چڪو هو ته بيٺل ماڻهو ڪو مرد نه پر عورت ئي ٿي سگهي ٿي.
    ”نصيبان آهيان!“ نصيبان پنهنجي ساهن جي سهڪي تي ضابطو آڻيندي چيو.
    ”نصيبان تون....! سو به هن مهل....!! آڌيءَ رات جو....!! اڪيلي اڪيلي....!! ڇو، خير ته آهي...!؟“ ماستر حيران ٿيندي پنهنجي ڳالهه کي ٽڪرن ٽڪرن ۾ تقسيم ڪندي پڇيو. سندس ڪڏهن اِن پاسي توجهه ئي ڪو نه ويو هو ته جڏهن عشق جي آتش، جوالا مُکي بڻجي لاوا اوڳاڇيندي آهي، تڏهن اندران اُڀڪي نڪرندڙ ٽهڪندڙ لاوا پنهنجا گس، پنهنجون واٽون ۽ پنهنجون ڏِسون پاڻ ٺاهيندو ويندو آهي ۽ رستي ۾ ايندڙ هر شيءِ، هر رڪاوٽ ۽ هر مزاحمت ڍڪجي ويندي آهي، ميسارجي ويندي آهي ۽ نيست و نابود ٿي ويندي آهي. ۽ اڄ رات نصيبان به سڀ رڪاوٽون، سڀ اخلاقي جواز ۽ سموريون سماجي، ثقافتي ۽ روايتي پابنديون ٽوڙي اچي ماستر نهال دين وٽ پهتي هئي.
    ”خير هجي ها ته هن مهل آڌيءَ رات جي اونڌاهيءَ ۾ گهر جي گهٽي اورانگهي ڪو نه اچان ها. خير جون خبرون ڏينهن جي سوجهري ۾ به ڪري سگهجن ٿيون...!“
    ”پر ٻڌائي ته سهي، ڇا ٿيو آهي؟ ڪير بيمار ٿي پيو آهي ڇا...؟ يا ڪو ٻيو مسئلو آهي.“ ماستر پريشان ٿيندي پڇيو.
    ”ٻيو ڪو به مسئلو ڪونهي. ها، باقي بيماري ئي لڳي آهي...!“ نصيبان ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي ڏني. ”پر ڪير بيمار ٿيو آهي، تنهنجو ڀاءُ؟ تنهنجو پيءُ؟ يا تنهنجي ماءُ؟“ ماستر کي خبر هئي ته نصيبان جي گهر ۾ ڪل چار ئي ته ڀاتي هئا.
    ”ٻيو ڪير به نه، پر آءٌ پاڻ بيماريءَ ۾ وٺجي ويئي آهيان.“ گهڻي اونڌاهي هجڻ ڪري هو ٻئي هڪ ٻئي جي چهرن جون ڀاونائون ڏسي ڪو نه پئي سگهيا. نه نصيبان ماستر جو فڪرمند چهرو ڏسي پئي سگهي ۽ نه ئي ماستر نهال دين نصيبان جو ڊپ، خوف ۽ خدشن جي ور چڙهيل ۽ سفيد ٿي ويل چهرو ڏسي پئي سگهيو.
    ”اوهه....! پر تون پاڻ بيماريءَ جي حالت ۾ ۽ هيڏي ساري سيءَ ۾ هيڏانهن ڪيئن آئي آهين....؟ ڇا پڻهين ۽ ڀاڻين گهر ۾ موجود ڪونهن ڇا...؟“
    ”سڀ گهر وارا گهر ۾ موجود آهن ۽ مٺي ننڊ ۾ ستا پيا آهن. پر مون کي نه دوا جي بيماري آهي ۽ نه دعا جي بيماري، جو مون کي انهن جي ضرورت پوي. منهنجي بيماريءَ جو علاج رڳو تو وٽ آهي. ٻئي ڪنهن وٽ به ڪونهي....!“
    ”نصيبان، تون هيءُ ڇا پئي چوين...!؟ تون سمجهين ٿي ته تون ڇا پئي چوين...!“ ماستر حيران ۽ پريشان ٿيندي چيو.
    ”ها نهالَ.... آءٌ سڀ ڪجهه سمجهان ٿي...! مون مهينن جا مهينا سوچي سمجهي، غور ۽ ويچار ڪري، پوءِ ئي پنهنجي گهر جي چانئٺ ٽَپي آهي. تون ڪو الڪو نه ڪر. مون نه ڪو اٻهرائيءَ ۾ تڪڙو قدم کنيو آهي ۽ نه ئي وري آءٌ پنهنجي اِن کنيل قدم تي نادم آهيان. مون کي تنهنجي ضرورت آهي. مون کي بس رڳو تون کپين. آءٌ گذريل اٺن مهينن کان توکي پنهنجي دل ۾ ويهاري ويٺي آهيان. تنهنجي عشق جو ڀُوت مون تي واسو ڪري ويو آهي. لک ڪوششون ڪرڻ کان پوءِ به، جڏهن تنهنجي عشق جي پنجوڙ مان جند نه ڇڏائي سگهيس. تڏهن اڄ گهر وارن کي ڀَتَ ۾ نشي جي دوا وجهي، کين گهري ننڊ ڏيئي پوءِ هيڏانهن آئي آهيان. هاڻ مون کي مارڻ يا جيارڻ تنهنجي هٿ ۾ آهي. پر هڪڙي ڳالهه ياد رک ته آءٌ توکي مجبور ڪا نه ڪنديس ته هروڀرو مون کي جئيندان ڏي. تون مون کي ماري به سگهين ٿو. منهنجي التجا آهي ته جي مارڻ چاهين ته هڪڙي ڌڪ سان ماري ڇڏ، ته جيئن روز روز جي مرڻ کي هيڪاندي جند ڇٽي پوي. توکي جيئن به، جتي به سولو مارڻ لڳي، اتي آءٌ پهچي وينديس. توکي منهنجو خون معاف آهي. پر جي جيارڻ چاهين ٿو ته اِهو ڪن کولي ٻڌي ڇڏ ته آءٌ توکان سواءِ جي ڪا نه سگهنديس. ڳالهه اٿئي صفا سِڌي پِڌي سونٽي جي. نڪالِڪَ، نڪا ڇِپَ.“ نصيبان هڪ ئي ساهيءَ ۾ پنهنجو اندر کولي کڻي ماستر جي اڳيان رکيو.
    ماستر نهال دين حال هڪيو ته ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو. هُو ايترو ته مُنجهي پيو هو، جو نه هُن نصيبان کي کٽ تي يا پاسي ۾ پيل ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ چيو. هُو ڪجهه ساعتون جواب ڏيڻ بنا ئي منتشر سوچن ۾ گم ٿي ويو. ۽ پوءِ هن نصيبان کي ڀرسان پيل ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ چيو ۽ انتهائي پنهنجائپ واري ۽ برجستي لهجي ۾ نصيبان کي مخاطب ٿي چيائين:.
    ”ڏس نصيبان، مون کي هتي ست اٺ سال ٿيا آهن. مون کي هن ڳوٺ وارن ايتري ته پنهنجائپ، قرب ۽ مان ڏنو آهي، جو آءٌ کين پنهنجا مائٽ سمجهندو آهيان ۽ هنن به مون کي پنهنجي ٻچي ۽ ڀاءُ جيتري محبت ڏني آهي. هاڻ ٻڌائي ته آءٌ انهن سان ڪچائي ڪيئن ڪريان...!؟ نصيبان مون کان اهو ڪُدو ڪم نه ڪرائي جو مرڳو ماڻهن جو رت جي رشتن تان ويساهه ئي کڄي وڃي.“ ماستر نصيبان کي سمجهائيندي چيو.
    ”تون ڪو به ڪچو ڪم نه ڪر، ۽ نه ئي آءٌ به ڪا حَوَس جي تسڪين لاءِ تون وٽ آئي آهيان. تون منهنجي مائٽن کان منهنجو سڱ گهر....۽....“
    ”پر اِها ته مون کي به خبر آهي ته تنهنجي ڳالهه اڳ ئي تنهنجي ماسات سان طئي ٿيل آهي.“ ماستر نصيبان جي ڳالهه پوري ٿيڻ ڪا نه ڏني.
    ”ها، رڳو ڳالهه ٿيل آهي، نڪاح ڪونهي پيل. پر عشق جي آتش ته نڪاح جي ٻن ٻولن کي به ميڻ وانگر پگهاري ڇڏيندي آهي ۽ وري نَوَن رشتن ۽ ناتن جو جهان جوڙيندي آهي.“
    ”پر مون کي ته اِها به خبر آهي ته تنهنجي برادريءَ جا ماڻهو، پنهنجي برادريءَ جي رڳو ٻئي پاڙي ۾ به سڱاوتي ڪو نه ڪندا آهن ۽ آءٌ ته ٿيس ٽئين دنگ جو ماڻهو ۽ ڌارئين برادري جو ماڻهو. سو ڪٿي ڏيندا مون کي تنهنجو سڱ....! هروڀرو پاڻ ٻئي ڏچي ۾ پئجي وينداسين. آءٌ ته خير هليو ويندس پنهنجي ڳوٺ، پر تون آزار ۾ پئجي وينديئين. تنهنجي مائٽن، ساهرن، ڳوٺ وارن ۽ تنهنجي مڱيندي جي نظرن ۾ اچي وينديئين. پوءِ تنهنجو جيئڻ عذاب ٿي پوندو. تنهن ڪري اهڙو قدم کڻجي ئي ڇو، جنهن ۾ رڳو نقصان ئي نقصان هجي....! ماستر ٻيهر نصيبان کي سمجهائيندي چيو.
    ”اڃا ٻيو گس به آهي....!“ نصيبان ڌيرج سان چيو.
    ”سو ڪهڙو؟“
    ”پاڻ نڪري هلون.“ نصيبان پرسڪون لهجي ۾ چيو.
    ”نصيبان....! تون ڇا چيو؟ نڪري هلون...!“ ماستر حيران ٿيندي چيو.
    ”ها. نڪري هلون.“ نصيبان وري به بنا ڪنهن تاثر جي چيو.
    ”ڇا ڳوٺ وارن کي آءٌ سندن خلوص، قربن، پنهنجائپ ۽ عزت جو اِهو صلو ڏيان ته ست اٺ سال نمڪ پاڻي کائي پيءُ، موٽ ۾ سندن ٻانهن ڀڄائي وڃان....! سندن عزت، غيرت ۽ مان کي مٽيءَ ۾ ملائي پنهنجي مُنهن ۾ ڌوڙ پايان...!! اُنهن تان راڄ کلايان، جن مون کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون...!؟ نصيبان... نصيبان، ماڻهو پنهنجي جذبن جي تسڪين لاءِ ايترو به هيٺ ڪِري سگهي ٿو، مون ڪڏهن ائين سوچيو به ڪو نه هو. مون کان اهڙو ڪوجهو ڪم ڪو نه ٿي سگهندو... آءٌ ائين نه ڪري سگهندس....!“
    ”ته پوءِ هڪڙي سرداري مون تي ڪر.“ نصيبان ساڳئي پرسڪون انداز ۾ چيو.
    ”ڪهڙي؟“
    ”مون کي ماري ڇڏ.“
    ”اِهو بڇڙو ڪم به ڊيڊ کان ٿي ڪرائڻ چاهين! آءٌ ائين به نه ڪري سگهندس.“
    ”خير تون نه ماريندين ته ماري ته آءٌ به پاڻ ئي پاڻ کي ڇڏينديس. پر منهنجي دل ٿي چاهي ته تنهنجي هٿن سان تنهنجي هنج ۾ ساهه ڏيان، ته من منهنجي تڙپندڙ روح کي سڪون اچي ۽ منهنجو آخري پساهه سولائيءَ سان پرواز ڪري وڃي.“
    ”پر آخر تون اهڙي تقاضا ئي ڇو ٿي ڪرين، جنهن سان تنهنجي جان داءَ تي لڳي. ڇا اِهو ضروري آهي ته جيڪا ڳالهه چاهجي، سا پوري ٿئي، نه ته جيئڻ تان ئي هٿ کڻي ڇڏجي..!؟“
    ”اِهي عقل وارن جون ڳالهيون آهن ۽ عقل وارن کي ئي سمجهه ۾ اينديون هونديون. جيڪي ماڻهو ڪنهن جي چاهت ۾ چريا ٿيندا آهن، تن کي انهن هدايتن ۽ نصيحتن جو ڪو به اثر ڪو نه ٿيندو آهي.“
    ”ڀلي ڪو چريو مجذوب هجي، پر پوءِ به پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي عزت جو ته خيال ڪرڻ گهرجي نه. صفا ايئن ليڪا لتاڙڻ کي ڇا چئجي؟“
    ”جيڪي وڻيئي سوچئو. باقي هن مهل منهنجي اڳيان صرف ٻه ڳالهيون آهن. توسان ملاپ، يا موت. ۽ بس.“
    ”اِهو تنهنجو آخري فيصلو آهي...؟“ ماستر کانئس پڇيو.
    ”ٻي ڳالهه ڪا نه ٿيندي.“ نصيبان فيصله ڪن ۽ برجستي لهجي ۾ چيو.
    ”ته پوءِ منهنجي هڪڙي ڳالهه مڃ.“
    ”ڪهڙي؟“
    مون کي پنج مهينا مهلت ڏي.“
    ”ڀڄڻ ٿو چاهين؟“
    ”نه، قطعي نه.“
    ”ڪيئن اعتبار ڪريان؟“
    ”هن مهل ڪيئن مون تي اعتبار ڪري گهران نڪتي آهين؟“
    ”پنج مهينا الاهي آهن.“ نصيبان ڳڻتي ظاهر ڪئي.
    ”لطيف سائينءَ چيو آهي ته ”جي قيام مِڙن، ته به اوڏا سپرين...! هيءَ ته پنجن مهينن جي ڳالهه آهي.“
    ”الاجي ڇو، منهنجي دل ٻڏي پئي....! مون کي اعتبار نٿو اچي....!“ نصيبان روئڻهارڪي ٿيندي چيو.
    ”ڏس نصيبان، مون کي پنهنجي مائٽن سان به ڳالهائڻو پوندو. کين راضي ڪرڻو پوندو. ايئن جي اوچتو ئي اوچتو پاڻ هلي بيهي رهون۽ جي هو توکي قبول نه ڪن ته پوءِ؟ تنهن ڪري مون کي وقت ته لڳندو.“
    ”مون سان ويساهه گهاتي ته نه ڪندين....؟“ نصيبان وري خدشو ظاهر ڪيو.
    ”اميدن تي دنيا قائم آهي. الله مان آسرو نه لاهي. مالڪ مڙيئي چڱي ڪندو.“
    ”پر الاجي ڇو منهنجي دل گهٻرائي رهي آهي. ماستر مون سان اٽڪل ته نه ڪندين!“
    ”نصيبان، آءٌ نٿو چاهيان ته ڪو به ماڻهو منهنجي هٿان، يا منهنجي ڪري ڪنهن ٻئي جي هٿان، يا مرڳو پاڻ پنهنجي هٿان موت جو کاڄ بڻجي. ساڳي طرح آءٌ اِهو هرگز ڪو نه چاهيندس ته منهنجي ڪري تنهنجو خوبصورت جيون به موت جي ور چڙهي وڃي. باقي سڀاڻي ڇا ٿيڻو آهي، سا ڪهڙي خبر! تون ڀروسو ڪر. آءٌ پنهنجي وس آهر هر ممڪن ڪوشش ڪندس ته تون کلندي خوش ٿيندي زندگي گذارين.“
    ”پوءِ آءٌ وڃان ٿي.“ ايئن چئي نصيبان ڪُرسيءَ تان اٿي ۽ پاڻ کي چنڙيءَ پوتيءَ ۾ ويڙهي سيڙهي وڃڻ لڳي ۽ پٺيان ماستر نهال دين کي سوچن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ڇڏي ويئي.
    ***
    ۽ پوءِ ماستر نهال دين هڪ مهيني کان پوءِ، بظاهر هڪ مهيني جي حقي موڪل وٺي، پنهنجي ڀيڻ جي شاديءَ جي تياريءَ لاءِ، ڳوٺ وارن کان روايتي انداز ۾ اڳوڻي وانگر موڪلائي هليو ويو. پر جڏهن ماستر مهيني کان پوءِ به نه موٽيو، تڏهن سڀني ڳوٺ وارن کي فڪر ورائي ويو ته ماستر اڃا الاجي ڇو ڪو نه وريو. پر نصيبان جا ته جهڙوڪر ڇيهه ڇڄي پيا. هُن کي اُڍڪو ته پهريائين ئي هو ته الاجي نهال دين ساڻس اٽڪل پيو ڪري...! پر هاڻ ته کيس پڪ ٿي ويئي ته واقعي ماستر ساڻس ويساهه گهاتي ڪري ويو آهي. پر هوءَ ڪري به ڇا ٿي سگهي!؟ دل جو سور دل ۾ سانڍي ماٺ ڪري رهي. اُن هوندي به هوءَ پنهنجي پيار مان نااميد ڪا نه ٿي هئي. هن پنهنجي مُنهن پئي سوچيو ۽ گهڻو ئي سوچيو ۽ پوءِ عهد ڪيو ته ڀلي نهال ڪيترو به وٽانئس پري ڀڄي، پر هوءَ ضرور کيس لوچي لهندي.
    ڏيڍ مهيني کان پوءِ ماستر نهال دين جي جاءِ تي ٻيو هيڊ ماستر اچي دخل ڪار ٿيو. جنهن جو چوڻ هو ته ماستر نهال دين پهريائين ته برابر حقي موڪل ورتي هئي. پر پوءِ سندس والد جي فوتيءَ جو سبب ڄاڻائي هتان پنهنجي بدلي ڪرائي ڇڏي آهي. هاڻي هُو سکر ضلعي جي ڪنهن اسڪول ۾ ڊيوٽي ڪري رهيو آهي. پوءِ ڪيترائي ڏينهن ماستر نهال دين ڳوٺ وارن جي زبان جو موضوع رهيو. ڪن سندس سهڻي ۽ بي داغ ڪردار جي واکاڻ ڪئي ۽ ڪن سندس ملنساري ۽ پنهنجائپ جي ساراهه ڪئي. پر سڀئي ڳوٺاڻا هڪ ڳالهه تي يڪراءِ هئا ته ماستر کي ايئن بنا ٻڌائڻ ڀڄي نه وڃڻ گهرجي ها. اڄ نه، ته سڀاڻي وڃڻو ته کيس هوئي، پر گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي ايڊريس يا ڳوٺ جو ڏس پتو ته ڏيئي وڃي ها، ته ماڻهو ڪڏهن خط پٽ لکي پيو خبر چار وٺي ها. هاڻ سکر ضلعو ڪو ننڍڙو ڳوٺ ٿورو ئي آهي جو ڳولي وڃي هٿ ڪجيس. ڪهڙي خبر ته سکر ضلعي جي ڪهڙي تعلقي، ڪهڙي تپي، ڪهڙي ديهه ۽ ڪهڙي ڳوٺ يا شهر ۾ ٿو رهي، جتي ماڻهو وڃي مليس. پر وري به خير هجيس. جتي به هجي، الله ڪري خوش هجي. ماڻهو ڏاڍو ڀلو هو...! ايئن ڪجهه وقت کان پوءِ ڳوٺ وارن لاءِ ماستر نهال دين جو ذڪر پراڻي ياد بڻجي رهجي ويو هو.
    پر نصيبان جي اندر ۾ جاڪُني ٻَڙَڪي رهي هئي، تنهن جي خبر ڪنهن کي به ڪا نه هئي. ڳوٺ وارا ته پري رهيا، پر سندس گهروارن کي به خبر ڪا نه هئي ته ڪو ڀنڀور کي باهه لڳي چڪي آهي، جنهن ڪک پن سميت نصيبان جو سارو وجود ساڙي، کانئي رک ڪري ڇڏيو آهي.
    پوءِ هڪڙي ڏينهن، معمول مطابق هُوءَ پنهنجي ڳوٺ وارين ساهيڙين سان گڏجي ٻه ڪلوميٽر پري شهر وئي هئي. هو سڀئي اڪثر ڏهين پندرهين ڏينهن گڏجي شهر وينديون هيون. جتان هو سڳين، اڳٺن ۽ ٻانهوٽن لاءِ گهربل رنگين ڪشميرو، پشم، زري، ستارا ۽ ٻيو ضرورت جو سامان وٺنديون هيون ۽ ٺهيل اڳٺ، سڳيون ۽ ٻانهوٽا دڪاندارن وٽ کپائينديون هيون. اُن ڏينهن نصيبان کي سامان وٺڻ سان گڏ ٻيو ڪم به هو. هوءَ ساهيڙين کي بازار ۾ ڇڏي، پاڻ اک بچائي ويجهو ئي تعليم کاتي جي آفيس ۾ هلي ويئي. جتي هوءَ پڇا ڪري وڃي اُن ڪلرڪ تائين پهتي، جتان کيس ماستر نهال دين جي ايڊريس ۽ ڳوٺ جو ڏس پتو ڪاغذ جي ٽڪر تي لکجي مليو.
    ان ڳالهه کي به ٻه مهينا گذري ويا. ڪا به زمين ڪا نه ڦاٽي. ڪو به زلزلو ڪو نه آيو ۽ نه ئي وري ڪو آسمان ئي ڪريو. سڀ ڪجهه معمول مطابق هو. آهستي آهستي ماستر نهال دين ڳوٺ وارن کان ته وسرندو پئي ويو. پر نصيبان کان هڪ پل لاءِ به ڪو نه وسريو هو. ننڊ توڙي جاڳ ۾، ڪم ڪار دوران يا وانڌڪائيءَ ۾، سهيلين سان ڪوڏين ڪڏندي توڙي اڳٺن جا ٽونئر ٺاهيندي، سڳيون يا ٻانهوٽا ٺاهيندي، ماني پچائيندي توڙي ساڳ رڌيندي هُو هر وقت نصيبان جي دل ۾ پيو هُرندو هو. سچ چيو آهي لطيف سائينءَ ته:
    ديسي سيڻ ڪجن، پر ديسي ڪهڙا پرين؟
    لڏيو لاڏوڻا ڪيو، پنهنجي ديس وڃن،
    پڄاڻان پرين، ڪجي بس ڀنڀور کان.
    سو ماستر نهال دين به نصيبان لاءِ پرديسي هو ۽ هُو پنهنجي ديس هليو ويو هو. ماستر جو خيال هو ته ڳوٺ وارن جي ايڏي قرب ۽ مان ڏيڻ جي موٽ ۾ سندن نياڻي ڀڄائي وڃڻ ڪنهن به طرح مناسب ناهي. تنهن ڪري هُن فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته هُو سک پور ڳوٺ ڇڏي ويندو ۽ اُن فيصلي تحت هُو ڳوٺ ڇڏي هليو ويو هو. وڃڻ کان پوءِ هُو مطمئن هو ته هُن ڪو به ڪچو ڪم ڪو نه ڪيو آهي. جنهن تي کيس شرمساري ٿئي. باقي رهي نصيبان، سا پاڻيهي روئي رڙي، ڪجهه ڏهاڙن کان پوءِ مون کي وساري ڇڏيندي. پر جي نه وساري سگهي، ته به مون تائين پهچڻ سندس لاءِ ناممڪن آهي.
    پر ايئن نه ٿيو .
    ان ڏينهن به نصيبان ڳوٺ جي ٻين ڇوڪرين سان گڏ شهر ويئي هئي. ان ڏينهن به وٽس اڳوڻي وانگر هڪڙي هڙو ٽڙي هئي. پر اُن ڏينهن هڙوٽڙيءَ ۾، شهر ۾ کپائڻ لاءِ سڳيون ۽ اڳٺون، ڪين هيون، پر سندس ٻه وڳا ۽ سڳين، اڳٺن ۽ ٻانهوٽن مان ميڙيل پئسا هئا. ان ڏينهن کيس شهر مان نه ڪجهه وٺڻو هو ۽ نه ئي ڪجهه کپائڻو هو. بازار ۾ گهڙڻ کان پوءِ هوءَ ٻين ماين کان ڇڄي وڃي بس اسٽاپ تان حيدرآباد جي بس ۾ چڙهي. اڇي برقعي ۾ هجڻ ڪري کيس شهر مان نڪرڻ ۾ ڪا به رڪاوٽ سامهون ڪا نه آئي. حيدرآباد ۾ لهي ٽيشڻ جي پڇا ڪري، ٽڪيٽ وٺي وڃي سکر واري ريل ۾ چڙهي.
    جيڏي مهل ڇوڪرين جي ورڻ جو ٽائيم ٿيو، تيڏي مهل ٻيون ته سڀ اچي گڏ ٿيون، پر نصيبان ٺهي ئي ڪا نه. پوءِ ڇوڪرين وَرَ ڦِرَ ڏيئي نصيبان کي ڳوليو پر نصيبان هجي ته ملي. پوءِ ڳوٺ جي هڪ ٻن مردن سان به ڳالهه ڪيائون، جيڪي ڪم سانگي شهر ۾ آيا هئا. پر ٻيو مڙيو ئي ٿيو خير! اُهو ڏينهن ۽ پوءِ ڪيترا ڏينهن لاڳيتو ڳولا، پڇا، وڙولون، وٺ وٺان، هڻ هڻان... چڱن مٺن تي بار بوجها وڌا ويا... پيرن تي پڙ ڀاسيا ويا... ڦالن ۽ حاضرات وارا گهرايا ويا... پر نصيبان جو نه کُرِ لڳو ۽ نه پَير....! نه ڪو ڏس مليو ۽ نه ئي ڪو ئي پتو پيو. خبر ناهي کيس زمين ڳيهي ويئي يا هوءَ اڏامي آسمانن جي وسعتن ۾ ڪٿي گم ٿي ويئي. ڏينهن، هفتا ۽ پوءِ مهينا پئي پڇائون هليون. نيٺ ٿڪي ٽٽي وارث آسرو لاهي، صبر ڪري ويهي رهيا.
    ۽ ماستر نهال دين تڏهن ڏاڍو حيران ٿيو هو، بلڪه ڏاڍو پريشان به ٿيو هو، جيڏي مهل،. هڪ ڏهاڙي 11 وڳي ڌاري سندس ڳوٺ جي اسڪول ۾، جتي هُو پڙهائي ڪري رهيو هو، اڇي برقعي ۾ ڪا عورت لنگهي آئي هئي.
    شايد ماستر نهال دين کي اڃا عشق جي آتش جو سيڪ ڪو نه لڳو هو. شايد اڃا کيس اها خبر ڪا نه هئي ته عشق ڪرڻ وارن لاءِ پابنديون ۽ بندشون، ڪوٽ ۽ قيد، پهرا ۽ فاصلا، پهاڙ ۽ سمنڊ ڪا گهڻي اهميت ڪو نه ٿا رکن. اُنهن کي نه اخلاقي حدبنديون، نه مذهبي وڇوٽيون ۽ نه ئي قانوني حجتون روڪي سگهنديون آهن. سو جڏهن هُن نصيبان کي سندس اسڪول ۾ ايندي ڏٺو ته حيرت کان مرڳو وات ڦاٽي ويس. پر پوءِ هُو هڪدم اُٿيو ۽ نصيبان کي پنهنجي گهر وٺي ويو ۽ گهر وارن کي چيائين ته نصيبان جو هر طرح جو خيال رکيو وڃي.
    ۽ اُن رات ماستر نهال جي گهر ڪَٺ مِڙيو هو، جنهن ۾ نهال جي گهر جي ماڻهن کان سواءِ سندس چاچا، ماما، چاچيون، ماميون ۽ سئوٽن ماساتن سان گڏ سندن برادر جو سريال به شريڪ هو. سڀني کان پهريائين ماستر نهال نصيبان جو تعارف ڪرايو ۽ پوءِ سندن پهرين ملاقات ۽ ان ۾ ٿيل گفتگو ۽ پوءِ نصيبان کان جند ڇڏائي ڀڄي اچڻ جو سربستو احوال ڪري ٻڌايو ۽ چيو ته ”مون محسنن سان، مون کي ٻچو سمجهندڙ پنهنجي مائٽن سان دولاب ڪرڻ ۽ سندن عزت سان کيڏڻ بدران ماٺ مٺيءَ ۾ واپس هليو اچڻ کي وڌيڪ مناسب سمجهيو ۽ ايئن ئي ڪيو. پر هاڻي جڏهن نصيبان اُهي سمورا باهه ۽ رت جا دريا پاڻ مرادو اورانگهي مون تائين پهتي آهي، تڏهن منهنجي اوهان سڀني کي گذارش آهي ته نصيبان کي منهنجي زال طور قبول ڪيو وڃي ۽ اسان جي شاديءَ ڪئي وڃي.“
    ”پر اسان کي اهڙي ٻاهرَ پيري نُنهن ڪا نه گهرجي. جيڪا پنهنجي ماءُ پيءُ جو گهر ڇڏي، اٺ ضلعا لتاڙي هيستائين پهتي آهي، سا، ڪهڙي خبر ته سڀاڻي مڙس کي به ڇڏي اڃا اڳتي ٽپي وڃي. اسان کي اهڙي ننهن کي گهر ۾ آڻي پنهنجو خاندان رُسوا ڪونهي ڪرڻو. تنهن ڪري منهنجي صلاح آهي ته ٻه ڄڻا گڏجي وڃي کيس سندس مائٽن حوالي ڪري اچن. يا خط لکي سندس وارثن کي گهرائي ٻانهن سندن حوالي ڪئي وڃي. جي ايئن به نه ته مرڳو ٻانهن پوليس جي حوالي ڪري پنهنجي جان ڇڏائجي“. هيءُ نهال جو وڏو چاچو هو، جيڪو نهال کي پنهنجي ڌيءَ جو سڱ ڏيڻ جو ارادو ڪريو ويٺو هو.
    ”چاچا وڏا، تون اسان جو ابو آهين. تو لاءِ لک عزتون آهن. پر نصيبان تي ٻاهرَ پيريءَ جو الزام نه لڳاءِ. اِن ڳالهه جي آءٌ ساک ٿو ڏيان. باقي هوءَ منهنجي لاءِ پنهنجو گهر ته برابر ڇڏي آئي آهي. هونئن به ڌيئن کي مائٽاڻان گهر ڇڏڻا ته پوندا ئي آهن.“ نهال نصيبان جو پاسو کنيو.
    ”ڪيئن به آهي؟! ڪهڙي به آهي!! منهنجي پٽ لاءِ هيڏا ڪشالا ڪڍي جو منهنجي گهر پهتي آهي. سا هاڻي منهنجي گهر مان ٻاهر ڪڍڻ آءٌ بنهه ڪا نه ڏينديس. هاڻي نصيبان منهنجي نُنهن آهي. اسان جي گهر جي لڄ آهي ۽ لڄ ڀولڙي کي به پياري هوندي آهي. اسين ته وري به انسان آهيون. ڳالهه اٿو صاف سڌي.“ نهال جي ماءُ ڳالهايو.
    بحث ڇڙواڳ ٿي ويو. جنهن کي جيئن ٿي آيو، تيئن ٿي ڳالهايو. خاموش هئي ته رڳو هڪڙي نصيبان هئي، جنهن جي نصيب جو فيصلو ٿي رهيو هو. سڀني ڳالهائي دنگ ڪيو. گوڙ گهمسان ٿورو گهٽيو، تڏهن سندن سريال ڳالهايو. سندس پهريون سوال نصيبان کان هو:”ڇوڪري، توکي ڪجهه چوڻو آهي؟“ سريال ٿڌي لهجي ۾ پڇيو.
    ”ماما.....، مون نهالَ لاءِ سمورا سڱ ٽوڙي پنهنجو گهر ڇڏيو آهي. هاڻ منهنجو جيئڻ مرڻ اوهان جي وس آهي، جي مون کي پنهنجو ڪريو ٿا ته آءٌ سڄي عمر اوهان جي گهر جي گولي ٿي گذارينديس. باقي واپس وڃي به مون کي اُتي مرڻو آهي، سو هتي ئي منهنجو خون اوهان کي معاف آهي. واپسيءَ جي تڪليف ئي نه ڪريو.“ ايئن چئي کائنس اوڇنگار نڪري ويئي ۽ هوءَ ڳچ دير تائين روئندي رهي.
    ماحول سڄو سوڳوار ۽ جذباتي ٿي ويو. خاموشي پوءِ آهستي آهستي چڻ ڀڻ ۾ تبديل ٿي ويئي. وري به ڳالهائڻ ٿيا ۽ پوءِ هڪوار وري به ماٺار ٿي ته سريال وري ڳالهايو. هن ڀيري هُن پنهنجو فيصلو ٻڌايو هو: ”ابا ڳالهه ٻڌو....“ سڀ خاموش ٿي ويا. ”نصيبان، هن مهل کان پوءِ منهنجي ڌيءَ آهي. نهالَ تون سُڀان رات ٻه مرد ۽ ٻه مايون وٺي اچي منهنجي گهر نصيبان کي پوتي پارائي شاديءَ جا ڏينهن چٽاڪري وڃو. تيستائين نصيبان منهنجي ڌيءَ ٿي، منهنجي گهر ۾ رهندي.“ ايئن چئي سريال اٿيو ۽ نصيبان کي ڳراٽڙي پائي، مٿي تي چمي ڏيئي کيس هٿ کان جهلي پنهنجي گهر وٺي وڃڻ لڳو. نهالَ جي ماءُ ۽ ڀيڻيون، چاچيون توڙي ماميون به ساڻن گڏجي وڃي کيس سريال جي گهر ڇڏي آيون.
    ”آءٌ واٽون سدا ويٺي نهاريان
    الا..... من منهنجا ڏوٿيئڙا اچن، آءٌ واٽون سدا ويٺي نهاريان....!“
    نصيبان کي سک پور ۾ پنهنجو گهر ڇڏيندي اڄ اندازن 50 سال کن ٿيا هئا. جڏهن گهر ڇڏيو هئائين، تڏهن هوءَ مکڙيءَ مان ٽِڙي تازو گل مس ٿي هئي ۽ اڄ هوءَ 65-66 سالن جي هئي. شاديءَ کان پوءِ نهال کيس پنهنجي سِرَ سان گڏ سانڍيو هو. نصيبان به سندس ڀرپور ساٿ ڏنو هو. ايئن ڏسندي ڏسندي اڌ صدي گذري ويئي. ان دوران نصيبان کي ڪڏهن ڪڏهن پنهنجا مِٽَ مائٽ ياد پوندا هئا ته هوءَ اٻاڻڪي ٿي ويندي هئي۽ ڪيترا ڏينهن دنيا جهان کان بيگاني ٿي پنهنجي مُنهن پئي هلندي هئي. ماٺ مٿس واسو ڪري ويندي هئي. پر هوءَ پنهنجو اندر ڪنهن سان به ڪا نه اوريندي هئي.
    اڄ به نصيبان کي پنهنجا اباڻا ياد اچي ويا هئا. خبر ناهي ته جيئرا به هئا يا الله کي پيارا ٿي ويا هئا. پر هوءَ کين ياد ڪري روئي ويٺي هئي. سندس آس هئي ته هڪڙو ڀيرو.... رڳو هڪڙو ڀيرو.... هوءَ پنهنجا اباڻا پڊ ڏسي اچي، ته جيئن سندس حياتيءَ جا باقي ڏهاڙا سڪون سان گذاري سگهي. اُن آس جي آسري تي ئي ته هوءَ جيءُ رهي هئي. نهال دين ته رهيو ڪو نه هو. ٻه وڏا پٽ ۽ ٽي ڌيئر پرڻائي ڇڏيون هئائين، جيڪي سڀ پنهنجو الڳ الڳ جهان اڏيو مڏيو ويٺا هئا. باقي سندس پٽ ڪمال ۽ شاهينه ساڻس گڏ هئا. هوءَ، هُنن کي ڪيئن ٻڌائي ته هوءَ هِتي ڀڄي آئي هئي... کين ڪيئن سمجهائي هوءَ پنهنجي اباڻن پڊن کي ڏسڻ لاءِ مانڌي ٿيو ٿي مري. کين ڪيئن چوي ته کيس وٺي هڪ ڀيرو هلي سک پور ڏيکاري اچو ته جيئن پڇاڙيءَ جا پساهه سڪون سان پورا ڪري سگهان...!
    منجهان منهنجي روح، جي وڃي ساڄن وسري،
    مر لڳي لُوههَ، ٿر ٻاٻيهو ٿي مران. - (شاهه)
    1 جنوري 2013ع


    مُلههَ مهانگو سپرين

    اختر، جيڪو پهرين پاڻ به غريب هو، ته سندس پيءُ به غريب هو. پر اُن هوندي به جيئن تيئن ڪري انٽر پاس ڪري هُو پرائمري استاد ٿي ويو هو. پوءِ هُن ماستريءَ دوران به پنهنجي تعليم جاري رکي. سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ته هونئن به تعليم جو ٻيڙو ٻڏي پيو آهي. ڪاپي ڪلچر زنده باد! سو هُو به رڳو امتحانَ ڏيندو پهريائين بي اي، ۽ پوءِ ايم اي پاس ڪري، پنهنجو ڪيڊر چينج ڪرائي انگريزي ماستر ٿي ويو. ادب سان دلچسپي هئڻ ڪري ادبي دنيا ۾ ڪاهي پيو. واسطا وڌيا ته تعلقات تيزيءَ سان وڌڻ ويجهڻ لڳا. پرنٽ ميڊيا ۽ پوءِ اليڪٽرانڪ ميديا، موبائيل سيل ۽ انٽرنيٽ ماڻهوءَ کي الاجي ڪٿان جو ڪٿي پهچايو ڇڏي. ناما چاري ٿي، اٿڻ ويهڻ وڌيو ته لوازمات به نوان نوان نکرڻ لڳا. سنڌ ۽ ملڪ جي اديبن ۾ نالو گردش ڪرڻ لڳو. ڪراچي، ڪوئيٽا، لاهور ۽ اسلام آباد تائين پهچَ ٿي ته مڙس جي ڀلي ڀلي ٿي ويئي. اديبن جو پليٽ فارم استعمال ۾ آيو. ميڊيا جي يارن ياري نباهي. ڪجهه سياسي شخصيتن جي دعا سلام، ته ڪن اقتداري معززين سان هٿ جوڙ ۽ ڪجهه پنهنجون صلاحيتون ڪتب آيون ته مرڳو همراهه غريب غُربي جي هٿ ڇهڻ کان ئي چڙهي ويو. ڀلا ڀائيرَ! ڀاڳ سان ڀلا ڪنهن جي ريس!! جيڪو جڏهن چڙهي، سو تڏهن سوار!!.
    ايئن ڏسندي ئي ڏسندي، اختر چاڙهيءَ وارا ڏاڪا چڙهندو، ڊُگَهه ۽ رَلو ڊوڙندو مرڳو ئي آسمان کي وڃي ڇهڻ لڳو هو. ڳوٺ مان لڏو کڻي اچي حيدرآباد ۾ مسواڙي جاءِ ۾ رهڻ لڳو. وڏو شهر، ته هر شيءِ وڏي. کائڻ ۽ پائڻ جو معيار وڌڻ لڳو. يارن ۽ مهمانن جو اچڻ وڃڻ وڌڻ لڳو. گهر جي ضرورتن۽ آرائشن ۾ به اضافو ٿيڻ لڳو. اٿ ويهه وڌڻ ڪري ڀاڙن ڪراين جو اضافي خرچ ٿيڻ لڳو. ايئن اختر ڏٺو ته سندس مهيني جو پگهار ته ٺهيو پر مرڳو گڏ ڪيل ٻه ٽي ڏوڪڙ به پوري ڪو نه ٿي پيا. همراهه ماڳهي قرضي پئي ٿيو. وڏو شهر کيس مهانگو پئي پيو.
    پوءِ ڇا ڪجي....!؟
    هڪڙو رستو اختر کي ڪارائتو ڏسڻ ۾ آيو....!
    ڇو نه ڪا غير سرڪاري تنظيم Non Government organization (اين جي او) رجسٽر ڪرائجي! هونئن به اين جي اوز جي وبا سڄي ملڪ وانگر سنڌ کي به وڪوڙي ته ويئي آهي. ڪيترا ڏسڻا وائسڻا ماڻهو، قوم ۽ ڌرتيءَ جو ڀلو چاهيندڙ ماڻهو به هاڻ بنهه لاهي پائي NGOs ۾ ڪاهي پيا آهن ۽ ڄاڻندي ٻُجهندي به چند ڏوڪڙن عيوض پنهنجي ڌرتيءَ ۽ قوم جي ذري پُرزي جا انگ اکر ڌارين قوتن کي گڏ ڪريو پيا فراهم ڪن.
    سو اختر به فيصلو ڪيو ته ڇو نه موقعي جو فاعدو وٺجي ۽ ڪو ڌڪ ڀرجي. هونئن به جڏهن سڄو ملڪ منصور لڳو پيو آهي. ڊالرن جو مِينهن اوهيرا ڪريو پيو وسي. هرڪو گروگنجو ٻانهن پيو لوڏي. الاجي ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو، جن کي سرڪاري بيلداري به ڪا نه ٿي ملي، سي هينئر ”ڦُونسَ مان سليمان“ ٿيو اسي هزار رپيه ماهوار پگهار پيا کڻن. جيڪي ڪڏهن گڏهه تي به ڪو نه چڙهيا، سي اڄ پي آءِ اي جي اڏامن ذريعي ڪراچي ۽ اسلام آباد جا ٽوئر پيا ڪن. پوءِ اسين ڇو نه پنهنجو مستقبل روشن ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيون.
    پوءِ هُن به، لاڙ ۾ نياڻين جي تعليم جو سکڻو نعرو هڻندڙ هڪڙي غير سرڪاري سماجي تنظيم جي پيروي ڪندي، هڪڙي سماجي بهبود لاءِ ڪم ڪندڙ NGO رجسٽر ڪرائي. جنهن جو صدر پاڻ ٿيو، پر باقي ٻيا عهديدار بنهه معمولي پڙهيل ۽ بي سمجهه واڇائون کڻي ڀرتي ڪيائين. جيڪي رڳو ڀاڙي ۽ ڀتي تي سندس ونگار پيا وهندا هئا. ڊونر ايجنسيسز ڏانهن موڪلجندڙ ڳرن ووچرن تي رڳو کانئن صحيحون وٺندو هو. باقي انهن کي انگريزيءَ ۾ ٺهيل ووچرن جي ماليت جي به خبر ڪا نه پوندي هئي. اردوءَ وارا چوندا آهن ته ”جڏهن الله ميان حُسن ڏي ٿو ته نزاڪت خودبخود اچي ويندي آهي.“ ساڳي طرح جيڏي مهل اختر جي به ڪرنسي چينج ٿي، يعني ڳالهه جڏهن پاڪستاني روپين مان ڦري آمريڪي ڊالرن ۾ ٿيڻ لڳي، تڏهن ماستر اختر ڦري اختر صاحب ٿي ويو. ڪهڙي ڳالهه ڪجي، جڏهن پروجيڪٽن مٿان پروجيڪٽ ملڻ لڳا، تڏهن هڪ پاسي اسڪيمون ٺهڻ لڳيون، اسٽيميشنون جُڙڻ لڳيون، وفد فيلڊ وزٽ ڪرڻ اچڻ لڳا، اَويئرنيس لاءِ ڪانفرنسون منعقد ٿيڻ لڳيون، ورڪشاپ، اوپن ميٽينگون ۽ ڪارنر گڏجاڻيون ٿيڻ لڳيون، عوام ۾ سجاڳي آڻڻ لاءِ ريليون، جلسا ۽ جلوس ٿيڻ لڳا. ۽ اهي سڀ شيون، مڙيئي ڳالهيون ۽ هڙيئي وارداتون تصويرن ۽ وڊيو موويز ڪيسيٽن ۾ محفوظ ٿي ڊونر ايجنسيز جي اعليٰ اختيارين کي ڏيکارڻ لاءِ گڏ ٿينديون رهيون. شاباش هجي ڪميپوٽر کي، جو پرائين ريلين جي اڳيان هلندڙ ماڻهن جا چهرا بدلايو پنهنجا ڪريو ڇڏي. ساڳي طرح ڪاغذن مان به فائيل ڀرجڻ لڳا ۽ فائيلن مان الماريون ڀرجڻ لڳيون. باقي سر زمين ته ٿر جي واريءَ وانگر اهڙي جي اهڙي. نه اُتي ڪو مينهن وٺو ۽ نه ئي ڪا اوڀڙ اُڀڙي. نه ڪو وڻ وجود ۾ آيو ۽ نه ئي ڇانوَ ڇانورو ٿيو. اهڙي طرح ”ڀلي ڀلي“ ٿي ويئي. هزارن جي جاءِ تي لکين رپين جا ۽ لکن جي جاءِ تي ڪروڙين رپين جا ووچر ٺهڻ لڳا. اختر صاحب جي هٿن ۾ پئسو سانوڻي سنڌوءَ وانگر ڪَپَ ڀري وهڻ لڳو، ”ناني رڌڻ واري ڏوهٽا کائڻ وارا“ ”نه ڪير ڪُڇڻ وارو، نه ئي ڪير پُڇڻ وارو“ ۽ وري ڊونر ايجنسيز جي چڪاس ٽيمن ۾ وري ڪي فرشتا ويٺل آهن ڇا!؟ ”اوهين به کائو ۽ اسان کي به کارايو“ واري پاليسي زنده باد تحت ٻئي ڌريون خوش. ڪنهن جي گهران ڇا ٿي ويو! هِتي ته مرڳو وڃڻ بدران آيو پئي...! ڇا چئجي...!.
    اصل پروجيڪٽ تي ڪم ڪرڻ بدران، رڳو پروجيڪٽ جي تعارف ۽ پبلسٽيءَ لاءِ ڪتابڙا پيا ڇپجن. غير ضروري تعارفي پمفليٽ، ڪارڊ، اسٽيڪر، ٽوپڙيون وغيره تي، جي هزار خرچ ٿين ته لکن جا ووچر پيا ٺهن. رڪارڊ پيو ٺهي. اٺن ڏهن نوجوانن تي مشتمل اسٽاف، جيڪو ڪاپي ڪلچر جي پيداوار هئڻ ڪري، رڳو ياماها موٽر سائيڪلين تي چڙهيو ڦرڙاٽ ڪڍڻ ۾ پورو. سڀ رڳو ڏيکاءُ. ڇڙو خانه پُري. نوجوان ڇوڪريون به ڏيکاءُ خاطر اسٽاف ۾ شامل ڪيون ويون ته جيئن ٻڌائي سگهجي ته عورتن کي موٽيويٽ ڪرڻ لاءِ هنن خاص فيميل اسٽاف به رکيو آهي. چڪاس ڪندڙ ٽيم جي هڪڙي پوڙهي کوٿ پنجابي ڊائريڪٽر، جيڪو اين جي اوز هلائڻ جو ڪافي تجربو رکندڙ هو، اختر صاحب کي سمجهايو هو ته ”آڊٽ گِلٽي نه ٿجانءِ، يعني ڪاغذي رڪارڊ مڪمل هجي. فائيل ڪاغذن سان ڀريل هجن. باقي فيلڊ ۾ ڀلي ”ڪاريءَ وارا ڪَکَ”، به نه هجن. ڪنهن کي لاچار پيو آهي جو ايترا ٻيا پئسه خرچ ڪري چڪاس ڪرائي ته ٻهراڙين ۾ واقعي ڪم ٿيو آهي يا نه!؟“ سو اختر صاحب به هڪڙو ڄاڻو، سنجيده ۽ ڪم وارو ماڻهو، پنج پئسه وڌيڪ ڏيئي پاڻ وٽ ملازم رکيو هو، جيڪو ڪاغذن سان فائيلن جا پيٽ ڀري رهيو هو ۽ هر شيءِ مينيج ڪري اپ ٽو ڊيٽ رکيو پئي آيو ۽ هوڏانهن وري اختر صاحب جا مختلف بينڪن ۾ اڪائونٽ به کُلندا ۽ ڀربا رهيا. توڙي جو هاڻي اختر صاحب کي اسڪول ۾ ڊيوٽي ڏيڻ جيترو وقت ڪو نه هو، پر پوءِ به هُو صاحب آن ڊيوٽي ٽيچر هو ۽ باقاعده ماهوار پگهار وصول ڪري رهيو هو.
    اِهي ڳالهيون ته سڀ ڀليون، پر هڪڙي ڳالهه اهڙي هئي، جنهن جي ڪري اختر صاحب اڪثر ڪري پريشان رهندو هو. توڙي جو هُن کي شادي ڪئي ڳچ سال ٿي چڪا هئا ۽ سندس ڌيءَ ۽ پُٽِ به اچي جوان ٿيا هئا، پر پوءِ به هُن کي گهر جو سک ڪو نه هو. شاديءَ جي پهرين رات ئي سندس ڪنوار جي ساڻس هم آهنگي ٿي نه سگهي. اُن جو سبب ڪهڙو هو؟ سا خبر ته پئجي ڪا نه سگهي هئي، پر هِن وقت به، جڏهن سندن عمر موٽڻ شروع ڪيو هو، تڏهن به سندن وچ ۾ سواءِ گهر گرهستيءَ جي ضروري مامرن جي، ٻي ڪا به ڳالهه ٻولهه ڪا نه ٿيندي هئي، جنهن سان گهر جو ماحول خوشگوار بنجي. يا قرب، محبت ۽ پيار جي فضا پروان چڙهي سگهي. شروع جي ڪجهه مهينن تائين ته اختر صاحب انتهائي ڪوشش ڪئي ته سندس ڪنوار جي سخت رويي جا ڪارڻ معلوم ڪري ۽ ازالو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، پر جڏهن هُن ڏٺو ته لک ڪوششون ڪرڻ جي باوجود به سندس ڪنوار جو ميڻ نه ڳريو ته نه ڳريو. تڏهن هُن به کيس سندس حال تي ڇڏي ڏنو ۽ پوءِ گذريل ويهه سال هنن ٻنهي مشيني انداز ۾ روبوٽن واري زندگي گذاريندي گذاري ڇڏيا. انهن ويهن سالن دوران ڪنهن مسڪراهٽ جو، کِلَ جو يا ٽهڪڙن جو ڀلجي به سندن گهر وٽان ڪڏهن گذر ڪو نه ٿيو هو. جڏهن هو اڪيلا هئا، تڏهن به سندن وچ ۾ وڇوٽيون هُيون ۽ جڏهن هاڻ سندن گهر ۾ ڌيءَ ۽ پٽ به وڏا ٿي چڪا آهن. تڏهن به ساڳيون وڇوٽيون برقرار هيون. ٻئي ڄڻا فقط پنهنجي ڪم سان ڪم رکڻ جا عادي ٿي چڪا هئا. گهوٽ ڪنوار جون کينچلون، انگل آرا، فرمائشون۽ رُساما پرچاءُ ته هُنن ڪڏهن ڏٺا به ڪو نه، پر زال مڙس واريون ڪچهريون ۽ دل لڳيون به سڪنديون رهيون. ايتريقدر جو هاڻي ته گهريلو عورت ۽ مرد جي وچ ۾ جيڪا باهمي صلاح مصلحت يا مشاورت ڪرڻ گهرجي، سا به ڪا نه ٿيندي هئي. باقي هڪڙي ڳالهه هئي ته اهڙي بيزار ڪندڙ ماحول ۾ رهندي به، سندس زال نه ڪڏهن ڪاوڙجي سندس مائٽن وٽ وڃي ويهي رهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ نه ئي وري اختر صاحب جي مائٽن به ڪڏهن پنهنجي نُنهن کان خفا رهڻ جو روئڻو رُنو. ٻنهي طرفن کان کين سندن حال تي ڇڏي ڏنو ويو هو ۽ ايئن زندگي جي ڍڳي گاڏي گهلبي رهي.
    چوندا آهن ته هِن مردن جي معاشري ۾ مردن جي گهوڙي کي سوين گس ميسر هوندا آهن، پر اختر صاحب هن کان اڳ ۾ ڪڏهن به زال جي رُوڊ مُوڊَ جو بهانو بنائي پنهنجي گهوڙي کي ڇڙواڳ ڪو نه ڇڏيو هو. پر آخر ڪيستائين؟! جيستائين هُو اباڻي ڳوٺ هو يا وري حيدرآباد جي ننڍڙي مسواڙي گهر ۾ رهيل هو ۽ رڳو ماستر هو، تيستائين سندس کيسو ايترو خلاصو ڪو نه هو، جو هُو ٻيو ڪجهه سوچي سگهي. پر جڏهن هُن هڪ اين جي او جو سربراهه بنجڻ بعد هڪڙو بنگلو پنهنجي گهرواريءَ جي نالي خريد ڪري اُن ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ ٻيو بنگلو پنهنجي نالي خريد ڪري، اُن ۾ اين جي او جي آفيس قائم ڪئي، تڏهن هُن ڏاڍي آسودگي محسوس ڪئي هئي. هاڻي کيس هر وقت ٻُوٿ سُڄائي هلندڙ سندس زال کان ٿورو پرڀرو رهڻ جو موقعو ميسر ٿي سگهندو هو. هاڻي هُو آفيس جي ڪم جي گهڻائيءَ جي يا ٻاهرين وزيٽرن جي اچڻ ۽ ترسڻ جي بهاني سان ڪڏهن ڪڏهن آفيس واري بنگلي ۾ به رهي پوندو هو.
    ***

    آفيس ٻاهران لڳل هڪ وڏي سائن بورڊ تي غير سرڪاري اداري جي وڻندڙ نالي کان متاثر ٿي اڪثر بيروزگار نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون نوڪريءَ جي تلاش ۾ اندر لنگهي ايندا هئا. سو اُن ڏينهن هڪڙي بنهه خوبصورت ڇوڪري ترنم ناز به پنهنجي بايو ڊيٽا جو فائيل کڻي آفيس اندر گهڙي آئي هئي. اختر صاحب اوڏي مهل فيلڊ ۾ ويل هو.
    ”مون کي اختر صاحب سان ملڻو آهي.“ ترنم ناز آفيس ۾ ويٺل اڪائونٽنٽ کي چيو.
    ”صاحب جن ته فيلڊ ۾ ويل آهن.“ جواب مليو.
    ”ڪنهن وقت موٽندا؟“ ترنم ناز وري پڇيو.
    ”هڪ وڳي جو چئي ويا آهن.“ جواب مليو.
    ترنم ناز پنهنجي ساڄي ٻانهن جي ڪرائيءَ کي ڏاڍي نزاڪت ۽ نفاست سان ورائي پنهنجي گهڙيءَ ۾ ٽائيم ڏٺو ۽ پنهنجي مُنهن ڳالهايو: ”ساڍا ٻارنهن...! اڃا اڌ ڪلاڪ لڳندو.“ وري اڪائونٽنٽ کي مخاطب ٿي پڇيائين. ”سر، توهان مهرباني ڪري کانئن معلوم ڪري وٺو ته پاڻ گهڻي دير ۾ پهچندا. جي جلد نه موٽي سگهن ته مان وري سڀاڻي اچان. يا اڃا به جيڪو حڪم ڪن.“
    ”هونئن ته توهان جي مرضي آهي ته وڃو يا Wait ڪريو، پر توهان کي اهو ٻڌائي ڇڏيان ته صاحب جن جي سڀاڻي سوير اسلام آباد لاءِ فلائٽ آهي. جتان هڪ هفتي کان پوءِ ئي موٽندا.“
    ”اوهه....!“ ترنم ناز فڪرمند ٿيندي چيو. ”پر توهان فون ته ڪري ڏسوس، سر پليز“.
    ”ٺيڪ آهي.“ ايئن چئي اڪائونٽنٽ فون کڻي صاحب جو نمبر ڊائل ڪيو.
    ”سر، هڪ فيميل ڪينڊيڊيٽ جاب جي سلسلي ۾ آئي آهي، اُن لاءِ ڪهڙو حڪم آهي.“ ۽ صاحب جو حڪم ٻڌڻ لاءِ ٿوري دير فون ڪن سان لڳائي ٻڌندو رهيو ۽ پوءِ (Yes sir) چئي فون رکي ڇڏيائين. ترنم ناز ڏانهن نهاري چيائين: ”صاحب جن پهچڻ وارا آهن.“.
    ڪجهه ئي دير ۾ اختر صاحب پهچي ويو. جيئن ئي هُو آفيس۾ گهڙيو، تيئن اڪائونٽنٽ به پٺيان اندر ويو ۽ پنجن ڇهن منٽن بعد ٻاهر نڪري ترنم ناز کي اندر وڃڻ لاءِ چيائين.
    صاحب کيس ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ چيو هُوءَ شڪريو ادا ڪندي ڪرسيءَ تي ويٺي.
    ”جي فرمايو“. اختر صاحب ڏانهس متوجهه ٿيندي پڇيو.
    ”سر، مين جاب ڪي سلسلي ۾ حاضر هوئي هون. جيڪڏهن اوهان جي اداري ۾ ڪا جاءِ خالي پيل هجي ته مان اوهان جي اداري جي خدمت ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.“
    ”پر توهان کي شايد اِها خبر ڪانهي ته اسان جي آفيس ۾ ڪو به آفيس ورڪ ڪو نه هوندو آهي، جنهن جي لاءِ آفيس اسٽاف جي ضرورت پوي. اسان جو پروجيڪٽ ۽ سمورو ڪم فيلڊ ورڪ تي مشتمل هوندو آهي. ڇا توهان فيلڊ ورڪ لاءِ افورڊ ڪري سگهنديون؟“.
    ”جي ها. مون کي اچڻ سان ئي اندازو ٿي ويو هو ته هتي دفتري ڪم جي ڪا گنجائش ڪانهي. مان فيلڊ ورڪ ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.“
    ”ڏسو محترمه، هيءَ ڪا سرڪاري آفيس ڪانهي ۽ نه ئي ڪو سرڪاري ادارو آهي جتي ڊيوٽيءَ جو وقت مقرر هوندو آهي. هِتي ته صبح جو گهران نڪربو آهي ته واپسيءَ جي ڪا خبر ڪا نه هوندي آهي ته ڪيڏي مهل وربو. ڪڏهن ماني کائڻ جو موقعو ملندو آهي ته ڪڏهن رڳو چانهه ۽ پڪوڙن تي گذارو ڪرڻو پوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته رات به فيلڊ ۾ يا آفيس ۾ ئي گذارڻي پوندي آهي. پوءِ متان توهان چئو ته مون کي سج بيٺي گهر پهچڻو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ڪم هلي ڪو نه سگهندو. اُن لاءِ توهان کي هاڻي ئي سوچي فيصلو ڪرڻو پوندو.“
    ”سر اِها مون کي به خبر آهي ته اين جي اوز ۾ فل ٽائيم جاب هوندي آهي. مان اُن لاءِ تيار آهيان.“ ترنم نازڪ هڪ اندازِ دلربائيءَ سان مرڪندي صاحب ڏانهن نهاريندي چيو.
    ”چڱو ته پوءِ اڪائونٽنٽ کان ايپليڪيشن فارم وٺي، فل اپ ڪري جمع ڪرايو ۽ هفتي کان پوءِ جيئن ئي مان اسلام اباد کان موٽان، تيئن اچي جوائن ڪجو. او ڪي!“.
    ”اوڪي سر، ٿينڪ يُوسر، آئي ايم ويري ٿينڪ فل ٽُويُوسر.“
    ”خير آ، خير آ، منهنجي مهرباني مڃڻ جي ضرورت ڪانهي. توهان رڳو پنهنجي ڊيوٽي تي توجهه ڏجو.“
    ”سر توهان کي شڪايت جو موقعو ڪو نه ملندو، انشاءَالله.“ ائين چئي ترنم ناز تمام گهڻي خوشيءَ وچان مسڪرائيندي ٻاهر نڪري ويئي.
    ”واهه واهه....! ايئر هوسٽيس ڇوري ته واهه جي ڀلي آهي....!“ اختر صاحب جهاز ۾ ويٺي هڪ هوائي ميزبان کي چانهه سَرِوِ ڪندي ڏسي اندر ئي اندر دانهن ڪئي. ”پر ٻيلي، هيءَ ته ايئر هوسٽيس آهي، جيڪي ڳولي ڳولي ٺاهوڪڙيون ۽ ملوڪڙيون ڇوڪريون ئي کڻندا آهن. پر ڪلهوڪي ترنم ناز لاءِ ڇا خيال آهي..! هُن سان به ڀلا ڀلي آهي! ڇوري ته ڪانهي، الاجي ڇا آهي...!! مون به گهڻي دنيا ڏٺي آهي، پر هُن جو ته گهر ئي الڳ آهي ۽ لڳي به وڏي ڪا ميڙا مارٿي! خير، ڪيئن به هجي پر آهي صفا مٿو مٿي تي. منهنجو ته کيس ڏسندي ئي ايمان هيٺ مٿي ٿيڻ لڳو هو. هونئن ته پروين، نسرين ۽ شيرين ۾ اڳ ئي اداري ۾ ڪم ڪن پيون ۽ تنهن کان پوءِ سڄو ملڪ مڙيو ئي منصور لڳو پيو آهي. پر هيءَ ڇوري ته الاجي ڪهڙي بلا آهي، جنهن پنهنجي پهرين نظر ۾ ئي منهنجا ته وڻ ئي وڄائي ڇڏيا آهن. نه ته هيستائين منهنجو ڪڏهن ڪيڏانهن توجهه ئي ڪو نه ويو آهي. تنهن ڪري ئي ته اڪثر دوست مون کي عورت بيزار چوندا آهن. خير....، اِن ڳالهه کي به ڏسبو....! حال هڪيو ته هن ايئر هوسٽيس کي ڏسي ڍو ڪري وٺان. زندگيءَ ۾ وري الاجي کيس ڏسڻ جو موقعو ملي، الاجي نه....!“ اختر صاحب دل ئي دل ۾ پور پچائڻ لڳو.
    ترنم ناز کي اختر صاحب جي اداري ۾ ڪم ڪندي ٽي مهينا گذري چڪا هئا. اِن عرصي دوران مٿس اختر صاحب جي مراعتن، رعايتن ۽ نوازشن جو بارشون وسڻ لڳيون هيون. هوءَ اڪثر اختر صاحب جي گاڏيءَ ۾ ئي ساڻس گڏ فيلڊ ۾ ويندي هئي ۽ انتهائي فراخدليءَ سان ملندڙ رعايتن کي انتهائي ڪشاده دليءَ سان قبول ڪندي هئي. اُن سان هڪ طرف سندس ضرورتون پوريون ٿي رهيون هيون ته ٻئي طرف اختر صاحب جي خوشنودي به حاصل ڪري رهي هئي. ٻي ڳالهه ته مجبوري ماڻهوءَ کي نه چاهيندي به الاجي ڇا ڇا ڪرڻ تي مجبور ڪريو وجهي. ٽيئن دنيا جي ماڻهن جو الميو آهي ته انهن جي تمام وڏي گهڻائي مسڪيني حالت ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهي ۽ باقي جيڪا تمام ننڍي ٿورائي پئسي واري آهي، سا وري استحصالي قوت بڻجي مسڪينن جو باقي رت به چُوسڻ ۾ پنهنجون سموريون صلاحيتون استعمال ڪري ٿي. تنهن ڪري غريب جي حالت اڃا به وڌيڪ خراب ٿيندي وڃي ٿي. توهان ڏسندو ته هِنن ملڪن ۾ قانوني ۽ شرعي طرح بدڪرداري ۽ بدپيشي ڪرڻ ۽ ڪرائڻ تي پابنديون عائد ٿيل آهن ۽ ڳريون ڳريون سزائون تجويز ڪيل آهن. پر بک، بدحالي، بي گهري، بيماري، بي علمي ۽ بيروزگاريءَ جي ڪري گهر گهر ۽ گهٽي گهٽيءَ ۾ فحاشيءَ جا اڏا هلندڙ ڏسڻ ۾ ايندا، پر ڪا به روڪ ٽوڪ ڪانهي، ڪنهن کي به ڪو اعتراض ڪونهي. هر ڪو پنهنجي وٺ وٺان ۽ هڻ هڻان ۾ ئي پورو نٿو پوي ته ٻين جو ڪهڙو خيال ڪري! ٻين تي ڪهڙو اعتراض ڪري! ٻين جي ڪهڙي اصلاح ڪري!.
    سو جڏهن ترنم ناز به پنهنجي گهر جي بدحالي، بک ۽ بيروزگاريءَ کان تنگ اچي اختر صاحب جي اداري ۾ جاب ڪرڻ لڳي هئي ۽ جڏهن سندس ۽ سندن گهر جون ضرورتون به بنا ڪنهن تڪلف ۽ حجاب جي پوريون ٿي رهيون هيون، تڏهن هُن اختر صاحب جي خوشنوديءَ کي ٻين سمورين ڳالهين کان وڌيڪ ترجيح ڏيڻ ئي پنهنجو مقصد بنائي ڇڏيو هو ۽ هيڏانهن اختر صاحب به بنهه احتياط سان، بنهه آهستي آهستي ۽ بنهه سنڀالي سنڀالي پيش قدمي ڪري رهيو هو. جتي هُن ويهه سال کن گهرو اذيتون سٺيون هيون، اتي ڪجهه مهينا وڌيڪ انتظار ڪرڻ هُن لاءِ ڪو مسئلو ڪو نه هو ۽ پوءِ جڏهن هو ڳالهين جي حد تائين بي حجاب ٿي چڪا هئا، تڏهن هڪ ڀيري اختر صاحب ترنم ناز کي اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ ڏهن ڏينهن جي ايندڙ ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪرڻ جي آفر ڪئي. کائنس پڇيائين ته جيڪڏهن هُوءَ پاڻ ۽ سندس گهروارا راضي هجن ته هُو اداري طرفان سندس نالو تجويز ڪري.
    اهڙي طرح پهريون ڀيرو اختر صاحب ترنم ناز سان ڏهه ڏينهن اسلام آباد جي هڪڙي فائيو اسٽار هوٽل ۾ صحيح معنيٰ ۾ زندگي اينجواءِ ڪئي هئي۽ پوءِ جو، جهنگ جي ٻڪري اَن کائي مِٺائي، تنهن لاءِ اُهي گس پنڌ جيڪي ويهن پنجويهن سالن کان سندس زال جي اذيتناڪ رويي سبب يا پنهنجو پاڻ تي پاڻ مسلط ڪيل پابندين جي ڪري بند ٿيل هئا، سي جهڙوڪر خودبخود کلندا ويا. رڪاوٽون صاف ٿينديون ويون. ڦاٽڪ کلندا ويا ۽ سگنل گِرين ٿيندا ويا. پهرين ترنم ناز رڳو اسلام آباد ۽ ڪراچيءَ جي ورڪشاپن، ڪانفرنسن ۽ ليڪچرن ۾ اختر صاحب سان گڏجي ويندي هئي. پر هاڻ ڪڏهن ڪڏهن فيلڊ مان دير سان موٽڻ جي ڪري آفيس واري بنگلي ۾ ئي رات ترسي پوندا هئا ۽ اِهي خبرون جڏهن ٻليءَ پير ٻليءَ پير سُري سُري اختر صاحب جي گهر پهتيون، تڏهن سندس زال نئين صورتحال کي تسليم ڪري، پنهنجي رويي ۾ نرمي آڻي موٽ ته ڪا نه کاڌي، پر مرڳو گهر ۾ وڏو هنگامو کڙو ڪري وڌو.
    جوان ٻارن جي اڳيان روز ٻئي ڏينهن زال ۽ مڙس جو شرو ۽ ڪروڌ رهندو ئي گهر جو ماحول بد کان بدتر ڪري ڇڏيو هو. جنهن ڪري هاڻي ته مرڳو اختر صاحب گهر اچڻ ئي ڇڏي ڏنو هو. باقي گهر، گهر جون ۽ ٻارن جون ضرورتون پوريون ٿي رهيون هيون. اهڙي صورتحال ۾ ٻارن ۾ ڇڙواڳي ۽ غير ذميواري پنهنجون پاڙون پختيون ڪندي پئي ويئي. گهر ۾ سڪون نالي ڪا به شيءِ پهرين به موجود ڪا نه هئي ۽ هاڻ ته مرڳو رت جي بُوءُ پيئي ايندي هئي ۽ ماءُ ۽ ڌيءَ ۾، ڀاءُ ۽ ڀيڻ ۾ به تلخي ۽ دوريءَ جا ويڇا وڌيڪ ويڪرا ٿيندا ويا. مٽن مائٽن به اچڻ وڃڻ ڇڏي ڏنو هو. نه ڪنهن جي مرتئي تي ۽ نه ئي ڪنهن جي شادي خوشيءَ ۾ سندن شرڪت ٿيندي هئي. ايئن سڄي فيملي ڊسٽرب ٿي چڪي هئي.
    ۽ جڏهن اختر صاحب گهر وڃڻ تقريبن تقريبن بند ڪري ڇڏيو هو، تڏهن هُو مرڳو پيٽ کوڙي ترنم ناز تي ئي گذارو ڪرڻ لڳو هو ۽ ترنم ناز، جيڪا ڏسڻ پسڻ ۾ ته ڪنهن بادشاهزاديءَ کان گهٽ ڪا نه هئي، پر بدقسمتيءَ سان هوءَ ڪنهن بادشاهه جي محل ۾ نه، پر هڪڙي فروٽ جي گاڏي واري جي گهر ۾ پيدا ٿي هئي، جيڪو صبح جو ٻانگ مهل اُٿي گاڏو ڪاهي فروٽ منڊيءَ ويندو هو ۽ سڄو ڏينهن شهر جي گهٽين ۾ ”ڦيري“ ڪندو، سج لٿي مهل گهر موٽندو هو ۽ اُن مان ئي جهان هلائيندو هو. سو گهر وارن ڏٺو ته ستن اٺن مهينن جي ترنم ناز جي نوڪريءَ سندن گهر جو نقشو ئي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، تڏهن سڀني گڏجي ويهي صلاح ڪئي ته ڇو نه اختر صاحب طرفان ڪيل ترنم ناز جي سڱ جي گُهر قبول ڪئي وڃي ۽ اختر صاحب جي عنايتن مان ئي پنهنجي پيرن تي بيهڻ جو سامان ٺاهي وٺجي. جڏهن اصولي طور هو سڀئي متفق ۽ راضي ٿي ويا، تڏهن ڪنهن آڙيڪاپ جي مائٽاڻي ۽ ماهراڻي صلاح تي به غور ويچار ڪرڻ لڳا ته ڇو نه اختر صاحب جي پهرين گهرواريءَ وانگر، آفيس وارو بنگلو وري حق مهر ۾ ترنم ناز جي نالي ڪرائجي ۽ پڻ جيترو بينڪ بيلينس ترنم جي نالي ڪرائي سگهجي، ڪرائي وٺجي، ڇو ته سندن خيال موجب هي ٻهراڙين جا ماڻهو، ڪيڏي مهل به ڦرندي دير ڪو نه ڪندا. اُن صورتحال ۾ گهٽ ۾ گهٽ بنگلو ته ترنم جي نالي هوندو، جتي هوءَ باقي زندگي گذاري سگهي.
    ۽ هيڏانهن اختر صاحب جي سوچ، سمجهه ۽ حواسن تي وري ترنم ناز جي جوڀن، جوانيءَ ۽ جوش ايترو ته واسو ڪري ورتو هو، جو کيس ترنم ناز کان سواءِ دنيا جهان ۾ ٻي ڪا شيءِ ڏسڻ ۾ ڪا نه ٿي آئي. جيئن ترنم ناز انگل ۽ آرا ٿي ڪيا، سي اکيون پوري پورا ڪيا ٿي ويا. اهڙي طرح ترنم ناز هاڻي اختر صاحب واري غير سرڪاري اداري جي ملازمه مان ڦري مالڪڻ بنجي ويئي ۽ ٻن مهينن اندر ئي سندس مائٽن کي به گهرائي پنهنجي بنگلي ۾ رهايائين.
    اهڙي طرح آهستي آهستي ڪري ترنم ناز اختر صاحب تي پنهنجي حسن جي جَلوَن جا پوشيده راز عيان ڪندي، پنهنجي گرفت مٿس مضبوط ڪندي رهي. جڏهن کيس ڳچيءَ ۾ ٻانهون وجهي لاڏ مان چوندي هئي: ”اختر جان، توهان سڄي عمر صدما سٺا آهن، اذيتون ۽ عذاب ڀوڳيا آهن. هاڻ توهان انهن جهنجهٽن مان آجا ٿي آرام ويهي ڪريو. مان آهيان نه پنهنجي اداري کي سنڀالڻ لاءِ، مون کي هاڻ توهان جو ٽينشن ۾ رهڻ برداشت نٿو ٿئي. سموري ڊيلنگ ڪرڻ ته مان کي اچي ويئي آهي. پوءِ توهان ڇو ٿا پريشان ٿيو.“ تڏهن اختر صاحب پنهنجي ڀلي بخت تي فخر محسوس ڪندو هو. ايئن ٿورڙي ئي وقت ۾ ترنم ناز اداري جي نئين چيئرپرسن طور متعارف ٿي ۽ ستت ئي پوءِ تنظيم جي جنرل سيڪريٽري طور پنهنجو ويجهو مائٽ ڀرتي ڪيائين ۽ پوءِ تنطيم جا ٻيا عهديدار به پنهنجي مرضي ۽ لاڳاپي وارا رکيائين ۽ ڪجهه ئي مهينن ۾ اداري جي اڳوڻي اسٽاف جي جاءِ تي به نيون ڀرتيون ڪري سمورا ماڻهو پنهنجي برادري وارا مقرر ڪيائين۽ جڏهن ڏٺائين ته هاڻ اختر صاحب جي اداري جو سڀ ڪجهه مڪمل طرح سندس قبضي ۾ اچي ويو آهي، تڏهن هُن پنهنجو اصل رُوپ نکارڻ شروع ڪري ڏنو.
    ڪجهه ڏينهن کان هڪڙو خوبصورت ۽ خوش پوش شخص پهرين سندس آفيس ۾ ترنم ناز سان ملڻ اچڻ لڳو هو ۽ پوءِ آفيس سان گڏ سندس گهر ۾ به اچڻ لڳو هو، جنهن لاءِ اختر صاحب کي ٻڌايو ويو ته هُو سندن ويجهو مائٽ آهي. پوءِ خبر پئي ته هُو ترنم ناز جو منڱيندو هو. جنهن کي ڇڏي ترنم ناز اختر صاحب سان شادي ڪئي هئي ۽ جڏهن اختر صاحب اُن شخص جي اچڻ وڃڻ تي اعتراص ڪيو، تڏهن سڄو ڊرامو کُلي سندس سامهون اچي ويو.
    اختر صاحب اڃا ڪو سخت ردِ عمل ظاهر ڪري ئي ڪري، تنهن کان اڳ ئي شهر ۾ هڪ لساني تنظيم جي ڪن ڇڙواڳ غنڊن هنگاما شروع ڪري ڏنا. جنهن جي ڪري سڄو شهر افراتفريءَ جي ور چڙهي ويو. انهيءَ ئي افراتفري ۽ هنگامه آرائيءَ جي آڙ وٺي، پروگرام تحت، ترنم ناز جي برادريءَ جي ماڻهن اختر صاحب جي آفيس واري بنگلي تي حملو ڪري ڏنو. ٻاهران ڪجهه ڀڃ ڊاهه ڪري اندر ڪاهي پيا. جتي اختر صاحب کي جهلي ڏاڍي ڦيهه ڪڍي، کيس زوريءَ گهر مان لوڌي ٻاهر ڪڍي ڇڏيائون ۽ چتاءُ ڏنائونس ته جي وري هن طرف اک کڻي نهاريو اٿئي ته تنهنجو لاش به مائٽن کي هٿ ڪو نه ايندو.
    اِهو ته شڪر ٿيو جو اختر صاحب ماستري ڪا نه ڇڏي هئي، جيڪا وري به کيس ڏکئي وقت ۾ ڪم اچي ويئي. نه ته ترنم ناز ته کيس ڪٿي جو به ڪو نه ڇڏيو هو. پنهنجي پهرين زال ۽ ٻارن کي پاڻ ڇڏي چڪو هو، ته ترنم ناز وري کيس لوڌي ڪڍي ڇڏيو هو.
    ۽ اڄ اختر صاحب، صاحب نه، خالي اختر پنهنجي اباڻي شهر جي اباڻي گهر ۾ اڪيلو ئي اڪيلو ويٺو آهي. اسڪول مان ڊيوٽي ڪري، هوٽل تان ماني کائي آيو آهي. ڪتاب آهن، جيڪي سندس اڳيان پٺيان ۽ آس پاس ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا آهن. سگريٽ سندس آڱرين ۾ جلي رهيو آهي. هُون ڪنهن گهري سوچ ۾ ٻڏل آهي.

    25 جنوري 2013ع


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 468
    ڪتابن جو مشاهدو: 399835
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 161586
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ