ڪتاب جو نالو: خليفو پيرو فقير شورو
مصنف: مولوي محمد يامين شورو
ڇپائيندڙ: ساحل پرنٽرس
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 06 اپريل 2017 ع
پڙهيو ويو: 517 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 101 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”خليفو پيرو فقير شورو “ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ مولوي محمد يامين شورو آهي.
ڪتاب سنڌ جي هڪ گمنامي جي گوشه ۾ گذاريندڙ غير معروف بزرگ، سهروردي سلسله جي سالڪ، ۽ پنهنجي حلقه ۾ غوثيه جماعت جي اهم اڳواڻ ۽ حضرت غوث بهاءُ الحق والدين محمد زڪريا ملتاني جي خانقاهه جي خليفه پيرو فقير شوري جي حالات بابرڪات بابت آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب بابت
  • حق ۽ واسطا محفوظ
  • انتساب
  • سنڌ سلامت پاران
  • مهاڳ
  • فهرست

  • شورا قبيلي جو اصل نسل
  • شورن جو راڄوڻي نظام
  • شورا درويش ۽ بزرگ
  • ڳوٺ پيرو فقير شورو هڪ تعارف
  • تحقيق جو بنيادي پٿر
  • سهروردي سلسلي جا روحاني اڳواڻ ۽ ملتاني خانقاهه جا سجاده نشين
  • خليفي پيرو فقير شوري جي دؤر جون تاريخي جهلڪيون
  • ٿر ۽ بر ۾ خليفي پيرو فقير جا پنڌ
  • بزرگ پيرو فقير شوري جو سوانحي خاڪو
  • حالات، واقعات
  • خليفو پيرو فقير جي پوٽن وغيره بابت ٻُڌل واقعات
  • بزرگ پيرو فقير شوري جو اولاد
  • يادگيريون (شورا فقير-1)
  • يادگيريون (شورا فقير-2)
  • فقيري ۽ ولايت (هڪ تحقيقي جائزو)
  • صوفي فقير، سچا سالڪ ۽ اهل سنت والجماعت
  • صوفيت، صوفي ازم ۽ تصوف
  • تصوف ۽ طريقت جا سلسلا
  • سهر وردي مشائخن جو طريقو ذڪر ۽ تسبيحون
  • وفات جون تاريخون
  • مددي ڪتاب
  • تصويري ضميما

  • ڪتاب بابت

    خليفو پيرو فقير شورو
    (فقيرانه زندگي جو تفصيلي جائزو)

    ليکڪ
    مولوي محمد يامين شورو
    (مسڻ وڏي)

    سهڪار
    فقير حاجي جان محمد شورو

    ڇپائيندڙ
    غوثيھ جماعت خانقاه پيرو فقير شورو
    ڳوٺ پيرو فقير شورو- ٽنڊو آدم
    2017ع


    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2017ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    حق ۽ واسطا محفوظ

    ڪتاب جو نالو : خليفه پيرو فقير شورو
    موضوع : فقيرانه زندگي جو تفصيلي جائزو
    ليکڪ : مولوي محمد يامين شورو
    سهڪار : فقير حاجي جان محمد شورو
    (سجاده نشين خانقاهه پيرو فقير شورو)
    ڇاپو پهريون : مارچ 2017ع
    ٽائٽل ڊزائين : مور ساگر
    ڪمپوزنگ : جهانزيب علي جوڻيجو
    ڇپائيندڙ : غوثيھ جماعت خانقاه پيرو فقير شورو- ٽنڊو آدم
    ڇپيندڙ : ساحل پرنٽرز اينڊ پبلشرز حيدرآباد. 03332634650


    ملڻ جو هنڌ
    فقير حاجي جان محمد شورو
    (سجاده نشين خانقاهه پيرو فقير شورو) ڳوٺ پيرو فقير شورو.
    0300-4778932
    رابطي لاءِ
    مولوي عبدالرحمان شورو (مدرسھ خانقاهه پيرو فقير شورو)
    0300-2386909


    انتساب

    ارپيم انهن الله لوڪ فقيرن جي
    نالي،
    جن پنهنجا ڏينهن ۽ راتيون،
    خالق جي بندگي
    ۽ مخلوق جي خدمت ۾
    گذاري،
    خدا پرستي ۽ انسان دوستي
    جي،
    وس آهر حق ادائي ڪئي.

    گر قبول افتد زھے عزّو شرف


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”خليفو پيرو فقير شورو “ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ مولوي محمد يامين شورو آهي.
    ڪتاب سنڌ جي هڪ گمنامي جي گوشه ۾ گذاريندڙ غير معروف بزرگ، سهروردي سلسله جي سالڪ، ۽ پنهنجي حلقه ۾ غوثيه جماعت جي اهم اڳواڻ ۽ حضرت غوث بهاءُ الحق والدين محمد زڪريا ملتاني جي خانقاهه جي خليفه پيرو فقير شوري جي حالات بابرڪات بابت آهي.
    هي ڪتاب 2017ع ۾ ساحل پرنٽرس، حيدرآباد وٽان غوثيھ جماعت خانقاه پيرو فقير شورو- ٽنڊو آدم پاران ڇپرايو ويو. ٿورائتا آهيون فهيم فدا شورو صاحب جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    مهاڳ

    بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
    نحمده و نصلي عليٰ رسولھ الکريم

    سنڌ جي اوليائن، بزرگن، صوفي فقيرن ۽ درويشن تي جيڪو تاريخي مواد آهي سو مختلف ڪتابن جهڙوڪ: تحفة الطاهرين حديقة الاولياء، سفينة الاولياء، مرغوب الاحباب، تاريخ تحفة الڪرام، برهانپور جا سنڌي اولياء (اردو) تذڪره مشاهير سنڌ، تذڪرة الا اولياء ۽ ڪن ٻين ڪتابن ۾ جمع ٿيل آهي.
    آڳاٽين تاريخن جي مطالعه مان معلوم ٿئي ٿو ته، ان ۾ تحقيق ۽ ڇنڊڇاڻ تي توجهه گهٽ ۽ فضيلتن، ڪرامتن، عجيب غريب داستانن، واقعن، ٻڌل سئل ڪهاڻين تي وڌيڪ آهي. ڪنهن به بزرگ جي حالات بابت گهربل معلومات جيڪا تاريخي تقاضائن کي پوري ڪري سا بنهه گهٽ. هاڻي هن دؤر ۾ جيڪڏهن ناقدانه نظر (ڇنڊ ڇاڻ واري سوچ) سان ڪا تحقيق به ڪجي ٿي ته، اها بزرگن جي تاريخ سان هٿ چراند تصور ڪئي وڃي ٿي. حالانڪ جنهن مواد کي جيستائين تنقيد جي ڪسوٽيءَ تي رکي نه ٿو پرکجي تيستائين ته اهو مواد خود قابل اعتماد نه ٿو رهي. اسان هن ڳالهه جا حمايتي آهيون ته، تاريخ ۾ اهڙي تحقيق ۽ ڇنڊ ڇاڻ ٿيڻ گهرجي، ته جيئن نج حقيقت، ملاوٽ کان پاڪ صاف ٿي اسان جي سامهون اچي ۽ اهڙي ڇڻيل ڇنڊيل حقيقت لازمي طرح ڀروسي جوڳي هوندي نه رڳو اوليائن سڳورن بابت تاريخون، پر خود سنڌ جي باري ۾ لکيل مشهور تاريخ فتح نامه سنڌ عرف چچ نامو به افسانوي رنگ کان بچي نه سگهيو آهي. ان ۾ به اهڙي تحقيق ۽ ڇنڊ ڇاڻ جي ضرورت آهي. پر اصل مسئلو آهي ته، اسان ڪهڙي آڌار تي انهن تاريخن تي تنقيدي نظر وجهون؟! جڏهن ته اسان وٽ ڪا به اهڙي مستند تاريخ يا ڪا تحرير ڪونهي جيڪا هڪ معيار بنائي باقي ٻين تاريخن کي ان سان ڀيٽي واضح ڪري سگهون ته اصل حقيقت ڇا آهي ۽ ملاوٽ ڇا آهي يا ڇا ڪونهي؟ مختلف تاريخن ۾ لکيل مواد جي ڪمي بيشي کي پڌرو ڪريون ته ڪيئن ڪريون؟ انهي جو ڪارڻ اسان جي نظر ۾ هي آهي ته، سنڌ بابت جيڪو به تاريخي مواد آڳاٽو لکيل آهي سو مقامي ماڻهن يا مقامي عالمن بجاءِ، سنڌ کان ٻاهرين ماڻهن جو لکيل آهي جيڪي سنڌ جارهاڪو نه هئا. جهڙوڪ عرب، ايراني، يوناني ۽ انگريز وغيره. جن ۾ اڪثريت عرب سياحن ۽ ايراني سياحن جي آهي. انهن جيڪي ڏٺو يا ٻڌو سو لکي ڇڏيائون. انهن مؤرخن لکڻ وقت ڪا به تحقيق ڪا نه ڪئي هنن چڻ پنهنجو سفرنامو، يا سير سياحت جي روئداد ۽ ڊائري لکي. انهي ڪري هنن ڪنهن به تحقيق جي ضرورت محسوس به نه ڪئي. ڇو ته هنن فقط پنهنجون يادگيريون تحريري صورت ۾ لکي محفوظ ڪيون. هنن مؤرخن هيءَ دعويٰ به ڪو نه ڪئي هئي ته اسان ڪو هيءَ تحقيقي مواد ڪٺو ڪري رهيا آهيون. انهي ڪري ٻڌل سئل ڳالهه ۽ تحقيقي مواد ۾ لازمي طرح فرق ٿيندو. ٻيو ته اهي عرب ۽ ايراني وغيره مؤرخ جيئن ته عربي، فارسي، يوناني ۽ انگريزي ۾ تاريخون لکي ويا انهي ڪري سنڌ جي ماڳن مڪانن ۽ ماڻهن جي نالن ۾ به فرق ٿي ويو. جيتريقدر منهنجو اڌورو مطالعو آهي تنهن مان مون کي ته اندازو اهو ٿئي ٿوته، انهن مؤرخ سياحن ٻڌل ڳالهين کي پنهنجي تاريخ ۾ وڌيڪ جڳهه ڏني آهي. جنهن ڪري چند مشهور مشهور بزرگن کان سواءِ ٻيا جيڪي گمنام سنڌ جي ٻهراڙين، واهڻن وستين ۾ ويهي خدا جي ٻانهن کي سندن رب جي راهه ڏيکاري ۽ ڏسي رهيا هئا، سي بزرگ انهن مؤرخن جي نظرن کان اوجهل رهيا ۽ اهڙي طرح ڳڻڻ کان ٻاهر اولياء بزرگ ۽ درويش تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ نه ٿي سگهيا. پر پوءِ به اسان انهن ٻاهرين مؤرخن جا وري به احسان مند آهيون جن اسان جي سنڌ جي اوليائن بزرگن تي ٻڌل سئل مواد به تحرير ڪري اسان کي انهن جي حالات کان واقف ڪيو. جي نه ته شايد اهو مواد به اسان جي سامهون موجود نه هجي ها.
    ويجهڙائي ۾ ڪن دلي دوستن جي حڪم تي سنڌ جي هڪ گمنامي جي گوشه ۾ گذاريندڙ غير معروف بزرگ، سهروردي سلسله جي سالڪ، ۽ پنهنجي حلقه ۾ غوثيه جماعت جي اهم اڳواڻ ۽ حضرت غوث بهاءُ الحق والدين محمد زڪريا ملتاني جي خانقاهه جي خليفه پيرو فقير شوري جي حالات بابرڪات متعلق ڪتابن جي ورق گرداني ڪئي پر ڪٿي به ڪو تاريخي، ڪتابي مواد ميسر نه ٿي سگهيو. بس جيڪو مواد مذڪوره بزرگ جي پونيرن فقيرن خاص ڪري بزرگ پيرو فقير شوري جي خانقاهه جي موجوده سجاده نشين فقير حاجي جان محمد شوري وٽان ملي سگهيو سو سڌاري سنواري ڪتابي صورت ۾ لکي جمع ڪرڻ شروع ڪيم، فقير جان محمد جيڪي ڪجهه لکي گڏ ڪيو سو به بزرگ پيرو فقير شوري جي معتقدن وٽان ٻڌي سڻي لکي جمع ڪيو. ڪجهه مواد حضرت مولانا مفتي محمد صديق خاصخيلي عرف استاد فقير منٺار مهتمم مدرسه ڳوٺ سچيڏنو ورياهه لڳ ٽنڊو آدم جي ٻڌايل زباني روايتن ۽ سندس لکيل يادگيرين تي مشتمل آهي.
    آئون پنهنجي سمجهه سارو ۽ وس آهر جيڪي به سهيڙي سموهي سگهيو آهيان، سو پڙهندڙن جي پيش خدمت آهي. اميد اٿم ته پڙهندڙ بزرگ خليفه پيرو فقير بابت هن نئين نڪور مواد جو قدر ڪندا. جيڪڏهن اسان جي ڪا ڪمي بيشي نظر اچي ته، ٻاجهه ۽ شفقت سان درگذر ڪري اسان کي پنهنجي غلطي کان آگاهه ڪندا ته جيئن هن ڪتاب جي ٻئي ڇاپي ۾ انهي جي درستي ڪري سگهجي. هن ڪتاب لکڻ مان منهنجو مقصد فقط هي آهي ته، سنڌ جو پڙهيو لکيو طبقو، اسان جي هن بزرگ خليفه پيرو فقير شوري جي حالات کان واقف ٿئي، ته جيئن مذڪوره بزرگ جو نالو تاريخي ميدان ۾ عام خاص جي نظر تي اچي ۽ آئنده لاءِ سنڌ جي بزرگن ۾ هن فقير جو به شمار ٿئي. اسان جي مُدعا هن فارسي بيت ۾ سمايل آهي.
    نام نيڪ رفتگان ضايع مَ ڪن،
    تابمانَد نام نيڪت بر قرار.
    يعني: بزرگن جي چڱي نالي کي گم نه ڪر،
    ته جيئن تنهنجو چڱو نالو به دنيا ۾ برقرار رهي.

    بزرگن جي پيرن جي خاڪ

    مولوي محمد يامين شورو
    خطيب جامع مسجد مسڻ وڏي
    ۽ ناظم مدرسه دارالهديٰ مسڻ وڏي

    10 ربيع الاول 1438هه
    مطابق 15 ڊسمبر 2016ع
    بروز ڇنڇر


    فهرست

    شورا قبيلي جو اصل نسل

    از: مولوي محمد يامين شورو

    مون جڏهن شورا قوم بابت تاريخي مواد گڏ ڪرڻ شروع ڪيو ته ڪيئي ڪچيون ڦِڪيون، غلط سلط ڳالهيون مليون جيئن ته اهي سڀ ڳالهيون ماڻهن وٽان مليل زباني روايتون هيون. انهي ڪري مون ڪوشس ڪري لکيل مواد هٿ ڪرڻ جي شروعات ڪئي.
    مون کي افسوس آهي ته، اسان جي سنڌي قومن بابت لکيل مواد بنهه گهٽ آهي. جيڪڏهن ڪو هڪ اڌ ڪتاب آهي به ته، ان ۾ وري تفصيل ڪونهي. خاص ڪري شورا قوم تي ته بنهه نالي ماتر مواد آهي. منهنجي انهي سلسلي ۾ ڪوشش ۽ ڳولا جاري آهي جيئن جيئن مواد ملندو ويندو تيئن ئي مليل مواد کي مضمونن جي صورت ۾ ترتيب ڏيئي پيش ڪبو. في الحال جيڪا به معلومات گڏ ٿي سگهي آهي سا سڀني جي سامهون آهي، شورا قوم، راجپوت نسل مان آهي. راجپوت جي تشريح ڪندي الهه رکيو ٻُٽ صاحب لکي ٿو ته،
    راجپوت لفظ مان اعليٰ نسل جون ذاتيون مراد آهن. چچنامي ۾ چيل آهي ته، راجا ڏاهر جي لشڪر جا خاص سپاهي راجپوت نسل جا ٺڪر هئا. موجوده دور اندر سنڌ ۾ رهندڙ راجپوت نسل جون قومون سوڍا سڏجن ٿيون ۽ ٺڪر جي قومي نالي سان مشهور آهن. اهي ٺڪر سنڌ ۾ تيرهين ۽ پنڌرهين (13 ۽ 15) عيسوي صدي جي تاريخ ۾ نمايان حيثيت رکن ٿا. سومرن ۽ سمن جي لشڪر ۾ اڪثر ڪري ان ذات وارا سپاهي هئا. (1)
    مٿي لکي آيو آهيان ته، ”شورا قوم راجپوت نسل مان آهي.“ انهي سلسلي ۾ منهنجي نظر مان هڪ مضمون گذريو جنهن جو خلاصو عرض ڪجي ٿو، سنڌ جي اوليائن مان شيخ رهاڻ جو نالو تمام گهڻو مشهور آهي. جنهن لاءِ سنڌ ۾ پهاڪو ڏيندا آهن ته ”شيخ رهاڻ جگري جوان“ اهو بزرگ سنڌ جي مشهور شهر رڪن پور ۾ رهندو هو. شيخ رهاڻ جا مريد ساري هند ۽ سنڌ ۾ آهن بلڪه ڪڇ ۽ مارواڙ ۾ به آهن. مارواڙ جو راجا ڌروت، راجپوت نسل جي گجر پاڙي مان هو. راجا ڌروت کي ٽي پٽ ۽ هڪ ڌي هئي. جن جا نالا هن طرح آهن. (1) جکرو، (2) ڏندرو، (3) چنيسر ۽ (4) هڪ ڌيءَ مِلڻي.
    شيخ رهاڻ، راجا ڌروت کي مسلمان ڪيو.
    راجا ڌروت، سندس مرشد شيخ رهاڻ جي وصيت موجب گنجي ٽڪر ڀرسان رهڻ لڳو، هن پاڻ سان چار ٻانها (1) منڌرو، (2) سوهو، (3) چِليو، (4) هيل يا گگو آندا هئا. راجا ڌروت گنجي ٽڪر تي ڪجهه وقت رهڻ کان پوءِ گذاري ويو ۽ سندس وصيت مطابق کيس ڪڇ جي طرف دفنايو ويو.
    جيئن ته راجا ڌروت جي گذاري وڃڻ بعد سندس پٽن ۾ ايتري همت ۽ حوصلو نه هو جو پنهنجي پيءَ جي بادشاهي سنڀالي هلائي سگهن، مٿان وري آسپاس جي بادشاهن جي حريص نگاهن ۽ سندن حملن جا خطرا هر وقت موجود هيا. انهي ڪري راجا ڌروت جي ٽنهي پٽن جکرو، ڏندرو، چنيسر ۽ ڀيڻ مِلڻي پاڻ ۾ گڏجي هيءَ فيصلو ڪيو ته، مارواڙ جي راڄڌاني کي وزيرن حوالي ڪري اتان نڪري هليو وڃجي. انهي فيصلي مطابق ٽنهي ڀائرن ۽ هڪ ڀيڻ پاڻ سان چار ٻانها وٺي گهوڙا پلاڻي روانا ٿيا. سندن سفر جو رخ سنڌ ڏانهن هيو. ڪڇ کان ايندي مانجهوءَ جو پتڻ اڪري ويروءَ واري جبل وٽ پهتا. پر اتي جي آبهوا کين نه وڻي انهي ڪري اتان لڏو کڻي جهول ماڙي جي ڀر ۾ گهڙا مڪان ۾ اچي رهيا. جهول ماڙي جهمپير جي ايراضي ۾ آهي. تنهن زماني ۾ جهمپير وسندڙ شهر ۽ بندر هو. جتي هڪ پهلوان هيڪل راوتيو نالي رهندو هو. تنهن پنهنجي سک ۽ آرام لاءِ جهول ماڙي ٺهرائي هئي انهي پهلوان جو مرشد جک جوڳي هو، جيڪو رمل ۽ ڍاري جو ماهر هو. اهو اصل ڪڇ جي طرف جو هو. پهلوان ايترو ته مشهور هو جو 7 8 (ستن اٺن) ڪوهن ۾ ڪنهن کي باهه ٻارڻ به ڪو نه ڏيندو هو. انهي هيڪل پهلوان، ناريجن مان شادي ڪئي هئي.
    هڪ ڏينهن راجا ڌروت جا ٽيئي پٽ جکرو، ڏندرو ۽ چنيسر شڪار تي ويا ۽ شڪار ڪري موٽي آيا. هيڏانهن وري هيڪل راوتيو پهلوان پنهنجي مرشد جک جوڳي ڏانهن ويو. جنهن کيس ٻڌايو ته، ”تنهنجي ماڙيءَ ڀرسان ڪي ماڻهو رهندڙ آهن، جن مان توکي نقصان ٿيندو.“
    راجا ڌروت جا پٽ جيڪي شڪار ڪري موٽيا هئا تن مان جکري چيو ته، آئون هيڪل پهلوان سان رهاڻ ڪرڻ لاءِ وڃان ٿو. هيڏانهن پهلوان پنهنجي مرشد جک جوڳيءَ وٽان موٽي پنهنجي رهائش واري جاءِ جهول ماڙيءَ ڏي اچي رهيو هو ته، کيس رستي ۾ راجا ڌروت جو پٽ چنيسر مليو. جيئن ته هيڪل راوتيو پهلوان آسپاس جي ستن اٺن ڪوهن ۾ ڪنهن کي سهندو ئي ڪو نه هو سو چنيسر کي ڏسندي ئي هڪل ڪري ساڻس اٽڪي پيو. ٻئي پهلوان وڙهڻ لڳا. نيٺ چنيسر، هيڪل راوتئي پهلوان کي ماري سڌو جهول ماڙيءَ تي ويو. جنهن پهلوان جي نوڪرن کي چيو ته، ”مون پهلوان ماري ختم ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي ان جي هٿن ۾ ستن اٺن ڪوهن واري ايراضي ۽ توهان سڀ منهنجي قبضي ۾ آهيو.“ تنهن تي نوڪرن، چنيسر کي ٻڌايو ته، هيڪل پهلوان جو مرشد جک جوڳي سامهون واري جبل جي ٽڪريءَ تي (جيڪا ٽن ميلن جي پکيڙ ۾ آهي) رهي ٿو. اها ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ هي ٽيئي ڀائر جکرو، ڌندرو ۽ چنيسر انهي بزرگ وٽ ويا. اتي پهچڻ کانپوءِ بزرگ کين چيو ته، اوهان مون وٽ نه رهو. اوهان مان مون کي نقصان ٿيندو.“ پر هي ٽيئي انهي بزرگ جک جوڳيءَ جي خدمت ۾ مصروف رهيا. انهي جوڳي وٽ هڪ ڪتاب هو جنهن ۾ ڍاري ۽ رمل جو علم هو. جنهن وسيلي هو خزانا هٿ ڪندو هو. ان بزرگ ڪجهه وقت کان پوءِ پنهنجي شاگردن کي چيو ته، ”آئون هِن ٽڪريءَ ۾ ٻوٽيون ڳولڻ ٿو وڃان، توهان ڪتاب کولي بيهجؤ.“ جڏهن اهو جوڳي ٽڪريءَ اندر ڪنهن غار يا ڍوريءَ ۾ ويو ته، سندس شاگرد ڪتاب کولي بهيڻ بدران بند ڪري کڻي آيا ۽ اهو جوڳي اتي ئي ڪنهن غار ۾ غرق ٿي ويو. اها ٽڪري ۽ جهول ماڙي ماڻهن جي عبرت لاءِ اڃا تائين موجود آهي.
    راجا ڌروت جي ٽنهي پٽن جو اولاد هن ريت مشهرو ٿيو:
    جکري جي اولاد مان جکرا، هيجب ۽ هيڪل ٿيا،
    ڏندري جي اولاد مان مير بحر، ملاح ۽ مهاڻا ٿيا.
    چنيسر جي اولاد مان شورا ٿيا. (2)
    مٿي لکيل خلاصه مان هيءَ ڳالهه پڌري ٿئي ٿي ته، شورا قوم جو ڏاڏو راجا ڌروت، راجپوت گهراڻي جي گجر قبيلي جو هو. سندس راجڌاني جو ملڪ مارواڙ ڪڇ هو. جتان راجا ڌروت جي گذاري وڃڻ بعد سندس اولاد ڪڇ کان سنڌ پهتو. راجا ڌروت کي سنڌ جي مشهور تاريخي بزرگ شيخ رهاڻ مسلمان ڪيو. راجا ڌروت جي مسلمان ٿيڻ بعد سندس پٽ ۽ اولاد نسل در نسل مسلمان رهيو. راجا ڌروت جو اولاد سنڌ ۾ سڀ کان پهرين جهمپير جي علائقي ۾ جهول ماڙيءَ ڀر سان گهڙا مڪان ۾ رهيو.
    هڪ زباني روايت مطابق ته، جڏهن راجا ڌروت جا پٽ ۽ ان جي ڌيءَ ملڻي گهڙا مڪان ۾ اچي رهيا هئا ته، اتي رهڻ کان ڪجهه عرصو بعد جهول ماڙيءَ واري علائقي جي ناريجا قوم جي سردار کانئن ڀيڻ جو سڱ گهريو. جيئن ته هي ڏُلجي مسافر ٿي آيا هئا تنهن ڪري سندن وڏي ڀاءُ جکري، سڱ ڏيڻ جي هاڪار ڪئي، پر ٻيا ٻه ڀائر ڏندرو ۽ چنيسر سختيءَ سان انڪار ڪري بيٺا. هاڻي هنن ڀائرن لاءِ ڏکيائي ٿي پئي. انهي پريشاني وچ ۾ سندن نوڪرن ۽ ٻانهن مان هڪ مڱڻهار (لنگهو) هو. تنهن هنن کي تسلي ڏني ته توهان فڪر نه ڪريو. مون وٽ هڪ رٿا آهي انهي مطابق سڱ ڏيڻ کان به بچي وڃبو ته ناريجن سان سڱ ڏيڻ جي هاڪار ڪري انهن جي دشمني کان محفوظ ٿي وڃبو. انهي کانپوءِ ناريجن جي سردار پنهنجي شادي جا ڏينهن مقرر ڪري آسپاس دعوتون ڏنيون. نيٺ شادي جا ڏينهن آيا ۽ گهوٽ کي ساٺ سنوڻ ٿيڻ لڳا. لنگهي اهو موقعو بهتر سمجهي، جنهن جاءِ تي ساٺ سنوڻ ٿي رهيا هئا، انهي جاءِ جي چوڌاري تيزاب هاري پوءِ ان کي تيلي لڳايائين ته، چوڌاري باهه ٻرڻ شروع ٿي وئي ۽ لنگهي پاڻ کي ڄاڃين ۾ شريڪ ڪري دهل وڄائڻ شروع ڪيو. تان جو انهي باهه جي چوڌاري وڪوڙي وڃڻ ڪري ڄاڃي ماڃي، گهوٽ وغيره سڀ سڙي ويا. تان جو اهو لنگهو به سڙي ويو.(3)
    مون پنهنجي چاچي مرحوم عبدالواحد شوري کان سندس پيءَ (يعني منهنجي ڏاڏي محمد عمر شوري مرحوم) جي هيءَ ڳالهه ٻڌي هئي ته، ”اسان راجا ڌروت جو اولاد آهيون. اسان جو اصل وطن جيلسمير آهي. جتان کان گذر سفر جي بهاني هتي سنڌ ۾ پهتاسون. ٺڪر، راٺوڙ ۽ سوڍا سڀئي اسان راجا ڌروت جي خاندان ۽ ان جي جدا جدا پاڙن، اوڙڪن جا نالا آهن.“ انهيءَ ڳالهه مان ٻن قسمن جي معلومات ملي ٿي. پهرين ته، راجا ڌروت، جيسلمير جو بادشاهه هو انهي راجا ڌروت جي اولاد مان شورا قوم آهي. ٻيو ته، راجا ڌروت جي خاندان جي جدا جدا پاڙن ۽ اوڙڪن جا نالا ٺڪر، راٺوڙ ۽ سوڍا آهن.
    مون ڏاڏا مرحوم جي مٿي ذڪر ڪيل ڳالهه تي ويچاريندي انهن لفظن جي معنيٰ ڏي به توجهه ڪيو ته ٺڪر، راٺوڙ ۽ سوڍي جي اصل معنيٰ ڇا آهي؟ ڇو ته سنڌي قومن جي پاڙن ۽ اوڙڪن تي سندن وڏن جي نالي يا انهن جي ڪنهن گڻ پويان نالو پوي ٿو ۽ انهي نالي سان قوم مشهور ٿي وڃي ٿي. ٽنهي لفظن جي معنائن لکڻ کان اڳ اسان راجا ڌروت جي جيسلمير جي راجا هجڻ جي شاهدي بابت لکنداسون اردوءَ ۾ لکيل تاريخ فرشته جي مصنف محمد قاسم فرشته پنهنجي انهي تاريخ ۾ جيسلمير جي هڪ راجا جو ذڪر ڪيو آهي جنهن جو نالو ”ڌولت“ هو.
    منهنجي سمجهه ۾ اهو ”راجا ڌولت“ ساڳيو ڌروت آهي. البته اردوءَ جي اُچار ۾ ڌولت ٿي ويو آهي. باقي تاريخ فرشته جي لکڻ ۽ منهنجي ڏاڏي جي ٻڌايل زباني روايت مطابق ته اهو جيسلمير جو راجا هو. جڏهن ته اسان شروع ۾ لکي آيا آهيون ته، اهو راجا ڪڇ مارواڙ جو هو. آئون سمجهان ٿو ته، فرق ٿورو آهي، ڇو ته مارواڙ توڙي جيسلمير ٻئي رياستون ڪڇ علائقي جون آهن. انهي ڪري ٻنهي رياستن جي هڪ ٻئي کي ويجهي هئڻ ڪري ڪنهن مؤرخ مارواڙ لکيو ته، ڪنهن وري جيسلمير ڄاڻايو آهي.
    هاڻي ٺڪر، راٺوڙ ۽ سوڍي جي اصل معنيٰ لکجي ٿي. جنهن مان پتو لڳائي سگهجي ته راجا ڌروت جي اولاد ۾ ڪهڙا گڻ هئا؟
    لفظ ٺڪر: معنيٰ مورتي پوڄيندڙ، جل ديوتا جي پوڄارين جو ٻائو هندو فقير.(4)
    لفظ ٺاڪر: معنيٰ راجپوتن جي هڪ ذات. سردار، عزت جو لفظ، راجائن ۽گُرن جو لقب، سوامي. (5)
    لفظ راٺوڙ: معنيٰ اسم خاص، راجپوتن جي هڪ ذات جو نالو. (صفت) سگهارو، پهلوان، جانٺو، بهادر، ڏٽو مُٽو، جبرو، جنگجو. (6)
    لفط سوڍا: معنيءِ سنڌ ۾ رهندڙ مسلمانن جي هڪ ذات.(7)
    مٿي ذڪر ڪيل معنائن ۾ غور ڪرڻ بعد سمجهه ۾ اچي ٿو ته، راجا ڌروت جو اولاد پهلوان، بهادر ۽ سگهارو هو. جنهن مان ڪِن خاص گڻن وارن کي ٺڪر، راٺوڙ يا سوڍو سڏيو ويو. تنهنڪري انهن جون باقاعده جدا جدا ذاتيون سڏجڻ لڳيون.
    شورا قوم جو اصل راجا ڌروت سان ملي ٿو. راجا ڌروت جو سمورو خاندان ڪڇ کان سنڌ منتقل ٿيو. اهڙي شاهدي اسان کي تاريخ تحفة الڪرام مان ملي ٿي. مذڪوره تاريخ هڪ هنڌ لکيو آهي ته، ڪڇ کان جيڪي به قومون سنڌ ۾ داخل ٿيون تن جون پنج نُکون آهن جن مان مون کي هينئر چار نُکون ياد آهن جيڪي هي آهن: (1) نِيت، (2) پيت، (3) سميت، (4)؟، (5) ڌروت.
    مناسب آهي ته راجا ڌروت ۽ سندس خاندان کي مسلمان ڪندڙ، سنڌ جي بزرگ هستي شيخ رهاڻ جو مختصر تعارف لکون ۽ هي به معلوم ڪريون ته، اها ڪهڙي صدي ۽ زمانو هو جڏهن راجا ڌروت شيخ رهاڻ جي هٿ تي اسلام قبوليو ۽ ان جي خدمت ۾ وقت بوقت حاضر ٿي اسلام جا حڪم ۽ تعليم سکندو رهيو.
    ”شيخ ريحان (رهاڻ) ذات جو سومرو، اتي جو ڪامل آهي. شيخ ريحان جو اصلي نالو چنيسر هو. چون ٿا ته، هڪ ڀيري شيخ ريحان (رهاڻ) جي زيارت لاءِ شيخ رڪن الدين (شيخ بهاءُالدين زڪريا ملتاني جو پوٽو) ۽ مخدوم لعل شهباز به اتي آيا هئا. جن کيس ماني، کير ۽ ماکي کائڻ لاءِ زور ڀريو هو.“ (8)
    اهو شيخ رڪن الدين وڏي پايه جو بزرگ هو. جنهن جو سلطان علاءُالدين خلجي وڏو معتقد هو. شيخ رڪن الدين جڏهن دهلي ويندا هئا ته، سلطان علاءُ الدين سندن استقبال ڪندو هو.(9)
    سنڌ جي اوليائن بابت لکيل تاريخن مان ثابت آهي ته، شيخ رهاڻ ستين صدي هجري جي پوئين اڌ جو مشهور بزرگ آهي. مٿين تاريخي حوالن مان ٻه ڳالهيون ظاهر ٿين ٿيون.
    (1) ته شورن جي ڏاڏي راجا ڌروت کي جنهن بزرگ مسلمان ڪيو هو، تنهن جي زيارت لاءِ ملتان جو بزرگ شيخ رڪن الدين ۽ لعل شهباز قلندر جهڙا وڏي پايه جا بزرگ ايندا هئا. جنهن مان شيخ رهاڻ جي بزرگي ۽ شان جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
    (2) ته شورا قوم ستين صدي هجري جي مسلمان قوم آهي.
    اسان مٿي ڄاڻائي آيا آهيون ته، راجا ڌروت جي ٽنهي پٽن جو اولاد سندن اصلي نالن پٺيان مشهور ٿيو. مثال طور جکري جو اولاد جکرا، هيجب ۽ هيڪل وغيره، سنڌ ۾ جکرا، هيجب ۽ هيڪل ذاتيون مشهور آهن جڏهن ته اهي اصل۾ وڏن جا نالا هئا. اهڙي طرح ڌندري (جنهن کي ڪِن تاريخن گندرو لکيو آهي) جو اولاد گندرا، ملاح مير بحر ۽ مهاڻا مشهور ٿيو ته پوءِ انهن جي ئي ڀاءُ چنيسر جو اولاد ”شورا“ ڪيئن مشهور ٿيو، ٿيڻ ته کپي ها جو اهي به ”چنيسر“ سڏجن ها. تنهن جا ٻه جواب اسان وڏن کان ٻڌا آهن. پهريون جواب: راجا ڌروت پنهنجي ٽنهي پٽن جکرو، ڏندرو (يا گندرو) ۽ چنيسر کي جدا جدا وقتن ۾ ڪي بادشاهي ڪم ڪار چيا، ٻن پهرين پٽن ته پاڻ تي رکيل ڪم ڪيا. البت چنيسر ڪم نه ڪيو. جڏهن کانئس بادشاهه پڇيو ته پاڻ کارو ٿي جواب ڏنائين. تنهن تي بادشاهه چيس ته، ”هڪ ته ڪم ڪو نه ڪيئي ٻيو وري ”شور“ پيو ڪرين؟!“ ان کان پوءِ چنيسر جو لقب ”شورو“ مشهور ٿيو. جنهن جي معنيٰ به کارو آهي. انهي چنيسر جي لقب سبب سندس اولاد به ”شورو“ مشهور ٿيو. ٻيو جواب: چنيسر وڏي هڪل ۽ آواز سان ڳالهائڻ وارو، وڏي شهرت ۽ ڌاڪو رکندڙ، گهنڊ وجهي هلڻ وارو ۽ ڪنهن جي به آڻ نه مڃڻ وارو هيو. تنهنڪري مٿس لقب ”شورو“ پيو. جڏهن ته شوري لفظ جي معنيٰ به انهي ڳالهه جو ڏس ڏئي ٿي. جڏهن چنيسر جو لقب شورو مشهور ٿيو ته ان جو اصلي نالو گم ٿي ويو. اسان جا وڏا راجا ڌروت جي پٽن جا نالا جکرو، گندرو، شورو ٻڌائيندا هئا يعني ته چنيسر جي نالي تي لقب غالب ٿي ويو. (10) شورا قوم بابت تاريخي مواد ڳولڻ وقت ڪي تاريخون اهڙيون هٿ آيون جن شورن کي سمن جي هڪ شاخ ڄاڻايو آهي. جنهن لاءِ حوالي طور هيٺ ذڪر ڪجي ٿو.
    (1) اها حقيقت تسليم ٿيل آهي ته، عربن ۽ بلوچن کانسواءِ ٻيون جيڪي ڏيهي قومون سنڌ ۾ رهنديون هيون جيڪي درجي بدرجي اسلام ۾ داخل ٿينديون آيون تن کي سماٽ يعني سما قوم جون شاخون سڏيو وڃي ٿو.(11)
    انهي حوالي مان ظاهر ٿئي ٿو ته، جيڪي به سنڌ جون مقامي قومون هندو هيون ۽ پوءِ اسلام آندائون سي سما قوم جون شاخون آهن. جيئن ته شورا قوم جو ڏاڏو ۽ سندس خاندان هندو هو پوءِ مسلمان ٿيو ته ان جي قوم به سماٽ ۾ شامل هجڻ ڪري سمن جي شاخ طور شمار ڪئي وئي.
    (2) جديد تحقيقات موجب به سما نو مسلم راجپوت آهن.(12)
    (3) سما قوم گهڻن قبيلن ۾ ورهايل هئي. جن جا سردار: ڄام، ارباب، وڏيرا، ڄاموٽ وغيره لقبن سان سڏبا هئا. سما نسل جا ڪٽنب سنڌ، راجپوتانا، ڪڇ، ڪاٺياواڙ، لس وغيره حصن ۾ رهندڙ هئا. جي جدا جدا قبيلن جي نالن سان سڏجڻ ۾ ايندا هئا، جن ۾ شورا قوم به هڪ آهي.(13)
    (4) تازو آئون سنڌ يونيورسٽي جي اهم اداري سنڌالاجيءَ ۾ ويس جتي مطالعي دؤران هڪ اهڙو ڪتاب نظر مان گذريو. جيڪو انگريزيءَ ۾ لکيل هو. ريسرچ لئبريري سنڌالاجيءَ جي ڪائونٽر تي ويٺل دوست جي مهرباني سان اُن ڪتاب ڏسڻ جو موقعو مليو. وقت ٿورو هو، انهي ڪري تفصيل سان پڙهي ته نه سگهيس. البت سرسري نظر وڌيم. ڪتاب جو نالو انگريزي ۾ ڊگهي عبارت سان ٻن ٽن سٽن ۾ لکيل هو. آئون انگريزيءَ ۾ نالو لکڻ بجاءِ ان جو سنڌي اچار لکان ٿو.
    ”هسٽوريڪل اينڊ ٽريڊيشنل آف دي مسلمان پيجز فائونڊ اِِن سنڌ بلوچستان اينڊ افغانستان.“
    اهو ڪتاب شيخ صادق علي شير علي انصاري جيڪو 1901ع ڌاري سنڌ جو ڊپٽي ڪليڪٽر هو تنهن لکي ڇپرايو هو. ڪراچي جي سنڌ گورنمينٽ پريس ڇاپيو هو.
    انهي ڪتاب ۾ شورا قوم کي سمن جي شاخ ڄاڻايو ويو آهي. حوالي لاءِ مٿئين ڪتاب جو صفحو 35 ڏسي سگهجي ٿو. جتي سمن جي شاخ ڄاڻائيندي ڪتاب واري Sora or Shora لکيو آهي.
    ڪتاب جي سرسري مطالعه مان معلوم ٿيو ته، مذڪوره ڪتاب ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي انهن قومن کي ڳڻيو ويو آهي جيڪي زميندار آهن. ڪتاب ۾ بلوچ قومن جو شمار الڳ ڪيو ويو آهي ته سنڌي قومن جو ڳاڻيٽو جدا ڪيل آهي.
    هينئر توهان جي سامهون تاريخن مان چار حوالا ذڪر ڪيا ويا. جن مان پڌرو ٿئي ٿو ته، ”شورا سمن جي شاخ آهن.“ انهي جي حقيقت وڌيڪ خدا ڄاڻي ٿو. پر هيستائين آئون پنهنجي ذاتي معلومات جي آڌار تي انهي ڳالهه کي مڃڻ لاءِ تيار ناهيان. ڇو ته آئون شورا قوم کي هڪ مستقل ذات مڃان ٿو. ڪنهن به ٻي ذات جي اوڙڪ يا پاڙو مڃڻ مون کي صحيح نظر نه ٿو اچي. ٿي سگهي ٿو تحقيق ڪندي ڪي اهڙا مضبوط ثبوت مِلن، يا شورا قوم جو شجرو ملي. جنهن ۾ دليلن، ثبوتن ۽ شاهدين سان شورا قوم کي سمن جي شاخ ثابت ڪيو ويو هجي ته، مون کي مڃڻ ۾ ڪو به عار نه ٿيندو. باقي منهنجي ذهن ۾ هڪڙي ڳالهه کُٽڪي ٿي ته، شورن جي وڏن سمن سان مائٽي ۽ سڱاوتي ڪئي هجي، اُن آڌار تي ڪنهن تاريخ واري شورن کي سمن جي شاخ لکيو هجي ۽ انهي تاريخ تان وري ٻين نقل ڪيو هجي ته اهو ٿي سگهي ٿو.
    شورا قوم بابت ڪيترين ئي تاريخن ۾ ڌارين سان وڙهڻ ۽ انهن کي پنهنجي اباڻي ڌرتيءَ تان تڙي ڪڍڻ لاءِ بيشمار لڙاين جا قصا ذڪر ٿيل آهن. پنهنجي ديس تان سر قربان ڪرڻ ۾ شورا قوم ڪيترين ئي قومن سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي ڌارين سان خوب مقابلو ڪيو.
    ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ صاحب لکيو آهي ته،
    سومرن، سمن، ارغونن ۽ ترخانن جي دؤر کان پوءِ سنڌ دهليءَ جي مغل حڪومت هيٺ آئي ۽ مغل بادشاهه پنهنجا گورنر سنڌ جي مختلف علائقن تي مقرر ڪندا هئا.
    سماٽ قوم جون ڪيتريون ذاتيون مغل گورنرن سان چوٽون کائينديون رهيون. ان وقت جي حالتن تي يوسف ميرڪ جو سنڌ جي تاريخ تي لکيل ڪتاب ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ سٺي روشني وجهي ٿو. ۽ ڪيترين ئي سنڌي ذاتين جو ذڪر ڪري ٿو جيڪي سنڌ جي مختلف علائقن ۾ موجود هيون. ان دور ۾ سنڌ اندر ڪي زبردست قومون موجود هيون جن ڌارئي راڄ جي حڪومت کان ناراضگي ڏيکاريندي انهن سان جنگيون جوٽيون ۽ آخري دم تائين وڙهندا رهيا.
    انهن جنگجو (ويڙهاڪ) ذاتين ۾ سميجا، انڙ، ساريا، شورا، نومڙيا وغيره مشهور هئا. اهي سڀ سماٽ قوم سان واسطو رکندڙ هئا. (14) خلاصو مطلب ته، شورا قوم راجپوت نسل مان راجا ڌروت جي پٽ چنيسر عرف شوري جو اولاد آهي. راجا ڌروت کي شيخ رهاڻ مسلمان ڪيو هو تنهنڪري شورا قوم پنهنجي ڏاڏي راجا ڌروت جي مسلمان ٿيڻ واري زماني يعني ستين صدي هجري کان وٺي مسلمان ليکجڻ ۾ اچي ٿي. جڏهن ته، مسلمان ٿيڻ کان اڳ راجا ڌروت، راجپوت جي گجر پاڙي مان هو. پر ڪي ان کي ٺڪر سڏين ٿا. شورا قوم سنڌ جي تمام وڏين ذاتين ۾ شمار ٿئي ٿي. ڇو ته هيءَ قوم سموري سنڌ جي هر ضلعي ۽ هر تعلقي ۾ گهڻي تعداد ۾ آباد آهي.


    حوالا:
    (1) ڪتاب سماٽ صفحو 31 ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ.
    (2) هفتيوار اخبار ”آزاد“ ڪراچي 3 جون 1968ع
    مضمون: جهول ماڙي
    مضمون نگار: عبدالله گندرو- سونڊا ضلع ٺٽو
    (3) زباني روايت: سيٺ عبدالله شورو، ديهه ماڙي، تعلقه ميرپور ساڪرو ضلع ٺٽو.
    (4) جامع سنڌي لغات صفحو 722 جلد 2
    (5) جامع سنڌي لغات صفحو 716 جلد 2
    (6) جامع سنڌي لغات صفحو 1410 جلد 3
    (7) جامع سنڌي لغات صفحو 1694 جلد 4
    (8) تاريخ تحفة الڪرام صفحو 446 سنڌي ترجمو مخدوم امير احمد
    (9) تاريخ تمدن سنڌ صفحو 262 مولائي شيدائي
    (10) جامع سنڌي لغات صفحو 1782 جلد 4
    (11) ڪتاب سماٽ صفحو 50 ليکڪ الهه رکيو ٻُٽ
    (12) ڪتاب سماٽ صفحو 49
    (13) تاريخ خاصخيلي صفحو 43 ليکڪ مولائي شيدائي ڇاپو 1961ع
    (14) ڪتاب سماٽ صفحو 54
    


    شورن جو راڄوڻي نظام

    از: مولوي محمد يامين شورو

    ڪنهن به قوم، قبيلي جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ هي ضروري آهي ته، انهن قومن جي اڳواڻن ۽ رهبرن ۾ سندن قوم لاءِ خيرخواهي جا جذبا پوري اخلاص ۽ سچائي سان ڪارفرما هجن. امانت ۽ صداقت سندن سڃاڻپ هجي ته ديانت ۽ شرافت سندن اصول هجي. ڇو ته، اهڙا اڳواڻ ۽ رهبر ئي پنهنجي قومن کي تباهي مان ڪڍي، ترقي جي راهه تي گامزن ڪن ٿا. دنيا ۾ اهي قومون ترقيءَ جي معراج کي پهتيون، جن جي اڳواڻن ۾ قائدانه صلاحيتون پوري طرح موجود هيون. پر خدانخواسته جي قوم جا رهبر ئي رهزن ٿي پون ته پوءِ اهي قومون ترقي بجاءِ، تنزل ۽ تباهي جي تري ۾ هليون وڃن ٿيون، پوءِ اهڙين قومن جو ٻيڙو ترڻ بدران ٻڏڻ لڳندو آهي.
    انهي ڪري قوم جي رهبر ۾ انسانيت کي اجاريندڙ امانت ۽ صداقت جهڙين سهڻين خوبين سان گڏ عدالت ۽ انصاف جو عنصر غالب هجي. اهو اڳواڻ رياڪاري ۽ طرفداري، اقربا پروري ۽ خود غرضي، مفاد ۽ مطلب پرستي کان ڪوهين ڏور هجي. قومن ۽ قبيلن جا اڳواڻ هيءَ پنهنجي ذميداري بلڪه خدائي فرض سمجهي ڪنهن به فيصلي ۽ نياء نبيري ۾ حق ۽ انصاف جو دامن نه ڇڏين، راڄوڻي توڙي قومي فيصلن ۾ ڪا به طرفداري نه ڪن بلڪه فيصلي کي ”خدائي امانت“ سمجهي بي ريائي جو مظاهرو ڪن ته، راڄن ۾ هلندڙ تنازعا ۽ تڪرار پُرامن حل ٿي وڃن ۽ فتني فساد جي پاڙ پٽجي وڃي. خدا جو حڪم به اهو ئي آهي ته، ٻن ڀائرن ۾ جيڪڏهن ڪو تنازعو ۽ تڪرار، جهيڙو جهڳڙو ٿي پوي ته، توهان جو فرض آهي ته، انهن ٻن جي وچ ۾ حق انصاف سان فيصلو ڪري، صلح صفائي سان انهن کي کير کنڊ ڪري ڇڏيو ته جيئن آئنده انهن جي پاڻ ۾ ڀائپي به برقرار رهي ته منجهانئن ڪوڙ ڪپت، ڪلفت ۽ ڪدورت نڪري وڃي جيستائين انهن اصولن تي راڄن جي چڱمڙسي ۽ وڏيرپ قائم رهي تيستائين ڳوٺن ۽ راڄن جا نظام امن ۽ سڪون، ڀائپي ۽ محبت سان هلندا رهيا. پر جڏهن کان جتي انهن قدرتي اصولن جي ڀڃڪڙي ٿي ته، اتي وري فتنن فسادن، جهيڙن جهڳڙن، نفرتن ۽ عداوتن جو اڻ کٽ سلسلو شروع ٿي ويو.
    سنڌ جي ماضي کي ڏسندؤ ته، ان ۾ انهن قومي رهبرن، اڳواڻن، پڳدارن ۽ چڱن مڙسن جي اڪثريت نظر ايندي جيڪي خدا جي عدالتي نظام کي برقرار رکيو آيا، ۽ پنهنجي قوم لاءِ نهايت شفيق، ٻاجهه ڀريا، همدرد، هڏ ڏوکي، خيرخواهه ۽ قوم جي ايڪي اتحاد ۽ ٻڌي لاءِ هر موقعي مهل تي ڪوشان رهيا. پر جيڪڏهن سنڌ جي موجوده صورتحال کي ڏسبو ته، چند ڳاڻ ڳڻين چڱن مڙسن ۽ پڳدارن کان سواءِ اڪثريت انهن جي ڏسبي جيڪي انهي خدائي عدالتي ۽ امن پسندي واري اصول تي عمل پيرا ناهن.
    منهنجي ڄاڻ مطابق اهو فرق صدر ايوب جي بادشاهي ۾ بنيادي جمهوريتن کان پوءِ ٿيو. ڇو ته، انهي کان اڳ قومن، قبيلن جا راڄوڻي نظام پنهنجي قديم روايتن ۽ رواجن مطابق هلندا پئي آيا. ڳوٺن جي سربراهي يا قومن، قبيلن جي چڱمڙسي نيڪ مردن جي هٿ ۾ هئي، انهن کي ئي پڳ جو حقدار سمجهي، پڳدار ڪري چونڊيو ويندو هو. پر جڏهن بعد ۾ هڪ نئون سياسي وايو منڊل شروع ٿيو ته، انهي اهي سڀ پراڻيون روايتون ۽ رواج نيست نابود ڪري ڇڏيا. جنهن ڪري اڳواڻي اهڙن ماڻهن جي هٿ ۾ هلي وئي، جن جي رسائي حڪومتي ادارن ۽ سياسي ميدان ۾ وڌيڪ هئي. نيتجه ۾ رهبري ۽ اڳواڻي جا معيار، حق انصاف بجاءِ خود غرضي ۽ مفاد پرستي بنجي ويا. جيتوڻيڪ پوءِ به قومن، قبيلن جا روايتي پڳدار پنهنجي موروثي روايت برقرار رکيو آيا، پر سياسي ڪار وهنوار جي غلبه سبب اهي پوئتي رهجي ويا. عام ماحول ۾ هرڪو ماڻهو حق انصاف کان وڌيڪ پنهنجي مفادن کي اهميت ڏيڻ لڳو. انهي ڪري سنڌ جا قديم روايتي راڄوڻي نظام تعطل جو شڪار ٿي ويا، جيڪي هن وقت نالي ماتر وڃي رهيا آهن.
    اسان انهن قديم ريتن رسمن، روايتن ۽ رواجن کي ٻيهر مضبوط ۽ منظم بنائڻ لاءِ نه ٿا چئون، پر ايترو ضرور چونداسون ته، انهن قديم روايتي راڄوڻي نظامن ۾ وڏي ننڍي جو احترام، ڪنهن وڏي جي ڳالهه ٻڌي ضد زور ۽ هوڏ هٺ تان لهي وڃڻ، سهپ ساڃاهه، فيصلي جي وقت پڳدار اڳيان ٻنهي ڌرين مان ڪنهن کي ڪس لڳي ته به راضي ۽ جي رس ته به راضي. پوليس ٿاڻي يا ڪورٽ تائين معاملو ڪو نه ويندو هو. راڄوڻي فيصلي سان مسئلو حل ٿي ويندو هو ۽ حقدار کي سندس حق ملي ويندو هو. جنهنڪري ڳوٺ، راچ جي ماڻهن ۾ خصومت ۽ کؤنس بازي به گهٽ هوندي هئي. جيڪڏهن ڳوٺ مان ڪو ماڻهو پنهنجي برادر واري يا پاڙيسري سان ڪا ناجائزي ڪندو هو ته، راڄ جو چڱو مڙس ۽ ڳوٺاڻا گڏجي ان کي هدايت، ڇينڀ ۽ ملامت ڪندا هئا ۽ جنهن سان ناحق ٿيو هوندو ته سڀ ان جا حمايتي ٿيندا هئا. جنهن ڪري لنب لوفر چور چڪار ۽ ڏاڍ مڙسي وارو وڌاء نه ڪري سگهندو هو ۽ آڻ مڃي سڄي راڄ کان بخشائيندو هو. اهڙي طرح ٻئي ڌريون وري به صلح سانت سان گڏجي گذارينديون هيون ۽ امن جي فضا قائم رهندي هئي.
    پر افسوس! اڄوڪي ماحول ۾ ته سراسر قصو ئي اور لڳو پيو آهي. هيڻو ڦرجي، مارجي رهيو هجي ته به پاسو ڏاڍي جو پيا کڻندا. جيئن مشهور چوڻي آهي ته ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا، يا رئيس جي اٺ کي ڪير چوي هُلي! پر پوءِ به، اڃا ڪي آهين ڪلجڳ ۾ ڪاپڙي. اڃا به سنڌ سائي آهي، اڃا به ڪي مانجهي مرد مٿير ۽ هن ڏيهه جا ڏهيسر موجو دآهن جيڪي پنهنجي ڳوٺن ۽ راڄن لاءِ ڇانوَ ڇپر آهن ۽ هر ڏاڍي جي اهنج انياء کي منهن ڏيئي رهيا آهن.
    سنڌ جي سماٽ قبيلن مان شورن جو به هڪ روايتي راڄ نيتي نظام آهي. جنهن موجب پاڙن، ڳوٺن ۽ قبيلن جي چڱمڙسي ۽ پڳداري جو هڪ موروثي سسٽم آهي. ايامن کان وٺي اهو نظام هلندو ٿو اچي. اهي چڱا مڙس ۽ پڳدار پنهنجي خاندان، پاڙي ۽ ڳوٺ راڄ لاءِ بڙ جي گهاٽي وڻ مثل آهن جو پاڻ ڪوشش ڪري ڪنهن ڳوٺ واري يا پاڙي واري کي ڏکيءَ ويل اڪيلو نه ڇڏيندا، ڏکي سکي ۾ شامل حال بلڪ وڌ کان وڌ مددگار ٿيندا آهن. پاڻ اس ۾ سڙندا پر ٻين کي ڇانوَ ڏيندا آهن. اڄ به آئي ويل توڙي شادي غمي ۾ انهن پڳدارن جي پنهنجي عزت ۽ وقار قائم آهي. ڳوٺ راڄ وارا کين عزت جي نظر سان ڏسن ٿا. شورا قبيلي جي جمله پاڙن ۽ چڱن مڙسن ۽ پڳ ڌڻين بابت اسان تاريخ شورا (صفحه 142 کان 145 تائين) مواد ورتو آهي سو مختصر ڪري هتي نقل ڪريون ٿا. شورا قبيلي جا ڪل 21 (ايڪيهه) پاڙا آهن، جيڪي ٻن پڳن ۾ ورهايل آهن. هڪ پڳ جو نالو پسايو ۽ ٻي پڳ جو مُنو.
    پسايو پڳ ۾ ڪل چوڏهن پاڙا آهن، جيڪي هي آهن: (1) کمڻ: هن پاڙي مان ارباب جي چونڊ ڪئي ويندي آهي. جيڪو پسايو جي چوڏهن پاڙن جو چڱو مڙس هوندو آهي. (2) ٻَتڙ: هن پاڙي مان پسائي جي ارباب لاءِ وزير چونديو ويندو آهي. (3) ڏيئو، (4) گوندرو، (5) آريسر، (6) اڀيه، (7) کيدو، (8) ڪيهر پوٽا، (9) ٻُٽائي، (10) علڻ، (11) سرڪي، (12) پير، (13) ٻوڙا، (14) ملتاني.
    مُنو: مُني جي پڳ ۾ ڪل ست پاڙا آهن جهڙوڪ: (1) ڀريا: هن پاڙي مان مُني جي پڳ جو ارباب چونڊيو ويندو آهي. (2) ورياهه: هن پاڙي مان مُني جي ارباب لاءِ وزير چونڊيو ويندو آهي. (3) سرطانيا، (4) ڳاهيپوٽا، (5) ڌروت، (6) چاوڙو، (7) راڄڙ.
    ]نوٽ: هتي هيءَ ڳالهه به ذڪر ڪرڻ ضروري آهي ته، مٿي ٻڌايل پاڙن جي نالن بابت شورا برادري جي ڪن سڄاڻ دوستن کي اتفاق ناهي. جيئن نورچشم مولوي فهيم الدين عرف فهيم فدا شورو هيءَ ٻه روايتون ٻڌي نوٽ ڪيون. اسان اهي ٻئي روايتون شورا برادري جي ڄاڻ خاطر ذڪر ڪريون ٿا.
    بيان ڪندڙ وڏيرو خان محمد شورو ڳوٺ لاکو فقير، ڄامشورو.
    هنڌ: رئيس ديدار خان شوري جي ڪچهري ۾ سندس بنگلي تي، ڳوٺ رئيس ڪرن خان شورو، ڄامشورو.
    بتاريخ: 12 فيبروري 2016ع بروز جمعھ.
    لکندڙ: فهيم فدا شورو مسڻ وڏي، ٽنڊو الهيار.
    روايت (1): ڪتاب تاريخ شورا ۾ مُني جي اربابن جو پاڙو گم ڪيو ويو آهي، جيڪو حقيقت ۾ ”بادو“ آهي. سرڪاري طرح قانوني طور هن پاڙي کي سندس نالي ”بادا“ سان ديهه ۽ تپو به مليل آهي.
    ڌارين سان مهاڏو اٽڪائيندڙ سنڌ جو هڪ امر ڪردار جهونجهار شورو به اصل ۾ ”بادو“ پاڙي مان آهي. جنهن کي ڪتاب تاريخ شورا ۾ ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو آهي. بادو پاڙي ۾ هي اوڙڪون آهن. بادو، لالاڻي ۽ ڪنڊاڻي.
    روايت (2): ڪتاب تاريخ شورا جي مصنف، اڀيه پاڙي کي پسائي ۾ شمار ڪيو آهي. جيڪا هڪ تاريخي غلطي هئڻ سان گڏ حقيقت کي لڪائڻ برابر آهي. جڏهن ته اصل حقيقت هي آهي ته، اڀيه پاڙو مُني جي پڳ ۾ شامل آهي. اهو پاڙو مُني طرفان هڪ جنگ ۾ بطور امانت، عارضي طرح پسائي ۾ ملايو ويو نه ته اڀيه پاڙو اصل ۾ مُني جي پڳ ۾ شامل آهي. [
    مٿي ذڪر ڪيل شورن جي ايڪيهه پاڙن ۾ پسائي جي پڳ وارن چوڏهن پاڙن مان هي ٽي پاڙا دراصل شورا ناهن بلڪه هنن جي پڳ ۾ آهن يعني سرڪي، ٻوڙا ۽ ملتاني. اهڙي طرح مُني جي پڳ وارن ستن پاڙن ۾ راڄڙ اصل شورا ناهن پر اهي به ان جي پڳ ۾ آهن.
    شورن جي جمله ايڪيهه پاڙن ۾ پڳن جو سلسلو به موروثي هوندو آهي يعني جي پيءُ تي پڳ آهي ته ان جي وفات ڪري وڃڻ تي وري ان جي وڏي پٽ کي يا ان جي ڪنهن به پٽ کي پڳ ٻڌائي ويندي. هر پاڙي جي چڱمڙسي، يا ارباب يا وزير جي پڳ به موروثي هوندي آهي.
    جيڪڏهن ڪنهن راڄوڻي فيصلي ۾ ڪا ڏکيائي يا پيچيدگي پيدا ٿي پئي ته، اهو پاڙي جو پڳدار ۽ وڏيرو پنهنجي پڳدار ارباب ڏي رجوع ڪندو آهي ۽ ان جي ساٿ ۽ مشوري سان اهو مسئلو حل ڪيو وڃي ٿو. گهڻو ڪري شادي غمي ۾ هر پاڙي جو چڱو مڙس ۽ پڳدار پنهنجي ڪڙم قبيلي سان شامل شريڪ ٿيندو آهي ۽ ان جي ئي مشوري مطابق ڪاڄ ڪيا وڃن ٿا. شورن ۾ اها قديم روايت اڃا به هلندي اچي، توڙي جو ڪيترن سماٽ قبيلن جديد ترقياتي دؤر جي پيش نظر انهن روايتن کي پراڻا رواج سمجهي نظر انداز به ڪيو آهي. پر شورن وٽ اها اباڻي روايت برقرار آهي، جيڪا سندن راڄ نيتي نظام جي عڪاسي ڪري ٿي شورن جي راڄوڻي قومي روايتن ۾ پڳ ۽ پڳدار جي وڏي عزت ۽ حيثيت آهي. پوءِ اها پڳ ذات شور اجي هجي يا پاڙي جي هجي يا ڪنهن گهر جي هجي. پر پڳ جي عزت ۽ عظمت پوري قبيلي، پاڙي يا گهر ڀاتين جي عزت برابر آهي.
    ڪن دوستن جو خيال آهي ته، شورن جو راڄداري نظام، اصل ۾ سنڌ جي راجائن واري سسٽم جو يادگار آهي. پر جي انهن پڳ ڌڻين جا فيصلا سراسر حق وارا هجن ۽ شرعي اصولن جي روشني ۾ هجن ته پوءِ انهي پڳداري نظام ۾ ڪهڙي قباحت؟ پر جي اهي فيصلا علم عقل، دين شريعت، انسانيت کان صفا عاري هوندا ته پوءِ اهڙو نظام ته هونئن ئي انسانيت لاءِ ويل ۽ وبال آهي. سو اهڙي صورت ۾ ته حمايت ڪرڻ ممڪن ئي ڪونهي. پر جتي ڪنهن ذات يا پاڙي جو ڪو پڳدار واقعي به قائدانه صلاحيتن جو مالڪ هئڻ ڪري، ان پڳ جو حقدار آهي ته پوءِ ان ۾ ڪهڙو حرج؟ باقي جيڪو ان درجي جو لائق نه هجي يا منجهس اها لياقت ۽ صلاحيت نه هجي، نه عقل جي اڪابري نه فيصلي ڪرڻ جي فراست، نه دانائي نه دليري، نه دينداري نه ديانت، نه حق گوئي نه همت حوصلو ته پوءِ اهڙي پڳدار تي ارمان ۽ افسوس ڪرڻ کانسواءِ وڌيڪ ڇا ٿو چئي سگهجي؟ ڇو ته، جنهن صورت ۾ جيڪو خود پڳ جي لائق ناهي سو جي وري پڳدار ٿيو ته، ٻين جي ڪهڙي حق رسائي ۽ داد فرياد ڪندو؟!
    باقي راڄوڻي نظام لاءِ اسان جي راءِ مثبت آهي. البت ان جي موروثي سسٽم کي اڪثريت جي اتفاق راءِ ۽ مشوري سان چونڊ وارو سسٽم جاري ڪري هلائجي ته، اسان انهي طريقي جا وڌيڪ حامي آهيون ڇو ته ٻي صورت ۾ گادي نشين ۽ جاءِ نشين ٿيڻ سان هڪ شهنشاهيت جي پيروي ٿيندي. هن نظام ۾ ڪنهن موروثي گادي کي مضبوط ڪونهي ڪرڻو، بلڪه هتي ته انهي ماڻهو کي چونڊي پڳ ٻڌائي اڳواڻ بنائڻو آهي جيڪو وڌ کان وڌ پنهنجي قوم ۽ قبيلي جو همدرد خير خواهه ۽ ڀلو گهرندڙ هجي، انصاف پسند هجي، غريب غربي، مسڪين ۽ اڀري تي هٿ رکڻ وارو، چور چڪا ر۽ لنب لوفر کي برداشت نه ڪرڻ وارو هجي. انهن قديم سماجي نظامن توڙي قومي تهذيب و ثقافت کي زير و زبر ڪرڻ ۾ موجوده دؤر جي جديد سياست جو پاڇو پوري طرح اثر انداز ٿيو آهي، ۽ وري پرنٽ ميڊيا، اليڪٽرانڪ ميڊيا، مٿان وري انٽرنيٽ جي اوتان اوت، سماجن، تهذيبن ۽ ثقافتن کي پاش پاش ڪري ماحول ئي بدلائي ڇڏيو، نه اها آڳاٽي تهذيب ۽ ثقافت رهي، نه وري اهي پراڻا سماجي طور طريقا. سنڌ جو قومي لباس جنهن ۾ سنڌي قوم جي دنيا جي ٻين قومن جي ڀيٽ ۾ هڪ الڳ سڃاڻپ هئي سو لباس به مٽجي ويو آهي. سنڌ جي شهري آبادي کي ڇڏي ڳوٺاڻي آبادي ۾ اڃا به ڪجهه نه ڪجهه ثقافت جا آثار ڏسڻ ۾ ايندا نه ته ٻيو خير. منهنجي سمجهه ۾ جتي جتي روڊ رستا، لائٽ، گيس وغيره پهتو آهي اتي ثقافت جي تڏا ويڙهه ٿي وئي آهي.
    اهڙي ماحول ۾ اسان جي مٿي پيش ڪيل راڄوڻي نظام بابت خيالن جي اظهار کي پڙهي ضرور حيرت ٿيندي! پر اسان ثقافتي لحاظ کان يا سماجي لحاظ کان سنڌي قبيلن ۾ جيڪا پنهنجي هڪ تاريخي سڃاڻپ رکون ٿا، سا ته پيش ڪرڻ اسان جو حق به آهي ته اسان جي قبيلائي تشخص جو هڪ معيار به آهي. انهي ڪري اسان ڪجهه نه ڪجهه پنهنجو موقف بيان ڪري ماضيءَ جي دؤر کان هلندڙ انهن قديم نظامن مان مثال خاطر، شورن جي راڄ نيتي نظام بابت پنهنجا ويچار ونڊيا آهن.


    شورا درويش ۽ بزرگ

    سنڌ جي ٻين قومن قبيلن ۾ جيئن شاعر، صوفي بزرگ، عالم اڪابر ۽ اهل الله تاريخن ۾ لکيل آهن تيئن شورا ذات ۾ به بزرگ ۽ درويش ٿي گذريا آهن پر جيئن ته، خود شورا ذات تي به تاريخن ۾ ڪا خاص روشني وڌل ناهي تيئن انهي قبيلي جي بزرگن ۽ درويشن جو به ذڪر موجود ناهي. ٻيون تاريخون ته پنهنجي جاءِ رهيون، خود اها تاريخ جيڪا خصوصي طور شورن بابت لکيل آهي ۽ نالو ئي اٿس ”تاريخ شورا“ تنهن ۾ به ٽن درويشن جي مختصر ذڪر کانسواءِ باقي ٻيو ڪو به بزرگ ۽ درويش لکيل ناهي. انهي تاريخ ۾ به بزرگ پيرو فقير شوري جو ٽن سٽن جيترو به تعارف ناهي. جن درويشن جا تعارف آهن سي به اهڙا گمنام آهن جو سواءِ تاريخ تحفة الڪرام جي جنهن جو حوالي طور نالو لکيل آهي باقي ٻيو عام ماڻهو ان کان واقف ناهي. حالانڪ بزرگ پيرو فقير شوري جا معتقد ملتان جي بزرگ سان وابسته فقير، سهروردي سلسلي جا سالڪ سنڌ سميت ٿر ويندي هندستان تائين آهن، اهڙي مشهور بزرگ جو ”تاريخ شورا“ ۾ ذڪر نه اچڻ افسوسناڪ آهي. ڇو ته، هن بزرگ جي نالي سان ٽنڊو آدم لڳ هڪ ڳوٺ پيرو فقير شورو آهي ۽ انهي ڳوٺ جي شهرت نه رڳو ٽنڊو آدم پر پوري ضلع سانگهڙ ۾ به آهي. ”تاريخ شورا“ جي مواد سهيڙيندڙ ساٿين، ڪتاب ۾ جتي شورن جا پاڙا ۽ ڳوٺ جو عنوان ڏيئي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ شورن جي 206 (ٻه سؤ ڇهه) ڳوٺن ۽ انهن جي پاڙن جي لسٽ ڏني آهي، اتي صفحه 203 تي فقط ڳوٺ پيرو فقير شورو لکيل آهي. نه ان جو ڪو پاڙو، ۽ نه ان جي چڱي مڙس جو ذڪر ۽ نه ان ڳوٺ جو ڪو پار پتو ۽ تعلقو، ضلعو لکيل آهي. جن درويشن جو تاريخ شورا ۾ ذڪر آهي اسان انهن جو هتي مختصر تعارف نقل ڪريون ٿا: (1) درويش حاجي شورو: سرڪار چاڪر هالا ۾ هڪ پر ڳڻو هو چاچڪان. انهي پر ڳڻي ۾ جوڻ نالي هڪ ڳوٺ هو جتي هڪ الله وارو درويش حاجي شورو رهندو. پاڻ مخدوم نوح، درويش اسماعيل چاڪي، سيد رڪن الدين، ۽ سيد عبدالڪريم جي صحبت ۾ رهيو ۽ فيض پرايائين (بحواله تحفة الڪرام) 2. درويش بولو کيدو: ڪوٽڙي کان ڏکڻ طرف سنڌو ندي جي ڀر ۾ کيدن شورن جو ڳوٺ آهي. انهن مان بولو فقير هڪ مست درويش هو. هن جون گهڻيئي ڪرامتون ٻڌايون وڃن ٿيون. (بحواله تحفة الڪرام) 3. درويش صابو فقير، شورن جي ڪيهر پوٽا پاڙي مان هو. تمام صبر وارو، ماٺيڻو ۽ نماڻو انسان هو. ڪاني ڪرامت وارو خدا رسيده شخص هو. سندس قبر حيدرآباد لڳ گنجو ٽڪر تي آهي. سندس قبر جي ڀر ۾ سندس ٻن هڱورن خليفن جون به قبرون آهن. (وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو تاريخ شورا صه 91 کان 93 تائين) ذاتي طرح تاريخ شورا جي ليکڪ، معاون ۽ ٻانهن ٻيلي ۽ ٻين جو آئون بيحد قدر ڪريان ٿو پر جيڪا کوٽ مذڪوره تاريخ ۾ هئي تنهن جي نشاندهي ڪرڻ سان گڏ آئون پاڻ کي به ان جو قصور وار سمجهان ٿو جو خود انهي تاريخ لکجڻ وقت مون به ليکڪ تائين بزرگ پيرو فقير جو احوال نه پهچايو. جنهن جو وڏو سبب هي هو جو مون کي ان جو تفصيلي احوال معلوم ڪو نه هو. پر هاڻي هِن مستقل ڪتاب لکجڻ سان بزرگ پيرو فقير شوري جو احوال تحريري صورت ۾ هميشه لاءِ تاريخ جو هڪ اهم باب بنجي ويو.


    ڳوٺ پيرو فقير شورو هڪ تعارف

    از: مولوي محمد يامين شورو

    ضلع سانگهڙ جي مشهور شهر ۽ تعلقي ٽنڊو آدم مان هڪ مين روڊ جهول، سانگهڙ ڏي وڃي ٿو. انهي مين روڊ کي لڳ پيرو فقير شوري جو ڳوٺ آهي. عام طرح انهي ڳوٺ جي بس اسٽاپ جو نالو ”شورا رستي“ آهي. ڳوٺ پيرو فقير شورو تعلقو ٽنڊو آدم جي هڪ يونين ڪائونسل به آهي ۽ ديهه لوهاڻو ۽ تپو لوهاڻو ۾ واقع آهي. مذڪوره ڳوٺ اتي جي مشهور بزرگ خليفه پيرو فقير شوري جي نالي آهي. هن ڳوٺ جي آدمشماري لڳ ڀڳ چار پنج هزار آهي ۽ منجهس مختلف قومن ۽ ذاتين جا ڇهه سؤ گهر موجود آهن. ڳوٺ جي قدامت اڄ کان ٽي سؤ سال اڳ جي معلوم ٿئي ٿي. هن ڳوٺ ۾ رهندڙ مختلف ذاتيون جهڙوڪ: سيد، شورا، سينهڙا، خاصخيلي، ابڙا، ٿهيم، راڄڙ، لاکا، مڱڻهار، ماڇي، شيخ، مستوئي، مڪراني ۽ هندن ۾ مينگهواڙ ۽ ڪولهي وغيره آهن. جيئن ته مذڪوره ڳوٺ پيرو فقير شوري جي نالي سڏجي ٿو، تنهنڪري ڳوٺ جي سربراهي ۽ وڏيرپ جي پڳ به شورن جي ئي حصي ۾ رهي آهي. هن ڳوٺ جي چڱن مڙسن ۽ نالي وارن نيڪ مردن ۾ حاجي گل محمد شورو وڏي همت ۽ هلندي وارو شخص ٿي گذريو آهي. حاجي گل محمد شورو، موجوده حاجي مختيار شوري جو والد صاحب هو. پاڻ صوم و صلوات جا پابند ۽ شريعت جي فيصلي تي سختي سان عمل ڪرڻ وارو هو. ڳوٺ ۾ ڪو به فيصلو ڪرڻو پيو ته، عالمن ڏي رجوع ڪندو هو، پوءِ جيڪا عالمن طرفان شرعي فتويٰ ملندي هئي تنهن تي فيصلي وارين ٻنهي ڌرين کي عمل ڪرائيندو هو. ڳوٺ وارا به سندس تمام گهڻي عزت ڪندا هئا ۽ سندس چوڻ تي عمل ڪندا هئا. ڪچهرين ۾ اڃا تائين سندس ڪيل ڪيترا فيصلا ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. 1982ع ۾ سندس وفات کان پوءِ سندس فرزند پنهنجي وڏن جي اها روايت برقرار رکيو اچي ۽ ڳوٺ وارن لاءِ آئي ويل همدردي ۽ مدد ڪندو رهي ٿو. حقيقت ۾ اهڙا باهمت وڏيرا ڳوٺ لاءِ ڇانوَ ڇپر آهن.
    ڳوٺ پيرو فقير شوري جي هڪ معزز شخصيت حاجي محمد يوسف شورو هو. حاجي محمد يوسف، حاجي الهه بخش شورو جو فرزند ۽ محترم حاجي مختيار شورو جو مامو هو. خير خيرات تمام گهڻي ڏيندو هو. مسجدن ۽ مدرسن سان تمام گهڻو تعاون ڪندو هو. هن درگاهه واري مسجد ۾ به تعاون ڪندو هو. پاڻ 30 نومبر 2005ع تي ظهر نماز جي جماعت سانپڙهي فارغ ٿيو، آخري دعا گهرندي وفات ڪيائين. ربّ سائين کيس جنت ۾ جايون عطا ڪري. آمين. سندس وڏو ڀاءَ سائين حاجي ڪريمداد شورو به سخي مرد هو، سخاوت تمام گهڻي ڪندو هو. ملهن جو شوقين هو، ملاکرن ۾ تمام گهڻو ويندو هو. ملهن کي وڏا انعام اڪرام ڏيندو هو. ربّ سائين سندن خير خيرات قبول ڪري. حاجي ڪريمداد جو هڪ پٽ الهڏنو سندس حياتي ۾ وفات ڪري ويو، حاجي محمد يوسف کي به اولاد ڪونه ٿيو. هاڻي سندن جاءِ تي سندن ڀاڻيجو حاجي امتياز علي شورو ڳوٺ وارن غريب مسڪينن کي سنڀاليندو اچي ۽ مدرسن ۾ به تعاون ڪندو رهي ٿو. ڏهاڙي ۾ به تمام سٺي فقير جي مسجد ۾ به تعاون ڪندو رهي ٿو. ڏهاڙي ۾ به تمام سٺي مدد ڪري ٿو ربّ سائين کيس اجر عظيم عطا ڪندو. ٻيا ڳوٺ وارا ۽ پاڙي وارا به حال آهر ڏهاڙي ۾ مدد ڪندا رهن ٿا.
    فقير غلام محمد ولد محمد حسين فقير شورو درگاهه واري مسجد جو سينگار هو. پوري پابندي سان پنج وقتي اذان ۽ نماز ۽ تهجد، قرآن شريف جي تلاوت سندس معمول هو. عبادتگذار ٻانهو هو، مسجد سان کيس بيحد محبت هئي.
    بزرگ پيرو فقير شوري جي خاندان سان، وڏيري گل محمد ۽ حاجي مختيار شوري جو رشتو ماماڻو آهي. جڏهن ته حاجي مختيار شورو صاحب کي بزرگ پيرو فقير شوري سان ڏاڍي عقيدت آهي ۽ ان جي خاندان کي به قدر ۽ عزت جي نظر سان ڏسي ٿو.
    ڳوٺ پيرو فقير شورو جي معززن مان هڪ نالو مولوي محمد صديق شوري جو به آهي. پاڻ مولانا مفتي محمد صديق خاصخيلي عرف فقير منٺار جو شاگرد ۽ سندس مدرسي جو استاد ۽ معاون رفيق هو. مولوي محمد صديق شورو اڄ کان ٻاويهه سال اڳ يعني 1994ع ۾ وفات ڪري ويو آهي البت سندس فرزند مولوي عبدالرحمان شورو موجود آهي جيڪو به استاد فقير منٺار جي خاص شاگردن ۽ سندس مدرسه جي فاضلن مان آهي. هن وقت پيرو فقير شوري جي درگاهه واري مسجد جو پيش امام آهي.
    ڳوٺ پيرو فقير شوري ۾ حڪمت ۽ طب جو ماهر جراح حڪيم محمد کٽي سومرو به هو جيڪو ڪجهه اڳي فوت ٿي ويو آهي کيس مرض جي سڃاڻ ۽ علاج ۾ وڏي مهارت هئي. اهڙي طرح ساڳي قاضي کٽي سومرن جي خاندان مان، خان محمد سومري جي والده به ٻارن جي علاج ۽ ڦڪين ستين ۽ ڏس پتن جي ماهر هئي هن ڳوٺ توڙي آس پاس جي ڳوٺن مان ايندڙ مريض ٻارن جو ڪامياب علاج ڪندي هئي، سندس هٿ ۾ ڏاڍي شفا هئي.
    حاجي الهه بخش خاصخيلي، مال جي بيمارين جو ماهر معالج هو اڄ به ڪيترا ماڻهو سندس ڪيل علاجن جا واقعا ٻڌائن ٿا مرحوم هن وقت وفات ڪري ويو آهي.
    هن ڳوٺ جي مينهين جي واپارين ۾ حاجي گل محمد بروهي جو نالو هڪ ايماندار واپاري طور مشهور آهي. جيڪڏهن ڪنهن ڍور مان وڌيڪ نفعو ٿيندو هئس ته انهي نفعي مان ڪجهه پيسا ڌڻي کي واپس موٽائي ڏيندو هو ۽ چوندو هو ته، اهو تنهنجو حق آهي. جيڪڏهن ڪو ڌڻي وٺڻ کان انڪار به ڪندو هو ته کيس زوري به ڏيئي ڇڏيندو هو. ڳوٺ پيرو فقير شوري جي سڄاڻ ۽ شوقين شخصن ۾ حاجي عبدالله فقير ولد محمد صديق يعني مولوي محمد صديق جو والد صاحب جو نالو به نمايان آهي. پاڻ ڀلن گهوڙن ڌارڻ جو تمام شوقين هو. وٽس هميشه سٺي نسل جا ڀلا گهوڙا هوندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ميلن ملاکڙن ۾ به گهوڙا ڀڄائيندو هو. اهڙي طرح حاجي مختيار شوري جو چاچو حاجي عطا محمد به گهوڙن جو ڏاڍو شوقين ۽ سدائين وٽس ڀلا گهوڙا هوندا هئا. حاجي مختيار صاحب جو مامو حاجي ڪريمداد شورو جيڪڏهن ڳوٺ ۾ ڪنهن جي چوري چڪاري ٿيندي هئي ته ڀاڳين سان تمام گهڻي مدد ڪندو هو. ورهاڙا وٺي پير کڻڻ ۾ وڏي همت وارو هو، پاڻ به پير کڻڻ جو ماهر هوته وري چورن کان چوري واپس ورائڻ ۾ به مڙس ماڻهو هو. کانئس چور پارٽي وارا لهرائيندا هئا.
    هن ڳوٺ وارن مان هِن وقت حاجي مختيار شوري جو نالو سماجي توڙي سياسي لحاظ کان ضلع سانگهڙ جي اهم شخصيتن ۾ شمار ٿئي ٿو. کيس ڳوٺ ۾ به وڏي عزت جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو ته آسپاس جا راڄ به سندس وڏو احترام ڪن ٿا. ٽنڊي آدم جي سگهارين ڌرين ۾ سندس وڏي هلندي آهي.
    ڳوٺ پيرو فقير شوري جي چڱي خاصي بازار به آهي جتي گهڻو ڪري ضرورت جي هر شيءِ موجود آهي سرڪاري هيلٿ سينٽر ڊاڪٽر ۽ ميڊيڪل اسٽور سميت ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ ٻه الڳ سرڪاري پرائمري اسڪول ۽ پوسٽ آفيس به آهي. هن ڳوٺ جو پوليس ٿاڻو ٽنڊو آدم آهي. مذهبي تعليمي حوالي سان هتي اهو درگاهه وارو مدرسو آهي جتي ناظره قرآن شريف جي تعليم ڏني وڃي ٿي.


    تحقيق جو بنيادي پٿر

    سنڌ جي مشهور شهر ٽنڊو آدم تعلقي جي هڪ يونين ڪائونسل پيرو فقير شورو جي نالي سان آهي.
    اصل ۾ اهو نالو ٻارهين صدي هجري جي آخر، ويندي تيرهين صدي ۽ چوڏهين صدي هجري جي بلڪل اوائلي بزرگن مان سهروردي سلسلي جي بزرگ خليفي پير محمد عرف پيرو فقير شوري جو آهي، جيڪو ملتاني بزرگن سان بيعت ۽ سلوڪ ۾ واسبته رهيو.
    منهنجي ڄاڻ موجب هن بزرگ خليفي بابت سنڌ جي اوليائن تي لکيل تاريخن ۾ نالي ماتر به مواد نظر مان ڪو نه گذريو آهي. اسان پنهنجي ڄاڻ، تحقيق ۽ ڇنڊ ڇاڻ مطابق هيستائين جيڪي معلوم ڪري سگهيا آهيون سو هن ڪتاب ۾ پيش ڪري رهيا آهيون. ڪجهه وقت اڳي آئون پهريون ڀيرو پنهنجي دوست مولوي عبدالڪريم شورو ڏيئي ٽنڊو باگو واري سان گڏ، پيرو فقير شورو جي خانقاه، واقع ڳوٺ پيرو فقير شورو لڳ ڳوٺ سچيڏنو ورياهه نزد جهول روڊ ٽندو آدم ڏي ويس. جتي اسان جي پهرين ملاقات ڳوٺ جي معزز جناب حاجي مختيار علي شوري سان ٿي، جيڪو ٽنڊو آدم جي خانداني زميندارن ۾ نالي وارو ۽ تمام خوش اخلاق، وڏي اثر رسوخ وارو، سياسي ۽ سماجي لحاظ کان به ڄاتل سڃاتل شخصيت، مهمان نواز، قومي همدرد ۽ قومي ڪاز لاءِ بهتر ۽ سڌارڪ سوچ وارو آهي. ساڻس پهرين ملاقات ۾ ڪچهري ڪندي کانئس ڏاڍو متاثر ٿيس.

    حاجي مختيار صاحب وٽ مانجهاندو ۽ ڪچهري ڪري اجازت وٺي درگاهه پيرو فقير شوري ڏي وياسون، جتي درگاهه سان لڳ مسجد نظر آئي ۽ درگاهه جي ڏاکڻي پاسي ديني درسگاهه ڏٺي سون. مسجد ۾ قرآن شريف جي تعليم لاءِ هڪ استاد به مقرر آهي جيڪو ڳوٺ جي ٻارن کي پڙهائي ٿو. البت ڳوٺ جون نياڻيون هن درسگاهه ۾ فقير جان محمد شوري وٽ پڙهن ٿيون. فقير جان محمد شورو الله لوڪ بزرگ آهي جيڪو هن درگاهه جو متولي به آهي. اتي پهچڻ سان فقير حاجي جان محمد شوري سان ملاقات ٿي. اڃا ساڻس خوش خير عافيت ڪري ڪچهري پئي ڪئي سون ته سندس عزيز مولوي عبدالرحمان ولد مولوي محمد صديق شورو به اچي مليو. مولوي عبدالرحمان شورو فقير منٺار خاصخيلي مرحوم جي خاص شاگردن مان آهي. سندس والد مولوي محمد صديق شوري جو فقير منٺار سان خاص تعلق هو ۽ فقير منٺار جي مدرسي جي خدمت ڪرڻ ۾ پيش پيش ۽ درس تدريس ۾ به شريڪ ڪار هو.
    ڪچهري دوران بزرگ پيرو فقير شوري جي سوانحي حالات بابت معلوم ڪرڻ تي پتو پيو ته، مذڪوره بزرگ جي زندگي جا حالات قلمبند ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش نه ڪئي آهي جنهنڪري منهنجي همسفر مولوي عبدالڪريم شورو (ڏيئي ٽنڊو باگو) مون کي حڪم ڪيو ته، بزرگ پيرو فقير شوري جي حالات کي تاريخ ۽ واقعات جي روشني ۾ سهيڙي ترتيب ڏيان. هي تحرير انهي حڪم جي بجا آوري تحت لکي ابتدا ڪئي اٿم. علاوه ازين درگاه پيرو فقير جي سجاده نشين فقير حاجي جان محمد شوري ۽ مولوي عبدالرحمان شوري کي به عرض ڪيم ته، توهان به جيڪي معلومات رکو ٿا سا مون کي عنايت ڪريو ته جيئن انهي جي روشني ۾ هڪ معلوماتي ڪتاب مرتب ڪريان. پيرو فقر شوري بابت هيستائين فقط هڪ تحرير ئي مضبوط ۽ پڪي معلومات طور جيڪا جيتوڻيڪ مختصر آهي پر هڪ قابل اعتماد اهل علم بزرگ مولانا مفتي محمد صديق عرف فقير منٺار خاصخيلي مرحوم جي آهي.
    منٺار فقير بابت ٻڌڻ ۾ آيو ته، پيرو فقير شوري جي پوٽي خضر فقير شوري سان ڪجهه وقت سفر ۽ حضر ۾ گڏ گذاريو هئائين. ان کي پيرو فقير جو گهڻو ڪجهه احوال معلوم هو. هن وقت پيرو فقير شوري جي درگاهه واري مسجد جي مُهاڙي واري وچين دروازي مٿان سنگ مرمر تي نقش ٿيل، فقير منٺار جي لکيل عربي ۾ تحرير موجود آهي. بس اها ئي تحرير قابل اعتماد آهي. آئون پهرين اها عربي عبارت نوٽ ڪريان ٿو ۽ پوءِ ان جو سنڌي ترجمو ڪري، وڌيڪ اڳتي پنهنجي گڏ ڪيل معلومات جيڪا انهي دؤر جي تاريخي جهلڪين تي مشتمل آهي سا پيش ڪندس.

    بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
    رَبَّنَا تَقَبَّلْ مِنَّا ۭ اِنَّكَ اَنْتَ السَّمِيْعُ الْعَلِيْمُ
    اول من بنيٰ هذا المجسد پيرو فقير شورو (عليھ الرحمة) قبل وفاتھ ثمانين سنة. و بنيٰ حجرة من جنوبھ متصلاً لتعليم القرآن واحڪام الاسلام. و درس فيھ زماناً طويلاً. فلما ضعف و عجز من اجراءِ شغلھ، اجريٰ ابنائھ و طلبائھ. رحل من دارا الفنا اليٰ دارالبقا 6 رجب 1306هه وکان عمره ماة و عشرين سنة. و دفن في جنوب مسجدڪ. وکانوا بنوه و بنو بنوه ڪلهم صالحين متورعين سلڪوا عليٰ طريقة السلف جزاهم الله خيرالجزاء فلما ضعف بنيان مسجد لمرور زمان طويل جدد تعميره من اولاده فقير احمد بن فقير حاجي شفيع وابن عمھ مولوي محمد صديق شورو بن فقير عبدالله في جمادي الثاني 1404هه تقبل الله سعيهما وسعي انصارهما. (منٺار فقير جو لکيل عربي تعارف ۽ تاريخ تعمير مسجد پوري ٿي)
    ترجمو: الله تعاليٰ جي نالي سان شروع ڪريان ٿو، جيڪو نهايت مهربان ۽ ٻاجهارو اهي.
    اي اسان جا پالڻهار! اسان جون دعائون قبول فرماءِ، بيشڪ تون ئي دعائون ٻڌڻ وارو ۽ ڄاڻڻ وارو آهين.
    هيءَ مسجد شريف پهريون ڀيرو جنهن بنائي هئي، سو هو بزرگ پيرو فقير شورو رحمة الله عليھ. جيڪا فقير صاحب جي وفات کان 80 سال اڳ (يعني 1266هه مطابق 11 1812ع ڌاري) ٺهي راس ٿي هئي. مسجد جي تعمير کان علاوه فقير صاحب مسجد جي لڳ ڏاکڻي پاسي قرآن شريف جي تعليم ۽ عام ماڻهن کي دين اسلام جا احڪام سيکارڻ ۽ ذڪر فڪر جي تلقين ڪرڻ لاءِ هڪ هال ڪمرو به تعمير ڪرايو. جنهن ۾ سالن جا سال بزرگ پيرو فقير شورو قرآن شريف جي تعليم سان گڏ سلوڪ ۽ معرفت جي طالبو فقيرن کي ذڪر فڪر جي تلقين به ڪندو رهيو. جڏهن پاڻ وڏي عمر هئڻ سبب جسماني طرح ڪمزور ٿي ويو ۽ تعليم و تدريس، ۽ ذڪر فڪر واري تلقين کي پوري طرح سر انجام نه پيو ڪري سگهي ته، ساڳي ڪم ۽ سلسلي کي سندس فرزندن ۽ شاگردن جاري رکيو. بزرگ پيرو فقير شورو 6 رجب 1306هه (يعني 1892ع ڌاري) 120 (هڪ سوويهه) سالن جي عمر ۾ دارالفنا ڇڏي دارالبقا ڏي راهي ٿي واصل بالله ٿيو. سندس مزار، مسجد جي لڳ ڏکڻ طرف آهي. جتي صبح شام زائرين دعاءِ مغفرت ۽ ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪندا رهن ٿا. اهڙي طرح پنجئي وقت فقير صاحب لاءِ ايصال ثواب جو سلسلو جاري آهي. بزرگ پيرو فقير جا پٽ توڙي پوٽا سڀ جا سڀ نيڪ صالح، ديندار، شريعت جا پابند ۽ طريقت جي راهه تي هلڻ وارا ۽ پنهنجي وڏن بزرگن ۽ اڪابرن جي واٽ جا پانڌي هئا. الله تعاليٰ انهن سڀني کي سندن نيڪ عملن جو بهتر اجورو نصيب فرمائي. آمين.
    جڏهن گهڻو زمانو گذرڻ ڪري مسجد جي عمارت زبون ۽ بوسيده ٿيڻ لڳي ته ان جي نئين سر اڏاوت جو ڪم، پيرو فقير شوري جي اولاد مان فقير احمد بن فقير حاجي شفيع محمد مرحوم ۽ سندس سؤٽ مولوي محمد صديق شورو بن فقير عبدالله شورو جمادي الثاني 4014هه (مارچ 1984ع) ۾ سر انجام ڏنو. الله تعاليٰ انهن ٻنهي بزرگن (فقير احمد ۽ مولوي محمد صديق) جي مسجد جي تعمير لاءِ ڪيل محنت ۽ ڪوشش قبول فرمائي ۽ جن به هن مسجد جي تعمير جي سلسلي ۾ جيترو به تعاون، مدد ۽ ڪوشش ڪئي تن سڀني کي الله تعاليٰ بهتر اجورا نصيب فرمائي. آمين.
    (فقير منٺار جي لکيل عربي تعارف جو سنڌي ترجمو پورو ٿيو)
    منٺار فقير مرحوم جا اسان احسان مند آهيون، جنهن اسان لاءِ مسجد جي تعمير، ۽ پيرو فقير جي خدمتن ۽ سندس سال وفات ۽ عمر بابت عربي ۾ مختصر تعارفي جملا لکي، ڪافي رهنمائي ڪئي آهي. ور نه ته شايد بزرگ پيرو فقير بابت اها مختصر پڪي معلومات به ملي نه سگهي ها.
    هاڻي اسان فقير منٺار مرحوم جي ليکت کي سامهون رکي بزرگ پيرو فقير شوري جي سن ولادت ۽ هجري سال مطابق عيسوي سن معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسون.
    ياد رهي ته، ڪجهه سال اڳي جهانگير صد ساله جنتري جي نالي سان هڪ ڪتاب جهانگير بڪ ڊپو اردو بازار لاهور وارن پهريون ڇاپو 1976ع ۾ ڇپرايو هو. انهي سؤ ساله جنتري ۾ هجري، عيسوي ۽ وڪرمي ڪيلينڊر مطابق سؤ سالن جا مهينا، تاريخون ۽ سال لکيل هئا جيڪي هڪ ٻئي جي مطابق ۽ برابر هئا. مذڪوره جنتري جي ابتدا، 1 جنوري 1901ع مطابق 9 رمضان 1318هه ۽ پوهه 1957 وڪرمي، ۽ پڄاڻي 1 ڊسمبر 2000ع مطابق 4 رمضان 1421 هه ۽ ماگهه 2057 وڪرمي تي ڪيل هئي. (يعني هڪ سؤ سال جو ڪلينڊر)
    اسان مولانا مفتي محمد صديق خاصخيلي مرحوم عرف استاد فقير منٺار جي لکيل تاريخ وفات 6 رجب 1306هه جو مطابق سن عيسوي مٿئين سؤ ساله جنتري کي سامهون رکي غور ڪيو ته، 1889ع ٿيو. پر جيئن ته هجري سال ۽ عيسوي سال ۾ هي فرق هوندو آهي ته، عيسوي سال ۾ گهڻو ڪري 365 (ٽي سؤ پنجهٺ) ڏينهن ٿين ٿا. ڇو ته عيسوي سال ۾ 31 (ايڪٽيهه) ڏينهن وارا 7 مهينا، ۽ 30 (ٽيهن) ڏينهن وارا 4 مهينا، باقي فيبروري ڪڏهن 28 ڏينهن جو ته، ڪڏهن 29 ڏينهن جو ٿئي ٿو. هجري سال وري گهڻو ڪري 355 (ٽي پنجونجاهه) يا 345 (ٽي سؤ پنجيتاليهه) ڏينهن وارو ٿئي ٿو. اهڙي ريت هجري سال، عيسوي سال کان اڪثر 10 (ڏهه) ڏينهن ننڍو ٿيندو آهي. انهي حساب کي سامهون رکي اسان جڏهن بزرگ خليفي پيرو فقير جي 120 (هڪ سؤ ويهه) سال ۾ آيل هجري سالن جي هر سال تي 10 ڏينهن واري ڪمي جوڙ ڪنداسون ته 120 سالن ۾ ٽوٽل 1200 (ٻارهن سؤ) ڏينهن ٿيندا، جنهن جا 3 سال، 3 مهينا ۽ 24 ڏينهن ٿين ٿا. ته هاڻي جڏهن خليفي پيرو فقير جي وفات واري سال 1406هه جو مطابق عيسوي سال ڪڍنداسون ته مٿئين حساب مطابق 1892ع ٿيندو. هاڻي اسان جي سمجهه مطابق جنهن صورت ۾ استاد فقير منٺار مرحوم صاحب خليفي پيرو فقير جي تاريخ وفات 6 رجب 1306هه لکي آهي ته، ان مطابق يقيني طرح عيسوي سال وفات 1892ع ٿئي ٿو. خليفي پيرو فقير جي تاريخ وفات بابت تفصيلي بحث هن ڪري ڪيو اٿم ته پڙهندڙ حضرات انهي تي غور ڪري تنقيدي نظر وجهن. جيڪڏهن منهنجو نڪته نظر درست آهي ته ٺيڪ جي نه ته، سندن درست تحقيق مطابق آئون پنهنجي غلطي جو ازالو ڪري هن ڪتاب جي ٻئي ايڊيشن ۾ اهڙي درستي ڪري ڇڏيان.


    سهروردي سلسلي جا روحاني اڳواڻ ۽ ملتاني خانقاهه جا سجاده نشين

    سهروردي سلسلو مشهور روحاني سلسلن مان هڪ آهي. هن سلسلي جا پوئلڳ سهروردي سڏجن ٿا جيڪي گهڻي ۾ گهڻا عراق، ايران، پاڪستان، هندستان ۽ بنگلاديش ۾ آهن. چشتي سلسلي کان پوءِ هندستان ۾ سهروردي سلسلو آيو. انهي سلسلي جو بنياد شيخ ضياء الدين ابو نجيب بغداد ۾ رکيو هو جيڪو امام غزالي (540هه) جي ڀاء احمد غزالي جو مريد هو ۽ بغداد جي قديم اسلامي يونيورسٽي جامعه نظاميه ۾ فقه شافعي پڙهائيندو هو. پر شيخ شهاب الدين کي سهروردي سلسلي جو باني مڃيو وڃي ٿو. تاريخ ابن خلڪان جي لکڻ مطابق 16 واسطن سان سندس نسب خليفي رسول سيدنا ابو بڪر صديق سان ملي ٿو. پاڻ زنجان جي هڪ ڳوٺ سهرورد ۾ 535هه ڌاري پيدا ٿيو. سندس تعليم ۽ تربيت سندس چاچي ۽ مرشد شيخ ابو نجيب سهروردي جي نگراني ۾ ٿي هئي.
    بغداد ۾ شيخ عبدالقادر جيلاني جي لاڏاڻي کان پوءِ شيخ ابو نجيب هڪ سال تائين ۽ ان کان پوءِ ڪيترائي سال شيخ شهاب الدين بغداد جي روحاني سربراهي جو نظام تمام سهڻي نمونه نڀايو. ان زماني ۾ شيخ بهاء الحق والدين زڪريا ملتاني ڪامل مرشد جي تلاش ۾ هندستان مان نڪري اسلامي دنيا جا ملڪن جا ملڪ گهمندو ڦرندو رهيو، تان جو پاڻ بغداد ۾ شيخ شهاب الدين جي مجلس ۾ وڃي پهتو ڄڻ ته هن کي جنهن املهه ماڻڪ جي تلاش هئي سو ملي ويو. مرشد ڪا مل به پوري ٻاجهه ۽ شفقت فرمائي فقط ٽن هفتن جي عبادت، ذڪر فڪر وغيره کان پوءِ کيس خلافت عطا ڪري، ملتان ڏانهه موٽي وڃڻ جو حڪم ڏنو ته ننڍي کنڊ ۾ سهروردي سلسلي جا بنياد مضبوط ڪري. شيخ زڪريا ملتاني جي جدوجهد زبردست ڪامياب ٿي. پاڻ ملتان، اُوچ، ۽ ٻين جاين تي سهروردي سلسلي جون مشهور خانقاهون قائم ڪيون. شيخ زڪريا ملتاني جي مشهور خليفن ۾ شيخ اسماعيل قريشي، شيخ حسين، شيخ نٿو، شيخ فخر الدين ابراهيم عراقي، سيد جلال سرخ بخاري ۽ شيخ صدرالدين عارف مشهور آهن. شيخ زڪريا ملتاني جي قائم ڪيل خانقاه جا سجاده نشين:
    1. شيخ بهاء الحق والدين محمد زڪريا ملتاني (566هه 666هه عمر 100 سال)
    2. شيخ صدرالدين محمد عارف بالله.
    3. شيخ رڪن الدين قطب عالم.
    4. شيخ اسماعيل شهيد.
    5. شيخ محمد حاجي.
    6. شيخ رڪن الدين اسماعيل سمر قندي
    7. شيخ عماد الدين محمد.
    8. شيخ صدرالدين عليم.
    9. شيخ يوسف شاهه.
    10. شيخ برهان الدين اسماعيل.
    11. شيخ يحيٰ.
    12. شيخ شهرالله.
    13. شيخ بهاء الدين.
    14. شيخ ڪبير المنير.
    15. شيخ محمد قاسم.
    16. شيخ ڪبير.
    17. شيخ بهاء الدين ثاني.
    18. شيخ محمد قاسم ثاني.
    19. شيخ وجيهه الدين.
    20. شيخ محمد زڪريا.
    21. شيخ محمد زمان.
    22. شيخ محمد غوث.
    23. شيخ بهاء الدين لقب ڀاون شاهه.
    24. شيخ محمد غوث.
    غالب گمان آهي هن بزرگ شيخ محمد غوث جي سجاده نشيني واري دؤر ۾، ڪاماري شريف (ٽندو الهيار) جي بزرگ پير اشرف شاهه قريشي جو والد صاحب پير محمد غوث قريشي سنڌ مان غوثيه جماعت جي فقيرن جي اڳواڻي ڪندي ملتان پهچندو هو. اهڙو حوالو ڪتاب اذڪار قلندري مان ملي ٿو. والله اعلم.
    25. شيخ ولايت شاهه.
    26. مخدومه بي بي راجي.
    27. مخدوم شاهه محمود.
    28. مخدوم بهاول بخش.
    29. مخدوم حسن بخش.
    30. مخدوم مريد حسين.
    31. مخدوم سجاد حسين.
    32. مخدوم شاهه محمود حسين.
    (نوٽ: هيءَ لسٽ اردو ڪتاب درس غوثيھ (صفحه 33 کان 35 تائين) تان ورتي وئي آهي.)

    غور طلب:
    خانقاهه شيخ بهاء الحق والدين زڪريا ملتاني جي سجاده نشينن جي مٿين لسٽ تي نظر وجهڻ سان هيءَ سوال ذهن تي اچي ٿو ته، بزرگ خليفه پيرو فقير شورو جن ڏينهن ملتان ڏي ويندو هو ته انهن ڏينهن خانقاه جو سجاده نشين ڪير هو؟ پر جيئن ته اسان کي انهن سجاده نشين بزرگن جا سال ولادت ۽ سال وفات ملي نه سگهيا آهن فقط نالن جي مٿين لسٽ ميسر ٿي سگهي آهي تنهنڪري يقين سان ڪجهه به چئي نه ٿا سگهون. البت هڪ اندازي مطابق چئي سگهون ٿا ۽ ان بابت مٿي ڪتاب اذڪار قلندري جو حوالو به ذڪر ڪيو اٿئون ته، ”جن ڏينهن ڪاماري شريف (ٽنڊي الهيار) وارو پير محمد غوث قريشي (پير اشرف شاهه قريشي جو والد) ملتان ڏي جماعتون وٺي ويندو هو، تن ڏينهن ملتان واري مذڪوره خانقاه جو سجاده نشين شيخ محمد غوث هو.“ اسان جي پيش ڪيل مٿين لسٽ ۾ شيخ محمد غوث جو چوويهون نمبر آهي. هاڻي غور ڪرڻ کپي ته، پير محمد غوث شاهه قريشي ڪاماري واري جو سال وفات 1230هه آهي ۽ ان وقت بزرگ خليفو پيرو فقير شورو 44 (چوئيتاليهه) سالن جو هو ته اهڙي صورت ۾ هي چئي سگهجي ٿو ته، خليفي پير وفقير شوري کي سندس استاد حافظ محمد حسن کٽي اندازاً ان وقت ملتان ڏي بيعت ڪرائڻ لاءِ وٺي ويو هوندو جڏهن خليفو پيرو فقير وڌ ۾ وڌ ويهارو سالن جو هوندو. ٿي سگهي ٿو ته، ان وقت سجاده نشين ٽيويهون نمبر شيخ بهاء الدين عرف ڀاون شاهه هجي، پر جي اهو نه هوندو ته، چوويهون نمبر سجاده نشين شيخ محمد غوث ته لازمي هوندو. جيڪڏهن اسان جي انهي اندازي کي گمان غالب طور تسليم ڪيو وڃي ته پوءِ هي ڳالهه صحيح بيهندي ته، خليفي پيرو فقير شوري پنهنجي ايامڪاري ۾ ٽن چئن سجاده نشينن هر هڪ: چوويهون نمبر شيخ محمد غوث، پنجويهون نمبر شيخ ولايت شاهه، ڇويهون نمبر مخدومه بي بي راجي جو دؤر ڏٺو ۽ ٻڌو. خليفو پيرو فقير شورو غالب گمان مطابق انهن بزرگن جي دؤر ۾ ملتان وڃي درگاهه تي حاضري ڏيندو هو ۽ ذڪر فڪر جي تلقين ۽ هدايت نصيحت حاصل ڪندو هو. هڪ واقعو به هن ڪتاب ۾ ”حالات، واقعات“ جي عنوان هيٺ ذڪر ٿيل آهي. سو هيءَ ته ”هڪ ڀيري کير کڻي روانا ٿيا ته واٽ تي برسات پئجي وئي. زوردار برسات ۾ به وڃي منزل تي پهتا ۽ حويلي جي ڏيڍيءَ تي پهچي دروازي تي ڌڪ هنيائون ته، جيجيءَ ٻانهي کي چيو ته، ٻاهر وڃ، پيرو فقير برسات ۾ کير کڻي آيو آهي، تنهن جا ڪپڙا پسي ويا هوندا ۽ هي سڪل ڪپڙا کڻي وڃي ڏئينس ته پائي ۽ وٽانئس کير به کڻي اچ. ٻانهي ٻاهر نڪري جڏهن پيرو فقير وٽ پهتي ته، پيرو کانئس پڇيو ته، هي ڪپڙا ڇو کڻي آئي آهين؟ ته ٻانهي وراڻيو ته، جيجيءَ ڏنا آهن ته پيرو فقير جا ڪپڙا برسات ۾ پسي ويا هوندا، سو هي سڪل ڪپڙا پائي. پيرو فقير اهو ٻڌي ٻانهي کي چيو ته، جيجي امان کي وڃي چئو ته، الله جي مهرباني ۽ اوهان جي دعا سان، آئون ڪڪرن جي مڙيئي مٿڀرو پئي آيس ۽ منهنجا ڪپڙا برسات ۾ پسڻ کان بچي ويا آهن.“ انهي ذڪر ٿيل واقعي ۾ جنهن بي بي سڳوري جو تذڪرو اچي ٿو منهنجي غالب گمان ۾ اها اُها ئي مخدومه بي بي راجي آهي جنهن جو سجاده نشيني واري لسٽ ۾ ڇويهون نمبر اچي ٿو. وڌيڪ الله بهتر ڄاڻي ٿو.


    خليفي پيرو فقير شوري جي دؤر جون تاريخي جهلڪيون

    جيئن ته خليفو پيرو فقير شورو (ولادت 1186هه مطابق 1772ع وفات 6 رجب 1306هه مطابق 1892ع) ٻارهين صدي هجري جي آخري حصي، ويندي تيرهين صدي ۽ چوڏهين صدي هجري جي بلڪل اوائل جو بزرگ، طريقت ۽ معرفت جو سالڪ، عابد زاهد، تارڪ الدنيا فقير اهل الله درويش هو. انهي ڪري ٻارهين صدي جي بزرگن عالمن جي ولادت ۽ وفات جا سال سامهون رکي خليفي پيرو فقير جي پيدائش ۽ وفات واري سال سان ڀيٽ ڪري انهي دؤر جو تعارف ڪرايون ٿا.
    ٻارهين صدي هجري جو زمانو، هڪ زبردست مردم خيز زمانو ٿي گذريو آهي. هڪ طرف اسلامي بادشاهت جي زوال يا زبوني جا آثار ظاهر ٿي رهيا هئا، ته ٻئي طرف هر هڪ اسلامي ملڪ ۾ هزارن جي تعداد ۾ عالم، عارف ۽ شاعر پيدا ٿي رهيا هئا. هندستان يا ترڪي کي ڇڏي فقط سنڌ جي ننڍڙي ٽڪري تي نظرو جهبي ته، ان زماني ۾ جڏهن سنڌي زبان زنده ۽ اَمر بنجي وئي، اسان جي سنڌ ۾ سوَن جي تعداد ۾ صاحب ڪمال بزرگ موجود هئا. سنڌ جو مرڪزي شهر ٺٽو، ان دؤر ۾ وڏن وڏن عالمن، چوٽي جي شاعرن ۽ عارفن ڪاملن سان ڀرپور هو. ان کان سواءِ سنڌ جي ننڍن ڳوٺن ۾ به ڪيترائي ڪامل، ڪماليت وارا بزرگ موجود هئا.

    هيٺ اسان ٻارهين صدي هجري جي ڪن بزرگن عالمن جا تاريخ ولادت ۽ وفات لکي، ان سان خليفي پيرو فقير شوري جي ولادت ۽ وفات واري سال کي ڀيٽي پڙهندڙن آڏو هي ڳالهه واضح ڪرڻ گهرون ٿا ته، پاڻ فقير صاحب جن به سنڌ جي انهن ئي باڪمال بزرگن ۾ شمار ٿين ٿا.
    1. مشهور بزرگ ۽ سنڌ جي سرتاج صوفي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي وفات 1165هه مطابق 1752ع ۾ ٿي. جنهن کان 21 (ايڪيهه) سال پوءِ پيرو فقير شوري جي ولادت ٿي.
    2. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جيڪو ڪلهوڙا دؤر ۾ قاضي القضاة رهيو پاڻ سنڌ ۾ قرآن حديث ۽ فقه ۾ ايتري مهارت رکندو هو جو کيس سنڌ جو امام ڪري مڃيو وڃي ٿو. مخدوم محمد هاشم (ولادت 1104 هه وفات رجب 1174هه = مطابق 1761ع) جي وفات کان ٻارهن سال پوءِ پيرو فقير جي پيدائش ٿي.
    3. مخدوم محمد معين ٺٽوي جيڪو شاهه ڀٽائي جي دوستن مان هو (وفات 1161هه مطابق 1748ع) جي وفات کان 25 (پنجويهه) سال پوءِ پيرو فقير شورو پيدا ٿيو.
    4. حضرت شيخ بهاء الدين زڪريا ملتاني جي مريد مخدوم عبدالرئوف مٽياري واري جي وفات 1166هه مطابق 1753ع ۾ ٿي، جنهن کان 20 (ويهه) سال پوءِ پيرو فقير جي پيدائش ٿي.
    5. مشهور محدث شاهه ولي الله دهلوي 1176هه ۾ وفات ڪئي جنهن کان 10 (ڏهه) سال پوءِ پيرو فقير جي ولادت ٿي.
    6. ٽنڊي الهيار جي مشهور بزرگ مخدوم ميان صابر ولهاري نقشبندي، جنهن جي زيارت لاءِ شاهه ڀٽائي به خود هلي آيو، تنهن جي وفات 1135هه مطابق 1722ع ۾ ٿي. ان جي وفات کان 51 (ايڪونجاهه) سال پوءِ پيرو فقير پيدا ٿيو.
    7. مشهور نقشبندي بزرگ ۽ مجاهد شهيد مخدوم عبدالرحيم مڱريو گرهوڙي (ولادت 1152هه شهادت 1192هه مطابق 1778ع) جي شهادت کان 6 (ڇهه) سال اڳ پيرو فقير پيدا ٿيو.
    8. ضلع خيرپور تعلقي گمبٽ ڳوٺ درازا جو سچل سرمست حافظ عبدالوهاب (ولادت 1152هه مطابق 1739ع ۽ وفات 2 رمضان 1231هه) پيرو فقير شورو، سچل سرمست جي ولادت کان 34 (چوٽيهه) سال پوءِ پيدا ٿيو ته، سچل جي وفات کان 75 (پنجهتر) سال پوءِ به پيرو فقير زنده رهيو.
    9. ڪامارو شريف (ٽنڊو اولهيار) جي پير اشرف شاهه قريشي (ولادت 1214هه مطابق 1799ع ۽ وفات 1277هه مطابق 1860ع) سانول سائين پير اشرف شاهه قريشي ڪامارائي جي پيدائش کان پيرو فقير 27 (ستاويهه) سال اڳ پيدا ٿيو، يعني ته پير اشرف شاهه جي ڄمڻ وقت، پيرو فقير شورو ستاويهه سالن جو هو. جڏهن پير اشرف شاهه قريشي جيڪو حضرت غوث بهاء الدين جي اولاد مان آهي ۽ سهروردي سلسلي جو بزرگ آهي تنهن جي وفات ٿي ته، پيرو فقير شورو 88 (اٺاسي) سالن جو عمر رسيده هو، جيڪو پوءِ 120 سالن جي عمر ۾ سن 1306هه ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
    10. شاهه عنايت رضوي نصرپوري جي وفات 1160هه ۾ ٿي. جنهن کان 26 (ڇويهه) سال پوءِ پيرو فقير شوري جي ولادت ٿي.
    11. نصرپور جو مشهور ڪافين جو بادشاهه سيد مصري شاهه (ولادت 1245هه مطابق 1828ع ۽ وفات 1335هه مطابق 1906ع) مصري شاهه کان 59 (اوڻهٺ) سال اڳ پيرو فقير پيدا ٿيو ۽ مصري شاهه جي وفات کان 29 (اوڻٽيهه) سال اڳ پيرو فقير وفات ڪري ويو.
    پيرو فقير شوري جي ڄمڻ وقت ۽ سندس حياتي ۾ خاص ڪري هي تاريخي واقعا ٿيا.
    (الف) 3 جمادي الاول 1186هه مطابق 2 آگسٽ 1772ع تي سنڌ جو حاڪم ميان غلام شاهه ڪلهوڙو وفات ڪري ويو انهي ئي سال پيرو فقير شوري جي پيدائش ٿي.
    (ب) پيرو فقير شوري جي پيدائش کان 4 (چار) سال اڳ سنڌ جي مشهور شهر حيدرآباد جو سنگ بنياد رکيو ويو. حيدرآباد جي سنگ بنياد جي تاريخ قرآن شريف جي هن آيت: يارب اجعل هذا البلد آمناً (اي پالڻهار هن شهر کي امن ۽ سلامتي وارو بناءِ) مان نڪري ٿي اها تاريخ انهي آيت جي ابجد جي حساب سان ”1182“ هه ٿئي ٿي.
    (ج) خليفو پيرو فقير شورو جڏهن ستن سالن جو ٿيو ته سندس اباڻي ڳوٺ پيرو فقير کي ويجهو مشهور شهر ٽنڊو آدم جو بنياد 1779ع ۾ پيو. هن شهر جو باني آدم خان مري هن علائقي جو وڏو سخي مرد ۽ نيڪ انسان هو. سندس مقبرو تعلقي کپري ۾ آهي.
    (د) ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي وفات کان پوءِ، ڪلهوڙا حڪمران پنهنجي فوجي عملدار ٽالپرن سان ڦٽائڻ لڳا. ڪلهوڙا حڪمرانن ۾ ميان يار محمد اخلاق ۽ فضيلت ۾ بهترين شخص هو. ٻئي درجي تي ميان نور محمد ڪلهوڙو ۽ ٽئي درجي تي ميان غلام شاهه ڪلهوڙو هو.
    (هه) ڪلهوڙن ۽ ميرن جي وچ ۾ اختلاف وڌندا سخت دشمني ۽ عداوت تائين پهچي ويا. تان جو هڪ ٻئي جي خون جا پياسا بنجي پيا. نتيجي ۾ سن 1196هه مطابق 1782ع ۾ هالاڻي ميدان وٽ ڪلهوڙن ۽ ميرن جي وچ ۾ هڪ فيصلي ڪن لڙائي لڳي. جنهن ۾ ڪلهوڙن شڪست کاڌي ۽ مير فتح علي خان ٽالپر ڪامياب ٿيو.
    (و) ڪلهوڙن جي حڪومت جو دؤر تقريباً اسي ٻياسي سال رهيو، جنهن کان پوءِ ميرن جو دؤر آيو. جيستائين ميرن جو پاڻ ۾ اتفاق، ٻڌي ۽ هڪ ٻئي جي صلاح ۽ مشوري سان حڪومتي انتظام هلائڻ جو سلسلو رهيو، تيستائين ته مير سٺي نمونه حڪومت هلائيندا رهيا. پر تقريباً سٺ سالن بعد جڏهن منجهن هڪ ٻئي سان نااتفاقي ۽ اندروني اختلافن جو سلسلو ايترو وڌيو جو سنڌ تي ميرن جو راڄ به ضلعن، تعلقن جي صورت ۾ ورهائجي رياستي انتشار جو شڪار ٿي ويو، ته ٻئي پاسي سمنڊ پار ڌارئي انگريز، واپاري صورت ۾ اچي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پنهنجون واپاري ڪوٺيون قائم ڪري، ميرن ۾ هڪ ٻئي لاءِ وڌيڪ نفرت ۽ نفاق جو ٻج وجهي ميرن جي حڪومت جا بخيا اکيڙي ڇڏيا. نيٺ انگريز ملڪ گيري جي هوس ۽ سنڌ کي پنهنجي بيٺڪ بنائڻ جي لالچ ۾ ميرن سان جنگ جوٽڻ جا منصوبا ٺاهڻ لڳو. آخرڪار سر چارلس نيپئر حيدرآباد تي ڀرپور حملو ڪيو ۽ مياڻي جي مشهور جنگ لڳي. جنهن ۾ سنڌ جي حڪمران ميرن هارايو ۽ گورا انگريز ڪامياب ٿي ويا. جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جي مقامي ماڻهن جو راڄ ختم ٿي ويو. اهو ئي سبب آهي جو 1149هه مطابق 1843ع وارو اهو سال سنڌ لاءِ منحوس ثابت ٿيو جنهن ۾ سنڌ جي آزادي هميشه لاءِ سلب ٿي وئي.
    (ز) مخدوم ابوالحسن سنڌي جيڪو سنڌي الف ب وارن ٻاونجاهه اکرن جي سٽا ۽ ترتيب جو باني ۽ پڻ سنڌي صورتخطي جو باني تسليم ڪيو وڇي ٿو ۽ انهي ڪم ۾ ساڻس شامل سنڌي عالمن جي تيار ڪيل عربي رسم الخط ۾ سنڌي صورتخطي کي جديد پيرايه ۾ سن 1853ع ڌاري مڪمل طرح جوڙي راس ڪيو ويو. جنهن کان پوءِ سنڌي پرائمري اسڪولن جو سلسلو شروع ڪيو ويو. اهڙي طرح سنڌ جي وڏن وڏن شهرن جي اسڪولن ۾ ديسي ماڻهن کي انگريزي سيکارڻ جو به بندوبست ڪيو ويو.
    (ح) سن 1871ع ۾ وڏن شهرن کان اڳتي وڌائي ننڍن شهرن ۾ به سرڪاري سطح تي سنڌي اسڪول قائم ڪرڻ شروع ڪيا ويا. انهي ڪري سنڌي پرائمري تعليم ڪجهه قدر عام ٿيڻ لڳي. انگريز آفيسرن کي به سنڌي سکڻ جو حڪم ڪيو ويو. خليفي پيرو فقير شوري کي هلندڙ هجري سال 1438هه تائين وفات ڪندي 132 (هڪ سؤ ٻٽيهه) سال گذري ويا آهن پر جي سندس ولادت کان وٺي هيستائين جو عرصو شمار ڪنداسون ته پورا 252 (ٻه سؤ ٻاونجاهه) سال ٿين ٿا. جڏهن ته شاهه ڀٽائي کي لاڏاڻو ڪندي هلندڙ هجري سال 1438هه تائين 273 (ٻه سؤ ٽيهتر) سال يعني ذري گهٽ پوڻا ٽي سؤ سال گذري ويا آهن.


    ٿر ۽ بر ۾ خليفي پيرو فقير جا پنڌ

    از: پروفيسر مراد علي راهمون

    اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين
    آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
    هو جي جيءُ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.
    سنڌ ڌرتي هميشه کان وٺي الله وارن ۽ اوليائن جي آماجگاهه رهي آهي، اهڙا بزرگ، ذڪر فڪر جي ذريعي، خلق کي پنهنجي حقيقي خالق سان ملائڻ ۽ عوام کي الله پاڪ سان جوڙڻ لاءِ، ڏينهن رات رياضت ۾ مصروف هوندا آهن. اهڙن صوفي بزرگن مان حضرت پيرو فقير شورو عليه رحمته هڪ هو، سندن وڏا اصل ٻُڍاپور ضلعي ڄامشوري مان لڏي اچي هاڻوڪي جوءَ ۾ آباد ٿيا جيڪا سنڌ جي قديم تخت گاهه، منصوره کان چند ميلن جي فاصلي تي ٽنڊو آدم جهول روڊ تي آهي، منصوره سنڌ جو هن وقت اهو ڦِٽل شهر آهي، جتي عرب دور ۾ 270هه/883ع ڌاري قرآن پاڪ جو سنڌيءَ ٻولي ۾ ترجمو ٿيو، سنڌ بابت ڪيتريون ئي روايتون ملن ٿيون جن مان ان جي عظمت ۽ فضيلت ظاهر ٿئي ٿي.
    حضرت پيرو فقير شورو رح ننڍپڻ کان ئي نيڪ ۽ صالح طبيعت جو مالڪ هو، سندن خاندان جو روحاني تعلق، حضرت بهاءِ الدين زڪريا ملتاني عليه الرحمت جي گادي سان هو. پيرو فقير، عبادت ۽ رياضت جي ذريعي سلوڪ جون منزلون طئي ڪيون ۽ خلافت جي درجي تي پهتو، حضرت غوث بهاءالدين زڪريا ملتاني عليه الرحمت، جڏهن علم جي تڪميل ڪرڻ کانپوءِ، بخارا ۽ خراسان ۾ رهي وڌيڪ علم جون سندون حاصل ڪيون ۽ حج بيت الله جي ادائگي بعد بغداد ۾ حضرت شهاب الدين سهروردي رحمت الله عليه کان خلافت جو خرقو وٺي واپس ملتان پهتو ته حضرت غوث پاڪ رح ڪي غير رسمي قدم کنيا. هڪ وڏو مدرسو ۽ خانقاهه تعمير ڪرايائين جتي هڪ پاسي مختلف علوم جي تحصيل ٿيندي هئي ته ٻي پاسي خانقاهه ۾ تزڪيه ۽ تربيت ٿيندي هئي. زراعت ۽ تجارت جا اصول ۽ طريقا به سيکاريا ويندا هئا. جماعتون تيار ڪري، دعوت و تبليغ لاءِ مختلف علائقن طرف موڪليون وينديون هيون جن وٽ تجارتي سامان به هوندو هو. غوثيه سهرورديه جماعت ۾ حضرت غوث پاڪ رح کان وٺي، تبليغي قافلا تيار ڪري سفر تي نڪرڻ جي وڏي اهميت رهي آهي. انهي کي تزڪيه ۽ تربيت جو بهترين نظام سمجهيو ويو آهي. قافلن جي صورت ۾ ڪڏهن سوارين تي ۽ ڪڏهن پيادل پنڌ ڪبو هو، ان ڪري هن راهه جي فقيرن کي پانڌي به سڏبو آهي. غوثيه جماعت ۾ سماع ۽ تسبيحات جو ذڪر به ٿيندو آهي، غوثيه جماعت ۾ دعوت طعام جو به رواج آهي، جنهن کي خاص نالو ”روٽ“ ڏنو ويو آهي. ذڪر جي تسبيحات ۾ ڪلمي طيبه جو ورد ڪيو ويندو آهي. اهي تسبيحات ٽي آهن. 1. ڪلمه طيب جو پهريون حصو لااِلا الالله 2. الله 3. هو سنڌ ۾ ، سماع ۽ ذڪر فڪر جو سلسلو غوثيه جماعت کان شروع ٿيو آهي، سماع ۾ پهريون الله جي تعريف ڪبي آهي، پوءِ رسول الله صلي الله عليه وسلم جي محبت ۽ عظمت جو ذڪر ٿيندو آهي. ان کانپوءِ مرشد جي منظوم مدح ڪئي ويندي آهي. انهي سان فقيرن جو ايمان تازو ٿيندو آهي. منجهن جوش جذبو پيدا ٿيندو آهي.
    حضرت پيرو فقير به ساڳيو طريقو استعمال ڪيو. ذڪر و فڪر جون جماعتون تيار ڪري، سنڌ هند ۾ موڪليون وينديون هيون، حضرت پيروفقير رح، ٿر جون جماعتون تيار ڪرائي ملتان ۾ تربيت ڪرائي واپس ٿر ۽ ناري ۾ موڪليندو هو. اهي جماعتون سماع ۽ ذڪر فڪر جون مجلسون قائم ڪري، الله ۽ الله جي رسولﷺ جي محبت جو درس ڏينديون هيون، اهڙين جماعتن جي تياري ۾ جن مقامي ماڻهن مدد ڪئي. تن ۾ ڳوٺ عيداڻي تعلقه ڇاڇرو مان سميڙو فقير راهمون ۽ ڳوٺ ساڪري راهما، ڳوٺ ساڪريو سميجا، ڳوٺ لاکڻيون، ڳوٺ ويراڙو سميجا جا ڳوٺ و ٻهراڙي، ڳوٺ کيمي جو پار، ڳوٺ رڙاڪر، ڳوٺ سڄڻ پار، ڳوٺ ڍوري، ڳوٺ صلاحاڻي، ڳوٺ جيسي جو پار، ڳوٺ ٻگل سميجا ۽ ننگرپارڪر وغيره جا فقير شامل هوندا هئا. سميڙو فقير تمام گهڻو سرگرم هوندو هو، حضرت پيرو فقير کيس سدائين گڏ کڻندو هو. حضرت پيرو فقير ارڙهين صدي جي پڇاڙي ۾ 1770ع/1184هه ڌاري ڄائو ۽ 19 صدي جي آخر ۾ 3 مارچ 1889ع مطابق 6 رجب 1306هه تي رحلت ڪري ويو. پيرو فقير عليه الرحمت کي الله تعاليٰ وڏي ڄمار ڏني هئي. سندس دور ۾ ملتان ۾ غوثيه درگاهه جا گادي نشين حضرت بيبي مخدومه راجي رح، حضرت مخدوم شاهه محمود قريشي اول، حضرت مخدوم بهاول بخش قريشي رهيا آهن، پيرو فقير جي رحلت کانپوءِ سندس پٽ، عبدالواحد فقير، عبدالرحمان فقير، عبدالرئوف فقير، ادريس فقير، ابراهيم فقير ۽ پوٽن ۾ حاجي ڏاڏو خضر فقير رح ۽ حاجي محمد فقير رح غوثيه جماعت ۾ سرگرم رهيا، ان کانپوءِ حاجي محمد صديق فقير، حاجي شفيع محمد فقير رح، حاجي عبدالله فقير، يار محمد فقير وغيره سنڌ ۽ ٿر ۾ دورا ڪري جماعتون تيار ڪري ملتان موڪليندا رهندا هئا. اهڙي طرح سهروردي سلسلي جو فيض سنڌ ۽ هند ۾ ، حاجي پيرو فقير رح جي پوين جي ذريعي به پکڙندو رهيو، 1945ع کانپوءِ حاجي محمد فقير شورو رح جي قافلي ۾ استاد منٺار فقير خاصخيلي رح اچي شريڪ ٿيو جيڪو سندن پاڙيسري ڳوٺ سچيڏنو ورياهه ۾ مدرسو کولي شاگرد پڙهائيندو هو ۽ عالم گهرائي پاڻ به انهن کان اعليٰ علوم جي تحصيل ڪندو هو. اهڙي طرح درس نظامي جو نصاب پورو ڪري 1380هه /1960ع ۾ چاليهه سالن کان وڌيڪ ڄمار ۾ دستار بند ٿيو هو. سميڙو فقير راهمون جي اولاد ۾ سومار فقير راهمون، ڏاڏو خضر فقير ۽ حاجي محمد فقير شورو سان نڀائيندو رهيو، سومار فقيرراهمون جو فرزند، فقير لکمير راهمون (1339هه /1920ع….. 1991ع، آخر تائين فقيرن سان صحبت ۽ سفر ۾ نڀائيندو رهيو، ڪجهه وقت منهنجو والد صاحب مرحوم محمد حيات راهمون (1925ع – 2006ع) به 1948ع /1368هه ۾ حاجي پيرو فقير رح جي ڳوٺ ۾ فقير لکمير راهمون سان گڏ رهيو ۽ تزڪيه ۽ تربيت جو مرحلو طئي ڪيائين، پوءِ حاجي محمد فقير ۽ ٻين جون ڳوٺ ڪيرلو ۾ دعوتون به ڪندو هو، فقير لکمير به گڏ هوندو هو، اهڙو پروگرام ٺاهي حاجي شفيع محمد فقير، حاجي عبدالله فقير، حاجي منٺار فقير ۽ ٻيا ڳوٺ عيداڻي کان ٿي، اسان وٽ 1969ع ۾ ڳوٺ ڪيرلو تعلقه عمر ڪوٽ ۾ پهتا هئا، جتي استاد منٺار فقير عليه الرحمت جمعو پڙهايو هو ۽ درس قرآن به ڏنو هو.
    حاجي محمد فقير شورو سان گڏجي استاد منٺار فقير خاصخيليرح ٿر، سنڌ ۽ پنجاب جا ڪيترائي سفر ڪيا، استاد منٺار فقير رحمت الله عليه (1914ع /1332هه…..2006/1427هه) چوندو هو ته ”اسان ٻاهريان عالم سڳورا گهرائي پنهنجي ڳوٺن ۾ جلسا ڪرائيندا هئاسون“، جن ۾ مولانا عبدالحق ڀٽو پڊعيدن واري جو خاص طور تي نالو وٺندو هو، ”جماعت ٺاهي ڳوٺن ۾ دعوت و تبليغ جو ڪم ڪندا هئاسون، سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر بزرگن ۽ عالمن سان ملڻ لاءِ سفر ڪندا هئاسون.“ اهڙا سفرناما استاد منٺار فقير ڊائرين تي لکيا به آهن جيڪي مدرسي ۾ مفتي محمد يعقوب مگسي صاحب وٽ محفوظ آهن. هن وقت مفتي صاحب استاد منٺار فقير عليه رحمت جو مدرسو تمام سٺي نموني هلائي رهيو آهي.
    مون پهريون ڀيرو، هنن الله وارن بزرگن جي زيارت 1969ع ڌاري پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪئي، ان کانپوءِ جڏهن ميٽرڪ جو امتحان ڏيئي ديني تعليم وٺڻ جو عزم ڪيو ۽ چاچي فقير لکمير رح ۽ بابا سان مشورو ڪيم ته هنن ٻنهي بزرگ فقيرن جي دوست فقير منٺار خاصخيلي جي مدرسه عربيه ڳوٺ سچيڏنو ورياهه ۾ پڙهڻ جي صلاح ڏني، آئون 29 شعبان 1399هه مطبق 25 جولائي 1979ع تي ڪيرلو ٿر مان روانو ٿي شام جو ٽنڊو آدم مان ٿي ڳوٺ حاجي پيرو فقير شورو ۾ پهتس، فقير شفيع محمد، عبدالله فقير، احمد فقير، فقير مولوي محمد صديق ۽ ٻيا مليا، مون کي ڏاڍو پيار ۽ مان ڏنائون. اها رمضان شريف جي پهرين رات هئي. ان وقت منهنجي عمر 20 سال کن هئي. فقيرن وڏي سِڪ ۽ اُڪير سان فقير لکمير، بابا سائين ۽ ٻين جو احوال ورتو، ڏاڍا خوش ٿيا، مون استاد فقير منٺار جي مدرسي ۾ پڙهڻ جو ارادو ڏيکاريو ته ويتر گهڻو خوش ٿيا، ٻي ڏينهن ماڻهو گڏ ڪري مونکي مدرسي موڪليائون. استاد منٺار فقير مرحوم واقعي مَن کي ٺاريندڙ ثابت ٿيو، مونکي وڏي محبت ۽ شفقت سان پنهنجو شاگرد قبول ڪيائين، ٿر جا احوال ورتائين پاڻ به ٿر جي سفر جا احوال ڏنائين، الله پاڪ جو مون تي وڏو احسان آهي جو مونکي فقيرن جي معرفت استاد فقير منٺار عليه الرحمت وٽ تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو فراهم ٿيو، مونکي استاد فقير منٺار مرحوم منهنجي مرضي مطابق تعليم ڏني، اهو سندن اخلاقي ڪمال هو، ڪيترن ئي سالن جو نصاب مون انتهائي مختصر عرصي ۾ پورو ڪيو، الله پاڪ شال مٿن رحمتن جا وڏ ڦڙا مينهن وسائي ۽ سڀني کي جنت الفردوس عطا فرمائي.
    اسان جي ڳوٺ ڪيرلو مان فقير حسين راهمون به پيرو فقير شورو ڳوٺ ۾ رهيو، قرآن شريف ۽ سنڌي پڙهيو، پوءِ اسان جي ڳوٺ ۾ جمعو نماز به پڙهائيندو هو، هڪ ڄنگهه کان معذور به هو، مون ڪوشش ڪري، فقير لکمير جي پٽ دوست علي کي ۽ منهنجي ماروٽ عبدالستار کي استاد جي مدرسي ۾ داخل ڪرايو پر اهي گهڻو وقت پڙهي نه سگهيا، منهنجي ڳوٺ مان عبدالحليم راهمون کي به هن مدرسي ۾ داخل ڪرايو مگر هو به ٿورو وقت رهي سگهيو، دوست علي راهمون اڃا فقيرن سان نڀايو اچي.
    منهنجو واسطو حاجي پيرو فقير شورو ڳوٺ سان ۽ استاد منٺار فقير سان قائم رهيو آهي. جڏهن به پيرو فقير ڳوٺ ويندو آهيان ته ، فقير صاحبان تمام گهڻي محبت ۽ عزت ڏيندا آهن، جنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي. پوري ڳوٺ جو حال احوال وٺندا آهن. اُستاد منٺار فقير عليه الرحمت ته ايتري محبت ڏيندو هو جيتري والدين کان ملندي آهي. اسان جي وڏن جا ساٿي حاجي محمد فقير شورو جن 10 رمضان 1376هه مطابق 11 اپريل 1957ع ۾ رحلت ڪري ويا. حاجي شفيع محمد فقير 20 ربيع الاول 1401هه مطابق 27 جنوري 1981ع بروز اڱاري تي رحلت ڪري ويو، حاجي عبدالله فقير 4 جمادي الثاني 1401هه 10 اپريل 1981ع تي وصال ڪري ويو، فقير مولوي حاجي محمد صديق 21 شعبان 1414هه مطابق 5 فيبروري 1994ع تي لاڏاڻو ڪيو، مولانا محمد يامين شورو کي آفرين آهي جنهن خليفي پيرو فقير جو احوال قلم بند ڪري ڇپايو آهي. هاڻي حاجي پيرو فقير شورو جي پوين مان فقير حاجي جان محمد ، فقير مولوي عبدالرحمان شورو ۽ ٻيا پنهنجي وڏن جا تعلقات نڀايو پيا اچن، الله تعاليٰ کين دنيا ۽ آخرت جون ڀلايون نصيب ڪري، حاجي پيرو فقير جا پويان، ملتان وارن بزرگن سان ناتو نڀائيندا پيا اچن، ملتان وارا بزرگ جڏهن سنڌ ۾ جماعتي دورو ڪندا آهن ته پيرو فقير شورو جي ڳوٺ ۾ ضرورو منزل ڪندا آهن. رات رهندا آهن ذڪر فڪر جون مجلسون ٿينديون آهن، حضرت مخدوم بهاول بخش قريشي کانپوءِ ، حضرت مخدوم حسن بخش قريشي رح، حضرت مخدوم مريد حسين قريشي، حضرت مخدوم سجاد حسين قريشيرح، به قدم گهمائيندا رهيا آهن. هاڻي حضرت مخدوم شاهه محمود قريشي به پيرو فقير شورو جي ڳوٺ وارن کي زيارت جو شرف بخشيندرو رهندو آهي، هي صدين کان روحاني نسبت آهي، جيڪا اڄ ڏينهن تائين قائم ۽ دائم آهي، انشاء الله تاقيامت قائم رهندي، اها نسبت الله پاڪ جي وحدانيت ۽ رحمت للعالمين جي سنت ۽ محبت جي نسبت آهي، حاجي پيرو فقير شورو جي اولاد جي روحاني نسبت، ڳوٺ عيداڻي ڇاڇرو ۾ سميڙو فقير راهمون جي اولاد سان ڳوٺ ڪيرلو ۾ محمد حيات راهمون جي اولاد سان قائم آهي ۽ انشاالله قائم رهندي. انهي نسبت کي قائم رکڻ ۾ اصل ڪمال پيرو فقير عليه الرحمت جي اولاد جي محبت ۽ شفقت ، سخاوت ۽ فياضي اخلاق ۽ سهڻو ڪردار آهي. حضرت پيرو فقير رحمت الله عليه کان وٺي اڄ ڏينهن تائين فقيرن ۾ مسافرن ۽ مهمانن لاءِ ننگر خانو ائين جاري هوندو آهي جيئن حضرت غوث بهاء الدين زڪريا رح ملتاني جاري ڪيو هو. ضرورت انهي ڳالهه جي آهي ته اڄ کان ست سئو سال اڳ حضرت غوث بهاء الدين زڪريا جيڪو دعوت تبليغ جو سلسلو قافلن جي صورت ۾ سُنت نبوي مطابق جاري ڪيو هو. سو وري عالمن جي نگراني ۾ حضرت مخدوم شاهه محمود قريشي صاحب جي سرپرستي ۾ شروع ٿئي. اهڙو دعوت و تبليغ جو سلسلو سنت نبوي جي روشني ۾ شروع ڪرڻ جي صلاحت ۽ قابليت حضرت مخدوم شاهه محمود قريشي ۾ اتم موجود آهي.
    امت مسلمه جي اصلاح جو اهڙو پروگرام شروع ڪرڻ جي گذارش مخدوم صاحب جن کي 2003ع واري عرس تي ملتان ۾ هن عاجز پنهنجي تقرير ۾ به ڪئي هئي. غوثيه جماعت ۾ فڪرمند، اهل علم ۽ سنجيده دوستن کي هن طرف توجه ڏيڻ جي وري درخواست عرض رکان ٿو. هن وقت به امت کي قريشي قيادت جي اشد ضرورت آهي. سهروردي بزرگ جو ڪتاب عوارف المعارف مترجم پروفيسر محمد عمر مڱريو ۽ غوث پاڪ جا ڪتاب غوثيه جماعت جي مطالعي لاءِ عام ٿيڻ کپن.


    پروفيسر مراد علي راهمون
    18 جنوري 2017ع شانتي نگر، گلشن اقبال، ڪراچي.


    بزرگ پيرو فقير شوري جو سوانحي خاڪو

    پورو نالو: خليفو پير محمد عرف پيرو فقير شورو ولد محمد زڪريا فقير شورو.
    ذات: شورو. پاڙو: ورياهه
    سن ولادت: 1186هه مطابق 1772ع
    جاءِ پيدائش: ڳوٺ پيرو فقير شورو، يونين ڪائونسل پيرو فقير شورو تعلقو ٽنڊو آدم ضلع سانگهڙ.
    سن وفات: 6رجب 1306هه مطابق 1892ع.
    عمر: 120 سال (ٻارهين صدي هجري جي آخر، ويندي تيرهين صدي ۽ چوڏهين صدي هجري جي بلڪل اوائلي بزرگن مان)
    تعليم: قرآن شريف ناظره، ڪجهه سنڌي اسلامي ڪتاب جهڙوڪ ابوالحسن جي سنڌي، نور نامو وغيره.
    استاد: حافظ محمد حسن کٽي، جنهن وٽان کيس، فيض ۽ فقيري جي پهرين سُتي ملي، ۽ اڳتي هلي ملتان وارن بزرگن سان بيعت ٿيڻ بعد رڱجي لال ٿيو.
    ابا ۽ ڏاڏا: سندس وڏا اصل ٻڍاپور کان لڏي اچي هتي (ڳوٺ پيرو فقير شورو ۾) رهيا. جتي هي ڳوٺ پيرو فقير شورو ٻڌو ويو اتي وڏو بڙ هو. جنهن ڪري اڄ تائين ٻڍاپور وارا شورا هنن فقيرن کي ”بڙائي شورا“ ڪري سڏين ٿا.
    سلسله بيعت: سندس استاد حافظ محمد حسن کٽي پير پاڳاري وارن مان حضرت پير راشد روضي ڌڻي وارن جو مريد هو. پر سندس استاد مرحوم، پيرو فقير شوري کي ساڻ وٺي ملتان جي بزرگن سان دست بيعت ڪرايو. جنهن ڪري بزرگ پيرو فقير شورو سلسله سهروردي سان وابسته ٿيو ۽ وقت بوقت ملتان شريف جي بزرگن وٽ حاضر ٿيندو رهيو، ۽ اهڙي طرح سلوڪ و معرفت جون منزلون طئي ڪري ”خرقهء خلافت“ حاصل ڪري ڪامل ٿيو.
    عبادت: صوم و صلوات خاص ڪري پنجوقتي نماز، تهجد، اشراق، چاشت وغيره جي پابندي. ذڪر اذڪار جاري رکندڙ، تارڪ الدنيا، عابد زاهد، صاحب ڪرامت ۽ مستجاب الدعوات بزرگ.
    شادي ۽ اولاد: خليفو پيرو فقير شوري کي هڪ ئي شادي هئي. جنهن مان کيس پنج پٽ ٿيا. جن جا نالا هر هڪ: فقير عبدالواحد، فقير محمد ادريس، فقير عبدالرؤف، فقير عبدالرحمان ۽ فقير ابراهيم آهن. جن مان نسل فقط ٽن پٽن مان هليو يعني فقير عبدالواحد، فقير محمد ادريس ۽ فقير عبدالرئوف مان. باقي فقير عبدالرحمان کي فقط هڪ نياڻي ٿي ته، فقير ابراهيم کي ڪو به اولاد ڪو نه هو. خليفو پيرو فقير جي وڏي عمر هئي. پاڻ پنهنجا پٽ پوٽا ۽ ڏوهٽا به ڏٺائين.


    حالات، واقعات

    (خليفي پيرو فقير جي زندگي بابت حالات ۽ ماڻهن وٽان مليل واقعاتي احوال)

    از: فقير حاجي جان محمد شورو

    حضرت قبله سائين پير محمد عرف پيرو فقير ولد محمد زڪريا فقير شورو جن جي ولادت باسعادت 1186هه مطابق 1772ع ۾ ٿي. سمجهه ڀريا ٿيا ته، قرآن شريف جي تعليم لاءِ کين فقير حافظ محمد حسن کٽي وٽ، ڳوٺ حاجي قادر بخش ڇانڱو ديهه سنگهر يونين ڪائونسل ماڻڪ ٿهيم جي مدرسي ۾ داخل ڪيو ويو. حافظ محمد حسن کٽي پاڳاري وارن بزرگن جا مريد هئا. حافظ صاحب، حضرت سائين پيرو فقير تي تمام گهڻو مهربان هئا. سندس استادانه شفقت جو اثر خليفو بزرگ پيرو فقير تي ايترو ٿيو جو قرآن شريف پڙهي پورو ڪرڻ بعد به پنهنجي استاد حافظ محمد حسن وٽ پيا ويندا هئا ۽ جمعي نماز استاد صاحب وٽ وڃي پڙهندا هئا. قرآن شريف پڙهي پورو ڪرڻ بعد، خليفو پيرو فقير جي والد محمد زڪريا فقير کيس ننڍڙا گابا وٺي ڏنا ته، ابا هاڻي تون جهنگ ۾ وڃي گابا چار، پيءَ جو حڪم ٿيندي ئي پاڻ جهنگ ۾ گابا چارڻ لڳو، پر سندن گابن چارڻ جو طريقو ئي نرالو هو. خليفو پيرو فقير ڇا ڪندو هو جو گابا ڪاهي وڃي جهنگ ۾ ڇڏيندو هو ۽ پوءِ پاڻ هلي وڃي حافظ محمد حسن وٽ ويهندو هو. شام جو واپس ورندي گابا ڪاهي گهر پهچندو هو. ڪن ماڻهن سندس والد زڪريا فقير کي چيو ته، توهان پنهنجي پٽ مان هٿ ڪڍي ڇڏيا آهن. هو ته گابا جهنگ ۾ ڇڏيو سڄو ڏينهن وڃي حافظ محمد حسن وٽ ويهي رهي ٿو. جتي گابا چرن ٿا انهي جوءَ ۾ بگهڙ به تمام گهڻا آهن متان ائين نه ٿئي جو بگهڙ اچي گابن کي چيري ڦاڙي کائي وڃن.
    اهي ڳالهيون ٻڌي زڪريا فقير هڪ ڏينهن بزگ پيرو فقير کي چيو ته، ابا! ايترو وقت استاد وٽ نه ويهندو ڪر. متان تنهنجي نه هجڻ ۽ دير ڪرڻ تي بگهڙ گابا کائي وڃن. پيرو فقير سندس والد جي ڳالهه خاموشي سان ٻڌي پر ان تي ڪو خاص ڌيان ڪو نه ڏنو ۽ پاڻ سندس روزانه واري معمول مطابق گابا جهنگ ۾ ڇڏي استاد ڏي هليو ويندو هو.
    هڪ ڀيري سندس والد صاحب سوچيو ته، آئون خود وڃي ڏسان ته، هي ڪهڙي طرح گابا جهنگ ۾ ڇڏي ۽ پوءِ استاد ڏي وڃي ٿو! اهو لقاء ڏسڻ لاءِ سندس والد زڪريا فقير، پيرو فقير جي گابا ڪاهي روانو ٿيڻ پويان لڪندو ڇپندو وڃڻ لڳو. پيرو فقير هڪ هنڌ اچي گابا بيهاريا ۽ اتي هڪ کڏ کوٽڻ لڳو جڏهن اها ڪجهه کوٽيائين ته ان مان پاڻي نڪتو، پوءِ جيڪا چادر آندي هئائين سا پنهنجي ڪلهن تان لاهي خالي زمين تي گهلڻ ۽ ڦيرائڻ لڳو ته چادر جي زمين تي لڳڻ ۽ گهلجڻ سان سانوڻي سائو گاهه ڦٽي پيو. پوءِ پنهنجي چادر ڇنڊي ڪلهي تي رکي گابن کي پيو چوي ته، هي گاهه اٿئو ۽ هي پاڻي جي بک لڳي ته هي سائو گاهه کائجو ۽ جي اڃ لڳي ته هي پاڻي پيئجو آئون وڃان ٿو استاد صاحب وٽ، شام جو ايندس. سندس والد صاحب زڪريا فقير اهو سمورو لقاء پري کان ڪنهن اوٽ ۾ بيهي ڏسي رهيو هو. پيرو فقير جي رواني ٿيڻ بعد وري بگهڙن جو ڌڻ اچي پهتو جيڪي گابن کي چوڌاري ڪڙو ڏيئي چوڪيدار ٿي بيهي رهيا. ڪي بگهڙ ته گابن سان راند پيا ڪن. جڏهن زڪريا فقير اها ماجرا ڏٺي ته سندس حيرت جي حد ئي نه رهي. زڪريا فقير تڪڙو تڪڙو پيرو فقير جو پيڇو ڪيو ۽ رستي ويندي وڃي کيس ويجهو پهتو ۽ پري کان وڏي سڏ چيائنس ته، ابا پيرو هيڏانهن اچ! ته پيرو فقير سوچيو ته، آئون گابا جهنگ ۾ اڪيلا ڇڏيو استاد وٽ پيو وڃان شايد انهي ڳالهه تان بابا مون کي مار ڪڍندو!! سو وٺي ڀڄڻ لڳو. پر سندس والد زور زور سان سڏ ڪري چوڻ لڳس ته ابا هاڻي آئون توکي ڪو نه جهليندس جيئن وڻي تيئن ڪر. جيڪا تنهنجي مرضي آئون ڪنهن به ڪم کان منع نه ڪندس. پوءِ ته کيس استاد وٽ وڃڻ جي به عام اجازت ملي وئي ۽ سندس گهڻو اچڻ وڃڻ ٿيڻ لڳو.
    بزرگ پيرو فقير جڏهن به سندس استاد وٽ ويندو هو ته، جهنگ مان ڪاٺيون ڪري کڻي ويندو هو. هڪ ڀيري فقير صاحب جهنگ مان سڙيل ڪاٺيون ڪري آڻي استاد جي گهر وٽ يا جتي هو روزانه ڪاٺيون آڻي ڇڏيندو هو، اتي آڻي رکيون. سندس استاد حافظ محمد حسن مدرسي مان ٻار پڙهائي فارغ ٿي اهي آندل ڪاٺيون گهر کڻي ويندو هو پر جنهن ڀيري سڙيل ڪاريون ڪاٺيون ڏٺائين ته ٻارن کان پڇيائين ته ابا! هي ڪاريون ڪاٺيون ڪنهن آنديون آهن؟ ته سڀني ٻارن چيو ته، سائين! اهي سڙيل ڪاريون ڪاٺيون پيرو فقير آنديون آهن. تنهن تي فقير حافظ محمد حسن فرمايو ته ابا! هاڻي الله سائين کان پيرو فقير کي اولاد به ڪارڙي رنگ جو وٺي ٿا ڏيون!! قدرت واري جو شان ته پيرو فقير جو اولاد پشتان پشت سانوري پڪي رنگ جو ٿيندو اچي.
    حافظ محمد حسن ڪٿي به ويندو هو ته، پيرو فقير کي پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هو. ڪا به دعوت ملي ته پيرو فقير به گڏ هوندو هئس.
    پيرو فقير سندس استاد جي بيحد خدمت ڪندو هو. ٻاهر ڪٿي دعوت تي وڃڻ بعد ماني کائي نماز پڙهي استاد کي زور به ڏيندو هو ته،سندس پيرسن استاد حافظ صاحب کيس دعائون ڏيندي فرمائيندو هو ته، ”او ابا! پيرو جڙيو هوندين“
    پيرو فقير پنهنجي استاد حافظ محمد حسن سان گڏجي ملتان وارن بزرگن ڏي ويا. جتي غوث بهاء الدين جي درگاهه جي گادي نشين کان ذڪر فڪر وٺي موٽي آيو پر پوءِ سندن تعلق انهن بزرگن سان تمام گهڻو گهاٽو ٿي ويو ۽ اڪثر ڪري ملتان ڏي وڃڻ ٿيندو هئن. اهڙي طرح سلوڪ جون منزلون طئي ڪندو رهيو. پوءِ ته درگاهه جي خاص مريدن ۽ معتقدن ۾ سندس شمار ٿيڻ لڳو ايتريقدر جو گادي نشين بزرگ کي کير پهچائڻ جي ذميداري مٿس رکي وئي. درگاهه جي متولي وٽان کيس هڪ خاص وظيفو به عنايت ٿيو جنهن سان سفر جا فاصلا گهٽجي وڃن ٿا ۽ انسان جي پرواز پکين کان به تيز ٿي وڃي ٿي. انهي خصوصي وظيفي کي طي الارض يا طي مڪان جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. انهي ذڪر ڪرڻ بعد جيئن ئي سفر شروع ڪيو وڃي ٿو ته زمين تڏي وانگر ويڙهجي سوڙهي ٿي وڃي ٿي ۽ ڊگهو سفر به ٿورڙي وقت ۾ طئي ٿيو وڃي. پيرو فقير شوري کي اهو وظيفو ۽ ذڪر عنايت ٿيڻ بعد سفر آسان ٿي پيو ۽ پاڻ روزانه مغرب نماز پڙهي کير کڻي وڃي ملتان جي درگاهه غوثيه جي گادي نشين کي پهچائيندا هئا ۽ وري واپس اچي سمهڻي نماز سندس ڳوٺ ۾ پڙهندا هئا. اها ڳالهه عام ماڻهو لاءِ حيرت ۽ عجب جوڳي آهي پر الله جي نيڪ ٻانهن لاءِ ڪو به مشڪل ڪونهي. ڇو ته اهي الله جي سهاري ۽ ان جي توڪل تي هلن ٿا. چون ٿا ته، هڪ ڀيري کير کڻي روانا ٿيا ته واٽ تي برسات پئجي وئي. زوردار برسات ۾ به وڃي منزل تي پهتا ۽ حويلي جي ڏيڍي تي پهچي دروازي تي ڌڪ هنيائون ته جيجيءَ ٻانهي کي چيو ته، ٻاهر وڃ پيرو فقير برسات ۾ کير کڻي آيو آهي تنهن جا ڪپڙا پسي ويا هوندا ۽ هي سڪل ڪپڙا کڻي وڃي ڏينس ته پائي ۽ وٽانس کير به کڻي اچ. ٻانهي ٻاهر نڪري جڏهن پيرو فقير وٽ پهتي ته پيروفقير کانئس پڇيو ته، هي ڪپڙا ڇو کڻي آئي آهين؟ ته ٻانهي وراڻيو ته جيجيءَ ڏنا آهن ته پيرو فقير جا ڪپڙا برسات ۾ پسي ويا هوندا سو هي سڪل ڪپڙا پائي. پيرو فقير اهو ٻڌي ٻانهي کي چيو ته، جيجي امان کي وڃي چئو ته، الله جي مهرباني ۽ اوهان جي دعا سان، آئون ڪڪرن جي مڙيئي مٿڀرو پئي آيس ۽ منهنجا ڪپڙا برسات ۾ پسڻ کان بچي ويا آهن. اهڙي طرح پاڻ درگاهه غوثيه جي حاضري ڏيندا، ذڪر فڪر، فيض ۽ فقيري حاصل ڪرڻ بعد فيضياب ٿيا.

    چون ٿا ته، پيرو فقير جو استاد حافظ محمد حسن جو جڏهن دنيا مان وڃڻ وارو وقت ويجهو آيو ته، حافظ صاحب جي ڀائٽين حاضر ٿي کيس عرض ڪيو ته، چاچا! هاڻي توهان جي وڃڻ جو وقت اچي ويجهو ٿيو آهي پر ويندي ويندي اسان مان ڪنهن کي پنهنجي ”امانت“ (فيض ۽ فقيري) ڏيئي وڃو! ته حافظ صاحب ڀائٽين کي وراڻيو ته، ابا جيڪا امانت هئي سا کڻي ويو پيرو فقير، باقي هوءَ اڇي گڏهه بيٺي آهي سا تو هان جي آ. اهو ٻڌي ڀائٽيا خاموش ٿي ويا. فقير حافظ محمد حسن کي ڪو به اولاد ڪو نه ٿيو. حافظ صاحب اصل ۾ پير راشد روضي ڌڻي (ولادت 1170هه مطابق 1757ع وفات 1203هه مطابق 1789ع) وارن جو مريد هو.
    هڪ ڀيري سائين محمد راشد روضي ڌڻي وارا لانڍيءَ (شهدادپور کان سانگهڙ روڊ تي هڪ اسٽاپ) واري پاسي سندن مريدن ۾ آيل هئا. پير صاحب جن محافي ۾ ويٺل هئا جيڪو مريد پنهنجي ڪلهن تي کڻي هلي رهيا هئا. (محافو“ ڏوليءَ کي چئبو آهي) هلندي هلندي پير سائين روضي ڌڻي چيو ته، هن پاسي هلو انهي پاسي مونکي دين جي خوشبو پئي اچي. پوءِ حافظ محمد حسن کٽيءَ وٽ اچي پهتا. انهي وقت حافظ محمد حسن ٺيڪ ڪو نه هو، سو حافظ صاحب حجري ۾ اندر هو. جڏهن خبر پهتس ته، پاڻ پير صاحب جن کي عرض ڪيائين ته سائين! هيترو قرب ڪيو اٿئوَ هيڏانهن اچڻ جو، ته هاڻي مهرباني ڪري اندر اچي تشريف فرما ٿيو، آئون ٺيڪ ڪو نه آهيان ۽ مون ته دعا به گهري هئي ته، رب سائين! مون کي ايستائين نه مارجان جيسين آئون مرشد سائين سان نه ملان. جڏهن مرشد ڪريم سان ملي حسرت پوري ڪريان ته پوءِ ڀلي مارجانءِ. اهو ٻڌي سائين روضي ڌڻي وارا حجري اندر هلي وڃي پنهنجي مريد حافظ محمد حسن سان مليا ۽ ڪجهه گهڙيون ويهي ساڻس روحاني رهاڻ ڪري پوءِ دعائون ڪندا هليا ويا. انهي ملاقات کان ڪجهه ڏينهن بعد حافظ محمد حسن وفات ڪري ويو. حافظ صاحب کي ڳوٺ حاجي قادر بخش (ديهه سنگهر يونين ڪائونسل ماڻڪ ٿهيم) جي مسجد شريف جي اتر طرف دفن ڪيو ويو.
    ڪافي وقت کان پوءِ استاد حاجي الهجڙيو ڪوري انهي مدرسي (يعني حافظ محمد حسن کٽي جي مدرسي) ۾ پڙهائيندو هو ڪجهه سالن بعد استاد حاجي الهه جڙيو ڪوري هتي درگاهه پيرو فقير شوري ۾ حاجي محمد فقير شوري وٽ اچي رهيو ۽ حافظ محمد حسن جو مدرسو ڇڏي آيو ته، پويان مدرسو به ختم ٿي ويو، باقي مسجد شريف ۽ فقير حافظ محمد حسن وارو قبرستان موجود آهي.
    (1) عبدالله خاصخيلي ڳوٺ سيد پناهه شاهه واري ڳالهه ڪئي ته، پيرو فقير شورو، پير جڙيل شاهه ماڙي واري وٽ تمام گهڻو ويندو هو. جنهن مهل ڳوٺ حمل مري جي ڀر ۾ اولياء صاحب اڍو هالاڻي جي درگاهه وٽان لنگهندا هئا ته، گهوڙي تان لهي پيادل هلندا هئا ۽ پوءِ اڳتي وڃي گهوڙي تي چڙهندا هئا.
    ٻيو درويش دل پوٽن جي ڀر ۾ هوندو هو احمد شاهه، انهي سان ملي وڃي پري ٿي ويهندا هئا. پر جنهن مهل پير جڙيل شاهه وٽ ايندا هئا ته پير جڙيل شاهه سان وڃي گڏ ويهندا هئا ته ماڻهن پڇيو ته سائين! اهو ڪهڙو سبب آهي جو اڍي هالاڻي وٽان سواري تان لهي مٽيو ٿا ۽ احمد شاهه سان مليو پري ٿا ويهو ۽ پير جڙيل شاهه سان گڏ ٿا وڃي ويهو. وراڻيائون ته، اڍي هالاڻي وٽ امام حسن سائين ۽ امام حسين سائين جون سواريون بيٺيون آهن، تڏهن لهي ٿو مٽيان ۽ سيد احمد شاهه وڏي فيض وارو آهي رهي کهي ذري کسي نه وڃي، تڏهن پري ٿي وڃي ويهان ٿو ۽ پير جڙيل شاهه جي ماڙي پنهنجي آ، سا ٺهي پئي، اوساريءَ ۾ هڪ سر سون جي ۽ هڪ سر چانديءَ جي لڳي پئي، چاهيان ٿو ته، اتان کان من ڪو ذرو ملي وڃي.
    (2) چون ٿا ته ڪا ڀت جي دعوت هئي، جنهن ۾ بزرگ پيرو فقير به وڃي شريڪ ٿيو. بزرگ وٽ ماني کڻي آيا. ماني سان گڏ گوشت به هو ته، بزرگ سائين فرمايو ته، ابا! هي ماني آئون ڪو نه ٿو کان، گهران ٻي ماني ٺهرائي اچو. ماڻهن چيو ته، سائين! ڪِري ۾ آهيو؟ يا طبيعت صحيح ناهي؟ فرمايائون ته، طبيعت صحيح آهي، آئون هي ماني ڪو نه کائيندس، گهران ٻي ماني ٺهرائي اچو. ماڻهن زور ڀريو ته، سائين ٻڌايو ڇا ڳالهه آهي؟ جو توهان هي ماني نه ٿا کائو. ماڻهن جي ڪافي زور ڀرڻ تي ٻڌايائون ته، ابا! هي ڦنڊر چوري جي آهي، تڏهن ڪو نه ٿو کان. پوءِ شادي واري ڪاڄ ڌڻي کان پڇيو ويو ته سچي ٻڌاءِ فقير صاحب چئي ٿو ته، اها ڦنڊر چوري جي آهي، ته شادي واري ڌڻي چيو ته، برابر فقير صحي ٿو چئي مون اها چوري واري ڦنڊر ڪُٺي آهي.
    (3) صاحب ڏني ڪنڀار ڳوٺ طاهر هڱوري واري ڳالهه ڪئي ته، ڳوٺ محمد اسماعيل ڪنڀار لڳ هنڱورنو ۾ پيرو فقير شورو ويندو هو جتي حاجي محمد ڪنڀار ۽ اسماعيل ڪنڀار وٽ وڃي ويهندو هو. ڪنڀار غريب هئا. حاجي محمد ڪنڀار چيو ته، فقير صاحب دعا گهرو ته، رب سائين اسان جي رزق روزي ۾ برڪت وجهي. پوءِ فقير صاحب دعا گهري. نتيجي ۾ رب سائين کين اڍائي سؤ ايڪڙ زمين ڏني.
    (4) پيرو فقير شوري جا وڏا ٻڍا پور جا ويٺل هئا جتان پوءِ سندن ڪو وڏو لڏي اچي سنهري جي ڍوري جي اوڀر پاسي بڙ جي وڻ هيٺ اچي ويٺا. ڪافي وقت اتي ويٺا هئا. پوءِ اچي موجوده ڳوٺ (ڳوٺ پيرو فقير) ۾ اولهندي ڪپ تي ويٺا. ٻڍاپور وارا شورا اڄ تائين ڳوٺ پيرو فقير وارن کي بڙائي شورا ڪري سڏين ٿا.
    پيرو فقير شوري وارن جو پاڙو ورياهه آهي، پيرو فقير جي ماءُ دريا خان شوري جي ڀيڻ هئي، دريا خان شورو، حاجي مختيار شوري جن جو وڏو ڏاڏو هو.
    حاجي مختيار شورو هن ڳوٺ پيرو فقير شوري جو چڱو مڙس آهي، رب کيس هر طرح خوش ۽ آباد رکي. آمين ثم آمين.
    (5) فقير صاحب استاد ذات جي عزت ڪندو هو ۽ سيد ذات جي به تمام گهڻي عزت ڪندو هو.
    ڪيڏانهن به ويندو هو ته، سواري تي چڙهڻ کان اڳ شاگرد يا ڪنهن خليفي کي جيڪو ساڻس گڏ هلندو هو تنهن کي چوندو هو ته، ابا! جي سيدن جا گهر اچن، يا کٽي ذات جا گهر اچن ته، ٻڌائجان. پوءِ سندن خليفو يا ڪو شاگرد چوندو هئس ته، سائين! هاڻي سيدن جا گهر آيا آهن ته پاڻ جلدي ڪري سواري تان لهي پوندو هو. سواري تان لهي، چادر جو جهنڊ ڪري هلندو هو. پوءِ جڏهن پري نڪري ويندو هو ته، سندس ڪو شاگرد يا خليفو چوندو هو ته، سائين هاڻي پري ٿي ويا آهيون پوءِ سواري تي چڙهندو هو. اڪثر ڪري سفر ۾ ساڻس گڏ سندن پوٽو محمد خضر فقير ولد محمد ادريس هوندو هو.
    استاد فقير منٺار ڳالهه ڪئي ته، هڪ ڀيري مون کي خضر فقير ٻڌايو ته، اسان هڪ ڀيرو ڏاڏاسائين سان گڏ هئاسون. سفر ۾ هلندي هڪڙي گهر جي ڀر سان لنگهياسون ته، گهر جي باهران (ڪپڙن رڱڻ واري) رنگ جو پاڻي وهي رهيو هو ته، ڏاڏا سائين رنگ ڏسندي چيو ته، ابا! بيهه، سواري جهل، پاڻ لهي مون کي چيائون ته، ابا! مون اوهان کي ڪيترو چيو هو ته ڪڏهن به کٽي ذات جا گهر اچن ته مونکي ٻڌائجو پر توهان نه ٻڌايو! خضر فقير چيو ته، مون وراڻيو ته ڏاڏا! هي هندو کتي آهن. تنهن تي فرمايائون ته پوءِ به ته کٽي آهن!!
    ڪٿي به رنگ يا رنگ وارو پاڻي هاريل ڏسندا هئا ته اتان ادب سان مٽي ويندا هئا، انهي رنگ کي اورانگهيندا نه هئا ڇو ته عام طرح ڪپڙي کي رنڱڻ جو ڪم کٽي ڪندا آهن ۽ سندس استاد ذات جو کٽي هو اهو ادب ان ڪري ڪندا هئا.
    (6) بزرگ پيرو فقير صاحب، پنهنجي استاد حافظ محمد حسن سان گڏ ڪٿي به دعوت ۾ ويندا هئا ته، ساڻس ماني گڏ نه کائيندا هئا. بلڪه سندس استاد جڏهن ماني کائي بس ڪندو هو ته اها بچيل ماني کائيندو هو. جيڪڏهن گوشت واري ڀاڄي هوندي هئي ته سندن استاد اهي هڏيون ڪنهن ٿانوَ ۾ رکائيندا هئا. پوءِ پيرو فقير جڏهن استاد جي بچايل ماني کائيندو هو ته گوشت جون بچايل هڏيون چوسيندو هو ۽ پوءِ ماني کائيندو هو.
    (8) استاد منٺار فقير هيءَ ڳالهه به ٻڌائي ته، ڳوٺ هاشم ساند (لڳ اڏيرو لال) ۾ بزرگ پيرو فقير صاحب رات ترسيل هو. فجر نماز کان پوءِ هڪ عورت روئندي آئي. اچي فقير صاحب کي چيائين ته رات منهنجي چوري ٿي وئي آهي. چور چوري ڪري مون کي فقير ڪري ويا آهن. تڏهن انهي عورت کي فقير صاحب چيو ته، امان! تون ته هڪ رات ۾ فقير ٿي وئي آهين. اسان ته اوجاڳا ڪري اڇي ڏاڙهي ٿي وئي آهي پر اسان کي ته فقيري هٿ ڪا نه آئي.
    (9) ولي محمد سينهڙي (ڳوٺ پيرو فقير شورو) ٻڌايو ته اسان جي وڏي ڏاڏي ڳالهه ڪندي هئي ته، وڏيرو دريا خان شورو، فقير صاحب جو مامو هو، انهي هڪ ڍڳو ڪنهن سيد کي ڏنو هو اوڌر تي، جنهن چيو ته، آئون توکي رقم ڏيئي ويندس. ليڪن ڪجهه وقت بعد انهي رقم ڏيڻ کان وڏيري دريا خان کي ٺپ جواب ڏيئي ڇڏيو. هڪ ڀيري فجر نماز کان پوءِ بزرگ پيرو فقير مسجد ۾ ٻهارو ڏيئي ڪچرو ٻاهر اڇلڻ پئي ويو ته ڏٺائين ته، وڏيرو دريا خان شورو پئي ويو. چيائينس ته ماما! اڄ سويري ڪيڏانهن پيا وڃو! ته وڏيري دريا خان چيو ته ابا! اڄ وڃان ٿو سيد تي ڪيس ڪرڻ، هو ڏاند جا پيسا نه ٿو ڏئي. اهو ٻڌي بزرگ پيرو فقير ڪنن ۾ ٻئي هٿ وجهي ڏاڍي وڏي آواز سان رڙ ڪري چيو ته، رسول الله جي اڳيان قيامت جي ڏينهن ڪهڙو منهن کڻنداسون. ابا! سيد نه ٻڌراءِ. ڏاند جي رقم کان توکي رب سائين ٻيڻو ڏيندو. اهو ٻڌي وڏيري دريا خان چيو ته، بس مون کي رقم ملي وئي. پوءِ وڏيرو دريا خان واپس گهر ڏي هليو ويو.
    بزرگ پيرو فقير نماز جو تمام گهڻو تاڪيد ڪندا هئا جيڪو به ماڻهو ساڻس ملڻ لاءِ ايندو هو ته انهي کي نماز جي تلقين ضرور ڪندا هئا.
    (10) ان دؤر ۾ ٻاجهري جو فصل گهڻو پوکيو ويندو هو. جڏهن ٻاجهرين جي پچڻ جو وقت ٿيندو هو ته، ڪي ماڻهو جمعي نماز تي ڪو نه ايندا هئا. اهڙن ماڻهن مان ڪو جيڪڏهن فقير صاحب سان ملڻ ويندو هو ته، چوندا هئا ته، ابا! توهان جمعي نماز تي ڪو نه آيا؟ ته اهي جواب ۾ چوندا هئا ته، سائين! اسان جي ٻاجهري ڪاهيل هئي سو جهار ٿا هڪليون، پهچي ڪو نه ٿا سگهون. انهن کي فقير صاحب فرمائيندو هو ته، ابا! توهان نماز تي اچو توهان جي فصل تي جهار ڪا نه ايندي. پوءِ هڪڙا ماڻهو آيا ٻيا نماز تي ڪو نه آيا. جيڪي نماز تي آيا، تن جي فصل ٻاجهري تي واقعي به جهار ڪا نه آئي. جيڪي جمعي نماز تي ڪو نه آيا تن جي ٻاجهري تي تمام گهڻي جهار آئي. اهو ڏسي اهي رهيل ماڻهو به جمعي نماز تي آيا.
    (11) سيد ارشاد شاهه جج، اسٽيشن وهاب شاهه (نزد اڏيرو لال) واري ڳالهه ڪئي ته، بزرگ پيرو فقير شورو اسان جي وڏڙن وٽ تمام گهڻو ايندو هو. هڪ ڀيري آيو، رات رهيو، صبح جو روانو ٿيو ته، اسان جي وڏي ڏاڏي چيس ته، فقير صاحب! دعا ڪريو ان ۾ برڪت پئي، ان وقت فقير صاحب جي ڀر ۾ ان جي گندي هئي ته فقير صاحب گنديءَ کي هٿ هڻي چيو ته، مائي گندي! سائين جن کي ان پئي ڏجان.
    سارو سال انهي گنديءَ مان ان پئي نڪتو. پوءِ جڏهن ٻارهن مهينا ٿيا ته نئون ان لٿو. اسان سوچيو سين ته، گندي صفا ڪري نئون ان وجهون، سو جنهن مهل گندي صاف ڪئي سون ته، گنديءَ ۾ اڳي جيترو اوترو ئي اوترو ان پيو هو.
    (12) استاد منٺار فقير ٻڌايو ته، ڪنهن ماڻهو بزرگ پيرو فقير کان پڇيو ته، سائين! ڪو الله وارو ماڻهو ڪنهن جاءِ تي ويهي الله الله پيو ڪري، پوءِ جي اهو خدا جو پيارو ٿي وڃي ته، هن الله واري جي جاءِ تي ڪا پهر هوندي يا اها جاءِ سڃي ٿي ويندي؟ فقير صاحب فرمايو ته، ابا! ڪنهن جاءِ تي ٻڪريون ويهنديون آهن ته، اتي ڦولهڻيون لاهي هليون وينديون آهن. پوءِ جڏهن برسات پوندي آهي ته، ان جاءِ تي ڪئين قسم جا گاهه ساوا سلا ڦٽي پوندا آهن، ڀلا فقير ٻڪري کان به ويو ڇا؟ سو ڪا نه ڪا پهر ضرور ڇڏي ويندو، الله وارن جون جايون خالي ڪو نه هونديون آهن.
    (13) چون ٿاته، فقير صاحب ڪٿان سفر تان اچي رهيو هو ته، رستي ۾ پيل هڪ سوني دهري ڏٺائين. فقير صاحب پنهنجي لٺ سان اها سوني دهري کڻي ڀر ۾ بيٺل هڪ کٻڙ جي وڻ ۾ ٽنگي ڇڏي، ۽ پوءِ پاڻ اڳتي روانو ٿي ويو. سامهون ڪو همراه تيزيءَ سان گهوڙو ڊوڙائيندو پئي آيو، فقير صاحب هن همراهه کان تيز رفتاري سان گهوڙي ڊوڙائڻ جو سبب پڇيو ته، هن همراهه وراڻيو ته، اسان جي ڄڃ رستي ۾ هڪ جاءِ تي ڏينهن ٺارڻ لاءِ ڪجهه ترسي هئي ته، ڪنوار جي سوني دهري انهي جاءِ تي ڪِري وئي آهي، سو ڳولڻ لاءِ وڃان پيو، خبر ناهي ته ڪو ايندڙ ويندڙ ماڻهو کڻي ويو يا نه؟ ٻيو پڪ به ناهي ته، ڪهڙي جاءِ تي ڪِري آهي؟ فقير صاحب چيس ته ڪنهن به ڪونه کنئي آهي مون اها دهري کٻڙ جي ٽار ۾ مٿي ٽنگي ڇڏي آهي. اهو همراه جڏهن اتي پهتو ته، ڏسي ته واقعي دهري ٽنگي پئي آهي همراه ڏاڍو خوش ٿيو ۽ دهري کڻي وڃي ڄڃ سان مليو.
    (14) غلام رسول پلي ڪلر شاخ واري ڳالهه ڪئي ته، اسان جو وڏو ڏاڏو هو. ان وٽ پيرو فقير جن پاڻ ايندا هئا هڪ رات آيا ته، اسان جو ڏاڏو فقير صاحب لاءِ ماني کڻي آيو، پر کير کڻي ڪو نه آيو ۽ فقير صاحب کي چيائين ته، سائين دعا ڪريو ته مينهيون ويامن ته کير ٿي پئي، اوطاقي ماڻهو آهيون مهمانن کي کير پياريون، ته فقير صاحب چيو ته، ابا! توهان وٽ ڪا ٻڪري آهي؟ ته وراڻيائون، هائو سائين! اسان وٽ هڪ ٻڪري آهي پر کير ٿورو اٿس. فقير صاحب چيو ته، ابا! ٻڪري ڪاهي اچو. پوءِ ٻڪري وٽس ڪاهي آيا ته پاڻ ٻڪريءَ جي پُٺن تي دعا جو هٿ ڦيريائون جيڪا وڏي عرصي تائين کير ڏيندي رهي تان جو ٻڪري پوڙهي ٿي وئي.
    (15) بهادر فقير ٿهيم (ڳوٺ غلام محمد ٿهيم نزد ڳوٺ پيرو فقير شورو) ڳالهه ڪئي ته، مون سان سلطان لورڙ ٽنڊو آدم واري ڳالهه ڪئي ته، پيرو فقير جي عرس تي اسان آيا هئاسون. اتي ويٺا هئاسون ته، ٻه فقير ڀٽائي جا راڳي آيا، تنبورا هٿن ۾ هئن سي اچي ويٺا ۽ چيائون ته، ابا! اسان کي به وارو ڏيو ته اسين به شاهه سائين جو راڳ ڳايون. اتي مولودي به ويٺا هئا ۽ سائين فقير منٺار به ويٺل هو. ماڻهن اچي فقير منٺار کي چيو ته، سائين راڳي فقير ڀلا آهن، اجازت ڏيو ته ڳائين. فقير سائين منٺار چيو ته، ابا! تنبورن کانسواءِ ڀلي ڳائين باقي تنبورا نه وڄائين پوءِ فقيرن تنبورن کانسواءِ شاهه جو راڳ ڳايو.
    (16) ماستر غلام قادر خاصخيلي ڳالهه ڪئي ته، ڳوٺ شير محمد ٺوڙها لڳ اڏيرو لال، اتي مائي جيئري خاصخيلي وت پيرو فقير جا وار ۽ ڪنگي (ڦڻي) هئي. ڪنگيءَ ۾ ڳاڙها وار هئا جيڪي ڪپڙي م ويڙهيو رکيو ويٺا هئا. وارن کي ميندي لڳل هئي. فقير صاحب انهن جي وڏن وٽ ويندو هو.
    پوءِ چون ٿا ته، درياء وارو ڪلياڻ بند ڀڳو ۽ ان ٻوڏ ۾ گهر ۽ ڳوٺ ٻڏي ويا ته فقير صاحب جا وار به انهي ۾ لڙهي ويا.
    (17) چون ٿا ته، ڳوٺ شير محمد ٺوڙها (نزد اڏيرو لال) جي ڪنڀارن وٽ به فقير صاحب ويندو هو جن کي به خاص دعا ڪئي هئائين. اهي ڪنڀار اڄ تائين ماڻهن جون ڀڳل ٻانهون ۽ ٽنگون ٻڌن ٿا. جن ۾ پهرين ڪريم ڏنو ڪنڀار، پوءِ ان جو پٽ محمد صديق ڪنڀار، ان کان پوءِ ان جو پٽ الهه بچايو ڪنڀار ۽ هاڻي الهبچائي جو پٽ گلاب ڪنڀار آهي.
    (18) پيرو فقير سان سفر ۾ سدائين سندس پوٽو خضر فقير ولد محمد ادريس گڏ هوندو هو. حاجي لال بخش ڪلوئي ڳوٺ جان محمد ڪلوئي واري ڳالهه ڪئي ته، اسان خضر فقير ڏٺو هو.
    حاجي لال بخش ڪلوئي (ڳوٺ جان محمد ڪلوئي نزد ڳوٺ پيرو فقير شورو) چيو ته، هڪ ڀيرو خضر فقير ڳالهه ڪئي ته آئون ڏاڏا سائين پيرو فقير سان ٿر جي سفر ۾ گڏ هئس. اسان کي رستي ۾ رات پئجي وئي. مٿان اوچتو هوا ۽ مينهن به اچي ڪڙڪيو، اسان ڪنهن وڻ جي اوٽ ۾ وڃي ويٺاسون. جڏهن برسات بيٺي ۽ هوا به هلڪي ٿي ته اڳتي هلڻ لڳاسين. ڏاڏا سائين ڀلجي ڪو ٻيو رستو ورتو، ته مون چيو جنهن ڳوٺ ۾ پاڻ کي هلڻو آهي، سو انهي پاسي ڪونهي. بلڪه هن پاسي آهي. پر ڏاڏا سائين چوي ته نه، هن پاسي آهي. آئون چوان ته ڏاڏا منهنجو چوڻ مڃو ته، نيٺ ڏاڏا سائين منهنجو چوڻ ورتو ته، وڃي انهي ڳوٺ ۾ پهتاسين. ڳوٺ ۾ پهچڻ تي ڪافي ماڻهو اچي گڏ ٿيا جيڪي ڏاڏا سائين سان تمام ادب سان مليا. پوءِ ڏاڏا سائين انهن کي چيو ته، ابا! رستو ڏاڍو ڏکيو هو. اشهد آڱر سان اشارو ڪري چيائين ته، هي ڇوڪر ڏاڍو هوشيار آهي. پوءِ هتي ڳوٺ (ڳوٺ پيرو فقير شورو) ۾ ڪو به مهمان ايندو هو ته، ڏاڏا سائين مون ڏي اشارو ڪري چوندو هو ته، ابا! هي ڇوڪرو هوشيار آهي پوءِ مهمانن کي اهو مٿيون سڄو قصو ڪري ٻڌائيندا هئا.
    (19) بزرگ پيرو فقير شورو سندن پٽن کي هميشه هدايت ڪندو هو ته، ابا! ڳوٺ ۾ جي سيد ذات جا ويٺل هجن ته، انهن کي نه اٿارجو انهن جي عزت ڪندا رهجو. جي ٻاهران ڪٿان ڪو به سيد ذات وارو لڏي اچي ته انهي ڳوٺ ۾ ويهڻ نه ڏجو. انهي کي گهر جا پيسا ڏوڪڙ ڏيئي روانو ڪجو. ڇو ته اوچي ذات آهي متان اوهان کان انهن جي بي ادبي ٿي پوي.
    (20) بزرگ سائين پيرو فقير فرمائيندا هئا ته، جنهن ماڻهو جو الله تعاليٰ سان تعلق هوندو تنهن جو مثال جنڊ جي ٻن پڙن وانگر آهي، جن ۾ ان جا داڻا وجهبا آهن ته جيڪي داڻا ڪير (جنڊ جي وچئين ڪِل) جي ڀر ۾ هوندا آهن سي ثابت پيا هوندا آهن پر ٻيا جيڪي ڪير کان پري هوندا آهن سي پيسجي اٽو ٿي ويند اآهن.
    (21) سيد گل منير شاهه (ڳوٺ وهاب شاهه اسٽيشن) ڳالهه ڪئي ته، سائين پيرو فقير اسان وٽ ايندو هو. هڪ ڀيرو آيو ته، اسان جي ٻڪري ويائي هئي، جيڪا ڦرن کي نه پئي ڌارائي. هڪ ماڻهو ٻڪري جهلي بيهي ته پوءِ ڦرن کي ڌارائي. انهي مهل اسان جي وڏي ڏاڏي چيو سائين پيرو فقير! اسان جي هيءَ ٻڪري ڦرن کي ڌارائي نه ٿي، دعا ڪريو ته ڦرن کي ڌائڻ ڏئي. پوءِ فقير صاحب ٻڪريءَ جي ڪن ۾ جهلي مروٽ ڏيئي فرمايو ته، ڦر ڄاوا اٿئي هاڻي ڌارائين ڪا نه ٿي. اڃا مروٽ ڏيئي فقير صاحب هٿ ڪڍيو ته، ٻڪري ڊوڙي وڃي ڦرن جي مٿان ڪري ڌارائڻ لڳي.
    (22) سيد ارشاد علي شاهه چيو ته، اسان جو ڏاڏو سيد وهاب شاهه آيو هو پيرو فقير وٽ، سيد وهاب شاهه گهوڙيءَ تي سوار هو. فقير صاحب سان ملي ڪچهري ڪري گهوڙيءَ تي سوار ٿيڻ لڳو ته، فقير صاحب چيس ته، سائين! ڪيڏانهن ٿا وڃو، ڪچهري ڦٽائي تڪڙا ڇو ٿا وڃو؟ سائين وهاب شاهه چيو ته، فقير صاحب! گهوڙيءَ ڇاڻو ڪيو آهي سو کيس گهوڙو ڏيارڻ ٿو وڃان. ته فقير صاحب چيو ته، توهان وڃو نه، گهوڙي اتي جو اتي سائي ٿي ويندي. پوءِ فقير صاحب اٿي وڃي گهوڙيءَ جي پٺن تي ٻه ٽي هٿ هڻي چيو ته سائين! هاڻي گهوڙي سائي ٿي وئي آهي. پوءِ قدرت خدا جي ڪجهه مهينن کان بعد ۾ گهوڙيءَ ڦر ٽنبي ڇڏيو ۽ ڪچو ڦر ڪيرائي وڌو. ڦر کي ڏٺائون ته پٺن ۾ کنڀ هئس.
    (23) چون ٿا ته، سائين پيرو فقير وٽ هڪ ماڻهو ڄارڪي جو ايندو هو. ڄارڪي بوزدارن جو ڳوٺ آهي جيڪو ٽنڊي الهيار جي ويجهو چمبڙ روڊ تي آهي. اهو ماڻهو هڪ ڀيرو ڏينهن جو آيو. سڄو ڏينهن ويٺو رهيو. سانجهي نماز کان پوءِ چيائين فقير صاحب! سائين مون کي موڪل ڏيو ته هاڻي ڳوٺ وڃان. فقير صاحب چيو ته، ابا! پنڌ پري آهي. ته هن همراهه چيو ته، سائين! رات ڪٿي ترسندس پر توهان موڪل ڏيو ته وڃان. پوءِ فقير صاحب چيس ته، مون سان ٻاهر نڪري هلي آ. جڏهن اهو همراهه فقير سان گڏ ٻاهر نڪري آيو ته، فقير صاحب آڱر سان اشارو ڪري انهي همراهه کي چيو ته، اها ڳاڙهي بتي ڏسين پيو؟ ته همراه وراڻيو ته، هائو سائين! تنهن تي فقير چيس ته، اها آهي ڄارڪي شهر جي بتي. هاڻي انهي کي سڌو هليو وڃ چون ٿا ته، انهي همراهه اڃا چار پنج وکون مس کنيون ته سندس گهر پهچي ويو.
    (24) حاجي محمد ابراهيم بهڻ ٽنڊو آدم واري چيو ته، ٽنڊو آدم ۾ الهڏنو بهڻ هو جنهن وٽ فقير صاحب ايندو هو. هڪ ڀيرو فقير صاحب اٺ تي چڙهي ويو ۽ الهڏني بهڻ سان ڪچهري ڪيائين. نماز جو ٽائم ٿيو ته، فقير صاحب نماز پڙهڻ هليو ويو. جڏهن نماز پڙهي فقير صاحب واپس آيو ته، الهڏني بهڻ عرض ڪيو ته، فقير سائين! توهان ويا نماز تي توهان جي اٺ منهنجو مٽ ڀڃي ڇڏيو ته فقير صاحب چيس ته ابا الهڏنا!! جي منهنجي اٺ تنهنجو مٽ ڀڳو آهي ته، اسان ان جي بدلي الله سائين کان تنهنجي لاءِ پٽ ٿا وٺي ڏيون، ڀلا انهي سودي تي راضي آهين!! ته الهڏنو تمام گهڻو خوش ٿيو ڇو ته الهڏني کي پٽ جو اولاد ڪو نه هو. فقير صاحب فرمايو ته، الله جي حڪم سان توکي پٽ ڄمندو ته نالو رکجانس ڪمال فقير ۽ انهي پٽ جون وصفون به ٻڌايائين. خدا جي قدرت، الهڏني کي پٽ ڄائو ۽ جيڪي به وصفون فقير صاحب ٻڌايون سي ان ۾ موجود هيون.
    (25) استاد مفتي منٺار فقير چيو ته، اسان جي مدرسي ۾ هڪ ڇوڪر اتر جي پاسي جو پڙهندو هو. سو هڪ ڀيري چوري ڪري ڀڄي هليو ويو. اسان انهي ڇوڪري کي ڳوليندي ڳوليندي وڃي سندس ڳوٺ پهتاسون. اتفاق سان انهي ڳوٺ ۾ اهو ئي ڇوڪر ملي ويو. اسان سان مليو ۽ اسان کي وٺي وڃي سندس گهر جي ٻاهران بيهاريائين ۽ پاڻ گهر اندران پاڻي جو دلو ۽ تڏو کڻي آيو ۽ اسان کي چيائين ته ويهو آئون اچان ٿو. پاڻ جو ويو ته وري نه وريو. ڪجهه دير کان پوءِ سندس پيءَ آيو ۽ اسان کان حال احوال ورتو. اسان کيس سڄو احوال ڏنو پوءِ چيائين ته ابا هتي رات رهو صبح جو توهان کي پنهنجي رقم ملندي رات رهياسين. صبح جو اسان ڇا ڏسون ته، هڪ همراه کٽ تي ستو پيو آهي چار ماڻهو انهي کي کنيو پيا اچن ۽ انهن اها کٽ آڻي اسان جي سامهون رکي. ڏٺوسون ته، وڏي ڄمار جو همراهه آهي سندس پٽن اسان کي ٻڌايو ته، هيءَ اسان جو والد آهي. انهي اسان کان پڇيو ته، توهان ڪير ۽ ڪٿي جا آهيو؟ اسان انهي جهوني کي چيو ته، ٽنڊي آدم جي پاسي جا آهيون. پوءِ انهي جهوني شخص چيو ته، مون پيرو فقير شورو وڏي ڄمار ۾ ڏٺو هو. اسان فقير صاحب وٽ ويندا هئاسون. فقير صاحب الله جو نيڪ ٻانهو هو. انهي جهوني چيو ته، ٻڌم ته پيرو فقير جي پاڙي جا مهمان ٿي آيا آهن سو دل چيو ته ساڻن ملي اچان ٻيو ڪو به ڪم ڪار ڪونهي. سو اوهان جي زيارت لاءِ پاڻ کڻائي حاضر ٿيو آهيان ٻيو سارو خير.
    (26) علي بخش عمراڻي سڪرنڊ واري ڳالهه ڪئي ته، هتي پيرو فقير شوري جي درگاهه تي سائين حاجي محمد شاهه ناصريءَ وارو آيل هو. انهن ڏينهن بابا وارا هتي (ڳوٺ پيرو فقير شوري ۾) ويٺل هئا. اسان جو ڏاڏو بچل سو سڪرنڊ ويٺل هو جيڪو سگهو سگهو پيو ايندو هو. انهي رات ڏاڏا بچل به آيو ته اسان ڏاڏا کي ٻڌايو ته سائين حاجي محمد شاهه فقيرن ۾ سائين پيرو فقير جي درگاهه تي آيل آهي. ڏاڏا سائين، حاجي محمد شاهه جو مريد به هو. سو جڏهن ڏاڏا سائين، حاجي محمد شاهه جي سامهون آيو ته حاجي محمد شاهه چيو ته، ابا خير ته آهي جو هتي پيو ڦِرين؟ ڏاڏي بچل وراڻيو ته، سائين فقير صاحب جي ڳوٺ ۾ منهنجو پٽ ٿو رهي تنهن سان ملڻ ايندو آهيان. پوءِ سائين حاجي محمد شاهه چيو ته بچل! تنهنجا ته ڀاڳ چئبا. اسان ته هنن جاين ۽ هنن فقيرن جي آستانن لاءِ سڪون پيا. تون پنهنجي پٽ سان به مليو وڃين ۽ فقيرن جي به زيارت ڪريو وڃين.
    (27) هن وقت جنهن جاءِ تي پيرو فقير جو مقبرو آهي انهي جاءِ تي ڪافي وقت تائين ٻارن کي قرآن شريف پڙهائيندو رهيو. پوءِ جڏهن ڏاڏي سائين جو آخري وقت ٿيو ته پنهنجي پٽن کي چيائين ته، ابا! مون کي هن جاءِ تي رکجو يعني مسجد جي ڀر ۾. پٽن چيو ته، بابا پنهنجو ته قبرستان جعفر ڏيٿو ۾ آهي پنهنجا گهڻا وڏا ته اتي رکيل آهن. توهان وري هتي پيا چئو! ته پاڻ فرمايائون ته، ابا! هتي انهي ڪري ٿو چوان جو ڪو به نمازي مسلمان قل پڙهي بخشيندو ۽ مغفرت لاءِ دعا گهرندو، تنهنڪري بزرگ پيرو فقير کي هن جاءِ (موجوده مقبره واري جاءِ) تي سپرد خاڪ ڪيو ويو.
    (28) دفن ڪرڻ کان بعد چار پنج مهينا گذريا ته، چون ٿا ته، پنڌرهن سورهن ماڻهو آيا ۽ اچي سائين پيرو فقير جي فرزند سان مليا. فقير سائين جي فرزندن کي حال احوال ڏيندي چيائون ته، اسان هندستان جا آهيون رڻ ڪڇ جي علائقي جا، اسان کي هن فقير صاحب جي خواب ۾ پارت ٿي پاڻ فرمايائون ته، آئون ٽنڊي آدم جي ڀر جو آهيان منهنجو نالو پيروفقير ۽ ذات جو شورو آهيان. منهنجي قبر تي اچي مقبرو ٺاهيو. سرون پنهنجي هٿن سان ٺاهجو بازار مان ٺهيل سرون نه وٺجا ۽ اسان کي هيءَ مسجد شريف، هيءَ نم جو وڏو وڻ ۽ قبر خواب ۾ ڏيکاري وئي. هن علائقي ۾ پهچڻ بعد اسان ڪافي قبرستان ۽ مسجدون ڏٺيون پر اهو نقشو جيڪو خواب ۾ ڏيکاريو ويو هو سو ڳولي ڳولي هتي اچي لڌو اٿئون. هاڻي اسان کي اجازت ڏيو ته، اسان درگاهه جي اڏاوت جو ڪم شروع ڪريون. پوءِ پيرو فقير جي پٽن چيو ته، توهان ڀلي ٺاهيو. پوءِ انهن فقيرن ڪم شروع ڪيو. ڪچيون سرون ٺاهي پوءِ بٺو ٺاهي انهي ۾ پچايائون جڏهن سرون پچي تيار ٿيون ته، مقبري جو ڪم اوساري وغيره شروع ڪري تيزي سان تيار ڪري ورتائون. پوءِ چن ۽ ڳوڻ ملائي ان سان پلستر ڪيائون جنهن کي چيرولي يا نيرو پلستر چون ٿا. انهي سامان وٺڻ لاءِ هتان (درگاهه کان) حيدرآباد ويا ۽ سامان وٺي (چن ڳوڻ وغيره) اٺ ڪرائي تي ڪري کڻي آيا ۽ پلستر ڪيائون. پيرو فقير جي پٽن پاڻ ۾ مشورو ڪيو ته، هي جڏهن ڪم مڪمل ڪري وٺن ته پنهنجي طرفان هنن کي ڪپڙن جا جوڙا ۽ اجرڪون ڏيون. سو جيترا همراه هئا اوترا ڪپڙن جا جوڙا سبرائي اجرڪون وٺي رکيائون ۽ انهن همراهن کان پڇيائون ته اوهان هن ڪم مان ڪڏهن فارغ ٿيندا ته هنن اهو ڏينهن ٻڌاين. پيرو فقير جي پٽن انهي ڏينهن لاءِ تياري ڪري ڇڏي. جڏهن انهي فارغ ٿيندڙ ڏينهن جي رات پوري ٿي ته صبح سوير، پيرو فقير جا فرزند ڪپڙن جا جوڙا ۽ اجرڪون کڻي آيا ليڪن اهي همراهه سندن بسترن تي موجود ڪو نه هئا بلڪه آڌيءَ جو ئي کٽون ۽ بسترا خالي ڇڏي الائي ڪهڙي پاسي روانا ٿي ويا. پيرو فقير جي فرزندن ڳوٺ وارن کان ۽ آسپاس وارن کان گهڻيئي پڇائون ڪيون ۽ تمام گهڻي ڳولا به ڪيائون پر انهن همراهن جو ڪٿان به ڪو ڏس پتو نه پيو. اڄ تائين نه انهن مان ڪا پهر آئي، نه ڪي سندن ڪو اولاد مان به آيو.
    (29) ڪجهه سال ٿيا آهن ته، هندستان جي ٻاڙمير مان پيرو فقير جا ڪي مريد آيا هئا. چيائون ته اسان راهمان ذات جا آهيون. اسان جا 10 8 گهر سائين پيرو فقير جا مريد آهن. اسان جي وڏن وٽ پيرو فقير ايندو هو. اسان جا وڏا به بزرگ وٽ سندن ڳوٺ ايندا هئا. ڪافي وقت گذري ويو. اسان جا اهي وڏا به وفات ڪري ويا ۽ هندستان پاڪستان جي وچ واري سرحد تي تار به لڳي وئي. هاڻي اسان ريل رستي آيا آهيون. پوءِ اهي رات رهيا ۽ پوءِ واپس روانا ٿي ويا. جنهن مهل هتي درگاهه تي پهتا ته، جتيون ٻاهر لاهي ڇڏيائون پير اگهاڙا ڪري درگاهه تي پهتا ۽ قبر کي ڀاڪر وجهي تمام گهڻو رنا روئندي پئي چيائون ته، اسان جا وڏا ايندا هئا اسان جي ته اڄ قسمت ٿي آهي تڏهن اهي ڳالهيون ياد ڪري ٿا روئون.
    انهن آيل راهمن ڪچهري ڪندي ٻڌايو ته، اسان وٽ اسپنگر جو فصل جام ٿيندو آهي جڏهن اهو فصل تيار ٿيندو آهي ته کرو ٿيڻ وقت پهرين ڪجهه حصو خدا واٽ خيرات ڪڍي پيرو فقير جي روحن کي بخش ڪري پوءِ ٻيو گهر کڻي ويندا آهيون. ڪڏهن به ڪا ڏکيائي پيش ايندي آهي يا اگهائي ٿي پوندي آهي ته سائين پيرو فقير جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ ديڳڙو ڀت جو رڌي ٻارن کي کارائي دعا گهري ڇڏيندا آهيون ته اها تڪليف دور ٿي ويندي آهي.
    (30) چون ٿا ته، جڏهن پيروفقير ننڍڙو هو ته سندس والده کيس صبح جي پهر گيهه ۾ ڪُٽي ٺاهي ڏيندي هيس، سو کائيندو هو. روزانه جي معمول مطابق کيس سڏي چوندي هئي ته ابا اچي ڪٽي کاء! ته پاڻ سندس والده کان ڪٽي وارو ٿانوء وٺي کڻي اچي ٻاهر ننڍڙن ٻارن کي سڏي پاڻ سان گڏ کارائيندو هو. اهو ڏسي سندس والده چوندي هيس ته ابا هتي گهر ۾ ويهي ڇو نه ٿو کائين؟ ته وراڻيندو هو ته، امان! مون کي هڪ جيڏن ٻارن کانسواءِ ڪُٽي وڻي ئي نه ٿي.
    (31) بهادر فقير ٿهيم چيو ته، اسان کي استاد منٺار فقير ٻڌايو ته، پيرو فقير شورو فرمائيندا هئا ته، ساريون اکريءَ ۾ وجهي مُهري سان جڏهن ڪٽي صاف ڪبيون آهن ته، انهن سارين کي اکري مُهري صفا ڪا نه ٿي ڪري، پر اهي ساريون پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان لڳي صفا ٿين ٿيون. الله وارن سان صحبت جو به اهو مثال آهي ته،دليون به نيڪن جي دلين سان قرب ويجهڙائي ۽ صحبت ۾ لڳي صاف ٿين ٿيون.


    خليفو پيرو فقير جي پوٽن وغيره بابت ٻُڌل واقعات

    از: فقير حاجي جان محمد شورو

    (1) آچر ٿهيم ڳوٺ ڪامل ڪالوني واري چيو ته، هڪ ڀيري آئون صبح سوير ڏاندن جو جوڙو ڪاهيو پئي ويس ٻني تي، ته سائين حاجي محمد فقير (پيرو فقير جو پوٽو) مسجد جي ٻاهرين دروازي وٽ بيٺو هو ته مون سلام ڪيو ته پاڻ سلام جو جواب ڏيئي، مون کي چيائين ته، ابا ٿورو هيڏانهن اچ ته آئون وڃي ساڻس مليس. چيائين ته ابا هن جانور ويچاري سان هي ڪهڙو ويل ڪيو اٿئي، جو هن ڏاند کي نٿ هنئي اٿئي ٿلهي رسيءَ جي؟ مون وراڻيو ته سائين هيءَ ڏاند ويڙهو آهي، انهي ڪري ايتري ٿلهي نٿ هنئي اٿمانس. پر سائين اڳتي وڌيو ڏاند ڏانهه، ته مون چيو ته، سائين! ڏاند کي ويجها نه وڃو، ڏاند وڙهندو! ته سائين چيو ته، ابا ڪو نه وڙهندو. نيٺ سائين ڏاند ڏي وڌيو، دل ۾ چيم ته، يا خدا خير ڪج، آچر چيو ته، خدا پاڪ جو قسم، سائين وڃي ڏاند جي مٿي ۽ پٺن تي هٿ گهمايا ته، ڍڳو ڪنڌ هيٺ ڪري بيهي رهيو. سائين چيو ته، ابا آچر! هاڻ ڍڳو ڪڏهن ڪو نه وڙهندو ۽ اها نٿ رسي واري ڪڍي ڇڏينس. مون سائين جو چوڻ ڪري انهيءَ مهل رسي واري نٿ ڪڍي ڇڏي ۽ پوءِ ٻني تي ويس وڃي هر ڪاهيم. پوءِ جيترو به وقت اهو ڍڳو مون وٽ هو ته ڪڏهن به نه وڙهيو. بس هڪ سنهي رسي سان ٻڌل هوندو هو.

    (2) پيرل مري ولد مراد علي مري ڳوٺ شهبيگ مري واري ڳالهه ڪئي ته، لعل محمد مري جي ٻڪرين جو وڏو ڌڻ واڙ ۾ هوندو هو. هڪ رات خبر ناهي ته، ڪي ظالم ماڻهو آيا جو سڀني ٻڪرين جا ٿڻ وڍي ويا. لعل محمد مري چيو ته ٻڪرين سان هي ظلم مراد علي ڪيو آهي. سو لعل محمد آيو بابا مراد علي وٽ ۽ اچي چيائنس ته، ابا مراد علي منهنجي ٻڪرين جا ٿڻ تو وڍيا آهن؟ بابا مراد علي چيو ته، مون ڪونهي وڍيا. پر لعل محمد، بابا مراد علي کي چمبڙي ويو ته، مون کي تون ٻڪريون ڀري ڏي. ته بابا چيو ته، ڀريندس. لعل محمد چيو ته، آئون تنهنجون ٻڪريون ڪاهيو ٿو وڃان. بابا مراد علي چيو ته، هروڀرو تون مون کي ٿو چوين ته، تو منهنجي ٻڪرين جا ٿڻ وڍيا آهن! هاڻي جي منهنجون ٻڪريون ڪاهيو ٿو وڃين ته ڀلي ڪاهي وڃ پر منهنجي هڪڙي ڳالهه ٻڌ، هي ٻڪريون آئون توکي هتي ڪاهڻ ڪو نه ڏيندس ها باقي هڪڙي جاءِ آهي جتي ڏيندس، ته لعل محمد چيو ته ڪٿي ڏيندين؟ ته بابا مراد علي چيو ته، ڪورٽ تي. لعل محمد چيو ته، ڪهڙي ڪورٽ؟ ته بابا مراد علي چيو ته، سائين حاجي محمد فقير وٽ. پوءِ اهي ٻئي آيا. سائين حاجي محمد ويٺو هو. بابا مراد علي ساري ڳالهه ڪري ٻڌائي ته سائين وڏي (حاجي محمد فقير) چيو ته، ابا مراد علي! ٻڪريون تون ڏيئي ڇڏ لعل محمد کي، خدا توکي ڪو نه ڇڏيندو. پوءِ لعل محمد گهر ٻڪريون ڪاهي ويو. خدا جي قدرت! سڀئي ٻڪريون هڪ هڪ ٿي مري ويون.
    (3) چاچا ولي محمد سينهڙي ڳالهه ڪئي ته، سائين حاجي محمد وٽ هتي انگريز ڍل وٺڻ آيو. جنهن مهل انگريز جي نظر سائين حاجي محمد تي پيئي ته چيائين سائين! آئون توکان ڍل ڪو نه ٿو وٺان. توهان بزرگ ماڻهو آهيو. سائين چيو ته، نه، آئون ڍل ڏيندس، پر انگريز چيو ته سائين آئون توکان ڍل ڪو نه ٿو وٺان. تنهن تي سائين حاجي محمد چيو ته، اسان سرڪاري پاڻي وهيا آهيون آئون ته ڍل ڏيندس نيٺ سائين حاجي محمد ڍل ڏيئي ڇڏي.
    (4) هي ڳالهه چاچا ولي محمد سينهڙي ٻڌائي ته بابا جن سائين وڏي حاجي محمد فقير سان حج تي گڏ ويو هو. جڏهن اتي پهتا ته، بابا وڃائجي ويو. سڀني رفيقن ڳولا ڪئي، پر ڪٿي به نه لڌا. ٻه ٽي ڏينهن لڳي ويا پوءِ سڀني رفيقن سائين وڏي حاجي محمد فقير کي چيو ته، سائين توهان دعا گهرو ته حاجي محمد صالح اچي وڃي ته سائين وڏي دعا گهري. اڃا دعا گهري مس واندو ٿيو ته، بابا حاجي محمد صالح اچي ويو.
    حاجي محمد فقير کي ڳوٺ جا، توڙي ٻاهر جا ماڻهو سائين وڏو ڪري سڏيندا هئا.
    حاجي محمد صالح هن ڳوٺ پيرو فقير شوري جو هو. سدائين درگاهه واري مسجد ۾ اذان ڏيندو هو. برسات هجي يا جهڪ، ڇا به هجي پر اذان هتي اچي ڏيندو هو. حالانڪ حاجي صالح جو گهر درگاهه واري مسجد کان پري هوندو هو.
    (5) ڪڻڪ جي لابارن تي هتي ٿر جا ماڻهو ايندا هئا. هڪ ڀيري سندن ڪو ٽامي جو ٿانوء کوهه ۾ ڪري پيو ته اهي ٿري سائين وڏي وٽ آيا ۽ اچي چيائون ته سائين! اسان جو ٿانوء موريو ڀلو هو، سو توهان جي کوهه ۾ ڪري پيو آهي، سو ڪڍي ڏيو. سائين وڏي چيو ته، ابا! کوهه وڏو آهي. انهي مان نڪري نه سگهندو. پر هنن ضد ڪيو ته هروڀرو اسان کي ٿانوء ڪڍي ڏيو. موريو ٿانوء کي ڪرندي ٻه ٽي ڏينهن ٿي ويا هئا. نيٺ سائين وڏي چيو ته، ابا هلو ته هلي ٿانوء ڪڍون. کوهه تي وڃي سائين وڏي ڪجهه پڙهيو، ته پڙهڻ سان قدرت خدا جي ٽامي وارو موريو مٿي نڪري تري بيهي رهيو ۽ پوءِ اهو ٻاهر ڪڍي ورتائون انهي وقت ڳوٺ جا ماڻهو به ڪافي تعداد ۾ بيٺل هئا، جن اهو سڄو نظارو اکين سان پئي ڏٺو.
    (6) حاجي عبدالرحمان ٻجوري چيو ته، آئون استاد فقير منٺار مرحوم جي مدرسي ۾ پڙهندو هئس اتي فقير سائين حاجي محمد شورو گهڻو ايندو هو. هڪ ڀيري فقير حاجي محمد آيو ته، مدرسي ۾ نماز باجماعت ٿي چڪي هئي. آئون اڃا مسجد ۾ ويٺل هئس. جنهن مهل سائين حاجي محمد فقير مسجد ۾ آيو ته، سومار ماڇي به نماز پڙهي رهيو هو ته، فقير حاجي محمد سومار جي ڀر ۾ بيهي نماز پڙهڻ لڳو. جڏهن سومار نماز پڙهي بس ڪئي ته، سومار سائين وڏي کان پڇيو ته توهان منهنجي پٺيان نماز پڙهي آهي ڇا؟ ته سائين وڏي وراڻيو ته هائو! مون تنهنجي پٺيان نماز پڙهي آهي. سومار چيو ته، آئون ماڇي گدلو گنهگار، توهان بزرگ ڀلارا ماڻهو اهو ٻڌي سائين وڏي چيو ته، تون مسلمان ڪو نه آهين ڇا؟ سومار چيو ته، هائو سائين آئون مسلمان آهيان. پوءِ سائين وڏي چيس ته بس اهو ئي ڪافي آهي.
    سومار وري چيس ته، سائين مون ته سنت پڙهي هئي، هاڻي توهان فرض جي نيت ڪري فرض نماز پڙهايو، آئون توهان جي پٺيان ٿو پڙهان. پوءِ فقير صاحب نماز پڙهائي، سومار ماڇي ڀر ۾ بيٺو. تان جو نماز ختم ٿي.
    اهو نظارو ڏسي حاجي عبدالرحمان چيو ته، اڳي آئون ماڇي ذات کان نفرت ڪندو هئس. پر هن موقعي تي فقير صاحب کي محبت ڪندي ڏٺم ته، ماڇي ذات کان منهنجي نفرت ختم ٿي وئي.
    (7) حاجي عبدالرحمان ٻجوري هيءَ ڳالهه به ٻڌائي ته، مون سان سيد قاسم شاهه ڳالهه ڪئي ته، آئون حاجي محمد فقير وٽ ويٺو هئس. هڪ پٺاڻ آيو ۽ اچي فقير صاحب کي چيائين ته، ماني کارايو. فقير صاحب سندس پٽ حاجي شفيع محمد کي چيو ته، ابا وڃ ماني کڻي اچ. انهي وقت حاجي شفيع محمد فقير ننڍو هو. سوماني کڻي آيو مکڻ ۽ ٻاجهري جي ماني. مکڻ ماني جي مٿان رکيل هو. پٺاڻ دٻڪي ورائي چيو ته، مين گدهي ڪا ڪهانا نهين کائون گا. هن جي ذهن ۾ هو ته، ٻاجهري جي ماني گڏهن جو کاڌو آهي. پٺاڻ جا اهي لفظ ٻڌي فقير صاحب يڪدم اٿي بيهي چيو ته، حاضر بابا ٻي ماني اچي ٿي. فقير صاحب، حاجي شفيع محمد کي چيو ته، ابا جلدي وڃ ڪڻڪ جي تازي ماني تيار ڪرائي کڻي اچ. ننڍڙو شفيع محمد وري گهر ويو. فقير حاجي محمد، انهي پٺاڻ جي سامهون ٻانهون ٻڌي بيٺو رهيو ۽ چئي رهيو هو ته، حاضر بابا دير ڪا نه ٿيندي. جيستائين شفيع محمد ماني کڻي اچي تيستائين فقير صاحب بيٺو رهيو. نيٺ حاجي شفيع محمد ماني کڻي آيو ته سائين حاجي محمد مکڻ لسي مان ڪڍي کيس ماني تي رکي ڏنو ته پٺاڻ وري چيو ته، يه جوٺا هو گيا هي ته وري سائين حاجي محمد ننڍڙي شفيع محمد کي چيو ته، ابا وڃ ٻي ماني کڻي اچ. وري به سائين حاجي محمد، پٺاڻ جي سامهون ٻانهون ٻڌيو بيٺو رهيو. پوءِ جڏهن ماني الڳ ۽ مکڻ الڳ کڻي آيو ته پوءِ پٺاڻ ماني کائي هليو ويو. حاجي عبدالرحمان چيو ته، قاسم شاهه مون کي چيو ته، مون کي اهو ڏسي ڏاڍي ڪاوڙ پئي آئي ته پٺاڻ فقير صاحب کي ڪيترو نه پريشان پيو ڪري. پر فقير صاحب نهايت صابرين ٻانهو هو.
    (8) حاجي حسين بخش ٿهيم ڳالهه ڪئي ته، سائين حاجي محمد فقير ٽنڊو آدم شهر مان ڪم ڪار لاهي واپس گهوڙيءَ تي ورندا هئا ته ٻيا ماڻهو به گهوڙن تي هوندا هئا. پر فقير صاحب جي گهوڙي کي نه پهچندا هئا. فقير صاحب گهوڙي کي ڪڏهن به ڊوڙائيندا نه هئا. گهوڙي پنهنجي رمز سان پئي ايندي هئي.
    (9) حاجي الهبخش خاصخيلي ڳالهه ڪئي ته، سائين حاجي محمد سيد ذات جي تمام گهڻي عزت ڪندو هو. چيائين ته هڪ دعوت ۾ سائين حاجي محمد مونکي به پاڻ سان گڏ وٺي ويو. جنهن اوطاق ۾ دعوت رکيل هئي ته اتي پهتاسين ته، انهي اوطاق ۾ هڪ سيد ذات جو ويٺو هو. ڪجهه ماڻهو کيس ڦِريا ويٺا هئا ته ڪي ٻيا وري شاهه صاحب لاءِ ڀنگ پيا گهوٽين. جنهن مهل شاهه صاحب، سائين حاجي محمد ڏٺو ته کيس مخاطب ٿي چيائين ته، حاجي محمد! تون به گهڻا ڏينهن بچي ويو آهين. اڄ توکي هي ٿاڌل جو ڪونڊو پيئڻو آهي! سائين وڏي چيو ته، حاضر سائين پيئون ٿا. موالي اڃا ڀنگ گهوٽي رهيا هئا ۽ اسان اتي ڪجهه گهڙيون ويٺاسين. پوءِ سائين وڏي مون کي آهستي چيو ته، ابا الله بخش هن سيد مان ته لوهه ٿي وياسين! هاڻي هيئن ڪر جو ڪرو کڻ ته ٻاهر نڪرڻ جو بهانو ڪري اٿون. پوءِ مون ڪرو کنيو ۽ سائين وڏو اٿي اڳيان هلڻ لڳو ته اتي سيد چيو ته ڪو نه ڇڏيندس! سائين وڏي چيو ته، ٿورو ٻاهران ٿي اچون! اوطاق کان ٻاهر نڪري سائين وڏي چيو ته، ابا الله بخش! ڪؤنرو اتي ڇڏ، ڀڄ ته ڀڄون، هيءَ دعوت ئي گهوري (قربان ٿي). پوءِ اسان هليا آياسون ۽ دعوت سائين وڏي ڪو نه کاڌي.

    (10) مٽر ابڙي ڳالهه ڪئي ته، حاجي مبارڪ ملوکاڻي ڳالهه ڪئي ته، آئون حج تي ويس. حرم ۾ اڃا نماز جماعت ڪا نه ٿي هئي ته، ڏٺم ته سائين حاجي محمد فقير ويٺو آهي، دل ۾ خيال ڪيم ته، نماز پڙهي فارغ ٿي پوءِ ٿو وڃي فقير سائين سان ملان. نماز پڙهي فارغ ٿيس ته هيڏانهن هوڏانهن نظر ڪيم پر فقير صاحب ڏسڻ ۾ نه آيو. ان وقت آئون ڏاڍو حيران ٿيس. پر نيٺ حج پڙهي خيرن سان واپس ڳوٺ آيس ته، سائين حاجي محمد فقير مون کي مبارڪ ڏيڻ لاءِ مون وٽ ڳوٺ آيو. مبارڪون ڏيئي مون کان پڇيائون ته ابا ڏي خبر! توهان کي ڪو مزو آيو! مون چيو ته، سائين آئون توهان کي ڇا ٻڌايان. توهان ته پاڻ اتي موجود هئا. پاڻ وراڻيائون ته ماڻهو ماڻهن جهڙا پيا آهن تو ڪو اهڙو ماڻهو ڏٺو هوندو! مون چيو ته نه سائين، مون سڃاتو هو، پوءِ فقير صاحب منهنجي وات تي هٿ رکي چيو ته ابا هاڻ بس.
    (11) حاجي محمد صديق ورياهه ستياري واري ڳالهه ڪئي ته، استاد محمد اسحاق عمراڻي اسان سان ڳالهه ڪئي ته، ٽنڊو آدم ۾ هڪ ميمڻ جو ڪپڙي جو دڪان هو. انهي دڪان تي اسان وڃي ويهندا هئاسين. انهي ميمڻ اسان سان ڳالهه ڪئي ته، مون وٽ سعودي جو ڪو مهمان آيل هو. اسان دڪان تي ويٺي ڪچهري ڪئي ته اچانڪ سائين حاجي محمد فقير اچي اسان جي دڪان جي اڳيان مٽيو. فقير صاحب بيٺو ڪو نه، سلام ورائي هليو ويو. ميمڻ چيو ته، مون کان هن عربستان واري مهمان پڇيو ته، هي همراهه ڪير آهي؟ مون چيو ته، شورو فقير آهي سندس نالو حاجي محمد، پاڻ سندس ڏاڏي بزرگ پيرو فقير شوري جي نالي تي ٻڌل ڳوٺ پيرو فقير شورو ۾ رهي ٿو. عربستان واري مهمان وڌيڪ چيو ته، هي فقير صاحب مديني ۾ ٿو رهي ڇا؟ ته ميمڻ چيو ته نه. رهي پنهنجي ڳوٺ ۾ ٿو، باقي حج پڙهي آيو آهي. پوءِ انهي مهمان عربستان واري چيو ته، هي بزرگ مسجد نبوي ۾ آئون جمعي تي ڏسندو آهيان ته اتي نماز پيو پڙهي. هي ته وڏو بزرگ شخص آهي.

    (12) حسين سومري ڳوٺ محمد صادق وساڻ واري ڳالهه ڪئي ۽ عام ماڻهو به هي ڳالهه ڪندا آهن ته، سائين حاجي محمد فقير، سوڀو وساڻ وٽ ويندو هو. اهو ڳوٺ 46 ديهه نياآباد جي ڀر ۾ آهي. هڪ ڀيري سوڀي وساڻ وٽ حاجي محمد فقير آيو ۽ ان کي چيائون ته، ابا! ڪهڙا حال آهن؟ سوڀي وراڻيو ته، سڀ خير آهي خوش آهيون پر هڪڙي تڪليف آهي. ته سائين حاجي محمد فقير چيو ته، ٻڌاءِ ڪهڙي تڪليف آهي؟ سوڀي چيو ته، سڀ ڪجهه آهي پر پاڻي مٺو ڪونهي. کوهه به کڻايو اٿم. پوءِ سائين حاجي محمد فقير چيو ته بس، اها ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي؟! توهان مصري کڻي اچو، الله تعاليٰ آساني ڪندو. سوڀي خان مصري گهرائي سائين حاجي محمد فقير کي ڏني، جنهن اها مصري پڙهي چيو ته، ابا سوڀا خان! هي مصري وڃي کوهه ۾ وجهه رب سائين ڪندو ته کوهه مٺو ٿي ويندو. قدرت خدا جي، مصري وجهڻ شرط کوهه جو پاڻي مٺو ٿي ويو. جيڪو اڄ تائين ڳوٺ جا ماڻهو پيا پيئن. ڳوٺ وارن انهي کوهه تي موٽر لڳائي ڇڏيا آهن سڀ پيا پاڻي ڀرين ۽ پيئن.
    ٻي کوهي املهه وساڻ جي ڳوٺ ۾ به آهي. اتي سائين حاجي محمد فقير ويندو هو. هڪ ڀيري پاڻ املهه وساڻ وٽ ويو ته املهه وساڻ عرض ڪيو ته، اسان جي ڳوٺ ۾ مٺو پاڻي ڪونهي کوهي آهي پر پاڻي کارو اٿس ته سائين حاجي محمد فقير املهه وساڻ کي چيو ته، ابا ڪا به وڏي ڳالهه ڪانهي. توهان کنڊ کڻي اچو. پوءِ کنڊ آڻي سائين حاجي محمد کي ڏنائون سائين حاجي محمد کنڊ پڙهي ڏيڻ وقت چيو ته، ابا بسم الله ڪري وجهو کوهي ۾، رب سائين ڪندو ته کوهيءَ جو پاڻي مٺو ٿي ويندو. قدرت خدا جي، اڄ تائين کوهي مٺو پاڻي پئي ڏئي. انهي کوهي تي به موٽر لڳا پيا آهن ڳوٺ جا سڀ ماڻهو اهو پاڻي پيا ڀرين.
    (13) صابو ڪنڀار ڳوٺ طاهر هنڱورو واري ڳالهه ڪئي ته، مون سان ڳالهه ڪئي سيد نظير احمد شاهه ڳوٺ سيد وهاب شاهه ته اسان وٽ سائين حاجي محمد فقير ايندو هو. هڪ ڀيري آيو ته، بابا سائين حاجي خير محمد شاهه چيو ته، اسان جي ڍڳي آهي پر صحي طرح سان مِڙي ڪا نه ٿي. کير به منجهس گهڻو آهي. دعا ڪريو ته کير صحي طرح سان ڏئي. پوءِ سائين حاجي محمد فقير اٿيو، ڍڳي جي پٺن تي هٿ هڻي چيائون ته، سائين جن کي کير پئي ڏي! انهي ڏينهن کان وٺي ڍڳي لت ڪا نه هنئي. صحي طرح سان کير ڏيندي رهي ۽ ڍڪي به ڪا نه ٿي، نه ڪي مهاڙ ڪيائين. اها ڍڳي اسان وٽ ڪافي وقت بيٺي هئي.
    (14) عمر خاصخيلي ڳالهه ڪئي ته، اسان کي چاچا حاجي الله بخش ڳالهه ڪندو هو ته، اسان سائين حاجي محمد فقير وٽ رهندا هئاسين. سائين جا اٺ به هوندا هئا. اسان ڦٽيون اٺن تي کڻي ٽنڊو آدم جي ڪارخاني ۾ پهچائيندا هئاسين. جنهن مهل ڦٽيون اٺن تي رکي بس ڪندا هئاسين ته، سائين حاجي محمد فقير اسان کي چوندو هو ته، ابا ڦٽيون فلاڻي ڪارخاني تي لاهجؤ. ٻيا اٺ پٺيان هوندا هئا، سائين حاجي محمد فقير جو اٺ اڳيان هوندو هو. قدرت خدا جي سائين وارو اٺ، سڌو هلي انهي ڪارخاني ۾ گوڏا کوڙيندو هو جنهن ڪارخاني ۾ سائين حاجي محمد فقير چوندو هو ته، ڦٽيون فلاڻي ڪارخاني ۾ لاهجؤ.
    (15) يار محمد ابڙي ڳالهه ڪئي ته، سائين حاجي شفيع محمد وٽ ٻيراني جو واڻيو آيو ۽ اچي چيائين ته، سائين! توهان مون کي ڦٽيون ڏيو ته سائين حاجي شفيع محمد چيو ته، ابا! اسان ٽنڊي آدم جي ڪارخانن تي ڦٽيون ڏيندا آهيون. ته سيٺ واڻئي چيو ته، سائين توهان ڀلي ٽنڊي آدم واري ڪارخاني تي ڦٽيون ڏيو، پر مون کي صرف هڪ ٻڙو ڦٽين جو ڏيو دعا جو، ته آئون ٻين ڦٽين سان گڏ وجهي ڪارخاني ۾ هلايان ته منهنجي ڪارخاني ۾ برڪت پوي. ڇو ته پيرو فقير جي زمين جون ڦٽيون مون وٽ اينديون ته وڌيڪ برڪت پوندي. واڻين جو پيرو فقير ۽ سندس فقير خاندان ۾ ايڏو عقيدو هوندو هو.
    (16) چنڱل شوري ٻڍاپور واري چيو ته، منهنجون اکيون اٿي پيون ۽ اکين ۾ سور به هو. آئون ننڍڙو هئس. مون کي منهنجي ناني سائين حاجي محمد فقير وٽ کڻي آئي ۽ اچي چيائين ته، سائين هن ننڍڙي کي دعا ڪريو ته اکين مان سور لهيس. پوءِ سائين دعا ڪئي. دعا ڪرڻ وقت چيائون ته، هن ننڍڙي جون اکيون هاڻ ڪڏهن به نه اٿنديون. اڄ تائين منهنجون اکيون وري نه اٿيون ۽ نه سور ٿيو. ڪيترا ڀيرا منهجين اکين ۾ دشمنن زهر وڌو، پر ڪو به اثر ڪو نه ٿيو. دشمن ڪيترا ڀيرا مون کي مارڻ به آيا، پر مون کي ڪجهه به نه ڪري سگهيا. اڄ تائين سائين حاجي محمد فقير جي دعا مون سان گڏ آهي. ايڏو وڏو بزرگ هو. رب سائين، حاجي محمد فقير کي جنت ۾ جايون عطا ڪري.
    (17) خان محمد ٿهيم ڳوٺ غلام محمد ٿهيم واري ڳالهه ڪئي ته، استاد منٺار فقير چيو ته، حاجي محمد وٽ هڪ ماڻهو ٿر جو آيو ۽ اچي فقير حاجي محمد کي چيائين ته، مون کي تعويذ لکڻ سيکاريو، خراب تعويذن لاءِ چيائين. فقير صاحب چيو ته، ڪجهه ڏينهن ويهه ته پوءِ تو کي سيکاريندس. اهو ٿر جو ماڻهو ڪجهه ڏينهن ويٺو فقير صاحب نصيحتون ۽ ٻيون سٺيون ڳالهيون ٻڌندو رهيو. فقير صاحب وٽ هر قسم جا مهمان مڙها گهڻا پيا ايندا هئا. هڪ ڏينهن انهي ٿر جي ماڻهوءَ کي چيائين ته ابا! هلي آء ته توکي تعويذ سيکاريان! انهي ماڻهوءَ وراڻيو ته، سائين هاڻي منهنجي دل مان تعويذ لکڻ جو خيال ئي ختم ٿي ويو. توهان جون جيڪي محبتون، ڪرامتون، ۽ نصيحتون ٻڌيون اٿم، تن اهي شوق ئي پورا ڪري ڇڏيا. بس هاڻي رڳو دعا پيا ڪجؤ.
    (18) بهادر فقير ٿهيم ڳوٺ غلام محمد واري ڳالهه ڪئي ته مون کي سائين منٺار فقير مرحوم ٻڌايو ته، حاجي محمد فقير وٽ هڪ ماڻهو ڏيڍ لک روپيا امانت رکي ويو. خدا جي قدرت اهو ماڻهو ڪجهه وقت کان پوءِ وفات ڪري ويو. انهي ماڻهوءَ جو ٻيو ڪو به وارث ڪو نه هو. باقي هڪ وارث هو پر اهو چريو هو ماڻهن چيو ته، سائين! هن ماڻهو جو فقط هڪ چرئي کانسواءِ ٻيو ڪو به وارث ناهي، توهان انهي مرحوم جي امانت ڪٿي مسجد ۾ يا ڪنهن خير جي ڪم ۾ لڳائي ڇڏيو. پر فقير صاحب چيو ته، ابا ڀلي چريو هجي پر جيڪو وارث آهي امانت ان کي ملندي. پوءِ فقير صاحب انهي چرئي کي ڏيڍ لک ڏيئي ڇڏيو.
    حاجي محمد فقير وٽ ماڻهو تمام گهڻيون امانتون ڇڏي ويندا هئا. روڪ رقم، سون چاندي وغيره، پر ڌڻين کي امانت انهي حال ۾ ملندي هئي جنهن حال ۾ ڏيئي ويندا هئا. جنهن ڪپڙي ۾ ويڙهيل يا ٻڌل امانت هوندي هئي ته واپس به انهي ڪپڙي ۾ ملندي هئي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو سائين وٽ اچي رقم کلي ڪرائيندو هو ۽ جي انهي مهل سائين وٽ کليا نه هوندا هئا ته، ماڻهو چوندا هئا ته، سائين توهان وٽ امانت وارا پيسا پيا هوندا، انهن مان کليا ڪري ڏيو ته، چوندا هئا ته، ابا! آئون ڌڻي جي اجازت کانسواءِ نه ڏيندس. متان امانت وارو ماڻهو سمجهي ته، فقير منهنجن پيسن مان ڪاروبار ڪيو آهيس بابا اهو ڪم ڪو نه ڪبو.
    (19) باز محمد ٻٻر ڳالهه ڪئي ته، اسان وٽ شاديءَ جو ڀت هو. سائين حاجي محمد فقير آيو. شاديءَ ۾ ڳائڻ وڄائڻ هو. فقير صاحب پاسي تي آرامي ٿيا پر ڪپهه جا ٻڙا گهرائي ڪنن ۾ وجهي سمهي پيا ۽ چيائون ته ساز سرود ٻڌڻ حرام آهي شريعت اجازت نه ٿي ڏئي.
    (20) سيد گل محمد شاهه ولد محمد شاهه مولودي، ڳوٺ ڪمال ٻرڙي واري ڳالهه ڪئي ته، مون کي پيٽ ۾ سور هو. سور نه پيو ڇڏي. پوءِ بابا مون کي حاجي محمد فقير جي پٽ حاجي شفيع محمد فقير وٽ وٺي ويو. فقير صاحب کي بابا چيو ته، سائين! منهنجي هن پٽ کي پيٽ ۾ سور آهي. دوا به ورتي اٿئون پر سور ڇڏيئي ڪو نه ٿو. هاڻي توهان دعا به ڪريو ۽ ڦيڻو به رکو. فقير حاجي شفيع محمد ڦيڻو به رکيو ته امل داس به ڏنائين ته وڃي ڪاڙهي پياريو. پوءِ مون امل داس ڪاڙهي پيتو. اڄ تائين مون کي وري سور نه پيو.
    (21) عبدالرحمان ولد حاجي شير محمد خاصخيلي ڳالهه ڪئي ته، اسان جي پيءَ حاجي شير محمد کي پٽ جو اولاد نه پئي ٿيو. بابا کي نياڻيون هيون پر پٽ نه هئس. پوءِ بابا ٻي شاديءَ جو ارادو ڪري هن ڳوٺ پير فقير شوري ۾ رهندڙ خاصخيلي ذات وارن وٽ آيو. انهن سان ڳالهيون ٿيون نيٺ هنن چيو ته، اسان توهان کي سڱ ڏيون ٿا. پوءِ بابا، سائين حاجي محمد فقير وٽ آيو ۽ اچي چيائين ته، سائين! توهان جي هن ڳوٺ مان آئون فلاڻي خاصخيلي وٽان شادي ٿو ڪريان. نڪاح به توهان پڙهندا، ته سائين حاجي محمد فقير بابا کي چيو ته، ابا ٻي شادي اتان نه ڪر، ته بابا چيو ته سائين مونکي پٽ جو اولاد ڪونهي. سائين حاجي محمد فقير چيو ته، خدا ڪندو توکي انهي گهر واري مان پٽاڻو اولاد ٿيندو. اهو ٻڌي بابا سائين کي چيو ته، بس سائين هاڻي آئون ٻي شادي ڪو نه ٿو ڪريان. پوءِ بابا ٻي شادي ڪو نه ڪئي. پوءِ بابا کي اسان ڀائر جلد ئي ڄاواسون.
    (22) حاجي محمد فقير شوري کي سيد ذات اوڍائي تمام گهڻو ڀائيندا هئا. سائين حاجي محمد قاسم شاهه، سائين حاجي علي محمد شاهه ۽ ٻيا. سائين حاجي محمد فقير سيدن وٽ به ويندا هئا ته سائين اوڍائي سيد هتي سائين حاجي محمد فقير وٽ به ايندا هئا. هي سيد دعا، پِٽ وارا هئا.
    سيد حاجي خير محمد شاهه ڳوٺ وهاب شاهه وارا، انهن سان به سائين حاجي محمد فقير جي گهڻي محبت هوندي هئي. سائين حاجي خير محمد شاهه هر سال پيرو فقير شوري جي ڏهاڙي تي اچي مولود پڙهندو هو. ساڻس گڏ حاجي علي محمد شورو ڳوٺ الهڏني ساند وارو ۽ ٻيا به ڪافي مولودي اچي مولود پڙهندا هئا. ٻيو سيد محمد شاهه ڳوٺ ڪمال ٻرڙو وارو به، حاجي محمد فقير سان گهڻو محبت ڪندو هو.
    فقير حاجي محمد شوري وٽ، سيد حاجي يار محمد شاهه دائري شريف وارا به تمام گهڻو ايندا هئا. اهي وڏا بزرگ هئا ۽ ڪرامت جا صاحب هئا. سائين حاجي يار محمد شاهه جا وڏا به وڏي منزل وارا هئا. سندن وڏو مدرسو هوندو هو جتي اڍائي سؤ شاگرد پڙهندا هئا. اتي جن به پڙهندا هئا. انهي مدرسي ۾ شاگردن جو تعداد اڍائي سؤ وارو هلندو آيو. انهن سيدن جي هر بزرگ وٽ جنات پڙهندي هئي. انهن سيدن سڳورن ۾ سيد علي محمد شاهه وڏو قاري هو. سيد علي محمد شاهه مٽياري ساداتن مان عيسيٰ شاهه جي اولاد مان حمزه شاهه بنوري نقشبندي جو پڙ پوٽو هو، ۽ سيد نيڪ محمد شاهه جو فرزند هو. تاريخ 5 ماه رجب 1226هه ۾ ڄائو. سندس والد ۽ ڏاڏو اتي دائري شريف ۾ رهندا هئا. سندن ٻيا ويجها عزيز به دائري واري درسگاهه سان وابسته هئا. انهي ڪري دائري وارا سيد سڏجن ٿا. سيد قاري علي محمد شاهه نون سالن جي عمر ۾ قرآن شريف حفظ ڪيو. موجوده گادي نشين سيد حاجي يار محمد شاهه آهي جيڪو سيد حاجي محمد ابراهيم شاهه جو فرزند آهي. مطلب ته هنن دائري وارن سيدن جا وڏڙا تمام وڏا بزرگ هئا.
    (23) تپيدار حضور بخش بوزدار ڳوٺ مير خان بوزدار واري ڳالهه ڪئي ته، منهنجو بابو ۽ بابا جو سؤٽ محمد عثمان، ٻئي ڀٽائي جي ميلي تان رات جو واپس موٽيا. سندن ڳوٺ ڏي پئي آيا. رستو ڪچو هو. جنهن مهل ڳوٺ پيرو فقير شوري جي ڀر وٽان لنگهيا ته، محمد عثمان، محمد قاسم کي چيو ته اڄوڪي رات سائين حاجي محمد فقير وٽ هلي ٿا رهون. ته بابا چيو ته، فقير صاحب وٽ ته هلون پر ڇا آهي جو آئون رات جو ماني کائيندو آهيان کير ۽ لسي ملائي ٻهڙ ڪري پوءِ. فقير صاحب وٽ ته کير هوندو پر مون کي خالي کير وڻي ڪو نه ٿو ته محمد عثمان چيو ته ادا تون هل ته سهي، پوءِ جيڪي ڪجهه هوندو سو کائينداسون. نيٺ هي آيا ته سائين حاجي محمد فقير پاڻ ويٺو هو. حال احوال وٺي چيائين ته، ابا محمد عثمان ماني مٿي ڇڪي ۾ پئي آهي، تون ته کائيندو آهين کير ماني ۽ هيءَ ڇوڪرو کائيندو آهي لسي ۽ کير گڏي ملائي. انهي لاءِ لسي ۽ کير گڏايو مليو پيو آهي وڃي کائي. محمد قاسم حيران ٿي ويو. چيائين ته آئون فقير صاحب وٽ پهريون ڀيرو ويو هئس اڳي ڪڏهن به ڪو نه ويو هئس. ڪيئن خبر پئي فقير صاحب کي ته محمد قاسم کير ۽ لسي ملائي کائيندو آهي. انهي واقعي کانپوءِ فقير صاحب وٽ بابا جو اچڻ وڃڻ گهڻو ٿيو.
    (24) تپيدار حضور بخش بوزدار هي به ڳالهه ٻڌائي ته، فقير حاجي محمد کي بابا عرض ڪيو ته، سائين هڪ پٽ اٿم دعا ڪريو ته، ٻيو به پٽ ٿئي. ته فقير صاحب وراڻيو، ابا محمد قاسم هن هڪ پٽ مان ئي گنج ٿيندئي! الحمدلله مون کي هاڻي ڇهه پٽ آهن.

    (25) فيروز پٺاڻ ڳالهه ڪئي ته، اسان هميشه هتي حاجي محمد فقير وٽ اچي رهندا هئاسين. فقير صاحب اسان کي ننگر پاڻي ڪرائيندا هئا، ڪڏهن به ناراض نه ٿيا. هڪ ڀيرو اسان 25 پٺاڻ هئاسين، سائين حاجي محمد فقير ويٺو هو، اسان اڃا مس ويٺاسين ته مٿان وري ٻيو ٽولو پٺاڻن جو اچي لٿو، اهي به 25 ڄڻا هئا. انهي وقت سج لهي چڪو هو. فقير صاحب چيو ته، ابا توهان ويهو ته آئون گهر وڃي ماني تيار ڪرڻ لاءِ چئي ٿو اچان. فقير صاحب گهر ويا ته، اسان پٺاڻن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته، پاڻ 50 ماڻهو آهيون. فقير صاحب کي تڪليف ٿيندي. هاڻي 25 ماڻهو وڏيري حاجي محمد مراد شوري وٽ وڃن ۽ باقي 25 ماڻهو فقير صاحب وٽ رهن. سڀني چيو ته صحي آهي. پوءِ 25 ڄڻا حاجي محمد مراد شوري وٽ سندس اوطاق تي ويا. هتي فقير صاحب وٽ اسان 25 ماڻهو وڃي رهياسين. ٿوري دير کان پوءِ فقير صاحب آيو ۽ اچي چيائين ته، ٻيا همراهه ڪيڏانهن ويا؟ اسان چيوسين ته سائين! وڏيرن جي اوطاق تي هليا ويا. فقير صاحب چيو ته، ابا ڇو هليا ويا؟ اسان چيو ته، سائين گهڻا ماڻهو هئاسين، سوچيو سين توهان کي تڪليف ٿيندي تنهنڪري اوڏانهن هليا ويا آهن. فقير صاحب چيو ته، ابا توهان ته مون کي بي همٿو ڪري ڇڏيو. هتي ڪيترا پيا اچو ننگر پاڻي ڪريو، اسان ڪو نه ٿڪنداسين. رب سائين برڪت وجهي ڏيندو.
    سائين حاجي محمد فقير هميشه مدرسي جي ننڍڙن شاگردن سان گڏ ماني کائيندو هو. وٽس مست چريا به ايندا هئا، انهن کي وات مان گگون پيون وهنديون هيون، ته به انهن سان پاڻي، لسي، ۽ کير جا ڍڪ گڏ پيو ڀريندو هو. ڪڏهن به کانئن نفرت نه ڪيائين. ٻار ڀت کائڻ وقت چانور وغيره تڏي تي هاري ڇڏيندا هئا ته پاڻ هٿن سان چونڊي کائي ڇڏيندا هئا.
    (26) قيصر ملوکاڻي ڳالهه ڪئي ته، بابا مون کي سائين حاجي محمد فقير وٽ وٺي آيو. آئون ٺيڪ ڪو نه هئس. هتي آيا سون ته، ڏٺم ته، سائين حاجي محمد فقير ننڍڙن ٻارن سان گڏ ڀت کائي رهيو هو. جڏهن ٻار سڀئي ويا هليا ته، ٻارن جيڪي چانور تڏي تي ڪيرايا هئاسي فقير صاحب چونڊي هٿ جي تريءَ تي رکي کائي رهيو هو. مون بابا کي چيو ته، بابا! هي ڪهڙو فقير آهي جو پٽ تان چانور چونڊيو پيو کائي، ته بابا چيو ته، ابا ماٺ ڪر، هي وڏو درويش بزرگ آهي.
    (27) استاد پير شمس الدين قريشي شهدادپور واري ڳالهه ڪئي ته، آئون سائين حاجي محمد فقير وٽ پڙهندو هئس. ڪافي ماڻهو ايندا هئا. ڪي چريا به هوندا هئا ته ڪي ننڍا ٻار به هوندا هئا پر ڪنهن کان به نفرت نه ڪندا هئا.
    هڪ ڀيري هڪ اهڙو ماڻهو آيو جو بنهه گدلو، ڪپڙا تمام ميرا ۽ خراب، هٿن پيرن جا ننهن به وڏا، تنهن اچي مون کان پاڻي گهريو. مون کيس پاڻي ڀري ڏنو. اڌ گلاس پيءُ، باقي رهيل اڌ گلاس سائين حاجي محمد فقير کي ڏنائين. سائين ڪجهه پيتو ۽ ٻيو ڪجهه ورائي مون کي ڏنائون ۽ چيائون ته پير صاحب هي پاڻي تون پي ڇڏ. مون سائين کان وٺي ورتو. جي سائين وڏو پاڻ هن جي اوبر نه پيئي ها ته آئون ڪڏهن به ڪو نه پيئان ها. مون ته اهو سائين جو اوبر سمجهي پي ورتو. سائين وڏو الله وارو هو. ڪنهن به انسان کان نفرت نه ڪيائين.
    (28) احمد ولد دلو خاصخيلي ڳالهه ڪئي ته ھتي سائين حاجي محمد فقير وٽ سيوھڻ جو ھڪ سيد آيو ۽ اچي چيائين ته آئون ڳوٺ غلام ٿهيم جي ڀر وٽان پئي آيس ۽ ٻنيءَ جو ٻنو ڏيو پئي آيس ٻني ۾ زميندار بيٺو ھو تنهن مون کي چيو ته منهنجي ٻنيء مان ڇو مٽيو آھين؟ لٺ ھڻي ٻانهن ڀڃي وڌي اٿس، پوءِ سائين حاجي محمد فقير، حاجي الهه بخش کي گهرائي چيو ته، ابا الهه بخش ! ھي سيد سائين آھي، ھن جي ٻانهن جو پٽو ڪر. پوءِ حاجي الهه بخش پٽو ڪيو ۽ سائين حاجي محمد چيو ته ابا الهه بخش! تون ھتي اچي سائين جو پٽو ڪريو وڃ ۽ اسان سائين جي پيا خدمت ڪنداسون . سيد سائين ٺيڪ ٿيڻ تائين جيترو وقت به رھيو سائين حاجي محمد فقير، سيد صاحب کي روز ڪُٽي آڻي پيو کارائيندو ھو.
    (29) مزار ڪلوئي ڳالهه ڪئي ته ، اسان سائين پيروفقير جي ڏھاڙي لاءِ خيرات خاطر ھڪ وڏو ڍڳو ڪيو جيڪو ڏھاڙي کان اڳيئي چوري ٿي ويو ته اسان وڃي فقيرن کي ٻڌايو ته پوءِ سائين عبدالله فقير کي چور ڍڳو ڏيئي ويا ۽ چورن کانئس بخشرايو . ٻي ڳالهه به ڪيائين ته سائين حاجي محمد فقير وٽ ڪافي ماڻهو آيا انهن سڀني لاءِ ننگر آيوته سڀئي کائڻ ويٺا ته ھڪ ھمراھه کي فقير صاحب چيو ته ابا تون ويهه تو جيڪو دل ۾ سوچيو آھي، سو توکي ملندو. پوءِ فقير سڀني کي ننگر ڪرائي بعد ۾ انهي ماڻهو لاءِ الڳ گوشت جو ٻوڙ کڻي آيو اڳم جن به ماڻهن کي ننگر ڪرايائون سو چانورن سان ھو . اھو ڳالهه ڪرڻ وارو مزار ڪلوئي ڪراچي ھوٽل دلور جو آھي.
    (30) نور محمد مڪراني ڳوٺ امام بخش ٿهيم واري کان سائين حاجي محمدفقير ٻڪريون وٺڻ ويا ته ، فقير صاحب چيو ته، ابا ٻڪرين جو ملهه ڪريو! نور محمد مڪراني چيو ته چار روپيه ھڪ ٻڪري. ته فقير صاحب سوچي سوچي چيو ته ابا ھائو! توھان چيا آھن. چار روپيه، پر ٻڪريون توھان جون متاريون آھن، آئون توھان کي سوا چار روپيه ٿو ڏيان پوءِ فقير صاحب سوا چار روپيه جي حساب سان پيسا ڏيئي الهه بخش سان گڏ ٻڪريون ڪاھي آيو.
    (31) حاجي الهه بخش چيو ته، آئون سائين حاجي محمد فقير وٽ ھاري ھئس ٻنيءَ جي ھڪ ٽڪري ۾ جهنگ تمام گهڻو ھو. پوءِ سائين مون کي چيو ته ابا الهه بخش زمين صفا ڪر . پوءِ مون وڏا لاھه ڪڍي جهنگ صفا ڪيو. پوءِ سائين مون کي چيو ته ابا ھاڻي مُلهه ڪر ته تنهنجي مزوري گهڻي ٿي. ته مون چيو ته، سائين آئون ھاري آھيان، مزوري نه وٺندس. سائين تمام گهڻو زور ڪيو پر مون جواب ڏنو پوءِ سائين ٻئي ڏينهن ٻنيءَ تي آيو ته مون کي سڏ ڪيائين. آيون وٽس ويس ته ھڪ پنج سيرو موريو نالي ٿانوء ھو جنهن ۾ سچو گيهه پيل ھو. سو مون کي ڏيندي چيائين ته تو ھيءَ محنت ڪئي آھي، سو ھيءَ گيهه وڃي کاءَ پوءِ مون اھو گيهه ورتو.
    (32) ساجن ولد جعفر ملو کاڻي چيو ته سائين حاجي محمد فقير جا اسين ھاري ھئاسين اسان وؤنڻ به ڪاھيا ۽ ٻاجهري به ڪاھي. ٻاجهري مٿانهين زمين تي ڪاھيل ھئي ته وؤنڻ ھيٺاھين زمين تي ھئا، جي وؤنڻن کي پاڻي پياريون ته ٻاجهري کي پاڻي نه پيو پهچي ۽ ٽائم ختم ٿيو وڃي پوءِ سائين وڏي کي چيو سين ته ھاڻ ڇا ڪريون ٻاجهري ته سُڪيو ٿي وڃي! پوءِ سائين چيو ته سُڪندي. ڪا نه رب سائين کان دعا ٿا گهرون ته رب سائين پاڻ کي ڪوئلي تي ٻاجهري پچائي ڏيندو قدرت خدا جي بزرگ جي دعا سان ٻاجهري پاڻيءَ کانسواءِ پچي تيار ٿي. جنهن مهل ٻاجهري جاڪانا لئاسين ته ھرڪاني جي پاڙ ۾ ڪوئلو (اڱار) ڦاٽو پيو ھو.
    (33) حاجي محمد سليمان سينھڙي چيو ته، اسان سائين حاجي محمد فقير وٽ پڙھندا ھئاسين سائين جن پاڻ به پڙھائيندا ھئا ۽ ٻيو ھن ڳوٺ جو ويٺل محمد ڪنڀار به پڙھائيندو ھو. جنهن کي ڇوڪرن جا مائٽ ھر مهيني ھڪ روپيو پگهار به ڏيندا ھئا. پوءِ وري نئين ڪوٽ جو ويٺل سعيد خان چانڊيو به پڙھائيندو ھو. ھتي مسافر ڇوڪرابه پڙھندا ھئا اسان شاگرد گڏ جي ھر خميس تي آسپاس جي ڳوٺن ۾ ويندا ھئاسين پوءِ ھر ماڻهو پنهنجي پهچ ۽ حال آھر ڪجهه نه ڪجهه ڏيندو ھو. ڪو ڪڻڪ ڏيندو ھو. ته ڪو ٻاجهر، ڪو شاگردن لاءِ ڪپڙو ڏيندو ھو. استاد سعيد خان به گڏ ھلندو ھو. ڪڏھن ھواڪيلو به ويندو ھو. استاد سعيد خان قداور ھوندو ھو. ھڪ ڀيرو ھو اڪيلو ويو ڪنهن ڳوٺ ۾، سو ڪنهن گهر جي ٻاهران بيهي سڏ ڪيائين گهوڙي تان ته ھيٺ لهه ! گهرن جي ڀر آھي، !! ته استاد سعيد خان چيو ته، امان آئون گهوڙي تي چڙھيل ڪونه آھيان،منهنجو قد ايترو ڊگهو آھي، اھو استاد جڏھن به ڳوٺان ايندو ھو ته اچڻ سان، سائين پيرو فقير جي قبرستان لاءِ گارو ٺاھي سڀني قبرن کي لنبيندو ھو. ھڪ ڀيرو ڳوٺ ويو ته واپسيءَ ۾ سندس پٽ محمد يوسف پاڻ سان گڏ وٺي آيو، ڇوڪرو ننڍڙو ھو. ھتي درگاھه تي پهتو ته کيس بخار ٿي پيو ۽ طبيعت تمام گهڻي خراب ٿي پيس. پر قدرت خدا جي استاد سعيد خان وفات ڪري ويو ۽ ھو ڇوڪرو ٺيڪ ٿي ويو. استاد سعيد خان کي سيد مانجهي شاھه قبرستان ۾ دفنايو ويو، مانجهي شاھه جو قبرستان مسجد جي سامهون آھي، سيد مانجهي شاھه تمام پراڻو بزرگ ھو. ڇون ٿا ته جڏھن ھي ڍوري وارو درياء وھندو ھو ته پاڻ بزرگ ٻارھين مهيني ٻيڙي ۾ چڙھي ايندو ھو ساڻس گڏ ڪجهه خليفا به ھونداھئا، ھن قبرستان واري جاءِ تي اچي وھندو ھو. انهن ڏينهن ھتي وڏو ڪنڊي جو وڻ ھوندو ھو، رات رھي پوءِ اڳتي ھليو ويندو ھو، ھڪ ڀيرو آيو ته سندس طبيعت صحيح ڪا نه ھئي ۽ ھتي وفات ڪيائين ته کيس ھتيئي دفن ڪري ڇڏيائون ھاڻي ھتي ڪافي مسافر به دفن ٿيل آھن ٿر جا به ڪافي ماڻهو دفن ٿيل آھن، ننڍڙا ٻار به رکيل آھن.
    (34) سائين حاجي محمد فقير سائين پيرو فقير جا سڳا پوٽا ھئا، پاڻ قرآن شريف پڙھيا ھئا يوسف فقير جي مدرسه ۾ اھو مدرسو نوبت مري جي ڳوٺ جي ڀر ۾ ھو. ڳوٺ طاھر ھڱو رو به قريب آھي، ۽ سيد وھاب شاھه جو ڳوٺ به قريب آھي. انهي مدرسه ۾ نصرپور جو قاضي پڙھائيندو ھو، انهي وٽ سائين حاجي محمد فقير سان گڏ حاجي بچل سينھڙو ڪلر شاخ وارو، مولوي عرس ڏاھري سبڙ ڏاھري به پڙھندا ھئا، اتان کان قرآن شريف پڙھي پوءِ ھتي اچي پنهنجي ڏاڏا سائين پيرو فقير جي درگاھه تي اچي ويٺا ۽ ٻيو نمبر گادي نشين ٿيا. ڪافي ماڻهو سندن صحبت ۽ مجلس ۾ رھندا ۽ ايندا ھئا، ۽ فيض ورتائون سندن ڪرامتون به گهڻيون آھن. فقير حاجي فيض محمد راڄڙ بسيءَ وارن سان به تمام گهڻو پيار هوندو هئن، فقير حاجي فيض محمد راڄڙ به وٽن گهڻو ايندو ھو.
    (35) استاد پير شمس الدين قريشي شهداد پور واري ڳالهه ڪئي ته مون کي منهنجو چاچو پير حبيب الله وٺي آيو سائين حاجي محمد فقير وٽ قرآن شريف پڙھڻ لاءِ فقير صاحب ويٺا ھئا، خبر چارو ورتائون چاچا چيو ته سائين ھي ڇوڪرو منهنجو ڀائٽيو آھي، توھان وٽ وٺي آيو آھيان، ته ھن کي قرآن شريف پڙھايو ته فقير چيو ته ابا! آئون ڪونه پڙھائيندس ھن پير کي ته چاچا چيو ته ڇو سائين؟ فقير صاحب وراڻيو ته ابا! توھان آھيو قريشي ته اسان جا مرشد به آھن قريشي. متان ڪو اسان کان لفظ نڪري وڃي بي ادب ٿي وڃئون! اتي مون چيوته سائين مون کي پنهنجو ٻچو سمجهي ڪري پڙھايو، اھو ٻڌي فقير صاحب چيو ته ابا توکي پڙھايون ٿا. پوءِ آئون پڙھندو پيو ھئس شاگرد به ڪافي ھئا. سائين حاجي محمد فقير وضو لاءِ اٿندا ھئا ته آئون ڊوڙي ڪؤنرو ڀري ڏيندو ھئس ته مون کان ڪو نه وٺندا ھئا چوندا ھئا ته پير صاحب توھان تڪليف نه ڪريو، کوڙ شاگرد ويٺا آھن، مون کان ڪؤنرو نه وٺندا ھئا جي ٻاھران ڪٿان ايندا ھئا ته گهوڙي تان اڃا لهن ئي مس ته آئون ڊوڙي وڃي واڳ وٺندو ھئس، پر مون کي گهوڙي جي واڳ نه ڏيندا ھئا پوءِ ٻيا ڇوڪرا واڳ وٺندا ھئا مطلب ته اسان کي تمام گهڻو ڀائيندا ۽ عزت ڏيندا ھئا.
    (36) ھيءَ ڳالهه به استاد پير شمس الدين ٻڌائي ته سردي جي موسم ۾ اسان باھه جي مچ تي ويٺا ھئا سون سائين وڏو حاجي محمد فقير به ويٺو ھو. ته اوچتو مٿان سائين عبدالله فقير به آيو. جيڪو حاجي محمد فقير جو ڀائٽيو به ھو ته نياڻو به ھو . تنهن ايندي شرط اچي مون کان اجرڪ گهري ته جيئن تڏو ڇنڊي ان تي ويهي ڇو ته تڏي تي مٽي پيل ھئي مون چيو ته آئون اجرڪ نه ڏيندس منهنجي اجرڪ خراب ٿيندي تڏھن سائين حاجي محمد فقير چيو ته پير صاحب تون اجرڪ ڏي عبدالله کي جي خراب ٿي پوندي ته توکي آئون نئين وٺي ڏيندس پوءِ مون عبدالله فقير کي اجرڪ ڏني جنهن اجرڪ سان تڏو ڇنڊي ويٺو پوءِ مون کي اجرڪ واپس ڏنائين ته مون چيو ته منهنجي اجرڪ ته خراب ٿي وئي! پوءِ حاجي محمد فقير چيو ته، ابا ھاڻ آئون ٻن ٽن ڏينهن ۾ شهر ويندس پوءِ تولاءِ اجرڪ وٺيو ايندس سائين شهر ويو اجرڪ وٺي اچي مون کي ڏنائين مون اجرڪ ڏسي چيو ته ھيءَ اجرڪ سٺي ناھي منهنجي اجرڪ ته ٻه پڙي ھئي سو مون ورائي سائين حاجي محمد فقير کي ڏني سائين ناراض نه ٿيو ۽ مرڪي چيائين ابا آئون شهر وري ويندس تولاءِ ٻه پڙي اجرڪ وٺي ايندس مون جيڪا اجرڪ موٽائي ڏني سا ڪنهن ڇوڪر کي ڏيئي ڇڏيائون نيٺ سائين حاجي محمد شهر ويو ۽ اجرڪ وٺي آڻي مون کي ڏنائين مون تي پاڻ ايترو مهربان ھو.
    (37) چون ٿا ته سائين حاجي محمد فقير جي وقت ۾ ڪافي مسافر مسڪين غريب بيمار ھتي رھندا ھئا، جن کي کاڌو پيتو دوا درمل گندي ڪپڙو به سائين پاڻ وٺي ڏيندو ھو. محمد نالي سومرو حڪيم ھوندو ھو تمام سٺو حڪيم ھو. عام طرح سڄي ڳوٺ وارا اوسي پاسي وارا کيس ڏاڏو قاضي ڪري چوندا هئس. اولاد ڪونه هئس، ننگر پاڻي ھن درگاھه تان کڻي وڃي گهر کائيندو ھو. جيڪڏھن ڪو مسافر وغيره بيمار ٿي پوندو ھوته، سائين حاجي محمد ڏاڏا قاضي کي گهرائي علاج ڪرائيندو ھو.
    (38) استاد سائين فقير منٺار چيو ته ھڪ ڀيري آيس ھتي درگاھه تي حاجي محمد فقير به حال حيات ھو. انهي وقت مون اچي ڏٺو ته، ھڪ ھمراھه ٿلهي تي رکيل کٽ تي ستو پيو آھي، سندس پيٽ وڏو ھو ۽ تڪليف تمام گهڻي ھيس. ته فقير حاجي محمد چيو ڪنهن ماڻهو ءَ کي ته قاضي کي وٺي اچو ته ھن مسافر جو علاج ڪرايون قاضيءَ اچي ڏٺو ۽ فقير حاجي محمد کي چيائين ته سائين! ھن جو علاج آھي، پر ھن جو ڪو مائٽ وغيره ڪو نه آھي، ھن کي دوا ڏيندا سين پيٽ ھلائڻ جي ھن جا ڪپڙا وغيره خراب ٿيندا ٽه صفائي ڪير ڪندو؟ دوا ڏيڻ تي پيٽ تمام گهڻو ھلندو ! استاد منٺار چيو ته مون ڏٺو ته ھن مسافر جون اکيون پوريل ھيون جنهن مهل قاضيءَ چيوته ھن جي صفائي ڪير ڪندو ته ھن پوريل اکيون پٽيون قاضيءَ ۾ نهاري اکيون بند ڪيائين ته روح پرواز ٿي ويس استاد منٺار فقير چيو ته قاضيءَ هن جو ڪير ڪونه آهي ته ربّ سائين هن کي پاڻ وٽ گهرائي ورتو ڇو ته ھو پنهنجن سان پاڻ ڀلائي ڪري ٿو. نيٺ ان کي غسل، ڪفن ڏيئي جنازي نماز پڙھائي مانجهي شاھه جي قبرستان ۾ دفن ڪيائون.
    (39) پانڌي فقير دلوروارو ڏيٿو به ھتي حاضري ڀريندو ھو. ڳوٺ جڏھن به ويندو ھو ته ڳوٺ پهچڻ مهل اکين کان نابين جيترا ڏينهن به ڳوٺ ھوندو ھو ته نابين پر جڏھن درگاھه پيرو فقير تي ايندو ھو ته اکين کان پيو ڏسندو ھو. پوءِ اھو چوندو پيو ھو ته پيرو فقير مطلب وارو آھي، ڳوٺ وڃان ته اکين کان نابين ۽ جي ھتي اچان ته سوئي ۾ سڳو پيو وجهان.
    (40) ھڪ نوجوان گل محمد بروھي خضدار بلوچستان جو به اچي ھتي رھيو ساري ڄمار ڪو نه ٻڌايا ئين ته ڪهڙي تڪليف کان ابا ڻو وطن ڇڏيو اٿس مال جو واپار ڪندو ھو. سائين حاجي محمد فقير سان گڏ حج به ڪري آيو. هتي تمام سٺو وقت ڪڍيائين درگاھه جي فقيرن لاءِ پاڻ روز ڀاڄي وٺي ايندو هو. ننڍن ٻارن کي خرچي به ڏيندو هو، جمعي ڏينهن عطر وٺي مسجد ۽ درگاھه ۾ ڇٽيندو ھو. خريد ڪيل مال مان اصل رقم کان وڌيڪ نغعو ٿيندو ھئس ته نغعي جا ڪجهه پيسا آڻي اصل ڌڻي کي ڏيندو ھو، ۽ ڀاڳئي کي چوندو ھو، ته مون توھان جي مال مان ڪمايو آھي، سو ڪجهه توھان به وٺو ، اھو گل محمد بروھي به ھتي وفات ڪري ويو.
    (41) محمد ابراھيم بروھي بو بڪن وارو فقط رمضان شريف ۾ ھتي اچي رھندو ھو. ھو چوندو ھو ته اسان جي پاسي گرمي گهڻي آھي، تنهنڪري ھتي اچي ٿوروزار کان سندس پيٽ وڏو ھوندو ھو، ترا ويهون پڙھڻ کان اڳ پهرين سمهي پيٽ کي برف ھڻندو ھو. ۽ پوءِ اچي صف ۾ بيهندو ھو. چوندو ھو ته پيٽ ۾ باھه آھي، پر نماز ۽ روزونه ڇڏيائين شام جو افطارجي وقت ڪم ڪار به تمام گهڻو ڪندو ھو . عيد نماز پڙھي پوءِ ھليو ويندو ھو. ھڪ ڀيري عيد کان پوءِ ھڪ سال آيو. ٻه چار راتيون ترسيو ته رات جو خبر ناھي ڪيڏي مهل وفات ڪري ويو، ان کي مانجهي شاھه قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.
    (42) محمد موسيٰ لاکو ڳوٺ حاجي احمد لاکو دلورواري ڳالهه ڪئي ته مون کي ولي محمد ڪلوئي عرف باڇا ويٺل ڪراچي ھوٽل لڳ دلور موري واري ٻڌايو چيائين ته آئون ٽنڊو آدم ويس واپسيءَ ۾ اچي بک تپايو دل ۾ سوچيم ته شهر مان ماني کائي پوءِ ٿو ڳوٺ وڃان پروري خيال آيم ته فقير حاجي محمد جي تمام گهڻي ڳالهه ٿا ڪن ته جيڪي به دل ۾ سو چي وڃو ته فلاڻي ڀاڄي ملي ته اھا ڀاڄي ماني ملندي سو ڇو نه فقير حاجي محمد جي مڪان تي وڃي مڇي ماني کائي اچان . سو اھا ڳالهه سوچي پيرو فقير جي درگاھه تي آيس ته فقير حاجي محمد ويٺو ھو. ٻيا ماڻهو به ڏھه ٻارھن ويٺا ھئا پوءِ ماني آئي ته فقير صاحب چيو ته، ابا اچو ماني کائو. ولي محمد چيو ته آئون ماني کائڻ لاءِ اٿيس ته فقير صاحب چيو ته تون ويهه تو لاءِ ماني اچي ٿي آئون ويهي رھيس سڀئي ماڻهو ماني کائي ھليا ويا، بعد ۾ ھڪ ڇوڪرو فقير صاحب جي ۽ منهنجي ماني کڻي آيو. فقير صاحب به مون سان گڏ ويٺو. مڇي جي ڀاڄي ھئي آئون ته حيران ٿي ويس دل ۾ چيم ته واقعي بزرگ آھن.
    (43) حاجي احمد لاکو پاڻ ھتي سائين حاجي محمد جي خدمت به ڪندو ھو.سندس نالي سان ڳوٺ به آھي، درگاھه تي، ڏھاڙي ۾ به تمام ڪم ڪار ۾ سڀني کان اڳرو ، مسڪين ماڻهو ھو پر تمام گهڻي سڪ محبت سان رھيو. ڏھاڙي تي ماڻهو تڏھن گهوڙن اٺن تي ڍڳي گاڏين تي چڙھي ايندا ھئا. ڍڳن لاءِ گاھه گهوڙن لاءِ گاھه ۽ داڻو ۽ اٺن لاءِ به حاجي احمد لاکو ڪندو ھو. جانورن جي ٻڌڻ لاءِ ڪلا به حاجي احمد لاکو ٺاھي وڏا ڍڳ ڪري رکندو ھو.
    (44) حاجي واحد ڏني ڳالهه ڪئي ته سائين حاجي محمد فقير ٺيڪ ڪو نه ھو تنهن کي ڏسڻ لاءِ آياسون اسان کان اڳ ۾ به ڪافي ماڻهو ويٺا ھئا، سائين ٻاھر نڪرڻ جهڙو ڪو نه ھو سو اسان کي گهر وٺي ويا سائين حاجي محمد کي ڏاڍي تڪيلف ھئي سڀني کي خوش خير عافيت چيائون. جنهن مهل حاجي احمد لاکي ڏي نهاريائون ته سندس پٽ شفيع محمد کي چيائون ته ابا شفيع محمد! احمد لالي کي ڏھه روپيا ڏي ته حاجي شفيع محمد ڏھه روپيه حاجي احمد کي ڏنا ته حاجي احمد چيو ته سائين توھان ڏي منهنجا پيسا رھيل ڪو نه آھن، نه مون ڏنا نه ورتا پر فقير صاحب چيو ته ابا احمد وٺ! حاجي احمد وري به چيو ته سائين توهان ڏي منهنجا پيسا ڪونه آهن. پوءِ فقير صاحب چيو ته ابا اسان ڏي تنهنجا پيسا واقعي ڪو نه آھن، پر توکي اسان دعا جا ٿا ڏيون جنهن وقت کان وٺي منهنجي کيسي ۾ ڏھه روپيا اچي پيا انهي ڏينهن کان منهنجي غريبت ختم ٿي وئي ۽ ملڪيت وري وئي ڏيڊ سئو ايڪڙ زمين ٿي رب سائين اسان کي خوشحالي ڏني حاجي احمدکي ھڪ پٽ حاجي محمد نالي آھي، ٻيا حاجي جا ٻه ڀائين محمد موسيٰ ۽ محمد حسين وقت سٺا نمونا پيا پاس ڪن اڃا تائين درگاھه تي سندن اچڻ وڃڻ آهي. حاجي محمد به ايندو آهي. محمد موسيٰ ڳالهه ڪندو آھي، ته جيڪي دعا جا پيسا چاچا کي سائين حاجي محمد ڏنا ھئا، سي ٽجوڙي م چاچا ٻين پسن سان گڏ رکندا آيا، انهن ڏھن رُوپين کي نه کپائيندا ھئا.
    (45) حاجي ھوت جوڻيجو ڳالهه ڪئي ته مون سان ميرمحمد پٺاڻ ڳالهه ڪئي جيڪو مون وٽ ايندوھو.. چيائين ته اسان ڏھه ٻارھن پٺاڻ رات جو وياسين حاجي محمد فقير وٽ بک به ڏاڍي لڳي ھئي فقير صاحب مليو ۽ پاڻ گهر وڃي چانور رڌائي کڻي آيو، پر چانورن واري ديگڙي ننڍڙي ھئي ته مون ڏسي دل ۾ چيو ته مار هاڻي ته مري وياسين ڍئو ته ٿيندو ڪو نه مون کي فقير چيوته ماني آئون ٿو ڪڍان تون ھمراھن کي ڏيندو وڃ دل ۾ چيم ته ھي پٺاڻ سڄي ديڳڙي کائي چٽ ڪندا مون لاءِ ته ماني ڪا نه بچندي نيٺ سڀني کائي ڍئو ڪيو بعد ۾ مون کي فقير صاحب ڏيندو ويو آئون به کائيندو ويس تان جو پيٽ ڀري فل ٿي ويس مون کي چيائون ته اڃا به کائين ٿو؟ ته مون چيو ته سائين ۽ ڍئو ٿي ويو آھي، پوءِ چيائون ته ابا ھاڻي ماني نم جي وڻ ۾ ٻڌل ڇڪي ۾ رکي ڇڏ صبح جو وڃڻ وقت ھن ماني مان کائي پوءِ پيا وڃجؤ دل ۾ چيم ته ماني آھي، ڪيتري جو فقير صاحب چوي ٿو ته انهي مان کائي پوءِ وڃجؤ رات ٿي سڀ ستاسين. رات جو دير سان مون کي سُجاڳي ٿي سوچيم ته ڏسان ته ماني ڪيتري آهي، ديڳڙي لاھي ڏٺم ته چانورن سان اڌ ٿيل ھئي، پوءِ مون اوڏي مهل وري به کاڌو ڍئو ڪري کاڌم پوءِ وري صبح جو کائي روانا ٿياسون، پر اڃا به ڪجهه ماني پئي ھئي.
    (46) حاجي محمد يوسف شورو ڳالهه ڪئي ته اسان ننڍڙا ھئاسين ھتي سائين حاجي محمد وٽ پڙھندا ھئاسين پاڙي وارا ماني موڪليندا ھئا، ھڪ عورت نالي راڄي ذات واڍي اڌ چري ھئي، سا به ماني موڪليندي ھئي پران جي ماني ڪڏھن ڪچي اڌپڪي ته ڪڏھن وري صفا سڙيل. شاگرد راڄي واڍيءَ واري ماني نه کائيندا ھئا، راڄي واري ماني پئي ھوندي ھئي ھڪ ڀيري سائين حاجي محمد فقير ، راڄي جي ماني پاڻ کاڌي ھڪ گرھه کائي چيائون ته راڄي واري ماني ۾ ڪيڏي نه لذت آھي، ته سڀني شاگردن چيو ته سائين! اسان کي ڏيو. پوءِ سڀني کي ڀور ڀور ماني جو ڏنائون اھڙي طرح روزانه راڄي واري ماني جو ڀور ڀور سائين سڀني شاگردن کي ڏيندو ھو.سائين حاجي محمد شاگردن سان گڏ ماني کائيندا ھئا. چريا مست به ايندا ھئا. جن کي وات مان گگون پيون وھنديون ھيون پر انهن سان گڏ کير لسي ۽ پاڻي جا ڊڪ ڀري پيئندا ھئا، جريا ٻين سان وڙھندا ھئا، پر سائين حاجي محمد جي اڳيان ڪنڌ جهڪايو ويٺا ھوندا ھئا، نم جي وڻ سان ٻڌا پيا ھوندا ھئا، سائين ڏي پيا نهاريندا ھئا، ته ڪيڏي مهل ٿو ماني کارائي. انهن کي سائين پنهنجي ھٿن سان ماني کارائيندا ھئا.
    (47) حاجي محمد يوسف شوري ھي ڳالهه به ٻڌائي ته، سائين حاجي محمد فقير حج تي ويو ته ساڻن ٻيا به رفيق گڏ ھئا، ماني جي ٽائم تي روزانو سڀني رفيقن کان پڇندا ھئا. ته ابا ! اڄ ماني ڇا سان کائون ؟ ڪنهن مهل ڪهڙي ڀاڄي ته ، ڪيڏي مهل ڪهڙي ڀاڄي وٺندا ھئا. ھڪ ڀيري سڀني چيو ته ، سائين ! اڄ ڌئونري سان ماني کائون ٿا. ھڪ رفيق چيو ته ، سائين !
    ڌؤنرو ھتي جو کٽو آھي، پنهنجي ملڪ جو ڌئونرو ڀلو آھي، ته سائين حاجي محمد فقير جلدي انهيءَ رفيق جي وات تي ھٿ رکي چيو ته، تو ته ھڙ وڃائي ڇڏي! رات ٿي سڀ سمھي پيا. اڌرات جو سائين حاجي محمد فقير سڀني رفيقن کي اٿاريو ۽ انهي رفيق کي به اٿاريو جنهن چيو ته، ”پنهنجي ملڪ جو ڌئونرو ڀلو آھي“ سائين حاجي محمد فقير چيو ته ابا 1 ھاڻ ٻنهي جهانن جي سردار رسول الله ﷺ زيارت ڪرائي . مون کي فرمايا ئون ته، توکي منهنجو ڌؤنرو پسند ناھي ته پوءَ ھتي ڇا لاءَ آيا آھيو؟ وڃو پنهنجي ملڪ! پوءِ سائين حاجي سڀني کي روضي پاڪ وٽ وٺي آيا ۽ ڪافي دير تائين صلواتون درود پڙھندا رھيا. پوءِ دير دير سان چيائون ته ھاڻي معافي ملي آھي، پوءِ واپس جاءِ تي آيا .
    (48) حاجي لعل بخش ڪلوئي ڳوٺ جان محمد ڪلوئي وارو ڳالهه ڪندو ھو ته، سائين حاجي محمد فقير چوندا ھئا ته سٺي ماڻهو سان صحبت ھوندي ته ، سٺو صالح ٿيندو ۽ جي خراب ماڻهو سان گڏ ھليو ته، خراب ٿيندو . ۽ چيائون گهاڻي واري وٽ ماڻهو ويندو. جي ان کان وٺي به ڪجهه نه، رڳو وڃي خالي ھٿ ڏيندو انهي گهاڻي واري کي ته، سندس ھٿ سڻڀو ٿي پوندو.
    (49) استاد منٺار فقيرڳالهه ڪندوھوته، فقير حاجي محمد مدرسه گهڻو ايندو ھو. پاڻ گهوڙي تي ايندا ھئا جيستائين ورياھه ويٺل ھئا، ته گهوڙي لاءِ گاھه ۽ داڻو ڪونه آڻيندا ھئا. پر جڏھن ورياھه ثنڊو آدم ويا ھليا ته پوءِ گهوڙي تي گاھه به کڻي ايندا ھئا. ته داڻو به پوءِ مون چيو ته سائين توهان گهوڙي لاءِ گاهه به کڻيو ٿا اچو ته، داڻو به. چيائون ته ابا! جيستائين ورياھه ويٺل ھئا. ته سندن نوڪر چاڪر منهنجي گهوڙي لاءِ گاھه ۽ داڻو کڻي ايندا ھئا. پر ھاڻي ورياھه لڏي ويا سوھاڻي تنهنجي شاگردن کي تڪليف ڇو ڏيان. ڇوڪرا ويچارا پڙھن يا آئون کين جهنگ ۾ پيو رلايان؟ ھاڻي حياتي جيتري ھوندي ايستائين گهوڙي تي پيو اچبو گاھه ۽ داڻو کنيو پيو اچبو ، رات رھي ڪچهري ڪري پوءِ پيو وڃبو.
    (50) حاجي عبدالرحمان ٻجورو ڳوٺ حاجي عرس ٻجوري وارو ڳالهه ڪندو ھو ته اسان سائين مفتي فقير منٺار وٽ پڙھندا ھئا سين. اتي مدرسه ۾ فقير سائين حاجي محمد گهڻو ايندا ھئا. ورياھه ويٺل ھئا. ته سائين حاجي محمد جي گهوڙي لاءِ سومار ماڇي ورياھن جي زمين مان گاھه ڪري ايندو ھو. جڏھن فقير حاجي محمد ايندا ھئا. ته، اسان کي استاد سائين منٺار چوندو هو ته ابا وڃو فقير حاجي محمد کي زور ڏيو. اسان جڏھن فقيرصاحب وٽ ويندا ھئاسين ته، فقير صاحب چوندا ھئا ته ابا ڇالاءِ آيا آھيو؟ ته اسان چوندا ھئاسين ته سائين! اسان کي استاد سائين منٺار موڪليو آهي ته توهان کي زور ڏيون پوءِ فقير صاحب چوندا هئا ته ڀڄو! مون کي زورن جي ضرورت ناھي توھان قرآن شريف پڙھڻ وارا، آئون توھان کان ڪئين زور ڏياريان؟! ڀڄو!! پوءِ جڏھن واپس ويندا ھئاسين استاد وٽ ته استاد سائين پڇندو ھو ته ابا! ڇو وري آيا آھيو؟! ته اسان چوندا ھئاسين ته سائين! فقير صاحب زورنه ٿو. ڏياري چوي ٿو ته توھان قرآن شريف پڙھڻ وارا آھيو آئون زورنه ڏياريندس. پوءِ استاد چوندو ھو ته، ابا! اسان ميار لاٿي .
    (51) گلڻ ابڙو ڳوٺ حاجي سکيو ابڙو واري ڳالهه ڪئي ته، مون کي حاجي الهه بخش خاصخيلي چيوته، آئون حاجي محمد فقيروٽ آيس چيم ته سائين دعاڪريو ته ان داڻي ۾ برڪت پوي ڏاڍي بي برڪتي ٿي وئي آھي، پوءِ سائين حاجي محمد فقير چيو ته، ابا وڃ ڪڻڪ جو مڻکڻي اچ. آئون ڪڻڪ جو مڻ کڻي آيس پاڻ ٿوري لپ ڪڻڪ جي کڻي انهي تي ڪجهه پڙھڻ ويٺا پوءِ مون کي چيائون ته ابا ھاڻي تون ھيءَ ان کڻي وڃي گُنديء ۾ وجهه گندي جو ڍڪ نه لا ھجؤ باقي جڏھن نئون ان لٿو، ته چيوسين هاڻي گندي کولي ڏسون ته ان باقي ڪيترو بچيو آهي ۽ گندي به صفا ڪريون. اسان گندي جو ڍڪ لاھي ڏسون ته، ان اوتري جو اوترو پيو ھو.!
    (52) حاجي الهه بخش خاصخيلي ڳالهه ڪندو ھو ته، اسان سائين حاجي محمد سان گڏ حج تي وياھئا سون جڏھن رسول الله جي روضيتي ويندا ھئا. سون ھڪ پوليس وارو سائين حاجي محمد کي سڏي نبي سائين جي ڄاري وٽ ويهاريندو هو، پوءِ سائين حاجي محمد اتي ويٺو پڙهندو هو. پوءِ پنهنجي مرضي سان اٿندو هو. اتي پوليس وارا به سائين حاجي محمد جي تمام گهڻي عزت ڪندا ھئا.
    (53) امام بخش خاصخيلي ڳالهه ڪندو ھو ته، اسان سائين حاجي محمد فقير وٽ پڙھندا ھئاسين. ھتي ٿري به رھندا ھئا. سائين جن کين تمام گهڻو ڀائيندا ھئا. ھڪ ٿري ھتي ٻهاري ڏيندو ھو. ھڪ ڀيري سڄي مڪان جي ٻهاري ڏيئي سڀ ڪچرو ڪڍي اڇلائي ڇڏيائين پر ھڪ ڪچري جي ڍڳي رھجي وئي ته سائين حاجي محمد چيس ته ابا ھڪ ڍڳري ڪا نه اڇلائي اٿئي ؟ ته سائين حاجي محمد فقير کي ورا ڻيا ئين ته تنهنجي پي جو نوڪر آھيان ڇا؟ منهنجي مرضي! ته اتي سائين حاجي محمد فقير جو پٽ حاجي شفيع محمد به بيٺو ھو. تنهن چيس ته ڀڙ وا توکي حياءِ ڪونهي! بابا سائين کي ڇا پيو چوين ؟ ته سائين حاجي محمد فقير چيو ته ابا شفيع محمد ھنن ويچارن کي نه چئو . اسان ڏٺو ته، سائين حاجي محمد وات ۾ ٽوال وجهي مرڪندو رھيو.
    (54) امام بخش خاصخيلي هي ڳالهه به ڪئي ته، سائين حاجي محمد جي مينهن کولائي وڃي حاجي محمد مراد شوري جي پو ک ۾ پئي چري کائي دير سان آئي سائين حاجي محمد ڌراڙ کان پڇيو ته، ابا ھيءَ مينهن ڪيڏ انهن ، وئي ھئي، ڌراڙ چيوته سائين حاجي محمد مراد جي پوک ۾ وئي ھئي. پوءِ سائين حاجي محمد چيو ته، ابا ! ھاڻ کير اسان جي مينهن جو اسان جي گهر نه موڪلجان ءِ پرايو گاھه کائي آئي آھي، اھو کير پاسي تي وڌائي (تقسيم ڪري ) اچو پوءِ مينهن ڏھي کير وڌائڻ لاءِ ھمراھه ٻاھر پئي ويو ته، انهي مهل وڏيرو حاجي محمد مراد آيو پئي، تنهن چيوته، ابا کير ڪيڏ انهن کنيو پيو وڃين ؟ چيائين ته، رات مينهن توھان جي پوک ۾ وڃي پئي ھئي، سوسائين حاجي محمد چوي ٿو ته ، پرائي پوک کائي آئي آھي. سو اسان کي کير نه کپي !! وڏيري حاجي محمد مراد شوري چيو ته ابا! تون کير نه ھار ، مون سان گڏ ھلي آ پوءِ حاجي محمد مراد شورو سائين حاجي محمد وٽ آيو ۽ اچي چيائين ته سائين توھان کير ٻاهر پيا وڌايو؟ چيائون ته ابا! پرائي پوک کائي آئي آهي. اسان کي ان جو کير کائڻ نا جائز آھي، ته وڏيري حاجي محمد مراد چيو ته سائين توھان مون کي پرايو سمجهو آھي، ڇا ؟ سائين حاجي محمد چيو ته نه توھان پنهنجا آھيو! پوءِ حاجي محمد مراد چيو ته، ھاڻ کير گهرڏي موڪل، ته پوءِ کير گهر موڪليائون .
    (55) نبي بخش ڪلوئي ڳوٺ جان محمد ڪلوئي واري چيو ته، اسان جي ڀاءُ جا ھٿ سڪي پيا ھئا. سو سائين حاجي محمد وٽ کڻي آياسين فقير چيوته، درگاھه ۾ ڇڏيو ھن ڇوڪر کي پوءِ سائين حاجي محمد فقير ان تي ڦيڻا رکيا ته بلڪل چڱو ڀلو ٿي ويو ڪا به تڪليف ڪا نه ھئس.
    (56) سيد ارشاد علي شاھه ڳوٺ وھاب شاھه واري چيو ته اسان جو ڀاءُ رفيق احمد شاھه ڄائو وڏڙو ٿيو پر پنڌ نه پيو ھلي سگهي ، رڳو ريڙھيون پيو ڏئي بابا حاجي خير محمد شاھه، فقير حاجي محمد وٽ آيو ۽ چيائين ته سائين منهنجو پٽ پنڌ نه پيو ھلي سگهي. تعويذ لکي ڏيو ته پنڌ ھلي پوءِ فقير صاحب پينسل سان تعويذ ننڍڙي ڪاغذ تي لکڻ لڳا ته، بابا چيو ته، سائين ڪاغذ ته ڪو وڏو کڻو. فقير صاحب چيو ته سائين سيد صاحب ! ھي تعويذ ننڍڙي کي ٻڌو، خدا ڪندو ته، ٽن ڏينهن کانپوءِ پنڌ ھلندو. ۽ اوڙي ڀاڙي ۾ ڪنهن جو به ٻار پنڌ نه ڪري، نه هلي ته اهو تعويذ انهي کي ٻڌندؤ ته پنڌ ڪندو (انشاء الله) پوءِ پاڙي ۾ ڪنهن جو ٻار پنڌ نه ھلندو ھو ته اسان کان فقير صاحب وارو اھو تعويذ کڻي ويندا ھئا. ته اھو ٻار به پنڌ ھلڻ شروع ڪندو ھو. نيٺ اھو تعويذ ھتان ھتان ٿيندو وڃائجي ويو.
    (57) حاجي الهه بخش خاصخيلي ڳالهه ڪئي ته ڳوٺ پيرل ماڪوڙاڻي مان چوري ٿي وئي ته ورھاڙي وارن خبر ناهي ڪٿي پير وڃايا. ورھاڙي وارن چيوته، ھلو ته فقير حاجي محمد وٽ ننگر پاڻي ڪريون سوتمام گهڻا ماڻهو ھتي آيا پوءِ سائين حاجي محمد ھڪ ننڍڙو ڇيلو ڪٺو ۽ ھڪ ديگ چانورن جي تيار ڪرائي ماڻهو ته بنھه گهڻا ھئا. ٻه ڄڻا ماڪوڙائي ھيتراسارا گهڻا ماڻهو ڏسي پاڻ ۾ چوڻ لڳاته، ھيترن سارن بک جي ماريل ماڻهن لاءِ ڀت جي ھڪ ديگ ته پوري ڪو نه ٿيندي ماڻهو وڙھي بڇڙا ٿيندا . ۽ اھي ٻه ڄڻا پاڻ ۾ ھڪ ٻئي کي ٺو نٺيون ھڻي کلي چئي رھيا هئا ته، ڏسون ته ھاڻي فقير صاحب ڪيترن کي ماني کارائي ٿو پهچي! جڏھن ديگ تيار ٿي ته، سائين حاجي محمد ديگ جي مٿان ٽوال يا چادر وجهي ڍڪي ڇڏي ۽ پاڻ ويهي ديگ مان ماني ڪڍندو ڏيندو ويو ۽ ماڻهو کڻندا کائيندا ويا بعد ۾ جڏھن سڀئي ماڻهو ڍئوڪري اٿي ويا ته ، سائين چيوته، ڪوبه ماڻهو رهيل هجي ته اچي ماني کائي، پر سڀني وڏي آواز چيو ته، سائين سڀني ماني کائي ڍئو ڪيو آھي، ۽ ڪو نه باقي ڪو به رھيو آھي، پوءِ فقير صاحب چيوته، ابا پاٽ کڻي اچوته، گهرڏانهن ماني موڪليون ان وقت ھنن ٻن ڄڻن جن چيو ھو ته، ماڻهو گهڻا آھن. ماني ٿوري آھي، ۽ فقير ماڻهو ٿو ويڙھائي، تن ڇا ڪيو جو اچي ديگ جي مٿان ڍڪيل ڪپڙو کڻي ديگ ۾ ڏٺائون ته ديگ ڀت جي اڌ ٿي، پئي آھي، اھا برڪت ڏسي اھي ٻئي ڄڻا فقير جي پيرن تي ڪري پيا ۽ چوڻ لڳا ته سائين حاجي محمد فقير واقعي الله وارو درويش آھي.
    (58) ساجن ٻٻر ڳالهه ڪئي ته، اسان جي ڳوٺ مان چوري ٿي وئي چورن جا پير ڳوٺ شهبيگ مري ۾ وڃائجي ويا. پوءِ سڀني ماڻهن چيوته ڏاڍي بک لڳي آھي، ھاڻي ماني ڪٿي کائون ؟ ساجن چيو ته ھلو ته ھلي سائين حاجي محمد فقير وٽ ماني کائون . سڀني چيو ته ھلو. انهي وقت اسان سان گڏ ڪرڙ ٻٻر ۽ يوسف پنجابي ھو، سو ڪرڙ ٻٻر چيو ته حاجي محمد فقير وٽ ھلي ڪهڙو گوشت کائبو، اتي ملندي لسي ماني. مون چيو ته ابا ھلو پوءِ جيڪي نصيب ھوندوسو کائبو . اسان حاجي محمد فقيروٽ پهتاسون پاڻ خبر چارو رتائين پوءِ پاڻ ويا ماني کڻي آيا ساجن چيو ته مون کي چيائون ته ابا ساجن! ھمراھن کي هٿ ڌوئاراءِ سڀني ھمراھن ھٿ ڌو تاپر ڪرڙ جنهن چيو ته حاجي محمد وٽ ھوندي لسي ماني تنهن لاءِ چيائون ته ويهه انهي لاءِ ماني اچي ٿي. سڀني ماڻهن ماني کائي ورتي ته، فقير حاجي محمد، ماني ۽ گوشت جو ٻوڙ کڻي اچي ڪرڙ ٻٻر کي ڏنائون. اھو ڏسي ڪرڙ ٻٻر چيو ته جهڙو حاجي محمد فقير ٻڌم تھڙو ڏٺم واقعي فقير حاجي محمد بزرگ آھي.
    (59) استاد پير شمس الدين قريشي شهد ادپور واري ڳالهه ڪئي ته، اسان سائين حاجي محمد فقير وٽ قرآن شريف پڙھندا ھئا سين. سائين حاجي محمد فقير عالم گهرائيندا ھئا ھتي وعظ تقرير ڪرائيندا ھئا. ھڪ مولوي پنجاب جو به ھتي ايندو ھو. سو تقر ير تمام سٺي ڪندو ھو. ھڪ ڀيري انهي مولوي صاحب اسان سان ڳالهه ڪئي ته، مون کي ڪجهه پيسن جي ضرورت ٿي پئي سو سائين حاجي محمد فقير وٽ آيس فقير صاحب خبرون چارون ورتيون ۽ چيائون ته مولوي صاحب ڪهڙي ڪم نڪتا آھيو ؟ مون وراڻيو ته سائين فقط توھان سان ملڻ لاءِ آيو آھيان ٻيو ڪو به ڪم ڪار ڪو نهي آئون دل جهلي نه سگهيس جو فقير صاحب کان پيسا گهران . رات رھيس ته صبح جو فقير صاحب کان وڃڻ جي اجازت گهريم فقير صاحب چيو ته سائين ٿورو ويهو توھان جو سفر ڊگهو آھي، نيرن ڪريو پاڻ نيرن کڻي آيا ته مون نيرن ڪئي ۽ ٻي ماني ڪپڙي ۾ ٻڌي ڏيندي چيائون ته ابا ھيءَ ماني رستي ۾ کا ئجو جتي به بک لڳي آئون ته فقير صاحب کان موڪلائي روانو ٿيس ۽ ٽنڊو آدم مان ريل ۾ چڙھيس ٽرين ۾ ويهي سو چيان پيو ته فقير صاحب وٽ جنهن ڪم لاءِ ويس سو ته نه ٿيو مون پاڻ سان پاڻ ڪئي فقير صاحب پڇو به ھو پر مون چيو ته فقط توھان سان ملڻ آيو آھيان ھاڻي ڇاٿيندو ! پوئتي گهر ۾ ته ڪاشئي ڪونهي ، ٻچڙن جو ڪهڙو حال ھوندو !! سو چيندو رهيس ٽرين اچي روھڙي اسٽيشن تي بيٺي ڏٺم ته ٽرين وارا سڀئي مسافر ماني کائي رھيا آھن، مون به فقير صاحب واري ڏنل ماني ڪپڙي مان ڪڍي ته، رب سائين جي قدرت! ماني سان گڏ پيسا به پيا آھن، ڳڻيم کڻي ته جيتري مون کي ضرورت ھئي رقم به اوتري پئي آھي. تمام گهڻو خوش ٿيس . فقير صاحب کي دعائون ڪندو وڃي ٻچن سان مليس فقير صاحب ايترو ڪرامت وارو ھو.
    (60) ارباب مري ڳالهه ڪئي ته آئون ۽ امان ٽنڊو آدم مان پنڌ پئي آيا سون رستو ڪچو ھو. جڏھن ڌپ سڙي ماراني وٽ پهتاسين گرمي به تمام گهڻي ھئي ڏسون ته سائين حاجي محمد فقير گهوڙي تي چڙھيو اچي جنهن مهل اسان وٽ پهتو ته گهوڙي جهلي بيهي رھيو ۽ چيائون ته ابا ! ھن مهل گرمي ۾ ڪٿان وريا آھيو؟ چيوسين ته سائين! مير پور مائٽن ڏي ويا ھئاسين. اتان کان واپس وري ٽنڊو آدم آياسين. ھاڻ ڳوٺ پيا وڃون پوءِ سائين گهوڙي تان لهي مون کي چيائون ته، ابا اڃا پنڌ گهڻو آھي، آئون ٿو وڃان منٺار فقير جي مدرسه ۾ تون امان کي گهوڙي تي کڻي وڃي گهر لاھه ، پوءِ گهوڙي ڪاھي وڃي منهنجي پٽ شفيع محمد کي ڏي اھو. پاڻيھي گهوڙي فقير منٺار جي مدرسه ڏي موڪلي ڏيندو . اسان چيو ته، سائين توھان بزرگ ماڻهو آھيو، اسان مارو ماڻهو پيا دل رسي وينداسين ،امان به چيو پر فقير صاحب ھڪ به نه ٻڌي پوءِ آئون ۽ امان گهوڙي تي چڙھي ڳوٺ آياسين، واپسي ءَ ۾ آئون گهوڙي ڪاھي سائين حاجي شفيع محمد وٽ آيس، جنهن شام جو ھڪ ھمراھه ھٿان گهوڙي فقير منٺار جي مدرسه ۾ پهڇائي.

    (61) استاد پير شمس الدين ٻڌايو ته، اسان سائين حاجي محمد سان گڏ، حاجي محمد صالح سينھڙو وارن جي عرس جي دعوت تي وياسين ھتان اسان مدرسه جا شاگرد ۽ ٻيا به ڪجهه وڏا ۽ سائين حاجي محمد وارا ھلي رھيا ھئا. ھلندي ھلندي سائين وڏي حاجي محمد پوئتي نهاريو ۽ بيهي رھيا، سائين ڏنو حجام به گڏ، پئي ھليو پر سڀني کان پوئتي پويان پويان اچي رھيو ھوته، سائين حاجي محمد کيس چيوته، سائين ڏنا! اسان جا آزمودا نه وٺ! رسول الله ﷺ تي صلوات پيو پڙھين ۽ اسان جي پٺيان پڙھندو اچين؟ صلوات پڙھڻ وارو اڳ ۾ ھلندو، بي ادبي نه ڪر، پوءِ سائين ڏني چيو ته سائين مون کي معاف ڪجؤ.
    (62) بچل ٿهيم ڳوٺ نواز علي ٿهيم واري ڳالهه ڪئي ته، اسان حاجي محمد فقير ڏٺو ھو، مال چاريندا ھئاسين پاڻ گهوڙي تي چڙھي محمد ابراھيم ماڪوڙ اڻي وٽ ويندا ھئا اسان به وٽس تعويذ لاءِ ويندا ھئاسون فقير صاحب چوندا ھئا ته واپاري سيرتي آنو نفعو رکن گهڻو نه رکن.
    (63) حاجي واحد ڏني ڪلوئي چيوته فقير حاجي محمد چوندا ھئا ته، ھڪ مسلمان پنڌرھن سئو روپيا خيرات ڪري ۽ ٻيو مسلمان ھڪ سانُ پاڏو ڇڏي ته عام ماڻهو مينھيون ڪاھي اچن ۽ مينهن کي پاڏو ڏياري وڃن سي ڍڪيون ٿي ويامن ته، ھن مسلمان پنڌرھن سئو روپيا خيرات ڏيڻ واري کان، سانُ پاڏو ڇڏڻ وارو وڌيڪ آھي.
    (64) چون ٿا ته فقيرحاجي محمد جو اٺ چوري ٿي ويو. گهڻي پڇا ڳاڇا کانپوءِ به نه مليو. ڪافي وقت کان بعد ۾ وڏيرو حاجي احمد شورو ٽنڊو آدم مان ڀاڙي تي اٺ ڪرائي اچي ڳوٺ لٿو. ته سڀني ماڻهن سڃاتو ته ھيءَ اٺ سائين حاجي محمد وارو آھي، انهيءَ ڪري سڀني ماڻهن جت کي چيوته ھل سائين حاجي محمد وٽ نيٺ انهيءَ جت ۽ اٺ کي سائين حاجي محمد وٽ وٺي آيا ۽ ماڻهن اچي چيوته، سائين! توھان جو اٺ لڀي ويو آھي، سائين چيوته ابا صبر ڪريو ھن جت کان پڇون ته سھي، اھواٺ ڪٿان آندو آھيس سائين پڇا ڪئي جت کان، ته جت چيوته سائين مون پنهنجي گهرجي رقم ڏيئي اٺ ورتو اٿم پوءِ سائين چيو ته ابا! ھن ويچاري اٺ ورتو آھي، ھيءَ چور ڪونهي پوءِ شاگردن کي چيائون ته ابا! اٺ جو جيڪي پاڻ وٽ سامان آھي، پاکڙا جهلون ۽ ٻيو ڪجهه سوسڀئي ھن جت کي ڏيو ته ھي ويچارو وڃي مزوري ڪري پر سڀني ماڻهن چيوته سائين توھان پڇا ته ڪريو ته ھن ڪنهن کان اٺ ورتو آھي، ان کي به وٺي اچي ته خبر پوي پرسائين چيو ته ڇڏيو ڇڏيو انهي ڳالهه کي اٺ جو سامان ڏيوس ته ويچارو وڃي مزوري ڪري، دعا ڪندو. پوءِ اٺ انهيءَ جت کي ڏيئي ڇڏيائون .
    (65) استاد فقير منٺار چوندا ھئا ته، فقير حاجي محمد سيد ذات ۽ مولوي عالم جي تمام گهڻي عزت ڪندا ھئا، ڪو به سيد يا مولوي عالم مدرسه جي لاءِ چندو وٺڻ ايندو ھوته، انهي کي انهي (سستائي واري ) ٽائم ۾ به 20-25 ورپيا ڏيندا ھئا. چون ٿا ته، ھڪ ماڻهو ذات جو ماڇي ٻڍا پور جي پاسي جو آيو ۽ اچي فقير صاحب کي چيائين ته آئون سيد آھيان پوءِ فقير صاحب کيس کٽ تي بسترو وڇائي ڏنو ماڻهن چيو ته سائين !ھي ته ماڇي آھي، سيد ڪونهي!! پاڻ چيائون ته، ھن کي عزت ڪو نه ٿا ڏيون جنهن گودڙي ۾ اچي لڪو آھي، انهي کي ٿا عزت ڏيون ۽ پوءِ انهي ماڇي کي حال آھر ڏنا ئون وڏيڪ ڪجهه به نه چيائون .
    (66) حاجي عبدالرحمان ٻجورو ڳوٺ حاجي عرس ٻجورو واري ڳالهه ڪئي ته، اسان استاد فقير منٺار جي مدرسه پڙھندا ھئا سين ۽ ماني به آئون پچائيندو ھئس . ھڪ سيد ذات جو ايندو ھو جيڪو ھڪ کٻڙ جي وڻ ھيٺ اچي ويهندو ھو ۽ حقو ڇڪيندو ھو. آئون روزانه جي معمول مطابق شاگردن لاءِ ماني پچائي رھيو ھئس. سو مدرسه جو ھڪ شاگرد آيو اچي چيائين ته، شاھه صاحب جيڪو کٻڙ جي ھيٺان ويٺو آھي، سو چوي ٿو ته، ٽانڊو ڏيو حقو ڇڪيان. مون ڇوڪر کي ٽانڊو ڏنو سو کنيو پئي ويو ته سامهون مدرسه جو سفير محمد اسماعيل ماڇي آيو تنهن ڇوڪر کان پڇيو ته، ٽانڊو ڪيڏ انهن ٿو کنيو وڃين ؟ ته ڇوڪر چيوته ھُن شاھه صاحب لاءِ ٽانڊو کنيو ٿو وڃان جيڪو حقو ڇڪيندو . ته اھو ٻڌي اسماعيل ماڇي ڪاوڙجي ڇوڪر کي ڌڪ ھڻي ٽانڊو ڪيرائي ڏنو ۽ چيائين ته، مدرسه ۾ ٿا حقا ڇڪين ! ڇوڪر وڃي شاھه صاحب کي ٻڌايو ته سائين ! سفير اسماعيل ٽانڊو اڇلائي ڇڏيو ۽ مون کي به دڙڪا ڏنا اٿس ٻن ٽن ڏينهن کانپوءِ سائين حاجي محمد فقير مدرسه جي شاگردن لاءِ دعوت موڪلي ته اسان ۽ استاد فقيرمنٺار ۽ سفير محمد اسماعيل ماڇي به اسان سان گڏ ھليو. اسين آياسين ته سائين حاجي محمد فقير ويٺو ھو ته اسان سڀ فقير صاحب سان ملياسين. اڃا مَس ويٺاسين ته اھو سيد به اچي ويو جيڪو مدرسه ۾ ايندو ھو. ۽ حقو ڇڪيندو ھو. اڄ به کيس هٿ ۾ حقو هو، سو سلام ورائي اچي بيٺو ته سائين حاجي محمد فقير اٿي اڳ ۾ شاھه صاحب کان حقو ورتو ۽ پنهنجي جاءِ تي وھاريا ئيس ته شاھه صاحب فقير صاحب کي چيو ته، سائين ! ھن محمد اسماعيل ماڇي مون کي مدرسه ۾ حقو ڇڪڻ نه ڏنو ۽ توهان ته پهريان مون کان حقو ورتو ۽ بعد ۾ پنهنجي جاءِ تي ويهاريو ته سائين حاجي محمد فقير چيو ته سائين شاھه صاحب ! ڪٿي ڪيئن ته ڪٿي ڪيئن ! ھتي ته ابا ھيئن آھي!!
    ايترا ڀلا ھئا حاجي محمد فقير صاحب.
    (67) جمعو سينھڙو ڳوٺ حاجي جعفر سينھڙو واري ڳالهه ڪئي ته سائين حاجي محمد فقير ڪنهن به ماڻهو کي ڪجهه به نه چوندا ھئا، نه ڪي دڙڪو ڏيندا ھئا، وڏو ٽهڪ ڏيئي ڪڏھن به نه کليا، صرف مرڪندا ھئا، تمام سٻاجها انسان ھئا.
    (68) حاجي الهه بخش خاصخيلي ڳالهه ڪئي ته، آئون سائين حاجي محمد جون ٻڪريون چاريندو ھئس. ھڪ ڏينهن ڪا پرائي ٻڪري ڌڻ ۾ گڏجي آئي . گهڻيئي پڇا ڳاڇا ڪئي سون پرڪا به خبر نه پئي ۽ نه ڪي ان جو ڌڻي ظاھر ٿيو. ٻڪري کير واري ھئي ته، سائين وڏي مون کي چيوته، ابا الهه بخش انهي ٻڪري جو کير اسان جي ٿانو ۾ نه گڏ جان ءِ ڪوسوالي اچي ته انهي کي ڏيئي ڇڏجان. آئون ايئن ڪندو رھئس قدرت خدا جي انهيءَ ٻڪري مان ست _ اٺ ٻڪريون ٿي ويون پوءِ به سائين وڏو چوندو ھو ته، ابا کير اسان جي ٿانو ۾ نه وجهجان ۽ آئون کير نه گڏيندو ھوس . ھڪ ڏينهن ڪو ھمراھه سائين کان تعويذ لکرائڻ آيو. تعويذ لکرائي ٻاھر نڪتو ته، مون به ٻڪريون واڙي مان ٻاھر ڪڍيون. اھو ھمراھه ٻڪرين کي ڏسي واپس سائين وٽ ويو ۽ چيائين ته سائين! توھان جي ڌڻ ۾ ھڪ ٻڪري منهنجي آھي، سائين وڏي ھمراھه کي چيوته، ابا توکي ته الله آندو آھي، اسان ته لوھه لڳا پيا ھئاسون ھاڻي ڀلائي ڪري پنهنجون ٻڪريون ڇڪ! ۽ مون کي چيائون ته، الهه بخش ابا! ھن جي ٻڪري مان جيڪي به ٻڪريون وڌيون آھن، سي ساري سنڀالي ھن ھمراھه کي ڏي پوءِ مون اھي ٻڪريون ست يا اٺ ھيون سي ساري انهي ھمراھه کي ڏنيون جيڪي ھو خوشي مان ڪاھي روانو ٿي ويو.
    (69 ) منٺار ملو کاڻي چيوته، سائين وڏو حاجي محمد ٻني تي آيو نماز جو ٽائم ٿيو ته ، پاڻ باغ ۾ نماز پڙھي رھيا ھئا. اسان جي مائٽن جو سانُ پاڏو ھو سو ڏاڍو ويڙھو ھو. ڪنهن ماڻهو کي ڏسندو ھو ته وڃي دسيندو ھئس . سدائين ٻڌو پيو ھوندو ھو. اتفاق سان ھڪ ڏينهن پاڏو ڇنائي وٺي باغ ڏي ڀڳو . اسان چيوته ڀڄي وڃي پاڏي جو اڳ وٺون باغ ۾ فقير صاحب نماز پڙھي رھيو آهي، متان فقير صاحب کي نقصان ۽ تڪليف نه ڏئي. سو اسان ڀڄندا آياسون پر پاڏو باغ م رسي ويو ته اسان کي ڀڄندو ڏسي سائين فقير چيوته، خير آھي، توھان سڀئي گڏ ڀڳا اچو ؟
    اسان چيوته، سائين ! پاڏو وڙھي ٿو سو پويان لڳا سو ن ته متان توھان سان نه وڙھي تڏھن سڀ آيا آھيون. فقير صاحب چيو ته ابا! پاڏو اسان کي ڪجهه نه ڪندو، ڏٺوسين ته، واقعي پاڏو فقير صاحب جي ڀر وٽان لنگهي وڃي اڳتي چرڻ لڳو.


    بزرگ پيرو فقير شوري جو اولاد

    (پٽ، پوٽا، پڙ پوٽا وغيره)

    از: مولوي محمد يامين شورو

    پٽ:
    خليفه بزرگ پيرو فقير شوري کي هڪ ئي شادي مان ڪل پنج پٽ ٿيا. پٽن جا نالا (1) فقير عبدالواحد، (2) فقير محمد ادريس، (3) فقير عبدالرئوف، (4) فقير عبدالرحمان، (5) فقير ابراهيم.

    پوٽا:
    بزرگ پيرو فقير جا پوٽا به پنج هئا، جيڪي سندس ٽن پٽن مان هئا. ان جو تفصيل هيٺئين ريت آهي.
    پهريون نمبر پٽ فقير عبدالواحد کي ٻه پٽ هر هڪ حاجي محمد فقير ۽ حاجي محمد صديق فقير ۽ ٻه نياڻيون ٿيون. هڪ نياڻي زوجه يار محمد بن خضر فقير، ۽ بي نياڻي زوجه محمد حسين ولد محمد حسن (يعني فقير عبدالرئوف جي پوٽي جي گهرواري) هئي.
    پيرو فقير جي ٻئي نمبر پٽ فقير محمد ادريس کي هڪ پٽ خضر فقير ۽ ٽي نياڻيون ٿيون. فقير ادريس جي هڪ نياڻي ته فتح محمد فقير جي گهر ۾ هئي باقي ٻه نياڻيون ننڍي هوندي فوت ٿي ويون.
    پيرو فقير جي ٽئي نمبر پٽ فقير عبدالرئوف کي ٻه پٽ ٿيا هر هڪ محمد حسن ۽ محمد الياس. باقي بزرگ پيرو فقير جي چوٿين نمبر پٽ فقير عبدالرحمان کي فقط هڪ نياڻي هئي ته پنجين نمبر پٽ فقير ابراهيم کي ڪو به اولاد ڪو نه هو. اهڙي طرح پيرو فقير جا پنج پوٽا ۽ ڇهه پوٽيون هيون.

    پڙ پوٽا:
    جيئن ته مٿي لکي آيا آهيون ته، بزرگ پيرو فقير جو نسل ٽن پٽن هر هڪ فقير عبدالواحد، فقير محمد ادريس، ۽ فقير عبدالرئوف مان وڌيو ويجهيو. اهڙي طرح انهن ئي پٽن جو نرينه اولاد، پيرو فقير جي پوٽن، ۽ اڳتي پڙپوٽن ۽ تڙپوٽن وغيره ۾ شمار ٿئي ٿو.
    بزرگ پيرو فقير جي پنجن پوٽن مان پڙ پوٽا ڪل اٺ (8) هئا جن جو تفصيل هيٺ آهي.
    ٽي پڙ پوٽا، بزرگ پيروفقير جي پهرئين نبر پٽ فقير عبدالواحد جي ٻن پٽن حاجي محمد فقير ۽ حاجي محمد صديق فقير جا پٽ هئا يعني ته، حاجي محمد فقير جا ٻه پٽ هر هڪ حاجي شفيع محمد فقير ۽ عبدالرحمان فقير. جن مان عبدالرحمان فقير ننڍي هوندي گذاري ويو، ۽ حاجي محمد صديق فقير جو هڪ پٽ حاجي عبدالله فقير.
    بزرگ جي ٻيو نمبر پٽ فقير ادريس کي هڪ پٽ خضر فقير مان ٻه پوٽا هر هڪ يار محمد فقير ۽ نوح فقير جيڪي بزرگ جا پڙ پوٽا ٿيا.
    باقي بزرگ جي ٽئي نمبر پٽ فقير عبدالرئوف کي ٻن پٽن محمد حسن ۽ الياس مان ٽي پوٽا ٿيا، يعني محمد حسن جا ٻه پٽ هر هڪ محمد حسين ۽ محمد الياس ۽ فقير عبدالرئوف جي ٻئي پٽ محمد الياس مان هڪ پٽ محمد حسن. اهڙي طرح اٺن پڙ پوٽن جو اولاد وري هيٺئين تفصيل سان آهي.

    تڙ پوٽا:
    بزرگ پيرو فقير جي تڙ پوٽن جو تعداد به 11 آهي جيڪي سندس ستن پڙپوٽن مان آهن.
    پهرئين پٽ فقير عبدالواحد جي آڪهه مان حاجي شفيع محمد فقير جا ٻه پٽ هر هڪ حاجي احمد فقير ۽ حاجي محمد فقير عرف حاجن فقير کانسواءِ هڪ نياڻي هئي.
    فقير حاجي محمد صديق جي پٽ حاجي عبدالله فقير کي ٻه پٽ هر هڪ مولوي حاجي محمد صديق ۽ فقير عبدالواحد ٿيا.
    بزرگ پيروفقير جي ٻئي نمبر پٽ فقير ادريس جي هڪ ئي پٽ خضر فقير جي ٻن پٽن يعني يار محمد فقير جا ٽي پٽ هر هڪ اڪرم فقير، محمد رحيم فقير ۽ محمد يوسف فقير، ۽ ٻه نياڻيون ٿيون. انهن مان هڪ نياڻي فقير الياس ولد محمد حسن بن فقير عبدالرئوف جي گهر ۾ هئي، ۽ ٻي نياڻي حاجي شفيع محمد فقير جي گهر ۾ هئي. خضر فقير جي ٻئي پٽ نوح فقير جو هڪ پٽ خير محمد ٿيو.
    بزرگ پيرو فقير جي ٽئي پٽ فقير عبدالرئوف جي ٻن پٽن مان ٽي پوٽا ٿيا يعني ته، محمد حسن بن فقير عبدالرئوف جا ٻه پٽ هر هڪ محمد حسين ۽ محمد الياس. ته ٻئي پٽ الياس بن فقير عبدالرئوف جو هڪ پٽ محمد حسن ٿيو.
    اهڙي طرح بزرگ پيرو فقير جا 11 (يارهن) تڙ پوٽا ٿيا. جن جا نالا هتي هڪ هنڌ ذڪر ڪريون ٿا:
    حاجي احمد فقير، حاجي محمد فقير عرف حاجن فقير، مولوي حاجي محمد صديق، فقير عبدالواحد، اڪرم فقير، محمد رحيم فقير، محمد يوسف فقير، خير محمد فقير، غلام محمد فقير، علي محمد فقير، ۽ محمد حسن فقير.

    بزرگ پيرو فقير شورو جي تڙ پوٽن جو اولاد:
    (1) حاجي احمد فقير بن حاجي شفيع محمد فقير شورو
    حاجي احمد فقير کي پنج پٽ ۽ هڪ نياڻي ٿيا. پٽن جا نالا: فقير جان محمد (موجوده سجاده نشين درگاهه پيرو فقير شورو) فقير نيڪ محمد، فقير خان محمد، فقير شير محمد ۽ شفيع محمد فقير باقي نياڻي زوجه مولوي عبدالرحمان بن مولوي محمد صديق آهي.
    (2) حاجي محمد عرف حاجن فقير کي هڪ نياڻي ٿي جيڪا زوجه شير محمد آهي.
    (3) مولوي حاجي محمد صديق شورو بن حاجي عبدالله فقير شورو:
    مولوي محمد صديق کي ٻه شاديون هيون. پهرين شادي مان ٻه پٽ هر هڪ مولوي عبدالرحمان ۽ فقير عبدالرحيم ۽ هڪ نياڻي ٿيا. انهي پهرين گهرواري جي وفات کان پوءِ وري ٻي شادي ڪيائين. جنهن مان کيس ٻه پٽ ۽ ٽي نياڻيون ٿيون. پٽن جا نالا: عبدالڪريم ۽ عبدالله.
    (4) فقير عبدالواحد بن حاجي عبدالله فقير شورو:
    فقير عبدالواحد کي هڪ ئي شادي مان ٻه پٽ عبدالخالق ۽ آفتاب علي ۽ ٻه نياڻيون ٿيون.
    (5) اڪرم فقير بن يار محمد فقير شورو:
    اڪرم فقير کي ٽي پٽ هر هڪ موسيٰ فقير، فقير قادر بخش، محمد عمر فقير ۽ ٻه نياڻيون جن مان هڪ نياڻي فقير حاجي احمد ولد حاجي شفيع محمد جي گهر ۾، ۽ ٻي نياڻي يار محمد فقير ولد محمد رحيم جي گهر ۾ هئي.
    (6) محمد رحيم فقير بن يار محمد فقير شورو:
    فقير محمد رحيم کي ٽي پٽ هر هڪ فقير يار محمد، فقير محمد نوح، فقير يعقوب ۽ ٽي نياڻيون. نياڻين مان هڪ محمد موسيٰ ولد اڪرم فقير جي گهر ۾، ٻي نياڻي محمد عمر ولد اڪرم فقير جي گهر ۾ ۽ ٽي نياڻي غير شادي شده.
    (7) محمد يوسف فقير بن يار محمد فقير:
    فقير يوسف کي نه شادي هئي ۽ نه ڪي اولاد.
    (8) خير محمد فقير بن محمد حسين بن محمد حسن شورو:
    خير محمد فقير جنهن کي عرف ۾ خيرو فقير چوندا هئا. نهايت سادو، فقير طبع، ۽ تمام پوتي پاڪ هو. اڪثر ڪري ٻني ٻاري تي پيو ويندو هو. وؤنئڻن جي وقت عورتن سان گڏ ڦٽيون به پيو چونڊيندو هو، پر مجال آهي جو سندس دل ۾ عورتن ڏي ڪا نظر ميري هجي. اهڙو پاڪباز جو خود ڳوٺ جون عورتون پيون چونديون هيون ته، خيري فقير جهڙي پاڪ نظر ڪنهن جي ڪونهي. ايڏو پرهيزگار فقير هو. خيري فقير نه شادي ڪئي ۽ نه ڪي اولاد اٿس.
    (9) غلام محمد فقير بن محمد حسين بن محمد حسن شورو:
    غلام محمد فقير جا ٻه پٽ محمد حسين ۽ محمد عثمان ٿيا.
    (10) علي محمد فقير بن محمد حسين بن محمد حسن شورو:
    علي محمد فقير کي هڪ پٽ فقير ابراهيم آهي.
    (11) فقير محمد حسن بن الياس بن محمد حسن شورو:
    فقير محمد حسن کي اولاد نه هو.
    بزرگ پيرو فقير جي تڙ پوٽن جي پٽن جو اولاد:
    بزرگ جي 11 تڙ پوٽن جا ڪل 18 (ارڙهن) پٽ آهن هيٺ اسان هر هڪ جو اولاد لکون ٿا.
    (1) فقير جان محمد بن حاجي احمد فقير شورو:
    مرحوم حاجي احمد فقير جي وڏي پٽ حاجي جان محمد فقير کي، بزرگ پيروفقير جي مصلي جو وارث ۽ سجاده نشين بنايو ويو. جان محمد فقير کي ٽي پٽ هر هڪ نياز محمد، احمد ۽ محمد، ۽ ٽي نياڻيون آهن
    (2) فقير نيڪ محمد بن حاجي احمد فقير شورو:
    فقير نيڪ محمد کي هڪ نياڻي آهي.
    (3) فقير خان محمد بن حاجي احمد فقير شورو:
    فقير خان محمد کي به هڪ نياڻي آهي.
    (4) فقير شير محمد بن حاجي احمد فقير شورو:
    فقير شير محمد کي به هڪ نياڻي آهي.
    (5) فقير شفيع محمد بن حاجي احمد فقير شورو:
    فقير شفيع محمد شادي شده آهي. الله کيس اولاد نصيب ڪندو.
    (6) مولوي عبدالرحمان بن مولوي محمد صديق شورو:
    مولوي عبدالرحمان کي اولاد ناهي.
    (7) عبدالرحيم بن مولوي محمد صديق شورو:
    عبدالرحيم غير شادي شده آهي.
    (8) عبدالڪريم بن مولوي محمد صديق شورو:
    فقير عبدالڪريم کي ٻه پٽ هر هڪ محمد صديق ۽ محمد رفيق، ۽ هڪ نياڻي آهي.
    (9) عبدالله بن مولوي محمد صديق شورو:
    فقير عبدالله غير شادي شده آهي.
    (10) موسيٰ بن اڪرم فقير شورو:
    موسيٰ فقير کي اولاد نه ٿيو.
    (11) فقير قادر بخش بن اڪرم فقير شورو:
    فقير قادر بخش کي هڪ پٽ سليمان ۽ چار نياڻيون آهن. سليمان غير شادي شده باقي نياڻين مان هڪ جي شادي، فقير شفيع محمد ولد حاجي احمد سان ٿيل آهي.
    (12) فقير محمد عمر بن اڪرم فقير شورو:
    فقير محمد عمر کي هڪ پٽ غلام مصطفيٰ آهي.
    (13) فقير يار محمد ولد فقير محمد رحيم شورو:
    فقير يار محمد کي ٻه پٽ غلام رسول ۽ خير محمد، ۽ هڪ نياڻي آهي.
    (14) فقير محمد نوح بن فقير محمد رحيم شورو:
    فقير محمد نوح کي ٻه پٽ اسد علي ۽ عطاء الله ۽ هڪ نياڻي آهي.
    (15) فقير محمد يعقوب بن فقير محمد رحيم شورو:
    فقير محمد يعقوب کي ٻه پٽ محمد يونس ۽ محمد رحيم، ۽ هڪ نياڻي آهي.
    (16) فقير محمد حسين بن غلام محمد فقير شورو:
    فقير حسين کي ٽي نياڻيون آهن.

    (17) فقير محمد عثمان بن غلام محمد فقير شورو:
    فقير عثمان کي ٽي پٽ هر هڪ محمد حسن، محمد الياس ۽ غلام محمد، ۽ چار نياڻيون آهن.
    (18) فقير ابراهيم بن علي محمد شورو:
    فقير ابراهيم (شاعر) کي ٻه پٽ محمد اسماعيل ۽ محمد اسحاق ۽ هڪ نياڻي آهي.
    هيستائين اسان بزرگ پيرو فقير شوري جون ست پيڙهيون لکي مڪمل ڪيون آهن. انهي سموري لکيل تفصيلي مواد کي شجره نسب واري چارٽ ۾ آساني سان سمجهي سگهجي ٿو. اهو شجره نسب وارو چارٽ به هن ئي ڪتاب ۾ موجود آهي مذڪوره شجره نسب، موجوده سجاده نشين فقير جان محمد ۽ سندس عزيز مولوي حاجي عبدالرحمان شوري جي موجودگي ۾ لکي ترتيب ڏنو ويو آهي.


    يادگيريون (شورا فقير-1)

    از: استاد مفتي محمد صديق خاصخيلي عرف استاد فقير منٺار مرحوم
    بزرگ پيرو فقير شوري جو پوٽو حاجي محمد فقير 1376هه ۾ 68 ورهين جي عمر ۾ فوت ٿيو آهي. کانئن ٻڌم ته، منهنجي ڄمڻ ۽ پيرو فقير عليهم الرحمة جو لاڏاڻو هڪ ئي سال ۾ ٿيو آهي. اهو به کانئن ٻڌم ته، سؤ سال کان ويهارو سال مٿي سندن عمر ٿيندي. پوين سالن ۾ جمعي جي ڏينهن گاڏي ۾ کين ٻاهر آڻيندا هئا. تان ته جمعي نماز ۾ شريڪ ٿين ۽ معتقد سندن زيارت ڪن. باقي نمازون گهر ۾ پڙهند اهئا. سندن پوٽو خليفو خضر فقير عليهم الرحمة وڏي عمر جو ٿي فوت ٿيو آهي. ان کان چڱي طرح معلومات ٿي سگهي ها، پر ان طرف توجهه نه رهيو. فقير صاحبن جي عقيدت مندي، فقير محمد حسن کٽي سان هئي، جنهن جي رهائش حاجي قادر بخش ڇاڱي جي ڳوٺ ۾ هئي. سندن بيعت حضرت راشد صاحب روضي ڌڻي وارن سان هئي.
    مشهور آهي ته، حضرت راشد شاهه عليھ الرحمة ڳوٺ کان اتر طرف ڪجهه فاصلي تي جماعت سان وڃي رهيا هئا جڏهن ڳوٺ جي سامهون آيا ته فرمايائون ته، ڏکڻ طرف دين جي خوشبو ٿي اچي، ڪو الله وارو رهاڪو آهي، ان طرف هلو. فقير صاحبن جي گهر جي ٻاهران اچي بيٺا. فقير انهن ڏينهن ۾ نابين ٿي ويو هو. عرض ڪرڻ تي پير صاحب وٽس گهر ۾ آيا. عرض ڪيائين ته، مون پنهنجي رب کان دعا گهري هئي ته آئون سفر جي قابل نه رهيو آهيان، حضرت روضي ڌڻي کي هت آڻ، ته ساڻس بيعت ڪريان. پير سائين فرمايو ته، فقير صاحب تنهنجي دعا ئي اسان کي آندو آهي. ان وقت ساڻن بيعت ٿي. پير سائين کي جيڏانهن وڃڻو هو، روانا ٿي ويا. پيرو فقير عليهم الرحمة هر جمعي ڏينهن ڪاٺين جي ڀري فقير صاحبن جي جاءِ تي پهچائيندو هو. هڪ ڀيري فقير محمد حسن (کٽي) کي جاءِ وارن چيو ته، اڄ پيرو فقير ڪاٺيون ڪاريون آنديون آهن. فرمايائون ته، سندس اولاد به ڪاري رنگ تي ٿيندو. هيئن به ٻڌم ته، محمد حسن فقير هڏيون چوپي اڇليون، اهي کڻي پيرو فقير چوپيون.
    هڪ ڀيري خليفي خضر فقير کان پڇيم ته، ڏاڏا تو پيرو فقير ڏٺو هو. ته چيائين مون گهڻو ڏٺو هو. اڃا گهوڙي تي ٻاهر سفر ڪندا هئا، اهو به مون کي ياد آهي. مون کي به ساڻ نيندا هئا. سندن تاڪيدي حڪم هو ته، جتي ڪنهن کٽي جي رهائش هجي، ان ڳوٺ ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ مون کي ٻڌائجان ته گهوڙي تان لهي ڳوٺ مان پيادو لنگهان. هڪ ڀيري هڪ ڳوٺ مان لنگهياسون، ان ڳوٺ ۾ هندو کٽي هئا. مون هن ڪري ڪو نه ٻڌايو جو هندو هئا. جڏهن گهر وٽان لنگهيا، دروازي جي آڏو رنگ جو پاڻي ڏسي لهي پيا. فرمايائون ابا! تو مون کي ڪو نه ٻڌايو. استادن جي گهر وٽان سوار ٿي لنگهيا آهيون. مون عرض ڪيو ته، ڏاڏا هي هندو کٽي آهن. فرمايائون ابا! ته به کٽي ته آهن. جيڏو ادب تيڏو نصيب. کين کٽي بزرگ جي صحبت کان سوجهرو نصيب ٿيو ته، پوري قوم لاءِ وٽن انتها درجي جو ادب احترام رهيو. پاڻ پنهنجو اصل وطن ڇا لاءِ ڇڏيائون، ان جو صحيح علم نه هجڻ ڪري، توقف (اها ڳالهه اتي ڇڏڻ) ۾ بهتري ٿو سمجهان. هڪ شادي ڪيائون. جنهن مان پنج پٽ ۽ هڪ نياڻي ٿي. پنج ئي پٽ ساڻس گڏ آرامي آهن. ان جاءِ تي سندن درسگاهه هو. قرآن شريف ۽ ضروريات دين جي پنهنجي سر تعليم ڏيندا هئا. سندن وفات بعد کين اتي ئي دفن ڪيائون. تعليم لاءِ ڀر ۾ ٻي جاءِ متعين ڪيائون. ڪن جو چوڻ آهي ته، ان جاءِ تي دفن بابت سندن وصيت هئي. والله اعلم بالصواب.

    مون جو ڪجهه سندن باري ۾ ٻڌو آهي، ان مان معلوم ٿو ٿئي ته، صاحب ڪمال فنا في الشرع هئا. الله تعاليٰ مٿن هميشه پنهنجون رحمتون نازل فرمائي. سندن اولاد ۽ پاڙيسرين کي هدايت تي رکي آمين. اسين به سندن پاڙيسري آهيون اها ئي اميد ٿا رکون.
    هتي (مدرسي ۾) رهڻ کان اڳ هڪ ٻه ڀيرو حاضري جو موقعو ميسر ٿيو هو. هتي رهڻ کان بعد تمام گهڻي اچ وڃ رهي. منهنجي هتي اچڻ وقت فقير صاحبن جو جاءِ نشين سندن پوٽو حاجي محمد فقير بن عبدالواحد فقير هو. فقير صاحب جو ٻيو ڀاء حاجي محمد صديق هو جو ساڻس گڏ هو. حاجي محمد فقير کي ٻه پٽ هڪ نياڻي ٿي، جا پنهنجي ڀاء حاجي محمد صديق جي پٽ عبدالله فقير کي پرڻائي ڏنائين. جنهن مان کيس هڪ پٽ ٿيو جنهن جو نالو محمد صديق رکيائون. جنهن اسان وٽ پيءَ عبدالله فقير ۽ مامي حاجي شفيع محمد فقير جي حياتي ۾ ديني علوم جي تڪميل ڪئي. حاجي محمد فقير جا ٻه پٽ شفيع محمد ۽ عبدالرحمان. عبدالرحمان غير شادي شده فو ت ٿي ويو. حاجي شفيع محمد فقير جي شادي، اڪرم فقير ۽ محمد رحيم فقير جي ڀيڻ سان ٿي. جنهن مان کيس احمد فقير ۽ محمد عرف حاجن فقير ٿيا ۽ هڪ نياڻي جا پنهنجي ڀاڻيجي محمد صديق بن عبدالله فقير کي پرڻائي ڏنائين. جنهن مان کيس ٻه پٽ عبدالرحان، عبدالرحيم ۽ هڪ نياڻي ٿي، جنهن جي شادي احمد فقير جي وڏي پٽ جان محمد سان ٿي. عبدالله فقير جي گهرواري مولوي محمد صديق جي والده محترمه فوت ٿي جنازي نماز مون پڙهائي هئي. ڪافي وقت کان پوءِ حاجي محمد فقير سندس شادي حاجي هوندي شوري جي نياڻي سان ڪئي جنهن مان کيس هڪ پٽ عبدالواحد ۽ ٽي نياڻيون ٿيون، جن مان هڪ قادر بخش ولد اڪرم کي، ٻي محمد عرف حاجن ولد حاجي شفيع محمد کي پرڻائي ڏنائين. ٽي جي شادي اڃا ڪا نه ٿي آهي. عبدالواحد جي شادي ٽنڊي الهيار مان لالي سوناري جي ڀيڻ سان ٿي، جنهن مان کيس هڪ پٽ عبدالخالق آهي. مولوي محمد صديق جي پهرين شادي فوت ٿي. ٻي شادي غلام محمد فقير جي نياڻي سان ڪيائين جنهن مان کيس ٻه پٽ، ٽي نياڻيون آهن. احمد ولد شفيع محمد فقير کي پنج پٽ هڪ نياڻي آهي، جا عبدالرحمان بن مولوي محمد صديق جي نالي ٿيل آهي.
    خليفي خضر فقير جا پوٽا اڪرم عرف اڪو فقير، محمد رحيم ۽ يوسف ٻئي اولادي چڱي حالت ۾ آهن. غلام محمد فقير ۽ علي محمد فقير ٻئي سڳا ڀائر حسين جا پٽ، ٻئي نماز روزي جا پابند چڱي حالت تي آهن. غلام محمد فقير کي ٻه پٽ حسين، عثمان ۽ ٽي نياڻيون آهن. هڪڙي پنهنجي ڀائيٽي محمد ابراهيم بن علي محمد کي، ٻي مولوي محمد صديق کي، ٽي فيض محمد بن حاجي طالب کي پرڻائي ڏنائين. عثمان جي شادي حاجي طالب جي نياڻي سان ٿي. حاجي طالب جي پيءَ جو نالو محمد علي آهي. مون ڏٺو هو نهايت صالح شخص هو. کيس ٻن شادين مان ٻه پٽ ٿيا. هڪ مان حاجي طالب، ٻي مان محمد هاشم جنهن جي شادي ٻڍاپور مان پنهنجي برادر مان ٿي. پٽ نياڻيون ڇڏي فوت ٿي ويو آهي. ٻار ناناڻن ۾ رهن ٿا سندن زمين وڏيرن وٽ مقاطعي ۾ آهي. حاجي طالب خواهه اڪرم فقير وارن کي ڪجهه نه ڪجهه زمين گذاري جيتري آهي. مالي حالت به چڱي اٿن اڄ جي دؤر ۾ دينداري جي لحاظ کان به چڱا آهن.
    مون وڏيرو حاجي محمد مراد ۽ حاجي طيب ڏٺا هئا نماز روزي جا پابند، سندن صورت توڙي سيرت شريعت پاڪ جي موافق هئي. ٻئي بغير اولاد فوت ٿيا. حاجي طيب اڳ فوت ٿيو، حاجي محمد مراد گهڻو پوءِ فوت ٿيو. غالباً سندن ٻيا به چار ڀائر هئا. ميوو، ساماڻو ۽ ٻه ٻيا. اولاد فقط ساماڻي جو آهي. اهيئي سندن وارث ٿيا. ساماڻي جا چار پٽ حاجي دريا خان، حاجي عبدالحڪيم، حاجي عطا محمد، حاجي گل محمد مون گهڻو ڏٺا هئا. دريا خان کي فقط هڪ نياڻي ٿي، جا پنهنجي ڀائٽيي ساماڻي عرف مختيار علي کي پرڻائي ڏنائين.
    ايوب خان جي دؤر ۾ يونين ڪائونسل پيرو فقير شورو جو چيئرمين ٿي رهيو. نماز روزي جو پابند، خوش خلق، چڱن اخلاقن وارو هو. وڏيرو حاجي عبدالحڪيم کي اولاد ڪونهي نماز روزي جو پابند، بااخلاق زنده آهي. حاجي عطا محمد هڪ پٽ انور ڇڏي فوت ٿيو. اهو به اولادي آهي. حاجي عطا محمد حج ڪرڻ کان پوءِ تمام ديندار ٿي پيو. رب مٿس رحم ڪري آمين. حاجي گل محمد نهايت ديندار با اخلاق، باهمت، شريعت پاڪ جو ادب ۽ احترام ڪندڙ، سهڻين خوبين وارو هو. اسان وٽ گهڻا فيصلا آندائين ۽ انهن تي عمل ڪرايائين. چار پٽ مختيار علي، سڪندر علي، لياقت علي، جان محمد ۽ نياڻيون ڇڏيائين. پهريان ٽي اولادي آهن. چوٿين جي اڃا شادي ڪا نه ٿي آهي، چڱي حالات ۾ بااخلاق آهن رب کين پنهنجي حفاظت ۾ رکي. آمين.
    حاجي الهبخش بن الهڏنو شورو مون گهڻو ڏٺو ويجهڙائي ۾ فو ت ٿيو آهي. سندس عمر اندازاً نوي (90) ورهيه هوندي. باهمت، بااخلاق. اڙين اولين کي ڪم ايندڙ، نماز روزي جو پابند هو. حاجي محمد فقير فيصلن ۾ کيس ويهاريندو هو، ۽ کانئس مشورو وٺندو هو. ٻه پٽ حاجي ڪريمداد، ۽ حاجي محمد يوسف ۽ نياڻيون ڇڏيائين. جن مان هڪڙي جي شادي حاجي گل محمد سان ٿي جنهن مان کيس ڪافي اولاد ٿيو. حاجي ڪريمداد کي هڪ پٽ الهڏنو نالي ٿيو. اوڻيهن سالن جو ٿي ويجهڙائي ۾ فوت ٿيو آهي. ڪراچي ۾ دماغ جي اپريشن ٿيس چند مهينا گهميو ڦريو کيس دوباره ڪراچي اسپتال ۾ داخل ڪيائون واپسي ۾ راهه ۾ فوت ٿيو. حاجي ڪريمداد کي هڪ نياڻي آهي. حاجي محمد يوسف کي اڃا اولاد ڪونهي رب ڏيڻ تي قادر آهي. ٻئي اهل خير ديندار بااخلاق، سٺن لڇڻن وارا آهن. ٻئي حج ۾ حاجي ڪريمداد ۽ مولوي محمد صديق جا رفيق هئا. رفاقت جا چڱا ثابت ٿيا. رب سندن حفاطت فرمائي. آمين.
    (فقير منٺار مرحوم جي هڪ ڪاپي تان ورتل يادگيريون. عنوان: شورا فقير صفحه 31 کان 36 تائين)


    يادگيريون (شورا فقير-2)

    10 رمضان المبارڪ ليلة الخميس 4 بجي 1376هه اٺهٺ (68) ورهين جي عمر ۾ حاجي محمد فقير شوري وفات ڪئي. هت پهچڻ بعد ساڻن تعلقات روزبروز وڌندا ويا. مرحوم نهايت خوش خلق، سخي بردبار، سهڻين خوبين جا مالڪ هئا ضروريات دين جي کين ڄاڻ هئي. حضرت پيرو وفقير عليهم الرحمة کان وٺي سندن ديني مڪتب هلندو آيو. مون کين پڙهائيندي ڏٺو. مسافر طالب به چڱي انداز ۾ ڏٺم. قرآن شريف ناظران، ابوالحسن عليھ الرحمة جي سنڌي مفتاح الصلواة وغيره پڙهائيندا هئا. طالب ضروريات دين کان پوري طرح واقف ٿي نڪرندا هئا، مسجد آباد ڪرڻ جا لائق هوندا هئا. تعليم سان گڏ سندن تربيت به سٺي ٿيندي هئي. پاڻ وڏا ٿيا ته ٻيو ڪو استاد پڙهائڻ لاءِ رکندا هئا. سندن وفات تائين اهو سلسلو سٺو هلندو رهيو. فقير صاحبن جو وڏيرن سان پراڻو تعلق هو ان ڪري گهڻو ايندا هئا. هتي (مدرسي ۾) رهڻ بعد وٽن اچ وڃ جو سلسلو جاري ٿيو. حرن واري مارشل لا ۾ وڏيرا هتان لڏي وڃي ٽنڊو آدم ويٺا. آئون هتي ئي رهيس پوءِ فقير صاحب اڳي کان به وڌيڪ ايندا هئا. گهوڙيءَ تي گاهه کنيو ايندا هئا گهوڙي لاءِ داڻو ڪو نه وٺندا هئا. چوندا هئا ته، ڳوٺ به کيس داڻو ڪو نه ٿا ڏيون. چوندا هئا ته، هتان لنگهڻ ٿو ٿئي ته، گهوڙي خود بخود ڳوٺ جو رخ ٿي ڪري. مدرسي جي چڱي مدد ڪندا هئا ۽ ڪرائيندا هئا. سال ۾ ٻه ڀيرا ٻڪر چانور گيهه وغيره طالبن لاءِ موڪليندا هئا ۽ پاڻ اچي روبرو طالبن کي کارائيندا هئا. ميها، مڪائي، انب جا به شيءِ لهندي هئي مدرسي ۾ آڻيندا هئا. ساليانو ڪڻڪ ٻه ڳوڻيون هڪ سؤ روپيا مدرسي ۾ ڏيندا هئا. رجب کان هڪ ٻه روز اڳ ٽنڊو آدم مان سون چاندي جا اگهه پڇي رات جو هتي اچي رهندا هئا. اڪيلائي ۾ سون چاندي نقد وغيره حساب ڪرائي زڪوات جو فيصلو ڪندا هئا ته، ڪيتري ٿي! پوءِ مسڪين طالبن جو پڇندا هئا کين ڪپڙا سبائي آڻي ڏيندا هئا. اهو هر سال سندن دستور هو جو پڇاڙي تائين جاري رهيو. ساڻن مخدوم بلال عليھ الرحمة، قلندر شهباز عليهم الرحمة جون زيارتون، ۽ قريب جاين تي رفاقت به گهڻيئي ڀيرا ٿي. پنهنجو بار ٻئي تي رکڻ کان گهڻو پري هئا. رفيق جي راحت کي پنهنجي راحت تي ترجيح ڏيندا هئا. علماءِ ڪرام، طالب العلم، ۽ ساداتن جو تمام گهڻو خيال ڪندا هئا. علماءِ ڪرام ۽ ساداتن کي ڪڏهن به خالي ڪين ڇڏيندا هئا. ڪم از ڪم پنڌرهن ويهه روپيا ڏيندا هئا. پاڻ ان وقت گذاري جيتري ملڪيت جا مالڪ هئا. زياده خوشحالي بعد ۾ آئي. وفات کان ٻه راتيون اڳ مغرب ۽ عشاء جي در ميان سندن گهر ۾ ساڻن آخري ملاقات ٿي. کٽ تي ستل هئا. سندن منهن اولهه پاسي هو. مون کي سامهون ڪرسي رکي ڏنائون. پاڻ پنهنجا ٻئي هٿ منهنجي ڏاڙهي تي پئي گهمايائون. مون کي انهي شفقت جو اثر دل تي نقش آهي. اڄ اهي رفيق ۽ ساٿي ڪٿان ملن! رب سائين مٿن دائما رحمت وسائي، سندن اولاد، خاندان جي حفاظت فرمائي. آمين.
    مون فقير صاحب جي خاندان جا گهڻا صالح شخص ڏٺا. خضر فقير، حاجي طيب، حاجي محمد مراد، نهايت ديندار صالح شخص هئا. خليفي صاحب کان حضرت پيرو فقير عليھ الرحمة بابت پڇيم. چيائين ته، اڃا فقير صاحب ٻاهر ويندا هئا آئون ساڻن گڏ ويندو هوس. پاڻ کٽين جو گهڻو احترام ڪندا هئا.
    مون ٻيا به سندن خاندان جا گهڻا فقير ڏٺا پر جيئن ته منهنجو گهاٽو تعلق حاجي محمد فقير سان هو ۽ اهي دير تائين به رهيا ۽ اسان وٽ گهڻو ايندا به هئا، ساڻن رفاقت ۾ مختلف جاين تي وڃڻ به ٿيو. ٻيا سگهو فوت ٿي ويا. ساڻن ويهڻ جو خلاصو موقعو به ڪو نه مليو ان ڪري سندن حالات ۽ نالن جو يقيني علم به نه رهيو. حاجي طيب عصر نماز تي سوير اچي مسجد ۾ ويهندا هئا، اتي ئي ملندا هئاسون. حاجي محمد مراد سان چڱو موقعو مليو جو ديني مسائل پڇندا هئا ۽ فقير حاجي محمد فقير وٽ گهڻو ويهندا هئا. وڏيري حاجي محمد مراد شوري 3 ذوالحج 1388هه يوم الجمعھ 1 بجي مطابق 21 فيبروري 1969ع تي وفات ڪئي. بعد العصر سندس جنازي نماز پڙهائي وئي ۽ فقير صاحب جي قريب، مغرب نماز کان اڳ کين دفن ڪيو ويو رب مٿن رحم فرمائي. آمين نهايت صالح شخص هئا.
    20 رمضان المبارڪ 1397هه مطابق 5 سيپٽمبر 1977ع ليلة الاثنين (سومر جي رات) 9 بجي ڌاري وڏيري حاجي درياخان شوري ٽنڊي آدم ۾ پنهنجي گهر وفات ڪئي. مرحوم چند سالن کان بيمار هو کيس فالج جو اثر ٿيو. علاج مان افاقو ٿيو پر آخر هلڻو آهي، وقت پورو ٿي ويو. سندس جنازو ڳوٺ آندائون. پيرو فقير عليهم الرحمة جن کان اولهه ۾ جو قبرستان آهي، ان جي اوڀر ۾ کلي ميدان ۾ جنازي نماز پڙهڻ بعد ان قبرستان ۾ کيس دفن ڪيو ويو. 12 بجي دفن کان فراغت ٿي. مرحوم، ايوب خان جي دؤر ۾ يونين ڪائونسل پيرو فقير شورو جو ڏهه سال چيئرمين ٿي رهيو. پاڙي وارن سان سندس سلوڪ سٺو هو. ڪم ڪار غريبن جا چڱي نموني ڪيائين. طبيعت جو نرم خوش خلق هو. اسان سان سندس تعلق سٺو رهيو. 1391هه ۾ جڏهن مدرسي جي نئين عمارت جو بنياد رکيو ويو، ان وقت وڏيري محمد شريف واري بنگلي تي فقير غلام حسين، وڏيري حاجي دريا خان ۽ وڏيري محمد شريف کي منهنجي آڏو هڪ هڪ ڪمرو ٺهرائي ڏيڻ لاءِ چيو ويو. وڏيري محمد شريف ٻارهن سؤ روپيا ڏنا. وڏيري حاجي دريا خان چيو، ڪم گڏ هلي، ڪمري تي جي پيسا لڳا، آئون ڏيندس. ريتي، ڪڪري جون کانئس چاليهه ٽرڪون پهتيون. مون کين چيو ته هاڻي ضرورت ڪانهي، تڏهن بند ڪيائون. چڱين خصلتن جو مالڪ هو، رب کيس مرهي. آمين.
    6 ذوالحج 1402هه مطباق 24 سيپٽمبر 1982ع بعد صلواة الجمعة (جمعي نماز کان پوءِ) وڏيري حاجي گل محمد شوري پنهنجي ڳوٺ پيرو فقير شوري عليهم الرحمة ۾ پنهنجي نئين تعمير ڪرايل بنگلي ۾ وفات ڪئي. مٿس دل جو دورو پيو. جمعي نماز جماعت سان پڙهيائين، اڳ ۾ ڪجهه فيصلا ڪيائين. بهترين پاڙيسري ساٿي هو. رب کيس بخشي، مٿس رحم فرمائي. وڏيري دريا خان کان پوءِ، يونين ڪائونسل پيرو فقير شورو عليهم الرحمة جو چيئرمين تازندگي رهيو. ڪيترا فيصلا طرفين کي مدرسي ۾ آڻي شريعت مطهره جي مطابق ڪرايائين. فون تي مسئلا پڇندو هو، يا طرفين (ٻنهي ڌرين) کي موڪليندو هو. شريعت مطهره جو وٽس احترام هو. نماز روزي جو پابند هو. نماز روزي جو وڏيرو حاجي دريا خان به پابند هو. دنيا فاني آهي. اڳي پوءِ نيٺ هلڻو آهي. وڏيري حاجي گل محمد شوري پوئتان ٻه ڀائر ميان حاجي عبدالحڪيم ۽ حاجي عطا محمد ۽ چار پٽ ڇڏيا. رب سندن حفاظت فرمائي. صراط مستقيم تي هلائي. آمين
    20 ربيع الاول 1401هه يوم الثلاثاء (اڱاري ڏينهن) سوا يارهين بجي دلي دوست، سفر ۽ حضر جي ساٿي فقير حاجي شفيع محمد شوري وفات ڪئي. بروقت اطلاع تي پهچڻ ٿيو. سوا ٽي بجي سندس جنازي نماز پڙهي سندس والد محترم حاجي محمد فقير عليهم الرحمة جي قريب دفن ڪيو ويو. ٿر، بلوچستان، پنجاب، سنڌ، حجاز مقدس جا گڏجي سفر ڪياسون. وفات کان چند سال اڳ مٿن فالج جو حملو ٿيو. علاج مان قدري افاقو ٿيو. پر گهمڻ ڦرڻ جهڙا نه رهيا. ان حالت ۾ به گاڏي سندن چوڻ تي کين مون وٽ ڇڏي ويندي هئي. شام جو واپس کڻي ويندي هئي. ڪافي ڀيرا ائين ڪيائون. سندن ڪچهريون وساري نه ٿيون سگهجن. رب مٿن دائماً ابداً رحمت نازل فرمائي. پوين جي حفاظت فرمائي. آمين. پوئتان ٻه پٽ ميان حاجي احمد ۽ محمد عرف حاجن ڇڏيائون. ميان حاجي احمد کي ڪافي اولاد آهي. رب کين پنهنجي حفاظت ۾ رکي. آمين.

    4 جمادي الثاني 1401هه ليلة الجمعة (جمعي جي رات) 10 بجي پاڙيسري رفيق، دلي دوست فقير عبدالله بن حاجي محمد صديق شوري سول اسپتال ڪراچي ۾ وفات ڪئي. (10 ۽ 11 اپريل 1981ع جي درمياني رات) 5 بجي صبح جو سندن جنازو ڳوٺ پهتو. بروقت اطلاع تي پهچڻ ٿيو. 9 بجي جنازي نماز پڙهي ڪجهه دير تائين احباب لاءِ ترسي دفن ڪيو ويو. هفتو اڳ جمادي الاول جي آخري خميس ڏينهن سندس گهر ۾ ساڻن ڊگهي ملاقات ٿي. سندس محبت ۽ پيار جو اثر دل تي باقي رهندو. بهترين ساٿي، دل گهريو دوست جدا ٿي ويو. آخر فنا، آخر فنا. رب مٿس رحم فرمائي سندن اولاد جي حفاظت فرمائي، کين سڌي رستي تي هلائي. آمين. مرحوم پوئتان ٻه فرزند مولوي محمد صديق ۽ ميان عبدالواحد ڇڏيا آهن. رب کين پنهنجي حفاظت ۾ رکي. آمين.
    استاد فقير منٺار جي لکيل ڪاپين تان نقل ڪيو ويو يادگيريون ڪاپي نمبر2- صفحو 17 کان 20 تائين)


    فقيري ۽ ولايت (هڪ تحقيقي جائزو)

    از: مولوي محمد يامين شورو
    جيئن ته، اسان جو هي زير نظر ڪتاب سنڌ جي هڪ بزرگ خليفي پيرو فقير شوري جي حالات بابت آهي جيڪو ملتان جي بزرگن جو خاص خليفو ۽ مريد هو. سندس فقيري سلسلي سهروردي سان وابستگي هئي. انهي ڪري اسان مناسب سمجهو ته، خليفي پيرو فقير جنهن فقيري واٽ جو پانڌيئڙو هو، جنهن سلوڪ ۽ معرفت جو سچو سالڪ هو، انهي سلوڪ ۽ معرفت جي باطني سفر ۽ ان گس پنڌ جي منزلن، طور طريقن، آدابن، شرطن، نشانين ۽ پار پتن بابت ڪجهه تفصيل سان جائزو پيش ڪجي ته جيئن پڙهندڙ انهي فقيري سلسلي جي فيض مان مستفيض به ٿين ته، ان جي ڏس تي هلي پنهنجو نفس پاڪ ۽ قلب صاف ڪري اندر اجاري، سلوڪ ۽ معرفت جي منزلن جي سڃاڻ ۽ پيروي سان آخرت آجي ڪن.

    فقيري:
    فقيري واري واٽ حقيقت ۾ دنيا جي سمورن مزن، نفساني لذتن، خواهشن، من مستين، هوڏ هستين يعني ته، ڇڙواڳ زندگي کي بلڪل ڇڏي ڏيڻ، ۽ دنيا ۾ رهندي آخرت جو فڪر ۽ ان جي تياري ڪرڻ سان نصيب ٿئي ٿي. فقيرانه زندگي ۾ سادو کائڻ سادو پائڻ، قناعت ڪفايت، خودداري ۽ خاموشي، صبر شڪر، تحمل برداشت، توڪل تواضع، نوڙت ۽ نيازمندي، گهٽ کائڻ ۽ گهٽ ڳالهائڻ، انسانيت جي ڀلائي، هر ڪنهن سان خير خواهي، سخاوت ۽ ڪشاده دلي، واتان ويڻ نه وارڻ بلڪه درگذر ڪرڻ جهڙيون عادتون پيدا ٿي پون ٿيون. جنهنڪري از خود ماڻهو تي فقيري رنگ چڙهي وڇي ٿو. ڇو ته اهي سڀ گڻ اندر کي اڇو اجرو ڪري اجاري باطن پاڪ ڪن ٿا. پر انهي لاءِ به هي ضروري آهي ته، ڪنهن به راهه تي هلڻ لاءِ رهبر (جيڪو گس جو سونهون هجي) جي ضرورت پوي ٿي فقيري رستي ۾ به رهبر کانسواءِ معرفت جي راهه جون منزلون پار نه ڪري سگهبيون، انهي ڪري ڪامل مرشد جي بيعت ۽ ان جي ٻڌايل ڏس ۽ ڏنل سبق تي هلي آساني سان اهو سفر طئي ڪري سگهجي ٿو. ڇو ته، ڪو به شاگرد، استاد کانسواءِ علم ۾ ڪامل نه ٿو ٿي سگهي هن فقيري راهه ۾ به مرشد ڪامل کانسواءِ پنهنجي منهن مونجهارن ۾ ڦاسي اصل منزل تائين پهچي نه سگهبو.
    فقيرانه زندگي لاءِ به شريعت بنيادي ڏاڪو آهي. شريعت جي احڪامن جي ڄاڻ هئڻ کانسواءِ جيڪڏهن ڪو فقيري اختيار ڪندو يا پنهنجي عقلي دليلن تي لڳي، جيڪي دل ۾ خيال آيو يا جيڪي سوچ آئي، تنهن مطابق هلي پيو ۽ فقيراڻو ويس ڪري وڃي ديرو ڄمايائين، ته به سڌي راهه کان ٿڙهي ويندو. ڇو ته شريعت جو علم، مسلمان لاءِ هڪ اهڙي روشني آهي جيڪا صراط مستقيم جي سڌي راهه تي وٺي هلڻ واري آهي ۽ ڪنهن به گمراهي جي کڏ ۾ ڪرڻ کان بچائي ٿي. انهي ڪري پنهنجي عقل کي به شريعت واري علم جي روشني ۾ هلائبو ته پوءِ يقيناً اهڙو ماڻهو خطا نه کائيندو. شايد اهو ئي سبب آهي جو ٻنهي جهانن جي سردار ﷺ فرمايو هو ته، فضل العالم علي العابد کفضلي عليٰ ادناڪم. يعني شريعت واري علم جي عالم جي فضيلت هڪ اڻ پڙهئي عابد (عبادتگذار) تي ائين آهي جيئن منهنجي فضيلت (رسول الله ﷺ جي فضيلت) توهان اصحابن تي آهي. ساڳي مفهوم کي نظر ۾ رکي لطيف سائين به آگاهه ڪيو هو ته،

    ڪر طريقت تڪيو، شريعت سڃاڻ،
    هوئج ٿابو تي ساڻ، ته پُسڻ کان پالهو رهين.
    شاهه سائين فرمائي ٿو ته، طريقت يعني سلوڪ ۽ معرفت وارو فقيري رستو هڪ سهاري طور ڀلي وٺ، پر پهرين توکي شريعت جي احڪامن حرام حلال، جائز ناجائز، حق ناحق، پاڪ پليت، عبادات معاملات، اخلاقيات ۽ عادات وغيره کان واقفيت لازمي آهي. ڇو ته، شريعت سڳوري سٺن اخلاقن ۽ برن لڇڻن، هر معاملي ۾ صحيح ۽ غلط بابت وضاحت سان فرق ڪري ٻڌائي ٿي. خدا جو راضپو حق حلال، پاڪ ۽ صحيح طريقي ۾ آهي باقي ناحق، حرام، پليت ۽ غلط طريقي ۾ ته رب رسي ويندو. فقيري واٽ وٺڻ واري کي جي سڀ جا سڀ احڪام معلوم نه هجن ته به بنيادي عقيدن، توحيد ۽ شرڪ، سنت ۽ بدعت، هدايت ۽ گمراهي جهڙن عملن بابت ۽ زندگي گذارڻ لاءِ بنيادي ضرورتن، گهر ٻار سنڀالڻ ۽ پاڙي جي پرگهور لهڻ وغيره بابت شريعت جي احڪامن جي ڄاڻ لازمي آهي. نه ته هر جاءِ تي کيس مونجهارو رهندو ته صحيح ڇا آهي ۽ غلط ڇا آهي؟ شريعت جي ڄاڻ نه هئڻ جي صورت ۾ جيڪڏهن فقط عقل جي آڌار تي ڪو به فيصلو ڪندو يا ڪنهن کي ڪو مسئلو ٻڌائيندو ته جي شريعت جي حڪم جي خلاف هوندو ته، پوءِ فقيري ته گمراهي ۾ هلي ويندي! جنهن رب کي راضي ڪرڻ لاءِ فقيري اختيار ڪيائين سو رب احڪم الحاڪمين ته رسي ويندو!! اهڙي صورت ۾ ان جا عمل ڪنهن به ڪم جا نه رهندا!!!
    باقي ماڻهن ۾ سندس فقيري جي شهرت، ته آخرت ڪو نه ڇڏائيندي، انهي ڪري فقيري رستي تي هلڻ لاءِ شريعت جي روشني لازمي آهي. شريعت کان ٿڙيل گمراهه صوفي ۽ فقير ته پاڻ به اوڙاهه ۾ ڪرندو ته، پنهنجي پوئلڳن کي به پاڻ سان گڏ برباد ڪندو. هي ڳالهه به واضح ڪرڻ گهرون ٿا ته، فقيري جو مطلب جوڳين وانگر پنڻ کائڻ، لڏا کڻي هلڻ، ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي، يا وري جهنگ ۾ جهوپڙي ٺاهي خلق کان منهن موڙي اڪيلائي جي ڪنڊ ۾ ويهڻ، يا ڪنهن جبل جي غار ۽ چُر ۾ لڪي ويهي ورد وظيفا پڙهڻ، سڀني رشتن ناتن کان لڳ لاڳاپا ٽوڙي واسطا ڪَٽي تن تنها رهڻ، شادي، اولاد، گذر معاش لاءِ حق حلال روزي ڪمائڻ کان ڪنارو ڪرڻ، مطلب ته تارڪ الدنيا ٿي اڪيلي زندگي گذارڻ، اها ته فقيري ڪا نه ٿي، اها ته رهبانيت آهي. رهبانيت جي لفظ مان راهب لفظ نڪتو آهي. راهب عيسائين جي پادري کي چئبو آهي جيڪو تارڪ الدنيا بنجي اڪيلي زندگي گذاري ٿو ۽ سماج سان ۽ عام ماڻهو سان انهي جو ڪو به تعلق نه هوندو هو. ائين ئي هندن ۾ وري جوڳ پچائڻ چلا ڏها ڪڍڻ جهنگ ۾ تن تنها رهڻ وارا جوڳي وغيره آهن ته انهي رهبانيت واري زندگي لاءِ حضورﷺ جن فرمايو ته، لارهبانيت في الاسلام. اسلام ۾ رهبانيت لاءِ ڪا به گنجائش ناهي اسان هتي انهي فقيري جي پرچار نه ٿا ڪريون جيڪا رهبانيت آهي پر اسان جو مقصد زندگي سادي نموني گذارڻ، دنيا جي ناجائز عيش، لذتن ۽ مزن کان پاڻ پلڻ واري فقيري آهي.
    رهبانيت جيڪري ئي الله تعاليٰ عيسائين کي قرآن شريف ۾ جن لفظن سان ننديو ۽ مذمت ملامت ڪئي سي هي آهن، وَرَهْبَانِيَّةَۨ ابْتَدَعُوْهَا (يعني انهن عيسائين رهبانيت جهڙي بڇڙي بدعت شروع ڪئي) پاڻ سڳوراﷺ ڪڏهن ڪڏهن سٺا ڪپڙا پائيندا ۽ سٺا کاڌا کائيندا به هئا. پر سندن طبيعت سڳوري جو اڪثر لاڙو دنيا جي ڏيک ويک، زرق برق ۽ سونهن سينگار ڏانهن بنهه گهٽ هو. پاڻ ڪريمﷺ فرمائيندا هئا ته، آدم جي اولاد کي هنن شين کانسواءِ ٻيو وڌيڪ حق ڪونهي. رهڻ لاءِ گهر، اوگهڙ ڍڪڻ لاءِ ڪپڙو، ۽ پيٽ ڀرڻ لاءِ رکي سکي ماني ۽ پاڻي (جامع الترمذي ابواب الزهد) بي بي عائشه سڳوري رضي الله عنها فرمائي ٿي ته، پاڻ ڪريمن لاءِ ڪڏهن به ڪو ڪپڙن جو جوڙو ويڙهي رکيو نه ويو. يعني سندن پائڻ لاءِ اهي ئي ڪپڙا هوندا هئا جيڪي سندن جسم مبارڪ تي پاتل هوندا هئا، رکڻ لاءِ وڌيڪ ڪپڙا نه هوندا هئا. (ابن ماجھ ڪتاب اللباس)


    فقير:
    عربي ٻولي ۾ فقير اهڙي محتاج کي چئجي ٿو جنهن وٽ ويلي تي کائڻ جيترو مس هجي نه مال ملڪيت نه ڪي کائڻ پيئڻ ۽ رهڻ ڪهڻ جا اسباب. بس هڪ ويلي تي گذاري جيترو کاڌو، انگ ڍڪڻ جيترو ڪپڙو، ڪا هڪ اڌ ڦاٽل رلي ۽ ڀڳل جهوپڙي. قرآن شريف ۾ لڳ ڀڳ اهڙي مفهوم لاءِ اهو لفظ جمع جي صورت ۾ الْفُقَرَاۗء ٿي استعمال ٿيو آهي يعني وَاللّٰهُ الْغَنِيُّ وَاَنْتُمُ الْفُقَرَاۗءُ. مطلب شاهوڪار آهي ته الله آهي، اوهان ته سڀ جا سڀ ڪنگال، سڃا ۽ محتاج آهيو. اوهان وٽ جو ڪجهه آهي سو سڀ الله جو ڏنل آهي. اوهان جي پنهنجي ڪا به ملڪيت ڪانهي. انهي آيت مان هر انسان جي ذهن، دل ۽ دماغ کي درست سوچ رکڻ لاءِ تنبيھ ٿيل آهي ته اي دولتمند! متان دولت ڏسي مست ٿئين!! اي عقلمند! متان عقل جي اڏام ڏسي آپي کان ٻاهر نڪرين ته اها منهنجي ذاتي ملڪيت آهي!!! بلڪ اهي سڀ الله جون عطا ڪيل نعمتون آهن، جن جو مالڪ هو پاڻ آهي انهن سڀني شين جا خزانا خدائي سرڪار جي قبضي ۾ آهن. جو خود پاڻ قرآن شريف ۾ فرمايو اٿس ته، وَلِلّٰهِ خَزَاۗىِٕنُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ. انهن سمورن خزانن جو مالڪ هو اهڙو شاهوڪار آهي جنهن جي خزانن ۾ کوٽ اچڻي ناهي. دنيا جو امير ته سڀاڻي فقير به ٿي ويندو. هر ماڻهوءَ پنهنجي مشاهدي ۾ ڪئين اهڙا فقير به ڏٺا هوندا جيڪي هاڻ امير ٿي ويا هوندا ته ڪئين اهڙا امير به ڏٺا هوندا جيڪي هاڻ فقير ٿي ويا هوندا. انهن خزانن جو اصل ڌڻي ته خود خدا آهي. جيئن شاهه لطيف فرمايو ته، ”ڏاتار ته تون، ٻيا مڙيئي مڱڻا“ وڻيس ته ڪنهن کي مالا مال ڪري، وڻيس ته ڪنهن کي ڪنگال ڪري. ڏئي به اُهو ته کسي به اُهو. عزت به ان جي هٿ ۾، ته ذلت به ان جي هٿ ۾. بادشاهه توڙي گدا سڀ هن جا محتاج.
    مٿي عرض ڪيو سون ته فقير اهو ٿيندو آهي جنهن وٽ مال اسباب نه هجي. دنيا ۾ جڏهن به ڪنهن ماڻهو تي ڪا تنگي، سڃائي ڪڙڪندي آهي ته اهو ماڻهو بيوس، محتاج ۽ لاچار ٿي پوندو آهي. ان ماڻهوء ۾ نه هٺ هوڏ رهندو، نه ڪي وڏائو ۽ وڏ ماڻهپو. بلڪ هو پاڻ کي سڀني کان گهٽ سمجهندو. اهو سڀ ان صورت ۾ آهي جو ڪو ماڻهو قدرتي طرح فقير بنجي وڃي. ڇو ته اهو اهڙو بي وس ۽ بي اختيار بنجي وڃي ٿو جو نه ڪا ڀلي سواري وٺي سگهي، نه ڪو اوچا ڪپڙا ۽ اوچا کاڌا کائي سگهي ۽ نه وري اوچن عاليشان محلاتن ۾ رهڻ جو سوچي سگهي. پر مال مايا، وس ۽ اختيار هوندي به جيڪڏهن ڪو فقيري رستو اختيار ڪري، سموري دنيا ۽ ان جي عيش عشرت تان دل کڻي فقط هڪ مولا وحده لا شريڪ سان لنئون لڳائي، دل ۾ حقيقي دوست جو ديرو ڄمائي ٿو ته، اهو آهي فقيري راهه تي هلڻ وارو. اهو آهي خدا جي حقيقي سچن ٻانهن مان هڪ ٻانهو. جن لاءِ قرآن شريف ۾ فرمايو ويو آهي ته:
    اَلَآ اِنَّ اَوْلِيَاۗءَ اللّٰهِ لَا خَوْفٌ عَلَيْهِمْ وَلَا ھُمْ يَحْزَنُوْنَ 62۝ښ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَكَانُوْا يَتَّقُوْنَ 63؀ۭ
    لَھُمُ الْبُشْرٰي فِي الْحَيٰوةِ الدُّنْيَا وَفِي الْاٰخِرَةِ ۭ لَا تَبْدِيْلَ لِكَلِمٰتِ اللّٰهِ ۭ ذٰلِكَ ھُوَ الْفَوْزُ الْعَظِيْمُ 64؀ۭ.
    (سورت يونس آيت نمبر 62، 63، 64 رڪوع 7 سيپارو 11)
    يعني هيءَ ڳالهه واضح لفظن ۾ ٻڌي ڇڏيو ته، الله جي ولين (دوستن) کي نه مستقبل جو خوف خطرو ۽ نه ڪي ماضي جو ڪو ارمان، افسوس ۽ ڳڻتي. جن الله جي هيڪڙائي تي ايمان آندو ۽ پرهيزگار ٿي رهيا، اهڙن لاءِ دنيا جي زندگي ۾ بشارت ۽ خوشخبري آهي ته، آخرت ۾ به مبارڪون. الله جي ڳالهه ۾ ڪا به تبديلي ناهي. اها (خدائي بشارت) وڏي ۾ وڏي ڪاميابي آهي.


    صوفي فقير، سچا سالڪ ۽ اهل سنت والجماعت

    از: مولوي محمد يامين شورو

    مسلمانن ۾ فقير ۽ صوفي سالڪ الڳ فرقو ناهي. ڇو ته اهي به اصل ۾ شريعت کي مڃڻ وارا يعني الله ۽ رسول ﷺ جي حڪمن تي هلڻ وارا سلوڪ و معرفت جا پانڌي آهن. عام ماڻهو کي اها غلط فهمي اڄڪلهه جي صوفي ازم يا صوفيت جي غلط تشريح جيڪري ٿي آهي. اها غلط تشريح تڏهن کان منظر عام تي اچڻ لڳي آهي، جڏهن کان ڪن ماڻهن شريعت کي باءِ پاس ڪري هڪ اهڙو رستو اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن ۾ مذهبي حد بنديون ۽ شرعي پابنديون نه هجن. ائين کڻي چئجي ته، مذهب کان بيزاري يا فراريت لاءِ هڪ آسان واٽ هٿ ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ٿيڻ لڳي آهي. حالانڪ بزرگي ۽ فقيري لاءِ ترتيب وار هي چار ڏاڪا ۽منزلون ماڻڻ لازمي آهن. شريعت، طريقت، حقيقت ۽ معرفت انهن چئني مرحلن جو هڪ ٻئي تي اهڙو دارومدار آهي جهڙو مٿي چڙهڻ لاءِ چاڙهيءَ جي ڏاڪڻ جو. جڏهن به ڪو مٿي چڙهڻ لاءِ جڏهن چاڙهيءَ تي چڙهندو آهي ته پهرين ابتدائي ڏاڪي تي پير رکندو پوءِ ٻئي تي ۽ پوءِ ٽئي ڏاڪي تي. هڪ ئي ٽپ سان آخري ڏاڪي تي پير پهچي نه سگهندو. اهو ئي سبب آهي جو طريقت شريعت کان سواءِ ۽ حقيقت طريقت کانسواءِ ته معرفت حقيقت کانسواءِ ماڻي نه ٿي سگهجي.
    انهي ڪري اسان فقيري سلسلي جو بنياد اسلامي تاريخ جي آئيني ۾ پيش ڪريون ٿا. حضور اڪرم ﷺ جي لاڏاڻي کان پوءِ انهي زماني جي مسلمانن، پاڻ سڳورن جي صحبتي هجڻ کانسواءِ ڪنهن ٻئي لقب کي پاڻ لاءِ پسند نه ڪيو. ڇو ته ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو فضيلت وارو لقب هو ئي ڪونه. انهي ڪري حضور ڪريم ﷺ جي صحبت يافته ڀلارن کي ”صحابه ڪرام“ رضوان الله عليهم جي عزت ڀرئي لقب سان سڏيو ويو. جڏهن صحابه ڪرام کان پوءِ واري دؤر جا ماڻهو آيا، جن کي اصحابن سڳورن جي صحبت ۽ شاگردي جي نسبت حاصل ٿي ته اهي اصحابن جي تابعداري ڪرڻ سبب ”تابعي“ سڳورا جي لقب سان مشهور ٿيا. انهن ماڻهن انهي تابعي واري لقب کي عزت ۽ شرافت وارو لقب سمجهيو.
    انهن تابعي ڀلارن کان پوءِ وارا ماڻهو جيڪي انهن تابعين جي صحبت ۾ رهيا ۽ انهن جي طريقي ۽ ڏسيل واٽ تي هليا ته، اهي ”تبع تابعي“ سڳورا سڏيا ويا. انهي طرح اهي ٽي زمانا شمار ٿيا. جن کي حضور ﷺ پنهنجي هڪ فرمان ۾ ذڪر ڪندي فرمايو آهي ته، ڀلي ۾ ڀلا دؤر ۽ زمانا اهي ٽي آهن. يعني هڪ اهو زمانو جيڪو منهنجو (رسول الله ﷺ) ۽ منهنجي صحابه ڪرام جو دؤر آهي. ٻئي نمبر تي تابعين جو دؤر ۽ ٽئي نمبر تي تبع تابعي سڳورن جو دؤر، ۽ انهن کانپوءِ ايندڙ سڀ زمانا برابر آهن. ڪو به ڪنهن دؤر کان ڀلارو ناهي. پاڻ ڪريمن ﷺ جي فرمان جا الفاظ مبارڪ هي آهن. خيرالقرون قرني ثم الذين يلونهم ثم الذين يلو نهم.
    انهن ٽنهي دؤرن ۽ زمانن جي گذرڻ کان پوءِ ديني ۽ شرعي لحاظ کان ماڻهن جا مرتبا ۽ درجا مختلف ٿي ويا. ٽنهي ڀلارن زمانن بعد جن ماڻهن حضور اڪرم ۽ سندن اصحابن سڳورن ۽ تا بعي ۽ تبع تابعي ڀلارن جي طريقه تي قائم رهي دين سان تعلق بنهه گهرو ۽ گهاٽو رکيو سي عام طرح عابد زاهد سڏجڻ لڳا، پر انهن خود پاڻ کي اهل سنت والجماعت سڏايو ٿي. پر اڳتي هلي نيون نيون بدعتون شروع ٿيون. جنهن ڪري مختلف فرقا ٺهي پيا ۽ هر فرقي هيءَ دعويٰ شروع ڪئي ته، سندن فرقي ۾ وڏا وڏا عابد ۽ زاهد آهن. اهڙي صورتحال ۾ اهل سنت والجماعت جي خاص خاص ماڻهن پاڻ لاءِ تصوف جو لقب به پسند ڪيو. انهن اڪابر اهل سنت والجماعت لاءِ اهو تصوف جو لقب ٻي صدي هجري کان ئي سڏجڻ لڳو. هتي اهل سنت والجماعت جي نالي جو مطلب ۽ مفهوم به واضح ٿيڻ کپي ته بهتر آهي. عام ماڻهو اهو نالو ٻڌو ته ضرور آهي پر انهي نالي جي توجيهه ۽ تشريح شايد نه ٻڌي ۽ نه پڙهي هجي. انهي ڪري اسان انهي نالي جي مطلب ۽ مفهوم کي کولي سمجهايون ٿا.
    اهل سنت جي معنيٰ ته حضور اڪرم ﷺ جي طريقي تي هلڻ وارا ڇو ته سنت خاص پان سڳورن جي طريقي کي چئجي ٿو. عبادات، معاملات اخلاقيات، سماجيات وغيره زندگي جي هر شعبي ۾ اهل سنت جي قول، فعل، گفتار ۽ ڪردار جو بنياد پاڻ سڳورن جو طريقو آهي. والجماعت جو مطلب ته، حضور اڪرم ﷺ جي طريقي تي هلڻ واري سڀ کان پهرين جماعت، اصحاب سڳورن جي هئي. جن پان ڪريمن ﷺ جي طريقي تي سندن روبرو، موجودگي ۾ زير تربيت ۽ زير نگراني عمل ڪيو. ڄڻ ته صحابه جي جماعت حضور اڪرم ﷺ جي تربيت يافته ۽ تيار ڪيل جماعت هئي جيئن پاڻ سڳورا پنهنجي نبوت ۽ رسالت ۾ خاتم النبين ۽ صاحب ڪمال هئا، تيئن سندن تربيت يافته جماعت اصحاب سڳورا به پاڻ ڪريمن جي تابعداري ۾ انسانيت جي بي انتها ڪمال جا صاحب هئا. تڏهن ته، الله تعاليٰ انهي ڀلاري جماعت لاءِ قرآن شريف ۾ هنڌين ماڳين ساراهه جوڳيون صفتون بيان ڪيون آهن. ڪٿي فرمايو ويو ته، لَهُمْ مَّغْفِرَةٌ وَّرِزْقٌ كَرِيْمٌ ڪٿي اُولٰۗىِٕكَ هُمُ الرّٰشِدُوْنَ ، ڪٿي اُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْفَاۗىِٕزُوْنَ. ڪٿي اُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْمُؤْمِنُوْنَ حَقًّا. ڪٿي اَصْحٰبَ الْجَنَّةِ. ڪٿي اَصْحٰبُ الْمَيْمَنَةِ. ڪٿي رَضِيَ اللّٰهُ عَنْهُمْ وَرَضُوْا عَنْهُ. ڪٿي لَهُمْ مَّغْفِرَةً وَّاَجْرًا عَظِيْمًا. ڪٿي حضور سائين جي ذڪر خير سان گڏ سندس اصحابن سڳورن جو به ذڪر. مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ اللّٰهِ ۭ وَالَّذِيْنَ مَعَهٗٓ اَشِدَّاۗءُ عَلَي الْكُفَّارِ رُحَمَاۗءُ بَيْنَهُمْ تَرٰىهُمْ رُكَّعًا سُجَّدًا يَّبْتَغُوْنَ فَضْلًا مِّنَ اللّٰهِ وَرِضْوَانًا ۡ سِيْمَاهُمْ فِيْ وُجُوْهِهِمْ مِّنْ اَثَرِ السُّجُوْدِ ۭ ذٰلِكَ مَثَلُهُمْ فِي التَّوْرٰىةِ ٻ وَمَثَلُهُمْ فِي الْاِنْجِيْلِ ۾. ڪٿي سهڻين صفتن سان نوازيو ۽ ساراهيو ويو ته السابقون الاولون من المهاجرين والانصار. ڪٿي وري انهن صحابه جي دين ۽ ايمان کي باقي دنيا جي سمورن مومن مسلمانن جي دين ۽ ايمان جي پرکڻ لاءِ حق وارو معيار ڪري مقرر ڪيو ويو جيئن سورت بقره ۾ آهي. فان آمنو بمثل ما آمنتم بھ فقدا اهتدوا.
    اهل سنت والجماعت جي لفظي تشريح کان پوءِ هي ڳالهه ازخود سمجهه ۾ اچي ويندي ته، حضور اڪرم ﷺ جي طريقي تي هلڻ واري اهل سنت والجماعت لاءِ رهبر ۽ سونهون، صحابه سڳورن جي جماعت آهي. انهي صحابه واري ڀلاري جماعت حضور اڪرمﷺ جي طريقي تي عمل ڪيو بلڪه ان طريقي کي پنهنجي زندگي جو نصب العين بنايو، تيئن اهل سنت والجماعت وارا به انهي صحابه جي ڀلاري جماعت جي پيروي ڪندي سندن نقش قدم تي هلي حضور ڪريمﷺ جي طريقي (سنت) تي عمل ڪن ٿا. اها تشريح ٻڌائي ٿي ته، اهل سنت والجماعت، اها جماعت آهي جيڪا قرآن ۽ حديث تي عمل ڪرڻ واري جماعت آهي ڇو ته صحابه جو عقيدو توڙي عمل قرآن ۽ حديث جي روشني ۾ هو. انهن ڀلارن جو ڪو به قول ۽ فعل، قرآن ۽ حديث کان ٻاهر يا مخالف نه هو. صحابه ڪرام حقوق الله ۽ حقوق العباد مطلب ته اسلام جي سمورن احڪامن تي عمل ڪرڻ جي سلسلي ۾ حضور اڪرمﷺ جي نقش قدم تي پوري ثابت قدمي سان قائم رهيا. اڪثر صحابه هي جملو علي الاعلان دهرائيندا هئا ته، ”لا ازيد والا انقص“ يعني جيڪي شريعت جا حڪم اسان کي مليا آهن انهن احڪامن ۾ نه ته ذرو وڌائيندا سون ۽ نه وري انهن مان ڪجهه گهٽائينداسون. ڇو ته، شريعت جي حڪمن گهٽائڻ يا انهن ۾ ڪنهن ڳالهه يا ڪم جي واڌاري ڪرڻ جو اسان کي اختيار ناهي. اسان ته فقط عمل ڪرڻ جا پابند آهيون، حڪمن ۾ هيرا ڦيري ۽ ڪمي بيشي جا پاور فقط الله کي آهن. رسول الله ﷺ به ته الله جي حڪمن تي عمل ڪرڻ جا پابند آهن. حرام حلال، جائز ناجائز، پاڪ پليت، حق ناحق ۾ ردو بدل جو اختيار ته رسول الله ﷺ کي به نه هو. بس حرام حلال، جائز ناجائز بابت جيڪو حڪم الله تعاليٰ وٽان وحي ذريعي نازل ٿيندو هو ته رسول الله ﷺ اهو نازل ٿيل حڪم امت تائين پهچائيندا هئا. ڇو ته، خود رسول الله لفظ جي معنيٰ به اها ئي آهي ته، الله جو پيغام پهچائڻ وارو، خدا جو قاصد.
    مذڪوره تشريح مان هي سمجهه ۾ آيو ته، اهل سنت والجماعت، اهڙي جماعت آهي جيڪا خالص موحد آهي، شرڪ کان ڪوهين ڏور، سنت طريقي تي هلڻ واري جماعت آهي ۽ بدعت ۽ غير شرعي ريتن رسمن ۽ رواجن کان پاڻ کي بلڪل پري رکن ٿا. پر جيڪڏهن اهل سنت والجماعت جو نالو سڏائيندڙ توحيد سان گڏ شرڪ به ڪري، سنت طريقي تي هلڻ سان گڏ بدعت به ڪندو رهي، ۽ جن ڪمن ۽ رسمن جو شريعت ۾ ڪو به ثبوت ڪونهي ۽ نه ڪي اصحابن سڳورن اهي ڪم ۽ ريتون رسمون ادا ڪيون ته پوءِ اها جماعت اهل سنت والجماعت سڏائڻ جي حقدار ڪونهي بلڪ ان جو نالو ته اهل بدعت والضلالت يا اهل سرقه والحماقت هئڻ کپي. ڇو ته جيڪو عمل، يا نظريو ۽ خيال، عقيدو يا فڪر قرآن شريف ۽ حديث رسولﷺ جي اصولي تعليم ۽ حضور سائين جي سنت طريقي ۽ صحابه ڪرام جي ڀلاري جماعت جي طريقي جي خلاف هجي ته پوءِ، اهو عمل، اهو نظريو اهو خيال، اهو عقيدو ۽ اهو فڪر سراسر گمراهي ۽ حق جي راهه ۽ صراط مستقيم واري سڌي واٽ کان ته صفا پري ٿي ويو!! اسان جيتوڻيڪ پنهنجي ڳالهه کي طُول ڏيئي ڊگهو بيان ڪيو آهي. پر جيئن ته، موجوده دؤر جي فقيراڻي رنگ ۽ فقيري رستو اختيار ڪندڙ فردن توڙي جماعتن ۾ شرڪ، بدعت ۽ غير شرعي رسمن رواجن کان پاسو نه ٿو ڪيو وڃي بلڪ اڪثر ڪم شريعت جي حڪمن خلاف ڪيا وڃن ٿا، تنهنڪري پنهنجو ذاتي فرض ۽ مسلمانن جي اجتماعي خير خواهي نظر ۾ رکي تفصيل سان لکيو اٿئون.
    اهل سنت والجماعت جي طريقي تي هلڻ وارو، حقيقت ۾ دنيا جي سمورن شوقن ۽ خواهشن کان ڪناره ڪش ٿي فقيري زندگي گذاريندڙ هوندو. ڇو ته، هن وٽ دنيا جو نه هوس حرس هوندو ۽ نه ڪي طمع لالچ ۽ مال مايا ميڙڻ جي طلب ۽ تانگهه. جيئن آقاءِ نامدار سرور ڪونين ﷺ جي زندگي فقر و فاقه، مسڪيني ۽ غربت ۾ گذري، ۽ صحابه ڪرام آخر وقت ۾ جيتوڻيڪ مالدار به ٿي ويا هئا پر هنن جي شاهوڪاري عام ماڻهو جي مدد ۽ ڀلائي جي ڪمن ۾ پئي خرچ ٿيندي هئي، ۽ هنن ڀلارن جي ذاتي زندگي فقيري ۽ مسڪيني حال واري سادگي ۽ ڪفايت قناعت سان پئي گذري، تيئن انهن ڀلارن جي نقش قدم تي هلڻ وارن نيڪوڪارن جي ذاتي زندگي به مسڪيني حال ۾ پئي گذرندي.

    ولايت:
    ولايت جو لفظ ولي مان ورتل آهي. ولي جي معنيٰ دوست، وارث. الولاء عربي ۾ محبت، دوستي، ويجهڙائي ۽ قرابت کي چئجي ٿو. الله جو دوست هر اهو ماڻهو آهي جيڪو الله ۽ سندس رسولﷺ تي ايمان رکي ٿو ۽ چڱن عملن سان زندگي گذاري ٿو ۽ هر قسم جي گناهن کان پاڻ کي بچائي ٿو.
    قرآن شريف ۾ فرمان آهي ته، اَللّٰهُ وَلِيُّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا. (سيپارو 1 سورت البقرة آيت 257) يعني الله تعاليٰ ايمان وارن جو دوست آهي. الله تعاليٰ کي وحده لا شريڪ ڪري مڃڻ جو عقيدو، سڀني عبادتن لاءِ بنياد آهي. اها ڳالهه (خدا کي وحده لا شريڪ ڪري مڃڻ) الله تعاليٰ کي ايتري پسند آهي جو جيڪو ماڻهو الله تعاليٰ جي هيڪڙائي بيان ڪري ٿو ۽ هن جي وحدانيت جي واکاڻ ڪري ٿو ته، الله تعاليٰ ملائڪن جي سامهون ان ماڻهو جو ذڪر ڪري ٿو ته، ڏسو منهنجو ٻانهو فقط مون کي پيو واکاڻي ۽ مون کي پيو پڪاري. انهي ڪري الله تعاليٰ اعلان ڪيو ته، جيڪو مون کي مڃي ٿو ته، آئون ان جو دوست آهيان. ٻئي هنڌ قران شريف ۾ ارشاد آهي ته، وَاللّٰهُ وَلِيُّ الْمُؤْمِنِيْنَ. (سورت آل عمران آيت 68) يعني الله تعاليٰ مومنن جو دوست آهي. ساڳي ڳالهه کي وري ٻئي انداز ۾ قرآن شريف اندر هنئين فرمايو ويو ته، وَاللّٰهُ وَلِيُّ الْمُتَّقِيْنَ (سيپارو 25 سورت جاثيھ آيت 19) انهي آيت سڳوري ۾ الله تعاليٰ پنهنجي دوستي ۽ ولايت جو تاج عطا ڪرڻ لاءِ تقويٰ (پرهيزگاري ۽ خوف خدا) کي شرط بنايو آهي يعني جيڪو خدا جي بي فرماني ۽ گناهن کان بچي ٿو سو خدا جو دوست آهي. تڏهن ته، بي بي رابعه بصري فرمائيندي هئي ته، توهان الله سان محبت جي دعويٰ به ڪريو ٿا ته، ان جي بي فرماني به ڪريو ٿا. الله تعاليٰ حضور اڪرم ﷺ جو به ولي (دوست) آهي جيئن قرآن شريف ۾ فرمايل آهي ته، اِنَّ وَلِيّۦ اللّٰهُ الَّذِيْ نَزَّلَ الْكِتٰبَ ڮ وَهُوَ يَتَوَلَّى الصّٰلِحِيْنَ (سورت الاعراف آيت 196 سيپارو 9) يعني بيشڪ منهنجو ولي (دوست) ته الله تعاليٰ آهي جنهن قرآن پاڪ لاٿو ۽ اهو نيڪوڪارن کي دوست بنائي ٿو.
    ولايت جو صاحب خدا کي روحاني حوالي سان بنهه ويجهو ۽ قريب هوندو آهي. ولايت جا ٻه قسم آهن. هڪ ولايت عام ۽ ٻيو ولايت خاص. ولايت عام ته سڀني ايمان وارن مومنن کي شامل آهي. پر ولايت خاص انهن سلوڪ ۽ معرفت وارن سالڪن سان خاص آهي، جن جي پوري زندگي تقويٰ تي گذري، تان جو انهي حال ۾ واصل بالله ٿيا. انهي ڪري عرف عام ۾ ولايت جو صاحب ان شخص کي سمجهيو وڃي ٿو جيڪو روحاني منزلون (ذڪر فڪر وغيره) طئي ڪري چڪو هجي ۽ سندس سموري حياتي پاڪائي پرهيزگاري، خوفِ خدا ۾ گذري هجي، اهڙي شخص کي ولي الله سڏجي ٿو. ولايت جو درجو ڪسبي آهي. ڪسبي جو مطلب ته ڪمائي سان حاصل ٿيڻ وارو درجو. پاڪائي، پرهيزگاري، عبادت رياضت جهڙي محنت ڪرڻ سان اهو درجو حاصل ٿئي ٿو. پر نبوت، صديقيت، ۽ صحابيت جا درجا ڪسبي ناهن بلڪ اهي وهبي آهن. وهبي جو مطلب ته، اهي درجا خدا جي خصوصي چونڊ جي نتيجي ۾ حاصل ٿين ٿا. الله تعاليٰ جنهن کي چاهي اهي درجا نصيب ڪري. ڪو به ماڻهو ڪيتري به عبادت ڪري، ڪيترو به خوف خدا ۽ تقويٰ رکي، پر ان کي اهڙي ڪمائي ڪرڻ سان به نبوت، صديقيت، صحابيت جو درجو ۽ مقام مرتبو حاصل ٿي نه سگهندو. ڇو ته اهي درجا اصطفائي ۽ اجتبائي مقام (خدائي چونڊ ۽ انتخاب وارادر جا آهن) جيئن قرآن شريف جون هيٺيون آيتون انهي مفهوم ۽ مطلب جي تائيد ڪن ٿيون.
    (1) اَللّٰهُ يَصْطَفِيْ مِنَ الْمَلٰۗىِٕكَةِ رُسُلًا وَّمِنَ النَّاسِ ۭ.
    (سورت حج آيت 75 رڪوع 10 سيپارو 17)
    يعني ته، الله تعاليٰ ملائڪن مان به خاص خاص ملائڪ چونڊي ٿو، جن جي هٿان، هيٺ ڌرتيءَ تي انبيائن سڳورن ڏانهن تشريعي احڪام (يعني حلال حرام، پاڪ پليت، جائز ناجائز، حق ناحق وغيره بابت حڪم) ۽ عام ملائڪن ڏانهن تڪويني احڪام (يعني جيڪي دنيا ۾ ٿي گذريو يا ٿي رهيو آهي يا ٿيڻو آهي ۽ هر ماڻهو سان جيڪي ماضي ۾ ٿيو يا زمان حال ۽ مستقبل ۾ ٿيڻو آهي تنهن بابت حڪم) موڪلي ٿو. ماڻهن مان به خاص خاص ماڻهو چونڊي ٿو جن کي احڪام ڏيئي ٻين ماڻهن تائين، انهن احڪامن جي پهچائڻ جي مٿن ذميواري رکي ٿو. انهي جو خلاصو مطلب هي ٿيو ته، الله تعاليٰ پنهنجي مرضي سان جنهن کي چاهي، لائق ۽ مناسب سمجهي تنهن کي نبوت ۽ رسالت (پيغام پهچائڻ) لاءِ چونڊي ٿو. نبوت ۽ رسالت ماڻهن جي انتخاب ۽ اليڪشن ذريعي نه پر الله جي چونڊ سان ٿئي ٿي. انهي ڪري ئي اسان مٿي لکيو هو ته، نبوت ۽ رسالت جو مقام وهبي آهي.
    (2) اِنَّ اللّٰهَ اصْطَفٰٓي اٰدَمَ وَنُوْحًا وَّاٰلَ اِبْرٰهِيْمَ وَاٰلَ عِمْرٰنَ عَلَي الْعٰلَمِيْنَ 33 ؀ۙ.
    (سورت آل عمران آيت 33 رڪوع 4 سيپارو 3)
    ترجمو: بيشڪ الله چونڊيو آدم کي ۽ نوح کي، ۽ ابراهيم جي اولاد کي ۽ عمران جي اولا دکي سڀني جهانن تي (سندن دؤر ۾).
    (3) اَللّٰهُ اَعْلَمُ حَيْثُ يَجْعَلُ رِسَالَتَهٗ .
    (سورت انعام آيت 124 رڪوع 15 سيپارو 8)
    ترجمو: الله خوب ڄاڻي ٿو جتي ڪري پنهنجي رسالت کي.
    (4) وَاجْتَبَيْنٰهُمْ وَهَدَيْنٰهُمْ اِلٰى صِرَاطٍ مُّسْتَـقِيْمٍ 87؀.
    (سورت انعام آيت 87 رڪوع 10 سيپارو 7)
    ترجمو: ۽ چونڊيو سون انهن کي ۽ هدايت ڪئي سون انهن کي رستي سڌي ڏانهن.
    (5) اَللّٰهُ يَجْتَبِيْٓ اِلَيْهِ مَنْ يَّشَاۗءُ وَيَهْدِيْٓ اِلَيْهِ مَنْ يُّنِيْبُ 13؀.
    (سورت شوريٰ آيت 13 رڪوع 2 سيپارو 25)
    ترجمو: الله چونڊي ٿو پنهنجي طرف جنهن کي گهري، ۽ رستو ڏيکاري ٿو پاڻ ڏانهن ان کي جيڪو موٽي ٿو.
    جيئن رسالت ۽ نبوت، صديقيت ۽ صحابيت جا درجا مافوق البشر (انسان کان مٿي ٻي ڪنهن مخلوق لاءِ) ناهن تيئن ولايت به مافوق البشر ناهي. جن شين جي ضرورت سڀني انسانن کي آهي، تيئن انهن اوچي درجي ۽ مقام وارن انسانن کي به آهي. کائڻ پيئڻ، ڏک سک، بيماري پوڙهپڻ، گرمي سردي، شادي اولاد، اهل عيال وغيره انهن جي اعليٰ مقام ۽ مرتبي کي گهٽائي نه ٿو. ڇو ته اهي انساني ضرورتون ۽ لوازمات جيئن هر ڪنهن انسان سان لاڳو آهن، تيئن هنن ڀلارن سان به بشري تقاضائن مطابق لاڳو آهن. مڪي جي قريش مشرڪن کي غلط فهمي ٿي پئي ته، جيڪو الله جو رسول هوندو سو نه کائيندو نه پيئندو. نه شادي ڪندو نه اولاد هوندس. نه ننڊ ڪندو نه آرام. نه هلندو ڦرندو نه ڪچهري ڪندو. حالانڪ اهي سڀ بشري ضروتون ۽ تقاضائون آهن جيڪي گهٽ وڌ ضرور شامل رهنديون. قرآن شريف مڪي جي قريش ڪافرن جي اهڙي غلط فهمي جي ترديد ڪئي هڪ هنڌ قرآن شريف انهن ڪافرن جي انهي غلط خيال ۽ اجائي سوچ کي هينئن بيان فرمايو ته، مالهذا الرسول يا ڪل الطعام و يمشي في الاسواق. يعني هي ڪهڙو رسول آهي جو کاڌو به کائي ٿو ته، بازارن ۾ به هلي ڦري ٿو؟! مڪي جي قريش ڪافرن جي نظر، پيغمبر ڪريم ﷺ جي فقط انهي ظاهري اٿي ويٺي تي هئي. انهي ڪري هيءَ ڳالهه واضح ڪري ڇڏيون ته، جنهن ماڻهو جي نظر، خدا وارن ڀلارن جي ظاهري حال تي هوندي سي فيض وٺڻ کان محروم ٿي ويندا ۽ دنيا آخرت جو نقصان الڳ ٿيندن. اها ئي ته ظاهري نظر هئي جنهن ابو جهل قريشي ڪافر ۽ ابو لهب قريشي ڪافر کي ايمان ۽ اسلام جي عظيم نعمت کان محروم ڪري ڇڏيو. ڀاڳ وارو اهو آهي، جنهن جي نظر الله وارن جي ظاهر تي گهٽ پر انهن جي باطني وصفن تي وڌيڪ هجي. انهن جي تقويٰ، پرهيزگاري، خوف خدا، عبادت اطاعت، الله جي حڪمن تي پابندي سان عمل ڪرڻ ۽ آقاءِ نامدار ﷺ جي سنت طريقي تي نظر هجي ته، انهي راهه تي هلندڙ الله وارن جي فرمانبرداري جو ڇا مقام ۽ مرتبو آهي!!؟

    وليءَ جي سڃاڻپ:
    جيئن ولايت جا ٻه قسم آهن تيئن ولي به ٻن قسمن جا آهن. هڪ ڪامل ولي ٻيا متوسط (وچولا) ولي. وچولي، درمياني درجي واري ولي جي سڃاڻپ ته آسان آهي. ڇو ته ان جون ڪيتريون اهڙيون وصفون هونديون جن کي عام ماڻهو به سمجهي ۽ سڃاڻي ويندو. پر ڪامل ولي جي اندر ڪي اهڙيون خاص وصفون ۽ نشانيون هونديون آهن، جيڪي عام ماڻهو جي نظر کان اوجهل ۽ غائب هونديون آهن. سڀ ڪو ان کي سڃاڻي نه سگهندو. انهي ڪري ڪامل ولي کي سڃاڻڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي.
    ولايت هڪ روحاني منزل آهي جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ باطني سفر طئي ڪرڻو پوي ٿو. انهي سفر ۾ هلڻ وارن جا سندن ڪوشش، محنت، زهد ۽ عبادت، اتباع سنت ۽ تقويٰ وغيره جيڪري درجا ۽ مقام به مختلف ٿين ٿا. انهي ڪري ڪنهن به سلوڪ معرفت جي سالڪ اهل الله کي ڏسي ان جي مقام ۽ درجي متعلق ڪا يقيني راءِ قائم نه ٿي ڪري سگهجي. انهي جو مثال هيئن کڻي سمجهو ته، ڪنهن تمام بلند جبل جي چوٽي تي چڙهڻ لاءِ ڪيترا ماڻهو ڪوشش ڪن ٿا پر جبل جي تمام بلند چوٽي تي چڙهي وڃڻ ته فقط هڪ ٻن ماڻهن کي نصيب ٿيندو. باقي ٻيا ماڻهو جيتوڻيڪ چوٽي تائين پهچي نه سگهيا، ڪو هڪ هزار فوٽ جي بلندي تي پهتو، ته ڪو ٻه هزار فوٽ بلندي تي ته ڪو وري ٽي هزار فوٽن جي بلندي تي وغيره پر اهي چوٽي تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪرڻ وارا هوندا ته سڀ جا سڀ زمين جي سطح کان مٿي. انهي مثال مان ولايت جي صاحب ولي جا درجا ۽ مقام سمجهڻ کپن.
    هڪ حديث مطابق، وليءَ جي سڃاڻپ هي آهي ته، پاڻ ڪريمنﷺ فرمايو ته، جڏهن توهان ان کي ڏسو ته، اوهان کي الله ياد اچي وڃي. (ابن ماجھ) يعني ته ان جي چهري مان سندس پاڪائي، پرهيزگاري ۽ رجوع الي الله جا آثار پڌرا هوندا، جن کي ڏسي اهڙو اثر ٿيندو جو الله ياد اچي ويندو.

    ڪرامت ولايت لاءِ ضروري ناهي!
    ڪرامت ولايت لاءِ ضروري ناهي. يعني ته هر ڪنهن وليءَ لاءِ هي ڳالهه لازمي ناهي ته، هو ڪرامت جو صاحب هجي ۽ دنيا وارن کي ڪرامتون ڏيکاري ڇو ته، ڪرامت، ولايت جي لوازمات مان ناهي. ڪيترا اهڙا ڪامل ولي به ٿي گذريا آهن، جن جي هڪ به ڪرامت ناهي. هن ڪري ته، ڪرامت ولي جي اختيار ۾ ناهي. اها خدا جي مرضي آهي، چاهي ته، سندس ڪنهن نيڪ ٻانهي، بزرگ ولي جي هٿ تي ڪرامت ظاهر ڪري، دنيا وارن کي انهي ڀلاري بزرگ جي سچائي ظاهر ڪري ماڻهن جي دلين ۾ ان لاءِ عزت پيدا ڪري، جي وڻيس ته، ڪا به ڪرامت ظاهر نه ڪري. ڪرامت ولي جو اختياري فعل ناهي. اهو ائين آهي جيئن نبوت ۽ رسالت لاءِ معجزو ڏيکارڻ ڪو لازمي ناهي. ڪيترا اهڙا نبي ۽ رسول ٿي گذريا آهن جن کي ڪو به معجزو ڪو نه ڏنو ويو، ڇو ته معجزو نبي ۽ رسول جو اختياري فعل ناهي. جنهن جو مطلب ته، نبي يا رسول جيڏي مهل ۽ جتي چاهي ته معجزو ڏيکاري ائين ناهي، بلڪ اهو خدا جي مرضي ۽ اختيار ۾ آهي ته نبي يا رسول جي هٿ تي معجزو ظاهر ڪري، دنيا وارن آڏو سندس نبي ۽ رسول جي سچائي ظاهر ڪري. تذڪره غوثيه ۾ هي ڳالهه نظر آئي ته، حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني رحمة الله عليھ وٽ هر وقت مريدن ۽ معتقدن جو هجوم رهندو هو. وٽس خانقاه ۾ رهندڙ فقيرن لاءِ ننگر پاڻي جو به انتظام هوندو هو. هڪ ڀيري سندس ڪو مريد ڪپڙن ڌوئڻ جي ارادي سان آسپاس جي ٻنين ڏي ويو. جتي هڪ واٽر تي وڃي پهتو. واٽر جي ڀر ۾ نار ۽ هرلو هليو پئي جتان انهي واٽر ۾ پاڻي پئي وهيو جنهن مان ٻني سيراب ٿي رهي هئي. انهي نار تي ويٺل هڪ شخص صوفي بزرگ جي ويس ۾ تنهن مريد کي ڏسي کانئس حال احوال ورتو. مريد وراڻيو ته، آئون بادشاهه پير حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني جو مريد آهيان. اتي رهي پيو ذڪر فڪر ڪريان ته انهي صوفي بزرگ چيس ته تون بادشاهه پير وٽ ڪيترو وقت رهيو آهين؟ ته وراڻيائين ته، مون کي 30 40 سال ٿيا آهن. ننڍي هوندي کان وٺي هن عمر تائين اتي ئي رهيو پيو آهيان. ته وري پڇيائينس ته، انهي عرصي ۾ بادشاهه پير جي ڪا ڪرامت ڏٺئي؟ مريد وراڻيو ته مون ڪا به ڪرامت ڪا نه ڏٺي. تنهن تي هن جڙتو صوفي بزرگ چيو ته، جي آئون توکي ڪرامت ڏيکاريان ته تون مون کي مڃيندين؟ مريد وراڻيو ته، پوءِ آئون توهان جو مريد ٿيندس. اهو ٻڌي انهي جعلي بزرگ چيو ته، سامهون بيٺل پوک ڏي ڏسجانءِ. ان جي سامهون ڪجهه ڀاڄيون ڀينڊيون ميها وغيره پوکيل هئا. ٿوري دير ۾ نظر آيو ته، ڀينڊين جي بجاءِ اتي توريون، ته ميهن جي بجاءِ ڇاهيون نظر آيون. اهو ڏسي مريد حيران ٿي ويو ۽ ڪپڙا کڻي واپس ٿي ويو ۽ وڃي خانقاهه مان پنهنجو سامان کڻڻ لڳو ته، انکي بادشاهه پير ڏسي پڇيو ته، ڪيڏانهن ٿو وڃين؟ ته چيائين سائين! آئون توهان وٽ 30 40 سال رهيس پر توهان ته هڪ به ڪرامت ڪا نه ڏيکاري! آئون ٿوري دير لاءِ پريان صوفي بزرگ وٽ ويس ڪپڙن ڌوئڻ لاءِ ته هن منٽن ۾ ڪرامت ڏيکاري. اهو ٻڌي حضرت بادشاهه پير فرمايو ته، جي تون وڃين ٿو ته ڀلي وڃ، پر هڪڙي ڳالهه ٻڌيو وڃ. تون مون وٽ جيترو به وقت رهيو آهين منهنجي ڪنهن به ڳالهه يا ڪم ۾ سنت طريقي جي خلاف ڏٺئي؟! ته مريد عرض ڪيو ته، سائين! مون توهان جو ڪو به ڪم سنت جي خلاف نه ڏٺو ته حضرت بادشاهه پير فرمايو ته، الله جي ولي جي وڏي ڪرامت اها ئي آهي جو هن جو ڪو به ڪم سنت (حضور ڪريم ﷺ جي طريقه) جي خلاف نه هجي.
    انهي واقعي کي سامهون رکي هي ڳالهه چونداسين ته، الله جو ولي ته، اهو آهي جيڪو خدا جا فرض، واجب، سنتون، نفل ۽ مستحب تائين جيڪي ڪم آهن سي به ادا ڪرڻ وارو هجي. انهن فرضن ۽ واجبن ۾ حقوق الله ۽ حقوق العباد جا سمورا احڪام به شامل آهن جيڪي عبادات، معاملات ۽ اخلاقيات وغير جا آهن.
    ڏهين صدي هجري جي مشهور بزرگ ۽ عالم عبدالوهاب شعراني فرمايو ته، ڪرامتن جو ظاهر ٿيڻ، ولايت (ولي هجڻ) لاءِ شرط ڪونهي. ولي هجڻ لاءِ شرط فقط الله جي حڪمن تي عمل ڪرڻ ۽ ان جي منع ڪيل ڳالهين کان پري رهڻ آهي. ان جو ڪاروهنوار، ڏيتي ليتي، اٿي ويٺي قرآن ۽ حديث جي دليلن سان وابسته هجي. جيڪو شخص اهڙو هوندو ته ان جي ولايت تي قرآن شريف شاهد آهي. جيتوڻيڪ ڪو هڪ ماڻهو به ان جو معتقد نه هجي ۽ نه ان وٽ مريدن جي جماعت هجي. (تفسير مظهري جلد 5)
    هڪ ڀيري شيخ عبدالله بن مبارڪ، حضرت امام حسن بصري تابعيرحه کان پڇيو ته، ولي ڪير ٿيندو آهي؟ ته وراڻيائين ته، هوالذي يڪون في وجهھ حياء، وفي عينھ بڪاء، وفي قلبھ صفاء وفي لسانھ ثناء، وفي يده عطاء، وفي وعده وفاء ، وفي لطفھ شفاء. ترجمو: ولي اهو آهي جنهن جي منهن ۾ حياء، اکين ۾ خوف خدا کان لڙڪ، دل ۾ صفائي ۽ پاڪائي، زبان تي الله جي ساراهه، هٿ ۾ بخشش ۽ سخاء، وعدي ۾ وفا، سندس ڳالهه ۾ برڪت ۽ شفا هجي.

    الله جي ولي جون عام طرح هي نشانيون آهن.
    1. الله وحده لاشريڪ جي عبادت، بندگي، ٻانهپ ڪري، ڪنهن به غير جي آڏو نه جهڪي، هر ڳالهه ۽ هر حال ۾، توڙي هر ڪم ۾ الله تعاليٰ تي يقين، اعتماد، ۽ پورو ڀروسو ڪري، ان هڪڙي پالڻهار ۽ ڏيهن جي ڏاتار جو محتاج رهي، هر پل ۽ هر گهڙي پنهنجي قول فعل ۾ الله ڏانهن رجوع ڪري.
    2. هر صورت ۾ رسول الله ﷺ جي اطاعت (تابعداري) ڪري، سندن سنت طريقي کي نه ڇڏي.
    3. الله جي سموري مخلوق (ماڻهو ڇيڻو، ڍور ڍڳو، پکي پکڻ، وڻ ٽڻ وغيره) جي خدمت ڪري ۽ انهن جي ايذائڻ نه پر انهن سان همدردي ۽ پرگهور سار سنڀال وارو رويو ۽ جذبو رکي.
    ڇا وليءَ کي سندس ولايت جو پتو پئجي سگهي ٿو؟
    ولايت بابت هن وضاحتي مضمون ۾ پڇاڙي هن سوال جي جواب تي ڪريون ٿا ته، ڇا ڪنهن وليءَ کي سندس ولايت (ولي هجڻ) جو خود بخود پتو پئجي وڃي ٿو؟ يا کيس ماڻهو ۽ سندس مريد، معتقد ٻڌائن ٿا ته تون ولايت جي مقام ۽ مرتبي تي پهچي ويو آهين! انهي جو عام فهم جواب هي آهي ته، هر ڪامل ولي پنهنجي مقام ۽ مرتبي کي ذاتي احساسات ۽ مشاهدن ذريعي پاڻيهي معلوم ڪري وٺي ٿو. اها ڳالهه هيئن سمجهڻ کپي ته، ڪو نوخيز ڇوڪرو پاڻ کي سندس ڪن جسماني نشانين ذريعي پاڻيهي معلوم ڪري وٺي ٿو ته، هو بالغ ٿي ويو آهي. بلوغت بابت ٻئي ڪنهن جي ٻڌائڻ جي ضرورت ئي ڪونهي. ڇو ته، بلوغت جو حال سندس اندروني مسئلو آهي جنهن کي ٻين کان وڌيڪ هو خود ئي محسوس ڪري وٺو. پر ڪامل ولي، ولايت کي خدائي امانت سمجهي راز ۾ رکي ٿو، ماڻهن جي اڳيان اهڙو ڪو به راز نه ٿو کولي. جيڪڏهن ڪو پاڻ کي ظاهر ظهور ۽ علي الاعلان پيو ولي سڏائي ۽ پاڻ کي پيو پڏائي ته، آئون ولايت جي فلاڻي درجي ۽ مقام تي پهچي ويو آهيان ته اهو غلط بياني ڪري ماڻهن کي دوکو ۽ فريب ڏيئي رهيو اهي، اهو ولي سڳورو ناهي پر ولايت جي آڙ ۾ شهرت جو بکيو ۽ نام نمود جو طالب ۽ ڪو ڏيو آهي. اهو الله جو ولي نه پر نفس جو غلام ۽ شيطان جو آله ڪار آهي. اها ڳالهه هن مثال مان اڃا به وڌيڪ آساني سان سمجهي سگهجي ٿي ته، جنهن هرڻ ۾ مشڪ پيدا ٿي ويندي آهي ته، ان کي پاڻيهي پتو پئجي ويندو آهي ته، منهنجي نافه (دُن) ۾ مشڪ پيد اٿي وئي آهي. پوءِ انهي هرڻ جا سک ڦٽي پوندا آهن، ننڊون حرام ٿيو وڃنس. هر وقت کيس هي کٽڪو ۽ خطرو رهندو آهي ته، متان ڪو شڪاري اچي منهنجو دُن وڍي کڻي نه وڃي. اهڙي بيچيني ۾ ننڊ به بيٺي بيٺي ڪندو آهي ۽ هر وقت چوڪس رهندو ۽ کڙڪي ٻڌڻ تي ڇال هڻي هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي ڀڄي ويندو آهي. اهڙي طرح جنهن نيڪ ڀلاري شخص کي ولايت واري نسبت الله تعاليٰ وٽان عطا ٿي ويندي آهي ته، اهو هر وقت هلندي ڦرندي، اٿئي ويٺي، ڳالهائيندي ٻولهائيندي، کائيندي پيئندي پنهنجي دل ۽ نظر کي هر قسم جي مڪروه ۽ حرام شيءِ کان بچائيندو رهندو آهي ته متان ڪو عمدو لذيذ کاڌو، يا ڪو حسين خوبصورت ماڻهو سامهون نه اچي، يا ڪو اندر ۾ ابليس ڌاريندڙ انسان اچي ڪا شرارت نه ڪري، جنهن جي فريب، حرص ۽ طمع ۾ منهنجو ايمان کسجي نه وڃي.


    صوفيت، صوفي ازم ۽ تصوف

    از: مولوي محمد يامين شورو

    اهي ٽيئي لفظ ويجهي ويجهي معنيٰ رکن ٿا. تنهنڪري قريب المعنيٰ يا هم معنيٰ لفظ چئجن. مفهوم جي لحاظ کان صوفيت، صوفي طريقي يا انهي جماعت کي چئجي جيڪا تصوف واري سلسلي جي هجي.
    مذڪوره نالن جي اشتقاق ۽ اصل مادي جي باري ۾ عربي ٻولي جي ماهرن جو ڪنهن هڪ مادي تي اتفاق ڪونهي. ڪي ان جو اصل مادو صفا، ته ڪي صفھ، ته ڪي وري صف ٻڌائن ٿا، پر اسان جي سمجهه ۾ صوفيت، صوفي، يا تصوف جو اصل مادو صوف آهي، جنهن جي معني! اُن اوني لباس پائڻ کي عربي ۾ تصوف چئجي ٿو. جيئن قميص پائڻ کي عربي ۾ تقمص چئجي ٿو، ته اهو اشتقاق اسان کي ڪنهن حد تائين درست لڳي ٿو. جيتوڻيڪ صوفي طريقي وارن سڀني جو لباس اوني ڪو نه هو پر اڪثريت جو اوني لباس هو.

    صوفيت:
    صوفين وٽ اسلامي علمن جا ٻه قسم آهن هڪ ظاهري ٻيو باطني ظاهري علم مان مراد شريعت آهي ۽ باطني علم اهو آهي جيڪو چند صحابه ڪرام جهڙوڪ: حضرت ابو بڪر صديق، حضرت علي، ۽ حضرت ابو ذر غفاري وٽان نقل ٿيو. حضرت ابو بڪر کان حضرت سلمان فارسي ته حضرت علي کان امام حسن بصري اهو علم نقل ڪيو.

    قرآن شريف ۾ صوفي يا صوفيت يا تصوف جي نالي سان ڪو به اصطلاح ڪو نه ٿو ملي. جيئن هن کان علاوه ٻئي مضمون (تصوف ۽ طريقت جا سلسلا) ۾ ذڪر ڪري آياسون ته، اهو تصور اسلام جي پهرئين نسل (صحابه ڪرام) ۾ موجود ئي ڪو نه هو. مشهور مؤرخ علامه ابن خلدون جي لکڻ مطابق ته، اهو اصطلاح ٻي صدي هجري ۾ ڏسڻ ۾ آيو. ابن خلدون جا لفظ هي آهن ته صوفيت مان مراد پاڻ کي پوري طرح الله جي حوالي ڪري ڇڏڻ. (جيڪو حقيقت ۾ اسلام جو تصور به آهي) ۽ اهي صوفي، مڪمل روحاني پاڪائي، انسان جي اندروني ڪيفيتن، وجود جي فطرت، ۽ دنياوي خوشين، مزن کان پري ٿي عبادت ۽ الله جي ٻانهپ تي زور ڏين ٿا. جيستائين اهي سمورا طور طريقا حضرت محمدﷺ وٽان آندل الله جي پيغام جي حدن اندر رهندي اختيار ڪيا وڃن ته ايستائين ته لفظ صوفي ۽ تصوف جي بجاءِ ان کي شريعت ئي چئي سگهجي ٿو. ڇو ته جڏهن سڀ ڪجهه قرآن ۽ سنت جي مطابق ئي آهي ته، پوءِ ان کي تصوف ڇو چيو وڃي هن ڪري ته، انهي لاءِ ته شريعت جو اصطلاح پاڻ سڳورن جي قريب ترين زماني کان ئي موجود هو. پر پوءِ ان ۾ اسلامي حڪومت جي پري پري تائين پکڙي وڃڻ ڪري، اسلام کان اڳ وارا يوناني ۽ ايراني فلسفيانه خيال شامل ٿيڻ لڳا. انسان ۽ ڪائنات جو تعلق، الله سان ويجهڙائي، دنياداري کان ڪناره ڪشي، انسان جي بي وسي جهڙا تصور شامل ٿيڻ کان پوءِ صوفيت پنهنجي شڪل اختيار ڪرڻ لڳي انهي قسم جي روحاني پاڪائي ۽ عبادت جي تصور کي قرآن شريف جي سورت الحديد جي آيت نمبر 27 ۾ رهبانيت جو نالو ڏنو ويو آهي. ۽ ان کي خود انسان جي تخليق (گهڙيل، ٺاهيل) سڏيو ويو آهي.
    اردو جي مشهور شاعر ڊاڪٽر سر اقبال سيالڪوٽي، اسلام ۾ تصوف جي تصور کي اسلام جي زمين تي هڪ ڌاريو ۽ اجنبي تصور قرار ڏنو آهي جيڪو غير عرب (اسلام جي وسيع ٿيڻ ڪري) ۽ (اسلام کان اڳ واري) ايراني عقليت پسند ماحول ۾ وڌيو ويجهيو. ڊاڪٽر اقبال تصوف جي باري ۾ اها راءِ سيد سليمان ندوي جي نالي 13 نومبر 1917ع تي پنهنجي هڪ خط ۾ هنن لفظن سان تحرير ڪئي آهي. هيءَ صحيح آهي ته، اسلام ۾ تزڪيه نفس ۽ روح تي زور ڏنو وڃي ٿو ۽ انهي تزڪيه کي حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ صوفين جا ٻه قسم نظر اچن ٿا. هڪ اهي صوفي جيڪي مڪمل نموني پاڻ کي قرآن شريف ۽ شريعت جي حدن ۾ رکندي ائين ڪندا رهيا (۽ ڪري رهيا آهن) ۽ ٻيا اهي صوفي جيڪي غير مسلم فڪرن ۽ فلسفن سان گدلي ٿيل تصوف تي هلندا هئا (۽ هلن ٿا) يعني هميشه هڪ اهڙي صوفيت به موجود رهي آهي جيڪا ڪنهن به طرح اسلام سان تعلق نه ٿي رکي ۽ ڪيترا صوفي اهڙا به آهن، جو صوفيت جي رياضتن مان گذرڻ بعد هڪ اهڙي درجي تائين پهتا جو ان کان پوءِ هنن پاڻ کي اسلام کان الڳ ڪري ڇڏيو.
    ننڍي کنڊ هندستان ۽ پاڪستان ۾ اسلام جي اشاعت ۽ پکيڙڻ لاءِ صوفي بزرگن جو ڪردار تمام گهڻو اهم تسليم ڪيو ويو آهي.
    جيتوڻيڪ محمد بن قاسم کان به اڳ هتي سنڌ ۾ اسلام جي دعوت ڪن اصحابن سڳورن جي معرفت پهچي چڪي هئي. سنڌ جي هڪ نامور عالم حضرت علامھ غلام مصطفيٰ قاسمي حيدرآباد واري تصديق سان لکيو آهي ته، روايت ڪئي وئي آهي ته، رسول الله ﷺ پنهنجن پنجن اصحابين کي سندن خط ڏيئي سنڌين ڏانهن موڪليو. جڏهن اهي سنڌ ۾ نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) ۾ پهتا ته اتي جي ڪن ماڻهن اسلام آندو. ان کان پوءِ ٻه اصحابي سڳورا ميزبان سنڌي کي ساڻ ڪري سنڌ کان واپس وريا ۽ انهن مان ٽي اصحابي سڳورا سنڌ ۾ رهي پيا. (انهن جي تبليغ سان) ڪيترن سنڌين اسلام قبول ڪيو ۽ اهي سنڌين کي اسلام جا احڪام ٻڌائيندا رهيا ۽ اتي ئي سنڌ ۾ وفات ڪيائون. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي انهن روايتن تي محدثانه طور بحث به ڪيو آهي. اسان کي هنن روايتن جي ٻين تاريخي حوالن سان به تائيد ملي آهي. (بياض هاشمي قلمي ورق 2 بحواله مقدمو نور القرآن ص 2 ۽ 3) پر محمد بن قاسم جي سنڌ فتح ڪرڻ ۽ محمود غزنوي جي هندستان تي حملن ڪرڻ سان گڏ دين اسلام جي بزرگن خاص ڪري صوفي فقيرن بزرگن جي سنڌ ۾ اچڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو. انهن صوفي فقيرن جي پر امن طريقو اختيار ڪرڻ ۽ انهن جي سهڻن اخلاقن ۽ ديني تبليغ جي نتيجي ۾ لکين ماڻهن اسلام قبول ڪيو.

    صوفي ازم:
    صوفي ازم ڇا آهي؟ اسان جي سماج ۾ اولياء الله، بزرگان دين يا صوفين جي باري ۾ هي تصور آهي ته، الله وارو اهو هوندو آهي جنهن جي هٿ ۾ تسبيح هجي، مصلو ڪلهي تي هجيس ته بدن تي گودڙي اوڍيل هجي. پر نه رڳو دين جي غلبه واري جدوجهد کان لاتعلق هجي بلڪ هن جو طرز عمل هيءَ هجي جو جيڪڏهن ڪو ان کي ٿپڙ هڻي ته، هو وريءَ ٻي ڳل پيش ڪري، يا جواب ۾ دعائون ڏيندو وڃي. ياد رهي ته، اهو تصوف ۽ طريقت ناهي. اسلامي تصوف جو موضوع ۽ مقصد جهالت کان ڇوٽڪارو ۽ رب جي معرفت حاصل ڪرڻ، تزڪيه نفس، روح کي انوار الاهي سان روشن ڪرڻ، دنيا ۽ ان جي عيش عشرتن کان منهن موڙڻ، حقيقي خالق سان مضبوط تعلق جوڙڻ، خدا جي مخلوق جي خدمت ڪرڻ آهي. انهي ڪري جيستائين تصوف جي مقصد ۽ موضوع جو تعلق آهي، سو ته سراسر دين آهي ۽ اهو مطلوب (گهربل) آهي. تصوف جو اصطلاح جيڪو اسان وٽ هلندڙ آهي سو غير قرآني آهي. قرآن ۽ حديث (ڪتاب و سنت) ۾ تصوف لاءِ اهم اصطلاح ”احسان“ آهي، جنهن جو مفهوم سهڻو سلوڪ ڪرڻ يا ڀلائي ڪرڻ آهي. بهرحال “تصوف“ غير قرآني اصطلاح هئڻ ڪري قرآن ۽ حديث جي چاهيندڙ شيدائين ۾ انهي اصطلاح کان دوري پيدا ٿي وئي. جنهن جو نتيجو هي نڪتو ته، شريعت ۽ طريقت ۾ وڇوٽي پيدا ٿي وئي. حالانڪ اصل ۾ شريعت ۽ طريقت ۾ ڪو به ڦير فرق يا وڇوٽي ڪو نه هئي. هاڻي اسان پنهنجي اصل موضوع جو جائزو وٺون ٿا ته، ڇا تصوف جو طريقو مسنون (سنت طريقي مان ثابت) ۽ منصوص (قرآن حديث جي متن مان نڪتل) آهي يا نه؟ ۽ بيو هي ته، دين جو اصل مخاطب هڪ فرد آهي يا پورو انساني سماج؟ يعني ته، هر انسان تي اصل ذميداري سندس خود جي آهي يا ٻين انسانن کي دعوت، تلقين، تبليغ، نصيحت جيڪا به ٿي سگهي سا ڪرڻ سندس ديني فرض ۾ شامل آهي؟ انساني شخصيت جي اندر ٻه متضاد عنصر، هڪ ٻئي جون ٻه مخالف طاقتون، هڪ ٻئي سان وڙهندڙ ٻه قوتون، هڪ سندس نفس حيواني ۽ ٻيو روح ملڪوتي موجود آهي. انهي ڪري روح کي طاقت وٺائڻ ۽ سگهارو ۽ طاقتور بنائڻ لاءِ گهربل اسباب مهيا ڪيو وڃي ۽ حيواني نفس کي سنوارڻ سڌارڻ لاءِ تزڪيه (پاڪ ڪرڻ جي ڪوشش) ڪئي وڃي. انهي تزڪيه جو مقصد نفس کي فنا ۽ ختم ڪرڻ، ماري ڇڏڻ ناهي بلڪ نفس کي ضابطي ۽ ڪنٽرول ۾ رکڻ آهي. ضبط نفس ۽ تزڪيه نفس اهي شيون گهربل آهن. اسلام ۾ نفس ڪشي (نفس ماري ڇڏڻ) جو ڪو به حڪم ڪونهي. جڏهن ته روح کي طاقت ۽ سگهه ڏيڻ لاءِ ذڪر الاهي آهي. جنهن جو نچوڙ ايمان آهي ۽ ذڪر الاهي ۾ اهم ترين شيءِ قرآن شريف آهي. جنهن جي باري ۾ الله تعاليٰ ارشاد فرمايو ته، هيءَ يعني قرآن ”الذڪر“ آهي. مطلب قرآن سڀ جو سڀ ذڪر اهو ئي آهي. ذڪر جو ٻيو ذريعو نماز آهي ۽ ان کي به قرآن جي پڙهڻ (قرئت) سان ادا ڪرڻو آهي. ذڪر جو ٽيو ذريعو مسنون (حديثن ۽ پاڻ سڳورن جي معمولات مان ثابت) ذڪر اذڪار ۽ دعائون آهن. مطلب ته پاڻ سڳورن جن ذڪرن جي تلقين ڪئي آهي ۽ جيڪي دعائون کانئن نقل ٿيل آهن ۽ سندن روزمره جو معمول به هيون، انهن مسنون ذڪرن کي پنهنجي زندگي جو معمول بنائڻ سان ايمان جي مضبوطي ۽ گهرائي ۾ واڌارو ٿيندو رهندو. ايستائين جو انسان تصوف يا احسان جي منزل حاصل ڪري وٺي. احسان جو انفرادي هدف (احسان جي ذاتي منزل) ماڻڻ کانپوءِ هاڻي احسان جو اجتماعي هدف (احسان جي سماجي منزل) حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻي آهي ۽ اهو هدف آهي سماج ۾ هلندڙ ظلم واري نظام کي ختم ڪري، عدل انصاف واري نظام کي قائم ۽ جاري ڪيو وڃي، ته جيئن وڌ کان وڌ تعداد ۾ انسان، اسلامي تصوف يا احسان مان فائدو وٺي سگهن. ٿورو غور ڪريو ته، اهو ماڻهو ڪيتريقدر خود غرض چئبو، جيڪو سالن جا سال جهنگلن ۽ ويران بيابانن ۾ نفس کي مارڻ لاءِ تڪليفون پيو سهي. پاڻ کي پيو مانجهي ۽ رڳڙي، پر ٻئي طرف ڪروڙين انسان لڳاتار ظلم جي گهاڻي ۾ پيڙ هجي رهيا هجن. انسانن جي تمام وڏي اڪثريت لاءِ اهڙو موقعو ئي ميسر نه ٿو ٿئي جو ڪو اعليٰ خيال يا ڪو اوچو نصب العين انهن جي سوچ جي ڀرپاسي گذري. جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي روح کي نفس جي هٿ ڪڙين مان آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته، ٻين کي به ظلم ۽ ڦرلٽ کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي به جدوجهد ڪري، ته جيئن اهي به ايمان جي دولت مان فائدو وٺي سگهن. سياسي ڏاڍ، معاشي استحصال ۽ ڦرلٽ سماجي اوچ نيچ تي جڙيل سماجي نظام کان هڪ فرد متاثر نه هجڻ ممڪن ئي ڪونهي. پاڻ سڳورن جي هڪ حديث آهي ڪاد الفقر ان يڪون ڪفراً. يعني مسڪيني، سڃائي ۽ محتاجي انسان کي ڪفر تائين پهچايو ڇڏي.
    حقيقي صوفي ازم جي سلسلي ۾ هڪ ٻيو نڪتو به نوٽ ڪرڻ جهڙو آهي ته، خلق جي خدمت جون ٽي منزلون آهن. پهرين منزل: بکين کي کاڌو کارائڻ، ضرورتمندن جي مدد ڪرڻ، ٻي منزل: ماڻهن جي آخرت سنوارڻ جي ڪوشس ڪرڻ. الله جي طرف سڏڻ، انهي کان مٿي ڪا خدمت خلق ٿي نه ٿي سگهي جو انسان ٻين جي هميشه واري زندگي جي ڪاميابي لاءِ ڪوشش ڪري.
    ٽي منزل خدا جي خلق کي ظالماڻه نظام جي ڏاڍ ۽ استحصال ڦرلٽ وغيره کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. فقط پهرئين قسم جي خدمت کي سڀ ڪجهه سمجهڻ، دين جي خدمت خلق واري تصور کي محدود ۽ تنگ ڪرڻ جي برابر آهي. انهي سلسلي ۾ اصل حڪيمانه قول حضرت شاهه ولي الله جو آهي. هو فرمائي ٿو ته، ”جنهن سماج ۾ دولت جي تقسيم جو نظام غير منصفانه هجي ته، اتي هڪ پاسي دولت جا ڍير لڳي ويندا، عياشيون ٿينديون، بدمعاشيون ۽ خرمستيون هونديون، ته ٻئي پاسي مسڪيني ۽ سڃائي ۽ محتاجي جو دؤر دؤرو هوندو ۽ انسانن جي تمام وڏي اڪثريت حيوانن وانگر بار ڍوئڻ واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويندي. الله تعاليٰ کان امير به غافل ته غريب ۽ مسڪين به غافل هوندا. امير به محروم ته غريب محتاج به محروم. اهڙين حالتن ۾ انصاف واري سماجي نظام قائم ڪرڻ کانسواءِ انسانن جي تمام وڏي اڪثريت لاءِ روحاني ترقي جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿي سگهي.“

    تصوف:
    امام غزالي پنهنجي ڪتاب المنقذمن الضلال ۾ ڄاڻايو آهي ته، ”جڏهن آئون ٻين علمن مان فارغ ٿيس ته صوفين جي طريقي ڏانهه ڌيان ڏنم. مون کي معلوم ٿيو ته، انهن جو طريقو علم ۽ عمل سان تڪميل کي پهچي ٿو. انهن جي علمن جو مقصد آهي: نفس مارڻ (نفس کي ضابطه ۾ آڻڻ) اوڳڻن ۽ برين عادتن کان پاڪ ۽ صاف رهڻ، دل کي ٻيائي کان پري رکڻ، ۽ ان کي الله تعاليٰ جي ذڪر سان سينگارڻ ۽ سنوارڻ. امام غزالي جو اهو مشاهداتي بيان، حقيقت ۾ تصوف جي صوفيانه طريقي جو مختصر تعارف آهي. اها ئي صحيح معنيٰ تصوف جي طريقي جي سڃاڻپ آهي. صوفي بزرگن تصوف جي روشني ۾ انسانيت، اخلاقي اقدار، محبت، اخلاص ۽ عشق الاهي جو پيغام ڏنو آهي، ۽ نبي ڪريمﷺ سان محبت ڪرڻ ۽ سندن پيروي ڪرڻ جو درس ڏنو آهي. صوفيانه تعليم شريعت کان جدا ناهي. شريعت تي دل جي حضور سان عمل ڪرڻ کان پوءِ ئي سالڪ، طريقت جي منزل تي قدم رکي ٿو. طريقت جي روحاني منزل تي، الله تعاليٰ جي ربوبيت ۽ قدرت جي عجيب ڪارنامن ۽ ڪرشمن جي باري ۾ غور فڪر ڪرڻ سان حيرت ۾ وجهندڙ مشاهدا ماڻڻ بعد، الله تعاليٰ جي ذات جي معرفت ۽ سڃاڻ حاصل ٿيڻ ڪري معرفت جي منزل تي رسڻ کان پوءِ جيڪا ذات حق آهي تنهن جي حقيقت جي پروڙ حاصل ٿئي ٿي. جڏهن اها پروڙ ۽ پرک پوي ٿي ته، سالڪ کي دنيا جهان جي ڪا به ڪَل نه ٿي رهي، ۽ سالڪ حقيقت ۾ محو ۽ مستغرق رهي ٿو. تصوف جا اهي سڀ مول متا شريعت کان الڳ به ناهن ته شريعت سان ٽڪرائجن به ڪو نه ٿا. ڇو ته تصوف جو بڻ بنياد اسلامي تعليم ئي آهي.
    موضوع جي مناسبت سان بهتر ٿيندو ته، سنڌ جي سرتاج صوفي شاعر، سهروردي سلسلي جي سالڪ ۽ معرفت جي منزل ماڻيندڙ عارف حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان سر يمن ڪلياڻ داستان پنجين ۾ آيل صوفي فقيرن بابت ڪجهه بيت پيش ڪريون.
    صوفي سالم سي ويا، جي اڪثر سين اڏيار،
    بازي باز ندن کي آهي او يسار،
    پريان سين پهڪار، رنديءَ رساڻي ڪيا.
    ڏکين لفظن جي معنيٰ:
    صوفي: سالڪ.
    ويا: منزل تي پهتا.
    اڏيار: پاسو ڪندڙ
    اڪثر: گهڻ، ماڻهن جي رش، گوڙ.
    بازي: راند.
    بازندن: عشق جي رانديگرن.
    اويسار: اڻ وسرندڙ. وسرڻ نه جهڙو.
    پهڪار: هم صلاح. هم ڪلام.
    رِندي: مستي، عشق جي موج.
    رساڻي ڪيا: پهچايو. پڄايو.
    سمجهاڻي: جن صوفي فقيرن ماڻهن جي گهڻ، گوڙ ۽ رش کان پاسي ٿي گمنامي ۾ رهي عبادت رياضت سان پنهنجي منزل مقصود تي وڃي پهتا. هنن فقيرن سڀ ڪجهه بلڪ پنهنجو پاڻ حقيقي عشق تان گهوري قربان ڪري ڇڏيو. جڏهن صوفي فقيرن پنهنجو تن من ۽ ڌن رب جي رضا خاطر حقيقي عشق جي راهه ۾ قربان ڪيو ته، کين انهي قرباني جو اهڙو ته روحاني فائدو راحت ۽ سڪون مليو جو وسرڻ جوڳو آهي ئي ڪو نه. اهڙن صوفي فقيرن کي سندن عاشقانه عبادتن ۽ پرهيزگاري نيٺ وڃي حقيقي محبوب رب العالمين سان ملايو.
    صوفيءَ صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو،
    تهان پوءِ ٿيو، جيئري پسڻ پرينءَ جو.
    سمجهاڻي: صوفي فقيرن پنهنجي هستي، پنهنجي ذات، ۽ پنهنجو وجود وڃائي، پنهنجي مَين (انا) کي ميٽي دل مان ئي ڪڍي ڦٽو ڪري ڇڏيو. دل کي اهڙين سوچن، خيالن کان ڌوئي صاف ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي هستي وڃائي ڇڏيائون، هاڻي منجهن ڪو به وڏائو ۽ ڪا به مَين (انا) موجود ڪونهي. جڏهن دل جي آرسي ڌوپي صاف ٿي وئي ته اهڙي دل ۾ نور الاهي جا جلوا پيا ٿين ته جيئري ئي خدائي جلوي جي جوت پيا پسن ۽ انهي روحاني نظاري سان روح کي راحت پيا پهچائين.
    صوفي لا ڪوفي، ڪو نه ڀانئيس ڪير،
    منجهان ئي منجهه وڙهي، پڌر نه آهس پير،
    جنين ساڻس وير، ٿئي تنين جو واهرو.
    سمجهاڻي: صوفي فقيرن جو ڪو به الڳ فرقو ڪونهي. هي فقير انهن گروپ بندين جهڙي فرقي بازي کان بنهه پري آهن. هنن الله لوڪن جو اهڙن تفرقي جي ڪمن سان ڪو به واسطو ڪونهي. عام ماڻهو کي انهن جي مقصد جو پتو به ڪونهي. پر اڪثر سطحي نظروارا انهن جي حقيقت حال کي پروڙي به نه ٿا سگهن. ڇو ته، اهي فقير اندر جو اندر پنهنجي نفس کي مار ڏيڻ ۾ لڳا پيا آهن. انهن جي نفس سان ويڙهه بنهه ڳجهي آهي. نفس کي لڪل نمونه اهڙي ته سزا ٿا ڏين ۽ ان جي مستي ماري ٿا ڇڏين جو ڪنهن کي ڪو پتو ئي نه ٿو پوي. صوفي فقيرن ۽ الله لوڪن وٽ نفس سان ويڙهه ڪرڻ ۽ ان جي شر ۽ شرارتن کي ختم ڪرڻ لاءِ ذڪر ۽ تقويٰ ذريعي جدوجهد ڪرڻ، جهاد اڪبر آهي. اها ڳالهه اسان کي حضور اڪرمﷺ جي سيرت پاڪ ۾ هڪ واقعي مان نظر اچي ٿي. سو هيءَ ته پاڻ سڳورا جڏهن سن 7 هجري ۾ يهودين جو خيبر واور علائقو فتح ڪري واپس مديني شريف پهتا هئا ته، پاڻ مسجد نبوي ۾ اچڻ سان فرمايائون ته، رجعنامِن الجهاد الاصغر الي الجهاد الاڪبر. يعني ته اسان ننڍي جهاد کان فارغ ٿي هاڻي وري وڏي جهاد ڏانهن موٽي آيا آهيون. ننڍي جهاد مان مراد هئي خيبر واري لڙائي جيڪا يهودين سان ٿي هئي، ۽ وڏي جهاد مان مراد آهي نفس سان جهاد ڪرڻ. ڪافر سان وڙهڻ ۽ ان کي شڪست ڏيڻ، خنجر ڀالا، گرز، تيرن ۽ تلوارن سان وڙهڻ ظاهر ۾ وڏي بهادري، همت، پهلواني ۽ جرئت وارو ڪارنامو آهي، پر نفس سان ويڙهه ڪرڻ اُن کان به وڌيڪ ڏکيو ۽ مشڪل آهي. هن ڪري ته، ڪافر، مومن جو ٻاهريون دشمن آهي ۽ سو به پڌرو ۽ ظاهر ظهور ڏسڻ ۾ اچڻ وارو پر هي نفس ته اندر ۾ لڪل دشمن آهي، سو به ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي ته ان سان ويڙهه ڪرڻ، ان کي ماري مڃائڻ ۽ شڪست ڏيڻ لاءِ تمام مضبوط پڪي ايمان ۽ وڏي تقويٰ جي ضرورت آهي. نفس کي هيسائڻ جو هڪڙو ئي طريقو آهي ته، دل خد اجي ياد کان غافل نه ٿئي، ۽ نفس جون خواهشون ۽ سڌون پوريون نه ڪجن، بلڪ انهن سڌن کي ٺڪرائي ڇڏجي. تڏهن ته حضرت شاهه ڀٽائي اهڙي رياڪار صوفي کي جٺ ۽ ملامت ڪري ٿو:
    صوفي چائين سڌ ڪرين، صوفين اِيءَ نه صلاح،
    ڪاٽي رک ڪُلاهه، وجهه اڇلي آڳ ۾.
    سمجهاڻي: اي رياڪار! پاڻ کي صوفي فقير به ٿو سڏائين ته وري نفساني خواهشون، اوچا کاڌا کائڻ، عمدا لباس پائڻ، ڀلين سوارين تي چڙهڻ، محل ماڙين ۾ رهڻ جهڙيون سڌون به ڪرين ٿو ته، پوءِ تون صوفي فقير ناهين؟ تون ته سڌڙيو فقير چئبين! الله لوڪ صوفي فقير، خدا وارا بزرگ ۽ سچا سالڪ اها ڳالهه سوچين به ڪو نه ٿا، اهو ته الله وارن جو مرڪ ناهي. جي فقيري واٽ ورتي اٿئي ته، سڀ هوڏ هستيون ۽ سڌن واريون سوچون ڦٽيون ڪر. هي عمدا لباس، تاج ڇٽ سڀ لاهي ڦٽا ڪر، بلڪ انهن کي باهه ۾ اڇل ته ڀلي سڙي رک ٿين! سادگي ۽ قناعت اختيار ڪر جي ائين نه ٿو ڪري سگهين ته، پوءِ صوفي فقير سڏائڻ ڇڏي ڏي.
    ڏني ڏکويا، اڻ ڏني راضي ٿيا،
    صوفي تي ٿيا، جيئن ڪين کنيائون پاڻ سين.
    سمجهاڻي: سچا سالڪ ۽ صوفي فقير ته اهي آهن جن کي ڪا دنيا جي شين مان ڪا شيءِ ڏجي ٿي ته، هو رنج ٿا ٿين، ڇو ته انهن جي دنيا جي لذتن سان دل نه آهي. هنن کي اهڙي عيش عشرت يا ڪا مزيدار شيءِ نه ٿي ڏجي ته راضي رهن ٿا. جڏهن انهن پنهنجي هستي ڇڏي نيستي واري واٽ ورتي آهي تڏهن ته صوفي فقير ۽ سلوڪ جا پانڌي بنيا آهن.
    سر آسا جي داستان چوٿين ۾ ته، شاهه سائين رياڪار فقيرن کي سخت نندا ڪئي آهي ۽ تمام ناراض ٿي ڪاوڙ واري انداز ۾ جٺ ڪئي آهي.
    منهن ته موسيٰ جهڙو، عادت ۾ ابليس،
    اهڙو خام خبيث، ڪڍي ڪوهه نه ڇڏئين.

    منهن ته موسيٰ جهڙو، سيرت شيطاني،
    بازي بيراني، ڪڍي ڪوهه نه ڇڏئين.

    ان پر نه ايمان، جيئن ڪلمي گو ڪوٺائين،
    دغا تنهنجي دل ۾، شرڪ ۽ شيطان،
    منهن ۾ مسلمان، اندر آزر آهيين.
    اڳتي وري اهڙن رياڪار ٻٽي پاليسي رکندڙ مسلمانن ۽ خاص ڪري فقيراڻي ويس ۾ هلندڙ فقيرن کي سڌي راهه ڏسيندي هدايت ڪري ٿو ته،
    ڪر طريقت تڪيو، شريعت سڃاڻ،
    هينئون حقيقت هير تون، ماڳ معرفت ڄاڻ،
    هوءِ ثابوتي ساڻ، ته پسڻ کان پالهو رهين.

    سمجهاڻي: شاهه سائين فرمائي ٿو ته، فقيري رستي جون جيڪي منزلون ۽ درجا آهن سي ماڻڻ لاءِ سعيو ڪر. شريعت، طريقت، حقيقت ۽ معرفت حاصل ڪري انهي صوفياڻي سلوڪ واري سفر ۾ ثابت قدم رهي پنهنجو ايمان پڪو ۽ بي ريا عمل جاري رکندين ته دنيا ۾ موجود گندگي ۽ گدلاڻ کان هر طرح محفوظ رهندين. جيڪو نفس ۽ شيطان جي شر ۽ شرارتن کان حفاظت ۾ رهيو ته، اهو گناهن جي غلاظت ۾ ملوث ٿيڻ کان خدا جي پناهه ۾ رهندو. جيڪو ٻانهو خدا جي پناهه ۾ اچي ويو ته، ان جا ٻئي جهان موچارا ٿي ويا. کيس رب جي رضا به حاصل ته صاحب ڪوثر ۽ شافع محشرﷺ جي شفاعت نصيب ٿيڻ سان گڏ سندس برڪت ڀرئي هٿ سان حوض ڪوثر جو پاڪ پاڻي پيئڻ جي به سعادت ملندي. پوءِ جنهن حوض ڪوثر جو پاڻي پيتو ته کيس وري اڃ ئي نه لڳندي، ۽ جنهن کي مديني جي مير سهڻي حبيب ﷺ جي شفاعت نصيب ٿي ته، کيس حساب ڪتاب جو اونو ئي نه رهندو.
    اللَّهُمَّ صَلِّ عَلَى مُحَمَّدٍ وَعَلَى آلِ مُحَمَّدٍكَمَا صَلَّيْتَ عَلَى إِبْرَاهِيمَ وَعَلَى آلِ إِبْرَاهِيمَ
    إِنَّكَ حَمِيدٌ مَجِيدٌ. اللَّهُمَّ بَارِكْ عَلَى مُحَمَّدٍ، وَعَلَى آلِ مُحَمَّدٍكَمَا بَارَكْتَ عَلَى إِبْرَاهِيمَ وَعَلَى آلِ إِبْرَاهِيمَ إِنَّكَ حَمِيدٌ مَجِيدٌ
    *-*-*
    رَبِّ اجْعَلْنِيْ مُقِيْمَ الصَّلٰوةِ وَمِنْ ذُرِّيَّتِيْ ڰ رَبَّنَا وَتَقَبَّلْ دُعَاۗءِ 40؁ رَبَّنَا اغْفِرْ لِيْ وَلِوَالِدَيَّ وَلِلْمُؤْمِنِيْنَ يَوْمَ يَقُوْمُ الْحِسَابُ 41؀ۧ
    رَبَّنَآ اٰتِنَا فِي الدُّنْيَا حَسَنَةً وَّفِي الْاٰخِرَةِ حَسَـنَةً وَّقِنَا عَذَابَ النَّارِ ٢٠١؁
    (آمين)


    تصوف ۽ طريقت جا سلسلا

    از: مولوي محمد يامين شورو

    جهڙي طرح جسماني علاج جا مختلف طريقا آهن جهڙوڪ: ايلو پيٿي، هيوميوپيٿي، اڪوپنڪچر، ۽ يوناني حڪمت (طب)، اهڙي طرح روحاني علاج لاءِ مختلف وقتن تي مسلمان بزرگن ذڪر اذڪار، ورد وظائف جا طريقا شروع ڪيا جن جي استعمال سان تجربن ثابت ڪيو ته،روحاني بيمارين ۾ شافي ڪافي فائدا ٿين ٿا ۽ ٿيندا رهن ٿا. روحاني علاجن جي اهڙن طريقن کي صوفيانه اصطلاح ۾ تصوف ۽ طريقت جا سلسلا سڏيو وڃي ٿو. انهن سلسلن جي ذريعي لکين ڪروڙين خدا جي خلق کي روحاني فائدو پهتو. جيڪي ماڻهو سڌي واٽ کان ٿڙهي ويا هئا، سي توحيد ۽ سنت مطابق سڌي راهه تي هلي زندگي گذارڻ لڳا. تصوف جو مرڪزي پروگرام خلق جي خدمت ڪرڻ ۽ سهڻا اخلاق ڌارڻ سان گڏ نفس کي پاڪ ڪرڻ ۽ دل کي صاف رکڻ آهي. قرآن شريف ان بابت فرمايو ته، قد افلح من زڪاها. يعني جنهن پنهنجو اندر اُجاريو، سمورين بداعمالين جي گندگين، غير اخلاقي ڪمن کان پاڪ ڪيو سو ڪامياب ٿي ويو. هونئن به پيغمبر ڪريمﷺ جي نبوي ذميدارين ۾ قرآن شريف خاص ڪري چئن ڪمن کي بيان ڪيو آهي.
    (1) يَتْلُوْا عَلَيْهِمْ اٰيٰتِكَ، (2) وَيُعَلِّمُهُمُ الْكِتٰبَ، (3) وَالْحِكْمَةَ، (4) وَيُزَكِّيْهِمْ (سورت البقرة آيت 129 رڪوع 15 سيپارو1) يعني پيغمبر سائين جو پهريون ڪم ۽ ذميداري، الله جون نازل ڪيل آيتون ماڻهن کي پڙهي ٻڌائڻ، تلاوت قرآن جا آداب، تلاوت جو لب و لهجو، پڙهڻ جو طريقو سمجهائڻ. ٻئي نمبر ذميداري انهن آيتن جي معنيٰ ۽ مفهوم واضح ڪري ٻڌائڻ، قرآن شريف کي لغت ۽ ڊڪشنري جي مدد سان، نه پر پيغمبر سائين جي ٻڌايل تشريح جي روشني ۾ سمجهبو. ٽي ذميداري، قرآن شريف جي ٻڌايل پروگرام کي مڪمل ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي، ڏاهپ ۽ عقلمندي سان ڪمال تائين پهچائي ڪامل ۽ مڪمل ڪرڻ. آخري ۽ چوٿين ذميداري هئي ته، جيڪا جماعت حضورﷺ جي زير تربيت ۽ زير تعليم آهي تنهن جي اندر کي اجارڻ يعني انهن کي نفس جي وسوسن شرارتن ۽ اجاين سڌن ۽ شيطاني لڪل حرڪتن کان اهڙو ڌوئي پاڪ ڪرڻ جو وري انهن جي دلين تي نه ته نفس جي شرارتن جو اولڙو ۽ نه ڪي شيطان جو پاڇو پئي. هر مومن مسلمان جي اصلاح پنهنجي دانائي ۽ ڏاهپ سان اهڙي طرح ڪري جو ان جي دل کي ايمان ۽ ڪامل يقين جي نور سان اهڙو روشن ڪري جو گمراهي جا انڌيرا دور ٿي وڃن. بيشڪ پيغمبر سائين پنهنجي نبوي ذميدارين کي انتهائي عمدي طريقي سان پوري طرح نڀائي مڪمل ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو ان وقت اصحابن سڳورن کي نبوي فيض مان ايترو ته نصيب ٿيو جو انهن اصحابن سڳورن کي نه ٻئي ڪنهن علم جي ضرورت پئي ۽ نه ڪنهن ذڪر اذڪار جي سلسلي جي حاجت پئي. هو رسالت مآب ﷺ جي علمي فيض ۽ صحبت ۾ اهڙا ته رنڱجي رچي لال ٿي ويا جو اهو رنگ لهڻ وارو ته هو ئي ڪو نه. هن ڪري ته اهو توحيد ۽ تقويٰ وارو چڙهيل رنگ، حقيقت ۾ خدا جو رنگ هو. جيئن قرآن شريف ۾ آهي ته، صبغة الله و من احسن من الله صبغة. يعني ته اهو الله جو چڙهيل رنگ آهي. ڀلا الله تعاليٰ کان وڌيڪ ٻيو ڪو رنڱڻ وارو آهي؟ نه! بلڪ اهو الله سڀني کان وڌيڪ سهڻو رڱڻ وارو آهي. ڇو ته ٻيا رنگ ميٽجي ڊهي ويندا مگر الله جو چڙهيل رنگ ته لهڻ ڊهڻ ۽ ميٽجڻ وارو آهي ئي ڪو نه!
    پاڻ سڳورن جو هڪ فرمان آهي ته، انما بعثت معلماً. يعني آئون دنيا ۾ استاد ٿي آيو آهيان. استاد جا ٻه ڪم هوندا آهن هڪ ته هو پنهنجي شاگردن کي تعليم ڏيئي ڪامل ڪري ته ٻيو انهن جي اهڙي تربيت ڪري جو منجهن ڪا به ڪمي باقي نه رهي. جنهن صورت ۾ پيغمبر دنيا جو استاد ٿي اچي ٿو ته خود پيغمبر جو استاد الله تعاليٰ پاڻ هوندو آهي. جيڪو وحي ۽ الهام جي ذريعي سندس تعليم ۽ تربيت ڪري ٿو. ڪو به شاگرد جي پنهنجي علم ۽ فن ۾ ڪمال جو صاحب ثابت ٿئي ته، ان مان سندس استاد جي ڪامل مهارت جي ثابتي ملي ٿي. اهو ئي سبب هو جو پاڻ سڳورا به ڪامل ته سندس صحبت يافته شاگرد اصحاب سڳورا به ڪامل هئا. پوءِ اهڙي صورت ۾ انهن اصحاب سڳورن کي نه ڪنهن ٻئي استاد جي ضرورت پئي، نه ڪي ٻئي پير مرشد جي محتاجي ٿي، ڇو ته، اصحابن سڳورن کي ظاهري علم جو به ڪا مل استاد مليو ته، باطني علم ۽ تربيت ۾ به ڪامل مرشد نصيب ٿيو.
    پيغمبر سائين جي وجود ۽ سندس آندل هدايت واري روشني جي فيض جو مثال هن مان ملي سگهي ٿو ته، قرآن شريف جي مختلف سورتن ۾ پاڻ سڳورن جون ڪيتريون صفتون ذڪر ٿيل آهن. جن ۾ هڪ صفت ”سراج منير“ به آهي. يعني سدا روشن ڏيئو، جيڪو زمان ۽ مڪان جي قيد ۽ حد بندي کان بالاتر رهي روشني پهچائيندو رهي. پيغمبر سائين جي انهي سهڻي صفت .سراج منير“ کي سامهون رکي غور ڪريو ته، جڏهن سج اڀرندو آهي ته، سج جي تيز روشني دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچي ٿي. سج جي موجود رهڻ جي صورت ۾ ٻيون سموريون روشنيون ڀلي کڻي موجود هجن پر انهن جو سهائو محسوس ئي نه ٿيندو. سج جي روشني جيڪري اونداهي غائب ٿي ويندي آهي ته، ائين ئي جڏهن پاڻ سڳورن پنهنجي موجودگي ۽ نگراني ۾ اصحابن سڳورن جي دلين توڙي سموري وجود مان ظاهري جسماني ۽ باطني روحاني پليدي وارو انڌيرو ائين ڌوئي پاڪ صاف ڪيو جيئن سج جي هوندي رات جي اونداهي گم ٿيو وڃي. جڏهن اصحابن جا قلب ايترا پاڪ صاف، اڇا اجرا ٿي ويا، نفس جون سموريون گندگيون به صاف پاڪ ٿي ويون، نه دل تي ڪو ڪٽ ۽ زنگ رهيو، نه ڪو ظاهري جسم تي ڪو مر مير. ته پوءِ اهڙي ظاهري ۽ باطني پاڪائي کان پوءِ اصحابن سڳورن کي وڌيڪ ڪنهن چلي ڏهي ڪڍڻ، ذڪر اذڪار جي موجوده طور طريقن کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت ئي نه رهي. اصحاب سڳورا، نبوي علم واري فيض ملڻ سان هڪ ئي وقت قرآن جا مفسر به هئا ته حديث جا اکئين ڏٺا ۽ ڪنين ٻڌا شاهد، گواهه ۽ محدث به هئا ته، قرآن حديث مان مسئلا ڪڍي ٻڌائڻ وارا ۽ عمل ڪرڻ وارا فقيه، مجتهد، مفتي ۽ عامل بالقرآن والسنت به هئا ته، دين جا داعي ۽ مبلغ به هئا. عابد زاهد، متقي سچا پڪا مومن مسلمان به هئا ته، فقيري ۽ تصوف جا صاحبِ ڪمال فيض يافته ۽ اهو فيض تقسيم ڪرڻ وارا پاڻ ڪريمن جا مريد، ته وري باقي دنيا جا مرشد، هادي ۽ رهبر هئا. اهو ئي سبب آهي جو صوفيت، تصوف، فقيري ۽ سلوڪ معرفت جي سلسلن جو انهي پاڻ سڳورن ۽ سندس اصحابن جي ڀلي دؤر ۾ ڪو به وجود ڪو نه هو. پر جيئن جيئن پاڻ سڳورن ۽ سندس اصحابن جو دؤر پري ٿيندو ويو تيئن تيئن ماڻهن جي دلين جي پاڪائي، پرهيزگاري ۽ دل جي صفائي ۾ فرق ايندو ويو. تان جو اڳتي هلي ڪجهه نين بدعتن ۽ ڪن مذهبي رنگ ۾ ريتن رسمن جي شروعات ٿي جنهن ڪري ڪيترا سادا سودا ڪم عقل ۽ ڪم علم ماڻهو اهي بدعتون ۽ نيون ايجاد ڪيل مذهبي ريتون رسمون به دين سمجهي ڪرڻ لڳا ۽ ڪي دنيا پرست جن کي مال ميڙڻ سان دلي محبت، عزت ۽ شهرت جي بک هئي تن سادن سودن ماڻهن جي سادگي جو فائدو وٺي به پاڻ کي عابد زاهد سڏائڻ شروع ڪيو. اهڙي وقت ۽ صورتحال ۾ دين جو درد رکندڙ ۽ امت جي اصلاح جو فڪر ڪندڙ الله جي نيڪ ٻانهن دين جي ظاهري علم سان گڏ باطني علم به سمجهائڻ سيکارڻ ۽ انهن جي عملي مشق ڪرائڻ جو سلسلو شروع ڪيو. انهي ڪري ظاهري ديني علم يعني شريعت واري علم قرآن حديث ۽ فقه وغيره جي پرچار ۽ پڙهائڻ لاءِ درسگاهن جو سلسلو شروع ٿيو ته، باطني علم يعني طريقت واري ذڪر اذڪار ذريعي نفس کي پاڪ ڪرڻ (تزڪيه نفس) ۽ دل کي هر قسم جي حرص طمع، حرام جي طلب کان صفا ڪرڻ (تصفيه قلب) لاءِ خانقاهن جو سلسلو شروع ٿيو. جيتوڻيڪ فقيري، صوفيت ۽ تصوف جي ظاهري ويس ۾ ڪي اهڙا به صوفي رهيا ۽ ٿي گذريا آهن، جن انهي باطني علم ۾ الحاد ۽ بي ديني واري فلسفي سان گڏ شرڪ ۽ بدعت جي ملاوٽ ڪري تصوف کي ڪافي حد تائين توحيد ۽ سنت جي لائين کان هٽائي، ان جو رخ گمراهي ڏي ڪري ڇڏيو هو. پر پوءِ به اڪثريت اهڙن الله وارن ڪاملن جي رهي جن پنهنجي خانقاهن ۾ فيض فقيري، تصوف ۽ تزڪيه واري باطني تعليم کي شريعت جي روشن اصولن مطابق قائم دائم رکيو. اهڙي طرح انهن شريعت جي روشني ۾ ئي پنهنجي مريدن، معتقدن کي باطني علم وارو فيض ڏنو. هونئن ته صوفيت ۽ تصوف جا سلسلا گهڻا آهن پر جن کي امت جي اڪثريت اعتماد ۽ يقين سان مڃي ٿي سي چار سلسلا آهن. اهي چار ئي سلسلا دنيا ۾ ڪنهن هڪ هنڌ يا هڪ ملڪ ۾ شروع نه ٿيا آهن. بلڪه مختلف هنڌن ۽ ملڪن تان انهن سلسلن جو آغاز ۽ اجراء ٿيو آهي. جهڙوڪ قادري سلسلو، جيڪو حضرت شيخ سيد عبدالقادر جيلاني رحمة الله عليھ ڏانهن منسوب آهي. ڇو ته مذڪوره بزرگ انهي قادري سلسلي کي تمام گهڻي ترقي ڏياري، مضبوط ڪيو ۽ پکيڙيو. سندس وصال 517هه مطابق 1123ع ۾ ٿيو. قلندر شهباز کان ڪجهه اڳ حضرت شيخ سيد عبدالقادر جيلاني جي اولاد مان ڪي بزرگ سنڌ ۾ آيا جن جي ذريعي اهو سلسلو قادري سنڌ ۾ پکڙيو.
    چشتي سلسلو: هن سلسلي جو پهريون بزرگ شيخ ابو اسحاق (وفات 329هه مطابق 940ع) آهي. هند ۽ سنڌ ۾ حضرت خواجه معين الدين چشتي اجميري هي سلسلو پکيڙيو.
    سهروردي سلسلو: هن سلسلي جو بنياد ته حضرت شيخ ابو نجيب عبدالقاهر سهروردي (وفات 522هه مطابق 1168ع) وڌو. جيڪو بغداد جي هڪ ڳوٺ سهرورد جو هو. سندس نسب جو سلسلو حضرت ابو بڪر صديق خليفي اول رضي الله عنه سان ملي ٿو. پر سندس ڀائٽي شيخ شهاب الدين سهروردي هن سلسلي کي اوج تي پهچايو. انهي ڪري انهي سلسلي جو باني شيخ شهاب الدين سهروردي کي مڃيو وڃي ٿو. قلندر شهباز کان ٿورو اڳ ڇهين صدي هجري ۾ سلسلو سهروردي سنڌ ۾ پهتو. سيد محمد شجاع مشهد (ايران) جو رهاڪو هو ۽ حضرت شيخ شهاب الدين سهروردي جو نياڻو (داماد) ۽ خليفو هو. اهو ڪجهه وقت بغداد ۾ رهڻ کان پوءِ پنهنجي گهرواري سميت بغداد مان مڪي مڪرمه آيو. جتي کيس پٽ ڄائو جنهن جو نالو سيد محمد مڪي رکيو ويو. سيد محمد شجاع واپس مشهد آيو اتي وفات ڪيائين. پر سيد محمد مڪي لڏي اچي بکر (سنڌ) ۾ رهيو. ان کان سواءِ سنڌ مان حضرت شيخ نوح بکري به حضرت شيخ شهاب الدين سهروردي جو خليفو هو. جنهن هتان سنڌ مان وڃي حضرت شيخ سهروردي کان روحاني فيض ۽ خلافت حاصل ڪئي. سندس مقبرو بکر ٻيٽ ۾ آهي.
    سهروردي سلسلو حضرت شيخ بهاء الحق والدين زڪريا ملتاني جي محنت سان به گهڻو وڌيو ۽ پکڙيو. اهڙي طرح سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ سهروردي سلسلي جو اثر رهيو.
    نقشبندي سلسلو: هن سلسلي جو باني حضرت شيخ بهاء الدين نقشبندي بخاري (وفات 791هه مطابق 1388ع) آهي. هي سلسلو سنڌ ۾ گهڻو پوءِ پهتو. سنڌ ۾ هن سلسلي جو پهريون بزرگ مخدوم آدم ٺٽوي آهي. جيڪو ٻارهين صدي هجري جي اوائل ۾ ٿي گذريو آهي. انهن چئن ئي سلسلن جي صوفيانه تعليم جو بنيادي مقصد ساڳيو آهي. البت مقصد جي حاصل ڪرڻ لاءِ عملي طريقا جدا جدا آهن. صحيح بخاري ۾ آهي ته، حضرت جبريل عليھ السلام، حضرت رسول الله ﷺ جن کان سوال ڪيو ته، ما الاحسان؟ يعني احسان ڇا کي چئجي؟ (سنڌيءَ ۾ احسان جي معنيٰ ڪنهن ڪم کي سهڻي نمونه ادا ڪرڻ، مقرر معيار کان به وڌيڪ سهڻو ڪري پيش ڪرڻ) پاڻ سڳورن جواب ۾ فرمايو ته، ان تعبدالله ڪا نڪ تراه و ان لم تڪن تراه فانھ يراڪ (يعني الله جي عبادت ائين ڪر جو ڄڻ تون ان کي ڏسين پيو، پر جي تون ان کي ڏسين ڪو نه ٿو ته، اهو توکي ته ڏسي پيو). ان جو نالو احسان آهي، جيڪو خوف خدا ۽ الله ڏي توجهه ڪرڻ سان حاصل ٿئي ٿو. رب جي ذات ڏانهن توجهه اهڙو ڪجي جو ٻئي پاسي خيال ئي نه وڃي. ان احسان کي ڪن بزرگن طريقت جو نالو ڏنو، ته ڪن تصوف چيو ۽ ڪن سلوڪ سڏيو آهي. نالي رکڻ سان ڪو فرق ڪو نه ٿو پئي، اهو احسان ئي آهي.
    دين تي عمل ڪرڻ ڏکيو آهي پر ڪرڻو پوندو آهي، اها شريعت آهي، نيڪ عمل ڪندي ڪندي عبادت ڏانهن دل جو شوق به پيدا ٿي پوي ۽ سياري جي سردي، اونهاري جي گرمي هن کي نيڪ عمل کان روڪي نه سگهي ۽ شريعت تي هلڻ آسان لڳي، ته اها طريقت آهي. هر معاملي ۾ الله تعاليٰ تي نظر هجي، مخلوق کان ڪجهه به نه سمجهي، سڀ ڪجهه الله کان سمجهي، ته اها معرفت آهي. الله جي تعريف ۽ عبادت ڪرڻ باوجود پنهنجو ڪو به ڪمال نه سمجهي، عاجزيءَ جو اقرار ڪندور هي ۽ سمجهي ته، الله جي عبادت ۽ تعريف جو حق مون کان ادا ٿي نه سگهندو ته ان کي حقيقت چوندا آهن. اهي سڀ شيون قرآن ۽ حديث جي مطابق آهن. ڪن جاهل صوفين ۽ بدعتي فقيرن يا ڪن غلط راهه هلندڙ پيرن، تصوف ۾ ڪيتريون بدعتون ۽ غير شرعي ڳالهيون پيدا ڪيون آهن. جن سان موحد بزرگ جو ڪو واسطو ڪونهي.
    امام ابن تيميھ ۽ ٻين عالمن جنهن تصوف جي مخالفت ڪئي آهي اهو واقعي به معيوب (عيبدار) آهي، اهو ائين آهي جيئن ڪيترن مسلمانن چوريون، ڦرون، بي ايمانيون، ٺڳيون ڪري دين اسلام ۽ مسلمانن کي بدنام ڪيو آهي. حالانڪ اهي خاميون دين اسلام ۾ ڪونهي. اسلام ته دين برحق آهي. غلط ڪم ڪندڙ مسلمان غلط آهي. اسلام سچو دين الاهي آهي. تصوف ۽ سلوڪ ۾ پيدا ٿيل بدعتن خلاف، توحيد پرست بزرگن نه رڳو آواز بلند ڪيو آهي پر ان جي خلاف باقاعده جهاد به ڪيو آهي.
    سهروردي سلسلي جي پيشوا حضرت بهاء الحق والدين زڪريا ملتاني جي هنن قولن تي هي مضمون ختم ڪريون ٿا. (1) معرفت الاهي جي سلسلي ۾ پهريون قدم حب دنيا ترڪ ڪرڻ آهي. جڏهن انسان دنيا جي ڪمن ۾ مشغول ٿي وڃي ٿو، تڏهن هو ان مقصد کان دور ٿي وڃي ٿو، جنهن مقصد لاءِ هو پيدا ڪيو ويو آهي. يعني الله تعاليٰ جي عبادت. (2) انسان جي اصل شيءِ دل آهي. دل جي اصلاح ٿي وڃي ته پوءِ بدن جي اصلاح به خود بخود ٿي ويندي. دل کي پليدين کان پاڪ رکڻ گهرجي. جيڪي شيون دل کي تباهه ڪن ٿيون انهن جو اصل هڪ آهي ۽ اهو آهي ”دنيا جي محبت“. (3) مريد لاءِ لازم آهي ته هو شريعت جو عالم هجي جيئن علم سان عمل ڪري، علم سندس رهبر ٿيندو، ته شيطان ساڻس هٿ چراند ڪري نه سگهندو.


    سهر وردي مشائخن جو طريقو ذڪر ۽ تسبيحون

    از: مولوي محمد يامين شورو

    هر شخص مولا جي طالب کي مرشد ڪامل وٺڻ جي ضرورت ٿئي ٿي. جيئن ته ڀلارن جي صحبت مان ڀلائي ۽ بڇڙي سنگت مان بڇڙائي رسي ٿي. انسانن کي رب تعاليٰ جو حڪم آهي:
    يٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوا اتَّقُوا اللّٰهَ وَكُوْنُوْا مَعَ الصّٰدِقِيْنَ ١١٩؁ (سورة التوبة رڪوع 15، آيت 119، سيپارو 11) ترجمو: اي ايمان وارؤ! خدا کان ڊڄو ۽ سچارن سان شامل رهجؤ. ٻئي هنڌ فرمايل آهي:
    وَّاتَّبِعْ سَبِيْلَ مَنْ اَنَابَ اِلَيَّ ۚ (سورة لقمان آيت نمبر15، رڪوع2، سيپارو 21) ترجمو: انهن ماڻهن جي رستي تي هلجؤ جيڪي منهنجي طرف (الله جي طرف) موٽن ٿا.
    جڏهن مولا پاڪ جو ڪو طالبو انهي مقصد سان مرشد جي خدمت ۾ حاضر ٿئي ٿو ته، مرشد هن کي پنهنجي صحبت ۾ رکي ٿو ۽ جي مريد ۾ ڪي خاميون آهن، هو حرص ۽ حوس جي دام ۾ ڦاٿل آهي يا منجهس اخلاقي ۽ چڱين عادتن جي ڪمي ۽ شرعي نقص آهن ته شيخ (مرشد) پهرين پهرين هن جي انهن سڀني مرضن جي دفع ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندو ۽ مريد کي اهڙ و رستو وٺائيندو جيئن هن جي دل مان دنيا ۽ دنيا جي شين جي رغبت ۽ محبت گهٽجي وڃي. مولا ڪريم جي رضا تي راضي رهي، ڏک ۽ مصيبت ۾ صابر هجي، نماز ۽ فرائض جو پوري طرح پابند ٿئي. اها بنيادي اصلاح ۽ سڌارو مريد جي ٿوري کاڌي کائڻ، ٿوري سمهڻ، گهڻي کان گهڻو ذڪر ڪرڻ، صلوات سڳوري جام پڙهڻ، ڏهن ۽ چاليهن جي ذريعي مجاهدن ڪڍڻ سان ٿيندو. قرآن شريف ۾ فرمايل آهي:
    وَالَّذِيْنَ جَاهَدُوْا فِيْنَا لَـنَهْدِيَنَّهُمْ سُـبُلَنَا (سورة العنڪبوت آيت 69، رڪوع 7، سيپارو 21) ترجمو: جيڪي ماڻهو اسان جي راهه ۾ ڪوشش ڪن ٿا، اسين انهن کي پنهنجا رستا ڏيکاريون ٿا يعني پاڻ ڏانهن پهچڻ جا رستا ڏيکاريون ٿا.
    الله جو گهڻو ذڪر ڪرڻ ۽ مجاهدا ڪڍڻ روحاني بيمارين جو شافي علاج آهي. انهن عملن سان رب تعاليٰ جي رضامندي حاصل ٿئي ٿي. حديث شريف ۾ آهي: ”يقول الله تعاليٰ انا مع عبدي ما ذڪرني و تحرڪت بي شفتاه“ (بلوغ المرام صفحو 299) ترجمو: الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته، آئون انهي ٻانهي سان گڏ آهيان جيستائين هو مون کي ياد ڪندو رهي ٿو ۽ هن جا چپ منهنجي ذڪر سان چرندا رهن ٿا.
    ايضاً حضور عليھ الصلواة والسلام جن فرمايو آهي: ”ماشيء انجيٰ من عذاب الله من ذڪرالله“ (ترمذي باب الدعوات) ترجمو: الله جي عذاب کان ڇوٽڪارو ڏيڻ واري شئي الله جي ذڪر کان وڌيڪ ٻي ڪانهي.
    ايضاً فرمايو اٿن: ”مثل الذي يذڪر ربھ والذي لايذڪر مثل الحيّ والميت“ (صحيح بخاري باب الدعوات) ترجمو: جيڪو شخص پنهنجي ربّ جو ذڪر ڪري ٿو ۽ جيڪو نه ٿو ڪري، تن جو مثال جيئري ۽ مئل جهڙو آهي. (ذڪر ڪندڙ جيئرو ۽ نه ڪندڙ مئل). ذڪر، الله تعاليٰ جي يادگيري ۽ سندس بندگي آهي. الله جو ذڪر وڏي شيئي آهي يعني الله جو ذڪر ٻانهي جي حق ۾ وڏي رحمت آهي. قرآن شريف فرمائي ٿو:
    وَاَقِـمِ الصَّلٰوةَ ۭاِنَّ الصَّلٰوةَ تَنْهٰى عَنِ الْفَحْشَاۗءِ وَالْمُنْكَرِ ۭ وَلَذِكْرُ اللّٰهِ اَكْبَرُ (سورة العنڪبوت آيت نمبر45، رڪوع5، سيپارو 21) ترجمو: تحقيق نماز بي حيائي ۽ بڇڙن ڪمن کان روڪي ٿي ۽ الله جو ذڪر ته انهي کان به وڌيڪ آهي فائدن ۾. شاهه عبدالقادر صاحب موضع القرآن جي حاشيي ۾ لکي ٿو ته، ”اللہ کی یاد کو اس سے بھی (نماز سے)“
    اَلَا بِذِكْرِ اللّٰهِ تَـطْمَىِٕنُّ الْقُلُوْبُ 28؀ (سورة الرعد آيت28، رڪوع4، سيپارو 13) ترجمو: الله جي ذڪر سان مؤمنن جي قلب کي سُڪون ۽ اطمينان حاصل ٿئي ٿو.
    وَّذَكِّرْ فَاِنَّ الذِّكْرٰى تَنْفَعُ الْمُؤْمِنِيْنَ 55؀ (سورة الذاريات آيت 55، رڪوع3، سيپارو 27) ترجمو: الله جي ذڪر سان مؤمنن کي نفعو پهچي ٿو.
    الله تعاليٰ کي گهڻو ياد ڪرڻ صبح ۽ شام ذڪر جي تسبيحن پڙهڻ جو مؤمنن کي حڪم آهي.
    يٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوا اذْكُرُوا اللّٰهَ ذِكْرًا كَثِيْرًا 41؀ۙ وَّسَبِّحُــوْهُ بُكْرَةً وَّاَصِيْلًا 42؀ (سورة الاحزاب آيت 41 ۽ 42، رڪوع 6، سيپارو22) ترجمو: اي ايمان وارؤ! الله کي گهڻو ياد ڪريو ۽ صبح شام سندس پاڪائي بيان ڪريو.
    بهرحال جهدالنفس ۽ ذڪر اذڪار گهڻو ڪرڻ ۽ هميشه ڪرڻ سان نفس جي سرڪشي ۽ بي فرماني ۾ گهٽتائي ٿئي ٿي. بلاشڪ هي نفس امارو جڏهن گهڻيون تڪليفون ڏسندو ۽ ذليل ٿيندو، تڏهن وڃي سڌرندو، ۽ تڏهن ئي هن جي دل جو لاڙو الله کانسواءِ ٻين سڀني شين کان هٽي الله ڏي ٿيندو.
    حقيقت ۾ مولا سائين جي طالب جو پهريون قدم نفس کي ماري مڃائڻ آهي. فارسي ٻولي ۾ ڪنهن دانا چيو آهي ته:
    گر حيات خوب خواهي نفس را گردن بزن،
    زانڪ از نفست قوي ترهيچ دشمن غير نيست.
    معنيٰ ته، اي طالب! جيڪڏهن پنهنجي حياتي خوش خوب بنائڻ گهرين ٿو ته پهريائين پنهنجي نفس جو ڪنڌ ڪپي ڇڏ، ڇاڪاڻ ته تنهنجي نفس کان وڌيڪ ٻيو ڪو به تنهنجو دشمن ڪونه آهي.
    هڪ ٻيو سالڪ به اردو زبان ۾ چوي ٿو ته،

    بڑے موذی کو مارا جس نے مارا نفس امارا
    نھنگ و ازدھاؤ شیر نر مارا تو کیا مارا
    معنيٰ ته، جنهن سرڪش ۽ هٺيلي نفس کي ماريو ته، انهي ڄڻ وڏي موذيءَ کي ماريو، باقي جي واڳو يا ارڙ يا شينهن نر کي ماريو ته ڇا ٿي پيو؟ ڄڻ ڪجهه نه ٿيو.
    طالب يا مريد جي انهي منزل تي پهچڻ بعد سهر وردي مشائخ، ڪلمھ شريف لَآ اِلٰهَ اِلَّا اللّٰهُ جي ڇهن ئي تسبيحن تي جهري ذڪر سان (آواز سان ذڪر) عمل ڪرائين ٿا. يعني مٿڀري آواز سان ذڪر ڪرائين ٿا. اهي تسبيحون نمبر وار هي آهن:
    (1) لَآ اِلٰهَ اِلَّا اللّٰهُ (2) اِلَّا اللّٰهُ (3) اللّٰهُ (4) للّٰهُ (5) لهُ (6) هُو
    سنڌ ۽ پنجاب، توڻي هندستان جي ڪن ضلعن ۾ سهروردي طريقي جا رنگ گهڻيئي آهن. ڪلمھ شريف لَآ اِلٰهَ اِلَّا اللّٰهُ جو ذڪر گهڻو ڪري عام طرح معلوم آهي. انهي بابت ڪجهه بيان ڪرڻ جي ضرورت نه هئي مگر ڪن صاحبن کي انهي ذڪر تي اعتراض آهي. هڪڙي مولوي صاحب چوائي موڪليو ته، انهي طرح ذڪر ڪرڻ جو ثبوت حديث شريف مان نه ٿو ملي، تنهنڪري اهو بدعت آهي. شايد ٻئي به ڪنهن صاحب کي ڪو اعتراض هجي تنهنڪري ڪلمھ شريف جي تسبيحن بابت پنهنجي ڄاڻ مطابق ڪجهه تفصيل ڏيڻ ضروري سمجهان ٿو. واضح هجي ته اهي ڇهه ئي تسبيحون ڪلمھ طيبھ جا جزا آهن ۽ ڪلمھ طيبھ وري اسم ذات الله جي حرفن مان ورتل آهي. هڪ اهل حديث عالم مرحوم قاضي محمد سليمان منصور پوري اسماء الحسنيٰ جو شرح لکيو آهي. انهي جو نالو معارف الاسماء شرح اسماء الحسنيٰ آهي، تنهن ۾ لکي ٿو ته:
    ڪلمھ توحيد لَآ اِلٰهَ اِلَّا اللّٰهُ جي حرفن تي ويچار ڪيو. ساري ڪلمھ ۾ ڪو به حرف زياده ڪونهي. اهيئي حرف آهن جيڪي اسم ذات الله جي نالي ۾ موجود آهن. ڄاڻ ته، انهن ئي حرفن جي ترڪيب ڪلمھ توحيد کي بنائي ٿي. حرفن جو هر هڪ جزو معرفت الاهي جو درياء آهي. اسم ذات پاڪ جي لفظي ترڪيب تي غور ڪريو. لفظ الله جو پهريون الف نه لکيو وڃي ته، لله پڙهيو ويندو. جنهن جي معنيٰ هيءَ ٿيندي ته، آسمانن ۽ زمين جا خزانا الله جي ملڪيت آهي.
    وَلِلّٰهِ خَزَاۗىِٕنُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ
    (سورة المنافقون آيت7، رڪوع1، سپيارو28)
    ايضاً آيت:
    وَلِلّٰهِ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا ۡ وَاِلَيْهِ الْمَصِيْرُ
    (سورة المائده آيت18، رڪوع3، سيپارو 6)
    ترجمو: آسمان، زمين ۽ ٻنهي جي درميان سڀئي شيون الله جي اختيار ۾ آهن. سڀني کي انهي ڏي ئي موٽڻو آهي.
    ايضاً آيت:
    وَلِلّٰهِ غَيْبُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَاِلَيْهِ يُرْجَعُ الْاَمْرُ كُلُّهٗ فَاعْبُدْهُ وَتَوَكَّلْ عَلَيْهِ ۭ
    وَمَا رَبُّكَ بِغَافِلٍ عَمَّا تَعْمَلُوْنَ
    (سورة هود آيت 123، رڪوع 10، سيپارو 12)
    ترجمو: آسمان ۽ زمين جون ڳجهيون حقيقتون الله جي ئي قبضي اختيار ۾ آهن ۽ سڀني جو موٽڻ (رجوع) به انهي ڏي ئي آهي. تڏهن انهي جي ئي عبادت ڪريو ۽ انهي تي ئي ڀروسو ڪريو، اوهين جيڪي عمل ڪريو ٿا اوهان جو پروردگار انهي کان غافل نه آهي.
    ۽ جي لله جو پهريون لام (لِ) نه لکيو وڃي ته لھ پڙهيو ويندو ۽ هيءَ معنيٰ ظاهر ٿيندي ته، الله جي ئي هٿ ۾ آهن آسمانن ۽ زمين جي خزانن جون ڪنجيون ۽ جيڪي شخص الله جي آيتن کي نه ٿا مڃين، اهي نيٺ گهاٽي ۾ رهندا.
    لَهٗ مَقَالِيْدُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ وَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِاٰيٰتِ اللّٰهِ اُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْخٰسِرُوْنَ
    (سورة الزمر آيت63، رڪوع6، سيپارو24)
    ايضاً آيت:
    لَهٗ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا وَمَا تَحْتَ الثَّرٰى
    (سورة طھ آيت6، رڪوع1، سيپارو16)
    ترجمو: الله جي ئي قدرت ۾ آهي جيڪي آسمانن ۽ زمينن ۽ انهن جي درميان آهي ۽ جيڪي مٽيءَ جي گولي هيٺ آهي.
    ايضاً آيت:
    اِنَّ اللّٰهَ لَهٗ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ يُـحْيٖ وَيُمِيْتُ ۭ وَمَا لَكُمْ مِّنْ دُوْنِ اللّٰهِ
    مِنْ وَّلِيٍّ وَّلَا نَصِيْرٍ
    (سورة التوبھ آيت116، رڪوع14، سيپارو 11)
    ترجمو: بيشڪ آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي الله جي ئي آهي. اهو ئي جياري ٿو. اهو ئي ماري ٿو. الله کانسواءِ اوهان جو نه ڪو حامي آهي نه ڪو مددگار.
    ۽ جي له جو لام (ل) به نه لکيو وڃي ته هه رهندي، جنهن جو اُچار (هُو) ٿيندو. اهو حرف واحد انهي اڪيلي ذات پاڪ احد ۽ سندس پاڪ صفتن ڏي اشارو ۽ دلالت ڪري ٿو.
    قُلْ هُوَ اللّٰهُ اَحَدٌ (سورة الاخلاص)، هُوَ الْـحَيُّ لَآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ فَادْعُوْهُ مُخْلِصِيْنَ (سورة المومن آيت65، رڪوع7، سيپارو 24 )، ھُوَ الَّذِيْ يُصَوِّرُكُمْ فِي الْاَرْحَامِ كَيْفَ يَشَاۗءُ (سورة آل عمران آيت 6، رڪوع 1، سيپارو3)، هُوَ الَّذِيْ خَلَقَكُمْ مِّنْ طِيْنٍ (سورة الانعام آيت 2، رڪوع1، سيپارو7)، ھُوَ الَّذِيْ جَعَلَ الشَّمْسَ ضِيَاۗءً وَّالْقَمَرَ نُوْرًا وَّقَدَّرَهٗ مَنَازِلَ لِتَعْلَمُوْا عَدَدَ السِّـنِيْنَ وَالْحِسَابَ (سورة يونس آيت5، رڪوع 1، سيپارو11)
    ترجمو: اي رسولﷺ چئو ته، اهو الله اڪيلو ئي آهي. اهو ئي الله هميشه حيات (زنده) آهي. انهي کانسواءِ ٻيو ڪو به عبادت جو لائق ناهي، پوءِ اوهين سچيءَ دل سان انهي کي سڏيندا ڪريو. اهو ئي الله اوهان جون صورتون ماءُ جي پيٽ ۾ جهڙي طرح وڻيس تهڙي طرح بنائي ٿو. اهو ئي الله جنهن اوهان کي مٽيءَ مان خلقيو. اهو ئي آهي جنهن سج کي چمڪندڙ بنايو ۽ چنڊ کي روشن ڪيو ۽ سندس منزلون مقرر ڪيون ته انهي ڪري اوهين انهي جي وسيلي سالن جو ڳاڻيٽو ڪري سگهو ۽ حساب ڄاڻندا رهو.
    مٿي بيان ٿي چڪو آهي ته، سهروردي مشائخ ڪلمھ شريف لَآ اِلٰهَ اِلَّا اللّٰهُ جي جهري ذڪر کي سيکڙاٽ طالب جي حال مطابق گهڻو فائديمند سمجهن ٿا. طالبن جي جماعت ۾ مختلف حالتن وارا ماڻهو جمع ٿين ٿا. جن مان ڪي عمل ۾ گهٽ آهن ته ڪي صفا اڻ ڄاڻ، ڪي نفساني جذبات ۾ ڦاٿل آهن، ته ڪي بلڪل ڪمزور ۽ سست آهن. اهڙن مختلف طبيعتن جي طالبن کي هڪڙي رستي تي هلائڻ ۽ اڳتي وڌائڻ لاءِ ابتدا ۾ انهي جهري ذڪر جو عمل گهڻو فائدي وارو آهي. جيئن ته ڪو طالب اڪيلي سر به هر وقت، هر حالت ۾ اٿئي ويٺي، ستي ليٽي انهي شغل سان مشغوليت رکي سگهي ٿو ۽ طالبن جي جماعت به مجموعي طرح گڏجي ذڪر ڪري سگهي ٿي.

    تسبيحن جو بيان:
    لَآ اِلٰهَ اِلَّا اللّٰهُ جي تسبيح سان الله کانسواءِ هر غير الله جي نفي (انڪار) ڪرڻو آهي. لا جي تلوار سان هر باطل معبود، هر واهيات وهم، هر واهيات ڪم، گمان، هر نفساني جذبات، هر بيهوده خواهش ۽ سڌ کي وڍي ڇڏڻو آهي.
    اِلَّا اللّٰهُ جي تسبيح سان فقط هڪ مولا پاڪ جو اسم مبارڪ الله قلب جي اندر ثابت ڪرڻو آهي. يقين رکڻو آهي ته، هڪ حق پاڪ الله کانسواءِ ٻي هرڪا شيءَ ناقص الوجود غير حقيقي، عارضي، فنا ۾ گهيريل، معبود ٿيڻ جي لائق ئي ناهي، جيئن الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته: اِنَّنِيْٓ اَنَا اللّٰهُ لَآ اِلٰهَ اِلَّآ اَنَا (سورة طھ آيت 14، رڪوع1، سيپارو16) ترجمو: بيشڪ آئون ئي ته الله آهيان، مون کانسواءِ ٻيو ڪوبه الله ڪونهي، ٻي جاءِ تي فرمائي ٿو ته، فَاعْلَمْ اَنَّهٗ لَآ اِلٰهَ اِلَّا اللّٰهُ (سورة محمد آيت19، رڪوع2، سيپارو 26) ترجمو: پوءِ سمجهي ڇڏ ته، الله کانسواءِ ڪوبه الله ڪونهي.

    الله، الله تعاليٰ جي پاڪ نالي جي تسيبح!!
    الله، رب تعاليٰ جو ذاتي اسم آهي. اسم عَلم آهي. ذات سبحانھ و تعاليٰ جي لاءِ خاص الخاص آهي. اهو اسم حق پاڪ پنهنجي هستي لاءِ مقرر فرمايو آهي. رب تعاليٰ کي سندس نالن سان پڪاري دعا گهرڻ جو پاڻ حڪم فرمايو آهي. وَلِلّٰهِ الْاَسْمَاۗءُ الْحُسْنٰى فَادْعُوْهُ بِهَا (سورة الاعراف آيت 180، رڪوع 22، سيپارو9) ترجمو: الله جا سڀئي نالا سهڻا آهن، اوهين کيس سندس سهڻن نالن سان پڪاريو.
    اهو ئي رب تعاليٰ جو پيارو نالو الله، لَآ اِلٰهَ اِلَّا اللّٰهُ جي صورت ۾ آهي. اسماء الحسنيٰ جا سڀ صفاتي نالا انهي اسم پاڪ الله جي تابع آهن. سچي دل سان اقرار باللسان و تصديق بالقلب جو اهو مرڪز آهي. اهو مقام اهو آهي جتي مومن جو قلب ڪائنات جي بادشاهه سان بندگي جو تعلق رکي ٿو. انسان خاڪ جي چپٽيءَ کي ايڏو مانُ مليو آهي جو کيس اجازت آهي ته جيڪي گهري، سڌو ڪائنات جي بادشاهه کان ادب ۽ عاجزيءَ سان گهري وٺي. قرآن شريف فرمائي ٿو ته: وَقَالَ رَبُّكُمُ ادْعُوْنِيْٓ اَسْتَجِبْ لَكُمْ (سورة المومن آيت 60، رڪوع6، سيپارو24) ترجمو: اي انسانو! اوهان جو رب فرمائي ٿو ته، اسان کان دعائون گهرندا رهو، اوهان جي دعا قبول ڪنداسين.
    قرآن شريف ۾ انهي مضمون جون ٻيون آيتون به آهن. بهرحال الله جي تسبيح سان قلب ۾ نور پيدا ٿئي ٿو. الله جي تسبيح سان عارفن ڪاملن جي دل ۾ آرام ۽ راحت پيدا ٿئي ٿي. غمگين، ڏکويل، حيران، پريشان ۽ مظلوم دلين جو فرياد ٻڌجي ٿو. قرآن شريف فرمائي ٿو ته: اَمَّنْ يُّجِيْبُ الْمُضْطَرَّ اِذَا دَعَاهُ وَيَكْشِفُ السُّوْ (سورة النمل آيت 62، رڪوع5، سيپارو20) ترجمو: ڀلا اهو ڪير آهي جنهن کي جڏهن ڪو شخص بي قرار، بي آرام ٿي فرياد ڪري ٿو ته، انهي بي قرار جو فرياد ٻڌي، انهي جي مصيبت ٽاري ڇڏي.!
    هائو! اهو الله جل شانھ آهي جنهن جي نالي جي تسبيح ۾ بي شمار برڪتون آهن.
    لله، لھ، هو، اهي تسبيحون به معرفت الاهيءَ جو خزانو آهن طالب کي هر تسبيح جو ذوق شوق جدا حاصل ڪرڻ گهرجي. جيئن فارسيءَ ۾ چوڻي آهي ته، ”هر گلي را رنگ بوءِ ديگر ست“ يعني هر گل جي پنهنجي خوشبو. اهي تسبيحون قرآن شريف جي آيتن جا لفظ آهن، جيڪي ساري ڪائنات کي رب جي اختيار ۽ قبضي ۾ ڏيکارين ٿيون، ۽ ٻڌائين ٿيون ته: لِلّٰهِ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ اِنَّ اللّٰهَ هُوَ الْغَنِيُّ الْحَمِيْدُ (سورة لقمان آيت 26، رڪوع3، سيپارو21) ترجمو: آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي به آهي، سو الله جو ئي آهي، بيشڪ الله ئي حمد و ثنا، تعريف ۽ واکاڻ جو لائق آهي.
    فَلِلّٰهِ الْحَمْدُ رَبِّ السَّمٰوٰتِ وَرَبِّ الْاَرْضِ رَبِّ الْعٰلَمِيْنَ 36؀ وَلَهُ الْكِبْرِيَاۗءُ فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ (سورة الجاثية آيت 36 ۽ 37، رڪوع 4، سيپارو25) ترجمو: پوءِ بيشڪ الله کي ئي تعريف جڳائي جيڪو آسمانن جو مالڪ آهي. زمين جو مالڪ، سڀني جهانن جو پالڻهار مالڪ آهي. زمين ۽ آسمانن ۾ انهي جي ئي وڏائي ۽ عظمت آهي.
    لَّهٗ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭكُلٌّ لَّهٗ قٰنِتُوْنَ (سورة البقره آيت 116، رڪوع 14، سيپارو1) ترجمو: آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي به آهي، سو سڀ الله جو آهي، سڀئي انهي جا تابعدار ۽ فرمانبردار آهن.
    هو: وَهُوَ اللّٰهُ لَآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ ۭ لَهُ الْحَمْدُ فِي الْاُوْلٰى وَالْاٰخِرَةِ ۡ وَلَهُ الْحُكْمُ وَاِلَيْهِ تُرْجَعُوْنَ (سورة القصص آيت70، رڪوع 7، سيپارو20) ترجمو: الله اهو آهي جنهن کانسواءِ ٻيو ڪو به الله ڪونهي. دنيا ۽ آخرت ۾ انهي جي تعريف آهي ۽ انهي جو ئي حڪم آهي. انهي جي ئي طرف اوهان کي موٽي اچڻو آهي.
    قرآن شريف ۾ انهن لفظن جون آيتون گهڻيون ئي آيل آهن. خاص طرح ”هو“ جي لفظ سان گهڻيون آيتون قرآن ۾ آيل آهن. ايتري قدر جو تمام ڪي ٿوريون سورتون انهي مبارڪ لفظ کان خالي آهن نه ته اڪثر سورتن ۾ مڪرر، باربار انهي لفظ جون آيتون آهن جيڪي جابجا الله تعاليٰ جي قدرت جو اظهار ۽ سندس پاڪ صفتن جو بيان ڪن ٿيون.
    وَاِلٰـهُكُمْ اِلٰهٌ وَّاحِدٌ ۚ لَآ اِلٰهَ اِلَّا ھُوَ الرَّحْمٰنُ الرَّحِيْمُ (سورة البقرة آيت 163، رڪوع 19، سيپارو2) ترجمو: اوهان سڀني جو خدا هڪڙو آهي. انهي کانسواءِ ڪوبه خدا ڪونهي. هو وڏي رحم وارو ۽ نهايت مهربان آهي.
    اللّٰهُ لَآ اِلٰهَ اِلَّا ھُوَ ۙ الْـحَيُّ الْقَيُّوْمُ (سورة آل عمران آيت 2، رڪوع1، سيپارو3) ترجمو: الله پاڪ جنهن کانسواءِ ٻيو ڪوبه الٰھ ڪونهي، هو سدائين حيات ۽ ڪائنات کي سنڀاليندر آهي.
    اَللّٰهُ لَآ اِلٰهَ اِلَّا ھُوَ ۭ لَيَجْمَعَنَّكُمْ اِلٰى يَوْمِ الْقِيٰمَةِ لَا رَيْبَ فِيْهِ (سورة النساء آيت87، رڪوع11، سيپارو5) ترجمو: الله اها ذات پاڪ آهي جنهن کانسواءِ ٻيو ڪو الله ڪونهي. اوهان سڀني کي قيامت جي ڏينهن ضرور گڏ ڪندو. انهي ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي.
    لِلّٰهِ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَمَا فِيْهِنَّ ۭ وَهُوَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ (سورة المائدة آيت 120، رڪوع16، سيپارو7) ترجمو: آسمانن ۽ زمين ۽ جيڪي به انهن منجهه آهي. سڀني تي الله جي ئي حڪومت آهي ۽ هو الله هر شيءَ تي قادر آهي.
    وَهُوَ الْقَاهِرُ فَوْقَ عِبَادِهٖ ۭ وَهُوَ الْحَكِيْمُ الْخَبِيْرُ (سورة الانعام آيت 18، رڪوع2) ترجمو: ۽ هو (الله) سڀني پنهنجي بندن تي غالب آهي، وڏي حڪمت وارو ۽ خبردار آهي.
    وَهُوَ الَّذِيْ يُرْسِلُ الرِّيٰحَ بُشْرًۢا بَيْنَ يَدَيْ رَحْمَتِهٖ (سورة الاعراف آيت57، رڪوع7، سيپارو8) ترجمو: الله اها ذات پاڪ آهي جو پنهنجي رحمت سان هوائن جي معرفت برسات جي خوشخبري موڪلي ٿو.
    وَتَوَكَّلْ عَلَي اللّٰهِ ۭاِنَّهٗ هُوَ السَّمِيْعُ الْعَلِيْمُ (سورة الانفال آيت61، رڪوع8) ترجمو: الله تي ڀروسو رک، بيشڪ هو (الله) ٻڌي ٿو سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو.
    هُوَ الَّذِيْٓ اَرْسَلَ رَسُوْلَهٗ بِالْهُدٰي وَدِيْنِ الْحَقِّ لِيُظْهِرَهٗ عَلَي الدِّيْنِ كُلِّهٖ ۙ وَلَوْ كَرِهَ الْمُشْرِكُوْنَ (سورة التوبھ آيت 33، رڪوع5 سيپارو10) ترجمو: اهو ئي (الله) آهي جنهن پنهنجي رسول کي هدايت ۽ سچو دين ڏيئي موڪليو آهي ته انهي کي سڀني دينن تي غالب ڪري، توڻي جو مشرڪن کي اها ڳالهه بڇڙي ڇو نه لڳي.
    ھُوَ يُـحْيٖ وَيُمِيْتُ وَاِلَيْهِ تُرْجَعُوْنَ (سورة يونس آيت56، رڪوع6) ترجمو: اهو الله ئي جياري ٿو ۽ ماري ٿو اوهان سڀني کي انهي ڏي موٽي وڃڻو آهي.
    هُوَ اَنْشَاَكُمْ مِّنَ الْاَرْضِ وَاسْتَعْمَرَكُمْ فِيْهَا فَاسْتَغْفِرُوْهُ ثُمَّ تُوْبُوْٓا اِلَيْهِ ۭ اِنَّ رَبِّيْ قَرِيْبٌ مُّجِيْبٌ (سورة هود آيت 61، رڪوع6، سيپارو12) ترجمو: اهو (الله) جنهن اوهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو ۽ اوهان کي انهي ۾ آباد ڪيو انهي کان معافي گهرو، انهي جي درٻار ۾ توبھ ڪريو بيشڪ منهنجو الله ويجهو آهي ۽ دعا قبول ڪري ٿو.
    اِنَّهٗ هُوَ الْغَفُوْرُ الرَّحِيْمُ (سورة يوسف آيت98، رڪوع11، سيپارو13) ترجمو: بيشڪ اهو (الله) بخشڻهار ۽ مهربان آهي.
    وَهُوَ الَّذِيْ مَدَّ الْاَرْضَ وَجَعَلَ فِيْهَا رَوَاسِيَ وَاَنْهٰرًا (سورة الرعد آيت3، رڪوع1، سيپارو13) ترجمو: بيشڪ هو قادر مطلق آهي جنهن زمين کي وڇايو ۽ انهي تي وڏا وڏا پهاڙ ۽ دريا بنايا.
    لفظ ”هو“ جون آيتون گهڻو ڪري ساري قرآن ۾ موجود آهن. ويندي سورة اخلاص تائين موجود آهن. قُلْ هُوَ اللّٰهُ اَحَدٌ! الائجي ته اهڙي پاڪ اسم سان ذڪر ڪرڻ ۾ ڪهڙي قباحت (برائي) آهي؟ آخر ”هو“ جو ضمير به ته خاص الله تعاليٰ ڏي موٽي ٿو. خصوصاً جڏهن اهڙا قرينا (نشانيون) موجود هجن. وري اعتراض ڪندڙ ذڪر کي بدعت بنائڻ ۾ بلڪل بي انصافي ڪري رهيو آهي. اول ته، خاص طرح قرآن شريف ۾ الله جي اسمن سان ذڪر ڪرڻ جا احڪام ملن ٿا.
    وَاذْكُرِ اسْمَ رَبِّكَ بُكْرَةً وَّاَصِيْلًا (سورة الدهر آيت 25، رڪوع2) ترجمو: صبح شام پنهنجي رب جي اسم جو ذڪر ڪندا رهو.
    فَسَبِّحْ بِاسْمِ رَبِّكَ الْعَظِيْمِ (سورة الحاقھ آيت 52، رڪوع2، سيپارو29) ترجمو: پنهنجي شان واري پروردگار جي اسم جي تسبيح ۽ پاڪائي بيان ڪندا رهو.
    سَبِّحِ اسْمَ رَبِّكَ الْاَعْلَى (سورة الاعليٰ آيت 1، رڪوع1 سيپارو30) ترجمو: تون پنهنجي بلند شان پروردگار جو نالو پاڪائي سان ياد ڪندو رهه، ۽ ٻيو حضورﷺ جن به فرمايو آهي:
    افضل الذڪر لَآ اِلٰهَ اِلَّا اللّٰهُ افضل الدعاء الحمد لله (جامع الترمذي جلد2، باب الدعوات)
    جڏهن قرآن شريف ۾ اهڙو حڪم موجود آهي ۽ جڏهن حضور عليھ الصلواة والسلام جي ڪلمھ شريف جي ذڪر کي افضل الذڪر فرمايو آهي ته پوءِ انهي کي يا انهي جي ڪنهن جزء کي بدعت بنائڻ صاف زور آوري آهي.
    (ڪتاب پير اشرف شاهه قريشي، سوانح ۽ ڪلام، مصنف مولوي محمد يامين شورو صفحه 61 کان 71 تائين، ڇاپي هيٺ.)


    وفات جون تاريخون

    (فقير حاجي جان محمد شورو جي ڊائري تان ورتل)

    هڪڙا اچن آڌيءَ جو، بيا وڃن صبح شام،
    جيڪي مٽيءَ جا مهمان، سي رهي رهندا ڪيترو.
    (1) وفات: فقير عبدالله شورو ولد فقير محمد صديق شورو. تاريخ 4 جمادي الثاني 1401هه مطابق 10 اپريل 1981ع جمعي جي رات.
    (2) وفات: حاجي دريا خان ولد ساماڻو شورو. تاريخ 5 سيپٽمبر 1977ع مطابق 20 رمضان 1397هه.
    (3) وفات: حاجي گل محمد ولد ساماڻو شورو. تاريخ 6 ذوالحج 1402هه مطابق 24 سيپٽمبر 1982ع.
    (4) وفات: حاجي محمد فقير ولد فقير عبدالواحد شورو. تاريخ 10 رمضان 1376هه خميس جي رات فجر جو ساڍي ٽي وڳي. ڄمار 69 سال. حاجي محمد، خليفي پيرو فقير جو پوٽو هو.
    (5) وفات: حاجي شفيع محمد فقير شورو ولد حاجي محمد شورو. تاريخ 20 ربيع الاول 1401هه مطابق 1981ع بروز اڱارو.
    (6) وفات: محمد عرف حاجن ولد حاجي شفيع محمد فقير. تاريخ 8 رجب 1417هه مطابق 20 نومبر 1996ع بروز اربع.
    (7) وفات: حاجي عطا محمد شورو تاريخ 4 صفر 1407هه مطابق 19 آڪٽوبر 1986ع بروز خميس.
    (8) وفات: حاجي محمد مراد شورو تاريخ 3 ذوالحج 1388هه مطابق 21 فيبروري 1969ع بروز جمعه.
    (9) وفات: حاجي الله بخش شورو تاريخ 13 ذوالحج 1404هه.
    (10) وفات: زوجه حاجي الله بخش شورو. تاريخ 16 رجب 1413هه مطابق 10 جنوري 1993ع.
    (11) وفات: حاجي ڪريمداد ولد حاجي الله بخش شورو. تاريخ 19 ربيع الثاني 1414هه مطابق 7 آڪٽوبر 1993ع.
    (12) وفات: مير محمد ولد حاجي غلام حيدر شورو. تاريخ 10 جمادي الاول 1431هه مطابق 25 اپريل 2010ع بروز آچر.
    (13) وفات: حاجي غلام حيدر شورو. تاريخ 5 جمادي الاول 1406هه مطابق 17 جنوري 1986ع ڇنڇر جي رات.
    (14) وفات: محمد موسيٰ فقير ولد اڪرم فقير شورو. تاريخ 7 شوال 1430هه مطابق 26 سيپٽمبر 2009ع آچر جي رات.
    (15) وفات: محمد يوسف ولد يار محمد فقير شورو. تاريخ 6 آڪٽوبر 2007ع بروز ڇنڇر بوقت هڪ بجي ظهر مهل. مطابق رمضان 23 تاريخ سن................
    (16) وفات: زوجه محمد الياس فقير. تاريخ 28 نومبر 2008ع مطابق 30 ذوالقعد 1429هه ڇنڇر جي رات. عمر اندازاً سؤ سال.
    (17) وفات: فقير حاجي احمد شورو. درگاهه پيرو فقير شورو جو چوٿون نمبر گادي نشين. تاريخ 8 ذوالقعد 1412هه مطابق 12 مئي 1992ع بروز اڱارو بوقت ساڍا ٻارهن.

    وفات وقت لکيل تاثرات:
    مرحوم فقير حاجي احمد شوري جي وفات وقت سندن فرزند حاجي جان محمد شوري (موجوده گادي نشين) پنهنجي ڊائري ۾ تاثرات لکيا هئا سي هتي ڏجن ٿا.
    ”بابا سائين کي 19 مهينا فالج جي تڪليف رهي. پهرين ڏينهن ۾ تڪليف تمام گهڻي ٿي. پوءِ کين ايمبولينس ۾ کڻي راجپوتانه اسپتال حيدرآباد وياسون. مون سان گڏ هڪ بابا حاجي محمد صديق ۽ حاجي ڪريمداد شورو، يار محمد ابڙو ۽ محمد صديق عرف ڪارو حاجاڻي، حاجي ڪريمداد ۽ يار محمد ابڙو واپس ڳوٺ آيا، باقي بابا مولوي حاجي محمد صديق ۽ محمد صديق عرف ڪارو حاجاڻي اتي رهي پيا. ڊاڪٽر ارشاد مورياڻي علاج ڪندو رهيو پر بابا سائين کي هوش نه آيو. ڏيڍ مهينو رهياسين پر حالت بيهوشي جي رهي. رات جو حاجي محمد سومرو ڳوٺ شير محمد ٺوڙها وارو ايندو هو ۽ ساري رات گڏ هوندو هو، صبح جو وري ڳوٺ ويندو هو. رب العزت کيس اجر عظيم ڏيندو. ٻيا دوست احباب به ڏسڻ ۽ پڇڻ لاءِ ايندا رهندا هئا. حاجي مختيار شورو صاحب به رات جو روزانه پيو ايندو هو. ڪافي ڏينهن بعد جڏهن سڌارو ڏسڻ ۾ نه آيو ته، حاجي مختيار صاحب چيو ته، سائين کي سول اسپتال ڪراچي ۾ داخل ڪرايون. مون وراڻيو ته جيڪا توهان وڏن جي صلاح. پوءِ ڊاڪٽر ارشاد مورياڻي سان صلاح ڪيائون. جنهن چيو ته، توهان ڪراچي ڀلي وڃو. بابا حاجي محمد صديق اسپتال وارن جو حساب ڪتاب چڪتو ڪرائڻ لاءِ ويو ته، اسپتال وارن چيو ته ڊاڪٽر ارشاد مورياڻي اسان کي چئي ويو آهي ته، توهان رڳو ڪمري جي فيس وٺجو، باقي منهنجي (ڊاڪٽر جي) في فقير صاحب جن پاڻ ڏيندا. پوءِ فقط اسپتال جي في ڏيئي ڪراچي روانا ٿيا سون. بابا حاجي محمد صديق ۽ حاجي قابل مري ٻيراني وارو به گڏ هليو، ڪراچي پهتاسون ته، حاجي مختيار شورو ۽ لالا ايوب پٺاڻ ٽنڊو آدم وارو اڳ ۾ ويٺا هئا، جن تمام سٺي مدد ڪئي ۽ اسپتال ۾ داخلا وٺي ڏنائون. سڪندر شورو صاحب ٻه وقت ماني موڪليندو هو جيڪا عنايت راڄڙ گاڏي ۾ کڻي ايندو هو. چاچا حاجن، سڪندر صاحب، حاجي ڪريمداد ۽ ادا حاجي يوسف جن به ڪافي مدد ڪئي. رب سائين کين اجر ڏيندو. علاج تمام بهتر هليو ٻئي ڏينهن بابا سائين کي هوش آيو ۽ اکيون پٽيائين پر افسوس جو ڳالهائڻ لاءِ زبان نه کلي، تمام گهڻي ڪوشش ڪيائون پر زبان ڪا نه اٿلي. مون کي ڏسي مون ۾ نهاري بابا جن تمام گهڻو روئندا هئا. ڳوٺ مان ڪو ايندو هو ته، ان کي ڏسي به روئندا هئا. حاجي قابل مري به منهنجي تمام گهڻي مدد ڪئي. بابا مولوي حاجي محمد صديق ته مون سان گڏ ئي گڏ هو. ڪا به دوا يا ٽيسٽ هوندي هئي ته پاڻ جلدي ايندا هئا. مون ڊاڪٽر کي چيو ته، توهان ڪوشش ڪريو زبان کلي پئي ڪيترو به خرچ اچي ته آئون ڏيندس. پر ڊاڪٽر جو چوڻ هو ته، هاڻي فقير سائين اهڙي پوزيشن ۾ آهي جو نه ڳالهائي سگهندو ۽ نه وري هلي سگهندو. هڪ ٻانهن به ڪم نه ڪندي ۽ ڄنگهه به. جيترو وقت حياتي رهندا ته انهي حال ۾ هوندا. مون ڊاڪٽر کي چيو ته، ٻاهرين ملڪ وٺي وڃون ته ڪهڙي ملڪ ڏي وٺي وڃون. پر ڊاڪٽر چيو ته، ٻاهرين ملڪ وڃڻ جو به ڪو فائدو نه ٿيندو. پوءِ ڊاڪٽر عبدالواحد ڪاڪي پوٽي ۽ ڊاڪٽر جعفر مري کان به پڇيم ته انهن جو به ساڳيو جواب هو ته، ڪو به فائدو نه ٿيندو. نيٺ ڊاڪٽرن موڪل ڏني ۽ ڳوٺ آياسون. ڪڏهن ڪڏهن، اٺين ڏهين ڏينهن حيددرآباد ته وري ڪڏهن نواب شاهه ويندا هئاسون. بابا جن کي ڏسڻ لاءِ ڪو به ايندو هو ته ڳالهائڻ بلڪل ڪو نه نڪرندو هو پوءِ فقط روئندا هئا.
    هڪ ڏينهن تمام گهڻي تڪليف ٿي پيس ان وقت منهنجي طبيعت به صحيح ڪو نه هئي بخار ۽ جان ۾ ڪمزوري هئي. ايمبولنس گاڏي وٺي آيا، ته آئون به ساڻس گڏ ٿي ويس. پر مون کي سڀني چيو ته، تون ٺيڪ ناهين ويهي رهه. پوءِ بابا مولوي حاجي محمد صديق ساڻس گڏجي ويو ۽ ٻيو نوح به ساڻن گڏ هو. صبح ٿيو پر مون کي آرام نه آيو. مون چيو ته، ضرور ويندس. وڃڻ کان پهرين هڪ ڇيلو وٺي ٻڪرار جاڙو ڳاهو جي حوالي ڪيم ته، اهو ڪهي صدقو ڪريو.پوءِ آئون ۽ چاچا حاجن سول اسپتال حيدرآباد وياسون. بابا جن کي تڪيلف تمام گهڻي هئي چار پنج ڏينهن رهيا هئاسون ته، بابا سائين ڏينهن جو ساڍي ٻارهين وڳي وڃي پنهنجي حقيقي مالڪ سان مليا. بس زندگي ساٿ نه ڏنو ۽ حياتي ايتري ئي هئي. اتان کان ايمبولينس ذريعي واپس ڳوٺ آياسون. ظهر جي نماز بعد آخري غسل جي تياري ڪرڻ لڳاسون ته ڏٺم ته حاجي ڪريمداد کي بابا جن جي وڇوڙي جو ڏاڍو ڏک هو. مون کي ۽ ڀاء نيڪ محمد کي ڏسي چيائين ته هڪ پٽ نيڪ ۽ ٻيو جاني. حاجي ڪريمداد بابا سائين کي ڪڏهن به نالو وٺي نه سڏيندو هو بلڪ سدائين بابا سائين چوندو هو. حاجي ڪريمداد چوندو هو ته، جن جا پٽ جاني ته ٻيا نيڪ ته پوءِ انهن کي ڪهڙو اُلڪو؟
    آخري غسل محمد سليمان سينهڙو، ۽ حاجي ڪريمداد، ۽ مولوي عبدالرحمان ۽ بابا حاجي محمد صديق ڏنو. بابا جن جي ماء جي جي سڳوري تمام گهڻو روئي رهي هئي بلڪل ماٺ نه ٿي ڪيائين. وچين نماز پڙهي پوءِ کنيوسين، جنازي نماز استاد فقير منٺار پڙهائي قبر ۾ لاهڻ مهل هيٺ بابا جي حج جو رفيق حاجي ڪريمداد ۽ ولي محمد سينهڙو لٿا.
    بابا سائين کي ڏاڏا حاجي محمد فقير جي پيراندي کان رکيوسين. جيترو وقت حياتي رهيس ته، بابا سائين جي تڪليف جيڪا مون ڏٺي هئي سا ڪا نه وسرندي.
    (18) وفات: فقير غلام محمد ولد حسين فقير شورو. تاريخ 8 شوال 1412هه مطابق 12 اپريل 1992ع بروز آچر بوقت ظهر.
    (19) وفات: حاجي محمد عرف حاجن فقير ولد حاجي شفيع محمد فقير شورو. تاريخ 8 رجب 1417هه مطابق 20 نومبر 1996ع. بروز اربع.
    (20) وفات: مولوي حاجي محمد صديق ولد فقير عبدالله شورو. تاريخ 23 شعبان 1414هه مطابق 5 فيبروري 1994ع ڇنڇر جي ڏينهن. کيس فقير حاجي احمد جي ڀر ۾ دفنايو ويو.
    (21) وفات: حاجي طالب فقير شورو. تاريخ 27 جمادي الاول 1416هه بوقت 12 وڳي.
    (22) وفات: وڏيرو حاجي عبدالحڪيم شورو. تاريخ 18 ذوالقعد 1418هه مطابق 18 مارچ 1998ع.
    (23) وفات: گل منير ولد طالب شورو ڳوٺ محمد شورو لڳ جمڙائو، دلور. تاريخ 13 جمادي الاول 1431هه مطابق 28 اپريل 2010ع بروز اربع.
    (24) وفات: وڪيو شورو ٻڍاپور وارو. تاريخ 25 ربيع الاول 1431هه مطابق 12 مارچ 2010ع ربوز جمعھ.

    (25) وفات: الهڏنو شورو ولد طالب شورو ڳوٺ حاجي دودو شورو لڳ جمڙائو. تاريخ 25 ربيع الاول 1431هه مطابق 12 مارچ 2010ع بروز جمعھ.
    (26) وفات: ارشاد علي شورو ولد خير محمد شورو ڳوٺ ٻڍاپور. تاريخ 10 مئي 2010ع مطابق 26 جمادي الاول 1431هه اڱاري جي رات.
    (27) وفات: زوجه مومن شورو ڳوٺ حاجي دودو شورو تاريخ 23 فيبروري 2010ع مطابق 8 ربيع الاول 1431هه بروز اڱارو.
    (28) وفات: دريا خان ولد محمد موسيٰ شورو. لڳ کنڊو اسٽاپ. تاريخ 17 شعبان 1431هه مطابق 29 جولاءِ 2010ع بروز خميس.
    (29) وفات: محمد شورو ڳوٺ ٻڍاپور. تاريخ 8 رجب 1430هه مطابق 2 جولاءِ 2009ع بروز خميس.
    (30) وفات: زوجه علي محمد فقير شورو. تاريخ 2 مارچ 1996ع مطابق 11 شوال 1416هه.
    (31) وفات: زوجه فقير غلام محمد شورو. تاريخ 11 آگسٽ 1993ع مطابق 21 صفر 1414هه بروز اربع.


    مددي ڪتاب

    (1) تصوف ڪا اسلامي انسائيڪلوپيڊيا ترجمھ اردو، رساله قشيريھ عربي مصنف امام قشيري (376هه 465هه) مترجمه اردو محمد عبدالنصير علوي ناشر مڪتبه رحمانيه لاهور.
    (2) سوانح حيات حضرت سائين ٻير وارا. مؤلف مولانا محمد قاسم سومرو. ڇاپو پهريون 2004ع روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، سنڌ.
    (3) سنڌي ثقافت تي اسلامي اثرات. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي. ڇاپو پهريون جولاءِ 1989ع. ڇپايل مهراڻ اڪيڊمي ڪراچي.
    (4) شاهه جو رسالو مرتب غلام محمد شهواڻي، نئون ڇاپو 2012ع. سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي.
    (5) تاريخ شورا تحقيق و تحرير دوست محمد ڀٽي ڇاپو پهريون سال 1997ع.
    (6) فقير حاجي جان محمد شورو جي ڊائرين تان ورتل مواد.
    (7) نيٽ تان ورتل مواد.
    (8) ماهوار الصادق سنڌي ڪراچي.
    (9) الله ڪي ولي ڪون؟ مؤلفين: مولانا عبدالماجد صديقي، مولانا ابو دانيال نقاش، مڪتبھ ارسلان بنوري ٽائون ڪراچي، سال 2004ع.
    (10) درس غوثيھ (اردو) مرتب: درس عبدالڪريم پلي، سال ڊسمبر 1999ع.


    تصويري ضميما








    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 345147
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 142518
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ