ڪتاب جو نالو: امرجليل جي سنڌو
مصنف: امر جليل
ڇپائيندڙ: ڪاڇو پبليڪيشن
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2012
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 08 اپريل 2017 ع
پڙهيو ويو: 706 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 349 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”امر جليل جي سنڌو“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ ڏاهي ڏات ڌڻي امر جليل جي تجريدي ڪهاڻين جو مجموعو آهي.

امر جليل هڪ هنڌ لکي ٿو:
”دل پٿر جو تاج محل ناهي جو جٽاءُ ڪري. دل ديوانن جي وستي آهي، بيگانن جي بستي آهي. آباد آهي ته سرءُ جي سانت به بهار ڀائنجي. پر جي هڪ وار اُجڙي ته تصور جا شهر ويران ڪيو ڇڏي.
مون سنڌو جي اکين ۾ غم ڏسي ورتو. غم جڏهن به سنڌوءَ جي عميق اکين ۾ گھر ڪندو آهي تڏهن سنڌو مونکي سنڌ وانگر عظيم، سنڌ وانگر پيڙيل، سنڌ وانگر ستايل نظر ايندي آهي.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • امر جليل جي سنڌو
  • حق ۽ واسطا
  • ارپنا، انتساب، Dedication
  • سنڌ سلامت پاران
  • پنهنجي پاران
  • آتم ڪٿا : سنڌو
  • ڪهاڻيون

  • موت ۽ محبت
  • سياري جي شام جا پاڇا
  • تمنائن جي رڃ
  • سنڌي ادب جا بروٽس
  • احساس جو صليب
  • وجود جا ويري
  •   مون کان پڇن ٿا ته هوءَ ڪير آهي
  •   دل جي ڳالھه
  •   زندگيءَ جي سرڪس
  •   چاهت جي انتها
  •   گناھ
  •   جيئري رهڻ لاءِ بهانو
  •   رهجي ويل ڳالهيون
  •   مان ازل کان تنهنجو آهيان
  •   اسين عڪس آهيون
  • گھر کي لڳل باھ
  •   اڻ پوري پڇا
  •   احڪام جو انحراف
  • مبهم مبهم ڳالهيون
  •   مان تماشو، خودئي تماشائي
  •   مقدر جي تحرير
  • هوءَ منهنجي پهرين دعا آهي
  • موٽي ميت نه آيو
  • آئينو ۽ عڪس
  •   تشخص
  • نشان
  •   محبت
  •   جنم
  •   دستور
  • خالق
  •   کن پل جي ملاقات
  •   خاموشي
  •   نگاھ
  • وچن
  •   موٽڻ محال آهي
  •   اُفق
  • اوندھ
  •   عشق عبادت آهي
  •   زندگي
  •   علامت
  • ڪي ڏور به اوڏا سپرين
  • ديوانگي
  •   الزام
  • ازل جو سفر
  •   وهم
  •   مون کي دعا نه ڏيو
  •   ڪليگ
  •   ڪارٽون
  •   نه هم آهي، نه ڪلا آهي
  •   گونج ٻڌان ٿو
  • مان ڇا ٿو چاهيان
  •   ڊائريءَ جو ورق ريڊيو پاڪستان ڪراچي _ سن 1972
  •   ڊائريءَ جو ورق
  • ڊائريءَ جو ورق
  • رهجي ويل خط
  •   امڙ ڏانهن خط

  • امر جليل جي سنڌو

    امر جليل جي سنڌو

    (تجريدي ڪهاڻيون)


    امر جليل


    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2017ع
    ڪمپوزنگ : راشد شر

    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    حق ۽ واسطا

    ڪتاب: امرجليل جي سنڌو
    موضوع: تجريدي ڪهاڻيون
    ليکڪ: امرجليل
    ڇاپو پهريون: جون 2012
    ڪمپوزنگ: راشد شر
    ٽائيٽل: ڪمپوزر
    ڇپائيندڙ: ڪاڇو پبليڪيشن ڪراچي


    ارپنا، انتساب، Dedication

    1972 کان 1977 تائين سنڌوءَ جي حوالي سان لکيل تجريدي ڪهاڻين جي نالي، جن جي نه شروعات آهي ۽ نه پڄاڻي.

    امرجليل


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”امر جليل جي سنڌو“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ ڏاهي ڏات ڌڻي امر جليل جي تجريدي ڪهاڻين جو مجموعو آهي.

    امر جليل هڪ هنڌ لکي ٿو:
    ”دل پٿر جو تاج محل ناهي جو جٽاءُ ڪري. دل ديوانن جي وستي آهي، بيگانن جي بستي آهي. آباد آهي ته سرءُ جي سانت به بهار ڀائنجي. پر جي هڪ وار اُجڙي ته تصور جا شهر ويران ڪيو ڇڏي.
    مون سنڌو جي اکين ۾ غم ڏسي ورتو. غم جڏهن به سنڌوءَ جي عميق اکين ۾ گھر ڪندو آهي تڏهن سنڌو مونکي سنڌ وانگر عظيم، سنڌ وانگر پيڙيل، سنڌ وانگر ستايل نظر ايندي آهي.“

    هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 2012ع ۾ ڪاڇو پبليڪيشن ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سنڌ سلامت جي ساٿي ۽ پياري دوست راشد شر جا، جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پنهنجي پاران

    امرجليل جي ڪهاڻين جي ڪتاب ”امرجليل جي سنڌو“ جي اليڪٽرانڪ اشاعت اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪجي ٿي. هن ڪتاب ۾ 57 تجريدي ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڪتاب ۾ موجود هر هڪ ڪهاڻي محبت جي موضوع سان سلهاڙيل آهن. هن ڪتاب جي اليڪٽرانڪ اشاعت جو ڪم ڪجھ ئي ڏينهن اڳ شروع ڪيم. هي ڪتاب ايترو جلد ڪمپوز ڪيئن ڪيم مون کي خود سمجھ ۾ نٿو اچي. هن ڪتاب جي اليڪٽرانڪ اشاعت جو ڪم ايترو جلدي مڪمل ٿيڻ کي مان معجزو سمجھان ٿو. مان پاڻ کي خوشنصيب سمجهان ٿو جو امرجليل جي ڪهاڻين جي هن ڪتاب جي اليڪٽرانڪ اشاعت جي ڪمپوزنگ منهنجي هٿان ٿي، اها به ايترو جلد جو خود کي به يقين نه پيو اچي. جتي ڪراچي جھڙي شهر ۾ زندگي مشين جيان ڊوڙي ٿي، اتي ايترين مصروفيتن جي باوجود چند ئي ڏينهن ۾ هن پيار جي پورهيي کي ويھ ڏينهن ۾ پار پڄايم. سو هي پيار جو پورهيو ارپيم ان کي، جيڪو خوابن جي ساڀيان ٿي نه سگھيو.

    انتساب

    ڪجھ ئي وقت اڳ مون کان اها هستي جدا ٿي ويئي، جنهن کان سواءِ زندگي جون سموريون خوشيون، ٿر جي ڪنهن مارجي ويل هرڻ جي هراسيل ۽ اداس اکين جھڙيون پيون لڳن. جنهن کان سواءِ زندگي هڪ جستجو هن کي ڏسڻ جي، هڪ آس، هن سان ملڻ جي. سو هن اِي بڪ تي ڪيل سمورو پورهيو ارپيم، ان محبوب جي اڻمئي ياد کي.

    محمد راشد شر
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    01-04-2017


    آتم ڪٿا : سنڌو

    سنڌوءَ جي باري ۾ ڳالهائڻ مون کي مباسب نه لڳندو آهي. مون سنڌوءَ جي باري ۾ ڪڏهن ڪو نه ڳالهايو آهي. اڄ به نه ڳالهائيندس. فقط ايترو چوندس: مري وڃڻ کان پوءِ مان جڏهن موهن جو دڙو ٿي پوندس، تڏهن سر ماٽيمر ويلر ۽ سرجان مارشل جھڙا ماڻهو منهنجي کنڊرن مان سنڌوءَ جي ياد جا آثار ڳولي ڪڍندا.
    سنڌو ڪا عام رواجي ڇوڪري يا عورت نه هئي جن کي هردم ويس وڳن، سرخي پائوڊر، نيل پالش، پرسن، سينڊلن، هيئر اسٽائيل ۽ ڏوڪڙن جو جنون سر تي سوار هوندو آهي. مون کي ياد ڪونهي ته ايلفنسٽن اسٽريٽ تان لگھندي سنڌوءَ ڪڏهن منهن ورائي دڪانن ٻاهران شوڪيسن ۾ پيپر ميش يا فائيبر گلاس جي سينگاريل ماڊلن، زيورن ۽ ڊزائينر ڊريسن ڏانهن ڏٺو هجي. هن کي ڪا طمع نه هئي. ڪا خواهش نه هئي، سواءِ هڪ خواهش جي ته مان جنگ جي ميدان مان موٽ نه کاوان.
    ”ماڻهو ڇا چوندا، دنيا ڇا چوندي“ جھڙن الڪن کان آزاد هوندي هئي. ڪيپيٽل سينيما ٻاهران فٽپاٿ تي هارون ڪٻاڙيئي جي پراڻن ڪتابن وٽ ويهي رهندي هئي. چونڊي چونڊي ڪتاب وٺي مون کي ڏيئي ڇڏيندي هئي. هڪ دفعي الاءِ ڪٿان 1866 ۾ ارنيسٽ ٽرمپ پاران جرمني ۾ ڇپايل شاھ جو رسالو وٺي آئي هئي. رسالو مونکي ڏيندي چيو هئائين، کوڙي گارڊن ۾ پرڻن ڪتابن جي ڊھ ۾ پَٽَ تي پيو هو. ڏسجانءِ، اڳتي هلي سنڌ پنهنجي ساڃاھ جو ڀرم ڀوري وجھندي.
    ارنيسٽ ٽرمپ وارو ناياب شاھ جو رسالو مون وٽ آهي. پنهنجي ٻين ڪتابن سميت مون شاھ سائين جو اڻ لڀ رسالو انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، گانڌي ڌام کي ڏيئي ڇڏڻ جو ارادو ڪيو آهي. مون کان پوءِ منهنجن ڪتابن جي حفاظت ڪرڻ وارو ڪوبه ڪونهي. انهن ڪتابن ۾ انيڪ ڪتاب مونکي سنڌوءَ ڏنا آهن.
    ڪنهن وقت اوچتو پڇندي هئي، “هل ته هلي لنچ ڪريون.”
    سڌو وڃي بوهري بازار ۾ نمڪو پڪوڙائيءَ وٽ بيهندا هئاسين. پڪوڙا ڊبل روٽي وٺي فٽپاٿ تي ڪنڊ پاسي ويهي لنچ ڪري وٺندا هئاسين. ان لحاظ کان به سنڌو عام رواجي عورت نه هئي جو هوءَ هڪ اهم ڊپارٽمينٽ ۾ وڏي عهدي تي ڪم ڪندي هئي. سندس انيڪ ماتحت هئا پر هوءَ انهن ڳالهين کان بينياز هئي. هوءَ خاڪ نشين هئي.
    منهنجي ماءُ وانگر درويش هئي.
    شروعاتي دور ۾ سنڌوءَ بابت سوال ٻڌي دل ڀرجي ايندي هئي. منهن هيڏانهن هوڏانهن ڪري آليون اکيون لڪائي ڇڏيندو هوس. هڪ دفعي ڪنهن ميٽنگ سانگي يا ڀٽ شاھ جي ميلي تان موٽندي حيدرآباد مان لنگھڻ ٿيو هو. بنا ڪنهن سبب جي الاءِ ڇو حيدرآباد جو شهر مونکي بنھ نه وڻندو آهي. 1974 ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان بدلي ٿي ريڊيو پاڪستان اسلام آباد وڃڻ کان پوءِ مون اڄ تائين منهن ورائي حيدرآباد جو شهر نه ڏٺو آهي. ڪنهن ميٽنگ يا ڪانفرنس ۾ اچڻ ٿئي ته ڪانفرنس ختم ٿيڻ کان پوءِ اتان ئي موٽي ويندو آهيان. مونکي چڱي طرح ياد نه ٿو اچي پر مان سمجھان ٿو ته انهن ڏينهن ۾ عنايت بلوچ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو اسٽيشن ڊائريڪٽر هو. هن ڀٽ شاھ ۾ يا ٻئي ڪنهن هنڌ مون کان ڪمٽمينٽ ورتي هئي ته واپسيءَ ۾ حيدرآباد مان لگھندي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اسٽوڊيوز ۾ انٽرويو ڏيڻ لاءِ ٻه ٽي ڪلاڪ ترسي پوندس.
    چئن پنجن ماڻهن جي پينل ۾ ٻه اڍائي ڪلاڪ مون کان انٽرويو ورتو هو. انٽرويو جي شروعات ۾ ئي مون پينل کي چيو هو ته سياست ۽ تاريخ کان وٺي مذهبن تائين هو مون کان بنا ڪنهن هٻڪ جي ڪو به سوال پڇي سگھن ٿا. هنن مذهبن جي مونجھارن بابت مون کان ڪو سوال نه پڇيو ۽ نه ئي سياست ۾ ڪا دلچسپي ڏيکاري. هنن فقط ادب تي ڳالهايو. منهنجين ڪهاڻين تي ڳالهايو. ڪهاڻين ۾ ڪردارن بابت ڳالهايو. تڏهن اوچتو پينل ۾ شامل هڪ خاتون پڇيو، “سنڌو ڪير آهي؟”
    مان وائڙو ٿي ويو هوس. اندر ۾ هٿ پيو هو. اهڙي سوال لاءِ مان قطعي تيار نه هوس. انٽرويو جو سلسلو ڇڄي پيو. ڳالهيون ڇڙوڇڙ ٿي ويون. دل ڀرجي آئي. آليون اکيون لڪائڻ لاءِ منهن هيڏانهن هوڏانهن ڪيم. لڙڪ لڙي پيا. اکين تي رومال رکي مان اسٽوڊيو مان ٻاهر نڪري ويس. رڪارڊنگ روڪي ڇڏيائون. تڏهن منهنجي وهي ڪا ٻاراڻي نه هئي. نه ئي مان ڪو رومانٽڪ نوجوان هوس. پنجاھ سالن کان مٿي هوس. پينل جا ميمبر پڻ اسٽوڊيو مان ٻاهر نڪري آيا. مون پاڻ سنڀالي ورتو. منهن تي مرڪ تري آئي. دل ۾ چيم: How childish of me
    مون کي ڪا خبر ڪونهي ته ائين ڇو ٿيندو آهي. نه وصل جي تمنا، نه فراق جو اونو. ته پوءِ سنڌوءَ جو نالو يا حوالو ٻڌي دل وياڪل ۽ ويران ڇو ٿي پوندي آهي؟ سنڌو سپنو هجي ها ته شايد تعبيرن ۾ ملڻ جي تمنا ڪري ويهان ها. مون کيس پنهنجين اکين سان ڏٺو هو. ڪيئن قبول ڪريان ته هوءَ منهنجي تصور جو اولڙو هئي. ڪيئن مڃان ته منهنجي اندر جي آئيني ۾ هوءَ اپسرا جو عڪس هئي. هوءَ پاڇو به نه هئي. پاڇو هجي ها ته اوندھ ۾ منهنجو ساٿ ڇڏي ڏئي ها. مون کي اڄ تائين خبر نه پئجي سگھي آهي ته هوءَ منهنجو پاڇو هئي يا مان هن جو پاڇو هوس. هوءَ مون مان هئي يا مان هن مان آهيان؟
    سنڌو هئي، جيئن مان آهيان. جيئري جاڳندي. الاءِ ڪيئن ۽ ڪٿان آئي هئي. ان باري ۾ نه مون کانئس ڪڏهن ڪجھ پڇيو هو ۽ نه هن ئي مون کي ڪجھ ٻڌايو هو. اهي ڳالهيون اسان ٻنهي کي بي معنيٰ ۽ بي مقصد لڳنديون هيون. چوندي هئي اِهو ڪافي ناهي ته اسين ٻئي آهيون!
    انتهائي غير معمولي حالتن ۾ هوءَ پهرين دفعي منهنجي آڏو اچي بيٺي هئي. انهن ڏينهن ۾ مان اوڙاھ ۾ غرق هوس. اهڙو جڪڙيل هوس جو مون اوڙاھ مان نڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ ڇڏي ڏنا هئا. ويس ٿي غرق ٿيندو. مايوسي ويئي ٿي ورائيندي. انت جو منتظر هوس جو اوڙاھ جي اوندھ ۾ آواز ٻڌم. ٻانهن مٿي ڪري منهنجو هٿ جھل.
    مونکي گھگھ اوندھ ۾ ڪجھ نظر نه پئي آيو. ٻيهر آواز ٻڌم، سوچين ڇا ٿو؟ منهنجو هٿ جھل.
    مون ٻانهن مٿي ڪئي هئي. هڪ هٿ منهنجي هٿ ۾ پئجي ويو هو. هن مون کي ڇڪي اوڙاھ مان ٻاهر ڪڍي ورتو هو. مون حيرت وچان ڏانهنس ڏٺو هو. منهن تي مرڪ هئس. ٽڪ ٻڌي مون ڏانهن ڏسي رهي هئي. پڇيومانس، “ڪير آهين؟”
    جواب ڏنو هئائين، “مان سنڌو آهيان.”
    مونکي نئون جنم ڏنائين. وساريل وچن ياد ڏيارائين. جن راهن تان ڀٽڪي ويو هوس، انهن راهن جو ڏس ڏنائين. اوڙاھ ۾ ڪرڻ کان اڳ واري زندگي جا ورق کولي ڇڏيائين. چيو هئائين، موت، محبت ۽ مقصد کي عقيدو سمجھڻ وارا اوڙاھ ۾ نه ڪرندا آهن.
    اوڙاھ ۾ ڪرڻ کان اڳ اڌ ۾ رهجي ويل تحريرن جو سلسلو مون اوڙاھ مان نڪرڻ کان پوءِ وارين تحريرن سان جوڙيو ۽ ڪهاڻي لکيم، منهنجو ڏس آسمان کان پڇو.
    مان اهو نه ٿو چوان ته جنمن واري فلسفي ۾ منهنجو عقيدو آهي. پر، جنمن واري ٿيوري مون کي وڻندي آهي. مون کي حيران ڪندي آهي. تپرس ۾ وجھي ڇڏيندي آهي. مان پهرن جا پهر جنمن بابت سوچيندو رهندو آهيان. جيستائين ڪا سائنسي سمجھاڻي نه ملندي آهي تيستائين فلسفو، فلسفو ئي رهندو آهي. اوهان ڪڏهن نئين ڄاول ٻار جي چپن تي آيل مُرڪ بابت سوچيو آهي؟ اسين بالغ مرڪندا آهيون. تجربي ۾ آيل ڪجھ ڳالهيون، ڪجھ واقعا ياد ڪري. ڪڏهن ڪڏهن خوشگوار لمحا پنهنجي ساءِ ذهن تي تري ايندا آهن ۽ اسان کي ننڊ ۾ يا جاڳندي مرڪڻ تي مجبور ڪري وجھندا آهن. ڄاول ٻار کي دنيا ۾ آئي ڪجھ گھڙيون ٿيون آهن. هو نه ڪنهن سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ جھڙو آهي ۽ نه ڪنهن سان اندر جو حال اورڻ لائق آهي ته پوءِ سندس مرڪڻ جو سبب ڪهڙو آهي؟ اتي جنمن جو فلسفو مون کي اچرج ۾ وجھي ڇڏيندو آهي. اسان جو جنم اسان جي محدود ڄاڻ سبب اسان جو پهريون جنم سمجھيو ويندو آهي. پر ائين نه آهي. اسين اڳ به جنم وٺندا رهيا آهيون. پنهنجي گذريل جنم جون يادگيريون پاڻ سان کڻي ايندا آهيون. اهو ئي سبب آهي جو نئين ڄاول ٻار کي اسين اڪثر مرڪندي ڏسندا آهيون. ٻار جيئن جيئن نئين ماحول ۾ وڏو ٿيندو آهي تيئن تيئن گذريل جنم جون يادگيريون ذهن نشين ڪندو رهندو آهي. اڳتي هلي کيس گذريل جنم جي ڪابه ڳالھ ياد نه رهندي آهي. ان حيران ڪندڙ معاملن تي انيڪ سڌريل ۽ ترقي ڪيل ملڪن ۾ کوجنائون هلي رهيون آهن. سائنسدانن اٺن ڏهن سالن جي اهڙي ٻار کي اسٽڊيءَ ۾ ورتو آهي، جن کي پنهنجو گذريل جنم ان جنم ۾ سندن گھر گھاٽ، ماءُ پيءُ، ڀائر، ڀينرون، دوست احباب چڱيءَ طرح ياد هوندا آهن. مون وٽ هڪ ڪتاب آهي Past lives of the children ، ٻارن جون گذريل زندگيون. ڪتاب ۾ ويھ چيپٽر آهن. هڪ هڪ چيپٽر ۾ هڪ ٻار جو پنهنجي گذريل جنم بابت دلچسپ ذڪر آهي. ٻار جي ٻڌايل ۽ ڏسيل هنڌن، ماڳن ۽ مڪانن ۾ ثبوت مليا آهن. مون کي جڏهن به وقت ملندو آهي انٽرنيٽ تي گذريل جنمن جي ويب سائيٽ Past lives کولي ويهي رهندو آهيان. جنهن ۾ هڪ ٻه نه، بلڪه هزارين حواله ملندا آهن.
    انگريزيءَ هو هڪ محاورو آهي Soul mates اهڙا روح جيڪي عالم ارواح ۾ هڪ ٻئي جي ويجھو هوندا آهن. ڌرتيءَ تي اچڻ کان پوءِ اهڙا روح هڪٻئي کان ڌار ڌار ٿي ويندا آهن. دنيا جي وهنوار ۾ دور دور ٿي ويندا آهن. پر پوءِ اتفاق سان اوچتو جڏهن هڪٻئي جي سامهون ايندا آهن تڏهن هڪٻئي کي سڃاڻي وٺندا آهن. کين عالم اوراح ۾ سندن روحن جو ويجھو رهڻ ته ياد نه هوندو آهي، پر هو محسوس ڪندا آهن ته هنن جو ازل کان پاڻ ۾ ڪو رشتو رهيو آهي، ان قسم جي Phenomenon جي سمجھاڻي ڏيئي نه سگھبي آهي.
    اوڙاھ ۾ ڪري پوڻ کان پوءِ مون کي اوڙاھ مان نڪرڻ امڪان کان ٻاهر لڳندو هو. مون کي محسوس ٿيندو هو ته ذلت جي زندگي گذاري مان اوڙاھ ۾ مري کپي ويندس. مان جنهن مقصد لاءِ دنيا ۾ آيو هوس اهو مقصد اڻ پورو رهجي ويندو. تڏهن بيپناھ مايوسيءَ جي عالم ۾ مون آواز ٻڌو هو، ٻانهن مٿي ڪر، منهنجو هٿ جھل.
    مون پنهنجو هٿ هن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو هو. هن مون کي ڇڪي اوڙاھ مان ڪڍي ورتو هو. مون کي وساريل مقصد ياد ڏياريو هو. جن راهن تان ڀٽڪي ويو هوس، هن مون کي ٻيهر انهن راهن جو راهي ڪري ڇڏيو. هن مون کي منهنجو جنون موٽائي ڏنو. منهنجي ديوانگي مون کي موٽائي ڏني.
    ۽ پوءِ هڪ ڏينهن اهڙو به آيو هو. جڏهن سنڌوءَ چيو هو مان خوش آهيان ته تون پنهنجي ماڳ، پنهنجي مقصد ڏانهن موٽي آيو آهين. تنهنجا پير اڳ کان پختا آهن. دنيا جو ڪو طلسم توکي ڀٽڪائي نه سگھندو، ڀنڀلائي نه سگھندو.
    مون حيرت وچان سنڌوءَ ڏانهن ڏٺو هو.
    سنڌوءَ چيو هو، “مان وڃان ٿي، پر توکان موڪلايان نه ٿي. مان تنهنجي آس پاس رهنديس.
    تون مون کي ڏسي نه سگھندين. فقط منهنجي موجودگي محسوس ڪري سگھندين.”
    اهڙي هئي امرجليل جي سنڌو.


    امرجليل
    17 جون 2012
    B.702, Sand View Home
    Frere Town, Clifton
    Karachi
    E-mail: amarjaleel36@gmail.com
    amarjaleel@cyber.net.pk
    Website: www.amarjaleel.org


    ڪهاڻيون

    موت ۽ محبت

    چنڊ نم جي گھاٽن وڻن مٿان اچي بيٺو. سمورو ٽيرس چانڊوڪي ۾ چمڪي پيو.
    سنڌوءَ چيو، “مان جڏهن به ڳوٺ هوندي آهيان، تڏهن چانڊوڪين راتين ۾ کٽ اڱڻ ۾ وجھي، سموري رات اکين ۾ ڪاٽي ڇڏيندي آهيان.”
    “۽ مان چانڊوڪين راتين ۾ صدين جا ويراڳ دل ۾ محسوس ڪندو آهيان.” چيم “مان ائين محسوس ڪندو آهيان، سنڌو ڄڻ چانڊوڪي رات ۾ منهنجين تمنائن جا تابوت کڄندا آهن. منهنجو بيچين روح ڪنهن جي ياد ۾ ڪيڏاري جي وائي ورجائيندو آهي.”
    “ڪنهن جي ياد ۾؟” سنڌوءَ چيو.
    “جنهن کي سنڌ، ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڳوليم، جنهن جي لاءِ سرگردان رهيم ۽ ڪهاڻين جا سلسله جنهن سان وابسته ڪري ڇڏيم. پر هوءَ نه ملي. هن جي ياد جا زنجير مليا. هن جي ياد جو قيد خانو مليو. تڏهن پاڻ کي اهو چئي پرچايو هوم ته زندگي آدرش جي تصور سان گذاري سگھجي ٿي، پر کيس حاصل ڪري نه ٿو سگھجي.” چيم “جڏهن ڪنهن جي ياد جا زنجير پائي پاڻ کي قيد ڪري ڇڏيم، تڏهن هوءَ سامهون اچي بيٺي آهي.”
    سنڌوءَ ڪجھ حيرت سان پڇيو. “ڪير آهي، ڪٿي آهي. مونکي نه ڏيکاريندين؟”
    چيم، “جڏهن جلادن جو گوليون منهنجو سينو پرڻ ڪري ڇڏينديون، تڏهن به اهو راز منهنجي روح ۾ سانڍيل رهندو.”
    پڇيائين، “مونکي به نه ٻڌائيندين؟”
    وراڻيم، “منهنجي روح ۾ جھاتي پائڻ کان پوءِ به هوءَ جيڪڏهن توکي نظر نه آئي آهي ته اها منهنجي بدنصيبي آهي، تنهنجي نظر جو دوکو آهي.”
    سنڌوءَ ڪرسي تان اٿي ٽرس جي ٻنوڙي وٽ بيٺي. مان کيس ويجهو وڃي بيٺس. چيم، “تو مون کان هڪ دفعي الميي جي باري ۾ پڇيو هو. مون توکي سيفو ڪليس جو الميي جي باري ۾ نظريو ٻڌايو هو، اڄ مان ان ۾ اضافو ڪرڻ چاهيان ٿو. آدرش جو نظرن کان اوجھل رهڻ الميو ناهي. الميه جي شروعات ٿئي ٿي جڏهن آدرش نظرن جي سامهون هجي ۽ کين حاصل ڪري نه سگھجي.
    سنڌوءَ پڇيو، “ائين ڇو آهي؟”
    وراڻيم، “ان لاءِ ته جيئن غم جو تصور تخليقي عمل کي جنم ڏيندو رهي. فن بنيادي طرح محروميءَ جي احساس مان جنم وٺندو آهي.”
    سنڌو ڪجھ دير تائين نه ڳالهايو. سوچيندي رهي. پوءِ ڦري، منهنجي اکين ۾ نهاريندي پڇيائين، “اڳاڻو پنهنجي مرڻ جو ذڪر ڇو ڪيو هيئه؟”
    وراڻيم، “مون پنهنجي موت جي باري ۾ جڏهن به سوچيو آهي، تڏهن محسوس ڪيو آهي، ته مان جلاوطنيءَ ۾ مرندس ۽ جيڪڏهن پنهنجي ملڪ ۾ هوندس ته جلادن جي گولين سان ماريو ويندس.”
    سنڌو اک ڇنڀڻ بنا مون ڏانهن ڏسندي رهي. هر انسان پنهنجي وجود ۾ هڪ بيابان کڻي جيئندو آهي. جيئن انسان حِساس تئين اهو بيابان وڏو ۽ بي انت هوندو آهي. سنڌو بيحد حساس آهي. هوءِ ڳالهائيندي ڳالهائيندي خيالن ۾ گم ٿي ويندي آهي. ذهن جي بيابان ۾ ڀٽڪڻ لڳندي آهي. اُن وقت هوءَ بيحد اداس لڳندي آهي. مون کيس سڏ ڪيو، “سنڌو.”
    “هون!” هن ڇرڪ ڀريو. پوءِ هڪدم پاڻ سنڀالي کلي پيئي. موٽي وڃي ڪرسيءَ تي ويٺي، چيائين، “اچ ته عام ڳالهيون ڪريون. اجايو سيريس نه ٿيون.”
    “تون شروعات ڪر.”
    “ٻڌاءِ ته سنڌ جي عورت کي ڪهڙا ڪپڙا پائڻ گھرجن؟”
    “اهڙا ڪپڙا، جيڪي کين خندقن ۾ ويهي وڙهڻ ۾ رنڊڪ نه وجھن.” چيم، “اڳتي هلي سنڌ جي عورت کي اهڙا ڪپڙا پائڻا پوندا، جيڪي کين جھر جھنگ ۽ لوهي تارن مان لگھندي اٽڪ نه ڪن.”
    سنڌوءَ جي منهن تان مرڪ غائب ٿي ويئي چيائين، “اڍائي هزار سال اڳ مليٽس طرفان لڳايل الزامن جي جواب ۾ سقراط جيڪا تقرير ڪئي هيئ، سا کيس موت جي سزا کان بچائي نه سگھي هئي.”
    هن چنڊ کي پٺي ڏيئي اونداھ ڏانهن منهن ڪري ڇڏيو.


    سياري جي شام جا پاڇا

    دل پٿر جو تاج محل ناهي جو جٽاءُ ڪري. دل ديوانن جي وستي آهي، بيگانن جي بستي آهي. آباد آهي ته سرءُ جي سانت به بهار ڀائنجي. پر جي هڪ وار اُجڙي ته تصور جا شهر ويران ڪيو ڇڏي.
    مون سنڌو جي اکين ۾ غم ڏسي ورتو. غم جڏهن به سنڌوءَ جي عميق اکين ۾ گھر ڪندو آهي تڏهن سنڌو مونکي سنڌ وانگر عظيم، سنڌ وانگر پيڙيل، سنڌ وانگر ستايل نظر ايندي آهي.
    سنڌوءَ جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا. هڪدم ميز تان عينڪ کڻي اکيون ڪارن شيشن پٺيان لڪائي ڇڏيائين. منهن ٻئي طرف ڪري اٿي بيهي رهي. چيائين، “مان وڃان ٿي.”
    پڇيومانس، “ڪيڏانهن ٿي وڃين؟”
    آواز ڪنبيس پئي. وراڻيائين، “رستن تي رلنديس. جتان تون ڪتاب وٺندو آهين، اتان فٽ پاٿ ٿي بيهي ڪتاب وٺنديس. پوءِ وري رلنديس.”
    سنڌوءَ جي آواز ۾ ايڏو ئي درد هو، جيڏو سنڌ جي سيني ۾ سمايل آهي. مون کان رهيو نه ٿيو. مون سندس هٿ پنهنجي ٻنهي هٿن ۾ جھلي ورتو. هوءَ کوري وانگر پڄري رهي هئي. چيم، “توکي بخار آهي. ويهي رهه.” هوءَ نه ويٺي.
    “هن حالت ۾ مان توکي رستن تي رلڻ نه ڏينديس.” اهو جملو چوڻ خاطر چئي ويٺس، پر پوءِ سوچيم ته ته اهو جملو چوڻ جو مون کي حق نه هو.
    چيم، “تو منهنجي مٿان پابندين جون جيڪي سرحدون بيهاري ڇڏيون آهن. مان اُهي لتاڙي رهيو آهيان. ويهي رهه، سنڌو.”
    هوءَ ويهي رهي. چيومانس، “عينڪ لاهي ڇڏ. مون کان اکين جو غم نه لڪاءِ. مان تنهنجي روح ۾ لهي ويو آهيان. تنهنجيءَ دل کي پنهنجي سيني ۾ ڌڙڪندي محسوس ڪيو اٿم. مون کان لڙڪ نه لڪاءِ.”
    سنڌوءَ جي چپن ٿي مرڪ تري آئي. سياري جي شام جا پاڇا اداس هوندا آهن. پر سنڌوءِ جي چپن تي آيل مرڪ موهن جي دڙي وانگر ويران ۽ اداس هئي.
    سنڌوءَ پڇيو، “مون کي وڃڻ ڇو نٿو ڏئين؟”
    “هڪ شرط ٿي وڃڻ ڏيندو مانءِ.”
    “ڪهڙو شرط؟”
    “رستن تي نه رلندينءَ ۽ سڌو گھر ويندينءَ.”
    “منهنجو ڪو به گھر ڪونهي.” سنڌوءَ چيو. مون محسوس ڪيو، مدد خان جون خونخوار فوجون ڄڻ تازو هينئر، ڪجھ گھڙيون اڳ سنڌ کي اجاڙي ويون آهن. سنڌ سڏڪن ۾ آهي. سنڌو سڄي قوم جو ماتم ڪري رهي آهي.
    مون کي ماٺ ڏسي سنڌوءَ چيو، “مان مئل آهيان. مان مري ويئي آهيان.”
    “نه سنڌو تون منهنجي حياتيءَ ۾ مري نٿي سگھين.” چيم، “مون کان اڳ، تاريخ جي هر دور ۾ مون جھڙو ڪو چريو تنهنجون ڪهاڻيون لکندو هيو. توکي مرڻ نه ڏيندو.”
    هوءَ ٽڪ ٻڌي مون ڏانهن ڏسندي رهي. ڪجھ دير کان پوءِ پڇيائين، “تون مونکي سنڌو ڇو سڏيندو آهين.”
    “ادب جي روايت کي برقرار رکڻ لاءِ مان توکي سنڌو سڏيندو آهيان.”
    “ادب جي ڪهڙي روايت.”
    “علامتن ۽ شخصيتن کي Camouflage ڪرڻ جي روايت.” چيم، “دنيا جي گھڻو ڪري هر ليکڪ ڪنهن نه ڪنهن دور ۾ ائين ضرور ڪيو آهي. اها ادب جي روايت ۽ هڪ ليکڪ جي ٻئي ليکڪ سان مسلسل ڪڙي آهي.”
    چپن تي وري مرڪ تري آيس، پر ايڏي اداس نه هئس. چيائين.
    “چڱو، مان وڃان ٿي گھٻراءِ نه پنهنجي روم تي ٿي وڃان.”
    مان کيس در تائين ڇڏڻ ويس. مون ڏانهن ڏسي، اکيون ڇنڀي هلي ويئي. مان ڏانهنس ڏسندو رهيس. هوءَ سنڌ جي تاريخ وانگر وڌندي رهي.
    مون سنڌوءَ جي وجود ۾ سنڌ جي عظمت جا آثار ڏٺا آهن.


    تمنائن جي رڃ

    اڻٿائينڪو جھڙو آهيان. مان اکيون پوري پنهنجي دوست جي ڪمري ۾ ڪاهي ويس. وڃي ٽيليفون تي بيٺس، نمبر ڦيرائي، ڳالهائي، جڏهن رسيور موٽائي ٽيليفون تي رکيم، تڏهن کيس ڏٺم. وقت جي پيرن ۾ زنجير پئجي ويا. ساعتون ساھ روڪي بيهي رهيون. تاريخ جا ورق ويڙهجي ويا. سقراط زهر جو پيالو پرزا پرزا ڪري ڇڏيو. تڏهن، ڪالڪان جي مندر مان ڌوپ جو دونهون اٿڻ لڳو. سنڌ ديويءَ کي مون اروڙ جي قدمن مان بيهي ڏٺو.
    مون کي خبر نه هئي ته بي بقا زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪو اهڙو وقت به ايندو آهي، جڏهن دل جو ڌڻي تصور جي ڪاڪ محل مان نڪري، حقيقت جو روپ ڌاري اکين آڏو اچي بيهندو آهي. مون کي خبر نه هئي، ته حياتيءَ ۾ ڪا ساعت اهڙي به ايندي آهي. مون کي خبر نه هئي ڪا اهڙي گھڙي به هوندي آهي، جنهن ۾ لاشعور جي تهخانن مان ڪو مسيحو هليو ايندو آهي. مون کي خبر نه هئي. مون کي خبر نه هئي. نه ته جيڪر حياتي انتظار جي اڏيءَ تي قربان ڪري ڇڏيان ها. اکين ۾ اکا ٻاري، زندگيءَ جي چوواٽي تي بيهي، اڻڏٺي وڻجاري لاءِ واجھايان ها. سر سامونڊيءَ وائيءَ سان اندر جي اوساٽ اجھايان ها. ڪنهن درد ناڪ گيت جي گونج وانگر سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڀٽڪندو رهان ها، رلندو رهان ها ۽ انتظار جي سمنڊ ۾ لڙهندو رهان پر مان خوابن جا تابوت کڻي تمنائن جي رڃ ۾ رلندڙ انسان آهيان. مون هميشه وڃايو آهي. فقط وڃايو آهي.
    منهنجي دوست اسان جي واقفيت ڪرائي.
    مان ٽڪ ٻڌي ڏانهنس ڏسندو رهيس.
    هن چيو. “ائين ٿو محسوس ٿئيم، ڄڻ توکي سڃاڻان ٿي.”
    چيم، “مان مبهم ناهيان، مون توکي ڏسڻ شرط سڃاڻي ورتو هو.”
    چپن تي مرڪ تري آيس. پڇيائين، “ڪيئن؟”
    مون کيس جواب نه ڏنو، ڏانهنس ڏسندو رهيس. دل چاهيو ته ٻڌايانس، ته تون مهراڻ جي پاڻيءَ سان ڳوٿل سنڌ جي سانوري مٽيءَ مان ٺهيل ڇوڪري آهين. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته پوءِ مان تنهنجي لاءِ ايڏي ڪشش محسوس نه ڪريان ها، جيتري سنڌ ملڪ جي مٽيءَ لاءِ ڪندو آهيان. پر جيڪي دل چاهيو، سو نه چيم. فقط ايترو چيم “مون تاريخ جا ورق ورائي ڇڏيا آهن.”
    هوءَ کلي پيئي. چيائين، “مان تاريخ ته نه آهيان!”
    چيم، “تون تاريخ ناهين. تون تاريخ کان عظيم آهين. تاريخ تنهنجي محتاج آهي.”
    چيائين، “مون کي پنهنجي باري ۾ ڪا غلط فهمي ناهي.”
    “تنهنجي باري ۾ رايو مون ڏنو آهي. ان جو مون کي حق آهي.” چيم، “مان تنهنجي هٿ ۾ رت هاڻي اها تلوار ڏسي سگهان ٿو، جنهن سان تو آرين کان وٺي ارغونن تائين سنڌ ٿي ڪاهي ايندڙ دشمن سان مقابلو ڪيو آهي.”
    چيائين، “تون ڪهاڻيڪار آهين، تنهن ڪري مون جهڙي هڪ عام رواجي ڇوڪريءَ ۾ ايڏي مڻيا ٿو ڏسين.”
    “تون منهنجن ڪهاڻين جو مرڪزي ڪردار رهي آهين،” چيم، “مون فقط تنهنجيون ڪهاڻيون لکيون آهن.”
    منهنجي دوست چيو، “پهرين ملاقات ۾ ايتريون ڳالهايون نه ڪبيون آهن، چريا ڪهاڻيڪار.”
    منهن ورائي ڏانهنس ڏٺم. چيم، “هي پهرين ملاقات ڪٿي آهي! اسين ازل کان ملندا رهيا آهيون. ملي وڇڙندا رهيا آهيون. هن هر دفعي مون کي ساريو آهي، مون هميشه کيس ياد رکيو آهي.”
    مون منهن ورائي سنڌ جي مٽيءَ مان ٺاهيل ديويءَ ڏانهن ڏٺو. هوءَ موجود نه هئي، ڪرسي خالي هئي، دل جو عبادتگاھ ويران ٿي ويو. قرب جي ڪليسا جون ڪنگريون ڪري پيون.
    منهنجي دوست چيو، “ڪنهن سان پيو ڳالهائين، ڇا پيو ڳالهائين، چريا! هتي توکان ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبه ناهي.”
    مون کلڻ چاهيو. چيم، “مان خوابن جا تابوت کڻي تمنائن جي رڃ ۾ رلندڙ انسان آهيان ۽ پنهنجي ئي هٿن سان دل جي دنيا آباد ڪندو آهيان ۽ پنهنجن ئي هٿن سان برباد ڪندو آهيان.”


    سنڌي ادب جا بروٽس

    هڪ بند دڪان ٻاهران ڏاڪي تي ويهندي مون سنڌو کي چيو، “ٻيلي، مان ٿڪجي پيو آهيان. ٽنگن جواب ڏيئي ڇڏيو آهي. جيتوڻيڪ مون کانئن سوال نه پڇيو هو.”
    “مان به ٿڪجي پيئي آهيان.” سنڌوءَ چيو، “پر مونکي ڪنهن به حال ۾ ڪتاب “پاڪستان ڪا علاقائي ادب،” ضرور ڳولڻو آهي.”
    “پاڻ تي رحم ڪر، منهنجي حال تي رحم ڪر، سنڌو.” کيس هٿ ٻڌندي چيم، “ٿوري دير لاءِ منهنجي ڀرسان ڏاڪي تي ويهي رھ.”
    “ڪنهن ڏسي ورتو ته پوءِ؟”
    “ته پوءِ انقلاب ايندو. فساد ٿيندا. خون جون نديون وهنديون.”
    “عجيب ماڻهو آهين!”
    “منهنجي ڀرسان ويهي رھ چري.” چيم، پاڻ گذريل چئن ڪلاڪن کان رلندا رهيان آهيون. ورلي ڪو ڪتابن جو دڪان اسان کان بچي ويو هوندو. ويهي رھ.”
    هوءِ منهنجي ڀرسان ڏاڪي تي ويهي رهي. چيائين، “تنهنجي منهنجي باري ۾ جيڪي ڳالهيون هلن پيون، تن ۾ جيڪا ڪسر رهجي ويئي آهي، سا اڄ پوري ٿيندي.”
    مون کيس جواب نه ڏنو.
    سنڌو چيو، “ڪهاڻيڪار ۽ شاعر کان هميشه پاسو ڪجي.”
    ڏانهنس ڏسندي چيم، “تنهنجو اهو قول لوھ جي ٿنڀي تي اُڪرائي، اشوڪ کي مات ڪندس. گھٽيءَ گھٽيءَ ۽ چوڪ چوڪ تي اهي لوهي ٿنڀا کوڙائي ڇڏيندس ته ڪهاڻيڪار ۽ شاعر کان پاسو ڪيو.”
    ڪجھ دير خاموش ويهڻ کان پوءِ سنڌوءَ پڇيو، “تون منهنجي باري ۾ ڇو لکندو آهين؟”
    “فقط مان ڏوهي ناهيان.” وراڻيم، “دنيا جو هر هڪ ليکڪ ۽ هر ڪو شاعر پنهنجي ڪنهن نه ڪنهن سنڌوءَ لاءِ لکندو آهي.”
    اوچتو پڇيائين، “ڪتاب جو ڇا ٿيندو؟”
    “پنجاب يونيورسٽيءَ کان گھرائي وٺنداسين.”
    “نه، مونکي هينئر گھرجي.”
    “ته پوءِ هل ته ڪنهن لائبريري مان چورايون.”
    “تون ڳالھ ٽارڻ جو استاد آهين.”
    سنڌو مون سان گڏ هئي، جڏهن منهنجي هڪ دوست پنجاب يونيورسٽي جي ڇپايل ڪتاب “پاڪستان ڪا علاقائي ادب” جو ذڪر ڪيو هو. ان ڪتاب ۾ جديد سنڌي ادب جو چيپٽر جنهن صاحب لکيو آهي، سو سنڌيءَ جو پروفيسر آهي. هن صاحب فرمايو آهي، بلڪه تحرير ڪيو آهي، ته جديد سنڌي ادب ۾ راجا ڏاهر، فحاشي، بغاوت ۽ ملحداڻي نظريي جو پرچار ٿئي ٿو. سنڌو ضد ٻڌي بيٺي. چيو هئائين نه، “جديد سنڌي ادب قوميت ۽ سنڌ سان سچائي جو عهد نامو آهي. ڪوبه سنڌ ملڪ جي مٽيءَ جو ڄائو جديد ادب کي نندي نٿو سگھي.” کيس يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي سين، ته چيائين، “ڪتاب ڏيکاريو.” هڪ لائبريريءَ ۾ ڪتاڀ ڏياريوسينس تڏهن وڃي اعتبار آيس. پوءِ مون کي چيو هئائين ته، “ڪتاب جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ گھرجي. هل ڪتاب خريد ڪريون.”
    سڄي ڪراچي اٿلائڻ کانپوءِ به ڪتاب نه مليو. صدر پهتاسين، ٿڪجي پياسين. هڪ بند دڪان جي ٻاهران ڏاڪي تي ويهي رهياسين.
    سنڌوءَ پڇيو، “پروفيسر صاحب سنڌي هئڻ جي باوجود ائين ڇو لکيو آهي؟”
    وراڻيم، “هر هڪ ٻوليءَ جي ادب ۾ ڪونه ڪو بروٽس ضرور هوندو آهي، سنڌو.”


    احساس جو صليب

    اوندھ ۽ سانت جي غفائن ۾ سنڌو مونکي ڳولي لڌو.
    “تون جيئرو آهين!” سنڌوءَ چيو، “خبر اٿئي توکي ڪٿي ڪٿي ڳوليو اٿم؟”
    کيس جواب نه ڏنم. احساس جي صليب تان ڏانهنس ڏسندو رهيس.
    چيائين، “ڀانيو هوم، مُلن توکي ڪهي ڇڏيو هوندو.”
    “منهنجي مٿي تي سڱ ناهن، تنهنڪري مُلن جي نگاھ کان بچي ويو آهيان.” مان احساس جي صليب تان لهي آيس، صليب پنهنجي ڪلهن تي کڻي ورتم. سنڌوءَ جي سامهون اچي بيٺس. چيم، “ٻڪر ۽ مون ۾ فرق فقط ايترو آهي، جو ٻڪر چئن ٽنگن وارو جانور آهي ۽ مان ٻن ٽنگن وارو جانور آهيان.”
    سنڌو کلي پيئي.
    مان پنهنجي جملي تي کلي نه سگھيس.
    چوندا آهن، ٻئي کي کلائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. پر، مون محسوس ڪيو آهي ته زندگيءَ ۾ انيڪ گھڙيون اهڙيون به اينديون آهن، جڏهن انسان ٻين کي کلائي سگھندو آهي، پر پاڻ کلي نه سگھندو آهي.
    مون سنڌوءَ کي چيو، “پنهنجو غم لڪائي کلڻ وڏو آرٽ آهي. مان اهو فن توکان سکندس.”
    جيئن ڪو هوا جو جھوٽو اچي ۽ ڪا لاٽ اجھامي وڃي، تيئن سنڌو وسامي ويئي. پر پوءِ هڪدم پاڻ کي سنڀالي ورتائين. ڳالھ بدلائڻ لاءِ پڇيائين، “تون ڪنهن ڪنهن وقت ڪيڏانهن غائب ٿي ويندو آهين؟”
    “مان احساس جو صليب پنهنجن ڪلهن تي کڻي، اگھاڙين پيرين پٿر ۽ چن جي زمين تي هلندو رهندو آهيان.” وراڻيم، “ٿڪبو آهيان ته اوندھ ۽ سانت جي غفائن ۾ صليب کوڙي، پاڻ کي مٿس لٽڪائي ڪجھ دير ساھ پٽي وٺندو آهيان.”
    سنڌو وياڪل ٿي ويئي. چيائين، “تو واعدو ڪيو هو ته مايوس نه ٿيندين!”
    “مان مايوس ناهيان سنڌو،” چيم، “مان احساس جي صليب سان ٻڌجي ويو آهيان. هڪ فرد جي حيثيت ۾ مان اندر ئي اندر ڪچيءَ مٽي جي مقبرن وانگر ڀڄان ٿو، ڀران ٿو.”
    منهنجي ٻانهن ۾ هٿ وجھندي چيائين، “اڄ عيد جو ٽيون ڏينهن آهي. ٻاهر هلي ڏس ته ماڻهو ڪيترو نه خوش آهن.”
    وراڻيم، “جيستائين ڪشمور کان ڪراچيءَ تائين سنڌ مٿان بيٺل آسمان تي اميدن جي انڊلٺ نه اڀرندي، تيستائين خوشي اسان کان رڃ وانگر پري رهندي.”
    زور ڀريائين. چيائين، “تون هل ته سهي.”
    “ٻاهر سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جو ثقافتي قتل هلي رهيو آهي.”
    چيم، “زخم تازو آهي، مان ٻاهر هلي نه سگھندس.”
    حيران ٿي پڇيائين، “ڇا جو زخم؟”
    “عيد ڏينهن، سنڌ جي ٽيليويزن اسٽيشن تان، ڇهن ڪلاڪن جي پروگرامن مان سنڌي ٻوليءَ کي پندرهن منٽن جي خيرات ڏني ويئي هئي.” چيم، “مون کي احساس آهي ته Audio – Visual عمل ۾ ڪيڏي طاقت هوندي آهي ۽ ان سان ڇا حاصل ڪري سگھجي ٿو، ڇا برباد ڪري سگھجي ٿو. ٽيليويزن ۾ آڊيووزوئل سودائي ڪري ڇڏيو آهي.”
    سنڌوءَ چيو، “اڪيلائيءَ توکي سودائي ڪري ڇڏيو آهي.”
    “سنڌ لاءِ سوداءُ موجوده ٽهيءَ جي ميراث آهي.” چيم، “اسين ان احساس کان سواءِ جي نه سگھنداسين.”
    پڇيائين، “گھڙي کن لاءِ به ٻاهر هلي نه سگهندين؟”
    وراڻيم، “ٻاهر رت ۽ ڪچي گوشت جي بوءِ آهي.”
    پڇيائين، “اها بوءِ ڪڏهن ختم ٿيندي؟”
    وراڻيم، “جڏهن رت ۽ ڪچي گوشت سان بارود شامل ٿيندو.”
    سنڌو هلي ويئي، مون اوندھ ۽ سانت جي غفائن ۾ پاڻ کي احساس جي صليب تي لٽڪائي ڇڏيو.


    وجود جا ويري

    سنڌي ٿيسس لکي رهي هئي. مان لائبرريءَ جي دريءَ کان ٻاهر نهاري رهيو هوس.
    مون ٿوري دير اڳ جڏهن سنڌوءَ ڏانهن ڏٺو، تڏهن هن تڪڙ ۾ اکيون اُگهي ورتيون هيون، ۽ پوءِ ڪنڌ جهڪائي ٿيسس لکڻ لڳي هئي.
    مان لائبريريءَ جي دريءَ کان ٻاهر نهاري رهيو هوس. سنڌوءَ جو غم الم ڏسي نه سگھيو هوس.
    سنڌوءَ ڪجھ دير اڳ ڀٽ ڌڻي جو بيت جھيڻي آواز ۾ جھونگاريو هو.
    “ڏونگر مون نه ڏکوءِ، آءُ اڳ ڏکوئي آهيان،
    ساريان ڪون سکوءِ، سور گھڻيئي سنڀران.”
    مون ڏکن، ڏونگرن جي باري ۾ سنڌوءَ سان نه ڳالهايو، مون چپن ۾ چيو.
    “جبل ماري جک، جو آڏو آريچن کي،
    توڻي لڪن لک، سڀ لنگهينديس سڪ سين.”
    مان سمجھان ٿو، سنڌوءَ ڀٽ ڌڻيءَ جو بيت ٻڌي ورتو. بيت جو مفهوم سمجھي ورتو. هن ڪنڌ کڻي مون ڏانهن ڏٺو هو.
    مان لائبريريءَ جي دريءَ کان ٻاهر نهاري رهيو هوس.
    سنڌوءَ پڇيو، “تون ڪيستائين منهنجي باري ۾ لکندو رهندين؟”
    مون ڏانهس ڏسڻ بنا چيو، “جيستائين تنهنجي اک آلي رهندي، مان تنهنجي باري ۾ لکندو رهندس. جيستائين تنهنجي وجود جا ويري جيئرا آهن، مان ساڻن جنگ ڪندو رهندس، تنهنجي باري ۾ لکندو رهندس.”
    سنڌوءَ نه ڳالهايو.
    سنڌوءَ صدين کان نه ڳالهايو آهي. پنهنجو اندر نه اوريو آهي. ها، ياد پويم ٿو، سنڌو پويون دفعو 1942ع ۾ سکر جيل ۾ هيموڪالاڻيءَ سان ڳالهايو هو. ان ڏينهن کان پوءِ، هوءَ خاموش آهي. هن مون سان اڄ ڏينهن تائين نه ڳالهايو آهي. مان سودائي آهيان. مون پاڻ ڳالهايو آهي ۽ ورائي سنڌوءَ بدران به پاڻ ڳالهايو آهي.
    مون منهن ورائي سنڌوءَ ڏانهن ڏٺو. چيم، “سنڌو، اڄ به ارغون ۽ ترخان تنهنجي وجود جا ويري آهن. هنن جي گھوڙن جي تاپن ۽ هڻڪن جو پڙلاءُ ماحول مان ختم نه ٿيو آهي. هنن جا تير ڪشيل آهن. ڀالا تاڻيل آهن. سنڌو، تنهنجي وجود جا ويري، سنڌ جا ويري آهن.”
    سنڌوءَ پڇيو، “تون اڪيلي سر سڀني سان وڙهي سگهندين؟”
    “اڪيلي سر وڙهڻ مون کي ورثي ۾ مليو آهي.” چيم، “تو وساري ڇڏيو آهي. توکي ياد نه رهيو آهي. پر مون کي ياد آهي. مان تنهنجي لاءِ هر جنم ۾ اڪيلي سر وڙهندو رهيو آهيان. وڙهندي وڙهندي مرندو رهيو آهيان. سنڌ جڏهن هماليه جي برف پوش چوٽين کان وٺي عربي سمنڊ تائين وسيع هئي، تڏهن به مان تنهنجي لاءِ وڙهندو ۽ مرندو رهيو هوس. پوءِ جڏهن سنڌ ٽڪر ٽڪر ٿيندي، ڪٽجندي ۽ وڍجندي پنهنجي اصل پکيڙ کان چوٿي حصي جيتري بچي آهي، تڏهن به مان تنهنجي لاءِ، تنهنجن ويرين خلاف جنگ جوٽي رهيو آهيان.”
    سنڌوءَ ڏاڍو سادو سوال پڇيو. پڇيائين، “مون ته ڪنهن سان وير نه وڌو آهي، ته پوءِ منهنجا ويري ڇو پيدا ٿي پيا آهن.”
    جواب ڏنومانس، “اهو تاريخ جي ارتقا لاءِ ضروري آهي، ته ظالم مظلوم تي ظلم ڪندو رهي ۽ مظلوم وڏيءَ بهادريءَ سان سندس مقابلو ڪندو رهي. تون تاريخ ساز آهين. سنڌو تاريخ تنهنجي محتاج آهي.”


      مون کان پڇن ٿا ته هوءَ ڪير آهي

    مون سنڌوءَ کي چيو، “ماڻهو مون کان تنهنجي باري ۾ پڇا ٿا ڪن.”
    حيران ٿي پڇيائين، “منهنجي باري ۾؟”
    “ها تنهنجي باري ۾.”
    “ڇا ٿا پڇن؟”
    “پڇن ٿا ته تون ڪير آهين. ڪيئن آهين_ ڪٿي آهين.”
    “پر منهنجي باري ۾ توکان ڇو ٿا پڇن؟”
    مون سنڌوءَ ڏانهن نهاريندي چيو، “عرش جي بلندين بابت فرش جي بستين کان ئي پڇا ڪئي ويندي آهي.”
    ڪجھ حيا ۽ ڪجھ ڪاوڙ مان چيائين، “توکي اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ نه گھرجن.”
    چيم، “ته توکي به مونکان اهڙا سوال پڇڻ نه گهرجن.”
    پڇيائين، “ڪنهن منهنجي باري ۾ پڇيو هوءِ؟”
    “گذريل هفتي روهڙيءَ ويو هوس.” چيم، “ڪجھ نوجوان ملڻ آيا هئا. ادب، سياست ۽ سنڌ جي آئيندي بابت ڳالهائڻ کانپوءِ منجھائن هڪ ڄڻي پڇيو، ته سنڌو ڪير آهي.”
    “تو ڪهڙو جواب ڏنن؟”
    “مون کي ياد ناهي ته مون ڪهڙو جواب ڏنو هو.”
    “عجيب انسان آهين!”
    “مون کي فقط ايترو ياد آهي، ته جنهن جاءِ ۾ اسين ويٺا هئاسين سا جاءِ سنڌوءَ جي ڪناري، رستي جي ٻئي پاسي ٺهيل هئي. سندس سوال ٻڌي مون دريءَ کان ٻاهر سنڌوءَ ڏانهن نهاريو هو. سنڌوءَ ڏانهن نهاريندي مونکي هماليه جي عظمت ۽ هماليه جي بلندي ياد آئي. ورڻيم، “نوجوان جو سوال ٻڌي ته تون ڪير آهين، مونکي عرش جي دامن وانگر بيداغ، پاڪ ۽ صاف هماليه جي چانديءَ جھڙي چمڪندڙ برف ياد آئي هئي.”
    سنڌوءَ ناراض ٿي منهن ڦيري ڇڏيو.
    مون نوجوانن جو سوال ٻڌي، کين ٻڌائڻ چاهيو هو ته سنڌوءَ جو سڱ هماليه جي بلندين ۽ عرش جي عطمتن سان آهي. سنڌو منهنجي لاءِ آسمانن کان مقدس آهي. هوءَ تهذيب جي سلسلي جي ڪڙي آهي. هوءَ شاهه لطيف جي سر سارنگ وانگر ڌرتيءَ لاءِ مهر جي علامت آهي. مان سنڌوءَ کي ڏسي، تسبيح جي داڻن تي ڀٽ ڌڻيءَ جي هڪ بيت جون ٻه سٽون ورجائيندو آهيان.
    “جي وسڻ جا ويس ڪري، ته ڪڪر ڪن ڪيهان،
    بادل ٿي بيهان، جي آگم اچڻ جي ڪرين.”
    سنڌوءَ خفي ٿيندي چيو، “ماڻهن کي منهنجي باري ۾ توکان پڇا ڪرڻ نه گهرجي. تون سودائي آهين.”
    “مان ئي آهيان، جنهن کي خبر آهي ته تون ڪير آهين.” چيم، “مان ئي آهيان، جنهن کي خبر آهي ته اروڙ جي قلعي ٻاهران ان وڄ جھڙي تلوار سان وڙهندي جنهن ڌرتيءَ کي زندگيءَ جو دان ڏنو هو، سا سنڌو هئي. هوءَ به سنڌو هئي، جنهن علاءُالدين خلجيءَ جي خونخوار فوجن جا پاسا ڪڍي ڇڏيا هئا. هوءَ به سنڌو هئي، جنهن هيمو ڪالاڻيءَ کي شهادت کان ٽي ڏينهن اڳ سنڌ جي مقدس مٽيءَ جو تلڪ ڏنو هو.”
    سنڌوءَ ڪجھ نه چيو. مون سندس اکين ۾ لڙڪ ڏٺا. مان سنڌوءَ جي باري ۾ فقط لکي سگھان ٿو ٻڌائي نٿو سگھان.
    سنڌو ازل کان آهي. سنڌو حياتي مماتيءَ کان آزاد آهي. گناهن، ثوابن، گلائن کان اڳتي جتي ڪائي ڪلفت نه آهي اُتي هوءَ آهي جتي مان نه آهيان، اُتي هوءَ آهي.
    مون کان تڏهن به پڇن ٿا ته هوءَ ڪير آهي!


      دل جي ڳالھه

    دل منهنجي ڀرسان اچي بيٺي مون ساڻس نه ڳالهايو.
    دل پڇيو، “چپ ڇو آهين؟”
    وراڻيم، “مان ازل کان چپ آهيان.”
    دل کلي پيئي. پڇيائين، “ٽن ڪلاڪن کان ڦٽ پاٿ تي ڇو بيٺو آهين؟”
    جواب ڏيڻ بدران کائنس پڇيم “توکي ڪيئن خبر پئي، ته مان ٽن ڪلاڪن کان فٽ پاٿ تي بيٺو آهيان؟”
    “صبح جو سنڌ سيڪريٽريٽ ڏانهن ويندي هتان لنگهي هيس. توکي فٽ پاٿ تي بيٺل ڏٺو هوم.” دل چيو، “هينئر سنڌ سيڪريٽريٽ کان موٽي آهيان. توکي ساڳي فٽ پاٿ تي ساڳئي هنڌ بيٺل ڏٺو اٿم، ڇا پيو ڪرين؟”
    چيم، “حيران پيو ٿيان.”
    “ڇا تي؟”
    “پنهنجي حال تي”
    “ڪيئن؟”
    “ته ٽن ڪلاڪن کان هڪ هنڌ ڇو بيٺو آهيان.”
    منهنجي جواب تي دل ڪجھ ڪجھ حيران ٿي. پڇيائين، “ڪجھ وڃايو اٿئي ڇا؟”
    مون دل ڏانهن ڏٺو. ڪجھ نه چيم.
    پڇيائين، “منهنجو سوال ناگوار لڳو اٿئي؟”
    چيم، “مونکي ڪوبه سوال ناگوار محسوس نه ٿيندو آهي.”
    “پوءِ هتي ڇو بيٺو آهين؟”
    “مان پاڻ ان باري ۾ سوچي رهيو آهيان ته هتي ڇو بيٺو آهيان.”
    “عجيب انسان آهين!”
    “نه بيوقوف آهيان.”
    “اڪيلائي انسان کي اڏوهيءَ وانگر کائي ڇڏيندي آهي.”
    جواب ڏيڻ کان اڳ دل ڏانهن ڏٺم. چيم، “مان اڪيلو نه آهيان. مون سان گڏ منهنجا وهم آهن، سنسا آهن.”
    دل چيو، “هل، ته هتان هلئون.”
    چيم، “مان هتان ڪجھ دير تائين چري نه سگهندس.”
    پڇيائين،“ڪنهن کي اچڻ جو انجام ڏنو اٿئي ڇا؟”
    “مان عمر جي ان دور کي پٺتي ڇڏي آيو آهيان.” دل کي چيم، “سامهون پپر جي هيٺان پراڻن ڪتابن جو انبار ڏسين ٿي؟”
    وراڻيائين، “ها.”
    چيم، “انهن ڪتابن ۾ گنگا داس جئسنگهاڻيءَ جي انگريزي شاعريءَ جو ڪتاب The Annada Gita رکيو آهي. ان ڪتاب جو انتساب شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ ڏانهن ڪيل آهي. مان چاهيان ٿو، ته ڪو شخص اهو ڪتاب خريد ڪري، فٽ پاٿ تان کڻي وڃي.”
    دل پڇيو، “تون ڇو نه ٿو خريد ڪرين؟”
    “دل تون چري آهين، چري آهين.” مان ٽهڪ ڏيئي کلي پيس. مون کي پنهنجو لکڻ اوپرو محسوس ٿيو. چيم، “گھٽ ۾ گھٽ تون ته اهڙا سوال نه پڇندي ڪر، دل”
    دل ڪجھ نه چيو، مون پاڻ سان ڳالهايو: تون ڇا ٿو ڏسڻ چاهين. ڪوبه ڪتاب وٺڻ نه ايندو. ڪوبه نه ايندو.


      زندگيءَ جي سرڪس

    دل چيو، “تون جڏهن کلندو آهين ته تنهنجي کلڻ تي مونکي روئڻ ايندو آهي.”
    پڇيو مانس، “۽ جڏهن روئيندو آهيان تڏهن؟”
    وراڻيائين، “تڏهن تنهنجي روئڻ تي مونکي کل ايندي آهي.”
    مون دل ڏانهن ڏٺو. دل جھانگير ڪوٺاري پريڊ جي ڏاڪڻ تي بيٺي هئي ۽ سمنڊ جي لڇندڙ ڇولين ڏانهن ڏسي رهي هئي.
    مون دل کي چيو. “مان توکي کلائڻ لاءِ سڄي عمر روئيندو رهندس.”
    هوءَ ٽهڪ ڏيئي کلي پيئي چيائين، “مونکي توسان همدردي آهي.”
    چيم، “تون ايئن ئي کلندي رھ، خوش رھ، اهائي منهنجي تمنا آهي. مونکي همدرديءَ ضرورت ناهي.”
    دل منهنجي اکين ۾ نهاريو پڇيائين، “خفي ٿي وئين؟”
    چيم، “سرڪس جا جوڪر ۽ پڃرن ۾ ويٺل ڀولڙا ڪنهن کان به خفي نه ٿيندا آهن. ٻنهي جو ڪم آهي ٻين کي کلائڻ.”
    پڇيائين، “تون ڪير آهين جوڪر يا ڀولڙو؟”
    چيم، “مان هڪ تمام وڏي سرڪس جو جوڪر آهيان. اُن سرڪس ۾ مان اڪيلو ئي جوڪر ناهيان. مون جھڙا هزارين لکين جوڪر ان سرڪس ۾ ڪم ڪندا آهن.”
    “اها سرڪس ڪٿي آهي؟”
    “اهڙا خطرناڪ سوال پڇي، منهنجي عاقبت خراب ته نه ڪر.”
    “ڊڄين ٿو؟”
    “اڄڪلھ ڊڄڻ کي ڊپلوميسي سڏيندا آهن.”
    “ان جو مطلب آهي ته تون ڊپلوميسيءَ کان ڪم وٺي رهيو آهين!”
    “ها.”
    “ڇو جو جنهن سرڪس جو مان جوڪر آهيان، تنهن ۾ هيرو ڪو به ڪونهي. فقط ولين (Villain) آهن.” دل کي سمجھائيندي چيم. “۽ سرڪس جا ولين بدقسمتيءَ سان پاڻ کي هيرو سڏيندا آهن.”
    پڇيائين، “هيرو ڪنهن فلم جي شوٽنگ تي ويو آهي ڇا؟”
    وراڻيم، “مون واري سرڪس ۾ شوٽنگ جو ڪم به وليين ڪندا آهن پر اها فلم جي شوٽنگ نه هوندي آهي. مان پنهنجي جملي جي وضاحت نه ڪندس.”
    دل پڇيو، “سرڪس جو هيرو ڪٿي آهي؟”
    جواب ڏنم، “سرڪس جو هيرو واڱڻ جي پوک تي تجربا ڪري رهيو آهي.”


      چاهت جي انتها

    چيائين، “مونکي خبر آهي، تون منهنجو ٿي نه سگھندين.”
    سندس جملي ۾ سچائي محسوس ڪيم. ڪجھ نه چيم. خاموش رهيم.
    هوءَ منهنجي سامهون سائي ويس ۾ بيٺي هُئي. سندس حسن جي هاڪ جيڪا ٻڌي هئم، سا ڏٺم. چاهتن جي جيڪڏهن ورڇ ٿي سگھي ها ته مان پنهنجي چاهت جو جيڪر وڏو حصو کيس ڏيئي ڇڏيان ها، پر چاهتن ۽ وفائن جي ورڇ نه ٿيندي آهي.
    “گذريل ويهن پنجويهن ڏينهن ۾ تنهنجي روش مان سمجھي ويئي آهيان ته تون منهنجو ٿي نه سگھندين” چيائين، “تون مون ڏانهن هليو ته آيو آهين پر پنهنجو روح پوئتي ڇڏي آيو آهين.”
    پڇيومانس، “توکي ڪيئن خبر پيئي ته مان پنهنجو روح پوئتي ڇڏي آيو آهيان؟”
    منهنجي اکين ۾ نهاريائين چيائين، “منهنجي ميخاني ۾ ڪوبه رند هوشمند نه رهندو آهي.”
    “اسان جي اکين تي ازل جا کيپ چڙهيل آهن، چري.” چيم، “توکي ڪهڙي خبر، ته هڪ جو ٿي وڃڻ ۽ هڪ لاءِ مرڻ ۾ ڪهڙو نشو ۽ ڪهڙي ڪشش آهي!”
    هڪدم پڇيائين، “ڪير آهي هوءَ؟”
    “منهنجي مٿي ۾ مٽي ڏسين ٿي؟” چيم، “کائنس موڪلائڻ مهل مون سندس پيرن جي پڻي کڻي پنهنجي مٿي ۾ وجھي ڇڏي هئي.”
    عجيب سوال پڇيائين، “کيس ڏاڍو چاهيندو آهين؟”
    “چاهڻ ۽ مري وڃڻ ۾ فرق نه هوندو آهي.” چيم، “مان اڃان جيئرو آهيان. سمجهان ٿو منهنجي چاهڻ ۾ کيس پوڄڻ ۾ ڪٿي ڪا نه ڪا ڪسر رهجي وئي آهي.”
    ڪجھ ڪجھ ساڙ مان پڇيائين، “مرڻ جي حد تائين کيس چاهين ٿو؟”
    “مرڻ جيڪڏهن چاهت جي انتها هجي ها ته پوءِ مان انتها کي پهچي کيس چاهڻ ڇڏي ڏيان ها.” چيم، “پر مون هر جنم ۾ کيس چاهيو آهي. کيس چاهڻ کان پوءِ مان هر دور ۾ مرندو رهيو آهيان ۽ مري وري موٽندو رهيو آهيان. چاهت جو سلسلو ختم نه ٿيندو آهي.”
    هوءَ هوشربا آهي. مرغزار جھڙيون ٻانهون کوليندي چيائين، “مان تنهنجو آڌر ڀاءُ ڪيان ٿي. اچ مونکي اچي پنهنجو ڪر.”
    “تو تاريخ جي هر دور ۾ ڪاھ ڪندڙ جي آجيان ڪئي آهي. حمله آور کي دل ۽ اکين ۾ جاءِ ڏني آهي.” چيم، “پر مان حمله آور نه آهيان. مون ڪاھ نه ڪئي آهي. منهنجو آڌر ڀاءُ ڇو ٿي ڪرين؟”
    منهن تي مرڪ تري آيس. تبسم سان چيائين، “مان تنهنجيءَ دل تان ان جي ياد ميسارڻ چاهيان ٿي، جنهن وٽ پنهنجو روح ڇڏي آيو آهين.”
    چيم، “مان سڄو سمورو هن وٽ رهجي ويو آهيان. تون منهنجو اولڙو ڏسي رهي آهين.”


      گناھ

    مون زندگي ۾ فقط گناھ ڪيا آهن. منهنجي ساهميءَ جو ثوابن وارو پڙ خالي آهي. جڏهن به ۽ جتي به ڪنهن گنهگار جو ذڪر آيو آهي، تڏهن مونکي پنهنجو ئي خيال آيو آهي. اڄ مان اوهان کي پنهنجن لاتعداد گناهن مان گناھ جي ڪهاڻي ٻڌائيندس. ڪهاڻي منڍ کان شروع نه ڪندس، ڇو جو منهنجيءَ ڪنهن به ڪهاڻيءَ کي منڍ نه هوندو آهي. ڪهاڻي پوري به نه ڪندس، ڇو جو منهنجي ڪنهن به ڪهاڻي کي پڇاڙي نه هوندي آهي. تنهن ڪري ڪهاڻي اڌ مان شروع ڪندس ۽ اڌ ۾ ئي ڇڏي ڏيندس. مون اشارن ۾ ڳالهايو آهي. مان اشارن ۾ ڳالهائيندو رهندس. اهو منهنجو ڏوھ آهي، جيڪو منهنجن گناهن جي فهرست ۾ شامل آهي.
    “ته توکي ڪجھ به ياد ڪونهي!” هن ٿڌو ساھ کڻندي چيو، “تو هڪ دفعي چيو هو، ته تون مون کان پوءِ ٻئيءَ ڪنهن عورت سان محبت ڪري نه سگھندين.”
    مون منهن ورائي ڏانهنس ڏٺو. رات جو ڳپل حصو گذري ويو هو. لورس برج جي مٿان ڦڻ وانگر بيٺل ٽيوب لائيٽن ۾ مون کيس سڃاڻڻ جو ڪوشش ڪئي، پر مان کيس سڃاڻي نه سگھيس.
    چيم، “مان توکي نه ٿو سڃاڻان.”
    هن جي چپن تي مايوس مرڪ تري آئي. چيائين، “تو هڪ دفعي چيو هو، ته سمورو جڳ جيڪڏهن جبل وانگر اسان جي وچ ۾ اچي بيٺو ته تون جبل ڏاري ڇڏيندين.”
    “مان سمجھان ٿو، توکي ڪا غلط فهمي ٿي آهي.” کانئس جند ڇڏائڻ لاءِ چيم، “يقين ڪر، اهي ڊائلاگ مون توکي هرگز نه چيا آهن ۽ سڀ کان وڏي ڳالھ ته هن کان اڳ مون توکي ڪڏهن به نه ڏٺو آهي.”
    هوءَ لورس برج جي لوهي ريلنگس تي ٻانهون رکي، ريل جي پٽن ڏانهن ڏسڻ لڳي. چيائين، “تو هڪ دفعي چيو هو، ته توکي ۽ مون کي جيڪڏهن هڪٻئي کان ڌار ڪيو ويو ته تون خودڪشي ڪندين.”
    “پر مان هن پل تان ٽپو ڏيئي آپگهات ڪرڻ لاءِ هتي نه آيو آهيان.” ڪجھ کهري لهجي ۾ چيم، “مان سخت پريشان آهيان، هيڪلن رستن تي نڪري آيو آهيان. تون خدا جي واسطي مونکي اڪيلو ڇڏي ڏي.”
    “تون ڪيترو نه بدلجي ويو آهين!” هن ٿڌو ساھ کڻي، مون ڏانهن ڏسندي چيو، “نيپيئر روڊ جا سمورا تماشائي، اڌ رات کانپوءِ جڏهن هڪ هڪ ٿي هليا ويندا هئا، تڏهن تون منهنجي در جي چائنٺ جھلي ويهي رهندو هئين. مونسان شادي ڪري، مون کي چڪلي مان ڀڄائي وڃڻ جون ڳالهيون ڪندو هئين.”
    سموري پل پنهنجي پيرن هيٺان لڏي ويئي.
    هن چيو، “مون آخرڪار چڪلو ڇڏڻ ۽ شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.”
    مان کانئس ٻه قدم پري ٿي بيٺس.
    هن چيو، “مون کي تنهنجي ڳولا هئي. صدين کان پوءِ مون تو کي لڌو آهي. ڪڏهن ٿو مون سان شادي ڪرين؟”
    “ڳالهه ٻڌ. مان عزت دار ماڻهو آهيان. مونکي چار چڱا سڃاڻن.” کائنس پري ٿيندي چيم، “هن بيگاني وقت جيڪڏهن هتي ڪنهن مون کي توسان ڏسي ورتو ته مان مفت ۾ بدنام ٿي ويندس. سالن جي محنت کانپوءِ پنهنجي معاشري ۾ جيڪو مقام پيدا ڪيو اٿم، ان کان محروم ٿي ويندس.”
    هن ڪجھ نه ڳالهايو.
    مان کيس پٺي ڏيئي بيهي رهيم. وڏي واڪ چيم، “تون منهنجي دشمن آهين، تون منهنجي دشمن آهين.”
    هن ڪجھ نه چيو.
    مون منهن ورائي هن ڏانهن ڏٺو.
    لورس برج (پل) تي مون کان سواءِ ٻيو ڪو به نه هو.


      جيئري رهڻ لاءِ بهانو

    مون کيس صدر ۾ شاپنگ ڪندي ڏٺو. کيس ڏهن پندرهن سالن کان پوءِ ڏٺم، ته سوچيم ڳالهائيندومانس حال احوال وٺندومانس.
    هن گھڻو اڳ چيو هو، “توکان جدا ٿي مان زهر کائينديس، مري وينديس.”
    مون کان جدا ٿيڻ کان پوءِ هن زهر نه کاڌو، هن شادي ڪري ڇڏي ۽ پوءِ تيز رفتاريءَ سان ملڪ جي آدمشماريءَ ۾ اضافو ڪندي رهي.
    مون ساڻس ڪوبه واعدو نه ڪيو هو. مون کيس اهو نه چيو هو ته مان توکان جدا ٿي ڦاهو کائيندس ۽ مري ويندس. مونکي خبر آهي ته مان ايئن ڪري نه سگھندس. مونکي خبر هئي ته هن کان جدا ٿيڻ کان پوءِ به مان جيئرو رهندس. عذاب سهڻ جي ميراث اسان کي ورثي ۾ ملي آهي.
    هن مون کان پڇيو هو، “مون کان جدا ٿيڻ کانپوءِ تون زهر نه کائيندين؟ خودڪشي نه ڪندين!”
    “نه” وراڻيو هوم، “مان تنهنجي جدائي ۾ زهر کائي خودڪشي ڪري نه سگھندس.”
    پڇيو هئائين، “ڇا مونسان محبت نه اٿئي؟”
    “مونکي توسان محبت آهي.” وراڻيو هوم، “مرڻ واري ڳالھ مون کي پسند ناهي.”
    “ان جو مطلب آهي ته توکي مون سان محبت ناهي.”
    “مونکي توسان محبت آهي.”
    “ته پوءِ منهنجي خاطر مرڻ لاءِ تيار ڇو نه آهين؟”
    “مون نسيم کرل جي هڪ افساني ۾ اٽالو پڊنگ ۽ مڪسڊ گرل نالي کائڻ جي ٻن ولايتي شين جو نالو پڙهيو هو.” چيم، “مان جيستائين اٽالوپڊنگ ۽ مڪسڊ گرل نه کائيندس، تيستائين هرگز نه مرندس.”
    “پر مان توکان سواءِ مري وينديس.” هن چيو، “مان عورت آهيان. مون توسان پنهنجي زندگيءَ جي پهرين ۽ آخري محبت ڪئي آهي.”
    ان کان پوءِ اسين جدا ٿي وياسين. هن مرڻ بدران شادي ڪئي ۽ ٻارن پيدا ڪرڻ جي مشين ٿي پيئي. مان سمجھان ٿو اڄوڪي دور ۾ عشق ۾ ناڪاميءَ کان پوءِ مرڻ بيهودو ڪم آهي ۽ ٻار پيدا ڪرڻ ۽ پالڻ مفيد ڪم آهي. هوءَ مفيد ڪم ۾ مشغول ٿي ويئي ۽ کانئس مرڻ وسري ويو.
    مان هن کان جدا ٿيڻ کان پوءِ ٻارن پيدا ڪرڻ جي مفيد ڪم ۾ پئجي نه سگھيس. مان اٽالوپڊنگ ۽ مڪسڊ گرل کائڻ جي آرزوءَ ۾ جيئرو رهيس ۽ اڃ تائين جيئرو آهيان.
    مون هن کي صدر ۾ شاپنگ ڪندي ڏٺو. هوءَ جڏهن ڏهن ٻارن سميت شاپنگ ڪري دڪان مان ٻاهر نڪتي، تڏهن مون کيس سلام ڪيو. هوءَ بيهي رهي ۽ غور سان مون ڏانهن ڏسڻ لڳي. پوءِ ڪجھ عجب وچان پڇيائين، “اڙي! ڏهن پنڌرهن سالن ۾ توکي ڇا ٿيو آهي؟”
    ڏانهس ڏسندي وراڻيم، “مون توسان مرڻ جو واعدو نه ڪيو هو. مان اٽالوپڊنگ ۽ مڪسڊ گرل کائڻ جي آرزوءَ ۾ جيئرو آهيان.”


      رهجي ويل ڳالهيون

    “توسان ڪجھ ضروري ڳالهيون ڪرڻيون اٿم.”
    “ته پوءِ ڪرين ڇو نه ٿو؟”
    “ڊڄان ٿو، متان ڪو ٻڌي نه وٺي!”
    “هتي مون کانسواءِ ٻيو ڪوبه ڪونهي.”
    “تون ڀليل آهين، ڀتين کي به ڪن ٿيندا آهن.”
    “سچ!”
    “ها.”
    “ته پوءِ اچ ته اول ڀتين جا ڪن بند ڪريون ۽ پوءِ ڳالهايون.”
    “مان سمجھان ٿو هيءَ ٽنگ اصل ۾ ڀت جو ڪن آهي.”
    “ڏسان! نه نه، اها ٽنگ اصل ۾ ڪني پاڻي جي نيڪالي لاءِ موري آهي.”
    “اڇا! لڳي ته بلڪل ڪن جھڙو ٿو.”
    “سڀ ٽنگ پهريان ڪنن جھڙا لڳندا آهن، پر ڪن نه ٿيندا آهن.”
    “ڀلا هيءَ ٽنگ ڏس ڪن ته ناهي!”
    “نه اهو ڀت جو ڏار آهي.”
    “۽ ڀلا هيءَ ٽنگ؟”
    “ان ٽنگ ۾ منهنجو ڏاڏو گنجي بادشاھ واري دور ۾ سڪا لڪائي رکندو هو. هو جڏهن مري ويو تڏهن اسان ان ٽنگ مان سڪا چورائي ورتا ۽ ٽنگ کليل ڇڏي ڏنو.”
    “ته ان جو مطلب آهي ته هتي توکان ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبه ڪونهي ۽ ڀتين کي ڪن به نه آهن. تنهنڪري دل جي ڳالھ ڪري سگھجي ٿي.”
    “ها، هتي دل جي ڳالھ ڪري سگھجي ٿي.!”
    “الاءِ ڇو ڊڄان ٿو!”
    “ڪا خطرناڪ ڳالھ آهي ڇا؟”
    “ها.”
    “ڪهڙي قسم جي؟”
    “هڪ ڳالھ ناهي! دل جون ڳالهيون آهن.”
    “ته پوءِ ڳالهيون ڪرين ڇو نه ٿو؟”
    “چيم نه، ته ڊڄان ٿو.”
    “هيئن ڪر مونکي لکي ڏي.”
    “اها غلط پاليسي آهي.”
    “ڪيئن؟”
    “ڪاغذ ڪنهن کي هٿ لڳي ويو ته پوءِ؟”
    “مونتي اعتبار نه اٿئي؟”
    “اعتبار جي ڳالھ ناهي. مان اڄڪلھ ڪجھ ڪجھ تدبر کان ڪم وٺڻ لڳو آهيان.”
    “۽ اڳ جو چوندو هئين مئي مٿي مهراڻ ۾ پڻ ٽپو ڏيئي!”
    “ويل ويئي، ڳالھ ويئي.”
    “نظرياتي طرح ڦري ويو آهين ڇا؟”
    “ماني ڍوَ تي ۽ موچڙو گھٽ آهي.”
    “تنهنڪري تدبر کان ڪم وٺڻ لڳو آهين؟”
    “ها.”
    “۽ ڳالهيون؟”
    “ڪري ڇڏيوسين؟”
    “خدا حافظ”
    “الله نگھبان.”


      مان ازل کان تنهنجو آهيان

    منهنجي ڇهين حس، جنهن کي انگريزي ۾ sixth Sense چئبو آهي، طاقتور آهي. سنڌوءَ جي قدمن ۾ ويٺو هوس، خاموش ۽ ماٺ ماٺ! جڏهن ڳالهائڻ لاءِ ڪجھ نه هوندو آهي، تڏهن اسين ڳالهائيندا آهيون ۽ جڏهن ڳالهائڻ لاءِ گھڻو ڪجھ هوندو آهي، تڏهن اسين ڪجھ به نه ڳالهائيندا آهيون. هڪٻئي جي سامهون هوندي به چپ چپ رهندا آهيون! ان ڏينهن به اسين چپ چپ هئاسين. چپ انڪري هئاسين جو ڳالهائڻ لاءِ سمورو ماضي، حال ۽ مستقبل اسان جي وجود ۾ اٿلڻ لاءِ ماندو ٿي رهيو هو. مان سنڌوءَ جي قدمن ۾ ويٺو هوس. سنڌوءَ جي قرب ۾ منهنجي لاءِ اها ئي مناسب جاءِ هئي ۽ اهائي مناسب جاءِ آهي.
    مون سنڌوءَ کي چيو، “منهنجيون ٻه تمام ننڍڙيون ۽ معمولي تمنائون ڪڏهن پوريون نه ٿينديون.”
    سنڌوءَ منهنجي پيشانيءَ تان وار پري ڪندي پڇيو، “ڪهڙيون تمنائون؟”
    “ماڻهو مونکي سنگدل سڏيندا آهن. پر توکي خبر آهي ته مان سنگدل ناهيان.” سنڌوءَ ڏانهن ڏسندي چيم، “سنڌو دل چاهي ٿي، تنهنجيءَ هنج ۾ منهن لڪائي، سڏڪا ڀري ڀري روئي پوان. ڄاڻان ٿو، منهنجي اها تمنا پوري نه ٿيندي.”
    منهن جي اروڙ جھڙي اداس مرڪ تري آيس. چيائين، “تون چريو آهين.”
    “چاهڻ وارا ۽ چاهتن ۾ مرڻ وارا ايئن هوندا آهن، جيئن مان آهيان.” چيم، “مونکي ظاهري طرح ويجھو هوندي، تون مونکان پري آهين. مونکي تنهنجي هنج نصيب نه ٿيندي.”
    سنڌوءَ ڪجھ نه چيو. وياڪل ٿي پيئي.
    “مان تنهنجو هوس. مان تنهنجو ئي رهندس. توکان سواءِ مان بي معنيٰ آهيان.” سنڌوءَ جي اکين ۾ ڏسندي چيم، “چاهيان ٿو، ساهن جو سلسلو ختم ٿي وڃي. مان تنهنجي قدمن ۾ خوموشيءَ سان دم ڏيئي ڇڏيان. توکان جدا ٿي مرڻ مونکي گوارا نه آهي. مان تنهنجو آهيان.. تو وٽ مرڻ جو خواهشمند آهيان. پر مونکي خبر آهي منهنجي اِها تمنا پوري نه ٿيندي.”
    “مونسان جيڪي ڳالهائيندو آهين، سو لکي ڇڏيندو آهين.” سنڌوءَ چيو، “تنهنجين تحريرن سبب مايوسي پکڙجي رهي آهي.”
    “مان تنهنجيءَ راءِ سان متفق نه آهيان، سنڌو.” چيم، “تون جنهن کي مايوسي سمجھي رهي آهين، سا اسان جي جاڳرتا آهي.”
    هن ڪجھ نه چيو.
    مون ڳالهايو، “تون اٽل آهين. تون عظيم آهين. تنهنجو وجود ازل ۽ ابد جي پابندي کان آزاد آهي. مان هڪڙي ڏينهن سڪل پن وانگر طوفانن ۾ رلي ويندس. وقت جي قدمن ۾ چيڀاٽجي ويندس.”
    سنڌوءَ چيو، “تون بهادر آهين. جدائي ۾ جيئڻ تنهنجي لاءِ عذاب سهي، پر تون ان عذاب جي درد کي برداشت ڪري ويندين. اهو توکان بعيد نه آهي.”
    سنڌوءَ جي اکين ۾ ڏسندي چيم، “توکان جدا ٿي مان ڊهي ويندس، يا ٺهي پوندس.”
    اکين مان بيچيني ليئا پائڻ لڳس.
    “زندگي ۾ هڪ وقت اهڙو به ايندو آهي، جڏهن ڪو احساس بي معنيٰ هئڻ جي باوجود با معنيٰ ۽ ڪڏهن بامعنيٰ هئڻ باوجود بي معنيٰ محسوس ٿيڻ لڳندو آهي.” سنڌوءَ چيو، “ٿي سگھي ٿو، جدائي تڏهن تنهنجي لاءِ بامعنيٰ ٿي پوي!”
    “منهنجي لاءِ اهو احساس ڪافي آهي، ته مان تنهنجو آهيان ۽ توکان سواءِ ڪنهن جو ٿي نه سگھندس.” سنڌوءَ جي گوڏي تي مٿو ٽيڪيندي چيم، “منهنجي دل جي دنيا تنهنجي تصور سان آباد هئي. توکان جدا ٿيڻ کان پوءِ منهنجي دل جي دنيا تنهنجي ياد جي خوشبوءِ سان واسيل رهندي.”
    ۽ پوءِ وري اسين خاموش ٿي وياسين هڪٻئي ڏانهن ڏسندا رهياسين.


      اسين عڪس آهيون

    پينوراما شاپنگ سينٽر وٽان لنگهندي، سنڌو ۽ مان بيهي رهياسين.
    سنڌوءَ مون کان پڇيو، “انهن دڪانن مان تون ڪيتريون شيون وٺي سگهندين.؟”
    پاڻ ڏانهن ۽ پنهنجي لباس ڏانهن ڏٺم پوءِ پينوراما شاپنگ سينٽر جي جرڪندڙ دڪانن ۽ شوڪيسن ڏانهن ڏٺم.
    سنڌوءَ پڇيو، “ڇا پيو سوچين.”
    چيم، “تنهنجي سوال جو ڪو مناسب جواب پيو سوچيان.”
    چيائين، “مون توکان بيروتَ جي ورهاڱي بابت ته سوال نه ڪيو آهي!”
    چيم، “شايد ان سوال جو جواب سولائيءَ سان ڏيئي سگھان ها.”
    سنڌوءَ چيو، “چڱو، توکي پنج منٽ ڏيان ٿي. مناسب جواب سوچي، مون کي جواب ڏي.”
    چيم، “پنهنجو سوال ورجاءِ، سنڌو.”
    سنڌوءَ سوال ورجائيندي چيو، “هنن دڪانن مان تون ڪيتريون شيون وٺي سگھندين؟”
    پڇيم، “ڪهڙي جنم ۾؟”
    وراڻيائين، “هن جنم ۾.”
    چيم، “هن جنم ۾ مان ڪجھ به وٺي نه سگھندس.”
    پڇيائين، “ڀلا ايندڙ جنم ۾ ڪجھ وٺي سگھندين؟”
    چيم، “پنجن منٽن جي مهلت ڏي. مان سوچي وٺان.”
    مان سوچڻ لڳس.
    سنڌو پرڀرو وڃي فرنيچر جي دڪان آڏو بيٺي. مان سنڌوءَ جي سوال جي باري ۾ نه، سنڌوءَ جي باري ۾ سوچڻ لڳس. ايئن ڇو آهي، مون اڪثر سوچيو آهي ته سنڌوءَ جي تصور کان سواءِ، سوداءَ کان سواءِ، سوچ کان سواءِ مان اٻاڻڪو رهندو آهيان. پنهنجي وجود کان بدگمان ٿي پوندو آهيان! ماڻهو ساھ جي سلسلي سان جيئندا آهن. مان سنڌوءَ جي سوچ سان جيئندو آهيان. ماڻهو مايا ميڙيندا آهن. مان سنڌوءَ جي قربت ۾ گذاريل گھڙين جي ميراث ميڙيندو آهيان. ڪنهن ڪنهن وقت ايئن به ٿيندو آهي، جو مان سنڌوءَ سان پهرن جا پهر ويٺو ڳالهائيندو آهيان ۽ پوءِ جڏهن هوش ۾ ايندو آهيان، تڏهن پاڻ کي هيڪلو پائيندو آهيان، تڏهن محسوس ڪندو آهيان ته مان ڪائنات جي ذري ذري ۾ سنڌوءَ جي تصوير ڏسندو آهيان ۽ ساڻس ڳالهيون ڪندو آهيان.
    اڪثر دوستن مون کي اڪيلائين ۾ پاڻ سان ڳالهائيندي ڏٺو آهي. پر، تڏهن مان اڪيلو نه هوندو آهيان. سنڌو مون سان ساڻ هوندي آهي. منهنجيون اڪيلايون سنڌوءَ جي تصور سان سينگاريل هونديون آهن!
    سنڌوءَ چيو، “پنجن بدران ڏھ منٽ سوچيو اٿئي. هاڻي ٻڌاءِ ته ايندڙ جنم ۾ هنن دڪانن تان ڪهڙيون شيون وٺي سگھندين؟”
    ان وقت سنڌوءَ جو عڪس آئيني ۾ نظر اچي رهيو هو. هوءِ فرنيچر جي دڪان آڏو ڊريسنگ ٽيبل جي آئيني جي سامهون بيٺل هُئي.
    مون سنڌوءَ کي چيو، “اسين عڪس آهيون. اسين هر دور ۾ عڪس رهيا آهيون. عڪس ڪجھ به وٺي نه سگھندا آهن سنڌو. عڪس محروم رهندا آهن. اسين عڪس آهيون!”


    گھر کي لڳل باھ

    دل ورهين جي ويراڳ جو شڪار ٿي پيئي. اُداس ته اڳ به ٿيندي هئي. پر اهڙي ڪيفيت جو ڪارو لباس نه پائيندي هئي، جھڙو ڪجھ ڏينهن کان پاتو اٿائين. مونکي لڳي ٿو، جوڳ ورتو اٿائين. سموريءَ سڃ جو واسو منهنجي روح ۾ آهي. اندر مان اوتارن ڪوچ ڪيو آهي. دل اڪيلائين جي مسافر آهي.
    مان سنڌوءَ جي قدمن ۾ ويهي رهيس. چيم، “مون کي ڪجھ سمجھ ۾ نه ٿو اچي. سنڌو؛ مونکي ڪجھ سمجھ ۾ نه ٿو اچي.”
    پنهنجين اڱرين سان منهنجا وار جائيتا ڪندي چيائين، “مون ڏانهن ڏس.”
    مون سنڌوءَ ڏانهن ڏٺو.
    منهنجي اکين ۾ لڙڪ ڏسي چيائين، “روئين ٿو، چريا.”
    “ها، سنڌو.” چيم، “دل چاهي ٿي تنهنجيءَ هنج ۾ منهن لڪائي روئي پوان. پنهنجين ناڪامين جو اعتراف ڪريان.”
    سنڌوءَ چيو، “تنهنجي باري ۾ گھڻو اڳ مون هڪ رايو قائم ڪيو هو. مان اڄ به ان رايي تي قائم آهيان.”
    پڇيم، “ڪهڙو رايو؟”
    چيائين، “اِهو ته تون سياست جو ليکڪ نه آهين ۽ سياست تنهنجي وس جو روڳ نه آهي.”
    شڪست کاڌل نگاهن سان مون سنڌوءَ ڏانهن ڏٺو.
    سنڌوءَ چيو، “اُهي ڀوڪ آهن، جيڪي توکي سياست جو ليکڪ سمجھندا آهن.”
    سنڌوءَ جي هنج ۾ منهن لڪائيندي چيم، “مونکي خبر ڪونهي ته مان ڇا جو ليکڪ آهيان. مونکي فقط ايتري خبر آهي ته منهنجي اندر ۾ آنڌ مانڌ آهي، بيچيني آهي، اضطراب آهي ۽ مان لکندو آهيان. مونکي خبر ڪونهي ته مان ڇا لکندو آهيان، ڇو لکندو آهيان.”
    سنڌوءَ چيو، “تون بنيادي طرح محبت جو، چاهت جو غم جو ۽ درد جو ليکڪ آهين. اها تنهنجي لکڻ جي کيتر آهي. ان کيتر مان ٻاهر نڪري تو جڏهن به لکڻ جي غلطي ڪئي آهي، ناڪام رهيو آهين.”
    چيم، “مونکي اعتراف آهي.”
    “سنڌ يونيورسٽي ٻرندڙ جبل آهي.” سنڌوءَ چيو، “جنهن ڏينهن سنڌ يونيورسٽيءَ جي سياست تي تو پهريون ڪالم لکيو هو، تنهن ڏينهن ئي مان سمجھي ويئي هيس ته تون سياست جي ڪاڪ محل ۾ منجھي پوندين، پڇتائيندين ۽ پنهنجيءَ ناڪاميءَ جو اعتراف ڪندين.
    “مان ڇا ڪريان سنڌو! مان دل هٿان مجبور آهيان. مان سنڌ يونيورسٽيءَ سڙندي ڏسي نه ٿو سگھان. ” اُڌمن اُٿل کاڌي. ڇيم، “اُتي منهنجا ڀائر آهن، ڀينرون آهن، پٽ آهن، ڌيئرون آهن.”
    “تون هنن لاءِ افسانا لک، ڊراما لک، ڪالم لک.” سنڌوءَ چيو، “پر پاڻ کي سندن سياست کان ڌار رک.”
    مان خاموش رهيس.
    سنڌوءَ وڏي پاٻوھ مان چيو، “محبت ڪرڻ وارا هميشه کان، ازل کان اڪيلا هوندا آهن ۽ سياست اڪيلن انسانن جي وس کان ٻاهر هوندي آهي.”
    تصور اُسائين جي آڪاش تي هيڪلي ڪڪر وانگر آواره آواره ڀٽڪڻ لڳو.
    سنڌوءَ چيو، “مان تنهنجين اڪيلائين کان واقف آهيان. مان تنهنجيءَ دل جي درد کان واقف آهيان. تنهنڪري اعتراف تي مان حيران نه ٿي آهيان.”
    سوچيو اٿم، پنهنجي سڙندڙ گھر بابت ڪڏهن ڪجھ نه لکندس، ڇو جو مان فائربرگيڊ جي عملي مان نه آهيان.


      اڻ پوري پڇا

    ڳالھ پئي هلي زندگيءَ جي سفر جي.
    چيم، “لڳيم ٿو، تنهنجيءَ تلاش ۾ازل کان هلندي هلندي هينئر مان ٿڪجي پيو آهيان. برن ٿرن ۾ رلندي منهنجا پير پٿون ٿي ويا آهن.”
    هوءَ مونکي ٻڌندي رهي.
    چيم، “زندگيءَ جي سانجهيءَ ۾ گھڙي کن لاءِ تون ملي آهين، اهو منهنجي لاءِ ڪافي آهي. مان سفر جي انجام لاءِ تيار آهيان.”
    هوءَ ٽِڪ ٻڌي مون ڏانهن ڏسندي رهي.
    مون کانئس پڇيو، “منتشر خوابن جي تعبير تو جھڙي ڇو هوندي آهي؟”
    پڇيائين، “ڪيئن؟”
    چيم، “تون منهنجي هوندي به منهنجي نه آهين. منهنجي نه هوندي به منهنجي آهين.”
    ڪنهن مون کان پڇيو، “تون ننڊ ۾ ڇو ڳالهائيندو آهين؟”
    مون کي سندس معصوميت تي کل آئي. چيم، “هيءَ زندگي ڪنهن ازلي ننڊاکڙي ماحول جو خواب آهي. اسين سڀئي ننڊ ۾ زندگيءَ جوسفر طئي ڪري رهيا آهيون.”
    مون کان پڇيو ويو، “ٿوري دير اڳ ڪنهن سان پئي ڳالهايئه”
    چيم، “مون کي ياد ناهي.”
    ورائي پڇيائون، “هوءَ جمهوريت ته نه هئي؟”
    چيم، “مونکي ڪجھ ياد ناهي.”
    پڇيو ويو، “هوءَ روشني ته نه هئي؟”
    “ننڊاکڙي ماحول جي ڳالھ آهي نه، تنهنڪري مونکي ڪجھ ياد ناهي.” چيم، “مون کي فقط ايترو ياد آهي ته مون هن سان ڪجھ دير ڳالهايو هو.”
    “هوءَ ڪير هئي؟”
    “يقين سان ڪجھ به چئي نٿو سگهان.”
    “هوءَ صداقت ته نه هئي؟”
    “الاءِ! مون کي ڪابه خبر ڪونهي.”
    “سوچي جواب ڏي. هوءَ حقيقت ته نه هئي؟”
    “مون کي ڪجھ ياد ڪونهي. مون کي ڪجھ ياد ڪونهي.” چيم، “مون کي فقط ايترو ياد آهي ته مون هن سان ڳالهايو هو.”
    پڇيائون، “ته پوءِ هن جي باري ۾ ڇا ٿو ڄاڻين؟”
    وراڻيم، “هوءَ منهنجن منتشر خوابن جي تعبير آهي.”
    سوال ڪيائون، “ڇا هوءَ تنهنجي منزل آهي؟”
    “ها، هوءَ منهنجي منزل آهي.” وراڻيم، “۽ هن تائين پهچڻ جو سفر اسيريءَ ۽ ازيتن جو سفر آهي. اهو سفر مون کي زندگيءَ کان عزيز آهي.”
    پڇيائون، “اهو درس يسوع مسيح کان ورتو اٿئي؟”
    وراڻيم، “مان گوتم جو گياني آهيان. اهو درس گوتم کان ورتو اٿم.”
    سوالن ۽ آڏي پڇا جو سلسلو ختم ٿيو.
    خوابن جي تعبير چيو، “زندگيءَ جي سفر ۾ جيڪي شخص تو وانگر هيڪلا هوندا آهن، سي پنهنجي قدمن جا نشان ڏسي نه سگھندا آهن.”
    پڇيم، “سبب؟”
    چيائين، “اسين اڳتي نڪري ويندا آهيون. اسان جي قدمن جا نشان پوئتي رهجي ويندا آهن.”
    چيم، “ها؛ ۽ پوءِ زندگيءَ جي سفر ۾ جڏهن اوچتو ڪنڌ ورائي پوئتي نهاريندا آهيون، تڏهن پنهنجي پوئتان پنهنجن ئي ٿڪل قدمن جي نشانن جو اڪٿ قافلو ڏسي تپرس ۾ پئجي ويندا آهيون.”


      احڪام جو انحراف

    اڄ صبح جو سوير ٽيليفون آئي. مون رسيور کنيو. ازل جھڙي آواز جو آلاپ ٻڌم. چيائين، “مان سنڌو پئي ڳالهايان.”
    پڇيم، “ڪيئن آهين؟”
    “ٺيڪ آهيان.” ورائي پڇيائين، “تون ڪيئن آهين؟”
    چيم، “سمجھان ٿو ٺيڪ آهيان.”
    “نه.” سنڌوءَ چيو، “ٺيڪ نه آهين.”
    پڇيم، “ڪيئن ٿي چوين؟”
    جواب ڏنائين، “تنهنجن تازن ڪالمن مان اندازو لڳايو اٿم.”
    پڇيم، “ٺيڪ نه پيو لکان ڇا؟”
    “اجايو سياست ۾ ڪاهي پيو آهين.” سنڌوءَ چيو، “ڪجھ ڏينهن کان سوچيو پئي ته توسان ڳالهايان.”
    “پوءِ ڳالهايئه ڇو نه؟”
    “ڀتين سان ڳالهايان!”
    “ڇو!”
    “گذريل ٽن ڏينهن ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٽيھ دفعا توکي فون ڪيم.”
    “پوءِ؟”
    “تنهنجي آپريٽر چيو ته تون پنهنجي ڪمري ۾ ناهين.”
    “آواره جو آهيان.”
    “ايئن ڪيستائين رهندين؟”
    “جيستائين توکي وڃائڻ جو درد سمايل رهندو.”
    کن پل جي خاموشيءَ کان پوءِ سنڌوءَ پڇيو، “تون وڃائڻ ڇاکي ٿو چوين؟”
    چيم، “مون کي خبر ناهي.”
    پڇيائين، “ظاهري قربت کي باطن جي قربت کان وڌيڪ اهم ٿو سمجھين؟”
    ڇيم، “مون کي فقط ايتري خبر آهي ته منهنجي هر اُها تحرير جيڪا مقدس هٿن مان نڪتي آهي، تنهن ڪو به اثر نه ڇڏيو آهي.”
    “۽ مون کي فقط ايتري خبر آهي ته ظاهري طرح توکان پري وڃڻ کان پوءِ به مان تنهنجي آهيان. فقط تنهنجي آهيان.” سنڌوءَ چيو، “مان توکان سواءِ ٻئي ڪنهن جي به ٿي نه سگهي آهيان.”
    “ڪو غم خوشيءَ جي پاڇي کانسواءِ ۽ ڪا خوشي غم جي پيوند کانسواءِ مڪمل نه ٿيندي آهي.” چيم، “منهنجا غم ۽ منهنجيون خوشيون اهڙيون ئي آهن.”
    سنڌوءَ چيو، “منهنجي هڪ التجا قبول ڪندين؟”
    “توکي منهنجي حياتيءَ تي اختيار آهي.” چيم، “تون حڪم ڪر.”
    “نه.” چيائين، “مان فقط التجا ڪنديس.”
    چيم، “تون مونکي گھنگار ٿي ڪرين، سنڌو!”
    ٿورڙو کلندي چيائين، “هونءَ گناهن کان مستثنيٰ آهين ڇا؟”
    چيم، “مان توسان بحث ۾ پڄي نه سگھندس.”
    سنڌوءَ چيو، “سياسي نوعيت جا ڪالم نه لک.”
    چيم، “مان سماجي ۽ معاشرتي ڪالم لکي رهيو آهيان.”
    چيائين، “انهن ۾ سياست جي آميزش ڪجھ سرس آهي.”
    چيم، “شايد انڪري جو سياست جي بدبوءِ اسان جي سماجي ۽ معاشرتي نظام ۾ پکڙجي ويئي آهي.”
    سنڌوءَ پڇيو، “ڇا اهو ممڪن ناهي ته تون اهڙا ڪالم لکين جن ۾ سياست جي آميزش ادبي تقاضائن تي حاوي نه هجي!”
    چيم، “ڪوشش ڪري ڏسندس.”
    پڇيائين، “في الحال موڪلايون؟”
    چيم، “مان تنهنجي رضا تي راضي آهيان.”


    مبهم مبهم ڳالهيون

    “تنهنجيون ڳالهيون مبهم آهن. منجھائيندڙ آهن. مونکي سمجھ ۾ نه ٿيون اچن.”
    “منهنجي پڻ اهائي ڪوشش آهي ته منهنجيون ڳالهيون توکي سمجھ ۾ نه اچن.”
    “ڇو؟”
    “سبب جي ته مون کي خبر ناهي. پر، مان چاهيان ٿو ته منهنجيون ڳالهيون توکي سمجھ ۾ نه اچن. بلڪه ڪنهين کي به سمجھ ۾ نه اچن.”
    “ايئن ڇو آهي؟”
    “مان پڪ سان ڪجھ به نه ٿو چئي سگھان.”
    “تنهنجي ان ذهني ڪيفيت جي مونکي خبر آهي.”
    “مونکي نه ٻڌائيندين!”
    “مان سمجھان ٿو ته ڀتين سان ڳالهائيندي توکي مبهم ۽ منجھائيندڙ ڳالهيون ڪرڻ جي عادت پئجي ويئي آهي.”
    “ها، مون ڀتين سان اڪثر ڳالهايو آهي.”
    “تون ڀتين سان ڇو ڳالهائيندو آهين؟”
    “ڇو جو ڀتيون منهنجي ديوانگيءَ جون ڳالهيون ٻڌي ناراض نه ٿينديون آهن، خفي نه ٿينديون آهن.”
    “سمجھين ٿو ته ڀتيون، تنهنجيون ڳالهيون ٻڌنديون هونديون؟”
    “ها.”
    “ڪيئن ٿو چوين!”
    “ٻڌو ڪونه اٿئي ته ڀتين کي به ڪن ٿيندا آهن.”
    “ڀلا آسمان ڏانهن پهرن جا پهر ڇو نهاريندو آهين؟”
    “آسمان جو انت لهڻ لاءِ.”
    “لهي سگھيو آهين آسمان جو انت؟”
    “ها.”
    “آسمان جو ڇيھ ڪٿي آهي؟”
    “تنهنجو ڇا خيال آهي؟”
    “مون ان باري ۾ نه سوچيو آهي.”
    “ڇا آسمانن ڏانهن ڪڏهن به غور سان نه ڏٺو اٿئي؟”
    “ڏٺو اٿم پر، ان تجسس سان نه جنهن سان تو اڪثر آسمان ڏانهن ڏٺو آهي.”
    “ماڻهو چوندا آهن ته نگاھ جي حد جو نالو آسمان آهي. پر مان ماڻهن جي رايي سان متفق نه آهيان.”
    “ڇو.”
    “ان باري ۾ مون ٻيو ڪجھ سوچيو آهي.”
    “ڇا؟”
    “تصور جي پرواز جي ڇيھ جو نالو آسمان آهي.”
    ياد اٿئي، يونيورسٽيءَ ۾ اسان سان گڏ هڪ ڇوڪري پڙهندي هئي، نالو هوس آسمان.”
    “ها، مون کي ياد آهي. هوءَ جَولين (نيزو) اڇلائيندي هئي ۽ راندين ۾ سڀ کان تيز ڊوڙندي هئي.”
    “ڪٿي آهي؟”
    “مون کي فقط ايتري خبر آهي ته جنهن سان محبت ڪندي هئي، تنهن وٽ نه آهي.”
    “ڪڏهن مليو آهينس؟”
    “ها، نرسريءَ جي مارڪيٽ مان ڪدو ۽ ڪريلا وٺندي ڏٺو هو مانس.”
    “تو اتي ڇا پئي ڪيو؟”
    “مون پٽاٽا ۽ ڀينڊيون پئي خريد ڪيون.”
    “آسمان سان ڳالهايئه؟”
    “ها.”
    “اهو شخص ياد اٿئي، جنهن سان محبت ڪندي هئي؟”
    “هوءَ کيس وسار نه سگھي آهي.”
    “توکان ڇا پڇيائين؟”
    “مون کان محنت ڪشن جي انقلاب جي پڇيائين.”
    “تو ڪهڙو جواب ڏنس؟”
    “مون ڪنڌ جھڪائي ڇڏيو.”


      مان تماشو، خودئي تماشائي

    “چپ چپ ڇو ويٺو آهين؟”
    “دل بيحد اُداس آهي.”
    “ڪو شدت سان ياد آيو اٿئي؟”
    “وساري ڪٿي سگھيو آهيانس، جو ياد ڪريانس.”
    “خاموشيءَ جو سبب!”
    “تماشو آهيان، يا تماشائي آهيان. ان مامري تي سوچي رهيو آهيان.”
    “ڪهڙي نتيجي تي پهتو آهين؟”
    “مان تماشو آهيان. پر، جڏهن تماشائين ڏانهن ڏسان ٿو، اتي به مان آهيان.”
    “تون تماشو آهين ۽ خودئي تماشائي آهين؟”
    “شايد.”
    “ڪو شڪ اٿئي!”
    “ها!”
    “ڇا جو؟”
    “پنهنجي هستيءَ جو.”
    “ڪيئن!”
    “مان آهيان به، يا فقط احساس جو دوکو آهيان.”
    “پنهنجي وجود تي شڪ ڪرڻ لڳو آهين ڇا؟”
    “منهنجو وجود عارضي آهي.”
    “ته پوءِ مستقل ڇا آهي!”
    “تون.”
    “مان!”
    “ها، تون، تنهنجي ڪري مان آهيان. تون منهنجي وجود جو سبب آهين. مان تنهنجو آواز آهيان. مان تنهنجي تخليق آهيان.”
    “تون منهنجي تخليق آهين! ڇا پيو چوين؟”
    “تنهنجو ڪم اڻپورو رهجي ويو آهي. مان اڻپورو رهجي ويو آهيان. مان تڪميل جو منتظر آهيان.”
    “بيحد پريشان آهين ڇا؟”
    “پريشان اڳ ڪڏهن نه هوس ڇا؟”
    “اڄ ڪجھ وڌيڪ پيو لڳين.”
    “انڪري جو توکي پنهنجو خالق سڏيو اٿم!”
    “شايد.”
    “مونکي پنهنجي وجود تي شڪ آهي. مان لهندڙ سج ۾ ڪنهن لام جو پاڇو آهيان. پر مونکي تنهنجي وجود تي شڪ نه آهي. تون آهين، تون موجود آهين. منهنجي موجودگي تنهنجي وجود جي شهادت آهي.”
    جڏهن اندر ۾ اُڌما هوندا آهن، تڏهن سوچ جي سطح تي ڪوهيڙو ڇانيل هوندو آهي.”
    “پر تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ ڪوبه ڪوهيڙو نه آهي. تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ ڪوبه پڙدو پيل نه آهي.”
    “تون ٺيڪ ٿو چوين. تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ ڪوبه ڪوهيڙو نه آهي، ڪوبه پڙدو پيل نه آهي. تنهنجي سوچ مون کان مخفي نه آهي.”
    “ڪنهن لمحي لڳيم ٿو، مان رڻ آهيان. ڪنهن لمحي لڳيم ٿو مان رڻ جو راهي آهيان. ڪنهن لمحي لڳيم ٿو مان رڃ آهيان. ڪنهن لمحي لڳيم ٿو مان اُڃ آهيان. ڪنهن لمحي لڳيم ٿو مان خواب آهيان. ڪنهن لمحي لڳيم ٿو مان حقيقت آهيان. ڪنهن لمحي لڳيم ٿو مان پڙاڏو آهيان. ڪنهن لمحي لڳيم ٿو مان ابتدا آهيان. ڪنهن لمحي لڳيم ٿو مان سڏ آهيان. ڪنهن لمحي لڳيم ٿو مان انتها آهيان. ڪنهن لمحي لڳيم ٿو مان رات جو پهريون پهر آهيان. ڪنهن لمحي لڳيم ٿو مان رات جو پويون پهر آهيان. ڪنهن لمحي پنهنجي وجود تي تنهنجي وجود جو احساس ٿئيم ٿو ۽ ڪنهن لمحي تنهنجي وجود تي پنهنجي وجود جو احساس ٿئيم ٿو.”
    “تون ۽ مان محبت ۽ وڇوڙي جي علامت آهيون. تنهنجي سوچ مون کان مخفي نه آهي.”


      مقدر جي تحرير

    “مان سموري جڳ جھان جو منڪر ٿي سگھان ٿو، پر تنهنجو نه.” چيم، “مان تنهنجو حڪم ٽاري نه سگھيو آهيان سنڌو. مون ٻيهر ڪالم لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.”
    منهن تي مرڪ تري آيس. چيائين، “مان توکي حڪم ته نه ڪندي آهيان!”
    “تنهنجي هر ڳالهه منهنجي لاءِ حڪم مثل آهي.” چيم، “مان تنهنجي هر ڳالھ قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، سواءِ هڪ جي.”
    ڄڻ ڪجھ تعجب ٿيس. پڇيائين، “ڪهڙي ڳالھ؟”
    چيم، “مان تنهنجي محبت ترڪ ڪري نه سگهندس.”
    پڇيائين، “ڇو؟”
    “اسين زندگيءَ ۾ فقط هڪ دفعو محبت ڪندا آهيون.” چيم، “تون منهنجي پهرين ۽ آخرين محبت آهين.”
    ڪنڌ کڻي آسمان ڏانهن ڏٺائين.
    پڇيم، “آسمان تي منهنجي مقدر جي تحرير تلاش ڪري رهي آهين؟”
    چيائين، “ها.”
    پڇيم، “لڌءِ؟”
    هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيائين.
    پڇيم، “ڇا لکيل آهي؟”
    منهنجي سوال جو جواب نه ڏنائين. ورائي پڇيائين، “تون مون سان محبت ڇو ڪندو آهين.”
    مون سندس ڪارين ڪجلين اکين ۾ نهاريندي چيو، “مان فقط توسان محبت ڪرڻ لاءِ پيدا ٿيو آهيان.”
    اُداس ٿي پيئي. اُٻاڻڪي ٿي پيئي.
    “ڪا طمع نه آهي. ڪا لالچ نه آهي. ڪا غرض نه آهي.” چيم، “توکي ۽ مون کي هڪ ڇت نصيب نه ٿيندي. تون مان هن آسمان هيٺان ڪڏهن رستن تي، چوواٽن تي، ڪڏهن وستين ۾، ويرانين ۾ ۽ ڪڏهن لائبريرين ۾ ۽ ميوزيم ۾ گھڙي کن لاءِ اوچتو ملنداسين ۽ ملي ڌار ٿي وينداسين. ايئن ٿيندو رهيو آهي. ايئن ئي ٿيندو رهندو. زندگي سوا نيزي تي لهي آيل سج جي تپش ۾ تتل واريءَ تي سفر ڪندي ختم ٿي ويندي.”
    منهنجي ڪلهي تي هٿ رکيائين. پنهنجا لڙڪ لڪائي ورتائين. پڇيائين. “مون کان جدا ٿيڻ جو ڏاڍو ڏک اٿئي نه.”
    “توکان جدا ٿيڻ جي ڏک منهنجي ذهن کي تنهنجي تصور جو تحفو ڏئي ڇڏيو آهي.” چيم، “مان جيئرو آهيان فقط ان ڪري آهيان، جو تنهنجي خيال کان محروم نه آهيان.”
    هڪدم پاڻ سنڀالي ورتائين. چيائين، “چري آهيان، توکي اداس ڪري رهي آهيان. ٻن چئن ڏينهن لاءِ ته ڪراچي آيو آهين! هل توکي چانھ پياريان.”
    مان سمجھان ٿو اسان جي رشتي متعلق فيصلو آسمانن تي ٿيل آهي. اسان جي پاڻ ۾ ڪا غرض نه آهي. ڪا لالچ نه آهي. اسين ٻئي پنهنجين پنهنجين مجبورين ۽ پابندين ۾ جڪڙيل آهيون، پر تنهن هوندي به هڪ ٻئي کي چاهيندا رهيا آهيون. پريشانين جي انبوھ مان نڪري گھڙي کن لاءِ ملندا آهيون. لوح محفوظ جي تحرير ۾ پنهنجي يقين کي پختو ڪندا آهيو، ۽ وري زندگي جي زهر جو پيالو هٿن ۾ کڻي پريشانين جي انبوھ ۾ گم ٿي ويندا آهيون.
    هن دفعي ڪراچيءَ آيس، ته پڪ نه هئي ته هوءَ به ڪا ڪراچيءَ آيل هوندي. فٽپاٿن تي پراڻن ڪتابن جي ڊھ مان ڪتاب ويٺي ڳوليم. مون ڪتابن واري کان پڇيو، “موهن جي دڙي جي تاريخ تي ڪو ڪتاب اٿئي.”
    تڏهن ڪنهن منهنجي ڪلهي تي هٿ رکيو. منهن ورائي ڏٺم ته سنڌو هئي. اها ڪالهوڪي ڳالھ آهي.
    سنڌو ۽ مان آرٽس ڪائونسل جي عمارت ۾ هڪ ٺلھ وٽ چانھ جا ڪوپ کڻي ويهي رهياسين. سنڌوءَ پڇيو، “هن دفعي پهرئين ڪالم ۾ ڇا لکندين؟”
    وراڻيم، “حڪم ۽ حڪم جي بجا آوريءَ بابت ڪالم لکندس.”


    هوءَ منهنجي پهرين دعا آهي

    رڪارڊنگ ختم ڪري اسٽوڊيو مان ٻاهر نڪتس. هر ڪو وڃي چڪو هو. يونيورسٽي خالي ٿي ويئي هئي. ڪاريڊار لنگهي ٽيڪنالاجي بلاڪ مان ٻاهر نڪتس ۽ پورچ وٽ تعجب وچان بيهي رهيس. اکين کي اعتبار نه آيو. مان گلاب ۽ زينيا ۽ ٻاري ڏانهن ڏسندو رهيس. نه نه ائين ممڪن نه آهي! مان ست اٺ ڪلاڪ مشينن سان مٿو هڻندو رهيو آهيان. شايد ٿڪجي پيو آهيان. جيڪي ڪجھ ڏسي رهيو آهيان، منهنجي تصور جو گمان آهي. ان جو حقيقت سان ڪوبه واسطو نه آهي!
    تڏهن مون سنڌوءَ جو آواز ٻڌو. چيائين، “مان خواب نه آهيان.”
    تڏهن يقين آيم ته هوءَ سچ پچ سنڌو هئي ۽ مونکي اطلاع ڏيڻ بنا مون سان ملڻ آئي هئي.
    ماڻهو خزائن جي خواهش ڪندا آهن. عمارتن ۽ امارت جي آرزو ڪندا آهن. عيش عشرت جي تمنا ڪندا آهن. مان جڏهن به دعا لاءِ هٿ کڻندو آهيان، تڏهن سرجڻهار کان هڪ گھڙي لاءِ سنڌوءَ کي ڏسڻ جي دعا پنندو آهيان. هوءَ منهنجي پهرين دعا آهي. هوءَ ئي منهنجي آخري دعا آهي.
    سنڌوءَ پڇيو، “ڇا پيو ڏسين!”
    چيم، “اکين تي اعتبار نه ٿو اچيم.”
    چيائين، “ٽن ڪلاڪن کان تنهنجي اسٽوڊيو جي ٻاهران بيٺي آهيان.”
    “ٽن ڪلاڪن کان!” چيم، “بنڊل ته نه پئي هڻين!”
    وراڻيائين، “توکي بنڊل نه، بم هڻي سگھجي ٿو.”
    چيم، “اڙي بابا، تون مون کي اطلاع ته ڪرائي ڇڏين ها!”
    سنڌوءَ چيو، “اطلاع ڪيئن ڪرايان ها. تو هڪ ته خاموشي جو بورڊ هٽائي ڇڏيو آهي. مٿان وري صحتمند چوڪيدار بيهاري ڇڏيا اٿئي. سو اسٽوڊيو ۾ ته جيڪر فرشتا به توکي اطلاع نه ڏيئي سگھن ها!”
    پڇيومانس، “منجھند جي ماني کاڌي اٿئي؟”
    چيائين، “يونيورسٽي ڪينٽين تان سڙيل ڪباب وٺي کاڌا اٿم. هينئر بک ڪونهي.”
    “ته پوءِ هل.” چيم، “ڪٿي چانھ ٿا هلي پيئون.” اسين يونيورسٽي کان زيروپوائنٽ تائين پنڌ نڪري پياسين. واٽ تي کانئس پڇيم، “ڪيئن آئي آهين!”
    منهن تي مرڪ تري آيس. چيائين، “جيئن به آئي آهيان، پر بنا ٽڪيٽ نه آئي آهيان.”
    پڇيم، “ڪڏهن آئي آهين.”
    چيائين، “هينئر آئي آهيان ۽ توسان وڙهڻ آئي آهيان.”
    جھڪي، سڙڪ تان پٿر کڻي کيس ڏنم. چيم، “هڻ.” پٿر وٺي پري اُڇلائي ڇڏيائين. چيائين، “تون چريو ته نه ٿي پيو آهين!”
    چيم، “مان سڄو ڪڏهن هوس!”
    “مان مجبور آهيان، پابندين ۾ جڪڙيل آهيان.” چيائين، “تون ابتيون سبتيون حرڪتون ڪندو آهين، ته خبر اٿئي مان ڪيڏين مصيبتن کانپوءِ ڪوٽن مان ڪجھ دير لاءِ نڪري سگھندي آهيان.”
    حيرت وچان پڇيم، “ڪا حرڪت ڪئي اٿم.”
    “ڪا اهڙي تهڙي!” چيائين، “اڳ ته ٺٺولين ۽ ٽوڪن کي ڪڏهن هٿ ۾ آڻيندو هئين؛ هينئر ڪهڙي پئي هيئه جو سمجھاڻي وارو سڄو سمورو ڪالم لکي ويٺو هُئين!”
    پڇيم، “تنهنجي خيال ۾ اهو ڪالم نه لکڻ گھرجيم ها!”
    “ان ڪالم جي لکڻ جي ۽ سمجھاڻي ڏيڻ جي ڪا ضرورت نه هئي.” سنڌو بيهي رهي. مون ڏانهن منهن ڪندي چيائين، “جن توکي اڄ تائين قبول نه ڪيو آهي، برداشت نه ڪيو آهي، سي ان ڪالم کانپوءِ به توکي قبول نه ڪندا، توکي برداشت نه ڪندا.”
    چيم، “شايل تون ٺيڪ ٿي چوين.”
    سنڌوءَ چيو، “دنيا جو ڪهڙو اهو ليکڪ آهي، جنهن کي يڪراءِ قبول ڪيو ويو آهي، يا يڪراءِ رد ڪيو ويو آهي! هر ليکڪ کي محبت ۽ نفرت جي قوتن درميان لکڻو پوندو آهي.”
    “ترس، سنڌو.” مون سندس هٿ پنهنجي هٿ ۾ کڻي ورتو.
    هوءَ هلندي هلندي بيهي رهي.
    چيم، “مان فقط تنهنجي لاءِ ۽ تنهنجي ڪري لکندو رهيو آهيان. تون منهنجي قوت آهين، طاقت آهين، همٿ آهين. هر محاذ تي وڙهڻ لاءِ منهنجي جذبي جي سچائي آهين. پوءِ مون اهو ڪالم ڇو لکيو هو ان ڪالم لکڻ جي آخر ضرورت ئي ڪهڙي هئي!؟”
    هڪدم سخت لهجي ۾ چيائين، “دشمنن ۾ پاڻ وڻائڻ جي جستجو.”
    “نه ، نه. ائين نه آهي!” هڪدم چيم، “مون ڪجھ سمجھائڻ ٿي چاهيو.”
    چيائين، “سمجھائڻ جي ڪا ضرورت نه آهي. جيڪڏهن وري سمجھاڻي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي اٿئي ته ما ڪڍنديمانءِ.”
    کلي پيم، چيم، “منهنجي اڇي ڏاڙهيءَ جو به لحاظ نه ڪندينءَ؟”
    ٽهڪ ڏيئي کلي پيئي. پنهنجن وارن ۾ چانديءَ جهڙيون چمڪندڙ چڳون ڏيکاريندي چيائين، “نه.”


    موٽي ميت نه آيو

    مارگله ٽڪرين جي پرئين پاسي قديم تهذيب جا آثار آهن، جيڪي ٽيڪسيلا تائين پکڙيل آهن. مارگله ٽڪرين جي اورئين پاسي اسلام آباد جو جديد شهر آهي. جتي ڪابه جديد سهولت موجود نه آهي. مارگله ٽڪرين جي ترائيءَ وٽان هڪ رستو لنگھندو آهي. جيڪو شهر جي ٻاهران ٿيندو، سيڪريٽريٽ وٽان ڦيرو کائي مري روڊ سان وڃي ملندو آهي.
    مان اڪثر رات جو دير سان مارگله روڊ تي نڪري ايندو آهيان. پهرن جا پهر اونداھ ۽ روشني ۾ هلندو رهندو آهيان. خوابن جي تعبير کي ڇهڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. گوتم سان گيان متعلق ڳالهائڻ جي آرزو ڪندو آهيان.
    هي ڪالهوڪي ڳالھ آهي.
    ننڍڙي تيپ رڪارڊر ۾ چار سيل وجھي مان مارگله روڊ تي نڪري آيس. اوندھ هئي رستي جون بتيون وساميل هيون. مون آسمان ڏانهن ڏٺو. اسين اڻ سونها آسمان تي پنهنجي نصيب جي ليڪ نه ڇڏيندا آهيون. آسمان اوپرو محسوس ٿيو. جيتوڻيڪ رات جو پهريون پهر هو، پر تنهن هوندي به ستارن تي پوئين پهر جي ڏيئن جو گمان ٿيو. اوندھ ۾ مون پنهنجي پاڇولي کي تلاش ڪيو ۽ پوءِ پڳنهنجي بيوقوفيءَ تي کلي پيس. ٽيپ رڪارڊر هلائي ڇڏيم. دين محمد جي آواز ۾ قمر شهباز جو گيت گونجڻ لڳو، “واٽ تڪيندي لاٽ اُجھاڻي، موٽي ميت نه آيو.”
    اهو گيت مون حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن تي ميوزڪ ڊائريڪٽر عبداللطيف کان ڪمپوز ڪرايو هو. ان ڳالھ کي ورھيه وهامي ويا آهن. پر، ڪالھ رات قمر جو گيت ٻڌي عبدالطيف ڏاڍو ياد آيو. هو پنهنجي باطن ۽ ظاهر سميت مڪمل فنڪار هو. ڌرتي راس نه آيس ته آسمانن ڏانهن اُڏامي ويو.
    اهو گيت رڪارڊ ڪرڻ کانپوءِ مون سڀ کان اڳ سنڌوءَ کي ٻڌرايو هو. گيت ٻڌڻ کانپوءِ هوءَ ڪيتري دير تائين خاموش ويٺي رهي هئي.
    اکين ۾ آلاڻ تري آئي هيس. پڇيو هئائين، “ميت موٽي ڇو نه ايندو آهي.؟”
    تڏهن وراڻيو هوم، “اهڙي محبت جنهن ۾ ڪا غرض، ڪا لالچ، ڪا طمع ۽ ڪو مطلب نه هوندو آهي، سا محبت ايئن ئي هوندي آهي. اهڙي محبت ۾ ميت موٽي نه ايندا آهن.”
    پڇيو هئائين، “ايئن ڇو آهي؟”
    چيو هوم، “ڇو جو اهڙي محبت ٻار پيدا ڪرڻ جو سبب نه ٿيندي آهي.”
    چپن تي ابدي مرڪ تري آيس. چيو هئائين، “تون نه سڌرندين.”
    ۽ پوءِ اوچتو، هڪ آھ مارگله جي ٽڪرين جي سانت مان اُڏامندي هلي ويئي. محمد جمن جو درد ۾ ٻڏل آواز آسمان تائين وڃي پهتو. “او جنهن کي دلڙي ڏيڻ، تنهن کان ڌار ٿيڻ، اهو ناهي مرڻ، ٻيو ڇاهي ڙي.”
    مان سمجھان ٿو، منهنجا پير ڌرتي کي چنبڙي پيا هئا. منهنجا گوڏا مٽيءَ سان وڃي لڳا هئا. دل بنواس کان وڃي نڪتي هئي. تڏهن مون پنهنجي ساءِ چيو هو، “وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي آهي سنڌو، جڏهن موٽي ميت نه ملندو آهي.”
    مان اٿي بيٺس. اوندھ ۾ روشنيءَ جي محور پٺيان هلندو رهيس. منهنجي تحريرن جو هڪ هڪ لفظ هن سان وابسته آهي. مون هڪ ڪهاڻي هن لاءِ لکي آهي. هڪ هڪ ڊرامو ۽ هڪ هڪ ڪالم هن لاءِ لکيو آهي. هن جي ڪري لکيو آهي. مان هن جو محتاج آهيان. مان هن جو احسان مند آهيان. هوءَ منهنجي روشني آهي. هوءَ منهنجي بصيرت آهي. هوءَ منهنجي قوت آهي. هوءَ منهنجي همٿ آهي. هوءَ ئي منهجو آغاز آهي. هوءَ ئي منهنجو انجام آهي.
    هن هڪ دفعي مون کان انجام ورتو هو. چيو هئائين، “واعدو ڪر ته تون لاڳيتو لکندو رهندين ۽ ڌرتي ۽ ڏات جو قرض لاهيندو رهندين.”
    سندس اکين ۾ ابدي ڪائنات جي جھلڪ ڏٺي هيم. سندس سانورو سلوڻو هٿ جھليندي چيو هوم، “مون تنهنجي لاءِ لکيو هو. مان تنهنجي لاءِ لکي رهيو آهيان. مان تنهنجي لاءِ لکندو رهندس.”
    ۽ ڪالھ رات ڪيتري دير تائين مان مارگله روڊ تي هلندو رهيس ۽ اوندھ ۾ پنهنجو پاڇو تلاش ڪندو رهيس.


    آئينو ۽ عڪس

    اڄ ورهين کانپوءِ مون آئيني ۾ پنهنجي شڪل ڏٺي آهي. آئيني ۾ پنهنجو عڪس ڏسي مون کي تعجب ٿيو آهي.
    هيءُ ڪنهن جو عڪس آهي!
    مٿي جا وار کٿل، ڏاڙهيءَ جا وار اڌ کان وڌيڪ اڇا، اُداس اکين هيٺان گھنج ۽ نرڙ تي سوچ جي ريکا! بدن ڀريل ۽ ڏسڻ ۾ طاقتور اٿس، پر سڪل شاھ بلوط جي ٿڙ وانگر اندران ئي کاڄي ويو اٿس. هو وقت جي جبل آڏو هيڪلو بيٺو آهي. هٿ ۾ ٽيڪم اٿس. هو فرهاد وانگر وقت جي جبل مان نهر ڪڍي پنهنجي شيرين کي حاصل ڪرڻ جا خواب ڏسي رهيو آهي. هو خوابن جو مسافر آهي. وقت جي جبل مان نهر ڪڍي نه سگھيو ته ٽيڪم سان آپگھات ڪري ڇڏيندو!
    ٻارنهن سالن جي ان ڇوڪري جو عڪس ڪيڏانهن ويو، جنهن اين جي وي هاءِ اسڪول جي پريڪٽس پچ تان پهرين ڏينهن جڏهن بال کي بيٽ سان ڌڪ هنيو هو ته بال پارسي ڪالونيءَ جي ماما هوم جي روشندان سان وڃي لڳو هو! اهو ڇوڪرو ڪيڏانهن ويو، جيڪو پڙهڻ طرفان لاپرواھ هئڻ جي باوجود سنڌ جي نامياري ماهر تعليم ۽ اين جي وي هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر سائين عبدالحسين شاھ موسويءَ جو لاڏلو هو! اهو ڪارو ڪوجھڙو ڇوڪرو ڪيڏانهن ويو جيڪو اين جي وي هاءِ اسڪول جي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪيپٽن ٿيو ۽ اسڪول جي سڀ کان سهڻي ڇوڪريءَ سان سنگ مرمر جي ڏاڪڻ تي ويهي ڇولا کائيندو هو!
    ڊي جي سائنس ڪاليج جو اهو نوجوان ڪيڏانهن ويو جنهن کي پائليٽ ٿيڻ کان روڪيو ويو ته گھر ڇڏي ڀڄي ويو ۽ وڃي نوابشاھ کان نڪتو! اهو نوجوان ڪيڏانهن ويو جيڪو اوچتو ئي اوچتو ادب جي اوڙاه ۾ ڪاهي پيو. گورنمينٽ ڪاليج نوابشاھ جي ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ کيڏندو هو ۽ افسانا لکندو هو!
    اهو نوجوان ڪيڏانهن ويو جيڪو ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ کلندو هو ۽ سڀني کي کلائي سگھندو هو. يونيورسٽيءَ جي ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ کيڏندو هو. افسانن سان گڏ اسٽيج ڊراما لکندو هو. ڊراما ڊائريڪٽ ڪندو هو!
    اهو نوجوان ڪيڏانهن ويو، جنهن لکڻ خاطر ڪرڪيٽ تان هٿ کڻي ڇڏيو هو. هن زندگيءَ جو هڪ هڪ لمحو لکڻ جي حوالي ڪري ڇڏيو. هو ورهين تائين لائي ڪٿي لڪندو رهيو ۽ گمنام رهيو. پوءِ کيس مڪمل آزاديءَ سان لکڻ جا ايترا موقعا مليا، جو هو جڏهن شايع ٿيڻ شروع ٿيو ته سڀني کي اوپرو اوپرو محسوس ٿيو. هن پاڻ ماحول ۾ گھُٽ ۽ ٻوسٽ محسوس ڪئي هئي.
    انهن ئي ڏينهن ۾ هن آرٽس ڪائونسل جي هڪ ٺلھ وٽ سنڌوءَ جو سانورو هٿ پنهنجن ٻنهي هٿن ۾ جھلي وچن ڏنو هو ته لکندو رهندس. توکي ڏنل وچن پاڙيندو رهندس. ڌرتيءَ جو قرض لاهيندو رهندس.
    ورهيه وهامي ويا آهن. ان ڳالھ کي! هو پوڙهو ٿي ويو آهي. هو اڄ به ڏنل وچن جي تقدس جو پابند آهي. هو لاڳيتو لکي رهيو آهي. وقت جي جبل ۾ ٽيڪم هڻندي هڻندي هو جڏهن ٿڪجي پوندو آهي، تڏهن سنڌو هن وٽ هلي ايندي آهي. کيس پنهنجي سيني ۾ لڪائي ڇڏيندي آهي. هو سنڌوءَ جي هنج ۾ منهن لڪائي سڏڪن ۾ چوندو آهي، “مان توکان سواءِ اڻپورو آهيان، سنڌو. مان توکان سواءِ اڻسونهون آهيان. مڪمل نه آهيان. مان توکان سواءِ وقت کان اڳ مري ويندس.”
    سڌو سندس منهن هٿن ۾ جھلي، پنهنجا لڙڪ لڪائي چوندي آهي، “مان جتي به آهيان، جھڙي به حال ۾ آهيان، مان تنهنجي آهيان.”
    هو تڏهن سنڌو جي مقدس پير مان پڻي کڻي مٿي تي مٽيءَ جو محراب ٺاهي ڇڏيندو آهي.
    هو آئيني ۾ پنهنجو عڪس ڏسي رهيو آهي. هن جي مٿي تي مٽيءَ جو محراب ٺهيل آهي. هو ڏنل وچن جي تڪميل لاءِ لکي رهيو آهي. وقت جي جبل مان نهر ڪڍڻ لاءِ لکي رهيو آهي.


      تشخص

    هڪ دفعي سنڌوءَ مون کان ڏاڍو عجيب سوال پڇيو هو. پڇيو هئائين، “اسين ٻئي ڪير آهيو ۽ اسان جو پاڻ ۾ ڪهڙو سنڱ آهي؟”
    ڏانهنس ڏسندي وراڻيو هيم. “ڪجھ سنڱ اهڙا ٿيندا آهن سنڌو، جن جي ڪابه سمجھاڻي نه ٿيندي آهي.”
    سنڌوءَ چيو، “منهنجي ڳالھ ٿو لنوائين.”
    چيم، “چڱو ڀلا، اول تون ٻڌاءِ ته ڌرتي ۽ دل وارن جو پاڻ ۾ ڪهڙو سنڱ هوندو آهي؟”
    سنڌو کلي پيئي. چيائين، “تون وڏو استاد آهين.”
    “سمجھي سگھين ٿي ته مان توسان ڪڏهن استادي ڪري سگھندس!”
    “ڪهڙي خبر توتي ڪهڙو اعتبار!”
    “وڏي ظالم آهين.”
    “مان ظالم آهيان!”
    “ظالمن کي مٿي تي ڪي سڱ ٿيندا آهن!”
    “هڪ جملي تي مونکي ظالم هئڻ جو الزام ڏنو اٿئي!”
    “منصور کي جڏهن سنگسار پئي ڪيائون، تڏهن ابوبڪر شبليءَ کيس گلاب جو گل هنيو هو ۽ منصور کان آھ نڪري وئي هئي.”
    “تون پاڻ کي منصور ٿو سمجھين؟”
    “مون منصور جي پيرن جي پڻيءَ جو مٿي ٿي محراب ٺاهيو آهي.”
    هوءَ اُداس ٿي پيئي. اُداس ٿيڻ کانپوءِ وڌيڪ سهڻي ۽ شانائتي ٿي پيئي. مان اڄ تائين سمجھي نه سگھيو آهيان ته ڪجھ ماڻهو اداس ٿيڻ کان پوءِ جاذب نظر ڇو ٿي پوندا آهن!
    مون سنڌوءَ کان پڇيو، “عشق کي عبادت ڇو سڏيندا آهن.”
    جواب نه ڏنائين. منهن ٻئي طرف ڪري ڇڏيائين. خلائن ۾ نهارڻ لڳي. پڇيم، “مون کان ناراض آهين، سنڌو؟”
    “توسان ڳالهائڻ اجايو آهي.”
    “فقط تو هڪ سان ڳالهائڻ لاءِ مون سڄيءَ دنيا سان ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو آهي.”
    “ته پوءِ منهنجو سوال ڇو ٿو لنوائين؟”
    “ڪهرو سوال؟”
    اسين ٻئي ڪير آهيون ۽ اسان جو پاڻ ۾ ڪهڙو سنڱ آهي؟”
    “مون ڏانهن ڏس سنڌو.” سندس اکين ۾ نهاريندي چيم، “مون ڏانهن غور سان ڏس.”
    هن مون ڏانهن ڏٺو.
    چيم، “تون ۽ مان درد جي مسلسل سلسلي جي ڪڙي آهيون. اسين چاهتن جي نئين رسم جا خالق آهيون. اسين خزائن جي وحشت جو سينگار آهيون.”
    پڇيائين، “اسان جو پاڻ ۾ ڪهڙو سنڱ آهي؟”
    وراڻيم، “اسان جو پاڻ ۾ درد جو رشتو آهي.”
    پوءِ هن ڀريل آواز ۾ پڇيو، “اسان جو ڏوھ ڪهڙو آهي؟”
    سندس سوال ٻڌي دل ڀرجي آئي.
    هوءَ معصوم آهي. آسمان وانگر بي داغ آهي. مان گنهگار آهيان. منهنجو منحوس پاڇو مٿس پيو آهي، هوءَ بدنام ٿي آهي.
    “ڏوھ منهنجو آهي. تنهنجو ناهي. تون معصوم آهين.” چيم، “تون عيسيٰ جي تريءَ مان ٽميل رت جو قطرو آهين. تون مريم جي اک جي آلاڻ آهين.”


    نشان

    اسان جي ڳالهين جي نه ابتدا هوندي آهي ۽ نه انتها. ڪڏهن ته پهرن جا پهر ڳالهائيندا آهيون. زندگيءَ جي باري ۾ ۽ موت جي باري ۾، خوشين جي باري ۾ ۽ غمن جي باري ۾، خوابن جي باري ۾ ۽ ڪڏهن وري ڪلاڪن جا ڪلاڪ خاموش هلندا رهندا آهيون. ويران رستن تي. اُداس وڻن جي هيٺان! اهڙي حياتي، جنهن جو وڏو حصو اسان پنهنجي وجود جي منتشر حصن کي ميڙيندي ۽ ان ڪوشش ۾ ناڪام ٿيندي گذاري ڇڏيو آهي ۽ باقي حصو جيڪو محدود ۽ مختصر آهي ان ڪوشش ۾ گذري ويندو.
    ڪالھ اسين ڪلفٽن تائين پنڌ ويا هياسين ۽ سمنڊ جي ڪناري تي قدمن جا نشان ڇڏي موٽي آيا هئاسين. واٽ تي خاموشي کي ٽوڙيندي، سنڌوءَ هڪ جملو ڳالهايو هو. هُن چيو هو، “وقت جي وير اسان جي قدمن کي لٽي ڇڏيندي.”
    “ها، وقت جي وير قدمن جي عارضي نشانن کي لٽي ڇڏيندي آهي.” سنڌوءَ ڏانهن ڏسندي چيو هيم، “تو ۽ مون موهن جي دڙي ۾ جڏهن اُهو شهر آباد هو، قدمن جا نشان ڇڏيا هيا. اُهي نشان اڃان تائين اُتي موجود آهن. وقت جي وير عشق جي عبادتگاهن ۾ ڪيل سجدن جي محرابن کي لٽي نه سگھندي آهي.”
    سنڌوءَ ٿڌو ساھ کڻندي چيو هو. “تون ماضي جو ذڪر پيو ڪرين.”
    “عشق جو عبادتگاھ ويران نه ٿيو آهي. سنڌو.” چيو هيم، “مان زمان حال جي ڳالھ پيو ڪريان.”
    بس اهڙيون هونديون آهن اسان جون ڳالهيون، جن کي نه منڍ هوندو آهي ۽ نه پڇاڙي! ماڻهو اسان جون ڳالهيون ٻڌي منجھي پوندا آهن. کين اسان جون ڳالهيون سمجھ ۾ نه اينديون آهن ۽ پوءِ هو اسان جي ڳالهين مان هزارين معنائون ڪڍندا آهن.
    ڪلفٽن کان پنڌ موٽيا هئاسين. صدر تائين پهچندي ٿڪجي پياسين. ايلفيءَ مان لگهندي هڪڙي ٻارڙي کي ڏٺوسين. فيشن آرڪيڊ جي ٻاهران فٽ پاٿ تي پراڻا ڪلينڊر رکي ويٺو هو ۽ ڪلينڊرن مان تصويرون ڪپي وڪڻي رهيو هو. سنڌو ٻارڙي وٽ بيهي رهي. پراڻن ڪيلينڊرن ڏانهن ڏسندي رهي. پوءِ هيٺ جھُڪي هڪ پراڻي ڪيلينڊر مان ڪپيل تصوير مون کي ڏيکاريندي پڇيائين، “ڪيئن آهي؟”
    بيخياليءَ ۾ چيم، “ٺيڪ آهي، سٺي آهي.”
    ڇوڪري کان تصوير جي قيمت پڇي کيس هڪ روپيو ڏنائين. تصوير خريد ڪري ورتائين. مون عجب مان ڏانهنس ڏٺو. پڇيومانس، “تصوير ڇو ورتي اٿئي؟”
    جواب ڏنائين، “توکي پسند جو آهي!”
    “مونکي!” مان حيران ٿيم.
    “ها، توئي ته چيو هو نه، ته هيءَ توکي پسند آهي.”
    “مونکي مٿي ۾ ٻيون مصيبتون گھٽ لڳل آهن، جو هينئر ڇوڪرين جون تصويرون گڏ ڪندس!”
    “ڪهڙي خبر!”
    “مون کي ميوزيم کولڻو ناهي.”
    “بس!” سنڌوءَ چيو، “مون تنهنجي واتان اهو جملو ٻڌڻ پئي چاهيو. مون کي تنهنجي باري ۾ سڀ خبر آهي.”
    دل جو ڪعبو انيڪ بتن سان آباد هو، سنڌو.” مون ڏانهنس ڏسندي چيو ۽ “جڏهن کان مون کي هڪ معبود مليو آهي، تڏهن کان مون دل جي ڪعبي جا سمورا بت ڀڄي ڇڏيا آهن.
    سنڌو اُداس نظر سان مون ڏي ڏٺو.
    چيم، “جڏهن مان نه هوندس سنڌو، تڏهن سنڌ جا مرثيه گو شاعر توسان منهنجي بي پناھ محبت جا نوحه لکندا منهنجي چاهت کي ڳائيندا.”


      محبت

    هڪڙي ڏينهن سنڌوءَ مون کان پڇيو، “مون سان ڪيتري محبت اٿئي؟”
    سوال منجھائيندڙ هو. ڪوبه مناسب جواب دل تي تري نه آيو. مون سنڌوءَ کي چيو، “اڄ تائين محبت ڪرڻ وارن کان ڪنهن اهڙو سوال نه پڇيو هوندو جھڙو تو مون کان پڇيو آهي.”
    سنڌوءَ چيو، “اهو سوال فقط تنهنجي لاءِ آهي.”
    “منهنجي محبت جي انتها ۾ شڪ اٿئي؟”
    چيائين، “نه”
    پڇيومانس، “ته پوءِ اهڙو سوال ڇو پڇيو اٿئي؟”
    “ياد اٿئي، هڪ ڀيري تو پنهنجي محبت جي باري ۾ ڇا چيو هو.”
    “ڇا چيو هوم؟”
    “تو چيو هو، ته جھڙي محبت مون توسان ڪئي آهي، تهڙي محبت اڄ تائين ڪنهن به ڪنهن سان نه ڪئي هوندي.”
    ها، “مونکي پنهنجو جواب ياد آهي. مان پنهنجي دعويٰ تي اڄ به قائم آهيان.”
    “پنهنجي دعويٰ جو مطلب سمجھين ٿو؟”
    “ها، سمجھان ٿو، ورنه اهڙي دعويٰ نه ڪريان ها.”
    “پڪ اٿئي ته جھڙي محبت تو مون سان ڪئي آهي، تهڙي محبت اڄ تائين ڪنهن به ڪنهن سان نه ڪئي هوندي؟”
    سنڌوءَ کي چيم، “منهنجين اکين ۾ نهار سنڌو.”
    سنڌوءَ پنهنجين عميق نگاهن سان منهنجين اکين ۾ نهاريو.
    چيم، “منهنجين اکين ۾ توکي حاصل ڪرڻ جي حوس نه آهي.”
    هوءَ خاموش رهي.
    چيم، “منهنجين اکين ۾ وڇوڙي جي شمعن جي ورشني آهي.”
    هن ڪجھ نه چيو.
    مون چيو، “ماڻهو محبت ۾ وصل جي آرزو ڪندا آهن. مون فراق سان زندگيءَ جي ويرانين کي سينگاريو آهي.”
    سنڌوءَ ٿڌو ساھ کنيو ۽ چيو، “پوءِ مان پنهنجو سوال ورجائڻ ۾ حق بجانب آهيان.”
    چيم، “فقط تون آهين سنڌو، جنهن مون سرڪش کي واڳ وڌي آهي.”
    هوءَ وياڪل نظر اچڻ لڳي.
    چيم، “عجب ماجرا آهي. مون کان محبت جي مام متعلق پڇندي آهين ۽ پوءِ منهنجيءَ محبت جو اظهار ٻڌي اداس ٿي پوندي آهين، ائين ڇو آهي سنڌو!”
    سنڌوءَ منهنجي سوال جو جواب نه ڏنو.
    پڇيائين، “مون سان ڪيتري محبت اٿئي؟”
    “انهن انتهائن جي باري ۾ سوچ سنڌو، جن انتهائن جو ڪوبه انت نه هجي. انهن وسعتن جي باري ۾ سوچ سنڌو، جن جي ڪابه سرحد نه هجي.” چيم، “منهنجي محبت انتهائن جي انت ۽ وسعتن جي نامعلوم سرحدن کان آزاد آهي.”
    پڇيائين، “ته پوءِ تنهنجي محبت جو ڇيھ ڪٿي آهي؟”
    “جتي مان نه آهيان ۽ جتي فقط منهنجي محبت آهي، اتي منهنجي محبت جو ڇيھ آهي.” چيم، “مان پنهنجي محبت کي محرومين سان سينگارڻ لاءِ توکان پري پري رهان. توکي حاصل ڪري نه سگهان، اها منهنجي محبت جي انتها آهي.”


      جنم

    “سنڌو.”
    “جي.”
    “چون ٿا تنهنجو ذڪر نه ڪريان، تنهنجي باري ۾ نه ڳالهايان.”
    “ته پوءِ ڇا سوچيو اٿئي؟”
    “ڪجھ سمجھ ۾ نه ٿو اچي.”
    “ڇو؟”
    “ڇو جو جڏهن ويٽنام جو ذڪر ڪريان ٿو، تڏهن ڪو به اعتراض نٿو ڪري، جڏهن تنهنجو ذڪر ڪريان ٿو، تڏهن الزامن جو صليب پٺن تي کڻان ٿو.”
    “پوءِ منهنجو ذڪر ڇڏي ڇو نه ٿو ڏئين؟”
    “منهنجي ادبي زندگيءَ مان جيڪڏهن تنهنجو ذڪر ڌار ڪيو وڃي، ته پاڇي ۾ مونکي ڪجھ نه ملندو.”
    “هينئر ڇا مليو اٿئي.”
    “درد جي ميراث.”
    “تون شاعري ڇو نه ٿو ڪرين.”
    “مقدر ۾ لکيل ناهي.”
    “تقدير جو قائل آهين؟”
    “جيستائين تو کان جدا نه ٿيو هوس.”
    “اڳ؟”
    “ارادي آڏو ڪنهن به شيءَ کي ڪٿ ۾ نه آڻيندو هوس.”
    “ان کي تقدير جي ليکي بدران سزا ڇو نه ٿو سمجھين؟”
    “ڇا جي سزا؟”
    “محبت جي سزا.”
    “اسين محبت ۾ سزا پاڻ مقرر ڪندا آهيون. ٻيو ڪو اسان کي ڪهڙي سزا ڏئي سگھندو!”
    “مون کي خبر آهي. تون محبت ۾ مرڻ جو قائل آهين.”
    “مان تنهنجي لاءِ هر دور ۾ مرندو رهيو آهيان سنڌو.”
    “منهن پاسي ۾ ڇو نه ويهي رهين؟”
    “نه مان تنهنجي پاسي کان نه مان تنهنجي سامهون ويهندس.”
    “ڇو؟”
    “اسين عبادتگاهن کي پٺي نه ڏيندا آهيون.”
    “حق تي توکي ماڻهو ڪافر ٿا سمجھن!”
    “مان مومن ڪڏهن هوس!”
    “پر تڏهن به لوڪ جو لحاظ ڪبو آهي.”
    “مان منافق نه آهيان. مون توسان محبت ڪئي آهي.”
    “محبت جي ميدان ۾ تون اڪيلو ته ناهين!”
    “مان محبت جي ميدان ۾ مرڻ وارن جي قافلي ۾ شامل آهيان.”
    “پر تون ته جيئرو آهين!”
    “هيءُ منهنجو نئون جنم آهي، مان تنهنجي محبت ۾ وري مرندس ۽ وري جنم وٺي موٽي ايندس. تنهنجي لاءِ منهنجي مرڻ ۽ جيئڻ جو سلسلو قيامت تائين هلندو رهندو.”


      دستور

    مان سنڌو ڏانهن ڏسندو رهيس.
    سنڌوءَ پڇيو، “ڇا پيو ڏسين؟”
    ڏانهنس ڏسندو رهيس. سندس سوال جو جواب نه ڏنم، “خبر اٿئي نه سنڌو، ته مان نصيب جي وجود کان منڪر آهيان!”
    “ها، مون کي خبر آهي.”
    سنڌوءَ چيو، “تنهنڪري سڄي ملڪ ۾ بدنام ٿي ويو آهيان.”
    “مان بدناموسيءَ جو داغ کڻي مري ويندس.” چيم، “پر يقين ڪر سنڌو، ته هينئر منهنجو نصيب ۾ اعتقاد ٿي ويو آهي. ڪجھ آهي. نصيب چئجي يا ٻيو ڪجھ. پر آهي ضرور، جنهن تي انسان جو وس نه ٿو هلي.”
    “چريا! سچ پچ راھ راست تي اچي ويو آهين ڇا؟” سنڌوءَ ڪجھ تعجب وچان پڇيو.
    “مون کي يقين ٿي ويو آهي سنڌو ته تون ۽ مان ڪجھ ڏينهن کان پوءِ جدا ٿي وينداسين. شايد هميشه لاءِ جدا ٿي وينداسين.” سنڌوءَ ڏانهن ڏسندي چيم، “مان توکي وري ڏسي نه سگھندس. توسان ڳالهائي نه سگهندس، توکي پنهنجين بي معنيٰ ڳالهين سان بيزار ڪري نه سگھندس.”
    سنڌو اداس ٿي ويئي.
    چيم، “تون اداس نه ٿيءُ سنڌو. تون سدا حيات آهين. منهنجي هجڻ يا نه هجڻ سان ڪو فرق نه پوندو.”
    هن منهن ٻئي طرف ڪري ڇڏيو.
    “مون کان منهن نه موڙ.” چيم، “مونکي ڏسڻ ڏي. مان توکي نصيب جي بازيءَ ۾ هارائي ويٺو آهيان. مون کي پاڻ ڏانهن ڏسڻ ڏي ته جيئن نصيب جي وجود ۾ منهنجو اعتقاد پختو ٿي وڃي ۽ پوءِ مان تنهنجي ياد کي دل ۾ سانڍي هتان هليو وڃان.”
    سنڌوءَ هڪدم منهن ورائي مون ڏانهن ڏٺو. پڇيائين، ڀڳل ٽٽل آواز ۾، “موٽي نه ايندين ڇا؟”
    ڏانهنس ڏسندي چيم، “هزارين ميلن جو مفاصلو منهنجي تصور جي پرواز آڏو ڪا معنيٰ نه ٿو رکي.”
    چيائين، “اهو منهنجي سوال جو جواب ناهي.”
    دل جي مايوسيءَ تي ڪارا ڪڪر تري آيا. چيم، “موٽي اچي ڇا ڪندس.”
    پڇيائين، “مون سان محبت نه اٿئي ڇا؟”
    “محبت قربتن جي محتاج نه هوندي آهي، سنڌو.” ڏانهنس ڏسندي چيم، “تون منهنجي روح، منهنجي وجود، منهنجي شخصيت جو لازمي حصو آهين، پر ظاهري طرح مون کان پري آهين، منهنجي پهچ کان ٻاهر آهين. محروميءَ جو احساس محبت کي ابدي زندگي بخشي ڇڏيندو آهي.”
    اجايو کيس اُداس ڪري وڌم. پڇيائين، “پاڻ تي اعتبار نه رهيو اٿئي، يا مايوس ٿي پيو آهين.”
    “اڳ تو تائين پهچڻ مشڪل محسوس ٿيندو هو.” چيم، “هينئر تو تائين پهچڻ ناممڪن ٿي پيو آهي.”
    ٿڌو ساھ کنيائين پڇيائين، “ٻاهر وڃي مون کي وساري ڇڏيندين؟”
    “مان هر جنم ۾ تنهنجي در تان پنهنجو دامن دعائن ساب ڀري موٽندو آهيان.” چيم، “تنهنجي آرزوءَ ۾ جيئڻ ۽ تنهنجي لاءِ مرڻ جو دستور مون کي ورثي ۾ مليو آهي. مان پنهنجو دستور وساري نه سگهندس، سنڌو.”


    خالق

    سمجھان ٿو مان ڪي پهر خاموش ويٺو هوس. دامن ڪوھ جي بلندين تان اسلام آباد جي شهر ڏانهن ڏسي رهيو هوس. اسلام آباد جي شهر تي ڌنڌ ڇانيل هئو. مارگله روڊ کان اڳتي ڪجھ نظر نه پئي آيو. سنڌوءَ مون کان پڇيو، “ڇا پيو سوچين؟”
    “هلال لاءِ ڪو ڪالم سوچي رهيو آهيان.” چيم، “پر ڌنڌ سبب مون کي اسلام آباد چٽو نظر نٿو اچي.”
    پڇيائين، “ڇا اهو ضروري آهي ته تون اسلام آباد جي باري ۾ ڪالم لکين.”
    چيم، “منهنجي دل سورج مکيءَ مثل آهي. مان اُس ۽ روشنيءَ ۾ ٽڙندو آهيان. اونداھ ۽ دنڌ ۾ ڪومائجندو آهيان.”
    سنڌوءَ چيو، “هن دفعي تون پنهنجي ۽ منهنجي باري ۾ ڪالم لک.” مون سنڌوءَ ڏانهن ڏٺو. خاموش رهيس.
    سنڌوءَ پڇيو، “ڇا پيو ڏسين.”
    چيم، “تنهنجي خوبصورت پيشانيءَ تي پنهنجي تقدير جي تحرير ڳولي رهيو آهيان.”
    هن منهنجو هٿ پنهنجي مقدس هٿن ۾ جھلي ورتو.
    چيم، “مون توکي ٻن انتهائن جي وچ ۾ چاهيو آهي، سنڌو.”
    هوءَ خاموش رهي.
    مون ڳالهايو. چيم، “مون توکي عبادت ۽ ديوانگيءَ جي وچ ۾ چاهيو آهي. منهنجي محبت جو ڪوبه انت لهي نه سگھندو.”
    مان سنڌوءَ جي پاسي مان اُٿي يوڪليپٽس جي سڪل پنن تي وڃي ليٽي پيس. مٿي هيٺان ٻانهون ڏيئي آسمان جي وسعتن ۾ پاڻ وانگر آواره ڪڪرن ڏانهن ڏسڻ لڳس. سيمينٽ جي بئنچ تان اُٿي سنڌو منهنجي پاسي ۾ اچي ويهي رهي. هوءَ منهنجو درد پرکي سگھندي آهي. هوءَ منهنجي اذيت محسوس ڪري سگهندي آهي. هوءَ منهنجي مونجھارن کي سمجھي سگھندي آهي. سنڌوءَ چيو، “پاڻ کي پريشان ڇو ٿو ڪرين. ٻيا هزارين موضوع آهن. انهن جي باري ۾ تون لکي سگھين ٿو.”
    “مان آسمان جي ڪڪرن وانگر رولاڪ آهيان. آواره آهيان.” چيم، “منهنجو ڪو به گھر گھاٽ ڪونهي. مان ٻين موضوعن تي لکي سگھان ٿو. مان چانھ پکي ۽ ڳيري جي آکاڻي لکي سگھان ٿو. مان ڪانءَ ۽ جھرڪيءَ جو قصو لکي سگھان ٿو. پر في الحال مان اهو ڪجھ لکڻ چاهيان ٿو، جيڪي ٻرندڙ جبل وانگر منهنجي وجود ۾ ٽهڪي رهيو آهي.”
    “تون ڪنهن وقت مونکي هڪڙو ننڍڙو سهڻو ضدي ٻار لڳندو آهين.” سنڌوءَ چيو، “چڱو هن دفعي تون فقط منهنجي باري ۾ ڪالم لک.”
    چيم، “مون هر جنم ۾ تنهنجي باري ۾ اڻپوري ڪهاڻي ڇڏي آهي. هن دفعي به اڻپوري ڪهاڻي ڇڏي ويندس.”
    سنڌوءَ آهستگيءَ سان چيو، “هر جنم ۾ مون توکي پنهنجي وجود ۾ دل وانگر ڌڙڪندي محسوس ڪيو آهي.”
    سندس مقدس هٿ پنهنجين اکين تي رکندي چيم، “منهنجي هڪ هڪ تحرير تنهنجي محتاج آهي. مون تنهنجي تصور کان ڌار ٿي هڪ لفظ نه لکيو آهي.”
    هوءَ خاموش رهي.
    مون ڳالهايو. چيم، “تو مونکي روشني ۽ جوت جي دولت عطا ڪئي آهي. اصل ۾ منهنجي خالق تون آهين.”
    اها ڪالهوڪي ڳالھ آهي. اڄ سوچيان پيو ته ڪهڙي موضوع تي هلال لاءِ ڪالم لکان.


      کن پل جي ملاقات

    مون سنڌوءَ کي چيو، “ماڻهو مون کي ملحد، ڪافر ۽ باغي سمجھندا آهن. پر، اصل ۾ ائين ناهي.”
    ڪالھ هڪ ڏينهن لاءِ سنڌو اسلام آباد آئي هئي. جمعي جو ڏينهن هو. موڪل ڏينهن ڪامورن جي شهر اسلام آباد ۾ راڪاس گھمي ويندو آهي. سنڌوءَ چيو، “اسين پپر جي ڇانو ۾ ويهي ڳالهيون ڪنداسين.”
    چيم، “اسلام آباد ۾ پپر ڪونهي.”
    ڪجھ ڪجھ عجب لڳس. چيائين،“ته پوءِ ڪنهن بڙ جي ڇانو ۾ ويهنداسين.”
    چيم، “هتي نه پپر، نه بڙ آهي.”
    چيائين، “ته پوءِ ڪنهن نم جي ڇانو ۾ ويهنداسين.”
    چيم، “پٿرن جي شهر ۾ مون اڄ تائين نم نه ڏٺي آهي.”
    پڇيائين، “ته پوءِ هتي ڇا آهي!”
    چيم، “هتي موسمي گل آهن. وقت جا محتاج آهن. اڄ جيڪي گل ٽڙيا آهن سي سڀاڻي نه ٽڙندا.”
    اسين ويران رستن تي هلندا رهيا سين.
    سنڌوءَ پڇيو، “ڇا سوچيو اٿئي!”
    پڇيم، “ڪنهن جي باري ۾؟”
    چيائين، “پنهنجي باري ۾.”
    چيم، “زندگي تنهنجي ياد جي سهاري گذاري ڇڏيندس.”
    آب پاره وٽان پڪوڙا ۽ ڊبل روٽي ورتي سين. روز گارڊن ۾ ياسمين جي ٻاريءَ وٽ ڇٻر تي وڃي ويٺاسين. سنڌوءَ پڇيو، “سياست جي باري ۾ ڪيئن ٿو ڀانئين!”
    “جاگيردارن، سرمائيدارن، وڏيرن ۽ ملن جي سياست کان مون کي نفرت آهي.” چيم، “منهنجي سياست تون آهين. منهنجو نظريو محبت آهي. منهنجو نظام چاهت آهي.”
    سنڌو کلي پيئي. چيائين، “جاگيردارن، وڏيرن ۽ ملن هٿان مارجي ويندين.”
    “تنهنجي راھ ۾ مرڻ سعادت، تنهنجي لاءِ مرڻ شهادت آهي.” چيم، “عشق جي علم کي کنهنبو رکڻ لاءِ تاريخ جي هر دور ۾ مان تنهنجي لاءِ مرندو رهيو آهيان، سنڌو.”
    سنڌوءَ بيحد پيار وچان چيو، “تون چريو آهين.”
    چيم، “ان الزام جي مون ڪڏهن به ترديد نه ڪئي آهي.”
    “خبر اٿئي!” سنڌوءَ چيو، “تنهنجي اڻميي پيار کان ڪڏهن ڪڏهن مان ڊڄي ويندي آهيان.”
    چيم، “تڏهن ته توکان پري ٿي ويو آهيان.”
    پڇيائين، “ظاهري قربت کي اهم ٿو سمجھين!”
    چيم، “پاڻ کي پرچائڻ خاطر ائين چيو اٿم. منهنجي محبت وڇوڙن ۾ آسمان جي وسعتن کان وڌي ويئي آهي.”
    ڪجھ دير کان پوءِ شڪر پڙيان ڏانهن ويندي، سنڌوءَ چيو، “گذريل مهيني مان ڪراچي ويئي هيس.”
    مون حسرت وچان کانئس پڇيو هو، “اُهي رستا، اُهي گھٽيون ۽ اُهي چوواٽا ڪيئن هئا، جتي تون ۽ مان محبت لاءِ نئين دستور جي تلاش ۾ رلندا هئاسين!”
    سنڌوءَ چيو، “ڪجھ نه بدليو آهي، فقط وقت اسان کي پٺتي ڇڏي ويو آهي.”
    شام جو کيس مان اسٽيشن تي ڇڏڻ ويس. هوءَ دريءَ تي منهن رکي مون ڏانهن ڏسندي رهي. نه هن ڳالهايو ۽ نه مون. هڪ ٻئي ڏانهن ڏسندا رهياسين. اسين محبت ۾ ان مقام تي وڃي پهتا آهيون، جتي ڪڏهن ڪڏهن اندر جي اڌمن جي اظهار لاءَ لفظن ۽ جملن جي ضرورت نه پوندي آهي. سگنل ٿيو، گاڏي چرڻ لڳي. سنڌوءَ دريءَ مان پنهنجو هٿ وڌايو. سندس هٿ ۾ هٿ ڏيندي چيم، “مون چاهتن جي چائنٺ تي سجدو ڪيو آهي سنڌو. اُها محبت، جيڪا عبادت جي سرحدن کان اڳتي نڪري ويندي آهي، سا محبت ابدي هوندي آهي، لازوال هوندي آهي.”
    گاڏيءَ جي رفتار وڌي ويئي. هٿُ هٿَ کان ڌار ٿي ويو.


      خاموشي

    سنڌوءَ جي قدمن ۾ ويٺو هوس، خاموش ۽ ماٺ ماٺ! جڏهن پاڻ ۾ ڳالهائڻ لاءِ ڪجھ نه هوندو آهي، تڏهن اسين ڳالهائيندا آهيون ۽ جڏهن ڳالهائڻ لاءِ گھڻو ڪجھ هوندو آهي، تڏهن اسين ڪجھ نه ڳالهائيندا آهيون. هڪٻئي جي سامهون هوندي به چپ چپ رهندا آهيون! ان ڏينهن به اسين چپ چپ هئاسين. چپ ان ڪري هئاسين، جو ڳالهائڻ لاءِ سمورو ماضي، حال ۽ مستقبل اسان جي وجود ۾ اٿلڻ لاءِ ماندو ٿي رهيو هو. مان سنڌوءَ جي قدمن ۾ ويٺو هيس. سنڌوءَ جي قرب ۾ منهنجي لاءِ اها ئي مناسب جاءِ هئي ۽ اها ئي منهنجي جاءِ آهي.
    مون سنڌوءَ کي چيو، “منهنجيون ٻه تمام ننڍڙيون ۽ معمولي تمنائون ڪڏهن به پوريون نه ٿينديون.”
    سنڌوءَ منهنجيءَ پيشانيءَ تان وار پري ڪندي پڇيو، “ڪهڙيون ٻه تمنائون؟”
    ماڻهو مونکي سنگدل سڏيندا آهن پر توکي خبر آهي، مون کي خبر آهي ته مان سنگدل نه آهيان.” سنڌوءَ ڏانهن ڏسندي چيم، “سنڌو دل چاهي ٿي تنهنجي هنج ۾ منهن لڪائي، سڏڪا ڀري ڀري روئي پوان. ڄاڻان ٿو، منهنجي اها تمنا پوري نه ٿيندي.”
    منهن تي اروڙ جھڙي اُداس مرڪ تري آيس. چيائين، “تون چريو آهين.”
    “چاهڻ وارا ۽ چاهتن ۾ مرڻ وارا ائين هوندا آهن، جيئن مان آهيان.”
    چيم، “مون کي ظاهري طرح ويجھو هوندي، تون مون کان پري آهين. مون کي تنهنجي هنج نصيب نه ٿيندي.”
    سنڌوءَ ڪجھ نه چيو، وياڪل ٿي پيئي.
    “مان تنهنجو هوس، تنهنجو ئي رهندس، توکان سواءِ مان بي معنيٰ آهيان.” سنڌوءَ جي اکين ۾ ڏسندي چيم، “چاهيان ٿو، ساهن جو سلسلو ختم ٿي وڃي، مان تنهنجن قدمن ۾ خاموشيءَ سان دم ڏيئي ڇڏيان. توکان جدا ٿي مرڻ مون کي گوارا نه آهي. مان تنهنجو آهيان. تو وٽ مرڻ جو خواهشمند آهيان. پر مون کي خبر آهي، منهنجي اها تمنا به پوري نه ٿيندي.”
    “مون سان جيڪي ڳالهائيندو آهين، سو لکي ڇڏيندو آهين.” سنڌوءَ چيو، “تنهنجين تحريرن سبب مايوسي پکڙجي رهي آهي.”
    “مان تنهنجي راءِ سان متفق نه آهيان سنڌو.” چيم، “تون جنهن کي مايوسي سمجھي رهي آهين، سا اسان جي جاڳرتا آهي.”
    هن ڪجھ نه چيو.
    مون ڳالهايو، “تون اٽل آهين. تون عظيم آهين. تنهنجو وجود ازل ۽ ابد جي پابنديءَ کان آزاد آهي. مان هڪڙي ڏينهن سڪل پن وانگر طوفانن ۾ رلي ويندس. وقت جي قدمن ۾ چيڀاٽجي ويندس.”
    سنڌوءَ چيو، “تون بهادر آهين. جدائيءَ ۾ جيئڻ تنهنجي لاءِ عذاب سهي، پر تون ان عذاب جي درد کي برداشت ڪري ويندين. اهو تنهنجي لاءِ ممڪن آهي.”
    سنڌوءَ جي اکين ۾ ڏسندي چيم، “تو کان جدا ٿي مان ڊهي ويندس، يا ٺهي پوندس.”
    اکين مان بيچيني ليئا پائڻ لڳس.
    “زندگيءَ ۾ هڪ وقت اهڙو به ايندو آهي، جڏهن ڪو احساس بي معنيٰ هئڻ جي باوجود با معنيٰ محسوس ٿيڻ لڳندو آهي.” سنڌوءَ چيو، “ٿي سگھي ٿو، جدائي تڏهن تنهنجي لاءِ بامعنيٰ ٿي پوي!”
    “منهنجي لاءِ اهو احساس ڪافي آهي ته مان تنهنجو آهيان ۽ توکان سواءِ ڪنهن جو ٿي نه سگھندس.” سنڌوءَ جي گوڏي تي مٿو ٽيڪيندي چيم، “منهنجي دل جي دنيا تنهنجي ياد جي خوشبوءِ سان واسيل رهندي.”
    ۽ پوءِ اسين خاموش ٿي وياسين. هڪٻئي ڏانهن ڏسندا رهياسين.


      نگاھ

    ڳالھ پئي هلي ڪنهن جي هئڻ ۽ نه هئڻ جي، سنڌوءَ پڇيو، “ڇا پيو سوچين چريا؟”
    منهن ورائي سنڌوءَ ڏانهن ڏٺم. چيم، “تنهنجي باري ۾ پيو سوچيان.”
    “منهنجي باري ۾!”
    “ها.”
    “ڇا پيو سوچين؟”
    “سوچيان پيو ته تون سچ پچ آهين به يا فقط منهنجو وهم آهين.”
    سنڌو ٽهڪ ڏيئي کلي پيئي. چيائين، “چرين کي سڱ هجن ها ته تنهنجي مٿي تي به جيڪر چڱا چوکا سڱ هجن ها.”
    “مان چريو آهيان!”
    “ٻيو نه ته سڄو آهين!”
    “ها، تنهنجي لاءِ ۽ تنهنجي خاطر چريو آهيان، پر هونءَ مان وڏو پلستر آهيان.”
    “اهو ته تنهنجي شڪل مان ظاهر آهي.”
    “ڪا پاڪستاني فلم ته نه ڏسي آئي آهين، جنهن ۾ هڪ ناز ڪڙي هيروئن پنجاھ غنڊن کي موچڙا هڻندي آهي!”
    کلندي رهي. مان ڏانهنس ڏسندو رهيس.
    پڇيائين، “ڇا پيو ڏسين؟”
    چيم، “ڏسان پيو ته تون آهين به يا منهنجي نظر جو فريب آهين.”
    چيائين، “ڪهڙيون چرين جھڙيون ڳالهيون پيو ڪرين!”
    “هن زندگيءَ جي مام اها ئي آهي سنڌو.” چيم، “جنهن تي هئڻ جو گمان هوندو آهي، سو اصل ۾ نه هوندو آهي.”
    “مان تنهنجي سامهون آهيان، تڏهن به منهنجي هئڻ تي گمان اٿئي!”
    “مان نظر جي فريب کان ٽهندو آهيان.”
    “ته پوءِ اعتبار ڇا تي ڪندو آهين؟”
    “دل جي چئي تي.”
    “دل ڇا ٿي چويئي؟”
    “ڇا جي باري ۾؟”
    “منهنجي باري ۾.”
    “ته تون آهين.” چيم، “تون ورح آهين، ذهن آهين، تصور ۾ آهين، منهنجين تحريرن ۾ آهين.”
    سنڌوءَ پڇيو، “ڀلا هڪڙي ڳالھ ته ٻڌاءِ. زندگيءَ ۾ اهو مقام ڪڏهن ايندو آهي، جڏهن قربت وڇوڙو محسوس ٿيندي آهي ۽ وڇوڙو قربت محسوس ٿيندو آهي؟”
    منجھي پيم. جواب سجھي نه آيو.
    “چڱو ڀلا، ٻيو سوال ٿي پڇانءِ.”
    سنڌوءَ چيو، “زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ائين ڇو ٿيندو آهي، جو پن پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويندا آهن ۽ پٿر ترندا آهن؟”
    چيم، “سنڌو يقين ڪر، مونکي سي ايس پيءَ جي امتحان ۾ ويهڻو ناهي.”
    سنڌوءَ چيو، “سي ايس پيءَ ۾ ويهڻ وارن کان اٿوپيا جي آبادي ۽ نيوزيلينڊ جي سڪي جو نالو پڇندا آهن.”
    چيم، “چڱو ڀلا مان سوال ٿو پڇانءِ؟”
    چيائين، “ڀلي پڇ.”
    پڇيم، “جنهن کي دل ڏبي آهي، تنهن کان ڌار ڇو رهبو آهي؟”
    سنڌوءَ وراڻيو، “چاهڻ وارن جي مقدر ۾ تقدير جو ڪتاب وڇوڙي جي ليڪ وجھي ڇڏيندو آهي.•


    وچن

    جڏهن حال اونداهو هوندو آهي، تڏهن ماضيءَ جي ڪنهن ياد جي روشنيءَ سان حال کي روشن ڪبو آهي! هيءَ ماضي قريب جي ڳالھ نه آهي، هيءَ ماضي بعيد جي ڳالھ آهي. هيءَ ان ماضي بعيد جي ڳالھ آهي، جڏهن اسان جي گفتگو زمان ۽ مڪان جي پابندين جي محتاج نه هوندي هئي. تڏهن افق محظ نظر جو دوکو نه هوندو هو. افق جي ٻئي پار ڌرتي ۽ آسمان پاڻ ۾ ملندا هئا. سچ پچ ملندا هئا. تڏهن اهو شهر آباد هوندو هو، جنهن جو نالو اڄوڪي دور ۾ ماڻهن موهن جو دڙو رکيو آهي.
    چيم، “تون منهنجي زندگي آهين، مان تنهنجي باري ۾ ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيان.”
    سنڌوءَ پڇيو، “ائين ڇو آهي، جو تو پنهنجي زندگي مون سان وابسته ڪري ڇڏي آهي.”
    مون سنڌوءَ ڏانهن نهاريو. هوءَ مون کي عظمت ۾ آسمان کان اوچي نظر آئي. هن جو حسن ڪنهن به تشبيھ جو محتاج نه آهي. سندس سونهن ڪنهن ڀيٽ جي ڪاٿي کان بلند آهي. هوءَ ايتري قدر ته دلنشين ۽ بينظير آهي جو جملن جي جوڙجڪ ۽ لفظن جي بيهڪ هن جي ابديت آڏو بي معنيٰ آهي، هوءَ احساس آهي يا منهنجي احساس جو لازمي عنصر آهي. هن کي مون محسوس ڪيو آهي. پنهنجي وجود جي اندر ۽ پنهنجي وجود جي ٻاهر. اسان جي پراسرار محبت اظهار جي محتاج نه آهي.
    ان دفعي ڳالهين ۾ ويٺاسين ته هن مون کان پڇيو، “ ائين ڇو آهي، جو تو پنهنجي زندگي مون سان وابسته ڪري ڇڏي آهي.”
    چيم، “تنهنجي سوال جو بيحد ننڍڙو جواب مون وٽ آهي.”
    پڇيائين، “ڪهڙو؟”
    چيم، “محبت جي تاريخ ۾ مان تنهنجي حوالي سان ياد ڪيو ويندس.”
    هوءَ خاموش رهي.
    مون چيو، “جڏهن به انوکي، نرالي ۽ پراسرار محبت جي ڳالھ نڪرندي، ماڻهو تنهنجيءَ ۽ منهنجيءَ محبت جو ذڪرڪندا.”
    هوءَ منهنجي پاسي مان اٿي ويئي. ٻه چار وکون کڻي بيهي رهي ۽ پولار ۾ نهارڻ لڳي. مان سندس پاسي کان وڃي بيٺس. پڇيم، “ڇا پيئي سوچين سنڌو؟”
    منهن ورائي مون ڏانهن ڏٺائين ۽ چيائين، “ايڏي وڏي دعويٰ جو مطلب سمجھين ٿو؟”
    چيم، “ها، پنهنجي دعويٰ جو مطلب سمجھي سگھان ٿو. پنهنجي دعويٰ جو مفهوم به سمجھي سگھان ٿو.”
    پڇيائين، “نباهي سگھندين؟”
    سندس عميق اکين ۾ ڏسندي چيم، “تنهنجي محبت ۾ مان جڏهن فنا جي درجي تي پهچندس ۽ موهن جو دڙو ٿي پوندس، تڏهن ماڻهو منهنجن کنڊرن مان تنهنجي ياد جا آثار ڳولي ڪڍندا.”
    مون اڪثر سنڌوءَ لاءِ پنهنجي محبت جي باري ۾ سوچيو آهي. مونکي پنهنجي محبت جو ڪو انت نظر نه آيو آهي. مون کي پنهنجي محبت جو ڪو حل سمجھ ۾ نه آيو آهي. بس، هڪ احساس آهي، جيڪو صدين کان منهنجي ساھ ۾ سمايل آهي، هر جنم ۾ اهو احساس منهنجي وجود سان شامل رهيو آهي. هر جنم ۾ مون کيس چاهيو آهي. هر جنم ۾ مون کيس وڃايو آهي.
    مون سنڌوءَ کي چيو، “ڪنهن جنم ۾ مان ليکڪ ٿي پيدا ٿيندس، اخبارن لاءِ ڪالم لکندس، رسالن لاءِ افسانا لکندس. منهنجين تحريرن ۾ ڳالھ ٻئي ڪنهن جي هوندي، پر اصل ۾ ذڪر توسان منهنجي محبت جو هوندو.”
    محبت جو وچن پاڙڻ لاءِ مان موٽي آيو آهيان.•


      موٽڻ محال آهي

    هڪ دفعي مون سنڌوءَ کي چيو هو، “اڄ توکان خيرات وٺڻ آيو آهيان.”
    سنڌوءَ مون ڏانهن غور سان ڏسندي چيو هو، “مان ويراڳڻ آهيان. مون وٽ ڇا رکيو آهي!”
    سنڌوءَ کان پڇيم، “تنهنجي جواب کي انڪار سمجھان.”
    سنڌوءَ چيو، “تو مون کان سوال ته نه ڪيو هو!”
    “ها، مون سوال نه ڪيو هو،” چيم، “پر تو سوال لاءِ گنجائش به ته نه ڇڏي آهي!”
    چيائين، “مون ته پنهنجي اندر جو حال اوريو آهي.”
    چيم، “تو ته ڪجھ لفظن ۾ پنهنجي اندر جو حال اوري ورتو آهي. مان پنهنجي اندر جو حال اوري ورتو آهي. مان پنهنجي اندر جو حال ڪنهن سان اوريان!”
    “مون کي غير ٿو سمجھين!”
    “منهنجي چاهت، منهنجي سچائي ٿي شڪ اٿئي!”
    “مان تنهنجن چريائين کان واقف آهيان.”
    “منهنجي محبت کي چريائي ٿي سمجھين!”
    “ها.”
    “ڇو؟”
    “ڇو جو محبت ڪرڻ وارا تو وانگر محبت نه ڪندا آهن.”
    “هو ڇا ڪندا آهن؟”
    “عقل کان ڪم وٺندا آهن.”
    “اُها محبت ئي ڪهڙي جيڪا عقل جي محتاج هجي!” چيم، “محبت واپار ته ناهي سنڌو!”
    سنڌوءَ ٿڌو ساھ کنيو ۽ چيو، “تو وانگر محبت ڪرڻ وارا گھڻو وقت جِي نه سگھندا آهن.”
    مون سنڌوءَ جي عميق اکين ۾ نهاريندي چيو، “مون کي وڌيڪ جيئڻ جي ڪا به آرزو ناهي سنڌو.”
    سنڌو هڪدم اداس ٿي پيئي.
    سنڌوءَ کان پڇيم، “منهنجي موت جي ڳالھ ٻڌي تون هڪدم اُداس ڇو ٿي پوندي آهين.”
    جواب ڏيڻ بدران، مون ڏانهن ڏسندي سنڌوءَ پڇيو، “تون منهنجو آهين نه؟”
    چيم، “مان توکان سواءِ ڪنهن جو به ٿي نه سگھندس.”
    چيائين، “پوءِ جڏهن اهڙيون ڳالهيون ڪندو آهين، تڏهن مان اُداس نه ٿينديس ته ڀلا ٻيو ڪير اُداس ٿيندو.”
    چيم، “چڱو، مان اهڙيون ڳالهيون نه ڪندس.”
    منهن تي مرڪ تري آيس. چيائين، “تون سٺو ڇوڪرو آهين!”
    هڪدم حيرت وچان چيم، “تون مونکي ڇوڪرو ٿي سمجھين!”
    هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيائين.
    چيم، “چري مان پوڙهو ٿي ويو آهيان.”
    کلي پيئي. پوءِ پيار مان چيائين، “چريا، محبت ڪڏهن به پوڙهي نه ٿيندي آهي، تنهنڪري محبت ڪرڻ وارا به پوڙها نه ٿيندا آهن.”
    چيم، “مون وٽ تنهنجي فلسفي لاءِ ڪوبه جواب ڪونهي.”
    پوءِ سنڌوءَ پڇيو، “اڳاڻو ڇا پيئي گھريئه مون کان؟”
    پڇيم، “ڏيئي سگھندينءَ؟”
    “مان ويراڳڻ آهيان. مون وٽ ڪجھ به ڪونهي.” سنڌوءَ چيو، “ٿي سگھي ٿو ته توکي ٻئي ڪنهن هنڌان وٺي ڏيان.”
    چيم، پوءِ مونکي ٿورڙي بي رخي، ٿورڙي قطع تعلقي ۽ ٿورڙي سرد مهري وٺي ڏي.”
    پڇيائين، “محبت ۾ ٿڪجي پيو آهين؟”
    چيم، “مان محبت ۾ ان مقام تي وڃي پهتو آهيان، جتان منهنجو موٽڻ محال آهي.”•


      اُفق

    اسان ٻنهي هڪ ٻئي کان جدا رهي ڏٺو آهي، جدائيءَ جي گھڙين کي سرطان جي عذاب وانگر محسوس ڪري ڏٺو آهي، ڪجھ مهينن جي وڇوڙي کان پوءِملياسين. مان گذريل هفتي ڪم سانگي ڪراچي آيل هوس. ڪنهن ٻڌايو ته هوءَ به اڄڪلھ ڪراچي آيل آهي. دل اُڌمو کاڌو. سندس فون جو نمبر ڦيرايم. هن رسيور کنيو ۽ چيو، “هيلو.”
    مون ڪجھ نه چيو. مون سندس مڌر آواز ٻڌڻ چاهيو ٿي، خاموش رهيس. هن ٻيهر چيو، “هيلو.”
    چيم، “تنهنجي آواز ۾ اڄ به صدين جي سرهاڻ آهي سنڌو.”
    “تون!” هن تعجب وچان پڇيو، “رت ۽ باھ جي شهر ۾ ڪڏهن آيو آهين؟”
    چيم، “مان هتان ويو ئي ڪڏهن آهيان.”
    “بڪواس نه ڪر.” سنڌوءَ چيو، “اسلام آباد ۾ جھنڊا کوڙي وڃي ويٺو آهين ۽ مٿان وري چوين ٿو ته هتان ويو ئي ڪڏهن آهيان!”
    “سنڌو” چيم، “پنهنجي دل کان پڇي ڏس.”
    هوءَ خاموش رهي.
    چيم، “يقين ڪر سنڌو، منهنجو تصور تنهنجي در جو طواف ڪرڻ کان پوءِ ڪراچيءَ جي گھٽيءَ گھٽيءَ ۾ گھمندو آهي، رلندو آهي. مان ڪراچيءَ مان نه ويو آهيان سنڌو.”
    پڇيائين، “گھڻن ڏينهن لاءِ آيو آهين؟”
    چيم، “بارود، باھ ۽ دونهي ۾ مونکي ٻوسٽ ٿي ٿئي. مان اڄ موٽي ويندس.”
    چيائين، “وڃڻ کان اڳ منهنجي هڪڙي ننڍري خواهش پوري ڪندين؟”
    چيم، “مون کان منهنجي زندگي جو ٻليدان ڇو نٿي گھرين؟”
    هوءَ خاموش رهي.
    “تو مون کي دعائن ۽ محبت جا ڀنڊار ڀري ڏنا آهن.” چيم، “۽ مون توکي ڪجھ نه ڏنو آهي سنڌو.”
    چيائين، “اسان محبت ڪئي، واپار نه ڪيو آهي.”
    چيم، “تو ڪجھ چوڻ ٿي چاهيو شايد.”
    پڇيائين، “اڄ شام جو ڪلفٽن تي جھانگير ڪوٺاري پريڊ اچي سگھندين؟”
    “ها، مان ايندس،” چيم، “۽ پوءِ اسين وارين جي دفنين مان پوريل خوابن جا اڻپورا سلسلا ڳولينداسين.”
    اسين جھانگير ڪوٺاري پريڊ جي ڏاڪڻ تي ملياسين. هوءَ مون ڏانهن ڏسڻ لڳي. پڇيم، “ڇا پئي ڏسين؟”
    چيائين، “ڏسان پيئي ته وارن ۾ اڇا پئجي ويا اٿئي، پر تنهنجي محبت جوان آهي.”
    “محبت زمان ۽ مڪان جي پابندين کان آزاد هوندي آهي، تنهنڪري عمر رسيده نه ٿيندي آهي.” چيم، “مان تنهنجي محبت ۾ ظاهري طرح فنا ٿي ويندس، پر منهنجي محبت فنا ٿي نه سگھندي.”
    پڇيائين، “ڇا اِهو لازمي آهي.”
    “ها، اهو لازمي آهي.” چيم، “ڇو جو دائمي محبت، ڏکن کي جنم ڏيندي آهي.”
    ان کان پوءِ اسان پاڻ ۾ نه ڳالهايو. هڪ پاسي ٿي ڏاڪي تي ويهي رهياسين ۽ اُفق جي ٻئي پار ڏسڻ لڳاسين، جتي زمين ۽ آسمان مليل نظر ايندا آهن، پر جدا جدا هوندا آهن.•


    اوندھ

    سنڌوءَ چيو، “هر طرف اوندھ آهي، گگھ اوندھ آهي. مان هيبتناڪ اوندھ ۾ هڪ وک به اڳتي نٿي وڌي سگھان.”
    “تون ۽ مان تاريخ جي هر دور ۾ اوندھ ۾ ملندا رهيا آهيون.” چيم، “تنهنجو روپ اهو ئي رهيو آهي. مان هر دفعي مرڻ کان پوءِ جوڻ مٽائي موٽندو رهيو آهيان. مون کي گذريل جنم جا زخم ياد آهن. مون نه وساريا آهن. مون وٽ جيڪا تاريخ آهي. ان تي مٽيءَ جي دز نه چڙهي آهي. مون ان تاريخ تي پڪو جلد نه ٻڌرايو آهي. ڇو جو تاريخ جي ارتقا اڃا جاري آهي.”
    سنڌوءَ جي لهجي مان مايوسي ظاهر ٿيڻ لڳي. چيائين، “مان اهڙي اوندھ ڪڏهن نه سنڀران.”
    پڇيومانس، “اها رات ياد اٿئي، جڏهن انياءَ جا رٿ اسان جي شهر تي ڪاهي آيا هئا ۽ اسان جي وستي رت ۽ باھ ۾ ملائي ويا هئا.”
    “ها، اُها اجگر جھڙي رات مون کي ياد آهي.” سنڌو وراڻيو، “ان رات کان پوءِ اسان جي وستي موهن جو دڙو سڏجڻ ۾ آئي.”
    “ان رات به اسان جي راهن ۾ اوندھ هئي سنڌو،” چيم، “پر اسين هٿ ۾ هٿ ڏئي وڌندا رهيا هئاسين. اسان جي وستي موهن جو دڙو سڏجڻ ۾ آئي، پر اسان ٻيون وستيون آباد ڪيون. اسان دل جا شهر آباد ڪيا.”
    “ها مون کي ياد آهي،” سنڌوءَ چيو، “پر اُها اوندھ اهڙي نه هئي، جھڙي اڄ اسان جي راهن ۾ وڇائجي ويئي آهي.”
    مان خاموش رهيس، ڏانهنس ڏسندو رهيس.
    “هر طرف اوندھ آهي. وک وک تي واسينگ آهن.”
    سنڌوءَ چيو، “مان هڪ وک نٿي وڌي سگھان.”
    “همٿ ڪر، سنڌو” چيم، “نيٺ ته اوندھ لهندي ظلم جي نگري ڊهندي.”
    “نه،” سنڌوءَ چيو، “مون ائين ٿو محسوس ٿئي، هن دفعي هيءَ اوندھ نه لهندي، سچ جو سج نه اڀرندو. مان اوندھ جي پاتار ۾ لهي ويندس ۽ وري نه اُڀري سگھندس.”
    “نه نه” چيم، “ائين نه چئه سنڌو، وري واءُ ورندي. وري ڪوئي چارڻ چانگي تي چڙهندو. ڌرتي جي سيني مان نئون نسل نڪري، اوندھ کي چيري نئين واٽ ڳولي، لاٽ ٻاري، منزل جو سونهون به ٿيندو.”
    سنڌوءَ چيو، “تاريخ تي پڪو جلد ٻڌرائي ڇڏ. ڇو جو هينئر نئون باب نه لکبو.”
    پڇيومانس، “نئون باب ڇو نه لکبو سنڌو؟”
    وراڻيائين، “ڇو جو نئون باب لکڻ واري مس وقت جو ٻائو تيل سمجھي پي ويو آهي.”
    “مس وقت جو ٻائو تيل سمجھي پي ويو آهي ته ڇا ٿيو!” چيم، “اسين دل کي چيري قلم رت ۾ ٻوڙيي تاريخ جو نئون باب لکنداسين.”
    مون سنڌوءَ جي کلڻ جو آواز ٻڌو، جنهن تي مون کي روئڻ جو گمان ٿيو. سنڌوءَ چيو، “تو ڪوي ڪاليداس جي اوبر نه پيتي آهي، تنهنڪري ڪوي ٿي نه سگھندين. تو رسل جي ڪتبي جي مٽيءَ جو سرمو اکين ۾ نه وڌو آهي، تنهنڪري تون تاريخ جو باب لکي نه سگھندين. تاريخ کي پڪو جلد ٻڌرائي، جاري ۾ رکي ڇڏ. جتي اڏوهي کائي وڃيس.”
    اوندھ ۾ مان اِهو ڏسي نه سگھيس ته اِهو چوندي، سنڌوءَ جي اکين ۾ لڙڪ هئا يا چپن تي مايوسي جي مرڪ.•


      عشق عبادت آهي

    “سنڌو.”
    “جي.”
    “مون کي حڪم ٿيو آهي ته تنهنجي باري ۾ نه سوچيان. تنهنجي باري ۾ نه ڳالهايان، تنهنجي باري ۾ نه لکان.”
    “پوءِ ڇا سوچيو اٿئي؟”
    “سوچيان پيو ته ڇا اِهو سڀ ڪجھ منهنجي لاءِ ممڪن آهي.”
    “ڇو ممڪن نه آهي؟”
    “اِهو سوال تون سنڌو مون کان پئي پڇين!”
    “توکان ڪجھ پڇڻ جو حق نه ٿي رکان ڇا؟”
    “توکي منهنجي حياتي تي اختيار آهي. مون تنهنجي پيرن جي پڻيءَ جو مٿي تي محراب ٺاهيو آهي.”
    “پر ايتري چاهت چڱي ته ناهي.”
    “مون محبت ڪئي آهي، واپار نه ڪيو اٿم.”
    “تون منهنجي باري ۾ ڇو سوچيندو آهين؟”
    “ڇو جو منهنجي ڪابه سوچ تنهنجي محور کان مٿي نه آهي.”
    “منهنجي باري ۾ ڳالهائيندو ڇو آهين؟”
    “ڇو جو تون ئي منهنجي ابتدا آهين، تون ئي منهنجي انتها آهين.”
    “۽ ڀلا منهنجي باري ۾ لکندو ڇو آهين؟”
    “ڇو جو منهنجو حرف اول تون آهين، منهنجو حرف آخر تون آهين.”
    بندش جي باري ۾ ڇا سوچيو اٿئي؟”
    “اجائي آهي.”
    “ڪيئن؟”
    “مون ازل کان هر جنم ۾ تنهنجي باري ۾ سوچيو آهي، تنهنجي باري ۾ ڳالهايو آهي. تنهنجي باري ۾ لکيو آهي. هن جنم ۾ اها پابندي ته مان تنهنجي باري ۾ سوچڻ، ڳالهائڻ ۽ لکڻ ڇڏي ڏيان، منهنجي لاءِ ناممڪن آهي. مان اِها پابندي قبول ڪري نه سگھندس.”
    “مجبوري جي حالت ۾ ڇا ڪندين؟”
    “مان ڀڄي پوندس، ڀري پوندس، پر توکي وساري نه سگھندس.”
    “ڪوشش ڪري ڏس.”
    “اڄ تائين ڪو شخص پنهنجي زندگي، بصيرت ۽ روشنيءَ کي ڪڏهن وساري سگھيو آهي!”
    “مان سمجھان ٿي تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ اهڙو ته پراسرار رشتو آهي، جو ڪنهن کي ڪو اعتراض هئڻ نه گھرجي.”
    “پنهنجي رشتي جي وضاحت ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي سنڌو.”
    “ڇو ڏکيو ڪم آهي.”
    “ڇو جو عام ماڻهو اسان کي ظاهري اک سان ڏسندا آهن. هو اسان جي اندر جو انت لهي نه سگھندا آهن. اهڙا ماڻهو تنهنجي ۽ منهنجي رشتي کي سمجھي نه سگھندا.”
    “مون کي خبر آهي.”
    “۽ خبر اٿئي هو اسان جي باري ۾ ڪهڙيون ڳالهيون ڪندا آهن!”
    “ڪهڙيون ڳالهيون ڪندا آهن!”
    “چوندا آهن ته تون ۽ مان ڪافر آهيون.”
    “اسين ڪافر آهيون!”
    “ها.”
    “ڪيئن؟”
    “اسان ٻنهي عبادت جي حد تائين هڪ ٻئي کي چاهيو آهي.”
    “ڇا اهو سچ آهي؟”
    “پنهنجيءَ دل کان پڇي ڏس سنڌو.”•


      زندگي

    ڪينجھر جي ڪنارن سان هلندي سنڌوءَ چيو، “زندگيءَ جو سفر پراسرار آهي.”
    مان بيهي رهيس. سنڌوءَ ڏانهن ڏٺم. هوءَ ڪجھ وکون کڻي بيهي رهي ۽ منهن ورائي مون ڏانهن ڏسڻ لڳي. سنڌوءَ پڇيو، “ڇا پيو ڏسين.”
    چيم، “تقدير جو فيصلو.”
    پڇيائين، “تقدير ۾ اعتقاد اٿئي ڇا؟”
    ورڻيم، “نه چاهيندي به آهي!”
    پڇيائين، “سبب.”
    جواب ڏنم، “مان تنهنجو آهيان، پر تنهن هوندي به توکان پري آهيان. ان ۾ تقدير جو دخل ناهي ته ٻيو ڇا آهي.”
    سنڌوءَ پڇيو، “تنهنجي ڪيفيت سان ٺهڪندڙ شاھ لطيف جي هڪ بيت جي هڪ سٽ ٻڌايانءِ؟”
    هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيم.
    سنڌوءَ شاھ لطيف جي بيت جي هڪ سٽ جھونگاريندي چيو،
    “ڪي اوڏائي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين.”
    چيم، “شاھ لطيف اهو بيت منهنجي لاءِ چيو آهي.”
    پڇيائين، “ايڏو يقين اٿئي؟”
    وراڻيم، “مون کي ويجھو هوندي تون مون کان پري نه هجين ها ۽ مون کان پري هوندي مون کي ويجھو محسوس نه ٿئين ها ته مان جيڪر شاھ جي بيت بابت ايڏي وڏي دعويٰ نه ڪريان ها.”
    سنڌوءَ جي نرڙ تي ريکائون اڀري آيون. هوءَ منهن ورائي ڪينجھر جي ڪنارن تي هلڻ لڳي.
    ساڻس وک کڻندي چيم، “مان تنهنجي پهرين جملي سان متفق نه آهيان.”
    پڇيائين، “ڪهڙو جملو؟”
    چيم، “تو چيو هو زندگيءَ جو سفر پراسرار آهي.”
    پڇيائين، “ته ڇا زندگيءَ جو سفر پراسرار ناهي؟”
    “نه.” وراڻيم، “زندگي جو سفر غير يقيني آهي.”
    پڇيائين، “غير يقينيءَ مان ڪهڙي مراد اٿئي.”
    جواب ڏنم، “مون جھڙن انسانن جو سفر اڻپورو رهجي ويندو آهي.”
    پڇيائين، “ڇو؟”
    وراڻيم، “اسين وقت هٿان دغا کائي ويهندا آهيون.”
    ۽ پوءِ ڪيتري دير تائين اسين خاموشيءَ سان ڪينجھر جي ڪنارن تي هلندا رهيا سين.
    سنڌوءَ مون کان پڇيو، “نوري ۽ ڄام تماچي جي باري ۾ ڪهڙو رايو اٿئي؟”
    چيم، “نوري مظلوم هئي.”
    اچرج مان پڇيائين، “ڪيئن؟”
    چيم، “هڪ شهنشاھ شڪار ڪندي کيس ڏٺو. هوءَ شهنشاھ کي وڻي ويئي. شهنشاھ ساڻس شادي ڪري ڇڏي. ان شاديءَ ۾ نوريءَ جي مرضي کي دخل حاصل نه هو.”
    سنڌوءَ چيو، “ڄام تماچي کيس پَٽَ راڻي ڪيو هو.”
    “دولت سان دل جو ويران اڱڻ آباد نه ٿيندو آهي سنڌو.” چيم، “نوري حال کان مطئمن نه هئي. ماضيءَ سان ناتو جوڙڻ لاءِ هوءَ ڳھ ڳٺا ۽ ويس وڳا لاهي پراڻا ۽ ڦاٽل ڪپڙا پائيندي هئي. جنهن سان محبت هئس تنهن کي وساري نه سگھي. کائنس جدا ٿيڻ کان پوءِ به کيس ياد رکندي آئي هئي. نوريءَ جو حال ماضيءَ لاءِ ماتم ڪندي گذريو هو.”
    سنڌوءَ پڇيو، “آسائشون محبت جي محروميءَ کي ڀري نه سگھنديون آهن ڇا؟”
    سندس عميق اکين ۾ ڏسندي چيم، “چاهتن جا امين هڪ محبت لاءِ هزارين آسائشون قربان ڪري ڇڏيندا آهن.”•


      علامت

    هن وقت رات جا اڍائي ٿيا آهن. مان تجسس ۽ تعجب وچان هيءُ قصو لکي رهيو آهيان. جنهن ڪيفيت مان، مان لنگھي رهيو آهيان، تنهن ڪيفيت مان اڳ به انيڪ دفعا لنگھي چڪو آهيان. هر دفعي ان قسم جي ڪيفيت مون کي تجسس جو نئون عالم عطا ڪيو آهي. مان سمجھان ٿو، هر اهو شخص جيڪو مون وانگر تصور جي رڻ ۾ رلندو آهي، سو ان قسم جي ڪيفيت مان لازمي طرح لگھندو رهيو آهي.
    ڪجھ ڏينهن کان اسلام آباد ۾ گھٽ ۽ ٻوسٽ آهي. اڄ شام مان ڪوھ مريءَ ويو هوس. مال روڊ هزارين ماڻهن جي هجوم سا ڀريل هو، پيھ هئي. ماڻهن جا انبوھ هئا. رنگا رنگي لباسن ۽ ميڪ اپ جي زيبائش هئي. هن وقت جڏهن هيءَ ڪٿا لکي رهيو آهيان، تڏهن شدت سان محسوس ڪريان ٿو ته مان ظاهري طرح هزارن جي هجوم ۾ هيڪلو هوس، پر اصل ۾ اڪيلو نه هوس. مون پنهنجي هٿ ۾ ڪنهنجي هٿ کي محسوس ڪيو هو. اُهو هٿ منهنجي لاءِ اجنبي نه هو. ان هٿ کي مون ازل کان پنهنجي هٿ ۾ محسوس ڪيو هو. اسين ٻئي وک وک سان ملائي هزارن جي هجوم کان ڌار ٿي وياسين. پنڊي پوائنٽ ڏانهن وڌي وياسين.
    اسين ٻئي هينئر محبت ۾ ان مقام تي وڃي پهتا آهيون، جتي اسان کي اندر جي اڌمن لاءِ اظهار خاطر لفظن جو سهارو نه وٺڻو پوندو آهي. اسين جملن جا محتاج نه آهيون، اسان خاموش رهڻ جي باوجود پاڻ ۾ گھڻو ڪجھ ڳالهائي ويندا آهيون.
    پنڊي پوائنٽ تائين، نه هن ڳالهايو ۽ نه مون. پر تنهن هوندي به اسين خاموشيءَ جي زبان سان هم ڪلام ٿيندا رهياسين. هڪٻئي کي ٻڌندا رهياسين. دائمي محبت زمان، مڪان ۽ جملن جي محتاج نه هوندي آهي. ازل کان هر جنم ۾ خاموش رهندي، اسان هڪٻئي کي سمجھيو آهي.
    پنڊي پوائنٽ وٽ مون کيس چيو، “هيءُ جنم پڻ اسين خاموشيءَ جي زبان سان ڳالهائيندي گذاري ڇڏينداسين.”
    “خاموشيءَ جي زبان مبهم ۽ علامتي ٿيندي آهي.” هن چيو، “سچي تاريخ قومن جي ماضيءَ تي خاموش شاهدي ڏيندي آهي.”
    “منهنجي محبت جي شاهد تون آهين!” چيم، “مون ازل کان توکي روشني جي علامت سمجھيو آهي.”
    هن آسمان ڏانهن اشارو ڪندي چيو، “ڪڪر جبلن تي لهي آيا آهن.”
    مون ڪڪرن ڏانهن ڏسندي چيو، “ڪڪر ازل کان آزاد آهن ۽ ڪوبه اڄ تائين ڪڪرن کي قيد ڪري نه سگھيو آهي.”
    چيائين، “هڪ دفعي تو چيو هو ته جيڪي اسان لاءِ هوندا آهن ۽ اسان جا هوندا آهن، سي اسان کان دور پابندين ۽ بندشين ۾ جنم وٺندا آهن.”
    چيم، “مون کي ياد آهي.”
    پڇيائين، “ائين ڇو آهي؟”
    وراڻيم، ان ڪري ته جيئن محبت دائمي ٿي پوي.
    ورائي پڇيائين، “دائمي محبت لاءِ لاڳيتي آزمائش ضروري آهي؟”
    چيم، “آزمائش انسان کي ڪندن ڪري ڇڏيندي آهي.”
    هن چيو، ،مستقل ۽ لاڳيتي آزمائش اسان ٻنهي کي ڪندن ڪري ڇڏيندي. اسان جو رُوح روشنيءَ سان جرڪي اُٿندا.”
    چيم، “منهنجو تصور تنهنجي ياد کان سواءِ رڻ وانگر ويران ٿي ويندو.”
    هن چيو، ،مان جتي به آهيان، جيئن به آهيان، تنهنجي آهيان.”
    هوءَ سنڌو هئي. هزارن جي هجوم ۾ مان هيڪلو هوس، پر اصل ۾ مان اڪيلو نه هوس، هوءَ مون سان گڏ هئي.•


    ڪي ڏور به اوڏا سپرين

    ملياسين ته ائين محسوس ٿيو، ڄڻ روهين کان پوءِ مليا هئاسين. چيائين، “مان سمجھان ٿي مون کي وساري ڇڏيو اٿئي.”
    “سنڌو.” چيم، “اجازت ڏئين ته مان تنهنجي سوال جي جواب ۾ پنهنجي هڪ ڪهاڻيءَ جو جملو ورجايان.”
    “وقت ۽ حالتن توکان گھڻو ڪجھ ڦري ورتو آهي.” سنڌوءَ چيو، “پر وقت ۽ حالتون توکان تنهنجيون ڳالهيون ڦري نه سگھيا آهن.”
    چيم، “وقت ۽ حالتون مون کان تنهنجي ياد به ڦري نه سگھيا آهن. مون تنهنجي ياد کي املھ ميراث وانگر روح ۾ سانڍي ڇڏيو آهي.”
    سندس خشڪ اداس چپن تي اُداس مرڪ تري آئي، چيائين، “تو پنهنجيءَ ڪنهن ڪهاڻي جي جملي جي ڳالھ پيئي ڪئي!”
    پنهنجي ڪنهن ڪهاڻيءَ جو جملو ورجائيندي چيم، “مان مرڻ کان پوءِ جيڪڏهن موهن جو دڙو ٿي پوان، ته ماڻهو منهنجي وجود جي کنڊرن مان تنهنجي ياد جا ياقوت کوٽي ڪڍندا.”
    کلي پيئي. چيائين، “مونکي خبر آهي، تون انتها پسند آهين.”
    “ها.” چيم، “منهنجين محبتن ۽ نفرتن جو ڪو انت ڪونهي.”
    پڇيائين، “زندگي ڪيئن پئي گذريئي؟”
    ورڻيم، “ڪجھ گذري ويئي آهي. ڪجھ گذري ويندي.”
    چيائين، “تنهنجي ڳالهائڻ مان مايوسي پئي بکي.”
    “مون اميدن جي تڪميل جي آرزو نه ڪئي آهي سنڌو.” چيم، “تنهنڪري منهنجي مايوس ٿيڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.”
    پوءِ هن عجيب سوال ڪيو. پڇيائين، “تون مونکي ياد ڇو ڪندو آهين؟”
    “ڇو جو مان توکان ڌار ٿي ويو آهيان. مان توکان جدا ٿي ويو آهيان.”
    ورڻيم تو وٽ هجان ها، توسان ملندو رهان ها، توکي ڏسندو رهان ها، ته شايد ياد نه ڪريان ها. توکي وساري ويهان ها.”
    “مون کي شاھ لطيف جو هڪ بيت ياد ٿو اچي.” سنڌوءَ چيو، “مان سمجھان ٿي، تون اُن بيت جي فلسفي جو معتقد آهين.”
    پڇيومانس، “شاھ سائين جي ڪهڙي بيت جي ڳالھ پيئي ڪرين.”
    سنڌوءَ شاھ سائين جو بيت جھونگاريو.
    “ڳوليان ڳوليان مَ لهان، شال مَ ملان هوت،
    من اندر جا لوچ، ملڻ سان ماٺي ٿئي.”
    چيم، “اهو بيت منهنجي حياتيءَ جي عمل جو سونهون آهي.”
    ڪجھ اٻاڻڪي لهجي ۾ پڇيائين، “مون کي ڪيستائين ياد رکندين؟”
    “ماڻهو هڪٻئي جي حوالي سان سڃاتا ويندا آهن.” چيم، “مان تنهن حوالي سان سڃاتو ويندس، منهنجو پنهنجو ڪو وجود ڪونهي.”
    منهنجون ڳالهيون ٻڌي سنڌو اُداس ٿي پيئي. مون کي اعتراف آهي ته مان پنهنجي غم پسند طبيعت جو عڪس، سنڌوءَ جي سدا حيات وجود تي وجھي ڇڏيندو آهيان. مان پنهنجي ڳالهين سان کيس اُٻاڻڪو ڪري ڇڏيندو آهيان. مڃان ٿو ته ائين ڪرڻ نه گھرجي. پر مان مجبور آهيان. مان مٽيءَ جو ماڻهو آهيان ڀڄي پوندو آهيان. ڀري پوندو آهيان. فقط اهي ماڻهو اسان کي سمجھي سگھندا آهن، جن ڌرتي جي حوالي سان محبت ڪئي آهي. جن ڌرتيءَ سان توڙ نڀائڻ جو وچن ڪيو آهي.
    سنڌوءَ پڇيو، “موڪلايون؟”
    “محبت وصال ۽ قربت جي محتاج نه ٿيندي آهي سنڌو.” چيم، “تون وڃ، مان توکان پري رهي به توسان محبت ڪري سگھان ٿو. تون ڀلي وڃ.”
    سنڌو ويئي ته شاھ سائين جي بيت جي هڪ سٽ جھونگاريندي ويئي.
    “ڪي اوڏائي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين!”•


    ديوانگي

    نه سنگيت آهي، نه خوشبو آهي، تڏهن به تنهنجي ياد جو پڙلاءُ آهي.
    مان سمجھان ٿو، ماٺ ۾ مون کي ڪي ورهيه گذري ويا ها، جو سنڌوءَ مون کان پڇيو هو، “ڇا پيو سوچين؟”
    مون ڪنڌ کڻي، ٿڪل ٿڪل نگاهن سان هن ڏانهن ڏٺو هو، چيو هيم، “توکي ڳوليندي ڳوليندي مان روح جي گھراين تائين ٿڪجي پيو آهيان سنڌو.”
    سنڌوءَ جي چپن تي سدا حيات مرڪ تري آئي هئي. پڇيو هئائين، “ته پوءِ ڀلا پنهنجي ڳولا جو سلسلو ختم ڇو نٿو ڪرين؟”
    “اهو سلسلو ظاهري طرح منهنجي موت سان ختم ٿيندو.” چيو هيم، “پر يقين ڪر سنڌو، مرڻ کان پوءِ منهنجو روح تنهنجيءَ چاهت ۾ هو اجنتا جي عبادتگاهن کان وٺي اشوڪ جي زرين اقوال تائين پاراتو مليل ارواحن جي قافلي ۾ ڀٽڪندو رهندو. توکي ڳوليندو رهندو.”
    هڪدم ڳنڀير ٿي ويئي، پڇيو هئائين، “ائين ڇو آهي؟”
    وراڻيو هيم، “ڇو جو تنهنجي آرزوءَ ۾ جيئن ۽ تنهنجي آرزوءَ ۾ مرڻ مون کي نصيب جي صورت ۾ قدرت طرفان تحفي ۾ مليو آهي.”
    تڏهن ڏک وچان پڇيو هئائين، “مون کي وساري ان عذاب کان ڇوٽڪارو حاصل ڇو نٿو ڪرين؟”
    “تون منهنجي لاءِ لاشعور جو لازمي حصو آهين.” چيو هيم، شعوري طرح توکي وسارڻ جي ڪوشش کي منهنجو لاشعور شڪست ڏيئي ڇڏيندو.”
    هن کاڏي هيٺان هٿ ڏيئي، ٽِڪ ٻڌي مون ڏانهن ڏٺو هو ۽ چيو هو، “نه تون مونکي سمجھ ۾ آيو آهين ۽ نه ئي تنهنجي چاهت مون کي سمجھ ۾ آئي آهي.”
    “چاهتن جي نئين رسم جو درس اسان کي ڀٽ ڌڻيءَ کان مليو آهي.” چيم، “تون مون کي ويجھو هوندي مون کان پري ٿي ويندي آهين ۽ جڏهن مون کان پري هوندي آهين، تڏهن منهنجي ويجھو هلي ايندي آهين.”
    سنڌوءَ ٿڌو ساھ کنيو. پوءِ ماحول جي اداسائي گھٽ ڪرڻ لاءِ چيائين، “تنهنجو مرض لاعلاج آهي.”
    “اهو عاشق ئي ڪهڙو جنهن جو علاج ٿي سگھندو هجي!” مون سندس عميق اکين ۾ ڏسندي چيو هو، “منهنجو عشق عزازيل وارو آهي.”
    سنڌو ٽهڪ ڏيئي کلي پيئي هئي. چيو هئائين، “تنهنجي باري ۾ ماڻهن سي آءِ ڊي ۽ اطلاعات واري کاتي جي عملدار جو به اهو ئي خيال آهي.”
    مان به کلي پيو هوس. چيو هيم، “هڪ سجدي کان انڪار ڪري عزازيل لکين سالن جي عبادت کي رائگان ڪري ڇڏيو هو.”
    سنڌوءَ پڇيو هو، “پوءِ ڇا سوچيو اٿئي؟”
    ورائي پڇيو هيم، “ڇا جي باري ۾.”
    “پنهنجي باري ۾.”
    “مان توکان سواءِ اڻپورو، بي معنيٰ ۽ مبهم آهيان.”
    “۽ منهنجي باري ۾ ڇا سوچيو اٿئي؟”
    مون غور سان سنڌوءَ ڏانهن ڏٺو هو. الاءِ ڇا هو منهنجين نظرن ۾، جو هن هڪدم نگاهون جھڪائي ڇڏيون. مون ڏانهنس ڏسندي چيو هو، “ازل جي ابتدا تنهنجي لاءِ منهنجيءَ جستجوءَ سان ٿي هئي. ان کي سڏيائون ڪائنات جو آغاز. ابد ٿيندو ان ڏينهن، جنهن ڏينهن تنهنجي لاءِ مسلسل جستجوءَ جو سلسلو ختم ٿي ويندو. ان ڏينهن کي سڏيندا ڪائنات جو انت.”
    سنڌو بيچين ٿي پيئي. چيو هئائين، “تون چريو ٿي پوندين، چريو ٿي پوندين.”
    پڇيومانس، “تون مون کي سڄو ۽ هوشمند ٿي سمجھين؟”
    اٽڪندي اٽڪندي چيو هئائين، “مون کان پري رهي ڏس.”
    “توکان پري رهي ڏٺو اٿم.” چيو هيم، “مفاصلا محبت کي شدت جو احساس بخشيندا آهن. پر، تون ته هر دم، هر لمحي مون وٽ موجود آهين. منهنجي ورح ۾ آهين. ذهن ۾ آهين. تصور ۾ آهين. تو کان مان ڪيئن جدا ٿي سگھندس!”
    ۽ پوءِ اُها ئي ماٺ، صدين جي ماٺ. خاموشي!•


      الزام

    نه ٻڌايائين ته ڪٿان پئي ڳالهايان. سموري ملڪ ۾ ٽيليفون تارن جو ڄار وڇايل آهي. ضد ڪيم ته فقط ايترو چيائين، “اسين زمان ۽ مڪان جي پابندين کان آزاد آهيون. منهنجي لاءِ ايترو ڪافي آهي ته مان تنهنجو آواز ٻڌي سگھان ٿي.”
    چيم، “پر تڏهن به.”
    “ڇا اهو تمام ضروري آهي؟”
    “ضروري ته ناهي.”
    “ته پوءِ ضد ڇو ٿو ڪرين.”
    “مان ضد ڪرڻ جو حق نه ٿو رکان سنڌو.” چيم، “پر تڏهن به دل چاهيندي آهي ته ڪعبي جي رُخ کان باخبر رهان.”
    “تنهنجي ۽ سچل جي وچ ۾ ڏيڍ سئو سالن جي وڇوٽي آهي.” سنڌوءَ چيو، “ماڻهو توکي سنگسار ڪري ڇڏيندا.”
    “مون مرڻ کان انڪار ته نه ڪيو آهي.” چيم، “جيڪو موت تنهنجي محبت ۾ ملندو، مان تنهن موت کي لبيڪ چوندس.”
    ڄڻ سوچ ۾ ٻڏي ويئي. ڪجھ گھڙيون خاموش رهي. هن نه ڳالهايو. مون ڳالهايو. پڇيم، “ڇا پيئي سوچين سنڌو؟”
    “جي!” ڇرڪ ڀريندي ڳالهايائين. چيائين، “ڪجھ به نه”
    “مون کان لڪائين ٿي؟”
    “تو کان لڪائڻ لاءِ مون وٽ ڪجھ به ڪونهي.”
    “مان وري به ضد نٿو ڪريان.”
    “منهنجي ڳالھ جو يقين نه اٿئي!”
    “تنهنجي هر ڳالھ منهنجي لاءِ آفاقي پيغام آهي.”
    “تون بنهه ڪافر ٿي ويو آهين.”
    “ان الزام جي مون ڪڏهن ترديد نه ڪئي آهي.” چيم، “ان الزام جي سچل به ترديد نه ڪئي هئي. ان الزام جي منصور به ترديد نه ڪئي هئي. ان الزام جي بلها شاھ به ترديد نه ڪئي هئي. مون سندن پيرن جي خاڪ جو مٿي تي محراب ٺاهيو آهي. منهنجي محبت عبادت آهي.”
    هوءَ ٻيهر خاموش ٿي ويئي. ڄڻ ڪائنات خاموش ٿي ويئي.
    چيم، “مان سمجھان ٿو ڳالهائڻ لاءِ اسان وٽ وقت محدود آهي.”
    ٿڌو ساھ کنيائين. چيائين، “گذريل جنم ۾ به اسان جون ڳالهيون اڌ ۾ رهجي ويون هيون. موجوده جنم ۾ به اسان جون ڳالهيون اڌ ۾ رهجي ويون آهن. اسين ڳالهين کي مڪمل ڪرڻ لاءِ خالق کان هڪ ٻئي جنم جي التجا ڪنداسين.”
    چيم، “ان جنم ۾ به اسان جون ڳالهيون مڪمل نه ٿينديون.”
    پڇيائين، “ڇو؟”
    ورڻيم، “اُها محبت جنهن جي ابتدا ڪائنات جي آغاز کان اڳ جي هجي، تنهن محبت جون ڳالهيون سوين جنمن ۾ به پوريون نه ٿينديون آهن.”
    پڇيائين، “ائين ڇو آهي؟”
    چيم، “مون کي خبر ناهي.”
    پڇيائين، “ان جو حل؟”
    وراڻيم، “نرواڻ.”
    “ٻڌمت جي طرف لاڙو رکيو اٿئي ڇا؟”
    “مان آنند آهيان. مون گوتم کان گيان ورتو آهي.”
    مون هڪ دفعي تنهنجي ڳچي ۾ لوھ جو ننڍڙو صليب ڏٺو هو.”
    “اهو صليب اڄ به منهنجي ڳچي ۾ پاتل آهي.”
    “تون صليب ڇو پائيندو آهين؟”
    “گوتم جيڪڏهن رومي سلطنت جي حدن ۾ پيدا ٿئي ها ته هن کي صليب تي مرڻو پوي ها.” چيم، “محبت ڪرڻ وارن جي تاريخ صليب سان وابسته آهي. صليب کي مون مذهبي اهڃاڻ نه مڃيو آهي.”
    گھڙي کن ۾ الاءِ ڇا سوچي ورتائين! “هڪ دفعي ڪراچيءَ جي عجائب گھر ۾ گهمندي تو چيو هو ته ڪڏهن ڪڏهن صديون اک ڇنڀ ۾ گذري وينديون.”
    “ها مون کي ياد آهي.” چيم، “مان ان وقت گوتم جي مجسمي آڏو بيٺو هوس..
    “ڇا اڄ به ان راءِ تي قائم آهين؟” آهستي پڇيائين.
    “ها، اڄ به ان راءِ تي قائم آهيان.” چيم، “ڪڏهن ڪڏهن لمحا وري صدين وانگر اينگھجي ويندا آهن.”
    پڇيائين، “ڪيئن؟”
    چيم، جن لمحن ۾ تون نه هوندي آهين، سي لمحا عذاب وانگر طويل ٿي ويندا آهن ۽ جن لمحن ۾ تون هوندي آهين، سي لمحا اک ڇنڀ ۾ گذري ويندا آهن.”
    پڇائين، “في الحال موڪلايون؟”
    چيم، “مان تنهنجي رضا تي راضي آهيان.”
    “چڱو.”
    “چڱو.”•


    ازل جو سفر

    اداس لهجي ۾ پڇيائين، “ته تون سچ پچ هليو ويندين؟”
    چيم، “ها ،مان هليو ويندس.”
    آسمان جي وسعتن ۾ نهاريندي پڇيائين، ڪيڏانهن ويندين؟”
    چيم، مون کي خبر ناهي.”
    منهنجو جواب ٻڌي هوءَ وياڪل ٿي ويئي.
    هن نه ڳالهايو.
    مون ئي ڳالهايو، چيم، “ڪجھ انسان سفر جي روانا ته ٿيندا آهن، پر منزل تي پهچڻ کان اڳ راهن ۾ گم ٿي ويندا آهن. مان انهن انسانن مان هڪ آهيان.”
    لفظن مان ڀڳل جملو جوڙيائين. چيائين، “مان سمجھان ٿي........ مان سمجھي سگھان ٿي، ته تون اوندھ جي ٻئي پاسي.... يعني اوندھ جي آرپار ڏسي نه ٿو سگھين.”
    “شايد تون سچ ٿي چوين.” چيم، اوندھ جو سفر دل جي روشنيءَ سان پورو ڪبو آهي.”
    هوءَ خاموش رهي.
    زهر جھڙي مرڪ چپن تي تري آئي. چيم، “ڪجھ انسان پنهنجي وجود ۾ اُماس جي رات سانڍي جيئندا آهن.”
    پڇيائين، “ايڏو مايوس آهين؟”
    وراڻيم، “مون زندگيءَ ۾ ڪڏهن به دل کي آس جي رانديڪن سان نه وندرايو آهي.”
    هوءَ خاموش ٿي ويئي. خاموش ٿي وڌيڪ اُداس ٿي ويئي.
    چيم، مون کي خبر آهي، توکي ڪيڪٽس سان پيار آهي. جيڪي انسان ڪيڪٽس سان پيار ڪندا آهن، سي ٻين لاءِ ڊرائنيگ روم جو سينگار ٿيندا آهن، پر پاڻ اُداس رهندا آهن.”
    کلڻ جي ڪوشش ڪيائين. کلي نه سگھي. پڇيائين، “ڪڏهن موٽندين؟”
    “مون کي خبر ناهي،” چيم، “مون کي فقط ايتري خبر آهي ته مان هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور موٽي ايندس.”
    “ها، تون هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور موٽي ايندين، مون کي خبر آهي.” چيائين، ،تون هر دور ۾ هليو ويندو آهين ۽ مان ٻئي دور ۾ تنهنجي اچڻ جو انتظار ڪندي آهيان. تون وڃ، مان ايندڙ دور ۾ تنهنجو انتظار ڪنديس.”
    مون ڏٺو، هماليه جبل جي چمڪندڙ چوٽين کان ڪيٽيءَ جي ڇوڙ تائين سموري تاريخ پاڻيءَ ۾ پسي ويئي.
    هن چيو، “الوداع.”
    مون کيس جواب نه ڏنو. مون محسوس ڪيو ته مان ازل کان سفر ۾ آهيان ۽ ابد تائين سفر ۾ رهندس.•


      وهم

    مان مها آتما گوتم ٻڌ جي قدمن ۾ وڃي ويهي رهيس. ڏاڍو ٿڪجي پيو هوس. روح جي گھرائين تائين ٿڪجي پيو هوس. جوليان جي عبادتگاھ جبل جي چوٽيءَ تي ٺهيل آهي. هينئر ويران ٿي ويئي آهي. ٻه هزار سال اڳ جڏهن آباد هئي، تڏهن ٻڌمت جي شاگردن لاءِ گيان ۽ ڌيان جي يونيورسٽي هئي. دل جڏهن بنھ دنيا مان کڄي ويندي آهي. تڏهن مان اسلام آباد کي ڇڏي ٽيڪسيلا هليو ويندو آهيان. ٻڌمت جي قديم آثارن ۾ رلندو رهندو آهيان. مٽيءَ ۽ پٿرن جي پيچرن تي گذريل جنم جي ياد جي تصديق ڪندو آهيان.
    اکيون بند ڪري مٿو مها آتما گوتم جي قدمن ۾ رکي ڇڏيم. روح جو بي انتها ڪروڌ ٺاپر ۾ بدلجي ويو ۽ پوءِ ڄڻ سوچ جون سوين صديون گذري ويون. تاريخ جا آڻ لکيل ۽ اڌ ۾ ڇڏيل اڻپورا باب پورا ٿي ويا. مڪمل ٿي ويا. تڏهن مون ڪنهن جي مقدس قدمن جو ڄاتل سڃاتل آواز ٻڌو.
    اکيون کوليم. سنڌوءَ کي سامهون ڏٺم.
    چپن تي لازوال مرڪ هئس، پڇيائين، “ڪيئن آهين؟”
    “ٺيڪ آهيان.” کائنس پڇيم، “تون ڪڏهن کان آئي آهين؟”
    “ڪافي دير کان آئي آهيان.” چيائين، “سمجھيم، شايد ننڊ ۾ آهين. توکي جاڳائڻ مناسب نه سمجھيم.”
    ڏک جي ڇيت ساھ سان وچڙي پئي. دل چاهيو ته چوانس، اُها شام منهنجي ظاهري وجود جي آخري شام هئي. جڏهن تو ٽيليفون تي روئڻهارڪي آواز ۾ چيو هو، ڪُجھ دير کان پوءِ منهنجو نڪاح پئجي ويندو ۽ مان هن حياتي ۾ وري شايد توسان ملي نه سگھنديس. اوچتو وحشتون در درين مان ڪاهي پيو هيون. مون آفيس جي درِيءَ مان ٻاهر نهاريو هو. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي لان تي طرحين طرحين جا ٿوهر آسمان ڏانهن ٻانهون اُڀيون ڪري بيهي رهيا هئا. ڪمري ۾ لڳل اسپيڪر مان محمد جمن جي ڳايل ڪلام جو آواز آيو هو. “او ڪنهن کي دلڙي ڏيڻ ڪنهن کان ڌار ٿيڻ.” ان شام کان پوءِ هر رات اوجاڳي جي رات آهي. ورهيه ٿيا آهن جو ننڊ نيڻن کان رٺل آهي. هينئر جڏهن به سمهبو ته اهڙي نموني سمهبو جو اُها ننڊ حياتيءَ جي آخري ننڊ هوندي. سجاڳي ٻئي جنم ۾ ٿيندي.
    “ڇا پيو سوچين!” سنڌوءَ جو آواز ٻڌم. سوچ جي مراقبي مان ڪنڌ کڻي ڏانهس ڏٺم.
    جيڪي دل چاهيو، سو نه چيم. کانئس پڇيم، “گھر ويئي هئيئن ڇا؟”
    “ها.” چيائين، “تنهنجي گھر ويئي هيس. چيني ٻڌايو ته تون ٽيڪسيلا ويو آهين. مون کي پڪ هئي ته تون جوليان جي عبادتگاھ ۾ ملندين.”
    “ڪيئن آهين؟” کانئس پڇيم.
    “ٺيڪ آهيان.” پڇيائين، “تون هتي ڇا پيو ڪرين!”
    “ڇا پيو ڪريان!” تعجب وچان ڏانهنس ڏٺم. چيم، “نهايت خطرناڪ ڪم ڪري رهيو آهيان.”
    پڇيائين، “مها آتما گوتم ٻڌ جو مجسمو چورائڻ آيو آهين ڇا!”
    انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيم، “نه”
    پڇيائين، “ته ڇا سڪندر اعظم ۽ اشوڪ جي پوريل خزانن جي تلاش ۾ آهين؟”
    چيم، “تمام خطرناڪ ڪم ڪري رهيو آهيان.”
    هيڏانهن هوڏانهن نهاريندي چيائين، “سچ کي دفن ڪرڻ آيو آهين ڇا!”
    “ها برابر. اهو به خطرناڪ ڪم آهي.” چيم، “پر مان دنيا جو سڀ کان خراب ۽ خطرناڪ ڪم ڪري رهيو آهيان.”
    گھڙي کن ترسي پڇيائين، “سِج کي بم گولو هڻڻ آيو آهين ڇا!”
    “تمام خراب ڪم جو مرتڪب ٿي رهيو آهيان سنڌو.” چيم، “ڏاڍو خطرناڪ ڪم ڪري رهيو آهيان.”
    خفي ٿي پيئي. چيائين، “ڪا ڇوڪري اغوا ڪرڻ جو پروگرام رٿي رهيو آهين ڇا!”
    “اهو ڪم تنهنجي ملڻ کان اڳ ڪندو هوس.” چيم، “پر مان ته دنيا ۾ سڀ کان خراب ڪم ڪري رهيو آهيان.”
    “سچ پڇين ته مون کي تو منجھان ڪنهن چڱي ڪم جي ڪا اميد به نه آهي.” ڪاوڙ لڳس. پڇيائين، “تنهنجي خراب ڪم جي نوعيت ڪهڙي آهي؟”
    “منهنجي ويجھو اچ.” کيس سڏيم.
    هوءَ منهنجي ويجهو مها آتما گوتم ٻڌ جي قدمن ۾ ويهي رهي.
    سڙٻاٽن ۾ چيم، “سنڌو، منهنجي زندگي، مان هن وقت سوچي رهيو آهيان.”
    “چريو ٿي پيو آهين ڇا!” مون کي ڇڙٻ ڪڍندي چيائين، “سوچڻ ۾ ڪهڙي خرابي آهي.”
    “آهستي ڳالهاءِ.” سندس وات تي هٿ رکندي چيم.
    منهنجو هٿ پري ڪندي چيائين، “عجيب ماڻهو آهين. مون کي ڳالهائڻ به نه ٿو ڏئين.”
    “سڄي گڙٻڙ ڳالهائڻ سان ٿيندي آهي.” مون سڙٻاٽن ۾ کيس سمجھائيندي چيو، “بس، ڳالهائڻ ڇڏي ڏي.”
    سخت لهجي ۾ پڇيائين، “ٻوسٽ سان ٺاھ ڪري ڇڏيان.”، ڪير ٿو توکي ٻوسٽ سان ٺاھ ڪرڻ لاءِ چوي!” چيم، “خاموش رهڻ جو مطلب ٻوسٽ سان ٺاھ ڪرڻ ته ناهي!”
    “مون سان چالاڪي ٿو ڪرين!”
    “ڇا اهو ممڪن آهي؟”
    “توتي ڪهڙو اعتبار!”
    سندس هٿ پنهنجي هٿ ۾ کڻندي چيم، “اهو ڄاڻندي به ته مان توکان سواءِ مبهم آهيان، اڻپورو آهيان، تون منهنجيءَ ڳالھ تي اعتبار نه ٿي ڪرين!”
    انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيائين، “مون کي تنهنجي ڪنهن به ڳالھ تي اعتبار نه آهي.”
    “توکي حق آهي ته تون منهنجي ڪنهن به ڳالھ تي اعتبار نه ڪرين.” چيم، “منهنجي محبت هڪ طرفي آهي. مان تاريخ جي هر دور ۾ تنهنجي لاءِ مرندو رهيو آهيان. تاريخ جي هر دور ۾ تون مون کان جدا ٿيندي رهي آهين.”
    سوچ جون ريکائون پيشانيءَ تي پکڙجي ويس. پختي آواز سان چيائين، “ڪابه محبت هڪ طرفي نه ٿيندي آهي.”
    “تون بر حق آهين. تون ازل کان آهين.” چيم، “توکي چاهڻ جي ڏوھ ۾ مان ڪڏهن سورين تي ۽ ڪڏهن صليبن تي لٽڪندو رهيو آهيان. سنڌو منهنجي زندگي، منهنجي بندگي، منهنجي محبت هڪ طرفي آهي.”
    هوءَ اُداس ٿي پيئي.
    هن منهنجي تصور کي پنهنجي بي پناھ ۽ بي غرض محبت سان آباد ڪري ڇڏيو آهي. تڪليفن ۽ آزمائشن ۾ هڪ گھڙيءَ لاءِ به هن منهنجو ساٿ نه ڇڏيو آهي. هوءَ منهنجي شڪتي آهي. هوءَ منهنجي طاقت آهي. هوءَ منهنجو شعور آهي. هوءَ منهنجو استحڪام آهي. مون سندس محبت کي پنهنجين رڳن ۾ رت بدران ڊوڙندي محسوس ڪيو آهي. مون سندس چاهت کي پنهنجي ساھ سان هلندي ۽ دل ۾ ڌڙڪندي محسوس ڪيو آهي. اسان ٻنهي چاهتن جي نئين رسم جي شروعات ڪئي آهي. مان جڏهن به هڪ طرفي محبت جو ذڪر ڪندو آهيان سنڌو بيحد اداس ۽ اٻاڻڪي ٿي پوندي آهي. ان ڏينهن به ائين ئي ٿيو. مون هڪ طرفي محبت جو ذڪر ڪيو ۽ هوءَ اداس ٿي پيئي.
    مان سوچ سمنڊ جي پاتال ۾ گم ٿي ويس. زمان ۽ مڪان جون پابنديون ختم ٿي ويون. باب الطق ۾ ابن منصور الحلاج کي سنگسار ۽ شهيد ٿيندي ڏٺم. منصور الحلاج جو عضوو عضوو ڪپي ڌار ڪرڻ کان پوءِ جڏهن جلاد سندس اکيون ڪڍڻ آيا ته تڏهن هن آسمان ڏانهن ڏٺو ۽ الله سان مخاطب ٿيندي چيو، “هي بي خبر آهن، هي جيڪي ڪجھ ڪري رهيا آهن، تنهنجي راھ ۾ ۽ تنهنجي خوشنوديءَ لاءِ ڪري رهيا آهن. هنن کي پنهنجي رحمت کان محروم نه ڪجانءِ.”
    مون منصور الحلاج جو رت آسمان ڏانهن اڏامندي ڏٺو. مون کان ڇرڪ نڪري ويو.
    سنڌوءَ پڇيو، “ڇا پئي سوچيئه؟”
    “الاءِ ڇا پئي سوچيم.” چيم، “منهنجي هر سوچ تي تنهنجي سوچ حاوي هوندي آهي.”
    “ڳالھ ٽارڻ جو استاد آهين.”
    “ڪهڙي ڳالھ؟”
    “توکان پڇيم پئي، ته ڇا سوچي رهيو هئين.”
    “ڇا ڪندئين پڇي.”
    “مون کي غير ٿو سمجھين؟”
    “مان رني ڪوٽ وانگر پُر اسرار آهيان سنڌو.” چيم، “منهنجي شڪسته وجود مان ماڻهو تنهنجي ياد جا آثار ڳولي لهندا.”
    مرڪ چپن تي تري آيس. چيائين، “ان سان ملندڙ جُلندڙ جملو تو پنهنجي هڪ ڪهاڻيءَ ۾ به استعمال ڪيو هو.”
    “منهنجيون ڪهاڻيون تنهنجي وجود جو حصو آهن.” چيم، “توکي ڪو اعتراض آهي.”
    کلي پيئي. پڇيائين، “ڪيترا دفعا محبت جي ريهرسل ڪري چڪو آهين.”
    چيم، “مون فقط هڪ محبت ڪئي آهي ۽ اُها ئي منهنجي آخري محبت آهي.”
    اکين ۾ روشنيءَ جا ڪرڻا لهي آيس. پچيائين، “مون سان ملائينديس! ڪير آهي!”
    “سموري سنڌ کي خبر آهي ته هوءَ ڪير آهي.” سندس اکين ۾ نهاريندي چيم، “جيڪڏهن تون بيخبر آهين ته پوءِ وڏي بدنصيب آهين.”•


      مون کي دعا نه ڏيو

    مان ڪجھ ڏينهن کان ذهني طرح ٺيڪ نه آهيان. اندر ۾ آرام ڪونهي. تصور جي رڻ ۾ متضاد خيالن جو راڙو آهي. عذاب هميشه هيڪلاين ۾ برداشت ڪبو آهي. پر، ڪنهن ڪنهن وقت دل ڪندي آهي ته ڪو هجي، جنهن سان اندر جو حال اورجي. ڪو هجي، همدرد هجي، پنهنجو هجي، جنهن سان ٽڙيل پکڙيل ويچارن جو اظهار ڪجي! اهي ڪي نصيبن وارا هوندا، جن کي حال اورڻ لاءِ حبيب ملندا هوندا. ورهيه ٿيندا. جو مون شڪايتن جو دفتر بند ڪري ڇڏيا آهن.
    اڄ دل ڪري ٿي Absurd لکان، بي مقصد لکان، بي مطلب لکان، بي معنيٰ لکان، بعيد از قياس لکان. ڪجھ اهڙو لکان، جنهن جو نه منڍ هجي ۽ نه پڇاڙي. ڪا اهڙي تحرير لکان جيڪا تجريدي فن وانگر بيزار ڪندڙ هجي. بس، مان ائين ئي آهيان. جڏهن به ذهني طرح پريشان ٿيندو آهيان (پريشان لفظ سان مان متفق نه آهيان. مان پنهنجي ذهني ڪيفيت جو چڱيءَ طرح اظهار ڪري نه سگھان) تڏهن تجريدي لکندو آهيان، پڙهندڙن کي سمجھ ۾ نه ايندو آهيان. هو مون کي بد دعائون ڏيندا آهن. منهنجي حق ۾ دعا نه ڪندا آهن.
    منهنجي ماءُ منهنجي حق ۾ دعا ڪندي هئي. مون زمان ماضي استعمال ڪيو آهي. مون کي زمان حال استعمال ڪرڻ گھرجي. ماءُ ۽ ماءُ سان وابسه جذبا زمان ماضي نه ٿيندا آهن. منهنجي ماءُ منهنجي حق ۾ دعا ڪندي آهي.
    مون کي پنهنجي ماءُ سان همدردي آهي. مون پنهنجيءَ جيجل ماءُ کي اڪثر سمجھايو به آهي ته ماءُ منهنجي حق ۾ دعا نه ڪندي ڪر، تنهنجي دعا سنڌيءَ ۾ لکيل درخواست وانگر ابتو اثر ڪندي آهي. هوءَ منهنجي ماءُ آهي. هن مون کي ڄڻيو آهي. پنهنجي پيار تان هٿ کڻي نه سگھي آهي. هميشه منهنجي حق ۾ دعا ڪندي آهي.
    سنڌو منهنجي حق ۾ دعا نه ڪندي آهي. کيس خبر آهي ته مان نٺر آهيان. عذابن جا ڪنڊا چونڊي پنهنجين پنبڻين ۾ ٽنڀي ڇڏيندو آهيان. سنڌو چوندي آهي، نٺر لاءِ دعا نه ڪبي آهي. هڪ دفعي سنڌوءَ کي يقين ڏيارڻ لاءِ نه مان نٺر نه آهيان ۽ مان عنقريب سڌري پوندس، مون ڏيڍ ڪلاڪ تائين سنڌوءَ جو مٿو کاڌو هو. ايسپرو جون چار گوريون کائڻ کان پوءِ سنڌوءَ چيو هو، “تنهنجي سڌرڻ جي عمر گذري ويئي آهي. تون قيامت تائين نٺر رهندين.”
    سنڌوءَ جي فتوا سان مون کي پيار آهي. هوءَ منهنجي حق ۾ دعا نه ڪندي آهي. شل سندس سينڌ سائي رهي. وڻن جا پاڇا وڌي ويا آهن. شام جو وقت آهي. مان سمنڊ جي ڪناري تان ڪوڏ ميڙي رهيو آهيان. مون واريءَ تي گھڙو ٺاهيو هو، وير آئي گھڙو ڊهي ويو. مان وقت جي پيچرن ۾ ماضيءَ جي نشانن جو متلاشي آهيان. بيوقوف آهيان. مان ننڍڙو بيوقوف آهيان. سر مارٽيمر ويلر دنيا جو عظيم بيوقوف آهي.
    ائين ڪونهي ته پڪاسو هوبهو زندگيءَ جھڙيون تصويرون ٺاهي نه سگھندو هو! هو وڏو فنڪار هو. هن تجريدي فن ذريعي نيوڪليئر دؤر جي انسانن کي منتشر ذهن جي اظهار لاءِ راھ ڏني آهي. مان يقين سان ته چئي نٿو سگھان ته البرڪاميو تجريدي فن جي موجد پيوبلو پڪاسو جو معتقد هو يا نه. پر مان ايترو يقين سان چئي سگھان ٿو ته ڪاميو جي تحريرن کي جيڪڏهن رنگن وسيلي ڪينواس تي پکيڙيو وڃي ته هوند پڪاسو جو تجريدي فن ٿي پوي.•


      ڪليگ

    مان هن سان پنهنجي دل جو حال اوريندو آهيان. هن آڏو پنهنجي گناهن، غلطين ۽ عيبن جو اعتراف ڪندو آهيان.
    هن هڪڙي دفعي چيو هو، “مون کي پٽ نه آهي، پر مونکي جيڪڏهن پٽ هجي ها، ته هو هوبهو تو جھڙو هجي ها. تو وانگر سوچي ها. تو وانگر ڳالهائي ها. تو وانگر دنيا ڏانهن ۽ زندگيءَ ڏانهن رويو رکي ها.”
    مون کائنس پڇيو هو، “دنيا ۽ زندگي ڏانهن اختيار ڪيل منهنجو رويو پسند اٿئي؟”
    جواب ڏنو هئائين، “ماءُ کي پنهنجي اولاد جي هر ڪا ڳالھ پسند هوندي آهي.”
    مون اچرج مان ڏانهنس ڏٺو هو. هوءَ عمر ۾ مون جيتري ٿيندي. مون کان وڏي نه هوندي. مون سندس شخصيت ۾ ممتا جي موجودگيءَ کي محسوس ڪيو آهي. هوءَ شفيق آهي. مهربان آهي. مان سندس موجودگيءَ ۾ بنا هٻڪ جي پنهنجن اندر جي اُڌمن جو اظهار ڪري سگھندو آهيان. جيڪي سوچيندو آهيان، تنهن کي لفظن جي صورت ڏيندو آهيان.
    مذهب، سياست ۽ زندگيءَ جي باري ۾ بنا رک رکاءَ جي ڳالهائي ويندو آهيان. منهنجي زندگيءَ ۾ هوءَ ڪنهين جي رقيب ٿي نه آئي آهي. هوءَ ڪنهين جي به جاءِ والارڻ نه آئي آهي. هوءَ ڪنهن جي حق تلفي ڪرڻ نه آئي آهي. هوءَ منهنجين محبتن ۽ وابستگين ۽ ذميدارن ۾ حصيدار ٿيڻ نه آئي آهي. هوءَ انهن ڳالهين کان بلند آهي، بالاتر آهي، اُٽلندو مان جڏهن به خيالن ۽ سوچن جو قافلو ڪاهي تصور جي رڻ ۾ رلڻ لڳندو آهيان، هوءَ مون کي منهنجين ذميدارين کان آگاھ ڪندي آهي. مون کي ڀٽڪڻ نه ڏيندي آهي. مان ڪنهن ڪنهن وقت سوچيندو آهيان ته مان کانئس عمر ۾ ڪافي ننڍو هجان ها ۽ پوءِ قدرت سان وڙهي جھڙي هن وٽان جنم وٺان ها. يا هوءَ عمر ۾ مون کان بيحد ننڍي هجي ها ۽ منهنجي ڌيءَ ٿي پيدا ٿئي ها، پر ائين نه ٿيو آهي. جيتوڻيڪ ائين ٿيڻ گھرجي ها! پوءِ اسان کي پنهنجي رشتي جي وضاحت ڪرڻي نه پوي ها. ها به سمجھاڻي ڏيڻي نه پوي ها.
    هڪ دفعي مون کيس چيو هو، “تون مريم نه آهين. مان عيسيٰ نه آهيان، پر تنهن هوندي به، مان تنهنجي بيگناهيءَ خاطر صليب کي لبيڪ چوندس.”
    هن کي سنڌوءَ سان منهنجي محبت جي خبر آهي. هوءَ اسان جي نرالي ۽ پراسرار محبت جي رمز کان واقف آهي. کيس خبر آهي ته مان سنڌوءَ کان سواءِ ڪنهين سان به محبت ڪري نه سگھندس.
    هڪ دفعي مون کان پڇيو هو، “ڇا هوءَ به تو سان بيپناھ محبت ڪندي هئي؟”
    تڏهن وراڻيو هوم، “مان هن جي محبت جو انت لهي نه سگھيو هوم.”
    پڇيو هئائين، “پوءِ توهين هڪ ٻئي کان جدا ڇو ٿي ويا آهيو.”
    چيو هوم، “اسين ظاهري طرح هڪ ٻئي کان جدا آهيون. پر حقيقت ۾ هڪ ٻئي کان جدا نه آهيون. هوءَ مون کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي ٿي نه سگھندي، مان هن کان سواءِ ٻئي ڪنهن جو ٿي نه سگھندس. مان واريءَ مثل آهيان. مٺ مان سرڪندو رهندو آهيان، مان پارو آهيان، ڪوبه مون کي هٿ ۾ جھلي نه سگھندو.”
    هوءَ آسمان وانگر عظيم آهي، وشال آهي، بلند آهي. ماڻهو اُفق جي هن پار آسمان کي زمين سان ملندي ڏسندا آهن. نظر جو فريب کائيندا آهن. ديد جو دوکو کائيندا آهن. اصل ۾ آسمان هميشه وانگر ڌرتيءَ کان دور هوندو آهي. ڌرتيءَ جي پهچ کان لامحدود هوندو آهي. مان ڌرتي آهيان. ڌرتيءَ جي دز آهيان. مان آسمان جي بلندين تائين اُڏامي نه سگھندس.•


      ڪارٽون

    “چپ چپ ويٺو آهين، ڪهڙا پور پيو پچائين؟”
    “سوچيان پيو، سمگلنگ ڪريان، ڪوآپريٽو بينڪن جا قرض کڻي کائي ڇڏيان، ٺڳيءَ جو درآمدي _ برآمدي ڪاروبار شروع ڪريان ۽ عزت جي زندگي گذاريان.”
    “ڇو پنهنجي موجوده ڪرت مان خوش ناهين ڇا؟”
    “مان پوليس، سي آءِ ڊي ۽ انٽيليجنس کان پيڇو ڇڏائڻ ٿو چاهيان.”
    “لکڻ ڇڏي ڏيندين؟”
    “ها.”
    “پوءِ ڇا ڪندين؟”
    “آپگھات.”
    “مايوس ٿي ويو آهين ڇا؟”
    “ڪنهن کان؟”
    “گُهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۽ معاشري کان.”
    “مون هڪ گل کي ڪڏهن به ڪومائجندي نه ڏٺو آهي. خبر اٿئي ڇو؟”
    “نه.”
    “اُهو گل حياتيءَ جي ٽاريءَ تي نه ٽڙندو آهي. اهو گل، ڪاغذ جو گل هوندو آهي.”
    “تون پور پچائڻ ڇڏي ڏي، پوءِ توکي سڀ ڪجھ ٺيڪ لڳندو.”
    “تون ٺيڪ ٿي چوين. مان پور پچائڻ ڇڏي ڏيندس ۽ ڪنهن ڪاموري جو بورچي ٿي سندس ماني پچائيندس.”
    “مان سمجھان ٿي، توکي آرام جي ضرورت آهي.”
    “آرام گھڻ معنيٰ لفظ آهي.”
    “ڏهن پندرهن ڏينهن لاءِ جيڪڏهن شهر کان ٻاهر هليا وڃئون ته تنهنجي ذهن تان ٻوجھ جو احساس لهي ويندو.”
    “مان فراريت جو دشمن آهيان.”
    “مان تنهنجي باري ۾ فڪرمند رهڻ لڳي آهيان.”
    “مون هڪ ڪارٽون ڏٺو هو، جيڪو ٻن ٻن حصن ۾ ورهايل هو. هڪ حصي ۾ هڪ ٻار موڙي تي ويٺو هو. کاڏيءَ هيٺان هٿ هوس. ڏنگين ۾ ٻار جو جملو لکيل هو ته ڪڏهن ڪڏهن مان ويهي رهندو آهيان ۽ سوچيندو آهيان. ڪارٽون جي ٻئي حصي ۾ ساڳيو ٻار ڪنڌ جھڪائي ڪيڏانهن وڃي رهيو هو. ڏنگين ۾ ٻار جو جملو لکيل هو ته ڪڏهن ڪڏهن مان سوچيندو آهيان ۽ پنڌ ڪندو آهيان.”
    “تون پاڻکي ڪارٽون وارو ٻار ٿو سمجھين؟”
    “نه.”
    “ته پوءِ.”
    “مان پاڻ ڪارٽون آهيان.”•


      نه هم آهي، نه ڪلا آهي

    منهنجي هٿ ۾ خالي ڪشتو ڏسي تون بيهي ڇو رهي آهين؟” مون کي دان ڏيندينءَ؟ خيرات ڏيندينءَ؟ نه نه، مان ڀڪشو ناهيان، مان بيک نه وٺندس.”
    خاموشي آهي. هر طرف پولار آهي، مان ڪنهن سان ڳالهائي رهيو آهيان؟ پٿرن سان، جبلن سان؟ ها، مان بي حس، بي رحم ۽ هماليه جي برف وانگر سرد پٿرن سان ڳالهائي رهيو آهيان.
    منهنجي خالي جھوليءَ ڏانهن نه ڏس، هلي وڃ، هلي وڃ، مان صدين کان خوابن جي ايوانن ۾ ائين ئي بيٺو آهيان، صدين کان منهنجي جھولي خالي آهي. صدين کان منهنجو ڪشتو خالي آهي. منهنجو بيچين روح گوتم جي عبادتگاھ سان مٿو هڻي موٽي آيو آهي. شانتي! شانتي! شانتي هينوئي جي کنڊرن ۾ وار کولي بيٺي آهي. بي 52 بمبار جھاز بم وسائي رهيا آهن، شانتي! شانتي!.
    پٿر جواب نه ٿا ڏين. خاموش آهن، مان فرهاد ناهيان، منهنجي هٿ ۾ ٽيڪم ناهي. مان معاشري جي سڀ کان ڪريل ڪرت ڪندڙن جي ڪڙم مان آهيان. منهنجي هٿ ۾ ڪان ناهي، منهنجي هڪ هٿ ۾ ڪلڪ آهي، ۽ ٻئي ۾ ڪشڪول.
    مونکي ياد آهي، تو هڪ ڏينهن چيو هو، ته اسان وقت جي واريءَ تي پنهنجن پيرن جا نشان ڇڏي وينداسين، مون تنهنجي آواز کي پنهنجو آواز سمجھيو هو. اڄ صدين کان پوءِ جڏهن پوئتي منهن ورائي ڏسان ٿو، تڏهن محسوس ڪيان ٿو ته وقت جي واري قبرستان ۾ بدلجي وئي آهي. اسان جي قدمن جا نشان دفن ٿي ويا آهن. دٻي ۽ مياڻيءَ کان وٺي لڪي جبل تائين رستي تي قبرون آهن. اورڙ ۾ جنن ڀوتن جو واسو آهي. ڪالڪان جي مندر ۾ چمڙا چنبڙي پيا آهن. تون چري، منهنجي خالي ڪشتي ڏانهن ڏسي رهي آهين!
    پٿر ڪڏهن ڪڏهن جواب ڏيندا آهن. پٿرن رائيڊر هيگارڊ جي امسلو پوگاس سان ڳالهايو هو. امسلو پوگاس وطن پرست هو. هن جي هٿ ۾ ڪهاڙي هئي. آفريڪا جي پٿرن ساڻس ڳالهايو هو، سنڌ جا پٿر ڇو خاموش آهن؟ مان سمجھان ٿو، سنڌ جا پٿر فاسلس ۾ بدلجي ويا آهن.
    “منهنجي ڪشتي ڏانهن نه ڏس، هلي وڃ، مونکي خبر آهي، تون مونکي اٿاھ مايوسيءَ کان سواءِ ڪجھ ڏيئي نه سگھندينءَ. هلي وڃ مون ڏانهن ائين نه ڏس، جو ڪٿي منهنجي وجود جي رڃ ۾ نه لهي وڃين! ڦيٿي ۽ ايٽم جي دور جو انسان پنهنجي وجود ۾ هڪ ريگستان کڻي جيئندو آهي. مان ڪلهوڪو ڪاپڙي ناهيان مان بابو بيکاري ناهيان، نه مان سامي آهيان ۽ نه ئي منهنجي سر تي ڪو سيلو آهي. مالها موچاريءَ جا موتي چور چورائي ويا آهن.
    پٿر سان پيار جيڪڏهن پاڳلپڻو هجي ها ته هريشچندر جارٿ جيڪر مٿرا جي مورتين کا لتاڙي وڃن ها. نيپال جي ترائين ۾ راوڻ بدران جيڪر سيتا جا بوتا جلايا وڃن ها! جوڳي جوڳ نه وٺن ها. سنياسي بنواس جو رخ نه ڪن ها.
    “تنهنجين اکين ۾ اڻتڻ آهي. تنهنجي دل پنهنجي وس ۾ ناهي، تون اک ڇنڀڻ بنا مون ڏانهن ڏسي رهي آهين. تون مون کان پري ٿيڻ به ٿي چاهين. مون کي خبر آهي ته تون مونکان ۽ موجوده ٽهيءَ کان جدا ٿي جيئري رهي نه سگھندينءَ. جيڪڏهن مونکي ڪجھ ڏيڻ چاهين ٿي ته مونکي رت ۽ باھ جو دان ڏي. جيڪڏهن ڪٿي ڪا پهچ اٿئي، ته پوءِ ڪنهن ٻيجل کي چئه ته نڪسن جو سر لاهي منهنجي ڪشتي ۾ آڻي وجھي. تون ڪهڙي سوچ ۾ پئجي وئي آهين؟
    مان تاريخ سان ڳالهائي رهيو آهيان. تاريخ خاموش آهي. مونکي خبر آهي، جڏهن سوالين جا ڪشتا رت ۽ باھ سان ڀربا، تڏهن تاريخ جا نوان باب لکبا.•


      گونج ٻڌان ٿو

    پڇيائين، “ننڊ ڇو نه ٿو ڪرين؟”
    ورڻيم، “اڄ رات ننڊ نه ڪبي.”
    “ڇو؟”
    “اڄ رات جاڳبو، ۽ تنهنجو ذڪر ڪبو.”
    “منهنجو ذڪر!”
    “ها، تنهنجي سونهن، تنهنجي چاهت، تنهنجي قرب جو ذڪر ڪبو.”
    “ماڻهن جو تنهنجي باري ۾ رايو غلط نه آهي.”
    “ته؟”
    “نه تون ڪجھ ڪجھ ٿڙيل آهين.”
    “ان رايي جي موافقت يا مخالفت ۾ مون ڪجھ به چوڻ مباسب نه سمجھيو آهي.”
    “تون منهنجي باري ۾ ڇو سوچيندو آهين؟”
    “ڇو جو منهنجي هر سوچ تنهنجي سوچ سان وابسته هوندي آهي.”
    “ڇو سوچيندو آهين منهنجي باري ۾؟”
    “ان ۾ منهنجي شعوري عمل جو دخل نه آهي.”
    “پر تڏهن به، ڪو جواب ته هوندو تو وٽ.”
    “اوندھ ۾ گرفتار ڪنهن شخص کان پڇجي ته تون روشنيءَ جي باري ۾ ڇو سوچيندو آهين، ته ڪهڙو جواب ڏيئي سگھندو.”
    خيالن ۾ گم ٿي ويئي.
    چيم، “ڪنهن گمراھ کان پڇجي ته رهبر لاءِ ڇو واجھائيندو آهين، ته ڪهڙو جواب ڏيئي سگھندو.”
    مون ڏانهن ڏٺائين، ڪجھ نه چيائين.
    چيم، “تون منهنجي هر سوچ جي ابتدا آهين.”
    “ائين ٺيڪ ته نه آهي.”
    “ڇا ٺيڪ نه آهي!”
    “مون کان سواءِ به ته دنيا ۾ گھڻو ڪجھ آهي، جنهن جي باري ۾ سوچي سگھجي ٿو.”
    “منهنجي سموري تخيل جي ڪائنات جو مرڪز تون آهين. محور تون آهين.”
    هوءَ اُداس ٿي پيئي.
    چيم، “خبر اٿئي، مان ڪڏهن ڪڏهن ڇا سوچيندو آهيان، ته ڪائنات جي تخليق جو سبب تون آهين، تون نه هجين ها ته جيڪر هيءَ ڌرتيءَ، هيءُ آسمان، چنڊ ستارا، سمونڊ ۽ سپيون، مندر ۽ گرجائون نه هجن ها. ڪجھ به نه هجي ها.”
    ٿڌو ساھ کنيائين، چيائين، “مان تنهنجي ايڏي اڻميي پيار کان فڪرمند ٿي پوندي آهيان.”
    چيم، “منهنجي پيار ۽ عبادت ۾سرحد نڪتل نه آهي.”
    “سرمد جو نالو ٻڌو اٿئي؟”
    “ها.”
    “منصور الحلاج جو بالو ٻڌو اٿئي؟”
    “ها.”
    “صوفي شاھ عنايت جو نالو ٻڌو اٿئي؟”
    “ها.”
    پڇيائين، “مرڻ جي باري ۾ ڪجھ ٻڌائيندين؟”
    چيم، “ورهيه ٿيا جو مان تنهنجي لاءِ مري ويو آهيان. مان مان نه آهيان. مان تنهنجيءَ ذات ۾ فنا ٿي ويو آهيان.”•


    مان ڇا ٿو چاهيان

    منهنجي هٿ ۾ ڪشڪول آهي. مان فقير آهيان. مان ڀڀوت بابو بيکاري آهيان. ڪشڪول کڻي مان دان لاءِ در در ڀٽڪي رهيو آهيان.
    ڀڪشا ڏيو!
    خيرات ڏيو!
    دان ڏيو!
    مان طرحين طرحين جا آواز ٻڌي رهيو آهيان. مان جملن جي جھنگ مان گذري رهيو آهيان.
    “فقير معاف ڪر!”
    “فقير هليو وڃ!”
    “ترس فقير! اچي، هيءُ پيسو وٺ.”
    نه نه مان پيسي جو فقير نه آهيان. مان سِڪن جو سوالي نه آهيان. مان دولت جو بيکاري نه آهيان. نه نه، مون کي دولت جو دان نه ڏيو. منهنجي ڪشڪول ۾ سڪا نه وجھو.
    “فقير، ماني کائيندين!”
    “فقير ، ٿڌو پاڻي پيئندين!”
    ها، مان پياسو آهيان، مان اڃايل آهيان.
    مان روح تائين اڃايل آهيان، مون کي پاڻي ڏيو.
    نه نه، مون کي ميونسپالٽيءَ جي نلڪن جو پاڻي نه ڏيو. مون کي مٽن دلن ۽ ريفريجريٽر جو پاڻي نه ڏيو. مون کي آسماني ابر جو پاڻي نه ڏيو، مون کي پهاڙي چشمن جو پاڻي نه ڏيو، مان ڏاڍو اڃايل آهيان، مان ڏاڍو وياڪل آهيان.
    مان آب حيات جو متلاشي نه آهيان، مان فطرت جي رمزن ۾ حقيقت جي چشمي جو متلاشي آهيان. حياتيءَ جي مسلسل سفر ۾ ان پاڻيءَ لاءِ پياسو آهيان، جيڪو پاڻي ٿرماسن ۾ نه کڻبو آهي. جيڪو پاڻي ڪولرن ۾ نه وجھبو آهي. جيڪو پاڻي پخالن ۾ نه ڀربو آهي، اهو پاڻي ڪشڪول ۾ وٺبو آهي. مان فقير آهيان، منهنجي هٿ ۾ ڪشڪول آهي.
    “فقير، عمر جي خيرات وٺندين!”
    “وڏي ڄمار جي بيک وٺندين!”
    نه نه، مون هتي رهي ڏٺو آهي، مون زهر جو پيالو پي ڏٺو آهي. مون صليب ڪلهن تي کڻي ڏٺو آهي. سچ جي عيوض مون سنگسار ٿي ڏٺو آهي. تنگ نظر ۽ تنگ دل معاشري ۾ وڌيڪ رهڻ لاءِ مان آرزو مند نه آهيان. مان هتي نه رهندس، مان هليو ويندس، مان خليل جبران وانگر ميري هيسڪل کان اڳ مري ويندس، منهنجي مرڻ کان اڳ مري ويندس، منهنجي مرڻ کان پوءِ ماڻهن کي خبر پوندي ته مان ڪنهن جي ڪري جيئرو هوس. منهنجي مرڻ کان پوءِ ماڻهن کي خبر پوندي ته مان ڪنهن جي ڪري لکندو هوس ۽ ڪنهن جي لاءِ لکندو هوس، نه نه. مان مقرر گھڙين کان وڌيڪ نه جيئندس، مون کي زندھ رهڻ جي سزا گھڻي وقت تائين ڪاٽڻ جي ڪا تمنا نه آهي. مان هليو ويندس.
    “ته پوءِ تون ڇا جو بيکاري آهين!”
    “پنهنجي ڪشڪول ۾ تون ڇا ٿو چاهين!”
    مان ڇا ٿو چاهيان!
    الاءِ! مون کي خبر نه آهي ته مان ڇا ٿو چاهيان! منهنجي هٿ ۾ ڪشڪول آهي. مان ازل جو آواز ٻڌي رهيو آهيان. جوڳيءَ تي جڙاءُ نسورو ئي نينهن جو.•


      ڊائريءَ جو ورق ريڊيو پاڪستان ڪراچي _ سن 1972

    اسين ٻئي ٽينس ڪورٽ جي ڀرسان ٺهيل سيمنٽ جي بينچ تي ويٺا هئاسين، رات جو ڳچ پهر گذري ويو هو. ٻاهران ايندڙ روشني نم ۽ ٻٻر جي گھاٽن وڻن سان وچڙي پي پئي. ٽينس ڪورٽ کان ٿوررو پري ڪنسرٽ هال ۽ آرڪيسٽرا تي هوجمالو جي ڌن وڄي رهي هئي. ڪنسرٽ هال مان نڪرندڙ ڀڳل ٽٽل ڪرڻن کانسواءِ ٽينس ڪورٽ تي ڪابه روشني نه هئي. هوءَ هئي، مان هوس، اوندھ هئي ۽ اڪيلائي هئي.
    چيم، “ڪجھ انسان زندگيءَ ۾ تمام دير سان ملندا آهن، ڪجھ گھڙين لاءِ ملندا آهن ۽ پوءِ هميشه لاءِ جدا ٿي ويندا آهن.”
    هن منهن ورائي مون ڏانهن ڏٺو، سندس اڌ چهرو ڪنسرٽ هال مان ايندڙ ميرانجھڙي روشنيءَ ۾ روشن ٿي پيو، مان ان کان وڌيڪ توهان کي ٻيو ڪجھ نه ٻڌائيندس ته هوءَ بيحد حسين ۽ شانائتي شخصيت واري ڇوڪري آهي، جنهن به اڄ تائين کيس ڏٺو آهي تنهن کيس چاهيو آهي. مون پنهنجي ڪهاڻي “جڏهن مان نه هوندس” ۾ جنهن ڇوڪريءَ جو خاڪو پنهنجي ذهن ۾ ٺاهيو ۽ ڪهاڻيءَ ۾ ان جو ذڪر ڪيو آهي، سا ڇوڪري ڄڻ حقيقت جو روپ ڌاري منهنجي آڏو اچي بيٺي آهي. هوءَ ڪهاڻيءَ جي مرڪزي ڪردار زهره، وانگر پنجاپڻ نه آهي، هوءَ افغان پرشين آهي ۽ هميشه جوجين جون ڳالهيون ڪندي آهي.
    چيائين، “مون کي خبر آهي ته ڪجھ عرصي کانپوءِ اسين هميشه لاءِ هڪ ٻئي کان ڌار ٿي وينداسين.”
    دل ملول ٿي ويئي، چيم، “مان ٻئي جنم ۾ جلد ايندس.”
    چيائين، “مان پڪي مسلمان آهيان. منهنجو هندن جي ٻيهر جنم وٺڻ واري فلسفي ۾ اعتبار ۾ اعتبار ناهي.”
    ورڻيم، “هن جنم ۾ تو وانگر مطئمن زندگي گذارڻ وارا ٻيهر جنم وٺڻ جي خواهش نه ڪندا آهن، ٻيهر جسم وٺڻ جي تمنا فقط مون جھڙا انسان ڪندا آهن. جن جون حسرتون ۽ خواب هن جنم ۾ تعبير بنا ٽٽي پوندا آهن.”
    هن اونداھ ڏانهن منهن ڪري ڇڏيو. چيائين، “مان توکي تباھ ٿيندو ڏسي نٿي سگھان!”
    “مان ڄاڻان ٿو ته مون کي توسان محبت ڪرڻ جو ڪو به حق ناهي.” چيم، “پر ڇا اهو ضروري آهي ته اسين مبهم گفتگو ڪندا رهون!”
    هن ڇرڪي مون ڏانهن منهن ورايو، پوءِ تمام جھيڻي آواز ۾ چيائين، “تون under ground تحريڪ ۾ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏي.”
    مون حيرت مان کيس ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي. مون کلڻ چاهيو، پر کلي نه سگھيس. چيم، “under ground تحريڪ جو خواب به ايندڙ جنم ۾ پورو ٿيندو.”
    پوءِ ڪجھ دير تائين نه هن ڳالهايو ۽ نه مون. هال ۾ آرڪيسٽرا تي هو جمالو جي ڌن وڄي رهي هئي. هن اوچتو سوال پڇيو. پڇيائين، “توهين سنڌي ڇا ٿا چاهيو؟”
    مان پاسو ورائي ڏانهنس منهن ڪري ويٺس، چيم، “اسين لساني، ثقافتي، تهذيبي ۽ بنيادي حقن جي ڦر مار کان مڪمل آزادي چاهيون ٿا.”
    چيائين، “باقي تو منجھ ۽ هڪ باغيءَ منجھ ڪهڙو فرق آهي!”
    “جيڪو چنيسر ۽ چيگويرا ۾ آهي.” مون کيس جواب ڏنو. پر پوءِ محسوس ڪيم ته هن نه چنيسر جو نالو ٻڌو هو ۽ نه چيگويرا جو، هن لاءِ وطن فروش ۽ وطن جي تاريخ رت سان لکڻ واري جي وچ ۾ فرق محسوس ڪرڻ ناممڪن هو.
    چيائين، “ان کان اڳ جو توکي موت جي سزا ملي، مان مرڻ چاهيان ٿي.”
    مون سندس هٿ پنهنجن هٿن ۾ قابو ڪندي چيو هو، “جيڪڏهن وطن جي حب جي عيوض مون کي موت جي سزا جو حڪم ڏنائون ته پوءِ مان پنهنجن قاتلن کي هڪ عرض ڪندس، خبر اٿئي ڪهڙو.”
    هوءَ اداس ٿي ويئي. ڀت وانگر خاموش ويٺي رهي. مون چيو، “مان پنهنجن قاتلن کي عرض ڪندس ته توکي هڪ اسٽين گن ڏين. مان اکين تي پٽي نه ٻڌندس. تو ڏانهن ڏسندو رهندس، تون اسٽين گن جي چيمبر جون سموريون گوليون منهنجي سيني ۾ هڻي ڇڏجانءِ.
    هوءَ بينچ تان اٿي ويئي. ٻه وکون کڻي بيهي رهي. مون ڏانهن پٺي هئس. چيائين. “مان توکان نفرت ڪري نٿي سگھان. الاءِ ڇو، الاءِ ڇو!”
    مان اُٿي وڃي سندس سامهون بيٺم، چيم، “منهنجو پنهنجو ڪو به انفرادي وجود ناهي.”
    مون سنڌ ملڪ جي مٽي پنهنجي مٿي ۾ وڌي آهي. تون ان مٽيءَ جو سيندور پنهنجي سينڌ ۾ وجھندين؟”
    هوءَ هڪدم وک کن پري ٿي بيٺي. آرڪيسٽرا جا ساز بند ٿي ويا. بتيون وسامي ويون هوءَ گگھ اوندھ ۾ منهنجين اکين کان اوجھل ٿي ويئي.•


      ڊائريءَ جو ورق

    ريڊيو پاڪستان
    ڪراچي _ سن 1972
    ٽن چئن ڏينهن کان اسان جو پاڻ ۾ ڳالهائڻ ٻولهائڻ بند هو. آفيس ۾ هڪٻئي جي سامهون ويهندا هئاسين، ڪنڌ جھڪيل، اکيون هيٺ، اڳ جو هڪٻئي سان ڳالهائڻ لاءِ آتا هوندا هئاسين، سا اڻتڻ پنهنجي جاءِ تي اندر ۾ کوري وانگر کامي رهي هئي. اظهار تي پابندي وجھي ڇڏي هئي سون.
    پنجين ڏينهن هن ڳالهايو چيائين، “توکي سمجھڻ تمام ڏکيو آهي. بلڪه ناممڪن آهي.”
    مون ڪنڌ کڻي ڏانهس نهاريو. چيم، “مان آلجبرا آهيان ڇا؟”
    هن جي ياقوتي چپن تي دلفريب مرڪ تري آئي عورت جي اها مرڪ جيڪا مرد سان زندگيءَ ۽ موت جو سودو ڪندي آهي. پر مان، جنهن سنڌ ملڪ جي مٽيءَ تي سيس نوايو آهي ۽ مون جھڙا مٿي ڦريا جيڪي سنڌو نديءَ جي پاڻي جو قيامت ڏينهن حق بخشائڻ لاءِ ڌرتيءَ سان سر جو سودو ڪري ويٺا آهن، سي هڪ حسين عورت جي دلڪش مرڪ تي منزل نه سٽائيندا آهن.
    چيائين، “تون بدلجي ويو آهين.”
    وراڻيم، “مان، منهنجو منصب، منهنجي زندگيءَ جو مقصد ساڳو آهي، مان نه بدليو آهيان.”
    چيائين، “تون ڳالهين ٺاهڻ جو استاد آهين.”
    “توکي غلط فهمي ٿي آهي.” وراڻيم، “ڳالهين ٺاهڻ جو استاد هجان ها ته جيڪر اول توکي ٺاهي وٺان ها.”
    هن ٽهڪ ڏنو. ڄڻ ستن سرن جو سنگم ٿيو. پڇيائين، “مون کي ٺاهڻ جي چڪر ۾ آهين ڇا.”
    وراڻيم، “جيڪي شيون مون کي پسند اينديون آهن، تن تي مان پنهنجي حق جي مهر هڻي ڇڏيندو آهيان، اهي شيون هميشه منهنجيون هونديون آهن.”
    “ڏاڍو غرور اٿئي!”
    “غرور نه، پاڻ تي اعتماد.”
    “ڪمال آهي، جيڪا شئي پسند ڪندو آهين، تنهن تي پنهنجو حق جتائيندو آهين!”
    “اها منهنجي عادت آهي.”
    “چئه ته عادت کان مجبور آهين.” هن چيو ۽ ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳي.
    ازل جي اُداسائي، جيڪا جيءَ ۾ گھر ڪري ويئي آهي، سا منهنجي وجود تي ڇائنجي ويئي. چيم، “مان پاڻ کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن هوائي ڳالهيون ڪندو آهيان. مون اڄ تائين جنهن کي چاهيو آهي، تنهن کي وڃايو آهي.”
    هوءَ ڳنڀير ٿي ويئي چيائين، “هڪڙي ڳالھ پڇانءِ؟”
    “ڪجھ پڇڻ لاءِ تنهنجو فارمل ٿيڻ ضروري آهي؟”
    “تڏهن به.”
    “مان توکان ڪجھ لڪائي نه سگھندس.”
    “ڇو؟”
    مون سندس ڀورين ناسي اکين ۾ نهاريو، چيم، “مان جيڪڏهن ڪنهن کي حاصل ڪري نه ٿو سگھان ته گھٽ ۾ گھٽ ڪجھ دير لاءِ کيس پنهنجو ته سمجھي سگھان ٿو.”
    “تون..”
    “چئه، هٻڪين ڇو ٿي؟”
    “تون مون سان محبت ته نه ٿو ڪرين؟”
    “تون منهنجي ويجهو هوندي به مون کان پري آهين، ڇو جو تو سان محبت ڪرڻ اپسرا سان محبت ڪرڻ برابر آهي.”
    “مان اپسرا ناهيان!”
    وراڻيم، “نظرياتي اختلافن توکي منهنجي لاٰءِ اپسرا ڪري ڇڏيو آهي.”
    چيائين، “تنهنجو ضد اسان ٻنهي جي وچ ۾ ڀت ٿي بيٺو آهي.”
    وراڻيم، “مان اها ڀت ڪيرائڻ نه ٿو چاهيان، مان نظرياتي طرح اهو چوندو ۽ لکندو رهندس، ته سنڌ سان عقوبتون ٿيون آهن. سنڌ اڃان ون يونٽ جي زنجيرن مان آزاد نه ٿي آهي ۽ جيئي سنڌ منهنجي روح جو آواز آهي.”• 


    ڊائريءَ جو ورق

    ريڊيو پاڪستان
    ڪراچي _ سن 1972
    هن پڇيو، “ڇا پيو سوچين؟”
    “من منهن ورائي دل ڏانهن ڏٺو.
    ان وقت مان جھانگير ڪوٺاري پريڊ جي ڏاڪڻ تي بيٺو هوس. پريان سمنڊ جون ڇوليون پٿر جي ڀت سان مٿو هڻي موٽي پئي ويون.
    پوءِ، سج جڏهن پنهنجي ڪني پاڻيءَ ۾ پسائي، تڏهن سمنڊ جو سمورو مٿاڇرو لال لهوءَ ۾ بدلجي ويو.
    ٿوري دير کان پوءِ سج ٻڏي ويو.
    آسمان جي تهن مان ڌرتيءَ تي اوندھ لهڻ لڳي.
    “ڇا پيو سوچين؟” دل پنهنجو سوال ورجايو.
    ڪو جواب سجھي نه آيو، تڏهن چيم، “تنهنجي باري ۾ پيو سوچيان.”
    “منهنجي باري ۾!” هوءَ حيران ٿيڻ لڳي.
    “ها، تنهنجي باري ۾.” چيم، “مان سوچيندو آهيان، تنهنجو نالو دل ڇو آهي.”
    هوءَ کلي پيئي. پڇيائين، “توکي اعتراض آهي؟”
    “مان اعتراض ڪرڻ جو ڪوبه حق نه ٿو رکان.” چيم، “مان فقط تنهنجي باري ۾ سوچي سگھان ٿو.”
    چيائين، “چريا، منهنجي باري ۾ سوچڻ ڇڏي ڏي.”
    وراڻيم، “منهنجي سوچ منهنجي وس ۾ ناهي.”
    هوءَ خاموش ٿي ويئي.
    چيم، “مون ڪوشش ڪري ڏٺي آهي، ته تنهنجي باري ۾ نه سوچيان، توکي وساري ڇڏيان، پر مون هميشه هار کاڌي آهي.”
    هن ڪوبه جواب نه ڏنو، سمنڊ جي مٿاڇري تي اوندھ مان ظاهر ٿيندڙ ڇولين جي جھڳ ڏانهن ڏسندي رهي.
    پڇيومانس، “ڇا پئي سوچين دل؟”
    مون ڏانهن ڏٺائين. ٿڌو ساھ کنيائين، چيائين، “تو پنهنجي ڪنهن ڪهاڻيءَ ۾ سمنڊ جي باري ۾ ذڪر ڪندي لکيو هو، ته سمنڊ ڪنهن ازلي عذاب کان ڦتڪندو آهي.”
    “مون کي ياد آهي.” چيم، “ان ساڳيءَ ڪهاڻيءَ ۾ مون سي بريز ريسٽورنٽ جو به ذڪر ڪيو هو. سي بريز ڊهي ويئي آهي. ڪهاڻي رهجي ويئي آهي.”
    اوچتو پڇيائين، “لکڻ مان ڇا ملندو اٿئي؟”
    مون جواب ڏيڻ کان اڳ سمنڊ ڏانهن ڏٺو، سمنڊ اوندھ ۾ ڍڪجي ويو هو.
    وراڻيم، “اڳاڻو سج جي ڪني سمنڊ سان وڃي لڳي هئي. اُهو منظر ڏٺو هيئه؟”
    ڪنڌ لوڏي چيائين، “ها.”
    “۽ پوءِ سموري سمنڊ جو مٿاڇرو لال لهوءَ ۾ رڱجي ويو هو.” چيم، “ساڳي طرح، جڏهن انسانن جي عزم جي ڪني ڌرتيءَ سان وڃي لڳندي آهي، تڏهن ڌرتيءَ جو مٿاڇرو لال لهوءَ ۾ رڱجي ويندو آهي.”
    دل جي چپن تي زهريلي مرڪ تري آئي. چيائين، “شطرنج جا مهرا مات کائي مري ويندا آهن، پر ڌرتيءَ جي سڪل سينڌ ۾ رت جو سينڌور ڀري نه سگھندا آهن.”
    چيم، “مان لکندو نه آهيان. مان وچن پاڙيندو آهيان.”•


    رهجي ويل خط

    اسلام آباد
    سن 1974
    نالا سڀيئي تنهنجا،
    مان گمنام، بدنام آهيان!
    توکي وسارڻ جي ڪوشش ۾ جڏهن ناڪام ٿيندو آهيان، تڏهن آسمان جي وسعتن ڏانهن ڏسندو آهيان، جيئن آسمان مون کان دور آهي ۽ منهنجي پهچ کان پري آهي، تيئن تون مون کان پري آهين، ڄڻ قطبن جي ٻئي پار آهين! ڇا، مون حقير لاءِ اهو غنيمت نه آهي، ته مان آسمان کي ڏسي سگھندو آهيان. آسمان کي نگاهن جي لمحن سان محسوس ڪري سگھندو آهيان! مون جيئن آڪاش کي ڇهڻ ۽ هٿ لڳائڻ جي خواهش نه ڪئي آهي تيئن توکي حاصل ڪرڻ جي تمنا به نه ڪئي آهي. اسين وڇوڙن جا مسيحا آهيون. ملڻ اسان لاءِ موت آهي. اسين فراق جي خزان ۾ ٽڙندا آهيون ۽ وصال جي بهارن ۾ ڪومائجندا آهيون. دل جي زخمن لاءِ احساس جو ايترو مرهم ڪافي آهي، ته تون منهنجي آهين، ۽ مان پنهنجين سمورين ڪوتاهين سميت تنهنجي حوالي کان سواءِ اڻپورو آهيان! تون منهنجي ابتدا آهين، تون ئي منهنجي انتها آهين ۽ تون منهنجو آغاز آهين ۽ تون ئي منهنجو انجام آهين. حرف اول تون ۽ منهنجو حرف آخر تون آهين! مون توکي خوابن ۾ چاهيو آهي، تنهن ڪري توکي تعبيرن ۾ حاصل ڪرڻ جي آرزو نه ڪئي آهي.
    نه دنياداري سکي سين، ۽ نه وضعداري ۽ هينئر جڏهن راهه وفا ۾ نڪتا آهيون ته لٽا ليڙون ڪري رڻ جا راهي به نه ٿي سگھيا آهيون. شهرن جي چؤواٽن ۾ ترسي پيا آهيون. اڄوڪي دؤر ۾ پٿرن جي کوٽ ڪونهي. ڪمي آهي ته منصورن جي ڪمي آهي. اسين عشق جي نئين رسم جا پيغمبر آهيون. اسان کي سرمدن جو الهام مليو آهي. شهر جي چؤواٽن تي سنگسار ٿيڻ لاءِ اسين ترسي پيا آهيون. هاڻي تون ئي ٻڌاءِ منهنجي زندگي، منهنجي بندگي ته توکي وسارڻ جي ڪوشش ۾ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ مان آسمان جي وسعتن ڏانهن ڇو نه ڏسان!
    ڪنهن مون کي ڪالھ ٻڌايو پئي ته جنهن کي مان آسمان سمجھي ويٺو آهيان. سو آسمان ناهي، فقط نظر جو فريب آهي. نگاھ جو دوکو آهي! مون هن سان بحث نه ڪيو هو. کيس سيرو پوري کارائي ۽ گيليلو جي دوربين ڏيئي روانو ڪري ڇڏيو هو.
    منهنجي آرتي! اسان جي سرن مٿان بيٺل چنڊ ستارن وارو آسمان جيڪڏهن نظر جو فريب آهي ۽ نگاھ جو دوکو آهي ته پوءِ اسين پاڻ پنهنجو آسمان اُڀو ڪنداسين. اسين پاڻ پنهنجو آسمان ٺاهينداسين. اسين پنهنجي آسمان کي يادگيرين جي ثريائن ۽ زهرائن سان سينگارينداسين. اسين پنهنجي آسمان تي اڻ وسرندڙ ساعتن ۽ لمحن جا ستارا ٽاڪي ڇڏينداسين. اسان کي نيل آرمزاسٽرانگ وارو ڪوجھو چنڊ نه گھرجي. اسين پنهنجي آسمان تي چاهتن جو چمڪندڙ چنڊ چاڙهي ڇڏينداسين.
    تو پنهنجي خط ۾ پڇيو آهي ته مان تو ڏانهن ڪڏهن ايندس؟
    چري، تون مون کي سڏي ته ڏس! مان ڪائنات جون سموريون سرحدون اورانگھي، پابندين جي ديوارن کي ڪيري، زندان جي زنجيرن کي ٽوڙي تنهنجن قدمن تي اچي سر رکندس. اسين منڪر، زندگيءَ ۾ فقط هڪ سجدو ڪندا آهيون. مون توکي سجدو ڪيو آهي. تون مون کي سڏي ته ڏس. منهنجي تعبير مان پنهنجيءَ دل لاءِ تو کان درد جو نذرانو وٺڻ ايندس. مان تو کان قربتن جي ساعت جي خيرات نه گھرندس. مان تنهنجي طفيل پنهنجو دامن غمن سان ڀري موٽي ويندس.
    مون کي تنهنجي جواب جو انتظار ڀڳل شيشي وانگر روح ۾ چڀندو رهندو.
    فقط تنهنجو،
    توکان سواءِ ڪنهنجو به نه.


      امڙ ڏانهن خط

    اسلام آباد
    سن 1975
    منهنجي امڙ،
    اڄ مون کي سنڌوءَ جو ڪراچيءَ مان لکيل خط مليو آهي. سندس خط ڏسي مون کي تعجب ٿيو آهي، ورهين کان پوءِ سندس خط ڏسي اکين کي اعتبار نه آيو، پر دل شاهدي ڏني ته نيري لفافي ۾ پوسٽ ڪيل ۽ نيري ڪاغذ تي لکيل اهو خط سنڌوءَ جو ئي هوندو. مون تنهنجي حڪم جي پيروي ڪندي ڪڏهن ڪڏهن سنڌوءَ کي خط لکيو آهي. هوءَ منهنجن خطن جو جواب نه ڏيندي آهي. اتفاق سان تقدير جي سرحدن کي اورانگھي هوءَ جڏهن به مون سان ملندي آهي، منهنجن خطن جو ذڪر ڪندي آهي. مون کانئس اڄ تائين اهو نه پڇيو آهي ته هوءَ منهنجن خطن جو جواب ڇو نه ڏيندي آهي. منهنجي اڻ مئي پيار لاءِ ايترو ڪافي آهي جو هوءَ منهنجا خط هئين سان هنڊائيندي آهي ۽ پوءِ جڏهن به زندگيءَ جي رڻ ۾ اوچتو ملي ويندي آهي، تڏهن منهنجي هر هڪ خط جي هڪ هڪ سٽ جو ذهر ڪندي آهي.
    هڪ دفعي سنڌوءَ مون کان پڇيو هو، “تون ناستڪ ڇو آهين؟”
    تڏهن چيو هوم، “ڪير ٿو چوي ته مان ناستڪ آهيان.”
    سنڌوءَ چيو هو، “سمورو جڳ ٿو چوي ته تون ناستڪ آهين.”
    “جڳ کي ڇڏ.” مون سنڌوءَ کان پڇيو هو، “تنهنجو ڪهڙو رايو آهي؟”
    سنڌوءَ وراڻيو هو، “مان سمجھان ٿي تون ناستڪ آهين.”
    “نه سنڌو، مان ناستڪ نه آهيان.” چيو هوم، “مون تون سان محبت ڪئي آهي ۽ پنهنجي محبت عبادت آهي.”
    سنڌو عظيم آهي، بلند آهي، بهادر آهي. اهو منهنجو ايمان آهي، پر هن دفعي سندس خط ۾ مون کيس ڊنل، هيسايل ۽ پريشان محسوس ڪيو آهي. هوءَ رت، باھ ۽ موت جي شهر ڪراچيءَ کان بيزار ٿي ويئي آهي. اهو شهر جنهن جي گھٽي گھٽي اسان گڏجي گھمي آهي. تنهن شهر ۾ اڄ سنڌو پاڻ کي اوپرو محسوس ڪري رهي آهي. اهو شهر جنهن اسان جي محبت کي مکڙيءَ مان ٽڙي گل ٿيندي ڏٺو آهي. تنهن شهر ۾ سنڌو پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪري رهي آهي. سنڌو جي ان قسم جي ڪيفيت سبب مان فڪرمند ٿي پيو آهيان، منهنجي ماءُ! مون کي تنهنجي آٿت جي ضرورت آهي. سنڌوءَ کي تنهنجي آٿت جي ضرورت آهي.
    مون کي ٻڌاءِ منهنجي ماءُ ته مان سنڌوءَ کي ڪيئن يقين ڏياريان ته ڪراچي اسان جي محبت جو شهر آهي. ڪراچي اسان جي اڻميي پيار جو امين آهي. ان شهر تاريخ جي هر دور ۾ اسان جي محبت کي آزمائش جي سوريءَ تي لٽڪندي ڏٺو آهي. اسين محبت ڪا امين آهيون. اسين نفرتن جو واپار ڪري نه سگھنداسين. اسين محبتن جي شهر کي باھ بارود ۽ موت جو شهر ٿيڻ نه ڏينداسين.
    سنڌو منهنجي ڳالھ شايد نه به مڃي. هوءَ توسان ضرور ملڻ ايندي تون کيس منهنجي طرفان تلقين ڪجانءِ ته هوءَ ڪراچيءَ جي گھٽيءَ گھٽيءَ ۾ ڳاٽ اوچو ڪري هلي. ڇو جو ڪراچيءَ جي گھٽي گھٽي اسان جي محبت جي، اسان جي پيار جي شاهد آهي. محبت ڪرڻ وارا باھ ۽ بارود سان روح نه ريجھائيندا آهن. هوءَ تنهنجي ڳالھ نه ٽاريندي آهي.
    اڄوڪي خط ۾ مون کي چيني جي باري ۾ به ڪجھ لکڻو هو، پر سمورو خط سنڌوءَ جي ذڪر سان ٽمٽار ٿي ويو آهي. چيني جي باري ۾ تون فڪرمند نه ٿيندي ڪر. چينو ڏاڍو چالاڪ ٿي پيو آهي. سياست کي سمجھڻ لڳو آهي.
    في الحال موڪلايون ٿا منهنجي ماءُ.
    تنهنجو اڻٿائينڪو پٽ


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 344918
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 142360
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ